سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران عمر ميمڻ پاران عالمي ادب مان کنيل چونڊ ڪھاڻين جي ترجمي تي ٻڌل مجموعو ”اگهاڙي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
دنيا جي ادب ۾ ڇا پيو ٿئي؟ پرڏيھي ادب ۾ ڪھاڻي ڪيئن پئي لکجي؟ انھن سوالن جو جواب عالمي ادب جي ڪھاڻين مان معلوم ٿيندو آھي. عام ماڻھو تائين اھا ڪھاڻي ترجمي ذريعي پھچندي آھي. عمر ميمڻ ڪوريائي، پنجابي، امريڪي، انگريزي، اردو، چيني ۽ روسي ادب جي 12 چونڊ ڪھاڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتابي شڪل ڏني آھي.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي