سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”مينھن ڪڻيون“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جيڪو ھائيڪن تي مشتمل آھي.
محمد علي ابڙو لکي ٿو: ”شيخ اياز هائيڪن ۾ هڪ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي آهي. هائيڪن ۾ ڪافي نوان تجربا بہ ڪيا آهن. ڪيترائي هائيڪا عشقيہ داستانن تي پڻ لکيل آهن. سندس هائيڪن ۾ ٻولي رسيلي ۽ نج سنڌي آهي. شيخ اياز جو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع آهي، تنھنڪري هائيڪن ۾ ڪافي نيون تشبيھون، استعارا ۽ نوان لاڙا نظر اچن ٿا. هائيڪو لاءِ جيئن فطرت لازمي آهي، تيئن ئي شيخ اياز پنھنجن فطرتي جذبن کي عڪسيت ۽ منظرنگاري ڏيئي خوب چٽو ڪيو آهي.“
ھي ڪتاب 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي