تاريخ، فلسفو ۽ سياست

زرعي سوال

سنڌ بنيادي طرح ھڪ زرعي خطو آھي. هن ڪتاب ۾ زيرِ بحث موضوع، زرعي غلامي ڪٿان آئي؟ ۽ زمين جي مالڪي، اقتصادي ۽ سماجي عمل، زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ ۽ زرعي بدحالي جو حل صنعت ڪاري ۽ ٻيا اهڙا تہ اهم سوال آهن جيڪي زرعي (ايگريرين) سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آھي جنھن سان جاگيرداري نظام مان جند ڇٽڻ ۽ سماجي برابري جو معقول نظام آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪتاب جو مھاڳ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري لکيو آهي. اميد آهي تہ هي ڪتاب ”زرعي سوال“ سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. 

  • 4.5/5.0
  • 39
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زرعي سوال

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: زرعي سوال
ليکڪ: ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو
ڇاپو: پهريون
تعداد: 1000
ڇاپي جو سال: مارچ 2023ع
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: مصور منگي
ڇاپيندڙ: پروگريسوِ ٿنڪرس فورم سنڌ
قيمت: 550 روپيه
ڪتاب نمبر: 05

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
سنڌ جا سمورا بوڪ اسٽال

لکپڙهه لاءِ:
بنگلو نمبر 157،
سچل ڪالوني، لاڙڪاڻو سنڌ.
Email: faizyanthropologist@gmail.com
0331-3691175

ارپنا

سنڌ جي
مظلوم ۽ محڪوم
ھارين جي نانءُ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر احمد نواز ھڪڙي جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ”زرعي سوال“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو، جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر احمد نواز ھڪڙو آھي.
سنڌ بنيادي طرح ھڪ زرعي خطو آھي. هن ڪتاب ۾ زيرِ بحث موضوع، زرعي غلامي ڪٿان آئي؟ ۽ زمين جي مالڪي، اقتصادي ۽ سماجي عمل، زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ ۽ زرعي بدحالي جو حل صنعت ڪاري ۽ ٻيا اهڙا تہ اهم سوال آهن جيڪي زرعي (ايگريرين) سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي آھي جنھن سان جاگيرداري نظام مان جند ڇٽڻ ۽ سماجي برابري جو معقول نظام آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪتاب جو مھاڳ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري لکيو آهي. اميد آهي تہ هي ڪتاب ”زرعي سوال“ سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ھي ڪتاب پروگريسو ٿنڪرز فورم، حيدرآباد پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر احمد نواز ھڪڙي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

پروگريسوِ ٿنڪرس فورم سنڌ جي طرفان هي پنجون ڪتاب ڇپايو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي سياسي، معاشي غلامي کي سمجھڻ واري سوال کي زيرِ بحث آڻي ٿو. ليکڪ ان کي “زرعي سوال” جي نالي سان لکيو آهي. پر حقيقت ۾ اهو ڪتاب سنڌ جي اندر زرعي سوال کي سمجھڻ ۾ مدد ڪندو. اداري، سنڌ جي ان سوال تي لکڻ ۽ عام عوام ۽ سياسي ڪارڪنن ۽ خاص طرح سان هاري سوال جي ضرورتن کي سمجھندي، قلم کڻڻ جي همت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ئي مانواري ليکڪ ان موضوع تي لکڻ جي همت ڪئي. هي اهم لکڻيون سنڌيءَ جي هڪ گهڻي پڙهي ويندڙ اخبار ۾ ان ڪري به لکيون ويون ته جيئن سنڌ جي زرعي سوال کي حقيقي طرح سمجھڻ طرف ڌيان ڏجي. ان بعد اهو فيصلو به ڪيو ته ليکڪ جي ان ڪتاب کي ڪتابي شڪل به ڏجي ۽ ان جي قيمت به مناسب رکجي ته جيئن عام ماڻهو ان کي پڙهي سگهن. اداري پنهنجا ڪتاب ڊجيٽل ويب سائيٽن تي آن لائين ان ڪري ڪيا آهن ته جيئن سنڌ جا ماڻهو ان کي آسانيءَ سان پڙهي سگهن.
هن ڪتاب ۾ زيرِ بحث موضوع، جيڪي هن ريت آهن، زرعي غلامي ڪٿان آئي؟ ۽ زمين جي مالڪي، اقتصادي ۽ سماجي عمل، زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ ۽ زرعي بدحالي جو حل صنعت ڪاري ۽ ٻيا اهڙا ته اهم سوال آهن جيڪي زرعي (ايگريرين) سوال کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا. پروگريسوِ ٿنڪرس فورم ان علمي ويچارن کي اڃا به وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. جنهن سان جاگيرداري نظام مان جند ڇٽڻ ۽ سماجي برابري جو معقول نظام اچي. هن ڪتاب جو مهاڳ هاري اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري لکيو آهي. آءُ دل سان شڪرگذار آهيان جو هن مصروفيت هوندي به وقت ڪڍي ڪتاب جو مهاڳ لکي، ان سوال کي وڌيڪ چٽو ۽ اجاگر ڪيو آهي. ان کان سواءِ مصور منگي جو به ٿورائتو آهيان جو ان ڪتاب کي ڪمپوز ڪيو ۽ ڪتاب جو ٽائيٽل به ٺاهي ڏنو. اميد آهي ته هي ڪتاب “زرعي سوال” سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.



محمد فاضل راهوجو
ايڊووڪيٽ
پروگريسو ٿنڪرس فورم سنڌ
جنوري 2023ع

ليکڪ پاران

زرعي سوال موجوده حالتن ۾ انتهائي اهم سوال آهي. ان کي نظرياتي ۽ علمي طور سمجھڻ گھرجي. زرعي سوال زراعت سان لاڳاپيل ڳنڀير معاملن کي سمجھڻ ۽ ان جا متبادل حل پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. زرعي سوال زمين سان لاڳاپيل ملڪيت جي نظام، هارين جي معاشي، سماجي حالتن کي سمجھڻ ۽ ان سوال کي انقلابي يا اصلاحي سياسي حل لاءِ راهه هموار ڪري ٿو.
پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ زرعي سوال کي تاريخي پس منظر ۾ سمجھڻ ان جي سياسي سماجي ۽ معاشي پس منظر کي سممجھڻ انتهائي اهم آهي.
زرعي سوال سان لاڳاپيل سياسي ۽ معاشي مقصد واضع، صاف ۽ سادا آهن. اهي مقصد واضع معناعن ۾ انساني غلاميءَ مان نجات ۽ مجموعي محڪومي ۽ استحصال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري بهتر انساني سماج اڏڻ آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته زرعي سوال کي پنهنجي ۽ بين الاقوامي مروج فڪرن ۽ عملن ۾ پرکجي. ان جي معاشي، سماجي، تاريخي ۽ سياسي پهلوئن کي اجاگر ڪري، سماجي لقائن ۽ واڌارن کي سمجھي حَل پيش ڪجن. پنهنجي چرندڙ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو ڪري ان جي مروج چالو قانونن، سماجي اٿلن پٿلن، طبقاتي جوڙجڪن ۽ سياسي اڏاوتن کي سمجھڻ کانسواءِ زرعي پسماندگين، غربتن ۽ بدحالين کي سمجھي نٿو سگهجي.
زرعي سوال اهڙين ۽ پيچيدگين کي سمجھڻ جو سوال آهي. جنهن سوال ۾ وسيع آبادين جي زندگين ۽ گذر سفرجو دارومدار آهي، سماجي جوڙجڪ ان تي بيٺل آهي. معاشي ڍانچو به ان تي ئي اڏيل آهي، جنهن ڍانچي تي معاشي طبقا، حڪمرانيءَ۽ محڪوميءَ جا نظام قائم ٿيل آهن. زمين تي قائم ملڪيت جو نظام ۽ وسيع اڪثريت جي سماجي بدحاليون به ان نظامن جو نتيجو آھن.
بھتر ۽ برابر سماج اڏڻ لاءِ عوامي جمهوريت ۽ پائيدار معاشي ڍانچا اڏڻ سان ئي لاڳاپيل سوالن منجھان زرعي سوال اھم سوال آهي. ان ۾ ئي حقيقي قومي ۽ سماجي سوال ڳتيل آهن. بنيادي سياسي ڪارڪنن کي زرعي سماجي سوال کي سمجھڻ ۽ لاڳاپيل سياسي تحريڪن لاءِ بيحد ضروري سوال آهي.
تاريخي طور زرعي سوال قومي نجاتن لاءِ اهم قومي سوال هو. اڄ جي سياسي حالتن ۾ زرعي سوال سماجي ترقيءَ لاءِ اهم قومي سوال بڻيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ايندڙ وقتن ۾ پيداوار، ماحوليات، کاڌ خوراڪ ۽ بهتر ۽ برابر سماجن جي اڏڻ ۾ وسيع عالمي اڪثريت لاءِ زرعي سوال لاڳاپيل سياسي بحث جو حصو هوندو. زرعي سوال ملڪ جي بورجوازي ۽ لبرل سياست يا محدود ثقافتي نسلي سياست جي محدود دائرن ۾ سمجھي نه ٿو سگهجي. ان کي ھاري پورھئي سماجي سائنس ۽ انقلابي سياست ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو.
ڪتاب زرعي معيشت، هارين جي حالتن کي مغلن ۽ ان کان اڳ جي زمانن کان وٺي جديد لبرل معيشتن ۽ سماجن ۾ رسمي، غير رسمي پورهيتن، بي زمين ۽ آبدگارن جي حيثيت ۾ زمين جي ملڪيت جي نظامن، سڌارن ۽ سياسي پاليسين جي پس منظر ۾ جانچي ان جي نظرياتي ۽ عملي پهلوئن کي واضع ڪري ٿو. اهم ڳالهه هي آهي توڙي جو زرعي سوال ڀل اڄ نه سمجھيو وڃي پر ان سوال کي سڀاڻي حل ڪرڻو پوندو.
زرعي سوال خيالن فڪرن منجھان هلي سماجي ۽ خاص طور تي معاشي برابريءَ ۽ سماجي ترقيءَ جو سوال ٿي اڀريو آهي. زمين سان جڙيل ذاتي ملڪيت جي نظام جو خاتمو زرعي سوال کي حل ڪرڻ جو سماجي حل آهي. هارين ۽ کيڙيندڙن کي زمين تي رسائي ۽ پوکيءَ جو حق ڏيڻ ۽ زرعي معيشت جي انتظام کي بهتر ڪرڻ سان ان ۾ برابر سماج اڏي سگهجن ٿا. چين، ويٽنام ۽ ڪوريا ۽ رشيا - روس اهڙا سماج ڪيئن اڏيا آهن. هي ڪتاب ان ڏس ۾ اھڙن سماجن کي سمجھڻ ۾ ننڍڙي ڪوشش آهي.

ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو
مسقط، عُمان

ڪجهه ڪتاب بابت

پروگريسو ٿنڪرس فورم طرفان پڌرو ڪيل ڪتاب “زرعي سوال” طبقاتي غلامي کي سمجھڻ لاء ھڪ اھم ڪتاب ثابت ٿي سگھي ٿو، ھي ڪتاب طبقاتي جدوجھد ڪندڙ ساٿين ۽ طبقاتي غلامي ۾ پيسجندڙ عوام کي ضرور پڙھڻ گھرجي، ھن کان اڳ به ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو، طبقاتي نظام ۽ ان مان ڇوٽڪاري بابت ڪافي مضمون لکيا آھن.
سندس ترجمو ڪيل محمد مسعود کدرپوش جو هاري سوال تي اختلافي نوٽ به ھڪ اھم دستاويز آھي جنھن جو سڀني دوستن کي مطالعو ڪرڻ گھرجي.
ھن ڪتاب ۾ ليکڪ زمين جي ورھاست، زمينن تي قبضن، زمينن جو ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ ھارين جو غلامي ۾ وڃڻ بابت علمي طرح ۽ تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ روس، چين، بنگال، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن ۾ زمين جي ورھاست بابت به ڪافي ڪجھه سمجھايل آھي.
ننڍي کنڍ ۾ مغلن جي دور، انگريزن جي دور کان وٺي ھن وقت تائين زمين تي ڪئين قبضا ڪيا / ڪرايا ويا ۽ ڪئين زمينون مخصوص خاندان ۾ ورھايون ويون آھن، ليکڪ ڪافي تفصيل سان روشني وڌي آھي. ننڍي کنڍ ۾ ڪيئن انگريزن جي دور ۾ ڪجھه مخصوص خاندانن کي انگريزن سان وفاداري عيوض زمينن جو مالڪ ٺاھي زمينن کي نجي ملڪيت ۾ آندو ويو. ليکڪ هاري سوال طبقاتي نظام جي پيدا ٿيڻ کي مغلن جي دور کان ڳنڍي ٿو. توڻي جو ان کان اڳ مغلن جي دور ۾ زمينون ڳوٺاڻي ملڪيت ھيون جنھن ۾ گڏيل پوکي سسٽم ھو ۽ رياست ان مان محصول وٺندي ھئي، پر انگريزن جي قبضي کان پوءِ جن علائقن ۾ انگريز کي خطرو پيدا ٿيو ته ھنن علائقن ۾ اسانجي مخالفت ٿي سگھي ٿي اتي انگريزن پنھنجا خاص ماڻھو ٺاھيا جن کي زمين جون لالچون ڏيئي پنھنجو وفادار ٺاھيائون.
اھو عمل سنڌ ۾ به ڪيو ويو جنھن ۾ انگريز سرڪار پنھنجن وفادار خاندانن کي زمينون ورھائي ڏنيون جيڪا انھن خاندانن جي اڳتي هلي ذاتي ملڪيت ٿي پئي. اھڙي نموني سان سنڌ ۾ زمينون ذاتي ملڪيت ٿي پيون ۽ ان تي انگريز وفادار خاندانن جو قبضو ٿي ويو ۽ ان تي ڪمائيندڙ ڪمي , ھاري ٿي پيا. انگريز حڪومت ۾ اھڙن خاندانن سان خاص رعايت ھوندي ھئي، انھن جي رسائي حد جي مختيارڪار ۽ حد جي ٿاڻي تائين ٿي.
ھاري ويچارو غربت جي چڪي ۾ پيسجڻ لڳو، ان جاسڀ حق ماريا ويا ايتري تائين جون ھارين جون عزتون به محفوظ نه رھيون. ڇاڪاڻ ته ٿاڻن تي رسائي ,ڀوتار جي ھئي۔ ان ڪري ڪٿي ھاري ظلم خلاف دانھن ڪندو ھو ته ان کي پوليس حوالي ڪيو ويندو ھو.
پاڪستان ٺھڻ سان اھو ساڳيو جاگيردار طبقو پاڪستان جي حڪمران طبقي جو زير نظر ٿي پيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺھڻ شرط ئي قائداعظم محمد علي جناح کي پاسيرو ڪري ان تي لياقت علي خان ۽ سنڌ ھمنوائن قبضو ڪري ورتو جن قائد جي اصولن ۽ 1940ع واري قرارداد کي پاسيرو ڪري پنھنجي پسند جا قانون مڙھي ڇڏيا.
سنڌ مان ھڪ سازش تحت سنڌي ھندو ڀائرن کي ڀڄائي انھن جي ملڪيتن ۽ زمينن تي وفاق قبضو ڪري انھن کي اويڪيو پراپرٽي ظاھر ڪري ڇڏيو جيڪا ھندستان مان لڏي ايندڙ پناھگيرن حوالي ڪئي ويئي ۽ سنڌ جي غريب ھاري کي ڪٿي ھڪ ايڪڙ به نه ڏنو ويو.
مٿان وري جنرل ايوب خان جي آمريتي دور ۾ پاڪستان مٿان ون يونٽ مڙھي سنڌ جي زمينن ٻين صوبن سابق فوجين ۽ ٻين ماڻهن کان قبضا ڪرايا ويا جنھن ڪڌي عمل ۾ اسان جو ڀوتار مڪمل ھنن سان گڏ ھيو.
ائين سنڌ جو ھاري ۽ زمين تي پورهيو ڪندڙ جيڪو اڳ ئي ستايل ۽ ماريل ھو ان کي وڌيڪ چيڀاٽيو ويو، ھو ڄو هو پنھنجي ئي وطن ۾ اجنبي بڻجي ويو.
سنڌ جو وڏيرو، سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪندڙ ڌاريا، انعام ۾ زمينون حاصل ڪندڙ ريٽائر فوجي، غير حاضر زميندار سڀ گڏجي ھارين تي ظلم ڪرڻ لڳا. پاڪستان ٺھڻ وقت صرف اوڀر بنگال ۾ زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ٽوڙي ڪنھن حد تائين ھارين کي فائدو ڏنو ويو باقي سڄي پاڪستان جي صورتحال ذري گهٽ ساڳي رھي.
جڏھن ته سڄي دنيا مان اھو فرسوده نظام ختم ٿي ويو آھي يا خاتمي جي ويجھو آھي پر بدقسمتي سان سڄي پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ھن مردار۽ ظالمانه نظام کي جياريو پيو وڃي.
ايوب خان جو زرعي سڌارو يا ذوالفقار علي ڀٽي جو زرعي سڌارو جنھن سان اڪثريتي ھاري عوام کي ڪو فائدو نه ٿيو, جيڪي زمينون ڪجھ ھارين کي مليون تن کان به جبري ڀوتار واپس وٺي ويا۔ اڪثر ھاري عوام ساڳيو ظلم جي چڪي ۾ پيڙجندو رھيو.
جنرل ضياءُ، جنرل پرويز مشرف ۽ ان کان پوء وارن دورن ۾ مڪاني حڪومتن جي نالي ۾ ضلعا ڀوتارن حوالي ڪري انھن کي کارائي پياري مواڙ ڪيو ويو.
ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ڀوتار ڪرپٽ، استحصالي، عياش لالچي ۽ ويڪائو آھي ان ڪري ھن ۾ اھا صلاحيت ئي ناھي ته ڪو ھو مزاحمت ڪري سگھي تنھنڪري ھو رياستي ٻين استحصالي حڪمرانن جو دلال ۽ڀاڱي ڀائيوار ٿيو پوي جنھن ڪري ڌارين کي سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جو آسان حدف مليو وڃي.
ھن وقت به جاگيردار ۽ وڏيرو آساني سان ھارين تي ظلم ڪري ٿو، ان کي بي دخل ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته رياست جي طاقت به ھن سان سھڪاري آھي ۽ اڪثريتي عوام غلامي ۾ وڪوڙيل آھي.
ھن اڪثريتي عوام کي ايتروته غلام رکيو ويو آھي جو ھو ھاڻ ھن غلامي مان نڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوشش به نٿو ڪري سگهي.
سائين احمد نواز ھڪڙي صاحب جو ھي ڪتاب جتي اسان کي غلاميءَ جا سبب ٻڌائي ٿو اتي هو ھن ڪتاب ۾ غلاميءَ کان ڇوٽڪاري جا رستا به ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سابقه سوويت يونين، چين، ويٽنام بنگلاديش، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن ھن عذاب مان جان ڇڏائي آھي.
آئون سمجھان ٿو “زرعي سوال” خاص ڪري سنڌ لاءِ اھم فڪري موضوع آھي جنھن تي غور ويچار ڪري اسان اڳتي جون اڻانگيون ۽ ورن وڪڙن واريون راھون تلاش ڪري سگھون ٿا.

ڊاڪٽر دلدار لغاري
صدر، سنڌي ھاري تحريڪ
ميرپور خاص، سنڌ
5 جنوري، 2023ع

مهاڳ

“زرعي سوال” ڪتاب، ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو، جو لکيل آهي. زرعي سوال تي تحقيقي تجزيا شامل آهن. ڪتاب ۾ لاڳاپيل سوال متعلق ڪل ويھه سياسي ۽ معاشي تجزيه ڪيل آهن. ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو معاشيات جي علم جو ھڪ مڃيل پروفيسر آهي۔ اسان جو پراڻو ساٿي آھي. انکي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو زرعي سوال (ايگريرين ڪسچن) جي موضوع تي مسلسل نظرياتي فڪري موضوئن تي مسلسل لکي رهيو آهي ته جيئن سنڌ توڙي ملڪ جي اندر زرعي سوال کي انتهائي ڳوڙهي نظر سان سمجھي سگهجي. خاص طرح سان زرعي سوال کي هاري ورڪر، وطن دوست رهنمائن، پورهيت تحريڪن، جاگيردار شاهي ۽ وڏيرا شاهي واري سرشتي کي وڌيڪ پرکي سگهجي ۽ ان جي آڌار تي پنهنجي سياسي تحريڪ، وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد ۽ مزاحمت جو رخ طئي ڪري سگهجي ۽ زمين تي محنت ڪندڙن جي نجات، معاشي آزادي جا حق ۽ مالي حق بحال ڪري سگهن.
زرعي سوال جون پاڙون تاريخ، سماجيات ۽ اقتصاديات ۾ تمام گهري نموني کتل آهن. ليکڪ سنڌ توڙي پوري ملڪ جي اندر غالب زرعي سوال جي گهرين پاڙن کي کوٽي مغلن جي “شهنشاهيت” کان کڻي اھو ٻڌائي ٿو ته زرعي سماج شروعاتي دور ۾ ڪيئن ٺهيو. ڪهڙي قسم جا زرعي سماجي معاشي لاڳاپا هئا. زرعي سماج جي فطرت انگريزي دور کان ڪھڙين شڪلين ۾ اڳ موجود هئي، سامراجي غلبي ان کي ڪيئن قائم رکيو۔ ليکڪ ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته مغل بادشاهن جا عامل ٽيڪس اوڳاڻيندا ھئا. پر زمين ڳوٺن جي ملڪيت هئي. ٽيڪس جمع ڪندڙ وڌ ۾ وڌ آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استحصال ڪندا هئا پر انهن کي زمين جي ڪميونٽي جي ملڪيت ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه هئي. تنهن دور ۾ جاگيرون عام هيون. زمين بادشاهن جي ملڪيت هئي. مغل شهنشاهه ڪهڙي به وقت زمين کي نجي جاگيردارن کان سند واپس وٺي ٻئي کي ڏيندا هيا. اهو ڪرڻ عام ۽ سندن انتظامي معاملو هيو. جنهن کي چاهيندا هيا تنهن کي لشڪر مهيا ڪرڻ جي بهاني يا فرمانبرداري عيوض جاگيرون انعام ڏئي ڇڏيندا هئا يا واپس به وٺندا هيا۔ پر ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته ان عمل جي بدلي ۾ هارين جون مغل شهنشاهن ۽ جاگيردارن خلاف بغاوتون ۽ مرهٽن، سکن جو مزاحمتون ۽ ٻيون بغاوتون به عام جام هيون. باغي ڪڙم قبيلن سان زمينن تي راتاهن جي سخت مزاحمت ڪندا هئا. پر پوءِ به جاگيردار شاهي هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قابض ٿيندي ويئي، اڳتي هلي اهي جاگيردار اوڀر ۽ يورپ سان آزاد واپار به ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ۾ اڌ، بينگال جي رياست ۽ مرهٽن جون جاگيرون مثال آهن. پر سماجي ارتقا، سياسي معاشي تقاضائن، سماجي رشتن ۽ زمين تي تعلق، پئنچاتي، پدرشاهي ۽ اوچ نيچ جي نظام اڳتي هلي زمين جي ورهاست، استحصال ۽ نجي ملڪيتن ۽ زمين تي ڪم ڪندڙ هارين جي سماجي ۽ معاشي تفريق ۾ وڏو فرق آندو.
ليکڪ اڳتي هلي سنڌ ۾ مقامي حڪومتن ۽ انگريزن جي هندستان حڪمراني تي به تفصيلي ڳالهائي ٿو، جنهن اڳتي هلي ڪميونٽي واري پئنچاتي نظام جي جاءِ تي، نجي زمين جي نظام کي، نجي ملڪيتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڇو ته انگريز سرڪار ان کي پنهنجي ملڪ ۾ رائج قانون وانگر نجي ملڪيت ۾ تبديل ڪيو. ليکڪ ٻڌائي ٿو ته برطانيه جي بيٺڪيت وقت به غلامي ۽ طبقاتي سماج هيو. دراصل زميني طاقت وڌڻ ڪري ان تي ڪم ڪندڙ هارين جي معاشي زندگي اڃا به ابتر ٿي ويئي ڇاڪاڻ جو ان تي ڪم ڪندڙن جو معاوضو نالي ماتر ۽ سندن معاشي حالت کي ٺيڪ ڪرڻ ممڪن نه هيو. انگريزن جي دور ۾ زمين جي مالڪي، زميندارن ۽ جاگيردارن کي ته ملي پر هاري يعني ڪم ڪندڙ ساڳي ڪرت سان رهيا. ليکڪ اڳتي هلي اٺارھين صديءَ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ ۽ ان جي واپاري عمل مان هڪ زبردست ڦرلٽ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن کانپوءِ ان هڪ واپار جي شڪل ورتي ۽ اها اڳتي هلي برطانيه جي سرمائيداراڻي ترقي جي شڪل ورتي. سڀ ڄاڻن ٿا ته انگلينڊ جي انهي ترقي ۾ هند - سنڌ جي پورهيتن جو استحصال به شامل آهي. ليکڪ لکي ٿو ته: “ٻه سئو سالن جي هندستان تي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي وقت کان حڪمرانيءَ ۽ پاڪستان جي ديسي حڪمرانن، منظم طريقي سان جاگيرداري ۽ بيٺڪي راڄ قائم ڪري ساڳيو نظام جاري رکيو آهي. مطلب زمين جو نظام ساڳيو آهن ۽ ان تي محنت ڪندڙ ساڳيا آهن، صرف آقا تبديل ٿيا آهن“.
ليکڪ هند ۽ سنڌ جي زمين جي تاريخ کي ڪوتليا چاڻڪيا جي ڪتاب “ارٿ شاستر” سان ڳنڍي ٿو جنهن ۾ بادشاهه زمين جو واحد مالڪ آهي، ٻين لکڻين ۾ زمين جو مالڪ پوکي ڪندڙ آهي. انگريزن “زمينداري نظام، روتواڙي نظام ۽ بعد ۾ محل واڙي نظام متعارف ڪرايو. ليکڪ مطابق پس وَ پيش اهي به استحصالي ئي هئا. ليکڪ ڪجھه انگ اکر سنڌ بابت ڏنا آهن. جنهن ۾ 1990ع سال سنڌ ۾ ستاسي سيڪڙو هاري بي زمين يا قرضدار هيا۔ هو لکي ٿو ته بيروزگار هارين کي جذب ڪرڻ لاءِ ايترا ڪارخانه به ناهن ۽ هاري ويچارا ٻيا ڪم يعني مال جانورن جي پالنا ۽ روزانه ڏهاڙي جي مزدوري ڪري گهر جو چرخو، گهلي هلائي ٿو، اڳتي ليکڪ لکي ٿو ته نيپيئر اچڻ شرط سنڌ کي ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور روينيو ڪليڪٽري ۾ تبديل ڪري جاگيرون ڏيئي سنڌ ۾ سياسي وفاداريون حاصل ڪيون۔ زمين جو اهو تعداد يارھان لک تيرھان هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. وري 1947ع کان اڳ پنجويھه لک ايڪڙ زمين هندو سيٺين وٽ گروي هئي. مهاڳ ۾ ليکڪ جا سمورا انگ اکرن جا حوالا ڏيئي نه ٿا سگهجن پر ڪتاب ۾ اندر پڙهڻ کانپوءِ پاڪستان کان اڳ واري دور ۽ پوءِ واري هاڻوڪي دور جي سموري عڪاسي ڪتاب پڙهڻ سان ئي سمجهي سگهجي ٿي. ليکڪ هجرت جي نتيجي ۾ آيل مهاجرن کي زمين جي الاٽمنٽ، بار بار مارشلائون، ون يونٽ ۽ آبپاشي جي ترقي جي نتيجن ۾ سترھان لک ايڪڙ ڌارين کي الاٽ ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراجن جي نيلامي، ڊيم متاثر، جنگ متاثرن، جي نالي ۾ زمينن جي استحصال ۽ قبضي جي الڳ ڪهاڻي آهي.
ليکڪ ان سموري صورتحال جو جائزو هن طرح ڏنو آهي ته، زمين جي ملڪيت تي زمينن تي ڪم ڪندڙن کان سواءِ ٻين جو وڏو بار آهي اهي هي زمين تي ڪم نه ٿا ڪن. اهي غير حاضر زميندار آهن يا سندن منشين معرفت هڪ استحصالي ڍانچو آھي ۽ انهن زمين تي ڪم ڪندڙ هارين، ٻني مزدورن، ڏهاڙي وارن جي لاءِ معاشي اڻبرابري، سماجي غلامي ۽ اڻ برابري جو پورو نظام پيدا ڪيون ويٺا آهن جنهن ۾ سماج ۾ غربت، اڻ هوند، جهالت، قبائليت ۽ ناانصافي پيدا ڪئي آهي ۽ ان کي جدوجهد وسيلي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ليکڪ جو پورو ڀروسو آهي ته بٽئي جو غير منصفاڻو نظام، غير حاضر زميندارن کان زمين وٺي ڪم ڪندڙ هارين کي ڏيڻ، وڏي پيماني تي زرعي سڌارا آڻڻ، جنهن ۾ وڏي زمينداري ۽ جاگيرداري جو خاتمو لازمي ڪرڻ، غير قانوني ڪچي جي قبضي واري زمين اتان جي مقامي هارين کي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي. هو چوي ٿو “اصل ۾ پنهنجي وسيلن جي مالڪي قوم دوستي آهي” ۽ جيڪو کيڙي سو کائي ذاتي ملڪيت جي نظام جي خاتمي سان مشروط آهي ۽ اهڙو مطالبو ظاهر آهي ته سنڌ جون پورهيت ۽ هاري تنظيمون جيستائين پاڻ نه ڪنديون تيستائين سندن نجات به ممڪن نه آهي.”
ليکڪ جو ٻيو اهم مضمون “زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ جو سوال” جنهن ۾ هن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ زرعي سوال _ زمين جي ملڪيت واري سوال کي اهم ڪري کنيو آهي. پر هو ٻڌائي ٿو، مسلم ليگ جي حڪومت جنهن ۾ اولھه پاڪستان جا زميندار ۽ جاگيردار شامل هئا، تن زرعي سڌارا حقيقي طرح ڪرڻ نه ڏنا. صرف اوڀر بنگال ۾ زرعي سڌارا جيڪي اڳ ۾ به آيل هيا پر وڌيڪ ڪيا ويا ۽ اولهه پاڪستان سنڌ سوڌو انهن سڌارن کان رهجي ويو. ايوب خان جي دور ۾ نالي ماتر سڌارا آيا ليکڪ زرعي شعبي جي سرمائيداراڻي ترقي واري ڳانڍاپي تي بحث ڪري ٿو ته اهو سرمائيداراڻي ڏاڪي تي پهتو آهي يا نه. پر انجو ڍانچو هاڻ به جديد نه پر روائتي آهي. هاڻ به 2020ع جي سروي مطابق ٽيھٺ سيڪڙو هاري سنڌ ۾ بي زمين آهن. پيداواري رشتا نيم جاگيرداراڻا ۽ نيم سرمائيداراڻا، اوائلي پيداواري رشتن جي شڪلين ۾ موجود آهن.
ليکڪ ايڪويھين صدي ۾ هارين جي سوال کي ۽ خاص طرح سنڌ جي هارين جي سوال کي نون ۽ تاريخي تقاضائن سان ڳنڍي انجي حل بابت ڳالهائي ٿو. هو نيو لبرل معاشي نظام ۽ سرمائيداراڻي ترقي کي هارين جي بنهه آخري نجات نه ٿو سمجھي ۽ هو چئي ٿو ته زمين جي مالڪي ان تي ڪم ڪندڙ پورهيت هارين وٽ هجي ۽ ان جي محنت جو اجورو به اهي ئي حاصل ڪن. ان ڪري زرعي بدحالي کي صنعت ڪاري ذريعي حل ڪرڻ کي “فڪري ڏند ڪٿائون” ٿو چوي.
ليکڪ ڪتاب ۾ زرعي سوال کي ڪجهه هن طرح سان سمجهايو آھي ته زرعي سوال کي برصغير جي اندر زرعي سوال جي ارتقا ۽ انگريزن خلاف قومي جدوجهد کي سمجهڻ کان سواءِ هرگز سمجهي نه ٿو سگهجي. برصغير جي ورهاڱي کان اڳ، گڏيل هندستان ۾ زرعي جدوجهد، قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو حصو هئي. جدوجهد جي نوعيت ۽ ان جو ڪردار جاگيرداري ۽ سامراج مخالف هو. جدوجهد جو اصل رخ زمين جي حقن جي حفاظت ۽ تحفظ هو، اها جدوجهد انگريزن جي زمينن جي مالڪي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ يا ٽيڪسن ۾ واڌ جي خلاف ۽ بهتر اجرت ۽ سهولتن لاءِ اها جدوجهد جوهر ۾ جاگيرداري خلاف هئي. ان قومي تحريڪ جو مرڪزي سوال زرعي سوال هو ۽ زرعي جدوجهد جو مرڪزي سوال قومي آزادي ۽ هارين جي حقن جو تحفظ هو.
ورهاڱي کان پوءِ سياسي ڍانچو سنگين قسم جي ساختي، معاشي ۽ قومي تضادن ۾ پکڙجي ويو. حل نه ٿيل سوالن مان هڪ سوال زمين جي مالڪيءَ جو سوال هو. مسلم ليگ حڪومت 1948ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ان اميد تي قائم ڪئي ته هاري، مسلم ليگ کي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته زميندار ۽ جاگيردار حڪمران اشرافيه جو حصو هئا. اولهه پاڪستان ۾ ان جي سياسي طاقت زميندار طبقن جي هٿن ۾ هئي، ان ڪري اهي طاقتون پاڪستان کي کائڻ ۾ پنهنجن هم منصبن سان ورهائڻ لاءِ تيار نه هئا بلڪه اهي مشرقي پاڪستانين کان نفرت ڪندا هئا. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي سياستدانن اعلان ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ جاگيرداري نظام کي ختم ڪري ڇڏيندا هنن بنگال ۾ 1951ع ۾ زميني سڌارا متعارف ڪرايا. اوڀر پاڪستان کان اولهه پاڪستان جي بيوروڪريسي ۽ آمريتي ڌرين ۽ وڏيرڪي نظام وارين قوتن جو هڪ تضاد جو سبب هاري سوال به هيو، ڇاڪاڻ ته هاري سوال وسيع معني ۾ قومي سوال آھي. پر ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويو، ان ڪري ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري پاڪستان ۾ زرعي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.
جيتوڻيڪ ايوب جي دور ۾ هنڪس ۽ بين الاقوامي ادارن جي مدد سان آبپاشي جو نئون ڍانچو تيار ڪيو ويو، نوان ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينون پيدا ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ زراعت ۾ سيڙپڪاري ۽ واڌارو ٿيو. نالي ماتر زميني سڌارا ته آيا پر ان جو وڏو فائدو وڏن زميندار طبقن کي ٿيو. ان کان پوءِ لڳاتار مارشلائن ۽ سياسي عدم استحڪام پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو آهي. ويتر سنڌ جي زرعي، ٻيٽ ۽ پاڻي واريون ملڪيون، سنڌ جي عوامي ۽ قومي مالڪي کان ٻين جي قبضي ۾ اچي رهيون آھن. ليکڪ جي نظر ۾ اڄ ڪلھه جي حالتن ۾ زرعي سوال صرف سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي ڍانچي جو نه آهي. جيئن ته زرعي ترقي، هاڻي صنعتي ترقيءَ جي ضرورت نه رهي آهي، جيئن ته عالمي سرمائيداراڻي نظام دنيا جي مارڪيٽن کي ڳنڍيو آهي ۽ زرعي سرگرمي ان جي دٻاءَ ۾ آھي. انهن حالتن ۾ زرعي تبديليءَ جي ارتقائي اميد رکڻ کپي يا نه؟ يا صنعتي تبديلي جو ڪو وڏو انقلاب جلدي ايندو يا نه يا ڇا نئين دور جي ڊجيٽل دنيا سنڌ جي زرعي ۽ وڏيرڪي نظام کي ڌونڌاڙيندي يا نه. اسان ڏسي رهيا آھيون ته معيشت جا زراعت ۽ صنعتي شعبا ٻئي جمود جو شڪار، قرضن ۾ ٻڏل آهن، زراعت ۾ معاشي ترقي نالي ماتر آهي. زراعت هاڻي نه روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي قابل آهي ۽ نه ئي پيداوار وڌائڻ جي وڏي صلاحيت رکي ٿي يا واپار يا برآمد ۾ زبردست حصو وٺي سگهي ٿي۔ پر هاڻ به وڏي آبادي زراعت تي منحصر آهي. ملڪي معيشت ۾ زراعت جو حصو تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، خدمتن جي شعبي جو حصو واضح طور تي وڌايو ويو آهي. اسان جو زرعي شعبو پيداواري سطح، پٺتي پيل ملڪن کان به وڌيڪ پوئتي پيل آهي. صنعتي شعبو پڻ معاشي لبرل سرمائيداري بين الاقوامي ڳانڍپي جي ڪري، جمود جو شڪار آهي. پر اسان جي آباديءَ جي ان وڏي اڪثريت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زراعت تمام ضروري آهي، جن جي رهڻي ڪهڻي، روزگار، خوراڪ جون ضرورتون، زرعي سرگرمين سان جڙيل آهن، اها عوام جي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. پر الميو اهو آھي ته اڄ ٻھراڙي جو وڏو پورهيو ڪندڙ حصو اڌ بٽئي جي ناڪاره نظام ، نالي ماتر معاوضي وارو کيت مزدور، غلامي ۽ جبر پورهيي ۽ عورتن جي معاشي غلامي ۾ جڪڙيل آھي.
سنڌ ۾ نه رڳو سماجي، معاشي طور تي وڏي آبادي جو گهڻو انحصار، زمين سان ڳنڍيل آهي. پر ان جي سڀني شڪلين ۽ ڪردارن جي مالڪي هڪ ننڍڙي اقليت جي هٿ ۾ آهي. وڏي اڪثريت اڃا تائين ان تي زندگي گذاري رهي آهي، سنڌ جو زرعي سوال گهڻ پاسائون آھي. اهو وڏي زمينداري، غير حاضر زميندان، رٽائر فوجي افيسرن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنل زمينن، روينيو رڪارڊ جي هيرا ڦيري هيٺ آيل ملڪيت تي قبضا، ڪچي ۽ دريائي پيٽ جي علائقي ۾ بي نامي زمينن، تي وڏيرڪا قبضا، بندن جي زمين ۽ ڪاڇي جي زمينن، مٺي پاڻي تي قبضا ۽ ايڪيو پراپرٽي جي نالي ۾ ڪليمي قبضن ۽ وفاق کي سندن بي جا امن جي گهرجن جي نالي ۾ اندروني پکيڙ ۽ شھري آبادين جي نالي ۾ هارين کي بي دخل ڪرڻ، بلڪ کين ملڪيت کان محروم ڪرڻ ڊي پيزنٽائيزيشن آھي. اسين هاڻ به ڏسون ٿا ته اسان جي زرعي معيشيت جا ڪجهه بنيادي پراڊڪٽس اڃا تائين محفوظ معيشت جي طور تي بيان ڪري سگهجي ٿا، اهي تجارتي اسٽيج تي پهچائي سگهجن ٿا. پر کاڌي جي ضرورتن جو خيال رکڻ لاءِ واحد شعبي جي وڏي اڪثريت اڃا تائين هاري بنيادن تي ڪم ڪري ٿي، روزاني اجرت ڪمائيندڙ، زميندار طبقن جي رحم ڪرم تي يا بازار ۽ قيمت جي نظام جي رحم ڪرم تي. وڏي اڪثريت کي نه زمين تائين رسائي آهي ۽ نه ئي ملڪيت. اهي بنيادي انساني ضرورتن ۽ حقن کان محروم آهن، اهي پنهنجي بکايل پيٽ کي کارائڻ لاءِ غير رسمي مزدورن طور ڪم ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ، تخليقي يا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ جي ڪا به رغبت يا پيش قدمي نه آهي، ڇاڪاڻ ته دولت جي مقابلي ۽ ڪمائيندڙ فصلن ۾ کين ڪا به دلچسپي نه رهي آهي ڇو ته اهي زراعت ۾ دلچسپي نه رکندا آهن پر غلامي جي ويجهو زندگي گذاريندڙ آهن. مارڪس جي معاشي تصور بيگانگي واري الميي طور هو منجهيل آھن ڇاڪاڻ ته زمين کيس معاشي ۽ سماجي خوشحالي کان کيس هاڻ به پري اڻبرابري ۾ رکيون بيٺي آھي.
ليکڪ جا وڌيڪ ويچار سرمائيداري معيشيت واري مداخلت به آھن. ليکڪ ان ڳالهه کي سمجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته اسان جي خطي ۾ سرمائيداراڻي نظام جي ارتقا ۽ مداخلت سبب زرعي سوال هاڻ به انتهائي اهم آهي. هو ڏسي ٿو ٿه سرمائيداراڻي مداخلت زراعت ۾ ڪا به خاص سماجي تبديلي نه آڻي سگهي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عالمي لبرلائيزيشن پاليسين جي ڪري زرعي پيداوار ۽ روزگار ۾ حصو مسلسل گهٽجي رهيو آهي ۽ وڏي اڪثريت غربت ۾ زندگي گذاري رهي آهي ۽ سماجي اڻ برابري پنهنجي انتها تي آهي
ليکڪ جا ٽي آخري مضمون به ڏاڍا اهم آھن. اهي ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۽ ماحولياتي اثرن تي ڳالهائن ٿا. هو پاڪستان ۾ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي بغير اصولن ۽ بنا ضابطي وارو وڌنڌو ٿو سڏي جنهن تي سرڪار يا رياست جو ذري گهٽ ڪوئي به قانون لاڳو ناهي ۽ ذري گهٽ سڀ منافعي کور ڌريون ان ۾ ملوث آھن.
ٻئي طرف هو ٻئي مضمون ۾ تهذيب جي تقابلي جائزي ۽ ماحولياتي خراب اثرن کي سماجي انقلابي تبديلي سان ڳنڍي ٿو. هونءَ به ماحولياتي تحفظ جو سوال هن دور جو مارڪسسٽ سوال آھي. مطلب ته فطرت کي ڀڙڀانگ ڪندڙ قوتن ۽ پورهيئي جي ڦرلٽ ڪندڙ جو وڏو ڳانڍاپو آھي. سنڌ ۾ فطري مينهوڳي واري مها ٻوڏ کي هو انتظامي ناڪامي ۽ طبقاتي تعصب هيٺ ڏسي ٿو ته ڪيئن نه هن ٻوڏ سنڌ ۾ تباهي جا راڱا ڏنا.
زرعي سوال سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين لاءِ سنگين چئلينجز پيدا ڪري ٿو، اهو کين مجبور ڪري ٿو ته هو زرعي سوال بابت پنهنجا ويچار ۽ حڪمت عملي چٽي ڪن. اهو سوال لاڳاپيل سرمائيداراڻي ترقي، زمين جي مالڪيءَ، ۽ وڏي اڪثريت جي سماجي ۽ معاشي حالتن سان واسطو رکي ٿو۔ هاري، کيتي ڪندڙ زندگين جي ڏوجهائپ ۽ تڪليفن ۾ آهن. وسيلا، غربت، بدحالي، محرومي ۽ سماجي اڻ برابري، بلند ترين سطح تائين موجود آھي، اميد آھي ته ليکڪ جو هي ڪتاب اسان کي زرعي سوال هڪ قومي ۽ سماجي سوال طور سمجهڻ ۾ مدد ڪندو.



ڊاڪٽر ذوالفقار علي راهوجو
لاڙڪاڻو
پروگريس ٿنڪرس فورم سنڌ
23 ڊسمبر 2022ع

زرعي غلاميءَ جون گَهِريون پاڙون ڪٿان آيون؟

جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندستان کي بيٺڪي راڄ ھيٺ آندو ته مغل انڊيا اندران ئي اندران کاڄي ڪمزور ٿي چڪي ھئي. مغلن جي “عظيم” شھنشاھيت مرڪزي طور ته طاقتور ھئي پر زرعي سماج کي سامراجي غلبي ھيٺ قائم ڪيو ويٺي ھئي، نجي ۽ ذاتي جاگيرون عام ھيون. رياست طرفان زمين کي نجي جاگيرداريءَ ۾ تبديل ڪرڻ عام ۽ معمول ھيو. مغل بادشاھه جنهن کي چاهيندا ھئا ان کي لشڪر مھيا ڪري ڏيڻ عيوض يا فرمانبرداريءَ عيوض جاگيرون انعام ۾ ڏيئي ڇڏيندا ھئا.
اوچتو ئي اوچتو داخلي ۽ خارجي عنصرن جي ڪري اھڙو عمل ھڪ وقت ۾ اچي رڪجي ويو. سبب ڇا هو ته ھندستان کي جاگيرن ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل سان گڏوگڏ ھارين جون جاگيردارن خلاف بغاوتون ۽ مغلن جي خلاف مرھٽن، سکن جون ۽ ٻيون بغاوتون به عام جام ٿي رهيون ھيون. جنھن ۾ باغي پنھنجن علائقن ۽ ڪڙم قبيلن جي ھارين جي مدد سان زمينن تي راتاھن جي سخت مزاحمت ڪندا ھئا. مغلن جي رياست اھڙين بغاوتن جي نتيجي ۾ آھستي آھستي ٽٽڻ لڳي. زميندار ۽ جاگيردار جيڪي رياست پاران ٽيڪس ۽ ٻيون وصوليون ڪرڻ لاءِ صدين سالن کان مقرر ٿيل ھئا. اھي پاڻ کي ايجنٽن ۽ ٽيڪس وصول ڪندڙن مان رات وچ ۾ ڦري، زمينن ۽ جاگيرن جا مالڪ ٿي ويا ۽ اهي ھندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏيون جاگيرون ھٿ ڪري ان تي قابض ٿي ويٺا.
مغل شھنشاھيت کان ڌار ٿيندڙ اھڙن علائقن ۾ جاگيردارن جو نه رڳو تعداد ۽ اثر وڌيو، پر انھن اوڀر ۽ يورپ جي ملڪن سان آزاد واپار ڪري سامونڊي رستن تي قابض ٿي، ننڍيون ننڍيون رياستون ۽ جاگيرون قائم ڪري ورتيون. انھن ۾ احمد شاھه دراني، اولهه بينگال، سک ۽ مرھٽن جون جاگيرون ھيون. مغلن جيڪا مرڪزي طور مضبوط شھنشاھيت قائم ڪئي اھا ان نجي جاگيرون ٺھڻ ۽ ننڍين ننڍين رياستن جي وجود ۾ اچڻ سان ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿيندي وئي. جتان بيٺڪي ۽ واپاري انگريزن موقعي جو فائدو وٺندي، مقامي جاگيردارن سان سازباز ڪري مغل شھنشاھيت جو خاتمو آندو.
ان زماني جو معاشي ۽ سماجي ڍانچو زمين جي چوڌاري ٻڌل ھو. اوائلي پنچائتي نظام ان وقت جي قبائلي ۽ پدرشاھي جي ٽٽندڙ نظام جو مختلف شڪلين ۾ متبادل ھو. ڳوٺ، زمين جي مرڪزي حيثيت ۾ چوڌاري جڙيل ھئا اھي قبائلي پدرشاھي ڍانچا صدين کان ڪمزور اڏاوتن تي بيٺل ھئا. مغلن جي زمين جي نظام جي خاتمي تائين ڪمزور ٿي رهيا ھئا بلڪ جھڙوڪ ختم ٿيڻ وارا ھئا. پيداوار، کپت ۽ ورھاست پنچائتن جي ذات پات آڌار جڙيل ھئي.
ان وقت جا معاشي رشتا ابتدائي نوعيت جا ھئا. اوائلي معاشي ۽ زرعي جنسن جي ابتدائي پيداواري طريقن تي ٻڌل ھئا بعد ۾ اھڙي پيداوار ۽ پدرشاهي تعلق به آھستي آھستي ٽٽڻ لڳا. ڇاڪاڻ جو زمين سان جڙيل ذات پات، متڀيد ۽ اوچ نيچ جا نظام زمين جي درجه بندي، جاگيردار ھاري ۽ ٻين تعلقن مان ٿيندي خانداني زرعي پيداواري طريقن ۽ رشتن ۾ بدلجڻ لڳا ھئا.
سماجي نظام به زرعي آبادين ۽ زمين جي خانداني ملڪيت سان جڙيل رت جي رشتن ڪڙم قبيلن جي اوائلي ورھاستن جي نظام ھيٺ منظم ٿيل ھو. جڏھن آمدنين ۽ معاشي طريقن ۾ تبديليون وڌيون زمين غير مساوي ورهاست ھيٺ ھئي. واڌو، اضافي ۽ پيداواري طريقن ۽ پورھيتن جي طاقت ۾ اضافي ھندستان جي ذات پات ۽ مت ڀيد ۽ غير انساني استحصال کي ھٿي ڏني ته زمين جي ورهاست استحصال ۽ نجي ملڪيت ھارين ۾ سماجي ۽ معاشي تفريق ۾ وڏو فرق آندو.
انگريزن هندستان ۾ اچڻ شرط زراعت لاءِ ڪميونٽيءَ واري زمين جي نظام جي جاءِ تي نجي زمين جي نظام کي نجي ملڪيت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انگريزن جي اچڻ کان اڳ ھندستان ۾ زمين جي ڪابه ذاتي ملڪيت نه هئي، زمين ڳوٺاڻي برادريءَ جي ملڪيت هئي. انگريزن پنهنجي ملڪ ۾ رائج قانون وانگر زمين کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ شروع ڪري، زرعي جنسن جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ چاھيو. پوکيءَ کي ھنر کان الڳ ڪري ھڪ ئي ڌڪ ۾ زمين جي چوڌاري جڙيل سماجي نظام ۽ تنظيم تي ڪاپاري ڌڪ ھنيو نتيجي طور ڪيترائي طبقا زمين بوس ٿي ويا. ھندستان جو زرعي معاشرو ان وقت ۾ زراعت کي گذر سفر مان ڪڍي واپاري جنسن ۽ پيداواري رشتن ۾ تبديل ٿيڻو ھو. جنھن جي نتيجي ۾ ڪيئي سماجي ۽ معاشي رشتا ٽٽڻ جو سبب بڻجڻا ھئا.
برطانيا جي نجي ملڪيت ۽ سماجي تبديلين ھندستان ۾ داخلي منڊين کي ھٿي وٺرائي. جنهن جو وڏو اثر ظاهر آهي ته ڳوٺن ۽ زرعي پيداواري رشتن تي پوڻو هو ڳوٺ رڳو ھڪ علامت نه پر پيداواري يونٽ ھئا. پورھئي جي رسد اتان ئي ٿيندي ھئي سماجي ۽ معاشي تنظيم جو نالو ڳوٺ ھو. ڳوٺ ھٿ جي اڻڻ، ڦيٿي، آڏاڻي، کيڙڻ ۽ پنهنجي ھمٿ ۽ طاقت جو سڀ کان وڏو ذريعو به ھو، ڳوٺ کان ٻاهر ڄڻ ته ڪا دنيا وسندي ئي نه ھئي. سڄي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جو چرخو صدين کان اھڙين مٿين شڪلين ۾ جھڙوڪ ڦٽ ٿيل ھو. ھڪ خاص حرڪت ۽ رخ ۾ نسلن کان جاري ۽ ساري ھو، ھڪ ھاري ڪٽنب معاشي يونٽ ۾ پنھنجي خاندان ۽ ڳوٺ ڪڙم قبيلي سان جڙيل پنھنجون ضرورتون پوريون ڪندڙ ھئا.
برطانيا جي بيٺڪيت وقت به اھڙو غلاميءَ جو سماج ھو پر پاڻڀرو سفر گذر ڪندڙ سماج ھو. توڙي جو اھڙي سماج گپت ۽ موريا ۽ مغلن جي زماني ۾ ترقيءَ ۽ واڌاري جا وڏا عروج ۽ زوال به ڏٺا ھئا. عام ماڻهو سرڪار کي ٽيڪس به مڪاني عاملن جي ذريعي ڏيندو ھو. اڪبر جي زماني ۾ جيڪي شھر ھئا انھن ۾ ٽيڪس جي استعمال جو خاتمو اچي چڪو ھو. شين تي ٽيڪس ڏيڻ جو رواج شروع ٿيو ھو. پر ھندستان جي معاشي صورتحال پيٽ گذران ڪندڙ ۽ ھارين جي استعمال ھيٺ زرعي معيشت ھئي. اھي جنس جي پيداوار ۽ جاگرافي معاملن ۾ ھارين جي ھٿ ھيٺ ھئي، اھي ئي زرعي جنسون خريد ڪندا ھئا ۽ ٽيڪس جي اوڳاڙي به ڪندا هئا. اڪبر جي زماني ۾ اضافي پيداوار ڪنھن حد تائين ھارين جي ملڪيت ھوندي ھئي ۽ ھاري منڊيءَ ۾ ان کي وڪرو ڪري ٽيڪس ادائگي روڪ پئسن جي شڪل ۾ ادا ڪندا ھئا.
زمين جاگيردارن جي ملڪيت ۾ اچڻ پيداواري استحصال جي نتيجي ۾ ھارين جي زندگيءَ جي معيارن ۽ رشتن ۾ تبديليون اچڻ لڳيون ۽ وڏي اڪثريت وري پيٽ گذر تي مجبور ٿيڻ لڳي. ان ۾ ڪو شق ناهي ته روڪ پيسن ۾ ٽيڪس ادائگي معاشي واڌ، واپار ۽ ناڻي جي گردش ۾ اضافو ٿيو. پر سماجي نظام به زمين جي چوڌاري ٻڌل ھو ۽ معاشي نظام پيٽ گذر ۽ ذات پات جي اوچ نيچ ۾ ھڪ سماجي توازن قائم ھو، ھڪ قسم جي غلامي ھئي. پر معاشي توازن ۾ پاڻڀرو سماجي نظام ھو زميندار جاگيردار توڙي جو رياست جي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ رياست جا نمائندا ھئا، پر پنھنجي اختيارن کان تجاوز ڪري استحصالي يا ظالم نه ھئا. اھو رڳو ٽيڪس اوڳاڙي اگھه يا نوان ٽيڪس (روڊن، پاڻي شادي ڄڃ) وغيره تي ھڻي پئي سگھيا. پر زمين جي مالڪي ۽ ھارين جي ڪڙم قبيلي جي ملڪيت ۽ آبادگارن جي زميني مالڪي حقن ۾ دخل اندازي نه ڪندا ھئا. زمين ھڙپ ڪرڻ نوان ٽيڪس ھڻڻ زمين کي پوکي لائق بڻائڻ ۽ زمين کي پنھنجي ملڪيت وڌائڻ ۽ استحصال ڪرڻ لاءِ ضرور استعمال ڪندا ھئا.
مغلن جي مرڪزي رياست جي خاتمي جي اڳڪٿي اڳ ۾ ئي ٿيل ھئي. جڏھن مغلن پنھنجي زمينن متعلق پاليسون تبديل ڪري ضلعن ۽ صوبن جون زمينون ھندو سيٺن راجائن ۽ بادشاھن کي ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پنھنجا اختيار پنھنجي نائبن کي ڏيئي جاگيرون عطا ڪيون. ائين وقت سان اھي جاگيرون ۽ زمينداريون خانداني ملڪيت مان ٿيندي سرڪاري طرح ان جي وارثن ۾ منتقل ٿينديون ويون. توڙي جو زميندار گھربل ٽيڪس ڏيڻ ۾ موچاري ظاھر ڪري ته ان جي ڪنھن ٻئي مائٽ کي مٽائي ان جي زمين جي مالڪي پوکي ۽ غير پوکي لائق زمين به ڏ ني ويندي ھئي.
اھڙي آزاد زمينداري عملَن سماجي ۽ معاشي نظام کي تھس نھس ڪري ڇڏيو. اھڙي نظام زميندارن ۽ جاگيردارن کي ھڪ منافي جو الائونس مھيا ڪري ڏنو جو ڪنھن ٽئين ماڻهو عيوض ٽيڪس گڏ ڪرڻ لڳا، زمينون به خريد ڪرڻ لڳا .پنھنجو پنھنجو اثر رسوخ علائقي کان ٻاھر به وڌائڻ لڳا. حڪمران جيڪي “تعلق” مان فري “مالڪ” ٿيڻ لڳا ۽ ائين ئي ھڪ قسم جون ڄورون ٿي ھارين جي زمين ۽ پيداواري وسيلن تي حملا آور ٿيا.
ان مان ھڪ استحصالي سماج جنم ورتو. جنھن اوائلي، پاڻ تي ڀاڙڻ واري سماج جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون. ضلع ۽ تعلقا ٽيڪس گڏ ڪندڙ يونين مان ڦري خانداني اثر رسوخ وارين جاگيرن ۾ بدلجي ويا. جيڪي ٽيڪس گڏ ڪندڙ زميندار ھئا. اھي ھاڻي ھڪ وقت خطرناڪ ڄورون بڻجي ھارين جي وسيلن ۽ رت ست کي چوسيندا رھيا. ائين ساڳيو رت چوسڻ جو عمل اڃا تائين جاري آهي.
برطانوي بيٺڪي سماج ان کي قانوني ۽ جديد شڪل ڏئي وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور بڻايو. نتيجتن، جيڪو زمين جو دقيانوسي ۽ غلامي تي ٻڌل نظام ھو ان جي جڳھه تي موروثي ھارين تي ٻڌل کيڙيندڙن جي ملڪيت تي بيٺل نظام جاءِ والاري ڇڏي جنهن زمين جي رياستي مالڪيت کي ھينئر جاگيردار ۽ زميندار جي ملڪيت بڻائي ڇڏيو .
ٻئي سماجي ۽ معاشي ڌار ڌار عمل جيڪي ھڪڙا ھيٺيان کان مٿي ڳوٺاڻي ۽ غلامي جا ھئا، ٻيا وري مٿان کان ھيٺ جاگيرداري طبقي جي استحصال وٽان ھئا. زمين هاڻي جيڪا لوڪل زميندار ۽ جاگيردار جي قبضي ۾ آئي ته ان ۾ بنيادي پيداواري طريقن ۾ ڪا تبديلي نه آئي ۽ نه ان جي استحصالي شڪل ۾ ڪا ڦيرڦار آئي. رڳو مالڪي ڦري ھارين مان جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ھٿ ۾ اچي وئي. ھن عمل ۾ ڪو ھارين کي زمين کان بي دخل نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جي ڇيڙ ۽ غير اجرتي حيثيت ۾ يا غلاميءَ ۾ ڪا تبديلي آندي ويئي. اھوئي زميندار جيڪو اڳ ٽيڪس وصول ڪندڙ ھو اھو ڦري جاگيردار بڻجي ويو. ھاري زمين يا ساڳي ڪرت سان لڳل ھئا. رڳو زمين جي مالڪي جيڪا اڳ مغل رياست جي ڪنٽرول ۾ ھئي جيڪا ڦري ھاڻي جاگيردار جي ٿي ويئي، پيداواري طريقا، رشتا ۽ استحصال جون نوعيتون ساڳيون رھيون. اھڙي طريقي سان زمين جي ذاتي ملڪيت قومي سطح تي مقامي زميندارن ۽ جاگيردارن جي ھٿن ۾ محفوظ ٿي ويئي معاشي نظام مغلن جي زماني وارو ساڳيو رھيو.
ارڙهين صديءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ وقت ان طاقتور عمل مان ھڪ زبردست ڦرلٽ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. جنھن پوءِ ھڪ واپار جي شڪل ورتي، ان استحصال کي لڪائي ڇڏيو. خشڪ بندرگاهن کان ٿيندي ھڪ وڏي ڌاڙي ۽ چوري جي شڪل وٺي برطانيا جي سرمائيداري ۽ صنعت ڪاري جي ترقي ۾ ظاھر ٿي. برطانيه جي سرمائيداراڻي ترقي، ڦرلٽ ان عمل کانسواءِ ممڪن ئي نه ھئي اھڙي ڳجھي ڦرلٽ جو نتيجو اھو نڪتو ته بنگال جو پورو جو پورو زرعي شعبو ھڪ صديءَ ۾ ويهجي ويو. اھو برطانيه جو واپاري سرمايو ئي ھو جيڪو ھندستان مان لڏي برطانيا جي صنعتي ترقيءَ جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ويو. درآمدات اڃان ان وقت به صنعتي سرمائي جي شڪل مشڪل سان ورتي ھئي جو اھو سرمايو منڊي نما خام مال جي مسئلن کي منھن ڏيئي سگھي.
پراڻن جاگيردارن ۽ زميندارن جي تعاون کان سواءِ مٿين عملن مان ڦرلٽ ممڪن نه ھئي، ائين جيڪي اڳ مغلن جا ٽيڪس ڪليڪٽر ھئا. اھي حڪمت عملي تحت رات وچ ۾ ڦري انگريزن جا نواب ۽ ٻاھرين استحصالي قوتن جا پگھار دار بڻجي پيا.
برطانيا جو مقصد مغلن جي پراڻي جاگيردار انتظاميه جي جڳھه تي ھڪ نئين استحصالي پر واپاري طبقي ٽيڪس ڀريندڙ آبادگار ھاري طبقي کي ٺاھڻ ھو .پراڻي مغلن جي جاگيردارن کي برطانيا شھنشاھت جو سرمايي جو زرخريد غلام يا ماتحت بنائڻ هو. زميندار ۽ جاگيردار يا ڪڙم قبيلي جاتي_ورنا زمين جي مالڪي جي نظام کي ڊاھي رياست ۽ آبادگار جي تعلق کي مظبوط بڻائڻ ھو. بمبئي مدراس ۾ جاتي_ورنا نظام جي جڳھه تي زمين تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو مالياتي يونٽ منظم ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي سھڪار سان رياست ۽ ھارين جي وچ ۾ ھڪ بنياد مھيا ڪري ڏيڻ هو.
انگريزن 1794ع ۾ زميندارن کي ھارين کان ٽيڪس جو نوي سيڪڙو مقرر ڪري زميندارن کي ھارين کان بي دخل ڪرڻ جو حق ڏنو. ٽيڪس اگھه پنھنجي مرضيءَ سان وڌائي ڇڏيا، زميندار ھارين جي مسئلي ۾ پاڻ ئي جج ٿي فيصلو به ڪرڻ لڳا. ان نتيجي ۾ جيڪي ھاري ڪڙمي بڻجي ويا، انھن کي به ڪي حق نه ھئا. زميندار رات وچ ۾ زمينن جا مالڪ بنجي ويا جيڪي ھاري اوئلي نظام ۾ مالڪ ھئا اھي ھن ائڪٽ ۾ رات وچ ۾ ڪمزور ۽ بي دخل ٿي ڪڙمي بڻجي ويا. ھارين جن کي صدين کان موروثي طور تي مالڪي ھئي. هينئر سواءِ ڪنھن حق جي زميندار جي خواهش ۽ حڪم تي بي دخل ٿيڻ لڳا، ھاري مالڪن مان ڦري زميندار جا زرخيز غلام بڻجي ويا ۽ نه کيڙڻ جي صورت ۾ زميندار پنھنجا ھاري بيھاري پوکي ڪرائڻ لڳا. بنگالي زميندار مغلن جي آخري دور ۾ زميندار وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا. زميندار نه رڳو زمين کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لڳا پر تاريخي طور تي ھڪ ڄور بڻجي ھارين جي رت چوسڻ لڳا. ائين زميندارن مان ننڍا زميندار ٽيڪس گڏ ڪندڙ ھزارين تعلق ۾ چيف زميندار ھارين مٿان عذاب ٿي ڪڙڪي پيا. ائين 1828ع جي ايڪٽ تحت جيڪي به غيرآباد زمينون زميندارن جي علائقن ۾ چراگاھون، ٻيلا ۽ وسنديون رياست جي ملڪيت ۾ ھيون انھن جون من پسند ذاتي ملڪيتون بڻجي ويون.
ھندستان ۾ واپارين، سرمائيدارن، انگريزن سان ملي سرمائي جي سيڙپ سان زمينداريءَ جا لقب ۽ کاتا وٺي مقاطعي تي زمينون خريد ڪري ھارين کي بي دخل ڪري غلام بڻائي قرضي ۽ محتاج بڻائي ڇڏيو. ھندستان جي مٿئين طبقن جو سرمايو جيڪو صنعت ڪاريءَ ۾ لڳڻ گھربو ھو، اھو سرمايو زمينن ۾ لڳائي فطري طور ھڪ طبقي جو بنياد وڌو ويو. جيڪو ويھين صديءَ تائين انگريزن سان وفادار رھيو ۽ ان کان پوءِ به برطانيا سرڪار جو مضبوط اتحادي ٿي اڀريو.
ٻه سئو سالن جي ھندستان تي انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽ پنجھتر سالن کان پاڪستان جي ديسي حڪمرانن منظم طريقي سان جاگيرداري ۽ بيٺڪي راڄ قائم ڪري ساڳيو نظام جاري رکيو آهي ڪجهه به تبديل نه ٿيو آهي، ساڳي غلامي جاري آهي. البتا غلامي نون حڪمرانن ھيٺ آھي. زمين جو نظام ساڳيو آهي ۽ هاري ساڳيا آهن. جيڪڏھن ڪجھه تبديل ٿيو به آهي ته صرف آقا تبديل ٿيا آھن ۽ غلامي ساڳي آهي. هاري ساڳي طبقي جا غلام آهن.

زمين جي مالڪي اقتصادي ۽ سماجي عمل کي بي نقاب ڪري رهي آهي!

قديم هندستان ۾ زمين جي مالڪيءَ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ڪوتيليا چاڻڪيا جي ڪتاب “ارٿ شاستر” ۾ بادشاهه زمين جو واحد مالڪ آھي. ٻين ڪيترين ئي لکڻين ۾ زمين تي پوکي ڪندڙ عملي طور زمين جا اصل مالڪ سمجهيا ويندا رھيا آھن. اوائلي نظامن ۾ زمين تي ٽيڪس ھڻڻ، وڌائڻ يا گهٽائڻ جو اختيار فقط بادشاهه وٽ ھوندو هو هندستان ۾ زمين تي ٽيڪس جو قديم نظام نافذ هو پر اڪبر جي زماني ۾ ٽيڪس نظام ۾ ڪجھه بهتري آئي. ٻين مسلمان حڪمرانن جي دورن ۾ ٽيڪسون مختلف شڪلين ۾ پڻ جمع ڪيون وينديون ھيون. شير شاهه سوري سورھين صديءَ ۾ زمين تي روينيو جي تشخيص ۽ زمين جي آبادڪاريءَ جا عمل شروع ڪيا. ائين مغلن جي سياسي انتظام ھيٺ زمين ان جي ئي ملڪيت هئي جنهن جي قبضي هيٺ هوندي هئي. مغل حڪمرانن جي مداخلت رڳو ايتري هئي ته زمين مان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ۽ آمدني )روينيو( جي اوڳاڙيءَ جي هڪ حد مقرر ڪيل ھئي. قابض جاگيردار ۽ زميندار کيڙيندڙن کان رڳو ٽيڪس اوڳاڙي ڪندا هئا، زمين جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ کين مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه هئي. زمين تي رهتون به هڪ مقرر حد تائين واجب الادا هونديون هيون.
اهڙو سرشتو هندستان ۾ صدين کان قائم هو. مغلن زمين جي نجي ملڪيت کي غير اهم سمجهي ڪڏهن به ان حق کي سنجيده نه ورتو ۽ نه ئي ڪڏهن ان کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي حڪمران يا سياسي انتظاميه مداخلت ڪئي.
انگريزن هندستان ۾ اچڻ شرط پنهنجي ملڪ ۾ رائج زمين جي ملڪيت ۽ ذاتي ملڪيت جي قانون کي هندستان ۾ رائج ۽ لاڳو ڪرايو. برطانيه ۾ زمين جي مالڪي، وقت جي بادشاهه جي ملڪيت هئي ۽ زمين تي قابض جاگيردارملڪيت جي مالڪ ۽ محافظ -بادشاهه جي وچ ۾ رابطي لاءِ ٽيڪس جمع ڪندڙ ۽ ملڪيت جي حفاظت جو ذريعو ھئا. انگريزن هندستان ۾ اچڻ شرط زمين جي ملڪيت جا ٽن قسمن جا نظام متعارف ڪرايا:
1. زمينداري نظام: ھن نظام هيٺ زميندار هڪ مقرر ۽ ممڪن حد تائين ٽيڪس اوڳاڙي ڪري سگهي ٿو. ساڳي وقت حڪومت ٿوري گهڻي فرق سان زمين جي مالڪ کان سڌو سنئون ٽيڪس به وٺي سگهي ٿي.
2. روتواڙي نظام: هن نظام ۾ هارين يا زميندار کي زمين جو مالڪ سمجهيو ويندو هو.
3. محل واڙي نظام: اهو نظام زميندارن يا پنچائتن تي مشتمل هو جيڪي پوري ڳوٺن يا ڳوٺن جي گروهن جي نمائندگي جي دعويٰ ڪندا هئا. ڳوٺ جي برادرين سان گڏ، جي زميندار گڏيل طور تي روينيو جي ادائيگي لاءِ ذميوار هوندا هئا، پر ذميواري انفرادي هئي. هن نظام هيٺ ڳوٺن جي سڀني زمينن ايستائين جو جھنگ جون زمينون _ چراگاهه وغيره شامل ھيون.
مٿيان ٽيئي نظام هارين ۽ آبادگارن لاءِ استحصالي، جابراڻا ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل هئا. ٻنهي صورتن ۾ مالڪن يا هارين لاءِ ٻوجهه ۽ بار هئا. مقصد ھيو ته زمينن مان وڌيڪ آمدني ڪمائڻ ۽ زميندارن کان وڌ کان وڌ آمدني حاصل ڪرڻ.
انگريزن نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ته نون نظامن ۽ ڳرين ٽيڪسن جي ڪري پوکيندڙ ۽ هارين جي تباهي ٿيندي. زمين جي ٽڪرن کي ان حالت ۾ بيهاريو ته زمين جو گھٽ ۾ گھٽ ڪونه ڪو ضروري مالڪ هجي يا ان جو ڪو وڏيرو يا جاگيردار مالڪ هجي. قانون ۾ زمين کي وڪرو ڪري سگهجي پيو. معاوضو ادا ڪري زمين جو مالڪ تبديل ڪري سگهجي پيو. جيڪڏهن زميندار ادا نه ڪري سگهي ته حڪومت ان کان به زمين واپس وٺي سگهي پئي. لينڊ روينيو انگريزن جي آمدني جو اهم ذريعو ھئي. مٿين سرشتن يا قانونن ۾ زمين جو مالڪ هجڻ ئي بنيادي قانوني گھرج ھئي ۽ ظاهر آهي ته اهڙا قانون ٻاهر جي حڪمرانن - انگريزن لاڳو ئي خاص مقصدن لاءِ ڪيا ھئا. يقينن، اهي قانون عوام لاءِ سخت ثابت ٿيا. اهڙي طريقي سان جلد ئي زمين جي مالڪي، قبضو هاڻي ملڪيت يافته، واپاري ۽ وياج خورن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض وڪڻي يا گروي رکي سگهجن پيون. اهڙيءَ طرح وڏي اڪثريت پنهنجون ملڪيتون وڃائي، غريب ٿي، بي دخل ٿي برباديءَ ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا. هزارين مزدور ۽ هاري بي زمين بيروزگار غربت، مشڪلاتن ۽ استحصالن جي ور چڙهي ويا.
سال 1900ع سنڌ ۾ ستاسي سيڪڙو ھاري آبادي بي زمين يا قرضدار هئي. هارين کي جذ ب ڪرڻ لاءِ ڪا خاص صنعتي ترقي به نه ٿي جيڪا ٿوري گھڻي ٿي ان سندس معاشي - سماجي حالتن ۾ ڪا خاص تبديلي نه آندي، الٽو سندن مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو.
صنعتي ترقيءَ به هندستان ۾ هڪ انساني الميو ۽ اڻ ڳڻيو نقصان پهچايو ۽ هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي تائين انساني سماج جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. اهي ئي اڻ ڳڻيا سبب آهن جو نتيجي ۾ مزدور ۽ هاري مزاحمت ڪرڻ تي مجبور آھن.
انگريزن کان اڳ هندستان جي ٻهراڙين جي زندگين جا روح روان ۽ سماجي سرشتا هاري ۽ جاگيردارن جي حقن تي ٻڌل هئا. هاري ۽ جاگيردار ئي زمينن جا حڪمران هئا، جن کي پنهنجا حق ۽ واسطا هئا. هندستان جا سماجي ڍانچا انتهائي ڪمزور ۽ پوئتي پيل هئا. انهن سماجن ۽ ڍانچن ۾ ايتري طاقت ئي نه هئي جو ان وقت جي يورپي معاشي ۽ فوجي طاقت سان مقابلو ڪري سگهن ۽ نه ئي کين ايترا وسيلا هئا. انگريز پنهنجي طاقت جي ڪري روينيو ۽ آمدنين جي وسيلن، انتظامي سرشتن ۾ تبديلي آڻي، مغلن جي مسلمان عاملن کان اختيار کسي هندو سيٺين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا.
سنڌ ۾ 1947ع کان اڳ اٽڪل پنجويھه لک ايڪڙ زمين هندو سيٺن وٽ گروي هئي .تبديلي رڳو ايتري آئي ته هڪ هٿ مان اختيار کسي ٻئي هٿ ۾ ڏنا ويا. حڪومت جي مشينري پوئتي پيل ۽ ڪمزور مسلمانن کان کسي شهري ۽ گهڻي ڀاڱي هندن جي هٿ هيٺ ڏيئي ڇڏي. ايئن انتظامي ملڪيت ۽ عدالتي نظام متعارف ڪرائي ڇڏيا، روينيو کاتي جو روايتي انتظامي ڍانچو تبديل ڪيو ويو.
هندستان مٿان اهڙين موتمار ۽ يڪسر تبديلين هندستان جي سمورن طبقن کي هڪ ئي ڌڪ سان زمين بوس ڪري ڇڏيو. عوام جو ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي پيو نتيجي طور هندستان جي حڪمران طبقن لاءِ به زندگي ڄڻ مشڪل بڻجي وئي ھئي، پر عوام لاءِ ته، ھوند زهر بڻجي ويئي ھئي. هنرمندن ڪمي ڪاسبي ۽ وسيع هاري آباديءَ لاءِ غربت ۽ ڳوٺاڻي زندگي پوئتي پئجي ويئي.
سنڌ ۾ مغلن کان اڳ زمين جو منصبداري )منصب-رتبو يا مقام( نظام لاڳو هو. اڪبر طرفان متعارف ڪرايل مغل سلطنت جي انتظامي نظام ھيٺ هر سول ۽ فوجي آفيسر کي هڪ منصب ڏنو ويو جيڪو انهن جي رتبي يا مقام مطابق معاشي الاؤنس جو تعين ڪندو ھو. اڪبر ۽ ٻين مغل بادشاهن فوجي آفيسرن کي خدمت عيوض ۽ انعام ۾ زمين منصبداريءَ ۾ ڏني ويندي هئي مغل بادشاھه زمينن جا مالڪ هئا. زمين جي مالڪيءَ جو نظام مختيارڪار سزاوالڪر-روينيو آفيسر، تپي-دار يا بٽئي نظام-حصيداري وارا نظام لاڳو هئا.
جاگيرداري رياست سان وفاداريءَ جو رڳو هڪ انعام هو، ٽالپرن جي زمين تي رسائي به “سري گرانٽن” جي نالي ۾ جاگيرن ۾ تبديل ڪري ڏني ويئي ھئي. جاگيرن جا مالڪ اصل ۾ زمين تي روينيو يا اوڳاڙي ڪرڻ گڏيل اسم هئا. جاگيردار معنى ان زماني ۾ سرڪاري جاگير جو رکوالو يا ملازم ھوندو هو، جڏهن ته زميندار هڪ طبقو هو جيڪو نه صرف زمين خريد ڪري يا کيڙي يا مالڪيءَ جو حق رکي سگھندو ھو، ۽ لپو (ٽيڪس) ادا ڪري سگھندو ھو.
نيپئر جي اچڻ شرط سنڌ کي ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور روينيو ڪليڪٽرس ۾ تبديل ڪري جاگيرون ڏيئي سنڌ ۾ سياسي وفاداريون حاصل ڪيون. ان زماني جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته انگريزن لڳ ڀڳ يارھن لک ايڪٽيه هزار ايڪڙ زمينون گرانٽ، پٽيداري، خيرات يا گارڊن گرانٽ جي نالي ۾ عطا ڪيون. انگريزن کان اڳ اهڙيون ڪل گرانٽون ٽي سو ٻاھتر هيون ۽ انگريزن جي دؤر ۾ وڌي ٽوٽل چارسو ست اضافي زمين جون گرانٽون ڏنيون ويون. انگريزن انهن زمينن تي “تقوي” قرض ۽ 7ست چوڏھن ۽ ايڪويھه سالن تائين ليزون ڏنيون، ابواب ٽيڪس ختم ڪيا ۽ “خرار” ۽ “ڪاسا” جا ٽيڪس اوڳاڙي نظام لاڳو ڪيا، 1947ع ۾ اٽڪل پنجويھه لک ايڪڙ زمين هندو سيٺن وٽ گروي هئي. هندن جي سنڌ کان لڏپلاڻ ڪري ڇڏي ويل تيرھن لک زمين تي مالڪيءَ جو نظام 1959ع جي انگن اکرن موجب ويهه سيڪڙو آباديءَ وٽ پنجويهه ايڪڙن کان گهٽ زمين هئي. اسي سيڪڙو زرعي زمين جا فارم پنجويهه کان پنج سو ايڪڙ تائين هئا جن جا مالڪ امير جاگيردار هئا. 1956ع جي ٽيننسي ايڪٽ به انگريزن جي زمين جي مالڪيءَ جي نظام جو بچاءُ ڪيو.
ان زماني ۾ هاري، ڪچا هاري، موسمي هاري ۽ مزدورن جي طبقن ۾ ورهايل هئا. سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن 1953ع مطابق اسي سيڪڙو آباديءَ وٽ رڳو ڇويھه لک ايڪڙ زمين مالڪيءَ هيٺ هئي ۽ 1951ع جي انگن اکرن مطابق چوھتر سيڪڙو زرعي مزدور، هاري يا ته بي زمين هئا يا ته کين زمين نه هئڻ برابر هئي. 2000ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ اوڻانوي سيڪڙو آباديءَ وٽ رڳو ٽيتاليھه سيڪڙو زمين مالڪيءَ ۾ هئي، جڏهن ته نو سيڪڙو آباديءَ وٽ ڪل زمين جي سورنھن سيڪڙو مالڪيءَ ۾ هئي، جڏھن ته ڪل 37.5 سيڪڙو زرعي ۽ غير زرعي زمين جي مالڪي هڪ ئي طبقي جي قبضي ۾ هئي.
سنڌي ماڻهن جي رضامندي کان سواءِ ھجرت ڪري آيل مهاجرن کي زمين جي الاٽ ڪئي وئي. بار بار مارشل لائن، ون يونٽ ۽ آبپاشي جي ترقي جي نتيجي ۾ سترھن لک ايڪڙ زمينون ڌارين کي الاٽ ٿيون. گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي زمين به نيلام ڪئي وئي، هر ٻئي ڊيم متاثر ماڻهن، جنگين جي متاثرين کي لاڳاپيل ماڻهن سان صلاح مشوري کانسواءِ زمين غير قانوني طور ڏنل آھي، اھڙي زمين لکن ايڪڙن ۾ آهي.
تنھنڪري زمين جي ورھاست اڻ برابريءَ تي ٻڌل آهي ۽ غير قانوني ورھاست آھي. سنڌ جي اٽڪل ڇاھتر لک ايڪڙ زمين سنڌ جي ڪل ايراضيءَ جي چاليھه سيڪڙو برابر پوکيءَ لائق آهي. سنڌ جو زرعي شعبو 21.4 کان 27.7 سيڪڙو تائين ملڪي پيداوار ۾ حصو ڏئي ٿو، 35 کان 40 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. 2016ع جي رپورٽ مطابق گھڻ رخي غربت 75.5 سيڪڙو ۽ 55 سيڪڙو شديد غربت آھي. 60 سيڪڙو هاري بٽئي نظام -حصيداري تي ڪم ڪن ٿا، 59 سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي بي زمين آهي يا زمينن تائين پھچ به نه اٿن. 42 سيڪڙو آبادي وٽ هڪ ايڪڙ يا ان کان گھٽ زمين آهي.
ان جو مطلب اهو آهي ته مستقبل ۾ وسيلن جي ڪنٽرول ۽ قبضي تي تضاد پيدا ٿيندا، واضح آهي ته زمين تي مالڪيءَ جو نظام انتهائي پوئتي پيل اڻ برابريءَ وارو غير منصفاڻو اسلامي اصولن جي خلاف ۽ ناقص آهي، انتظام وڏي تعداد ۾ اقتصادي ۽ سماجي مسئلا پيدا ڪيا آھن. هڪ طبقو پيدا ڪيو آهي جيڪو زمين تان غير حاضر ۽ غائب آھي. هن جو زمين سان سواءِ پيداوار ۾ حصيداريءَ جي عملي طرح ڪو واسطو ئي نه آھي ۽ نه ئي هن کي ان جي ترقيءَ ۾ ڪا دلچسپي آهي. هاري ڀلا زمين وڌائڻ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ ۾ دلچسپي ڇو وٺي. جڏهن هن کي عملي طور احساس آھي ته سندس ۽ هن جي گهر ڀاتين جي ڪيل پورهي جو حصو مالڪ ضبط ڪري وٺندو. زمين تان غير حاضر عملي طور ڪم ڪرڻ کانسواءِ هن جي ملڪيت جو مالڪ آهي. آزاديءَ سان هارين جي محنت جو استحصال ڪري رھيو آهي ۽ هر عملي مقصد جي لاءِ پنهنجي علائقي ۾ پوليس ۽ سياسي قوت کي استعمال ڪري ۽ اسيمبلين ۾ نمائندگي به ڪري ٿو. پوليس ۽ بيوروڪريسي هن جي کيسي ۾ آهي، رياست عملي طور تي اھڙن طبقن جي مفادن جي حفاظت ڪري ٿي. مارڪيٽ تائين رسائي جنسن جا اگهه قرض جي ادارن تائين پهچ قانون انتظاميه ادارن تائين پهچ ملڪيت يافته طبقن لاءِ آسان آهي. غريب هاري هميشه هڪ خوف هيٺ ملڪيت يافته طبقن جي قانونن ادارن پوليس انتظاميه جي خوف هيٺ ڦر، اغوا، مارڪٽ، ڏاڍاين، زنا ۽ قتل جي خوف هيٺ آهي. مٿين طبقن سان جيڪو به مهاڏو اٽڪائيندو، انهن کي مٿين ڏاڍاين سان منهن ڏيڻو پوندو. هارين جي ڪمزوري ۽ وڏيرن جي طاقت نوڪريون قرض ۽ هر سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جي ڪم جو دارومدار وڏيري جي رحم ڪرم تي پهچائي ڇڏيو آهي.
ايڪويهين صديءَ ۾ وسيع عوامي اڪثريت کي ۽ انهن جي ٻارن ٻچن کي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن جي پيرن ۾ نِوڙي سندن هٿ چمڻ ان کي ڄڻ ته پالڻهار جو درجو ڏيڻ سو به ايڪويهين صديءَ ۾ ڏسي سچ پڇو ته هنيانءُ ڏري ٿو پوي.
ھينئر ڳوٺاڻن علائقن ۽ وسيع ا ڪثريت جي معاشي صورتحال ھڪ قسم جي صدين کان جاري جھالتون مسلسل دائمي غربتون اڻ برابريون، بدحاليون، مايوسيون عدم اطمينان گهر ڪري ويٺل آھن. انهن معاملن جو زمين جي ملڪيت، مالڪيءَ جي حق ۽ غير مساوي رسائيءَ سان گھرو تعلق آهي.
زمين جي مالڪي حقيقت ۾ اقتصادي ۽ سماجي عمل کي بي نقاب ڪري ٿي. ڳالھه اھا آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ به زمين ۽ ملڪيت جو ساڳيو پراڻو دقيانوسي انسان دشمن استحصالي نظام قائم آهي جنهن هڪ طبقو پيدا ڪيو آهي، جيڪو هارين ۽ مزدورن جي پورھئي جي قيمت تي پلجي پيو ۽ مسلسل دولت کي گڏ ڪري رهيو آهي ۽ وسيع اڪثريت غربت ۽ محرومي جي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. سندس سياسي طاقت جو اظھار زمين جي مالڪيءَ مان ٿئي ٿو.
زمين جي مالڪي رياست جو وهنوار ۽ ملڪيت يافته جاگيردارن جو پاڻ ۾ اڻ ٽُـٽ لاڳاپو آهي. ملڪ جي حڪمرانن پاڻ ۾ اهڙي ڳٺ جوڙ ڪري، هڪٻئي جي مدد ڪري آقا ۽ دوستيءَ وارو نظام ٺاهي هڪٻئي جي سياسي طاقت کي مضبوط ڪيو آهي. نتيجي طور ملڪ جي معاشي وسيلن اختيارن ۽ ادارن جو ڪنٽرول انهن وٽ آهي يا انهن جي رعايت يافته طبقن وٽ آهي. ملڪ ۾ زرعي پيداواري صلاحيت ۽ تفريق وڏن ۽ ننڍن زرعي فارمن ۾ آهي ئي ان ڪري جو طاقت وسيلا، اختيار ۽ وسيلن تي پهچ محدود طبقن وٽ آهي .زمين جي ملڪيت غير منصفاڻي آهي اھي ئي سبب آهن جو پورھيت طبقا مزاحمتي تحريڪن کي جنم ڏين ٿا.
ضروري آهي ته زمين تي کيڙيندڙ جو حق تسليم ڪيو وڃي .زمين تي نجي ملڪيت جو خاتمو آڻي زمين کي هارين ۾ ورهايو وڃي. جيڪا به زمين وڏيرن وٽ آهي اها انگريزن ۽ سندن غداريءَ عيوض نوازيل آهي ۽ غير قانوني آهي، غير اسلامي آهي. اسلام ۾ زمين جي ليز مقاطعو مسواڙ ۽ پنھنجي ذاتي کيڙي کان اضافي زمين اسلام جي اصولن خلاف آهي. اسلام زمين ان کي برابريءَ جي ورڇ جي تلقين ڪئي آهي ۽ رزق برابر ورهائڻ جا اصول مقرر ڪيا آهن.
بٽئي نظام غير منصفاڻو ۽ اسلامي اصولن جي خلاف ۽ استحصالي آهي. جيڪي وڏيرا زمين تان غائب آهن ۽ سنڀال نٿا ڪن، انهن کان زبردستي ذاتي کيڙي کان اضافي زمين واپس وٺي، رياستي تحويل ۾ بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي ته جيئن ان جي پيداوار ۽ سار سنڀال ۾ اضافو ٿي سگهي ۽ ان کي پيداواري بڻائي سگهجي. ذاتي کيڙي ياد رهي ته سنڌ جي زمين اڻ برابريءَ وڏيرڪي لاپرواهيءَ ۽ ملڪيت جي نظام جي ڪري پنهنجي گهربل صلاحيت کان اڌ تي پيداوار ۾ گهٽ آهي. ان کي هارين ۽ هارياڻين جي ملڪيت بنائڻ سان خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس ختم ٿيڻ سان هاري، ان جي ڪٽنب ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ وڏو فرق ايندو، ان ۾ دلچسپي وڌندي، سندس آمدني ۽ معيارِ زندگيءَ ۾ اضافو ٿيندو.
اصل ۾ پنهنجي وسيلن جي مالڪي قوم دوستي آهي. هينئر به زمين جي مالڪي هڪ سيڪڙو وڏيرڪي طبقي وٽ آهي جيڪا لڳ ڀڳ ڏھه سيڪڙو کان مٿي زمين تي مشتمل آهي ۽ ٻي آبادي زمين تان غائب آهي ۽ ڪيترن ڪچي جي علائقن تي غير قانوني قبضا آهن.
سنڌ ۾ وسيع غربت، اڻ برابري ۽ عورتن جي زراعت ۾ معاشي شموليت ان جي آفاقي فطرتي مذهبي حق “جيڪو کيڙي - سو کائي” ۽ ذاتي ملڪيت جي نظام جي خاتمي سان مشروط آهي.
اهڙو مطالبو ظاهر آهي ته ملڪ جون وڏيرڪيون جاگيردار پارٽيون اين.جي.اوز جون نمائنده پارٽيون يا مٿئين طبقي جون فيمينسٽ تحريڪون ڪونه ڪنديون، پر اهڙو مطالبو سنڌ جون پورهيت ۽ هاري تنظيمون جيستائين پاڻ نه ڪنديون تيستائين سندن نجات ممڪن نه آهي.
چي گويرا چيو هو ته، “دنيا ۾ ڪوبه نجات ڏيندڙ ڪونهي عوام کي پنهنجي نجات پاڻ حاصل ڪرڻي آهي.”

زراعت ۾ سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙ جڪ جو سوال!

ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ زرعي جدوجهد قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو حصو هئي. پنھنجي جوھر ۽ خاصيت ۾ جاگيردار ۽ سامراج مخالف جدوجهد ھئي .جدوجهد جو مقصد زمين تي مالڪيءَ جي حقن جو تحفظ برطانوي مالڪيءَ جي مخالف ٽيڪس اڳاڙي شرح ۾ اضافي زمينداري نظام مخالف اجرتن ۽ سھولتن کي بهتر بڻائڻ هو. قومي تحريڪ جو مرڪزي سوال زرعي سوال هو ۽ زرعي جدوجهد جو مرڪزي سوال هارين جا حق هئا. ورهاڱي کانپوءِ سياسي ڍانچي ۾ جيڪي سنجيده مسئلا هئا انهن مان زرعي سوال - زمين جي ملڪيت به هڪ اھم سوال هو.
ليگ جي حڪومت محمد علي جناح جي حڪم تحت، سنڌ هاري ڪميٽي ان آسري تي جوڙي ته هاري ووٽ ڏيئي مسلم ليگ کي ڪامياب ڪندا. پر ليگ جي حڪومت تي اولهه پاڪستان جا زميندار ۽ جاگيردار قابض هئا ۽ سياسي طاقت جي ڪري اوڀر پاڪستان کي حصيدار بنائڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ الٽو اوڀر بنگال جي آباديءَ کان نفرت ڪندا ھئا .1971ع جي اليڪشن ۾ اوڀر بنگال جي قيادت وڏي واڪي اعلان ڪري چڪي هئي ته هو جڏهن اقتدار ۾ آيا ته جاگيرداري وڏيرا شاهي ۽ فيوڊل نظام جو خاتمو آڻيندا. ايئن جيئن زمين جي سڌارن ذريعي 1951ع ۾ اوڀر بنگال ۾ فيوڊل نظام جو خاتمو ڪري چڪا ھئا.
ائين 1971ع کانپوءِ هڪ يا ٻئي سبب ڪري زرعي سوال نئين ملڪ ۾ حل نه ٿي سگھيو. جيتوڻيڪ ايوب خان جي دور ۾ بينڪن جي مالي مدد سان آبپاشي نوان ٻج، ڀاڻ زرعي مشينن زرعي واڌ کي وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي ويئي، نالي ماتر لينڊ سڌارا آندا ويا. نتيجي ۾ زرعي پيداوار معاشي واڌ ۾ غير معمولي واڌ آئي پر اهڙي ترقيءَ جا فائدا گهڻو ڪري انھن کي پيا جيڪي وڏين زمينن جا مالڪ هئا ائين ملڪ ۾ دولت ڪجهه هٿن ۾ رھندي آئي.
نئين ملڪ ۾ زرعي پسماندگيءَ کي صنعتي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ سمجھي پسماندگيءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ صنعتڪاريءَ ڏانھن توجھه ڏنو ويو ان عمل ۾ معاشي ترقيءَ جي رفتار ۾ تيزي آئي. خيال ھو ته زراعت ۾ سيڙپڪاري ڪري، پيداوار وڌائي ۽ ملڪيت جي پراڻين شڪلين کي ختم ڪيو ويندو. زراعت کي نين ضرورتن ۽ گهرجن آھر منظم ڪيو ويندو. زراعت کي تجارتي شڪل ۾ وڌندڙ سرمائيدار دنيا جي معيشت ۾ مڪمل طور تي زرعي سرمائيداريءَ جي حيثيت ۾ وڌنڌو ڏسبو. هارين کي اجرتي ۽ صنعتي پورھيت ۾ تبديل ڪيو ويندو ان ڏس ۾ بين الاقوامي مالياتي ادارن ڪارپوريشنن، ائين سرمائي جي متحرڪ ڪردار هن عمل ۾ سهولتون به ميسر ڪري ڏنيون. انهن قرضن ذريعي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري به ڪئي ويئي ۽ ڪارپوريٽ مقصدن لاءِ زمين به ليز تي پڻ ڏنيون ويون. ڏسندي ڏسندي سرمائي جي مدد سان غير رسمي معيشتون ٺاهي ڏنيون ويون.
زرعي شعبو سرمائيداراڻي ترقيءَ جي واڌ ۾ رڪاوٽ رھيو ئي ناهي. اهو ڪردار ھاڻي ٻين شعبن مثال طور، خدمتن جي شعبن ادا ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اھڙن عملن جي نتيجي ۾ هارين ۽ زرعي معيشت تي اثرائتا اثر ڇڏيا آهن ھينئر زراعت ترقيءَ جي نسبت سان گھڻي ڀاڱي لاڳاپيل نه رھي آھي.
گھڻن اھو سمجھيو ھو ته زرعي شعبو اڳ ۾ ئي سرمائيداريءَ جي ڏاڪي تي پھچي چڪو آهي. جنسن جي پيداوار ۽ سرمائيداريءَ جي واڌ جي نتيجي ۾ دنيا جي معيشتن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آھي. تنھنڪري زرعي تبديلين جي اميد ڪرڻ ئي اجائي ٿيندي موجوده صورتحال ۾ زراعت ۾ معاشي واڌ جي شرح گھٽ آھي، صنعتي ترقي به يا ته رڪيل آھي يا بيھجي وئي آھي. زراعت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت واپار يا برآمداد مهيا ڪرڻ جي لائق به نه رھي آهي. زرعي شعبي جي مجموعي پيداوار ۾ حصو گھٽجندو وڃي ٿو ٻيا شعبا تيزيءَ سان ترقي ڪري رھيا آھن. معاشي ڍانچن ۾ تيزيءَ سان ايندڙ تبديليون ٻڌائن ٿيون ته ڪو زرعي شعبو ايندڙ وقتن ۾ ڪا خاص معاشي ترقي آڻي سگھندو.
زراعت روايتي ۽ ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پوئتي پيل آھي. سائنسي نتيجا ٻڌائين ٿا ته وڌندڙ غير رسمي معيشتن جي نتيجي ۾ ڪيترن ملڪن ۾ زرعي پيداوار نسبتن گھٽي آهي، صنعتڪاري جمود جو شڪار ٿي آهي پر زراعت پنھنجي خطي ۾ وسيع آباديءَ جو گذر سفر روزگار ۽ رھڻ سھڻ کاڌ خوراڪ، اڃان به زراعت سان جڙيل آھي.
زرعي سرمائيداريءَ کي پرکڻ لاءِ ٻن قسمن جون خاصيتون ھجڻ شرط آھي، ھڪ ته پيداواري عمل ۾ اجرتي پورھيتن جو ھئڻ ۽ ٻيو زرعي منڊين جو قومي ۽ بين الاقوامي منڊين سان ڳانڍاپو ھئڻ. اجرتي مزدور ۽ منڊين جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڪيترن پوئتي پيل ملڪن ۾ عام آهي پر ان خصوصيتن ھوندي به ڪيترن ملڪن ۾ زراعت اڃان مڪمل سرمائيداريءَ جي ليول تي پھچي نه سگھي آھي. تاريخ ۾ ڪيترائي مثال آهن، جڏهن زراعت ۾ اجرتي مزدور ۽ منڊين جو غلبو به ساڳي وقت موجود ھيو ۽ زراعت غير سرمائيداراڻي به ھئي، ڇاڪاڻ جو وسيع زمين تي قبضو چند جاگيردارن ۽ شھنشاھن ۽ بادشاھن جي ملڪيتن ھيٺ ھو. زمين، زميندارن قبائلي سردارن جي ڪنٽرول ۾ آهي وسيع اڪثريت يا ته بي زمين ھئي يا ته اجرتي مزدوري تي ھئي يا پورھئي کي منڊين ۾ پنھنجي جياپي عيوض وڪرو ڪرڻ لاءِ لاچار ھئي. اھڙي قسم جا اجرتي بي زمين هاري ۽ اجرتي غير رسمي پورھيتن جي وسيع اڪثريت پاڻ جھڙن ملڪن ۾ عام جام آهي.
پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جا ستاسي سيڪڙو ھاري بي زمين ھئا ۽ 2020ع ۾ مجموئي طور ٽيھٺ سيڪڙو ھاري بي زمين آھن ۽ اڪثريت جو گذر سفر ننڍن زمين جي ٽڪرن يا پوکيءَ جي موسم کان ٻاهر يا ته چوپائي مال پالڻ مان آمدني حاصل ڪرڻ يا زمين کان ٻاهر ڏھاڙي اجرت تي ڪم ڪر ڻ آھي. ھينئر به مٿئين ويھه سيڪڙو آباديءَ وٽ ٽيتاليھه سيڪڙو زمين جي مالڪي آهي ۽ باقي اسي سيڪڙو اڪثريت آباديءَ جو گذران زمين جي ننڍن ٽڪرن تي آهي.
زمين تي پيداواري رشتا اڄ به نيم جاگيرداراڻا نيم سرمائيداراڻا اوائلي پيداواري رشتن جي شڪلين ۾ موجود آھن. ڳوٺن ۾ وڏي اڪثريت ھارين يا بي زمين هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي آھي. جنھن مان گھڻي اڪثريت کي پنهنجي گذر سفر لاءِ زمين جو ٽڪر به نه آهي نه ئي کين ڪن وسيلن تي رسائي آهي. اھي پنھنجي محدود زرعي پيداوار ۽ پورھئي مان پنھنجي ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ محتاج آھن يا کين گھربل وسيلا، تعليم يا روزگار به نه آهي. گھڻي ڀاڱي سندن گذر سفر جا وسيلا جياپي لاءِ اڻ ڪافي آهن. انھيءَ ڪري ھاري پنھنجي پيٽ گذر ۽ اضافي آمدنين لاءِ زراعت کان ٻاهر مزدوري واڍڪو، سِرَ- تگاري ۽ ننڍا وڏا غير رسمي پورھيا ڪري ٿو. ھڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ زراعت کان ٻاهر اجرت زرعي پورھئي ۽ آمدنيءَ جي مقابلي ۾ تقريبا اڌواڌ آهي.
پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ ھاري ھڪ حڪمتِ عملي تحت پنهنجي گذر سفر لاءِ گھربل کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ کان قاصر آهي.
سرمائيداراڻي زراعت جو چرخو ڪو اجرتي پورھئي، منڊين جي اصول، سرمائي جي ميڙ، منافعي يا تڪڙي معاشي واڌ يا پيداواري عمل جو نتيجو آهي، يا اھو وسيلن ۽ خاص ڪري زمين جي ذاتي ملڪيت جي نظام تي بيٺل آهي. زمين جي مالڪيءَ جو نظام ئي هارين کي مزدور ۽ ھارپي طور مجبور ڪري ٿو. سرمائيداراڻو نظام پيداواري عمل ۽ منڊين جي طاقت آھر سرمائي جي ميڙي ڪري ھڪ خاص نظام ھيٺ پيداوار ۾ اضافو ڪري ان ۾ واڌ ڪري پنھنجي بچاءَ ۾ منافعي لاءِ ڪم ڪري ٿو. پر جتي سرمائيداراڻا پيداواري رشتا زراعت ۾ ناھن، اتي سرمائي جا اصول به زرعي مارڪيٽ ۽ منڊين تي اثر انداز نٿا ٿين. اھم ڳالھه اھا نه آھي ته ڪيترو اجرتي مزدور پيداواري عمل ۾ شامل آهي ۽ منڊيون ڪيتريون قومي ۽ عالمي منڊين سان جڙيل آھن پر ان جي مقابلي ڏسڻو اهو پوندو ته سرمائيداراڻا رشتا زراعت ۾ ڪيترا مضبوط آهن ڪيتري زمين مارڪيٽ ۽ منڊين جي رحم ڪرم ۽ مقابلي بازيءَ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آهن. اھا ئي ھڪ اھم خاصيت آھي جنھن جي بنياد تي زراعت ۾ سرمائيداراڻي نظام جي پرک ڪري سگھجي ٿي.
سنڌ ۾ صرف سماجي، معاشي ۽ زمين سان جڙيل رشتا / لاڳاپا ۽ مالڪيءَ تي وسيع معنائن ۽ شڪلين ۾ ھڪ تمام ننڍي اقليت تي حاوي آهي. زراعت رڳو گذر سفر جو ذريعو ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ به ناڪافي يا مورڳو ڪجهه جنسن جي پيداوار آھي .زراعت تجارتي ٿيڻ جي سگهه تي به نه پهچي سگھي آھي. اها صرف آباديءَ جي خوراڪ جي ضرورتن جو خيال رکڻ لاء به مناسب نه آھي. وسيع اڪثريت اجرتي مزدور آهي ۽ وڏيري جي رحم ڪرم تي آهي ۽ بي زمين به آهي ۽ مارڪيٽ جي بي رحميءَ جو شڪار به آهي. انھن کي ڀائيواري يا زمين جي رسائي ۽ استعمال به نه ھجي، ابن ڏاڏن کان قرضي به ھجي اھو به منڊين ۾ مقابلي بازيءَ جو شڪار به ھجي ۽ زمين کان ٻاهر غير رسمي اجرتي پورھيو ڪري پيٽ پالي. ان کان ھٽي ڪري به ته ان زمين جو صحيح استعمال آهي يا نه! ان تي سيڙپڪاري ھنرمندي ميڙي ۽ تخليق جو دٻاءُ به ھجي ۽ مقابلي بازيءَ کان پرھيز ڪري پنھنجو گذر سفر به ڪري، اھڙن پيداواري عملن کي غلامي ئي چئي سگهجي ٿو.
تاريخي طرح زرعي سوال پاڻ جھڙن ملڪن ۾، وڌيڪ اھميت وارو سوال آهي. توڻي جو اوائلي صنعتڪاري يا سرمائيداراڻي مداخلت ۽ زرعي ڍانچن ۾ بي پناهه تبديليون آڻي ڪجھه نالي ماتر ترقي پڻ ڪئي آھي. پر اھا ترقي سرمائيداراڻي نظام جي اصولن ھيٺ ٿي آھي جنھن جو گھڻي ڀاڱي فائدو وڏن زميندارن کي پھتو آھي جڏهن ته غريب ۽ امير طبقي ۾ معاشي وٿي وڌي آهي. پنھنجو زرعي عمل طبقاتي نوعيت جو آھي، سالن ۽ صدين کان جمود جو شڪار آهي. جتي حقيقي معنيٰ ۾ زرعي شعبن ۾ تبديليون اڃان اچڻيون آهن.
ايڪويھين صديءَ جو اهم سوال ھي آهي ته سرمائيداري پيداواري طريقي ۽ عمل ھوندي زرعي شعبن ۾ سماجي تبديليون ڇو نه ٿيون آهن؟ جڏهن ته ڪجهه ماهر اھا دعويٰ ڪري رهيا آهن ته سرمائيداري زراعت ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ پراڻو زرعي سوال وڌيڪ ڪو لاڳاپيل نه رھيو آهي. پوءِ يقينن سرمائيداري جي ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ سماجي تبديليون اچڻ گهرجن هان. ان جي ابتڙ گذريل چاليھه سالن کان لبرل معاشي ماڊل تمام تيزيءَ سان سرمائيداراڻي مداخلت ڪئي آھي ۽ پنھنجي خطي ۾ چالو نيولبرل عالمگيريت جي عمل جو اثر پيو آهي. پيداواري صلاحيت ۽ پيداواري اپت ۾ واڌارو، ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڳوٺاڻي زندگيءَ تي اثر لڏپلاڻ ۽ پوکيءَ جي طريقن تي پيو آهي. ان عمل کي عالمي سرمائيداراڻي ترقيءَ سان ڳنڍي ڇيد ڪجي ته اسان جي خطي تي ان جا وڏا اثر پيا آهن.
ڏاھن ٻڌايو ھو ته سرمائيداريءَ جو عمل پورھيت کي پنھنجي پورھئي، ملڪيت ۽ وسيلن کان الڳ ڪري خالي پورھيت بڻائيندو. پورھيت کي اجرتي مزدور ۾ تبديل ڪري، سرمائيدار جو محتاج ڪري پورھئي جي غلامي پيدا ڪري زرعي استحصال جو شڪار بڻائيندو. اھڙو عمل ڪو رات وچ ۾ نه پر پيداواري عمل ۾ آھستي آهستي ھر خطي ۾ صاف نظر ايندو. سرمائي جي ميڙي زراعت جي عمل ۽ بنياد مان جڙي ٿي ۽ اھڙي ناگزير پيداواري عمل ۾ سياست مختلف طاقتن سان سڌو سنئون ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي. زرعي تبديلين کي "منافعي - ميڙي، پيداوار ۽ سياست" جي دائري ۾ ڏسڻ گھرجي معاشي لبرل ازم، منڊين جو کلڻ ۽ سرمائي جي گردش، آباديءَ جي دٻاءَ، ماحولياتي تبديلين، طبقاتي رشتن ۾ سرمائي جي عمل ھارين کي غير رسمي پورهيت بڻائي اجرتي مزدور ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
پنھنجو زرعي سوال سرمائيداراڻي ترقي ۽ طبقاتي جوڙجڪ جو سوال آھي. سياسي جماعتن کي انهي مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

