ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

هڪڙي هئي ليلا ۽ هڪڙو هو چنڊ

آدرشن جي اَسونهين واٽ تي اڄ هن ريل جي پٽڙي وانگر هي به خاموش هن اسٽيشن تي ٻرندڙ بلبن جي روشنءَ ۾ گم ٿي ويو آهي. ڄڻ ڪوفيوز ٿيل بلب آهي. اڪيلو اڪيلو رڻ واٽ تي هي اڄاتي منزل جو راهي ڇاٿو چاهي، ڪو ڪُتو دور پيو باهي، جيڪو هن جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀوئنڪي رهيو آهي. دُور دُور ٿوهر جو جهنگ آهي ۽ ننگا پهاڙ ۽ پيچرا آهن جن تي وٺو آهي بهار جو پهريون وسڪارو. بادلن جي اکين مان خوشي جا لڙڪ ڳڙيا آهن.
“تون ڪيرآهين”؟، هن کان ڪنهن پڇيو. ۽ پوءِ هن چيو “آئون ماڻهو آهيان. پنهنجي وڃايل ماڻهپي جي تلاش ۾ آهيان. تون ٻڌائي سگهندين ته تو ڪڏهن هتي ايندي ويندي ڪٿي آدميت جو ضمير ڏٺو آهي. جڏهن انائن جون جنگيون لڳيون تڏهن .........آدميت جو ضمير، آدميت جو ضمير........؟”
هي ڪهڙا پور لٿا آهن ذهن جي ڀڙڀانگ ڀٽن تي. هن ڪنڊيءَ جي وڻ تي خدا ڄاڻي ڪهڙو پکي ٻولي رهيو هو.
هتي پري کان پهاڙن جهڙا مضبوط لڳندڙ ماڻهو به وهمن جي ڪمزور نوڙيءَ ۾ اٽڪيل آهن. ڪتن ۽ گدڙن جون اوناڙون آهن. رات جي گج تي مڙهيل ستارا هن جي اکين جي سانتيڪي ڍنڍ ۾ لهرون پيدا ڪري رهيا آهن. رات ۽ هي ريل جي پٽڙي. هن جي ننڊ اکڙين اکين ۾ هڪڙي هئي ليلا ۽ هڪڙو هو چنڊ.
مون کي ته ان پار وڃڻ کپندو هو جتان منهنجي مستقبل جي ليلا اچڻي آهي. سيٽي ته نه ڄاڻ ڪڏهن وڄندي. دُور هن مندر جا گهنڊ ته آئون الائي ڪيئن ٻڌي سگهندس، جنهن سان لمحي پل جي لاءِ ئي سهي خاموشي ڀور ڀور ٿيندي.
رات شروع ٿيڻ کان باک ڦٽيءَ تائين جھنگ جي مخلوق جا هلڪا آواز ۽ پڙلاءَ آهن. هو جاڳ ۽ ننڊ جي پل تي ٽهلي رهيو آهي. هي آوازن کي پڪڙڻ لاءِ هٿ ڦهلائي ٿو. خدا ڄاڻي منهنجا ڪن ٻوڙا آهن يا زبانون زنگجي ويون آهن. زبانن کي تالن جو تصور به عجيب آهي.
ريل جي پٽڙي، هن جي کليل ٻانهن وانگر ڪنهن جي آجيان لاءَ منتظر آهي. هن مختصر اسٽيشن کان ڏکڻ پار آهي ڄام تماچيءَ جي گهري گهري ڍنڍ، جنهن تي چنڊ چمڪي رهيو آهي. گدلو گدلو چنڊ. ڍنڍ جي ڪنارن تي آهن وٿيرڪيون ٻيڙيون ۽ ڏينهن جو تڙڳي تڙڳي پل تي آباد آکيرن ۾ ويٺل پکين جي خاموشيءَ تي حيرت کائڻ جي ڪهڙي ضرورت!
هي ريل جي پٽڙي خدا ڄاڻي هن ملڪ جي نقشي ۾ ڪٿي ڳولي سگهبي جنهن جي کاٻي ۽ ساڄي آهن وساڻل وساڻل ماڻهو ۽ خاموشي. اف! هي ساهه گهٽيندڙ ماٺار ڪٿان ڇانئي آهي. بهار جي آمد ۽ ڦڙين تي ٺهه پهه وڻن تان مير لٿي آهي پر ماڻهن جي دلين تان مير ڪيئن لهندي؟
هن کي لڳي ٿو ته سندس ذهن تي ڪوريئڙي جو ڄار اڻجي ويو آهي جتان گذرندڙ سڀ آوارهه خواهشون ڦاسي پيون آهن. آئون پنهنجي اندر مان نڪرندڙ ٽهڪن کي دٻائي نٿو سگهان. هيءَ کل، سچ پچ ته پهريون ڀيرو پنهنجي پاڻ تي ئي کل اچي وئي آهي. ڪمال آهي ڪهڙي به بهاني کل اسان جي چپن جي مختصر اڱڻ تي ڀيرو ته ڀڳو.
ڌڙام، ڌڙام، ڌڙام.... اهو مندر جو گهنڊ آهي. خاموشي پرزا پرزا ٿي رهي آهي. مرڪ هن جي چپن تي آئي ۽ موٽي وئي ، شمشان ڀومي ٿورو پريان آهي، جتي آتمائون رقص ڪري رهيون آهن. ڪاش آئون ڪنهن ڇير جو ڇمڪو ئي ٿي سگهان ها ۽ خاموشي ۾ ڪو ٿرٿلو مچايان ها. مون اڃا ڪالهه ئي پنهنجي ليلا کي ياد ڪيو هو. آءُ منهنجي مستقبل جي ليلا ! آئون سچ پچ ته تنهنجي تلاش ۾ آهيان. منهنجي اکين جا سڀ منظر شاهد آهن ته آئون کانئن پڇندو رهندو آهيان.
او منهنجي مستقبل جي ليلا! مون کي ته اها شام ئي وسري وئي آهي . ڌنڌلي ڌنڌلي شام، وڻ جي لام تي ويٺل پکيءَ سُر ملايو هو ۽ مون نعرو لڳايو هو. هوش هواس مان نڪري جو مون نعرو لڳايو هو سو نيٺ منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. هڪڙي هئي ليلا ۽ هڪڙو هو چنڊ.
آدرشن جي پل تان گذرڻ جي سکڻي خواهش کڻي نڪتل هي ماڻهو ريل جي پٽڙي جي ڪوڀ ۾ ٺهيل مختصر اسٽيشن تي رات گذارڻ خاطر ويٺو آهي. ٽنگون ڊگهيريندي هن جي اکين ۾ ڦٽندڙ خواهشون ننڊ ڳهندي ٿي وڃي. چنڊ هن جي ننڊ کان وٿيرڪو وٿيرڪو اکين جي آسمان تي، ننڊ جي واٽ تي گڏوگڏ هلي رهيو آهي.

“اي چنڊ!
تون محبت جي راتاهن تي
مورخ وانگر
ڪي گهرا گهرا گهاءَ سبي سگهندين!
تون اسونهين واٽ تي جوڙيل
منهنجي آدرشن جي پل تي بيهي
مون لئه ڀٽڪيل راهه لهي سگهندين
جتان تنهنجي چانڊوڪيءَ جو سنهڙو
چولو پائي
منهنجي آدرشن جي ليلا اچڻي آهي.”

اوچتو گاڏيءَ جي سيٽي ننڊ ۽ جاڳ جي پل تي کينچلون ڪندڙ مڙني خيالن کي وکيري ڇڏيو ۽ پوءِ هي الائي ڪيڏي مهل ريل جي هڪڙي گاڏي ۾ چڙهي ننڊاکن مسافرن ۾ گم ٿي ويو.