تاريخ، فلسفو ۽ سياست

انقلاب زنداباد

ھي ڪتاب برصغير جي آزاديءَ جي انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهہ جي تحريرن ۽ خطن تي مشتمل آھي. ڀڳت سنگهہ پنھنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ 1919ع ۾  جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج سان ڪيو جنھن ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ھن انگريزن خلاف جنگ جاري رکي ۽ ڪيترائي حلا ڪيا جنھن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو. آخرڪار انگريز ففوج کيس گرفتار ڪيو ۽ ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنھي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شادمان چوڪ تي ڦاسي ڏني وئي.

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book انقلاب زنداباد

ارپنا

ھي ترجمي جو پورھيو
انھن جي ناءُ
جيڪي پنھنجي
اکين ۾ آزادي جا خواب ڏسن ٿا
انقلاب جا نعرا ھڻن ٿا
جيڪي ڪٿي نٿا بيھن
جيڪي ريڙھيون پائين ٿا
جيڪي ڀڙڪيل ضرور آھن
پر وڪيل ناھن
جيڪي منجھيل آھن
پر مرجھيل ناھن
جن جا حوصلا ھماليا جيڏا آھن
جيڪي پڙھڻ ڄاڻن ٿا
جيڪي وڙھڻ ڄاڻن ٿا
جيڪي مرڻ ڄاڻن ٿا

سئم سنڌي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڀڳت سنگهہ جي تحريرن تي ٻڌل ڪتاب ”انقلاب زنداباد“ اوھان اڳيان شيئر ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار سئم سنڌي آھي.
ھي ڪتاب برصغير جي آزاديءَ جي انقلابي هيرو، ڀڳت سنگهہ جي تحريرن ۽ خطن تي مشتمل آھي. ڀڳت سنگهہ پنھنجي عملي سياست جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ 1919ع ۾ جليا نوالا باغ ۾ ٿيندڙ احتجاج سان ڪيو جنھن ۾ ’جنرل ڊائر‘ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو. ھن انگريزن خلاف جنگ جاري رکي ۽ ڪيترائي حلا ڪيا جنھن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو. آخرڪار انگريز ففوج کيس گرفتار ڪيو ۽ ڀڳت سنگهہ ۽ سندس ساٿي سک ديو کي ڦاسيءَ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ 23 مارچ 1931ع تي هنن ٻنھي ديش ڀڳتن کي لاهور ۾ شادمان چوڪ تي ڦاسي ڏني وئي.
ٿورائتا آھيون سئم سنڌي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انقلاب ۽ اسان: سئم سنڌي

آئون ڀڳت سنگھ تي نٿو لکڻ چاھيان نہ ئي ڪو مھاڳ جنھن جي ضرورت ئي ناھي. ڀڳت سنگھ پنھنجي پاڻ کي پنھنجي نظريي کي پنھنجي لکڻين ۽ خطن ذريعي واضح بيان ڪيو آھي. آئون ھن ڪتاب جي صفحن جو فائدو وٺندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي نظر ۾ رکندي ڪجھ لکڻ چاھيان ٿو.
شعور، علم، عقل، ڏاھپ وڌڻ سان ذميواريون بہ وڌي وينديون آھن. مختلف مشاھدن مطالعن ۽ تجربن کان پوءِ اسان جو عقل ڪنھن نہ ڪنھن خيال تي بيھي رھندو آھي جيڪو پڻ مستقل ناھي ڇو جو ھر وقت جي پنھنجي پنھنجي ضرورت ھوندي آھي. اسان ان مطابق پنھنجو ردعمل ڏيکاريون ٿا ۽ اھي عمل ڪريون ٿا جيڪي ان وقت صحيح ٿا لڳن. ھر ڪيل ڪم جي صحيحت تي ضرور سوال ڪري سگجھي ٿو پر ان وقت جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ئي. ھر ڪنھن جي پنھنجي نقطہ نظر آھي ۽ ھر ڪو پنھنجي ”Self-satisfaction“ لاءِ ڪم ڪري ٿو. زندگي معنيٰ چرپر ڪرڻ، ريڙھيون پائڻ پنڌ ڪرڻ، ڀڄڻ، وڌڻ ويجھڻ جنھن زندگي ۾ اھي شيون ناھن ان کي زندگي نٿو چئي سگھجي. زندگي مطلب جان ۽ جذبو. ۽ جذبو زندہ رھڻ جو، جذبو پنھنجي پاڻ کي بچائڻ جو، جذبو پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو. انھن سڀني ڳالھين کي جي ٻن لفظ ۾ چئجي تہ زندگي ارتقا ۽ انقلاب جي واٽ آھي. اسان جو سماج صدين کان کوڙ سارن مذھبي ۽ صوفي عقيدن، ڪجھ سياسي نظرين ۽ سماجي ڏند ڪٿائن ۾ گھريل آھي جن ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي اھي ڪنھن ارتقا جي عمل يا انقلاب جي رستي تي نظر نٿا اچن، اھا شايد مايوسي واري نقطہ نظر (Pessimistic) آھي ائين نہ ڪرڻ، نہ ٿيئڻ يا نہ سوچڻ گھرجي. پر سماج جي رجعت پسندي واري (Reactionary) سوچ ضرور مايوس ڪندڙ آھي تہ جيڪو ٿيو اھو صحيح ٿيو جيڪو ٿيئي پيو سو صحيح پيو ٿئي ۽ جيڪو ٿيندو اھو پاڻھي صحيح ٿيندو. ڪنھن بہ مڙھيل سوچ يا خيال کي ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ نوان خيال پيدا ڪري سگھجن ٿا. نوان رستا ٺاھي سگھجن ٿا. اھا ھڪ پراميد (Optimistic) سوچ آھي. انھي ئي سان سوچ سان انقلابي ڪم ڪري ٿو ۽ پنھنجا قدم کڻي ٿو.
خدا جو تصور ڪري سماجي سياسي قائدا قانون ٺاھيا ويا جنھن کي مذھب چيو وڃي ٿو ان کي ان وقت جو انقلاب چئي سگھجي ٿو. ڪنھن نہ ڪنھن نموني سان سماج ۾ ھم آھنگي (Harmony) پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي، شايد ان وقت ماڻھن جي ذھن کي تبديل ڪرڻ لاءِ وقت جي انقلابي يا فلاسفر کي خدا جو تصور ڏيڻ صحيح لڳو، جيڪو موجودہ وقت ۾ ناڪارہ ثابت ٿي سگھي ٿو ڇو جو موجودہ وقت يا گذريل سوين سالن کان ان خيال صرف تباھي آندي آھي ۽ ھم آھنگي بدران نفرت پيدا ڪئي آھي. ان نظريي انساني ويڇا وڌايا آھن. انھي ئي نظريي جي بنياد تي ھڪ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو ان جو اثر اسان سڀ ڏسي رھيا آھيون ۽ ڀوڳي رھيا آھيون.
ان خدا جي تصور ھوندي بہ انقلاب آيو آھي. دنيا جون مختلف قومون موروثي عقيدن ھوندي بہ آزاد آھن ۽ سماج ۾ ڪو بہ مت ڀيت ناھي. اھا آئيڊيل حالت (Ideal Situation) آھي پر ان آئيڊل حالت جي ويجھو ضرور آھن. خدا يا مذھبي سوچ انفرادي ھجڻ گھرجي ۽ وري سياسي يا سماجي سوچ اجتماعي. پوءِ ئي اڳتي وڌي سگھبو. ھر ڳالھ ۾ جي مذھب يا خدا کي آڻڻو آھي تہ پوءِ بھتر اھو آ تہ ان خدا جي خيال کي پھريان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پوءِ ئي ٻي تبديلي جي ڳالھ ڪجي.
اسانجي سماج ۾ جيڪو مذھب آھي يا خدا آھي انھن جي پوئلڳن کي خبر ئي ناھي تہ خدا ڇو آھي، خدا ڪھڙي طاقت آھي ۽ انھن کي ڪھڙيون اميدون رکڻ گھرجن. مذھبي شخص کي سڀني کان وڌيڪ نرم، مطمئن ۽ امن پرست ھئڻ گھرجي پر ان جي برعڪس ھڪ مذھبي شخص ٻي مذھبي شخص يا ڪافر کان نفرت ڪري ٿو، جيڪو سندس عقيدي موجب خدا جو خلقيل آھي. پنھنجي خدا جي خلقيل مخلوق جنھن کي اشرف چيو ٿو وڃي ان کان نفرت ٿو ڪري ۽ فساد ٿو ڦھلائي. ھاڻ اھو پنھنجو عقيدو صحيح ڪري يا ڇڏي ڏي يا صرف خدا جي عبادت ڪري پنھنجي ذات کي روشن ڪري مطئمن ٿئي خوش رھي ٻئي ڪنھن معاملي ۾ ٽنگ نہ اٽڪائي تہ سماج بھتر ٿي وڃي.
اسان جنھن انقلاب جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون اھو ڪنھن مذھب جي خلاف نہ آھي نہ ئي اھڙي حالتن ۾ آھيون جو مذھب سان جنگ ڪريون، حالات ضرور اھڙا آھن جو مذھب سان بہ جنگ ڇيڙجي پر اسان جي ترجيح سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي آزادي آھي. اسان جي جنگ پاڪستان جي سامراجي قوتن، سنڌي وڏيرن ۽ جاگيردارن سان آھي جيڪي سنڌي قوم جي ترقي ۾ رنڊڪ ۽ سنڌ ڌرتي جي وسيلن جو استحصال ڪري رھي آھي. آزادي وٺڻ لاءِ کوڙ ساريون جماعتون مختلف نظرين سان تجربا ڪري رھيون آھن. ڪي جماعتون صرف اسان جي نوجوانن جي جذبن مان فائدو وٺي رھيا آھن جيڪي ساڄي ڌر جون ھموار آھن. نوجوانن کي نظرياتي ڪرڻ بدران صرف ڀڙڪائي ڀٽڪائي رھيا آھن جنھن جا نتيجا بہ اسان جي سامھون آھن.
اسان جو نوجوان بہ اھو ئي ٿو سمجھي تہ ٺلھا حوال ڪرڻ ڀتا وٺڻ دوڪان بند ڪرائڻ ئي آزادي جي راھ آھي. اسان جي نوجوان کي جي ايم سيد سميت دنيا جي ھر انقلابي کي پڙھڻ گھرجي پر جي ايم سيد کي ابو نہ سمجھڻ گھرجي. اسان کي ڪٿي بہ ڪنھن بہ ھڪ سوچ تي بيھڻو ناھي. ھر وقت جي پنھنجي ضرورت آھي ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ انقلابي سوچ رکندڙن کي عقيدا نہ رکڻ گھرجن. ھا اھو ضروري آھي تہ جيڪا فلاسافي يا نظريو اوھان کي پسند اچي پيو تہ مھرباني ڪري ان تي عمل ڪريو. ويھي نہ رھو يا پنھنجي سنگت يا مورثي سياست جي ڪري ھڪ جڳھ تي چنبڙي نہ بيھو. مسلسل مطالعو ڪندا رھو ۽ ماڻھن کي آگاھ ڪندا رھو.
ڪڏھن ڪڏھن اسانجو ھڪ جڳھ تي بيھڻ اسان جي نظريي جي پختگي نہ پر اسان جي ذاتي انا کي ظاھر ڪندو آ. ان ڪري ڪا نئين ڳالھ يا نئون نظريو پسند اچي ۽ ان ۾ جي مستقبل نظر اچي تہ ان طرف ھليو وڃجي.


سئم سنڌي
مارچ 2023

آئون ناستڪ ڇو آھيان

(جيل ۾ 5-6 آڪٽوبر 1930 تي لکيو ويو)


ھڪ نئون سوال پيدا ٿيو آھي. ڇا آئون ڪنھن وڏائي (Vanity) جي ڪري ھڪ قادر مطلق، ھر وقت موجود ۽ سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ خدا جي وجود کي نٿو مڃان؟ مون ڪڏھن اھو تصور نہ ڪيو ھو تہ مونکي ڪڏھن اھڙي سوال کي منھن ڏيڻو پوندو. پر ڪجھہ دوستن سان ڪيل گفتگو مون کي اهو اشارو ڏنو آهي تہ منهنجا ڪجھہ دوست - شايد ائين چئي آئون انھن تي گھڻو اختيار نہ ڄمائي رھيو آھيان، مونسان انھن جا گھٽ رابطا اھو نتيجو ڪڍڻ لاءِ مائل آھن تہ آئون خدا جي وجود جو انڪار ڪري ضرورت کان گھڻو اڳتي وڃي رھيو آھيان ۽ ڪنھن حد تائين منھنجي وڏائي ئي مونکي نہ مڃڻ لاءِ اڪسايو آھي. خير، ھڪ سنگين مسئلو آھي. آئون ان ڳالھ تي فخر نٿو ڪيان تہ آئون انساني ڪمزورين کان مٿانھون آھيان. آئون ھڪ انسان آھيان، ٻيو ڪجھ بہ نہ. ان کان وڌيڪ ٿيڻ جي دعويٰ ڪير بہ نٿو ڪري سگھي. اھا ڪمزوري منھنجي اندر بہ آھي. وڏائي بہ منھنجي فطرت جو حصو آھي. پنھنجي ڪامريڊن جي وچ ۾ مون کي مطلق العنان (Autocrat) سڏيو ويندو ھو. منھنجو دوست محترم بي.ڪي دت بہ مونکي ڪڏھن ڪڏھن ائين چوندو ھو. ڪجھ موقعن تي مونکي آمر قرار ڏنو ويو. ڪي دوست شڪايت ڪن ٿا، ۽ ڏاڍي سنجيدگي سان، تہ آئون اڻڄاڻائي ۾ پنھنجا خيال انھن مٿان مسلط ڪيان ٿو ۽ پنھنجون تجويزيون مڃايان ٿو. اھو ڪنھن حد تائين سچ آھي، آئون انڪار نٿو ڪريان. ان کي انا (Egotism)چئي سگھجي ٿو. جيتري قدر منھنجي راءِ جو تعلق آھي ٻين جي رائج راين جي مقابلي ۾ مون کي پنھنجي راءِ تي يقينن فخر آھي. پر اھو ذاتي ناھي. اھو ٿي سگھي ٿو اھو صرف ڪنھنجي عقيدي ۾ جائز فخر ھجي ۽ ان کي وڏائي نٿو چئي سگھجي. وڏائي يا واضح طريقي سان ”آڪڙ“ پنھنجي ذات ۾ غير ضروري فخر جي زيادتي آھي. ڇا انھي غير ضروري فخر مونکي ناستڪ طرف مائل ڪيو آھي يا ڇا ان موضوع کي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ آئون خدا جو انڪاري بڻيو آھيان، انھي ئي سوال تي آئون ھتي بحث ڪرڻ چاھيان ٿو. پھريان مونکي اھو واضح ڪرڻ ڏيو تہ انا ۽ آڪڙ ٻہ الڳ شيون آھن.
آئون مڪمل طور تي اھو سمجھڻ ۾ ناڪام ٿيو آھيان تہ خدا تي يقين ڪرڻ واري شخص جي راھ ۾ غير ضروري فخر يا غرور ڪيئن ٿو اچي سگھي؟ مونکي واقعي ڪنھن عظيم انسان جي عظمت کي نہ سڃاڻڻ گھرجي، ھا اھو تڏھن ئي ٿي سگھي ٿو جڏھن مون کي بہ ڪا شھرت ملي ھجي جنھن جو يا تہ آئون حقدار ناھيان يا مون ۾ اھي خاصيتون ناھن جيڪي ان لاءِ ضروري آھن. اھا ڳالھ بہ سمجھ ۾ اچي ٿي. پر اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ خدا کي مڃڻ وارو ماڻھو اوچتو پنھنجي ذاتي آڪڙ جي ڪري ان تي ايمان آڻڻ ڇڏي ڏي؟ ٻہ طريقا ممڪن آھن. يا تہ انسان پاڻ کي خدا جو رقيب سمجھندو آ يا تہ ھو پاڻ کي خدا سمجھڻ شروع ڪندو آ. ٻنھي صورتن ۾ ھو سچو ناستڪ نٿو ٿي سگھي. پھرين صورت ۾ ھو پنھنجي مخالف جي وجود جو انڪار ئي نٿو ڪري. ٻي صورت ۾ بہ ھو اھڙي شعور جي وجود تي يقين رکي ٿو جيڪو فطرت جي مڙني سرگرمين کي پردي جي پويان ھلائي ٿو. اسان لاءِ ان ڳالھ جي ڪا بہ اھميت ناھي تہ چاھي ھو پاڻ کي عظيم سمجھي ٿو يا ھو ان عظيم شعور کي پاڻ کان ڌار سمجھي ٿو. بنيادي ڳالھ ئي اتي آھي. ھن جو عقيدو آھي. ھو ھڪ قسم جو ناستڪ آھي.
خير، جيستائين منھنجي ڳالھ آھي. منھنجو تعلق نہ پھرين قسم سان آھي نہ ئي ٻئي سان. آئون ان عظيم روح/ ھستي جي وجود کان انڪار ڪريان ٿو. آئون ان جو انڪار ڇو ٿو ڪيان جنھن سان بعد ۾ واسطو پوندو. ھتي آئون ھڪ ڳالھ واضح ڪرڻ چاھيان ٿو تہ اھا منھنجي آڪڙ يا غرور ناھي جنھن مونکي ناستڪ جي نظريي کي اپنائڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي. نہ ئي آئون رقيب آھيان، نہ اوَتار آھيان، نہ ئي عظيم ھستي آھيان. ھڪ ڳالھ طئي آھي تہ اھا منھنجي آڪڙ ناھي جنھن مونکي ھن فڪر طرف راغب ڪيو آ. اچو تہ ھن الزام کي رد ڪرڻ لاءِ ڪجھ حقيقتن تي نظر وجھون.
منھنجي انھن دوستن جو چوڻ آھي تہ آئون دھلي بم ڪيس ۽ لاھور واري سازشي ڪسين جي مقدمن دوران مليل شھرت جي ڪري مغرور ٿي ويو آھيان. خير، اچو تہ ڏسو انھن جي ڳالھ ڪيتري درست آھي. منھنجو ناستڪ ھجڻ ايترو تازو ناھي. مون ان وقت خدا کي مڃڻ ڇڏي ڏنو ھو جڏھن آئون غير مقبول نوجوان ھئس جنھن جي وجود جي منھنجن انھن دوستن کي خبر بہ نہ ھئي. گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪاليج جو شاگرد اھڙو غيرضروري فخر نٿو ڪري سگھي جيڪو کيس دھريت ڏانھن وٺي وڃي. جيتوڻيڪ ڪجھ پروفيسرن جو پسنديدہ ھئس ۽ ڪجھ ٻين مونکي ناپسند ڪيو. آئون ڪڏھن بہ ڏاڍو محنتي يا ذھين شاگرد نہ رھيو آھيان. مونکي آڪڙ جھڙن احساسن ۾ ڦاسڻ جو موقعو ئي نہ ملي سگھيو. آئون ڏاڍو شرميلو ڇوڪرو ھئس، جيڪو مستقبل جي باري ۾ ڪجھ مايوسي واري طبيعت رکندڙ ھو. ۽ انھن ڏينھن ۾ آئون مڪمل ناستڪ نہ ھوئس. منھنجو ڏاڏو جنھن جي اثر ھيٺ آئون وڏو ٿيس، جيڪو پڪو آريہ سماجي ھو. ھڪ آريہ ٻيو ڪجھ بہ ھجي پر ناستڪ ناھي ھوندو. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مون ڊي اي وي اسڪول لاھور ۾ داخلا ورتي ۽ سڄو سال ان جي ھاسٽل ۾ رھيس. اتي صبح ۽ شام جي پوڄا کان علاوہ، آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ گائتري منتر پڙھندو ھئس. آئون انھن ڏينھن ۾ مڪمل عقيدت مند ھئس.
بعد ۾ آئون پنھنجي پيءُ سان گڏ رھڻ لڳس. جيسيتائين مذھبي قدامت جو تعلق آھي ھو ھڪ لبرل شخص آھي. ھن جي تعليمات مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مون پنھنجي زندگي آزادي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پر ھو ناستڪ نہ آھي. ھن جو خدا تي پڪو يقين آھي. ھو مونکي روز پوڄا ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيندو ھو. اھڙي طرح منھنجي پرورش ٿي. عدم تعاون تحريڪ جي ڏينھن ۾ نيشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي ئي مون آزادي سان سوچڻ شروع ڪيو ۽ سڀني مذھبي مسئلن تي بحث ۽ تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي – ايسيتائين جو خدا جي وجود تي بہ. پر پوءِ بہ آئون ھڪ آستڪ (مڃيندڙ) ھئس. ان وقت تائين آئون پنھنجا وار ڊگھا رکندو ھئس، جيتوڻيڪ آئون سکن ۽ ٻين مذھبن جي تصوف ۽ اصولن تي ڪڏھن بہ يقين نہ ڪري سگھيس. پر مونکي خدا جي وجود تي پختو يقين ھو.
انکانپوءِ آئون انقلابي پارٽي ۾ شامل ٿيس. اتي پھريون اڳواڻ جنھن سان منھنجو واسطو پيو اھو تہ پڪو يقين نہ ھوندي بہ خدا جي وجود جي انڪار ڪرڻ جي جرئت نہ ڪري سگھيو. آئون جڏھن ھن کان خدا جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو ھوئس تہ چوندو ھو تہ ”جڏھن دل چويئي تہ پوڄا ڪندو ڪر“. ھي دھريت آھي جنھن ۾ گھٽ جرئت آھي. ٻي جنھن اڳواڻ سان واسطو پيو اھو پختي ايمان وارو ڪامريڊ سچندر ناٿ سنيال ھو جيڪو ھينئر ڪاڪوري سازش ڪيس ۾ عمر قيد سزا ڀوڳي رھيو آھي. سندس ڪتاب ”بندي جيون“ جنھن ۾ ھن پھرين صفحي کان ئي خدا جو راڳ ڳايو آھي. ان خوبصورت ڪتاب جي ٻئي حصي جي آخري صفحي تي سندس صوفياتي – ويدانت جي ڪري ھن خدا جي ساراھ جا گل وڇايا آھن. جيڪو ”انقلابي“ پمفليٽ 28 جنوري 1925ع تي سڄي ھندوستان ۾ ورھايو ويو ھو، اھو سندس علمي محنت جو نتيجو آھي. ھاڻ، مخفي ڪمن ۾ مشھور اڳواڻ پنھنجا خيال ظاھر ڪري ٿو جيڪي ھن کي تمام پيارا آھن ۽ باقي ڪارڪنن کي اختلافن جي باوجود بہ قبول ڪرڻو آھي. انھي پمفليٽ ۾ ھڪ پورو پيراگراف خدا ۽ سندس خوشين ۽ ڪمن جي ساراھ ۾ وقف ڪيو ويو آھي. اھو سڀ تصوف آھي. جنھن ڳالھ جي مون نشاندھي ڪرڻ چاھيان پي، اھا ھي آھي تہ اڃا انقلابي پارٽي ۾ ڪفر (انڪار) جو نظريو پيدا ئي نہ ٿيو آھي. مشھور ڪڪوري جي چئني شھيدن پنھنجا آخري ڏينھن عبادت ۾ گذاريا. رام پرساد بسمل پڪو آريہ سماجي ھو. سوشلزم ۽ ڪميونزم ۾ وسيع مطالعي جي باوجود، راجن لاهري اپنشد ۽ گيتا جي آيتن کي پڙهڻ جي پنهنجي خواهش کي بہ دٻائي نہ سگهيو. مون انهن مان فقط هڪ ماڻهو ڏٺو، جنهن ڪڏهن بہ دعا نہ گھري ۽ چوندو هو تہ: ”فلسفو انساني ڪمزوري يا علم جي محدوديت جو نتيجو آهي“. ھو بہ عمر قيد جي سزا ڀوڳي رھيو آھي. پر ھن پڻ ڪڏھن بہ خدا جي وجود کان انڪار ڪرڻ جي جرئت نہ ڪئي.
ان وقت تائين آئون صرف رومانوي مثالي انقلابي ھوئس. ان وقت تائين اسان کي پيروي ڪرڻي ھئي. ھاڻي وقت اچي ويو ھو سڄي ذميواري پنھنجي ڪلھن تي کڻڻ جو. ڪجھ وقت لاءِ اڻ ٽر ردِعمل جي ڪري پارٽي جو وجود ئي ناممڪن ھو. پرجوش ڪامريڊ نوان ليڊر اسان تي طنز ڪرڻ لڳا. ڪجھ وقت لاءِ مونکي بہ ڊپ ھو تہ ڪنھن ڏينھن مونکي بہ پنھنجي پروگرام جي اجائي ڳالھ ھئڻ تي يقين نہ اچي وڃي. اھو منھنجو انقلابي زندگي ۾ ھڪ اھم موڙ ھو. ”مطالعي (Study)“ جو سڏ منھنجي ذھن جي ھر ڪنڊ ۾ گونجڻ لڳو. مطالعو تہ جيئن مخالفن پاران پيش ڪيل دليلن کي منھن ڏئي سگھجي. مون پڙھڻ شروع ڪيو. جنھن منھنجي پراڻن خيالن ۽ عقيدن کي شاندار طور تي بھتر ڪري انھن کي سنجيدہ خيالن سان تبديل ڪيو. نہ وڌيڪ تصوف نہ ئي ڪو وڌيڪ انڌو عقيدو. حقيقت پسندي اسانجو بنياد بڻجي وئي. سخت ضرورت \ لاچاري جي معاملي ۾ سھارو وٺڻ لاءِ طاقت جو استعمال جائز آھي: عدم تشدد جي پاليسي سڀني عوامي تحريڪن لاءِ لازمي آھي. طريقن جي باري ۾ تمام گهڻو سڀ کان اهم ڳالھ اها هئي تہ ان آدرش جو واضح خيال ھئڻ جنهن لاءِ اسان کي جنگ ڪرڻي هئي.
عمل جي ميدان ۾ ڪابہ اهم سرگرمي نہ هئڻ ڪري مون کي عالمي انقلاب جي مختلف نظرين جي مطالعي جو ڪافي موقعو مليو. مون انارڪيسٽ اڳواڻ بڪونين، ڪميونيزم جي پيءُ مارڪس ۽ گھڻو لينن، ٽراٽسڪي ۽ ٻين کي پڙھيو جن پنھنجن ملڪن ۾ ڪاميابي سان انقلاب برپا ڪيا. اھي سڀ ناستڪ ھئا. بيڪونين جي ڪتاب ”خدا ۽ رياست – God and State“ جنھن ۾ خيال جزوي آھن پر ھڪ مطالعي لاءِ دلچسپ موضوع آھي. بعد ۾ مون کي نيرالمبا سوامي[1] جو ڪتاب ”سھج گيان – Common Sense“ نظر آيو. اھو ھڪ قسم جو صوفياتي دھريت ھيو. اھو موضوع منھنجي لاءِ تمام گھڻي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو. 1926ع جي آخر تائين، مون کي ان ڳالھ تي يقين ٿي ھو ويو تہ هڪ تمام طاقتور روح جنھن هن ڪائنات کي ٺاهيو آھي، ان جي رهنمائي ڪئي ۽ ان کي هلايو آھي اھو بي بنياد آھي. مون پنھنجي بي اعتمادي ڇڏي ڏني ھئي. مون پنھنجن دوستن سان موضوعن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيا. مون کي ھڪ ناستڪ قرار ڏنو ويو. پر ان وقت ڇا ھو اھو ھتي بحث ڪيو ويندو.
مئي 1927ع ۾ مونکي لاھور ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري حيران ڪندڙ ھئي. آئون ان ڳالھ کان بلڪل اڻڄاڻ ھئس تہ پوليس مونکان چاھي ڇا ٿي. ھڪ باغ کان لگھندي مون اوچتو پنھنجي چوڌاري پوليس جو گھيرو ڏٺو. پنھنجي تعجب وچان آئون بلڪل خاموش ھئس. مون ڪا سنسني محسوس نہ ڪئي نہ ئي ڪو جوش. مونکي پوليس جي حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي ڏينھن مونکي ريلوي پوليس لاڪ اپ ۾ رکيو ويو جتي مونکي پورو ھڪ مھينو گذارڻو پيو. پوليس اهلڪارن سان ڪيترن ڏينهن جي ڪچهري کان پوءِ مون اندازو لڳايو تہ کين ڪاڪوري پارٽي سان منهنجي لاڳاپي ۽ انقلابي تحريڪ سان منهنجي ٻين سرگرمين جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي. انھن مون کي ٻڌايو تہ آئون لکنؤ ويو ھئس جڏھن ڪڪوري جو مقدمو ھلي رھيو ھو، تہ مون انهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪنهن منصوبي تي ڳالھ ٻولھ ڪئي هئي، تہ اسان انهن جي رضامندي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ بم حاصل ڪيا هئا جن مان ھڪ کي 1927ع ۾ دشهري جي موقعي تي ميڙ ۾ اڇلايو ويو. انھن مون تي زور ڀريو تہ جيڪڏهن آئون انقلابي پارٽيءَ جي سرگرمين باري ۾ انھن کي ٻڌايان تہ مون کي گرفتار نہ ڪيو ويندو ۽ ان جي برعڪس مون کي عدالت ۾ مخبر طور پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي آزاد ڪيو ويندو ۽ انعام ڏنو ويندو. آئون ھنن جي ڪيل تجويز تي کلڻ لڳس. اھو سڀ بيڪار ھو. اسان جھڙي سوچ رکندڙ ماڻھو پنھنجن بيگناھ ماڻھن تي بم نہ اڇلائيندا آھن.
هڪ صبح مسٽر نيومن، سينيئر سپرنٽينڊنٽ، C.I.D، مون وٽ آيو، ڏاڍي ھمدردي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کانپوءِ چيائين جيڪڏهن مون انھن مطابق بيان نہ ڏنو تہ ھو مجبور ٿي مونکي ڪڪوري سازشي ڪيسن ۽ دشهرہ فسادن ۾ وحشياڻي قتل سلسلي تي ھلندڙ مقدمن ۾ مونکي بہ شامل ڪندا. ھن وڌيڪ چيو تہ ھن وٽ مون کي سزا ۽ ڦاھي لاءِ مناسب ثبوت آھن. ان ڏينھن مونکي يقين ھو تہ آئون بيگناھ ھئس ۽ پوليس جيڪو چاھي اھو ڪري سگھي پئي. ان ئي ڏينھن پوليس آفيسرن مون کي باقاعدي ٻئي وقت خدا جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيو. پر ھاڻي آئون ھڪ ناستڪ ٿي چڪو ھئس. مون پاڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ چاهيو ٿي تہ ڇا اهو صرف امن ۽ خوشي جي وقت ۾ آهي، تہ آئون هڪ ناستڪ هجڻ تي فخر ڪري سگهان ٿو، يا ڇا آئون ان ڏکئي وقت ۾ بہ انهن اصولن تي قائم رهي سگهان ٿو.
گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ، مون فيصلو ڪيو تہ آئون ڪنھن بہ صورت ۾ خدا تي يقين نہ ٿو ڪري سگهان ۽ نہ ئي دعا گهري سگهان ٿو.نہ، مون ڪڏھن بہ ائين نہ ڪيو. اھو اصل امتحان ھو ۽ آئون ڪامياب ٿيس. مون هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ ڪجھ ٻين شين جي قيمت تي پنھنجي سر کي بچائڻ جي خواھش نہ ڪئي. هاڻي آئون پڪو ڪافر هئس ۽ تڏهن کان آهيان. اهو امتحان پاس ڪرڻ ڪو سولو ڪم نہ هو. ”ايمان“ مشڪلاتن کي گھٽ ڪري ٿو ۽ ايتري جو انھن کي خوشگوار بڻائي ٿو. خدا ۾ انسان وڏي تسلي جو بنياد ڳولي سگهي ٿو. ان کان سواءِ انسان کي پاڻ تي ڀروسو ڪرڻو آھي. طوفانن ۽ واچوڙن جي وچ ۾ پنهنجن پيرن تي رهڻ، ڪا ٻارن جي راند ناهي. امتحان جي انهن آزمائشي لمحن ۾ جيڪڏهن وڏائي آهي تہ پوءِ اها پکڙجي ويندي آهي ۽ انسان کي پنهنجي ايمان کي رد ڪرڻ جي جرئت نہ هوندي آهي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو تہ اھو نتيجو ڪڍڻ گھرجي تہ هن ۾ نہ رڳو وڏائي آھي پر ڪا ٻي طاقت آهي. ھن وقت بلڪل اھا حالت آھي. فيصلي جي اڳيئي خبر آھي. ھڪ ھفتي جي اندر اعلان ڪيو ويندو تہ آئون پنھنجي زندگي ڪنھن مقصد لاءِ قربان ڪرڻ وارو آھيان. ان سوچ کان سواءِ ٻي ڪھڙي تسلي ٿي سگھي ٿي؟
هڪ هندو جيڪو خدا تي يقين رکي ٿو، ٻي جنم ۾ بادشاھ ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. هڪ مسلمان يا عيسائي جنت ۾ خوشحالي جي نعمت ۽ هن جي مصيبتن ۽ قربانين جي ثواب جو تصور ڪري سگهي ٿو. پر مون کي ڪھڙي اميد رکڻ گھرجي؟ مون کي خبر آهي تہ جنهن لمحي منهنجي ڳچيءَ ۾ رسي لٽڪائي ويندي ۽ منهنجي پيرن هيٺان تختو هٽايو ويندو، اهو ئي فل اسٽاپ هوندو- اهو ئي آخري لمحو هوندو. آئون يا مابعدالطبعياتي (Metaphysical) اصطلاح موجب روح سڀ اتي ئي ختم ٿي ويندا. اڳتي ڪجھ بہ نہ. جدوجهد جي هڪ مختصر زندگي، جنهن ۾ اهڙي شاندار پڄاڻي نہ هجي، پنهنجي پاڻ ۾ هڪ انعام هوندي – جيڪڏهن مون کي ان طريقي سان ڏسڻ جي همت هجي تہ. هتي يا آخرت جي انعامن جي ڪنهن بہ خود غرضي جي خواهش کان سواءِ، مون پنهنجي زندگي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آئون ٻيو ڪجھ بہ ڪري نہ سگهيس.
جنهن ڏينهن اسان کي اهڙا ڪيترائي مرد ۽ عورتون ملندا، جيڪي پنهنجي زندگي انسان جي خدمت ۽ ڏکايل انسانيت جي نجات کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڪم ۾ وقف نٿا ڪري سگھن، ان ڏينهن آزاديءَ جي دور جو آغاز ٿيندو. انهن وٽ استحصال ڪندڙن، ظالمن ۽ ظالمن کي چيلينج ڪرڻ جو حوصلو ھوندو. ان لاءِ نہ تہ انھن کي بادشاھ ٿيڻو آهي يا هتي يا ايندڙ جنم ۾ يا مرڻ کان پوءِ جنت ۾ ڪو ٻيو انعام ملڻو آهي. انهن کي انسانيت جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ لاهڻ ۽ آزادي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ڇا اھي انھيءَ رستي تي ھلندا، جيڪو پاڻ لاءِ خطرناڪ آھي پر انھن جي عظيم روح لاءِ اھو واحد رستو آھي؟ ڇا هن عظيم مقصد ۾ هن جي فخر کي غلط معنيٰ ڪڍي وڏائي سمجھيو ويندو؟ ڪير جرئت ڪندو اھڙا نفرت انگيز لفظ چوڻ جي؟ هو يا تہ بيوقوف آهي يا ڪوڙو. اسان کي هن کي معاف ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ هو ان اعليٰ سوچن، احساسن، جذبن ۽ انهن جي گھرائي کي محسوس نٿو ڪري سگهي جيڪي ھن دل ۾ ڦهليل آهن. ان جي دل گوشت جي ٽڪر وانگر مئل آھي. ٻين مفادن جي ڀوتن جي پاڇي ۾ سندس اکيون ڪمزور ٿي ويون آهن. خود اعتمادي کي هميشہ وڏائي چئي سگهجي ٿو. اهو اداس ۽ پريشان ڪندڙ آهي، پر ٻيو ڪو چارو ناھي.
توھان وڃو ٿا ۽ موجودہ عقيدي جي مخالفت ڪريو ٿا، توھان وڃو ٿا ۽ ھڪ ھيرو تي تنقيد ڪريو ٿا، ھڪ عظيم انسان جنھن کي عمومن تنقيد کان مٿانھون ٿو سمجھو وڃي ڇاڪاڻ تہ ھن کي بي مثال ٿو سمجھيو وڃي. توھان جي دليل جي طاقت ماڻھن کي توھان کي مغرور جي روپ ۾ مذمت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي. اھا ذھني بندش آھي. تنقيد ۽ آزاد خيالي ٻئي انقلابي جون لازمي خوبيون آهن. ڇاڪاڻ مھاتماجي عظيم آھي ان ڪري ڪنھن کي بہ مٿس تنقيد نہ ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تہ ھو مٿانھون ٿي چڪو آھي، تنھن ڪري ھو جيڪو بہ ڪجھ چوي ٿو – سياست يا مذھب، اقتصاديات يا اخلاقيات جي ميدان ۾ اھو صحيح آھي. توھان اتفاق رکندا ھجو يا نہ رکندا ھجو توھان کي ضرور چوڻو آھي ”ھا، اھو سچ \ صحيح آھي“. اھا ذھنيت ترقي ڏانھن نٿي وڃي، اھا تہ سڌي سنئين رجعت پسندي آھي.
ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪنهن نہ ڪنهن عظيم روح يعني خدا ۾ ايمان پيدا ڪيو هو. تنهن ڪري، جيڪو بہ شخص ان عقيدي جي سچائي يا ان عظيم روح جي وجود کي چيلينج ڪندو، ان کي منڪر، مرتد چيو ويندو. جيڪڏهن هن جا دليل ايترا تہ ناقابل ترديد آهن جو انهن کي دليلن سان رد نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ هن جو ايمان ايترو مضبوط آهي جو خدا جي غضب جي ڪري مصيبتن جو خوف ڏيکاري کيس دٻائي نہ ٿو سگهجي تہ پوءِ هن کي بيوقوف قرار ڏنو ويندو ۽ ھن جي روح کي بدنام ڪيو ويندو. پوءِ ڇو ھن فضول بحث ۾ وقت وڃائجي؟ پوءِ ڇو سڄي ڳالھ جا دليل پيش ڪجن؟ اھو سوال پھريون ڀيرو عوام آڏو اچي رھيو آھي. ۽ پھريون ڀيرو ان معاملي کي حقيقت پسندي سان آندو پيو وڃي، ان ڪري ھي ڊگھو بحث آھي.
جيسيتائين پھرين سوال جي ڳالھ آھي، آئون سمجھان ٿو تہ اھو واضح آھي تہ اھا منھنجي وڏائي نہ ھئي جيڪا مونکي دھريت ڏانھن وٺي وئي. منهنجي استدلال جو طريقو اطمينان بخش ثابت ٿئي ٿو يا نہ، اهو فيصلو منهنجي پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي، مون کي نہ. آئون ڄاڻان ٿو تہ موجودہ حالتن ۾خدا تي ايمان منهنجي زندگي کي آسان بڻائي ڇڏي ها، منهنجو بار هلڪو ٿئي ها ۽ منهنجي هن ۾ بي اعتباري سڄي ماحول کي بيحد خشڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ حالات شايد تمام سخت شڪل اختيار ڪري چڪا آھن. ٿورو تصوف ان کي شاعراڻو روپ ڏئي سگھي ٿو. پر منهنجي قسمت کي ڪنهن نشي جي سھاري جي ضرورت ناهي. آئون حقيقت شناس آهيان. آئون ضمير جي مدد سان اندروني فطرت تي فتح حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون هميشہ هن مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو آهيان. ڪوشش ڪرڻ انسان جو فرض آهي. ڪاميابي جو دارومدار موقعن ۽ ماحول تي آهي.
جيئن تہ ٻيو سوال اھو ھو تہ جيڪڏھن اھا وڏائي نہ ھئي تہ پوءِ پراڻي ۽ موجودہ عقيدي خدا جي وجود کي نہ مڃڻ جو ڪو سبب ھوندو. آئون ھاڻ ان ڳالھ تي پھتو آھيان. سمجھان ٿو تہ ڪو بہ ماڻهو جيڪو ٿورڙو عقلمند آھي، اھو پنھنجي ماحول کي منطقي طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. جتي سڌو سنئون ثبوت نہ آهي، اتي فلسفي جي اهميت آهي. جيئن آئون پھريان ئي پنھنجي ھڪ انقلابي ساٿي جي ڳالھ چئي چڪو آھيان تہ ”فلسفو انساني ڪمزوري جو نتيجو آھي“. جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي فرصت ۾ دنيا جي اسرار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل، ڇو ۽ ڪٿان، انهن سوالن کي سڌو سنئون ثبوتن جي غير موجودگي ۾ ھر ڪنھن پنهنجي پنھنجي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي مختلف مذهبي عقيدن ۾ ايترو تہ فرق نظر ٿو اچي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن دشمني ۽ جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ٿو. نہ رڳو اوڀر ۽ اولھ جي فلسفي ۾ اختلاف آهن، پر هر گول دائري جا پنهنجا پنهنجا اختلاف آهن. اوڀر جي مذهبن ۾ اسلام ۽ هندومت ۾ ڪا بہ مطابقت نہ آهي. خود هندستان ۾ ٻڌمت ۽ جين مت ان برهمڻزم کان بلڪل مختلف آهن، جن ۾ آريا سماج ۽ سناتن ڌرم جهڙا مخالف نظريا ملن ٿا. پراڻي زماني جو هڪ آزاد مفڪر چارواڪ آهي. هن قديم زماني ۾ خدا جي اختيار کي چيلينج ڪيو هو. اھي سڀ عقيدا ھڪ ٻئي کان بنيادي سوال تي مختلف آھن ۽ هر ڪو پاڻ کي صحيح ٿو سمجهي. بدقسمتي جي ڳالھ آهي تہ پراڻن مفڪرن جي تجربن ۽ خيالن کي مستقبل ۾ جهالت جي خلاف جنگ جو بنياد بڻائڻ بجاءِ ۽ ان پراسرار مسئلي جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ اسان سُستن وانگر روئي رهيا آهيون، جيڪو اسان ثابت ڪيو آهي، ان ۾ اڻ ڳڻيا ۽ بي پرواھ ايمان ۽ هر قسم جي ترقيءَ جي راھ ۾ رنڊڪ وجهڻ جا مجرم آھيون.
ڪو بہ ماڻهو جيڪو ترقيءَ لاءِ بيٺو آهي، ان کي پراڻي عقيدي جي هر شئي تي تنقيد، انڪار ۽ چيلينج ڪرڻو پوندو. هن کي هر شي جي بنياد کي موجودہ عقيدي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي سمجهڻو پوندو. جيڪڏهن غور فڪر کان پوءِ ڪنهن کي ڪنهن نظريي يا فلسفي تي يقين اچي ٿو تہ ان جي عقيدي کي ڀليڪار ڪيو ويندو. هن جو استدلال ڀليل، غلط، گمراھ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ ٿي سگهي ٿو. پر هو اصلاح جو ذميوار آهي ڇو تہ دليل هن جي زندگي جو رهنمائي ڪندڙ تارو آهي. پر رڳو ايمان ۽ انڌو عقيدو خطرناڪ آهي: اهو دماغ کي موڳو بڻائي ٿو ۽ انسان کي رجعت پسند بڻائي ٿو. هڪ ماڻهو جيڪو حقيقت پسند هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ان کي سڀني قديم عقيدن کي چئلينج ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ھو منطق جي حملي کي برداشت نٿو ڪري سگھي، اھو ٽڪر ٿي ويندو. ان کان پوءِ پھرين ڳالھ اھا آھي تہ نئين فلسفي جي قيام لاءِ، ان کي مڪمل طور ختم ڪري جاءِ خالي ڪري. اھو منفي پھلو آھي. پوءِ مثبت ڪم شروع ٿئي ٿو پراڻي عقيدن جي ڪجھ شين کي استعمال ڪندي ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ.
جيتري قدر منھنجو تعلق آھي آئون شروع ۾ ئي ان ڳالھ جو اعتراف ڪيان ٿو تہ ان نقطي تي منھنجو گھڻو مطالعو ناھي. مون کي مشرقي فلسفو پڙھڻ جي وڏي خواھش ھئي پر پڙھڻ جو ڪو موقعو ئي نہ مليو. پر جيتري قدر منفي مطالعو بحث ھيٺ آھي، آئون سمجھان ٿو تہ آئون ان حد تائين قائل آھيان تہ پراڻن عقيدن جي سچائي تي سوال اٿاريو وڃي. مون کي پورو يقين آهي تہ ڪنهن باشعور روح جو وجود ناهي جيڪو فطرت جي حرڪتن جي رھنمائي ۽ ھدايت ڪري ٿو. اسان فطرت ۾ يقين رکون ٿا ۽ سڄي ترقي پسند تحريڪ جو مقصد انسان جي خدمت لاءِ فطرت تي غلبو حاصل ڪرڻ آھي. ان پٺيان ان کي ھلائڻ لاءِ ڪا شعوري طاقت ناھي. اھو ئي آھي اسان جو فلسفو.

منفي طرف لاءِ، اسان ”مڃيندڙن“ کان ڪجھ سوال پڇڻ گھرون ٿا.

جيڪڏهن توهان مڃيو ٿا تہ هڪ قادر مطلق، حاضر ناضر، سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ عالم خدا آهي جنهن هن ڪائنات کي پيدا ڪيو تہ پوءِ مهرباني ڪري اھو ٻڌايو تہ هن ان کي ڇو پيدا ڪيو؟ مصيبتن ۽ ڏکن سان ڀريل دنيا – بيشمار مصيبتن جي دائمي ابدي اتحادن کان متاثر! هڪ بہ ماڻهو مڪمل طور تي مطمئن نہ آهي.
مهرباني ڪري اهو نہ چئو تہ اهو سندس قانون آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن قانون جو پابند آهي تہ پوءِ هو قادر مطلق نہ آهي. هو بہ اسان وانگر ھڪ غلام آهي. مهرباني ڪري اهو بہ نہ چئو تہ هي سندس تفريح آهي. نيرو صرف روم کي ساڙي ڇڏيو. هن تمام گهٽ ماڻهن کي قتل ڪيو. هن پنهنجي مڪمل وندر لاءِ، رڳو ٿورڙي بدامني پيدا ڪئي. ۽ تاريخ ۾ ان جو ڪهڙو مقام آهي؟ تاريخدان کيس ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟ مٿس سڀ زهريليون علامتون اڇلايون وڃن ٿيون. صفحا هن جي توهين جي جملن سان ڪارا ٿي ويا آهن، مذمت - نيرو هڪ بي دل، بي رحم، بڇڙو. هڪ چنگيز خان پنهنجي خوشنودي خاطر چند هزار جانيون کسي ورتيون ۽ اڄ اسان کي ان جي نالي کان نفرت آهي. تہ پوءِ اوھان پنهنجي قادرمطلق ابدي نيرو کي ڪيئن ثابت ڪرڻ وارا آھيو جيڪو هر روز، هر ڪلاڪ ۽ هر منٽ ۾ بيشمار سانحن جو سبب بڻجي رھيو آهي؟ پوءِ اوھان ڪيئن ٿا سوچو تہ ان جي غلط ڪمن ۾، جيڪي هر لمحي چنگيز خان کان وڌيڪ آهن؟ آئون چوان ٿو تہ ھن ھي دنيا ڇو پيدا ڪئي آھي – ھڪ سچي دوزخ، ھڪ مسلسل ۽ تلخ بدامني جي جاءِ؟ قادرمطلق ڇو انسان کي پيدا ڪيو جڏھن تہ ائين نہ ڪرڻ جي طاقت ھئي؟ ان سڄي ڳالھ جو ڪھڙو جواز آھي؟

ڇا اهو سڀ ڪجھ بعد ۾ بيگناھ مظلومن کي انعام ڏيڻ ۽ ظالمن کي سزا ڏيڻ لاءِ ٿي رهيو آهي؟ ٺيڪ ٺيڪ: آخر ڪيستائين اُن شخص کي جواز بخشيندا رهندا، جيڪو اسان جي جسم کي زخمي ڪرڻ جي جرئت ڪري پوءِ نرم ۽ سڪون وارو عطر لڳائيندو؟ تلوار باز (Gladiator) اداري جي منتظمين کي ڪهڙي حد تائين جائز قرار ڏنو ويو هو، تہ ماڻهوءَ کي بکايل وحشي شينهن جي اڳيان اڇلائڻ جو، جيڪڏهن هو وحشي جانورن کان پنهنجي جان بچائين تہ پوءِ ان جو بهتر خيال رکيو ويندو؟ ان ڪري آئون پڇان ٿو تہ ان باشعور عظيم روح هن دنيا ۽ ان ۾ موجود انسانن کي ڇو پيدا ڪيو؟ خوشي ڳولڻ لاءِ؟ پوءِ هن ۾ ۽ نيرو ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
اي مسلمانو ۽ عيسائيو! ھندو فلسفو اڃا ھڪ ٻيو دليل پيش ڪندو. توهان اڳئين جنم کي نہ مڃيندا آهيو. توھان هندن وانگر اهو بحث نہ ٿا ڪري سگھو تہ ظاهري طور تي بيگناھ ماڻهن جا ڏک انهن جي پوئين جنم جي ڪرتوتن جو نتيجو آهن. آئون توھان کان پڇان ٿو تہ انھي قادرمطلق ڇهن ڏينهن تائين لفظ جي ذريعي دنيا جي تخليق لاءِ ڇو محنت ڪئي؟ ۽ هو هر روز ڇو ٿو چوي تہ سڀ ٺيڪ آهي؟ اڄ کيس سڏيو. کيس ماضي جي تاريخ ڏيکاريو. کيس اڄ جي حالتن جو مطالعو ڪرڻ ڏيو. اھو ڏسون تہ هو اهو چوڻ جي جرئت ڪري ٿو تہ ”سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي“.
جيل جي خانن کان وٺي شانتيءَ وارن شهرن تائين، بک جي تڙپندڙ لکين انسانن کان وٺي استحصالي مزدورن تائين، جيڪي صبر سان سرمائيدار ويمپائر جي رت چوسيندڙ عمل کي ڏسندو رهيو ۽ انساني طاقت جي بربادي کي ڏسندو رهيو، جنھن کي ڪير بہ نہ ٿو ڏسي سگهي. ننڍو عقل بہ خوف سان ٿڙڪي پوندو، ۽ اهو سوچيندي تہ اضافي مال کي ضرورتمندن ۾ ورهائڻ کان بهتر آهي تہ ان کي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي، بادشاهن جي محلات ۾، جن جا بنياد انساني هڏن تي رکيا ويا آهن... اهو سڀ ڪجھ هن کي ڏسڻ ڏيو. ڏسو ۽ پوءِ چئو - سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي! ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ اهو منهنجو سوال آهي. تون خاموش آهين ٺيڪ آهي، تنهنڪري آئون اڳتي وڌندس.
۽ اوهين هندو، توهان چئو ٿا تہ جيڪي اڄ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي پوئين جنم جا گناهگار آهن. چڱو. توھان چئو ٿا تہ اڄ جا ظالم پنهنجي پوئين جنم ۾ ساڃاھ وند هئا، ان ڪري هو اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن. مون کي مڃڻو پوندو تہ توهان جا ابا ڏاڏا ڏاڍا چالاڪ ماڻهو هئا. هن اهڙا اصول ٺاهيا، جن ۾ عقل ۽ ڪفر جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪرڻ جي ڪافي طاقت آهي. اچو تہ تجزيو ڪيون تہ اھي ڪيئن ٽڪي سگھي ٿو.
مشھور فقہ جي مطابق، سزا صرف ٽن يا چئن سببن جي ڪري مجرم تي ان جي اثر جي بنياد تي ثابت ٿي سگهي ٿي. اهي آهن - مزاحمت، خوف ۽ اصلاح. اڄڪلھ انتقامي نظريي تي سڀني ترقي پسند مفڪرن پاران مذمت ڪئي وڃي ٿي. خوف جو اصول بہ اتي ئي ختم ٿئي ٿو. انسانيت جي ترقيءَ لاءِ اصلاح جو اصول ئي ضروري ۽ لازمي آهي. ان جو مقصد مجرم کي هڪ قابل ۽ امن پسند شهري جي حيثيت سان سماج ۾ واپس آڻڻ آهي. پر پوءِ بہ جيڪڏهن اسان انسانن کي مجرم سمجهون ٿا تہ پوءِ انهن کي خدا جي طرفان ڪهڙي نوعيت جي سزا ڏني وئي آهي؟ توهان چئو ٿا تہ هو انهن کي ڳئون، ٻڪريون، وڻ، ٻوٽا يا جانور ٺاهي موڪلي ٿو. توهان ڳڻيو تہ 84 لک سزائون اهڙيون آهن. آئون پڇان ٿو تہ انهن جو اثر انسان تي هڪ سڌارڪ جي حيثيت ۾ ڇا آهي؟ ڪيترا اهڙا ماڻهو مليا آهن، جيڪي چون ٿا تہ هو پنهنجي پوئين جنم ۾ ڪنهن گناھ جي ڪري گڏھ جي روپ ۾ پيدا ٿيا آهن؟ هڪ بہ نہ؟ پراڻن مان مثال نہ ڏيو. مون وٽ توھانجي افساني لاءِ ڪا جاءِ ناهي. ۽ پوءِ ڇا توهان کي خبر آهي تہ دنيا جو سڀ کان وڏو گناھ غريب هجڻ آهي. غربت هڪ گناھ آهي. هي هڪ سزا آهي.
آئون پڇان ٿو تہ ڪيتري حد تائين اسان کي سزا جي عمل جي ساراھ ڪرڻ گهرجي، جيڪو لازمي طور تي انسان کي وڌيڪ ڏوهن ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو؟ ڇا توهان جي خدا اهو نہ سوچيو هو يا هن کي بہ انسانيت جي ناقابل بيان مصيبتن جي قيمت تي تجربن ذريعي اهي سڀ شيون سکڻ گهرجن؟ توهان ڇا ٿا سمجهو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو غريب يا اڻ پڙهيل گهراڻي ۾ پيدا ٿئي ٿو، جهڙوڪ چمار يا ٻھاريدار جهڙو ماڻهو؟ هو غريب هئڻ ڪري پڙھي نٿو سگهي. هو پنهنجي همعصرن کان بيزاري ۽ ڪنارڪشي ڪري ٿو، جيڪي پاڻ کي اعليٰ ذات ۾ پيدا ٿيڻ سبب پاڻ کي اعليٰ سمجهن ٿا. هن جي بي خبري، هن جي غربت ۽ هن سان ٿيندڙ سلوڪ هن جي دل کي سماج کان پري ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ڪو گناھ ڪيو تہ پوءِ ان جو نتيجو ڪير ڀوڳيندو؟ خدا، هو پاڻ يا سماج جا بابا؟ ۽ انهن جي سزا جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، جن کي مغرور برهمڻن پاران ڄاڻي واڻي اڻڄاڻ رکيو ويو ۽ جن کي توھان جي مقدس ڪتابن يعني ويدن جي مقدس ڪتابن مان چند جملا ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ڪنن ۾ پگھريل سيسا وهائڻ جو عذاب ڀوڳڻو پيو؟ جيڪڏهن هنن ڪو ڏوھ ڪيو تہ پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ ۽ انهن جو ڌڪ ڪير کڻندو؟ منهنجا پيارا دوستو! اهي نظريا مراعات يافتہ ماڻهن جي ايجاد آهن. اهي انهن اصولن جي آڌار تي پنهنجي غصب ڪيل طاقت، سرمائي ۽ برتري کي جائز قرار ڏين ٿا. شايد اپٽن سنڪليئر ڪٿي لکيو آهي تہ انسان کي امرت ۾ يقين ڏياريو ۽ پوءِ ان جي سموري دولت ۽ مال لٽيو. هو توهان جي مدد ڪندو هن ڪم ۾ بغير ڪنهن شڪ جي. جيل، ڦاسيون، ڪوڙا ۽ اهي اصول مذهب جي پرچارڪن ۽ اقتدار جي مالڪن جي اتحاد مان ئي پيدا ٿين ٿا.
آئون پڇان ٿو تہ تنهنجو قادر مطلق خدا هر ماڻهوءَ کي ڇو نٿو روڪي جڏهن هو ڪو گناھ يا ڏوھ ڪري رهيو آهي؟ هو اهو ڪم تمام آساني سان ڪري سگهي ٿو. هن جنگجو بادشاهن جي جنگ جو خاتمو ڇو نہ ڪيو ۽ انسانيت کي عالمي جنگين جي آفتن کان ڇو نہ بچايو؟ هن انگريزن جي ذهنن ۾ هندستان کي آزاد ڪرڻ جو جذبو ڇو نہ پيدا ڪيو؟ اهو سرمائيدارن جي دلين ۾ پرهيزگاري جو جوش ڇو نہ ٿو پيدا ڪري تہ هو پيداوار جي وسيلن تي پنهنجا انفرادي ملڪيت جا حق ڇڏي ڏين ۽ اهڙي طرح نہ رڳو پوري پورهيت طبقي کي پر پوري انساني سماج کي سرمائيداريءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪن؟ توهان سوشلزم جي عملييت تي بحث ڪرڻ چاهيو ٿا. آئون ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ توهان جي رب تي ڇڏيان ٿو. ماڻهو سوشلزم جي خوبين تي يقين رکن ٿا، جيستائين عام ڀلائي جو تعلق آهي. ان جي مخالفت ان ڪري ڪن ٿا تہ اهو عملي ناهي. خدا اچي ۽ شيون صحيح ڪري. ھاڻ دليل ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو اھي مدي خارج آھن. انگريزن جو راڄ هتي ان ڪري نہ آهي جو خدا اھو ٿو چاهي، پر ان ڪري آهي جو انهن وٽ طاقت آهي ۽ اسان ۾ انهن جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ناهي. اهي اسان کي خدا جي مدد سان نہ، پر بندوقن، رائفلن، بمن ۽ گولين، پوليس ۽ فوج جي مدد سان پنهنجي راڄ هيٺ رکي رھيا آھن. اها اسان جي بي حسي آهي تہ اهي سماج جي خلاف سڀ کان وڌيڪ قابل مذمت جرم ڪاميابي سان ڪري رهيا آهن يعني هڪ قوم جو ٻي قوم جو ظالماڻو استحصال. خدا ڪٿي آهي؟ ھو ڇا ڪري رھيو آھي؟ ڇا هو انسانن جي انهن مصيبتن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي؟ هڪ نيرو، هڪ چنگيز!! ھن سان گڏ.
ڇا توھان مون کان پڇو ٿا تہ آئون هن دنيا جي شروعات ۽ انسان جي شروعات کي ڪيئن بيان ڪريان؟ ٺيڪ، آئون توهان کي ٻڌايان ٿو. چارلس ڊارون ان موضوع تي ڪجھ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کي پڙهو. سوھام سوامي جو ڪتاب ”Common Sense“ پڙھو. اھو ڪنھن حد تائين توھان جي سوال جو جواب ڏيندو. اهو فطرت جو هڪ رجحان آهي. ڌرتي هڪ نيبولا جي شڪل ۾ مختلف مادن جي حادثاتي ميلاپ سان ٺهي آھي. ڪڏهن؟ تاريخ کي ڏسو. هن قسم جي واقعي مان جانور پيدا ٿيا ۽ گهڻي عرصي ۾ انسان. ڊارون جو ڪتاب ”Origin of Species“ پڙهو. ۽ ان کان پوءِ سموري ترقي انسان جي فطرت سان مسلسل جدوجهد ۽ ان تي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جي ڪري ٿي. اهو شايد هن رجحان جي سڀ کان وڌيڪ ذيلي وضاحت آهي.

توهان جو ٻيو دليل اهو ٿي سگهي ٿو تہ ٻار انڌو يا منڊو ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ ڇا اھو سندس پوئين جنم ۾ ڪيل عملن جو نتيجو ناهي؟ ھن مسئلي کي حياتيات جي ماهرن صرف هڪ حياتياتي رجحان جي طور تي بيان ڪيو آهي. انهن جي مطابق سڄو بار انهن والدين جي ڪلهن تي هوندو آهي جيڪي شايد ڄاڻائي يا اڻڄاڻي ۾ جيڪي ڪم ڪن ٿا اھي ٻار تي اثرانداز ٿين ٿا.
يقينن توهان هڪ ٻيو ٻاراڻو سوال پڇي سگهو ٿا. جيڪڏهن خدا نہ آهي تہ پوءِ ماڻهو هن کي ڇو ٿا مڃين؟ منهنجو جواب چٽو ۽ صاف آهي. جنهن طريقي سان اهي ڀوتن ۽ بد روحن تي يقين ڪرڻ لڳا. فرق صرف اهو آهي تہ خدا ۾ عقيدو آفاقي آهي ۽ فلسفو انتهائي ترقي يافتہ آهي. ان جي شروعات جو ڪريڊٽ انهن استحصالي قوتن کي وڃي ٿو، جيڪي خدا جي وجود جي تبليغ ڪري، ماڻهن کي پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ چاهيندا هئا ۽ انهن کان پنهنجي خاص حيثيت جو اختيار ۽ منظوري گهرندا هئا. سڀئي مذهب، فرقا، عقيدا ۽ ٻيا اهڙا ادارا آخرڪار بي رحم ۽ استحصالي ادارن، فردن ۽ طبقن جا حامي بڻجي ويندا آهن. بادشاهي خلاف هر بغاوت هر مذهب ۾ هميشہ گناھ رهي آهي.
انسان جي حدن کي سڃاڻي، ان جي نقصن ۽ خامين کي سمجهي، انسان کي آزمائش جي وقت ۾ بهادري سان منهن ڏيڻ، مردانگي سان سڀني خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ خوشحالي ۽ آسودگي ۾ سندس ڌماڪي کي بند ڪرڻ جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هڪ خيال وجود ۾ آيو. خدا جو تصور ڪيو ويو، اھڙي مبالغدار انداز ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو ان جي ذاتي اصولن ۽ والدين جي سخاوت سان ڀريل ھو. ۽ جڏھن سختي ۽ ذاتي ضابطن جي ڳالھ اچي ٿي تہ ان کي خوفزدہ طور پيش ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ڪو بہ انسان سماج لاءِ خطرو نہ بڻجي. جڏهن هن جي سرپرستي خاصيتن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، ھن کي پيء، ماء، ڀاء، ڀيڻ، دوست ۽ مددگار طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڀني دوستن جي خيانت ۽ ڇڏي وڃڻ تي وڏي پريشاني ۾ هوندو آهي، تہ هو ان سوچ ۾ سڪون حاصل ڪري سگهي ٿو تہ هڪ سچو دوست هميشہ هن جي مدد لاءِ موجود آهي ۽ اهو تہ هو قادر مطلق آهي جيڪو ڪجھ بہ ڪري سگهي ٿو. درحقيقت اهو قديم زماني ۾ سماج لاءِ مفيد هو. خدا جو تصور درد ۾ مبتلا انسان لاءِ مفيد آهي.
سماج کي ان عقيدي کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏ بت پرستيءَ ۽ مذهب جي تنگ تصور سان بہ وڙهڻو آهي. انسان جڏهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ حقيقت پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تہ کيس ايمان کي هڪ طرف رکڻ گهرجي ۽ مردانگي سان انهن سڀني مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ گهرجي، جيڪي حالتون مٿس اچي سگھن ٿيون. اھو اڄ منهنجو موقف آهي. اها منهنجي انا ناهي، منهنجا دوست! اهو منهنجي سوچ جو انداز آهي جنهن مون کي ناستڪ بڻائي ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ خدا تي ايمان ۽ روزاني نماز انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خودغرض ۽ زوال وارو ڪم آهي. مون ناستڪن کي پڙهيو آهي جن بهادري سان سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏنو آھي. ان ڪري آئون بہ ھڪ مرد وانگر ڦاسي جي آخري گهڙي تائين سر بلندي سان بيهڻ چاهيان ٿو.
ڏسون تہ آئون ڪيئن ڪريان ٿو. منهنجي هڪ دوست مون کي دعا لاءِ چيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو تہ آئون ناستڪ آهيان، تڏهن چيائين، تنهنجي آخري ڏينهن ۾ تو کي يقين اچي ويندو. مون چيو، نہ پيارا دوست، ائين نہ ٿيندو. آئون پنھنجي لاءِ اھا بي عزتي ۽ بداخلاقي سمجھان ٿو. خود غرضي سبب، آئون دعا نہ گھرندس. پڙهندڙو ۽ دوستو، ”ڇا هي وڏائي آهي؟“ جيڪڏهن ائين آهي، مون کي قبول آهي.


__________
[1] ڪتاب “Common Sense” سوھام سوامي جو آھي، نيرالمبا سوامي جو نہ. ڀڳت سنگھ کان حوالو ڏيڻ ۾ غلطي ٿي آھي. نيرالمبا سوامي، سوھام سوامي جو شاگرد ھو.  

انقلابي جي زندگي ۾ پيار ۽ قرباني : شھيد سکديو ڏانھن خط

(هي خط هڪ انقلابي جي زندگيءَ ۾ محبت ۽ قربانيءَ جي سوال تي ڀگت سنگھ جي خيالن سان سلهاڙيل آهي. اهو خط شري شيو ورما لاهور کڻي ويو ۽ سکديو جي حوالي ڪيو، اهو 13 اپريل تي سندس گرفتاري وقت هن کان هٿ ڪيو ويو ۽ لاهور سازش ڪيس ۾ هڪ نمائش طور پيش ڪيو ويو.)


تاريخ: 5 اپريل، 1929

پيارا ڀاءُ،

جڏهن توھان کي هي خط ملندو تڏھن آئون هليو ويندس، ڪنهن ڏورانھين منزل ڏانهن وڃي رهيو آھيان. آئون توهان کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو تہ ڪيترن ئي انيڪ مٺي يادگيرين ۽ زندگيءَ جون سڀ خوشين ھوندي بہ آئون سفر لاءِ تيار آھيان. منھنجا ڀاءُ اڄ تائين هڪڙي ڳالھ منهنجي من کي چُڀي رھي ھئي، تہ منهنجي پنھنجي ڀاءُ مون کي غلط سمجهيو ۽ مون تي ھڪ انتھائي سنگين الزام، ڪمزوري جو الزام ھنيو. اڄ آئون مڪمل مطمئن آهيان. اڄ مون کي پهرين کان وڌيڪ محسوس ٿيو آھي تہ اھو ڪجھ بہ نہ ھو سواءِ ھڪ غلط فھمي جي ۽ غلط حساب ڪتاب جي. منھنجي سڌي ڳالھين کي گھڻ ڳالاھو ۽ منھنجي اقرار کي منھنجي ڪمزوري سمجھيو ويو. ۽ ھاڻ لڳيم پيو تہ اھا غلط فھمي ھئي ۽ صرف سمجھڻ آھي. آئون ڪمزور ناھيان، اسان مان ڪنھن کان بہ ڪمزور ناھيان، ڀاءُ. آئون صاف دل سان موڪلائيندس. ڇا توهان بہ صاف ٿيندو؟ اھا اوھان جي وڏي مھرباني ھوندي. پر ياد رکو تہ اوهان کي جلدبازي ۾ ڪو بہ قدم نہ کڻڻ گهرجي. سنجيدگي ۽ سڪون سان ڪم کي اڳتي وڌائڻو آھي. جلدبازي ۾ موقعو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندا. توھان جو عوام تي ڪجھ فرض آھي. اھو جاري رکڻ سان ئي پوري ڪري سگھو ٿا. ھڪ مشوري جي طور تي، آئون اھو ئي چاھيندس تہ آئون ايم.آر شاستري کي پھريان کان وڌيڪ پسند ڪيان ٿو. آئون ڪوشش ڪندس تہ ھن کي ميدان ۾ آڻيان، بشرطيڪ ھو پنھنجي پاڻ کي اونداھي مستقبل جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ھجي تہ. ۽ بلڪل واضح طور تي ان کي ٻين سان گڏ ملڻ جلڻ ڏيو تہ جيئن ھو انھن جي نفسيات پڙھي. جي ھو پنھنجو ڪم صحيح جذبي سان ڪندو تہ ھن کي بھتر سمجھيو ويندو. پنھنجي سھولت مطابق انتظام ڪريو. ھاڻ، ڀاءُ، خوش ٿيو.
آئون اھو ٿو چوان تہ آئون مدد نٿو ڪري سگھان پر ان سوال تي پنھنجو موقف رکان ٿو جنھن تي پاڻ بحث ڪري رھيا آھيون. ان پوري زور سان وري بہ چوان ٿو تہ آئون اميدن ۽ تمنائن سان ڀريل آهيان ۽ زندگي جي خوشين جي رنگن سان ڀريل آهيان، پر ضرورت جي وقت سڀ ڪجھ قربان ڪري سگهان ٿو ۽ اها ئي اصل قرباني آهي. اهي شيون ڪڏهن بہ انسان جي راھ ۾ رڪاوٽ نہ بڻجي سگهنديون، بشرطيڪ هو مرد هجي. توهان کي ويجهي مستقبل ۾ سڌو سنئون ثبوت ملندو. انسان جي ڪردار جي ڳالھ ڪندي هڪ ڳالھ چئي ھئي تہ ڇا محبت ڪڏهن انسان لاءِ مددگار ثابت ٿي آهي؟ آئون اڄ هن سوال جو جواب ڏيان ٿو - ها، اهو ميزيني هو. توهان ضرور پڙهيو هوندو تہ هن جي پهرين بغاوت جي ناڪامي، زبردست شڪست ھئي، هو پنهنجي مئل ڪامريڊن جي خوفناڪ سانحي کي برداشت نہ ڪري سگهيو. هو چريو ٿي وڃي ها يا خودڪشي ڪري ها، پر پنهنجي محبوبہ جي هڪ خط سان هو نہ رڳو ڪنهن کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويو، پر سڀني کان وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. جيتري قدر محبت جي اخلاقي سطح جو تعلق آهي تہ آئون اهو چئي سگهان ٿو تہ اها پنهنجي ذات ۾ ڪجھ بہ ناهي پر هڪ جذبو آهي، پر اها ڪا وحشي جبلت نہ آهي، اهو هڪ تمام مٺو انساني جذبو آهي. محبت پاڻ ڪڏهن بہ حيواني جبلت ناهي. محبت هميشہ انسان جي ڪردار کي بلند ڪري ٿي. اھا ھن کي ڪڏھن بہ گھٽ نہ ڪندي آھي بشرطيڪ محبت محبت ھجي. توھان انھن ڇوڪرين کي چريو يا بيوقوف نٿا چئي سگھو جن کي اوھان فلمن ۾ ڏسو ٿا – عاشق. اھي ھميشہ جانورن جي جذبن ۾ راند کيڏندا آھن. سچي محبت ڪڏهن بہ ٺاھي نہ سگهبي آهي. هو پنهنجي انداز ۾ اچي ٿي، پر ڪو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ ڪڏهن؟ اھا آھي پر قدرتي. ۽ آئون اهو چئي سگهان ٿو تہ هڪ نوجوان مرد ۽ نوجوان عورت هڪ ٻئي سان پيار ڪري سگهن ٿا ۽ انهن جي محبت جي مدد سان اهي پنهنجن جذبن کان مٿانهون ٿي سگهن ٿا، پنهنجي عفت کي برقرار رکي سگهن ٿا.
آئون هتي هڪ ڳالھ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو تہ جڏهن مون چيو هو تہ محبت انساني ڪمزوري آهي تہ اها ڳالھ ڪنهن عام ماڻهوءَ لاءِ نہ هئي، يا ان سطح جي جتي عام ماڻهو هوندا آهن. اها هڪ تمام مثالي صورتحال آهي، جتي انسان محبت – نفرت وغيرہ جي جذبن تي غالب اچي ٿو وڃي، جڏهن انسان پنهنجي عملن جو بنياد عقل تي ٿو رکي، پر جديد دور ۾ اها برائي نہ آهي، پر انسان لاءِ سٺي ۽ فائدي واري آهي. مون محبت جي مذمت ڪندي هڪ فرد جي محبت جي مذمت ڪئي آهي، پر اهو بہ هڪ مثالي سطح تي آھي. ان جي باوجود انسان ۾ محبت جو اهڙو گھرو جذبو هجڻ گهرجي، جنهن کي هو ڪنهن هڪ فرد تائين محدود نہ رکي، پر ان کي آفاقي رکڻ گهرجي. آئون سمجهان ٿو، آئون هاڻي پنهنجو موقف واضح ڪري چڪو آهيان، آئون اوهان کي هڪ ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ انقلابي خيالن جي باوجود، اسين آريہ سماج جي اخلاقيات جي نظريي کي نٿا اپنائي سگھون. اسان وڏيون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا ۽ آساني سان لڪائي سگهون ٿا، پر حقيقي زندگي ۾ اسان تمام جلدي ڊڄڻ شروع ڪندا آهيون. آئون اوھان کي چوندس تہ ڇڏي ڏي. ڇا آئون اوهان کي دل ۾ ڪنهن بہ غلط خيال کان سواءِ وڏي عاجزي سان گذارش ڪري سگهان ٿو تہ اوهان پنهنجي حد جي آئيڊيلزم کي ٿورڙو گهٽايو. ۽ انهن تي سخت نہ ٿيو، جيڪي پوئتي رهجي ويندا ۽ مون وانگر ساڳي بيماري جو شڪار ٿي ويندا. انهن جي مذمت ڪري انهن جي مصيبتن ۾ اضافو نہ ڪريو. انهن کي اوهان جي همدردي جي ضرورت آهي. آئون وري چوان ٿو ڇا آئون اميد ڪري سگھان ٿو تہ اوهان انهن سان همدردي جو اظھار ڪندا جن کي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي، بغير ڪنهن خاص شخص جي خلاف ڪاوڙ جي؟ پر اوهان انهن شين کي ان وقت تائين سمجهي نٿا سگهو جيستائين اوهان پاڻ ان شي جو شڪار نہ ٿيو. آئون هي سڀ ڇو لکي رهيو آهيان؟ مون بلڪل صاف ٿيڻ ٿي چاھيو. مون پنهنجي دل کي صاف ڪري ڇڏيو آهي.
اوهان جي هر ڪاميابي ۽ خوش زندگي جي خواهشن سان گڏ

اوھان جو
ڀڳت سنگھ

ڳاڙھو پمفليٽ

(ھي پمفليٽ ڀڳت سنگھ لکيو ھو. ان جون ڪاپيون ڀڳت سنگھ ۽ بٽيڪشور دت طرفان 8 اپريل 1929ع تي نئين دھلي ۾ سينٽرل ھال جي فرش تي ٻہ بم اڇلائڻ کان پوءِ اڇلايون ويون)



8 اپريل 1929ع تي وائسراءِ جو ، ٻن بلن کي نافذ ڪرڻ جو، اعلان ٿيو. جيتوڻيڪ ميمبرن جي اڪثريت ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي اڳ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو هو.

ھندستان سوشلسٽ ريپبلڪن آرمي (نوٽيس)

”ٻوڙن کي ٻڌائڻ لاءِ گجگوڙ جي ضرورت ھوندي آهي“ اهي لازوال لفظ فرانس جي هڪ بهادر انتشار پسند (Anarchist) شهيد ويلانٽ هڪ اهڙي ئي موقعي تي چيا هئا. اڄ اسان پنهنجي ڪم کي انهن ئي لفظن سان پروموٽ ڪريون ٿا.
هتي اسان گذريل ڏهن سالن جي سڌارن (مونٽاگو-چيمسفورڊ ريفارمز) جي ذلت آميز تاريخ کي نہ ورجائينداسين ۽ نہ ئي هن ايوان جي ذريعي هندستاني قوم تي مسلط ڪيل توهين جو ذڪر ڪنداسين جنھن کي ھندستاني پارليامينٽ چيو وڃي ٿو. اسان صرف ايترو چوڻ چاهيون ٿا تہ جڏهن اهي ماڻهو سائمن ڪميشن کان ڪجھ وڌيڪ سڌارن جي اميد ڪري رهيا آهن ۽ انهن انتظار جي هڏين جي ورهاڱي لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، ان وقت حڪومت اسان تي ”پبلڪ سيفٽي بل (Public Safety Bill)“ مسلط ڪري ڇڏيو آهي. ”تجارتي تڪراري بل (Trade Disputes Bill) “ جھڙا جابرانہ قانون مضبوط ڪيا ويا آھن ۽ پريس سيڊيشن بل (Press Sedition Bill) ايندڙ اجلاسن ۾ پيش ڪيو ويندو. کليل ميدان ۾ ڪم ڪندڙ مزدور اڳواڻن جي انڌاڌنڌ گرفتاريون واضح طور تي واضح ڪن ٿيون تہ هوا ڪهڙي طرف جي لڳي رهي آهي.
اهڙين انتهائي اشتعال انگيز حالتن ۾، هندستاني سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسيئشن، پوري سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ جي پوري احساس سان، فيصلو ڪيو، ۽ پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو تہ، هي خاص ڪم سرانجام ڏئي، تہ جيئن هن ذلت آميز قوت کي روڪي سگهجي. پرڏيهي بيوروڪريسي جا استحصل ڪندڙ پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪري سگهن ٿا، پر انهن جي اصل شڪل کي عوام آڏو بي نقاب ڪرڻ ضروري آهي.
عوام جي نمائندن کي گهرجي تي هو پنهنجي تڪن ۾ واپس وڃن ۽ عوام کي ايندڙ انقلاب لاءِ تيار ڪن ۽ حڪومت کي اهو بہ سمجهڻ گهرجي تہ پبلڪ سيفٽي بل، ٽريڊ ڊسپيوٽ بل ۽ هندستان جي لاچار عوام پاران لالا لجپت راءِ جي وحشياڻي قتل خلاف احتجاج ڪندي، اسان ان تاريخي سبق تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا تہ توهان ماڻهن کي ختم ڪري سگهو ٿا پر خيالن کي نہ. وڏيون وڏيون سلطنتون تباھ ٿي ويو پر خيال برقرار رھيا. بوربن ۽ زار زوال پذير ٿيا ۽ انقلاب فتح جا گيت ڳائي اڳتي وڌيو.
اسان انساني زندگي کي تمام مقدس سمجهون ٿا ۽ ان جي سونهري مستقبل جو خواب تڏهن ڏسندا آهيون جڏهن انسان مڪمل امن ۽ آزادي سان زندگي گذاريندو. اسان کي اهو اعتراف ڪندي افسوس ٿئي ٿو تہ اسين انقلابي آهيون، انساني رت وهائڻ تي مجبور آهيون.
پر ان عظيم ”انقلاب“ جي قربان گاھ تي چند ماڻهن جي قرباني، جيڪا سڀني لاءِ آزادي آڻي ٿي ۽ انسان جي ھٿان انسان جي استحصال کي ناممڪن بڻائيندي، اھو طئي آھي.

”انقلاب زنداباد“
صحيح

بلراج [1]
چيف ڪمانڊر

________
[1] بلراج ھندستان سوشلسٽ ريپبلڪن آرمي جي چيف ڪمانڊر چندر شيکر آزاد جو قلمي نالو ھو.

انقلاب ڇا آھي؟

(ڀگت سنگھ ۽ بٽڪيشور دت پاران اسيمبليءَ ۾ بم اڇلائڻ کان پوءِ، 6 جون 1929ع تي دهلي جي سيشن جج مس. ليونارڊ ميڊليٽن جي ڪورٽ ۾ ڏنل اسٽيٽمينٽ ۾ لوور ڪورٽ ۾ ڀگت سنگھ کان پڇيو ويو تہ اوھان انقلاب زنداباد جا نعرا ٿا ھڻو ان جو مطلب ڇا آھي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڀڳت سنگھ جو جواب.)


انقلاب لاءِ نہ خوني ويڙه ضروري آهي ۽ نہ ئي ان ۾ ذاتي انتقام جي ڪا جاءِ آهي. اهو بم ۽ پستول جو فرقو ناهي. انقلاب مان اسان جو مطلب ناانصافي تي ٻڌل موجودہ سماجي نظام ۾ بنيادي تبديلي آهي.
سماج جو هڪ وڏو حصو هجڻ جي باوجود اڄ پورهيتن کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي ۽ سندن محنت جو سمورو سرمايو استحصالي سرمائيدار هڙپ ڪري رهيا آهن. هاري جيڪي پنهنجي خاندان سميت ٻين کي ماني ڏيندا آهن، اهي هاڻي اناج جي لاءِ محتاج آهن. سڄي دنيا جي بازارن ۾ ڪپڙو سپلاءِ ڪرڻ وارن کي ايترو ڪپڙو بہ نہ ٿو ملي جو پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن کي ڍڪي سگهن. ٺڪر، لوهار ۽ ڪاريگر جيڪي خوبصورت محلات ٺاهيندا آهن، اهي گندگي جي اونداھي ۾ ويهي زندگيون ختم ڪري ڇڏيندا آهن. ان جي برعڪس سرمائيدار، استحصال ڪندڙ ۽ سماج جا چور ڦورو، ڪروڙين روپيا ماهوار ھڙپ ڪن ٿا. هي خوفناڪ آسمان ۽ جبري تعصب دنيا کي وڏي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. اها صورتحال گهڻي وقت تائين جاري رهي نہ سگهندي. واضح رهي تہ اڄ جو امير سماج هڪ خطرناڪ آتش فشان جي منهن تي ويٺي خوشيون ملهائي رهيو آهي ۽ استحصال ڪندڙن ۽ ڪروڙين استحصالي ماڻهن جا معصوم ٻار هڪ خوفناڪ کڏ جي ڪناري تي هلي رهيا آهن.
جيڪڏهن هن تهذيب جو محل بروقت نہ سنڀاليو ويو تہ اهو جلد ئي ڊهي پوندو. ملڪ کي بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي. ۽ اهو انهن جو فرض آهي، جيڪي ان ڳالھ کي سمجهن ٿا تہ سماج جي تعمير ڪميونسٽ اصولن تي ڪن. جيستائين اهو ڪم نہ ٿو ڪيو وڃي ۽ انسان جو انسان طرفان ۽ قوم طرفان قوم جو استحصال، جنهن کي سامراج چئبو آهي، ختم نہ ٿيندو، تيستائين انسانيت جو ان بدحالي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، ۽ ان وقت تائين دنيا جنگين کي ختم ڪرڻ جون سڀ ڳالهيون ڪندي. امن جي دور جو آغاز رڳو منافقت کان وڌيڪ ڪجھ بہ ناهي.
انقلاب مان اسان جو مطلب آخرڪار هڪ اهڙي سماجي نظام جو قيام آهي، جيڪو اهڙن بحرانن کان آزاد هجي ۽ جنهن ۾ محنت ڪش ماڻھن جي بالادستي هجي. ۽ ھڪ عالمي فيڊريشن قائم ٿيئي، جيڪا مظلوم انسانيت کي سرمائيداري جي زنجيرن ۽ سامراجي جنگ جي تباهيءَ کان آزاد ڪري سگهي.
اھو اسان جو آدرش آھي. ۽ انھي آدرش مان متاثر ٿي اسان صحيح ۽ سخت وارننگ ڏني آھي.
پر جيڪڏهن اسان جي ان خبرداريءَ تي ڌيان نہ ڏنو ويو ۽ موجودہ حڪومت اڀرندڙ افرادي قوت جي راھ ۾ رڪاوٽ وجهڻ کان باز نہ آئي تہ پوءِ انقلاب جي هن آدرش جي تڪميل لاءِ هڪ زبردست جنگ شروع ٿيڻي آهي. سڀني رڪاوٽن کي لٽيندي اڳتي وڌندي، ان جنگ جي نتيجي ۾ محنت ڪش مزدورن جي آمريت قائم ٿيندي. اها آمريت انقلاب جي نظرين جي تڪميل لاءِ راھ هموار ڪندي. انقلاب انسانيت جو فطري حق آهي، جنهن کي ڦري نٿو سگهجي. آزادي هر انسان جو عالمي حق آهي. پورهيت طبقو ئي سماج جو اصل پرورش ڪندڙ آهي، عوام جي اعليٰ طاقت جو قيام ئي پورهيت طبقي جو آخري مقصد آهي.
انهن نظرين ۽ ان عقيدي جي لاءِ جيڪا بہ سزا اسان کي ڏني ويندي، اسان ان جو خوشي سان استقبال ڪنداسين. اسان پنهنجي نوجوانن کي انقلاب جي هن عبادت گاھ تي خوشبو طور لاٿو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي عظيم آدرش لاءِ وڏي کان وڏي قرباني بہ گهٽ آهي. اسان مطمئن آهيون ۽ بيچيني سان انقلاب جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

انقلاب زنداباد

پنجاب جي شاگردن جي ڪانفرنس ڏانھن پيغام

(19 آڪٽوبر 1929ع تي لاهور ۾ سبھاش چندر بوس جي صدارت هيٺ ٻي پنجاب شاگرد ڪانفرنس ٿي. ڀگت سنگھ موقعي جو فائدو وٺندي شاگردن کي اهو پيغام موڪليو تہ هو 1930-31ع جي ايندڙ تحريڪ ۾ پوري دل سان شامل ٿين ۽ انقلاب جو پيغام ملڪ جي ڏورانهن ڪنڊن تائين پهچائين. اهو گڏيل طور تي بي ڪي دت سان دستخط ڪيو ويو. کليل اجلاس ۾ پيغام پڙهيو ويو. شاگردن پاران ڀڳت سنگھ زندا آباد جا نعرا هنيا ويا.)



ڪامريڊو،

هن وقت اسان نوجوانن کي بم ۽ پستول کڻڻ لاءِ نٿا چئي سگهون. اڄ شاگردن جي اڳيان هڪ وڌيڪ اهم ڪم آهي. لاهور جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪانگريس ملڪ جي آزادي لاءِ ڀرپور جدوجهد جو اعلان ڪندي. قومي تاريخ جي انهن ڏکين لمحن ۾ هڪ وڏي ذميواري نوجوانن جي ڪلهن تي هوندي. اهو سچ آهي تہ شاگردن هن آزاديءَ جي جنگ جي فرنٽ لائينز تي موت کي منهن ڏنو آهي. ڇا اهي امتحان جي هن گهڙيءَ ۾ بہ اهڙي ئي استقامت ۽ اعتماد جو مظاهرو ڪندا؟ نوجوانن کي انقلاب جو پيغام ملڪ جي هر ڪنڊ تائين پهچائڻو آهي انهن کي صنعتي علائقن جي ڪروڙين جھوپڙين جي رهواسين ۽ ڳوٺاڻن کي جاڳائڻو آهي، جيڪي اجڙيل ڪوٽن ۾ رهن ٿا، تہ جيئن اسان آزاد ٿي وينداسين ۽ انسان جي هٿان انسان جو استحصال ناممڪن بڻجي ويندو. پنجاب کي سياسي طور بہ پٺتي سمجهيو وڃي ٿو. ان جي ذميواري بہ نوجوانن تي آهي. اڄ ملڪ لاءِ سندن لامحدود عقيدت ۽ شهيد يتيندرناٿ داس جي عظيم قربانيءَ مان سکن ۽ ثابت ڪن تہ هو آزاديءَ جي هن جدوجهد ۾ مضبوطيءَ سان وڙهي سگھن ٿا.

انقلاب زنداباد جي نعري ھيٺ

(شري رامانند چترجي، ماڊرن ريويو جي ايڊيٽر، هڪ ايڊيٽوريل نوٽ ذريعي ”انقلاب زنداباد“ جي نعري جو مذاق اڏايو ۽ مڪمل طور تي غلط تشريح ڏني. ڀگت سنگھ جواب لکيو ۽ ان کي ماڊرن ريويو ڏانهن موڪلڻ لاءِ مئجسٽريٽ جي حوالي ڪيو. هي 24 ڊسمبر 1929ع جي دي ٽربيون ۾ ڇپيو.)


توهان پنهنجي معزز ميگزين جي ڊسمبر 1929ع واري شماري ۾ ”انقلاب زنداباد“ جي عنوان سان ھڪ تبصرو لکيو آهي ۽ ان نعري کي بي معنيٰ هجڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. اها اسان جي طرفان بي ادبي ھوندي تہ هڪ اهڙي پراڻي، تجربيڪار ۽ نامور صحافيءَ جي بيان کي رد ڪرڻ يا ان جي ترديد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جنھن جي شخصيت عظيم آھي، جنهن جي هر روشن خيال هندستاني تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو. تڏهن بہ اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا تہ ان جملي ذريعي جيڪو بيان ڪرڻ چاهيون ٿا، ان جي وضاحت ڪريون، جيئن تہ هن مرحلي تي هن ملڪ ۾ ھن ”رڙين\ نعرن“ کي پبليسٽي ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
اھو نعرو اسان نہ ٺاھيو آھي. اھو ساڳيو نعرو روس جي انقلابي تحريڪ ۾ استعمال ٿيندو ھو. مشهور سوشلسٽ ليکڪ اپٽن سنڪليئر، پنهنجي ناول ”بوسٽن اينڊ آئل“ ۾ ڪجھ انارڪيسٽ انقلابي ڪردارن ذريعي هن نعري کي استعمال ڪيو آهي. جملي جو مطلب ڪڏهن بہ اهو نہ آهي تہ ھٿياربند ويڙھ سدائين جاري رھي، يا ڪجھ بہ ڪڏهن بہ ٿوري وقت لاءِ بہ بيھڻ نہ گهرجي. گهڻي وقت تائين استعمال ٿيڻ سبب هن نعري کي هڪ اهڙو خاص احساس حاصل ٿي ويو آهي، جنهن کي ٻوليءَ ۽ اصطلاحن جي قاعدن جي بنياد تي ڪنهن معقول منطقي صورت ۾ ثابت نہ ٿو ڪري سگهجي، پر ساڳئي وقت هن نعري کي هڪ خاص خيال بہ ملي ٿو. جيڪي ان سان جڙيل آهن انهن کي جدا نہ ٿو ڪري سگهجي. اهي سڀ نعرا هڪ مڃيل معنيٰ جا اهڃاڻ آهن، جيڪو انهن ۾ هڪ حد تائين پيدا ٿيو آهي ۽ هڪ حد تائين ان ۾ سمايل آهي. مثال طور، اسان جتن داس زنداباد جو نعرو هڻي رهيا آهيون. ان جو اھو مطلب ناھي تہ داس جسماني طور ھميشہ جيئرو رھي. اسان جو مطلب آهي تہ سندس زندگيءَ جي عظيم آدرش کي هميشہ لاءِ رکڻو آهي ۽ ان جوش کي، جنهن هن عظيم قربانيءَ کي بيحد سختيون برداشت ڪرڻ ۽ ان آدرش لاءِ لاتعداد قربانيون ڏيڻ لاءِ متاثر ڪيو. هي نعرو هڻي اسان جي خواهش جو اظهار ٿو ڪيو وڃي تہ اسان بہ پنهنجي آدرشن لاءِ ڀرپور جوش ۽ جذبي کي اختيار ڪريون. هي جذبو آهي جنهن کي اسين ساراهيون ٿا.
ساڳيءَ طرح لفظ ”انقلاب“ جي لغوي معنيٰ نہ وٺڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو هن لفظ کي مناسب ۽ نامناسب استعمال ڪن ٿا، انهن جي مفادن جي لحاظ کان ان سان مختلف معنائون ۽ صفتون جڙيل آهن. ھي نعرو استحصال جي قائم ڪيل ايجنسين لاءِ اهو خون آلود وحشت جو احساس پيدا ڪري ٿو. انقلابين جي نظر ۾ هي هڪ مقدس جملو آهي. اسان سيشن جج دهليءَ جي سامهون اسيمبلي بم ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي بيان ۾ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ”انقلاب“ لفظ مان اسان جو مطلب ڇا آهي؟
ان بيان ۾ اسان چيو تہ انقلاب جو مطلب هٿياربند تحريڪ نہ آهي. بم ۽ پستول ڪڏهن ڪڏهن انقلاب کي ڪامياب بڻائڻ جو واحد وسيلو ٿي سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ بم ۽ پستول ڪجھ تحريڪن ۾ اهم اوزار ثابت ٿيندا آهن، پر ان لاءِ رڳو بم ۽ پستول انقلاب جو مترادف نہ آهن. بغاوت کي انقلاب نٿو چئي سگهجي، جيتوڻيڪ بغاوت جو آخري نتيجو انقلاب ئي ٿي سگهي ٿو. هڪ جملي ۾ لفظ انقلاب جي معنيٰ آهي ترقي لاءِ تبديليءَ جو جذبو ۽ تمنا. ماڻهو عام طور تي زندگي جي روايتي حالتن کي ڇڪيندا آهن ۽ تبديليءَ جي سوچ تي لرزندا آهن. هي بي حسي آهي، جنهن کي انقلابي جذبي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو تہ بي حسي جو ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ قدامت پسند قوتون انساني سماج کي غلط رستي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. اهي حالتون انساني سماج جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ۽ مفلوجي جو سبب بڻجن ٿيون. انسانيت جي روح کي انقلاب جي ان جذبي سان مستقل طور تي جوڙيو وڃي، تہ جيئن قدامت پسند قوتون منظم نہ ٿي سگهن ۽ انساني سماج جي ترقي ۾ رڪاوٽ نہ بڻجن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ پراڻي نظم هميشہ لاءِ نہ رهي ۽ ان ۾ نئين نظم جي گنجائش پيدا ٿئي، تہ جيئن هڪ مثالي نظم دنيا کي بگاڙ کان بچائي سگهي. هي اسان جو ارادو آهي، جنهن کي اسان پنهنجي دلين ۾ محفوظ ڪري ”انقلاب زندا آباد“ جو نعرو هڻون ٿا.


توهانجا مخلص
ڀڳت سنگھ
بي.ڪي دت

لينن جي ورسي تي ٽيليگرام

(21 جنوري 1930ع تي لاهور سازش ڪيس جا سمورا جوابدار ڳاڙها رومال پائي عدالت ۾ پيش ٿيا. جيئن ئي مئجسٽريٽ پنهنجي سيٽ تي ويٺو تہ هنن ”سوشلسٽ انقلاب زنداباد“، ”ڪميونسٽ انٽرنيشنل زنداباد“، ”عوام زنداباد“، ”لينن جي نالي تي زنداباد“ ۽ ”سامراجيزم ختم ڪريو“ جا نعرا بلند ڪيا. ان کان پوءِ ڀگت سنگھ ٽيليگرام جو متن عدالت ۾ پڙهيو ۽ مئجسٽريٽ تي زور ڀريو تہ ان کي ٽين انٽرنيشنل ڏانهن موڪليو وڃي.)


لينن جي ڏينهن جي موقعي تي اسان سڀني کي مبارڪباد پيش ڪندا آهيون جيڪي عظيم لينن جي مثالن کي اڳتي وڌائڻ لاء جيڪو ڪجھ بہ ڪري رهيا آهن. اسان ان عظيم تجربي جي ڪاميابيءَ جا خواھشمند آهيون، جيڪو روس ڪري رهيو آهي. اسان پنهنجو آواز ان عالمي مزدور طبقي جي تحريڪ ۾ شامل ڪريون ٿا. محنت ڪش مزدورن جي فتح ٿيندي. سرمائيداري کي شڪست ڏني ويندي. سامراجيت کي موت ايندو.

جئيديو گپتا ڏانھن خط

[ڀگت سنگھ هي خط جئيديو گپتا جيڪو ھن جي اسڪول جي ڏينهن کان ھن جو ويجهو دوست ھو ان کي ڪجھ ڪتابن لاءِ لکيو ھو. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ هو جيل ۾ ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهندو هو. ان مان اهو بہ ظاهر ٿئي ٿو تہ هو پنهنجي ڪامريڊن جي دانشورانہ ترقيءَ لاءِ ڪيترو چاھ رکندڙ هو.]


لاهور سينٽرل جيل
24.7.1930

منهنجا پيارا جئيديو،

مھرباني ڪري ھيٺ ڏنل ڪتاب دوارڪاداس لئبرريءَ مان منھنجي نالي تي وٺي آچر تي ڪلوير جي ھٿان موڪليو:

Militarism (Karl Liebknecht
(مليٽريزم: ڪارل ليبڪنيچ)
Why Men Fight (B. Russel)
(واءِ مئن فائيٽ: بي. رسل)

Soviets at Work Collapse of the Second International
(سويتس ائت ورڪ ڪوليپس آف دي سيڪنڊ انٽرنيشنل)
Left-Wing Communism Mutual Aid (Prince Kropotkin)
(ليفٽ ونگ ڪميونيزم ميوچل ائڊ: پرنس ڪروپوٽڪن)
Fields, Factories and Workshops Civil War in France (Marx)
(فيلڊس، فيڪٽريز ائنڊ ورڪشاپس سول وار ان فرانس: مارڪس)
Land Revolution in Russia Spy (Upton Sinclair)
(لئنڊ ريووليوشن ان رشيا اسپاءِ: اپٽن سنڪليئر)

مھرباني ڪري پنجاب پبلڪ لئبرريءَ مان ھڪڙو ٻيو ڪتاب موڪليو: ”Historical Materialism (Bukharin)“. ان سان گڏ، مهرباني ڪري لائبريرين کان پڇو تہ ڇا ڪجھ ڪتاب بورسٽل جيل ڏانهن موڪليا ويا آهن. اهي ڪتابن جي خوفناڪ قحط کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن ڪتابن جي لسٽ سکديو جي ڀاءُ جئيديو جي ذريعي موڪلي هئي. کين هن وقت تائين ڪو بہ ڪتاب ناھي مليو. جيڪڏھن انھن وٽ ڪا لسٽ نہ ھجي تہ مھرباني ڪري لالا فيروز چند کي چئجو تہ پنھنجي پسند جا ڪي دلچسپ ڪتاب موڪلين. ڪتاب منھنجي هن آچر تي اتي وڃڻ کان اڳ ضرور پھچن. هي ڪم لازمي آهي. مهرباني ڪري هن کي ذهن ۾ رکو.

۽ ”Punjab Peasants in prosperity and Debt by Darling“ ۽ ڊاڪٽر عالم لاءِ ان قسم جا ٻہ يا ٽي ڪتاب پڻ موڪلجو. اميد تہ توھان مون کي ھن تڪليف لاءِ معاف ڪندا. مان واعدو ٿو ڪيان تہ آئندہ توھان کي پريشان نہ ڪندس. مھرباني ڪري منھنجن دوستن کي ياد ڪندا ۽ لجاوتي کي منھنجو احترام پيش ڪندا. مونکي يقين آھي تہ جيڪڏھن دت جي ڀيڻ آئي تہ ھوءَ مونسان ملڻ نہ وساريندي.

خيرانديش

ڀڳت سنگھ

پيءُ ڏانھن خط

(30 سيپٽمبر 1930ع تي ڀگت سنگھ جي پيءُ سردار ڪشن سنگھ ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪري پنهنجو دفاع پيش ڪرڻ جو موقعو گهريو. سردار ڪشن سنگھ پاڻ بہ محب وطن هو ۽ قومي تحريڪ ۾ جيل بہ ويندو هو. هن ۽ ڪجھ ٻين محب وطن ماڻهن جو خيال هو تہ شايد ڀگت سنگھ جو دفاءُ پيش ڪري کيس کي ڦاسي جي ڦندي کان بچائي سگهجي ٿو، پر ڀگت سنگھ ۽ سندس ساٿي بلڪل مختلف پاليسي تي عمل ڪري رهيا هئا. پيءُ جي ڏنل درخواست تي ڀگت سنگھ جا جذبات بہ مجروح ٿيا، پر پنهنجي جذبن تي ضابطو رکي ۽ پنهنجي اصولن تي اصرار ڪندي هن 4 آڪٽوبر 1930ع تي اهو خط لکيو، جيڪو سندس والد مرحوم کي مليو.)



04 آڪٽوبر 1930

پيارا بابا،

مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي تہ توهان منهنجي دفاع لاءِ اسپيشل ٽربيونل ڏانهن درخواست موڪلي آهي. اها خبر ايتري تہ ڏکوئيندڙ هئي جو آئون خاموشي سان برداشت نہ ڪري سگهيس. ان خبر منهنجي اندر جي سڪون کي بگاڙي ڇڏيو آهي. آئون سمجهي نٿو سگهان تہ موجودہ حالتن ۾ توهان اهڙي قسم جي درخواست ڏئي سگهو ٿا ۽ ان حالت ۾. توھان جي پٽ هجڻ جي ناطي آئون توھان جي پيءُ جي جذبن ۽ خواهشن جو پورو احترام ڪريان ٿو، پر پوءِ بہ آئون سمجهان ٿو تہ توھان کي منهنجي صلاح کان سواءِ اهڙي درخواست ڏيڻ جو ڪو بہ حق نہ هو. توهان کي خبر هئي تہ سياسي ميدان ۾ منهنجا خيال توهان کان بلڪل مختلف هئا. مون هميشہ توهان جي رضامندي يا اختلاف جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ آزادي سان ڪم ڪيو آهي.
مون کي پڪ آهي تہ توهان کي ياد هوندو تہ توهان شروع کان وٺي مون کي اهو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيو تہ آئون پنھنجو ڪيس سنجيدگي سان وڙهان ۽ پنهنجو دفاع صحيح نموني سان پيش ڪريان، پر توهان کي اها بہ خبر آهي تہ آئون هميشہ ان جي مخالفت ڪندو رهيو آهيان. مون ڪڏهن بہ پنهنجو دفاع ڪرڻ جي ڪا خواهش ظاهر نہ ڪئي آهي ۽ نہ ئي ڪڏهن ان تي سنجيدگي سان غور ڪيو آھي. چاھي اھو صرف مبھم نظريو ھو يا مون وٽ پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ھئا، اھو ھڪ الڳ سوال آھي ان کي ھتي بحث نٿو ڪري سگھجي.
توهان کي خبر آهي تہ اسان هڪ خاص پاليسي موجب ڪيس وڙهي رهيا آهيون. منهنجو هر قدم هن پاليسي، منهنجي اصولن ۽ اسان جي پروگرام جي مطابق هجڻ گهرجي. اڄ حالتون بلڪل مختلف آهن. پر پوءِ بہ جيڪڏهن حالتون ان کان سواءِ ٻيون بہ هجن ها تہ دفاع پيش ڪرڻ وارو آخري شخص آئون هجان ها. ان سڄي ڪيس ۾ منهنجو فقط هڪ خيال هو ۽ اهو هو تہ اسان تي لڳايل سنگين الزامن جي باوجود ان معاملي ۾ مڪمل بي ڌياني سان ڪم ڪيو وڃي. منهنجو نقطئہ نظر اهو آهي تہ سمورن سياسي ڪارڪنن کي اهڙين حالتن ۾ لاتعلقيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ کين جيڪا بہ سخت سزا ڏني وڃي. ان کي مسڪراهٽ سان برداشت ڪرڻ گهرجي. دفاع صرف سياسي نقطئہ نظر سان ڪرڻ گھرجي، نہ ڪي ذاتي. هن آزمائش دوران اسان جو منصوبو هن اصول تي آهي. اسان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون يا نہ، ان جو فيصلو مون لاءِ ناهي. خود غرضي کي ڇڏي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون.
لاهور سازش ڪيس آرڊيننس جاري ڪرڻ وقت وائسراءِ طرفان ڏنل بيان ۾ هن چيو هو تہ ان سازش جا ذميوار امن امان کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان مان جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان اسان کي اهو موقعو ڏنو آهي تہ عوام آڏو اها ڳالھ پيش ڪريون تہ جيئن هو پاڻ ڏسي سگهن تہ اسان آھيون يا اسان جا مخالف آھن جيڪي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ماڻھن کي ان معاملي تي اختلاف ٿي سگهي ٿو. شايد توھان بہ انهن مان ھجو جن جو ان معاملي تي اختلاف آهي، پر ان جو ھرگز اھو مطلب ناھي تہ توھان مون سان صلاح ڪرڻ يا ٻڌائڻ کان سواءِ منهنجي طرفان اهڙو قدم کڻو. منهنجي زندگي ايتري قيمتي نہ آهي جيترو توهان سوچيو پيا. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ تہ هي زندگي ايتري قيمتي ناهي جو ان کي اصولن تي قربان ڪري بچايو وڃي. مون کان سواءِ ٻيا بہ ڪامريڊ آهن جن جا ڪيس مون جهڙا سنگين آهن. اسان گڏيل پلان جوڙيو آهي ۽ آخري دم تائين ان منصوبي تي قائم رهنداسين. اسان کي پرواه ناهي تہ اسان کي ذاتي طور تي ان جي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي آهي.
بابا، آئون ڏاڍو اداس محسوس ڪري رهيو آهيان. مون کي ڊپ آهي تہ توھان تي الزام هڻندي يا ان کان بہ وڌيڪ توھان جي هن ڪم جي مذمت ڪندي، آئون شرافت جون حدون پار ڪري وڃان ۽ منهنجا لفظ بہ سخت ٿي وڃن. پر آئون پنهنجي ڳالھ صاف لفظن ۾ ضرور چوندس. مونکي پٺي تي خنجر ھنيو ويو آھي. جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص مون سان اهڙو سلوڪ ڪري ھا تہ آئون ان کي ڪنهن ويساھ گھاتي کان گهٽ نہ سمجھان ھان. پر توھان جي معاملي ۾ آئون چوندس تہ اها هڪ ڪمزوري آهي، هڪ انتھائي ننڍي درجي جي ڪمزوري.
اهو هڪ وقت هو جڏهن اسان سڀني کي آزمائي رهيا هئاسين. آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو بابا، تہ توهان هن امتحان ۾ ناڪام ٿيا آهيو. مون کي خبر آهي تہ توھان بہ ايترا ئي محب وطن آهيو جيترو ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو. مون کي خبر آهي تہ توھان پنهنجي سڄي زندگي هندستان جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، پر آئون سمجهي نٿو سگهان تہ هن اهم موڙ تي توھان اهڙي ڪمزوري ڇو ڏيکاري؟
آخر ۾، آئون توهان کي، منھنجن ٻين دوستن ۽ جيڪي منهنجي ڪيس ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ آئون توهان جي هن قدم کي ناپسند ڪريان ٿو. آئون اڄ بہ عدالت ۾ پنهنجو دفاع پيش ڪرڻ جي حق ۾ نہ آهيان. جيڪڏهن عدالت اسان جي ڪجھ ڪامريڊن طرفان وضاحت وغيرہ لاءِ داخل ڪيل درخواست قبول ڪري ها تہ بہ آئون وضاحت پيش نہ ڪريان ها. بک هڙتال جي ڏينهن ۾ مون ٽربيونل ۾ جيڪا درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ مون جيڪو انٽرويو ڏنو هو، ان جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيو آهي تہ آئون پنهنجي وضاحت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جيتوڻيڪ مون هميشہ وضاحتون پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي. اڄ بہ مون وٽ اهي ئي خيال آهن، جيئن مون وٽ ان وقت هئا. بورسٽل جيل ۾ منهنجا ساٿي قيدي ان ڳالھ کي منهنجي طرفان غداري ۽ دغابازي سمجهي رهيا هوندا. مون کي پنھنجو موقف بيان ڪرڻ جو موقعو بہ نہ ملندو.

آئون چاهيان ٿو تہ عوام ان حوالي سان پيدا ٿيل مونجهارن جي حقيقت کان واقف ٿئي. ان ڪري آئون توهان کي گذارش ٿو ڪريان تہ هي خط جلد کان جلد شايع ڪريو.

توهان جو پيارو پٽ
ڀڳت سنگھ

بي.ڪي دت ڏانھن خط

(هن خط مان اندازو ٿئي ٿو تہ ڀگت سنگھ انهن ڪامريڊن مان ڪهڙي اميد رکي ٿو، جيڪي موت جي سزا کان بچي ويندا.)


نومبر 1930

پيارا ڀاءُ،

فيصلو ٻڌايو ويو آهي. مون کي موت جي سزا ڏني وئي آهي. انهن قيدخانن ۾ مون کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي قيدي آهن، جن کي ڦاسي جو انتظار آهي. انهن ماڻهن جي اها ئي دعا آهي تہ هو ڪنهن نہ ڪنهن طرح ڦاسي کان بچي وڃن. انھن مان شايد آئون اڪيلو ماڻھو آھيان، جيڪو بيچيني سان انھي ڏينھن جو انتظار ڪري رھيو آھي، جڏھن مون کي پنھنجي آدرشن لاءِ ڦاسي جي تختي تي چڙھڻ جي سعادت حاصل ٿيندي.

آئون خوشيءَ سان ڦاسي جي تختي تي چڙهندس ۽ دنيا کي ڏيکاريندس تہ انقلابي ڪهڙي بهادريءَ سان پنهنجي مقصد لاءِ قربان ٿي سگهن ٿا.

مون کي موت جي سزا ڏني ويندي، پر توهان کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي آهي. توهان جيئرا رهندو ۽ جيئرو رھندي، توهان کي دنيا کي ڏيکارڻو پوندو تہ انقلابي نہ رڳو پنهنجي نظرين لاءِ مرندا آهن پر هر آفت کي منهن ڏئي سگهندا آهن. موت کي دنياوي مشڪلاتن کان بچڻ جو وسيلو نہ هئڻ گهرجي. اهي انقلابي جيڪي اتفاق سان آدرش جي لاءِ ڦاسي جي ڦندي مان بچي نڪتا پر جيل جي اونداهي خانن ۾ بدترين قسم جا تشدد بہ برداشت ڪيا.


توھان جو
ڀڳت سنگھ

نوجوان سياسي ڪارڪنن ڏانھن

(2 فيبروري 1931ع تي لکيل هي دستاويز هندستان جي نوجوان سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ قسم جو پيغام آهي. ان وقت ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ ڪنهن قسم جي ٺاھ جون ڳالهيون هوا ۾ هيون. هن دستاويز ذريعي ڀگت سنگھ وضاحت ڪئي تہ ڪڏهن سمجهوتو جائز آهي ۽ ڪڏهن نہ. هن اهو بہ واضح ڪيو تہ ڪانگريس جنهن طريقي سان تحريڪ هلائي رهي آهي، اها ڪنهن نہ ڪنهن سمجهوتي ۾ ختم ٿيڻ جي پابند آھي. پوءِ موجودہ حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، هن آخر ۾ نوجوانن کي صلاح ڏني تہ مارڪسزم کي نظريي جي طور تي اپنائن، ماڻهن ۾ ڪم ڪن، مزدورن ۽ هارين کي منظم ڪن ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهين.)


پيارا ڪامريڊو

هن وقت اسان جي تحريڪ انتهائي اهم مرحلي مان گذري رهي آهي. گول ميز ڪانفرنس، هڪ سال جي سخت جدوجهد کان پوءِ، آئيني سڌارن جي حوالي سان ڪجھ ڳالهيون اسان جي سامهون پيش ڪيون آهن ۽ ڪانگريسي اڳواڻن کي چيو ويو آهي تہ اهي موجودہ حالتن ۾ پنهنجو احتجاج واپس وٺي ان ۾ مدد ڪن. اسان لاءِ اها ڪا اهميت واي ڳالھ نہ آهي تہ هو تحريڪ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا يا نہ. يقين آهي تہ موجودہ تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ ۾ ختم ٿيندي. اها ڳالھ الڳ آهي تہ معاهدو جلد ٿئي ٿو يا دير سان. حقيقت ۾، سمجهوتو خراب يا ناپسنديدہ شي ناهي، جيئن اهو اڪثر سمجھيو ويندو آهي. هي سياسي جدوجهد جو هڪ لازمي شرط ۽ سياسي حڪمت عملي آهي. جيڪا بہ قوم ظالم حڪمرانن جي خلاف اٿي کڙي ٿيندي آھي اھا شروعات ۾ ئي ناڪام ٿيندي آھي. جدوجھد جي وچ ۾ ڪجھ اڌ سڌارا سمجھوتي ذريعي حاصل ڪيا ويندا آھن، ۽ صرف آخري مرحلي تي- جڏھن سموريون قوتون ۽ وسيلا پوريءَ طرح متحرڪ ٿي وڃن تہ حڪمران طبقي کي ناس ڪرڻ لاءِ آخري زور لڳائي سگھجي ٿو. پر اهو بہ ممڪن آهي تہ پوءِ بہ ناڪامي ملي ۽ ڪنهن قسم جو سمجهوتو ضروري ٿي پوي. اهو روس جي مثال سان چڱي طرح بيان ڪري سگهجي ٿو.
1905ع ۾ جڏهن روس ۾ انقلابي تحريڪ شروع ٿي تہ سياسي اڳواڻن کي وڏيون اميدون هيون. لينن پرڏيھ مان موٽي آيو ھو، جتي هن پناھ ورتي هئي، ۽ جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ماڻهو ھن کي ٻڌائڻ اچن ٿا تہ درجنين جاگيردار مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي محل ساڙيا ويا آهن. لينن جواب ۾ چيو تہ واپس وڃو ۽ 1200 جاگيردارن کي ماريو ۽ اوترن ئي محلن کي ساڙيو. ڇو تہ ناڪام بہ ٿيو تہ ان جو ڪو مطلب ھوندو. ڊوما (روسي پارليامينٽ) قائم ڪئي وئي. ساڳي لينن ڊوما ۾ شموليت جي حمايت ڪئي. اها 1907ع جي ڳالھ آهي، جڏهن 1906ع ۾ هو پهرين ڊوما ۾ حصو وٺڻ جي خلاف هو، ان حقيقت جي باوجود تہ ان ڊوما ۾ ڪم ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا هئا ۽ هن ڊومي جا اختيار انتهائي محدود هئا. اهو فيصلو بدليل حالتن جي ڪري ڪيو ويو. رد عمل واري قوتون هاڻي عروج تي هيون ۽ لينن ڊوما جي فورم کي سوشلسٽ خيالن تي بحث ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ پئي چاهيو.

