ناول

اک سور

بنگالي زبان جي نوبل انعام يافتہ  عظيم شاعر، فلسفي ۽ تعليمدان رابندرناٿ ٽئگور مغربي دنيا ۾ فلسفيءَ کان وڌيڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽئگور بنگالي ادب ۾ ڪلاسيڪي سنسڪرت بجاءِ عوامي ٻولي بنگاليءَ جو استعمال ڪيو ۽ هندستاني معاشري جي ڪن خاص پهلوئن کي مغرب سان متعارف ڪرايو. ٽئگور جو فڪر مذهب ۽ فلسفي جي ميلاپ مان وجود ۾ آيل آهي.  گرديو جو ھيءُ ناول سندس سڀني ناولن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو آھي ۽ پھريون نمبر ليکيو وڃي ٿو. اصل ناول بنگالي زبان ۾ 1902ع ۾ لکيو ويو ھو. 

Title Cover of book اک سور

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري بنگالي ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگور جي لکيل مشھور ناول جو سنڌي ترجمو ”اک سور“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار چوھڙ مل ھندوجا آھي. 
بنگالي زبان جي نوبل انعام يافتہ  عظيم شاعر، فلسفي ۽ تعليمدان رابندرناٿ ٽئگور مغربي دنيا ۾ فلسفيءَ کان وڌيڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ٽئگور بنگالي ادب ۾ ڪلاسيڪي سنسڪرت بجاءِ عوامي ٻولي بنگاليءَ جو استعمال ڪيو ۽ هندستاني معاشري جي ڪن خاص پهلوئن کي مغرب سان متعارف ڪرايو. ٽئگور جو فڪر مذهب ۽ فلسفي جي ميلاپ مان وجود ۾ آيل آهي.  گرديو جو ھيءُ ناول سندس سڀني ناولن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويو آھي ۽ پھريون نمبر ليکيو وڃي ٿو. اصل ناول بنگالي زبان ۾ 1902ع ۾ لکيو ويو ھو. 
 ھي ڪتاب 1973ع  ۾ ساھتيہ اڪيڊمي، نئين دھلي  پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي