ناول

ويرن جي وستي

هي ناول آنھ ڊڪ مئي 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو، ۽ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ئي، دنيا جي مختلف زبانن ۾ ڇپجي مقبوليت ۽ مشھوري حاصل ڪري ويو. ويٽنام جي جنگ جي پسمنظر ۾ ظالمن ۽ مظلومن جي جدوجھد کي ئي آنھ ڊڪ هن ناول جو موضوع بڻايو آهي. ھن ناول ۾ نہ رڳو ويٽنام جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جي ڀرپور جهلڪ آهي، پر نازڪ ۽ حساس جذبن ۽ ڪيفيتن ۽ نفسياتي پھلوئن جي عڪاسي آهي. ان سان گڏ انساني ۽ انسان جي اندر جي سونھن سان گڏوگڏ ملڪ جي سونھن ۽ سرسبزيءَ جو سڀاويڪ ۽ قدرتي اظھار ملي ٿو، ناول ۾ ويٽنامي قوم جي نفسيات ۽ انساني، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي بہ پياري ۽ دلڪش نموني پيش ڪيو ويو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 70
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ويرن جي وستي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ويٽنامي زبان جي نامور ليکڪ آنھ ڊڪ (Anh Duk) جي جڳ مشھور ناول (Handat) جو سنڌي ترجمو ”ويرن جي وستي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار رشيد ڀٽي  آھي.
هي ناول آنھ ڊڪ مئي 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو، ۽ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ئي، دنيا جي مختلف زبانن ۾ ڇپجي مقبوليت ۽ مشھوري حاصل ڪري ويو. ويٽنام جي جنگ جي پسمنظر ۾ ظالمن ۽ مظلومن جي جدوجھد کي ئي آنھ ڊڪ هن ناول جو موضوع بڻايو آهي. ھن ناول ۾ نہ رڳو ويٽنام جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جي ڀرپور جهلڪ آهي، پر نازڪ ۽ حساس جذبن ۽ ڪيفيتن ۽ نفسياتي پھلوئن جي عڪاسي آهي. ان سان گڏ انساني ۽ انسان جي اندر جي سونھن سان گڏوگڏ ملڪ جي سونھن ۽ سرسبزيءَ جو سڀاويڪ ۽ قدرتي اظھار ملي ٿو، ناول ۾ ويٽنامي قوم جي نفسيات ۽ انساني، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي بہ پياري ۽ دلڪش نموني پيش ڪيو ويو آهي.
ھي ڪتاب 1986ع  ۾ عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

سنڌ جي سمجهه ۽ سوچ کي
سنواري، سئين دڳ لائيندڙ ساٿيءَ
رسول بخش پليجي جي نالي.

_رشيد ڀٽي

ٻه لفظ

عظمت ادبي اڪيڊمي جو 34 نمبر ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. محترم رشيد ڀٽيءَ جو لکيل يا ترجمو ڪيل هي ٽيون ڪتاب آهي جنهن کي ڇپرائڻ جو شرف اداري کي حاصل ٿيو. محترم رشيد ڀٽيءَ جا اڳيان ڪتاب ”جڏهن جهوڪ جهريو“ ۽ ”سچ جو فلسفو“ پڙهندڙ ڀائرن طرفان واکاڻ جي سَنَد حاصل ڪري چڪا آهن ۽ مون کي خاطري آهي ته هي ڪتاب به مقبول ثابت ٿيندو.
”هان ڊاٽ“ دنيا جي عظيم حريت پسند ۽ مجاهد قوم، ويٽنامي قوم جي جنگ آزاديءَ جو داستان آهي. ويٽنامين ساندهه ڏهه سال دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي قوت آمريڪا جي اُرهه زوراين جو مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار کيس ڳوڏا کوڙڻ ۽ ذلت آميز شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن ڪتاب ۾ انهيءَ سموري جدوجهد آزادي کي بيان ڪيو ويو آهي. آمريڪا، جديد ترين ۽ خطرناڪ هٿيارن جو مالڪ آهي ۽ فوجي طاقت جي معاملي ۾ سندس مقابلو صرف روس ڪري سگهي ٿو، پر ويٽنامين وٽ صرف جذبو هو. آزاديءَ جي حصول جو جذبو. ڌرتي سان اڻکُٽ پيار. صرف انهيءَ جذبي جي سچائيءَ کين سرخرو ڪيو ۽ سندن آزاديءَ جي لاءِ ڪيل جدوجهد سموري دنيا جي آزادي پسندن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي.
ڪتاب جي مواد جو خلاصو ته مون پيش ڪيو، باقي ترجمو ڪهڙو آهي، سو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن جو ڪتاب جو مترجم ناميارو ليکڪ سائين رشيد ڀٽي آهي. سائينءَ جن جو ٿورائتو پڻ آهيان جو پنهنجي ڪاوشن کي ڇپرائڻ جو اعزاز اسان کي بخشيندو اچي. اميد ٿو ڪيان ته اڳتي به سائين رشيد ڀٽي اسان تي مهرباني ڪندو رهندو.

_ عمر ميمڻ
21-4-1984ع

مهاڳ: (مترجم پاران)

”ويرين جي وَسندي“ ويٽنامي زبان جي نامور ليکڪ آنهه ڊڪ (Anh Duk) جي جڳ مشهور ناول (Handat) هان ڊئٽ جو ترجمو آهي. هي ناول آنهه ڊڪ مئي 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو، ۽ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ئي، دنيا جي مختلف زبانن ۾ ڇپجي مقبوليت ۽ مشهوري حاصل ڪري ويو.
1965ع جو ويٽنام، ان وقت جي دنيا جي ڌڙڪندڙ دل، فرانسي بيٺڪيت کان، هڪ ڊگهي جدوجهد بعد جان ڇڏائي، ٻن حصن ۾ ورهايل ويٽنام، پنهنجي ملڪي وطن فروشن ۽ غدارن ۽ آمريڪي سامراجين لاءِ للڪار ٿي پيو، پر هن ڌرتيءَ جي گولي تي هر ڪنهن جي دل جي ڌڙڪن ٿي پيو. ان جي هن مهل تائين وضاحت نه ڪئي وئي آهي، ۽ نه ئي ڪري سگهجي ٿي ته، هڪ اهڙي ملڪ ۽ قوم کي، جنهن پنهنجي پاڙيسرين کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنو، ڇالاءِ پرڏيهي حملي آورن، يانڪين، ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو!
ظالم توڙي مظلوم، جنگجو ڇاڙتا ۽ يانڪي توڙي ويٽنامي عوام ۽ ساري دنيا جا ظالم توڙي مظلوم 1965ع ڌاري ويٽنام جي حقيقت ۽ حقيقي صورتحال کان واقف ٿي چڪا هئا: ظالم ۽ استحصالي قوتن، نگوڊين ڊيم جي ڀاڙيتي فوج ۽ يانڪي، محسوس ڪري چڪا هئا، ته سندن ڏينهن اچي پڳا هئا، ۽ ڏکڻ ويٽنام جا غلام ۽ مظلوم اٿي کڙا ٿيا هئا ۽ پنهنجا غلاميءَ جا طوق ٽوڙي، لاهي ڦٽي ڪري رهيا هئا. هي اهو دور ۽ زمانو هو، جڏهن دنيا ۾، جتي به، ڪو ڪنهن سان ملندو هو، پهريون سوال اِهو ڪندو هو: ”يار خبر اٿي، ويٽنام ۾ ڇا ٿيو؟“ ساري دنيا جون نگاهون ۽ ڪن، ڏکڻ ويٽنام ۾، وطن فروش قومي غدار نگوڊين ڊيم جي ڪٺ پتلي حڪومت جي ڇاڙتي ۽ ڀاڙيتي فوج (جنهن جي آمريڪي سامراج ڀرپور حمايت پئي ڪئي) ۽ عوام يا ويٽنامي گوريلن درميان هلندڙ جنگ ۾ کتل هيون. گوريلن يا ويٽ ڪانگن جي وڌندڙ سوڀ، وطن دوستن جا حوصلا بلند ڪري رهي هئي.
ويٽنام کان ٻاهر ساري دنيا پڇي رهي هئي: آمريڪا کي ويٽنام ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪهڙو حق هو؟ لکن جي تعداد ۾ مزدور، پورهيت، شاگرد ۽ جمهوريت پسند عوام آمريڪا خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪري رهيو هو. آمريڪي اڳرائي، ۽ ويٽنام خلاف ان جي ڀيانڪ جرم خلاف اٿي کڙو ٿيو هو. اهو سڀ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ”آمريڪي سامراج“ خلاف هو، نه ڪي آمريڪي عوام خلاف! ڇو جو خود آمريڪا جو عوام لکن جي تعداد ۾ ان اڳرائي ۽ تشدد خلاف اٿي رستن تي آيو هو، ۽ شرم جو اظهار ڪيو هو، آمريڪي سامراج جي خلاف، جو اُن وقت، ۽ اڄ به، انسانيت جي جسم تي خطرناڪ ناسور جي ڦٽ جيان وڌي رهيو آهي.
ڏکڻ ويٽنام جو حريت پسند عوام، نگوڊين ڊيم جي ڇاڙتي حڪومت جي ڪرايي جي فوج ۽ يانڪين جي هٿيارن ۽ فوجين سان اڪيلي سر منهن ڏئي رهيو هو. پر ڪوڙن ڪرائيدارن جي قوت، ويٽنامي جيتامڙن ، پر سچ جي سپاهين کي مات نه ڪري سگهي_ ۽ آخرڪار آمريڪا کي سرشار ٿي، پنهنجا پٺيءَ ٽپڻا ويٽنام مان کڻڻا پيا، ۽ ڏکڻ ويٽنام به آزاد ٿي، اُتر سان ملي، هڪ آزاد ملڪ ٿي پيو.
ظالمن ۽ مظلومن جي ان جدوجهد کي ئي آنهه ڊڪ هن ناول جو موضوع بڻايو آهي. ڏکڻ ويٽنام جي هڪ واهڻ يا وسنديءَ ”هان ڊئٽ“ تي، جا ويٽ ڪانگن جي قبضي ۾ آهي، سرڪاري فوج حملو ڪري اچي ٿي. اُن واهڻ جا گوريلا، پارٽي، وطن_ دوست ڳو‎ٺاڻا، ڪيئن نه همت ۽ جرات، ايمان ۽ اٽلتا، اتحاد ۽ نظم سان ان حملي کي ناڪام بڻائين ٿا! سڀني جي ايڪي، جذبي ۽ آدرش سان لڳاءَ سبب ڏيڍ ٻه هزار ڇاڙتي فوج ٻاويهن ويٽ ڪانگن کي، هفتي سوا جي گهيري ۽ ڪَئي حملن جي باوجود آڻ مڃڻ تي آماده نٿي ڪري سگهي! هڪ ننڍو واهڻ ۽ ڳو‎ٺڙو، وسندي، پنهنجي ارادي جي پختگي، مقصد سان محبت آدرش ۾ ايمان، ظلم خلاف نفرت، ۽ پاڻ ۾ انساني رشتي ناتي جي آڌار تي اٽل ٿي بيهي ٿو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت کي ڀاڄ کائڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهائي هن ناول جي ڪهاڻي آهي.
آنهه ڊڪ، ويٽ ڪانگن جي ڪاميابي جي راز کي پنهنجي ڪردارن رستي سمجهايو آهي. ڪردار جي عام رواجي انسان آهن. ”هان ڊئٽ“ جيان هر ڳوٺ، واهڻ وسندي ۽ وطن ۾ ٿي سگهن ٿا. انهن ۾ ٻار به آهن ته ٻڍا ۽ معذور به. نوجوان به آهن ته ڇوڪريون به. ٻڍيون به آهن ته بيواهون به. گوريلا (ويٽ ڪانگ) به آهن، ته پارٽي سيل جا ميمبر به، مذهبي ماڻهو به آهن ۽ ڪمي ڪاسبي ۽ ننڍڙا ڪاروباري به، پر سڀني ۾ هڪ ئي جذبو هڪ ئي جوش ۽ هڪ ئي ولولو آهي. اِن سڀ جو محرڪ آهن! وطن ۽ قوم لاءِ محبت، سچ ۽ صداقت لاءِ چاها، ظلم ۽ تشدد خلاف نفرت. انهن ڳالهين سڀني کي هڪ لڙي ۾ پوئي ڇڏيو آهي. هو هڪ مضبوط ۽ ناقابل تسخير ديوار ٿي پيا آهن. سڀني ۾ خلوص آهي، سچائي آهي، هڪٻئي سان پيار آهي، هڪٻئي ۾ ويساهه آهي، نظم ۽ ضبط آهي. اِن ڪري دشمن جون فوجي ڪاروايون ۽ نفسياتي جنگيون کين ڪمزور ۽ پٺتي نٿيون ڪري سگهن. هو سڀ ڳوٺائي، هڪ ڪٽنب جيان ايڪي ۾ آهن، قومي اتحاد جي علامت آهن.
آنهه ڊڪ، ڀاڙيتن فوجين ۽ يانڪين جي ظلمن ۽ تشدد، ايذاءَ رسانين ۽ پيڙائن جو ذڪر به ڪيو آهي. هن سندن وحشي ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪارنامن کي به ننگو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن کي سامراج ”امن خاطر ڪوششن“ جو نالو ڏيندو آهي. ان جي برعڪس ناول ۾ ويٽ ڪانگن جي انسانيت، رحم دلي ۽ شرافت واري ڪردار کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. آنهه ڊڪ پيش ڪيل ڪردارن رستي، سامراجين جي انهن غلط پرچارن ۽ تبليغن کي غلط ثابت ڪيو آهي، جنهن هيٺ هو چوندا آهن ته ويٽ ڪانگ يا ٻيا ڪميونسٽ يا وطن دوست سامراج دشمن گوريلا ڪٺور، دُرشٽ، بي رحم ۽ سفاڪ ٿين ٿا. پر هن ناول (۽ ساري عالمي پريس ۽ راءِ عام) اهو ثابت ڪيو آهي ته ويٽنام ۾ سفاڪي ۽ ڪٺورپڻو ڪنهن ڏيکاريو؟ نگوڊين ڊيم جي ڇاڙتن ۽ يانڪين يا ويٽ ڪانگ وطن پرستن؟ ”جنگي ڏوهن“ جي سلسلي ۾ عالمي ٽربيونل ۾ مقدمو يانڪين تي هليو هو يا ويٽ ڪانگن تي؟
هن ناول جا ڪردار، جي ويٽ ڪانگ گوريلا به آهن ته پارٽي جا ميمبر به، سڀ ائين ئي محبت، مروت، سڪ، پيار، ايثار، اُنس، راڳ رنگ، ۽ چرچي ______ جا شوقين ۽ دلداده آهن، جيئن ٻهراڙيءَ جا عام ماڻهو هوندا آهن. جتي هو نظم ۽ ضبط جا قائل آهن ته اتي زندهه دلي ۽ خوش مزاجي به سندن سڀاءَ ۾ شامل آهي. هڪ سخت جان ۽ ڪشن ڪشالن ڪڍڻ وارا آهن، ته اتي پيار ڀريِ دل جا ڌڻي به آهن. مطلب ته آنهه ڊڪ هن ناول ۾ پنهنجي ڪردارن رستي، هڪ صحيح ۽ سچي ڪميونسٽ، گوريلي، وطن دوست ۽ سامراج دشمن ڪردار جي عڪاسي ڪئي آهي. هن ناول ۾ نه رڳو نظرين، آدرشن، وطن پرستي يا قوميت جي نعري بازي واري تبليغ نه ٿي ملي، ۽ انهن جي جهلڪ به ملي ٿي، جا هر عوامي زندگيءَ جيان رچيل ۽ شاهوڪار آهي.
ناول ۾ نه رڳو ويٽنام جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جي ڀرپور جهلڪ آهي، نازڪ ۽ حساس جذبن ۽ ڪيفيتن ۽ نفسياتي پهلن جي عڪاسي آهي، پر انساني ۽ انسان جي اندر جي سونهن سان گڏوگڏ ملڪ جي سونهن ۽ سرسبزيءَ جو سڀاويڪ ۽ قدرتي اظهار ملي ٿو، پر ويٽنامي قوم جي نفسيات ۽ انساني، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي به پياري ۽ دلڪش نموني پيش ڪيو ويو آهي.
1973ع ۾ هي ناول (انگريزيءَ ۾) دوست، همسفر ۽ ساٿي، رسول بخش پليجي وٽان پڙهڻ لاءِ کڻي آيو هوم. ايترو وڻيم جو ان سال ئي ترجمو ڪيم. ضروري سمجهيم ته وطن دوست، قوم پرست ۽ ترقي پسند نئين نسل لاءِ هن جو مطالعو ضروري آهي، هن جي مطالعي سان نه رڳو جدوجهد ۽ اصولن ۽ آدرش ۾ ايمان پختو ٿو ٿئي، پر پڙهندڙ ڪيترين ئي حڪمت عملين سان روشناس ٿئي ٿو. ناول پريس ۾ هو جو ڇاپي لڳڻ ۽ پريس سيل ٿيڻ سبب مسودو گم ٿي يا هيٺ مٿي ٿي ويو. پر اُن جي رف ڪاپي موجود هئي. ڪيترن ئي دوستن جي اصرار تي وري فيئر ڪرائي، ڪتاب پيش ڪجي ٿو، ان اُميد سان ته توقعات پوريون ٿينديون.
آخر ۾، نوجوان رفيق، هادي بخش ڀٽ جا ٿورا مڃڻ واجب ٿو سمجهان، جنهن رف مسودي تان، محنت ۽ جاکوڙ سان (ڇو جو منهنجا اکر اهڙا آهن) هيءَ پريس ڪاپي تيار ڪئي آهي.


رشيد ڀٽي
بئريج روڊ سکر (سنڌ)
آڪٽوبر، 1985ع

باب پهريون

”هاڻي کڻي مڃ،_ اهو وسهڻ ۾ مان صحيح هيس ته هن توکي وساريو نه آهي!“ ڪوين پنهنجيءَ ڀيڻ سئو کي چيو، ”ڏس نه سندس خط ڪيترو نه اُتساهيندڙ آهي! ۽ ياد رک ته اهو ارڙهون خط آهي. اها گهٽ ڳالهه ڪانهي. تون ته الائجي ڇا ڇا سوچيندي هئينءَ_ هاڻي ته سڀڪجهه چِٽو ٿي پيو... هن جا خط گم ٿي ويندا هئا، جيئن تنهنجا گم ٿيندا هئا. اتر جي پنهنجي ملڪ ۾ به تنهنجا خط گم ٿي ويندا هئا،_ تون ته ڇتي ٿي پئي هئين. پر هاڻي ته مڙس بابت سڀ ڳڻتيون ۽ وهم ختم ٿي ويئي نه؟ هاڻي سئو؟ هاڻي ته نه چوندينءَ ني ته اُتي سٺي جيون ۽ ماحول ۾ وڃي هن کي ٻي ڪنهن بابت سوچڻ جو وقت ئي نه ملندو هوندو! مڃ کڻي ته تون غلطيءَ تي هئينءَ. هئينءَ ني؟“
ڇوڪريءَ سرهائيءَ واري لهجي ۾ چرٻ زبانيءَ سان پئي ڳالهايو. پنهنجي ڀيڻيوي جي پاسي وٺڻ خاطر نه، پر ان ڪري جو هوءَ ان سرهائيءَ تي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي، جا سئو جي چهري ۽ من تي ستن سالن کان پوءِ مسين مسين آئي هئي. هوءَ ان سرهائيءَ ۾ ڀاڱي ڀائي هئي ۽ ان کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ ڪرڻ ۾ به مزو وٺي رهي هئي. اکين ۾ شرير چمڪ آڻي، رکي رکي پنهنجو چپ ڏندن ۾ ڀيڪوڙي، هوءَ پنهنجن خاص لفظن کي، پنهنجي هٿن جي موهيندڙ اشعارن ۽ چرپر سان، زوردار بڻائي رهي هئي.
پنهنجي ڀيڻيوي جو فوٽو پاڻ وٽ رکي، هن خط سئو کي موٽائي ڏنو. هوءَ تڪڙو تڪڙو ورانڊي مان لنگهي ويئي. ننڍڙي ٿَئي ڏاڪڻ وٽ ويٺي ڪُڏي رهي هئي، ۽ ڪوين ان کي کڻي هنج ۾ ڪيو. ”چتائي ڏس ماسيءَ کي ٻڌاءِ ته هي ماڻهو ڪير آهي؟“ ”بابا!“ فوٽو وٺي گهوريندي،ڪڪيءَ وراڻيو. ”ها! اهو ئي آهي.“

”ڪيئن سمجهيئي؟“

”مميءَ ٻڌايو.“ پوءِ پنهنجون وڏيون ڪاريون اکيون ماسيءَ ڏانهن کڻندي، هوءَ اوچتو شڪجي پئي. ”ماسي سچي پچي هي بابا آهي؟“

ڪوين ڪڪيءَ کي ٻانهن ۾ کڻي اچي کٽ تي ويٺي ۽ هن کي گوڏن تي وهاريو. ڪنڌ ڌوڻيندي هن چيو، ”هائو، مٺڙي! هاڻي ڏسي ڇڏ ۽ ياد ڪري ڇڏ ته هو ڪيئن ٿو لڳي. هاڻي هڪٻئي کي سڃاڻي وٺو.“

پوءِ سئو ڏانهن منهن موڙيندي هن چيو، ”اسان جي خط پٽاندڙ کيس تنهنجو پويون خط اهو مليو هو، جو تو ٿَئِي سان گڏ نڪتل پنهنجي فوٽي تي لکيو هو. سئو ٿورو سوچ ته سهي، ست سال اڳ تنهنجي مڙس کي آخري ڀيرو سُڌَ پئي هوندي ته سندس ڌيءَ ڪيئن آهي!“

ڪوين پاٻوهه سان پنهنجو هٿ ڀاڻجيءَ جي پيشاني تي گهمايو. ”هائو، مٺڙي، پورن ستن سالن کان پوءِ، نيٺ تنهنجو پيءُ تنهنجو ڀلارو منهن ڏسي سگهيو هوندو. جڏهن هو ويو هو ته تون اڃا ڄائي ڪونه هئينءَ، سمجهيئي؟“

۽، ڄڻ اهو سڀڪجهه ڪالهه ئي ته ٿيو هو. سئو کي اها ننڍڙي موڪل ياد آئي جا سندس مڙس، اتر ڏانهن ڀرتِي ٿي وڃڻ کان اڳ ساڻس گڏ گهاري هئي. ان ساڳئي ئي گهر جي فرش تي اهلندي ۽ سدائين جيان مرڪندي، هن موڪلائڻ جي گهڙيءَ جو انتظار ڪيو هو. رڳو هن جي زال ئي ڄاتو پئي ته هن جي ظاهري ماٺ جي اندر ڇا وهي ڇا واپري رهيو هو. هن ڳوٺ‎ ۾ سڀني کي ائين ئي چيو هو ته ”رڳو ٻه سال. اهو ڪو وڏو عرصو نه آهي!“ پر پوئينءَ رات هن کيس ٻڌايو هو ته هن جو سچو پچو پرواگرم ڇا هو. ”من! مان ٻه سال رڳو ان ڪري ٿو چوان ته جيئن امان پريشان نه ٿئي. پر توکي مان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته منهنجي خيال ۾ اهو عرصو صحيح نه آهي. اهو سال به ٿي سگهي ٿو ته ٽي، چار يا پنج سال به اسان کي هر حالت لاءِ تيار رهڻو پوندو.“

رات جو پوئين پهر ۾ هن زال جو مٿو پنهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ ٿوريءَ دير جي سانت کان پوءِ، ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي، چيو ”ڪهڙي خبر ته اتي به اهڙا ئي ميوا هوندا يا نه جهڙا هت اسان وٽ ٿين ٿا؟ انب انبڙيون، گريپ فروٽ به ملندا يا نه؟... گريپ فروٽ_ اهي ته ضرور هوندا. پر خبر نه آهي ته ڪهڙي مند ۾ ٿيندا هوندا. شايد هتان جيان ٽيٽ (ويٽنام جي چنڊ واري سال جو پهريون ڏينهن ۽ بهار جو ميلو) ۾ نه ٿيندا هجن!“

پهريائين هن کي خيال آيو ته هو شايد موڪلاڻيءَ جي موضوع کي ٽارڻ لاءِ ڳالهائي رهيو هو. پوءِ هن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته هن ڇا چوڻ چاهيو پئي. انهن سادن لفظن جي آڙ ۾ هن ڇا پئي سوچيو. ٻه سال اڳ، مان هن کي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هوءَ لانگ چاؤها واري فوجي مهم جي ڪاميابيءَ تي جهليل هڪ دعوت ۾ ٽيبل تي ماني رکي رهي هئي. ان وقت هن کي ڪوبه شڪ ڪونه پيو هو. پوءِ هن ساڻس باسيو هو ته اها سندس وارن ۾ لڳل گريپ فروٽ جي گل جي عطر جي سڳنڌ ئي هئي جنهن سندس ڌيان ڏانهس ڇڪرايو هو. هو ان دعوت ۾ ئي مليا هئا، ۽ ان کي ڪڏهن به نه وساري سگهيا هئا ۽ پوءِ هو هڪ ڏينهن ساڻس ان مهل مليو جڏهن چوطرف ڪوبه ڪونه هو. مرڪندي هن کانئس پچيو هو، ”هينئر گريپ فروٽ گل جو عطر ڇو نه واپرائين؟“

۽ سئو مونجهاري واري شرم کان ٻهڪندي، مُرڪ لڪائڻ لاءِ پنهنجي چپ کي چڪ پاتو هو. اها سندن ڪهاڻيءَ جي شروعات هئي. ملڪ اندر فوجي سوڀن دوران، جڏهن به هان ڊئٽ ۾ گريپ فروٽ جا گل ٽڙندا هئا ۽ آس پاس انهن جي مست ڪندڙ سڳنڌ پکڙجي ويندي هئي، ته سندن پيار به نوان گونچ ڪڍندو هو. ٻه سال پوءِ هنن جي شادي ٿي_ اها ڊين بين ڦو جي عظيم سوڀ جي موقعي تي ٿي هئي ۽ اهو علائقي جو سڀ کان سرهو ۽ سڀاڳو سڳڻ ليکيو ويندو هو.

ٻئي پاڻ ۾ رڳو ٻه مهينائي گڏ رهيا هئا پوءِ،_ ستن سالن کان به مٿي عرصو لنگهي ويو. ۽ رڳو اڄ ئي هن کي سندس مڙس وٽان، هڪ ننڍڙي خط رستي ڪا خبر چار ملي ۽ هڪ پياري منهن وارو فوٽو مليو هو.

ست سال! ايڏو سارو عرصو هن کي غير حقيقي لڳو. ”وقت ڪيئن ٿو وهندو وڃي!“ هن اچرج ۾ چيو، ”ست سال لنگهي ويا.“

”پر منهنجي خيال ۾...“ ڪوين چيو، ”هن کي وهم گمان به نه هوندو ته اسان ڪهڙين آزمائشن مان لنگهيا آهيون. هنن ڪيئن توتي دٻاءُ آندو ته ڇٽڻ جي ڪاغذن تي صحيح ڪر! هنن ڪيئن توکي شينهن جي پڃري ۽ واڳن جي کڏ ۾ ڦٽو ڪيو! ۽ ٻيو ڇا ڇا نه ڪيائون! جي هن کي خبر پوي ته ساڻس ڇا ڇا نه وهندو واپرندو!“

”هن کي ڪيئن خبر پئجي سگهندي؟“ سئوءَ ماٺيڻي نموني مرڪندي چيو. ”شايد هن ماڻهو کي اهڙيون ڳالهيون ڪندي ٻڌو هجي. پر تڏهن به سچي پچي حقيقت جي کيس ڪيئن خبر پوندي؟“ ٿَئِي سندن ڳالهين جو فائدو وٺندي ڪوين جي گوڏن تان هيٺ لهي آئي ۽ ماءُ جي سلائيءَ واري ننڍڙي ٽٻڻي طرف وڌي آئي. ان مان ننڍڙو آئينو ڪڍي، هوءُ کٽ جي پائي طرف وڃي ويٺي ۽ ڀِت طرف منهن ڪري ڪو وقت آئيني ۾ ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو منهن ڏسندي رهي. پوءِ هن هٿ کوليو ۽ پيءُ جي فوٽوءَ کي گهوري ڏٺو. وري هن آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺو، ۽ هر هڪ وچور ڀيٽڻ لڳي، اکيون نڪ، وات، ڪن، هوءِ هڪجهڙائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. اکين ۽ ڀرون ۾ ڪابه نسبت ڪانه هئي. هن جون اکيون گول هيون، پڻس جون ڊگهيون. پڻس جون ڀِرون به گهاٽيون هيون. پر تڏهن به هوءَ ڏاڍي سرهي هئي، ڇو؟_ سندن نڪ ۽ وات بلڪل هڪجهڙا هئا. خوشين ڀري دل جي ڌڪ ڌڪ سان ڇوڪري پنهنجون وڏيون اکيون ڦاڙي ٻيون هڪجهڙايون ڳولڻ لڳي. نڪ نقش جي هر وچور ۾ هن پيءُ وانگيان لڳڻ پئي چاهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو پنهنجي پيءُ سان دلي پيار ٿي ويو هو ۽ اهو احساس هن ۾ تڏهن کان پيدا ٿيو هو جڏهن کان هن کي سڌ پئي هئي ته هن کي هڪ پيءُ به هو. جو بلڪل سندس پنهنجو هو. تڏهن ئي هن کي ويساهه ويهجي ويو هو ته هن جي هرشيءَ وڻندڙ ۽ وندرائيندڙ هوندي ۽ هن به کيس دنيا جي هر شيءَ کان وڌيڪ پئي چاهيو.

ان ڏينهن جڏهن صبح جو ماڻس کيس پڻس جو فوٽو ڏنو هو ۽ ٻڌايو هو ته اهو سندس پيءُ هو. ته هن ان تي هڪدم ويساهه آندو هو. ڪجهه ان ڪري جو ماڻس ڪڏهن به ساڻس ڪوڙ ڪونه ڳالهايو، ۽ گهڻي ڀاڱي ان ڪري جو جڏهن هن ان تي نگاهه وڌي هئي ته هن کي ائين باسيو هو ڄڻ هوءَ اڳ ئي هن کي ڏسي چڪي هئي. حالانڪ ان کان اڳ هوءَ رڳو، ماءُ جي ٻڌايل وصفن مان ئي پنهنجي پيءُ جي شڪل صورت بابت تصور ڪندي رهي هئي.

ائين ڪن ڳالهين جيان سئو ان ڳالهه تي به پڇتاءُ ۽ ڪاوڙ ڪندي هئي ته هن سان جي موڪلائڻ کان پوءِ، سندس فوٽو پنهنجي ننڍڙي ٻٽونءَ ۾ ڇو لڪائي رکيو هو. 1956ع ۾ جڏهن دشمن کيس گرفتار ڪري ضلعي شهر ڏي نيو ته کين اهو فوٽو به هٿ اچي ويو، جو هنن ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ان سال ئي ننڍڙي ٿَئِي هن جهان ۾ جنم ورتو. ڀيڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سئو ڏٻيءَ اک سان ٻار کي به جاچيو پئي، سئو اک جي اشاري سان ڪوين کي ٿَئِي جي حرڪت بابت ٻڌايو. جنهن ڪنڌ ڦيري اوڏانهن ڏٺو، ۽ يڪدم هٿ منهن تي ڏيئي ان کِل کي روڪيو جا کيس ننڍڙي ٿَئِي جي فوٽي جي سڃاڻپ واري تپاس تي اچڻ واري هئي. پر هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي.

ماسيءَ جي ٽهڪن تي ڇوڪري وائڙي ٿي لڄائجي وئي، ۽ اڍنگائيءَ سان فوٽي ۽ آئيني کي سيني سان لائي لڪائڻ لڳي.

سئو نه کِلي. ڪيئن پٽ! پيءُ وانگيان لڳين ٿي؟“

جواب ڏيڻ بدران ٿَئِي ڪنڌ ڦيري ڇڏيو. سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. سئو سمجهي وئي ته حساس ڇوڪر اجهو ڪي اجهو سڏڪن ۾ پئي. سندس ماءُ به ته کيس ٻڌايو هو ”تنهنجي ڪڪي هوبهو ائين ئي آهي جيئن تون ننڍي هوندي هئينءَ!“

هوءَ سمجهي ڪونه سگهي ته ڌيءَ کان سوال ڪندي سندس اکين ۾ پاڻي ڇو تري آيو هو. هن ٻار کي ٻانهن ۾ کنيو ۽ بلڪل ان گهڙيءَ ئي ٻئي روئڻ ۾ اچي ڇٽيون.

اهو ڏيک ڏسي ڪوين ماٺ ۾ مرڪي. هن ڄاتو پئي ته اهي ڳوڙها، اڄ جي خوشيءَ مان اٿيا هئا، ۽ پيڙائن ۽ پرکن جي، گذريل سالن واري سموري ڪڙائيءَ کي ڳاري چڪا هئا. پر هن نه پئي چاهيو ته ڪو اڌمن جو اهو طوفان سندس ڀيڻ ۽ سموري ڪٽنب جون خوشيون پامال ڪري، سو هوءَ يڪدم کٽ تان اٿي ۽ چيائين ”کپئي ڇا! سندس ڪا سڌ نه پوندي هئي ته سدائين پئي دانهون ڪندي هئينءَ، هاڻي خبر ملي اٿئي ته ڳوڙهن ۾ ڳريو پئي وڃين! اسان کي ته ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي!“ ٻئي پاسي مَنهن ڦيريندي هن چيو، ”ٺيڪ آه اتي بيٺي دل جي باهه ڪڍي وٺ. مان وڃان ٿي امان کي ڳولي خوشخبري ٻڌائڻ.“

”پر، هن کي اڳ ئي پتو آهي.“ سئو سڏڪن جي وچ ۾ نڪ سڻڪيو. ”هوءَ ڪناري تي کيکڙا ۽ مڇي ڦاسائڻ وئي آهي،_ اڄ رات جي ماني لاءِ.“

ڪوين بيهي رهي. سندس مُنهن ٻهڪڻ لڳو. ”چڱو ته ڳالهه ائين آهي! خط پهچڻ جي خوشيءَ ۾ دعوت ٿيندي! پر جي هو پاڻ آيو ته شايد ڦنڊران ڪسنديون!“

”ان لاءِ ناهي. پر ان ڪري جو رات ٽام چان ۽ نگان اچي رهيا آهن، هوءَ...“

”هون، ٺيڪ آه مون کي وسري ويو هو ته ضلعي پارٽي ڪميٽيءَ جو ڊگهو اجلاس اڄ صبح جو پورو ٿيو آهي ۽ ٽام چان ۽ نگان اڄ شام جو موٽي رهيا آهن. ٻين واهڻ ۾ ترسيل نگان جي هٿياربند پرچارڪ جٿي جي ڪامريڊن مان ڪنهن مون کي ٻڌايو آ ته ٽام چان کي ڪجهه وقت لاءِ هت رکيو ويو آهي.“

سئو جو آواز معمول تي اچي چڪو هو. ”لڳي ٿو ته هو ضلعي سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. تون ڇا ٿي سمجهين؟“

”بلڪل سيڪريٽري به ۽ احتجاج ۽ پروپئگنڊا جو انچارج پڻ... ۽ مان سمجهان ٿي ته هو ان لائق به آهي. ياد ٿي ته ڏکئي وقت ۾ جڏهن به دشمن ڇتو ٿي پوندو هيو ته پارٽي کيس موڪليندي هئي ۽ هو سدائين وڏي ۾ وڏي خطري ۾ به واضع ۽ ماٺو رهيو آهي.“

”ائين ته آهي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن مان هن سان مليس ته منهنجو ايمان تازو ٿيندو رهيو. مان جڏهن به هن لاءِ سوچيندي آهيان ته هو مون کي غير معمولي لڳندو آهي. انقلاب جي آزمائش ۾ اسان جي هارين سان ڪيترن ئي پنهنجي ڏات ڏيکاري آهي. ٽام چان ان جو هڪ سٺو مثال آهي. امان چوندي آهي ته فرانسين جي وقت ۾ هو ونهه هانهه ۾ رهندو هو، ۽ هر لاباري جي مند ۾ ماڻهو هن کي ٻاهر نڪري تيلن جي ٽوپلي سان ڪم ڪندو ڏسندا هئا.“ ”تنهن وقت به هو ويڙهو ۽ لڙاڪو شخص هو...“

”هائو، ان کان اڳ پڻ. سون ورني دل وارو ماڻهو آهي. مان جيل وئي هيس ته خبر نه آهي هن الائجي گهڻا گهمرا مون ڏانهن، دل ٻڌائڻ خاطر خط لکيا هئا... پر، توکي ته سڀ ڏيکاريا هيم. ها ني؟“

”هائو، مون سڀ پڙهيا هئا.“

سئو مرڪي، پنهنجي ڀيڻ ڏانهن شرارت ڀري نظر سان ڏٺو ۽ چيو. ”ها! جي ٽام چان نه هجي ها ته تون ۽ نگان به ڇڄي وڃو ها. جي هو توکي سموري ڳالهه چِٽي ڪري نه سمجهائي ها ته تون اڃا تائين رئندي رڙندي وتين ها!“

ڪوين جي منهن تي ڀروسي ڀري مُرڪ هئي. ڏکئي کان ڏکئي وقت ۾ به هن جي چپن تي اها مرڪ رهندي هئي. ماڻهو چوندا هئا ته اها سندس جنم جي ساٿي مرڪ هئي. 1958ع جي ان مهيني کان سواءِ هوءَ ڪڏهن به نه رني هئي، جڏهن اهو مهينو گذري ويو هو ته سندس ڏک سور به ائين گم ٿي ويا هئا جيئن گڏهه جي مٿي تان سِڱ.

هيءَ ئي اها ڪهاڻي هئي جا سئو جي ٽوڪبازيءَ هن کي ياد ڏياري هئي: نگان، هڪ نوجوان ٽائيپو گرافر، هڪ ڳجهي تنظيم ۾ لاڳاپي جي ايجنٽ طور، راچ گيا شهر ۾ ڪم ڪندو هو. 1958ع ۾ هو گرفتار ٿيو ۽ ڦولوئي جي قيدين واري لوڙهي ڏانهن موڪليو ويو. هن ان ويڙهه ۾ به حصو ورتو جا نگوڊين ڊيم ۽ آمريڪين جي قيدين کي زهر ڏيارڻ جي نتيجي ۾ لڳي هئي. هي انهن ڀڄي ويلن مان هڪ هو، جن کي دشمن سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو. رستي تي هن ٽرڪ مٿان ٽپو ڏنو ۽ ڀڄي ويو. هارين هن جون هٿڪڙيون ڀڳيون، کيس لڪايو ۽ ٻاهر نڪري وڃڻ ۾ مدد ڪئي. 1959ع ۾ جڏهن هو هان ڊئٽ پهتو ته هو ارڙهن سالن جو نينگراٽ هو، پر ان هوندي به گذريل ٽن سالن کان پارٽيءَ جو رڪن هو ۽ جيل دوران ئي کيس ان ۾ داخلا ملي هئي. هن ڪوين کي ٻڌايو هو ته سندس داخلا جي ڏينهن تي، هن اهڙي جهنڊي کي سلام ڪرڻ خاطر، پنهنجي ڀيڪوڙيل مُٺ مٿي کنئي هئي، جيڪو ان مهل رڳو سندس ذهن ۾ موجود هو هان ڊئٽ ۾ هن تي ئي نوجوانن کي منظم ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو، ۽ اهڙي ريت هن جو ڪوين سان مکا ميلو ٿيو، جا ان وقت رڳو 17 ورهين جي هئي. ٻين ڪيترن واهڻن جيان هان ڊئٽ به نگوڊين ڊيم جي ڇاڙتن جي شيطاني چنبي ۾ هو. هڪ لڱان نگان کي ڪوين کي ابتدائي انقلابي سرگرمين بابت هدايتن ڏيڻ جي سوچ سان، ذري گهٽ ٻه مهينا، ڇوڪريءَ جي گهر جي تختائين فرش جي هيٺان واري بحري ۾ لڪي ويهڻو پيو هو. هوءَ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ اڃا سکي ئي مس ته هن کي سُڌ پئي ته دشمن کي سندس رهائش جي پروڙ پئجي وئي هئي، ۽ هن کي اتان لڏڻو پيو، ان کان پوءِ هن جي لڪڻ جي جاءِ هڪ نقلي قبر هئي جا سچن قبرن جي وچ ۾ کوٽي وئي هئي. هر رات ڇوڪري هن وٽ ايندي هئي، کيس کاڌو پڄائي ويندي هئي ۽ ساڻس ڪم بابت ڳالهائي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي ۾ انب ۽ ڪيلا به آڻيندي هيس. هوءَ سندس ڪپڙا به مٽرائي ويندي هئي، ۽ چوريءَ چوريءَ ميرا ڪپڙا گهر کڻي ڌوئي واپس آڻيندي هئي. جي ڪن مجبورين سبب هوءَ نه اچي سگهندي هئي ته سندس جاءِ وري ماڻس ساؤ والاريندي هئي. پر ان تاريڪ تهه خاني ۾ اچي، هر ڀيري ٻڍڙي ساؤ اوڇنگارن ۾ پئجي ويندي هئي.

”نگان! ڇا اسان هميشـﮧ لاءِ ائين گهاريندا رهندا سين؟“

هن هڪ دفعي پڇيو. ”هو ماڻهن جا آنڊا گجيون ڪڍي رهيا آهن، سندن هڏگڏ ڀڃي رهيا آهن. ڪالهه منهنجي ڇوڪريءَ دُٻڻ وٽ اسان جي ستن ماڻهن جا هڏا ۽ گوشت جا ٽڪرا ڏٺا آهن، جن کي ٽيون ڏينهن ماريو ويو هو.“ ۽ ساؤ سڏڪن ۾ پئجي ويئي.

”اهي هاٺيون ڪٿي رکيوَ؟“ نگان پڇيو.

”نيلان جي ٽڪري ۾ ويڙهي سيڙهي غار ۾ رکيون اٿائون.“ ٻئي ڀيري ماتا ساؤ نگان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، گهڻي دير هٻڪڻ کان پوءِ چيو هو، ’نگان! ڏس پٽ توکي خبر آهي ته مان توکي پٽن جهڙو ڀائيندي آهيان. صاف صاف ٻڌاءِ ته تنهنجي ۽ ڪوين جي وچ ۾ ڇا ٿو وهي واپري؟ جي توکي هن سان پيار آهي ته مان توکي اها پرڻائي ڏينديس.“

نگان جي دل ڀرجي آئي. هن ساؤ جي هٿ کي ڀيڪوڙي جهليو. اهو سڀاويڪ هو ته هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو هو. هن جي دل خوشيءَ جي اُڌمن ۾ ڀرجي وئي هئي. ڇو جو ڪوين جي ماءُ پنهنجي دل جي ڳالهه هن سان اهڙي وقت ڪئي هئي جڏهن دشمن هن جي پٺيان هو، جڏهن هن کي اهڙيءَ اونداهيءَ قبر جي تري ۾ گهارڻو پئي پيو. ساڻس سندس لڳاءُ جي باوجود، هن دل ئي دل ۾ چيو ”ماتا ساؤ جي ورتاءَ جي سمجهاڻي رڳو هن جي انقلاب سان لڳاءُ ۽ پاڻ ارپڻ مان ئي ملي پئي سگهيو.“ پنهنجي لِڪڻ جي اداس ۽ ويران جڳهه ۾ هو حيرت ۾ پئجي ويو. هن ان حقيقت کي ڇو وساري ڇڏيو هو ته هو سڀاڻي مارجي سگهي ٿو؟ ڪشٽ ڪشالن واري جيون گهاريندڙ سان پنهنجي ڌيءَ جي قسمت ڳنڍيندي هوءَ ڊني ڇو نه پئي؟ ڦوهه جوڀن ۾ ڪوين نهايت ئي سهڻي ۽ سلوڻي هئي. هن لاءِ مناسب ۽ لائق ورن جي ڪابه کوٽ ڪانه هئي، جن ۾ ڇاڙتا آفيسر به اچيو پئي ويا، جي سدائين ساڻس مٺو ۽ موهيندڙ ڳالهائيندا هئا ته اهي شهري جوان به، جي هان ٽري جي بيچ تي ترڻ ۽ سير ڪرڻ ايندا هئا. ڪيترائي ڀيرا ماتا ساؤ پنهنجي پاڙيسرين کي چيو هو ته ”منهنجي ڌيءَ ان قسم جي ماڻهن لاءِ ناهي!“

اهڙن چاهڪن جي لاڳيتي توجهه تي ڪوين جڪ کائيندي هئي. پر هر رات، جڏهن به هوءَ قبرستان ۾ گهڙندي هئي ته سندس ڪاوڙ آس ۽ ايمان جي لهرن ۾ لڙهي ويندي هئي. ٻالجتيءَ کان ئي، ڏينهن ڏٺي جو به ڪڏهن، هن ات اچڻ جي سگهه نه ساري هئي، پر هينئر هن جو ڀوءُ ڀڄي چڪو هو. هاڻي هن کي ڪنهن جن ڀوت کان پاڻ نه بچائڻو هو، پر رڳو پوليس کان! خوشقسمتيءَ سان، ڇاڙتا پوليس جو ان قبرستان کان ايڏو ته ڌيان ٿڙيل رهيو جو نگان ٻيلي واري لڪل اڏي تي وڃڻ کان اڳ، آرام ۽ اطمينان سان ٻه مهينا ان قبر ۾ گهاري ويو. ات ئي هڪ ڏينهن اوچتو اچي آفت ڪڙڪيس. منجهند ڌاري هو اڏي کان ٻاهر نڪري آيو. واهڻ جي ڇيڙي تي، ڪنهن تاڙ ۾ لڪل همراهه جهلي کڻي سوگهو ڪيس. ان ساڳيءَ رات تي، ٻيلي واري اڏي تي گهيرو ڪيو ويو. خوش نصيبيءَ وچان، ان وقت ات لڪل سڀ ماڻهو گوگها ۽ کيکڙا ڦاسائڻ ويا هئا ۽ ٻولڙين ڪمانڊرن کي رڳو خالي لانڍي ئي ملي. هو رڙيون ڪري رهيا هئا!

”ديجهان! اسان کي ته چيو هئائين ته هو اتي ئي آهن!“

”هئا ته برابر هتي ئي، پر شايد اسان کي ڏسي ڀڄي ويا آهن.“

فوجي اڌ ڪلاڪ کن لانڍيءَ وٽ انتظار ڪندا رهيا ۽ پوءِ هليا ويا.

”پڪ ئي پڪ نگان اسان تي چغلي هنئين آهي.“ معاملي ٿي وڃڻ کان پوءِ اڏي جي هڪ همراه چيو.

”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي؟“

”سمجهه ۾ ئي نٿو اچي؟“ پر اهو سچ ٿي سگهي ٿو. اسان هن تي ويساهه ڪيو، ۽ هن سڀڪجهه باهي ڇڏيو.“

جڏهن ڪوين کي نگان جي گرفتاريءَ جي خبر ملي ۽ ان سان گڏوگڏ يڪدم ئي سندس غداريءَ واري دکدائڪ خبر به، ته به آفت جا پهاڙ ساڳئي ئي ڏينهن هن مٿان اچي ڪڙڪيا. هوءَ تصورئي نه پئي ڪري سگهي نه ڪو نگان اهڙو ڏوهه به ڪري سگهي ٿو، سو هن ان خبر تي ويساهه ئي نه ڪيو. نه ئي هن جي ماءُ ۽ ٻين کي پت پئي ٿي. پر ساري علائقي ۾ اهو افواهه باهه جيان وچڙي ويو. سندس محبوب دشمن کي ٻڌايو هو ته ڳجهو اڏو ڪٿي هو. سندس ڳوٺاڻا ۽ ساٿي کيس همدرديءَ واري نگاهن سان ڏسڻ لڳا. هوءَ وائڙي ٿي وئي هئي، ڄڻ ڪنهن کيس اوچتو مٿي ۾ بانٺو وهائي ڪڍيو هجي. هوءَ سڄي رات رئندي رهي، سوچيندي رهي، هيءُ سندن لاڳاپن جو انت هو، ته سندن پيار پساهه ڏيئي چڪو هو، ۽ پوءِ هن جي ڪردار تي سوچيندي هوءَ رڙ ڪري اٿي پئي ويٺي، ”نه! نه! اهو سڀ ڪوڙ آهي!“ افواهه جي پکڙجڻ ۽ تڪڙي وڌڻ کان گهٻرائجي هوءَ هر ممڪن دليل سوچي نگان ۾ ڀروسي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ته جيئن هوءَ ان افواهه تي اعتبار نه ڪري. ان دم پاڻ پتوڙ ۾ ٿڪجي هوءَ پارٽيءَ جي سيڪريٽري هاءِ ٿيپ ڏانهن ويئي ۽ ان جو جواب ٻڌائين. ”صبر ڪر، ڇوڪري، صبر ڪر!“ هن کيس ورندي ڏني، ”ڪميٽي ان معاملي ۾ جاچ ڪري رهي آهي، ۽ ڪنهن مثبت ثبوت جي کوٽ هئڻ ڪري، اڃا ڪنهن نتيجي تي نه پهتي آهي. اسان کي ٽام چان وٽان به خط پهتو آهي جنهن ’تڪڙ نه ڪريو‘ جي هدايت ڪئي آهي. رفيق تي غداريءَ جو الزام هڻن لاءِ اسان وٽ ڪافي حقيقتون ڪونه آهن. خبرداري ته ضرور رکڻي پوندي. پر گڏوگڏ دشمن جي شيطاني ڄار کي به پرکڻو پوندو. مون ان معاملي ۾ هڪ جاچ شروع ڪئي آهي. مان توکي به ان تي مقرر ڪندس.“

ڪوين ڪجهه اميد رکي، ۽ گهر موٽي آئي. ”پڪ ڪانهي“ هن پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌايو، ”پارٽي اڃا ڪنهن نتيجي تي نه پهتي آهي.“

”مون به ته ائين ئي پئي چيو. پارٽي ميمبرن کي رڳو معمولي اطلاع مليو آهي ته هو خبردار ۽ چست رهن. هروڀرو ٻار نه ٿي، رڙيون نه ڪر. اسان کي ڌيرج ڌرڻو پوندو.“

”ٺيڪ آ، مان تنهنجي ۽ پارٽيءَ جي ڳالهه تي اعتبار ڪنديس. هاڻي ايڏي هورا کورا ۽ اڻ تڻ ڪانه اٿم.“

”چڱو. پر ٻڌ...“ سئو جهٽ لاءِ هٻڪي، پوءِ ڇوڪريءَ ڏانهن سڌي نگاهه ڪندي چيائين، ”جي نگان ٿڙيو نه آهي ته سڀ ‎ٺيڪ آ، پر جي هو...“ ”ته پوءِ تون ڇا ڪندينءَ؟“

ڪوين ماٺ ٿي وئي. آخر ڀڳل ٽٽل اکرن ۾ هن چيو، ”ڪرڻ لاءِ ڪجهه هوندو ئي ڪين. پوءِ هو مون لاءِ ائين هوندو ڄڻ مري چڪو هو. ڄڻ ڪو وجود ئي نه پئي رکيائين.“

ڏيڍ هفتي کن کان پوءِ ٽام چان سفر تان اڏي تي آيو ۽ هن ڏي ماڻهو موڪليائين. جيئن ئي ڪوين پهتي ته هن جا پهريان لفظ هئا، ”اڄ ته ڪا ماني ڪر! ڪو ڪڪڙ ڪهي وجهه، پوءِ مان توکي ڪا ڪم جي ڳالهه ٻڌائيندس.“

ڪوين پهرين پَر ئي سمجهي وئي. دل جي اُتساهه سان هن پاڻ کي هن ڏانهن فِٽو ڪيو ۽ سندس هٿ پير پڪڙيا. مُرڪي هن ڇوڪريءَ جي مُنهن جو جائزو ورتو. ”هون؟ ڪڪڙ؟“

”هائو، هائو“ هٻڪي ڪوين قبول ڪيو.

ٽام چان اٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي ٻين کان پرڀرو ڪرڻ لاءِ، لانڍيءَ جي هڪ ڪنڊ ڏانهن وٺي ويو، ”خبر پئي اٿم“، هن ڇوڪريءَ کي جهڪي آواز ۾ چيو، ”ته گذريل ڏينهن کان تون اُداس ۽ نراس پئي رهين. ائين آهي ڇا؟ ته ٻڌي ڇڏ، تنهنجي ڳڻتي ڪرڻ جهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه آهي. نگان ڀروسو نه ڀڳو هو.“

هن ساهي پٽي سگريٽ جو ڦلو ڇنڊيو ۽ اڳتي چيو ”تازو اسان جاسوسن جو هڪ ڄار پڪڙيو آهي. هنن ٻين معاملن سان گڏ اڳين مهيني واري معاملي بابت به ڳالهيون ڪيون آهن. اسان جي اڏي تي حملي جو ڪارڻ اهو هو جو هنن جا ڇاڙتا ۽ خابرو چئا ڳو‎ٺ‎ ۾ ڊگهن وڻن تي چڙهي ٻيلي ۾ اچ وڃ واجهيندا هئا. شام جو هنن دونهين جي لاٽ وڻن جي وچ مان اٿندي ڏٺي. هنن اها رپورٽ چونڪي جي مُک رام کي ڏني. سو ان جو ڪارڻ دونهين جي لاٽ هئي ۽ نه ڪي نگان.“

ڪوين جي چپن مان ڊگهو ٿڌَو ساهه نڪتو، ڄڻ ڪو وڏو بوجهه لهي چڪو هوس.

ٻئي پاسي، ٽام چان ڳالهه جاري رکي. ”اسان جي جيل جي ذريعن ٻڌايو آهي ته نگان هڪ دفعو به نه جهڪيو آهي. دشمن کيس سخت پيڙا پهچائي آهي، پر هن وٽان ذري جي خبر به نه ڪڍي سگهيا آهن. اهو افواهه، ته نگان غداري ڪئي آهي، ڪو دشمن نه شروع ڪيو، پر جڏهن هڪ دفعو اهو اٿيو ته هنن به ان کي روڪيو ڪونه.“

ڪوين اٿي بيٺي هوءَ آس ۽ اتساهه ۾ ڀريل هئي. هوءَ پاڻ کي ائين محسوس ڪرڻ لڳي جيئن ڪو بخيل پئسا ڦُرائي وجهي، ۽ پوءِ کيس نه رڳو اهي واپس ملن، پر وڌيل به هجن. نگان بابت سندس دل ۾ موجود ڪڙائيءَ ۽ ڌڪار کي هُن سندس دل ۾ اٿيل، داد ۽ ساراهه جي لهر لوڙهي وئي. ڌڪار جوڳو ته ٺهيو، پر نگان هاڻي هن لاءِ ان کان به ڀل مانس ٿي پيو هو. خوشيءَ ۾ اڇلجي هن ٽام چان جي هٿن کي ائين لوڏيو ڄڻ ڀڃي رهي هجي. هن آس کان به وڌيڪ پاتو هو، ۽ جا ڳالهه هن لاءِ ندامت جو سبب بڻي سا فخر جوڳي ٿي چڪي هئي. ان کان به وڌيڪ وسهڻ ۽ اچرج جهڙي ڳالهه اها ٿي جو، ٽام چان جي خبر ڏيڻ کان، پنج ڏينهن پوءِ، هڪ رات جو اٿاهه برسات ۾ نگان پنهنجي سر هان ڊئٽ اچي نڪتو. ڪنهن کي هن جي اچڻ جي توقع ڪانه هئي. ڪوين سندس ماءُ ستي پئي هئي جو در جو کڙڪو، ۽ ڪنهن کي پنهنجو نالو وٺي سڏيندو ٻڌائين. پهريائين ته هن ڪو خواب سمجهيو، پر جهٽ پنهنجي پرينءَ جو آواز سڃاڻي ورتائين. اهو سچ پچ ان جو ئي هو.

”امان!... ڪوين! در کوليو“ ساؤ هنڌ تان اٿي پر ڪوين وڌي کيس جهليو. جيئن هوءَ اوندهه ۾ در طرف وڌي رهي هئي تيئن سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي رهي هئي. در اڃا مس کليو جو هوءَ ننهن کان چوٽيءَ تائين پاڻي ۾ شل، نگان سان اچي ٽڪري.

”ڪوين!“ نوجوان ڀڻڪيو.

”ائي، نگان!“

”مان هينئر هينئر ڀڄي آيو آهيان، هو مون کي مارڻ لاءِ نديءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. مان کين ڌوڪو ڏيئي ڪيري نديءَ ۾ ٽپي پيس،_ هينئر تو وٽ بيٺو آهيان.“

”هئي الله!“ ڪوين پاڻ کي پياري جي ڀاڪر ۾ اڇلايو.

پر هن جلد ئي کيس پاڻ کان ڌار ڪيو. ”مون کي يڪدم اڏي تي وٺي هل. هو منهنجي ڳولا ڪندا هوندا. هو ڪڏهن به هت اچي سگهن ٿا.“

”هتي ترسي پئو!“ کن پل جي سوچ کان پوءِ ڪوين حاڪماڻي انداز ۾ چيو.

”اهو ڪيئن ٿيندو؟“ وائڙي ڀاڄو ڪڙ چيو.

”بلڪل ٿيندو. فرش هيٺان واري پراڻي لڪڻ جي جاءِ تي توکي ڪوبه خطرو نه آهي. اڏو وري اتان هٽي ويو آهي.“ پوءِ هن کي ٻانهن کان ڇڪيندي هن زور ڀريو، ”هليو آءُ.“

نگان حڪم جي پوئواري ڪئي. هو سمجهي نه سگهيو ته ڇوڪريءَ جي موجود گي کيس ڇو پراعتماد بڻائي رهي هئي. رات دوران ڪو فوجي ڪونه آيو، پر اڳواٽ بچاءُ جي سوچ طور ڪوين هن سان ٻئي ڏينهن جي شام تائين ڪونه گڏي. هن کانئس سندس گرفتاريءَ ۽ پيڙا جي داستان ٻڌڻ جي گهر ڪئي، ۽ ان دوران کيس قميص لاهڻ لاءِ به چيو، ته جيئن هوءَ کيس اهو بام لائي سگهي جو ماڻس تيار ڪيو هو. سندس ڦٽ ۽ ڌڪ ڏسي هوءَ روئي ويٺي. مٿي سئو ۽ سندس ماءُ مهمان لاءِ ڪڪڙ جو شوروو تيار ڪري رهيون هيون. ننڊا کڙين اکين سان نوجوان اٿيو ۽ ڪوين کان پڇڻ لڳو ته سندس گرفتاريءَ پڄاڻا ڇا ڇا وهيو واپريو هو. ڪوين سوچ ۾ پئجي ويئي ته آيا هن کي ان افواهه بابت به ٻڌائي يا نه. پوءِ آخر کيس سڀڪجهه ٻڌايائين.

جڏهن هوءِ انهن شڪن ۽ گمانن تي پهتي، جي سندس دل ۾ پيدا ٿيا هئا، ته نگان اٿي ويٺو. ”ڇا چيئي؟ جيل کان پوءِ ائين ٿي ويئين؟“ هو گنگ ٿي ويو.

نراسائي وچان هوءَ هن کي سڀڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ۽ هن کي سڀ وچور ٻڌايائين. هن وضاحت ڪري پوري ڪئي ته نگان ليٽي پيو، ۽ پنهنجي مٺيءَ ڪوين جو هٿ پنهنجي بت تان هٽائي ڦٽو ڪيو.

”اڇا ته ائين آهي“، هن مِڻ مِڻ ڪئي، ۽ ”مون کي سڄو سارو مهينو ڪابه سڌ ڪانه پئي.“ پوءِ هو اوچتو وري اٿي ويٺو ۽ اکيون ڪوين جي اکين ۾ وڌائين. ”۽ تون“، هن چيو، ”تون پڻ مون کي ڌڪارڻ لڳي هوندينءَ؟“ هن جي جواب جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي هو وري آ هلي پيو، ۽ اکيون بُحري جي دروازي ۾ کُپائي ڇڏيائين. پوءِ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ ڪنهن ٽين شخص سان ڳالهائيندو هجي. ”جي نگان ائين ڪري ها ته تنهنجي هٿان ڳڀا ڳڀا ٿيڻ جو حقدار هجي ها. پر هن ائين نه ڪيو. هن کي ته رڳو اها خبر هئي ته سندن ضرب يا ڌڪ تي ڏند ڪيئن ڀيڪوڙجن. هو ايذاءُ ڏيندڙن کي چوندو هو ’مون کي ڪا خبر ڪانه آهي. پر جي ڪا خبر هوندي به ته توهان کي نه ٻڌائيندس.‘ نگان ته رڳو ايترو ڪجهه ئي ڪڇيو هو.“ هن جو نرم آواز گهگهو ٿي ويو. هن چوڻ پئي چاهيو، ”ٻيا ته شايد ڪن ها، پر تون شڪ ڪيئن پئي ڪري سگهينءَ؟“ ڪوين سمجهي وئي. هوءَ اٿي بيٺي، پچتاءُ ۽ ماٺ ۾، نگان ڪڏهن به هن سان ان ڍنگ ۾ نه ڳالهايو هو. گهڻي دير جي چپ کان پوءِ ئي هوءَ چپن چورڻ جي سگهه ساري سگهي.

”پر... مان ان تي ڪڏهين به پڪو ويساهه نه ڪيو.“

”پڪو نه...“ نوجوان وچ ۾ چيو، ”پر ٿورو گهڻو؟ اها به ساڳي ڳالهه ٿي!“

ان وقت ڳجهي دروازي تي ‎ٺڪ ٺڪ ٿي. سئو شوروو آندو هو. هن پنهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ جي ڳلن تي ڳوڙهن جي ڌار ڏٺي.

(2)

پنهنجي لڪن وٽ پهچي ٽام چان ٻهراڙيءَ ڏانهن نظر وجهڻ لاءِ رڪجي بيٺو. پوءِ داد ڀري آواز ۾ هن چيو، ”جڏهن به هان ڊئٽ ۾ ايندو آهيان ته ڪانه ڪا ڦير گهير ضرور ڏسندو آهيان. صوف جي وڻن جا تازا ڦٽل ساوا پن ته ڏسو. ڪيترا نه تازا ۽ وڻندڙ پيا لڳن.“

نگان ۽ ڊئٽ، ضلعي سيڪريٽريءَ جو هٿياربند محافظ، پڻ بيهي رهيا. ٽام چان سان گڏ بيٺل نگان پنهنجون نظرون هان ڊئٽ ڏانهن ڦيرايون. مکيه رستو ڇڏي، سامهون واري پيچري تي وک ورائي هو پاڻ کي ڏاڍو سرهو ڀانئي رهيو هو.

هان ڊئٽ جبل پنهنجي ٻن ڀائرن، هان سي ۽ هان سڪ کان اوچو هو. سندس جهول ۾ پکڙيل واهڻ ساوڪ سان مرڪي رهيو هو. چنڊ واري ٻارهين مهيني جي شروعات هئي ۽ ٽيٽ جي اچڻ جي خبر ڏيندڙ هير اڳ ئي جهنگ جهر ۾ گهمندي ڦرندي پئي وتي. ٽڪريءَ ۽ ڀروارن واهڻن تي ڦٽل گاهه پَٺا نئين وڻندڙ هير سان مست ٿي لُڏي لمي رهيا هئا. سڄي ايراضي ميويدار وڻن سان ڍڪي پئي هئي. پکا ۽ سراوان گهر گڏجي واهڻ کي هڪ وڏي ڳوٺ جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا. گهرڙا جبل جي چاڙهين تائين وڌي آيا هئا. پري کان ڪي گهر ڪبوترن جي گهرن جيان لڳي رهيا هئا، جن جا رنگ روپ ڄڻ مينهن ۽ اُس ۾ مٽجي ويا هئا. ڪي ڀوري ڪاٺ جي ڀتين سان نوان لڳي رهيا هئا. هان ڊئٽ جي پٺيان سمنڊ پکڙيل هو جنهن تي بانس جا وڻ ڊگهن سنهن عاج جي رنگ جي ٿڙن سان ائين بيٺا هئا ڄڻ مدت کان ماٺ ۾ هئا ۽ مندن جي اچ وڃ جي اثرن يا طوفانن جي حملن کان بي نياز هئا. ان بانس جي پڙدي جي پويان سمنڊ جي چادر وڇايل هئي. ڪناري سان لڳي پوندڙ جهُڳيءَ کي ڏسي نگان کي ائين لڳو هو ڄڻ ته سمنڊ پاڻ کي چمڪندڙ هار جي ڳههَ سان سينگاري رهيو هو.

نگان جي ڪلهي تي هٿ رکي ٽام چان پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. ”هائو“، هن چيو، ”جاءِ واقعي عجيب آهي. اڃا بغاوت کي ڀڙڪي سال ئي مس ٿيو آهي، ۽ هر ڪا شيءَ بدلجي چڪي آهي. عوام جي اڻ ٿڪ ۽ اٽل جدوجهد کي سؤ سؤ سلام هجن، جو دشمن، سال جي وچ ڌاري ڪيل آپريشن دوران، ڪو خاص نقصان نه رسائي سگهيو.“

”ڇا اها حقيقت آهي ته هنن پنهنجي پرڳڻي جي ڪن حصن ۾ ڪيميائي زهر ڇڙڪايو هيو؟“

”هاڻو، ان ڪري کيس تڪڙي هار ملي. پر ان هوندي به، اسان جي ڪاري ضرب کان پوءِ به، هو وري پاڻ جهلي ۽ پلي رهيا آهن. هِت هُت هو نين ۽ مضبوط مشغولين ۾ رڌل پيا نظر اچن.“

”هت هان ڊئٽ ۾ ته کين ٺاهوڪي مار ملي هئي.“

”هو وري وري ايندا. هنن کي خبر آ ته هِت اسان جو هڪ اڏو آهي، شهر ڏانهن هر ڪا چڙهائي يا هُلان هتان ئي شروع ٿئي ٿي. سڀ کان وڌيڪ ته، هان ڊئٽ سيٽو حڪمت عمليءَ جي حد اندر اچي ٿو وڃي. هنن کي هت نه هئڻ گهرجي. جي هت ڪا چونڪي هڻن به ته اها اسان کي پٽائڻي ۽ هٽائڻي پوندي.“ ٽام چان وک ڍري ڪئي ۽ هلڪي مرڪ مرڪيو. ”نگان، تو لاءِ ته هان ڊئٽ کي وڌيڪ خاص اهميت آهي، تون جيڏانهن به ويندين، ڇڪجي هتي ضرور ايندين، آهي ني؟“

ان ٽوڪ تي نگان مرڪيو. سندس ساٿي ساڻس مخاطب ٿيو. ”پوءِ... شادي جي دعوت؟ ٽيٽ کان پوءِ ڪندين ڇا؟ ان موقعي تي نوروز سان گڏوگڏ ٿي وڃي ته بهتر ٿيندو. ائين ٿيو ته مون کي چڱي مڙس جي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو، ڇو جو ٽيٽ کان پوءِ مان تعليمي سلسلي ۾ ڏور هليو ويندس. اسان جي وڏن چيو آهي! ’جڏهن توهان شاديءَ ڪرڻ جو پهه ڪيو ته رلڻ پنڻ ڇڏي ڏيو.‘ اها هڪ جدلياتي حقيقت آهي، اهو نه وسار ته پاڻ کي ’انقلاب ۽ شادي_ ٻه شيون جي هڪٻئي جي ابتڙ نظر اچن ٿيون_ ڏانهن وقف ڪري ڇڏڻ، درحقيقت هڪ ڳالهه آهي. ائين برابر آهي ته شادي ڪن کي موڳو بڻائي ۽ سست ڪري ڇڏيندي آهي، پر اها ٻين گهڻن کي وڌيڪ جوشيلو ڪارڪن بڻائي ڇڏيندي آهي. اهو سڀ زال مڙس تي مدار رکي ٿو. تنهنجي باري ۾ ته مون کي ڪي به چوڻو ڪونه آهي. باقي جيتريقدر ڪوين جو سوال آهي، ته اها تو لاءِ سٺو جوڙ آهي. هن نوجوانن جي فيڊريشن لاءِ به اهڙي محنت ۽ مشقت ڪئي جهڙي گهرو ڪم، رڌپچاءَ، ٿانءَ ٿپي ۽ ڀرڻ سبڻ وغيره ۾ ڪري ٿي. سٺو سودو اٿئي. ائين برابر آهي ته گذريل سال جي غلط فهمين توکي ڪجهه پسرايو ۽ ڪاوڙايو آهي، پر ساڳي ئي وقت اهو پاڻ به ڏسي سگهين ٿو ته ڇوڪريءَ جو سڀاءُ ڪيئن آهي، توکي ته جيڪر خوش ٿيڻ گهرجي. توکي ڳڻتي ۽ فڪر ته تڏهن ڪرڻ گهربو هو، جڏهن هوءَ ان افواهه طرف ڪو ڌيان نه ڏئي ها ۽ ڪوبه ردعمل نه ڏيکاري ها، پر حقيقت اها آهي ته هن جا ماشا ڦري ويا هئا.“

نگان پنهنجي خوشيءَ کي لڪائيندي به نيٺ مرڪي ويٺو. جيتوڻيڪ پهريائين هن کي مٺيان لڳي هئي، پر هينئر سندس مـﮝـيتي وڌيڪ ڀروسي ۽ پيار جوڳي ٿي پئي هئي، هاڻ هن کي سڌ پئجي چڪي هئي ته ان صدمي رسائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ افواهه ويچاري ڪوين تي ڪيترا نه پيڙا ۽ پروڻن جا پهاڙ ڦٽا ڪيا هئا. جيئن ئي هو واهڻ جي منهڙي تي پهتا ته ٽام چان چيو ”تنهنجا ماڻهو ڪٿي رهيل آهن، نگان؟“

”واهڻ جي وچ ۾، اسان سان ملڻ ايندين ڇا؟“

”هائو، مان هائي ٿيپ سان ملڻ چاهيان ٿو.“ پوءِ پنهنجي محافظ ڏانهن ڦرندي چيائين ”ڊئٽ، تون به لنهه ڪونهن ڏي پنهنجي گهر ويندين ڇا؟“

ڊئٽ شرمائجي ڳاڙهي منهن سان، پنهنجو ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيو.

”ٺيڪ آ، وڃ. سڀاڻي تائين ورڻ جي ڪج.“

نوجوان ٻٽيهه ئي ڪڍي مشڪيو ۽ پنهنجي رائيفل جو پٽو ٺيڪ ڪيائين. ”الهه واهي.“ ڊئٽ تڪڙو تڪڙو وڌي ويو. هن کي رڳو ٽي ميل ئي پنڌ ڪرڻو هو.

هان ڊئٽ جو واهڻ بلڪل هان ڊئٽ جبل جي پيرن وٽ آهي. اهو اتان کان بانس دار ڪناري تائين پکڙيل آهي، جو سمنڊ کان رڳو ٻه سؤ وال ئي اوري آهي. واهڻ هڪ گهاٽي چراگاهه رستي وام رانگ نالي هڪ ننڍڙيءَ نديءَ سان ڳنڍيل آهي، جا هر روز مٺن آلاپن جهڙي آواز سان وڃي سمنڊ ۾ ڪرندي آهي. هان ڊئٽ جا گهر، جي زمين تي يا دڙن تي ٺهيل آهن، ائين لڳندا آهن ڄڻ ڀانت ڀانت جي سنهري ميون جي باغن سان ٽمٽار ٿي گهٽين ڏي وهي اچڻ چاهيندا هجن، هر گهر چاري سان، هڪ ننڍڙي ڏاڪڻ يا ڏاگهري رستي ڳنڍيل آهي. وڏن گهرن کي (سِرن جي ڇت وارا) اڪثر سهنج ۽ سهوليت خاطر ٻنهي پاسن کان اهي ڏاڪڻيون آهن، نه ته ڪکاون پکن کي رڳو هڪ پاسي کان. چوندا آهن ته لاباري جي مند ۾، ٽري ٽان،_ ضلعي جي مُک شهر، مان اهي ٽئي جابلو علائقا ائين لڳندا آهن، ڄڻ ڪا نيري ربن ٻڌل سونهري وارن واري ڇوڪري، سونهري تڏي تي ستي پئي هجي، ۽ هينئر هينئر ننڊ مان جاڳي ڄنگهون پساريون هجئين. هيڊيون ڍڪيل سارين جون ٻنيون سونهري تڏو آهن، ۽ وام رانگ ندي نيري ربن. جڏهن ٻئي همراهه واهڻ جي وچ ۾ پهتا ته هنن سازن جا سُر ٻڌا. پوءِ انهن سان گڏ هڪ عورت جو آواز اٿيو.

”اها اسان جي ڳائڻي نام نهو آهي.“ نگان چيو.

”ٺهيو، ته سپاهي هت ڪڪ ۽ اٻاڻڪا نه ٿيندا هوندا.“ ٽام چان چيو، ”سچي پچي اها نام نهو آهي؟ آواز ڏاڍو مٺو اٿس، ۽ سريلو پڻ، ڪو عجب ناهي ته چوڪيءَ جا سپاهي کيس چاهيندا هجن... ڇا اها حقيقت آهي ته ڪاٽنگ ۾ سپاهين چيو هو ته ڇوڪريءَ جي راڳ ٻڌڻ خاطر گولي نه هلائيندا؟“

”ائين آهي. ڏاڍو مزو ٿيو هو. انهن ۾ ڪن ته رڙ ڪري چيو هو ’او، مٺڙي مائي، ٻيو راڳ ٻڌاءِ، اهو اسان جو عرض اٿئي. اسان کي ڏاڍو وڻين ٿي، اسان گولي نه هلائينداسين.“

”ائين به ٺيڪ هوندو آهي. پر هو ڇا ڳائي؟ اهو هڪ ڏکيو سوال آهي جنهن جي مون کي گهڻي خبر ڪانه پئي آهي. پر منهنجي خيال ۾ راڳ اهڙو هجي جو دل ۽ دليل ٻنهي جي ترجماني ڪندو هجي. اهو اهڙو هجڻ گهرجي جو سپاهين کي ڀاڙيتو ٿيڻ کان بيزار ڪري، کين پنهنجي ٻارن ۽ زالن جي سوچ ڏياري، هچارو محسوس ڪرائي، ۽ منجهن فوج مان ڀڄي وڃڻ جو خيال پيدا ۽ پڪو ڪري. خشڪ نظرياتي پرچار به نه هجي، پر بيهودي بڪواس به نه هئڻ گهرجي... جي هو کيس پنهنجي پياري مائي ڪوٺين ٿا، ته سندس راڳ به ڪافي جذباتي هئڻ گهرجي. نه؟“

”ايڏو نه جيڏو تون سمجهين ٿو. توکي خبر آهي ته اهي ڀاڙيتا سهڻي ڇوڪريءَ سان ڪيئن ورتاءُ ڪندا آهن. نام نهو سدائين واهياتن کي ڌڪاريندي آهي. ’اهي ڪيڙا!‘ هوءَ چوندي آهي، ’جي اهو منهنجو انقلابي فرض نه هجي ها ته قيامت تائين به منهنجو راڳ نه ٻڌي سگهن ها!‘“

”ننڍڙي ڊيپ جو ڇا حال آهي، راچ گيا مان آيل اسڪولي ڇوڪر، اهو ڪيئن ٿو هلي؟“

”سٺو ڇوڪرو آهي. سڀ يونٽ کيس چاهيندا آهن. البت اهو سڀاويڪ آهي ته جنهن قسم جي زندگي اسان گهاري رهيا آهيون سا هن کي پريشان ڪري پيئي.“

شهري ڇوڪرا منڍ ۾ ائين ئي هوندا آهن. هن طرف پاڻ کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهو اسان جو فرض آهي. هي هڪ اهڙي رفيق جو پٽ آهي جو هڪ مهم تي مارجي ويو هو.“

هر وک سان موسيقي وڌندي پئي وئي. ٽام چان پري کان ئي ٽيوڊون جي يڪتاري جو آواز سڃاڻي ورتو. ”جڏهن کان ٻڍو انڌو ٿيو آهي“، هن چيو ”سندس يڪتارو وڄائڻ وڌيڪ هيجان پيدا ڪندڙ ٿي پيو آهي.“

گهٽي جي ڇيڙي تي ٻنهي صدي پراڻو وڏو گدامڙيءَ جو وڻ ڏٺو جو موسيقار جي ننڍڙيءَ لانڍي مٿان لامون ڦهلايون بيٺو هو. هن جي ننڍي اڪيلي لانڍي ائين لڳي رهي هئي ڄڻ ڪنهن رستي جي ڇيڙي تي ڪو ننڍڙو بقالقو دڪان هجي. هڪ وڏو ڪتو ٽپو ڏيئي اٿيو، ٻنهي ڏانهن ڀونڪندو وڌي آيو ۽ سندن پيرن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اندر لانڍيءَ ۾ پراڻي سُر ۾ ڳايل ”ماڻهو اٿي بيٺو“ جو راڳ پورو ٿيو. هٿياربند پرچارڪ جٿي جا ماڻهو ٻڍڙي ۽ ڳائيڻيءَ کي ورايو بيٺا هئا. جيئن ئي ٻئي ماڻهو اندر گهڙيا ته هرهڪ ڏانهن ڏٺو ۽ تعجب ۾ چيو ”ٽام چان ۽ نگان!“

ٽام چان چوڌاري سڀن سان هٿ ملايو ۽ هڪ نوجوان سان ڀاڪر پاتو جو اسڪول جو ٻار لڳي رهيو هو. ”ڇا حال آ ڊيپ؟ جاءِ وڻئي ٿي ني؟“ هن مرڪندي پڇيو.

”بلڪل، چاچا!“ ڊيپ ڇوڪريءَ جيان لڄائيندي وراڻيو.

”۽ تو لاءِ به ڏينهن سڀاڳو هجي، مادام“ ٽام چان نام نهو سان هٿ ملايو،

”توهان جو ڪهڙو حال آ چاچا؟“ ٽام چان ٻڍي انڌي ڏي ويو.

”ٽام چان، تون آن ڇا؟“ ٻڍڙي ڏڪندڙ هٿن سان چادر پنهنجي بت کي ويڙهي، ۽ ماٺ ۾ هن جي وِڻي پڪڙي. ٿوري دير کان پوءِ هن چيو، ”گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو آهين. يا شايد وچ ۾ آيو هجين ۽ مون سان نه مليو هجين؟“

ٽام چان ڌيرج سان ٻڍڙي جي ڪمزور ڪلهن تي پنهنجا هٿ رکيا ”سڄو وقت ڪم پويان هيس، چاچا. ائين ٿي نٿو سگهي ته مان ڊئٽ اچان ۽ توهان کي نه ڏسان.“

”ٽم ڪٿي آهي؟“ ٽام چان چوڌاري نهاريندي پڇيو.

”درياهه تي مڇي مارڻ وئي آهي.“

ٻڍڙو ٽيوڊون ماٺ رهيو. هن جون بي نور اکيون ائين گهوري رهيون هيون ڄڻ اهي جوڌي جي نقشي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. جن اکين سان هو قدرت ۽ انسان کي ڏسي سگهندو هو، سي نو سال کن ٿيا ته اُجهامي چڪيون هيون. هينئر هو پنهنجو پاڙو، گدامڙيءَ جو وڻ، جبلن جون چوٽيون، ڪنارو يا پنهنجا پيارا نه پئي ڏسي سگهيو. هر شيءَ جا ڪڏهن سندس اکين ۾ مسرت آڻيندي هئي، هينئر روپ مٽائي ڪا ٻي شيءَ ٿي پئي. هن سان وڏي ويڌن اها هئي جو هن ڄاتو پئي ته هن جي آس پاس هر ڪا شيءَ بدلجي چڪي آهي. ۽ تڏهن به هو اها سٽ محسوس ڪري يا ڏسي نه پئي سگهيو. ان ڪري هو تصور ڪندو هو ته اها شيءَ ڪيئن پئي لڳي. ان ڪري ئي هو ٻين کان وڌيڪ پرزور نموني خوشي محسوس ڪندو يا احتجاج ڪندو هو. گهڻو وقت نه ٿيو هو، هن جي بلڪل ڀر ۾ ڇاڙتي سرڪار جي چونڪيءَ جي سوئرن، هڪ فوجي جوڌي جوانڙيءَ کي گدامڙيءَ جي وڻ جي ٿُڙ سان ٻڌو هو، ۽ پوءِ سندس هٿ ڪوڪن سان ٿڙ ۾ قابو ڪيا هئائون. ٻڍڙي دانهون، پاراتا ۽ گولين جا آواز ٻڌا هئا. پوءِ هڪ زوردار رڙ ٻڌي هئائين. ”ديش ڀائي ساٿيو! پنهنجي ڀائٽيءَ جو پلئه وٺو!“ ۽ پوءِ وڌيڪ گولين جا ٺڪاءَ. هن پنهنجي جسم کي رڙين طرف ڌوڪيو ۽ اڇلايو پر دشمن هن کي ڌڪي پاسي ڦٽو ڪيو. جڏهن هنن جي وکن جا آواز جهڪا ٿي ويا ته هو وڻ طرف رڙهيو. ڇوڪريءَ پاڻ کي ٿڙ وٽ اڇلائي ان کي ڀاڪر وجهي جهريل جيءَ سان ريهون ڪيون هيون. اها سڄي رات ۽ ٻيو ڏينهن ڳوڙها سندس اکين جي خالي کوپن کي ڀريندا رهيا هئا. هر رات هو سوچيندو هو ته هن جوڌيءَ کي ڏٺو هو ۽ سندس رڙيون ٻڌيون هيون. هو ذهن ۾ گدامڙيءَ جي، گولين سان زخمي ۽ ڪوڪن سان سوراخيل ٿڙ جي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن جي خيال ۾ اهو ٿڙ ائين ئي بدليو ۽ مٽيو هوندو.

ڇاڙتن خلاف هر احتجاجي مظاهري ڀيري، پوءِ توڙي کڻي اهو آگسٽ واري ميهو ڳيءَ جي مهيني ۾ ڇو نه ٿيو هجي. جڏهن چارا، ڪسيون ڪڙا ٿي ويندا هئا، هو پنهنجي ڏهٽيءَ کي هٿ کان وٺي، در ٻاهران رستي تي اچي جلوس جو انتظار ڪندو هو، پوءِ هو انهن سان گڏ پنهنجي آواز اٿارڻ لاءِ، ضلعي شهر جي چونڪيءَ تائين ويندو هو. مظاهري کان واپس ايندي هو پنهنجي گهر اڳيان واري رستي جي، پيرن جي نشانن سان پُر هجڻ بابت تصور ڪندو هو. اهڙيءَ ريت هو ٻين کان وڌيڪ خوشي ۽ تسڪين محسوس ڪندو هو. بغاوت دوران، جڏهن به عوام ڇاڙتن جي خوني دلالن تي ڪيس هلائيندا هئا، ته هو سدائين اتي حاضر ٿي ويندو هو. جنهن ڏينهن هنن علائقي جي بي رحم ۾ بي رحم ظالم مؤ تي مقدمو پئي هلايو، جڏهن هائي ٿيپ هن کان انقلابي ڪورٽ جي نالي ۾ پڇيو ته ڪهڙي سزا ڏيڻ گهرجي، ته ٻڍڙي پنهنجون ٻانهون مٿي ڪري رڙ ڪئي هئي، ”موت! موت!“ هر ڪنهن کي ائين پئي لڳو ڄڻ اوچتو هن جي نظر موٽي آئي هئي، هو مؤ جي مارجڻ کان پوءِ لٺ تي گهر ڏانهن رڙهيو هو. هن جي ڪاوڙ، تسڪين ۽ مسرت ۾ ڪابه مٽاسٽا نه ٿي هئي. اهي ڳالهيون هن ۾ ايتريون اونهيون هيون جيترا اونها سندس بي نور تارا هئا جي هن هينئر ٽام چان ڏانهن ڦيريا هئا. ”مون جو ڪجهه چيو“ هن ايمانداريءَ سان بيان جاري رکيو، ”سو توکي رنجائڻ لاءِ نه هو جڏهن به وقت ملئي ته مون وٽان ٿي ويندو ڪر، مون کي خبر آهي ته توهان انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍا رڌل آهيو. مون لاءِ اهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ائين ڄڻ ته تون مون وٽ آئين.“ ”چاچا سائين.“ ٽام چان جهٽ کان پوءِ چيو، ”اڃا پيئندا آهيو؟“

جواب ڏيڻ کان اڳ ڪافي وقت ٻڍڙو چپ ۾ تڪيندو رهيو. ”هائو. پر گهڻو نه.“

”چاچا جيترو گهٽ اوترو بهتر.“

”تون ٺيڪ ٿو چئين، اڄ اڳ وانگر نه رهي آهي. تون ٻڌاءِ ته اڳ ڪنهن کي آرام جي ننڊ ايندي هئي؟ جڏهن ڪَنين ٻڌيو هو ته ڪيئن نه هُو اسان جي همراهن جون ڪوپرا ٽيون ڀڃيندا هئا؟ پر مان ته انڌو هيس، سو ڇا پئي ڪري سگهيس؟ سواءِ ان جي جو جيڪي خوشنصيب بچي موٽندي منهنجي لانڍيءَ اڳيان لنگهندا هئا، تن کي ڏيڻ لاءِ پنهنجا چانور بچائي رکان، ۽ جڏهن هو لنگهي ويندا هئا ته مان اکيون نه ٻوٽي سگهندو هوس ۽ پيئڻ شروع ڪندو هوس.“ هن ساهي پٽي، ”پر جڏهن کان عوام اٿيو آهي ته ڪو گهڻو ڪونه ٿو پيئان.“

ٽام چان ٻڍڙي جي هڏائين هٿ کي وڌيڪ زور سان جهليو. هن پنهنجي اندر ۾ اجهل ۽ ڀڙڪندڙ جذبا اٿندا محسوس ڪيا.

(3)



ڪوين ڦتڪندڙ مڇين جي ڪنواٺي ورانڊي جي فرش تي رکي. پنهنجون ٻانهون ٺونٺ تائين کُنجي، هن موڪري ڇُري سان بانس جي اها سنهي ڪاٺي ڪٽڻ شروع ڪئي جنهن تي هن ڪِلين سان مڇيون اٽڪايون هيون، هن اهي ڇلڻ شروع ڪيون. کٻي هٿ جي کليل آڱرين سان هوءَ ان کي ڏکيو جهلي پئي سگهي. چڱو شڪار ٿيو هو. ڪناري کان گهر ڏانهن ايندي، هڪ هٿ مان مٽائي ٻئي هٿ ۾ رکندي، ماتا ساؤ چيو هو ته چار سير هيون. جيئن جيئن ڇري پٺيءَ ۽ پاسي جا ڇلر لاهي رهي هئي تيئن مڇي واڱڻائي رنگ جي لڳندي پئي وئي. وڏا ڇلڙ پاين جيان ڪرندڙ لڳي رهيا هئا. ڪوين مڇيون هڪٻئي جي مٿان رکيون ۽ ڪم جاري رکڻ کان اڳ مرڪ مرڪي. وڏي مڇيءَ تي هن جو ڦڙتي سان چاڪو هلائيندو ڏسڻ به مزيدار پئي لڳو. هڪ ڌڪ سان سڄي پاسي جا ڇلڙ گم ته ٻئي سان پُڇ جا. اک ٻوٽ ۾ مڇي پچڻ لاءِ تيار پئي ٿي وئي. ڇوڪريءَ ناريل جي لوٽيءَ سان گهڙي مان پاڻي ڪڍي ديڳڙو ڀريو ۽ مڇي ان ۾ ڦٽي ڪئي. ان کان پوءِ هن پاڻيءَ سان فرش ڌوئي، گند ڪچرو ڪڍي ڇڏيو. ڪوين مڇيون پچائڻ جون تياريون ئي پئي ڪيون جو هن ڏاڪڻ وٽ خوشي ڀريو آواز ٻڌو ”امان! امان!“ اهو ٽام چان هو. ان کان پوءِ هن ٻيو آواز ٻڌو ۽ يڪدم نگان جو مٺو ۽ ماٺو آواز سڃاڻي وئي. هن مڇي هيٺ رکي هٿ ڌوتا ۽ نرڙ تي ڪريل وارن جي چڳ هٿ سان سينڌي ڇڏي. ملاقاتين ڏانهن ڊڪندي هن خوشيءَ وچان رڙڪئي ”اڙي، ادا ٽام!“

نگان ڏانهن هڪ کن لاءِ نگاهه ڦيرائي، هن وري ڄاڻي واڻي ٽام چان سان ڳالهايو. هن پنهنجي مڱيندي تي کلڻ پئي چاهيو جو اهڙي ڪاري گڊي پايو بيٺو هو، جا هن لاءِ تمام وڏي هئي ۽ نه ڄاڻان ڪٿان هٿ ڪئي هئائين. نگان پنهنجي مڱينديءَ کي ڪجهه ڪونه چيو. هو رڳو وچ ڪمري ۾ ويهي رهيو، ننڍڙي ٿَئي کي ڇڪي پاڻ ڏانهن ڪيائين ۽ هن کان ڊگهيون آواز ڪندڙ چميون وٺڻ لڳو. هر ڀيري ننڍڙيءَ وري موٽ ۾ هن کان چمي پئي ورتي. هن ورجائڻ لاءِ پئي چيس ڇو جو هوءَ ڏاڍيان نه وٺي رهي هئي. نيٺ هن ٻانهون کولي ڪڪيءَ کي ٽام چان ڏانهن وڃڻ ڏنو. هو ان ڏانهن ڊوڙي، جهٽ رڪي، هن کي ٻانهن هيٺ ڪرڻ ڏنيون ۽ پوءِ ڪنڌ ۾ چنبڙي پيس. هو ٿَئِي کي مرڪندڙ ۽ پيار ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳا. ماتا ساؤ هميشـﮧ جيان پان سوپاري چٻاڙيندي خوشيءَ وچان مرڪيو. سندس پويان بيٺل ڪوين، ڳلن ۾ کٻ آڻيندڙ مُرڪ سان، پنهنجي ماءُ جي پهراڻ ۾ ٽاچني وڌي، سئو جي مرڪ ڪجهه ماٺي هئي، پر هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي هر هڪ چرپر ڏسي فخر گاڏڙ خوشيءَ سان ٽمٽار هئي، سڄو ڏيک کيس وڏي دلجاءِ ڏئي رهيو هو. ڇو جو ٿَئِي سندس پيار جو ڦل هئي، هن جو ۽ سانِ جو جيئرو جاڳندو پرتو هئي. ٿَئِي، پنهنجي تازگيءَ ۽ پاڪائي سان، کين پاڻ ۾ ڳنڍي رکندڙ ڏور هئي.

”اسڪول ويندي آهين؟“ ٽام چان پڇيو.

”هائو، چاچا“، ڇوڪريءَ چٽي لهجي ۾ چيو.

”اڪيلي؟“

”نه، ناني سان“ اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ هن مختصر نموني نانيءَ ڏانهن نهاريو ”توهان کي خبر آهي ته هوءَ هر روز مون سان گڏ هلندي آهي.“

ماتا سئو پنهنجي کٽ تي ويٺي اها گفتگو ٻڌي، ۽ ڳالهين ۾ شامل ٿي. هن آڱرين سان واڇن تان پان جي ڳاڙهاڻ اگهي ”هر روز مان هن کي وٺي ويندي ۽ موٽائي آڻيندي آهيان.“ هن چيو، ”پر هوءَ مڙي نٿي ۽ هر روز چوي ٿي ته ناني، مان اڪيلي وڃان. مان وڃي سگهان ٿي. پر مان کيس پاڻ وڃڻ ڪيئن ڇڏينديس؟ تون ئي ڏس نه ٽام چان! هر روز اُڀ ۾ رڙندڙ هوائي جهاز، ۽ وقت بوقت ڪنارن تي گولي باري ڪندڙ اکٻوٽ. مان وٺي ويندي آهيان ته به من ۾ ماٺ نه هوندي اٿم. جهاز جي آواز اچڻ سان ئي دل ڌڪ ڌڪ شروع ڪندي اٿم. جي جهاز اچي وڃن، ۽ هيءَ رستي تي اڪيلي هجي ته، لڪي ڇپي ڪيئن سگهندي؟“

”پر، ناني! اسان رستي تي الاهي کاهيون کوٽي ڇڏيون آهن.“ ننڍڙي نينگر وراڻيو.

”ڏٺئي ٽام چان! ڪيئن نه دليل بازي شروع ڪيائين؟ پناهه گاهه؟ اهي ته برابر آهن. پر جي اتي نانگ بلا هجي ته ڪيئن ڪندي؟“ هن ترسي ٻيو پان ٺاهيو. ”ٻار“ هن اڳنا چيو، ”آواز ٻڌڻ سان ئي کڻي ٽپي پوندا آهن ۽ اهو به نه ڏسندا آهن ته اتي ڪو نانگ وغيره ته ڪونهي. وڏا ماڻهو به ائين ئي ڪندا آهن، پوءِ...“ ٽام چان، جو پنهنجي پستول جي پٽي لاهڻ لاءِ پنهنجي گڊي لاهي رهيو هو کلڻ ۾ اچي ڇٽو. هر ڪو ان کِل ۾ شامل ٿيو. ڪوين ماءُ جي ڪلهي تي کاڏي رکي کلندي رهي. پوءِ پاڻ جهلي چيائين، ”توهان کي ته خبر آ ته امان هرڪنهن شيءَ کان ڊنل آهي.“

”هائو. امڙ! مان ڊڄڻي آهيان“، ماتا ساؤ ڏٻيءَ اک سان ننڍي ڌيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.

”نه، ماتا ساؤ، ڊڄڻي هر گز نه آهي“، ٽام چان ڄڻ پاڻ سان ڳالهايو. هن کيس 1958ع ۾ سخت ۽ ڏڪائيندڙ آزماش مان پار پوندو ڏٺو هو. اُن ڏهاڙي هان ڊئٽ چوڪيءَ جي مناري تي ويٺي ٻن محافظن جبلن لڳ هڪ ڇوڪري کي مينهن تي سوار ڏٺو. سگريٽ جي شرط تي هڪ سپاهيءَ ٻار جو نشانو وٺي ان کي ماريو، جو بولاٽي کائي اچي زمين تي ڪريو، بغاوت ڪري هان ڊئٽ جا ماڻهو ان جو لاش چوڪيءَ تي کڻي ويا. هائي ٽيپ سئو ۽ پنهنجي زال کي احتجاجي جلوس ڪڍندڙن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ۽ کين چيو ”ڪنهن به قيمت تي ان کي سزا ڏياريو جنهن اهو ڪم ڪيو هو.“ هو پاڻ ۽ ٽام چان نديءَ جي ٻيءَ ڀر هڪ گهر ۾ لڪي ويهي، ان جدوجهد جي روئداد ڏسڻ لڳا هئا. سپاهي مظاهرين جو چوڪيءَ ڏانهن ويندڙ دڳ جهلي بيٺا ۽ هجوم جي الزامن جي جواب ۾ دعويٰ ڪرڻ لڳا ته ڇوڪرو ائين گسي ويل گوليءَ جو شڪار ٿيو هو. پر مظاهرين ڌوڪيندا اڳنا وڌندا ويا. ايتري ۾ هان ڊئٽ چوڪيءَ جو ڪمانڊر زام اڳيان وڌي آيو ۽ پنهنجي رائفل ماتا ساؤ ڏانهن سڌي ڪيائين جا مظاهرين جي اڳواڻي ڪري رهي هئي. ”موٽي وڃ“، هن رڙ ڪئي، ”وک وڌايئي ته، ٻڍڙي، مئي پئي هوندينءَ!“

هي اها نازڪ گهڙي هئي جنهن ۾ سندن سوڀ يا هار جو فيصلو ٿيڻو هو. زام نالي وارو رت پياسي بدمعاش هو ۽ ماتا سائو کي بنا ڪنهن سبب مارڻ جي اهل هو. جي هوءَ موٽي پئي ته جدوجهد ختم ٿي پئي. هوءَ جبل جيان اڏول ٿي وئي. هن زام کي ڪجهه چيو، پر ٽام چان ڪافي پري هئڻ سبب ٻڌي نه سگهيو. هن رڳو رائفل کي چُرندو ڏٺو. ايتري ۾ هڪ عورت وڌي ۽ ماتا سائو ۽ رائفل جي وچ ۾ اچي بيٺي. هوءَ چوڪيءَ جي ڪمانڊر جي ماءُ بيگم ڪازوئي هئي. هن پنهنجي پٽ کي ڪجهه چيو ۽ پوءِ قطعي فيصلي ڪن انداز سان رائفل هٽائي. ماتا ساؤ ۽ مظاهرين ان جو فائدو ورتو ۽ چوڪيءَ ۾ ڌوڪي پيا.

آخر ۾ دشمن کي خوني جهلي گرفتار ڪرڻو پيو. زام هن کي جيل اماڻڻ جو انجام ڪيو. موٽندي، ٽام چان ماتا ساؤ کان پڇيو ته هن زام کي ڇا چيو هو.

”چيو مانس“، ماتا ساؤ وراڻيو، ”زام، جي مون کي ماريئي ته ڄڻ بيگم ڪازوئي کي ماريئي!“ ۽ زام جي ماءُ چيو، ”ماتا ساؤ تي گولي نه هلاءِ، مون تي هلاءِ_ هلاءِ، هي ٿئي منهنجي ڇاتي زام هڻ گولي!“ زام گهوڙي کي ڇڪي نه سگهيو. هو ناميارو ۽ ظالم بدمعاش هو، پر ماءُ تي گولي هلائڻ ۾ هٻڪيو پئي، هينئر بيگم ساؤ ڏانهن نهاريندي، ٽام چان کي ائين لڳو ڄڻ اهو واقعو ڪالهه ٿيو هو جنهن ۾ هوءَ زام جي تاڻيل رائيفل آڏو اڻ ٽر ٿي بيٺي هئي.

”جهازن کان ته ڏاڍي ڊنل ٿي نظر اچين، امان“، هن چيو ”پر زام جي بندوق کان ته بيپرواهه هئينءَ، سو ڪيئن“، ڪا مهل ماتا ساؤ رهي، پوءِ چيائين ”جهازن جو پڻ ڀوُ ڪين اٿم.“ هن اکر اکر ڪري هوريان هوريان چيو ”پر رڳو اولاد ۽ اولاد جي اولاد جو اونو ٿئيم ٿو. قبر ڪنڌيءَ ويٺي آهيان، سو ڀوُ ڇا جو ٿيندو؟“ هن ڳالهائڻ جاري رکيو، ”مڙيئي چوڻ ڪاڻ اهو چيم، نه ته مرڻ لاءِ تيار نه آهيان، مون کي اتحاد جي ڏينهن تائين جيئڻو آهي. مون کي پنهنجن اکين سان صدر هوُ (هوچي منهه) جو منهن ڏسڻو آهي. ان کان پوءِ مان آرام سان مري سگهنديس.“

”ڳڻتي نه ڪر، امڙ، ديرمدير تون ضرور اهو سڀڪجهه ڏسندينءَ.“

”سچي ٽام چان؟ سچي، پٽ؟“

هن پنهنجو سوال ورجايو، ۽ سوالي اکين سان جوان ڏانهن ڪنڌ ڦيرايو، ڄڻ کانئس پڇي رهي هجي، ”وڌيڪ نئين خبر ڪهڙي اٿي؟ پارٽي ڇا ٿي چوي؟ مون کي ٻڌاءِ ته جيئن مان به توهان سان خوشين ۾ شريڪ ٿي سگهان.“

هن جي خيال ۾ ٽام چان، سڀني کان اڳ ۾، هر ڳالهه سمجهي ۽ ڄاتي پئي. فوجي جوان جو ڪجهه چيو پئي ان تي هن ويساهه ڪيو پئي. ڇاڪاڻ جو هن جو پارٽيءَ ۾ پورو پورو ڀروسو هو، جنهن جي نمائندي طور ٽام چان سندس، گهر ۾ سندس واهڻ جي سار سنڀال لهي رهيو هو ۽ هر ڳالهه صحيح ۽ سهڻي نموني پوري ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيو هو.

”هائو، امڙ، پڪ ئي پڪ“، ٽام چان وراڻيو، ”ڏکيا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن، امن کان اڳ اسان اتحاد چاهيون ٿا. پر امريڪي ۽ نگوڊن ڊيم اسان کي اهو حق به نٿا ڏين. جيڪو اتحاد لاءِ چوي ٿو تنهن جو سر قلم ڪيو وڃي ٿو ۽ پيٽ ڦاڙيو وڃي ٿو. اهو گهڻو وقت نه هلي سگهندو. اسين هينئر گڏجي اٿي کڙا ٿيا آهيون. هاڻي شروع ٿيو آهي ته ماٺ تڏهن ٿيندي جڏهن امن ۽ مانَ سان رهڻ جو حق حاصل ڪري وٺنداسين.“

”گهڻو وقت وڙهڻو پوندو ڇا؟“

”جيستائين ظلم ۽ جبر جاري هوندو تيستائين اها جنگ جاري رهندي. هن جدوجهد ۾ هر ڪو ايستائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندو،جيستائين آمريڪي نڪري نه چڪا آهن.“ مون کي ته سڀ نٺر ٿا لڳن، ڪڏهن جان ڇڏيندا؟“

”اهي تڏهن ئي جند ڇڏيندا جڏهن اسان کين ڌڪينداسين. جيئن اڳ فرانسين سان ڪيو سين.“

ماتا ساؤ پنهنجا هٿ جهوليءَ ۾ وڌا ۽ آواز ماٺو ڪيو، ”مان اهو سڀڪجهه سمجهان ٿي، پر...“ سندس زبان هٻڪي، ”پر مون کي ڳڻتي رڳو توهان جي آهي، توهان جوانن جي، جيڪي پنهنجا گهرٻار ڇڙوڇڙ ۽ دربدر ڏسو ٿا. مان ڀُتي ڀاڻ جو ڇاهي... پر ٻڌو ٻيلي، مان ان ڪم جي باوجود به توهان سان پاڇي جيان ڪڍ لڳي رهنديس. توهان ڪاڏي به وڃو مان توهان جي ڪڍ هونديس، مان اڃا به سياسي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ جي لائق آهيان. مان فوجين لاءِ رڌپچاءُ ڪري سگهان ٿي.“

هن محسوس ڪيو ته ڪوين اڃا سندس ڪلهي سان لڳي بيٺي هئي، هن ڌيرج سان ڇوڪريءَ کي ڇُهيو ”اتي ڇو بيٺي آهين؟ وڃي مڇي تيار ڪر پٽ، دير پئي ٿئي. هنن لاءِ ماني تيار ڪرڻ جي مهل ٿي وئي آهي.“

ڪوين هوريان هوريان پنهنجي کاڏي ماءُ جي ڪلهي تان هٽائي ۽ رڌڻي ۾ هلي وئي. نگان به ٿَئِي کي هٿ کان جهلي سندس پٺيان ويو. ڪوين مڇي ابتي ڪري ڇري سندس پيٽ تي رکي جهڪي آواز ۾ هن نگان کان سوال ڪيو، جو سندس پٺيان بيٺو پستول لاهي ڀت ۾ ٽنگي رهيو هو، ”اها گڊي ڪنهن کان ورتئي؟“

”ڪامريڊ ٿام کان.“

”۽ مان جيڪو جوڙو مڪومانءِ؟“

”سنگتين کي ڏيئي ڇڏيم.“

”وري به!“ هن مڇيءَ کي ڌوئي پاڻي صاف ڪيو، ۽ پوءِ چيو، ”خبر اٿئي ته سئو ڏي مڙسهنس وٽان خط آيو آهي؟“

”هائو، اتر ۾ هينئر حالتون سڌري ويون آهن.“

”ٻيو نه ته ڇا ٿيندو؟“ ڪوين گهنڊ وجهي چيو، ”اڀياس، تعليم، هنن وٽ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ ناهي. سانِ سٺو ماڻهو آهي. سندس خط پڙهي مون کي ساڻس ڪلي همدردي پئي ٿئي. ڏس نه، ڪيئن نه زال کي هر ڳالهه بابت هدايت ڏني اٿائين. صبر ڪر. ٿَئِي جي تعليم تي ڌيان ڌر...“ هوءَ کن لاءِ رڪي ۽ پوءِ تمام جهڪي نوع ۾ چيائين، ”هن اسان لاءِ به پڇيو آهي...“

”اسان جي خبر ڪيئن پيس؟“

”سئو لکيو هوس. خبر ٿي ته سانِ سئو ڏانهن ارڙهن خط لکيا آهن،_ تو جيان ناهي جنهن مون ڏي نه لکڻ پنهنجو اصول ٺاهي ڇڏيو آهي.“

نگان سندس صدري کي جهلي سٽ ڏني، ”وري ته چئجانءِ! سچ پچ مان توڏي ڪڏهن به نه لکيو هو؟“ ڇوڪري مرڪي پر ڪو جواب نه ڏنائين. نگان اڃا به زور سان صدريءَ کي ڇڪيو. جواب ڪوبه نه مليو. هن سندس پاسي ۾ اَڱر ٽنبي، سندس مڱينديءَ رڙ ڪئي، ”نه ڪر! ڪم نه ڪرڻ ڏيندين ڇا. پر... تو ته رڳو هڪ خط لکيو ني!“

”گهڻا؟“ نگان کيس وڌيڪ ڪتڪتائي ڪندي چيو.

”ٻه،... ٻه،“

ٿَئِي تاڙي وڄائي نگان جي همت افزائي ڪئي. ”وري چاچا! وري ڪتڪتائي ڪرينس!“

ڪوين چپ ڀڪوڙي ننڍڙيءَ ڏي منهن ڪيو. ”تون به چاچي جو پاسو ٿي وٺين، هان؟ ٺيڪ آ، اڳنا راند به نه ڪرائيندي مانءِ.“

ڇوڪري نگان جي ٻانهن ۾ لڙڪي پئي، ۽ جواب ڏنائين، ”مون کي ڪهڙي پرواهه. مان چاچا نگان سان کيڏنديس!“

”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ! وڃي کيڏينس، وڃ! ڏسندم ته سڀاڻي ڪنهن سان ٿي کيڏئين!“

ٿئي نگان کي چنبڙي پئي ۽ اکيون ڏانهس ڪيائين ”چاچا، اڄ ئي هليا ويندؤ ڇا؟ ترسو ني، مون سان پرنهين تائين، تان پرنهينءَ تائين، ترينهن تائين راند کيڏندؤ ني؟ ها ني؟“

قدمن جا آواز آيا ته نگان ٿورو هٽي، رڌڻي ۾ ايندڙ ساؤ کي وڃڻ لاءِ رستو ڏنو. ”گهڻو وقت گهر رهندين، نگان؟“ هن پڇيو. امان شايد ترينهن تائين رهان.“ نوجوان جواب ڏنو. اوچتو هو وري گنڀير ٿي ويو. هن پنهنجو هٿ وارن تان گهمائي ڳچيءَ تي آڻي جهليو. ڪوين اهڙي غير فطرتي بيهڪ جي انداز تي کِل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مڇي ۾ ريڌي رهي.

”ڇا پئي رڌين، ڪوين؟“

”شوروي سان مڇي.“

”سٺي سڻڀي آ، ڏاڍي ٺاهوڪي ٿيندي، ۽ کيکڙا ۽ گانگٽ؟“

”گانگٽ ٽماٽي جي چٽڻيءَ سان ۽ کيکڙا سرڪي ۾، سٺو ٿيندو نه، امان؟“

”سهڻو، اسان جي ساک هاڻي تنهنجي هٿ ۾ آهي.“ ساؤ ماتا مرڪي ۽ موٽي وئي. هن جو ڪجهه چيو سو ٺيڪ هو. هن کي پنهنجي ڌئين ۾ پورو پورو ويساهه هو. سئو ۽ ڪوين سٺيون راڌيون هيون. هو ننڍيون هيون جو پاڻ کين خيال سان رڌ پچاءُ سيکاريو هئائين. هو سدائين کين چوندي هئي ته اسان غريب آهيون. ان ڪري ننڍي ۾ ننڍي ڪرڙي به چڱي پوريءَ ريت پچڻ گهرجي.“

حقيقت ۾ هوءَ انقلاب کان اڳ ۾ غريب هئي. پر ان کان پوءِ، هڪ فوجي انقلابيءَ جي وڌوا جي حيثيت ۾، هن کي ٻه گهنٽا کن ڀلي زمين باغ واري ملي هئي. سندس مڙس کي 1940ع ۾ پنجن ٻين ڄڻن سان گڏ هان ڊئٽ ۾ ئي گولي هڻي ان ڏوهه ۾ ماريو ويو هو ته هي ڪميونسٽ هو ۽ هٿيار رکندو هو. هو جابلو مڙهيءَ ۾ بندوقون ۽ هٿ بم ٺاهيندا هئا. ماتا ساؤ جو پهريون پٽ ماپ وان واهه ڀرسان گوريلا ويڙهه ۾ شهيد ٿيو هو. سندس ڄاٽو، سئو جو مڙس، ان پٽ جو ٻانهن ٻيلي! هو. سڄي ڪٽنب_ پيءُ، ٻار، ڄاٽو، ماءُ پنهنجي زندگيءَ جا پلاند انقلاب سان ڳنڍي ڇڏيا هئا، 62 سال، آزمائش ۽ اڙانگن سفرن سندس مٿو اڇو ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ ان چوڻ کان ڪڏهن به نه رڪي، ”الله جو شڪر آ، مون ۾ اڃا ايتري سگهه آهي جو باغ ۾ ڪم ڪريان ۽ ساريون راهيان. ان ڪري پڪ ئي پڪ ملڪ جو اتحاد اکين ڏسنديس!“

دراصل هوءَ هرممڪن ناتي انقلاب سان ڳنڍيل هئي،_ سندس مڙس ۽ ٻار، سندس باغيچو ۽ سارين جي کيتي، سندس ماس ۽ رت. هن پنهنجون سڀ آسون اميدون انقلاب سان وابسته ڪري ڇڏيون هيون ۽ اها خوشي سندس عظيم ۽ ساديءَ دل کي ڪڏهن ماٺو ڪندي هئي ته ڪڏهن اڀاريندي هئي. ان ڪري ان مهل نگان، ٽام چان ۽ سڄي گهر کي پنهنجي چوڌاري ڪٺو ڏسي، سندس منهن ٻهڪي پيو هو.

هوءَ وڏي ڪمري ۾ ٺيڪ ان مهل گهڙي جنهن مهل سئو مڙس وٽان آيل خط ٽام چان کي ڏيکاري رهي هئي. ماتا ساؤ ڌيءَ کي چيو، ”مان سندس مطلب پورو نه سمجهيو آهي، ڇو جو رڳو هڪ دفعو ٻڌو اٿم. پڙهه ته پٽ. اڄ رات مان ڪوين کي چونديس ته هوريان هوريان مون کي پڙهي ٻڌائي. سانِ جي سوچ ڏاڍي گهري آهي، ان ڪري ضروري آهي ته کيس سمجهڻ لاءِ سندس هر لفظ تورڻ تڪڻ کپي.“

خط پڙهندي، ٽام چان رکي رکي مرڪيو پئي. سئو هن کي فوٽو ڏنو جنهن کي هن هر رخ کان جاچي ڏٺو. ”ڪجهه ٿلهو ٿي ويو آهي، ۽ چمڙي به اڳ کان اڇي ٿي وئي اٿس.“ هن مرڪندي ۽ فوٽو سئو کي موٽائيندي چيو.

”ڏس نه، سوشلسٽ ملڪ ۾ رهڻ جو مطلب ڇا آهي!“ ماتا ساؤ وڌيڪ چرهي ۽ سرهي ٿي ويئي. پر سئو ڪجهه ڳڻتيءَ واري لهجي ۾ چيو، ”مان کيس جو فوٽو موڪليو هو، ان ۾ مان ڏاڍي سنهي آهيان. اهو جيل مان نڪرڻ بعد ستت ئي ڪڍرايو هئم.“

ماتا ساؤ به زبان چوري ”ان پڃري ۾ رهي تون ٿلهي ٿي به ڪيئن پئي سگهينءَ؟“

ٽام چان وري به مرڪيو ۽ پوءِ مرڪ چپن تي مري وئي، ”ٻڌ، سؤ“، هن چيو ”تنهنجو فوٽو املهه ۽ امر آهي. هر ڪنهن وٽ اهڙو فخر جوڳو فوٽو نه هوندو آهي. مون کي پڪ آهي ته سانِ ان فوٽي کي ٻئي هر فوٽي تي ترجيح ڏيندو. ڳالهه رڳو اها آهي ته ڇا تو هن کي ٻڌايو ته اهو جيل مان نڪرڻ وقت ڪڍيو ويو هيو؟“

”هائو، پر ٻين لفظن ۾، هيئن، ”هي فوٽو منهنجي حادثي کان پوءِ...“

”پوءِ ته کيس سمجهي وڃڻ گهرجي.“

”هائو... ضرور.“

(4)



ماتا ساؤ، خاص موقعن لاءِ رکيل، گلن واري تڏن جي ٻي جوڙي مان هڪ صندل تي وڇايو. نگان ۽ ٽام چان چانهه پي رهيا هئا جو هنن گهٽيءَ مان هائي ٿيپ جو آواز ٻڌو، نگان اٿي در طرف ويو. هائي ٿيپ اڱڻ ۾ گهڙي چڪو هو. نئون آيل همراهه سگهاري هڏڪاٺ وارو ۽ رعبدار هو. کيس مٿي تي پٽاپٽي رومال رکيل هو ۽ ڪڇ ۾ ڪاغذن رکڻ جو ٿيلهو هيس، ۽ ڪلهي ۾ جپاني ٽرانسٽر ريڊيو لڙڪي رهيو هوس. نگان کي فوجي سلام ڪندي هو ٻه ٻه ڏاڪا چڙهڻ لڳو. جيتوڻيڪ سندس ٻئي پٻ ڪٽيل هئا، تڏهن به هن کي ائين ڪندي ڪا ڏکيائي ڪانه پئي ٿي. ”هينئر آيو آهين ڇا، نگان؟ ٽام چان ڪٿي آهي؟“

”هتي ئي.“

ڪمري ۾ گهڙندي ئي پارٽي سيل جي سيڪريٽريءَ پنهنجو ٿيلهو صندل تي ڦٽو ڪيو ٽام چان کي اک ڀڳي.

”هاڻي آئين ڇا؟“ پوءِ هن پنهنجن گڊي کولي ۽ رومال لاهي پنهنجي ڇاتيءَ تان پگهر جا ڦُڙا اگهيا.

ٽام چان پيالي چانهه جي ڀري هائي ٿيپ جي اڳيان رکي. کلندي هن پيالي کڻي، ”توهان جي انتظار ته پريشان ڪري ڇڏيو هو.“ هن چيو ”هُو کان واپس کنيل زمين جي وري ورهاست ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿو لڳي.“

”توکي خبر آ ته اهو سولو ڪم نه آهي.“

”مان ته ڪڏهن ڪونه چيو آهي ته ڪو اهو سولو ڪم آهي.“ ٽام چان ورندي ڏنيس.

هائي ٿيپ سرڙاٽ ڪري چانهن جو ڍڪ ڀريو. ”مان ڪيترن ئي مسئلن تي توکان صلاح وٺڻ لاءِ ترسيو پيو آهيان مثال طور، ته...“ اشاري سان ٽام چان هن کي جهليو. ”ترس، چانهه پيءُ، ۽ ترسي ماني اسان سان کاءُ. ڪاروباري ڳالهيون سڀاڻي تائين رڪجي سگهن ٿيون. اڄ جو ڏينهن آرام ڪر، پريا مڙس، ۽ پنهنجون ڳڻتيون وساري ڇڏ.“

هائي ٿيپ صندل تي ويهي رهيو ۽ چانهه جون ٽي پياليون هڪٻئي پٺيان پي ويو. ڪمري ۾ اندر گهڙندي ماتا ساؤ چيو، ”اڇا، هاڻي ٿيپ به اچي ويو، باقي آنهه بارين ۽ نام ٽان ڪٿي آهن؟“

”مون کي خبر ڪونهي، امڙ، مان سڌو گهران ٿو اچان.“

”مان ته نياپو ڪيوهين ته شام اسان وٽ اچي ماني کائجو، پر اڃا تائين ظاهر ڪونه ٿيا آهن.“

”انهن جي ڳڻتي نه ڪر، امان.“

ڪوين اندر گهڙي. سندس هٿن ۾ پليٽون هيون جن مان ٻاڦ نڪري رهي هئي. مَردن سَري هن کي لنگهڻ جو دڳ ڏنو. ڇوڪريءَ هڪ کيکڙن جي ۽ هڪ گانگٽن جي پليٽ وچ تڏي تي رکي. خوشبو سندن وات پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيا. خاص ڪري جهينگا، آڱوٺي جيترا ڊگها ۽ گلابي، جي ٽماٽن جي ڳاڙهي رس ۾ تري رهيا هئا. سئو پويان جست جي ٿانوَ ۾ سرڪي ڀنل پپيتي جون ڦارون ۽ مڇيءَ جو ڪباب کڻي آئي.

هائي ٿيپ نِوڙي کاڌو تپاسيو ۽ هٿن جون تريون مهٽيون. هن سؤ کي ٻانهن کان جهليو ۽ چيو، ”ننڍڙي، کاڌا سڀ لذيذ ٿا لڳن. مان زال کي چوان ٿو ته اچي توهان ٻنهي کان سبق وٺي. پر جي رڳو اهو کاڌو ٿا کارايو ته اسان ڪونه ويهنداسين.“

”اڃا تريل مڇي به آهي.“ ڪوين امالڪ وراڻيو.

هائي ٿيپ تاڙي وڄائي. ”تريل مڇي! نه، ان تي به ڪونه ويهنداسين.“ هن ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيو.

ڪوين جون اکيون ڦاٽي ويون.

”چري!“ سئو کيس چيو ”هائي ٿيپ کي سڃاڻين نه؟ سمجهين نٿي ته توکي چيڙائي پيو؟“

هائي ٿيپ دلجاءِ سان کليو. ”تون تيز آهين، سئو. ڏس، جي منهنجو اشارو سمجهين ٿي ته اها شيءَ آڻي ڏي ۽ جلدي!“

سئو کلي ماتا ساؤ ڏانهن منهن ڪيو.

”ٺيڪ آ“ ماتا ساؤ چيو، ”وڃي ننڍي ڪمري ۾ ڏس. هڪ بوتل کوڙ ٿيندي، نه ته هائي ٿيپ بک هڙتال ڪندو.“ سئو ڪمري ۾ وئي ۽ اتان شراب جي شيشي سان موٽي. هائي ٿيپ اها کسي ائين سيني سان لاتي ڄڻ کيس ڀؤ هو ته متان ڪو ٻيو اچي کانئس اها کسي وڃي. هن وڌاءُ وارو ڇوٽڪاري جو ساهه کنيو، ۽ پنهنجي ٻن رفيقن کي شريڪ ٿيڻ جو سنگل ڏنو. هن نگان ڏي گهوريندي جهڪي آواز ۾ چيو، ”منهنجا پيارا يار، پنهنجي مڱينديءَ جي گهر ۾ تنهنجي مسڪين ۽ ماريل ڪتي جهڙي صورت ڏسي، مون کي توسان همدردي ٿي ٿئي.“ پوءِ هن ماتا ساؤ ڏانهن منهن ڪيو، ”امان، هن جي ظاهري صورت تي نه ڀلجانءِ، ٻئي ڪنهن گهر ۾ هجي ها ته هن مهل تائين چرچن ۽ ٽهڪن سان گهر لوڏي ڇڏي ها.“

ماتا ساؤ ڪنڌ لوڏي کِلي. هائي ٿيپ پنهنجي دوست نگان ڏانهن دل جمعيءَ سان نهاريو جو هينئر ٽيبل تي ويهي چڪو هو. گلاس ۾ شراب اوتيندي هائي ٿيپ ماتا ساؤ تي به پيئڻ لاءِ زور ڀريو، پر هن انڪار ڪيو، ڪوين ۽ سئو به ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيا. سو هن ٽام چان ۽ نگان سان گڏ پيئڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هنن گلاس پاڻ ۾ ٽڪرايا، ته هنن اڱڻ ۾ پيرن جا آواز ٻڌا. هنن اڃا گلاس چپن تي ئي نه آندا ته ٽان ۽ بارين اندر ڌوڪي آيا. ٽام چان ۽ نگان سان هٿ ملائي هو ٽيبل تي ويهي رهيا. ٽام ماٺي آواز ۾ چيو ”هينئر خبر پئي آهي ته دشمن ٽري ٽان ۾ هزار کان به مٿي ماڻهو ڪٺا ڪري رهيو آهي. سڀاڻي پڪ ئي پڪ ڪٿي صفائي ٿيندي، پر ڪٿي، سا خبر ڪانه اٿئون.“

”گهڻا؟ هزار؟“ ٽام چان پڇيو.

ٽام ڪنڌ لوڏ ڪئي. ”هڪ بٽالين باقاعدي فوج جي، هڪ بٽالين شهري گارڊس جي، ۽ هڪ ڪمپني رينجرس جي.“

”زام جي“، بارين وضاحت ڪئي، ”هنن ته ائين پئي چيو.“

ٽام چان ڳاڙهو ٿي ويو پر ڪجهه نه ڪڇيو. هن اڳتي جهڪي بوتل کنئين ۽ ان کي ٻجي ڏني. هن پوءِ اها وڌائي سئو کي ڏني ۽ واپس کڻي وڃڻ لاءِ چيو، ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته هڪ ننڍڙو گلاس ئي ڪافي آهي.“ هن گنڀيرتا سان چيو. ”امڙ اچو ته جلدي ماني کائي وٺون، توهان به اچو سئو ڪوين جلدي ڪريو. مان سمجهان ٿو هو اسان تي حملو ڪندا، پر اهو باک ڦٽيءَ کان اڳ ۾ نه ڪري سگهندا. تنهن هوندي به اسان کي بچاءَ ڪرڻ گهرجي ڇو جو زام جي ڪمپني حصو وٺي رهي آهي. اهي شايد سوير ئي ٽپي پون.“

ماني کائي پوري ڪرڻ تائين ماتا ساؤ ترسي ته جيئن خالي ٿانوَ کڻي وڃي، مرد ساڳي ئي صندل تي گول چڪر ۾ ٿي ويٺا. هائي ٿيپ مٿي تي رومال ٻڌو ۽ چيو، ”اهو ظاهر آهي ته هو هتي ايندا. ان ڪري منهنجي رٿ آهي ته بحث مختصر ڪري تياريون ڪرڻ گهرجن. منهنجي صلاح آهي ته، بارين گوريلا ڪٺا ڪري جي کاهين ۾ ڪلا کوڙين. منهنجي زال مظاهرين جو ٽولو تيار ڪندي. دشمن کي ڇتي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته قانوني جدوجهد به شروع ڪجي. مان زال کي ان لاءِ چوندس.“

ٽام چان آڱريون صندل تي وڄائڻ لڳو. ”مان هائي ٿيپ سان متفق آهيان.“ هن چيو ”پر اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هڪ هزار ماڻهو وڏي شيء آهي. اسان جا زير زمين پناهه گاهه کان گهڻو پري آهن؟ موٽ لاءِ به ڪي جايون تيار ڪيون ويون آهن يا نه؟“

”لڪڻ لاءِ ڪي چڱيون جايون ڪين آهن. چند ٽولن لاءِ ئي ڪافي ٿينديون. وارياسي زمين ۾ کوٽڻ ڏاڍيون ڏکيون آهن. اسان جو ارادو دشمن سان ڀاڄين واري ٻنيءَ وٽ سامهون ٿيڻ جو آهي. جي نه بيهي سگهياسين ته غار ڏي هليا هلنداسين.“

جهٽ لاءِ ٽام چان چپ رهيو. سندس چهري تي ڳڻتيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. ”جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر اسان کي کاهين ۾ لڪڻ جي جاين جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ته چڱيءَ ريت منهن نه ڏئي سگهنداسين...“

”پر غار بچاءَ جو سٺو ڪم ڏيندي.“ بارين چيو، ”ات هڪ ماڻهو ئي سئو کي جهلي سگهندو. گذريل ڀيري به ائين ئي ڪيو ويو هو.

”ٺيڪ آ! پر هينئر صورتحال ٻي آهي. مان مڃان ٿو ته هان ڊئٽ جي غار بچاءَ لاءِ ڏاڍي سودمند آهي، پر اسان کي اهو مسئلو رڳو غار جي نقطه نظر کان نه ڏسڻ گهرجي. جيئن ته اسان کي واهڻ ۾ لڪڻ جون جايون ڪين آهن، ان ڪري اڻ هوند سبب اسان کي اهو ئي حل اختيار ڪرڻو پوندو. پر آئيندي لاءِ اسان کي بچاءَ ۽ لڪڻ لاءِ رڳو ان تي آڌار نه رکڻ گهرجي.“ پوءِ نگان ڏانهن منهن ڪندي ٽام چان چيو، ”توکي ۽ تنهنجي پرچارڪ جٿي کي گوريلن سان گڏ رهڻو پوندو.“

”ٺيڪ آ اسان وٽ ٽي عام رائفلون، ٽي گلپستن رائفلون ۽ پندرهن هٿ بم آهن، هر ڪو وڙهڻ لاءِ تيار آهي.“ بارين خوشيءَ وچان زور سان نگان جو هٿ پڪڙيو.

”منهنجي خيال ۾“ هائي ٿيپ چيو، ”ٽام چان کي هت نه ترسڻ گهرجي.“

”مان بلڪل اتفاق نٿو ڪريان. مان توهان سان ئي رهندس.“ ٿوري سوچڻ کان پوءِ ٽام چان چيو. پوءِ هائي ٿيپ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هن هوريان چيو ”مان ڳوٺڙي ۾ ترسي سياسي جدوجهد ۾ مدد ۽ هدايت ڪندس. اهڙو ڪو گهر سجهئي جنهن ۾ مان رهي سگهان؟“

هائي ٿيپ جي اکين ۾ خوشيءَ جي جوت ٽمڪي، هن بنا هٻڪ جي وراڻيو، ”منهنجو گهر! منهنجي زال سياسي جنگ واري جٿي جي انچارج آهي. هوءَ تنهنجي مدد تي ڏاڍي خوش ٿيندي. خوش قسمتيءَ سان مون واري پناهه گاهه به مضبوط آهي. اهو ڏاڍو سٺو ٿيندو.“

ٽام چان قبولڻ جي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”ڪنهن ماڻهوءَ کي يڪدم موڪليو ته لنهه ڪئنهه مان منهنجي محافظ ڊئٽ کي سڏي اچي. هو به مدد گار ٿي سگهي ٿو. هڪ رائفل به وڌندي ۽ هن جو نشانو به چوٽ جو آهي.“

اهو ڪم بارين پاڻ تي کنيو. ان مهل ٽان، جو بچاءُ جو انچارج هو، هنن کي جهڪي آواز ۾ چيو، ”اڃا ٻيو هڪ ڪم به ڪرڻو آهي، جي دشمن اندر گهڙي آيو ته هو ضرور ڳوٺ مان خابرو استعمال ڪندو. اسان جي واهڻ ۾ به اڃا هڪ خابرو باقي ڇڙواڳ گهمندو ٿو وتي. اسان کي اهو به فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي ڇا ڪجي، نه ته ٻيءَ حالت ۾...“

”اسان کي ان کي ڏسڻو پوندو. اهو مڇيءَ وارو ڏاڍو خطرناڪ آهي، ۽ اهڙي ئي سندس زال.“

”اسان سمجهيو هو ته انهن جو توهان اڳواٽ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هوندو.“ ٽام چان اچرج ۾ هو ”کين پڪڙيو“ پر پوءِ وري چيائين. ”توهان جي هن مٿان جاسوسيءَ جو ڪو نئون نتيجو نڪتو آ؟ ڪا نئين خبر نه پئي آهي!“ ٽان وراڻيو.

ٽام چان وري آڱريون صندل تي وڄائڻ لڳو. ”هو پنهنجن مالڪن جي انتظار ۾ هوندو. جي اسان کيس هينئر پڪڙي وٽانئس دشمن جي ارادن بابت ڄاڻ هٿ ڪري سگهون ته اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو. هن کي پڪ ئي ڄاڻ هوندي!“

ڄاڻيندي ته هو هڪ ڄاسوس بابت ڳالهائي رهيا آهن، نگان وچ ۾ چيو، ”هن کي توهان جي جاسوسي بابت ڪو شڪ ته نه هو؟“

”مان نٿو سمجهان؟“ ٽان وراڻيو.

”اسان کي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو.“ هائي ٿيپ چيو، ”سندس گهر ڳوٺ جي بلڪل ٻي پاسي آهي، ۽ دشمن کان گهڻو پري نه آهي. اول اسان کي اهو پتو لڳائڻو پوندو ته اڄوڪي شام تي ڪو ضلعي جو سپاهي سندس گهر آيو هو يا نه.“

”ان ڏس ۾ مان مدد ڪري سگهندس.“ نگان چيو، ”هو مون کي نه سڃاڻي.“

”ٺيڪ، هاڻي ئي ڪم کي لڳجي. اوندهه ٿيندي پئي وڃي. جيستائين اتي پڄنداسين...“ نگان جلدي اٿي کڙو ٿيو.

ڪوين رڌڻي مان ڊڪي ٻاهر وئي ۽ پنهنجي مڱيندي کي پستول ڏنائين. هن اهو پنهنجي چيلهه سان ٻڌو ۽ تڪڙو ٽان سان در طرف وڌيو.

”کيس سڌو غار وٺي وڃجو.“ هائي ٿيپ حڪم ڪيو.

رستي تي نگان چيو، ”ٽان، اسان کي اٽڪل کان ڪم وٺڻ گهرجي. کيس گرفتار ڪرڻ کان اڳ کانئس ڪجهه اوڳاڇائڻ کپي.“

”ڪيئن؟“

نگان، ٽانِ جي ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو. ٽانِ جو منهن ٻهڪي پيو ”واهه واهه! ڏاڍو سٺو.“ نگان وڌيڪ چيو، ”اسان کي ڇاڙتا فوج جي ڊريس آهي. کيس واهه جو وٺنداسين. هڪ منٽ اڳ پوءِ به ڏاڍي اهم آهي. جيئن ته هو توکي سڃاڻي ان ڪري تون ٻاهر پهري تي بيهجانءِ، مڙيئي ڪم سٺو نڀائي وينداسين.“

باب ٻيو

(1)

ان شام جو ٽري ٽان جي ننڍڙي شهر ۾ ڄڻ زندگيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. راچ گيا مان فوجن سان ڀريل ٽرڪ پويان ٽرڪ اچي رهي هئي. اهي پاڻ سان مٽيءَ جا بادل اٿارينديون پئي آيون، جي مکيه گهٽيءَ جي پاسن کان بيٺل جاين، دڪانن ۽ هوٽلن تي ڌوڙ جا تهه چاڙهيندا پئي ويا. ٽرڪون اچي بيٺون ۽ فوجي ٽپا ڏيندا لهندا ويا. باقاعدي فوج جا دستا، خاڪي ڊريس، دشمن جي نظرن کي ڌوڪو ڏيندڙ ڊٻڙ ڊٻڙ لباس ۽ چمڙي جي ڊگهن ۽ ڪپڙي جي جهنگلي بوٽن سان ٽولن ٽولن ۾ هلڻ لڳا ۽ هو پاڻ سان مٽيءَ جا واچوڙا اٿاريندا پئي ويا ۽ سندن پيرن جي ڳري آواز روڊ کي مٿي تي کڻي ڏنو هو.

شهر جا باشندا پنهنجي درن تي بيٺا ڀڻ ڀڻ ۽ ڪن گوشين ۾ انهن تي نڪته چيني ڪندا رهيا ۽ کين لنگهندو ڏسندا رهيا. انهن ۾ سندن ڏٺل وائٺل چهرا به هئا پر ڪنهن به انهن کي سڃاڻڻ پسند نه پئي ڪيو. جيڪي فوجي سائگان کان آندا ويا هئا سي گهرن ۽ دڪانن ڏانهن عجب مان ڏسي رهيا هئا. پر رينجرس پنهنجا منهن گنڀيرتا بڻايا هئا ۽ اکيون بي جان. سندن ٽامي گنون ۽ رائيفلون به تيار رکيون هيون.

رينجرس جي ڪمانڊر، ليفٽيننٽ زام ڳرا قدم کڻندو اڳيان وڌي آيو. سندس اکين ۾ شيطاني چمڪ هئي ۽ انهن جون ماڻڪيون ايتريون ته ننڍيون هيون جو ڪاري کان وڌيڪ اڇيون نظر اچي رهيون هيون. کيس پهريل وڳو سندس بت کي وڪوڙيو پيو هو. کيس مٿي تي هڪ اهڙي ٽوپي پيل هئي جنهن جا ٽي پاسا هيٺ لڙڪي سندس ڪنن ۽ ڪنڌ کي اُس کان بچائي رهيا هئا. ماڻهو ٽوڪ وچان ان کي ”ٽه پڙدي“ ٽوپي سڏيندا هئا. سندس ٻنڊڻن تي، سندس منهن جي رنگ جهڙي رنگ واري چمڙي جي پوش ۾، 12 ڪولٽ جو ڀاري پستول سٿر سان گڏ لڙڪي رهيو هو. سندس ڪلهي تي رائفل به لڙڪي رهي هئي ۽ چيلهه سان هڪ نوڪدار خنجر به. سندس ماڻهن کي اهڙو لبادو اوڙهيل هو، ۽ هرهڪ کي رائفل، ٽامي گن ۽ آمريڪي ڇرو ساڻ هُو. سارو ڏيک دل آزاريندڙ ۽ ڏڪائيندڙ پئي لڳو.

زام اوچتو رستو ڇڏي هڪ بار ۾ لنگهي ويو. هڪ بير جي بوتل ۾ هٿ وجهي، هن هيسيل چيني مالڪ کي اک ڀڳي ۽ ٻاهر نڪري آيو. خنجر ڪڍي هن بوتل جي منڍي ڀڳي ۽ غٽ غٽ ڪري پيئڻ لڳو. ٻه حصا پي، رهيل ٽيون حصو هن پنهنجي اڳيان هلندڙ فوجيءَ کي ڏنو، جو باقي بچيل حصو پنهنجي اڳواڻ واري نموني ۾ چاڙهي ويو. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هو پنهنجي آقا جي اهڙين مهربانين جو عادي هو. ان موقعي تي ڪمانڊر دستي کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. مقامي فوجي چوڪيءَ ۾ رڳو ٻن بٽالين جي ترسڻ جي گنجائش هئي. ان ڪري باقاعدي فوج واريون ٻه بٽاليون ئي اتي ترسيون. باقي مليشيا ۽ رينجرس تي مشتمل بٽالين کي کليل ۽ ٺوس ساريالي زمين تي ئي ديري ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

مليشيا جي ڪمانڊر پنهنجي ڪمپنين کي مقررشده زمين ڏانهن مارچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پر زام ڪر ڪر ڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”قهر خدا جو! پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ به مون کي مٽيءَ ۾ سمهڻو پوندو ڇا؟“ تڏهن به هن پنهنجي هٿ جي اشاري سان، پنهنجي دستي کي، شهر جي ڇيڙي ۾ پيل خالي زمين ڏانهن هلڻ جو حڪم ڏنو.

لهندڙ سج جا ڪرڻا چوڪيءَ جي چوگرد غيرآباد زمين جي مٿان هيڊي روشني وجهي رهيا هئا. فوجي تنبن هڻڻ يا رڌڻن جي جاءِ ٺاهڻ ۾ رجهي ويا، ڪي گٽ گٽ جي آواز سان آمريڪي دٻن مان شراب پيئڻ لڳا. ڪي پٺيءَ ڀر ليٽي سگريٽ جا دونهان اُڀ ڏانهن اڇلڻ لڳا. سندن جسمن مان پگهر، تکي تماڪ، شراب ۽ سستي تيل جي ساڙيندڙ ڌپ اچي رهي هئي، جا اڻ کٽ اگري ڌپ ڀاڙيتن سان سدائين ساٿ ۽ سنگ ۾ رهندي آهي.

زام هڪ ئي سٽ سان پنهنجي قميص لاهي اڇلائي. نڀاڳ کان بچڻ خاطر هن ڏورن کي ڪيترن تعويذن سان سٿي ڇڏيو هو. سندس ويڻين تي ڪارا ۽ ناسي ڌاڳا ٻڌل هئا. ڳچيءَ ۾ سوني زنجيري ۽ اُن ۾ لڳل عاج تي اڪريل شيطان جي تصوير وارو بوتو هو، جنهن جي چوڌاري سينگار لاءِ ڏند جڙيل هئا. ڀوري رنگ جي ڪپڙي تي هو اهڙو بي ڌيانيءَ سان ليٽيو پيو هو جو کيس سڌ ئي نه پئي ته ڪو سندس سگريٽ اچي سڙي کٽو هو. توُ تي ڇرڪ ڀري هن ٽوٽو ڦٽي ڪيو ۽ اٿي ويٺو. هن جون نگاهون فوجين تي وڃي پيون جي مانيءَ جا پئڪيٽ کولي رهيا هئا، هڪ سپاهي وڌي وٽس آيو، ”ادا وڏا،رات جي ماني تيار آ.“

زام بنا ڪنهن جوش خروش جي اٿي بيٺو ۽ سپاهيءَ جي ڪجهه پرڀرو وڇايل ڪپڙي ڏانهن هليو، جنهن تي مٿان اخباري ڪاغذ وڇايا ويا هئا. ان دستر خوان تي هڪ ڀُڳل ڪڪڙ، ٻه وڏيون ڊبل روٽيون ۽ چٽڻيءَ جو کليل دٻو رکيل هو. زام جو منهن دونهاٽجي ويو. هن خار واري لهجي ۾ چيو، ”شراب جو ڇا ٿيندو؟ سمورو کپي ويو ڇا؟“ ”اجهو، ادا وڏا!“ اردليءَ هڪ وڏو ٽين جو دٻو وڌائيندي چيو. زام اهو ورتو ۽ سندس ڍَڪ ڪٽيو ۽ چپن تي آندو. هڪ ٻن ڍڪن ڀرڻ کان پوءِ اهو اردليءَ کي جهلڻ لاءِ ڏنو ۽ ڪڪڙ کڻي، هٻڇ سان ان جي ٽنگ ڇني ورتي. جيئن هن چاٻا ڏئي، واڇن کان وهندڙ گيهه ۽ رس کي هٿ جي پٺيءَ سان پئي اَگهيو، تيئن سندس سونا ڏند چمڪڻ لڳا. هن اردليءَ کي به ماني کائڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ هر هڪ ڪڪڙ جي ٽڪر کائڻ کان پوءِ به ٽي ڍڪ چانورن جي شراب جا پئي پيتائين. جيستائين هنن اڌ ڪڪڙ ۽ شراب جو دٻو کائي پورو ڪيو ته سنجها به اچي سهڙي ۽ سج ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻ ڪا ڳاڙهي ٿالهي رکيل هئي.

زام جهٽڪو ڏئي اٿيو ۽ زور سان پاسريون کنهڻ لڳو. سندس ڪيترائي ماڻهو نشي ۾ شل ٿي چڪا هئا. شراب ختم ٿي چڪو هو ۽ هو رهيل کهيل مانيءَ تي لامارا ڪري رهيا هئا. ڪيترن ئي پنهنجون قميصون لاهي ڇڏيون هيون ۽ سندن ٽامي جهڙيءَ ڇاتيءَ تي ڏينڀوڙين سان ڇپيل اجگر ۽ نانگ نظر اچي رهيا هئا. ٻيا ٻارڻ لاءِ ڪاٺ، ڪيلي جا سڪل ٿڙ، آڻي ڪٺا ڪري رهيا هئا، جي هو هِتان هُتان چوري ڪري آيا هئا.

رات لهي آئي. هِت هُت ٻرندڙ مچ اوندهه جو سينو چيري رهيا هئا. انهن جي چوڌاري مِڙيل فوجي پنهنجن دٻن ۾ پاڻي ڪوسو ڪري رهيا هئا. جهل ۽ روڪ جي باوجود ڪيترائي فوجي شهر مان شراب ۽ کاڌو هٿ ڪرڻ هليا ويا. آپريشن ڪمانڊر وٽان کين اهي حڪم مليا هئا پر انهن تي مختلف دستن جا ڪمانڊر خير ڪوئي ڌيان ڏئي رهيا هئا. زام به پنهنجن ماڻهن سان پيئڻ ۾ جنبي ويو هو کيس ادو وڏو ڪوٺي شراب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوٺي رهيا هئا، ۽ سندس نائب کي جنهن جو منهن سنهو ۽ اکيون کوپي جهڙيون هيون، ٻيو ڀاءُ ڪوٺي رهيا هئا. زام کي ادي وڏي جو خطاب وڌيڪ وڻندڙ هو ۽ ليفٽينيٽ سائينءَ جي نالي سان سڏجڻ پسند نه ڪندو هو. ”ادو وڏو بلا آهي. ڪيترو به پيئندو پر بيهوش نه ٿيندو.“ انهن مان هڪ چيو، ”اچو، ادا وڏا، نوش ڪيو.“ ٻئي چيو.

زام خوشيءَ مان ٻهڪي پيو، هن هر هڪ دعوت قبول ڪئي ۽ ڪڏهن به گلاس خالي ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو. سچ پچ هو بلانوش هو، ۽ ڪڏهن به ڪريو نه پئي. هاڻي سندس اکين جي اڇاڻ، رت جهڙي ڳاڙهاڻ ۾ مَٽيجي چڪي هئي. منجهانئن باهه جا اُلا ۽ تِرورا اٿندا نظر پئي آيا. سندس وفادار وياکاڻي سندس چوڌاري مِڙي آيا ۽ سندس شراب نوشيءَ ۽ خونريزيءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. اوچتو انهن مان هڪ چيو، ”ادا وڏا، سڀاڻي جڏهن هان ڊئٽ هلياسين ته تون گهر ويندين ڇا؟“

زام شراب جو دٻو، جو هو خالي ڪرڻ وارو هو، چپن کان هٽايو ۽ ڪافي وقت چپ ڪيو بيٺو هو. ”هائو“، آخر هن چيو، ”امان ۽ ادڙيءَ کي ڏسڻ ويندس.“

”ڪاميءَ؟“ ٻئي چيو ”هاڻي ته وڏي ٿي وئي هوندي، هاني، ادا وڏا؟“

”سمجهان ٿو اڻويهن سالن کي پڳي هوندي...“ زام چيو. ٻڌو هوسين ته تو کين شهر لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو، اوڏانهن ڇو نه ويون؟“ پهرين پڇيو.

”هيل ته پاڻ هان ڊئٽ تي قبضو ڪري وٺنداسين. مان کين چوندس ته هو ڳوٺ ڇڏي اچي چوڪيءَ تي رهن“ پوءِ هن آواز هلڪو ڪندي چيو، ”هان ڊئٽ جي زندگي بهتر آهي. جڏهن مان اُت پوسٽ ڪمانڊر هوس، ته هتان کان وڌيڪ خوش هوس. ات هر قسم جو ميوو ۽ مينهن جو سڪل گوشت جهجهو آهي. لاتعداد ڇوڪريون آهن، ڪي ته لاجواب حسين آهن. سندن ڇاتيون سهڻيون ۽ عجيب آهن، جهڙا ناريل. تون پنهنجن ننڍڙن هٿن سان ته کين جهلي به نه سگهندين!“

سپاهي موقع خوشيءَ سان ٽڙي پيا ۽ سندن گگ وهي آئي.

هنن ڄاتو پئي ته سڀاڻي هو پنهنجا پير بهشت ۾ پائيندا. انهن مان ڪن کي اُن وقت اُن موت جو به خيال آيو جو اُت سندن راهه نهاري رهيو هو، پر عورتن کي لٽڻ ۽ لوئڻ جو خيال مٿن حاوي پئجي ويو. جن اڳ هان ڊئٽ ڏٺو هو سي اتان جي مزن ۽ عياشين جا پهه پچائڻ لڳا، ڪو چوڻ لڳو ته جي توهان کي مينهن جي گوشت جو چسڪو وٺڻو آهي ته رڳو ڪنهن چرندڙ مينهن جو نشانو وٺي گهوڙو دٻايو. انهن مان هڪ، ڪيل ڪيترين ئي زوري زنائن مان، هر هڪ جو وچوروار بيان ڏيڻ لڳو ۽ آخر ۾ فخر سان چيائين ته هن تيرهن عورتن جون سٿڻون ڦاڙيون هيون. ٻئي ٻڌايو ته هن هڪ ويٽ ڪانگ جو مٿو پنهنجي بوٽ سان ائين چٿيو ۽ ڀڳو جو سندس پتلون تي ان جي ميڄالي جي ٽڪرن جا ڇاپا ٿي پيا . سڀ کان وڌيڪ ادي وڏي جي ان فن جي ساراهه ٿيڻ لڳي جنهن سان هو ماڻهن جا پيٽ ڦاڙي، جيرو ڪڍي وٺندو هو،_ دُن وٽان هڪ چاقوءَ جو چير ۽ پوءِ چار اَڱريون وجهي ائين جيرو ڪڍي وٺندو هو جيئن ماهر دائي ٻار ڄڻائيندي آهي. زام ڪيترن ئي مظلومن جا پيٽ ڦاڙيا هئا ۽ انهن مان جيري ۽ پتي ڪڍي وٺڻ جو ماهر ليکيو ويندو هو. پر هن جي مهارت ڪو اتي دنگ نه پئي ڪيو. هن ماڻهن کي مارڻ جا سوين طريقا ڄاتا پئي. هن جي رڳن ۾ ان ظالم پيءُ جو رت ڊوڙندو هو، جنهن ڪو وقت هان ڊئٽ تي مطلق بادشاهه جيان راڄ ڪيو هو. ماڻهو چوندا هئا ته زام ۾، بدنصيبيءَ سان، بيگم ڪازوئي جي رت جو هڪ به ڦڙو ڪونه هو، جا کُمير قبيلي جي عورت هئي ۽ سندس ماءُ هئي، ۽ جنهن جي زندگي اهڙي مسلسل پيڙا ۽ پڇتاءُ هئي، جنهن سندس مت ماري ڇڏي هئي.

جوانيءَ ۾ سندس ماءُ هڪ سهڻي ۽ ٺاهوڪي عورت هئي. ناسي اکين ۽ بادامي رنگ جي چمڙيءَ سان هوءَ کمير عورت جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڙو نمونو هئي، جو اهڙن عورتن جو ورثو هو. مٽيءَ جا ٿانو ٺاهي ۽ گهر گهر هلي وڪڻڻ، سندن بت جي هر وٽ ڪڙ کي دلڪش ۽ حال کي وڌيڪ پيارو بڻائي ڇڏيو هو. کين روز پندرهن ويهه ميل کن پنڌ ڪرڻو پوندو هو گهڙي مٿان گهڙو مٿي تي رکي، هٿن سان پنهنجو ۽ گهڙن جو توازن رکي اهڙي چال هلنديون هيون جو پسون پکي به وائڙا ٿي کين تڪيندا هئا. هان ڊئٽ جي زميندار ڪومل، ڪازوئيءَ کي زوري کڻي آڻي پاڻ وٽ سريت ڪري ويهاريو. ان ڪري سندس مڱيندو ٽاچ کا ايترو ته نراس ۽ نااميد ٿي ويو جو ڪمبوڊيا وڃي پورهيو ڪري پيٽ پالڻ لڳو. زام اڃا ننڍڙو ئي هو جو سندس پيءُ مؤ، نين ڇوڪرين جي پٺيان لڳي ماڻس تان ڌيان هٽائي ويو. هوءَ ٻيهر پيرن ڀري ٿي پر ان هوندي به مڙسهنس کيس تڙي ڪڍي ڇڏڻ ۾ اصل نه هٻڪيو، ۽ زام به کسي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيائين. ڪازوئي، مؤ جي پڪي پٿرائين گهر مان تڙجي هان ڊئٽ موٽي آئي، جتي هن هڪ ننڍڙي جهوپڙي اڏي ڪڙمت ڪرڻ لڳي. جڏهن نئون ٻار اچڻ وارو ٿيو ته هوءَ رڙهي سڙهي سارين جي فصل ۾ وئي ۽ پنهنجي رڙين کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ خاطر سڪل پلال کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙڻ لڳي. ڀاڳن سان ان مهل بيگم ساؤ ۽ سندس ڌيءَ سئو وام رانگ جي مارڪيٽ کان ڳوٺ موٽندي اتان لانگهائو ٿيون. اهڙيءَ ريت ننڍڙي ڪاميءَ بيگم ساؤ جي گهر ۾ جنم ورتو. هفتي کان پوءِ ٽاچ کا هان ڊئٽ آيو ۽ ماتا ساؤ جا ٿورا مڃي، ڪازوئي ۽ ڪاميءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ وٺي ويو. پر چند مهينن کان پوءِ موُ جي پاليل ۽ ڌاريل خونين، ٻيلي ۾ مٿس حملو ڪيو، ۽ گهر اچي هن دم ڏنو. ڪازوئي وري پنهنجي ڌيءَ جي گذربسر لاءِ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيا، ۽ ننڍڙي ڪامي وڏي ٿي سهڻي ۽ وڻندڙ ڇوڪري ٿي پئي، هوبهو ماءُ جهڙي.

زام پنهنجي پيءَ سان رهندو آيو، ۽ هن جي نقش قدم تي هلي هن جيان کَري ٻُهر ٿي پيو. هو پڪي پٿرائين گهر ۾ ٻين جي پگهر جي پورهئي تي وڌي وڏو ٿيو. ڦرمار جي هٿ ڪيل زمين سندس پيءُ فٽن پيري ڪنڀرن کي نيڪال ڪندو هو. بغاوت واري جنگ دوران انقلابي اختياري سندس زمين مقامي هارين ۾ ورهائي ڇڏي. موُ راچ گيا ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ ڪروڌي ۽ ڪاوڙيل هارين نارين سندس بنگلو نهس تهس ڪري ڇڏيو.

امن قائم ٿيڻ کان پوءِ موُ وري پٽ سوڌو موٽي هان ڊئٽ آيو. زام، نگوڊين ڊيم جي فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽينيٽ ٿي چڪو هو. موُ زمين موٽي حاصل ڪئي، حويلي ٺهرائي ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ سالن جي سانڊيل ساڙ جا پَلوَ انقلابين کان وٺڻ لڳو. زام پيءُ کان به وڌيڪ پاپي ۽ پليت نڪتو. امريڪي هٿياربند ٿي، پنهنجي قاتل رهزن ساٿين سان گڏ، جابجا پڄي هو ماڻهن جو شڪار ڪندو هو. سندس رينجر گهوڙن جهڙو تکا ڊوڙي سگهندا هئا. هو انقلابين کي ٻنين ۾ ڊڪائي ماريندا هئا ۽ ڏينهن رات سندن ٻيلن وارن اڏن تي ڇاپا هڻندا هئا. اڌ رات منجهه مينهوڳيءَ يا طرفان ۾ ماڻهو سندن بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌندا هئا. جڏهن ماڻهو ڪو گوليءَ جو آواز ٻڌندا هئا ته هو سمجهندا هئا ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو پٽ، ڀاءُ يا مائٽ انقلابي وڃي موت جو مهمان ٿيو. پر ان هٿان جنهن سڀ کان وڌيڪ سٺو سا ڪازوئي هئي.

جڏهن 1956ع واري بغارت ڀڙڪي ته عوام ظالم زميندار موُ کي موت جي ٽڪيٽ وٺرائي. پر زام اٽڪل ۽ حرفت سان ڀڄي ويو ۽ وڌيڪ ڇِتو ۽ خوني ٿي پيو.

دنيا جي هر علائقي جيان، هان ڊئٽ جي هر ماءُ کي به پنهنجا پنهنجا سور هئا. پر اهڙيون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هونديون جن سان ڪازوئي جهڙي ٿي هوندي. جڏهن زام، ڇاڙتي سرڪار طرفان هان ڊئٽ جي چوڪيءَ تي ڪمانڊر ٿي آيو ته هن ماءُ ڀيڻ لاءِ، ڀانت ڀانت جو ريشمي ڪپڙو ۽ ڳهه ڳٽا آندا، جي هن پنهنجن ڇاپن ۽ حملن دوران ڦُريا لٽيا هئا. هنن ٻنهي سندس سوکڙين قبولڻ کان انڪار ڪيو. سندس ماءُ اهي اڱڻ ۾ اڇلائي، ٻئي هٿ منهن تي ڏنا ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽي.



(2)



بيگم ڪازوئي گهران نڪري چوسول واري بيگم بااُو جي دڪان ڏانهن وڃي رهي هئي، جو هان ڊئٽ جي ڀڪ ۾ هو. خالي بوتل کي هٿ ۾ کنيو هوءَ ڌيرج ۽ ماٺ ۾ اوڏانهن وڌي رهي هئي. هان ڊئٽ جا ماڻهو جڏهن به رات جو اڪيلائي ۾ ڪنهن کي رستن تي رلندو، ڀٽڪندو ڏسندا هئا ته هو سمجهي ويندا هئا ته اها اڀاڳي ڪازوئي هوندي هئي. ٻئي ڪنهن کي به رات جو اوندهه ۾ پاڇولي جيان گهمڻ جي عادت ڪانه هئي. سندس دماغ ۾ ڪا خرابي ٿي هئي. پر حيرت اها هئي جو ان ذهني ٻگاڙ جي باوجود به هوءَ، بنا ٿيڙ کائڻ يا ٿاٻڙجڻ جي، سلامتيءَ سان گهمي ڦري گهر موٽي ايندي هئي. شايد کيس اندر جي اک ملي چڪي هئي.

جڏهن هوءَ دڪان تي پهتي ته دڪان خالي سمجهيائين. پر چائنٺ ٽپندي هن بيگم بااُو کي پنهنجو ليکو چوکو ڪندي ۽ موڙي سنڀاليندي ڏٺو. سندس اڳيان گاسليٽ جي بتي ٻري رهي هئي، پيرن جي کڙڪي تي بااُو ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ۽ ماٺي آواز ۾ چيو ”تون آهين ڇا ڪازوئي! هن مهل ڪيئن آئي آهين؟“ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران ڪازوئي پنهنجي خالي بوتل مٿي ڪئي. مالڪڻ يڪدم سمجهي وئي. هن ليکو چو کو ڇڏي بوتل کنئين. بيگم با اُو سچ پچ اهڙي هئي جهڙو سندس نالو هو. (او جي ويٽنامي زبان ۾ معنيٰ آهي گولائي). هوءَ گهڻو ڪجهه ئي هئي. دخل کان ٻاهر نڪري پنهنجي ٿلهي ۽ گول ٻانهن وڌائي بوتل کنئين. هوءَ مٽيءَ جي هڪ گهڙي طرف وڌي، بانس جي لوٽي ان ۾ وجهي، شراب ڪڍي ڪازوئي جي بوتل ۾ ڀرڻ لڳي. هن شراب اهڙي مهارت سان اوتيو جو ڦڙو به زيان نه ٿيو.

بوتل ڪازوئيءَ کي ڏيندي هن کمير زبان ۾ چيو، ”تو ته خبر ٻڌي هوندي، ٻڌي ٿي نه؟“

”ڪهڙي خبر؟“ ڪازوئي پنهنجا اڻڀا ڀورا وار ڇنڊي جواب ۾ چيو.

بيگم بااُو سندس ڪن ۾ چيو، ”زام موٽي آيو آهي. مون کيس اڄ شام جو ٽري ٽان ۾ ڏٺو آهي. هو فوجي ٽرڪ تان هيٺ لهي رهيو هو.“

”زام... موٽيو آ... ٽري ٽان ۾؟“ بيگم ڪازوئيءَ اکيون سستيءَ سان ڇنڀيون، ڄڻ فرش تي ڪا شيءَ ڳوليندي هجي. پوءِ هوءَ مڙي تڪڙو تڪڙو دروازي ڏانهن وڌي، جتي چائنٺ وٽ ٿاٻڙجي ذري گهٽ ڪري هئي. بوتل فرش تي ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي وئي. شراب پٽ تي پکڙجي ويو، پر هن ان پاسي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ۽ بي ڌيانيءَ سان ويندي رهي.