زرعي بدحاليءَ کي صنعتڪاريءَ ذريعي حل ڪرڻ جون فڪري ڏند ڪٿائون

زرعي سوال هاڻوڪين حالتن ۾ وري ٻيهر اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. ڇاڪاڻ جو دنيا کي هڪ خوف وڪوڙي ڇڏيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ وڌنڌڙ آبادين لاءِ گهربل کاڌ خوراڪ جي ضرورتن جو پورائو ڪيئن ٿيندو. وڌندڙ عالمي آبادي کي کارائڻ سان گڏ، ٿوري ايڪڙن تي وڌيڪ کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پوندو. گڏيل قومن جي تازي تخميني مطابق دنيا جي آبادي اٺ ارب ماڻهن کي ڇهي رهي آهي ۽ 2050 تائين 9.3 ارب آباديءَ تائين پهچي سگھي ٿي. ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ وڌندڙ آمدني سان گڏ دنيا ۾ خوراڪ، پروٽين ۽ گوشت جي گهرج وڌي رهي آهي. 2050 تائين کاڌي جي طلب جي شرح 59 سيڪڙو کان وڌي 98 سيڪڙو تائين پھچڻ جي اڳڪٿي ٿيل آھي .موسمي تبديلين کان شهري آباديءَ جي وڌڻ، سيڙپڪاريءَ ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائي اھڙا ٻيا ڪيئي سبب خوراڪ جي طلب جو پورائو ڪرڻ ۾ به مشڪلات جا سبب بڻبا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس مارچ 2021 ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ ڪووڊ ۱۹ جي خطري ڪري دنيا جا لکين ماڻهو بک مرڻ جي خطري ھيٺ آھن جيڪي فوري ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ انتهائي بک ۽ موت جي ڪناري تي پهچندا. کاڌ خوراڪ جو مستقبل ۾ اهڙو تحفظ عالمي تنظيمون، ادارا ۽ حڪومتون مهيا ڪري سگهنديون به يا نه؟ ان ڏس ۾ حڪومتون ڪيتري حد تائين سنجيده آهن؟ حڪمران ان ڏس ۾ ڇا سوچين ٿا ۽ جيڪڏهن سوچين ٿا ته پوءِ نه سوچڻ جا امڪاني نتيجا ڪهڙا ھوندا؟ حڪمران گهربل تحفظ کان با خبر به آهن سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو اهڙن سوالن ڏانهن ڪهڙو رويو آھي. عام راءِ – سوچ ان ڏس ۾ ڪھڙي آهي. ڀلا حڪمرانن ڪڏهن ايئن سوچيو هجي يا سوچڻ شروع ڪيو هجي ته اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي آباديءَ جي وسيع اڪثريت انھن جي رهڻي ڪهڻي روزگار ۽ باقي آباديءَ جي کاڌ خوراڪ جي رسد جو دارومدار جيڪو زراعت تي آهي. جيڪڏهن سڀاڻي زراعت گهڻ طرفين سماجي، ماحولياتي توانائي جي تبديلين ۽ معاشي بحرانن جي ور چڙھي وڃي ته اهڙن بحرانن جو حڪمرانن وٽ حل ڪهڙو آهي. تيزيءَ سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديليون، توانائيءَ جون وڌنڌڙ گھرجون، کاڌ خوراڪ جو تحفظ، ۽ معاشي خوشحاليءَ جهڙا اهم سوال آهن، اھڙن سوالن جا مناسب جواب ڪهڙا آهن؟
فطرت جي تباهي، آباديءَ جو دٻاءُ گرمي پد جو وڌڻ زرعي عملن جو پوئتي پيل ھجڻ زهريلن مادن جو وڌنڌڙ استعمال نقصانڪار ڀاڻ جو وسيع استعمال وغيره، زراعت سان لاڳاپيل اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي تبديليون اسان سان گڏ سموري انسان ذات جي وسيع اڪثريت کي هڪ ڊگهي عرصي ۾ ڪٿي وڃي بيهارينديون. اهڙيون تبديليون هاڪاري آهن يا ناڪاري .ترقيءَ جا چالو ماڊل ۽ فڪر ان ڏس ۾ ڪهڙي رهنمائي ڪن ٿا. ان سوال کان قطع نظر ته ڪنهن متبادل لاءِ سوچجي. ترقين جي چالو ماڊلن مان جيڪڏھن ڪجھه هاڪاري نتيجن جي اميد نه آھي يا ان جي مقابلي ۾ متبادلن تي ڇو نه سوچجي، ٻيو آسان حل آهي ته ان سوال کان ئي ڪن لاٽار ڪجي. چالو معاشي ماڊلن، فڪرن ۽ سوچن، قانونن ۽ قاعدن جي روايتي پوئيواري پابندي ۽ تقليد ڪندي ڏند ڪٿائون گهڙجن روايتي ۽ صدين کان جامد سوچ ۽ فڪر جي مڪمل پوئيواري ڪجي بي فڪر ٿي آرام سان ويهي رھجي ۽ مستقبل جي باري ۾ مفروضا مغالطا ۽ خوشفهميون جوڙجن. پنهنجي ملڪ ۾ زرعي سوال اهڙو ئي ھڪ مغالطو آهي جنهن سان ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون جڙيل آهن.
مثلن ھڪ ڏندڪٿا ھي آھي ته زرعي بدحاليءَ کي صنعت ڪاريءَ ذريعي حل ڪجي. ان ڏس ۾ سٺ جي ڏهاڪي ۾ زراعت - صنعت جو ٻٽو ماڊل پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو ويو. ان ماڊل جي فڪر ۾ معيشت ٻن شعبن (زراعت ۽ صنعت) تي ٻڌل ھئي، زراعت غير رسمي شعبو ھو، جنهن ۾ اضافي پورهيت ۽ پوئتي پيل شعبو ۽ اجرتن ۽ زندگيءَ جو معيار گهٽ ۽ پيداواري صلاحيت به گهٽ ھئي. صنعت ڪاريءَ جي ذريعي سيڙپ ڪاري ڪري زراعت مان اضافي پورهيتن کي صنعت ڪاريءَ ۾ لڳائي، رسمي پورهئي، زرعي اجرت کان ٿوري وڌيڪ اجرت ڏيئي صنعت ڪاريءَ ۾ لڳائي ۽ صنعت ڪاريءَ مان اضافي پيداوار حاصل ڪري منافعو ڪمائي، وري ٻيهر سيڙپڪاري ڪري پيداوار ۽ روزگار ۾ واڌارو ڪبو ۽ ائين زراعت ۽ صنعت جي گڏيل تعلق سان ترقي حاصل ڪرڻي ھئي، تيستائين، جيسين وڃي زراعت مان اضافي پورهيتن جو خاتمو ٿئي. اهڙو ماڊل 1960ع ۾ زرعي انقلاب جي نالي ۾ نئين صنعتڪاري، نيون زرعي جنسون ٻج ڀاڻ ۽ قرض متعارف ڪرائي منصوبابنديءَ سان شروع ڪئي ويئي. جنهن سان زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ زبردست اضافو ٿيو، صنعتڪاريءَ به زبردست منافعو ڪمايو پر اهڙو منافعو ٻيهر سيڙپڪاريءَ ۾ استعمال نه ٿيو. امير ماڻهن دولت گڏ ڪئي ۽ ٻيو ته صنعتي ۽ زرعي ترقي ٻاھرين قرضن جي ذريعي ٿي. سرمايو اندريون نه هو ان جا نتيجا گهڻي ڀاڱي اڻ برابرين جي شڪلين ۾ واضح نظر اچڻ لڳا، نه مڪمل صنعتڪاري ٿي نه روزگار وڌيو نه زراعت مان بدحالي ۽ بک ختم ٿي ۽ نه وسيع خوشحالي آئي. امير ماڻهن ٻيهر سيڙپڪاري نه ڪئي ٻئي طرف ملڪ قرضي ٿي ويو.
مٿين ۽ اهڙن فڪرن ۽ خيالن جو واسطو ۽ پس منظر يورپ ۽ اتان جي زرعي سماجن ۽ اڀرجندڙ جديديت ۽ صنعتي ترقيءَ سان هو. اتان جي سرمائيداراڻي ترقيءَ کي پنهنجي مخالف طاقتن جي ڀيٽ ۾ بيٺڪيت جي ملڪن ۾ واپار ۽ تجارت لاءِ صنعتڪاري ڪرڻي هئي. يورپ جي اهڙي صنعتڪاريءَ جا بنياد بيٺڪيتن جي خام مال غلامن جي واپار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جي بنيادن تي بيٺل ھئا، صنعتڪاريءَ لاءِ خام مال غلامن جي واپار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ان وقت جي يورپ لاءِ وقت جا رائج سڪا هئا. اهڙي صنعتڪاريءَ جا بنياد نسل پرستيءَ تي ٻڌل هئا.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته يورپ جي صنعتڪاريءَ ڪهڙي به غير انساني هئي، پر پنھنجي جوھر ۾ انساني ترقيءَ لاءِ تمام اهم هئي، ڇاڪاڻ ته ترقيءَ جي عمل ۾ عوام دشمنيءَ فوجي طاقت جي استعمال ۽ سمورن انساني اصولن جي ابتڙ سماج جو جاگيرداريءَ کان صنعتڪاريءَ ڏانهن سفر شروع ٿيو. سماج جي مجموعي سرمائيداراڻي اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ زراعت جي اهڙي ترقيءَ ذريعي جاگيرداريءَ جي هڪ هٽين کي هٽائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، اهڙي عمل ۾ ظاهر آهي ته زراعت ۽ لاڳاپيل هاري متاثر پئي ٿيا. ان مان ٻين نون تضادن جنم ورتو ته صنعتڪاريءَ جي عمل ۾ متاثر ٿيندڙ هارين ۽ انهن جي وڃايل زمين حقِ خوداراديت جمهوريت برابريءَ جا حق ۽ ٻيا ڪيترائي پائيدار ترقيءَ سان لاڳاپيل مسئلا ۽ تضاد هئا. ايئن اوائلي سوچ ته ڪو زراعت صنعتڪاريءَ لاءِ بنيادي، ڪارگر ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ان جي برعڪس ٻيا مسئلا پڻ پيدا ڪري ٿي، اهڙي روايتي سوچ جو خاتمو ٿيو.
پاڪستان ۾ پنهنجي نالي ماتر صنعتي ترقيءَ جي باوجود اڃا تائين ان جي زرعي شعبي ۾ سڀ کان وڏو غير رسمي زرعي نظام موجود آهي. جنھن ۾ کاڌ خوراڪ روزگار ۽ ٻيا پائيداريءَ جا مسئلا حاوي آهن. رڳو صنعتڪاري ڪرڻ سان بي زميني بي حسي پسماندگي زمين تي رسائيءَ جو حق، برابري ۽ سماجي انصاف ڏيڻ جا بنيادي مسئلا ختم نه ٿي سگهندا ۽ نه ئي زراعت موسمي تبديليءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي ۽ نه ئي روايتي زرعي عمل وڌندڙ آباديءَ لاءِ خوراڪ مهيا ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته زرعي سوال جو سڌو سنئون واسطو وسيلن تي اختيارن جو آهي. جمهوري حق، برابريءَ ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ شموليت سان ڳنڍيل آهن. زرعي سوال هارين ۽ انهن جي طبقاتي ۽ سماجي حيثيت يا انهن جي پيداواري عمل ۾ شروعاتي ميڙي - ڦرلٽ جي مسئلن سان جڙيل هو، هارين ۾ شروعاتي ميڙي ڦرلٽ معاشي حالتن ۽ زرعي عملن ۽ سماجي بدحاليءَ سان جڙيل هو.
زرعي سوال ۾ زرعي بدحالي هڪ سماجي بيماري هئي، جنهن جو علاج صرف “صنعتڪاريءَ” سان ممڪن هو. ايئن زراعت - صنعتڪاري اهڙي ٻٽي بيماري جو علاج طور ڏندڪٿائن جو حصو بڻي.
روايتي انقلابي فڪري ڌارائن اهڙين زرعي بدحالين کي سياسي، سماجي ۽ معاشي رخن کان جڏهن جاچڻ شروع ڪيو ته سمورن فڪرن ۾ هڪ فڪري يڪسانيت هئي ته زرعي بدحاليءَ کي سرمائيداريءَ يا سوشلسٽ فڪر ۾ صنعتڪاريءَ ذريعي منهن ڏيئي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايئن فڪري طور سڄي دنيا جي معاشي ماهرن زرعي سوال کي هڪ روايتي نظريو سمجهي، کيس “صنعتڪاري” جو سوال قرار ڏنو. اهڙي ئي سوال دراصل وقت جي چالو سياست ۽ معيشت جي ڌارائن مختلف قسم جي صنعتڪاريءَ سان ڳنڍيو. سوشلسٽن پڻ اهو سوچيو ته زرعي بدحالي ۽ پسماندگيءَ کي صرف صنعتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي.
اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ سياسي ۽ نظرياتي لاهن چاڙهن جي ڪري زرعي سوال _ صنعتڪاري کان اڳتي وڌي ويجهي نه سگهيو. ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ زرعي بدحالي - صنعتڪاريءَ واري سوال وري ٻيهر ڪَـرُ کنيو ھو. ان ۾ مورڳو يڪسر نوان انقلابي لاڙا پيدا ٿيا، جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن اهڙي (بدحالي - صنعتڪاري) کي فني صلاحيت عام ۽ سادو معاشي عمل قرار ڏيئي معيشتدانن ۽ عالمي ادارن پاليسي سازن سياستدانن ۽ معاشي ماهرن جي حوالي ڪري ان کي هڪ ڏند ڪٿا بڻائي ڇڏيو، جنهن جو علاج صرف ئي صرف صنعتڪاري آهي. بدحاليءَ کي مورڳو تربيت يافته زرعي معاشي ماهرن ۽ رٿابنديءَ جي ماهرن حوالي ڪري ڇڏجي.
سرد جنگ جي زماني ۾ اهڙي سوچ جي نتيجي ۾ هڪ نئين علم جنم ورتو. جنهن کي اڄڪلهه “ترقيءَ جي معاشيات” سڏجي ٿو. ڊبليو.ڊبليو روستوِ جي نظريي مطابق زرعي ترقيءَ کي ڏاڪي به ڏاڪي وڌائي ترقي ڪري سگهجي ٿي ۽ آرٿر ليوز جي نظريي مطابق معيشت ۾ ٻٽن (زرعي- صنعتي) شعبن ۾ رسمي ۽ غير رسمي اضافو پورهيت کي زراعت جي نسبت وڌيڪ اجرتون ڏيئي صنعت ۾ ضم ڪري اضافي پورهيتن جو زمين ۾ خاتمو ڪجي. هي اهو زمانو هو جڏهن دقيانوسي جاگيرداري سماج ۽ ان جون سامراجي حڪومتون غير يورپي ملڪن تي بيٺڪيتن جي شڪل ۾ تسلط قائم ڪيو ويٺيون ھيون.
زرعي سوال انقلابي فڪر هيٺ زميني سڌارن ۾ اڳڀرائي نه هئڻ جي ڪري غالب جاگيردار ۽ بيٺڪي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڦرلٽ کان بچڻ لاءِ سندن وٽ واحد رستو، متبادل طور هاري انقلاب جو رستو وڃي بچيو هو. هي اهو وقت هو جڏهن چيني انقلاب اڃان نه آيو هو ۽ يورپي فڪر اتان جي سياسي معاشي، فلسفي ۽ جمهوريت جي سوالن ۾ گم هو.
ٽئين دنيا ۾ هارين جي جدوجهدن، بدحاليءَ واري سوال ۽ عمل کي سامراجي ڦرلٽ، جبر، استحصال ۽ بدحاليءَ جي عمل کي صنعتڪاريءَ سان ملائي حڪمت عمليءَ تحت مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيو. ايئن ان حاصلات جو مقصد هو ته سامراجي بالادستيءَ کان آزادي ماڻڻ ۽ قومي آزادي حاصل ڪري زمين ۽ بدحاليءَ سان جڙيل سڀ رڪاوٽون، جهڙوڪ: زمين تي جاگيردارن جي هڪ هٽي ختم ڪري، سياسي، معاشي ۽ فڪري طاقت سان هارين ۾ تحرڪ آڻي، انهن ۾ قومي آزاديءَ جي تڙپ پيدا ڪري، انهن جي انقلابي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو وٺي انهن کي قومي ويڙهه جي ڌارا ۾ شامل ڪجي. ايئن بدحاليءَ جي ٻنهي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فڪرن ۽ ان تي انقلابي فڪر، سوچ ۽ مزاحمتي تحريڪن، بيٺڪي حڪمرانن خلاف ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ زبردست عوام دوست قومي تحريڪن جنم ورتو. روس جنگِ عظيم ۾ فاتح ٿي اڀريو ۽ چيني زرعي قومي انقلاب پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳو ۽ فڪري طور اولهه ۽ ڏکڻ ۾ زرعي سوال تي فڪري خال واضح ٿيندو ويو.
هاڻوڪي وقت ۾ زرعي سوال ۾ ته اڃان ساڳي يورپي سوچ حاوي آهي. ان سوچ ۾ زرعي ۽ روايتي بدحاليءَ جو حل صنعتڪاري آهي ان ۾ اڃان تائين بدلجندڙ حالتن ۾ نئون فڪر داخل ئي نه ٿيو آهي. زرعي سوال کي اڃان لبرل معيشتن جي ماڊلن، سرمائي، منڊين جي بيهڪ ۾ تجزيو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته زرعي سوال ڏکڻ، اسان جھڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ بنهه مختلف نوعيت جو آهي.
لبرل معيشت ۾ زمين کسجڻ غير رسمي معيشتن جو وڌڻ معاشي اڻ برابري غربتن، زرعي سوال ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي. ايئن هاري تحريڪون زميني ۽ زرعي سڌارن کان اڳتي لبرل معيشت جي ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف جدوجهد ڪن ٿيون.
زرعي سوالن تي هينئر تحقيقون به يونيورسٽين ۾ ناپيد آهن. تحقيقون به عالمي اين.جي.اوز سرڪاري ۽ ڊونر ايجنسين جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت، رضامندين، حڪمت عملين ۽ اولهه ۽ لبرل معيشت جي فڪر هيٺ سکڻ ۽ تربيت جي شڪلين ۾ واضح نموني جڙيل آهن.
ان سڄي فڪري عمل ۾ هارين ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن ۽ انهن جي مزاحمت ۽ مشڪل وقت ۾ ڪو اوهي واهي ڪونهي ۽ ايئن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ “هاري دانشور” ملندو نه ته وڃي ٿيا ست خير! زرعي سوال حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ معاشي ۽ زرعي بدحالي پاڻ هڪ وڏو مرڪزي معاشي سوال بڻيل آهي ۽ پاڻ جهڙن پوئتي پيل علائقن ۽ ملڪن ۾ موجود وسيع هاري ۽ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، ايڏي وڏي آباديءَ کي ۽ ان جي صلاحيتن کي ٻنجو ڏيئي، کيس پورهئي جو استحصال جاري رکڻ آهي ۽ صدين جي غلاميءَ کي جاري رکڻ برابر آهي.

ڇا زرعي سوال مورڳو ”سرمائي“ جو سوال آھي؟

زرعي سوال ۾ ٻه اهم فڪري ڌارائون رھيون آهن. ھڪڙي فڪري ڌارا زرعي سوال کي سرمائيداريءَ جي واڌ ويجهه جي تناظر ۾ ڏسي ٿي ۽ ٻي فڪري ڌارا غريب ملڪن ۾ هاري - سوشلسٽ ۽ قومي انقلابن جي واڌ ۽ نسبت سان ڳنڍي ٿي. ٻنھي فڪري ڌارائن ۾ زرعي بدحاليءَ ۽ پسماندگيءَ جو حل صنعتڪاريءَ ۾ سمجهيو ويو آھي. پھرين عمل ۾ سماجي تبديليءَ لاءِ شهري سرمائيدار طبقو پيدا ڪري صنعتڪاريءَ ڪري زرعي سوال جو حل سمجھيو ويو. اهڙي حل کي تاريخي طرح “سرمائيداري مٿان کان هيٺ” عمل وارو آمريڪي طرز عمل ليکجڻ لڳو. ان جو مطلب ھو ته رياستي پاليسين ذريعي زراعت ۾ سرمائيداري وارو عمل شروع ڪري، زرعي پسماندگيءَ کي ختم ڪري سگھجي ٿو يا منھن ڏيئي سگھجي ٿو. تاريخي طرح سرمائيداريءَ جو ھڪ قسم “سرمائيداري هيٺان کان مٿي” جرمنيءَ جي طرزِ عمل وارو به ھو. جنهن ۾ ننڍن هارين ۽ ننڍن آبادگارن زراعت کي تجارتي بڻائي ۽ زرعي پيداوار کي مارڪيٽن ۾ برآمد ڪري ۽ ننڍن هارين پنهنجو پاڻ کي امير بڻائي ڇڏيو ھو .ان سڄي تاريخي عمل ۾ سرمائي جي ميڙي ۽ استحصال سرمائيداراڻي صنعتڪاري جي واڌ ويجهه جو سڀ کان وڏو عنصر هئي ۽ خاص ڪري يورپ ۾ اهو عمل داخلي نوعيت جو هو، ڇاڪاڻ ته يورپي بيٺڪي حڪومتن کي ڪيترن ملڪن مان غلام خام مال ۽ برآمد لاءِ بيٺڪي منڊيون اڳ ۾ ئي قبضي ھيٺ هيون ۽ غريب ملڪن مان خام مال ۽ جنسون درآمد ڪري، پاڻ کي صنعتي ترقي وٺرائي ترقي يافتا ملڪ اڳ ۾ ئي ٿي ويا ھئا. ظاھر آھي ته يورپي صنعتڪاريءَ جي بنيادي عمل ۾ اضافي پورهيو پيداواري قدر، خام مال ۽ غلامن جو استحصال، فوجي طاقتن ۽ پوئتي پيل ملڪن تي ڪنٽرول ۽ قبضي لاءِ سرمائيداري عمل جي بالادستي جو نتيجو هو، جنهن عمل جي نتيجي ۾ ئي سرمائيڪاري، صنعتڪاريءَ ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ اضافو ٿيو.
ان جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل ۽ ڏکڻ جي ملڪن کي کاڌ خوراڪ ۽ بنيادي جنسن جي پيداوار تائين محدود رکي غلام پورهيت کي گهٽ اجرتن تي وهائي ۽ سندن ملڪن کي ظالماڻي بيٺڪي نظامن ۽ قبضن ھيٺ رکي، صنعتي ترقي حاصل ڪئي ويئي ھئي. اهو سڄو معاشي عمل استحصالي عمل ھ،. جنهن جون مختلف شڪليون بيٺڪيتن جي خاتمي سان به ختم نه ٿيون آهن. هاڻوڪي لبرل معيشت جي استحصالي شڪل ان عمل کي اڃان وڌيڪ تيز ڪيو آهي. لبرل معيشتن عالمي واپار، سرمائي، ماحولياتي تباھيءَ، عالمي مالياتي نظام ۽ غير رسمي پورهئي ۽ رياست جي مدد سان ڄڻ ته ان استحصالي عمل کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي. ايئن زرعي سوال سرمائيدار ملڪن ۾ ئي اڃان حل نه ٿيو آهي.
سرمائيدار ملڪن جي صنعتي ۽ معاشي ترقي اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن جي مسلسل بدحاليءَ جي نتيجي ۾ ٿي آهي. غريب ملڪن ۾ زرعي سوال صحيح معنى ۾ عالمي ۽ داخلي يا سياسي بحث ۾ اڃان تائين علمي ۽ فڪري طرح بيان ئي نه ڪيو ويو آهي.
هينئر موجوده وقت ۾ هن مسئلي تي چالو سوچ ڇا آهي. عالمي مالياتي ادارا ۽ اولهه جا ملڪ پنهنجي ھڪ طرفي فڪري سوچ هيٺ ڏکڻ جي ملڪن کي غريب ملڪ سمجهي “امداد”، “قرض” ۽ “رعايتون” ڏيڻ “غربتون گهٽائڻ” ۽ مدد جي نالي ۾ عالمي منڊين سان “مقابلي” لاءِ تيار ڪن ٿا. ان جي برعڪس ته غريب ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جي قابل آهن يا نه. اها فڪري سوچ پنهنجي جوهر ۾ متضاد آهي ان ۾ ڪيئي مغالطا ۽ تضاد آهن، ته ڪي غريب ملڪ ان فڪري رستي تي هلي زرعي ۽ قومي نجات حاصل ڪري سگھندا. معاشي ترقيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ رخي سوچ ۾ اهو به واضح ناهي ته سرمائيداراڻي ۽ صنعتڪاريءَ جي رفتار کي سست يا تيز رکجي، رفتار هلڪي رکجي يا ڳري رکجي، تيز يا تمام تر تيز رکجي يا پرامن رفتار رکجي. ظاهر آھي سڀني حالتن ۾ نتيجا مختلف ٿي سگھن ٿا. ان متعلق ڪا واضح وضاحت پيش ڪيل نه آهي. ايئن ڪيترائي مفڪر روايتي زرعي سوال کي عالمي سطح تي حل ٿيل سمجهي، ان کي دراصل صنعتي ترقيءَ جي خاصيتي تبديلين سان ڳنڍين ٿا. خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾ اهڙي خاصيتي تبديليءَ کي سرمائيداريءَ جي عمل ۾ تيز ڪري حل ڪرڻ گهرن ٿا. ان ۾ سڀ کان وڏو معاشي فڪري لاڙو ڪزنيٽ جي “جديد معاشي ترقي يا واڌارو” جو اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. هن نظريي موجب زرعي ترقيءَ جي واڌ ۽ شرح کي آهستي آهستي، ڏاڪي به ڏاڪي واڌارا آڻي ان ڏاڪي تي پهچائجي، جتي مجموعي ڪل پيداوار ۾ زراعت ۽ ان ۾ پورهيتن جي شموليت جو حصو ۽ سيڪڙو صنعتڪاري ۽ ٻين شعبن جي مقابلي ۾ گهٽائي ٿورو ڪجي ۽ ايئن جلدي ڪاميابيون حاصل ڪجن ۽ زرعي تبديلين جو عمل تيز ترتڪڙو ڪجي ته جيئن جلدي معيشتون ترقي ڪري سگھن. اهڙيون ستيون ۽ ڦڪيون ڏيئي زرعي سوال کي جديد معاشي ۽ پيداواري عمل ۾ اهم شعبو سمجهي ۽ ان جي ڪل ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو دارومدار ملڪ جي معاشي تبديليءَ جي نوعيتن سان جوڙي يا ڳنڍي ڇڏيل آهي. ان ۾ جيڪي به تبديليون چاهي معاشي سماجي رشتن جون اچڻيون آهن، اهي پيداواري عمل، صلاحيت جي واڌاري، اضافي قدر ۽ سرمائي جي ڦهلاءَ ۽ واڌ جي عمل سان جڙيل آهن. ڇا ان عمل ذريعي زرعي ۽ معاشي پسماندگين مان نجات ممڪن آهي؟ جڏهن سرمائيداريءَ جا عمل ۽ پيداواري رشتا زرعي عملن ۾ پيهجي ويندا فني ترقيون ٿينديون، پيداواري قدرن ۾ اضافو ٿيندو ۽ پورهئي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ته “زرعي سوال” پنھنجو پاڻ حل ٿي ويندو. الله الله خير صلاح! جڏھن ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهم نوعيت جون خاص خاصيتن واريون پر اهم هڪ خاص قسم جي خاص رخن واريون تبديليون اينديون. اهي تبديليون زراعت جي اڪثريت ۽ ماڻهن جي زندگين کي تبديل نٿيون ڪري سگھجن. ايئن تاريخي طرح روايتي زرعي سوال کي سرمائي جو سوال سمجهيو ويو آهي.
جيڪڏهن مٿين منطقي دليلن کي سمجهي آمنا صدقنا ڪري قبول ڪري وٺجي ته زرعي تبديلين جو عمل ان رخ ۾ ترقي ڪري ڪامياب ٿي ويو ھجڻ گھرجي ھا، جي ائين ھجي ھا ته سماجي تبديليون اوس اچڻ گھرجن ها. زراعت جي ترقيءَ سان گڏ صنعتڪاريءَ جي ترقيءَ ۾ به صاف صاف اضافو نظر اچڻ شروع ٿي وڃي ها پر ائين نه ٿيو. جيڪڏهن زرعي سوال واقعي ئي سرمائي جو سوال آهي ته پوءِ ان مطابق طبقاتي اڻبرابري سرمائي جي مدد سان زراعت ۾ پيداواري طريقن ۾ تاريخي واڌ ڪري ڪو مؤثر ڪردار ادا ڪن ها ۽ ايئن معاشي ڦيٿي جي ڦرڻ سان سرمائيداراڻي ترقيءَ وسيلي زرعي سوال سان گڏ ۽ ان سان لاڳاپيل وسيع پورهيت، آبادگار ۽ محروم طبقن ۽ آباديءَ ۾ خوشحالي، انھن جي پيداواري صلاحيت، صنعت ۽ غير زرعي شعبن ۾ صلاحيت وڌيل نظر اچڻ لڳي ها. پر ايئن نه ٿيو ۽ ايئن ان مغالطي ئي اوائلي “زرعي سوال” کي فڪري معنا ۾ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ ٻي جديد زرعي سوال جنم ورتو.
هينئر عالمي سرمائيداريءَ جي لبرل معيشت جي نظام ۾ عالمي سرمائي جي گردش چالو عالمگيريت خاص طور اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۽ خطن ۾ ان روايتي زرعي سوال تي به موت جو پروانو نصب ڪري ڇڏيو آهي اهو پروانو تاريخي طور وڏو اسپيڊ بريڪر يا فل اسٽاپ هوندو ته پنهنجي ملڪ ۾ زرعي سوال کي مورڳو “سرمائي” جو سوال سمجهي، ٻه - ٽي قل پڙهي بوڇڻ ڇنڊي ڪن لاٽار ڪري روايتي سوچ جو غلام ٿي ان جي تاريخي ۽ بدلجندڙ سماجي ۽ معاشي عمل ۾ مورڳو واضع ڪردار کي خارج ڪري ڇڏجي. ان جي جدليات، سماجيات ۽ قومي ڍانچن ۽ فڪري جوڙجڪن ۽ ڳانڍاپن کان ئي مورڳو انڪار ڪجي. پاڻ جهڙن معاشرن ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته ڪامياب سرمائيداري عمل ذريعي زراعت جي واڌ ويجهه ڪري ۽ سرمائيداري عمل جي مدد سان مڪمل ڪجي. جي ايئن آهي ته نين صنعتن ۾ اضافو ٿيڻ گھرجي ها هتي ته مورڳو صنعتڪاري عمل جي ابتڙ نيو لبرل معيشت عام ماڻهن کي زمينن تان بيدخل ڪري انهن جي وسيلن کي رياستي مشينري جي زور تي بي گهر ڪري، معيشتن کي عالمي معيشتن جي لبرل نظام ۽ فلسفي سان جوڙي رکيل آھن.
اسان جون معيشتون اولهه جي معيشتن تي دارومدار رکن ٿيون. لبرل معيشتن پنهنجي عالمي سرمائي جي طاقت، جنگين عالمي مالياتي ادارن جي پنجوڙن سان سياسي ۽ فطرتي ماحولياتي تباهين سان ڦرلٽ ۽ استحصالي عمل ۾ روان دوان آهي .ٻاهرين ۽ سرمائيدار رياست جي جوڙ توڙ سان سرمائي جي ميڙيءَ جو عمل تيز ٿي رهيو آهي، ايئن معاشي عمل اسان جهڙن ملڪن ۾ ان ئي يورپي فڪر جي تناظر ۾، ايشيا ۽ اسان جهڙن ملڪن لاءِ هڪ ڏندڪٿا ثابت ٿيو آهي.
گذريل ٽيھه چاليھه سالن جي طاقتن جي اڻ برابرين لبرل معيشت ۽ سرد جنگين جي ڇڪتاڻن ۽ عالمي ادارن دراصل هڪ وڏي ڪمال چالاڪيءَ سان زرعي مهارتون ايجاد ڪرائي، مٿين سوچن کي اڳتي وڌايو آهي. عالمي ادارا پاڪ صاف ٿي اين.جي.اوز جي مائڪرو ڪريڊٽ، ڪميونٽي ڊيولپمينٽ، پائيدار ترقيون ۽ رياست جي سرمائي ۽ جاگيردار نظام جي ڳٺ جوڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. زرعي سوال اسان جهڙن خطن ۾ هڪ خيالن جو ڪاڪ محل ۽ ماهرن جو ڪاڪ ٽيل ٿيل آهي. مٿين فڪرن ۽ تجربن جو پنهنجي ملڪ جي ساخت، ڍانچي، تبديلين ۽ اسان جي بدحالين سان ڄڻ ته ڪو واسطو ئي نه هو ۽ نه آهي، تنهن ڪري ان سوال کي جاچڻ ضروري آهي.

زرعي سوال هڪ مسلسل بدلجندڙ ۽ هڪٻئي تي اثرانداز ٿيندڙ اھم سوال آهي

زرعي سوال سرمائي جي اوسر جي نتيجي ۾ هڪ مسلسل، بدلجندڙ ۽ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيندڙ اھم نوعيت جو سوال رھيو آهي. تاريخ جي مختلف ڏاڪن تي سرمائي جي اوسر بيٺڪيتن کي وجود ۾ آندو. غلامن جي ڪاروبار ۾ واڌ آندي. فوجي چڙهايون ٿيون، عالمگير جنگيون لڳيون. ماحوليات جون تباهيون آنديون، سرمائي جي اوسر ان جي هڪ هٽي واري يا مالياتي شڪل، وسيع اڻ برابريون پڻ پيدا ڪيون. ان تاريخي عمل هڪڙن ملڪن کي معاشي طور مرڪزي ملڪن ۾ ۽ ٻين کي پسگردائي وارن ملڪن ۾ تبديل ڪري ھڪ قسم جا ٻيا معاشي مسئلا ۽ مونجھارا پيدا ڪيا آھن.
روايتي زرعي سوال پنهنجي نوعيت ۾ فڪري طرح صنعتي ترقيءَ ۽ قومي آزاديءَ سان سلهاڙيل سوال رھيو آهي. صنعتي ترقي يورپ جي ملڪن ۾ پنهنجي غير هموار سماجن کي توازن ۾ آڻڻ واري جدوجهد هئي. بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزاديون اوليت تي هيون. ڪيترن مفڪرن ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ته پسگردائي يا بيٺڪي ملڪن کي پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ سامراج مخالف قوتن کي مضبوط ڪرڻو ھو. اهڙين قومي تحريڪن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري ۽ ان جا پير وسيع عوامي حمايت سان سلھاڙي قومي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهي وڃي ته زرعي سوال کي قومي سوال سان ملائي حل ڪري سگهجي ٿو. ٻيو متبادل هي آهي ته پنهنجي مٿين ڦرلٽ ڪندڙ طبقن ۽ سامراجي قوتن مان جان ڇڏائجي ۽ اهڙن زبردست خيالن جو اظهار پهريان ايشيا _ چين ۾ مائوزي تنگ ڪيو ۽ بعد ۾ آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ زور ورتو ۽ عوامي تحريڪون مضبوط ٿيڻ شروع ٿيون. اهڙا زبردست خيال، ويھين صديءَ ۾ وڏي عرصي تائين اهم سوال ٿي اڀريا.
پاڻ جهڙن ملڪن ۾ به زرعي سوال قومي جدوجهد واري سوال کان ڪٽيل، ڌار ۽ الڳ ٿي بيٺل سوال رھيو آهي. قومي وسيلن جي ڦرلٽ زمينن جي کسجڻ حقِ حاڪميت يا قومي خودمختياري يا ثقافتي ۽ لساني تشخص کان محرومي جيڪڏهن پنهنجي زرعي بدحاليءَ ۾ ڏسجي يا قومي غلاميءَ کي زرعي بدحاليءَ سان ملائي تجزيو ڪجي ۽ ان جو تاريخي طرح ڇيد ڪجي ان کي سمجھجي ته ٻنھي سوالن ۾ ھڪ قسم جي يڪسانيت نظر ايندي. ٻنھي سوالن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعلق ۽ ڳانڍاپي کي ڏسي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. ان ٻه طرفي ڳانڍاپي کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي يا ان کي اڻ لاڳاپيل سوال سمجهي، عوامي ۽ مقبول سياست جي ڏندڪٿا جو شڪار بڻائي ڇڏجي. تنهن ڪري، قومي آزاديءَ ۾ زرعي سوال کي يا زرعي سوال ۾ قومي آزاديءَ کي ملائي ڏسڻ گهرجي. ان ڳانڍاپي ذريعي بدحاليءَ کي قومي آزاديءَ سان جوڙي، صاف ۽ شفاف بيان ڪرڻ گهرجي. ايئن زرعي پسماندگيءَ ۽ قومي آزاديءَ جي حقن واري ھلچل کي داخلي توازن ڏيئي پاڻ ۾ ان جي اهم يڪسانيت، نوعيت، ڦرلٽ جبر ۽ استحصال جي شڪلين کي سمجهجي ۽ سياسي جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط ڪجي.
زرعي پسماندگي عالمي طور ھڪ مڃيل سوال ٿي اڀريل آهي ۽ سنڌ جي خاص حالتن ۾ نه رڳو ان جي طبقاتي ۽ سماجي اڻ برابري، صنفي اڻ برابري، وسيلن تي ڌاڙن جي شڪلين ۾، ماحولياتي تبديلين جي شڪل ۾ واضع ٿي اڀريو آھي پر زرعي ۽ قومي سوال پاڻ ۾ جڙيل آهن. ايئن زرعي سوال ۽ هاڻوڪي قومي آزاديءَ جي سوال ۾ اهو مرڪزي حيثيت رکي ٿو. وسيع آباديءَ جي غلاميءَ جي شڪلين کان نٽائي، ڪنهن به قسم جي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي نٿي سگهجي، هڪ اهڙي سماج ۾ جنهن ۾ اڪثريت، انهن غلامن جي زندگي گذاري رهي آهي قومي آزادي ڪنهن به صورت ۾ اتي ڪا معنيٰ نه ٿي رکي.
هر قومي سوال ۾ زرعي سوال مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ هاڻوڪن جديد سماجن جي اڏاوتن ۾ صنفي اڻ برابرين، پسماندگين، طبقاتي اڻ برابرين ۽ قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ علائقائي مظلوم قومن جي تعاون سان ڳنڍڻو پوندو. جيڪڏهن انهن ٻنهي سوالن کي رد ڪجي ته چالو هڪ هٽيءَ واري سرمائيدار لبرل معيشت جي عمل ۾ نه برابري ٿيندي نه وسيلن تي مالڪي وٺي سگهبي ۽ نه ئي طبقاتي استحصال کي شڪست ڏيئي سگهبي، انهيءَ ڪري زرعي سوال زنده آهي. قومي سوال دراصل ان زرعي سوال پسماندگيءَ، بدحاليءَ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جي هڪ اڳتي وڌيل شڪل آهي. ان کي عالمي سرمائي جي نظام، رياست جي شڪل ۾ پنهنجي سماج جي معاشي ۽ سياسي ڍانچي ۾ ٻنهي سوال وسيع عوام جي گذر سفر جي وسيلن سان لاڳاپيل سوال آهن ۽ ساڳئي طرح زرعي پسماندگين کي قومي حقن حاصل ڪرڻ کانسواءِ حل نه ٿو ڪري سگهجي.
زرعي سوال هرو ڀرو ڪو تاريخ ۾ جامد بيٺل يا ڪو فل اسٽاپ يا ڪو موڙ نه پر هر هڪ ڏاڪي تي مختلف شڪلين ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو. ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جا زرعي سوال يورپ اولهه، ڏکڻ ۽ ٻين خطن ۾ نون سوالن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. ايئن جيئن مغلن جي زماني جا زرعي ڍانچا (ذات - ورنا) انگريز جي زماني جي لينڊ ٽينيور سسٽم (جاگيرداري- زمينداري- روتواڙي) نظام کان مختلف هئا. هينئر ملڪ ۾ زرعي لاڙن جي ڪهڙي نوعيت طبقاتي ۽ سماجي جوڙجڪ درجا بندين، ڦرلٽ جي شڪلين، قومي وسيلن جي تباهي ۽ ڦرلٽ جي نوعيت ٻي آھي. سياسي سوال واضح آھي ته پنهنجي سماج جون استحصالي شڪليون معاشي حوالي کان ڪهڙي اهميت واريون آهن، جنهن ۾ اسان جا وسيلا اسان جي پنهنجي ضابطي هيٺ ناهن. اسان جي قومي حقن کان مسلسل انڪار ڪيو ويندو رھيو آهي. لڳاتار پٺتي پيل جابر حڪومتن يا ان جي پاڻ ۾ استحصال ڪرڻ وارن طبقن جي مدد سان هڪ وڏي آباديءَ کي پوئتي رکيو پيو وڃي.
معاشيات ئي سياست جي زبان آهي ۽ ايئن رياستي جبر ڦرلٽ طبقاتي اڻ برابريون ۽ سرمائيداراڻي ڦرلٽ جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هي ڏکيو وقت آهي، جنهن ۾ زرعي سوال کي، سياسي ۽ سماجي رخن کان سنجيده وٺي ڪري قومي ۽ زرعي سوال جي حل لاءِ سياسي رخ جو تعين ڪري بين الاقوامي سرمائيداريءَ جي استحصال کان پنهنجي جند آزاد ڪرائجي. اهڙي طريقي سان قومي جبر جي سمورين شڪلين استحصال جي سمورين شڪلين، جنسي اڻ برابرين، ماحولياتي تبديلين ۽ علائقائي بيهڪ کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي سماجي رشتن کي سمجهي ۽ سياسي معنى ڏيئي سياسي عمل کي وڌائجي. بين الاقوامي طور هي سمورا لقاءَ مختلف ڏاڪن تي اسان لاءِ نوان چئلينجز کڻي آيا آهن. پنهنجي قومي سوال آزاديءَ جي تحريڪن ۽ عوامي تحريڪن کي سياسي عمل ۾ عالمي سطح تي سمجهي، پنهنجي لوڪل گهرجن آهر گهڻ طرفي سياسي خود مختياري ۽ هڪ هٽيءَ واري عالمي لبرل سرمائيداريءَ کان نجات ڏيارڻ جي اولين منزل جو تعين ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي سرمائي ماحولياتي ۽ انساني تباهي آندي آهي، قومي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي آهي ۽ قومي تحريڪن کي رورس گيئر ان ڪري آهي جو سندن تحريڪون سماجي عمل ڦرلٽ جي نظام ۽ وسيع عوامي گهرجن جي حاصلات کان ٻاهر، ڪٽيل ۽ خلا ۾ بيٺل آهن. قومي تحريڪون ڪوڙين اليڪشنن، آئيني ڍانچن ۽ رياست جي جبر کي صرف سادي ثقافتي ۽ لساني تشخص جي بنيادن سان کٽي نٿو سگهجي.
هينئر چئلينجز خاصيتي نوعيت جا آهن هينئر قومي آزاديءَ جون تحريڪون رياستي جبر مان جان ڇڏائڻ واريون آهن، توڻي جو ڪجهه لاڙا علحدگيءَ وارا به آهن. پر پنهنجي حاصل ڪيل نالي ماتر جمهوري حق ۽ حقِ حاڪميت، يا اڻ هوند واري قومي خود مختياري ثقافتي سڃاڻپ ۽ ان جي بچاءَ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ئي اهم قومي سوال آهي. اهڙو قومي سوال ان کان به اڳتي اچي عورتن جي اڻ برابريءَ پسماندگيءَ رياست جي جبر وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زرعي جديديت سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. ايئن زرعي ۽ طبقاتي سوال ۾ جڙيل ڌرين کي به هڪ طرفي سوچ مان ٻاهر نڪري فڪري تسلسل ۽ گرامر کي سمجهي روايتي زرعي سوال کان اڳتي نڪري ڦرلٽ، ۽ استحصال جي عمل ۾ پورهيت جي مزدور ٺهڻ جي آسري ۾ هارين جي تباهي ۽ ان جي کيڙڻ جي حق ۽ زمين جي مالڪي مڃي تبديليءَ لاءِ ڪوشش ڪجي.
دنيا جي ڪيترن انقلابين مائو، لينن ڪيبرال ڪاسترو اهڙن سوالن کي عالمي تناظر ۾ ڏسي، سمجهي ۽ پوءِ قومي آزاديءَ جو رستو ورتو ۽ ان سڄي عمل کي فطري طرح سمجهي کنيو. انهن مٿين نقطن کي سمجهي سمورن اڳوڻن فڪرن ۾ زرعي سياسي، سماجي ۽ معاشي پهلو اڳ ۾ ئي هئا.
انگريزن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن هارين جي معاشي ۽ سماجي غلاميءَ کي برقرار رکيو. قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آهي، اسان جا حقِ حاڪميت ۽ قومي خود مختياري ثقافتي ۽ لساني تشخص داءَ تي لڳل آهن.
عالمي سرمايو پسماندگيءَ ۽ غير رسمي معيشت کي وڌائي هارين جو فطري خاتمو ڪري ٿو ۽ صدين جي غلاميءَ کي وڌائي ٿو. ان سموري وحشانيت کي سرمائي جي انبار ۽ استحصال کي فڪري طور ۽ عملي طور جاري رکيو ويو آهي سرمايو هڪ عنصر آهي. جيڪو رياست ۽ سرمائي جي مرڪز جي ڳٺ جوڙ ۽ مقامي سرمائيدار ۽ ڦورو طبقن جي مدد سان هڪ وبا ۽ ڄور بڻجي عوام جي زندگين ۽ پورهئي جو رت چوس نظام بڻجي چڪو آهي. ان جي مقابلي ۾ پورهيت طبقا ۽ خاص ڪري هاري طبقا جن لاءِ مارڪس چيو هو ته، “هاري پٽاٽن جي هڪ ٻوري آهن.” اُهي نظام جي استحصال جا ماريل آهن “ڀاڙيا” آهن. انقلابي حالتن ۾ هاري انقلاب دشمن ۽ تحريڪن ۾ ڪمزوري ۽ نااميدي نظر ايندي آهي، پر هو گهر ڌڻي آهن اڳوڻين ۽ نين بيٺڪيتن ۽ رياستن جا نوان غلام آهن، سندن پيداواري طريقا پوئتي پيل آهن .سرمائي جي عمل کين نپوڙي رکيو آهي. اهڙي سوچ هينئر ان کي سياسي متبادل ٺاهڻ، عالمي سرمائيدار خلاف ويڙهه ۾ کين گهٽ ۽ نيچ ظاهر ڪرڻ، ان وقت جي حالتن جو شعوري عمل هو. پر تاريخ ۾ اسان ڏٺو ته غريب ۽ امير هارين پنهنجي سماجي استحصال ۽ درجابندين کي سمجهي واضح ڪيو. پنهنجي دشمن جي سڃاڻپ ڪئي، سياسي پروگرام ترتيب ڏنا شهرن ڳوٺن ۾ ۽ پيرس جهڙن شهرن ۾ انقلاب آندا، چين، روس، ويٽنام، ڪوريا ۾ آسمانن کي للڪاريو ۽ ايئن هارين پنهنجي تنظيم ڪاري ڪري قومي نجات لاءِ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قومي خود مختياريءَ کي هڪ عظيم جذبو قرار ڏنو، پنهنجي سياسي چالن، حڪمت عملين سياسي طريقن ۾ تبديليون آنديون، سماجي درجابندين کي واضح ڪيو ان کي وقت جي بنيادي سوالن سان ڳنڍيو ۽ ايئن قومي عوامي انقلاب آندا.
ايئن پنهنجن طبقن جي گهربل سڃاڻپ ڪري، طبقاتي ڪردار جو تعين ڪري، کين متحد ڪري، دشمن جي صحيح سڃاڻپ ڪري، ڦورو طبقن، غاصب طبقن ۽ ڀاڙيتو طبقن، جن جو تعلق سامراجي طاقتن تي آهي. انهن جي واضح سڃاڻپ ڪجي. ايئن طبقن ۽ حاڪم طبقن جي خيالن کان بالاتر ٿي رواجي ۽ چالو سياست جي ابتڙ سماجي عمل کي سمجهڻو پوندو. پنهنجي وچين طبقي جي موقعي پرستي ۽ عوام دوست ڪردار کي واضح ڪري، هارين، پورهيتن، مزدورن ۽ استحصال جي سمورين گڏيل شڪلين کي سمجهي، نيم پورهيت، آبادگار، ڀاڙيتو ڪلاس ۽ ان ۾ گهربل انقلابي طاقت کي واضح ڪري، نظرياتي طرح اڳتي وڌيل طبقن سان ملائي، قومي ۽ عوامي تبديلي انقلاب لاءِ تيار ڪجي. قومي تحريڪن جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو سڄو دارومدار سرمائي جي گردش ۽ ان جي انبار ۽ استحصال ۽ ان جي متاثرين کي صحيح معنى ۾ منظم ڪرڻ تي منحصر آهي. “سموريون طاقتون پيڙهيل طبقن وٽ هجن” جي اصول کي قائم ڪجي. تبديلي سياسي اڳواڻيءَ سان ايندي، نه ڪي معاشيات جي اصولن سان. سمورا طبقا ۽ خاص ڪري هارين کي گهربل تبديليءَ لاءِ نه رڳو عمل ۾ آڻجي، پر فڪري طور به کين پختو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل طبقا اُهي آهن، انهن کي وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه. هي اهوئي طبقو آهي جيڪو ٻين قسمن جي قبائلي، سرداري، ذات پات، برادرين، وسوسن، تشدد، وهم ۽ سمورين براين جي هوندي جڏهن پنهنجي طاقت کي تبديليءَ ۽ انقلاب لاءِ وقف ڪندو ته پوءِ نجات ممڪن آهي. ايئن قومي آزاديءَ جو عمل به پاڻ کي مستقبل جو هڪ ٻيو انسان ٺاهڻ هوندو، جيڪو پنهنجي تاريخي حقن جي ڦرلٽ، لساني امتياز، مذهبي ۽ قومي ڦرلٽ جي سمورين شڪلين کي آئيني نظر ۽ فڪر ۾ ڏسندو. تنهنڪري اهڙي جدوجهد، فڪري جدوجهد هوندي، جيڪا سياسي ۽ معاشي خودمختياريءَ ۾ لڪيل آهي. اها فڪري ويڙهه چالن ۽ حڪمت عملين ۾ سياسي طرح عالمگيريت، ماضي ۽ مستقبل جي وڌندڙ سماجي چرپرن، هلچلن ۽ سماجي بيگانگيءَ مان ڦٽي نڪري مزاحمت لاءِ هيٺئين طبقي جي هارين، آبادگارن، وچولي طبقن جي قومي ڪردار کي اجاري، جنسي اڻ برابريءَ جو خاتمو ڪندي، ماحوليات ۽ وسيلن جي تحفظ تي ٻڌل ۽ ان ئي جوڙجڪ ۾ سرمائي جي استحصال، سرمائي جي انبار کي عام مزاحمت ۾ تبديل ڪري تبديليون آڻيندي. تنهن ڪري ڪا به قومي تحريڪ زرعي سوال کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهي ۽ ان زرعي سوال کي، جنهن ۾ قوم جي وسيع هاري اڪثريت ننڌڻڪي ٿيل هجي. هاري وڏي طاقت آهن، عوامي طاقت آهن، ترقيءَ ۽ انقلاب لاءِ انهن کي اسان جهڙن خطن ۾ اڃان صحيح نموني تحرڪ ۾ نه آندو ويو آهي. ان جي گهربل ڪردار ۽ ڪمزورين تي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جو زمين سان جڙيل هاري ۽ زرعي سوال، غير رسمي پورهئي، زمين کسجڻ، غربت/ شهري ۽ غير شهري حالت، رسمي ۽ غير رسمي پورهئي، قومي ۽ عوامي هلچلن ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. انهن کي جديد سماجن جو حصو سمجهي، طاقت ۾ بدلائي، ايندڙ بحرانن لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هو ايندڙ زمانن ۾ آزاد، خودمختيار، جمهوري، برابري، پائيدار ترقين ۽ قومي نجات جي جدوجهد ۾ شامل ڪجي، کين گهربل سياسي جڳهه ڏيئي سجاڳي پيدا ڪرڻي پوندي، کين تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. اها ذميواري سمورين سياسي قوتن تي لاڳو ٿئي ٿي.

زمين تي قائم بيٺڪي نظام ۽ محڪومي

ايڪويھين صديءَ ۾ زرعي سوال ۽ ان جي نوعيت سمجهڻ ضروري آھي. دنيا ۾ آبادين جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ، نون وچولن طبقن جو اڀرڻ سرمائيداريءَ جي فتح، لبرل معيشت ۽ “عالمگيريت”، ان سوال جي نوعيت کي ھينئر وڌيڪ شدت سان اڀاريو آهي. ان جو سبب آھي عالمي پسمنظر ۾ چين ۽ هندستان جيڪي وڏا زرعي ملڪ آهن. اهي تيزيءَ سان معاشي ترقي ڪري رھيا آھن ايشيا سان گڏ آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۽ کنڊن ۾ به سرمائيداريءَ جي اوسر جي نتيجي ۾ جمهوري ۽ ترقين جي عملن ۽ اھڙين ٻين مشڪلاتن ۽ مسئلن کي سمجهڻ لاءِ زرعي سوال اهم آهي. سٺ، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪن ۾ بيٺڪيتن مان جان ڇڏائڻ کانپوءِ قومي آزادين جي تحريڪن دوران پاڻ جھڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ زرعي سوال ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن تي ڪافي بحث مباحثو ٿيندو هو ۽ سياسي پارٽيون اھڙن سوالن تي گهڻي ڀاڱي باخبر هونديون هيون. پر هينئر به سياسي پارٽين ۾ ان سوال تي سنجيده بحث نظر ڪونه ٿا اچن.
زراعت سان لاڳاپيل سوال جهڙوڪ: وسيع آباديءَ جو زمين تي مالڪي، وسيلن تي رسائي ۽ استعمال، گذر سفر رهڻي ڪهڻي ۽ سندن معيارِ زندگيءَ سان گڏ ڳوٺاڻي آباديءَ جي روزگار ۽ ان متعلق مروج قانون ۽ ٻيا سماجي ۽ معاشي معاملا اهم سوال آهن.
زمين تي رسائي يا وسيلن تائين پهچ انتهائي بنيادي ۽ اهم حق آهي. لاڳاپيل قانون ۾ اهڙا قانوني حق حاصل ھجن جيڪي هارين ۽ وسيع ڳوٺاڻي آباديءَ کي زمين سان رشتو ڳنڍڻ ۾ مدد ڪن نه ڪي کين گذر سفر جي وسيلن تان بي دخل ڪن. ڳالهه صرف حقن جي به نه آهي، پاليسيون به اهڙيون عوام دوست هجڻ گهرجن، جيڪي وسيع ڳوٺاڻي آباديءَ کي کيڙڻ جي حق کان محروم ڪري نه سگھن. پنهنجي وسيلن جي مالڪ هئڻ جي ناتي ملڪ جي کاڌ خوراڪ، اُپت ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪري ملڪ لاءِ خوراڪ جون ضرورتون به پوريون ڪري سگهن ۽ ايئن وسيع آباديءَ جي حقيقي آمدنين ۽ زندگين جي معيارن ۾ به اضافو ڪري سگھن. ٿيڻ ته ايئن کپندو ته ملڪي پيداوار، معاشي سگهه، بين الاقوامي واپار ۽ کاڌ خوراڪ ۾ اضافو آڻي، هارين ۽ ٻي وسيع آباديءَ ۾ خوشحالي آڻجي. پر ھتي ته گنگا ئي الٽي وهي ٿي، حڪمرانن جو زراعت زمين جي مالڪي پيداوارخوشحالي ۽ وسيع آباديءَ ڏانهن رويو مايوسيءَ وارو آهي. ھر سال زرعي پيداوار جي ملڪي پيداوار ۾ شرح گهٽ ٿيندي وڃي ٿي، کاڌ خوراڪ جي شين، واپار ۽ ٻين زرعي شعبن ۾ غربت بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ هارين جي معيار زندگي ۽ آباديءَ جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ غربت ۽ اڻ برابريءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪافي انگ اکر اهڙا آھن جيڪي ڏسين ٿا ته ننڍا آبادگار ۽ هاري ڪچي توڻي پڪي ۾ پنهنجون زمينون استحصالي نظام ھيٺ کپائڻ تي مجبور آھن۔ روزگار جا موقعا گھٽجي غير رسمي معاشي سرگرميون وڌي ويون آھن زمين مورڳو گذر سفر ۽ کاڌ خوراڪ مھيا ڪرڻ جو ذريعو بچي آھي. اھا اڃان تجارتي ڏاڪي تي پھچي، اھا اڃان پري جي ڳالھه آھي. ايسيتائين جو ڳوٺاڻي ۽ شھري آباديءَ کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ لائق به نه رھي آھي. ظاھر آھي جاگيردار، سرمائيدار ۽ قبائلي وڏيرڪو سماج ان سوال تي ڀلا ڌيان ڇو ڌريندو اھڙي سماج جا مٿيان طبقا ان نظام جا کاٽائو طبقا آهن. سياسي پارٽين جو زرعي سوال ڏانھن موقف به اتھسائيندڙ نه آھي ان جا ڪيئي سبب آهن، انهن کي ڪير نئين اک سان ڏسندو ته خبر پوندي پر سڀ کان وڏو سبب خود معاشي نظام آهي.
سرمائيداراڻي جديديت جي نالي ۾ قائم زمين جي ذاتي ملڪيت جو نظام جيڪو غير حاضر جاگيردار ۽ زمينن جي مالڪ جاگيردار ۽ وڏيرن جي فائدي ۾ آهي، جتان هو بٽئي ۽ زمينن جي ذاتي مالڪيءَ ڪري سواءِ ڪنھن پورھئي ڪرڻ جي هارين جي پورهئي مان منافعو ڪمائي انھن جي پورھئي جو استحصال ڪن ٿا هارين کي زمين تي اوپرو غريب ڪنگال ۽ ڪمزور ڪن ٿا، جنهن جي ڪري هارين جي زمين جي پيداوار ۽ صلاحيت ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. انهن کي خبر آهي ته انهن جي محنت سندن زميندار کسي وٺندو. آخر اڌ بٽئي غير ھموار زمين جي ملڪيت ۽ بي زميني نظام ۾ هاري خوشحال ڪيئن ٿيندو۔ تاريخي طور زمين تي ذاتي ملڪيت جو سرشتو هڪ تاريخي عمل جو نتيجو آهي جيڪو مختلف وقتن تي رياست جي آڳاٽي زمين جي مالڪيءَ جي سرشتي ۾ ڀڃ ڊاهه جي نتيجي ۾ ڦٽي نڪتو آهي.
گڏيل هندستان ۾ مغلن جي زماني ۾ زمين جي مالڪيءَ جو سرشتو انگريزن جي نافذ ڪيل مالڪيءَ جي سرشتي کان مختلف هو. زمين ڳوٺاڻي ملڪيت ۾ مٿين طبقن يا غالب ذات پات “جاتي- ورنه” نظام هيٺ هئي، هارين کي زمين تي رسائي آبادي ڪرڻ جا مڪمل حق حاصل ھئا. مغل بادشاھه پنھنجي عاملن ذريعي رڳو ٽيڪس اڳاڙ يندا ھئا پر زمين جي ملڪيت ۾ عاملن کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ھئي. جيتوڻيڪ اهو نظام هارين لاءِ غير منصفاڻو ۽ محڪوميءَ وارو نظام هو پر خوراڪ جي پيداوار ۾ پاڻ ڀرو هو. هارين جي حالت يوناني رياست اسپارٽا کان به ويل هئي ڄڻ ته غلاميءَ جو دؤر هو پر کاڌ خوراڪ ۾ خود ڪفيل ۽ پائيدار پاڻ ڀرو هو ۽ پيٽ گذر لاءِ ڪافي هو. عملي طور زمين جي ڪا به ذاتي ملڪيت نه هئي زمين ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت هئي. رياستون فقط بادشاهه لاءِ نذرانا يا تحفا گڏ ڪري پيش ڪنديون هيون. زمين جو ڪنٽرول رياست ۾ موجود گروهن، قبيلن ۽ ڳوٺاڻي سماج جي استعمال ھيٺ ھيو.
برطانيه جي اچڻ کان پوءِ رياستن ۾ زميندارن کي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي ڊيوٽيءَ تي لڳايو ويو عوامي رابطي جا هڙئي ڪم انگريز انهن حوالي ڪري ڇڏيا انگريزن اهڙن زميندارن، جاگيردارن تي ٻڌل نظام متعارف ڪرائي کين خانبهادر، سر، خانصاحب، نواب ڪري نئين طبقي جو بنياد وڌو .جيڪو ان وقت جي مروج روايتن کان هٽيل هو، جيڪو آهستي آهستي زمين جي ملڪيت جو مالڪ ٿي ويو.
انگريزن هندستان جي سماجي ڍانچي کي سمجهڻ کان سواءِ ۽ گهربل امڪانن کي نظر ۾ رکڻ کان سواءِ پنهنجي طرز جو زمين جي نجي مالڪيءَ جو سرشتو نافذ ڪرڻ شروع ڪيو. سندن مقصد آمدني وڌائڻ ۽ مقامي انتظاميا ذريعي بيٺڪي معاملن جي نگراني ڪرڻ ھو. ساڳيو نظام جيڪو انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ لاڳو ٿيل هو ان جو به هڪ تاريخي پس منظر آهي۔
جاگيرداري يا فيوڊل ازم هڪ پوري تاريخ رکي ٿي، يورپ ۽ انگلينڊ ۾ جيڪو زمين تي پهچ رسائيءَ استعمال يا مالڪيءَ جا اختيار يورپ جي جاگيرداري دؤر ۾ مٿان کان هيٺاهين سطح جا هئا، زمين تي حق يا ته پوري ڳوٺ جا هئا يا وري پهريان حق هارين يا جاگيردارن - ز ميندارن جا حق نافذ هئا. ٻي سطح تي اتان جي مقامي جاگيردارن جا حق هئا ۽ آخر ۾ بادشاهه جا سڄي زمين تي مطلق حق هئا. ارڙهين صديءَ کان اهڙي زميني سرشتي کي “انڪلوزرس” جي نالي سان قانوني طرح ننڍن ٽڪرن کي ملائي، ان تي حدبنديون هڻي ڪري، مالڪيءَ جو تعين ڪيو ويندو هو. اهڙيون زمينون جابلو ۽ ميداني علائقن ۾ چراگاهن ۽ فصلن لاءِ ڪم اينديون هيون. اهڙين زمينن کي قانوني طرح خريدي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل هوندو هو بعد ۾ اهڙيون زمينون طاقت مزاحمت، خونريزيءَ جي ذريعي به حاصل ڪيون وينديون هيون. اهڙن نظامن ۾ اوائلي زرعي طريقا استعمال ڪري هارين کي وهائي ان مان خاصو منافعو ڪمائي وڏيون زرعي تبديليون آنديون ويون، جن کي برطانيه ۽ يورپ جي زرعي انقلابن جو نالو ڏنو ويو. ان ۾ غريب هارين جون اجرتون گهٽيون ۽ غربتن ۾ اضافو ٿيو. اهڙين تبديلين تي مارڪس لکيو ته اهڙيون زرعي تبديليون وسيلن کي استعمال ڪري زرعي - اجرتي مزدورن ۽ غلامن جي پورهئي تي منافعي خوريءَ جو بنياد وجهي رهيون آهن مارڪس شروع ۾ اهڙين تبديلين جي سخت مخالفت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته هارين جي وسيع اڪثريت جي وسيلن تي رسائي، پهچ ۽ استعمالُ محدود ٿي ويندو. اهڙي زرعي ترقي هارين کي اجرتي مزدورن ۾ تبديل ڪري بي گهر بڻائي، ڪمزور هيڻو ۽ مجبور ڪري کين شهرن ڏانهن اجرتي مزدور بڻائي ڇڏيندي يا کين زمين تي ئي روزاني اجرت وارو زرعي مزدور بڻائي ڇڏيندي يا وقتي پورهيت ڪري کڻت وارو ٺيڪيدار يا ھارپو ڪندڙ هاري بڻائي ڇڏيندي جنهن جو آخري نتيجو هي نڪرندو ته وڏيون زمينون هارين جي پورهئي تي منافع بخش ڪاروبار جي شڪل وٺي، دولت کي ڪجهه هٿن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪندي. هارين کي زمين جي مالڪيءَ بدران بي زمين هاري يا مزدور جي شڪل ۾ تبديل ڪندي، هو زمين جي وسيلن ۽ پيداواري وسيلن، ٻنهي کان محروم ٿي ويندو ۽ سندس معاشي حالت ڪمزور ٿي ويندي.
ائين اسان جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ٻين کنڊن جھڙوڪ آفريڪا ۾ زمين جي ذاتي ملڪيت خاص روايتي ۽ تاريخي اصولن تي ٻڌل آهي، اتي زمين جي ملڪيت جي نوعيت مختلف آهي. زمين تي رسائيءَ جون شڪليون زمين جا انتظام، روايتي قانونن موجب ڪٽنب جي ملڪيت يا اتان جي مقامي گروهن جي ملڪيت آھي. زمين جو انتظام رکوالي، هڪ طئي ٿيل عمل ذريعي فرد، گروهه ٽولن ۽ اداران حوالي آهي. ھارين کي زمين تي برابر جي رسائي مليل آهي، آفريڪا ۾ زمين کي ڪنهن به صورت ۾ ٻاهرين حمله آورن ۽ غلامن جي ملڪيت کان ٻاهر رکڻ ۽ زمين جي مالڪيءَ کي، قبيلن جي فردن، شجري، ذات پات حيثيت يا حق آڌار برابر ورهائڻ ٻه اهم نڪتا آھن. اهڙي نظام کي ساراهي ته نه ٿو سگھجي پر اهڙي روايتي زميني مالڪيءَ ۾ ڳوٺن جي آزاداڻي شموليت، راضپو، رياستي انتظام ۽ وسيع عوام جي شموليت اڃان به گهربل بحث آهن. تنهن هوندي به آفريڪا ۾ زمين جي مالڪيءَ جو نظام پنھنجن نظامن کان نسبتاً بهتر آهي.
سنڌ ۾ عربن جي بالادستي، افغاني حڪمرانن ۽ مغلن جي دؤر جي صدين جي غلاميءَ ۾ هارين جي حالت پوري هندستان وانگر خراب هئي زرعي غلامي ڄڻ ته وقت جو رائج سڪو هو. اورنگزيب ۽ شاهجهان جي زماني ۾ “مغلن جي طاقت جا بنياد کوکلا ٿي چڪا آهن، مغل حڪمرانن جو جاگيردارن ۽ زميندارن تي ڪو ڪنٽرول نه رهيو ھو. سڄي دؤر ۾ تشدد، بغاوت، ڦرمار جاري هئي، ان موقعي جو فائدو مفادپرست ۽ خودغرض زميندارن، نوابن ۽ جاگيردارن وڌيڪ ورتو۽ استحصال ڪيو. سنڌ ۾ صورتحال خطرناڪ ٿي ويئي ھئي، اورنگزيب جي فوج مٿئين ڪنٽرول ڍرو هئڻ ڪري سنڌ جو انتظام ميان يار محمد ڪلهوڙي حوالي ڪيو ۽ ايئن جهانگير جي زماني جو سڄو سنڌ خطو هاڻي سڌو سنئون ڪلهوڙن جي حوالي ٿي ويو آهي.” سنڌ ان زماني ۾ چئن انتظامي يونٽن ۾ ورهايل هئي: خالصا، جاگيريت، انعامي ۽ زمينداري. خالصا - يونٽ خاص ڪري حڪمرانن جي زمين، جاگيريت - عربن جو تعارف، جنهن ۾ خليفا پنهنجي مائٽن کي زمين ورهائيندا هئا. اهوئي زمانو هو جڏهن شاهه عنايت اڪيلي سر جاگيريت سان جنگ جوٽي ۽ “جو کيڙي - سو کائي” جي نعري هيٺ مزاحمت ڪئي ان کان اڳ ۾ به هاري بغاوتون ٿي چڪيون هيون. ميران سيد محمد جونپوري 1505-1443ع ۾ “دائرو” تنظيم جي اڳواڻيءَ ۾ ٺٽي ۾ مهدوي مزاحمت ڪري چڪو هو.
انگريزن جي نئين نظام غلام ۽ هيٺئين طبقن دلت کي زمين تي رسائي ۽ حق کان محروم ڪيو ۽ ايئن زمين جي مالڪيءَ جو يورپي نظام انگريز جي مقرر ڪيل ڪمشنر ۽ روينيو نظام ۾ تبديل ٿي ويو، اهڙيءَ ريت نوان سماجي ۽ معاشي ڍانچا ٺهڻ لڳا. انگريزن کان آزاديءَ کانپوءِ زمين جي بيٺڪي نظام تي ڪنھن ڪو سوال نه ڪيو جيڪو بيٺڪي نظام بعد ۾ پاڪستان جي وسيع اڪثريتي زبردستي ٿاڦيل آهي. ھي اھو ئي ساڳيو انگريزن جو ٺھيل طبقو آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ مسلسل زمينن ۽ حڪمرانيءَ جو والي وارث بڻيل آھي. جنھن ڳوٺاڻي غربت بدحالي، پسماندگي، وسيع اڻ برابري ۽ محڪوميءَ کي جنم ڏنو آھي. جتان ئي رياست ۽ مٿين طبقن جي طاقت جو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جو عڪس سياسي نظام جي جوڙجڪ مان پَسي سگهجي ٿو.
ملڪ ۾ معاشي - سياسي طاقت جو توازن، زمين جي ملڪيت ۽ رياست جي قانونن جو پاڻ ۾ هڪ اڻٽر رشتو آهي. اها زميني فيوڊل طاقت سياسي اقتدار جو حصو بڻجي ٿي ملڪ جي چاليھه سيڪڙو زمين ۽ آبپاشيءَ جو سڄو نظام رڳو نو سيڪڙو مٿين طبقي جي ڪنٽرول ۾ آھي يا مارڪيٽ يا فطرت جي رحم ڪرم تي آھي. پاڪستان ۾ آباديءَ جو ٽيھٺ سيڪڙو، اٽڪل چوڏھن ڪروڙ ڳوٺاڻي آباديءَ جي گذر سفر جو وسيلو زرعي معيشت تي آهي. ايتري وڏي اڪثريت لاءِ جديد دنيا ۾ گهربل عزت ڀري زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پيو آھي. اهڙي زرعي سوال ۽ سرشتي کي نئين سري سان ڏسڻ جي ضرورت آھي دراصل اڌ بٽئي نظام ۽ غير ھموار ملڪيتي نظام ختم ڪري زمينن کي کيڙيندڙن حوالي ڪيو وڃي، پسماندگيون ھڪ ڌڪ سان ختم ڪري سگھجن. اھو ممڪن آھي ڪن ملڪن اھڙا ڪم ڪيا آهن، پر اھو ڪم حڪمرانن کان نه پڄندو، جيستائين پيڙھيل طبقا پاڻ پنھنجي قسمت پنھنجي ھٿن ۾ نه کڻندا.

Daily Kawish September 12, 2021

سياسي معيشت، سماجي انقلاب ۽ مزاحمتي تحريڪون

روايتي انقلابي نظرين هيٺ سماجي انقلاب آڻڻ لاءِ هڪ انقلابي طبقو گهربل هجي ٿو. جيڪو زرعي سماج جي ڏاڪي به ڏاڪي صنعتي سماج ڏانهن سفر منجھان، ان جي نتيجي ۾ پنهنجو پاڻ کي وڌائي ويجھائي انقلابي طبقي ۾ تبديل ڪري، سماجي انقلاب آڻڻ جو سڀ کان وڏو، اھم ۽ بنيادي سبب بڻجي. ائين سياسي حڪمت عملين ذريعي ان طبقي کي سرمائيداراڻي نظام جي ڦرلٽ ۽ استحصال مان پيسجندڙن طبقن جي جان ڇڏرائڻي ھئي پر اهڙا سماجي انقلاب اسان وارن خطن ۾ ڪن سببن ڪري نه آيا نه ئي اھڙا انقلابي طبقا پيدا ٿيا، نه ئي ملڪ صنعتي ترقي حاصل ڪئي ۽ نه ئي مزدور سياسي طور تي متحد ٿي ڪري وقت جي نظام کي چئلينج ڪرڻ جھڙا ٿيا. هاڻ سرمائيداريءَ عالمي مالياتي نظام، غير رسمي معيشتن ۽ سستي خريد ڪيل ويڪائو حڪمرانن جي مدد سان لبرل معاشي نظام قائم ڪري ڇڏيو آھي. اسان وارن خطن ديسن يا علائقن ۾ انقلابي پورهيت طبقن جو سماجي عمل يا معاشي عمل ۾ ھينئر اڀرڻ تقريباً ناممڪن بڻجي پيو آھي، يقينن اھو چئي سگهجي ٿو ته اهڙا انقلابي طبقا گهٽ ۾ گهٽ پاڻ جهڙن سماجن ۾ اڃان اڀرڻا آھن. ظاهر آھي، نه اڀرڻ جا به ڪي واضع سبب آھن تاريخي طرح پنھنجن سماجن ۾ سماجي ۽ پيداواري رشتن جي نوعيت، ڦرلٽ ۽ استحصال جون شڪليون، مادي حالتون به ان روايتي انقلابي نظرين جي روشنيءَ ۾ بنهه مختلف آهن. ائين جيئن جديد سرمائيداري نظام جي بيهڪ، شڪل ۽ استحصال جي نوعيت به اوائلي ارڙهين، اوڻويھين ۽ ويھين صديءَ سرمائيداري نظام جي ڦهلاءُ واڌ ويجهه جو عمل ڦرلٽ کان مختلف آهي.
ايڪويھين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي تي پنھنجي سماجي عمل جي نوعيت به ساڳي يورپ جهڙي نه آهي نه روايتي فڪر وارو صنعتي ۽ انقلابي طبقو موجود آهي ۽ نه ئي پورهيت يا روايتي پيداواري عمل موجود آهي، ته پوءِ نيم زرعي نيم سرمائيداري سماجن ۾ سماجي تبديلين جي جيڪا اميد ڪري سگھجي ٿي يا انتظار ڪجي ته پنهنجو نيم زرعي سماج ترقي ڪري صنعتي دور ۾ داخل ٿئي ۽ پوءِ ان مان روايتي انقلابي پورهيت ڦٽي نڪري ان جو مطلب اھو نه آھي ته اسان وٽ ڪي طبقاتي تبدليون ٿين ئي نٿيون ته پوءِ ڇا ڪجي؟
دراصل سرمائيداريءَ خلاف جدوجهد يا سياسي عمل جوڙڻ لاءِ طبقاتي جوڙجڪ جي نوعيت سمجهڻ اهم آهي. سڄي دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن، سماجن ۽ خطن ۾ سياسي عمل جوڙڻ لاءِ طبقاتي جوڙجڪ جي نوعيت سمجهڻ اهم آهي. مثلاً يورپ، آمريڪا، جاپان ۽ جرمنيءَ ۾ پيداواري طريقا، ڍانچا ۽ ترقيءَ جا ماڊل روايتي زرعي ۽ صنعتي ماڊل هئا. ان کي رول ماڊل بڻائي، پنھنجي خطي ۾ جيئن جو تيئن ظاهر آ لاڳو ڪري نٿو سگهجي. اهڙن سماجن، وقت سان گڏ، زراعت، بنيادي جنسن، شين ۽ واپار ۾ اضافي پيداوار مان ترقي ڪري، صنعتي انقلابن ڏانهن رخ ڪيو. زرعي پورهيو، آهستي آهستي، ڏاڪي به ڏاڪي صنعتي پورهئي ۾ تبديل ٿيڻ لڳو ۽ ان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ، هڪ پيڙجندڙ طبقو ڦٽڻ نڪتو، جنھن بعد ۾ پاڻ کي انقلابي پورهيت ۾ تبديل ڪري پنهنجي نئين سياسي ۽ انقلابي فڪر سان هٿياربند ٿيڻ لڳو. پر اهڙو تاريخي ڪلاسيڪل عمل ڪيترن ملڪن بشمول پنهنجن ملڪن ۾ ذري گهٽ ناممڪن يا ناپيد آهي.
اهڙن عملن ۽ روايتي پورهيت انقلابين جي عدم موجودگيءَ ۾ گهڻن سياسي دانشورن ۽ ڪارڪنن پنهنجي حصي جي حڪمت عملي ٺاهي، پنهنجو پاڻ کي پورهيت انقلابي ڄاڻائي، هڪ مڊل ڪلاس روايتي ۽ ڪجهه ڪارڪنن جي تربيت سان پاڻ کي سماجي ۽ سياسي طبقو ڄاڻائي پورهيت پارٽي ٺاهي، سياسي حڪمت عمليون جوڙيون جڏهن ته نظريي موجب طبقاتي ڍانچي ۾اهي انقلابي طبقن مان نه هئا.
استادن ٻڌايو ته سرمائيداري تاريخي حقيقت آهي ۽ ان جي اوسر اڻٽر آهي ۽ ان مان ئي پورهيت انقلابين کي ڦٽي نڪرڻو آهي. اهي ئي اڪيلا طبقا هوندا، جيڪي انقلابي جدوجهدن جي اڳواڻي ڪندا ان ڪري جو سندن پيداواري ڪردار اهم آهي. پيداواري عمل ۾ سندن معاشي ڪردار اڳواٽ طئه ٿيل “مطلق رستو” ئي کين سرمائيداراڻي ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندو ۽ بلآخر انقلابي تبديليون، هڪ طئه ٿيل اصول ۽ هڪ خاص رخ ۾ هڪ پٽڙيءَ تي گامزن هونديون. لينن به اھڙي عمل جي تائيد ڪئي، پر اھڙيون هڪ رخ ۾، هڪ ڪريون “مطلق انقلابي طبقي” واري نظريي هيٺ اچڻ واريون سماجي تبديليون پنھنجي خطي ۾ اڃان اچڻيون آهن. جڏھن پروفيسر ڪيون اينڊرسن جو چوڻ آهي ته اوائلي روسي انقلاب ۾ به “طئه ٿيل پورهيت پيدا ئي ڪونه ٿيو ھو” هن ان ڳالهه جي به جانچ ڪئي ته روسي انقلاب به واقعي ان وقت جي زرعي ترقين مان ڦٽي نڪتو هو يا ان کي زرعي ترقين جي واڌ ويجهه جو انتظار ڪرڻو پيو هو. صنعتي سماج ٺهي راس ٿئي ۽ پوءِ صنعتي پورهيت پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري.
پاڻ جهڙن پوئتي پيل ملڪن جي سياسي پارٽين جي نظرين ۽ سياسي عمل جي برعڪس، چين جي ڪميونسٽن هڪ صدي اڳ ۾ ان روايتي مزدورن جي انقلابي سگهه ٺهڻ جي ابتڙ، حقيقي معنيٰ ۾ غريب هارين کي انقلابي سمجهه شعور ۽ تربيت ڏيئي، کين انقلاب ۾ پختو يقين ڪرائي، انقلابي طبقو ٺاهي، صنعتي انقلاب جي ترقيءَ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ، ان وقت جي بحرانن مان ڦٽي نڪرندڙ مزدورن جي طاقت بدران وسيع هارين ۽ عوام کي منظم ڪري هڪ هاري انقلاب جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ چين ھاڻي عالمي معاشي پاور ھائوس ۽ وڏي سياسي طاقت بڻجي اڀريو آھي.
ڏکڻ ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ سرمائيداريءَ جي اوسر کي روايتي زرعي معيشت يا ان جي اضافي پيداوار يا ان جي واڌاري جي ڪا خاص ضرورت نه آهي. سرمائيداريءَ جي اوسر، واڌاري ۽ منافعي لاءِ هڪ غير رسمي لبرل ۽ عالمي مالياتي سرمائيداريءَ جڳهه والاري آهي. جيڪا پنهنجي جوهر ۾ غير زرعي شين ۽ جنسن سان پيداوار ۽ نفعي جون عالمي منڊيون قائم ڪري حڪمرانن ۽ واپاري طبقن جو عالمي اتحاد ۽ تنظيمون جوڙي ڇڏيون آهن. جن جي پوئتي پيل ملڪن ۾ صنعتي ترقيءَ ڏانهن به ڪا دلچسپي نه آهي سڄي دنيا جا مٿيان حاڪم طبقا ۽ سرمائيدار طبقا ۽ قوتون قومي سرمائيدار به، سرمائيداريءَ جي ترقيءَ ۾ زرعي سرمائيداريءَ کي ان سان ڳنڍڻ يا ملائڻ کان پاسيرا آهن. ان جي مقابلي ۾ پنهنجي بي پناهه پيداواري صلاحيت ۾ پورهئي جي استعمال کي ممڪن حد تائين گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪرڻ ڀلائي ۽ بهبود جي سماجي ماڊلن کان ڪن لاٽار ڪرڻ سان گڏ، سرمائي جي پيداوار ۽ کپت لاءِ هڪ قسم جون عالمي ۽ داخلي منڊيون قائم ڪري پورهئي ۽ پيداوار کي کپت جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن لقائن جي ڪري اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ زرعي ترقين وسيلي زرعي طبقن جي واڌ ويجهه صنعتي پورهيت جو ڦٽڻ نه صرف ناممڪن ٿي پيو آهي پر قانونن ناپيد به ٿي چڪو آهي. اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ سرمائيداري مان ڦٽي نڪتل روايتي انقلابي طبقو ويجھي مستقبل ۾ شايد پيدا ٿي ۽ اڳواڻي ڪري ان جي ڪا اميد نه آھي. “نه ڪي نون مڻ ٿيل گڏ ٿيندو ۽ نه ئي راڌا نچندي.”
اسان وٽ گهڻي ڀاڱي پورهيت ڪلاس اهڙي ڏسيل سماجي درجابنديءَ کان آزاد آهي هن جو هڪ پير زراعت ۾ ته ٻيو پير غير رسمي معيشت ۾آھي. غير محفوظ پورهيو، عام رواجي، بنيادي ۽ عام جنسن جي پيداوار، رڪشو، گاڏو، دڪان ھلائيندڙ ڏهاڙي مزدور زرعي ۽ غير رسمي شهري ۽ غير روايتي پورهيت ڪلاس آهي، جيڪو طبقاتي، قومي، اوچ نيچ واري ۽صنفي ڦرلٽ استحصال ۽ ظلم جو شڪار آهي. ٻئي طرف طبقاتي درجي بندين ۾ به اڌ آبادي صنفي تفريق جي ماريل ٻه اکيائي ڪاروڪاري جهالت نفسياتي ڇڪتاڻ سان گڏ وسيع پس منظر ۾ رياست ۽ ان جي عالمي سرمائيداري مالياتي نظام جي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ ۾ جڪڙيل آهي.
اهڙي مجموعي ڦرلٽ ۽ استحصال ۽ قومي جبر جو جيڪڏهن سنڌ ۾ تفصيلي ڇيد ڪجي ته ان جو تعلق قومي، طبقاتي شعور ۽ سياسي جدوجهدن ۽ مزاحمتن سان گهرو لاڳاپو آهي. سماجي ۽ پيداواري رشتن جي نوعيت ۽ ان مان ڦٽي نڪتل سماجي ناانصافين ظلمن، رياستي جبر ۽ استحصال جون شڪليون يا ته طبقاتي نوعيت جون آهن، يا وري ساڳي وقت قومي، قبائلي، نسلي صنفي علائقائي ۽ ڪنهن حد تائين نفسياتي نوعيت جون به آهن.
سماجي درجي بنديءَ ۾ ڏسجي ته طبقاتي جوڙجڪ اوچ نيچ ذات پات اقليت ۽ اڪثريت، صنفي ۽ غير صنفي زرعي ۽ غير زرعي شهري ۽ ٻهراڙي رسمي ۽ غير رسمي پورهئي جي آهي کين مجموعي جبر ڏاڍ ڦرلٽ ۽ استحصال نيپوڙي ڇڏيو آهي اهڙي نوعيت جي سماجي درجه بندين جو سڌو سنئون تعلق سياسي جدوجهد ۽ مزاحمت سان سڌو واسطيداري ۾ آهي. استحصال جي سمورين شڪلين کي عام رواجي سماجي ڍانچن، طبقاتي ۽ قومي غلامين يا سماجي جبر ۾ ڇيد نه ٿو ڪري سگهجي. سرمايو وڏي اڪثريت کي ڪمال جي صلاحيت سان نه صرف پورهئي کي سستو ڪري ٿو، پر سياسي طور ورهائي به ٿو. تنهن ڪري ان کي منهن ڏيڻ جون جدوجهدون ۽ حڪمت عمليون اھڙيون هجڻ گهرجن جيڪي طبقاتي ۽ قومي شعور رکندڙ ھجن، جنهن ۾ مختلف طبقا پنهنجي پيداواري رشتن ۾ پنهنجي ثقافت، ٻولي، سڃاڻپ، سياسي آزادين، قدرن، خيالن ۽ انهن جي جوڙجڪ، منظرن ۽ لقائن مان تجرباتي طور گذري سمورين استحصال جي شڪلين کي سمجهن.
طبقاتي جدوجهد، پيسجندڙ عوام لاءِ هڪ روزاني عوامي جدوجهد آهي. اهي پيسجندڙ طبقا پنهنجي طبقاتي مفادن کي روزاني جي جدوجهد ۾ پاڻ کي هڪ جوڙجڪ، بيهڪ ۽ تجربي ۾ مختلف سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ جو وسيع پسمنظر ۾ سندن خلاف استحصال ۽ جبر جون شڪليون ۽ تجربا مختلف آهن. طبقاتي جدوجهد هڪ رخ ۾ نهارڻ جون اڻ ڳڻيون شڪليون آهن. تنهن ڪري سمورين جديد استحصالي شڪلين جو ڇيد ۽ تجزيو ٿيڻ گهرجي، ان کي ئي مرڪزي حيثيت ڏيئي ان ۾ سگهه پيدا ڪري، ڪمزورين جي نشاندهي ڪري حڪمت عمليون جوڙيون وڃن.
سنڌ جي سڄي سياست جي پٽڙيءَ کي طبقن جي استحصال قومي آزادين جي تحريڪن سان ڳنڍي گڏيل جدوجهد ۽ مزاحمت کي مضبوط ڪري سگهجي. اهڙي طريقي سان ڦرلٽ جبر ۽ استحصال کي پورهئي جي سڃاڻپ ۽ جوڙجڪ کي سنڌ دوست سجاڳي سان ملائي مزاحمت کي سائنسي بنيادن تي متحد ڪيو وڃي. سياسي طور مختلف پورهيت هارين غير هارين جي تنظيمن جي ٻڌي ۽ عورت تنظيمن کي ظلم جي ماريل طبقن کي طبقاتي جدوجهد جو وسيع پليٽ فارم ٺاهي انهن کي سرگرم ڪري، تربيت ڏيئي متحرڪ ڪري انهن جي سماجي رشتن استحصال جي شڪلين کي سمجهي مان ڏيئي گڏائجي ۽ هڪ وڏي قابل عمل ٻڌي قائم ڪري سگھجي ٿي. طبقاتي حيثيت کان خائف ٿيڻ نه گھرجي تحريڪن کي مان ڏيئي قومي ڌارائن، ذات پات، اقليت، ٿورائي، ڪمزور، عورت تنظيمن کي هڪ لهر ۾ پوئجي ۽ شاندار ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪجي ۽ اها هڪ وڏي سماجي، ترقي پسند ۽ نئين جهان ۽ دنيا اڏڻ ۾ ڪارائتيون ڪوششون ڪجن. رڳو قومي تحريڪون يا عوامي مزاحمت جون تحريڪون اهڙي وسيع طبقاتي سوال کان ڪن لاٽار ڪري ڪامياب ٿي نه ٿيون سگهن. قومي تحريڪ پاڻ اهڙي ئي ڦرلٽ ۽ استحصال جي ڪري طبقاتي رشتن ۽ ناتن ۾ جڙيل آهي. استحصال جي نوعيت کي قومي تحريڪ رد نٿي ڪري سگهي ٻي پاسي عوامي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي قومي شناخت سان لاڳاپيل استحصال جي شڪلين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ طبقاتي جدوجهد ۾ ڪلاسيڪي ڪردار وارو پورهيت هيٺان کان مٿي ترقي ڪري مضبوط پرولتاري بڻجي ۽ سرمائي جي تضادن مان اڀري انقلاب آڻيندو اهو نه ٿيو نه ٿيندو. سنڌ ۾ اهڙو پرولتاري نه هئڻ برابر آهي پر اسان وٽ وسيع معنائن ۾ آهي به ڪونه جيڪو آهي به، اهو نسبتن خوشحال، شهري ۽ ٻين طبقن جي مقابلي ۾ پاڻ ڀرو آهي. تنهن ڪري معروضي حالتن ۾ سنڌ ۾ طبقاتي جدوجهد پرولتاري طبقن جي مفادن بجاءِ غير رسمي هارين، غير پرولتاري مزدور، ڳوٺاڻن ۽ شهري پورهيتن، زرعي ۽ غير زرعي ورڇ ۽ سڀني طبقن جي وڌيل استحصال جي شڪلين کي سمجهي، جنس، اقليت، ذات پات، قومي تشخص کي نظر ۾ رکي گڏ ملائي سمجهڻ گهرجي.

Daily kawish, September 19, 2021

چين جي معاشي ۽ اڀرندڙ طاقت جو راز ۽ زرعي سوال

چين ھڪ اڀرندڙ معاشي ۽ سياسي طاقت آھي جنهن کي سمجهڻ اهم آهي. گھڻن جو خيال آهي ته چين ھاڻي ڪميونسٽ نه پر ھڪ مڪمل سرمائيداراڻي عالمگيريت بڻجي چڪو آھي. ڪجھه دانشور ته مورڳو اها اميد رکيو ويٺا آهن ته چين ڪڏهن ٿو پنهنجي هڪ پارٽي نظام واري “عوامي جمهوريت” کي ختم ڪري اجھو ٿو اولهه جي “گهڻ سياسي پارٽين واري اليڪشني ۽ انساني حقن” واري ڪوڙي - ٻھروپي جمهوريت جي پٽڙيءَ تي لهي. اھڙن دانشورن وٽ سياسي ۽ جمھوري لقائن جي معنا رڳو اليڪشنون ترقين جي واڌ في ڪس آمدنين ۾ اضافا وغيره ھجن ٿا. خود گھڻن چينين جو به ساڳيو خيال آھي ته شايد چين پنهنجن نظرين سان غداري ڪري، سوشلزم جي واٽ تان ٿڙي ملڪ سرمائيداريءَ جي جهوليءَ ۾ وجھي رهيو آهي، سنڌ ۾ به گھڻن کاٻي ڌر جي ھمراھن جو ساڳيو حال آھي. موجوده حالتن جي پس منظر ۾ ھڙئي حق بجانب آهن. خود چيني اڳواڻ پاڻ به اهڙن لقائن کي چيني اسٽائيل جو سوشلزم سڏين ٿا. چين جي اڀرندڙ عالمي طاقت ۽ معيشت جي باري ۾ اها محدود سوچ ۽ سمجھه جزوي طور آهي ئي انڪري جو چين متعلق علمي فڪري ۽ تنقيدي خال موجود نه آھن. ان ڏس ۾ ھي مضمون ھڪ حد تائين اھو خال ڀرڻ جي ننڍي ڪاوش ھوندي.
پھرين ڳالھه، چيني معيشت ھينئر به زرعي صنعتي ۽ مالياتي شعبن جي حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ پنجن سالن جي مرڪزي منصوبابنديءَ هيٺ سرڪاري ۽ نجي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي. پر ساڳي وقت ٻاهرين دنيا سان واپار ڪاروبار ۽ منڊين لاءِ واضع طور کليل معيشت آهي. معيشت تي سرڪاري ادارن جو ريگيوليٽري ڪنٽرول آھي. ڪاروبارن ۾ سرڪاري سيڙپڪاري، شموليت ۽ حصيداري ڪل معيشت جي ٽيھتر سيڪڙي برابر آهي چيني معيشت پيداوار ۾ پندرھن ٽرلين ڊالرن جي ۽ قوتِ خريداريءَ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ستاويھه ٽرلين ڊالرن جي معيشت آهي، جنھن ۾ صنعتي شعبي جو حصو چاليھه، زراعت اٺ سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جوحصو ايڪونجاھه سيڪڙو آهي.
چين ويجهي ماضيءَ ۾ منگ ۽ ڪنگ خاندانن جي موروثي حڪمرانيءَ (1368-1911ع) ۾ نيري سيرامڪ ڪشيدا ڪاري، ڳجھا شهر اڏڻ عظيم ديوار چين شهنشاهه يونگل جي زماني ۾ هندستان، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ڏانهن سفر ڪري چين جي پکيڙ کي ڦھلائي ڇڏيو ھو. 1841ع ۾ پهرين آفيم جنگ ۾ انگريزن چين تي تسلط قائم ڪيو، جنھن کي چيني پنهنجي “ذلت جي صدي” سڏيندا آھن. نيٺ 1911ع ۾ باڪسر بغاوت جي نتيجي ۾ ڪنڪ سلطنت زوال پذير ٿي ۽ چين ھڪ جمھوري رياست بڻجي ويو. بعد ۾ 1949ع ۾ عوامي جمهوري انقلاب ذريعي ڪميونسٽن اقتدار سنڀاليو. ان کان اڳ 1850ع ۾ منڇو خاندان ۽ هانهاڪا جي آسماني بادشاهت جي وچ ۾ تائپنگ نالي وڏي گھرو ويڙھه لڳي ھئي. اوڻويھين صديءَ ۾ ايڪويھه سال ھلندڙ تاريخي خوني ويڙھه ۾ ٽي کان پنج ڪروڙ ماڻھو مارجي ويا ھئا ڪنڪ بادشاهه جي حڪومت فتح حاصل ڪئي. آفيم وار تائپنگ انقلابي جنگِ عظيم ۽ چيني انقلاب کي سمجهڻ کان سواءِ چين کي صحيح معنى ۾ سمجهي نٿو سگهجي.
چيني انقلاب جي سرواڻ مائوزي تنگ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪو سرمائيدار - جاگيردار مخالف سوشلزم آندو. جنهن کي هن ڪڏهن به سوشلزم نه ڪوٺيو، بلڪ “ڊگهي عرصي وارو سوشلزم” سڏيو. مائوزي تنگ جي اهم ڳالهه هيءَ هئي ته مائوزي تنگ زمين کي ذاتي ملڪيت يا نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ بدران زمينون هارين ۾ ورهائي ڇڏيون. مائوزي تنگ کي زمين جي اهميت جي خبر هئي ته زمين قومي دولت آهي نه ڪي بازار جو وکر. ان کي قومي ملڪيت قرار ڏيئي ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪميونٽين کي کيڙڻ جو حق ڏيئي، ڳوٺاڻن خاندانن جي استعمال ۾ ڏيئي ڇڏي، چين جي مقابلي ۾ روسي انقلابين ايئن نه ڪيو. روسي انقلابين زمين جھڙي قيمتي وسيلن کي ذاتي ملڪيت ۾ ورهائي ڇڏيو هو. مائوزي تنگ جو اصول هو ته زمين، بازار جو وکر يا جنس نه آهي، جنهن کي بازار جي طلب ۽ رسد حوالي ڪري ڇڏجي. مائوءَ اها ڳالهه ورجائي ورجائي چئي ته هارين جي تاريخي طرح وڏي ۾ وڏي ملڪيت رڳو زمين ئي آهي. زمين کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ وکر بنائڻ يا ذاتي ملڪيت ۾ ڏيڻ جي نتيجي ۾ گهرو ويڙهه ٿيڻ جو خطرو آهي روس ۽ يورپ ۾ به 1600-1500ع جي زماني ۾ ايئن ٿيو. زمين هارين کان وٺي، جاگيردارن جي هٿ ۾ ڏيئي ان جي حيثيت کي تبديل ڪري جديد ملڪيتي نظام ٺاهي نجي ملڪيت ۾ ڏيئي وڪري جو وکر بڻايو ويو هو.
چين ۾ انقلاب کان اڳ ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ ڪري سرمائيداراڻي فيملي فارمنگ ڪري، ٻج، ڀاڻ، قرض ۽ مهارتون مهيا ڪري، رسد جي عنصرن تي ڪنٽرول ڪري، کپت جي مارڪيٽن ۾ جنسن ۽ پيداوار تي سرمائيداراڻو ڪنٽرول ڪري، هاري مالڪن مان ڦري سب ڪنٽريڪٽر بڻجي ويا ھئا. وڏن فارمن مان معاشي مهارت حاصل ٿي سگهي پيئي ان جي مقابلي ۾ مائوزي تنگ غريب ۽ بي زمين هارين سان اتحاد ڪري، وچين هارين سان دوستاڻي پاليسي رکندي ۽ وڏن هارين کي دشمن بنائڻ بغير پاسيرو ڪري ڇڏيو. مائوزي تنگ جي ان ڳالهه ۾ وزن هو ته زمين کي ذاتي ملڪيت ۾ ڏيڻ بدران بي زمين هارين کي زمين ورهائي ڏجي ۽ هن ان ڳالهه کي ترجيح ڏني. هن کي خبر هئي ته تائپنگ انقلاب ۾ گهرو ويڙهه ۾ ڇا ٿيو هو. بالشويڪ زمين جي معاملي ۾ ناڪام ٿيا هئا بالشويڪن انقلاب کانپوءِ هارين سان اتحاد ختم ڪري زمين کي ذاتي ملڪيت ۾ ڏيڻ کي ترجيح ڏني ان جا نتيجا چڱا نه نڪتا هئا.
چين زرعي زمين کي جنس ۾ تبديل نه ڪري جھڙوڪ سرمائيداراڻي نظام جي نفي ڪري ٿو. زمين گڏيل ملڪيت ۾ آھي ۽ پيداوار به ننڍن ٽڪرن ۽ ننڍي پئماني جي آهي. ننڍي پيماني تي پيداوار ڳوٺاڻي هنرمنديءَ جي پيداوار کي سرمائيداراڻي ترقيءَ سان ملائي، چين نجي ملڪيت جي ابتڙ ڪم ڪيو. 1950ع ۾ خاندان تي ٻڌل پيداوار ڪو آپريٽوِ نظام ۾ ڳوٺاڻي انتظام ۽ تعاون هيٺ آبپاشيءَ جي ڪمن، اوزارن جي گڏيل استعمال کي ملڪي معيشت سان ڳنڍي، بازارن ۾ پيداوار آڻي، ملڪي سطح تي قرض، ٻج، ڀاڻ، مشينريءَ کي هڪ خاص رٿابنديءَ سان حڪومت طئي ڪري مھيا ڪري ڏنا. بعد ۾ 1970ع جي پيداواري ڪوآپريٽوِ تحت صحت، تعليم ۽ هارين کي روزگار مهيا ڪرڻ سرڪاري ذميواريءَ ۾ ھئي. سماجي خدمتن جهڙوڪ: تعليم، صحت، گهر ٺاهڻ، ڪميونٽيءَ جي مدد ۽ ڳوٺاڻي سياسي ۽ سماجي انتظام کي هيٺين سطح تائين ڳوٺاڻن حوالي ڪيو. ڪميون نظام سياسي ۽ جدلياتي طور اڳتي وڌيل زبردست سياسي نظام هو. ڳوٺاڻي تعمير ۽ “ڳوٺاڻي ترقي پنهنجو پاڻ” جي نعري هيٺ زبردست ڪم ڪيو.
چين خوراڪ ۾ پاڻ خود مختيار ملڪ آهي. چين وٽ دنيا جي ڇھه سيڪڙو آباديءَ لائق زمين هوندي، وٽن دنيا جي ٻاويھه سيڪڙو آباديءَ جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي نه رڳو ايترو، پر چين ۾ معيارِ زندگي ڪيترن سرمائيدار ملڪن کان بھتر آهي. چيني ڳوٺ سکيا ستابا ۽ مڪمل ڳوٺاڻا ڍانچا آهن. هينئر چين مفلسي، بک، بدحالي ۽ ڪرپشن وارو چين نه آهي، جيڪا بک ۽ بدحالي آفريڪا، ايشيا، انڊيا ۽ پاڪستان جي ڳوٺن ۾ لڳي پيئي آهي. چين جي معاشي مهارت، زرعي پيداوار ۾ بيپناهه اضافو سرمائيدار ملڪن ۾ به اڻ لڀ آهي. شهري آباديءَ جي شرح ھينئر پنجاھه سيڪڙو آھي. شهري آباديءَ وٽ روزگار، گهر، صحت ۽ تعليم آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سرمائيدار ملڪن ۾ به گهرن جي اڻاٺ آهي. اھو سڀ هڪ پلان تحت ٿيو آھي چاليھه ڪروڙ نوان گهر ٺاهڻ، هاءِ ويز، ريلوي، بجلي، ڪوسٽل چين کان اولهه چين تائين هڪ منصوبي تحت ٿيو آهي. اٽڪل سٺ ڪروڙ ماڻهن جي ٻه ڀاڱي ٽي آباديءَ کي شهري بنائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اها سٺ ڪروڙ آبادي تقريباً سڄي يورپ جي برابر آهي، اهو سڀ ڪجهه هڪ پلان هيٺ ٿيو آهي نه ڪي بازار جي اصولن تي. اهو صرف ڪوريا کان علاوه ٻيو ڪٿي به نه ٿيو آهي ان جي مقابلي ۾ برازيل جي شهرن جي حالت خراب آهي جتي يارھن سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ ۽ پنجاھه سيڪڙو شهرن ۾ رھي ٿي. جتي گهڻي آبادي، فيولا ڪچيون آباديون آھن ممبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ غير رسمي معيشتون ۽ منظم ڏوهن ۽ دھشتگردين جي ور چڙهيل آھن.
چين جي صنعتي ترقيءَ جو راز ڳوٺاڻي زرعي پيداوار ۾ سمايل آهي قومي صنعتي پيداوار جو نظام بين الاقوامي پيداواري نظام سان جڙيل آهي. نجي ڪمپنيون آهن، نجي ڪاروبار ۽ واپار ۾ خدمتون جاري آهن پر بنيادي صحت ۽ قرضن جي نظام کي نجڪاريءَ حوالي ڪرڻ نه ڏنو. رڳو ان جي شڪلين کي منڊين جو مهانڊو ڏيئي سماجي مطابقت ۾ رکيو. ٻاهرين سرمائيدارن کي ان تي گرفت ڪرڻ نه ڏني. پهرين سٺ سالن ۾ صنعتي نظام کي ملڪي سطح تي هڪ تمام زبردست اجگر ۽ اٿاھه نظام ۾ رکيو. جنهن جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڀيٽي نٿو سگهجي. چين ٽيڪنالاجي پيدا ڪندي صنعتي تنظيم ۽ انتظام کي هڪ پلان تحت پنهنجي سرڪاري ڪنٽرول ۾ رکيو آھي. پنج سالا رٿا ۽ پلان ان جي نوعيت، جڳهه، ڪھڙي صنعت ڪٿي قائم ڪرڻ پيداوار جا مقصد ۽ قيمتن جو تعين جھڙا فيصلا مرڪزي منصوبابندي ڪندي آهي. سرڪاري ڪمپنين ۽ ميونسپالٽين جي ذريعي صنعتي ۽ شهري پيداوار ۽ ان جا مقصد سنجيده ۽ ان مان سياسي ۽ معاشي مقصد حاصل ڪرڻ جا اهم ذريعا هئا، انهن جي ئي ذريعي ناخواندگي ختم ڪرڻ ۽ بنيادي صحت جا مقصد حاصل ڪيا.
پاڻ کي مالي عالمگيريت کان پري رکي سمورين بئنڪن کي مڪمل قومي ملڪيت ۾ رکيو آھي. قرضن جو نظام داخلي نوعيت جو آهي، ڪرنسيءَ تي خودمختيار ڪنٽرول سرڪاري آهي چيني ڪرنسي مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي يا عالمي مالياتي عالمگيريت جي آسري تي نه آهي ڪريڊٽ جو نظام سرڪاري آهي. سرڪاري قرض آهن، پر اهڙا قرض آمريڪا، يورپ ۽ جاپان جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهن، چين پنهنجا خرچ قيمتن ۾ چاڙهه کان سواءِ وڌائي سگهي ٿو. ٻين ملڪن جي برعڪس عالمي مالياتي نظام لاءِ پنهنجا دروازا کولي نه ڇڏيا، نه ئي پنهنجا وسيلا ٽيڪنالاجيءَ جي مدد لاءِ آئوٽ سورس ڪري ڏنا، نه ئي سـستي مزدور يا اجرتن مان غير ضروري فائدو وٺڻ ڏنو ۽ نه ئي بئنڪن کي ڌاڙو هڻي ناڻي ۽ ماليت کي ٻين ملڪن تيونس ۽ موراڪو، لبنان، ارجنٽينا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن وانگر ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته چين هڪ اڀرندڙ طاقت آهي، بيٺڪيت جي ڪري اوڻويھين صديءَ ۾ پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو هو. بورجوازي کان “عوامي جمهوري چين” تائين پهچڻ ۾ چين ڪو مڪمل سرمائيداراڻو رستو نه ورتو آهي، پر چيني ان کي مارڪيٽ سوشلزم سڏين ٿا بلڪ سوشلزم ڏانهن ھڪ وک آھي. خود مختيار سوشلسٽ قومي منصوبو آهي گھڻا اڀرندڙ ملڪ، معاشي جمود، سست رفتارين، بک بدحالين، اڻ برابرين ۽ بي روزگارين جو شڪار آھن. اڻ برابريون چين ۾ تيز تر معاشي واڌ جو نتيجو آهن چين غربت گهٽائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ٻه چار سيڪڙو ماڻهو بي تحاشا امير ٿيا آهن پر اسي سيڪڙو ماڻهو غربت مان نڪتا آهن. اھڙي بي مثال ۽ حيرت انگيز ترقيءَ سان چين پراڻن غدار طبقن ۽ بيوروڪريٽ طاقتن مان نجات حاصل ڪئي آھي. آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي وچين طبقن پروفيشنل سرڪاري ڪارندن، صنعتڪارن، ڪومنتانگ جي ڀاڙيائپ ۽ جاپاني جارحيت کي منهن ڏيئي نه سگهڻ جي عيوض ڪامياب ٿي ھئي. انهن مان گهڻا طاقتور واپاري ٿي ويا ۽ 1990ع کان پوءِ نجي شعبي کي کولڻ سان انهن جون قسمتون جاڳيون. پارٽي ڪارندن پاڻ ۾ سازباز ڪري ڪرپشن ڪئي، چين جا آمريڪا سان معاشي پلان تي آزاد ۽ خودمختياريءَ تي اختلاف آهن. چين کي ٽيڪنالاجي وسيلن ۽ فوجي طاقت وڌائڻ جهڙا ڏکيا مسئلا درپيش آهن. بين الاقوامي سياسي نظام ۾ هر ملڪ ۽ قوم کي اهو حق حاصل آهي ته پنهنجي داخلي سياسي ۽ معاشي نظام ۽ سماجي ترقيءَ جي چونڊ پاڻ ڪن. چين جي معاشي سگھه مان سکڻ لاءِ بي پناهه ڳالهيون آهن. ته ڪيئن بيٺڪي استحصالي ۽ قومي جبر مان جان ڇڏائي شاندار فتحون حاصل ڪري دنيا جي عالمي طاقت بڻجي ويو آهي. سنڌين کي چين جي معاشي ۽ سياسي نظام مان سکڻ جي سخت ضرورت آهي.


Daily kawish, October 8, 2021

زرعي شعبي جي ترقي ۽ لبرل معاشي پاليسيون

پاڪستان ۾ ترقيءَ جون گھڻيون مشڪلاتون زرعي شعبي سان لاڳاپيل آهن. جيڪو حڪمرانن جي لاپرواهيءَ ۽ غلط معاشي پاليسين جي ور چڙهيل آهي. چئن ڏھاڪن کان جاري لبرل پاليسين جي نتيجي ۾ هڪ اھم تبديلي اِها آئي آهي ته زراعت حڪمرانن جي ايجنڊائن مان غائب ٿي ويئي آهي زراعت سان لاڳاپيل مسئلا، حڪمرانن جي پسند ۽ ذائقي جي لائق نه رهيا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ زرعي سڌارا حڪومتن جي اوليتن ۾ هجن ها. ڇاڪاڻ جو زمين جي مالڪي، زرعي پيداوار، ڳوٺاڻي ترقي ۽ خوشحاليءَ وارين حڪمت عملين جو سڌو تعلق زرعي شعبي سان آھي زرعي زمين زرعي روزگار مهيا ڪرڻ ۽ وسيع ڳوٺاڻي آباديءَ جي گذر سفر جو سڀ کان وڏو نه رڳو ذريعو آهي، پر ٻي صنعتي پيداوار ۽ روانگي واپار جو اھم پيداواري جز به آھي پر ھينئر، زرعي شعبي ۾ هڪ قسم جو جمود ڇانيل آهي. نتيجي ۾ ڳوٺاڻي آباديءَ جي آمدنين يا زندگيءَ جي معيارِن تي وڏو ناڪاري اثر پيو آھي.
زرعي زمين ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ هڪ اهم پيداواري اثاثو ھجي ٿو. توڙي جو ان جي نسبتي اهميت، پيداواري صلاحيت، آباديءَ جي دٻاءَ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گهٽجندي وڃي ٿي پر پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ ۾ مٿين طبقن لاءِ اڄ به طاقت ۽ سماجي حيثيت جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ اڃان به زمين ئي آهي. ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ زمين رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سماجي ڍانچي جو مرڪز آهي، ڇاڪاڻ ته زمين ئي تاريخي طرح ورهاستي ۽ نوان پيداواري قدر پيدا ڪري ٿي. زمين جو ٽڪر عام ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ نه رڳو جسماني، مالياتي ۽ غذائي خوراڪ جو تحفظ، پر اجرت جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. زمين جي مالڪي ئي ڳوٺاڻي آباديءَ جي گهر اندر ۽ سماج ۾ حيثيت جو تعين ۽ سياسي طاقت جو اظهار ڪري ٿي. انساني قدر، صحت، فن ۽ هنرن ۾ واڌ، غذائي تحفظ، مالي قدر، آمدنين، قرضن، ڍور ڍڳن جو سڌو اڻسڌو واسطو ۽ ناتو زمين سان جڙيل آھي. سماجي قدر، پيداواري رشتا، ڍڪڻ لاءِ ڇت، گهر گهاٽ ۽ ٻيا انيڪ سماجي ۽ معاشي ڍانچا، سياسي اظهار، آواز ۽ طاقت جو نالو زمين آهي. زمين رڳو مارڪيٽ ۾ رزق مهيا ڪرڻ جو ذريعو نه پر ساڳئي وقت ان جي قدر يا پيداوار کي طاقتور طبقن وٽ گروي رکي غريب آبادگارن لاءِ قرض وغيره حاصل ڪرڻ جو ذريعو پڻ زمين آهي.
زمين جي غير منصفاڻي ورهاست اڻ برابري پيدا ڪري، پيداواري رشتن ۾ اڪثريت کي ھوند ۽ اڻ ھوند تبديل ڪري، ڪڙمي ۽ غير رسمي پورھيت بڻائي ٿي. معاشي سطح تي عدم مساوات آڻي، معاشي ترقيءَ کي متاثر ڪري، ملڪي عدم استحڪام جو سبب بڻجي، پيداواري صلاحيت ۾ گھٽتائي آڻي ٿي. اڻ سڌيءَ طرح عدم مساوات، زندگيءَ جي معيارن، تعليم ۽ صحت تي ذاتي خرچن کي گھٽائي ٿي. پيداواري طريقن ۽ اڻ برابر پيداواري رشتن جي ڪري سماجي ۽ اخلاقي حدن کان وانجهيل، ظلم، جبر ۽ ڦرلٽ تي قائم ڪيل ھڪ دقيانوسي مدي خارج غير انساني بيٺڪي معاشي نظام مڙھيل آھي جنھن کي تبديل ٿيڻ گھرجي .
صدين کان پراڻو روايتي کيڙيءَ - هارپي واري نظام، وڌندڙ آباديءَ جي دٻاءَ ۽ فني ترقين کان بي نياز جھڙن ٻين عنصرن جي دٻاءَ جو شڪار آھي. روزگار جي محدود صلاحيت، آمدنين ۽ جنسن جي قيمتن ۾ جمود، ڳوٺاڻي آباديءَ جي عزت ۽ وقار واري زندگي گذارڻ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي. ھينئر، ان ۾ ايتري طاقت نه رھي آهي جو خوراڪ جون ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. اضافي سرمايو ڪمائي يا اضافي بچتون ڪري، پاڻ کي هڪ وڏي زرعي صنعتڪاريءَ لاءِ تيار ڪري سگهي. پر ان جي ابتڙ زمين جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ پورھئي جي استحصال مان زمين تان غائب مالڪن - جاگيردار طبقن کي دولت مند بڻائي ڇڏيو آھي. نتيجي ۾ پيسجندڙ طبقن جي هڪ وڏي اڪثريت عام رواجي، سڪل ۽ ٺوٺ ٿيل غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
رڳو ٻه ڏهايون اڳ، ساڳيو شعبو ملڪي پيداوار جو ڇويھه سيڪڙو ۽ ستر سيڪڙو آباديءَ لاءِ گذر سفر جو وسيلو، اڌ پورهيت آباديءَ لاءِ پورهيو، ملڪي برآمدات سٺ سيڪڙو ۽ اهم قيمتي ناڻي ڪمائڻ جو وڏو ذريعو هو. اھو شعبو هينئر ملڪي پيداوار جي صرف ارڙهن سيڪڙو، روزگار ۾ ٽيتاليھه سيڪڙو ۽ گذر سفر ۾ اڌ آباديءَ جو وڏو ذريعو آهي. دنيا جي بهترين آبپاشي نظام سان گڏ کير، مکڻ، گوشت، فروٽ، ڀاڄيون، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه پيدا ڪرڻ جو ھينئر به سڀ کان وڏو ذريعو آهي. پنهنجي پيداواري صلاحيت ۽ وسيلن جي استعمال ۾ پوئتي پيل، آھي ئي انڪري جو وسيلن، خاص ڪري، زمين ۽ آبپاشي نظام جي استعمال ۽ مالڪيءَ تي قبضو ۽ ڪنٽرول ان طبقي جو آهي، جيڪو انگريزن جي زماني کان وٺي زمين ۽ وسيلن جو مالڪ ۽ زميني سڌارن جو سخت مخالف آهي. اھو طبقو ڄاڻي ٿو ته زمين کي کيڙيندڙن ۾ ورهائڻ سان سندس طاقت، دولت ۽ استحصالي عمل جو خاتمو ٿيندو. انھيءَ ڪري ھن طبقي زميني سڌارن کي ڄاڻي واڻي ناڪام ڪيو آھي. ان طبقي جو زمين جي پيداواري صلاحيت سان نه ڪو سڌو واسطو آهي، نه ئي هو زمين تي پورھيو ڪري ٿو. جيڪو پورھيو ڪري ٿو ان کي اھا خبر آھي ته سندس پيداواري صلاحيت سان ھو جيڪو ڪجهه به پيدا ڪندو زميندار يا مالڪ سو سڀ بٽئيءَ جي نالي ۾ کڻي ويندو ۽ ھو پنهنجي جائز پورھئي کان به محروم ٿي ويندو. غير منصفاڻي ورهاست ۽ بٽئيءَ جو نظام اڻبرابريون پيدا ڪرڻ جي اھم جڙ آھي.
سنڌ ۾2000ع جي انگن اکرن مطابق اوڻانوي سيڪڙو آباديءَ وٽ صرف ٽيتاليھه سيڪڙو زمين آهي ۽ ستٽيھه ڏھائي پنج سيڪڙو زرعي ۽ غير زرعي زمين هڪ ئي نَوَ سيڪڙو طبقي وٽ آهي. سنڌ ۾ ٽوٽل ڇاھتر لک ايڪڙن مان چاليھه سيڪڙو زرعي پوکيءَ لائق زمين ايڪويھه ڏھائي چار سيڪڙو کان ستاويھه ڏھائي ست سيڪڙو ملڪي زرعي پيداوار ۾ حصو ڏئي ٿي. سٺ سيڪڙو هاري بٽئي جي نظام حصيداريءَ تي ڪم ڪن ٿا. اوڻھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي بي زمين آھي کين زمين يا وسيلن تي ڪا پهچ نه اٿن ٻائيتاليھه سيڪڙو آباديءَ وٽ زمين هڪ ايڪڙ يا ان کان به گهٽ آهي. زرعي شعبي سان لاڳاپيل آباديءَ جي اڌ آمدني زراعت کان ٻاهر غير رسمي پورھئي مان اچي ٿي. جياپي جي عمل ۾ هاري هڪ حڪمت عمليءَ هيٺ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گهربل کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ کان به قاصر آهي سندن زندگيون غير انساني ۽ ڏکوئيندڙ آهن. زراعت ھينئر ملڪي خوراڪ جون ضرورتون به پيدا ڪرڻ جي قابل به نه رھي آهي. ملڪ، کنڊ، داليون ۽ گيهه ٻاهران گهرائڻ تي مجبور ۽ خوراڪ ۾ صافي در آمدي بڻجي چڪو آهي.
اھڙي حالت ۾ زرعي پاليسين جو رخ عوام جي خوشحالي، پيداوار ۾ اضافو زرعي - صنعتي ترقيءَ ڏانھن ھجڻ گھرجي. پر جڏھن پاليسيون زرعي زمين کي قومي وسيلي بدران مارڪيٽ ۽ منڊين ۾ جنس ۽ وکر بڻائينديون، کاڌي پيتي جي شين ۽ خوراڪ کي واپار لاءِ کليل منڊين حوالي ڪري ڇڏينديون ۽ ان کي نفعي جو ذريعو ٺاھي ڇڏينديون ته نتيجو مختلف نه ٿيندو. زرعي واپار لاءِ غير منصفاڻيون رڪاوٽون ريگيوليٽري سسٽم هڪ قسم جي سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچن کي تبديل ڪري، سماج کي ان نقطي تي بيهاري ڇڏيو آهي، جتي بازار جي تعلق کي رياستي ڪردار کان بالاتر ڪري، شخصي لالچ ۽ فيصلاسازيءَ جي نظر ڪري ڇڏيو آهي. معاشي پاليسين جو انڌو عقيدو منڊين تي آھي ته منڊيون عام ماڻهن کي سهولتون ۽ مهارتون ڏيئي هر شيءِ پيدا ڪري ڏينديون. ساڳي وقت سياست، سماج ۽ معيشت جا بنياد مضبوط ڪنديون، پر ان لبرل معاشي انتظام عقيدي کي نظرياتي هٿيار بڻائي طبقاتي طاقت کي وري ٻيهر مضبوط ڪيو آهي. معاشي ترقيءَ جي عمل کي منڊين جي لالچ ۽ منافعي خوريءَ جي آسري ڇڏي ڏنو آهي. مارڪسي دانشور اھڙي معاشي انتظام کي سرمائيدار طبقن جو طبقاتي منصوبو سڏين ٿا.
پاڪستان ۾ ٽن ڏهاڪن کان جاري مارڪيٽ سڌارن، منافعي خوريءَ جي منصوبن ۽ صنعتي نجڪارين هڪ قسم جا پيداواري رشتا جوڙي، ناهمواريون پيدا ڪيون آهن، جن زمان ۽ مڪان کان بالاتر ٿي، زمين ۽ قومي وسيلن سان جڙيل رشتن ۾ بي پناهه تبديليون آنديون آهن. هڪ نئين قسم جا پورهيت ۽ عمل پيدا ڪيا آهن، جنهن ۾ نوَن ڪردارن ۽ اجرتن شڪل ورتي آهي. هاڻي نئين قسم جي بي زمينيءَ جنم ورتو آهي، جن ۾ آبادگارن کي بي دخل ڪرڻ، وسيلن کي سرمائيدار جي هٿن ۾ منافعي لاءِ ڏيڻ ۽ هڪ قسم جو وسيلن کان خالي غير رسمي پورهيت طبقو پيدا ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو پنهنجي پورهئي ۽ گذر سفر لاءِ منڊين جي آسري پورھيا ڪري ٿو. هارين کي وسيلن کان محروم ڪري، سرمائي جي ميڙي ۽ استحصال ان عمل جو تسلسل جاري رکيو آھي، جنھن ۾ پسماندگين، ناھموارين ۽ غربتن کي جنم وٺڻو آھي. توڻي جو سرمائي جي گردش ۽ عمل ۾ اجرتي مزدور جي مقابلي ۾ ٽيڪنالاجيءَ جاءِ والاري، ان نوَن پورهيتن کي “انساني وسيلو” سمجهي استعمال ڪيو آھي. ڪڻڪ، ڪپھه، چانور، ڪمند، ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينرين ۽ قرضن کي منڊين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. سرمائي جي قانون ۾ ظاهر آهي، ميڙي ۽ استحصال کي وڌڻو ئي تڏهن آهي، جڏهن پورهئي کي پيداواري وسيلن کان الڳ ڪري نه بيهارجي. ان نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اڻ برابرين ۽ مختلف خطن ۾ سماجي طبقن تي ناڪاري اثر وڌا آهن، بي زمينيءَ غير رسمي پورهيت طبقن ۽ زرعي استحصالن، منافعي خوريءَ ۽ صنفي اڻبرابرين منهن ڪڍيا آهن. سياسي طرح زمين کي سرمائيدار ۽ غير مقامي ادارن حوالي ڪري سياسي طبقن ڄڻ ته برابري، مساوات ۽ عوام جي مسئلن تان اڻ اعلاڻيل هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ هڪ وسيع ۽ عام غربت آهي، ھر سَوَ منجھان ستٽيھه ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. زرعي شعبي ۾ غربت جي صورتحال اڃان وڌيڪ نازڪ آهي ائين مغلن جي زماني ۾ نه هو. زمين ڳوٺن جي گڏيل ملڪيت ھئي، زمين تي ذاتي ملڪيت جو نظام نه ھو، زمين مان بادشاهه صرف لينڊ ٽيڪس اوڳاڙيندا هئا پر کيڙڻ جا حق ڳوٺاڻي ملڪيت ۾ ھئا. غلامي ھئي پر غلام معاشرا خوراڪ ۾ خود ڪفيل ھئا، بيٺڪي راڄ لينڊ ٽينيور نظام متعارف ڪرائي ان مان آمدنيءَ جا ذريعا وڌائڻ ۽ انتظامي ماحول بڻائي لينڊ روينيو - بيوروڪريسي جو بنياد وڌو، جيڪو انگريز جو وفادار هو ۽ هينئر اھو حڪمران طبقن جو ساٿاري ۽ سھولتڪار طبقو آهي. ان وقت به هارين ۽ بي زمين عوام جي اهنجن ۽ معاشي مسئلن جو اظهار قومي جدوجهدن ۾ ٿيندو ھو. زرعي تبديلين لاءِ ان وقت جيڪا لياقت گهربل هئي، مٿين طبقي جي سياسي ڪردار ۽ جوهر ۾ نه هئي. بعد ۾ نالي ماتر زميني سڌارا آڻي، ڪجهه زمينون ته واپس ورتيون ويون، پر زراعت جي ڍانچي ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي. سياسي قوتِ اراديءَ جي کوٽ، عدالتن جي مداخلت يا مناسب انتظامي مشينري نه هئڻ جي نتيجي ۾ انهن سڌارن جو ھارين کي ڪو خاص فائدو نه پيو. ھينئر، بي زميني ۽ اڻهوند عام رجحان آهي وڏي اڪثريت وٽ نه قابل رسائي وسيلا ۽ عزت واري زندگي يا روزگار جو وسيلو ميسر ڪونھي، اڪثر غير رسمي پورھيا آهن ڳوٺاڻو سماجي ۽ معاشي ڍانچو پسماندگين جو شڪار آھي.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته زميني يا زرعي سڌارا سياسي عملن جو نتيجو هوندا آهن، هارين جون سياسي طاقتون ئي زميني سڌارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهم هلچلون هلائي اثر پيدا ڪري سگهن ٿيون. اميد آھي ته اڄ نه سڀاڻي هارين جون تنظيمون پاڻ کي منظم ڪري پنهنجي وڃايل سياسي جاءِ واپس وٺنديون، وقت ۽ معروضي حالتون ئي سندن قسمت جو تعين ڪنديون.


Daily kawish, October 14, 2021

سماجي تفريقون ۽ سياسي حڪمت عمليون!

گڏيل هندستان ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ ذات پات، اوچ نيچ، صنفي تفريق يا پورهئي آڌار طبقاتي ظلم ۽ استحصال جي تاريخ سرمائيداريءَ جي اوسر کان به پراڻي آهي. اھڙيون اڻ برابريون، انساني پورهئي جي نفسياتي، ذهني تذليل، انساني قدرن خلاف هڪ بدنما داغ، خطرناڪ بيماري ۽ سماجي غلامي آهن، انسان کي انساني درجي کان گهٽ سمجهڻ سماجي جرم آهي. انسانن کي شودر، ڀنگي، ڪولهي، ڀيل، ‘گهٽ ذات’، ۽ اھڙين ٻين تفريقن ۾ ورهائڻ ظلم ۽ استحصال کي قائم رکڻ برابر آھي. اھڙين اڻ برابرين جو سڀ کان اهم ذريعو انساني پورهئي جو استحصال آهي جيڪو واضح طبقاتي، صنفي تفريقن جي شڪلين ۾ اڄ به ممڪن طور هر ملڪ ۾ موجود آهي. اھڙين غلامين کي ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي!
پورهئي جي نوعيت ۽ جوڙجڪ پورهيت آبادين اندر سندن ئي ڄمارن ۾، فردن ۽ خاندانن اندر مختلف ۽ سالن آھر تبديل ٿيندي رهي ٿي. پورهيت طبقا، رسمي ۽ غير رسمي روزگارن جي تلاش ۾ مختلف ثقافتي سڃاڻپن، علائقائي جوڙجڪن ۽ سماجي بيهڪن ۾ هڪ وڏي تاڃي پيٽي ۾ هڪ منجهيل پيداواري سرشتن ۾ پويل ھوندا آهن. پيداواري عمل ۾ پورهئي جي طاقت کي وڪرو ڪرڻ، زنده رکڻ، ٻيھر پورهئي لائق بنائڻ لاءِ پيا پيڙجندا، ٻن ويلن لاءِ پريشان، جيئڻ جي جنگ ۾ مستقل استحصال جو شڪار ٿيندا رهن ٿا.
پورهئي جو ٺهڻ به خود هڪ عمل آهي، جنهن جو صنفي تعلق سان گهرو تعلق آهي. پيداواري، تخليقي صلاحيت ۽ ٻار پالڻ ۽ نپائڻ عورتن لاءِ پيچيده عمل آھي، مردن جي پورهئي کي پيداوار لائق بنائڻ جو سڄو سماجي بار عورتن تي آهي. پورهئي کي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت پورھيتن جي گهر اندر ۽ خاندانن ۾ ٿئي ٿي. پورهيو ۽ صنفي پورهيو گڏيل پيداواري عمل آهي عورتن جي سماجي حيثيت، صنفي پيڙائي ۽ تشدد جي جوڙجڪ، ان جي پيداواري ۽ تخليقي صلاحيت سان ڳنڍيل آهي. پورهئي ۽ سرمائي جي اوسر ۾ مردن جي زيردستي تاريخي طور ممڪن ئي تڏهن ٿي سگهي جڏهن پيداواري عمل ۾ عورتن کي به ساڳي وقت مردن جي بالادستيءَ هيٺ سماجي طور زيردست ڪيو ويو.
زرعي سماجن ۾ ته عورتون نه رڳو صنفي ۽ معاشي غلاميءَ جو شڪار آهن پر اهي سماج جي ريتن رسمن ۽ قانونن جون پڻ غلام آهن. سندن زندگيون اڻ برابرين جي پنجوڙن ۾ ٻڌل آهن، ڪارو ڪاري، زوري، بدلي ۽ ننڍي عمر جي مرضيءَ خلاف شادين ۽ گهريلو تشدد جو شڪار آهن. ٻين لفظن ۾ زرعي سماج عورتن لاءِ طبقاتي ۽ صنفي غلاميءَ جي ڪربلا بڻيل آهن. عورتن جي اھڙي غلامي، وقت آهر، پيداواري عمل ۾ مردن جي قبضي واري عمل جو سڌو نتيجو آهي. مرداڻي سماج عورتن کي زمين، وسيلن ۽ ورهاست کان پري رکي غلامي ۽ ذلت ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. پدر شاهي قدرن عورت کي فقط هڪ جنس ۽ ملڪيت تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ سندس تخليقي ۽ توليدي پورهئي جي نه ڪا مڃتا آھي ۽ نه ڪا ئي عزت لائق اجرت.
معيشت ۾ رسمي روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ ڪري، ٽيڪسن ۾ مسلسل اضافي، خراب حڪمرانين ۽ ٻين سببن ڪري غير رسمي پورهئي ۾ واڌ ٿي آھي .غير رسمي پورهيو معنيٰ - غير محفوظ اجرت، نه ڪا پينشن، نه سماجي تحفظ، نه بهتر صحت ۽ تعليم، نه رهائش جي ڪا سهولت! سمگلنگ، چور بازاري، جسم فروشي، نشي آور دوائون، جوا، غير رجسٽرڊ غيرقانوني روزگار، (ٻارن جي مزدوري) پرچون سيلز جي اڻ رپورٽنگ، افغانستان - پاڪستان غير قانوني واپار اڻ رجسٽرڊ آمدنين جھڙين سرگرمين غير رسمي معيشت کي ھٿي وٺرائي آھي. اھڙي غير رسمي معيشت ۾ غير رسمي پورهيو ملڪ جي ڪل پورھئي جو ٻاھتر سيڪڙو آهي. اھڙي پورهئي جي نه ته ڪا تنظيم آهي نه ئي کين يونين ٺاهڻ جو حق. کين نه ڪو ڍنگ جو اثاثو نه ڪا سهوليت، نه ڪو تحفظ، نه ئي تعليم ۽ نه ئي ڪو وسيلو ائين مڪمل طور خاندان ٻهراڙين مان لڏي شهر جي ڪچين آبادين ۾ هڪڙيون ٻيون ٻهراڙيون ٺاهي زندگيون گھارين ٿا.
پورهيتن ۾ غربت جي شرح وڌيل ۽ سماجي حالت پوئتي پيل آهي. اڪثر آبادي، سماجي اڻبرابري، لاقانونيت، معاشي، اڻبرابري، بي زميني ۽ غير رسمي معيشت ۾ معاشي استحصال، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل آهي. ڪٿي، بي زمين ته ڪٿي قرضي پورهيت آھن قرضي پورهيو به هڪ قسم جي جديد غلامي آهي. 1952ع جي بانڊيڊ پورهئي کي ختم ڪرڻ جو قانون ته پاس ڪيو ويو پر اڄ تائين سرن جي بٺن، چمڙي جي ڪارخانن ۽ سنڌ جي ڪارپيٽ مزدور، ٻهراڙين ۾ شيڊول ڪاسٽ هارين ۾ اڃان تائين اھڙي غلامي جاري آهي، وڏيرن جا ذاتي جيل ڪجهه هنڌن تي موجود آهي.
سنڌ ۾ پوئتي پيل غريب ۽ محڪوم طبقا، ذاتيون، اقليتون، عورتون پنهنجي مالي حالتن ۾ حڪمران طبقن جي ڀيٽ ۾ زمين ۽ مادي وسيلن کان محروم آهن. ڪيئي ڪولهي ۽ ڀيل وڏيرن جي ذاتي غلاميءَ ۾ قيد آهن، اڪثر هارين کي نه ته پنهنجو ٻني ٻارو آهي ۽ نه ئي زمين تي پهچ، وڏي اڪثريت اڌ بٽئيءَ تي ڪم ڪري ٿي ۽ سالن کان قرضي آهي. مذهبي اقليتون توڙي ملڪ جي ڪل آباديءَ جو چار سيڪڙو آهن. پر سندن خلاف روز جي بنيادن تي تشدد، تفريق ۽ ٻه اکيائي عام آهي، اهڙين اقليتن ۾ تعليم، صحت، صفائي ۽ ٻيون سهولتون، روزگار جي تنگي عام آھي. اغوا ۽ زبردستي مذهب مٽائڻ، فرقي بازي، ٽارگيٽ اغوائون ۽ عبادت گاهن تي حملا، جبر ظلم ۽ استحصال جون شڪليون آهن جنهن ۾ هو پاڻ کي هڪ گروهه جي حيثيت ۾ غير محفوظ سمجهن ٿا. عيسائي ۽ هيٺين ذات وارا هندو ته مذهب سان گڏ، ذات پات جي بنيادن تي ٻٽي استحصال جو شڪار آهن، اهڙي طريقي سان ملڪ ۾ شيعن، احمدين (قاديانين) هندن ۽ سکن خلاف مذهبي تفريق ۽ تعصب عام آهي. دنيا جون ڪيتريون غير سرڪاري رپورٽون ان ڳالهه ڏانهن ورجائي اشارو ڪن ٿيون ته پاڪستان نه صرف پنهنجن اقليت لاءِ پر ٻين شهرين لاءِ به خطرناڪ ملڪ آهي. ٻيو، نه رڳو اقليتن خلاف جبر ۽ تفريق سان گڏ هڪ وسيع عوامي اڪثريت به رياست ۽ سماج جي اڻ برابريءَ ۽ استحصال جو شڪار آهي. آدمشماري ۾ “شيڊول ڪاسٽ” هڪ مذهبي اقليت نه پر هڪ سماجي درجي بندي آهي. “شيڊول ڪاسٽ” ۽ عام رواجي ٻوليءَ ۾ ڀيل، ڪولهي، باگڙي ۽ ٻيون سماجي درجي بندين کي اڇوت ۽ گهٽ ذات جو درجو ڏنل آهي. لساني، سماجي، ذات، پات ۽ سياسي وابستگيون ٻين واسطيدارن سان ملي پنهنجو تحفظ ڳولهين ٿيون. سڀ وابستگيون گڏجي سڃاڻپ، ذات پات، صنف ۽ سياسي تناسبي نمائندگيءَ ۾ جڙي وڃن ٿيون. مٿين سوچ اقليتن جي شخصي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آواز کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي.
سرمائيداراڻي طبقاتي معيشت پورهئي جي ڍانچن کي علائقائي، صنفي ۽ نفسياتي فرقن ۾ ورهائي ڇڏي ٿي جنھن مان ئي استحصالي عمل ڦٽي نڪرن ٿا. استحصال جون ڪيئي شڪليون هڪ ٻئي تي اثرانداز، هڪ ٻئي ۾ جڙيل ۽ هڪ ٻئي سان مليل ھجن ٿيون. سماجي تفريقون، اڻ برابريون خاص طور تي صنفي، لساني، قومي، نفساني، مذهبي نوعيت جون آهن. اهي هڪ تاڃي پيٽي ۽ شخصي ۽ مجموعي سرشتي ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿيون، ظلم قانون ۾ ڪو ڊيڊ آهي. جيئن شادي، زمين جي مالڪي، وسيلن ۽ روزگارن جي قانونن کي قانوني شڪل ڏنل آهي، سماجي تفريقون، قومي سڃاڻپون، آئيني خودمختياريون ۽ ثقافتن ۽ ٻولين جون نفيون استحصال ۽ جبر جون مختلف شڪليون آھن. ان کي ھڪ ئي استحصالي سرشتي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ظلم، جبر ۽ استحصال جو پاڻ ۾ هڪ ڪاڪ ٽيل ٺھيل آھي. ان ڪاڪ ٽيل جي مختلف سماجي ۽ قومي جوڙجڪن کي سمجهڻ کانسواءِ مناسب متوازن طبقاتي يا قومي جدوجهد نسبتن مشڪل ڪم ھجي ٿو. طاقت جي اھڙي اڻ توازن، مظلوم قومن ۽ محڪوم طبقن کي تاريخي طور پنھنجي حق حڪمرانين، تعليم، صحت، اثاثن ۽ قومي وسيلن کان پري رکيو ويو آهي، ان کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو. تاريخي طرح، سماجي تفريقن جا مکيه ٻه سبب آهن. ھڪ سبب، مختلف قومن ۽ طبقن وچ ۾ سياسي طاقت جو اڻ توازن، بالادست طبقن ۽ بيٺڪي حڪمرانن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ سندن رياستي مشينريءَ تي ڪنٽرول ھئڻ. ٻيو سبب آھي؛ سرمائيداري جي اوسر جي نتيجي ۾ غير محفوظ ۽ سستي پورهئي ۾ اضافو ٿيڻ. سرمائي جي اوسر مان جنم وٺندڙ استحصال، قومي وسيلن جي ڦرلٽ، رياست جي وسيلن تي مخصوص ڌر جو ڪنٽرول، قومي محروميت، پورهيتن طبقن کي قومي سڃاڻپن جي بنياد تي الڳ ڪري بيهاري ٿي. مخصوص قومن جي مخصوص طبقن جو وسيلن تي ڪنٽرول آھي. پورھيت ڪهڙي به نوعيت جو ڇو نه هجي، ان جي طبقاتي بيھڪ هڪ سماجي گروپ جي شڪل ۽ نفسيات ۾ ٿئي ٿي. سماجي رشتن ۾ هن جي سڃاڻپ، ثقافت، جنس، ذات پات يا اوچ نيچ، علائقائي يا اقليتي پورھيت واري آهي.
پاڪستان جي طاقتور حڪمران اقليت ۽ انسان شامل مستقل مفاد پرست ٽولن، اڪثريتي بنگالي ڪلمو گو مسلمان ڀائرن کي سالن تائين آئيني حقن کان محروم رکيو. باقي رھيل مظلوم قومن کي سياسي طاقت کان پاسيرو رکي سندن مجموعي گروهي وسيلن ۽ تاريخ تي چٿرون ڪري، کين پنهنجي مقابلي ۾ پوئتي ڄاڻائيندا رھيا آھن. وسيلن تي ڪنٽرول جو نه هجڻ، سياسي حصيداري کان محروميت جو احساس، مظلوم قومن لاءِ قومي سوال بڻجڻ فطري ٿي وڃي ٿو. اهڙين قومي محرومين ۽ سماجي درجي بندين متعلق ڏاھن واضح چئي ڇڏيو ھو ته: “طبقاتي جدوجهدون تيستائين ڪامياب نه ٿينديون جيستائين غالب قومن جي پورھيتن جو مظلوم قومن جي پورھيتن ڏانهن استحصالي رويو يا ٻه اکيائي بند نه ٿيندي. جيستائين انھن جي حيثيت استحصالي رهندي، تيستائين غالب قومن ۾ انقلاب نه ايندو. پورهيتن ۾ اهڙي سماجي درجي بندي يا هيٺاهين قومي حيثيت يا ڦرلٽ جي ڪري غالب قومن سان ڪابه يڪجهتي يا سالميت قائم ڪري نه ٿي سگهجي ”.
گهڻ قومي رياستن ۾ طاقت ۽ اختيارن جي ورڇ نه هجڻ، لساني، قومي تضاد نئين سياسي تحريڪن کي جنم ڏنو آهي. جيڪي رياست جي جبر ۽ استحصال خلاف اختيارن جي ورڇ يا خودمختياريءَ جي گهر ڪن ٿيون. عوام جي وسيع اڪثريت جو “مٿين طبقن” جي مقبول پارٽين کي چونڊجڻ به اصل “حڪمران طبقن” کي قابل قبول نه آهي. هر پنجين سال “چونڊيل” حڪمرانن کي لاهڻ، “قتل ڪرڻ” يا ڦاهي چاڙهڻ “قومي سڃاڻپ ” ۽ “قومي مسئلو” ٿيڻ فطري ردعمل آھي.
سياسي پارٽيون سماجي تفريقن جي نوعيت کي سمجهي بھتر سياسي حڪمت عمليون ٺاهي سگھن ٿيون. صنعتي پورهئي جي استحصال خلاف ۽ سمورين سماجي تفريقن ۽ قومي سوالن کان لاتعلق طبقاتي جدوجھد، مغالطو يا خام خيالي ھوندي، سماجي تفريقن ۽ طبقاتي جدوجھد کان لاتعلق قومي تحريڪن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. سماجي تفريقن، استحصال ۽ جبر جي سمورين شڪلين کي مڃيندي، گهربل لياقت ۽ صلاحيت سان ئي حڪمت عملي جوڙي جدوجهدون ڪرڻ وقت جي اھم تقاضا آھي. ظاهر آهي، اهو ڪو آسان ڪم نه آهي. پر “مظلوم قومن ۽ طبقن کي رڳو وڃائڻ لاءِ زنجير آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا پئي آهي”.

Daily kawish, November 12, 2021

اڻ برابر سماج ۾ سماجي برابري خام خيالي آهي

جديد رياستن جي وجود ۾ اچڻ ۽ سرمائيداري نظام کان اڳ مختلف کنڊن ۽ علائقن ۾ ٿوري فرق سان زمينن تي ملڪيتن جا نظام روايتي مالڪين ھيٺ کيڙيندڙن جي ملڪيت ۾ ھئا. وقت گذرڻ سان اھڙا مالڪيءَ جا حق ۽ قانون مختلف سببن ڪري آھستي آھستي ختم ٿيندا ويا يا انهن جي نسبتي اھميت گهٽجندي ويئي. ھاڻي زمينن کي قومي وسيلا سمجھڻ بدران خريد ۽ وڪري جو وکر سمجھي، منڊين لاءِ جنسون ۽ نجي ملڪيتون بڻايو ويو آھي. اھڙي واپاري شڪل جا ڪيئي معاشي، سماجي ۽ مستقبل ۾ خوراڪ جي تحفظ لاءِ اڻ ڳڻيا نتيجا نڪرڻا آھن.
هندستان ۾ زمينون روايتي جاتي-ورنا نظام ھيٺ ڳوٺن جي ملڪيت ۾ ھيون. مغلن جي زماني ۾ بادشاهه پنهنجي عاملن ذريعي فقط ٽيڪس اڳاڙي ڪندا ھئا ۽ عاملن کي زمين جي ملڪيت ۾ مداخلت جي اجازت نه ھئي. انگريزن هندستان ۾ ٻين يورپي ملڪن وانگر زمينن کي ذاتي ۽ نجي ملڪيتن ۾ ڏيئي ۽ وڏيون جاگيرون ٺاهڻ جھڙا بيٺڪي نظام ٺاھي رياست لاءِ آمدنيون وڌائڻ ۽ جاگيردار طبقن ذريعي مقامي آبادين سان ثالثي ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايا. جاگيردار طبقن، سرڪاري ڪارندن، انتظامي آفيسرن ۽ فوجي ادارن جي کين ضرورت ھئي. زمينن کي ذاتي ۽ نجي ملڪيتن ۾ ڏيڻ جي نتيجي ۾ مٿيان طبقا غالب شڪلين ۾ اڀري آيا. ائين، ذاتي جاگيرن، زميندارن ۽ وڏيرڪين ملڪيتن جي ڪري زمينن تان غائب غير حاضر مالڪن ۽ سرمائيدار سيٺين جو اثر ۽ غلبو خاص شڪلين ۾ وڌنڌو ويو هينئر اھڙو غلبو دنيا جي اڪثر معيشتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انگريزن ساڳي طريقي سان ٻين بيٺڪيتن ۾ جھڙوڪ آفريڪا جي اولهه وارن ملڪن، ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي، ڪينيا ۽ مصر ۾ ٻاهران آيل سيٽلرن کي زمينون ذاتي ملڪيتن ۾ ڏنيون. اهڙيون رعايتون الجيريا ۾ بيٺڪي فرينچ حڪمرانن فرينچ سيٽلرن کي به ڏنيون، نتيجي ۾ اھڙن ملڪن مان هاري آھستي غائب ٿيندا ويا رات وچ ۾ مالڪن مان ڦري اجرتي مزدور ۽ خانه بدوش )لمپن (پورھيت بڻجي ويا. مراڪش، ڪينيا ۽ تيونس جھڙن ملڪن ۾ مٿين طبقن زمينن تي قبضو ڪري ڇڏيو. زمينون کسجڻ جي ڪري مقامي علائقن ۾ ٻاهرين ماڻهن جي والار ٿي ويئي. زمبابوي ۾ انقلابي حڪومت ايندي ئي بيٺڪيت جي باقيات کي چئلينج ڪندي، زمينون واپس وٺي، نون ۽ وچولن طبقن ۾ ورھائي ڇڏيون. ڏکڻ آفريڪا ۾ آفريڪي نيشنل ڪانگريس تي به اهڙي قسم جو سخت دٻاءُ آهي.
ان جي ابتڙ چين، ويٽنام ۽ وچ ايشيا جي سويت يونين جي پراڻين رياستن جي غريب علائقن کان سواءِ دنيا جي انھن سمورن ملڪن ۾ جتي زمينون روايتي سرشتن ۾ سرمائيدارن لاءِ پرڪشش نه ھيون، ذاتي ۽ نجي ملڪيتن ۾ وڃڻ يا وڏيون جاگيرون ٺھڻ کان بچي ويون. چين انقلاب ۽ ويٽنام جي آزاديءَ کانپوءِ زمينن جي انتظام ۽ ملڪيت کي بهتر نموني سمجهي ذاتي ملڪيت يا روايتي قانونن هيٺ نه آندو، نه ئي ساڄي ڌر جي سياسي واٽ ورتي .پر چينين دنيا جي چالو روايتن جي ابتڙ، سمورن هارين ۽ ڳوٺاڻين آبادين کي سوچي سمجهي ملڪيت تي هڪجهڙي پهچ جو حق ڏنو. اهڙي پهچ ئي فتح ثابت ٿي، توڻي جو ٻيئي بيٺڪي ملڪ هئا ائين زمين تي سرمائيداراڻي نظام جو خاتمو آندو. پراڻن حاڪم طبقن جي زرعي زمين تي هڪ هٽي ۽ ذاتي ملڪيت جا قانون ختم ڪيا ويا. رياست زمينن جي اڪيلي مالڪ ٿي ويئي. زمينن تي پورهيو ڪندڙ پورهيت خاندانن جي ملڪيت قائم ٿي، ڳوٺن ۾ هڪجهڙي ورهاست ڪري رياست ڊگهي عرصي جي سيڙپڪاري ڪري هارين، عورتن ۽ مردن کي زمينن جو مالڪ بڻائڻ جي راهه هموار ڪئي ويئي.
پاڪستان ۾ ورهاڱي کان پوءِ زمينن کي جنس ۽ وکر بڻائڻ جي ڏکوئيندڙ تاريخ رھي آهي جيڪو ڪجھه سنڌ سان ٿيو. اھو اڃان وڌيڪ ڏکوئيندڙ آھي، زمينون رياست جي نون وفادار طبقن ۾ الاٽ ڪيون ويون. عوام جي مرضيءَ خلاف قبضا ڪيا ويا، ڪوڙا ڪليم داخل ڪري، ون يونٽ مڙھي، ايڪويو ٽرسٽ ذريعي ملڪيتن تي قبضو ڪيو ويو يا نون شهر اڏڻ ۽ ترقين جي نالي ۾ سرمائيدارن حوالي ڪيو ويو، بئراجن ٺهڻ جي نتيجي ۾ ڌارين، سيٽلرن کي انعامن ۾ زمينون ڏنيون ويون. نتيجي ۾ لوڪل آبادين جو زمينن سان جڙيل رشتن ۾ ڏار وڌا ويا. لوڪل آباديون تيزيءَ سان بي زمين ٿينديون ويون، بي زمين هئڻ جي ڪري پيداواري صلاحيت ۾ ڪمي ٿيندي ويئي.
زمين سان جڙيل پيداواري رشتا ھينئر سرمائيدار زراعت، امير - آبادگار، هاري، وچولا هاري، غريب هاري، بي زمين هارين ۽ غير حاضر جاگيردارن ۾ ورهايل آهن. پيداواري صلاحيت ۾ مستقل نقصان، منافعي ۽ محدود سرمائيداراڻي سوچ زمين جي پيداواري صلاحيت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. ملڪي ضرورتن ۽ آباديءَ جي دٻاءَ، هارين جي اجرت ۽ معاوضي ۾ واضح ۽ حقيقي گهٽتائي آڻي، غربتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻي آباديءَ جو گذر سفر زراعت کان ٻاهر غير رسمي پورھئي ۽ چوپائي مال جي پالنا تي آهي. آمدني جو اڌ حصو غير رسمي اجرتن مان اچي ٿو، زمينن تي قائم حصيداريون، مالڪيون ۽ مناسب اپت نه ملڻ ڪري هارين جي وسيع اڪثريت استحصال کي منهن ڏيئي رهي آهي. زمين تي قائم تجارتي نظام جنھن ۾ ٻج، ڀاڻ، مشينري، قرض ۽ پيداوار، منڊين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي . هارين جي جائز پورھئي تي زميندار، وڏيرو، لوڪل انتظاميه، پوليس ۽ بيورو ڪريسيءَ جي مدد سان قابض آهي. پيداوار کان محرومي، پيداوار جنسن جا سرڪاري اگهه ۽ منڊين جي بيرحم پيداواري عنصرن ۽ قيمتن تي گرفت هارين جي پورهئي کي جاگيردارن، بروڪرن، ٺيڪيدارن، سيٺين ۽ سرمائيدارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، اھڙو نظام ھارين ۽ وسيع اڪثريت لاءِ استحصالي آھي. ان سڄي عمل پٺيان زمين تي ذاتي مالڪيءَ جو نظام، مارڪيٽن جي بيرحمي، لبرل معاشي پاليسيون، مخصوص طبقن جي ھڪ ھٽي مکيه جڙون آهن. اهڙن ڍانچن ۾ هارين جو سياسي آواز آھن ئي ڪونه، جو سندن طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن.
زمينن تي ذاتي ملڪيت جو نظام نجڪاري آهي جنھن مان فائدو خاص طبقن لاءِ آهي ۽ وسيع اڪثريت لاءِ پهچ ۽ رسائي محدود آھي . پيداوار جا بنيادي فيصلا لبرل معاشي سوچ ۾ فرد ڪندا آھن نه ڪي گڏيل ادارا يا حڪومتون. اھڙي سوچ سرمائيداراڻي نعريبازي آھي جنھن جو مطلب آهي ته زمينن کي ذاتي ملڪيت ۾ ڏيئي معاشي وسيلن جو قطعي ۽ آخري انتظام منطقي طور منڊين جي حوالي ڪري ڇڏجي. اهڙي نظريئي مغالطا پيدا ڪيا آهن ته ترقي يا زرعي جديديت لاءِ قطعي ۽ آخري حل زمينن ۽ معيشتن کي منڊين ۽ نجڪارين حوالي ڪرڻ آهي. ان لاءِ ملڪيت جا قانون انتهائي ضروري ۽ اڻٽر آهن زمين به واپار جي ھڪ جنس آھي ان جي ملڪيت کي بازار جو وکر ٺاهجي. ائين جيئن سرمائيداري نظام ۾ ناڻو شخصي ملڪيت آهي. ان جو صاف حاصل مطلب آهي ته زمينون ذاتي ملڪيت ۾ ڏيڻ کان سواءِ ترقي ڪرڻ جو ٻيو رستو ئي نه آهي، ترقي ۽ واڌاري جي نالي ۾ ٻين جنسن وانگر خريد ۽ فروخت جو وکر ڪري هارين کي زمينن تان بي دخل ڪجي. منڊين واري معيشت زمين تي پهچ، خوشحاليءَ ۽ پيداواري صلاحيت کي ھڪجھڙو ڏسي زمينن کي ليزن ۽ مقاطن تي ڏيڻ کي ھمٿائي ٿي. اهڙو سياسي ورجاءُ زمين جي کيڙيندڙن جي حقن تان هٿ کڻڻ ۽ منڊين جو نظام رائج ڪرڻ برابر آهي. اھڙن عملن جي نتيجي ۾ سرمائيدار ملڪن مان اندازن پندرھن سيڪڙو هاري گهٽجي ويا آهن، باقي وڃي پنجاسي سيڪڙو بچيا آهن. سرمائيداري نظام هارين جي جھڙوڪ نسل ڪشي آهي. هارين کي ختم ڪرڻ جو سرمائيداريءَ کان علاوه ٻيو ڪو بھترطريقو ئي ناهي.
اھڙو عمل تاريخي طرح ڪو نئون عمل نه آهي، ائين چئي سڄي دنيا ۾ لاڳو ڪيو ويو آھي. ٽئين دنيا ۾ خاص ڪري بيٺڪي تاريخ رکندڙ ملڪن ۽ سماجن ۾ اتان جون نه صرف حڪومتون، عالمي ادارا، مذهبي پارٽيون، عالمي واپار جون تنظيمون، ترقياتي بئنڪون اڄ به ساڳي سوچ ۽ فڪر کي پنهنجي نجات، نظريو ۽ ايمان جو حصو سمجهي پوئيواري ڪن ٿيون ۽ ان کي همٿائينديون به رهن ٿيون پر اھڙي سوچ جا نتيجا صاف، اڻ ڳڻيا ۽ واضح ٿيڻا آهن ۽ هارين کي زمينن تان بي بيدخل ٿيڻو آهي. سندن استحصال اڻٽر آهي، سندن غربتن بکن ۽ بدحالين مان ڪا جان ڇٽڻي نه آهي، ان ڪري هارين لاءِ سياسي تحريڪن کان سواءِ ڪو رستو بچيو نه آهي. رياستن کي زمينن تي مالڪيءَ جي نظامن ۾ بهتري آڻي هارين کي معاشي طور سگهارو ڪرڻ گهرجي. پر، زمينن تي قائم چالو انتظام، اڻ برابريون ۽ سرمائيداراڻي مداخلت کي وڌائي اڻبرابريون پيدا ڪري ٿو. وسيلن تي رسائي ۾ تبديليون آڻڻ کانسواءِ پيداوار ۾ اضافو نٿو ڪري سگھجي.
سٺي حڪمراني يا گهڻ پارٽين وارو سياسي وڏيرڪو ۽ سرمائيداراڻو نظام اھڙي ملڪيتي نجڪاريءَ جي نظام ۾ ڀلا تبديليون ڇو آڻيندو؟ نظام به سماجي طاقتن تي بيٺل آهي، ان ۾ ھارين جي ڪمزور حيثيت آھي. اڻ برابر سماج ۾ برابري ٿيڻي آهي، سماجي ڍانچن ۾ عورتن ۽ مردن جو تعلق اهم ھجي ٿو. اڻ برابر سماجن ۾ اڪثريتي هارين، عورتن ۽ پورھيتن جي سياسي ۽ جمهوري برابري خام خيالي آهي.
دنيا هارين ۽ انهن جي سماجن ڏانھن مستقبل جي کاڌ خوراڪ لاءِ واجھائي رھي آھي. هارين کان سواءِ عالمي خوراڪ جي مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهجي _ هي سوال اهم آهي. تنهنڪري، هارين کي زمين تي پهچ، وسيلن تي ڪنٽرول، قرض، ٻج ۽ ٻين پيداواري عنصرن تائين رسائي ڏيڻي پوندي، هارين ۽ عورتن کي متحد ٿيڻو پوندو. هارين جون تنظيمون ئي سماجي ۽ سياسي طاقت طور پنهنجي طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن ٿيون. پنهنجي حالتن کي سمجھندي هارين جي جدوجهد، تحريڪ، تنظيم ڪري، احتياط سان سمجهڻو پوندو ته چالو جاگيردار، سرمائيدار ۽ قومي پارٽين جا نعرا ۽ مطالبا سندن مطالبن سان واقعي ئي ڪا ھڪجھڙائي رکن ٿا يا نه. سندن سياست چالو معاشي پاليسين ۽ غالب نئين لبرل معيشت ۽ منڊين تي ڪنٽرول جي حمايت يا مخالفت ۾. هارين جي ڪمزور هئڻ، بي زبان هئڻ، اظهار نه هئڻ جي ڪري سندن مسئلن تان ڪن لاٽار نٿي ڪري سگهجي زمين تي ملڪيت جو نظام وقت جي حڪمران پارٽين ۽ رياستن جي هٿ هيٺ آهي ۽ اُهي اھڙي نظام جو دفاع ڪن ٿيون، هاري تحريڪون پنهنجي جوهر ۾ دفاعي آهن. رياست جي ڪڏهن به زمين جي مالڪي ذاتي ملڪيت جي حق ۾ ختم نه ٿيندي نالي ماتر زميني سڌارن کي به ذاتي ملڪيت کي ٻيهر ذاتي ملڪيت ۾ ورهائڻ جي معنى ۾ سمجهڻ گهرجي سرشتو ئي جڏھن ذاتي ملڪيت تي ٻڌل آهي ته پوءِ سڌارن جو فائدو ڪهڙي به حالت ۾ غريب ۽ بي پهچ ۽ بي زمين هارين کي اصولن نه ملندو.
زمين جي مالڪيءَ مان سياسي طاقت جنم ورتو آهي، ان جو خاتمو ھاڻي ٿيڻ گھرجي. دنيا جي ٽي ارب هارين جي مستقبل کي لبرل معيشت ۽ عالمي فراڊ کان جان ڇڏائڻ لاءِ عوامي مزاحمت جون تحريڪون منظم ڪرڻيون پونديون.

Daily kawish, November 18, 2021

زمين جي ذاتي ملڪيت، زميني سڌارا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون

برطانوي راڄ کان اڳ هندستان ۾ زمين جي ڪابه رسمي يا ذاتي ملڪيت نه هئي. جيتوڻيڪ، برطانوي حڪمرانيءَ جي ٻن صدين دوران (1757-1947)، هندستان جي روايتي زمين جي ذاتي ملڪيت ۽ زمين جي استعمال “نجي ملڪيت” جي تصور کي متعارف ڪرائڻ سان تبديل ٿي ويا. زمين جي مالڪيءَ جامختلف نظام زمينن جي ملڪيت ۽ منتقليءَ جا نظام انگريزن طرفان متعارف ڪرايا ويا.
“زمينداري” نظام اتر هندستان جي اڪثر حصي ۾ غالب ٿي ويو. جنهن سان جاگيردار (زميندار) زمينن جا مالڪ ٿي ويا. جاگيردارن کي سرڪار طرفان مقرر ڪيل محصول جي ادائيگي ڪرڻي هئي ۽ ائين ھاري زمين جي مالڪ مان ڦري جاگيردارن جا ھاري بڻجي ويا ۽ انهن کي زمين تي ھارپو ڪرڻ جي مسواڙ به ادا ڪرڻي پئي. هندستان جي ڏکڻ ۽ اولهه وارن علائقن ۾ “روٽواري” جو نظام لاڳو ڪيو ويو. ذاتي پوکيندڙ (رائيٽس يا روئيٽس) زمين جا مالڪ هئا ۽ انهن کي زمين وڪرو ڪرڻ زمين جي منتقلي ڪرڻ ۽ منتقلي جا حق حاصل هئا. اھي زمين تي ڪنھن به قسم جي وصولين جي ادائيگي جي خلاف ھئا. “مهلواري نظام” هڪ ٽيون نظام هو، جنهن جي ذريعي سڄي ڳوٺن کي وصولين جي ادائيگي ڪرڻي ھئي، جنھن ۾ هارين کي سندن ملڪيت جي حساب سان حصو ڏيڻو ھو. انڊين فاريسٽ ايڪٽ 1920ع ۾ منظور ٿيو، ان قانون ۾ سڀني جھنگلي زمينن کي سرڪاري ملڪيت بڻايو ويو. هي قانونَ (قبائلي) معاشري ۾ زمين جي روايتي ڪميونٽي ملڪيت ۾ ھئڻ کي غيرقانوني طور تسليم ڪري کين ملڪيت جي حق کان محروم ڪن ٿا.
انهن نظامن هيٺ زمين جي ورهاست انتهائي اڻ برابري واري ٿي وئي - ڳوٺاڻي سماج کي ورھايو ويو: زميندار ۽ امير هارين جي مقابلي ۾ ڪرائي تي ڪم ڪندڙ ھاري ۽ زرعي مزدور 1947ع ۾ آزاديءَ جي وقت تائين، هندستان جي تقريباً چاليھه سيڪڙو ڳوٺاڻا زميندارن لاءِ زرعي مزدور طور ڪم ڪري رهيا هئا.
زمين تي ذاتي ملڪيت جو اھڙو تصور ۽ نظام، سماجي طور اڻ برابريءَ تي بيٺل نظام ھئو. جيڪو مغلن جي دور کان ٿيندو اڄ تائين ڪڏهن زمينداري ته ڪڏهن ڪنهن جاگيردار ته ڪڏهن هندو سيٺئي وٽ گروي ٿيل نظام جو تسلسل ھو. جنهن ۾ هاري هميشه وانگر ڦرلٽ جو شڪار ٿيل غير محفوظ ۽ بٽئيءَ جي غلط ورڇ جي نظام جو شڪار ٿيندو آيو آهي، زمين تي ذاتي ملڪيت جي تصور هيٺ اڻ برابريءَ تي ٻڌل سماجي ۽ پيداواري رشتن هڪ نه ٻئي طريقي سان انهن رشتن تحت استحصال ۽ ڦر لٽ جو هڪ انسان دشمن ۽ ڪرڀ ڏياريندڙ وحشي سماج جوڙيو آهي، جتي انسانيت، جمهوريت ۽ سمورن اعليٰ انساني گڻن جي پرورش ٿيڻ ڏاڍي مشڪل ٿي پئي آهي.
سماجي اڻ برابريءَ تي ٻڌل هي زميني ملڪيت جو نظام پاڪستان کي 1947ع کان ئي ورثي ۾ مليو، سماجي ناهمواريءَ کي ختم ڪرڻ واسطي سنجيده ۽ هڏ ڏوکي ماڻهن جي ڪيترين سارين ڪوششن جي تاريخ ڀري پئي آهي، زميني اصلاحات سڌارا زمين جي ذاتي ملڪيت جي حد بندي مقرر ڪرڻ، هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ رشتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، بٽئيءَ ۾ حصي داري ۽ ٻيا ڪيترا سڌارا آڻڻ لاءِ ڪيئي سڌارن جون ڪميٽيون ۽ رپورٽون پيش ڪيون ويون ته سرڪاري طور ۽ ڪن تي شعوري طور عمل ڪرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا، ڪجهه ڪامياب ٿيا ۽ ڪجهه ناڪامياب ٿيا.

زمين جي ذاتي ملڪيت:
زميني ملڪيت جو نظام، هاريءَ ۽ زميندار طبقن جي وچ ۾ هڪ قسم جي تعلق جي وضاحت ڪري ٿو. يعني هڪ قسم جي سماجي ڍانچي ۾ رهندي مختلف طبقن وچ ۾ پيداواري سرگرمين جي تعلق جي وضاحت ٿئي ٿي. ان پيداواري رشتي ۾ هڪ طرف وڏين رياستن ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل ظالماڻي طاقتون، رياستي ادارن ۽ هزار سالن جي تجربن سان هٿياربند طاقتون آهن جيڪي پنهنجي ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل دولت کي هٿيار بڻائي، لکين ماڻهن جي مٿان حڪمرانيءَ جا حق حاصل ڪيل طاقتون آهن. ٿوري اقليت آهي جنهن جو پيداواري عمل ۾ ذري برابر به حصو نه آهي ۽ صرف زمين تي سندس ناجائز ملڪيت جو پورائو هجڻ ڪري کيس زمين جي مالڪيءَ تحت کيس اضافي پيداوار “مسواڙ” جي شڪل ۾ ملي ٿي ۽ ٻئي پاسي ڏٻرن، ڪمزور، هيڻن، بکين، انگ اگهاڙن، معصوم ماڻهن ۽ طبقن جو هڪ اڻکٽ سمنڊ صبح جو پرهه ڦٽيءَ کان لهندي سج تائين، هزارن سالن کان مٿين طبقن جي غلاميءَ ۾ ۽ سندس بوگس شان ۽ شوڪت لاءِ هڪ اوزار طور ڪم ڪندو رهيو آهي، نتيجن انسان ۽ سماج جا سمورا رشتا، ناتا، ادارا ۽ ڪردار انهن رشتن مان ڦٽي نڪرن ٿا.
زمين جي ذاتي ملڪيت جي تصور کي جيڪڏهن رد ڪري ڇڏجي ان ۾ رياست ان کي جيڪڏهن نئين سر اڏاوت ڪري، کيس ڪنهن نئين قانوني سڌاري هيٺ ڪا نئين شڪل ڏني ۽ ان تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حق کي تسليم ڪري ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرائي ته پوءِ پيداوار ۽ ترقيءَ جو رخ عام بهبود سان گڏوگڏ ملڪ ۽ خاص ڪري زرعي شعبي سان لاڳاپيل هڪ وسيع اڪثريت کي زندگيءَ ۾ هڪ نئين روشنيءَ جي لهر ڪر کڻي اڀري پوي. پر هي انسان دشمن وحشي نظام بدترين ظلم تي بيٺل جاگيرداري پگهاردار نظام جون جڙون صدين کان قائم ۽ برقرار آهن. جن جي زمين جي ملڪيت گرفت ۽ هڪ هٽيءَ ۾ جاگيردار رشتا مضبوط آهن ۽ پيداوري عمل ۾ پيداوار جو هڪ وڏو حصو جائز ۽ ناجائز طور انهن جي حصي ۾ اچي ٿو ۽ هڪ وڏي اڪثريت سندن رحم ڪرم تي صدين کان ايذاءُ هيٺ آهي ۽ هن نظام کي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي قدرن جي بنياد تي ڪڏهن به ڪو انسان دوست نظريو کيس منصفاڻو نظام نه ٿو چوي.
زميني سڌارا اڻٽر ۽ لازمي ھئا، جيڪڏهن اهي انهي وقت ٿي چڪا ھجن ھا پر اهو هڪ يا ٻين سببن جي ڪري نه ٿيو آهي. هاڻي آبادي وڌي وئي آهي، زراعت مختلف قسم جي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. زمينن تي غير قانوني نظام ختم ڪرڻ لاءِ زمينن جي نجي ملڪيت کي ختم ڪيو وڃي ها هاڻي هڪ قسم جا چئلينج آهن ته جيئن هڪ وڏي اڪثريت جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي سگهجي، ذاتي ملڪيت جي تصور کان آزادي، ملڪيت جي استعمال يا ٺيڪداري نظام ۽ ان تي رياست جي ڪنٽرول يا انهن تي پورهيو ڪندڙ جا حق، سماجي انصاف جي روشنيءَ ۾ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل آهن، اهڙن سماجن لاءِ جتي اهي حق غضب ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ به زمين جي ذاتي ملڪيت جو نظام 1947ع کان وٺي اڻ برابريءَ تي ٻڌل آهي ۽ اهو زميندار، جاگيردار هٿان هاريءَ جي معاشي ڦرلٽ جي اجازت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ جو هي نظام ذاتي ملڪيت هيٺين ٻن اصولن تي ٻڌل آهي ته هزارن ايڪڙن تي مشتمل زمين جو مالڪ اهو آهي جيڪو پاڻ هڪ ايڪڙ به ڪو نه ٿو اپائي ۽ پيداوار جي هڪ وڏي حصي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ مالڪ آهي. ٻئي پاسي محنت ڪندڙ ۽ پورهيو ڪندڙن جي هڪ وڏي اڪثريت آهي، جن کي گهڻين حالتن ۾ قانوني بچاءُ ته ڪونهي پر سمورا پيداواري رشتا به پهرين طبقي جي حق ۾ آهن ۽ لکن سالن کان سماجي طور ۽ روايتي انداز ۾ ترقي ڪيل لڄالٽ ۽ صرف پيداوار جي ورهاست ۽ بٽئيءَ ڪرڻ وقت ئي لڳايل هزارين قسمن جا ٽيڪس، وصوليون، چندا، اوڳاڙيون ۽ بيگارون ننگي ڦرلٽ جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ ٻئي پاسي زمين تي ڪم ڪندڙ بي زمين هاري يا ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن تي پنهنجن معصوم ۽ پوري خاندان سان پيٽ گذر ڪندڙ “فيصلي فارمرز” جن کي پنهنجي زندگيءَ جي به ڪا سڌ ٻڌ نه آهي.

سڌارا ۽ سڌارا آڻيندڙ:
انهيءَ سڄي پس منظر ۾ زميني سڌارا آڻيندڙ ماڻهن ۽ حڪومتن ڪجهه ڪوششون ورتيون آهن، انهن جو هتي پاڻ جائزو وٺنداسين. هن وقت تائين جيڪي سڌارن لاءِ ڪميٽيون ٺهيون آهن اهي هي آهن.
1. گورنمينٽ هاري انڪوائري ڪميٽي 8 4 -7 4 9 1 ع جي رپورٽ
2. مسٽر مسعود جو هاري انڪوائري ڪميٽيءَ تي اعتراض اختلاف جو نوٽ 1949ع
3. پاڪستان مسلم ليگ جي زرعي سڌارن واري ورڪنگ ڪميٽيءَ طرفان رپورٽ 1948ع
4. پهرين پنج سالا رٿابندي
5. اولهه پاڪستان لينڊ رفارمرس ڪميشن جي رپورٽ 1959ع
6. لينڊ رفارمس ريگيوليشن 1976ع ۽ لينڊ رفارمس آرڊيننس 1977ع
زميني سڌارا آڻيندڙن جا ٻه اسڪول آف ٿاٽ آهن. هڪڙا اهي جيڪي زميندار، جاگيردار رشتن ۽ رشتن جو خاتمو چاهيندڙ آهن ۽ هارين جي زمين تي ملڪيت جي حق کي تسليم ڪندڙ آهن ۽ زميني سڌارا ان روشنيء ۾ آڻڻ جي حق ۾ آهن، انهن کي گهڻي ڀاڱي “آدرشي حل” ڏيندڙ سڏيو ويو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته زميني ملڪيت جو موجوده نظام غير منصفاڻو آهي، اهو انصاف جي اصول تي ٻڌل نه آهي، ان کي تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو دليل هي به آهي ته موجوده ذاتي ملڪيت جو غير منصفاڻو نظام ڪي به مادي سهولتون مهيا نه ٿو ڪري، جو پيداوار ۾ ڪو اضافو ٿي سگهي، زمين تي جڏهن ان تي ڪم ڪندڙ پورهيت جو حق، تسليم ڪونه ٿيندو يا کيس ان تي مالڪيءَ جو حق نه ڏنو ويندو، تيستائين پيداوار ۾ اضافو ڪونه ايندو ۽ رياست ۽ حڪومت کي گهربل مداخلت ڪري هاريءَ جي حق کي تسليم ڪري کين بنيادي رعايتون ۽ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته هاري پنهنجي مرضي، دلچسپيءَ، مهارت ۽ آزاديءَ سان ڪم ڪندو ۽ ٻيو نظريو رکندڙ يا سڌارا آڻيندڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي زميني سڌارا ڏاڪي به ڏاڪي ارتقائي انداز ۾ آڻڻ گهرن ٿا. هي دانشور مٿين خيالن جي ابتڙ سمجهن ٿا ته هاريءَ ۽ پورهيت جو زمين تي حق تسليم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ سولو ۽ آسان نه آهي، پر ان جو حل آهستي آهستي ۽ ڏاڪي به ڏاڪي جي تبديليءَ ۾ سمايل آهي. ڇاڪاڻ ته زمين جي فراهمي ايتري نه آهي جو اها هڪدم سمورن پورهيتن ۽ هارين ۾ ورهائي ڏئي سگهجي. نمبر ٻه دليل هي به آهن ته جيڪڏهن بنيادي ورڇ ڪئي به وڃي ته وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ جو خطرو پيدا ٿيندو ۽ زمين ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي جو ان جو ڪو به معاشي فائدو عام هاريءَ کي ڪونه ٿيندو ۽ ڪجهه زمين جيڪي اڳي ئي ننڍن هارين، يتيمن ۽ بيواهن جي ملڪيت هيٺ آهي، اهي به ٺيڪي يا مسواڙ تي ٻين کي ڏئي ڇڏين ٿا.
نتيجن مٿين مسئلن جو حل آهي ته بٽئيءَ جو نظام سٺو نظام آهي، انهيءَ تي قناعت ڪئي وڃي، انهيءَ کي سڌاريو وڃي، انهيءَ دائري ۾ رهندي ڪي تبديليون آنديون وڃن ۽ ذاتي ملڪيت جي هڪ حد مقرر ڪئي وڃي ۽ جتي اها حد اڳ ۾ ئي وڌيڪ آهي انهيءَ کي آهستي آهستي رياستي مداخلت وسيلي گهٽ ڪيو وڃي ۽ اها زمين رياست انهن ماڻهن کان معاوضي طور تي وٺي، عام هاريءَ کي بازار جي اگهه کان گهٽ ۾ نيلام ڪري ۽ هڪ نئين تعلق ۽ رشتي جو بنياد وڌو وڃي جيڪو برابريءَ جي اصولن تي ٻڌل هجي ۽ روينيو ڪورٽون قائم ڪري ان تعلق کي مضبوط ڪيو وڃي، جتي ڪنهن به قسم جي جهڳڙي ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.
پهريون نظريو رکندڙن ۾ وڏو نالو مسٽر مسعود کدرپوش جو آهي، جيڪو 47/4819ع ڌاري سنڌ ۾ نوابشاهه جو ڪليڪٽر هو، ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، ان پنهنجي هاري انڪوائري ڪميٽيءَ جي رپورٽ سان اختلاف رکندي پنهنجو مشهور اختلافي نوٽ لکي، ان وقت جي سرڪاري سوچ تي وڏو وار ڪيو هو .هن هارين جي حق کي تسليم ڪندي، بنيادي سڌارا آڻڻ جي تجويز ڏني هئي پر ان جي سرڪار نه صرف هن جي موقف کي رد ڪيو هو پر اهو موقف ۽ اختلاف به ان رپورٽ ۾ شايع ڪرڻ نه ڏنو هو ۽ ان کان پوءِ ميان ممتاز دولتانه جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهيل پاڪستان مسلم ليگ جي زرعي ڪميٽي ڊگهي عرصي دوران اپائن ۾ هاريءَ جي هڪ ڊگهي عرصي وارن اپائن ۾ هاريءَ جي حق کي تسليم ڪيو، پر ٿوري عرصي وارن اپائن ۾ هو وري به هاري زميندار رشتن کي کير کنڊ واري ڪيفيت ۾ ڏسن ٿا.
ان کانپوءِ مٿين نظريي جا ماڻهو 1959ع جي اولهه پاڪستان لينڊ رفارمس ڪميٽيءَ ۾ ان وقت مسٽر غلام اسحاق خان جيڪو ان وقت ڪميٽيءَ ۾ ميمبر جي حيثيت سان اختلافي نوٽ لکيو ته بنيادي سڌارن لاءِ زميندار، هاريءَ جي تفريق کي ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي. ڇاڪاڻ جو انهن رشتن ۾ بنيادي برابريءَ ۽ ترقيءَ جي اصولن جي خلاف ورزي واضع آهي ۽ زمين جي مقرر حد کي گهٽائڻ ۽ خانداني حد مقرر ڪرڻ تي ڪافي زور ڏنو ۽ ٻي قسم جو نظريو رکندڙ 77_1976ع جي زميني سڌارن جا پوئلڳ آهن، جن زميني سڌارن ڏاڪي به ڏاڪي آڻڻ جي حق ۾ هئا، اهي سڌارا ناڪام ٿيا انهن جي ناڪاميءَ تي به ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.
هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي، پهريان نظريا رکندڙن جو تعداد اقليت ۾ هو ۽ پويان اڪثريت ۾ هئا، پهرين جو حل معاشي ۽ اخلاقي طرح قابل قبول هو، بهرحال ٻئي نظريا رکندڙ حڪومتي مداخلت سان بنيادي سڌارا آڻڻ جي حق ۾ هئا.
هينئر اسين مختلف زميني سڌارن تي بحث ڪنداسين، زميني ملڪيت جي نظام جون پاڙون، برطانيا جي بيٺڪي نظام تحت هندستان ۾ هڪ ڪلاس پيدا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو، مغلن پنهنجي دور زمين تي قبضن ۽ جهڳڙن کانپوءِ هڪ حد بندي مقرر ڪئي هئي، برطانيا پويان اچي ٻن قسمن جي سيٽلمينٽ جا نظام متعارف ڪرايا.
هڪ زمينداري نظام ۽ ٻيو “روتواڙي” نظام، پهرين نظام جنهن زميندار، جاگيردار ۽ هاري رشتن کي مضبوط ڪيو ۽ پويون نظام هاريءَ جي حق ۾ هو، جنهن جو اثر ڪافي گهٽ هيو. برطانيا سڀ کان پهرين 1887ع ۾ مداخلت ڪري “پنجاب ٽيننسي” ايڪٽ لاڳو ڪري، زميندارن هاريءَ جي رشتن جي وضاحت ڪئي. غير قانوني بي دخليون، بيگاريون ۽ ٻين وصولين خلاف قانون ۽ اپاءَ ورتا ۽ وري 1901ع ۾ “لينڊ الائينيشن ايڪٽ” تحت ننڍن هارين ۽ قرضي ٿيل هارين کي غير زرعي قابض (هندو سيٺئي) کان کائنس قانوني آزادي ڏياري، جيڪي صرف ۽ صرف زمين کان پري هڪ خاص قسم جي جاگيردار وٽ گروي ٿيل هئا ۽ هو مفت ۾ (گروي) يا هڪ قسم جي مسواڙ ڪمائيندو هو.
ٽيننسي ليجسليشن ڪميٽي:
مٿين ڪميٽيءَ سنڌ هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ زمينداري نظام، بيگارين ۽ بيدخلين جي نتيجي ۾ عوامي دٻاءَ ۾ هارين جي تحريڪ جي نتيجي ۾ ٺهي ۽ انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي ڪيترن علائقن ۾ ايڪٽ لاڳو ٿي چڪا هئا ۽ انهيءَ درٻار جي نتيجي ۾ 1943ع سنڌ اسيمبلي مٿين ٽيننسي ليجليشن ڪميٽي قائم ڪئي ته جيئن هارين جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ اپائن وٺڻ ۽ هارين جي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ وسيلن ۽ ذريعن جي ڳولا ڪئي وڃي.
ٽيننسي ليجسليشن ڪميٽيءَ هيٺيون تجويزون ڏنيون:
1. هارين کي هارپي جا مڪمل حق ڏنا وڃن کين بي دخل نه ڪرڻ جو مڪمل “يقين” رکي، کين دل سان زمين تي ڪم ڪرڻ جو تحفظ فراهم ڪندو ۽ مڪمل طرح زمين تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪندو.
2. هارپي جو حق “سمورن هارين کي ورثي ۾ ملڻ گهرجي، انهن هارين کي جيڪي شخصي طرح 4 ايڪڙ زمين کي ساليانو ڪم ڪن ٿا ۽ ساڳي زميندار وٽ مسلسل اٺن سالن کان ڪم ڪندا هجن.
3. ساڳي قسم جو تحفظ زميندار کي به هجي جنهن وٽ اهو هاري ڪم ڪري ٿو.
4. بٽئي سسٽم نظام جي جڳهه تي روڪ پئسن جي نظام کي هٿي وٺرائجي ۽ موجوده ٽيڪسن ۽ ٻي سموري زميني نظام کي ائين ئي رکيو وڃي.
هنن اڪثريتي تجويزن تي سائين جي.ايم سيد پنهنجو اختلافي نوٽ ڏنو ته:
1. هارين کي سواءِ تفريق جي هارپي جا حق ڏنا وڃن.
2. بٽئي نظام کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ نئون “رياستي هارپي” جو نظام قائم ڪيو وڃي.
3. زمين کي جاگيردارن جي قبضي مان بنا معاوضي ڇڏائي سرڪاري تحويل ۾ ورتي وڃي.
ٻيو اختلافي نوٽ “ڏيال رام دولت رام” جو هو ته مٿين تجويزن کي لاڳو ڪرڻ سان زمينداري نظام جو خاتمو ٿي ويندو ۽ زمينون هارين جي هٿ هليون وينديون. هن جو خيال هو ته هاري خودمختياريءَ ۽ آزادي سان ايترو سٺو ۽ چڱي طرح زمين تيستائين نٿو کيڙي سگهي جيستائين سندس مٿان زمينداري جي شفقت جو هٿ نه هوندس. هن ڪميٽيءَ کي وارننگ به ڏني ته زرعي معيشت کي ڪوشش ڪري ممڪن حد تائين کيس ڊسٽرب نه ڪيو وڃي.
سنڌ اسيمبليءَ هن رپورٽ تي ڪو قدم ڪو نه کنيو 1945ع ۾ شايع ٿي هئي. هڪڙو يا ٻيو سبب اهو ڏنو وڃي ٿو ته ڪامورا ۽ سياستدان انهن ڏينهن ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ ورهايل هئا ۽ انگريز سرڪار جا ڏينهن کٽڻ وارا هئا انهيءَ ڪري مٿين رپورٽ تي ڪابه نظر ثاني نه ڪئي وئي.
1947ع ۾ اڄ وانگر هارين کي ڪو قانوني تحفظ مهيا نه هو، انهن چند مهينن کانپوءِ مسلم ليگ جي حڪومت “هاري انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن 1948ع ۾ پنهنجي رپورٽ ڏني، جنهن جي پنجن ميمبرن مان هڪ انگريز به هو.

هاري انڪوائري 1948ع:
هن ڪميٽيءَ به اڳين ڪميٽيءَ وانگر “سواءِ ڳوٺاڻي معيشت ۾ تبديليءَ” جي تجويزن تي زور ڏنو، پر ان ۾ مزيدار ۽ دلچسپيءَ جي ڳالهه مسٽر مسعود جو “اختلافي نوٽ” آهي جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ڊسٽرڪٽ ائڊمنسٽريٽر هو. پهريان ئي اسين اڪثريتي تجويزن تي غور ڪنداسين ۽ بعد ۾ مسٽر مسعود جي اختلافي نوٽ تي.
اڪثريتي رپورٽ اڳين “ٽيننسي ليجليشن ڪميٽيءَ جي تجويزن کي وڌائيندي چيو ته “هارين جي تڪليفن جا سبب قدرتي آهن، گهڻي ڀاڱي سندن پنهنجي طرفان پيدا ڪيل آهن، ڇاڪاڻ ته هو بي ايمان ۽ سست آهن ۽ هڪ حد تائين سندن تڪليفن جو سبب حڪومت به آهي. “ڏسو هاري انڪوائري ڪميٽي 1948ع زميندار هاريءَ جو دوست آهي.” جڏهن ته هاري تڪليف ۾ هوندو آهي ته سڀ کان پهرين زميندار سندس ڪم ايندو آهي ۽ سڀ متفق آهن ته اڪثريتي زميندار هارين جي حقيقي طرح مدد ڪن ٿا.
اڪثريتي راءِ ان حق ۾ هئي ته بجاءِ بنيادي ۽ انقلابي تبديلين جي ان وقت موجوده بٽئي سسٽم کي سڌاريو وڃي، نه ته هارين کي انقلابي تبديلين سان کين وڌيڪ فائدو نه پهچندو نسبتن موجوده نظام جي هيٺيون اڪثريتي تجويزون پيش ڪيون ويون.
1. بٽئي نظام کي قائم رکيو وڃي، روڪ پئسي واري ادائيگين (جيڪي پهرين ڪميٽيءَ تجويز ڏني هئي ان جي ابتڙ) کي لاڳو نه ڪيو وڃي.
2. هاريءَ جي حصي کي آبپاشي جي سهوليت جي حساب سان ادائگي ڪئي وڃي.
3. بيگار ۽ بي دخلين کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. (هي تجويز اڳوڻي ڪميٽيءَ ڪو نه ڏني هئي).
4. هارين کي مڪمل هارپي جو حق ڏنو وڃي، سواءِ ڪجهه تعلقن جي جتي هندستان کان آيل پناهگيرن جا ڪليم داخل آهن.
هن رپورٽ اڳوڻي رپورٽ جي مقابلي ۾ ابتڙ نتيجا ڏنا ۽ مسٽر مسعود هن رپورٽ کي ڏسندي پنهنجو اختلافي نوٽ ڏنو. هي نوٽ به ان رپورٽ ۾ شايع ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ ليکڪ جي پنهنجي ڪوشش سان 1949ع ۾ ڇپيو.
هن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته زميندار ۽ هاري “انسانن جا ٻه مختلف وهڪرا” آهن، هڪڙا ڪسمپرسيءَ ۽ غربت ۾ گذارين ٿا ۽ ٻين وٽ عيش عشرت جا سامان آهن، هن وڌيڪ چيو ته موجوده زمينداري نظام ڪنهن به ملڪ جو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي جنهن ۾ انساني آزادي مشروط بڻيل آهي. هي نظام آزادي، غربت، مايوسي، لاپرواهي ۽ جرم جون جڙون پختيون ڪري ٿو. تهذيب ۽ قومي خوشحاليءَ جي سمورن رستن کي روڪي ٿو. هن وڌيڪ لکيو ته: موجوده زمين جي ملڪيتي نظام کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي هاريءَ جي ملڪيت وارو نظام قائم ڪيو وڃي. ان لاءِ هن جون تجويزون هي هيون:
1. زميندار سسٽم ۽ خاص ڪري بٽئي نظام جو فوري خاتمو ڪيو وڃي.
2. زمينون زميندار کان کسي، هارين ۾ ورهائي، هارين جو حق تسليم ڪيو وڃي. زميندار کي انهن جي بدلي معاوضو ڏنو وڃي ۽ نون هارين کي مناسب قيمت تي زمينون وڪرو ڪيون وڃن.
3. زمين تي استعمال ۽ مالڪيءَ جا حق گڏوگڏ هلڻ گهرجن، انهن جي استعمال ۽ زير ڪاشت يا پوک هيٺ آيل زمين کي ڌار ڌار انداز سان هلايو “ڊيل” ڪيو وڃي. زمين جو قطعي مالڪي رياست جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن مسواڙ تي ڏيڻ جو سوال ئي پيدا ئي نه ٿئي.
4. زميني سڌارن جو سمورو ڪم ماهر ماڻهن جي هٿن ۾ ڏنو وڃي جنهن کي سرڪار نامزد ڪري.
ان وقت جي حڪومت هاري ڪميٽيءَ جي اختلافي نوٽ جي ڳالهه ته پري رهي پر اڪثريتي راءِ جو به ڪو نوٽيس نه ورتو، پر انهن ڏينهن ۾ لياقت علي خان ۽ ٻين پنجابي، پناهگير ٽولي ۽ هندستان مان آيل پناهگيرن جي لوڌ مختلف قسمن جا ڪوڙا ڪليم داخل هندن جي ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن تي قبضي جو دور شروع ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ ٻين صوبن جي نسبتن سڌارا اڻپورا ئي رهجي ويا.
پاڪستان مسلم ليگ جي زرعي ڪميٽيءَ جي رپورٽ: 1949ع
پاڪستان مسلم ليگ جي ڪائونسل ميٽنگ جون 1949ع ۾ هڪ قرارداد وسيلي موجوده زميني نظام ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ پنج رڪني ڪميٽي، ميان ممتاز خان دولتانه جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪئي، جنهن جا ڪجهه منظر هيئن هئا.
“موجوده زميني مالڪيءَ جو نظام ۽ بٽئي سسٽم، هارين جو غير محفوظ ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ هجڻ انساني ۽ اسلامي سماجي انصاف جي خلاف آهي ۽ هنن پنهنجي تجويزن ۾ ڪجهه هن ريت چيو، “برابري ۽ خوشحاليءَ تي ٻڌل زميني نظام تيستائين پاڪستان ۾ ممڪن نه آهي جيستائين رياستي قانون تحت زمين جي حق ۾ نه ٿيندو، زمين جي مالڪيءَ جي سائيز وڌائي، جديد سائنسي سهوليتون، ڳوٺاڻيون انجمنون ٺاهي ۽ ٻيا زرعي سڌارا آڻي، آهستي آهستي زمينداري نظام جو خاتمو آندو وڃي ۽ ٻين سمورن مفادن جيڪي هارين جي خلاف آهن انهن جو خاتمو ڪيو وڃي.”
هن ڪميٽيءَ بنيادي انقلابي ۽ ارتقائي سڌارن لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي جاگيرداريءَ جي خاتمي لاءِ تجويزون ڏنيون، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ انهن ڏينهن ۾ هڪ مذهبي ڌر ۽ سمورن طبقن جي نمائندن جماعت ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪندڙ جماعت جو ڏيک پئي ڏنو. ڪجهه ڊگهي ۽ ڪجهه ٿوري عرصي وارا سڌارا جيڪي تجويز ڪيا ويا اهي ٿلهي ليکي هي هئا:

ٿوري عرصي وارا سڌارا:
1. جاگيرداري سسٽم سواءِ ڪنهن معاوضي ڏيڻ جي ختم ڪيو وڃي.
2. هارپو ڪندڙ هاريءَ کي سالياني مسواڙ، مالڪ کي چوڻي ڪري ڏيڻ سان چئن سالن ۾ مالڪيءَ جو حق پنجاب ۽ سرحد وانگر تسليم ڪيو وڃي.
3. پنهنجي مرضيءَ سان هارپو ڪندڙ هارين کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي.
4. زميندار کي ذاتي ڪاشتڪاري ۽ پوک لاءِ 25 ايڪڙن کان مٿي زمين نه ڏني وڃي.
5. سمورن قسمن جون بيگارون ۽ ٽيڪسون هارين تان ختم ڪيون وڃن.
6. بٽئي نظام جو خاتمو ڪيو وڃي، انهن جڳهن تي جتي ممڪن هجي.
7. وڏن زميندارن کان زرعي انڪم ٽيڪس ورتو وڃي.
8. زرعي پورهيت ۽ ڳوٺاڻي هنرمندن لاءِ صحت، پينشن، صحت جون سهولتون ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ متعارف ڪرايون وڃن.

ڊگهي عرصي وارا سڌارا:
1. زمين جي ذاتي ملڪيت جو خاتمو آندو وڃي، وڌ ۾ وڌ حد 150 ايڪٽر آبپاشيءَ واري ۽ 450 غير آبپاشي واري حد مقرر ڪئي وڃي. فالتو زمين سرڪاري تحويل ۾ ورتي وڃي زمين جي ورهاست، تحفي ۾ ڏيڻ ۽ خاندان ۾ ورهائڻ لاءِ قانون جوڙڻ ۽ زمين کي بي زمين هارين ۾ ورهايو وڃي.
پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل، ڪميٽيءَ جي تجويزن کي تسليم ڪيو ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته هنن کي قانوني شڪل ڏني وڃي ۽ پوءِ 1950ع ۾ “صوبائي ٽيننسي ايڪٽ” پاس ٿيو، جنهن ۾ هاريءَ کي هڪ حد تائين تحفظ، بٽئيءَ ۾ زميندار جي حصي کي گهٽ ڪرڻ ۽ زميندار جي پوک هيٺ آيل حصي کي وڌائڻ جا قانون جوڙيا ويا. هارين جي بيدخليءَ لاءِ سخت قدم رکيا ويا. پنجاب ۽ سرحد ۾ بٽئيءَ جو حصو پنجاھه سيڪڙو مان گهٽائي چاليھه سيڪڙو ڪيو ويو پر سنڌ ۾ اهو حصو ساڳيو رکي، سمورن قسمن جي بيگار ۽ اوڳاڙين جي قانوني بندش ڪئي وئي.
هنن صوبائي قانونن جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو، زميندار هارين مٿان قابض رهيا، رياستي مشينري سندن قبضي ۾ رهي. مزيدار ڳالهه ته پنجاب ۽ سرحد 1956ع ۾ جاگيرداري نظام جو خاتمو قانوني انداز ۾ ڪيو، پر سنڌ ۾ 1995ع ۾ سنڌ گورنمينٽ کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو.
ان کانپوءِ 1995ع جي پهرين پنج ساله رٿا هيٺ ڪجهه تجويزون ڏنيون جنهن ۾ زمين رکڻ جي حد 300 ايڪڙ آبپاشي واري 450 ايڪڙ باراني (مينهن واري) هارين جون بيدخليون ختم ڪرڻ، ذاتي پوک هيٺ پنجويھه ۽ پنجاھه ايڪڙن تائين رکڻ، هارين ۾ زمين ورهائڻ ۽ سستي اگهه تي زمينن جو هارين وڪرو ڪرڻ جون تجويزون شامل هيون.
هنن تجويزن ۾ به اصولي طرح ڪا کوٽي نه آهي پر ڳالهه وري به اچي ٿي ته انهن کي لاڳو ڪيئن ڪجي پر ڇاڪاڻ جو انهن اصلاحات جو تعلق گهڻو ڪري وبائي هو ۽ ناقابل عمل هجڻ ڪري گهڻا مسئلا پيدا ڪيا. پهرين پنج ساله رٿا جي وقت ٻن قسمن جون تبديليون آيون هڪ ته مسلم ليگ جو دور اقتدار جو خاتمو ٿيو ۽ 1955ع ۾ سنڌ، پنجاب ۽ سرحد کي ملائي ون يونٽ مڙهي اولهه پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ نتيجن زميندارن ۽ جاگيردارن جي حيثيت ۽ سندن مفادن کي تحفظ مليو، ڪو به زميني سڌارو نه ئي لاڳو ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪو قانون ٺاهيو ويو نه ئي ڪو سياسي دٻاءُ پيدا ٿي سگهيو جنهن وسيلي وڏيرڪي نظام لاءِ مزاحمت ڪئي وڃي.
لينڊ رفارمس ڪميش فار ويسٽ پاڪستان جي رپورٽ:
1958 _ 1959ع ۾ مارشلا آئي، مٿين ڪميشن زميني سڌارن لاءِ منصب ڪميشن جي رپورٽ جيڪا ان وقت غلام اسحاق خان جي جيڪو زمين جي مقرر حد تائين رکڻ جي حق ۾ هو ۽ خانداني حد رکڻ لاءِ به زور ڏيندو رهيو. بهرحال رپورٽ هڪ حد تائين ٺيڪ هئي، رپورٽ ۾ زرعي سماج ۾ زمينن تي قابض نظام جي ڪري هڪڙا خاص سماجي، معاشي ۽ سياسي نتيجا نڪرن ٿا ۽ جن ماڻهن کي زمين ڪو نه آهي اهي سماجي طور احساس ڪمتريءَ ۽ نابرابريءَ جي نظام جو شڪار آهن. پر پوءِ به ڪميشن سالن جي وڏيرڪي نظام کي ڌوڏڻ ۾ مجبور هئي ۽ وچون رستو وٺڻ واري صورتحال ۾ هي زمين تي ذاتي ملڪيت جو خاتمو آڻي “هڪ مضبوط مڊل ڪلاس” پيدا ڪيو ويو جيڪو خود ڪاشتڪاري ڪري ۽ زمين جي سائيز جو ڳپل حصو به رکي سگهي، هن ڪميشن هيٺيون تجويزون ڏنيون.
1. سمورن جاگيرن کي ختم ڪيو وڃي ۽ سواءِ ڪنهن معاوضي جي.
2. هارين جي حق کي تسليم ڪري بيگار ۽ بيدخليءَ خلاف کين قانوني بچاءُ ڏنو وڃي.
3. زمين جي مالڪي رياست جي هٿ ۾ ڏني وڃي، جن کان زمينون ورتيون وڃن انهن کي پنجويھه سالن تائين ٽي سيڪڙو تائين وياج تي ادائگي ڪئي وڃي ۽ واپسي انهن زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين ۾ اها زمين ورهائي وڃي ۽ باقي رهتون بي زمين هارين کي آسان اگهه تي اٺ روپيا (پي.آءِ.يو) تي ڏني وڃي.
4. زمين جي ذاتي ملڪيت ۾ رکڻ جي حد پنج سو ايڪڙ آبپاشيءَ واري ۽ ھزار ايڪڙ غير آبپاشيءَ واري رکڻ جي اجازت ۽ تجويز ڏني وئي.
پر سڌاري جو رنگ جيڪو غلام اسحاق خان جي اختلافي نوٽ ۾ نظر اچي ٿو اهو ڪجهه هينئن آهي.
زمين جو چند هٿن ۾ هجڻ سان ۽ هڪ وڏي اڪثريت کي محروم رکڻ سان ۽ انهن کي غلام رکڻ سان جيڪو معاشي استحصال ٿئي ٿو اهو سماج کي معاشي طرح ۽ سماجي طرح ورهائي ٿو ۽ انهن ۾ “هئڻ” وارن ۽ “غير هئڻ” وارا طبقا پيدا ٿين ٿا ۽ دولت جو چند هٿن ۾ وڃڻ سان سماجي ترقي رڪجي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري هن ذاتي ملڪيت ۾ زمين جي حد مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو.
ان کانپوءِ مارشل لا ريگوليشن نمبر ڇائيتاليھه تحت وڏين جاگيرين کي ختم ڪيو ويو ۽ پنجويھه لک ايڪڙ زمين سرڪاري تحويل ۾ ورتي وئي. سرڪاري انگن مطابق ٽيويھه لک ايڪڙ مان اٽڪل هڪ لک ٽياسي هزار هارين ۽ ننڍن هارين ۾ ورهائي وئي.
لينڊ رفارمس ريگيوليشن 1976ع ۽ لينڊ رفارمس آرڊيننس 1977ع:
هي مٿيان سڌارا پاڪستان پيپلز پارٽي متعارف ڪرايا. پهريون، مارچ1976ع ۾ ۽ پويون مارشل لا ريگيوليشن نمبر ھڪ سو پندرھن تحت سموري ملڪ لاءِ ڳولا ڪيا ويا. جنهن ۾ زمين جي سلينگ ھڪ سو پنجاھه ۽ ٽي سو ايڪڙ آبپاشيءَ ۽ غير آبپاشيءَ جي مقرر ڪئي وئي، اٽڪل تيرھن لک ايڪڙ زمين سرڪاري تحويل ۾ ورتي وئي. نو لک ايڪڙ هارين ۾ ورهائي وئي جنهن جو فائدو صرف ڇاھتر هزار هارين کي ٿيو، سرڪار جي زميني سڌارن جو ڪو خاص اثر 1977ع تائين نه ٿيو ۽ هڪ آرڊيننس تحت پنج جنوري 1977ع ۾ ذاتي زمين جي حد سئو ايڪڙ ۽ معاوضو بانڊن جي صورت ۾ ڏنو ويو ۽ مارشل لا جي اچڻ کانپوءِ ان ممڪن حد کي به ختم ڪري وڏيرن جون وفاداريون خريد ڪرڻ لاءِ ارڙهن لک ايڪڙ حاصل ڪري نو لک ايڪڙ صرف تيرھن هزار ماڻهن ۾ ورهائي وئي ۽ باقي سياسي رشوت طور ڪم آندي وئي.
زميني سڌارن جي ناڪامي جا ڪارڻ:
حقيقت جي اک سان زميني سڌارن جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته سڌارا آڻيندڙن جي خيالن کي صحيح ۽ چٽي نموني ترجماني نه ڪئي وئي آهي، نه ئي هارين جي بيقراري ۽ سماجي معاشي حالتن ۾ تبديلي آئي آهي نه وري معاشي ۽ سماجي حالتون بهتر آهن. زميندار ۽ بيوروڪريسي اڃا تائين قابو ۾ آهي هارين جي وڏي اڪثريت اڃا تائين بي زمين ۽ حصيدار آهي ۽ اھي ڪمزور، ضعيف، لاچار ۽ پوئتي پيل آهن. ٻئي طرف زمين جا مالڪ طبقا لفظي طور تي پيداوار جي ذريعن جي ملڪيت رکيا ويٺا آهن ۽ بجليءَ واري رستي سان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.

زرعي پاليسيون ۽ امدادي قيمتون

زرعي شعبي کي ترقي پذير ملڪن ۾ خاص اهميت حاصل هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان شعبي جو مجموعي پيداوار ۾ ڳپل حصو هوندو آهي. پوئتي پيل ملڪن ۾ آباديءَ جو گهڻو دارومدار ان ئي شعبي تي ٿئي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت وڏي آباديءَ کي روزگار به فراهم ڪري ٿو ۽ گهڻين حالتن ۾ زرِ مبادله به ڪمائي ڏئي ٿو. هي شعبو ساڳئي وقت ترقيءَ لاءِ واڌو سرمايو مهيا ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو مجموعي معاشي ترقيءَ لاءِ زرعي شعبي ۾ ترقي لازمي ۽ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين شعبن ۾ ترقيءَ لاءِ يا صنعتي ترقيءَ لاءِ به گهڻي ڀاڱي انحصار زرعي شعبي جي ترقيءَ تي آهي. مجموعي ملڪي ترقي، بچتن ۾ اضافي يا سيڙپڪاريءَ لاءِ يا ٽيڪنالاجي ۾ ترقيءَ لاءِ يا سماجي ناهمواريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سواءِ زرعي شعبي ۾ ترقيءَ جي ممڪن ئي نه آهي. زرعي ترقيءَ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ترقيءَ جو خيال ئي فرسوده آهي روسٽو جي ڏاڪي به ڏاڪي ترقيءَ واري ٿيوري، ليوز جو ڪلاسيڪل ماڊل يا ترقيءَ جون سموريون جديد ٿيوريون / نظريا زرعي ترقيءَ کي بنيادي ترقي قرار ڏين ٿا.
پاڪستان ۾ به ترقيءَ جا سمورا چئلينجز زرعي شعبي جي ترقيءَ ۾ آهن. پاڪستان جو ٻهراڙيءَ جو سمورو شعبو غير ترقي يافته، دقيانوس، پراڻو، مدي خارج ۽ جديد گهرجن کان ڪافي ڏور، اڪيلو ۽ حڪمرانن جي لاپرواهيءَ ۽ غلط معاشي پاليسين جي ور چڙهيل آهي. پاڪستان ۾ هڪ وسيع غربت آهي، ان ۾ ٻهراڙي يا زرعي شعبي ۾ غربت جي صورتحال اڃان وڌيڪ نازڪ آهي، انهن سمورن مسئلن ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽن جا جيڪي عنصر آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن:
(الف) سماجي عنصر
(ب) معاشي عنصر
(ث) ٽيڪنالاجيڪل عنصر
مسئلن کي جيڪڏهن سماجي رخ کان ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو زرعي شعبو مکيه مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. اهو زمين جي غلط ورهاست، وڏي اڪثريت جي زمين تي مالڪي نه هجڻ، زمين جو ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل هئڻ، پيداواري طريقا دقيانوسي، پيداوار جي غير منصفاڻي ورهاست، پيداواري رشتا معاشي، سماجي ۽ اخلاقي حدن کان وانجهيل ۽ ظلم، جبر ۽ ڦرلٽ تي قائم ڪيل دقيانوسي تهذيبي منظر آهن.
ٽيڪنالاجيڪل عنصر جيڪي آهن، انهن ۾ صدين کان پراڻو روايتي زرعي نظام، زمينن جي ڪاشتڪاريءَ جو پراڻو نظام، زمين تي وڌندڙ آباديءَ جو دٻاءُ، زمين جو ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل هئڻ، هارپي جو نظام ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو شامل آهن.
معاشي عنصر جيڪي اهم آهن، انهن ۾ زرعي شعبي جي مڪمل روزگار فراهم ڪرڻ جي معذوري، هڪ وڏي آباديءَ کي خاشو روزگار مهيا ڪرڻ جي سگهه نه هئڻ، جنهن جي نتيجي ۾ آمدنيءَ جي کوٽ، جيڪا عام ۽ عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي هجي، جيڪا زرعي سماج ۾ هڪ وڏي آباديءَ کي اڪثر مليل نه آهي ۽ نه ئي زرعي شعبي ۾ ايتري طاقت آهي جو ايترو واڌو سرمايو ڪمائي يا اضافي بچتون ڪري جو هڪ وڏي صنعتڪاريءَ لاءِ تياري ڪري سگهجي، پر ان جي الٽو پاڪستان جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو ڪلاس واڌو بچتن مان يا ته وڏيون عياشيءَ جون شيون/ ڪارون، پجيروز خريد ڪندو يا لنڊن، پيرس ۽ آمريڪا ۾ شاهه خرچي ڪندو ۽ جيڪڏهن سنڌي وڏيرو هوندو ته لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجون ملڪيتون ضايع ڪندو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي هڪ وڏي اڪثريت جي زندگي دنيا جي مڃيل بين الاقوامي زندگيءَ جي عام ضرورتن کان به ڪافي گهٽ ۽ عام رواجي سڪل ۽ ٺوٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
پاڪستان ۾ شروع کان وٺي اهڙين پاليسين تي عمل ڪيو ويو آهي، جن جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح زرعي شعبي تي برو اثر پيو آهي ۽ ان جون وڏيون ۽ ڳريون قيمتون عام ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڀري ٿو. 1950ع کان ئي کاڌ خوراڪ ۽ زرِ مبادله جي وسيلن جي کوٽ هئي، سمورو ڪچو مال ٻاهران گهرائبو هو ۽ خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ فوڊ شارٽيج جي نازڪ صورتحال هئي. ان ڏس ۾ پهريون قدم کڻندي ايوب خان جي حڪومت 1960ع ۾ “زرعي انقلاب” جي نالي سان هڪ پاليسي پئڪيج شروع ڪيو. اهو هڪ پاسي کان ته تمام گهڻو ڪامياب هو، ڇو ته سبز انقلاب سان هڪ سائنٽيفڪ ۽ ٽيڪنالاجيڪل معجزو ٿيو، جنهن ۾ نيون مشينريون، جديد ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون، مشينريءَ ۾ ٽيوب ويل، ٽريڪٽر ۽ آبپاشيءَ جون سهولتون بهتر بڻايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار، جيڪا پهرئين معاشي پلان ۾ سالياني واڌ ڇهه ڏھائي ھڪ سيڪڙو هئي، اها ٻئي معاشي پلان ۾ وڌي اٺ سيڪڙو ٿي وئي ۽ 67-68ع ۾ وڌي يارھن سيڪڙو ٿي پئي. ٻئي پاسي اها معاشي ترقي پاڻ جهلي نه سگهي، معاشي ترقي جيڪا 70-66ع ۾ پنج ڏھائي ست سيڪڙو سراسري هئي ۽ 78-77ع ۾ ساڳي نوَ ڏھائي ھڪ سيڪڙو وڃي بچي.
سبز انقلاب جي پاليسي _ واحد زرعي پاليسي هئي، جيڪا تمام تيزيءَ سان آئي ۽ چند سالن ۾ پنهنجو اثر وڃائي ويهي رهي، ڇاڪاڻ ته سبز انقلاب آيو ته سهي، پر ان جي قيمت ٻين شعبن کي ادا ڪرڻي پئي. مثال طور: ٽيڪنالاجي سموري ٻاهران درآمد ڪئي وئي، انهيءَ تي سمورو سرمايو قرض کڻي ادا ڪيو ويو، قرضن، ٽيوب ويلن ۽ ٽريڪٽرن جي سهوليت وڏن جاگيردارن کي ڏني وئي. پيداوار ۾ وڏو اضافو ٿيو، وري هن نئين پيداوار جي اضافي ڪري نوان تعلق ۽ پيداواري رشتا قائم ٿيا، ويج ليبر وڌي، مجموعي طرح سبز انقلاب جو فائدو وڏن جاگيردارن کي پيو. سرڪار جي خرچن جو وڏو حصو ان پاليسيءَ جي نذر ٿيو ۽ هينئر زرعي شعبي جي ساڳي حالت آهي جيڪا 1960ع ۾ هئي، ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي، پيداواري طبقا اڃا تائين روايتي غالب آهن، ۽ ترقيءَ جي رفتار اڃان به سست آهي، هڪ اڌ ٻوڏ جي صورتحال ئي سندس تباهيءَ لاءِ ڪافي آهي.
زرعي پاليسيءَ ۾ خاص ڪري جنهن شيءَ جي اهم حيثيت آهي، اها زرعي قيمتن جي پاليسي آهي جنهن کي جيڪڏهن صحيح وقت ۽ غير جانبداريءَ سان لاڳو ڪيو وڃي ۽ ان جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وڃن ته عام هاريءَ کان ويندي زميندار تائين هرهڪ کي فائدو رسي، پر پاليسيون ان جي ابتڙ هونديون آهن. ملڪ جون مختلف لابيون ۽ پريشر گروپ هڪ ئي وقت سرگرم آهن. ڪڻڪ جي لابي، ڪاٽن جون مضبوط لابيون، جيڪي وقت بوقت مختلف بهانن، ڳٺ جوڙن ۽ حڪومت ۾ هٿ پهچ هئڻ ڪري پنهنجون من پسند قيمتون مقرر ڪرائين ٿا.
پاڻ پهريان به بيان ڪري چڪا آهيون ته اسين کنڊ ۽ ڪڻڪ دنيا يا بين الاقوامي قيمتن جي مقابلي ۾ ڪافي مهانگي پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ امدادي قيمتن مٿان امدادي قيمتون ڏيندا ٿا رهون، ان سان نه ته پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ نه قيمتن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. الٽو کنڊ جي ڪيس ۾ ته چور بازاري ڪري ملڪي قيمتون چوٽ چڙهيل آهن ۽ عام ماڻهوءَ کي اضافي قيمتون ڀرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. قيمتن ۾ اضافو تڏهن ڪجي، جڏهن ان جا ڪي گهربل مقصد هجن، مثال طور: پيداوار ۾ اضافو چاهيون ٿا ۽ امدادي قيمتون وري حڪومت تڏهن اعلان ڪندي، جڏهن فصل لڻڻ جي موسم هوندي. حالانڪه ٿيڻ ائين کپي ته جڏهن پوکڻ جي موسم هجي تڏهن قيمتن ۾ اضافو ڪجي، ته جيئن ماڻهو فائدي لاءِ ان فصل کي گهڻو پوکي. ٻي ڳالهه ته رڳو قيمت وڌائڻ سان ڪو فصل ۾ اضافو ٿيندو، اهو ضروري نه آهي ۽ ان جي تاريخ به شاهد آهي. اسان جهڙو زرعي ملڪ جيڪو 1950ع ۾ ڪڻڪ ٻاهر موڪليندو هو ۽ هينئر اهوئي زرعي ملڪ ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور آهي. ڪنهن زرعي ملڪ لاءِ کاڌ خوراڪ جي کوٽ هئڻ شرم جي ڳالهه آهي ٻئي پاسي کنڊ بين الاقوامي قيمتن کان ڪافي وڌيڪ پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڪمند جي پوک ۾ پاڻي، زمين ۽ مزدوريءَ جو ڪافي استعمال ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ جيڪا کنڊ ٺهي ٿي، مهانگي قيمت تي ٺهي ٿي.
هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته کنڊ جو ڪارخانو هئڻ سياسي ساک هئڻ جي برابر آهي، شگر مل ڄڻ سياسي فيشن ٿي پيو آهي شروع کان ئي گذريل ويھه سالن ۽ ان کان اڳ واري ساڳي صورتحال آهي. زرعي شعبي سان غير توازن واري ڪيفيت 70ع کان به اڳ هئي. زرعي شين ۽ برآمداتن تي ڳرا ٽيڪس هنيا ويا، شهرن ۾ زرعي شيون سستيون فراهم ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي شعبي ۾ صنعتي شعبي جي مقابلي ۾ توازن خراب ٿيو. ڪڻڪ، چانور، پٽاٽن، بصر، کنڊ ۽ ڪپهه جون امدادي قيمتون مقرر ڪرڻ جو دليل پهريان اهو ڏنو ويو ته انهن شين مان ٺهندڙ زرعي يا صنعتي شين کي واپار لاءِ استعمال ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويندو يا انهن کي مشيني صنعتن لاءِ ڪچي مال لاءِ استعمال ڪيو ويندو. بعد ۾ اهو دليل ڏنو ٿو وڃي ته هينئر انهن کي ملڪي ضرورتن جي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ڪڻڪ جي ڪيس ۾ آئون سمجهان ٿو ته ڪافي ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي، پر افغانستان جي غير قانوني اسمگلنگ ۽ ملن کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڪري ڪافي کاڌ خوراڪ جون شيون مِلُن جي هٿان اسمگلنگ ٿين ٿيون. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن اهو واپار سرڪاري طرح ٿئي يا سرڪار جي نوٽيس ۾ هجي ته سرڪار هر مهيني سو ارب روپيا ٽئڪسن طور ڪمائي سگهي ٿي، پر رڳو مِلُنِ جي پٺڀرائيءَ جي سياسي شوق ۾ ملڪ جي وسيلن جي ٻيڙي گل ٿيل آهي ۽ هر سال رڳو بجيٽ جو خسارو هڪ سئو ويھه ارب روپيا آهي.
پاڻ پنهنجو بجيٽ جاري رکنداسين ته امدادي قيمتون گهربل ٽيڪنالاجيءَ ۾ زرعي جنس جي بهتر استعمال، قرضن جي سهوليت، آبپاشيءَ ۽ مشينريءَ جي استعمال سان گڏ، مارڪيٽن کي به جيڪڏهن مقابلي بازيءَ لاءِ تيار ڪيو وڃي ته ان جا چڱا نتيجا نڪري سگهن ٿا ۽ ساڳئي وقت قيمتن تي معاشي ۽ حڪومتي ڪنٽرول هجي. پروسيسنگ کان وٺي ورڇ ۽ برآمداد لاءِ جيڪڏهن ان کي تيار ڪيو وڃي ته زرعي ترقيءَ ۾ خوراڪ ۾ ڪفيل ڪافي حد تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر اسان جهڙن ۽ ٻين پوئتي پيل ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪشن، خريد ۽ وڪڻڻ جا مارڪيٽ ايترا سڌريل نه آهن ۽ نه ئي مارڪيٽ جي ڪا گهربل ورڇ ٿيل آهي. هارين جا پيداواري رشتا، پيداوار جو خاشو نه هئڻ، پرائيويٽ مارڪيٽن ۽ دقيانوسي ڀائيواري پيداواري نظام، سرمائيدار زرعي معيشت جي کوٽي ان ڏس ۾ سڀ کان وڏيون رڪاوٽون آهن.
رياستي مداخلت ان ڏس ۾ اهم آهي، ته قيمتن جي صحيح تعين لاءِ وسيلن جي استعمال، زمين جي ورهاست، زرعي پيداوار جي ٻين شعبن سان توازن کي ختم ڪرڻ ۽ ترقيءَ جون راھون تعين ڪري، عام هاريءَ جي زرعي جنسن، قرضن، مشينريءَ ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن شين تائين عام هاريءَ جي پهچ نه هئڻ ڪري نابرابري جي وٿي وڏي ٿيندي وڃي ٿي. زراعت ۾ ٻهراڙي جو هر شعبو پوئتي پيل آهي، وڏيرا سموريون سهولتون ۽ قرض هارين جي نالي ۽ سياست جي نالي حاصل ڪري واپس به ڪونه ٿا ڪن. نتيجي ۾ هڪ طرف ملڪي وسيلن تي بار وڌي وڃي ٿو، ته ٻئي طرف عام ماڻهن جي وسيلن تائين پهچ نه ٿي رهي.

