تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جي تعليم جا اصول

ھي ڪتاب علم تاريخ جي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ گائيڊ بڪ آهي. هن ڪتاب ۾تاريخ بابت مختلف سوالن جين:  تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ تاريخ ڪيئن پڙهجي، ڪيئن لکجي؟ تاريخ لکڻ جي طريقن بابت ليک شامل آھن.

Title Cover of book تاريخ جي تعليم جا اصول

ٻين ماخذن جو استعمال

لکيل رڪارڊ کان سواءِ ۽ سڪن، اوزارن ۽ ٿانون کان سواءِ ٻيا به تاريخي ماخذ آهن. سڪن ۽ اوزارن وغيره کي استعمال ڪرڻ تاريخ جي استاد لاءِ تمام ڏکيو آهي. ساڳئي طرح ڪتبن ۽ ٽامي ۽ پتل جي پليٽن کي به اسڪول ۾ استعمال ڪرڻ ڏکيو آهي. پر تحريري رڪارڊ ۽ تصويرون ۽ ڪي جهونا سڪن جا نمونا تاريخ جي ڪمري ۾ رکيا وڃن، ته استاد سولائيءَ سان تاريخ پاڙهيندي اُهي استعمال ڪري سگهندو.

مٿي ڏنل ماخذن کان سواءِ ٻيا ماخذ به آهن، جن کان تاريخ جو استاد سولائيءَ سان ڪم وٺي ٿو سگهي مثلاً:

(1) تاريخ جو استاد پنهنجي شاگردن کي ڪلاس ۾ ويهاري پاڙهڻ جي بدران تفريحي سير تي وٺي وڃي ٿو سگهي، کين تاريخي قلعا ۽ ڪوٽ، عمارتون، جهونا آثار ۽ جايون ۽ جنگين جا ميدان وغيره ڏيکاري سگهي ٿو.
(2) تاريخ جو استاد پنهنجي ڪلاس کي ڪڏهن ڪڏهن تاريخ جي ميوزم جو سير ڪرائي سگهي ٿو ۽ ميوزيم ۾ رکيل جهوني زماني جا هٿيار، تصويرون، زرهون، جهنڊا، ڪپڙا، سڪا، دستاويز ۽ ٿانوَ ۽ گذريل مک ماڻهن جون لکيل چٺيون ۽ ڊائريون ڏيکاري ٿو سگهي. ميوزم جي سير کان پوءِ تفريحي سير تان موٽي اچڻ کان پوءِ ضروري آهي ته استاد ٻارن کي ڪلاس ۾ ويهاري ڏنل شين بابت سمجهاڻي ڏئي ۽ ساڻن سوال جواب ڪري، تنهن کان پوءِ ٻارن کي چوي ته سير بابت مضمون لکن ۽ ڏنل شين جا ڊائگرام ٺاهي ڏيکارين.
بهتر ٿيندو جو هر اسڪول جو هيڊ ماستر ريلوي آفيسرن جي مدد وٺي، سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي ڀيري شاگردن کي تاريخي جاين جو سير ڪرائي. ڀارت ۽ پاڪستان جا علائقا وڏا آهن. تنهن کان سواءِ بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هزار ميلن جو مفاصلو آهي، پر جدا ٿئي ٽنهي ملڪن کي ڪي سال ئي مس گذريا آهن. جڏهن هر سال ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا اسڪولي ٻار اسان جي ديس م سير ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، تڏهن اسان جي استادن ۽ آفيسرن جو هيءُ فرض ته پورو ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي شاگردن ۽ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي قريبي ملڪن جي ۽ خود پنهنجي ملڪ جي مختلف صوبن جي مشهور تاريخي جاين جي سير جي لاءِ سولائي پيدا ڪن، ته ٻارن جا دماغ کلن، سندس ذهنن ۾ دوريءَ ۽ سندن زندگيءَ جي تجربن جا ذخيرا وڌن ۽ وسيع ٿين ۽ تعصب جا پردا هٽن ۽ تجربا وڌن.