سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ نثر نگار عبدالغفار تبسم جو سفرنامو ”زندگي تنھنجا رنگ ھزار“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا جو ھي سفرنامو عبدالغفار تبسم جي خوبصورت شاعراڻي رنگ جي ڪري بلڪل نرالو لڳي ٿو. سانا جي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ تبسم سنڌين جي سوچ تي آمريڪا جي ماحول جي صحتمند اثر سان گڏ اتان جي ماڳن مڪانن ۽ ثقافت کي پڻ ڀلي ريت لکيو اٿس. ھن نئين ۽ سڌريل دنيا جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل ترقيءَ سان گڏ آمريڪا جي ثقافت جا ڌنڌلا ماپا ۽ ماڻا پڻ نقش ڪيا آھن،
ھي ڪتاب 1994ع ۾ خليل جبران پبلشرز نئون ديرو پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.