جاگيرداري نظام مان جان ڪيئن ڇٽندي!

جاگيرداري نظام مخصوص وقتن تي مختلف علائقن ۾ مخصوص طريقن سان پيداوار جي معاشي سماجي نظام جو نالو آھي. هن نظام ۾ وسيلن جي اڻ برابر ورھاست ۽ خاص طبقن جي هٿ پيداواري ڪنٽرول، ڦرلٽ ۽ استحصال آهي جنهن جو نالو جاگيرداري آھي. تاريخي طرح جاگيرداري سماجي ڍانچا جوڙ جڪن، اصولن ۽ ساخت ۾ کيڙيندڙ طبقن جو زميندارن تي دائمي انحصار ھوندو آھي. ان لاءِ اھڙن سماجن جي نوعيت اوسر جوڙجڪون شڪليون ۽ خاصيتون سمجھڻ ضروري آھن.
جاگيرداري سماج يورپ جي وچ واري دور منجھان ڦٽي نڪتل آھن. جڏھن وقت جا بادشاهه پنھنجن پسنديده ڪمدارن ھارين کي نوابن جا لقب ۽ خطاب عطا ڪري يا فوج ۾ خدمتن عيوض جاگيرون انعامن ۾ عطا ڪري ڏيندا ھئا. موٽ ۾ جاگيردار بادشاھن جي حڪمن ھيٺ غلامن ۽ ھارين کان زمينون کيڙائي، کانئن اطاعت ڪرائي، عظمتون ڳڻائي ۽ سخت پورھيو ڪرائي، پيداواري اپت مان حصيداري ۽ فوجي خدمتن عيوض جاگيرون حاصل ڪندا هئا. فتح ٿيل علائقن ۾ بادشاھن جو اثر رسوخ گھٽ ٿيڻ ۽ زمينون انعام طور ڏيڻ سبب جاگيرداري سماج ٺھڻ سڌو نتيجو ھئا.اهي انتظامي طور صدين کان خانداني ۽ مورثي تسلسل ۾ ھلندا رھيا آھن ان جي ابتڙ ايشيائي سماجن ۾ خود انحصار هاري، گذر سفر جي سطح تي پيداوار، ڳوٺن جي ملڪيت هيٺ زرخيز زمينن، ايشيائي پيداواري طريقن ۾ جاگيرداري سماج قائم ٿيا. ھندستان ۾ جاگيرداريءَ جي شروعات ھونئن ته ڪُشن بادشاهت ٻي صدي عيسويءَ ۾ وچ ايشيا مان متعارف ڪرائي. پر جاگيرداري، تعلق داري، زمينداري، سرداري، ديش مکي، وڏيرائپ ۽ چوڌراھپ وغيره مختلف معنائن مان ٿيندي ھاڻي خاص ڪري 1947ع کانپوءِ زمين جي ملڪيت، سياسي طاقت، خانداني دٻدٻي، پيري مريديءَ، ذاتپات، ڌن دولت يا قبائلي سردارين جي واضع شڪلين ۾ اڄ به مختلف صورتن ۾ موجود آھي.
گھڻن جو خيال آھي ته جاگيرداريون قانوني لکتن ۾ بادشاھن جي بادشاھي پروانن ۽ فرمانن يا ڪمدارين جي شڪلين ۾ ھاڻي موجود نه آھن. ٻين جو خيال آھي ته جاگيرداري سياسي عدم مرڪزيت، حڪمران طبقن جي خاصيتي، سياسي - اختياري طاقتن ۽ پورھئي جي استحصالن ۽ ظلمن جي شڪلين ۾موجود آھي. ڪيترن ئي جاگيردارن کي توڻي جو ھينئر رياست طرفان ڪي زمينون عطا ڪيل نه آھن نه ئي کين رياست طرفان ڪا پگھار يا انعامن ۾ علائقا ڏنل آھن. پر اھي سياسي طاقت ۾ پاڻ علائقي جي انتظاميه ۽ رياستي ادارن سان پھچ ۽ پنھنجن علائقن جا بي تاج بادشاهه بڻيل آھن. ڪيترن وٽ پنھنجون ذاتي ڪيٽيون، بنگلا، مال ملڪيتون، واٺن جا لشڪر ۽ بيرحم طاقت ۽ ان جو ڏھڪاءُ ڦھلائڻ جي طاقت رکن ٿا. مسعود خدرپوش 1948ع ۾ اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته گڙنگ جاگيردارن کي لاتعداد نوڪر چاڪر، ڀلا ڍڳا، سٺا گهوڙا ۽ مينهون ڌاريل هونديون آهن. شڪار، ڏيکاءَ دٻدٻي ۽ قيمتي گاڏين رکڻ جو شوق هوندو اٿن. کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ ۾ شاهه خرچ،آرام پسند، سندس بيڪار قسم جا جنسي شغل هوندا اٿن. هو ڪوڙي ڏيک ۽ نماءَ تي پنهنجي آمدني ۽ توانائيون خرچ ڪندا آهن ۽ عورتن ۾ دلچسپي هوندي اٿن. شراب نوشيءَ ۽ مهانگيون وسڪيءَ جون بوتلون روزانو پارٽين ۾ پيئندا ۽ خالي ڪندا، واندن کي گهرائي پنھنجي تعريف ڪرائيندا آھن.
ھينئر به سنڌ جي جاگيردار _ وڏيرڪي طبقن جون موقع پرستيون ويڪائو ڪردار ۽ سھولتڪار طبقاتي خصوصيتون ساڳيون آھن، جيڪي انگريزن جي زماني ۾ ھيون. ھارين ۽ ڳوٺاڻين آبادين ۾ غربتون، پسماندگيون، غذائي کوٽ، بي زميني، غير رسمي پورھيا، اڻھوند، بيروزگاريون، جھالتون، صنفي غلاميون، لاقانونيتون، ظلم، استحصال سندن مقدر بڻيل آھن. وڏيرڪيون ۽ قبائلي برادريون، پيريون مريديون، گاديون، نوابن سردارن جي رعايا ۽ وڏيرڪيون سياسي پارٽيون يا قبائلي ۽ جاگيرداري خاصيتون پنھنجي بي رحم استحصال، جبر ۽ غير انساني روين واريون سوچون ھن سماج ۾ اڄ به موجود آهن.
جاگيرداري، سنڌ ۾1847ع کان ھڪ عام لقاءُ ھو. ائين جيئن پٿر ۽ روايتي خوراڪ پيدا ڪندڙ سماجن جا لقاءُ عام ٿيندا آھن. اھڙي طرح سڀني سماجن ۾ تبديلن جا رجحان ۽ لاڙا مختلف ھوندا آھن. قبائلي سماجن جون جوڙجڪون طبقاتي۽ عام لقاءُ ھونديون آھن. قبيلائي نظامن ۾ پيداواري عمل پيسٽرول يا چراگاهن تي يا ڪن حالتن ۾ زراعت ۽ چوپايو ڌڻ پالڻ تي ٻڌل ھوندا آھن. زراعت جي وڌڻ ۽ صنعتڪاري عملن جي نتيجي ۾ ۽ ھڪ جڳھن تي سيٽل ٿي رھڻ ۾ خانه بدوش لاڏائون قبيلن ۽ سردارن پوکي ۽ زراعت مان اضافي پيداوار حاصل ڪري، قبائلي برابريءَ تي ٻڌل سماج جوڙي ڇڏيا آھن. ڪجھه سردارن جو قبائلي پيداواري عملن منجھان ڦٽي نڪرڻ اوس نتيجو ھوندو آھي، اھڙا سماج پنھنجي قبيلن جي رشتن ناتن ۾ جڙيل ھوندا آھن. ڪجھه سماج رشتن ناتن مان اڀري قبائلي سماجن جي شڪل وٺندا آھن. اھڙن سماجن ۾ پيداواري عمل سھڪاري ۽ پورھئي جي ورھاست برابر گھربل ھوندي آھي. اھڙي ورھاست مادراڻي ۽ پدراڻي اثر ھيٺ يا ٻنھي رشتن ناتن ۾ جڙيل ھوندي آھي، شاديون مرادون، مال ملڪيتون، ورھاستون مختلف ٿي سگھن ٿيون. پر اھڙا سماجي لقاءُ ھر جاءِ تي عام آھن.
ان جي مقابلي ۾ جاگيرداري سماج عام لقاءُ نه آھن. پر ان ۾ استحصال ۽ غلاميءَ جي شڪل عام لقاءُ ھوندا آھن. جاگيردار پادري، ملان، پنڊت ۽ سپاھه سميت ھارين ۽ فني ڪاريگرن جي پيدا ڪيل اضافي پيداوار تي گذارو ڪندا آھن. جاگيرداري سماج داخلي ۽ خارجي عنصرن تي دارومدار رکندڙ مختلف شڪلين ۾ سماج ھوندا آھن. ان جون به مختلف نوعيتون ۽سندن جانشينون به تبديل ٿينديون رھنديون آھن. خصوصيتون عام نوعيت جون ٿي سگھن ٿيون ۽ علائقي پسمنظر ۾ مختلف به ٿي سگھن ٿيون ان ۾ عام لقاءُ ۽ مختلف علائقن ۾ مختلف رجھان ٿي سگھن ٿا.
زمين ۽ زراعت جاگيرداري سماج ۾ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪندا آھن. خاص ڪري زمين جي ورھاست ۽ زراعت جي پيداوار مختلف خطن ۾ مختلف ھجي ٿي، جاگيرداري نظامن جي خصوصيتن ۾ ھڪ وڏيرڪي طبقي ۽ غلام کيڙيندڙ جو ھجڻ اھم خصوصيتون ھونديون آھن. زميندار ھارين جي اضافي پيداوار جي شڪل ۾ سماجي مذھبي ۽ سياسي طريقن سان معاشي استحصال ڪندو آھي. زميندار - ھاري اھم پيداواري تعلق، استحصال، ڪنٽرول ۽ منافعو اھم عنصر ھجن ٿا. ان جون شڪليون مختلف ٿي سگھن ٿيون جيئن ھاري _ ھاريءَ جي غلاميءَ واري شڪل. زراعت، ھٿ جو ھُنر، پيداوار، تجارت، شھري آباديون وغيره مختلف شڪلين ۽ جوڙجڪن ۾ بيھارن ٿيون، ھاري گھڻو ڪري گذر سفر جيترو ئي پيدا ڪن ٿا. ان کان قطع نظر ته اھي غير رسمي پورھيو ڪن ٿا يا مارڪيٽن ۽ منڊين تائين کين رسائي آھي، امير ۽ غريب ھارين ۾ فرق اھم نه آھي پر کيڙڻ جا طريقا، زمين جي پيداواري صلاحيت، اپت ۽ ان فرق ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
انگريزن کان اڳ زمين جو ڪنٽرول ۽ پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول لوڪل ھو، سماجي غلامي ھئي سماج استحصال ھو پر گذر سفر ۾ خود ڪفيل ھو. اضافي پيداوار ھئي سماجي غلامي ۽ طبقاتي تفريق عام ھئي. تجارت ۽ شھرن ۾ آبادين جي گھٽجڻ، ناڻي جي گردش ۾ ڪمي، رياستن طرفان ٽيڪس ۾ اُڳاڙي ۽ طاقت جا ننڍا بلاڪ ٺھڻ جي نتيجي ۾ جاگيرداري ڍانچن ۾ سماجي ۽ فڪري تبديليون رونما ٿيون آھن. بادشاھن زمينون انعامن ۾ ڏئي ان کان ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ نه رڳو ھارين کي بيدخل ڪرڻ مزدور بنائڻ جھڙا اختيار حاصل ڪيا. پيداواري نظام وسيلن تي ڪنٽرول ڪري ھارين کي پيداوار کان الڳ ڪري بيھاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ملڪيت ۽ ٽيڪس جي تبديلين جي نتيجي ۾ نوان طبقا انگريزن جي زماني ۾ وجود ۾ آيا.
جاگيرداري نظام غير انساني نظام ۽ سماج آھي. سڄي دنيا جي عوام ان جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندي، زميندارن ۽ جاگيردارن کي پنھنجو دشمن سمجھندي، زميني، زرعي ۽ صنعتي سڌارا آندا آھن. اھا چارآگسٽ 1789ع جي رات ھئي، جڏھن ھارين، غلامن ۽ پيرس جي قيدين عوام دوست نمائندن سان ملي قومي اسيمبليءَ ۾ اعلان ڪيو. “سواءِ ڪنھن بحث مباحثي جي ھي اسيمبلي وڏي جوش، جذبي ۽ قانوني طريقي سان سڀني جاگيردارن جي حقن جي تلافي ۽ معاوضي ڀرڻ کانسواءِ، جيڪي به ماڻھو جاگيردارن جي ذاتي غلاميءَ ۾ هئا انھن کي آزاد ڪري ٿي. ان سان گڏ سڀني لاءِ ٽيڪس ۽ سزائن جي برابري ۽ سرڪاري آفيسن ۾ داخلا جي برابري، خريداريءَ جا حق منظور ڪري، عبادت جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ٿي.” ائين فرانس جاگيرداريءَ جو خاتمو آندو.
چين، 1949ع ۾انسان دشمن طبقاتي ڪردار آڌارَ سخت مزاحمت ۽ لکين ھارين جي قربانين عيوض جاگيردارن جو ٿوري عرصي ۾ خاتمو ڪري سماجي ۽ معاشي تبديليون آنديون. جاگيردار طبقن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ڪجھه علائقن کي ڇڏي زمينون جاگيردارن کان واپس گڏيل ملڪيت ۾ آڻي سماجي برابري جي شروعات ڪئي. ماؤزي تنگ ھاري تحريڪ تي ويساھه رکندي اعلان ڪيو ته پرامن زميني سڌارن ذريعي ھارين کي جاگيردارن جي ظلم ۽ استحصال کان نجات ملڻ، اڻ ٿيڻي ڳالھه آھي. جاگيردارن کي زمينن تان زبردستي بيدخل ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آھي ھينئر چين جي زراعت ۽ زمين جي مالڪي چيني عوام وٽ آھي. چيني عوام ڇھه سيڪڙو پيداوار لائق زرعي زمين ھوندي دنيا جي 22 سيڪڙو آباديءَ جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. اٽڪل اسي ڪروڙ ماڻھن کي غربت، بک، بدحاليءَ ۽ پسماندگيءَ مان نجات ڏياري چڪو آھي.
اوڀر بنگال 1940ع جي لينڊ ريفارمز ڪميشن زمينداريءَ نظام جو خاتمو ڪيو. 1951ع جي لينڊ اڪيوزيشن ۽ ٽينسي ايڪٽ تحت جيڪي کيڙيندڙ ھئا تن کي سڌي زمين اڪثريت مالڪي ۾ ويئي ۽ زمينداري نظام جو خاتمو آيو، پيداوار ۾ اضافو ٿيو. 1967ع ۾ سڌارا آڻي زمينون ڏھه لک ھارين ۾ ورھائي ھارين جي زندگيءَ جي معيارن ۾ 30 کان 50 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو. ساڳين بنگالي سياسي اڳواڻن 1970ع جي چونڊن ۾ باقي پاڪستان ۾ زميني سڌارا آڻڻ جو واعدو ڪيو هو. بدقسمتي سان، انهن کي 1971ع ۾ اولهه پاڪستان جي زميندارن ۽ سالارن سندن سياسي اقتدار ۾ حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نئين ملڪ ۾ ھاڻي جاگيردار ۽ طاقتور سالار نه آهن. ھاري جاگيردارن جي استحصال کان آزاد آھن، سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر ۽ ڪامياب زميني سڌارا ھندستان جي رياست ڪيرالا ۾ پڻ ٿيا، اولھه ويٽنام ساڳيا لينڊ سڌارا آڻي چاليھه لک ھارين سميت اسي لک ماڻھن جو ڀلو ڪيو. جاگيردارن جو ڪنٽرول گھٽائي سخت مزاحمت ھوندي، انقلاب دشمن زميندارن جو خاتمو ڪيو ويو. زمين جي ورھاست، تبديلي، ليز ۽ مقاطعي جي قانون ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. ويٽنام چانور ايڪسپورٽ ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آھي.
روس ۾ 1905ع کان وٺي 1917ع جي لينڊ ريفارمز جي نتيجي ۾ زمينن جو ڪنٽرول رياست جي گڏيل ملڪيت ۾ آندو ۽ ھارين جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نسبتن ناڪام ويا. ھاري زمينن کي ننڍن ٽڪرن ۾ ورھائڻ چاھين پيا پر انقلابين ان کي عوام جي پاران گڏيل ملڪيت ۾ وٺڻ جا حامي ھئا سٺ سيڪڙو ھاري زمين تي رھندا ھئا. پيدواري طريقا غير صلاحيتي هئا، ڍڳن ۽ گھوڙن سان فصل پوکيندا ھئا، خوراڪ به گھربل مقدار ۾ اپت ڪري نه سگھندا ھئا پنھنجي خاندان ۽ شھري خوراڪ جون ضرورتون به مشڪل سان پنجاھه سيڪڙو آباديءَ جي گذر سفر جيترو پيدا ڪري سگھندا ھئا. گڏيل فارمنگ ھارين جي پوکيءَ کان بھتر نه ھئي ڪامريڊن کي شھرن ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ گھربل خوراڪ جي ضرورت ھئي لينن زمين جي ذاتي ملڪيت ختم ڪري ان جي وڪري، ليز ۽ مقاطعي تي پابندي ھڻي ڇڏي. لينڊ ريفارمز ڪري زمين کي حڪومتي ڪنٽرول ۾ آڻي پورھيت جي ڪنٽرول ڏئي کيڙڻ لاءِ مھيا ڪري ڏني ۽ روسي ھاري آزاد ٿي ويا.
جاگيرداري نظام پيداوار ۽ زمين تي اڻ برابر مالڪي، اڻ برابر پيداواري رشتن ۽ لاڳاپن وارو غير انساني سماج آهي مختلف ملڪن ۾ جاگيرداري نظامن جو خاتمو ٿيو آھي. اھو خاتمو صرف ۽ صرف مظلوم طبقن جي مزاحمت کان سواءِ اڻ ٿيڻو آھي. مزاحمت پنھنجي خطي ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن ٿيندي؟ اھو سوال تاريخ طئي ڪندي.

Daily kawish, November 25, 2021

زرعي سوال سماجي ترقيءَ جو قومي سوال آھي!

سرڪاري انگن اکرن مطابق زرعي شعبو مجموعي ملڪي پيداوار ۾ ساليانو اوڻويھه سيڪڙو حصو ڏئي ٿو. ملڪ جي ڪل پورھئي جو ٻائيتاليھه سيڪڙو روزگار ھن شعبي سان لاڳاپيل آهي. پرڏيهي واپار ۽ مٽاسٽا جي آمدنين جو سڀ کان وڏو ملڪي ذريعو زراعت آهي. غذائيت جي گھٽتائي، پسماندگي ۽ بدحالين هن شعبي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ايسيتائين جو پاڪستان خوراڪ درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي چڪو آھي. روايتي زرعي پوکيءَ جا طريقا، گھڻ پاڻيءَ تي ڀاڙيندڙ فصلن، زمين تي مالڪيءَ جو نظام، هر شيءِ هاريءَ تي ڇڏڻ، زميندار ۽ وچولن طبقن جا منافعا، بي زميني، اڳ ئي آباديءَ کان وڌيڪ آباد شهرن ۾ غير رسمي پورھين مزدورن جي مسلسل آمد، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، جراثيم ڪش ۽ ڪيميائي دوائن جو وڏي پئماني تي استعمال زرعي شعبي کي تباهيءَ جي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي. غربت جي شرح شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ان شعبي ۾ ٻيڻي آهي. حڪومت کي ذخيرا ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن جي خبر ھوندي، ڀاڻ ٻاھران امپورٽ ڪرڻ تي مجبور آھي. ذخيرا اندوزي، ھٿرادو قلت يا بليڪ مارڪيٽنگ جي ھوندي، ڪا ڪارروائي نه ڪرڻ مارڪيٽن کي غير منصفاڻي طريقي سان قيمتون طئه ڪرڻ جي کليل اجازت ڏئي ڇڏڻ آھي. مارڪيٽ جي قوتن تي حد کان وڌيڪ انحصار مان زرعي معيشت ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ ظاھر آھي ناڪاري نتيجا نڪرڻا آھن .
زرعي ٻج، ڀاڻ، قرض، مشينري ۽ زرعي پورھيا يا پيداواري عمل ۽ زرعي جنسن جون قيمتون منڊين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ھونديون ته اھي طاقتورن کي فائدو ڏيئي ۽ ڪمزورن کي مارڪيٽن مان غائب ڪري ڇڏين ٿيون، مثلن زرعي زمين منڊين جو وکر بڻيل آھي. زرعي زمينن تي مالڪيءَ جو نظام غير منصفاڻو، اڻبراريءَ تي ٻڌل، اسلامي ۽ ڌرمي اصولن ۽ تعليماتن جي خلاف ۽ وسيع اڪثريتي ڳوٺاڻي آباديءَ لاءِ استحصالي آھي. زرعي زمين ھائوسنگ سوسائيٽين جي نشاني تي آھي اڪثر ڳوٺاڻي آبادي بي زمين ھاري، ايڪڙ ٻن جي مالڪ آبادگارن، اڌ بٽئي نظام ھيٺ ھارپو ڪندڙن ۽ غير رسمي پورھيتن تي مشتمل آھي زراعت ۾ ڇاھتر سيڪڙو پورھيو غير رسمي آھي. ڳوٺاڻي آباديءَ جي آمدنين جو اڌ حصو زراعت کان ٻاھر غير رسمي پورھئي ۽ چوپائي مال مان اچي ٿو. ملڪ جي ستھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آبادي اڳ ئي بي زمين آھي. سن 2000ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ سٺ سيڪڙو زرعي زمين مٿين ڪجھه سيڪڙو آباديءَ وٽ آھي .ملڪ جو ستھٺ سيڪڙو زرعي پورھيو ڪندڙ اڪثريتي ڳوٺاڻي عورتن وٽ وسيلن تي مالڪي ۽ پھچ نه آھي. اڻاسي سيڪڙو ڳوٺاڻيون عورتون اڄ به سنڌ ۾ اڻپڙهيل آھن. پسماندگي، بيروزگاري ۽ بدحالي ٻهراڙين ۾ عام آهي. انهن عملن اڪثريت کي وسيلن تائين پھچ کان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ زرعي زمين تي قائم نجي ملڪيت جو نظام، ھارپي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ سندن خاندانن وسيلن تي مالڪيءَ جي اڻھوند ۽ اڻ پھچ کين صدين کان غربتن ۽ اڻبرابرين جي حوالي ڪري بدحال ڪري ڇڏيو آھي. پورھيتن ۽ ھارين جي پيداواري عمل مان ڦٽي نڪتل غير منصفاڻو، غير انساني، استحصالي عمل پورھيو ڪندڙن بدران زمين جي مالڪن کي امير بڻائي اڻ ڪمايل پورھئي جي استحصال ۽ ميڙيءَ جو عمل پيداواري تعلقن مان جڙي راس ٿئي ٿو. زرعي پورھئي مان اضافي دولت جنم وٺي زمين جي مالڪن جي ھٿن ۾ جمع ٿئي ٿي اھڙي ميڙيءَ جو عمل ان پيداواري تعلق جو نتيجو آھي. جنھن پيداوار ۾ حصيدار اھو آھي جنھن پورھيو ڪيو ئي نه آھي پر زمين جو مالڪ ھئڻ جي ناتي پورھيو نه ڪندڙ حصيدار بڻيل آھي. زرعي زمين جي نجي ملڪيت سنجيده مسئلو آھي، پيداواري عمل مان بغير پورھئي جي حصو حاصل ڪرڻ استحصال جي ھڪ شڪل آھي منڊين ذريعي زرعي ملڪيت جي ڏيتي ليتي، ھارين کي بي زمين ۽ وسيلن کان محروم ڪرڻ، کين غير رسمي پورھيتن ۾ تبديل ڪرڻ استحصال جي ٻي شڪل آھي. زرعي سوال ٻنھي شڪلين ۾ ھڪ ٻئي تي دارو مدار رکندڙ سوال آھي. پھريون زمين تي مالڪيءَ جو سوال آھي، ھارين جي پورھئي ۽ استحصال سان جڙيل سوال آھي.
تاريخي طور پسمانده سماجن ۾ زرعي سوال کي جاگيرداري - نيم جاگيرداري يا ھاري زراعت کان صنعتي پيداوار ڏانھن عمل جو سوال سمجھيو ويو ھو. زراعت کي صنعتي بڻائي، ٽيڪنالاجين ۽ مشينن ذريعي صنعتي زراعت ۾ تبديل ڪرڻ ھو. سماجي معني ۾ جديد زراعت مان ھارين کي صنعتي مزدورن ۾ تبديل ڪري اجرتي مزدور بڻائڻ ۽ زرعي اضافي منافعي مان صنعتي ترقي ڪرائڻ ھو. ائين ھارين جي پيداوار مان ابتدائي نوعيت جي منافعي ۽ استحصال جو بنياد وجهي زرعي ترقي ڪري سگھجي. اھڙي عمل جي نتيجي ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ زرعي پيداوار پوئتي پيل ملڪن جي ڀيٽ ۾ 1940ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل هڪ ڏهائي ڏهه جي سيڪڙو سان ھئي جيڪا زرعي پيداوار ھينئر ساڳي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي ٻه هزار جي فرق تي پھتل آھي. جنھن جو مطلب آھي ته ترقي يافته ملڪن ۽ پوئتي پيل ملڪن جي پيداواري ترقيءَ ۾ گھڻي اڻ برابري ۽ تفريق آھي. زراعت جي پيداواري اڻ برابري صنعتي ۽ خدمتن جي پيداوار جي مقابلي گھڻي اڻ برابر آھي ان ارتقا جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو زرعي پيداوار جون نسبتي قيمتون صنعتي ۽ خدمتن جي مقابلي اڳ جي مقابلي ۾ پنجوڻيون گھٽيون آھن. اڻ برابر زرعي ترقي غير ھموار ترقيءَ جو نتيجو آھي، ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته جديد ترقين ۾ تخليقي ۽ تعميري عنصر ھوندا آھن، جنھن ۾ سرمائيڪاريءَ ۾ اضافو ۽ ڦھلاءَ جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل صلاحيت ۾ اضافو، پر نقصانڪار عنصر پڻ ھوندا آھن. پورھئي جي شڪلين ۾ تبديلي، بازارين ۽ منڊين جو وکر ڪري ٺاھڻ، ماحوليات جي تباهي، غير ضروري شين جي پيداوار ۽ ان جي نتيجي ۾ زندگيون پيدا ڪندڙ فطرتن جون تباھيون ۽ عالمي ليول تي سياسي پيچيدگيون پيدا ڪرڻ وغيره .جديديتون ھڪ طرف ھڪڙن گروھن ۽ فردن کي مارڪيٽن سان جوڙي روزگار جا بي پناھه موقعا ميسر ڪري ڏين ٿيون ۽ ٻين لاءِ وري پراڻن نظامن ۾ موجود موقعا به ضايع ڪري، خودڪفيل پورھيتن مان بدلائي کين اجرتي پورھيت بڻائي ڇڏين ٿيون.
سرمائيداراڻيون ترقيون عالمي منڊين سان ملي اھڙن عملن کي تيز ڪن ٿيون، جنھن ۾ ڪجھه گروھه بازارين جو حصو ٿين ٿا ۽ ٻيا پوئتي رھجي وڃن ٿا. ٽين دنيا جي ھارين جو مسئلو اھو آھي ته سرمائي جي ترقين ۽ منڊين جي ڦھلاءَ مان ڪجھه اقليت ته ان سان جڙي وڃي ٿي پر اڪثريت ان عمل مان خارج ٿي وڃي ٿي. تصور ڪيو ته ٽين دنيا ۾ زرعي ترقيون جيڪڏھن جديد منڊين ۽ سرمائيداراڻي طريقي سان ڪري پنج ڪروڙ جديد زرعي فارم ٺاھجن ۽ وڏيون زرخيز ۽ پيداواري زمينون عالمي سرمائيدار منڊين جي حوالي ڪيون وڃن ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ پيداوار، عالمي شھرن جي گھربل خوراڪ جي ضرورتن مطابق پيدا ڪيون وڃن جئين روايتي زراعت مھيا ڪري ڏئي ٿي. ان مان ڪجھه لکين ماڻھن جون زندگيون ته بهتر ٿي وينديون پر سوچجي ته پو باقي جيڪي غير صلاحيت بخش پورھيت ۽ اربين ھارين جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟
ڪنھن به سماج ۾ زرعي سوال رياست ۽ طاقت جي عام سوالن مان ھڪ اھم سوال آھي. حاڪم، طبقن جي جوڙجڪ، ساخت ۽ مفادن سان جڙيل سوال آھي. قومي مفادن پٺيان عام طور لڪيل طبقاتي مفاد قومي مفادن جو ڏيک ڏيندا آھن. زرعي سوال رياستي طاقت جي ڍانچي مان نڪتل سوال آھي ان جو حل به رياست جي ڍانچي کان ڌار ڪري ڏسي نٿو سگھجي. ملڪيت يافته طبقن جي جوڙجڪ جو نالو رياست آھي، رياست اھڙن کاٽائو طبقن جي مفادن کانسواءِ ڪجھه به ناھي. طاقت به انھن ساڳين طبقن وٽ آھي اھي ئي عالمي مالياتي ۽ تجارتي منڊين سان ملي ملڪ کي عالمي مالياتي ۽ تجارتي منڊين ذريعي سرمائيداراڻي ترقي جي راھه تي ھلائي رھيا آھن. فڪري طرح اھڙي جوڙجڪن ۽ طبقاتي مفادن جي نوعيت رياستي طاقت سان جڙيل آھن. طبقاتي حڪمراني قائم رکڻ ۾ ئي طبقاتي مفاد آھن، جنھن جي پورائيءَ ۾ بار بار بين الاقوامي اتحادين سان ڳٺ جوڙ ۽ اتحاد قائم ڪرڻ کي حڪمران طبقا ترجيح ڏيندا رھن ٿا. گھربل زرعي سڌارا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ڇو وٺندا؟ زرعي بحرانن کي حل ڪرڻ بجاءِ محدود طبقاتي مفادن ۽ اتحادن کي ترجيح ڏيڻ ۾ دلچسپي رکندا. رياستي طاقت اندر عوامي جھموريت جو مطالبو جيڪڏھن زور به وٺي وڃي ته به مٿين طبقن سان عوام جي ممڪن ھم آھنگي يا ڪا اھم پيش قدمي ممڪن به ھجي ته به مٿيان طبقا زرعي سوال لاءِ ساڳيو رياستي ڍانچو برقرار رکڻ سندن اوليتن ۾ ھوندو. عوام جي اڳي پوءِ چالو رياستي طاقت جي طبقاتي مفادن کي چيلينج کانسواءِ زرعي سوال جي حل جو ٻيو ڪو طريقو ناھي. طبقاتي مفاد رياستي طاقت ذريعي پنجھٺ سيڪڙو ڳوٺاڻي آباديءَ تي سالن کان غالب آھي. زرعي سوال ان معني ۾ انڪري قومي سوال آھي جو وسيع اڪثريت جي زندگين جو دارومدار، سماجي اقتصادي زندگين جي شهه رڳ ۽ سياست ۾ سمايل آھي. عوامي جھموريت قائم ڪرڻ ۽ جديد ترقي پسند زرعي سماجي تبديلين ۽ زندگين کي معني لائق، لاڀائتو بڻائڻ لاءِ معيشت جي ترقي تيستائين ممڪن نه آھي جيستائين زرعي سوال کي حل نه ٿو ڪجي. زرعي سوال سماجي اقتصادي ساخت جي ڏاڪي تي سماجي ترقيءَ جو قومي سوال آھي. ظاھر آھي زرعي بحرانن کي معيشت جي ٻي بحرانن وانگر ڏسي نه ٿو سگهجي. سماجي واڌاري جو سوال زرعي سوال جي حل ۾ سمايل آھي سماجي ترقي ڪنھن ھڪ ھاريءَ يا ھڪ سياسي تنظيم جي ترقي نه آھي پر سڀ کان وڌيڪ اھم قومي سوال ۽ جھموري تبديلن سان جڙيل سوال آھي. زرعي سوال جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سطحي سوالن کان مٿي ملڪي معيشت ۽ ڳوٺاڻين آبادين جي زندگين جي پسمنظرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. زرعي ۽ ھاري سوال جو حل زرعي زمين تي قائم ملڪيت جي نظام ۾ تبديليون آڻي، زمينون ھارين کي کيڙڻ لاءِ ڏيڻ، پيداوار تي مارڪيٽ جو ڪنٽرول ۽ مارڪيٽن ۾ قيمتن تي ڪنٽرول جو خاتمو آڻڻ ۾ آھي. ڳوٺاڻين آبادين کي وسيلن تي پھچ ڏيڻ، عوامي جھموريت قائم ڪرڻ، سماجي ۽ معاشي زندگين کي بھتر ڪرڻ ۾ آھي. حڪمران طبقا پنھنجي روايتن ھٿان مجبور ٿي پنھنجي طبقاتي مفادن لاءِ پنهنجي وفاداري ۽ اتحاد ۽ عالمي طبقن سان قائم رکندا ايندا پر تاريخ هميشه معاشي ۽ سماجي حالتن ۾ معروضي تبديلين جي نتيجن ۾ تبديل ٿيندي آھي.

زمين، غير رسمي معيشت ۽ پراپرٽيءَ جو ڪاروبار

معيشت ۾ زراعت جي اهميت ۾ وڌنڌڙ گهٽتائيءَ، پيداوار ۽ روزگار جي ڍانچن ۾ ايندڙ لاڳاپيل تبديلين جي ڪري، زراعت کان ٻاھر غير رسمي معيشت اھميت اختيار ڪري ورتي آھي. زراعت کان ٻاهر - روزگار جي جستجو ۽ ٻي طرف سست رفتار ۽ روزگار کان وانجھيل معاشي واڌ، پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ اهو سوال کڻي آئي آهي ته وسيع آباديءَ جي کاڌ خوراڪ، روزگار ۽ سماجي تحفظ جو آئيندو ڇا آھي. زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن کان وڌيڪ ۽ وڌيڪ ماڻهو نڪري، روزگار جي تلاش ۾ شھرن ڏانھن ايندا، تيئن خاص طور تي سماجي تحفظ سان گڏ مهذب روزگار جا ذريعا محدود ٿيندا ويندا، ظاهر آهي انھن مان روزگار جي تلاش ۾ گھڻن کي غير رسمي شعبن ۾، غير معياري حالتن ۽ گھٽ اجرتن تي روزگار مليو به ھجي. ساڳئي وقت معاشي واڌ غير رسمي شعبن ۾ نئين سيڙپڪاري کي يقيني بڻائي ڇڏيو به ھجي. اهڙي معاشي تبديليءَ جي عمل ماڻهن جي مختلف طبقن ۽ گروهن جي لاءِ اڻبرابريون به پيدا ڪيون آھن.
نيو لبرل معاشي ترقيءَ جي عمل زمين جي استعمال کي بازار جو وکر بڻائي، زمين کي غير زرعي استعمال ۾ تبديل ڪري، انفراسٽرڪچر، صنعتي منصوبن جي ترقي لاءِ زمين جي غير زرعي استعمال ۾ واڌارو آندو آھي. زمين صرف هڪ قيمتي معاشي اثاثو نه پر اڪثرماڻهن لاءِ جذباتي لڳاءَ سان گڏ، سڃاڻپ ۽ تعلق جي هڪ وڏي ذريعي طور واسطو رکي ٿي. زمين جي رسائي، ڪنٽرول ۽ وراثت نئين حالتن تحت طاقت ۽ دولت جون نئين سر اڻبرابريون پڻ پيدا ڪري ڇڏيون آھن، اڪثر ڪري اڻبرابرين مان منفي نتيجا نڪرن ٿا. نيولبرل معاشي عمل، زمين جي مالڪيءَ ۽ سياسي رسائيءَ مان ڦٽي نڪتل طاقت، خاص ڪري رياستي ادارن جي وچ ۾ رسائيءَ جو ڪم ڪن ٿا. وقت جي حڪومتن سرمائي کي ھٿي وٺرائڻ آڻڻ لاءِ سستي زمين ميسر ڪري ڏيڻ جھڙيون سستيون، اهم سھولتون ميسر ڪري ڏنيون آهن. جمهوريت سرمائي جي اميدن کي پورو ڪرڻ ۾ ھڪ اھم سھولتڪار آھي. ٻي طرف جيڪي پنهنجي زمينن تان بي گهر يا بي دخل ڪيا ويا آهن، انھن کي ٻڌڻ وارو ڪوئي نه آھي.
غير رسمي معيشت ۾ پراپرٽيءَ جو ڪاروبار مسلسل ۽ لڳاتار وڌي رهيو آهي. حڪومت پنھنجن شهرين لاءِ مهذب گهر ۽ ٻيون لاڳاپيل خدمتون مهيا ڪرڻ جي ذميواريءَ تان ھٿ کڻي ڇڏيو آھي، معيشت جا اڪثر شعبا جمود جو شڪار آهن .معيشت صنعتڪاري کي ھٿي وٺرائڻ جي سگهه نه ٿي رکي، سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪمايل قيمتي ناڻو پيداواري شعبن يا انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي بدران پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ڏانھن منھن ڪري ڇڏيو آھي. عموماً پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ۾ ڪو سرڪاري سطح تي ڪو چيڪ اينڊ بيلنس، سرڪاري نگراني يا ريگيوليٽري سسٽم شروع کان ئي وجود نه ٿو رکي. اربين روپين جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي، جن مان اربين رپيا ڪمائجي رهيا آهن. عوام بار بار پنهنجا خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن ته معاشي لڏپلاڻ کين سياسي طرح وڌيڪ محدود ڪري ڇڏيندي. حڪمران عوام جي نمائندگي ڪرڻ، انهن جي سياسي ۽ معاشي حقن ۽ انهن جي قدرتي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ بدران، پنھنجي تجارتي، ڪاروباري طبقن جي مفادن لاءِ علل اعلان ڪم اچي رھي آھي. پراپرٽيءَ جو ڪاروبار سڀ کان وڌيڪ پرڪشش ۽ منافع بخش ڪاروبار رهيو ئي انڪري آهي جو اھو ڪاروبار وڏي پئماني جي سرمايه ڪاري جي تقاضا ڪندو آهي. ڪاروباري طبقن، سياستدانن ۽ پئسي وارن کي ڇڪي، وڏن ۽ تڪڙن منافعن ڪمائڻ جو وڏو ذريعو آھي. ان ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري، پيداواري سيڙپڪاريءَ کان بنهه مختلف ٿئي ٿي. ٻين ڌنڌن ۾ مهارت، افرادي قوت، شين جي ڄاڻ، مارڪيٽ، قانونن ۽ ڪاروبار کي قائم ڪرڻ سان گڏ گهڻن حڪومتي اجازت نامن جي ضرورت ھوندي آهي .پر ھي ڪاروبار ھڪ آسان واپاري سيڙپڪاري آھي جيڪا صنعتي يا ٻي قسم جي سيڙپڪاريءَ جي ڪشش کي گهٽائي، تڪڙي تجارتي منافعي کي ھٿي وٺرائي، پئسي جي رفتار ۽ ريل پيل کي گهٽائي، معاشي نتيجن ۾ اڻ برابريون پيدا ڪري ٿي. ان ڪاروبار ڪيترائي سماجي ۽ اقتصادي مسئلا به پيدا ڪيا آھن ملڪ جا امير ۽ طاقتور واپاري گروپ ۽ بااثر ماڻھو سڌي طرح ان ۾ شامل آھن. ڇاڪاڻ ته ڪاروبار ۾ سرمايه ڪاريءَ جا خطرا يا نقصان تمام گھٽ ۽ منافعي جا امڪان وڏي پئماني جا ھجن ٿا ڪاروبار گهڻي سرمائيڪاري گھري ٿو. ان ڪري رٽائرڊ سول، غير سول، بيوروڪريٽس ۽ سياستدان ان ڌنڌي سان سڌي طرح يا فرنٽمينن ذريعي لڳل آھن .ان ڪاروبار لاءِ نه ڪا خاص لياقت جي ضرورت آهي ظاهري طور تي، هي شعبو معيشت ۾ انتهائي غير منظم شعبو آهي، ريگيوليٽري نگراني جي غير موجودگي ۾، دولت تي ٽيڪس نه ھئڻ برابر، زمين جي مالڪيءَ جي ڪا مقرر حد نه ھئڻ، خريد ۽ وڪرو ڪندڙن کي ڪنهن تحفظ جي غير موجودگي ان جا چٽا مثال آھن. نتيجتن، هي شعبو ڪنهن قاعدن ۽ ضابطن کانسواءِ ڪم ڪري رهيو آهي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ نه ڪنھن لائسنس يا نه وري ڪنھن گھربل ڪاروباري صلاحيتن جي ضرورت ھجي ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائيندڙ پاڪستاني اهو ڪاروبار ڪرڻ پسند ڪن ٿا ڇاڪاڻ جو عام سيڙپڪاري جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منافعو ڏئي ٿو، نتيجي طور ڪاروباري ماڻهن جي آمدنين ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو وڃي ٿو. ھن ڪاروبار جي ڪائي ڊيگھه ويڪر يا اوچائي يا ڪا حد بندي نه آھي. ڪنھن کي، ان ڪاروبار کي ماپڻ تورڻ لاءِ پاڪستان ۾ امير ۽ امير ترين ماڻهن جي لسٽ ڏسڻ گهرجي ان لسٽ ۾ سڀئي گهڻو ڪري سڌي يا اڻ سڌي طرح پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ۾ شامل ھوندا. هڪ اندازي مطابق ته هڪ بلڊر جي ملڪيت ۽ هڪ سال جي آمدني پاڪستان جي ساڍن پنج ڪروڙ غريب پاڪستانين جي اجتماعي آمدنين جي برابر آهي جيڪي هر ڏينهن 1.25 ڊالر کان گهٽ ڪمائي رهيا آهن. اهو هڪ بلڊر اعليٰ شهري ۽ فوجي بيوروڪريٽس کي هن ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ پسند ڪري ٿو. هن جا سياستدان ۽ فوجي قيادت سان دوستاڻا تعلقات آهن پراپرٽيءَ جو ڪاروبار وڏي سرمائي وارو ڪاروبار آهي، زمين جي خريد ۽ وڪري ۾ تمام گھٽ محنت جي ضرورت آهي. زمين جي سيڙپڪاري ۾ يا ھن شعبي ۾ ڪنهن مستقل روزگار جي ضرورت ناهي ٻيا شعبا جهڙوڪ زراعت ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان سوين ماڻهن کي روزگار ميسر ٿي سگهي ٿو. هن شعبي کي ڪوبه خوف ناهي، چوري يا ڦرلٽ جو نه ئي وري زمين ۽ پلاٽ جون قيمتون گهٽجڻ جو. نه وري شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو خدشو ٿئي ٿو. زرعي ترقي وانگر زرعي يا صنعتي ترقي ۾ روزگار جي واڌاري ۽ منافعي جا اعليٰ موقعا آهن. پر، پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ۾ شامل ماڻهن لاءِ صرف ھڪ شيءِ گهربل آهي ته هڪ زمين جو ٽڪرو خريد ڪري ۽ پوءِ انتظار ڪجي جيستائين قيمتون مٿي چڙھن. ان ڪاروبار لاءِ گھٽ ۾ گھٽ مزدور ۽ ادارتي نفري جي ضرورت آهي. ڪاروبار صرف منافعي لاءِ آهي، نه ڪي پروفيشنل محنت ڪرڻ لاءِ معيشت جي ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا به گھٽ آھن. ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ قانون يا بنيادي سهولتن کان وانجھيل اڪثريت رهائشي سوسائٽيون غير قانوني قرار ڏنل آھن. پر سرڪار انهن خلاف ڪا قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ ڪري، اعليٰ منافعي ۽ نقصانن جي خطري نه ھئڻ ڪري، هن شعبي جي اهميت کي وڌايو آهي . دولت جي اضافي، زمين جي ذاتي ملڪيت غير رسمي ۽ غير تعميري معاشي سرگرمين، صنعتي سيڙپڪاريءَ ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي آھي. سيڙپڪاريءَ کي آسانيءَ سان توانائيءَ جي شعبي طرف وڌائي سگهجي ٿو، زرعي شعبي ۾ پڻ سيڙپڪاري ۽ پيداوار وڌائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي واڌ ڪرڻ جي بي پناھه گنجائش موجود آھي. پر ان لاءِ ملڪ جي لبرل معاشي پاليسين کي انساني چهرو ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ڇا اهو ڪاروبار واقعي ملڪ جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ آهي؟ پراپرٽيءَ جي ڪاروبار تجارتي مقصدن لاءِ تجارت ڪندو آھي ان جو بي گهر ماڻهن کي گهر مھيا ڪري ڏيڻ سان واسطو ئي نه آھي سيڙپڪار نفعو ڪمائڻ چاهين ٿا، سراسر تجارتي ڪاروبار آھي. آسمان تي اڏامندڙ قيمتون انهن ماڻهن کي ٻاهر ڌڪين ٿيون جيڪي پنهنجي لاءِ واقعي ئي ڇت جي ڳولي ۾ ھجن ٿا .پلاٽن جي قيمتن ۾ مسلسل واڌارو، سيڙپڪاريءَ لاءِ زمين جي طلب، نتيجي ۾ سيڙپڪار اڪثر زرعي زمين جي سيڙپڪاري ڏانهن وڌنڌا وڃن ٿا. مستقبل ۾ اهو خطرو رھندو ته ڪٿي زرعي ۽ خوراڪ جي پيداوار نه متاثرٿئي.
سرمايه ڪاريءَ جي مقصد لاءِ زرعي زمين جي خريداريءَ تي ھڪدم پابندي ھنئي وڃي. وچولي طبقي جي لاءِ زمين جي خريداري لاءِ ڪجهه مٿين حد لازمي مقرر هجڻ گهرجي. سڀني سرڪاري ادارن ۽ ملازمن چونڊيل نمائندن جي سڌي اڻ سڌي شموليت کي فوري طور تي بندش وڌي وڃي. صرف رهائشي مقصدن لاءِ خريد ڪري سگهڻ جي اجازت ھجي اڻ استعمال پلاٽن جي وڪر ي تي پابند ي ھئڻ گهرجي. صرف هڪ پلاٽ جي رهائشي مقصد لاءِ اجازت هجڻ گهرجي. ملير يا لياري ڊولپمينٽ اختياريون مقامي ماڻهن جي خدمت لاءِ ٺھيون ھيون نه ڪي ڪاروباري يا ٻين صوبن جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ. ذوالفقارآباد، ڊي.ايڇ.اي ۽ ٻيون ساڳئي ريئل اسٽيٽ ۽ رهائشي ڪالونين کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي انهن جي غيرقانوني طور حاصل ڪيل ليزن ۽ ٺيڪن کي رد ڪيو وڃي ته جيئن غريب عوام جي محنت سان ڪمايل آمدنين کي ٺڳين کان بچائي سگھجي. زمين جيڪا غيرقانوني، غير جمھوري حڪومتن طرفان ڏني وئي آهي ان کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي جيڪا زمين بدعنوان مافيا ڪرپٽ مافيا جي شموليت سان الاٽ ٿيل آھي. اها زمين واپس ورتي وڃي ۽ صوبي جي بي گهر ماڻهن کي الاٽ ڪئي وڃي، حڪومت کي پنهنجي شهرين کي مناسب گهر فراهم ڪرڻ جي ذميواري ٻيهر کڻڻ گهرجي.

جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿيڻ گھرجي!

يورپ ۾ جاگيرداري، سماجي ۽ معاشي نظام وقت جي بادشاھن ھٿان اعليٰ عهدا رکندڙن کي زمينون انعامن ۾ يا فوجي خدمتن عيوض ڏيڻ مان اڀريو. اھڙا سماجي نظام موروثي سلسلن، قانونن ۽ فوجي خدمتن جي روايتن ھيٺ نائين ۽ پندرھين صديءَ جي وچ ۾ اڀريا. جنھن ۾ جاگيردار ھارين ۽ غلامن کان سخت پورھئي سان زمينون کيڙائي، کانئن اطاعت ڪرائي، عظمتون ڳڻائي پيداواري اپت حاصل ڪندا هئا. زمين جي ملڪيت ۽ پورھئي جي رشتن جي چوڌاري اھڙا نظام اڏيل ھئا. ميگنا ڪارٽا، ڪاري طاعون، صليبي جنگين، جديد رياستن ۽ سرمائيداريءَ جي اوسر جي نتيجي ۾ آھستي آھستي يورپ ۽ ٻين ملڪن مان ختم ٿيندا ويا. ان جي مقابلي ۾ ايشيائي سماجي ڍانچا مختلف ھئا. ھندوستان ۾ خود انحصار هارين ۽ ڳوٺن جي ملڪيت هيٺ زرخيز زمينن سان پيٽ گذر جي سطح تي پيداوار ڪندڙ مستحڪم ڳوٺاڻا سماجي نظام ھئا. ذات پات )جاتي ورنا (واري سماجي غلامي ۽ اڻبرابري عام ھئي. پر يورپ وانگر غلاميءَ جو ڪاروبار نه ھو، توڪلي رزق تي قائم خود ڪفيل ڳوٺاڻا معاشرا ھئا غلام سماجي ڍانچن ۾ گذر سفر لاءِ گھربل خوراڪ ھونئن ئي نالي ماتر ھوندي آھي. ايشيائي پيداواري طريقي ۾ معاشي سماجي ڍانچو اڏيل ھو، زمين نجي ملڪيت ۾ نه ھئي صدين کان ڳوٺن جي گڏيل ملڪيت ۾ هئي پاڻ ڀرو اڻبرابر ڳوٺاڻو سماجي ڍانچو ھو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ اندران ئي اندران کاڄي چڪو ھو، ٽٽي ڊھڻ وارو ھو. مغل بادشاھن جا عامل ٽيڪس، آبيانا ۽ ٻيون بيگرون اڳاڙيندا ھئا پر ڳوٺن جي زمينن جي مالڪيءَ ۾ مداخلت جو کين حق نه ھو. انگريزن علائقي تي قبضو ڪري زمينن تي نجي ملڪيت جو لينڊ ٽينيور ۽ روينيو نظام متعارف ڪرايو. نجي ملڪيت جو نظام جھڙو سندن ملڪ ۾ ھو. مقصد آمدنيءَ جا وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ زميندار طبقن ذريعي وسيع آبادين تي اڻ سڌي حڪمراني ڪرڻ هو. زمينن تي راتو رات ۽ نجي ملڪيت ذريعي نوان جاگيردار زميندار ۽ رياست جا وفادار نوان طبقا پيدا ڪرڻا ھئا. انگريزن هندستاني سماج جي طبقاتي ڍانچي کي تبديل ڪري ڇڏيو. رياست جا پراڻا ٽيڪس اڳاڻيندڙ ۽ اڳوڻا ملازم رات وچ ۾ زميندار جاگيردار ۽ زمينن جا مالڪ طبقا ٿي اڀري آيا، هاري اڳ زمينن جا مالڪ ھئا ھاڻي ڦري هاري بڻجي ويا.
ھينئر گھڻن جو خيال آھي ته جاگيرداريون قانوني بادشاھن جي پروانن ۽ فرمانن يا لکتن يا ڪي ٻين شڪلين ۾ موجود نه آھن. ٻين جو خيال آھي ته حڪمران طبقن جي خاصيتي، سياسي-اختياري طاقتن، ظلم، جبر، پورھئي جي استحصال، وسيلن جي مالڪيءَ ۽ خاص طور زمين جي نجي ملڪيت جي مختلف شڪلين ۾ جاگيرداري سماج اڄ به سڄي ملڪ ۾ مختلف شڪلين ۾ موجود آھي. ڀل کڻي ڪن جاگيردارن کي علائقا عطا ڪيل ڀلي نه ھجن پر انتظاميه ۽ رياستي ادارن ۾ پھچ، سياسي طاقتن ۾ پنھنجن علائقن جا بي تاج بادشاهه بڻيل آھن. ڪيترن وٽ پنھنجون ذاتي ڪيٽيون، ميمبريون، وزارتون، مشيريون، بنگلا، مال ملڪيتون، واٺن جا لشڪر ۽ بيرحم وڏيرڪي طاقت ۽ ڏھڪاءَ ڦھلائڻ جي طاقت رکن ٿا. خانداني دٻدٻي، پيري مريديءَ، ذات پات، ڌن دولت يا قبائلي سردارين جي واضع شڪلين ۽ خاصيتن ۾ اڄ به جاگيرداري سماجي ڍانچو موجود آھي. اھا به حقيقت آھي ته پيداواري رشتا ۽ طريقا پوئتي پيل نيم قبائلي نيم جاگيرداراڻا نيم سرمائيداراڻا آھن. بين الاقوامي منڊين سان ڳانڍاپي ۾ اضافو، ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ اجرتي پورھئي ۾ واڌارو آيو آهي پر پيداواري رشتا ملڪيتي نظام اڃان به جاگيرداراڻو آهي. جاگيردار طبقا رياست جا اعلانيل وفادار ۽ سھولتڪار بڻيل آھن سندن آقا وري سامراجي قوتن جي طابع آهن. غلامين جون ھڙئي شڪليون ھن خطي جي مختلف سطحن ۽ شڪلين ۾ اڄ به موجود آھن. جاگيردارن وٽ اڄ به لاتعداد ھاري، غير رسمي پورھيت، نوڪر چاڪر، ڀلا ڍڳا، سٺا گهوڙا ۽ مينهون، پاليل ڌاڙيل، پسند جا سرڪاري عملدار ۽ واٺن جا لشڪر آهن. رياستي مشينري سندن طابع آهي ڏيکاءَ دٻدٻو ۽ قيمتي گاڏيون کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ جا شاهه خرچ، بيڪار جنسي شغل ۽ مشغلا عام آھن. ڪوڙو ڏيک ۽ نماءُ، واندن جا لشڪر ھر شھر ۾ پينافليڪس، سندن ڪرشمن جا گيت ڳائيندڙ ٽولا سنڌ جي ھر شھر ۾ ملندا. سنڌ جو هي بيڪار استحصالي طبقو نمبر ون موقع پرست، ويڪائو اسٽيبلشمينٽ ۽ دھشتگردن جو سھولتڪار طبقو آھي. مجال آھي جو قومي غلامي، وسيلن جي ڦرلٽ تي ڪڏھن نالي ماتر عوام سان گڏ بيھي، وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۾ حاتم طائيءَ جھڙو سخي، ھر قومي مسئلي تي موقعي پرستي! سنڌ جي ھڙني سماجي ۽ معاشي خرابين جو ذميوار نمبر ون آهي. غدارين جون جيڪي خاص خاصيتون ھن طبقي کي انگريزن عطا ڪيون سي وقت سان نه بدليون آھن ۽ نه بدلبيون. هن طبقي مان قومي غيرت ۽ چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. ڪن ماڻهن کي شايد ان مان عوامي جمھوريت، ڌرمي سوشلزم يا قومي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪا اميد ھجي. اها اميد رکڻ به اجائي آهي ان جا مفاد عوام جي مفادن جي ابتڙ آهن، عوام سان ان جو ڪو واسطو ئي ناهي، پاڻ کي عوامي نمائندو سڏائبو پر پيدائشي وفاداريون سهولتڪاريون ۽ نمڪ حلاليون حڪمران طبقن سان جڙيل رکبيون.
اھڙا جاگيرداري لقاءَ عام لقاءَ نه ھوندا آھن پر ان ۾ استحصال ۽ غلاميءَ جي شڪل عام لقاءُ ھوندي آھي. ھارين ۽ ڪاريگرن جي پيداوار تي ھنن سميت ٻين طبقن جو گذارو هوندو آھي. مختلف علائقن ۾ استحصال ۽ غلاميءَ جا مختلف لاڙا ۽ خصوصيتون ٿي سگھن ٿيون، زمين جي ورھاست - ملڪيت ۽ پيداوار مختلف ٿي سگھي ٿي. امير ۽ غريب ھارين وچ ۾ فرق، کيڙڻ جا طريقا، زمين جي پيداواري صلاحيت، اپت ۽ ان فرق ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. پر استحصال، ڪنٽرول ۽ منافعو اھم عنصر ھجن ٿا، زمين ۽ زراعت فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري ھارين کي مختلف جوڙجڪن ۾ بيھاري ٿي. ھاري گھڻو ڪري پيٽ گذر جيترو پيدا ڪن ٿا. ان کان قطع نظر ته اھي زراعت کان ٻاھر غير رسمي پورھيو به ڪن ٿا يا منڊين تائين کين رسائي آھي ھڪ وڏي طبقي ۽ کيڙيندڙن جو ھجڻ جاگيرداري سماج جي اھم خصوصيتن ۾ آھي مٿيون طبقو اضافي پيداوار جي شڪل ۾ بغير پورھئي جي معاشي استحصال ڪندڙ ھوندو آھي. زمين ۽ پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول ان جو ھوندو آھي. قبائلي سماجن جون جوڙجڪون به طبقاتي ۽ عام لقاءُ ھونديون آھن پيداواري عمل پيسٽرول يا چراگاهن يا ڪن حالتن ۾ زراعت چوپائي ڌڻ پالڻ تي ٻڌل ھوندو آھي. زراعت جي وڌڻ ۽ صنعتڪاري عملن ۽ ھڪ جڳھن تي سيٽل ٿي رھڻ جي نتيجي ۾ خانه بدوش لاڏائون قبيلن ۽ سردارن پوکي ۽ زراعت مان اضافي پيداوار حاصل ڪري قبائلي سماج جوڙي ڇڏيا آھن. سردارن جو ان پيداواري عملن منجھان ڦٽي نڪرڻ عام نتيجو آھي. رشتن ناتن ۾ جڙيل سماج قبائلي شڪل وٺندا آھن، اھڙن سماجن ۾ پيداواري عمل سھڪاري ۽ پورھئي جي ورھاست برابر مادراڻي ۽ پدراڻي رشتن ھيٺ جڙيل ھوندي آھي. شاديون مرادون، مال ملڪيتون، ورھاستون مختلف ٿي سگھن ٿيون پر سماجي لقاءَ ھڪجھڙا عام طبقاتي ھوندا آھن. اهڙا نظام ظاھر آھي ڪي آفاقي يا آسماني نه آھن جن کي تبديل نه ڪري سگھجي. پيداواري رشتا ۽ طريقا سياسي عمل جي طابع ھوندا آھن. ان کي پرامن يا جمهوري طريقن سان تبديل ڪرڻ شايد ممڪن نه ھجي ڇاڪاڻ ته نظامتي ڪنٽرول انهن ساڳين طبقن جي اختيار هيٺ ھوندو آهي، طبقاتي رياستي ڍانچو جڏھن بيٺل ئي نجي ملڪيت تي آھي، هن ڪم لاءِ چالو سياسي عمل شايد مناسب نه ھجي.
عوام اھڙي غير انساني نظامن جي خاتمي لاءِ صدين کان جدوجهد ڪندو رھيو آھي. تاريخ ۾ اهڙا مثال آهن چارآگسٽ 1789ع جي رات پيرس جي قومي اسيمبليءَ ۾ ھارين، غلامن ۽ قيدين عوام دوست نمائندن سان ملي ڪري اعلان ڪيو. “جيڪي به ماڻھو جاگيردارن جي ذاتي غلاميءَ ۾ آھن انھن کي آزاد ڪجي ٿو.” ائين فرانس جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو. چين1949ع ۾لکين ھارين جي قربانين عيوض ٿوري عرصي ۾ جاگيرداريءَ جو خاتمو انقلاب ذريعي ڪيو. زمينون واپس وٺي گڏيل ملڪيت ۾ آڻي سماجي برابريءَ جي شروعات ڪئي. چينين سمجھيو ته پرامن زميني سڌارن ذريعي ھارين کي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏيارڻ اڻ ٿيڻي ڳالھه آھي. زمينن تان زبردستي جاگيردارن کي بيدخل ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آھي. زمين منڊين جي جنس بدران ھينئر قومي وسيلو ۽ عوامي ملڪيت آھي ائين چينين اسي ڪروڙ ماڻھن کي غربت، بک بدحاليءَ ۽ پسماندگيءَ مان نجات ڏياري آھي. اوڀر بنگال ۾ ھارين جدوجھد سان 1940ع جي لينڊ ريفارمز ڪميشن زمينداريءَ جي نظام جو خاتمو ڪيو. 1951ع ۾ جيڪي کيڙيندڙ ھئا تن کي سڌي مالڪي ملي ويئي. 1967ع ۾ زمينون ڏھه لک ھارين ۾ ورھائي ھارين جي زندگيءَ جي معيارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ساڳين بنگالي سياسي اڳواڻن 1970ع جي چونڊن ۾ باقي پاڪستان ۾ زميني سڌارا آڻڻ جو واعدو ڪيو هو. انهن کي 1971ع ۾ اولهه پاڪستان جي زميندارن ۽ سالارن سياسي اقتدار ۾ حصو ڏيڻ کان محروم رکيو. نئين ملڪ بنگال ۾ ھاڻي جاگيردار نه آهن ھاري استحصال کان آزاد آھن. ھندستان جي رياست ڪيرالا ۾ پڻ ھاري استحصال کان آزاد ٿيا اولھه ويٽنام انقلاب کانپوءِ سڌارا آڻي چاليهه لک ھارين سميت اسي لک ماڻھن جو ڀلو ڪيو. زمين جي ورھاست، تبديلي، ليز ۽ مقاطعي جي قانون ۾ تبديلي آڻي ڇڏي، ويٽنام چانور ايڪسپورٽ ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويوآھي. روس ۾ 1905ع کان وٺي 1917ع جي سڌارن جي نتيجي ۾ زمينن جو ڪنٽرول رياست جي گڏيل ملڪيت ۾ ڏيئي زمين جي نجي ملڪيت ختم ڪري ان جي وڪري، ليز ۽ مقاطعي تي پابندي ھڻي زمين کي پورھيتن جي ڪنٽرول ۾ڏئي کيڙڻ لاءِ مھيا ڪري ڏني ۽ روسي ھاري آزاد ٿي ويا.
مختلف ملڪن ۾ جاگيرداري نظامن جو خاتمو نظامن خلاف سياسي مزاحمتن سان ٿيو آھي، مزاحمت متاثر طبقن طبقاتي شعور سان طئي ڪري پاڻ کي منظم ڪيو ھو. طبقاتي شعور في الحال، پنھنجي خطي ۾ ڪمزور آهي پر تاريخ اهو ثابت ڪري ٿي ته نظامن ۾ تبديلي ۽ مزاحمت ھروڀرو حادثاتي واقعا نه پر هڪ شعوري عمل ھوندا آهن، هن خطي ۾ اھڙا شعوري عمل ڪڏھن ٿيندا، اھو سوال ان ڏينھن ئي حل ٿي ويندو جڏھن حاڪم ۽ محڪوم طبقن جي وچ ۾ فرق جي لڪير واضع ٿي ويندي.

تھذيبون ۽ دقيانوسي آبپاشي نظام

موهن جي دڙي جا غير معمولي ماڻهون پنهنجي پٺيان سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ ڪيترو ئي سامان، خيالَ ۽ آثار ڇڏي ويا آهن. جن مان سندن شهرن جي رٿابندي ۽ شهري زندگين جي انتظام ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل سهوليتن کي ميسر ڪرڻ، بازارون وڻج واپار، سڪا ۽ مھرون، پاڻيءَ جو نظام، صفايون سٿرائيون شهر جون عمارتون انهن جي شھري مھا ڪاريگري ۽ مهارتن جو زبردست مثال آھن. اهڙيون مهارتون ۽ ڄاڻ اتان جي ماڻهن صدين ۾ حاصل ڪيون هيون جنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ نٿو ملي. اهڙيون شاندار روايتون هو پنهنجن خطن ۾ ڇڏي پوين نسلن ڏانهن منتقل به ڪندا رهيا ۽ ٻين خطن انهن جي مهارتن مان سبق پڻ سکيو. مهذب ماڻهن انهن جي منصوبابندي ۽ انجنيئرنگ جي ڄاڻ جي واکاڻ ڪئي. ھتان جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان بي انتها عشق ۽ لازوال پيار ڏسڻ وٽان هو، توڻي جو ھنن ندين ۽ پٿريلين آبادين تي پٿرن ۽ پکن جا گهر به اڏيا، پر سندن آرڪيٽيڪچر ان ڪمال جو اڳتي وڌيل هو جو بعد جي نسلن سندن بيحد تعريف ڪئي. ھنن پنهنجي گاديءَ جو شهر ائين اڏيو جو دنيا اڄ تائين انهن جي صلاحيتن کي ساراهيندي رھي ٿي. گهٽين جي رٿابندي، لائينون، کليل ميدان هڪ وڏي پيماني تي ٺاھي، زبردست منصوبابنديءَ سان ٺهيل شهر ۾ مضبوط مرڪزي حڪومت ھئي. مضبوط حڪومت ھجڻ ڪري حددخلين کان پاڪ شهر هو حڪومت هڪ درجي جو نظم ۽ ضبط قائم ڪريو ويٺي هئي. دنيا ۾ شهري منصوبابنديءَ جا بنياد وجهندڙ موهن جي دڙي جا ڪامياب پلانر هئا. اوڀر- اولهه گهٽيون، اتر- ڏکڻ گهٽيون ۽ هاءِ ويز، جيڪو ان زماني ۾ 3 فوٽ ڪشادو هو، ٽن گاڏين جي ٽريفڪ جي گهرجن پٽاندڙ هو ۽ پيدل گهمڻ وارن ماڻهن لاءِ فوٽ پاٿ الڳ هو. اهو هاءِ وي لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر جيترو هو ۽ ان جي پڇڙيءَ تي ڏھه فوٽ ويڪرا روڊ پئي نڪتا، جتي اتان جا پادري ۽ حڪمران رهندا هئا، باقي ٻيون گهٽيون ۽ روڊ نوَ فوٽ کان تيرھن فوٽن تائين هيون. پڪل سرن جي اڏاوت وڏي تعداد ۾ هئي، شھر جي خاص ڳالهه ماڻهن جي واپاري خاصيت هئي. رهڻ لاءِ سٺا گهر هئا جن ۾ کوھه، باٿ روم، ڪمرا، فرنيچر، اناج ۽ ويهڻ، لوڪل باٿ روم، ڪمرا، فرنيچر، اناج، ويھڻ جي اوطاق گهرن مان مليا آهن. نيڪال، ڪمال جو پاڻي نيڪال نظام، وھنجڻ لاءِ ذاتي جڳھه ۽ گريٽ باٿ ۽ حوض ھو پر هنن ٻوڏن جي هر قسم جي مداخلت کي منهن ڏئي شهر جي سطح ۽ ان جي کوهن جي سطح کي وري وري مٿي ڪيو ۽ آخرڪار اهي قدرت جي ڪاوڙ کي منهن نه ڏئي سگهيا آهن ۽ بار بار آيل ٻوڏن ۾ شهر کي خالي ڪري ويا. درياهه جي ڪپ تي اھڙو شهر اڏڻ جيڪو ٻيڙين لاءِ موزون، کليل ۽ جهاز رانيءَ لاءِ گهربل هو. چست، خوشحال ۽ محنتي ماڻهو سخت ڪنٽرول جا قائل هئا، پر ڪپ تي شهر اڏڻ خود انهن جي وجود لاءِ خطرو ۽ چئلينج هو. جيڪو چئلينج هنن قبول ڪري شهر کي وري وري اڏيو ۽ آخرڪار اڏيندي اڏيندي هڪ ڏينهن کين اهو شهر خالي ڪرڻو پئجي ويو. شهر جا آثار توڻي جو اهو نٿا ٻڌائين ته شهر ٻيهر ڪڏهن تعمير ڪيو ويو، پر شهر جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ جيئن جيئن اضافو ٿيندو ويو، بعد ۾ وڏيرڪين حڪومتن ۾ نجي قبضاگيريءَ گهٽين کي سوڙهو ڪري لنگهه بند ڪري ڇڏيا ھئا. وڏيون نديون ۽ دريائي علائقن جا ميدان تاريخي طور تي انساني آبادين جي ترقيءَ لاءِ مثالي جايون رهيون آهن. درياءَ قدرتي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ آبپاشي ۽ صنعت لاءِ پاڻي جو ذريعو ھوندا آهن. پراڻين ميسوپوٽيميا جي قديم ثقافتن اسيري -سميري، بابليون، سنڌو ۽ مصري تهذيبون وهندڙ پاڻين نيل، دجلا، فرات ۽ سنڌو ندين جي وچ ۾ زرخيز ميدانن ۾ ئي ترقي ڪئي. تهذيبون پاڻين جي چوڌاري آباد ٿي پيچيده طريقي زراعت، واپار، اضافي خوراڪ ۽ معاشي توازن قائم ڪري اڏيون ويون هيون، تهذيبون پاڻين کي وهڻ ڏينديون ھيون. ظاھر آھي وهندڙ پاڻي پاڻ ڪي تهذيبون نه جوڙيندا آھن.
هاڻي شيون ابتيون آهن، پاڻي مڪمل طور تهذيبن ۽ آبادين جي چوڌاري خاص ڪري پنھنجن علائقن ۾ گھيرو ڪيو بيٺو آھي. انتظاميا، فني ڄاڻ، ٽيڪنالاجي، ڪرپشن ۽ طبقاتي ڍانچا ان صورتحال تي وائڙا لڳا پيا آھن. ٽيڪنالاجيءَ ابتو ڪم ڪيو آهي، اجگر درياهن تي ڊيم اڏي، بيابانن ۽ رڻ پٽن کي مٿين طبقن لاءِ سيراب ڪري، بئراجون ڪڍي، ٻوڏن جا بند ٻڌي، لنڪ ڪئنالون ٺاهيون ويون آهن وهندڙ دريائن کي بندن جو قيدي بڻائي ڇڏيو آھي. جيڪو درياهه چاليھه ڪروڙ سالن کان وھندو رهيو آهي، ٻوڏن کي روڪڻ جي ھينئر تائين ڪو به جرئت ناهي ڪري سگھيو. ان حقيقت جي باوجود ته درياهه تي ٻه ٽي وڏا ڊيم ٺهيل آهن، پر اهي ڊيم ٻوڏن کي روڪڻ واريون اڏاوتون نه آهن ۽ شايد مشڪل سان ڪجهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهن ٿيون. رڳو مون سون ۾ ساليانو پنجھٺ کان پنجھتر سيڪڙو پاڻي وھي ٿو توڻي روڪڻ جا ڍانچا نه آهن نه ئي ڪو زلزلا پروف اسٽرڪچر آهن. فرض به ڪجي ڊيمون پاڻيءَ سان ڀرجي به وڃن ته به درياهه ٻوڏون پيدا ڪندو. 1992ع ۾ ٻوڏن دوران منگلا ڊيم جي اڏاوت کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ دروازا سواءِ ڪنهن الرٽ جي کوليا ويا ھئا، جنهن سبب هڪ هزار ماڻهو موت جو شڪار ۽ چاليھه لک ماڻهو متاثر ٿيا ھئا. 2010ع ۾ ٽوڙھي بند کي ھٿراڌو گھارو، سکر بئراج کي بچائڻ هو. ڊيمن جا فائدا ھجن ھان ته عقلمند دنيا وارا انهن وڏين اڏاوتن کي ڀلا ھٿ وٺي ڇو ڊاهن ھا؟ گذريل ويھه سالن ۾ رڳو آمريڪا ۾ لڳ ڀڳ يارھن سو ڊيمن کي پراڻيون ۽ غير محفوظ اڏاوتون سمجھي ڊاٿو ويو آھي. ڊيمن جا نقصان پنهنجي جاءِ تي پر اھي ٻوڏن ۽ زلزلن کان پاڻ بچائي نٿيون سگهن الٽو اهي ٻين آبادين لاءِ خطرناڪ ٿي وڃن ٿيون. جڏهن ته ڊيمن ۾ تيزيءَ سان واري ڀرجڻ ڪري پنهنجي گنجائش ۽ صلاحيت تيزيءَ سان گھٽائين ٿيون. ڊيمون، بئراجون يا ٻوڏ روڪڻ جا بند قدرتي ڍورن ۽ ڍنڍن، ننڍن وڏن جيوتن ۽ جھنگن کي زمين جي مٺي پاڻيءَ جي قدرتي ۽ فطري نظام کي متاثر ڪن ٿيون. پاڻيءَ جو فطرتي نظام اونهاري ۾ پاڻي جذب ڪري ۽ خشڪ مھينن ۽ سالن ۾ استعمال ڪرڻ لائق بڻائي ٿو. پاڻيءَ جو اهڙو نظام ٻوڏن، سخت مينهن ۽ بارشن کي جذب ڪرڻ جو فطرتي نظام آهي گذريل ٻه سو سالن جي ٿوري عرصي لاءِ پاڻيءَ جا ڊيم ڪئنالون ۽ بئراجون ٺاھي ندين جي آسپاس زمين کي خشڪ رکي پاڻي ڦيرائي فصل پيدا ڪرڻ چڱو پيداواري عمل ليکيو ويندو رھيو آهي، هيٺاهينءَ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جا بند ۽ ٻيو اسٽرڪچر ٺاھڻ پڻ چڱو ڪم سمجھو ويندو رھيو آهي. پر ڊگهي عرصي ۾ چاليھه ڪروڙ سالن کان وهندڙ درياهه کي محدود ڪرڻ فطرتي تباهيءَ کي دعوت ڏيڻ آهي ندين جي اندر واري ڀرجي وهڪري جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿي. درياهن جي پيٽن ۾ انساني آبادڪاريون پڻ وهڪري جي صلاحيت کي گهٽ ڪري ٻوڏن کي منهن ڏيڻ يا پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهن ٿيون. درياهن جا پيٽ، واريءَ سان ڀرجي وڃڻ ڪري بئراجن ذريعي پاڻي ڦيرائي چينلن ۽ ڪئنالن جا وهڪرا متاثر ڪري نتيجي ۾ عام رواجي ٻوڏون بند ٽوڙي وڃن ٿيون. هر ايندڙ ٻوڏ (1720ع، 1976ع، 2010ع ۽ 2022ع) پنهنجن نتيجن ۾ مختلف آهي. هن ڀيري ٻوڏ گهڻي عرصي ۾ بهار جي موسم ۾ پيدا ٿيندڙ گهڻي گرميءَ جي ڪري سامونڊي پٽيءَ ۾ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گرميءَ جي لهر ۾ اضافو ٿيو، بادل ٺهڻ ۽ ساحلي علائقن ۾ برسات پئي، جنهنڪري ڪناري جي ساڄي پاسي ٻوڏ آئي. يقيناً بلوچستان مان وهندڙ پاڻيءَ جي وڏي دٻاءَ کي روڪڻ لاءِ اڏيل بند ۽ ڍنڊون ناڪافي هئا.
حڪمرانن کي نه ڪو تاريخ جو شعور آهي ۽ نه ئي انهن ڪڏهن جاگرافيءَ کي سمجهڻ جي زحمت ڪئي آهي نه ئي وري بيٺڪي زماني جي آبپاشي نظام کي ٻيهر جاچڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي.
ٽيڪنالاجي، ٻاهرين امدادن ناڻن ۽ ترقين جي بيڪار عوام دشمن ماڊلن نالي ۾ درياهن سان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، اها عبرت لائق آهي. فطرتي طور رڻ رڻ آھي، پٽَ پٽَ آھن نديون نديون ۽ درياهه درياهه ٿيندا آھن. ڇاڪاڻ ته پاڻي رڻ پٽن کان ڏور وھندو آهي درياهن ۾ ئي وهندي چڱو لڳندو آهي. رڻ پٽن ۾ رهندڙ آبادين جا مزاج پاڻيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ ۽ ندين جي آسپاس ويٺلن ۾ مختلف ۽ نرالا ھوندا آهن. درياهن ۽ ندين جي آسپاس ويٺل ھينئر ٻڏل آهن، اهي اپريل، مئي، جون جي مھينن ۾ خشڪ سالين جو شڪار ھئا، ڪينجهر، منڇر ۽ هاليجي ربيع ۾ سڪا پيا ھئا. ھينئر آفتن جو شڪار آهن، بارشن جو پاڻي سمنڊ ڏانهن ويو. غريبن وٽ جيڪو ڪجهه هو، سو لڙھي ويو. ٻوڏن کين تباهه نه ڪيو پر نهري نظام، سم نالن، انتهائي بيڪار ۽ دقيانوسي بندن ۽ حڪمرانين ۽ طبقاتي رياست سندن لاھه ڪڍي ڇڏيا. پاڻي ورائڻ، بند ٻڌڻ ۽ فطرت تي ڪنٽرول ڪرڻ جا نتيجا اھي نڪرڻا ھئا. حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گھرجي، اھا وقت جي تقاضا آھي، آهستي آهستي ان مطابق پاڻ کي بدلائڻ ۽ فطرتي تبديلين کي هڪ ربط سان منهن ڏيڻ ئي بهتر رستو آهي.
موهن جو دڙو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڪيئن آبادين فطرتي حقيقتن کي تسليم ڪري بدلجندڙ حالتن جو مقابلو ڪيو. هينئر پاڻيءَ کي فطرتي وھندڙ درياهن مان روڪي، ڊيم ٺاهي، کين خشڪ ڪري، زراعت ۽ آبپاشيءَ لاءِ لاغرضيءَ سان استعمال ڪيو ويو آھي. زرعي معيشت ۾ پاڻيءَ جي طلب ٻين انساني ۽ صنعتي ضرورتن ۾ اڻ کٽ آهي. پيداواري طريقا ۽ پوکي روايتي طور جھجھي پاڻيءَ کپت تي ٻڌل آهن، ڍنڍن ڍورن ۽ جهنگلن ۾ پاڻي کوٽ فطري توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي. پاڻيءَ کان معافي وٺي درياهن ۾ واپس وجهڻو پوندو، زراعت، مستقبل جي خوراڪ جي ضرورتن ۽ آبادين جي پاڻيءَ جي ضرورتن جو خيال ڪري درياھه سان غير ضروري ھٿ چراند بند ڪرڻي پوندي. جديد آبپاشي عمل کي انساني شڪل ڏيڻي پوند ي، اهو ڪيئن ٿيندو؟
1947ع کان پاڻيءَ تي بيوروڪريٽ عملدارن ۽ رياستي طاقت مڙهي وسيلن تي ڪنٽرول رکيو ويو آھي پر عوام جو ان ۾ ڪو عمل دخل نه آهي. پاڻي زراعت، صحت ۽ انساني زندگين ۾ توازن لاءِ تمام اھم وسيلو آهي. پاڻيءَ جي انتظام ۽ رياستي طاقت ۾ هڪ تعلق آهي، جيڪو خاص طبقن جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو، ان جو فائدو به انهن کي آهي. معاشي ڍانچن پيداواري عملن ۽ تعلقن، زمين جي نجي ملڪيت، اشرافيه جي حڪمراني ۾ تبديلي آڻي ٻين شين ۽ شعبن تي ڀاڙڻو پوندو. هو ڪم عوام دوست سياسي پارٽيون ئي ڪري سگھن ٿيون، اها بدقسمتي آهي ته سياسي پارٽيون حقيقي ڪم ڇڏي ٻي ڪم تي لڳل آھن.

ماحولياتي تباھين کان بچڻ لاءِ برابريءَ وارو سماج اڏڻو پوندو!

ماحولياتي ڇڪتاڻن جو سڌو تعلق ارڙھين صديءَ جي صنعتي انقلاب سان آهي ٻن صدين جي صنعتي انقلاب مان اڳتي وڌيل معاشي ۽ سماجي ترقي خاص نوعيت جي هئي. جنهن ۾ جديد شهر، فيڪٽري نظام، سائنسي ايجادن، نين علمن جنم ورتو. يورپ ۽ ٻي دنيا “بي پناهه ترقي” ڪئي ۽ سرمائيدار ملڪن ۾ جديد معيشتون قائم ٿيون. معاشي ترقين مان خوشحالين ۽ انساني زندگين جي معيارن ۾ بھتري آئي ۽ نجي دولت ۾ بي پناھه اضافي سان گڏ ۽ انساني سراسري ڄمارن ۾ اٽڪل ٽيھه سالن جو رڳو ويھين صديءَ ۾ واڌارو ٿيو. ان ‘بي پناهه ترقيءَ’ انسانن ۽ فطرتن کي پڻ متاثر ڪيو. دولت جي انبارن تي چند فردن جو ڀيانڪ ڪنٽرول، آمدنين جي غير مساوي ۽ غير انساني تفريق، وسيلن جي فضول کپت ۽ استعمال ماحولياتي تباھي پيدا ڪئي آھي. ضرورت کان وڌيڪ توانائين جو استعمال، خاص ڪري تيل، گيس ۽ ڪوئلي جو غيرذميواراڻو استعمال، ماحولياتي آلودگي، گرمي پد ۾ اضافي جو سبب بڻيو آھي. ضرورت کان وڌيڪ پيداوار منافعي ۽ واپاري مقابلي بازي وڌائڻ جي نتيجي ۾ غريب ايشيائي، افريقي ۽ لاطيني آمريڪن جي ملڪن کي نوآبادياتي بيٺڪيتن ۾ تبديل ڪيو آھي مقابلي بازي ۾ ٻه عالمي جنگيون وڙھيون ويون. منافعي خوريءَ، جنگين ۽ چڙهاين غريب ملڪن جي وسيع اڪثريت کي وسيلن کان محروم ڪري، معاشي غلام بڻائي ھڪ خوفناڪ معاشي ۽ استحصالي نظام قائم ڪري ڇڏيو آھي جنهن انسانن ۽ فطرتن جو به سڀ کان وڏو نقصان ڪيو آهي. پيداوار ۽ کپت جي خوفناڪ نظام دنيا کي تباهين جي هيٺاهين سطحن تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، جتي فطرت ۽ ماحوليات جي تباهيءَ انساني نسل - انساني تهذيبن ۽ ٻين جاندارن لاءِ زمين تي زنده رهڻ به ڏکيو ۽ مشڪل ٿي پيو آهي. اهڙي تباهيءَ کان بچڻ اڃان به ممڪن آهي، پر اهو صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن عالمي پيداوار، کپت ۽ توانائيءَ جي استعمال کي يڪسر تبديل ڪري، تمام تيزيءَ سان ٻئي رخ ۾ وٺي وڃجي. پيداوار ۽ کپت ۾ تڪڙي تبديلي ممڪن آھي.
موجوده صديءَ ۾ اها ڳالهه ڪا سمجهه کان بالاتر نه آهي ته فطرت ۽ ماحوليات جي وڏي پئماني تي تباهي اڳ ڪڏهن نه ڏٺي ويئي آهي. ان تباهيءَ زندگيءَ جي لاءِ عام رواجي موزون حالتن کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهڙي تباهيءَ کان بچاءُ رڳو ٻن سطحن تي ممڪن آهي. وڌنڌڙ ماحولياتي تباهيءَ کي وڌڻ کان روڪجي، ٻي سطح تي خطرن کي منهن ڏئي ڌرتي کي انسانذات جي رهڻ جي قابل بڻائجي. ماحولياتي تباهيون ماحولياتي تبديلين سان جڙيل آهن، ايندڙ ڏهاڪن ۾ عالمي ۽ مقامي سطحن تي انهن تبديلين کان بچي نٿو سگهجي. ان لاءِ گھربل سماجي ھلچل ۽ عوامي سرگرمين يڪسر انقلابي ۽ سماجي تبديلين جي شديد گهرج آهي. تباهين کان سماج کي بچائڻ ۽ خاص طور تي ڪمزور غريب ۽ پوئتي پيل متاثر آبادين ۽ علائقن کي، جيڪي هن تباهين جي سڌي نشاني تي آهن، اهو ڪيئن ممڪن آهي، اڄ جي حالتن ۾ اھم سوال آھي.
ڇهه ڏهايون اڳ پهريون ڀيرو عالمي ماحوليات ۾ وڌندڙ گرمي پد جي سائنسدانن نشاندهي ڪئي هئي. ان وقت اڃان صورتحال ايتري خطرناڪ نه ٿي هئي. آگسٽ 2021ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري صورتحال کي “انسانذات لاءِ خطري جي گهنٽي” ڄاڻائي، ھزارين سائنسدانن جي گڏيل پينل (IPCC) ٺاهي ڇھه اهڙيون سائنسي رپورٽون جوڙيون جن ۾ ماحولياتي متعلق موجود علم ۽ ڄاڻ مطابق پنج ممڪن لقاءَ ڄاڻايل آهن. هاڪاري لقائن مطابق جيڪڏهن عالمي پيداواري ۽ کپت جي نظام ۾ هينئر کان تمام تيزيءَ سان تبديليون آڻڻ شروع به ڪجن ته به تبديل ٿيندڙ عالمي ماحوليات ۾ گرمي پد هن صديءَ جي آخر تائين وڃي وڏي مشڪل سان گهٽ ٿيڻ شروع ٿيندو. ٻئي لقاءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته صديءَ جي آخر تائين گرمي پد صنعتي دور جي سطح کان ھڪ ڏھائي اٺ ڊگري جي واڌاري سان وڃي دنگ ڪندو. ٻيا ٽي لقاءَ ڌرتيءَ تي تباهين کي روڪڻ جا لقاءَ آهن. پنجين لقاءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته سراسري گرميءَ جو پد صنعتي دور جي سطح کان چار ڏھائي چار سينٽي گريڊ وڌي وڃڻ سان ڌرتيءَ تي موجود انساني تهذيبن جو خاتمو ۽ انساني نسل جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي ٿو. اهڙن لقائن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا تباهين جي ڪهڙن رخن ۾ وڃي رهي آهي، ان ڪري “جيئن ٿئي پيو” ان کي بريڪ ڏجي ۽ اڻ پائيدار پيداوار ۽ کپت جي چالو نظام جي نڙيءَ تي لت ڏجي، ڪو ٻيو متبادل رستو نه آهي. هن چالو نظام کي تبديل ڪرڻ کان سواءِ قدرتي تباهين کي ڪنٽرول ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي. ان جو هڪ منطق ۽ دليل آهي ته عالمي معيشت خام مال، توانائين جو استعمال مان عالمي پيداوار مان پنجاسي ٽريلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ ڪڍي رهي آهي، خطرناڪ ڪاربن آڪسائيڊ ۽ گرين هائوس گيسز پيدا ڪري رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون تعلق اوزون جي تھه جي خاتمي سان آهي ۽ اها حقيقت قائم آهي ته بار بار طوفان، زلزلا. سيلاب ۽ گرمي پد ۾ اضافو جديد پيداوار ۽ استعمال جي نمونن سان لاڳاپيل آهي.
2022ع جي اونهاري ۾ پاڪستان ۾ سخت ۽ رڪارڊ ٽوڙگرمي ھئي. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ گرمي پد پنجاھه ڊگري سينٽي گريڊ کان به مٿي ٿي ويو هو. سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر ھوا ۾ رطوبت، ناقابل برداشت بلند سطح تي هئي موسمياتي تبديلين جي گرمي ۽ فضا ۾ پاڻي جي بخار جي مقدار جي واڌ، گرم هوا نمي کي بدترين بڻائي ٿي. گرمي ۽ نمي ماڻهن جي زنده رهڻ جي صلاحيت کان وڌيڪ آهن. رات جو گرمي پد پڻ تمام گهڻو آهي، اهو ڏکيو يا ناممڪن آهي ته جسم کي ڏينھن يا رات جو جزوي طور تي ٿڌو رکجي - گرمي جي لهر وڌڻ سان ماڻهن لاءِ جسماني ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو انتهائي گرمي پد جسماني حد کي نشانو بڻائي ٿو. اهڙيءَ طرح اهو ممڪن آھي ته وڌندڙ گرمي پد ۽ نمي ان نقطي کان وڌي وڃي جيڪا زنده رهڻ لاءِ گھربل آهي. گرمي پد جون اھڙيون حالتون ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا جي ساحلي ۽ وڏن درياهه وارن علائقن ۾ ٿينديون آهن. ممڪن آهي ته اهڙيون حالتون پنھنجن علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن يا ان کان به وڌيڪ سالن تائين وڌيڪ باقاعدي ۽ گهڻي وقت تائين جاري رهن ته پوءِ وڌيڪ خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا. وڏين زميني علائقن ۾ پکڙجي، ڪجھه حصا غيرآباد ٿي وڃن. جيڪڏهن اھڙا رجحان جاري رهيا، ته قوي امڪان ۽ نتيجا تصور کان به وڌيڪ خوفناڪ هوندا، ھينئر دنيا ۾ ڏھه سيڪڙو امير آباديون ڏھه سيڪڙو غريب آبادين جي مقابلي ۾ ڏهوڻيون گرين هائوس گيسون پيدا ڪن ٿيون. هڪ سيڪڙو هوائي سفر پنجاھه سيڪڙو توانائي خارجي گيس پيدا ڪري ٿو. چاليھه سيڪڙو ترقي يافته ملڪن ۾ خارج گيس انهن جي امير ملڪن لاءِ ايڪسپورٽ سان لاڳاپيل آھي. حاصل مطلب ھي آھي ته ماحولياتي تباهيءَ کي هن صديءَ ۾ روڪڻ ۽ واپس صنعتي دور جي سطح تي وٺي اچڻ ممڪن نه آهي. توڻي جو بچاءَ جا سڀ رستا ۽ اپاءَ ورتا وڃن، جن ۾ گرين هائوس گيسن، گدلاڻ، دونهون ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج جي اخراج کي گھٽ ڪجي. ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي، ماحوليات ۾ سڌارا ۽ ارتقائي تبديليون آڻجن، ھڪ عام حل سمجھيو ويو آھي. ماحوليات ڏانهن جيڪا عام رواجي سوچ آهي ته سڌارا موجوده ماحولياتي نظام جي عنصرن کي تبديل ڪرڻ بدران ماحولياتي بحران کي وڌيڪ گهرو ڪن ٿا. بچاءَ جا اپاءَ به پنهنجي جوهر ۾ يڪسر انقلابي نه آهن، پر اهي ماحوليات جي رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ لاءِ ڪارگر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جنهن طريقي سان سرمائيدار ملڪ سالن کان بحث ۽ ويچار ڪندا رهيا آهن، ڪانفرنسن پويان ڪانفرنسون، واعدن پويان واعدا، پر حقيقت ۾، ڇا ماحولياتي تباهي کي سڌارن سان روڪي سگهجي ٿو؟ ممڪن نه آھي ته عالمي پيداوار ۽ واپرائڻ واري نظام کي تبديل ڪرڻ بنا ماحولياتي تباهيءَ کي روڪي سگھجي.
هتي سوال انسانذات ۽ انساني تهذيبن جي بچاءَ جو آهي، حقيقت اِها آهي ته گڏيل قومن جي پينل مطابق ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ گرمي پد صنعتي دور جي سطح کان ھڪ ڏھائي پنج سينٽي گريڊ کان مٿي ٽپي ويندو ۽ انسانذات لاءِ ڌرتيءَ جي گولي تي تباهين جون نيون شڪليون هر ڏاڪي تي ڏسجڻ ۾ اينديون.
ان لاءِ ضروري آهي ته آبادين کي منظم ڪري، رٿابندي ڪري، ماحولياتي پائيداريءَ کي يقيني بڻائجي. اهو تڏھن ممڪن آهي جڏھن عقلمند ڏاھن جي ڏنل مشورن تي عمل ڪيو وڃي اھو مشورو انسانذات جي ڊي.اين.اي - نسلي تسلسل کي سمجهي برابريءَ جا سماج اڏڻ واري نسخي ۾ نجات آهي، متاثرآبادين کي سرگرم ڪري، عام جانين جي وڌيڪ ضايع ٿيڻ کي بچائڻ ۽ ماحولياتي تبديلين کي مقامي ۽ مٿانهين قومي سطح تي تبديليون آڻي بچاءُ ڪرڻ ۾ آھي. برابر عالمي تباھي اسان نه ڪئي آھي، وسيلن ۽ پيداوار جو استعمال اسان نه ڪيوآھي پر اسان ان جا سڌا متاثرين آھيون. اسان عالمي، پيداوار، کپت ۽ توانائيءَ جو استعمال تبديل نٿا ڪري سگهون پر انجي اثرن کان پاڻ اڪيلي سر بچاءُ به نٿا ڪري سگھون. هيءُ هڪ حڪمت عمليءَ جو سوال آهي. هينئر تائين اهڙي ماحولياتي تحفظ ۽ بچاءَ کي ممڪن بڻائي، آبادين کي مستقبل ۾ تحفظ ڏيڻ جا اڃان واضح نقشا ۽ رٿائون جوڙيون نه ويون آهن. هڪ وسيع ماحولياتي ذميوار عوامي حڪومت طبقاتي رياست ۾ جڙڻ اڃان پري جي ڳالھه آهي. اهڙيون ئي حڪمت عمليون طبقاتي، نسلي، صنفي ۽ سامراجي بالادستين کان بالاتر ۽ سرمائيداري ۽ ماحوليات جي ميٽابولڪ تعلق جي خاتمي کان آشنا هجن. حڪمت عمليءَ لاءِ اهڙين درپيش مشڪلاتن کي هر سطح تي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ئي بچاءَ جو رستو آهي، اُهو آهي سماجي برابريءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ.
ٻارھن ڪروڙ سالن جي ڌرتيءَ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌرتيءَ جي نظام کي متاثر ڪندڙ اهم عنصر غير انساني نه پر انساني آهي، جن پيداواري ۽ کپت جهڙا سرمائيداري نظام جوڙي، انساني بحران پيدا ڪري، ڌرتيءَ جي گولي تي حياتياتي ڪيميائي عمل وسيلي انساني حرڪتن ڌرتيءَ تي هڪ وڏو اثر ڇڏيو آهي، انھن عنصرن جو تعلق سرمائيداري نظام سان آهي. اها حقيقت آهي ته سرمائيداراڻي رياست نه ئي ٻيو ڪو به جاگيرداراڻو يا نيم جاگيرداراڻو ڍانچو خود پنهنجي ڪار گذاريءَ لاءِ ماحولياتي تباهيءَ کي بريڪ هڻي، واپس چڱائيءَ ڏانهن وٺي وڃي، اھو ٿي نه ٿو سگهي. سرمائيداري رياست کي صنعتي ۽ مالياتي مفادن هيٺ هلايو ويندو آهي. سرمائيداري خود اهڙن خطرناڪ لقائن سان تعلق ۾ هوندي آهي. ان کي ڪو ايمرجنسي بريڪ نه آهي هينئر تائين اهڙي ڪابه سرمائيدار رياست ان نموني جوڙي نه ويئي آهي، جيڪا سماجي معاشي ڍانچي ۾ وقت تي ڪو ايمرجنسي بريڪ هڻي ماحول کي بچائي سگهي. اصل مسئلو سرمائي جي طاقت سان سرمائيداراڻو سماج جڙيل ايئن آهي ته ڪيئن منافعي جي رفتار کي تيز ڪجي بريڪ هڻڻ سرمائيداراڻي سماج جي ڊڪشنريءَ ۾ ئي نه آهي. نظام سڌو زمين جي گولي ۽ فطرت سان ٽڪراءَ ۾ آهي تصور ڪريو ته ساليانو سراسري پنجاسي ٽرلين ڊالرن جي پيداوار ۽ ٽي ٽرلين ڊالرن جي اضافي پيداوار فطرت مان ڪچو مال، تيل، معدنيات ۽ توانائي خرچ ماحولياتي گدلاڻ ۽ غير ضروري پيداوار ڪندي ته ٽڪراءَ جو سڌو اثر غريب ۽ پاڻ جھڙن پسماندھه ملڪن تي اوس پوڻو آھي. سرمائيداري جي مشين کي بريڪ هڻي هڪ ايمرجنسي نافذ ڪري، انقلابي حڪومت قائم ڪري، عالمي مادي دفاع مادي تحفظ ۽ بيگانگيءَ کان بچائڻ ۽ انساني ضرورتن جا خيال رکڻا ها اڄ جي دنيا ۾ حقيقي ايمرجنسي هوندي.
حڪمران اهو ڪم نه ڪندا، اهو ڪم رڳو متاثر انقلابي ئي ڪري سگهندا. ياد رکو دنيا ۾ آزادي ڏياريندڙ ته وجود نه ٿا رکن پر عوام پنھنجو پاڻ کي آزاد ڪرائيندو جيئن ڪامريڊ چي اسان کي ياد ڏياريو.
وڌندڙ ماحولياتي تباھيءَ کان واپسي ممڪن نه آهي. لبرلزم جي واڌ ۽ معيشت هڪ حقيقت آهي، جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي تبديليون حقيقت بڻجي چڪيون آهن. رياست جي ڪردار کي گهٽائي سرمائي ۽ پورهئي جي تعلق کي پيداوار ۽ مالياتي عالمگيريت جي حوالي ڪري هڪ نظام جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ رياست ڪو ماحولياتي بحرانن کي حل ڪندي جنهن جو اڳواٽ موت ٿي چڪو آهي. ماحولياتي حڪومت نجي ۽ سرڪاري شعبي سرمائي جي انبارن کي گڏ ڪرڻ سان پائيداريءَ جي ڪم تان ھٿ کڻي چڪي آهي. موجوده طبقاتي رياست ۽ ويڪائو وڏيرڪي ايجنسين ۽ سامراجي سھولتڪار نالي ماتر حڪومت پنھنجي نوآبادياتي بيوروڪريٽڪ ڍانچن سان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏئي سگھي. ان جو امڪان گهٽ آهي ائين جيئن چئجي ‘ڪاٺيون به آليون اٿس’. ا ن طبقي مان قومي غيرت جي اميد رکڻ اجائي آهي، تاريخ رهنمائي ڪري ٿي عوام کي پنهنجي نجات پاڻ حاصل ڪرڻي پوندي.