سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا سحر گل جو لکيل ناول ”عشق تمام، برھ تمام“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھن ناول جا ٻہ اھم موضوع ”ٻُڌ مت“ ۽ ”عشق“ آھن. ليکڪا کي انھن ٻنھي موضوعن سان گَھِرو چاھُ رھيو آھي. ناول جو مرڪزي خيال ٻُڌ مت جي روح کي سمجهڻ ۽ ان جي پانڌين جو عشق جي دنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ آھي. ھن ناول ۾ ساڳي وقت تاريخ ۽ سنڌ جي جيني ۽ ٻوڌي دور جي ٺھڻ، ان وقت جي ريتن رسمن، ثقافت، سماجي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي ڪيل آھي. ھن ناول جي ٻُڌ مت جي ڪردارن جي عشق ڪھاڻي نرراڻ ماڻڻ لاءِ اڄاتن داخلي ۽ خارجي سفرن تي نڪرن ٿا. ھو دنيا جي عجيب ماڳن ۽ پرڳڻن ۾ پھچن ٿا.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي