ماھتاب محبوب لکي ٿي: ”اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مھل، پڙهندڙ عجيب قسم جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون کيس پنهنجي ايڏو تہ ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو محسوس ڪندو تہ هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾ هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نہ هو.“
شاعري
رڻ تي رم جهم
- 4.5/5.0
- 69
- 17
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”رڻ تي رم جهم“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن ۾ نظم، طويل نظم، ڇھ سٽا، ٽہ سٽا ۽ وايون شامل آھي.
ماھتاب محبوب لکي ٿي: ”اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مھل، پڙهندڙ عجيب قسم جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون کيس پنهنجي ايڏو تہ ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو محسوس ڪندو تہ هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾ هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نہ هو. روح تي چانڊوڪي وسائيندڙ جڏهن اهي سوچون، شاعريءَ جي روپ ۾ هن تي ظاهر ٿيو وڃن ته هو ڪنهن به حالت ۾ ان ذهني خزاني کان پري نٿو رهڻ چاهي. پر اياز جي سوچن جو ساگر لامحدود آهي، آڪاش جيان بي انت.... بس اهو ئي فرق آهي عام پڙهندڙ ۾ جيڪو کيس اياز بنجڻ نٿو ڏي توڙي جو هو اُن مان گهڻو ڪجهه پرائي ۽ حاصل ڪري ٿو.“
ھي ڪتاب 1986ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
مهاڳ
ڏينهن پڄاڻان اياز جي ڪنهن وائي جي سٽ نظرن مان گذري، ’ڀونءِ نه آئي ڀانءِ اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ‘ ان وائيءَ ۾ الائي ڪهڙو ڏوراپو هو، ڪا ميار هئي ڪو پنهنجائپ ڀريو سهاپو هو جنهن جيءَ کي جهونجاڙي ڇڏيو.
وڏن شاعرن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي لفظن جا جادوگر آهن، پر جي انهن کي دِلين جو ڪاٽڪو چئجي ته به غلط نه ٿيندو جو ڪڏهن ڪڏهن ته دل جي ارد گرد اڏيل پڪ سري ديوارن ۾ به کاٽ هڻي پنهنجو دائمي اثر ويهاريو ڇڏين.
مون کي اُها هڪ سٽ ايڏي ته وڻي جو باقي رهيل حصي جي ڳولها ۾ رهيس، نيٺ اهو وقت به آيو جنهن ۾ سندس سڀئي ڪتاب پڙهي پوريا ڪيم، ۽ اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي ته جذبي کي نهايت اثرائتي صورت ڏيڻ ۾ کيس ڪمال حاصل آهي. سندس هر شعر ۾ سچائي ۽ سونهن جي مسلسل جستجو سان گڏ ازلي حسن جون جهلڪيون جهٽيل آهن. مون ڪڏهن به هن جي شاعريءَ جي صنفن، گهاڙيٽن يا هِيئن وغيرہ تي سوچڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي. مون ته رڳو انهن جي معنيٰ تي غور ڪيو آهي، خيالن جي اڏام کي سمجهڻ گهريو آهي ۽ موتين جهڙي لفظن تي ويچاريو آهي. ڪي من ۽ ذهن ۾ پيهي ويندا آهن، ڪي مٽيءَ جي مهڪ جيان دل تي ڇانئجي ويندا آهن، ته ڪي رڳو خوشگوار جهوٽي جيان ڀر مان لنگهي ويندا آهن....
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بنجي، اياز جڏهن حيدرآباد آيو ته هر طرف کان سندس مرحبا ٿيڻ لڳي، هڪ ته ناميارو ٻيو ته موجودہ شاعرن مان سڀ کان مٿانهون مقام رکندڙ، تنهنڪري خاص طور ادبي حلقن ۾ سندس خوب آجيان ڪئي وئي، آئي ڏينهن سندس مانَ ۾ گڏجاڻيون پيون ٿينديون هيون، اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي رِٽز هوٽل ۾ رکي وئي جتي پهريون ڀيرو ساڻس روبرو ملڻ ٿيو. ان گڏجاڻيءَ ۾ مرحوم حسام الدين راشدي صاحب به شرڪت ڪئي، هن پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ چيو،
”اياز کي بطور وائيس چانسلر، سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي. کيس جيترو اتان ملندو ان کان وڌيڪ هن جي آمدني آهي، پر هي عهدو رڳو انڪري قبوليو اٿس جو...“
سڀني ڏاڍي غور سان اها تقرير ٿي ٻڌي. اياز جي رعب ۽ بردبار شخصيت جو اثر، ان تقريب ۾ ويٺل سندس زيردستن کان علاوه اديبن تي به ڇانيل هو. هن جي روشن مشعلن ۾ ڪاريهر جي مڻ جهڙا تجلا هئا جنهن ڄڻ ته ڪنهن اونهي اسرار جا عڪس ٿي پسايا. چؤڌاري ايڏو هجوم، پوءِ به لڳو ٿي ته ڪنهن ڪنهن مهل خيالن جي اُڏام کيس ڪوهين دور وٺي ٿي وئي جو ڄڻ اتي هو ئي ڪين....
V.C جو عهدو ڪيڏو ئي معتبر ۽ مٿاهون سهي پر الائي ڇو ان دم مون کي هي خيال آيو، ته اهو کيس نه قبولڻ گهربو هو. مون اڪثر ائين پئي محسوس ڪيو آهي ته حال جا ذهين شاعر، ماضيءَ جي عظيم شاعرن جا جانشين هجن. شايد ته انڪري لاشعوري طور کيس به شاه جو جانشين ٿي سمجهيم، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن شاه کي سدائين پنهنجو مرشد ڪوٺيو آهي. شاه سان هر سنڌيءَ کي محبت ۽ عقيدت آهي پر کيس اِها ان حد تائين آهي جو هن پاڻ کي روحاني طور ساڻس ڳنڍي، پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. اڄڪلهه ته شاهه جي نالي ۾ ڪنهن ٽانءِ ڀرئي افغان مهاجر يا يوناني ڏند ڪٿا جي ٺونٺي ديوتا جهڙيون تصويرون ۽ مجسما جوڙ ان جي نمائش ڪئي وڃي ٿي، پر اُها حقيقي تصوير جيڪا شاهه جي بيت جي هر سٽ پڙهندي پاڻمرادو ذهن ۾ اُڀريو اچي، تنهن کي اياز بنا ڪنهن نمائش جي پنهنجي دل ۾ سڀ کان اُتاهين هنڌ تي رکيو آهي، جا هر گهڙي هر ويل هن سان گڏ آهي، جيڪا لاشڪ ته محبتن ۽ عقيدتن جي اُها منزل چئبي؛ جنهن جي ڪا به ابتدا ناهي ڪا به انتها ناهي.
اياز جي آتم ڪٿا ۾ اِها ڳالهه پڌري پَٽ ڄاڻايل آهي ته وقت جي سربراهه جي بيحد اسرار هيٺ ئي کيس V.C جو عهدو قبول ڪرڻو پيو. مان سمجهان ٿي ته هڪ محب وطن ۽ ذهين انسان جي حيثيت ۾ هن اِها ذميداري پنهنجي سر تي کنئين به کڻي؛ ته جيڪر اها کيس پوري ريت نڀائڻ جو موقعو ڏجي ها، ته اڄ اسان وٽ تعليم جو معيار ڪنهن به حالت ۾ هندستان جي تعليمي معيار کان گهٽ نه هجي ها. سنڌالاجي به ڪنهن مهڻي هاب ٿيڻ بدران پنهنجي پيرين سيرين هجي ها.
ڪنهن قيمتي هيري يا پٿر جي ڀانءِ نه پوڻ جيان وائيس چانسلري اياز کي کڻي راس نه آئي پر گهٽ ۾ گهٽ ’ساڌن سان سنمک ته پئنچن سان به پورا‘ جهڙي دوست دشمن جي ڄاڻ ته کيس ڏيئي وئي، جيڪي پاڻ ته سرخرو ٿي وڃي چؤڏول چڙهيا، پر هن لاءِ ڄڻ ڏکن جو ڏيج ڇڏي ويا. کين گهائل ڪرڻ لاءِ ڪي به بڙڇون ڀالا ڪونه کڄيا، ڇو ته اُهي پنهنجي چالاڪ ۽ حرفتي مهانڊن کي مڪاريءَ جي ماسڪ پويان لڪائي هلڻ جا گهڻئي گُرَ ڄاڻيندا هئا. ممڪن آهي ته ذاتي سطح تي اياز کان به ڪي ڪوتاهيون سرزد ٿيون هجن، ڇاڪاڻ ته ’پاورز‘ يا اختيارات شئي ئي اهڙي ٿيندي آهي جنهن ۾ توازن رکڻ مشڪل ٿيو پئي، هڪ کي خوش ته ٻئي کي ناخوش ڪرڻ جو ڪونه ڪو سبب ته نڪريو ئي اچي، پر مجموعي طور ڏسجي ته اياز نهايت مهذب ۽ سانتيڪو انسان آهي. ’ادبي گِرگٽن‘ وارو ڪو به رنگ هن تي چڙهيل ناهي. بحث مباحثي، ڪج بحثي جي صورت اختيار ڪري ورتي هجي يا مخالفتن جهيڙي جهٽي جي، ته به تهذيب جي دائري اندر، ڌيرج ڀرئي مِٺي سڀاءُ سان پيو پيش ايندو، جڏهن ته پنهنجي ڳالهه مڃائڻ يا پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اڪثر ماڻهو وهلور پيا ويندا آهن. اياز وٽ پاڻ مڃائڻ لاءِ ڪي به جُڙتو هٿ ڪنڊا ناهن. هن جي عظمتن کي هرڪو مڃي ٿو، اُهي به جيڪي بظاهر سندس مخالف آهن.
وائيس چانسلري يا سياسي حوالن جي آڏ وٺڻ ته محض هڪ بهانو آهي. هن خلاف اڳ به گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو آهي ۽ هاڻ به ڳالهائجي پيو، پر ماڻهن جي الزامن، نڪته چينين لاءِ هن ڪڏهن به ڪو دفاع ناهي چاهيو. ماٺ آهي دريا جيان، جنهن ۾ ساريون جُلِهيون ساوڻ جي مينهن جيان جذب ٿيو وڃن. جنهن حد تائين منهنجو مشاهدو آهي ته مان سمجهان ٿي، دراصل هن خلاف ڳالهائڻ فيشن يا جدت ۾ شمار ٿي چڪو آهي، جنهن جي اڪثر اکيون پوري تقليد ڪئي ويندي آهي. هڪ چوندو ته اياز ڪامپرومائيز ڪيو آهي ته ٻيو بنا ڪجهه سوچ ويچار جي ٻه وکون اڳتي کڻي يڪدم انجي پرزور تائيد ڪندو، کيس ڀئو ٿيندو ته ائين نه چوڻ سان ڪٿي پٺتي پيل يا رجعت پسند نه سمجهيو وڃي. ان صورتحال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ذهانت جي کڻي نه پر ان جي صحيح استعمال جي کوٽ سا ضرور رهي آهي، جو ڪن حالتن ۾ اها رڳو فرد جي پنهنجي ذات جي گهيري تائين محدود رهجيو وڃي. ٻين لاءِ ڪي غير معقول ادبي رايا يا غلط بيانيون آهن ته اُنهن تي پنهنجي نقطئه نظر کان سوچڻ ۽ ڪا راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ذهني صلاحيتن کي ڪم آڻڻ بدران ٻڌل ٻڌايل، رٽيل رٽايل گٺل پيٺل جملا، ٺپي ڇاپ جيان ڪتب آڻي سهل پسنديءَ وارو رستو اختيار ڪيو ٿو وڃي، جنهن مان ڪنهن به غلطيءَ جي درستيءَ جا امڪان باقي نٿا رهن. ادبي تنقيدن ۽ تبصرن جي ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ معيار جو يقيناً اهو به هڪ مکيه ڪارڻ آهي، جنهن لاءِ اياز به ڪنهن هنڌ چيو آهي ته ’سنڌي تنقيد انهيءَ جانور جو نالو آهي جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو، ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون ۽ اُٺ جي اوجهري آهي.‘
شاعر ۽ اديب جي ذميداري انسان ذات سان آهي نه ئي ڪنهن خاص سماجي يا ڦرندڙ گهرندڙ سياسي نظام سان. انسانيت جي دشمن سماج جو هڪ هوشمند ليکڪ ڪڏهن به ڀرجهلو يا حمايتي نٿو ٿي سگهي. اڻ سڌريل حالتن سان رڳو اُهي ئي ٺاهه يا نباهه ڪري سگهندا آهن، جن جون پنهنجون ذهني صلاحيتون زنگجي ويون هجن. هر عظيم ليکڪ جيڪڏهن پهرين عظيم انسان آهي، ته اهڙو ئي سماج کيس بغاوت ڏي مائل ڪرڻ جو ذميدار آهي.
عام طرح سان اسان وٽ مروج، جيڪي دوگاني جي انداز ۾ سياسي بيان بازيون هلنديون آهن، اهڙو طريقو اختيار ڪري، اياز سياست جي بازي کٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي، نه ئي سياست جي پڙ ۾ پير پائڻ لاءِ هن ڪي سانگ رچايا يا سٽل سٽيا. سياست جي سمنڊ جي اُها ڇڙواڳ ڇولي آهي جيڪا اوچتي طوفان جي زور تي، ڪناري وٽ بيٺل اڪيلي انسان کي پاڻ وٽ گهلي ايندي آهي ته ڪڏهن کُٽيءَ سانگي هو پاڻ ڏانهس گهلجي ويندو آهي. اياز کي پنهنجي وطن ۽ قوم جي بقا ئي بي ساخته ان طرف ڌِڪيو، نتيجي ۾ سندس شاعري جا سراپا محبت ۽ پيار جي پيامبر هئي، تنهن کي سياست مسلسل پيڙا ۽ ڏک ڏيئي سدا لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
سياسي غلطي ۽ ڪامپرومائيز ڪرڻ جي حوالي سان اياز لاءِ ڪيئي قياس آرايون ٿينديون رهيون آهن. پر اياز کي ادب ۾ جيڪو مٿانهون مقام حاصل آهي، جنهن جي شاعريءَ کي حق ۽ سچ جو ترجمان ڪوٺيو ٿو وڃي ته اصولي طور وزن به خود اياز جي پنهنجي ڳالهه کي ئي ملڻ گهرجي جنهن ۾ هو اٽل يقين سان چئي ٿو ته هن سان ڪا به سياسي غلطي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو ڪامپرومائيز ڪيو آهي. شايد ته انڪري ئي هيل تائين هن ڪنهن به قسم جي ’جسٽيفڪيشن‘ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي.
اياز، جنهن کي سنڌي ليکڪن جي گهٽ مطالعي جي هميشہ شڪايت رهي آهي، تنهن پنهنجي ڀرپور ڏات، تجربي، آزمودي، مشاهدي ۽ وسيع مطالعي سان سنڌ جي لازوال عظمتن کي پنهنجي غير فاني تخليقن سان نه رڳو سدائين اڳتي وڌڻ جو حوصلو پئي ڏنو آهي پر ڪيترن ئي ذهنن کي وسعت ۽ عظمت بخشي انهن ۾ جوش جذبو ۽ اُمنگ پيدا ڪئي آهي ته جرئت ڀريا قدم کڻي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو حوصلو به پيدا ڪيو آهي.
هو سنڌي ادب جي هڪ نرالي ۽ منفرد شخصيت آهي، قدرت کيس جنهن لافاني ڏات سان نوازيو آهي اُها هن لاءِ ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان لنگهڻ جو ڪارڻ پئي بڻي آهي پوءِ به هو ادب جي راهن ۾ سدائين ثابت قدم رهيو آهي، جنهن جو مثال اڄ به سندس ئي لفظن ۾ اسان اڳيان آهي.
’يار ٿيا اغيار، چون ٿا تون ته ٽُٽي پيو آهين، پر منهنجا پير اڳي کان اڳتي....‘
اِها ٻي ڳالهه آهي ته حساس دِليون ڪڏهن ڪڏهن انهن اِهنجن تي بي تاب ٿي پونديون آهن ۽ ’مار نه تاڙي اُڏار نه سانون، اسين آپ هي اُڏڻهاري‘ جهڙن جيءُ جهوريندڙ سٽن جي چونڊ ڪري، ڄڻ اُنهن پَرمتڙن کي دلاسو پيون ڏينديون آهن جيڪي اجاين جُلهن سان شاعر جي روح کي رتوڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هونديون آهن.
شيخ اياز جا ڪتاب جنهن تيزيءَ سان ڇپجي پڌرا ٿي رهيا آهن تنهن بابت ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿي پڙهيو هئم ته شايد V.C واري دور جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ يا پوءِ لهندڙ سج جي احساس کيس ان نيڪ ڪم ۾ جمبي وڃڻ جي توفيق عطا ڪئي آهي.
پر منهنجي خيال ۾ ائين ناهي. تخليق اهو چشمو آهي جيڪو دل ۽ ذهن مان بي اختيار ڦُٽي نڪرندو آهي. کوٽ يا واڌ پوري ڪرڻ جا ليکا چوکا رڳو ڪاروباري بندين ۾ بند رهندا آهن، جڏهن ته هڪ سچي اديب يا شاعر جو روح ازل کان آزاديءَ جو طالب ۽ ڳولاؤ آهي. هن جي لکڻين جو سڄو دارومدار ’موڊز‘ تي آهي. ڪِن جو فن پيڙا جي پيدائش آهي، ڪي وري من جي سک شانتيءَ کانسواءِ قلم جي ويجهوئي نه ويندا. ٻنهي ڪيفيتن ۾ ليکڪ لکڻ لاءِ آزاد آهي. روح کي زنجيرون پارائي لکڻ هن جي وس ۾ ناهي. زندگيءَ جو سج ٽاڪ منجهند کان ٿورو ٿڙي، جڏهن شام جي ڪنارن طرف رڙهڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن کان ئي لهندڙ سج جو احساس يا اونو سڀ کي ٿورو ڪي گهڻو قدرتي طور ٿيڻ لڳندو آهي، پر ان خيال کي پڪڙي ويهڻ سان ته شايد ئي ڪو ڪم پُڄي سگهي.
لهندڙ سج جا پاڇا شاعر جي سوچ تي کڻي اثر انداز ٿيندا هجن، جندڙيءَ جو هوريان هوريان جُهرڻ، هن جي شاعراڻي من ۽ نفيس جذبن کي جهوريندو هجي ۽ روح تي به ڪي مايوسين جا پاڇا لهرائيندا هجن، ذهن تي به ڪو اڻلکو خوف ڇانيل هجي پر جذبات ۽ احساسات پوءِ به پرهه جي پهرين باک جيان تازا توانائي رهندا.
اياز پنهنجي زندگيءَ کان سدائين مطمئن رهيو آهي ۽ گڏوگڏ ان ڌرتيءَ جو احسامند رهيو آهي جنهن هن کي جنم ڏيئي، سندس من کي پنهنجي سموري مهڪ ۽ ساڀيا سان جرڪايو آهي. قدرت کيس اهڙي ڏات سان نوازيو آهي جيڪا جڳن جي تلاش ۽ جستجو کانپوءِ ڪنهن خوشنصيب جي حصي ۾ ايندي آهي. گهڻو اڳ هن زندگيءَ کي چيو هو،
’تو مونکي اهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍي کان ڏاڍو به مون کان کسي نٿو سگهي. جي هي نادان مونکان ڪاغذ ۽ قلم کسي به وٺن ها، تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت ڳائي ها. اهي ايندڙ پيڙهيءَ تائين ته نه پهچن ها، پر هن بي انت سنسار ۾، اکٽ ستارن جي جهرمر ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هجن ها. هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه ابناسي آهي. گيت موت کان ڏاڍو آهي. انکي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي‘.
اياز جي اها پيشنگوئي اڄ به صحيح آهي ته ڪوئي کانئس قلم کسي نه سگهيو آهي. هن جا گيت نه رڳو ايندڙ پيڙهين تائين پهچي رهيا آهن پر آڪاش جي ابت ستارن جي جهرمٽ ۾ چنڊ جي چانڊاڻ سان چمڪندي نظر اچي رهيا آهن. جنهن مان ثابت ٿيو ته اياز جهڙي شاعرن جي سانجهي ڪڏهن به نه ايندي آهي. انهن جي من جي گونج؛ سنڌوءَ جي هر اُڀرندڙ ۽ لهندڙ ڇوليءَ ۾ ساهه جيان روان دوان رهندي اچي.
اياز جون مختلف لکڻيون دل تي ايڏو اثر ڪنديون آهن جو پڙهندڙ جي حالت ان لالچي شخص جهڙي ٿيو پئي جيڪو ڀائين ته سمورا مال خزانا هڪ ئي جست ۾ سندس حصي ۾ اچي وڃن....
اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مهل، پڙهندڙ عجيب قسم جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون کيس پنهنجي ايڏو ته ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو محسوس ڪندو ته هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾ هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نه هو. روح تي چانڊوڪي وسائيندڙ جڏهن اهي سوچون، شاعريءَ جي روپ ۾ هن تي ظاهر ٿيو وڃن ته هو ڪنهن به حالت ۾ ان ذهني خزاني کان پري نٿو رهڻ چاهي. پر اياز جي سوچن جو ساگر لامحدود آهي، آڪاش جيان بي انت.... بس اهو ئي فرق آهي عام پڙهندڙ ۾ جيڪو کيس اياز بنجڻ نٿو ڏي توڙي جو هو اُن مان گهڻو ڪجهه پرائي ۽ حاصل ڪري ٿو.
اياز ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ادب جي هر دور سان نباهڻ لاءِ وٽس جذبو ۽ جستجو آهي. ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ کي ويهه ٻاويهه سال گذرڻ کانپوءِ به پڙهي ڏسبو ته ان ۾ اڄ جا ئي مسئلا ۽ سوچون آهن، بلڪ هن جي ڳالهه نظر نه ايندي جنهن کي مدي خارج چئي سگهجي، بلڪ هن جي ڪتابن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي پيشنگويون ڪيل آهن جيڪي حرف به حرف پوريون ٿي رهيون آهن... وقت ۽ دور ڪتابن ۾ قيد رهجي ويندا آهن پر اياز جا لکيل ڪتاب، وقت جي هر لمحي سان گڏ وِک وڌائيندا هر دور ۾ نواڻ ۽ تازگيءَ جي احساس سان ذهنن کي مالا مال ڪندا رهن ٿا. ائين لڳندو آهي ته ماضي حال، مستقبل جون سڀئي ڪڙيون سندس ئي مُٺ ۾ هجن جنهن جي گرفت ڪڏهن به ڍري ناهي پوڻي. شيخ اياز کي ادب ۾ اُهو مقام حاصل ٿي چڪو آهي جنهن لاءِ چئبو آهي ته کيس لهر نه ڪو لوڏو. مستقبل ڪهڙي به صورت اختيار ڪري، هن جي شاعري مرڻي نه آهي.
شال هو وڏي ڄمار ماڻي ۽ نت نوان ڪتاب لکي پڌرا ڪندو رهي، پر جڏهن هو نه هوندو، مان نه هونديس، اوهان مان ڪوبه نه هوندو... صديون لنگهي وينديون.... تڏهن لطيف سان گڏ اياز جو به نالو هوندو جنهن کي تاريخ هميشہ عزت ۽ احترام سان ياد ڪندي رهندي.... هو سدا امر رهندو، سنڌ جي غيرت ۽ امرتا جيان.
ماهتاب محبوب
’ارم نما‘
312 ڊي، لطيف آباد 6
حيدرآباد سنڌ.
5 جنوري 1986ع
نظم
اونهاري جي رات، ستارا
ڪامڻيُن جي نيڻن وانگر
ڪوسا آهن،
گرم هوا جا جهَر جهَر جهُوٽا
جوڳڻين جي جوڀن وانگر
جن ۾ پپيتا پڪا آهن.
ننڊ ندوري ڇو نه اچين ٿي؟
دور نچين ٿي
ڀيڄ ڀنيءَ جي ڀيچيءَ وانگر
ڇال هڻين ٿي
ٿر جي وحشيءَ هرڻيءَ وانگر!
منهنجي دل ڄڻ ڌرتيءَ وانگر
اَتّ دُکي آ
ڪنهن درشن جي لاءِ بُکي آ.
ڏينهن ڳِجهن جو ڳاهه ٿيو آ
ڏس، ڪيڏي پٽ کوهه ڪيون ٿا
جا جيئڻ جِي جهول ڀري ٿي!
رات به ڪاري ڪويل آهي
ڪويل وانگر ڪُوڪِي ڪُوڪِي
ساجن، توکي سَڏّ ڪري ٿي
(تون جو دور هليو ويو آهين
چنڊ جيئن ڍوري ۾ وهنجِي
ڏاڍو ڏور هليو ويندو آ)
رات لڙيءَ جو ڪونجون ڪرڪِي
ڪَڻس اُڀاري وينديون آهن،
مون من توکي ڳوليندو آ.
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
پرواهه بنا پَرَ ڪئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش اِهو تو ڳائين ها
ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو!
اي ڪاش اُهو تو پائين ها
جو هار هوائن ۾ لڏندي
ڪلهه تانتيا ٽوپِي پاتو هو!
تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇِڪّ ڇڪيندي آ؛
ڄڻ او ڊائر جي ڪا گولي
اڄ تائين توکي تاڙي ٿِي
۽ تنهنجا تُنهنجي مقتل ڏي
ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿِي،
تاريخ بکايل چيتي جئن
چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿِي.
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنهن آزاديءَ جا گيت چيَئه
سا آزادي ڪِٿ نيندي آ!
اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
سا آزادي ڪئن اينديِ آ!
تازي ڄايل
ٻار جي اکڙين وانگر آيل
ٻُوٽيل آهي
مستقبل ڄڻ منهنجي مَن ۾؛
ڦرندي دير نه لڳڻي آهي
هن دنيا کي،
هيءَ دنيا جا ٺڳڻي آهي
اڳتي ڪنهن کي ڪانه ٺڳيندي،
سَچّ-تُراڙي جا ٻِئي پلڙا
پُورا رهندا،
سنئينءَ ڳنيءَ سان سارا سودا
ٿيندا رهندا؛
چور اُچڪَّا هن دنيا جا
هيسيل هوندا،
ڪوڙَ ڪپت جا سڀ واپاري
پيسيل هوندا؛
ڏاڍ ڏمر جا سارا سَلاّ
پٽجي ويندا،
سارا دُهلاري ۽ دَلاّ
ڪٽجي ويندا،
ڪُوڙيءَ قوم پرستيءَ جا سڀ
غلّ غپاڙا گهٽجي ويندا،
ٻِجّ پيار جا ڇٽجي ويندا؛
اڄ به مون ۾ آئيندي جا
کيت کڙن ٿا؛
هٻڪارون هٻڪارون ڪيئي
ڦول ٽڙن ٿا،
توڙي ڄايل
ٻار جي اکڙين وانگر آيل
ٻُوٽيل آهي،
مستقبل اڄ منهنجي من ۾.
گيت محبت جو
ٻيهر گونجي ٿو
پولارن جي پڙلاون ۾
گيت محبت جو
دٻجي ويندو آ.
وقت به واڳوءَ وانگر آهي
گيت محبت جو
چٻجي ويندو آ.
پوءِ به اُڀري ايندو آهي
ور ور ڌرتيءَ جي سيني مان
جِيوَن جي ڦُلواريءَ ۾ ڪنهن
سَرتـٖـي سرتيءَ جي سيني مان
گيت محبت جو-
ڇو ته اگر ڌرتيءَ تي ڪائي
چيز امرتا واري آهي
پياري آهي
جيت موت تي آهي جنهن کي
وکّ وکّ سُکڪاري آهي
سا چيز آهي
گيت محبت جو-
پيارو پيارو
گيت محبت جو
ٻيهر گونجي ٿو.
هي جي گيت گهٽائن وانگر
آيا آهن،
ڪارونڀارَ ڪري اڄ مون تي
ٻڇايا آهن،
’اڄ ڪلهه‘ کان غافل به نه آهن
ڇو ته جُڳن جا ڳايل آهن،
هي جي منهنجا گيت گلن جئن
گهايل آهن،
خوشبوءَ جا طوفان اُنهن ۾
صدين لاءِ سمايل آهن.
ها، هي گيت سندءِ سيني سان
سرديءَ ۾ گرمايل آهن؛
گيت لکان ٿو ائين لڳي ٿو
ڄڻ تنهنجي آغوش ۾ آهيان
(آءٌ خماريل هوندس، ليڪن
پوءِ به پوري هوش ۾ آهيان)
هي ڄاڻان ٿو
تنهنجو پيار امر ڪرڻو آ،
تنهنجين اکين مان ميخانا
جي مون پيتا
تن جو قرض ائين ڀرڻو آ،
ڪيئي گيت لکي مرڻو آ
ڪيئي گيت لکي مرڻو آ.
ڇا ڪوئي سُر اهڙو آهي
جنهن ۾ ڪوئي جي ڳائي ٿو
اُن مان ڪوٽ اروڙ جا ڪُنگرا
آسمانَ ۾ اُڀرن ٿا،
سنڌوءَ جا گجگاٽ اچن ٿا
ڄڻ خوابن مان
اُڀري ڪيئي ڳاٽ اچن ٿا
غورابن مان،
ديوارن تي ڳورا پٿّر ٽڙڪن ٿا
مُشڪي گهوڙا ڪڙڪن ٿا،
تيرَ ابابيل جئن اُڏري
هيٺ ڪِرن ٿا،
ويڙهه هلي ٿي، گهايل ڍُرڪي
نيٺ ڪِرن ٿا؛
مينديءَ رتڙا پير کڻي ڪو
بُرج مٿان واجهائِي ٿو
ڪارا ڪَجرا نيڻ کڻي ڪو
دور اُفق کي گهائي ٿو
جن ۾ ڪوٽ اروڙ جا ڪُنگرا
آسمانَ ۾ اُڀرن ٿا؛
ها، اهڙو سُر منهنجو آهي.
تو نه سکين رابيل جي ٻولي
۽ نه گلاب جا ٻول ئي ڄاڻين؛
جو پٿر جي ڇاتيءَ ۾ آ
درد، اُنهيءَ کي تون نه سڃاڻين؛
تارا روز اشارن ۾ جي
ڳالهيون ڪن ٿا
سي به نه ڄاڻين،
ڇو مُرڪن ٿا سانجهيءَ ٽاڻي،
ماڪ ڦُڙن جا ڳوڙها ڇا لئه
رات لڙيءَ جو هو لاڙِن ٿا،
سوبه نه ڄاڻين؛
واءُ لڳي ٿو تنهنجي ڀاڻي
گل جهومن ٿا
۽ پو تارن کي تاڙِن ٿا
رات وهاڻين؛
پٿر پٿر
ڪائنات ۾ سڀ تو وانگر
زندهه آهِن، ساهه کڻن ٿا،
ڀِرُن ڀيرَ پهاڙن جا ڄڻ
مون کي گهايل گَڊّ لڳن ٿا،
رات به ڪاري ڪويل آهي
اُن جا نيڻ ستارن وانگر
ڪاري جهُڙ ۾ ڄڻ جهمڪن ٿا
ڪُوڪ ڪُوڪ ٿي ڄڻ ٽمڪن ٿا؛
ماڻهوءَ کي ڪئن مارين ٿو تون!
ڀورا، ڪيئن وسارين ٿو تون
هر ماڻهوءَ ۾ ساهه به تو جئن
زنده آهي
ماڻهو ڇا پر گاهه به تو جئن
زنده آهي.
خوشبوئون، جي چندرما جِي
رڻَ تي رم جهم آهن،
خوشبوئون جي تارن وانگر
جهُڙ ۾ ٽم ٽم آهن،
خوشبوئون جي ماڪ ڦڙن جئن
تازيون تازيون آهن،
خوشبوئون جي چانڊوڪيءَ ۾
ڄڻ ته چتائون آهن؛
تيز به آهن
پر خوشبوئون
هيرا منڊيءَ ۾ جئن آهن
گهرَ- خوشبوئون،
جن کي ماس طوائف جو آ
اهڙيون خوشبوئون به آهن!
اهڙيون خوشبوئون به ته آهن!
پنهنجِي پنهنجِي خوشبو هر گل
سنگهندو آهي،
سارنگيءَ جي نيري سُر ۾
پنهنجي سيني جو سازندٖي
ڦَٽ پٽيءَ سان ويڙهيو آهي.
سانجهيءَ ٽاڻي
وهڪ نديءَ جِي
هنجَ ۾ تُنهنجي جهوٽو آهي؛
مادرِ فطرت!
هر شيءِ تنهنجيءَ ڪُکّ مان نڪري
تنهنجيءَ ڪُکّ ۾ وڃڻي آهي،
مان ڀانيان ٿو هر ملحد کي
تنهنجي وحدت مڃڻي آهي؛
شيءِ جو شيءِ سان ناتو آهي،
ڪائنات ۾ هر خوشبوءَ جو
ڄڻ ڪنهن ليءِ سان ناتو آهي؛
واريءَ تي جو ڪوڏُ پيو آ
اَن ۾ سَمنڊُ سمايل آهي،
سمنڊُ جو مون جئن گهايل آهي،
سمنڊُ جو مون جئن گهايل آهي.
چنڊ ستارا راهُون آهن
منهنجون عبادت گاهُون آهن
تون ته چوين ٿو ملحد آهيان،
ڪائنات جو چَپوَ چَپوّ
مون لئه مسجد وانگر آهي،
۽ ماڻهوءَ جي دل مون لئه آ
جامع مسجد وانگر-
ڪلهه کان مان ۽ فيض اُنهيءَ ۾
پهرينءَ صف ۾ آهيون،
ساڳيءَ صف ۾
بُلي شاههَ، ڀٽائيءَ پارا
ڪيئي مُلحد آهن،
ڪيئي مُلحد آهن.
سب اِڪّو رنگ ڪَپاهـٖـين دا
(بلي شاهه)
.........
ٻيا به انوکا اوڇڻ اوڙهن
رنگُ مگر گوسائينءَ جو
بُلي يارَ آرائينءَ جو؛
انت ڀٽائيءَ بحر اُهوئي
جيڪو سَچّل سائينءَ جو،
بُلي يارَ آرائينءَ جو؛
ڪئن تو اي پنجاب وِسايو
ايڏو نينهن نهائينءَ جو،
بُلي يار آرائينءَ جو!
فقره جوڙڪٖـي خوب درست ڪيتا، جيها ڦل گلاب دا ٽوڙيا اٖي
(وارث شاهه)
..............
دُرست فقرا ايندا آهن،
وارث! دُرست نه ٿيندا آهن.
گُل گُلابي ٽوڙي ڪوئي
مون کي اِئن آڇيندو آهي،
پنهنجا چَپّ چُميءَ ۾ ويڙهي
ڄڻ هو مون کي ڏيندو آهي.
دُرست فقرا ايندا آهن.
وارث! دُرست نه ٿيندا آهن.
شعر به بارش وانگر آهي
بادلَ ڪنهن نيپوڙيا آهن؟
پنهنجو پاڻ جُڙي ويا آهن
مون جي شعر به جوڙيا آهن.
مئن ڀي ڄاڻان جهوڪَ رانجهن دي،
مئن ڀي ڄاڻان جهوڪَ رانجهن دي،
نال ميرٖي ڪوئي چلـٖـي
(ماڌولال حسين)
.............
ڪوئي ته مون سان هَلّي!
آءٌ اڪيلو، پنڌ پري آ
ڳاٽُ نه ڪنهن جوڳَلّي!
ڪوئي ته مون سان هلّي!
جهُڙ ڦُڙ جهڙيون ڳالهڙيون ڪي
جيءُ پيو ٿو جلّي!
ڪوئي ته مون سان هَلّي!
جو ڪجهه ڪنهن به نه ڳاتو آهي
گونجَ اُنهيءَ جي گَلّي،
ڪوئي ته مون سان هلّي!
سُرّ ته مون وٽ سهسين آهن
سُور ته ڪوئي سَلّي!
ڪوئي ته مون سان هلّي!
پريت ڀريو آ جنهن پيالي کي
اوتّ نه مون کان اَلّي!
ڪوئي ته مون سان هلّي!
پُٺ تي پيرن نه ورڻا آهن
ڏينهن لهي پيو ڀَلّي،
ڪوئي ته مون سان هلّي!
ماڌو لال حُسين ملي ويو
دڳ تي بَلِي بَلّي!
ڪوئي ته مون سان هلّي!
چورَ پَوّن راتين گهَر سُتيان دٖي، ديکو دِنـٖـي
بزار وِچ مُٺي آن مَئن.
(وارث شاهه)
...............
تون مان ڏينهن ڏٺي جو وارث
وِچَّ بزار مُٺاسين،
توڙي کِنَ ڀر اکّ نه لاتي
پوءِ به يار مُٺاسين،
پنج-نَدَ جي لهر لهر تي،
سنڌوءَ ڌارَ مُٺاسين،
وِچّ نديءَ ۾ ڪنهن سُهڻيءَ لئه
ٻَئي ميهارَ مُٺاسين،
اڄّ به آ درياهه اڳي جئن
تارئون تار، مُٺاسين،
ٻيو ته ٺهيو پر هِي رانجهوءَ جـٖـي
هِيرَ- وِسارَ، مُٺاسين،
ڪُوڙي جَڳ جا ڪُوڙا ڀاڪُر
پيار نه پيارَ، مُٺاسين،
منهنجا يارَ، مُٺاسين،
وارئون وارَ مُٺاسين
وچَّ بزار مُٺاسين!
تيري عشق نچايا ڪَر ٿَئيا ٿئيا
(بُلي شاهه)
...............
بُلا ڀئيا!
توکي مون کي
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!
تنهنجي منهنجي هيءَ ڌرتي آ
سڀ جي سنڌو مَئيا،
ڀَئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!
حال ٿيو پنجاب جو ڪهڙو*
ڪهڙي بپتا پئي آ؟
ڀئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!
سنڌ نه ڄاڻي ٿي نفرت مان
سنڌ محبت ڪَئي آ،
ڀئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!
مؤرک وير وڌائڻ وارا
مَتّ اُنهن جي وئي آ،
ڀئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا.
__________
* در کُلا حشر عذاب دا
رت بدلي آ
باک ڦٽيءَ جا
رنگ نچن ٿا
رڳّ رڳّ ۾ رت ٽهڪي ٿو
چاٻين تي ڇَلّي جئن منهنجا
انگ نچن ٿا
رَتّ به ڄڻ ڪا ڪُنجي آهي
آزاديءَ جي دروازي جي
جا مون ڳولي لڌيّ آهي!
پنهنجا چَپ چمين سان پياري
پيالن جئن ٽمٽار ڪري ڇَڏ،
ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.
مُند انارن جي آئي آ
جو ڪرڻو ٿِي پيار، ڪري ڇڏ
ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.
هَٿّ اچن جي هِرکِي توڏي
تن کي تون گُلنار ڪري ڇَڏ
ٻيهر وقت نه ورڻو آ.
عشق نه ڄاڻي مجبوريءَ مان
تون اُن کي مختار ڪري ڇڏ،
ٻيهر وقت نه ورڻو آهي.
ڪالهه ٽڙيل هُئي
گولان جي گلڙن وانگر،
منهنجي ڪَوتا،
اَڄّ ائين مُرجهايل ڇو آ؟
مان ڀانيان ٿو گُلڙن وانگر
ڪَوتا لاءِ به اُسّ چڱي آ،
هائو، ڪاري اُسّ چڱي آ
تن من ميرا پُرزٖي پُرزٖي جيوُن درزي دي لِيران هُو.
(سلطان باهو)
...............
اهڙو وقت به ايندو آهي
جو ماڻهوءَ جو تن من ”باهو“
پرزا پرزا ٿيندو آهي
ڪنهن درزيءَ جي لِيڙن وانگر-
مون به ته اهڙو وقت ڏٺو آ
ڏاڍُ ڏسي جڳُ سهمي ويو آ،
ڌرتيءَ تي انسان ڦرن ٿا
ماڪوڙن جئن، ڪيڙن وانگر-
اَنڌِ آلوليون اِئن ماڻي ٿي
ڀانءِ ته ڀُنءِ تي ڀَنگُ نه پوندو،
شال اچي گهنگهور گهٽا ڪا
اوت ڪري اوهيڙن وانگر-
رات، سراءِ ڀتين تي ٽنگيل
فانوسا دونهاٽيل آهن
۽ دونهين ۾ ڪيئي دانهون
ٻوساٽيل ٻوساٽيل آهن
اڻ ڄاتل مهمانن جون، جي
راتو رات سفر تي نڪتا.
هي شيشن تي تن جا چهرا
ڌنڌلايل ڌنڌلايل آهن
هو جي پنهنجا ڳوڙها پي ويا
جن جا گهاوَ ڇپايل آهن،
هو جي مُرڪ چپن تي آڻي
راتو رات سفر تي نڪتا.
لاٿل لويون ائين کَٽن تي
آڌيءَ جو اُڇلايل آهن
ڄڻ ته اچانڪ تن تي حملو
ٿيڻو آ، گهٻرايل آهن،
هُو جي نيڻن ننڊ نهوڙي
راتو رات سفر تي نڪتا.
ڄڻ ته بکايل ڪوئن وانگر
شهتيرن کي پَل ڪُترن ٿا
ڪَٽُّ به ڪيئي ڪوُئا آهي
زنجيرن کي پل ڪُترن ٿا
روءُ اُنهن لئه، جيڪي ڀڄندي
راتو رات سفر تي نڪتا.
منهنجا ساٿي!
مون تي اِئن ويچار نه مَڙهه تون
جئن بلبل کي
ڪوئي ڀيتي وجهندو آهي،
منهنجو شعر عقاب جيان آ
جيئڻَ – جهڙَپ چڱيءَ پر ڄاڻي
پاڻ ئي پنهنجي
بُکّ مٽائي سگهندو آهي.
قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا
هي ڦاسيءَ تي چاڙهيل آهي
هي اُن جو چاهيندڙ آهي-
ڇا ٻيو ڪوئي ايندڙ آهي؟
ها، ها ڪيئي اچڻا آهن
ڏاڍ ميڙا مچڻا آهن؛
جَڳ جي ڪَچّيءَ آباديءَ ۾
لڏ پلاڻ لڳي پئي آهي؛
هُو سڀ پُٺ تي واجهائن ٿا
سڀ کي تاڻ لڳي پَئي آهي؛
ڪنهن جو تختو نڪتل آهي
ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،
مورڙيا ۽ مَڇَّ وڙهن ٿا
پاڻي رَتُّ رُلايل آهي؛
ڪِن کي ماڙا ياد پَوَن ٿا
۽ ڪي سونَ هَتايا آهن،
انگ اُگهاڙا هي سوچن ٿا
اڄ ڪنهن انگ ڍڪايا آهن؟
لايو ڪوبه سجايو ناهي
سڀ ڪُجهه مٽيءَ ۾ ورڻو آ
ڇا ڪنهن ان تي سوچيو آهي
ڪيسين ڌرتيءَ تي ڌرڻو آ!
شينهَن مري چنگهاڙ ڇڏي ويا
هر لومڙ کي مرڻو آهي
هر ڪُتي کي مرڻو آهي
هر رومڙ کي مرڻو آهي؛
پنهنجو پنهنجو وڙ هر ڪنهن جو
هر ڪنهن وَڙ کي مرڻو ناهي
تارازيءَ ۾ تور ته ٿيندي
پر هر ڪنهن کي ڏرڻو ناهي؛
جن کي ڏاڍو سيءُ ٿئي ٿو
لوئيءَ لئه سي واجهائن ٿا-
قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا.
اڄ ته سِتار ائين تڙڦي ٿي
اُن ۾ منهنجي دل جي ڪائي
ڄڻ پِيڙا آ-
ناڪاري آفاق، اُنهيءَ ۾ هائوڪاري ڇا آ؟
اڳتي ڇاهي؟
ڪيئن چوان مان موت اڌوري نهڪر آهي،
پورو دم آ، اڌ دم آهي!
کڏَّ منجهان ڇا کڄڻو ناهي؟
نادُ نئون ڪو وڄڻو ناهي؟
اڳتي، اڳتي ياترين کي وڃڻو ناهي؟
اڳتي، اڳتي، هنگلاج کان اڳتي ڪائي منزل آهي؟
جوڳيئڙن کي جا دل آهي
اُن ۾ ڪهڙا سنسا آهن؟
اُن ۾ ڪيڏا سنسا آهن!
هي پِتّـٖـي جي پِتُّ، اُنهيءَ ۾
ساري دنيا ڪنهن ٻوڙي آ؟
غزلن جا ديوان هوا ۾
پنو پنو ٿِي پکڙيل آهن؛
چنڊ نديءَ ۾ وِٽڙيل آهي
لهر لهر ڄڻ ڪاتيءَ وانگر
ان کي ڇِيههَ ڏئي گذري ٿي.
سَچُّ ڏيئي جو ڪالڪ آهي،
ڪُوڙ ڏيئي ۾ جهلڪا ڏي ٿو
بڻجي وَٽِّ ٻري ٿو؛
اُلُّو اڄ ته چڪورن وانگر
چنڊ جا داعي آهن:
لائي ڪابه سجائي ناهي
ڦاسيءَ جي رَسيءَ کي هاڻي
ڪير بڻائي ڳل جي ڳاني؟
پِنڊيءَ ۾ پاروٿِي ماني
سڀئي سيڪـٖـي کائو يارو
هائو يارو
جي چيخي ٿو چِتُّ، اُنهيءَ ۾
ڪا پِتّي جي پِتُّ ته آهي!
ڪا پِتّي جي پِتُّ ته آهي!
ٽُنڊا منڊا ڏينهن لنگهن ٿا
لَم لَم ڪَن ٿا،
تن کي ڪوبه سهارو ناهي.
اونهاري جو ڏينهن ٻري ٿو،
ڌرتي ڄڻ ته تَئيءِ جئن آهي
جنهن ۾ سڀ کي سِجُّ تري ٿو؛
ماڻهو پنهنجن کُڏڻن اندر
لِڪّي ويٺا آهن؛
ٻاهر چيتا ڦيرا ڪن ٿا
ايندي ويندي هر ساسيءَ کي
ٻيرا ٻيرا ڪن ٿا؛
ٽُنڊا منڊا ڏينهن لنگهن ٿا
چيتا تن کي ڪونه کنگهن ٿا
تن تي مارو ناهي،
ڇو ته سگهارا ڏينهن مري ويا،
اڄ تن جي چنگهاڙ نه آهي
هُو ڪالهوڪا شينهن مري ويا
جهلملائيندڙ ڪراچي!
روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي!
اڄ به مون لئه اوپري ناهين ڪراچي!
سنڌ جي آهين ڪراچي!
اڄ به مان
تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!
اڳ گرومندر کان ٿورو اڳڀرو ويندي هئينءَ
شام جو ڪيئي ٽَلا ٽهه ٽهه ڪندا نيندي هئينءَ،
ڪويلين جي ڪوڪ ڏي جي ڌيان ويندو هو ڪڏهن،
۽ ڪڏهن تارا هوا ۾ جُگنوئن جئن جڳمڳائيندا هيا
پير منهنجا ڊگمگائيندا هيا،
عاملياڻين جي پٺيان-
اڄ به مان
تن کي سارٖي تن جي خوشبوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
ڪوڪ ڪويل جي ٻڌان ٿو تن جي جادوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،
تنهنجو لالوکيت، اورنگي به مون لئه اجنبي ناهن ڪُنوار!
مون رُنو هو زار زار
تانتياٽوپـٖـي جڏهن ڦاهـٖـي چڙهي مردانه وار
ڪالهه رَسيّءَ ۾ لُڏيو بي اختيار
مون ڇُهيا ها پير اُن جا بار بار؛
ڪاش هُن جا هم وطن
ايترو سمجهي سگهن
ڪيئن آزادي ملي؟
ڪير ها، ورتي هُئي جن
شاهراهن کي ڇڏي سوڙهي ڳِلي؟
اڄ به مان هي ٿو چوان
ڪاش، ٽيپوءَ جئن مران!
ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي
ان ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي؛
هِت به آهن تُنهنجي اوچن بنگلن
مير صادق وانگيان ننگِ وطن،
پاڻ سان غدّار آهن
زندگيءَ جي هار آهن،
تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن
پو به ڪجهه ناهي وَٽن،
جي نه آ مٽي ته پو ڪهڙو ڪفن!
تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين
منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛
تون سڄي تاريخ آهين
ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
دل ڏکائيندڙ ڪراچي!
جهلملائيندڙ ڪراچي!
اڄ به مان
تنهنجي رستن کي منڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان
فقيرو هڪ مزور
آسمان ۾ نيرو آهي.
سانجهي گهايل پنڇيءَ وانگر
رَتُّ ٽِمائيندِي اُڏرٖي ٿِي،
آسمان ۾ نيرو دونهون
دور هٽائيندِي اُڏرٖي ٿي.
مِلّ منجهان مزدور اچن ٿا
تن جا منهن مُرجهايل آهن
ٿَڪُّ اُنهن تي ٿنڀڻ وانگر
چِپڪيل آهه، هپايل آهن
سَستيءَ مَڌُّ چُڪيءَ لئه آهن
لياريءَ منجهه لياڪا تن جا-
رڪشائن جو شور، اُنهيءَ ۾
پيئڻَ کان پو واڪا تن جا-
ڏِسُ هِي هِڪُّ هزارن جهڙو
آهن ٻول اُگهاڙا جنهن جا
جنهن جو اندر ليڙون ليڙون
ٻاهر غُلَّ غپاڙا جنهن جا
مُنهن ته مُترڪي وانگر هن جو
نانءُ مَٽيرو ٽِيرو آهي،
اڌ دنيا جو حاڪم آ، پر
تو وٽ پو به فقيرو آهي.
تون به نياڻَ جي ڀر تي وڻ آن
پاڻيءَ ۾ پنهنجي پاڇي سان
جنهن جو وهانءُ ٿيل آهي؛
ڀانيان ٿو تون
پنهنجي ذات کان ٻاهر لهرون
اِئين ڏسين ٿو
ڄڻ سوچين ٿو،
”آءٌ ته وڻ هان، لهرون ناهيان،
”هي ڪافي آ، آءٌ اُنهن تي ڇانوَ ڪيان ٿو“
هِي سکّر جو اونهارو-
ننگ ڌڙنگ مُهاڻي وانگر
سِنڌوءَ تي سِجُ اُڀري ٿو،
اُن جي ڄار مان ڪيئي ڪرڻا
ڄار کي ڦاڙي نڪرن ٿا
ڄڻ ساري سنسار کي ڦاڙي نڪرن ٿا.
ڀينڪر رات مگر تون ڳائين
سارنگيءَ تي نَٽ ڀيرَؤُ!
تون ئي چَؤُ!
سارو ديس ٻري ٿو، توکي
پو به نه آيو ڪوئي تَؤُ!
تون ئي چَؤُ!
روز ڪِرن ٿا ڪَنڌ آڏيءَ تان
توکي ڪو ڪهڪاءُ نه ڪؤُ!
تون ئي چَؤُ!
روڳي راڳي ڇا جـٖـي آهين
سَوَ ۾ هِڪُ يا هِڪَ ۾ سَؤُ!
تون ئي چَؤُ!
ڪئن نه ڪيان مان تومان ڀَؤُ؟
تون ئي چَؤُ! تون ئي چَؤُ!
تون ئي چَؤُ!
زخمي تتر
وانگر خبر
ڦڙڦڙ ڪئي،
چُپ ٿي وئي؛
فرزند تنهنجو فرانس ۾
ماريو ويو
۽ پيءُ جئن واريو ويو
ڇاجي مٿان؟
ڇاجي مٿان؟ تون ماءُ آن
تون ماءُ آن
سوچان پيو توکان پڇان
پر ڪئن پُڇان؟
پر ڪئن پُڇان؟
پر ڪئن پُڇان؟ ؟ ؟ ......
ٻاهر ڪيڏي وِلههَ وسي ٿي
۽ هُو اندر سگرِي ٻاري
ويٺا آهن،
هَٿَ هَٿَن ۾ تن جا آهن-
اڱرن آگ جياپو آهي،
ڪوسا آهن،
سوگها آهن!
ٻاهر ڪيڏي وِلههَ وسي ٿي
پَنَّ رڙهن ٿا اِئن رستن تي
ڄڻ طوفان اچي ويو آهي،
بجليءَ ٿنڀا
ڄڻ ته آچنَڀا؛
پرتان ڪنهن جي چاپَ اَچي ٿي؟
رستا رولاڪَڙ ڳولن ٿا
(جي جِيون جي جَڙ ڳولن ٿا)
توڙي ڪوئي راهي ڪونهي!
ڪوئي اوهِي واهِي ڪونهي!
ڇا سُر راڻو مٽي آهي؟
ڇا ڪوهياري مٽي آهي؟
آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پُڇان ٿو-
ڀِٽَّ ته ساري مٽي آهي؛
هر دکياري مٽي آهي،
سِجَ لٿي کي سئيءَ وانگر
پوڇو هر ڪنهن ڪو نه ڏٺو هو؟
(پنهونءَ پڄاڻان سِجُ هيو يا
ڪوئي گَهرو گهاءُ ڦٽُ هو!)
مَٺّ ته مٺي آهي مُوڙها
ڏيئي لاٽ ته مٽي ناهي،
درشن جيڪو دور نئين ٿو
تنهن جي واٽَ تي مٽي ناهي!
ساري جاٽ ته مٽي ناهي!
توڙي تارا مٽي آهن
تن جي ٽم ٽم مٽي ناهي،
دور اُفق مان روشينن جي
توتي رم جهم مٽي ناهي.
راهب ڪُوڙ ڪمائن ويٺا
ڪيڏا ڪُوڙ ڪليسا آهي
پو به صليب تي رَتُ ۾ رانيل
ڳَهرو ڳاٽُ ته مٽي ناهي!
هُو جي سپُنن ۾ سَو چهرا
رات لڙيءَ جو ايندا آهن،
چتَ اندر جو چؤنرو آهي
تنهن ۾ پريت ونڊيندا آهن
ننڊ – نَگر جا سي سڀ راهي
ڇا ڪنهن مِٽيءَ جوڙيا آهن
۽ پوءِ تن سان تنهنجا ناتا
تنهنجيءَ جاڳَ جهنجهوڙيا آهن؟
مٽِيءَ لاءِ مِترَ تنهنجي
ڇو ته ڪليسا ڪُوڙي آهي!
هي تنهنجو آدرش اُٻهرا
ڪيڏي ڪچي چُوڙي آهي!
ڪالهه جڏهن طوفان لڳو هو
وِڄَ ڪري هُئي، ڏارَ ٽُٽا ها
آکيرن آڌارَ ٽُٽا ها،
ڏاڍو ڏور اُڏارِي کائِي
سَرتِي! پنهنجي واٽَ وتي تو –
اڄ ٻيهر مد مست لڳي ٿو
توکي پائي،
تنهنجي ڪُلهي تي ڪنڌُ جهڪائي
تنهنجي ڳچيءَ تي چَپَ رکي ٿو
پيار، جو منهنجو پيار نه آهي.
آءٌ ڪُئاسِي موڊو ناهيان
پو به لڳي ٿو منهنجو مقدّر
هن جهڙي تنهائي آهي،
منهنجي گهر ڀي ڪنهن ڪرِڻي جي
ڇاتيءَ منجهه ڇُپائي بڙڇي
شام اچانڪ آئي آهي.
_________
* ڪُئاسي موڊو – اطالوي شاعر، جنهن جي هيٺئين شعر ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي–
”هر ڪوئي ڌرتيءَ جي دل تي اڪيلو آهي
”۽ هُن ۾ ڪوئي سِج جو ڪرڻو چُڀي چُڪو آ هي
”۽ اوچتو شام ٿي وئي آهي“
موت اچي ٿو ميخاني ۾
تاڙي ٿو-
ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.
ٻاهر پنهنجا *ٻَرد سَلهاڙي
واڙي ٿو،
ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.
ڪوئي پنهنجي پيماني ۾
مُرڪي ٿو،
ڪوئي ڳوڙها ڳاڙي ٿو،
ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.
ڪو به ته هُن کان بچڻو ناهي
سڀ کان قرض اُڳاڙي ٿو،
ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.
رَنڪُ هجي يا راوُ، اچانڪ
سڀ کي موت پڇاڙي ٿو
ڪوئي ڪَنڌُ نه لاڙي ٿو.
___________
* ٻَرد – ڍور، ڏاند
ڳِيچَ ڳَهر مان جاڳيا آهن
لَيءَ ڪيڏي متوارِي آهي!
ڄڻ سنڌوءَ جي ڏائي ڪَپ تي
سائِي سرنهن ڦُلاري آهي.
ڪيڏي آ هُٻڪارَ هَوا ۾!
توڙي سَو پَرمار هوا ۾
ڪويل ڪُوڪ ڪَٽاريءَ وانگر
اُڀرِي آ ٻيهار هوا ۾؛
سِجُ جئين لاڏِيءَ جو بَينو
دور پهاڙين تي نڪتو آ!
ڪوريا، بَرلن
ڇا ڇا کي تقسيم ڪيو ويو آهي!
ماڻهوءَ جو مقسوم به ساڳو
بُکّ به ساڳي، ڏُکّ به ساڳا!
پيار به ساڳو، پياس به ساڳي
سيرانديءَ سان سُکّ به ساڳا!
هر ماڻهوءَ کي مرڻو آهي
موت به ساڳو مات به ساڳي!
* مَدرا پيتي پرک به ساڳي
ماڻهوءَ جي مَرجات به ساڳي!
ماڻهو پو به ورهايَل توڙي
ڏيهه به ساڳا، ڏاتِ به ساڳي!
سَنڌا سيڙها هن ڌرتيءَ جا
لوڙهي ٿي برسات به ساڳي.
مُکّ – وچن پر ڪنهن به ڪَويءَ جا
مُنهنجيءَ ڪوتا جهڙا ناهن!
آءٌ اڪيلو هان ڌرتيءَ تي
مون جئن ڪنهن جا سپُنا ناهن!
_________
* مَدرا - شراب
جَل ٿل جا جذبات لڳي ٿي
ڇاتيءَ منجهه ڇُپائڻ گهرجي.
چُرندڙ پُرندڙ لاش وطن جي
گليءَ گليءَ ۾ ڪيڏا آهن!
انڌا، گونگا، ٻوڙا ماڻهو
هي جي منهنجا جيڏا آهن،
تن جي پرک پريان ئي پڌري
تن کان لعل لڪائڻ گهرجي.
مون کي پويون لفظ صديءَ کي
ڏاهپ وارو ڏيڻو آهي
عُمر سڄي جو مون چاهيو آ
اَنت اُئين ئي ٿيڻو آهي
ٻيهر ٻاڦي ٻاڦ اجايو
ڳچّيءَ ڳَٽُ نه پائڻ گهرجي
اڄ ڪنهن جي منصور ٿيڻ سان
ڪوئي فرق نه پوڻو آهي
مُوڙها! منهنجي مام نه سمجهيئه
مون ته چيو جو چَوڻو آهي
ڳُجَهه ڳُجهاندر کي مدرا پِي
وِچّ نه اڄ ورجائڻ گهرجي.
سورج – پَٿّر وانگر منهنجا
ٻولَ ٻُرن ٿا
شيشي – گهر جا سڀ دروازا
ڪِرچون ڪِرچون پکڙيل آهن،
توڙي رتو رتُ پير اَٻاجها،
پو به وڌن ٿا!
سورج – پٿر سان اڄ ڇا ڇا
مون کي ڊاهڻو آهي؟
شهر سڄو ئي شيشي – گهَر آ
سورج – پٿر سان هر گهر تي
مون کي ڪاهڻو آهي،
ڀل ته پيو پو مون تي باهي
جنهن کي باهڻو آهي –
هِي جي شيشي جا دروازا
ڪِرچون ڪِرچون پکڙيل آهن
مون ئي ڊاٿا آهن،
هر گهر جي دروازي تائين
منهنجا پيرا آهن،
هي جي شيشا آهن
مون ئي ڦوڙيا آهن،
مون ئي ٽوڙيا آهن،
مون ئي ٽوڙيا آهن.
پيار پکيءَ جئن ايندو آهي
آکيرو به اَڏيندو آهي،
روهه مٿان روها کيءَ وانگر
پو به اُڏامي ويندو آهي،
ڌيمِي آهي وهڪ نديءَ جي
ونجهه ٿڌيرا ساهه کڻن ٿا،
پتڻ مٿان پاڇاوان مون کي
سِجَ لٿي جا ڪو نه وڻن ٿا.
ڪونجن جي ڪُڻڪار ڪَچي ۾ -
هَيءَ هَيءَ جيءُ جهڄي پيو آهي
اڄ جو ڪو ڪَرلاهُو* ڪونهي
منهنجو هيانؤ هڄي پيو آهي.
پُٺ تي پير ورن ٿا منهنجا
ريت رات جي گهيري ۾ آ
تارن جي ٽم ٽم جئن منهنجي
آشا گهور انڌيري ۾ آ
پيار به ڏيئي وانگر ڄرڪِي
نيٺ اُجهامي وڃڻو آهي،
آکيرا اُن لاءِ اَجايا
ڇو ته اُڏامي وڃڻو آهي.
______
* ڪَرلاهو – خبر رکندڙ، همدرد
ڪاري
ڦُٽيون هوا ۾ لهرائن ٿيون؛
ڳاڙهيون ڳوٺاڻيون ڳائن ٿيون
ڪارِي پنهنجي جهول ڀَري ٿي،
واءُ اُنهيءَ جا وارَ کنڊيري
سينڌي وانگر ٻَک وجهي ٿو؛
گهگهو ڊگهيري
ڍاڪَ ڍڪي ٿي؛
ڄڻ ته ڏڪي ٿي،
چيلهه لئي جي ٽاريءَ وانگر
لچڪائي ٿي،
آڏيءَ اک سان ڪجهه ته ڏسي ٿي
گهٻرائي ٿي
(سج ائين ٿو ٿَر ٿَر ڪَنبي
ڄڻ اُن ڪوئي ڏوهه ڪيو آ)
پَنڙن ۾ پڇتاوَ لُڏن ٿا
هَر هَر هُن جا ڪَنّ ٻُرن ٿا –
”آءُ هلي آ، ويجهو آهيان
”تنهنجو ٻاروچو ٻُوڙن ۾!
”تنهنجو من جو مُوڙهل آهي
”وچڙيل آهي واچوڙن ۾
”مُنهنجيءَ ڇاتيءَ منجهه ڇُپي اڄ
”ٿِرُ پائي ٿائينڪو ٿيندو
”جئن جئن دل جي دڪ دڪ وڌندي
”تئن تئن من سانتيڪو ٿيندو.“
هي جو رڻ آ
جنهن جي واٽ اُڃايل آهي
پاڻيارين جي پياس جيان،
آهي منهنجيءَ آس جيان؛
ميگهه رُسي ويو آهي اُن کان
ڄڻ مُنهنجي وشواس جيان،
آ هرڪو آدرش آوِرٿو*
ڌرتيءَ تي آڪاس جيان،
هي جو رڻ آ
جنهن جي واٽ اُڃايل آهي
منهنجي تارونءَ تاس جيان،
وڄون نه اُن تي ورڻيون آهن
گگن منڊل ۾ گجگوڙن جي
هاڻي مون کي آس نه آهي
آس نه آهي
آس نه آهي
________
* اَورٿو - بيڪار
منهنجو من هيکلڙو پنڇي
اُڏري اُڏري ٿڪجي پيو آ؛
منهنجو من اِئن هيکلڙو آ
ڄڻ آڪاس ۾ ڪوئي تارو
ڪاري جهُڙ ۾ رهجي ويو آ؛
منهنجو من هيکڙو ڏيئو
جنهن کي سَڌَّ ڏياريءَ جي، پر
واچوڙي ۾ وچڙي ويو آ:
مون من ڪَرُڻا* ساگر وانگر
جنهن ۾ منهنجا کارا آنسو
اڄ ٽپڪن ٿا،
مُنهنجا نيڻ اگر جهپڪن ٿا
مُنهنجي ڌرتي انڌياري ۾
ويڙهجي ويندي؛
مان ئي هان هيکلڙو پنڇي
مان ئي هان تاري جو ليئو
مان ئي هان ڏونگر تي ڏيئو،
مون کان پوءِ اُڏارون ڪهڙيون
اوندهه جا اوتارا هوندا-
_____
* ڪَرُڻا - ڪَهل
روڪ جي روڪي سگهين!
سَڏَّ کي ڪي هَڏَّ ناهن
جو اُهي ٽوڙي سگهين!
آءٌ جو آواز آهيان
زندگيءَ جو راز آهيان
ٿو وڃان مان دور تائين
موڙ جي موڙي سگهين!
وقت، جو درياهه آهي
روز و شب پائي رهيو آ-
پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگهين!
ڪنهن مٿان بندوق تاڻين ٿو ميان؟
ڇا نه ڄاڻين ٿو ميان
سِج تنهنجي وَسّ ناهي
تاءُ تنهنجي وسّ ناهي
واءُ تنهنجي وسّ ناهي
سوچ جو ڦهلاءُ تنهنجي وَسّ ناهي
وقت سرڪش آ ازل کان
سِرُ انهيءَ جو ڦوڙ جي ڦوڙي سگهين!
ڇو نه سمجهين ٿو اياڻا
تو پُڄاڻا
ڀُنءِ نه ڀاڻا
وقت جيڪو زندگي آ
ها، اُهوئي وقت تنهنجو موت آهي
تون اُنهي کي
ٽوڪ جي ٽوڪي سگهين!
روڪ جي روڪي سگهين!
روڪ جي روڪي سگهين!
ديس سڄي ۾ ڪُڪڙوڪُو آ
مائڪرو فون تي پوءِ به آهن
ڳاٽُ کڻي ڳالهائڻ وارا
ڪَڪا وار لسائڻ وارا
ڪوڙ – ڪَسنبو کائڻ وارا!
ڪُڙهه ۾ ايڏا خچّر آهن
سئَس به ان تي حيران آهي!
گهڙيال وڳو
يا وقت ڀڳو
روپوش ڏوهاريءَ وانگر
انڌيرَ نگرُ
سنسان ڊگرُ
مستقبل واريءَ وانگر
اي خوشبوئو!
آ ڌرتي ڇو
ڪنهن ککيءَ کاريءَ وانگر
اي آدرشو!
ڪنهن وقت اچو
مون لاءِ بهاريءَ وانگر!
اي آدرشو!
اي آدرشو!
خواب هن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي!
خواب اسان جا جنگي قيدي
جن تي فاتح ٿوڪارِن ٿا
پنهنجن پيرن ۾ ڪيرائي
تلوارن سان للڪارِن ٿا
خواب اسان جا ويرانين ۾
طوفانن جي شور جيان ها
ديس سڄي جي دل ۾، اُن جي
ارمانن جي شور جيان ها
هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
خواب وڏا ڏوهاري آهن
آزاديءَ جا خواب، اُنهن تي
بَند اڳي کان ڀاري آهن
بيوس خواب، اکين ۾ تن جي
ڪيڏي زهر ڀري پَئي آهي!
پر هي تن جي چڻنگ، اُنهيءَ مان
ٻيهر باهه ٻري پَئي آهي.
ڪا منزل ڏيکاري ڏي ٿي
ڪو ڏورانهون ڏسُّ مليو آ
وارِي ڄڻ دلداري ڏي ٿي
گوندر کي ڪو گسُّ مليو آ
جي چوڌاري نعرو گونجـٖـي
’ڌرتي زنده باد‘ ته ٻيو ڇا گهرجي!
خواب هجن آزاد تو ٻيو ڇا گهرجي!
مِرت لوڪ ۾ سڀ ڪجهه آهي
ديـٖـوَ لوڪ* ۾ ڇاهي!
مِرت لوڪ ۾ نَئنَ ڪٽوريون
مدرا رس ڇُلڪائڻ واريون
ڀورِ سَمئه ڇُلڪائڻ واريون
نِيرُ ڀري من ڀائڻ واريون
سُپنن جي بازار لڳي آ
ميلو آ ويساکيءَ جو ڄَڻُ
موڙَ موڙَ تي سَوَ مَڌونتيون
من ماکارو ماکيءَ جو ڄَڻ
ننڊ ڀريون نؤورنيون ڪيئي
جن جي مَهڪ هوائن ۾ آ،
تن جـٖـي ٻکّ نه لکّ، ته ڪوئي
جهاتِر چنڊ گهٽائن ۾ آ
سانوڻ جي وسڪار ٿئي ٿَي
جهُڙ ۾ وڄُّ – جهپاٽا آهن
متوارن تي مينهن وسن ٿا
مڌ جا ماٽا گهاٽا آهن
مِرت لوڪ ۾ ماڻهو ماڻهو
پنڌ ڪندي پاٻوهيل آهي
ڪيئي کيل کِلونا، هن جو
ٻارن جئن من موهيل آهي
ديوَ لوڪ ۾ دونهون آهي
مِرت لوڪ آ دَرپَن* وانگر
جنهن جي سانت سُريلي آهي
چانڊوڪيءَ ۾ مڌوبن وانگر
جنهن ۾ منهنجي ڏات ڏهاڳڻ
ڪوڪِي آهي ڪويَلين جئن
مڌوبن جي پن پن ۾ منهنجي
دهڪي آهي دانهن دِلين جئن
مِرت لوڪ جا لُڙڪ اکين ۾
ماڪ ڦڙن جئن پيارا آهن
راتين جي راتاهن تي ڄڻ
ڀيڄ ڀنيءَ جا تارا آهن
______
* مِرت لوڪ – موت جي دنيا
* ديو لوڪ – ديوتائن جي دنيا
جِيوَنَ کيتر ۾ هر ڪاريه
جو به هيو نشڪام، ڪيو مون
نيٺ ڪنول – ڪُٽيا ۾ من جي
موٽي ڪجهه وسرام ڪيو مون
ناسَوَنت هر وستو آهي
منهنجي ڪويتا ناهي.
________
* درپن - آئينو
ڏکڻ واءُ!
دامنِ مادر وانگر آءٌ!
دور پرندن غوُل هوا ۾
جن کي شام وڇوڙيو آهي،
ڌيرٖي ڌيرٖي اوندهه پنهنجو
ڪارو خيمو کوڙيو آهي.
چينائي فانوسن وانگر
دور ستارا ٽم ٽم ڪن ٿا
منهنجي من جي انڌياري ۾
ڄڻ ڪي پيارا ٽم ٽم ڪن ٿا
منهنجا پير وڍيا آهن جن
سي ڪارايُن وانگر رستا
ڪيڏو دور وڃن ٿا اڳتي
سي ڪنڊن سا ٻُر ٻُر رستا
هي ڪنهن جي سرگوشي آهي
”مؤنن ڀر تون ڪيسين
رڙهندين؟
”تو وَٽ ڪو هٿيار نه آهي
”پو به وڙهين ٿو! ڪيسين
وڙهندين؟“
ڏاڍو ڏور لڳي ٿي منزل
ڪيڏو پنڌ اڻانگو آهي!
سِرُ اهڙو به اجايو ناهي
توڙي سِرَ جو سانگو ناهي!
هي سوداءُ!
دامنِ مادر وانگر اءٌ!
ڏکڻ واءُ!
ڇهه سٽا: اوسپُنا سپُني جا سپُنا
جهومندڙ هوائن ۾
رات ڄام شوري جي
ڪنهن رباب وانگر آ؛
عمر اِئن اُڏامي ٿي
ڄڻ پکي پرن تي آ
وقت خواب وانگر آ.
***
بيهجي وَئي بارش
رات جي صراحيءَ ۾
چاندني شراب آهي؛
مان ۽ منهنجي بي خوابي
تو جيان هوائن ۾
چنڊ محوِ خواب آهي.
***
ڪويَليون پيون ڪُوڪن
مُند آهه جهُڙ ڦڙ جي
اُڀ تي لُڙاٽ آهي؛
پيار پينگهه وانگر آ
ڄڻ هوا جي جهوٽي تي
تنهنجو منهنجو ڳاٽ آهي.
***
دل کي اِئن وڪوڙيو ٿِي
ڄڻ ته وَل چنبيليءَ جي
ڦهلجي وَئي آهي!
ڪيتري نه خوشبو آ
ڄڻ ته رات سانوڻ جي
مست ٿي وَئي آهي!
***
مون ٻه ڦول چمپا جا
توڏي موڪليا آهن
تنهنجي تن بدن جهڙا؛
ڦول تنهنجي ڇاتيءَ تي
وَنَّ واسَ ۾ آهن
موڪليل گُلن جهڙا.
***
شام جو ڪجل پائي
تنهنجون اکڙيون مون لئه
راهه تي نهارن ٿيون،
بادلن جي پاڇي ۾
ڪويِلين جيان ڪُوڪي
رات ڀر پُڪارن ٿيون
***
پيار کي پلين ٿي ڇو؟
بانوري چڪوري آءُ
چاندني کڙي آهي!
آءُ، رات جي راڻي
تو جيان ٽڙي آهي
تو جيان ٽڙي آهي!
***
آءٌ مُنهَن – انڌيري ۾
تنهنجي در تي آيو هان
پهر پيار جو آيو آهي؛
ننڊ تنهنجي اکڙين مان
مون چُمي وتي آهي،
چنڊ وائڙو آهي.
***
ساوا گؤنچ ليمي جا
ڄڻ نَوَن اُمنگن جئن
ميهن موريا آهن،
منهنجي سنگ ۾ سَرتي
تنهنجا انگ تِن وانگر
نيهن موريا آهن.
***
رات ڪُجهه ڀني آهي
واءُ ۾ نمي آهي
مينهن ڪُجهه پيو آهي؛
آءٌ ڪو مصوّر هان؟
چنڊ منهنجي در تي ڇو
بيهجي ويو آهي!
***
چاندني وسي ٿي پَئي
انب ۾ لڪل ڪويَل
سانت ٿي وَئي آهي،
مان اڃا سُتو ناهيان
ننڊ تو جيان مون کان
اڄ رُسي وَئي آهي.
***
ڄڻ گدامڙيءَ جو وڻ
آسمان جي هيٺان
چاندنيءَ ۾ وهنجي ٿو؛
رات ڀر سُتل طوطا
خواب ٿا ڏسن جيڪي
هي اُنهن ۾ اُڏري ٿو.
تون پري سُتل آهين
رات ڄڻ ته هرڻيءَ جان
دور آهه چشمي کان-
ويندي چنڊ سانوڻ جو
تو ڏي مون ڏي گهوري ٿو
ڪيتريءَ نه حيرت مان!
***
سَروَ جي درختن کي
چاندني چُمي ٿي پَئي
چنڊ سون – وَرنو آ-
ڇانوَ ۾ ٻَٻُر جي مان
چَپَّ ٿو چُمان تنهنجا
نِنڊَ ڄام شورو آ.
***
توکي مون چُميو آهي
تنهنجي جسم ۾ آهي
اڄ گلاب جي خوشبو،
روپ رنگ ۾ تنهنجي
انگ انگ ۾ تنهنجي
منهنجي خواب جي خوشبو.
***
توکي مون چميو آهي
تنهنجي جسم ۾ آهي
اڄ شراب جي خوشبو،
جو صديُن چِڪايو آ
آ رچي وَئي تو ۾
اهڙي خواب جي خوشبو.
***
ڀيٽ توسان ڪهڙي آ
تون سوين سُڳنڌون آن
گُل – سُڳنڌ ساڳي آ!
اي بسنت جئن جوڀن
تون هزار هُٻڪارون
توڙي مُند ساڳي آ.
***
انب ٻوڪيا آهن
۽ ڪٿان جون ڪويَليون
باغ ۾ مِڙيون آهن!
ڏِسُ بسنت جو جادو
تن جي ڪوڪ تي ڪيڏيون
اڄ ڪَليون ٽِڙيون آهن!
***
انبڙيون ٿيون آهن
ڏينهن ۾ تپت آهي
چيٽ جو مهينو آ؛
تون ڪٿان اچين ٿي پَئي
موتين جيان تو تي
پنڌ ۾ پسينو آ!
***
ڪوٽڙيءَ جي پُل تان تون
وِچّ سِير ۾ گهوري
شام جو پَئي سوچين،
’عمر سِير وانگر آ،‘
ڇا اهو پَئي سوچين!
***
اي اُڏامندڙ پوپٽ!
ڇا تون منهنجي سرتيءَ جي
سنگ ۾ رهيو آهين؟
روپ جو پُڄاري آن
روز ڪنهن نئين گُل جي
رنگ ۾ رهيو آهين؟
***
جاڳَ ڇا ڏنو آهي؟
ننڊ هڪ پَرندو آ
ننڊ ئي ته لوچيو آ؛
ننڊ ۾ پُڄن ٿا ٿَرِ
مورَ پڃّرا ڊاهي،
ڪنهن اهو به سوچيو آ!
***
تنهنجا هَٿ چُمين کان پو
ڄڻ ٽڙي پيا آهن
مينهن ۾ گلابن جئن؛
ڪائنات گونجي ٿي
ڇا وڄي رهيو آهي
روح ۾ ربابن جئن!
***
چاندني پکيڙين ٿي
تِلڪُ تنهنجي ماٿي تي
چنڊ جئن کڙيل آهي؛
ڄڻ بسنت آيو آ
تنهنجو چمپئِي جوڀن
ايترو ٽِڙيل آهي!
***
مون چيو ”تون خواب آهين“
تو چيو، ”ڇُهي ڏس تون
”ڪيمخواب جئن آهيان؛
”تنهنجي ٻانهن جي ٽاريءَ
”تي ٽڙي پَئي آهيان،
”ڪنهن گُلاب جئن آهيان“
***
مون چيو، ”گُلِ بخمل
”ڇو ڏسي رهي آهين
”هي ته تو جيان ناهي!
”تون هزار خوشبوئون
”هِن جو رنگ تو جهڙو
”بُو مگر ڪٿي آهي؟“
***
ماڪ جو ڪرشمو آ
رات رات ۾ مُکڙي
ڄڻ ٽِڙي پَئي آهي؛
بات بات ڄڻ تنهنجي
ڪنهن ستار جئن پياري
اڄ ڇِڙي پَئي آهي.
***
مون کي جئن چمين ٿي تون
تنهنجا چَپ شعلن جئن
منهنجا چَپ ٻارِن ٿا،
تنهنجا پيار اي سَرتي
وارَ وارَ تي منهنجي
ڪائنات وارِن ٿا.
***
نيٺ هي ڇڻي ويندا
ڇَڏ ته گُل جوانيءَ جا
مُند ۾ ڇِنون پياري!
مُند ئي ته سڀڪجهه آ
ڳالهڙيون وڃي رهنديون
انت مُند جون پياري!
***
نيڻ نيرڙيون نهرون
وارَ ڀورڙا ناسي
روپ ڪڻڪ رنگ آهي،
ڪنهن سان پيار ٿي ويو آ؟
ڪنهن جي سنگ اڄ منهنجو
نينهن جو نِسنگ آهي؟
***
(المنظر هوٽل تي)
ماٺ ۾ سکي تنهنجي
چاءِ پي رهي آهي،
نيرڙِي ٽپهري آ-
تنهنجي جي ۾ جذبا
لهر لهر سنڌوءَ جئن،
سانت گهَري گَهري آ.
***
ٽارِ ٽارِ ٻانهُنِ ۾
تون ۽ هيءَ سکي تنهنجي
ڄڻ ٻه ڪويَليون آهيو؛
ڏات منهنجي ورهين کان
انب جئن ڦلاريل آ،
دير سان مليون آهيو.
***
ڪونجڙيون پيون ڪَرڪن
تو جيان اُنهن جو ڀي
دور جو سفر آهي؛
رات ڄام شوري جي
بي شمار تارن سان
تنهنجي منتظر آهي.
***
ڪانوَ پنهنجا ڪانگيرا
ڇو ڇڏي اُڏاڻا ها
نيرڙيَ ٽه پهريءَ ۾؟
ڪيتري نه ڪان ڪان هُئي
جا ٻُڏي وَئي آهي
سانت گهري گهريءَ ۾.
***
نيري اُڀَّ هي هيٺان
نيرا ڦول سيمل جا
سونهن سان سِمن ٿا پيا؛
روشنيءَ ۾ بجليءَ جي
تنهنجي نيري ساڙهيءَ تي
واءُ ۾ لڏن ٿا پيا!
***
ڪالهه مون سکيءَ تنهنجيءَ
کي ڇڪي چُمِي ورتي،
هُن چيو، ”ڀُلو آهين
”آءٌ هوءَ ڪانه آهيان
”ڪئن چوان ته اڄ تون ڇو
”پاڻ سان رُٺو آهين!“
***
تون بنارسي ساڙهيءَ
۾ ڦري رهي آهين
رنگ رنگَ پوپٽ جئن؛
تون جا پاڻ گُل آهين
پيار ۾ اُڏامن ٿا
تنهنجا انگَ پوپٽ جئن.
***
تون جا پاڻ گُل آهين
تون جا پاڻ پوپٽ آن،
ڪير تو جيان ڄاڻي،
’عشق خود تصوّف آ
’پنهنجي پيار ۾ آهي
’پاڻ کي پيو ماڻي.‘
***
پيار ئي مَڌوبَن آ،
پيار ڪِيتڪيون آهي،
پيار راڌڪا آهي؛
پيار سُر ڀريندو آ
پيار کان سوا منهنجي
بنسري ڀلا ڇاهي!
***
اڄ وري ملي آهين
تون جا اُروسي آهين
مان ئي تنهنجو سُرس آهيان
مان ئي تنهنجي سونهن آهيان،
مان ئي تنهنجو ڪرم هان،
مان ئي ماليداس آهيان.
***
بنسري وڄـٖـي ٿِي پئِي
آءٌ، ميڙ گوپين جو،
جيءُ منهنجو جمنا جئن،
ڇانورو ڪَدم جهڙو
مورَ ٽورَ ۾ آهن
تون اچين ٿي راڌا جئن.
***
تو جيان ڪَوي آهيان،
ليءِ ۾ بنسري آهيان،
ڇانوَ ۾ ڪّدم آهيان؛
اي 1ودياپتي‘ تنهنجو
آءٌ ٻيو جنم آهيان.
***
عشق کي به ڄڻ آهن
ڪنهن عقاب جئن گهُنگهرو
جهڙپ ڏٖي ته ڇم ڇم ٿئي؛
اي اکيون اڃا ترسو
پوءِ هُن سان ڳالهايو
هي هجوم ڪجهه ڪَم ٿئي!
***
مون گهڻو ڇُپايو، پر
مرگهه جي کٿوريءَ جئن
ڦهلجي وَئي آهين؛
مان گهڻو جهُڪايان پر
تون سندم نگاهن جو
طرف ٿي وَئي آهين!
ڀَرتَ ڀَرتَ ڪُڙتي مان
مان سندءِ انارن کي
راهه تان ڏسان ٿو پيو؛
ڪَنڌ کي جهُڪائي تون
مُرڪندي هلي ويئينءَ
مان اڃان ڏسان ٿو پيو.
***
آءٌ تنهنجي ڀرسان هان-
انب تنهنجي ڇاتيءَ تي
اِئن لُڏي رهيا آهن،
ڄڻ ته ڪوئي واچوڙو
اوچتو اچي ويو آ،
وڻ ڌڏي رهيا آهن.
***
ڀرتري هريءَ وانگر
ڪالهه هي چيو هو مون
”رات جيڪا گذري وَئي
”چاندنيءَ ۾ چمڪي
”ڄڻ ته لهر سنڌوءَ جي
”سمنڊ ڏانهن موٽي وَئي“
***
رات مُنهنجي زخمن تي
پنهنجا چَپَّ مرهم جئن
تو رکيا هيا پياري،
منهنجي روح ۾ ڪيڏا
ڪالهه گلاب ڪاري جا
گُل ٽڙيا هيا پياري!
***
مان جو تنهنجي پهلوءَ ۾
روز ايئن سمجهان ٿو
زندگيءَ جو ميلو هان،
ڪنهن کي هي ٻُڌايان مان
هر خوشي غم آميز آ
مان جڏهن اڪيلو هان.
***
اُسَّ ۾ ڪَڙهي پياري
تنهنجي سائي وڻ هيٺان
پلَ ٻه چار ويٺو هان،
تنهنجِيَ چهچ ٽاريءَ جئن
هيءَ ڳراٽڙي، منهنجو
آ بچاءُ آرهڙ کان.
***
چنڊ چوٿ جو آ، يا
سينڱ ڪام جي آهي!
راتڙي ٿڌيري آ،
ها، اڃا ته آرهڙ آ
پو به انگَ چئن آهن
پيار مُند ڦيري آ.
***
تون اڃا لڄاري آن:
اِئن ڇُهاوَ ۾ پياري
مون سان تنهنجي ڇاتي آ،
رات جي ڪَسوٽيءَ تي
چنڊَ بانڪيءَ وانگر
ڄڻ ته ليڪ پاتي آ.
***
شام ٿي وَئي آهي
پيار ۾ کڙي آهين
نِير جي لڙِي آهين؛
دير ٿي وَئي آهي
تون وڃڻ نه ٿي چاهين
ڪيتري ڪڙِي آهين!
***
شام آهه سانوڻ جي
تو چيو، ”وڃان ٿي مان
”ٿي اچي گهٽا ڪاري“؛
چَڳَّ کي چُمي تنهنجي
مون چيو ته ”ترسي پَئهُ
”رات آهه متواري“
***
مُرڪندي اچين ٿي تون
چَنڊَ جيئن ماٿـٖـي تي
بِنديا لڳائي ٿِي،
ڪا جُڳن جي جوت آهي
جا اُداس نيڻن ۾
اوچتو جڳائِي ٿِي.
***
آسمان ۾ بادل
آءٌ ۽ جڳت لِيلا
پيارُ ڪيئي پرڇايون!
مينهن ٿو پوي ڏاڍو
دل چوي پئِي ته اڃان
رات تائين ڳالهايون.
***
ماٺ ميٺ ۾ بيٺا
ڏينهن جو ڏسي توکي
ڀانءِ ڪُجهه ته سوچن ٿا،
سرَوَ جا ٽِڪُنڊا وڻ
ساري رات ٽيڙن سان
جو رهاڻيون ڪَن ٿا.
***
اُڀَّ ۾ ڪتيون ڏسندي
هُن چيو، ”سکي، سَيّان
”اڄُّ رات ڪونه آيو،
”پهر رات باقي آ
”چِتُ چَين ڪِئن پائي
”هاءِ هاءِ ڇو نه آيو!“
***
”روز ڪيف آهين
”چاندنيءَ جي پاڇي ۾
”روز روز پيئين ٿو!
”ڇو رُسي ويو آهين
”جام جي سهاري ڇو
”مون سواءِ جيئين ٿو؟“
***
اڄ تو پنهنجي سيني تي
گُل عجيب مينديءَ سان
ويهي ٺاهيا آهن،
رنگ هِي ڪٿي ڪنهن ۾
ڪيئي گُل پرين منهنجا
مون به چاهيا آهن!
***
تنهنجي سار آئي آ
اڄ ته چنڊ سانوڻ جي
اِئن پِڙِي هنئين آهي،
ڄڻ ڪلال جي در تان
مَٽَّ مان ڀري وهه جِي
مون وٽي کنئي آهي.
***
ڇا ڇُپائي ٿي پنهنجو
چولڙي چُني جو هن
رنگ ۾ رڱائي آ؟
ونئڻ پهرين ڦُل ٻاٽي،*
گوگڙا اڃا ڪونهن
ٿر اُڀي(1) مان آئي آ.
***
تون ڪٿي ڇُپي وَئي آن؟
مشعلون ٻريون آهن
اڄ شبِ برات آهي؛
تنهنجا نيڻ جو ڪونهن
ڪيتري انڌيري اڄ
منهنجي ڪائنات آهي!
***
مانڙي نه ٿي اُڄَهي
ڪائي واٽ تي ويندي
چُڪَّ ٿي وَئي آهي
راتڙي نه ٿي گذري
پيار ۾ اُداسائي
ڪا ڇُپي وَئي آهي.
***
تنهنجا سَڏّ سرنايون
منهنجي من ۾ ڄڻ ڪيئي
آسمان اُڀرن ٿا؛
چاندنيءَ ۾ چؤراها
واسُ واسُ وڻراهون
سَو جهان اُڀرن ٿا.
***
تنهنجا ڳل لڳن ٿا اِئن
ڄڻ هزار ڦلواريون
رنگ ۾ رُليل آهن؛
مان وري اُڏامان ٿو
توڙي پيار ۾ منهنجا
پر اڳي جليل آهن.
***
چهنب چهنب سان لائي
تار تي ٻه پاريهر
پيار ۾ الوٽ آهن؛
سي چميون ڪٿي آهن
منهنجا چَپَّ اڄ جن کي
ايترو پيا چاهن!
***
اُن سوا اڌورو مان
سونهن آ لِکيو منهنجو
سونهن منهنجو ڀاڳُ آهي؛
سونهن کان سواءِ دنيا
خواب جئن اجاڳ آهي.
***
راتڙي جُهڙالي آ
آسمان تي تارا
ڪي ٻه ٽي رهيا آهن،
اڄ ته تنهنجي لوئيءَ ۾
انگ منهنجي ٻانهُن لئَه
ڄڻ اُتاولا آهن.
***
تنهنجي آلي سيني تي
اي اُتاولي، منهنجا
چَپَّ لوڻ لوڻ آهن؛
تنهنجي منهنجي ڀاڪر ۾
پيار جا سوين سپنا
ڄڻ ته جوڻ جوڻ آهن!
***
هي پگهر هي اونهارو
ڪيتري طلسمي آ
تنهنجي پيار جي خوشبو!
مَٽ نه آهه متوالي
تنهنجي آلي سيني سان
ڪا بهار جي خوشبو!
***
وائُرو ٿڌيرو آ
تنهنجي سار اي سَرَتي
سارِي رات جهڪي ٿي؛
اُڀ تي انڌيرو آ
پيار جي اَمر جوتي
ڏيئڙن ۾ ٽمڪي ٿي.
***
اي گُلاب جئن جانان
تون شگفته رهڻي آن
منهنجي شاعريءَ وانگر،
تون سدا حيات آهين
موت جي شڪست آهي
شعر عاشقيءَ وانگر.
***
ڳَهر لهر جئن آئي
ساري رات سَرتن سان
مَڌُّ پي مون پڇتايو؛
ماڪ مانگهه جي منهن تي-
باک جو اُٿي در مان
تو ڏٺو ته ڪو آيو؟
***
مانگهه جي هوائن ۾
پاپڙيون سرنهن جون اڄ
رات پيئي کڙڪائي؛
سيءَ جو سياٽو آ
سِجَّ جيئن ڇاتيءَ سان
ڪاش، ڪو اچي لائي!
***
مون تڏهن به ڄاتو هو
لاڙ جي هوائن جئن
مان ڪڏهن هليو ويندس؛
زرد ڦول ٻٻرن جا
واٽ تي ڇڻي پوندا
مان جڏهن هليو ويندس.
***
ڏس، هي عطر جو شيشو
اوتجي ويو آهي
پو به اُن ۾ خوشبو آ؛
ياد ٿيون اچن جانان
سي ڳراٽڙيون تنهنجون
جن جو اُن ۾ جادو آ.
***
تون جڏهن هئينءَ مون سان
اِئن لڳو پئي ڪَؤتا
ڄڻ ته بي چسي آهي،
تنهنجي سار آئي آ
منهنجي ڏات اڄ مون تي
مينهن جئن وسي آهي.
***
مون کي پنڇي پيارا ها
ڪالهه جي اُڏامي ويا
چار ٻولڙيون ٻولـٖـي؛
اڄ اُداس بن ۾ پَئي
اي اياز ڪالهوڪِي
ڪوڪ ڪويَليون ڳولـٖـي.
__________
* ڦل ٻاٽي – ونڻن ۾ گوگڙن کان اڳ ڦل ٻاٽي ٿيندي آهي
(1) ٿرُ اُڀو – اُٻاوڙي پاسي واو ٿر
ٽہ سٽا
ڏولائو ڏيئي
جنهن ٽاريءَ مون پيرڙا
مُڙي سا ويئي.
***
ڪيڏو ڊانوا ڊول
ڀَو – ساگر جي ڀـٖـيرَ ۾
مانِکُ جنم امول!
***
مان، تنهنجو سوداءُ
جنم اَڪارٿ ٿو وڃي.
اچڻو آنهه ته آءُ!
***
ناهي رات اَناسُ
پرڀاتي تاري ڏنو
وِشوَ مٿان وشواسُ
***
ڏونگر نه ڏرندو،
’ڪبير‘ جَپڻِي ڪاٺ جِي
تنهن مان ڇا ورندي؟
***
ڪنهن جي چوڻي آ؟--
”نيٺ ته گهاگهر جَل – ڀَري
”ٽُٽي پَوڻي آ.“
***
ڏُکّ ڏَنَئه اِئن يارَ
ڦَلُّ ڪِري جئن ڀونءِ تي
لڳي نه ٻيهر ٽارَ.
***
ساهتيه سائين؟
متان اکيون نانگ جون
ماڪ ڦڙا ڀائين!
***
هيءَ جا منهنجي سِٽَّ،
نرمل بوند آڪاس جِي
چمپا مٿان چِٽَّ!
***
ڇا هو نه ايندو؟
نديءَ ناوَ سنجوڳُ ڇا
ٻيهر نه ٿيندو؟
***
ٻُجهي وڃي جي لاٽَ،
هيءَ جا ڪاجَل ڪوٺڙي
ڇا اِن مان ڪا واٽ؟
***
پاڇو ۽ پاڻي-
ڪياماڙيءَ جي موڙ تي
*ڏوئل اُڏاڻي.
***
مان؟ ڌرتي جيڏانهن-
پکي ته اُڏري ٿا وڃن
آءٌ وڃان ڪيڏانهن!
***
اديون، هي اسرار
هي جو ڪويل ڪوڪ ۾
آ پورو پولار!
***
گيڙوءَ ۾ پرسن-
مورکُ سانجهيءَ سُنَّ ۾
ريٽو رڱيّ نه مَن!
***
”رڳو هيءُ جنم!“
اڄ دل کولي ٻاڦيو
مکڙيءَ پنهنجو غم.
***
خالي آکيرو-
ڪنهن جا پنک هيا اِهي
ڪنهن جو بسيرو؟
***
ڏي نه ميارون تَن
اي مومل! هر رات جو
راڻا رِڻ نه ٽپن.
***
سرتِي سائو پَنُ—
مينهن ڦُڙين کان پوءِ تنهن
نت نئون جوڀن!
***
مهڪون ئي مهڪون
پڳ پڳ پَٻُرَ ڦَليا
لُڪن ۾ لهڪون.
***
چَڙن پڙاڏا-
اوٺيئڙا اڳتي ويا
لڪَّ لنگهي آڏا.
***
ٿريليون ٿُوهَن-
لهرين مٿان هنج ٿا
جيئن سُواري ڪَن.
***
ڪيڏيون اُڏارون،
چنچل چِتا وانگيان
هي تنهنجون سارون!
***
متان لائين ڏينهن!
ڇَنا هيل ڇڄي پيا
موٽُ وسندي مينهن.
_________
* ڏوئل – سمنڊ جو پکي، جنهن جي وڏي چهنب ٿيندي آهي.
تو به نه لڌي سارَ
مون مارينديون اوچتو
مانگڙيون ميهارَ!
***
نيڻن ڪٽورا
تن مان پيئڻ ڏينهڙا
باقي ڪي ٿورا.
***
منهنجا نيڻ هَرڻ
تو پويان ڊوڙيا پرين
ٻيهر اُڃَّ مَرڻ!
***
ماڻا نه ماڻا،
هٿن چوڙيون ڍليون
پرينءَ پڄاڻا.
***
اِتي ئي ايندو،
ورَت ڇڪيندي سُپرين
مون کي گهر نيندو.
***
پويان پاڇولا-
واسي ويا وڻراهه کي
ٽولاڪين ٽولا.
***
ڇڪجي اڄ ڇا۾
ڪَنچن – ورڻيون ڪامڻيون
آيون سنجها ۾؟
***
ڇڻندو واريءَ تي
چَنڊ به پيلو گُل آ
سنجها ٽاريءَ تي.
***
ٻيڙي نيندو ڪيئن؟
هيءُ پتڻ تي سِڙهه پٺيان
چنڊ خلاصيءَ جيئن.
***
پوي ٿو پارو،
وَٽي وِهه ڪلال جـٖـي
پويون متارو.
***
ڇا ڪنهن کي سکڻي،
روهاکين جي روهه تي
لاکيڻِي لِکڻي؟
***
هيکل اُڏارون-
ڪارونجهر! ڪاڏي ويون
ڪؤنجن قطارون؟
***
گهنگهر ۾ گهاريون
ڪيسين تنهنجا سانورا
سنيهڙا ساريون؟
***
مَٽَ اُهي ماپا!
ڪلالڪي هَٽَّ سان
لاهه نه لاڳاپا!
***
هاڻي ڪُڄاڙو؟
سُڌِّ نه رکيئَه سچ جي
توري تُراڙو.
***
ڇا ڇا منهنجي مَن-
پوياڙيءَ جو پَٽَ تي
چڙيون چؤن چؤن ڪَن.
***
ڀَلِي پارا پَؤ
ڳاڙها گُل مرجهائيا
هاڻي ڪهڙو ڀَؤ!
***
سانجهيءِ جي ويرا،
اَيا ڇا کان لهرجي
پيشانيءَ پيرا؟
***
ڪيئن اُجهاڻا جامَ؟
منهنجي دل اِئن سرد جئن
نٿيا گليءَ شامَ!
***
تاڙا اَڀاڳا!
ساڳيون تنوارون اڃان
تڙ ڪٿي ساڳا؟
***
اڄ جو مينهُن مٿان
وُٺو ڇٽڪِي ڇوهه سان-
ويٺو آءٌ لکان.
***
ڀُنءِ ساري ڀنڀٽ،
ڍانڍيئڙي ڀڙڪو ڏنو-
گاڏيءَ جو چيڪٽ.
***
بُکيا مڙساڙو-
ڍاوَن کان به ڍڪڻ کپن
اَڙِي هي آڙُو!
***
ڪارو ميگهه مٿي
*مينهون ’سوئڻ‘ گاهه ۾
ڪيٽي بندر تي.
***
(1)کنڀوءَ اُڏارو-
چمڪي پَئي چُنج ۾
(2)اُن جي ڦهيارو.
***
ويڙهي ۾ وڻُ جيئن،
دنيا ناهي ڌيئڙي
بابَل – اڱڻ جيئن.
***
چندرما ڪاپو،
* هيٺان پَٽُ ڪبير جو-
اهڙو جياپو.
***
اجهو اُڏريون سي
(1) ٻيڙيءَ پاڇل ڪانگڻيون-
ڪينجهر سِجَّ لٿي
***
جاچيئَه ڪونه جڏا
ڏاها تو ڏيرٖي هُيا.
وَرڻ کان به وڏا!
***
اَرهو اونداهو-
تو جو لاٿو لالڻا
اَگهيءَ تان آهو.
***
جيڏي چنگَ چڙن
تيڏي سانوڻ چَنڊ کي
آهي تانگههَ تَڙن.
***
ڀُنءِ يا ڀيرؤ سُر!
ساجن سارو سوجهرو
اکيون باکَ اَڳرُ.
***
جُڳُ توڙي جيءَ ۾،
انڌا! آءٌ اننت هان
تنهنجي ٻوليءَ ۾.
___________
* سوئڻ – گاهه، جوڪيٽي بندر تي ٿيندو آهي.
(1) کنڀو – سمنڊ جو هڪ پکي
(2) ڦهيارو – سمنڊ جي سنهي مڇي
* ڪبير جو پَٽ – هڪ وستي
(1) پاڇل – ٻيڙيءَ جو پويون حصو
وايون
سڄڻ جو ساريان
مون کي اَرٽ نه اُڄهي
سپنا سڀ ڄمار جا
ويهي ڪئن واريان!
مون کي اَرٽ نه اُڄهي
اڱڻ مٿان ڪانگڻيون
ڪيسين نهاريان؟
مون کي اَرٽ نه اُڄهي
ڪاوا، ڪوڏيون، ڪَنجرا
ڪيسين اُجاريان؟
مون کي اَرٽ نه اُڄهي
ڪيسين وِنگيءَ ٽَڪُّ تي
مان ڳوڙها ڳاريان؟
مون کي اَرٽ نه اُڄهي
اَڻ – ڏٺا اوٺارَ
منهنجا جيءَ جيارَ
ايندم نيندم ماڳ تي
آءٌ اُئين ئي پنڌ ۾
آيو سِجُّ ڪَپارَ
ايندم نيندم ماڳ تي
واٽون ڦُلن ڇانئيون
سانگيئڙن جـٖـي سارَ
ايندم نيندم ماڳ تي
هُو جي اچڻا اوچتو
مون کان مُور نَه ڌارَ
ايندم نيندم ماڳ تي