وري 1917ع جي انقلاب کان پوءِ، جڏهن بالشويڪ کي مجبور ڪيو ويو تہ هو بريسٽ-ليتووسڪ جي معاهدي تي صحيحون ڪن، تڏهن لينن کان سواءِ هر ڪنهن ان جي مخالفت ڪئي. پر لينن چيو، ”امن“، ”امن ۽ وري امن! ڪنهن بہ قيمت تي امن ٿيڻ گهرجي.“ جڏهن ڪجھ بالشويڪ مخالفن هن معاهدي لاءِ لينن تي تنقيد ڪئي، تڏهن هن واضح طور تي چيو تہ بالشويڪ جرمن حملي کي برداشت ڪرڻ جي قابل نہ آهن، ان ڪري مڪمل تباهي تي هڪ معاهدي کي ترجيح ڏني.
آئون جيڪا ڳالھ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو تہ ڳالھ ٻولھ هڪ اهڙو اهم هٿيار آهي، جنهن کي جدوجهد جي ترقي سان استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو، پر جنهن ڳالھ کي هميشہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي، اهو آهي تحريڪ جو مقصد. اسان کي انهن مقصدن بابت بلڪل واضح هجڻ گهرجي جن لاءِ اسان وڙهندا آهيون. اهو اسان کي اسان جي تحريڪ جي ڪاميابين، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ايندڙ پروگرام ٺاهڻ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تلڪ جي پاليسي - ان جي مقصد جي لحاظ کان - يعني هن جي حڪمت عملي تمام سٺي هئي. توهان پنهنجي دشمن کان سورهن آنا حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهندا آهيو. توهان هڪ آنو حاصل ڪريو ٿا، ان کي کيسي ۾ رکو ۽ باقي لاء وڙهندا رهو. اعتدال پسندن ۾ جيڪا ڳالھ اسان نوٽ ڪريون ٿا، اها سندن آدرش آهي. اهي ھڪ آني لاءِ وڙھندا آھن انڪري انھن کي کي ڪجھ بہ حاصل نٿو ٿئي. انقلابين کي اها ڳالھ هميشہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ هو هڪ اهڙي انقلاب لاءِ وڙھي رھيا آھن، جيڪو بنيادي تبديلي آڻيندو. کين اقتدار جي ڏور مڪمل طور تي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻي آهي. معاهدن جو خوف ان ڪري آهي جو رجعت پسند قوتون معاهدي کان پوءِ انقلابي قوتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اسان کي اهڙن موقعن تي تمام گهڻو محتاط رهڻ گهرجي تہ جيئن حقيقي مسئلن خاص طور تي مقصد کي بگاڙجي نہ. انگلينڊ جي ليبر پارٽي حقيقي جدوجهد سان خيانت ڪئي آهي ۽ اُهي (ان جا اڳواڻ) صرف ڪرپٽ سامراج بڻجي ويا آهن. منهنجي خيال ۾ جنوني رجعت پسند اسان لاءِ انهن رنگيل سامراجي مزدور اڳواڻن کان بهتر آهن. اسان کي حڪمت عملي بابت لينن جي زندگيءَ ۽ ان جي تحريرن تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي. ٺاھ جي معاملي تي سندس واضح خيال ”کاٻي ڌر“ ڪميونزم ۾ ملن ٿا.
مون چيو آهي تہ موجودہ تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ تي ختم ٿي ويندي يا مڪمل ناڪامي تي.
مون اهو ان ڪري چيو آهي تہ منهنجي خيال ۾ حقيقي انقلابي قوتون هن وقت ميدان ۾ نہ آهن. اها جدوجهد وچولي طبقي جي دڪاندارن ۽ چند سرمائيدارن جي زور تي هلي رهي آهي. اهي ٻئي طبقا خاص ڪري سرمائيدار پنهنجي ملڪيت يا مال کي خطري ۾ وجهڻ جي جرئت نٿا ڪري سگهن. حقيقي انقلابي قوتون ڳوٺن ۽ ڪارخانن ۾ آهن - هارين ۽ مزدورن ۾ آھن. پر اسان جا ”بورجوا“ (خوشحال) اڳواڻ انھن کي منھن ڏيڻ جي جرئت نٿا ڪن ۽ نٿا ڪري سگھن. اهي ستل شينهن هڪ دفعو پنهنجي اوندھ جي ننڊ مان جاڳندا تہ اسان جي اڳواڻن جا مقصد پورا ٿيڻ کان پوءِ بہ اهي رڪجڻ وارا نہ آهن. 1920ع ۾ احمد آباد جي مزدورن سان پنهنجي پهرين تجربي کان پوءِ، مهاتما گانڌي چيو هو تہ، ”اسان کي مزدورن سان اتحاد نہ ڪرڻ گهرجي. ڪارخانن جي رواجي ماڻھن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ خطرناڪ آهي“ (دي ٽائمس، مئي 1921). ان وقت کان وٺي هن ڪلاس کي ڪڏھن بہ گڏ کڻي وڃڻ جي زحمت نہ ڪئي وئي. ساڳي حالت هارين جي آهي. 1922ع جو باردولي ٺھراء اهو واضح ڪري ٿو تہ اڳواڻن کي خطرو محسوس ٿيو جڏهن هنن هارين جي بغاوت کي ڏٺو، جنهن کي نہ رڳو ڌارين قوم جي تسلط کان آزادي حاصل ڪرڻي هئي، پر مقامي زميندارن جون زنجيرون بہ ٽوڙڻيون هيون.
اهو ئي سبب آهي جو اسان جا اڳواڻ هارين جي اڳيان جهڪڻ بدران انگريزن آڏو گوڏا کوڙڻ پسند ڪن ٿا. پنڊت جواهر لال کي ڇڏي، توهان ڪنهن اهڙي اڳواڻ جو نالو ٻڌائي سگهو ٿا جنهن مزدورن يا هارين کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟ نہ، اھو خطرو نہ کڻندا. اهو ئي آهي جنهن جي انهن ۾ گهٽتائي آهي، ان ڪري آئون چوان ٿو تہ اهي مڪمل آزادي نٿا چاهين. معاشي ۽ انتظامي دٻاءُ کي لاڳو ڪري، اهي ڪجھ وڌيڪ سڌارا، يعني هندستاني سرمائيدارن لاءِ ڪجھ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڪري آئون چوان ٿو تہ هن تحريڪ جي ٻيڙي ٻڏڻ واري آهي- شايد بغير ڪنهن ٺاھ جي يا ان بغير. نوجوان ڪارڪن، جيڪي پوري دل سان ”انقلاب زنداباد“ جا نعرا هڻن ٿا، اهي پاڻ مڪمل طور تي منظم نہ آهن ۽ پنهنجي تحريڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي طاقت نٿا رکن. حقيقت ۾ پنڊت موتي لال نهرو کان سواءِ اسان جا وڏا اڳواڻ ڪا بہ ذميواري کڻڻ نٿا چاهين. اهو ئي سبب آهي جو هو هر ڀيري گانڌي جي اڳيان غير مشروط طور تي گوڏن ڀر گوڏا کوڙيندا آهن. اختلاف راءِ جي باوجود بہ سخت مخالفت نہ ڪندا آهن ۽ گانڌي جي ڪري ٺهراءُ پاس ڪيا ويندا آهن.
اهڙين حالتن ۾ آئون انقلاب لاءِ سنجيدہ نوجوان ڪارڪنن کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو تہ مشڪل وقت اچڻ وارو آهي، هوشيار رهو، حوصلو نہ هاريو ۽ مونجهارن ۾ نہ پئو. عظيم گانڌي جي ٻن جدوجهدن جي تجربن کان پوءِ، اسان اڄوڪي صورتحال ۽ مستقبل جي پروگرام بابت واضح راءِ قائم ڪري سگهون ٿا.
هاڻي آئون هن ڪيس کي بلڪل سادي انداز ۾ بيان ڪندس. توھان ”انقلاب زندا آباد“ جو نعرو بلند ڪريو. آئون سمجهان ٿو تہ توهان سمجهي رهيا آهيو تہ ان جو مطلب ڇا آهي. اسان جي اسيمبلي بم ڪيس ۾ ڏنل تعريف مطابق انقلاب جو مطلب موجودہ سماجي ڍانچي ۾ مڪمل تبديلي ۽ سوشلزم جو قيام آهي. هن مقصد ڏانهن اسان جو پهريون قدم طاقت حاصل ڪرڻ آهي. حقيقت ۾ رياست يعني سرڪاري مشينري، حڪمران طبقي جي هٿن ۾ صرف هڪ اوزار آهي، جنهن جي پنهنجي مفادن جي حفاظت ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ. اسان چاهيون ٿا تہ هن اوزار کي کسي ان کي پنهنجي آدرشن جي پورائي لاءِ استعمال ڪريون. اسان جي مثالي سماجي جوڙجڪ نئين انداز ۾ آهي، يعني مارڪسسٽ انداز ۾. ان مقصد لاءِ حڪومتي مشينري کي استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. عوام کي مسلسل تعليم ڏيڻي پوندي تہ جيئن ان جي سماجي پروگرام جي تڪميل لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. اسان کين سٺي تربيت ۽ تعليم صرف جدوجهد دوران ئي ڏئي سگهون ٿا.
انهن ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ، يعني پنهنجي فوري ۽ حتمي مقصد کي واضح طور سمجهڻ سان، اسان اڄ جي صورتحال جو تجزيو ڪري سگهون ٿا. ڪنهن بہ صورتحال جو تجزيو ڪرڻ وقت اسان کي هميشہ مڪمل طور تي مخلص ۽ عملي هجڻ گهرجي. اسان ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هندستان جي حڪومت ۾ هندستانين جي شموليت جي حوالي سان اٿل پٿل هئي، تڏهن منٽو مارلي سڌارا لاڳو ڪيا ويا هئا، جن ذريعي وائسراءِ ڪائونسل کي صرف مشاورتي اختيار ڏنا ويا هئا. پهرين عالمي جنگ دوران، جڏهن هندستاني امداد جي تمام گهڻي ضرورت هئي، هڪ خودمختيار حڪومت جو واعدو ڪيو ويو ۽ موجودہ سڌارن تي عمل ڪيو ويو. اسيمبليءَ کي قانون سازي جا ڪجھ محدود اختيار ڏنا ويا، پر سڀ ڪجھ وائسراءِ جي خوشنودي تي منحصر هو. هاڻي ٽيون مرحلو آهي.
هاڻي سڌارن تي ڳالھ ٻولھ ٿي رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ انهن تي عمل ڪيو ويندو. هاڻي نوجوان انهن کي ڪيئن آزمائي سگهن ٿا؟ هي هڪ سوال آهي. مون کي خبر ناهي تہ ڪانگريس جا اڳواڻ کيس ڪيئن انصاف ڏيندا؟ پر اسان انقلابي انهن جو فيصلو هيٺين معيارن تي ڪنداسين.

1. حڪومت جي ذميواري ڪيتري حد تائين هندستانين جي حوالي ڪئي وئي آهي؟
2. حڪومت هلائڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي حڪومت ٺهي ٿي ۽ عام ماڻهن کي ان ۾ حصو وٺڻ جو ڪهڙو موقعو ملي ٿو؟
3. مستقبل ۾ ڪهڙا امڪان آهن ۽ انهن ڪاميابين کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟

شايد ڪجھ وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. پهرين ڳالھ اها آهي تہ اسان جي عوام جا نمائندا ايگزيڪيوٽو مٿان ڪيترا اختيار ۽ ذميداريون حاصل ڪن ٿا. هن وقت تائين ايگزيڪيوٽو کي قانون ساز اسيمبليءَ جو ذميوار نہ بڻايو ويو آهي. وائسراءِ وٽ ويٽو جو اختيار آهي، جيڪو چونڊيل نمائندن جي سڀني ڪوششن کي بي اثر ڪري ٿو، روڪي ٿو. اسان سوراجيا پارٽي جا شڪر گذار آهيون جن جي ڪوششن لاءِ وائسراءِ بي شرميءَ سان هن طاقت کي بار بار استعمال ڪيو ۽ قومي نمائندن جي باوقار فيصلن کي پيرن هيٺان لتاڙيو. اهو بلڪل واضح آهي ۽ وڌيڪ بحث جي ضرورت ناهي.
اچو تہ سڀ کان پهرين غور ڪريون تہ ايگزيڪيوٽو جي قيام جو ڪهڙو طريقو آهي؟ ڇا ايگزيڪيوٽو اسيمبليءَ جا چونڊيل ميمبر چونڊيا ويندا يا انھن کي اڳي ئي مٿان کان لاڳو ڪيو ويندو؟ ڇا اهي اسيمبليءَ کي جوابدہ هوندا يا اڳ وانگر اسيمبليءَ جي توهين ڪندا؟
جيستائين ٻئي نقطي جو تعلق آهي، اسان ان کي بالغ جي ووٽ جي حق جي نقطہ نظر کان ڏسي سگهون ٿا. ملڪيت جي شرط کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ يونيورسل ووٽنگ جو حق ڏنو وڃي. هر بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي. هاڻي اسان صرف اهو ڏسي سگهون ٿا تہ ووٽ جو حق ڪيتري حد تائين ڏنو ويو آهي.
هتي آئون صوبائي خودمختياري بابت ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو. مون جيڪو ڪجھ ٻڌو آهي، تنهن مان اهو چئي سگهان ٿو تہ مٿان کان مسلط ٿيل گورنر، جنهن کي اسيمبليءَ تي خاص اختيار ڏنا ويا آهن، اهو ڪنهن ڊڪٽيٽر کان گهٽ نہ ثابت ٿيندو. اچو تہ ان کي صوبائي ”خودمختياري“ نہ چئون پر ان کي ”صوبائي جبر“ چئون. رياست جي ادارن جي هي عجيب جمهوريت آهي.
ٽيون نقطو بلڪل واضح آهي. گذريل ٻن سالن کان انگريز سياستدان ان واعدي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آھن، جيڪو مونٽيگو ڪيو هو تہ هر ڏهن سالن ۾ وڌيڪ سڌارا ڪيا ويندا، جيستائين انگريزي خزاني وٽ ڪافي آهي.
اسان ڏسي سگهون ٿا تہ انهن مستقبل لاء ڇا فيصلو ڪيو آهي.
آئون اهو واضح ٿو ڪريان تہ اسان انهن شين جو تجزيو ڪاميابين جو جشن ملهائڻ لاءِ نہ پر عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي ايندڙ جدوجهد لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. اسان لاءِ سمجھوتو گوڏن ڀر ڪرڻ نہ آھي، پر ھڪ قدم اڳتي وڌڻ ۽ ڪجھ آرام ڪرڻ. بس ٻيو ڪجھ بہ نہ آھي.
***

جيئن مون اڳ ۾ بہ چيو آهي تہ انقلابي پارٽي لاءِ هڪ خاص پروگرام جو هجڻ تمام ضروري آهي. توهان کي خبر هوندي تہ انقلاب جو مطلب عمل آهي. ان جو مطلب آهي منظم ۽ منظم ڪم ذريعي عمدي تبديلي آڻڻ ۽ تخريبڪاريءَ جي خلاف آهي - غير منظم، اوچتو يا خودڪش تبديلي. پروگرام ٺاهڻ لاءِ لازمي طور تي انهن شين جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.

1. گول (مقصد) يا مقصد.
2. بنياد، جتان شروع ڪجي، يعني موجودہ صورتحال.
3. عمل فارم، مطلب ۽ طريقا.

جيستائين انهن عناصر جي حوالي سان ڪو واضح حل نہ آهي، تيستائين ڪو بہ پروگرام سان لاڳاپيل خيال ممڪن ناهي.

اسان موجودہ صورتحال تي ڪنهن حد تائين بحث ڪيو آهي، حدف جي حوالي سان بہ ڪجهہ بحث ڪيو آهي. اسان سوشلسٽ انقلاب چاهيون ٿا، جنهن جي بنيادي ضرورت سياسي انقلاب آهي. اهو ئي آهي جيڪو اسان چاهيون ٿا. سياسي انقلاب جو اھو مطلب ناھي تہ رياستي اقتدار انگريزن جي هٿن مان هندستانين جي هٿن ۾ اچي پر اهو آھي تہ انهن هندستانين جي هٿن ۾ اچي جن جو آخري مقصد اسان جي مقصد سان ٺهڪي اچي ٿو. ان کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ - عام عوام جي ڪوششن سان انقلابي پارٽيءَ جي هٿن ۾ سياسي اقتدار اچڻ آھي. ان کان پوءِ سڄي سماج کي سوشلسٽ رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انقلاب مان توهان جو مطلب اهو ناهي تہ پوءِ، اسان تي احسان / رحم ڪريو ۽ ”انقلاب زنداباد“ جا نعرا هڻڻ بند ڪريو. گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ تہ لفظ ”انقلاب“ تمام مقدس آھي ۽ ان کي سنجيدگيءَ کان سواءِ استعمال نہ ڪيو وڃي، نہ تہ غلط استعمال ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان چئو ٿا تہ توهان هڪ قومي انقلاب چاهيو ٿا جنهن جو مقصد يونائيڊ اسٽيس آف آمريڪا وانگر هندستان جي جمهوريہ جو قيام آهي، تہ پوءِ منهنجو سوال اهو آهي تہ ان لاءِ توهان انقلاب جي مدد لاءِ ڪهڙين قوتن تي ڀروسو ڪري رهيا آهيو؟
انقلاب چاهي قومي هجي يا سوشلسٽ، اهي قوتون جن تي اسان انحصار ڪري سگهون ٿا، اهي هاري ۽ مزدور آهن. ڪانگريسي اڳواڻن ۾ همت نہ آهي تہ انهن کي منظم ڪن، اهو توهان هن تحريڪ ۾ واضح طور ڏٺو آهي. انهن کي ڪنهن ٻئي کان وڌيڪ احساس آهي تہ انهن طاقتن کان سواءِ اهي محدود آهن. جڏهن هنن مڪمل آزاديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو تہ ان جو مطلب انقلاب هوندو، پر هنن (ڪانگريس) جو اهو مطلب نہ هو. اهو نوجوان ڪارڪنن جي دٻاءُ هيٺ منظور ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي گهربل تسلط حاصل ڪرڻ لاءِ خطري جي طور تي استعمال ڪرڻ چاهيندا هئا. ان سلسلي ۾ توهان ڪانگريس جي گذريل ٽن اجلاسن جا ٺهراءُ پڙهي صحيح راءِ قائم ڪري سگهو ٿا. آئون مدراس، ڪلڪتا ۽ لاهور جي سيشن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. ڪلڪتا ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو جنهن ۾ ڊومينين اسٽيٽس جو مطالبو ڪيو ويو. ان مطالبي کي 12 مهينن اندر قبول ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ جيڪڏهن ائين نہ ڪيو ويو تہ ڪانگريس مڪمل آزاديءَ کي پنهنجو مقصد بڻائڻ تي مجبور ٿي ويندي. هنن 31 ڊسمبر 1929ع جي اڌ رات تائين اهو تحفو حاصل ڪرڻ جو شدت سان انتظار ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي مڪمل آزاديءَ جي آڇ کي قبول ڪرڻ لاءِ ”عزم“ محسوس ڪيائون، جيڪا هنن نہ پئي چاھي. ۽ پوءِ بہ مهاتماجي ان حقيقت کي لڪايو نہ تہ ڳالهين جا دروازا کليل هئا. اها هئي ان جي حقيقي معنيٰ. کين شروعات کان ئي خبر هئي تہ سندن تحريڪ ڪنهن نہ ڪنهن ٺاھ تي ختم ٿيندي. اسان نفرت ڪريون ٿا، جدوجهد جي ڪنهن خاص مرحلي تي سمجهوتو ڪرڻ کان نہ.
اسان بحث ڪري رهيا هئاسين تہ انقلاب جو دارومدار ڪهڙن قوتن تي آهي؟ پر جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا تہ توهان هارين ۽ مزدورن کي سرگرم حصو وٺڻ لاءِ قائل ڪري سگهندا، تہ آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ انهن کي ڪنهن بہ قسم جي جذباتي ڳالهين سان بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. اهي واضح طور تي پڇندا تہ انهن کي توهان جي انقلاب مان ڇا حاصل ٿيندو، اهو انقلاب جنهن لاء توهان انهن جي قرباني گهري رهيا آهيو. انهن (عوام) کي ڪهڙو فرق پوندو جيڪڏهن سر پرشوتم داس ٺڪر داس لارڊ ريڊنگ جي بدران هندستان جي حڪومت جو سربراھ هجي؟ هاريءَ کي ڪهڙو فرق پوندو، جيڪڏهن لارڊ ارون جي جاءِ تي سر تيج بهادر سپرو اچي. قومي جذبن جي اپيل بلڪل بيڪار آهي. توهان هن کي پنهنجي ڪم لاءِ ”استعمال“ نٿا ڪري سگهو. توهان کي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي يقين ڏيارڻو پوندو تہ انقلاب انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. محنت ڪش پورهيت طبقي جو انقلاب، محنت ڪش لاءِ.
جڏهن توهان وٽ پنهنجي مقصد بابت واضح تصور هوندو، تہ پوءِ توهان اهڙي مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي توانائي بچائڻ شروع ڪندا. ھاڻي اسان کي ٻن مختلف مرحلن مان گذرڻو آھي - پھريون مرحلو تياري جو، ٻيو مرحلو عمل درآمد جو.
جڏهن هي موجودہ تحريڪ ختم ٿيندي تہ توهان کي ڪيترائي ايماندار ۽ سنجيدہ انقلابي ڪارڪن مايوس ۽ پريشان نظر ايندا. پر توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. جذباتيت کي پاسو ڪريو. حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. انقلاب آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جي وس ۾ ناهي ۽ نہ ئي ڪنهن مقرر تاريخ تي اچي سگهي ٿو. اهو خاص سماجي ۽ معاشي حالتن مان پيدا ٿئي ٿو ۽ هڪ منظم پارٽي کي اهڙي موقعي جو خيال رکڻو پوندو آهي ۽ عوام کي ان لاءِ تيار ڪرڻو پوندو آهي. انقلاب جي مشڪل ڪم لاءِ سڀني قوتن کي منظم ٿيڻو پوندو. ان سڀ لاءِ انقلابي ڪارڪنن کي تمام گهڻيون قربانيون ڏيڻيون پونديون. آئون هتي اهو واضح ڪريان تہ جيڪڏهن توهان ڪاروبار ڪندڙ آهيو يا مستحڪم دنيادار يا خانداني ماڻهو، تہ پوءِ سائين! هن باھ سان نہ کيڏيو. ليڊر جي حيثيت ۾، توهان پارٽي لاءِ ڪنھن بہ ڪم جا نہ آهيو. اڳي ئي اسان وٽ ڪيترائي اڳواڻ آهن جيڪي شام جو وقت ڪڍي تقريرون ڪندا آهن. اهي اڳواڻ اسان لاءِ ڪنهن ڪم جا ناهن. اسان لينن جو تمام پسنديدہ لفظ استعمال ڪنداسين، ”پروفيشنل انقلابي“. فل ٽائيم ڪم ڪندڙ کپن، جنهن جي زندگي ۾ انقلاب کان سواءِ ٻي ڪا خواهش ناهي. پارٽي ۾ جيترا وڌيڪ ڪارڪن منظم هوندا اوترا ئي ڪاميابي جا موقعا وڌندا.
پارٽي کي چڱي ريت اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ، سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اهڙن ڪارڪنن ۾ صاف سوچ، سڌي سمجھ، اڳڀرائي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ تڪڙا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هجي. پارٽي ۾ لوهي نظم و ضبط هوندو ۽ اهو ضروري ناهي تہ پارٽي انڊر گرائونڊ ڪم ڪري، پر ان جي برعڪس اها کليل دل سان ڪم ڪري سگهي ٿي، جيتوڻيڪ رضاڪارانہ طور جيل وڃڻ واري پاليسي کي مڪمل طور تي ڇڏڻ گهرجي. اهڙي طرح ڪيترن ئي ڪارڪنن کي لڪي ڪم ڪرڻ جي ضرورت بہ پئجي سگھي ٿي، پر انهن کي پوري جوش ۽ جذبي سان ساڳيءَ طرح ڪم جاري رکڻ گهرجي ۽ اهو ئي گروھ آهي، جيڪو ليڊر پيدا ڪري، جيڪي موقعا سنڀالي سگهن.
پارٽي کي ڪارڪنن جي ضرورت پوندي، جيڪي نوجوان تحريڪن مان ڀرتي ڪري سگهجن. ان ڪري نوجوان تحريڪ پهرين منزل آهي جتان اسان جي تحريڪ شروع ٿيندي. نوجوانن جي تحريڪ لاءِ اسٽڊي سرڪل کولڻ گهرجن. پرچا، پمفليٽ، ڪتاب، رسالا ڇپجڻ گهرجن. ڪلاسن ۾ ليڪچر ٿيڻ گهرجن. سياسي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ اها بهترين جڳھ هوندي.
انهن نوجوانن کي پارٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، جن جي سوچن ۾ ترقي ٿي آهي ۽ اهي ان ڪم لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پارٽي ڪارڪن نوجوان تحريڪ جي ڪم جي هدايت ڪندا. پارٽي پنهنجو ڪم مهم سان شروعات ڪندي. اهو تمام ضروري آهي. غدر پارٽي (-151914) جي ناڪامي جو بنيادي سبب عوام جي جهالت، لاتعلقي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخالفت هئي. ان کان علاوہ هارين ۽ مزدورن جي فعال حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پبلسٽي بہ ضروري آهي. پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي هجڻ گهرجي. مضبوط نظم و ضبط رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي هي پارٽي باقي سموريون تحريڪون هلائيندي. ان کي مزدورن ۽ هارين ۽ ٻين پارٽين کي بہ منظم ڪرڻو پوندو ۽ مزدور يونين ڪانگريس ۽ ٻين اهڙين سياسي تنظيمن کي بہ متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. پارٽي هڪ وڏي پبليڪيشن مهم هلائيندي جيڪا نہ رڳو قومي شعور پر طبقاتي شعور بہ پيدا ڪندي. سڀني مسئلن جو مواد هر ڪنهن کي سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙين اشاعتن کي وڏي پئماني تي ورهائڻ گهرجي تہ جيئن عوام کي سوشلسٽ اصولن کان آگاھ ڪيو وڃي. لکت آسان ۽ صاف هجڻ گهرجي.
پورهيت طبقي جي تحريڪ ۾ اهڙا ماڻهو بہ آهن، جيڪي مزدورن ۽ هارين جي معاشي ۽ سياسي آزادي بابت ڏاڍا عجيب و غريب خيال رکن ٿا. اهي ماڻهو اشتعال انگيز آهن يا ايذائيندڙ آهن. اهڙا خيال يا تہ مونجهارو يا غير تصوراتي هوندا آهن. اسان جو مطلب عوام جي معاشي آزادي آهي ۽ ان لاءِ اسان سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ شروعات ۾ اسان کي ننڍين معاشي مطالبن ۽ انهن طبقن جي خاص حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اها جدوجهد کين سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جي آخري جدوجهد لاءِ خبردار ۽ تيار ڪندي.
ان کان علاوہ فوجي کاتي کي منظم ڪرڻو پوندو. هي تمام ضروري آهي. ڪنھن وقت ان جي سخت ضرورت پوندي. ان وقت، توهان هڪ اهڙو گروھ ٺاهي نٿا سگهو جنهن کي ڪم ڪرڻ جي مڪمل طاقت آهي. شايد هن موضوع تي تفصيل سان بيان ڪرڻ ضروري آهي. هن موضوع تي منهنجا خيال غلط سمجهيا وڃن ٿا. بظاھر مون هڪ دهشتگرد وانگر ڪم ڪيو آهي، پر آئون دهشتگرد نہ آهيان. آئون هڪ انقلابي آهيان، جنهن وٽ ڊگهي مدي واري پروگرام جي حوالي سان ٺوس ۽ خاص خيال آهن، جن تي هتي بحث ڪيو پيو وڃي. منهنجا ڪجھ ساٿي مون تي رامپرساد بسمل وانگر الزام لڳائي سگھن ٿا تہ ان حقيقت لاءِ تہ منهنجي اندر ۾ ڦاسي جي ڦندي ۾ هجڻ ڪري ڪو ردعمل پيدا ٿيو آهي. ان ۾ ڪابہ سچائي ناهي. منهنجون سوچون ساڳيون آهن، مون وٽ اهو ئي عزم ۽ اهو ئي جوش ۽ جذبو آهي، جيڪو مون وٽ ھتي آھي، جيڪو ٻاهر هو- نہ، ان کان وڌيڪ. تنهن ڪري آئون پنهنجن پڙهندڙن کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو تہ منهنجي لفظن کي تمام گهڻي ڌيان سان پڙهن. انهن کي لائنن جي وچ ۾ ڪجھ بہ نہ ڏسڻ گهرجي. آئون پنهنجي پوري طاقت سان چوڻ چاهيان ٿو تہ آئون نہ تہ دهشتگرد آهيان ۽ نه ئي ھئس، سواءِ پنهنجي انقلابي زندگي جي شروعات جي چند ڏينهن جي. ۽ مون کي پڪ آهي تہ اسان اهڙن طريقن سان ڪجھ بہ حاصل نہ ڪري سگهنداسين. هندستان سماج وادي ريپبلڪن پارٽي جي تاريخ مان اها ڳالھ بلڪل واضح ٿي وڃي ٿي. اسان جو سمورو ڪم ان طرف هو، يعني وڏي قومي تحريڪ جي فوجي کاتي جي جاءِ تي پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ. جيڪڏھن ڪنھن مون کي غلط سمجھيو آھي تہ مھرباني ڪري ان کي درست ڪري. منهنجو مطلب اهو ناهي تہ بم ۽ پستول بيڪار آهن، ان جي برعڪس، اهي فائدي وارا آهن. پر منهنجو مطلب اهو آهي تہ بم اڇلائڻ نہ رڳو بيڪار آهي، پر نقصانڪار آهي. پارٽي جي فوجي کاتي کي هميشہ تيار رهڻ گهرجي، تہ جيئن بحران جي وقت ۾ ڪارآمد ٿي سگهي. ان کي پارٽي جي سياسي ڪم سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان کي پنهنجو پاڻ آزادي سان ڪم نہ ڪرڻ گهرجي.
جيئن مٿي انهن سٽن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، پارٽي کي پنهنجو ڪم اڳتي وڌائڻ گهرجي. وقت بوقت گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون سڏائي، اسان جي ڪارڪنن کي سڀني موضوعن کان باخبر رکيو وڃي. جيڪڏهن توهان هن طريقي سان ڪم شروع ڪيو، تہ توهان کي ڪم کي تمام سنجيدگي سان وٺڻو پوندو. هن ڪم کي مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويھ سال لڳندا. انقلابي نوجوان ڏهن سالن ۾ پورا ٿيڻ جا خواب هڪ طرف رکي ڇڏين، بلڪل ائين جيئن گانڌي جو خواب (هڪ سال ۾ سوراج جو) پاسي ڪيو ويو. نہ تہ ان کي جذباتي ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نہ ئي اهو سادو آهي. مسلسل جدوجهد، تڪليف ۽ قرباني جي زندگي گذارڻ جي ضرورت آهي. پهرين پنهنجي انفراديت کي ختم ڪريو. ذاتي خوشين جي خوابن کي ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪريو. انچ انچ توهان اڳتي وڌندا. انهي لاءِ همت، استقامت ۽ ڏاڍي مضبوط ارادي جي ضرورت آهي. ڏکيائيون ۽ مشڪلاتون ڪيڏيون بہ ڳريون ڇو نہ هجن، توھان جي همت نہ ڊهڻ گهرجي. ڪا بہ شڪست يا خيانت توهان جي دل کي ٽوڙي نہ سگهي. توهان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيو، توهان جي انقلابي روح کي ٿڌو نہ ٿيڻ گهرجي. مشڪلاتن ۽ قرباني جي اصول جي ذريعي توهان ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ اهي ذاتي ڪاميابيون انقلاب جو انمول اثاثو هونديون.

انقلاب زنداباد

ڀڳت سنگھ جي آخري پٽيشن

( 20 مارچ 1931 تي پنجاب گورنر کي پيش ڪيل پٽيشن جنھن ۾ ڀڳت سنگھ اھو ڄاڻائڻ ۽ چوڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ اگر حڪومت اھي سمجھو ٿي تہ انگريزي ۽ ھندستاني قوم ۾ جنگ ھلي رھي آھي ۽ انھن تي اھو ئي الزام لڳايو ويو آھي اھي بادشاھ خلاف جنگ ڪري رھيا آھن تہ انھن سان جنگي قيدي وارو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي انھن کي ڦاسي بدران گوليون ھڻي ماريو وڃي.)


صاحب،

مناسب احترام سان، اسان توهان جي خدمت ۾ هيٺ ڏنل نوٽيس رکي رهيا آهيون:

هندستان جي برطانوي حڪومت جي اعليٰ اختياريءَ واري وائسراءِ لاهور سازش ڪيس جي جاچ لاءِ هڪ اسپيشل ٽربيونل قائم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن اسان کي 7 آڪٽوبر 1930ع تي موت جي سزا ٻڌائي، اسان تي سڀ کان وڏو الزام اهو هو. چيو ويو آهي تہ اسان ايڇ ايم بادشاھ جارج جي خلاف جنگ ڪئي آهي.

عدالت جي هن فيصلي مان ٻہ ڳالهيون واضح ٿيون آهن:

پهرين ڳالھ تہ انگريزي ۽ هندستاني قوم جي وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي. ٻيو تہ اسان اصل ۾ هن جنگ ۾ ورتو ھو. ان ڪري اسين جنگي قيدي آهيون.

ٻيو تہ اڳواٽ چيل ڳالھ اسان جي حق ۾ لڳي ٿي، پر ان جي باوجود ان ۾ حاصل ڪرڻ جي خواهش جي مزاحمت ڪرڻ ڏاڍو پرجوش آهي.

پهرين نقطي جي سلسلي ۾، اسان تفصيل سان ڪجھ روشني وجهڻ چاهيون ٿا. اسان نہ ٿا سمجهون تہ ظاهري شڪل ۾ اهڙي ڪا ويڙھ هلي رهي آهي جيڪا لکي وئي آھي.

بحرالحال اسان کي خبر نہ آهي تہ جنگ جي ڀڃڪڙي ڪندي عدالت جو ڪهڙو ارادو آهي؟ پر اسان ان تعبير کي قبول ڪريون ٿا ۽ ساڳئي وقت ان کي ان جي مناسب تناظر ۾ بيان ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان اهو چوڻ چاهيون ٿا تہ جنگ جاري آهي ۽ اها جنگ ان وقت تائين هلندي رهندي، جيستائين هندستاني عوام ۽ مزدورن جي آمدنيءَ جا ذريعا طاقتور ماڻهن جي قبضي ۾ آهن، چاهي اهي ماڻهو انگريز سرمائيدار هجن، انگريز هجن يا خالص هندستاني. انهن گڏجي ڦرلٽ جاري رکي آهي. جيتوڻيڪ غريبن جو رت خالص هندستاني سرمائيدار چوسي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ ڪو بہ فرق نٿو پوي. جيتوڻيڪ توهان جي حڪومت هندستاني سماج جي ڪجھ اڳواڻن يا سربراهن تي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، ڪجھ سهولتون حاصل ڪري، يا معاهدو ڪري، صورتحال تبديل نہ ٿي سگهي، ۽ عوام تي ان جو ٿورو اثر پوي ٿو. اسان کي ان ڳالھ جي بہ پرواھ ناهي تہ نوجوانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌوڪو ڏنو ويو آهي ۽ نہ ئي ڊڄون ٿا تہ اسان جا سياسي اڳواڻ گمراھ ٿي ويا آهن ۽ انهن بيگناھ، بي گهرن ۽ لاچارن جي قربانين کي وساري ويهي رهيا آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر انقلابي پارٽيءَ جا ميمبر مڃيا وڃن ٿا. اسان جا سياسي اڳواڻ بي گھر، بي دوست، بيروزگار عورتن ۽ مردن کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا ڇو تہ انهن جي نظر ۾ اهي تشدد تي يقين رکن ٿا، اسان جي هيروز سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو آهي. انهن پنهنجن مڙسن کي قربان گاھ تي پيش ڪيو، پنهنجن ڀائرن کي پيش ڪيو، ۽ انهن هر شي کي قربان ڪيو. هنن پاڻ کي بہ قربان ڪيو پر توهان جي حڪومت هن کي باغي سمجهي ٿي. توهان جا ايجنٽ ڀلي انهن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهي ۽ پارٽي جي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن، پر اها جنگ جاري رهندي.

اها ويڙھ مختلف وقتن ۾ مختلف صورتون وٺي سگهي ٿي. ڪڏهن اها ويڙھ پڌري صورت اختيار ڪري ٿي، ڪڏهن لڪ ۾ هلي ٿي، ڪڏهن خوفناڪ صورت اختيار ڪري ٿي، ڪڏهن هاري جي سطح تي جنگ جاري رهي ٿي ۽ ڪڏهن هي واقعو ايترو تہ خوفناڪ ٿي وڃي ٿو جو زندگي ۽ موت خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. ڪا بہ صورتحال ڪهڙي بہ هجي، اهو توهان تي اثر انداز ٿيندو. اهو توهان تي آهي تہ توهان ڪهڙي پوزيشن چاهيو ٿا، پر اها ويڙھ جاري رهندي. ان ۾ ننڍين شين جو خيال نہ رکيو ويندو. اهو تمام گهڻو ممڪن آهي تہ اها جنگ هڪ خوفناڪ شڪل اختيار ڪري. پر يقينن اها ختم نہ ٿيندي جيستائين سوشلسٽ جھموريت قائم نہ ٿئي ۽ سماج جو موجودہ ڍانچو مڪمل طور نئين سماجي نظام سان تبديل نہ ٿئي. ڪنھن بہ صورت ۾ تبديلي يا انقلاب ختم نہ ٿيندو ۽ انساني دنيا ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيندو. آخري جنگ ويجهي مستقبل ۾ وڙهڻي پوندي ۽ اها جنگ فيصلو ڪندڙ هوندي.

سامراج ۽ سرمائيداري چند ڏينهن جا مهمان آهن. هي اها جنگ آهي جنهن ۾ اسان سڌو سنئون حصو ورتو آهي ۽ اسان کي فخر آهي تہ اها جنگ نہ اسان شروع ڪئي آهي ۽ نہ ئي اسان جي جانين سان ختم ٿيندي. اسان جون خدمتون تاريخ جي ان باب ۾ لکيون وينديون، جنهن کي محترم داس ۽ ڀگوتي چرن جي قربانين سان خاص طور تي اسان جي پياري جان باز آزاد جي قرباني سان روشن ڪيو ويو آهي. انهن جون قربانيون وڏيون آهن.

جيتري تائين اسان جي قسمت جو تعلق آهي، اسان توهان کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا تہ توهان اسان کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. توهان اهو ڪندا، توهان جي هٿن ۾ طاقت آهي ۽ توهان جو حق آهي. پر اهڙي طرح توهان اهو اصول اختيار ڪري رهيا آهيو ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ ۽ توهان ان تي پابند آهيو. اسان جي فرد جرم جو ٻڌڻ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان اوهان کي رڳو اها گذارش ڪرڻ چاهيون ٿا تہ اوهان جي حڪومت پاڻ ئي عدالت جي فيصلي موجب اسان خلاف جنگ جاري رکڻ جو الزام هڻي رهي آهي. ان صورتحال ۾ اسين جنگي قيدي آهيون، ان بنياد تي اسان مطالبو ٿا ڪريون تہ اسان سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ اسان کي ڦاسي ڏيڻ بدران گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي.

هاڻي اهو توهان جو ڪم آهي تہ توهان ثابت ڪيو تہ توهان جي حڪومت کي عدالت جي فيصلي تي يقين آهي. ان جو ثبوت توهان پنهنجي ڪم مان ڏيو. اسان توهان کي عاجزي سان گذارش ڪريون ٿا تہ توهان پنهنجي فوج جي کاتي کي حڪم ڏيو تہ اسان کي گوليون هڻڻ لاءِ فورس موڪلي.

مخلص،
ڀڳت سنگھ، راج گرو، سکديو