مادام بااُو سندس پويان ڊوڙي ٻانهن کان ورتائينس، ”اچ، ادي، هل ته ٻي بوتل ڏيان. آ، هلي آ من.“ هوءَ کيس دڪان ۾ وٺي آئي، خالي بوتل ڳوليائين، اها شراب سان ڀريائين. ۽ کيس ڏنائين ”سنڀالي وڃجانءِ متان هيءَ به ڪيرائي ڇڏين.“ هن چيو.

ويچاري ڪازوئي هينئر هڪ ٻار جيان ائڪٽنگ ڪري رهي هئي هن ائين ئي ڪيو جيئن چيو ويس. بوتل کي زور سان مُنڍيءَ کان پڪڙيائين ۽ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران ٻاهر نڪري وئي. هن رستي ۾ ڪيئي ٿيڙ ۽ ٿاٻا کاڌا. هوءَ هڪ اڪيلي ڪمري واري لانڍيءَ ۾ رهندي هئي جا چوسول کان ڪافي پنڌ تي هئي. هوءَ جاءِ ۾ گهڙي ته ڌيءَ ڪاميءَ کي تڏي تي ويٺو، هلڪيءَ زرد روشنيءَ ۾، سڻيءَ جي ڳوٿري اُڻندي ڏٺائين. ڇوڪري ٿوري دير لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري ماءُ کي ڏٺو ۽ پوءِ وري ڪم کي لڳي وئي. ڪامي ڀاءُ زام کان وڌيڪ ماءُ ڪازوئي جهڙي هئي. هوءَ اڻويهن سالن جي سهڻي نينگر هئي. وڏيون ڪاريون اکيون ڊگهيون پٽ جهڙيون پنبڙيون. هلڪي ۾ هلڪي روشنيءَ ۾ به سندس چپ گلاب جيان لڳندا هئا. پنهنجي ماءُ جي جوانيءَ جو جيئرو جاڳندو ثبوت هئي،_ پر ان کان به سرس.

”ڪامي“ ماءُ چيو، ”زام وري آيو آهي. هو هينئر ٽري ٽان ۾ آهي.“

”ٽري ٽان ۾؟“ ڇوڪري چيو، ”توکي ڪنهن ٻڌايو، امان؟“ ”مادام با اُو.“

ڪازوئي صندل جي ڪنڊ تي ويٺي ۽ هڪ ڄنگهه مٿي ڪري رکيائين. هن ڪو وقت ڪا چرپر ڪانه ڪئي. پوءِ هڪ ننڍي پيالي ۾ شراب اوتي هڪ ڳيت سان پي وئي. ڄڻ ڪو پاڻي پيتو هو. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ ڀت تي پوندڙ پنهنجو پاڇو ڏسڻ لڳي. هڪ ٻن ڳوٿرين اُڻڻ کان پوءِ هر رات جو شراب جي پيالي پيئڻ ته سندس عادت بڻجي چڪي هئي. ايترو ٿورو شراب کيس مخمور ڪرڻ ۽ هر ڳالهه وسارڻ بدران سندس ذهن کي وڌيڪ تيز ۽ يادگيرين کي وڌيڪ چِٽو ڪري ڇڏيندو هو. هن پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ سندس دماغ تي جوانيءَ جي ياد تري اَئي. هن کي اهي گهڙا ياد آيا جي هن ٺاهيا هئا ۽ آويءَ ۾ پچي ڳاڙها ٿي ويا هئا. پوءِ کيس زوڪي،_ کمير قوم جي مشهور ناچ واريون راتيون ياد اچي ويون. جڏهن ٽاچ کا شهزادي جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ هوءَ غريب ڇوڪريءَ جو. پوءِ هن جي ذهن جي اک ۾ زميندار مؤ جي صورت اُڀري ۽ پڪي پٿرائين گهر ۾ گهاريل ڏينهن جا ڏيک، ۽ پوءِ سندس ذهن تي اڀري آيا، ٽاچ کا سان گذاريل چند خوشين ڀريا مهينا. جنهن بعد هن جي اکين اڳيان اهو منظر اڀري آيو جڏهن ٽاچ کا ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر جي اڱڻ ۾ اچي ڪريو هو، سندس هٿ ۽ جسم رت سان رڱيل هو. ڪيڏو نه دک دائڪ ڏيک هو. هر ڀيري پنهنجو پاڇو ڏسندي، ڌيءَ کي ڳوٿري اُڻيندو ڏسندي، اهي نظارا سندس ذهن جي پڙدي تي ڇپجي پئي ويا. هن کان اهو به نه وسريو هو جو ڪجهه انقلاب بعد ٿيو هو. جنهن ۾ کيس زمين ملي هئي. ۽ پٽهنس زام جو پنهنجي مقابل جو پيٽ ڦاڙيندو هو ۽ سندس کوپري چٿيندو هو.

”زام موٽي آيو آهي.“_ مادام با اُو جو آواز اڃا سندس ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. ”اڃا الائي گهڻا ماڻهو ماريندو؟“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو. هن رڙيون ڪرڻ پئي چاهيون. ”هو ڇا لاءِ ٿو اچي. شال موت اچيس!“

”ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس پٽ مري؟“ ان هوندي به مادام ڪازوئي پٽ جي مرڻ جي دعا گهري هئي. هن جو مري وڃڻ هن لاءِ ايڏو ستائيندڙ نه هو. جيڪڏهن هن ماڻهن جو ڪوس جاري رکيو ته هوءَ ڏکن سورن ۾ مري ويندي. اهو ئي سندس ضبط ۽ وهم هو ته يا هوءَ مري يا زام مري!

هڪ لڱا ڪاميءَ کانئس پڇيو هو، ”امان. تو اهڙو پٽ ڇو ۽ ڪيئن ڄڻيو هو؟ مان ته کيس پنهنجو ڀاءُ نه سمجهندي آهيان.“

کيس ڌيڻس ائين چيو هو. اها ڳالهه هن پنهنجن پاڙيسرين کي به چئي هئي، ”زام منهنجو پٽ نه آهي.“ ڪيترائي ڀيرا هن ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ استدعا ڪئي هئي، ”مهرباني ڪري هن کي منهنجو پٽ ڪري نه ڏسو.“ پر اهي لفظ چوندي شرط سندس دل ڀرجي ايندي هئي. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو ڏکيو ۽ ڏکوئيندڙ امر هوندو آهي جو هوءَ پنهنجي ٻار کي پنهنجو نه ڪري. سڌي ۽ سليم طبيعت سبب، سندس ان فعل کيس ذري گهٽ چريو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ستن سالن جو عرصو موڳي، وائڙي ۽ اڌ چري ٿي گهاري چڪي هئي. ڏينهن بجاءِ رات جو گهمندي هئي. هوءَ سوچيندي هئي ته رات جي اوندهه کيس ماڻهن جي نظرن کان لڪائي ڇڏيندي. هن پنهنجي پٽ سان به بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر هو کيس ڪوبه جواب نه ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ناراضگيءَ وچان ڪنڌ لوڏي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي چوندو هوس، ”امان! تون مون کي ويٽ ڪانگ جي طرفداري ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ پئي چاهين ڇا؟“ پر پوءِ هو مرڪندو هو. ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هن ماءُ جي سامهون هڪ پٽ جهڙو ورتاءُ پئي ڪرڻ چاهيو نه ڪي ڪنهن خوني يا قاتل جهڙو. ڪو وقت ڪازوئي انهن افواهن تي اعتبار نه ڪندي هئي ته ڪو سندس پٽ ظالم ڪاسائي هو جو پنهنجي شڪار جو پيٽ چيري جيرا بڪيون ڪڍي وٺندو هو. پر هڪ ڏينهن سندس اهو وهم به ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. هڪ ڏينهن زام کيس ڏسڻ لاءِ گهر لنگهي آيو. سندس واڇن تي رت ڏسي هن کانئس اچرج وچان پڇيو هو، ”زام! پٽ وات مان رت ٿي اچئي ڇا؟“ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران، زام واڇون اگهي هليو ويو هو. پوءِ ان پٺيان ئي ڪامي رڙيون ڪندي ڳوٺ کان موٽي هئي. سندس منهن تي دهشت هئي. چرين جيان سڏڪا ڀريندي هن ماءُ کي ٻڌايو هو ته ڪناري تي هڪ ماڻهوءَ جو پيٽ ڦاڙي جيرا ڪڍي آيو هو. پوءِ هن هڪ گهر ۾ وڃي فرائي پان کڻي اهي تريا هئا ۽ کائي ڇڏيا هئا. مادام ڪازوئي اهو ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويئي هئي. جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي هئي ته کيس زام جي واڇن تي لڳل رت ياد آئي هئي، ۽ هوءَ وري بيهوش ٿي وئي هئي.

ٻئي ڏينهن تي زام وام رانگ تي ڇاپي هڻڻ کان پوءِ موٽي آيو هو، ۽ ساڻس ڪجهه قيدي به هئا. اهو چئي نه پيو سگهجي ته اهي انقلابي جٿي جا هئا يا عام ماڻهو. جڏهن ڪازوئي کي خبر پئي ته، هو چوسول ۾ انهن جا پيٽ ڦاڙي جيرا ڪڍندو، ته هوءَ ان مقصد سان اوڏانهن ڊوڙندي وئي، ته کيس ان حرڪت کان باز رکي. پر هن جي ات پهچڻ کان اڳ ئي زام قيدين جون ڪاڪوس واريون جايون چاڪن جي چيرن سان ڦاڙي ڇڏيون هيون. پوءِ هيءَ عورت رستي تي ئي بيهوش ٿي ڪِري پئي. زام سپاهين کي کيس گهر کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن هوءَ شام جو سامت ۾ آئي ته ڀر ۾ ڪامي کي ويٺل ڏٺائين. هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. ”هليو وڃ زام! ٽري وڃ.“ ان ڏينهن کان وٺي ڳوٺاڻا چوندا آهن ته مادام ڪازوئي چري آهي.

حقيقت ۾ چري ڪو هن لاءِ مناسب ۽ موزون لفظ نه آهي. هن ڪڏهن به ڪو تشدد جو مظاهرو نه ڪيو. ان جي ابتڙ هوءَ هر شيءَ کان ڊني پئي ۽ رحم ۽ قياس جوڳيءَ حالت ۾ ماڻهن کان لڪندي ڇپندي پئي وتي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس ذهن تيز ۽ تکو ڏيکاريو هو. هن کي مادام با اُو کان اوڌر تي ورتل هر شيءَ ذري پرزي ياد هئي. ٺهيل ڳوٿريون وڪڻي، هوءَ پوري پوري رقم دڪاندار کي ئي ڏيندي هئي. ڳوٿرين ٺاهڻ ۾ هن ڪڏهن ڪا ڀل چڪ نه ڪئي هئي. هن جي خاص ڳالهه اها هئي ته جڏهن به ڪو سندس گهر ۾ گهڙندو هو ته هوءَ پاڻ کي ان جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيندي هئي، رڙيون ڪندي هئي، سڏڪا ڀريندي هئي، ڄڻ کانئس معافي پِني رهي هجي. هائي ٿيپ، نام ٽان. بارين، ماتا ساؤ، سئو ۽ ڪوين اڪثر اٿاري کيس پنهنجي پيرن تي بيهاريندا هئا، ڇو جو اهي ئي هئا جي گهڻو ڪري سندس گهر ايندا هئا، ۽ صلاح ڏيندا هئا ته هوءَ زام کي ڪيئن سڌاري، ۽ جڏهن زام لاعلاج ٿي پوندو هو ته کيس همٿائڻ ۽ اَٿت ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. هڪ ڏينهن هائي ٿيپ کيس چيو، ”ماسي ڪازوئي، ايڏي ڳڻتي نه ڪر. توکي عوام چاهيندو آهي، ڪوبه توکي اڪيلو نه ڇڏيندو.“ ۽ ڪازوئي هانءُ ڦاڙي رني هئي.

جڏهن هٿ ٺوڪي سرڪار جي خلاف پهريان سياسي مظاهرا شروع ٿيا ته هن انهن ۾ شريڪ ٿيڻ جي سگهه نه ساري هئي، ڇو جو هوءَ پاڻ کي ان لائق نه پئي سمجهيو. پر هڪ ڏينهن ماتا ساؤ ۽ ٻيون عورتون وٽس آيون ۽ چيائون، ”اسان سان هل، مادام ڪازوئي.“ ويچاري ڪازوئي ايترو ته خوش هئي جو ڄنگهن به ساٿ نه پئي ڏنس. ان کان پوءِ هن هڪ به احتجاجي جلوس نه گسايو هو. ۽ اهڙي ريت هوءَ هڪ ڏينهن زام جي بندوق جي ناليءَ جي سامهون اچي وئي. ان فيصلي ڪن موقعي تي، ماءُ جي اختياريءَ هن کي قابل بڻايو جو هوءَ بندوق جو رخ موڙي سگهي ۽ مظاهرو ڪندڙ اڳتي وڌي سگهيا...

اها هئي مادام ڪازوئي جي ڄاتل سڃاتل چريائپ جي ڪهاڻي. هان ڊئٽ جي ڪنهن به باشندي کي هن لاءِ دل ۾ ڪينو ڪين هو. هو هن کي پيڙيل ۽ ڦُريل لٽيل طبقي جي هڪ غريب عورت سمجهندا هئا، زام ۽ سندس پيءُ کي ڦرمار ڪندڙ. پر ان هوندي به مادام ڪازوئي کي چين نه هو. هر ڳالهه جي باوجود هوءَ اڃا به زام جي ماءُ هئي، ۽ هن جو رت ئي ان دئيتُ جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيو هو. اها سوچ ئي هن جي سڀني سورن جو سبب هئي.

ڪامي انهيءَ مسئلي تي وڌيڪ صاف ۽ چٽي هئي. هو رڳو چوندي نه هئي ته، ”هو منهنجو ڀاءُ نه آهي.“ پر ان ۾ سچ پچ ويساهه به ڪندي هئي، ۽ کيس بلڪل اوپرو ۽ ڌاريو سمجهندي هئي، اهڙو اوپرو جنهن لاءِ هن کي پوري پوري ڌڪار هئي. جڏهن به هو سندن گهر لنگهي ايندو هو ته هوءَ هن سان ٻڙڪ به نه ٻوليندي هئي. ۽ جيڪڏهن ڪوبه ڪڏهن به سندس اڳيان هن جو نالو ئي وٺندو هو ته هوءَ سختيءَ سان احتجاج ڪندي هئي ۽ غمگين ۽ زخمي لڳندي هئي.

هوءَ انقلاب سان ڪيئن ڳنڍي هئي! اهو ائين هو ڄڻ سندس رڳن ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي هئي.

هينئر هوءَ نوجوانن جي جماعت جي اميداوار ميمبر هئي. هن کي هڪ ٻن ميڙن ۾ ڪوٺيو ويو هو، ۽ انهن ۾ شرڪت کيس وڌيڪ جوشيلو ۽ جذباتي بڻائي ڇڏيو هو. هوءَ سدائين، هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئي،_ ڪوڙڪا وڇائڻ يا کاهيون کوٽڻ. هن جو ڳلو ڏاڍو سريلو هو ۽ اهي پراڻا گيت ڳائڻ پسند ڪندي هئي جي ٻڍڙن ڳوٺاڻن کي گذريل ڏينهن جون يادگيريون تازيون ڪرائيندا هئا، جڏهن هو ليٽ ۾ آيل ٻنيون لتاڙي ساڪ ٽنگ ۾ زوڪي ناچ ڏسڻ ويندا هئا، جن ۾ ٽاچ کا هيرو ۽ ڪازوئي هيروئن جو ڪردار ادا ڪندا هئا. ڪازوئي ڏکوئيندڙ يادن ۽ ڳوڙهن سان پنهنجي ڌيءَ جو راڳ ٻڌندي هئي.

هن اُن ڏينهن کان پيئڻ شروع ڪيو هو، جنهن ڏينهن سندس پٽ ڪٽپتلي سرڪار جو دلال ٿي سندس دل ٽوڙي هئي، اها نازڪ ۽ معصوم دل، جنهن کيس تڏهن ڇاتيءَ سان لاتو هو، جڏهن مٿس اڃا زام جو نالو ئي ڪونه رکيو ويو هو.

۽ اڄ به هوءَ، دستور جيان پي رهي هئي....

دستوري طور هوءَ روز هڪ پيالو پيئندي هئي. اڄ هن بوتل جي ٻُجي لاٿي ۽ ٻيو پيالو به ڀريو. هوءَ چسڪيون وٺي پي رهي هئي.

”اهو ڇا امان! ٻيو پيالو؟“ ڪاميءَ ڪر ڪر ڪئي ۽ ڪم کان ڪنڌ مٿي کنيو. ”وري ٻيو دفعو ٿي پين. هڪ ڪافي آ، امڙ!“

ٻاهر ڪتن ڀونڪڻ شروع ڪيو، ۽ ترت ئي ٻاهران کمير زبان ۾ ڪنهن ڳالهايو، ”ڪامي، اندر آهين؟“ ڇوڪريءَ پنهنجي ساهيڙي ڪوين جو آواز سڃاتو. هن ڪم مان هٿ پالها ڪيا، اٿي بيٺي ۽ جواب ڏنو، ”هائو، مان ويٺي آهيان.“ اڌ دروازو کولي هوءَ اڱڻ ۾ نڪري آئي. ڪوين کيس هٿ کان وٺي ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪيو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”خبر اٿئي؟ زام جي اچڻ جي؟“

”نه، ته دشمن حملي جون تيارون پيو ڪري. ڳوٺ کي خبر ڪرڻي آهي. ٽري ٽان ۾ ڪافي فوجي پهچي ويا آهن. اسان جا گوريلا به تيار آهن. مان هاڻي هاڻي ساڻن گڏ ڪوڙڪا هڻي موٽي آهيان.“

”مون کي هلڻ لاءِ ڇو نه چيئي؟“ ڪامي نراسائيءَ وچان چيو.

”ڳڻتي نه ڪر، تو لاءِ گهڻو ڪجهه ڪم آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته توکي قانوني جدوجهد ڪرڻ واري جٿي جو حصو ٿيڻ گهرجي. توکي خبر آ ته فوجن جي اڳواڻي زام ڪري رهيو آهي...“

”خبر آ، خبر آ...“

”ته پوءِ خيال سان ٻڌ، هو ايندا ته اسان رڳو بمن ۽ ڪوڙڪن سان سامهون نه پونداسين، پر گوريلن کي مدد ڏيڻ لاءِ سياسي جدوجهد به شروع ڪنداسين. جيئن ته تون اڃا باغي مشهور نه ٿي آهين، ۽ فوجي توکي زام جي ڀيڻ سمجهندا آهن، ان ڪري توکي سيڌي سامان پهچائڻ ۽ لاڳاپي رکڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي.“

”مان ته سرنگون وڇائڻ پسند ڪنديس.“

”ان ڪم لاءِ ٻيا مقرر ڪيا ويا آهن.“

ڪامي ڪا جهٽ سوچيو، پوءِ چيو، ”ٺيڪ آ، مان ڪنديس پر...... سچ پچ مان انهن جو منهن ڏسڻ به پسند ڪونه ٿي ڪريان. ڏاڍو ڏکيو آ. هاني؟“

ڪوين ساهيڙي جي چيلهه ۾ ٻانهه وڌي، ”ڪوبه انهن سان ملڻ نه چاهيندو. پر انقلاب لاءِ ائين ڪرڻو ئي پوندو ۽ پارٽي چاهي ٿي ته تون اهو ڪم ڪاريگريءَ ۽ بنا ڪاوڙ جي ڪرين. توکي ٿڌر ٿانئرو ٿيڻو پوندو. جي ضرورت پئي ته سپاهين سان مٺو ڳالهائڻو ۽ کين راڳ ٻڌائڻو به پوندئي.......سمجهيئي ته توکي ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان جو توتي آسرو ۽ آڌار آهي.“

ڪامي پنهنجا چپ ڀيڪوڙيا ۽ پوري قوت سان هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن ڀاڪر پائي ڪوين کان موڪلايو ۽ کانئس ٻه دلي چميون ورتيون.



(3)



ٻڍڙي ٽيوڊان جي بنديل درن واري گهر جي هڪ ڪمري ۾ نگان ۽ جٿي جي ٻن ماڻهن، ٽرانگ ۽ ٽوئي، رينجرس جي يونيفارم پاتي. نگان سيڪنڊ ليفٽينيٽ جو روپ ڌاريو ۽ ٽن پردن واري ٽوپي مٿي تي پاتي. جڏهن سندس ساٿين، روپ مٽائي پورو ڪيو، ته هو سندن اڳيان اچي بيٺو ۽ سندن راءِ معلوم ڪرڻ لڳو.

”واهه، واهه! باڦي واهه جو ڄار ۾ ڦاسندو.“

ٽوئي ۽ ٽرانگ، ٻنهي کي ڪلهي تي ٿامپسن رائفل لڙڪي پئي. نگان ڪولٽ پستول ڪڍيو ۽ ان جي چيجر جون گوليون ڳڻيون. هن پستول بند ڪيو ۽ پوش ۾ وڌو. ٽان جو کين راهه ڏيکاري رهيو هو هٿين خالي هو.

”هلو“، نگان چيو.

وان ٿانهن جو ڳوٺڙو ٽپي هو سارين جي ٻنين ۾ گهڙيا ۽ وان هيپ طرف وڌيا. ڳوٺ جي مهڙ وٽ پهچي ٽان هنن کي ترسڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ خبرچار لهڻ لاءِ اڳتا وڌيو. ٿوري دير ۾ هو موٽي آيو. ”سڀ ٺيڪ آ. اسان هلي سگهون ٿا.“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي.

هو سندس پٺيان لڳي پيا. درياهه وٽان لنگهي هنن باڦي جي مڇي مارڻ وارن ڇپري جي روشني ڏٺي. پاڻي تڪڙو تڪڙو گجگوڙ ڪندو سمنڊ ۾ گهڙي رهيو هو. پاڻي جي وهڪري تي ٿوڻيون هيٺ‎ مٿي لُڏي لمي رهيون هيون، ۽ انهن تي سائي بتي ٻري رهي هئي.

”اڄ شايد ڄار نه وڌا اٿئون“، ٽان چيو، ”جي وجهندا آهن ته ڳاڙهي بتي ٻاريندا آهن.“

اڀامندڙ پاڻيءَ تي سائي بتي عجيب روشني وجهي رهي هئي. هر وک سان ڇپر جا نشان وڌيڪ ظاهر ٿيندا پئي ويا. اهو ڪافي وڏو هو ۽ درياهه ۾ ٿوڻين تي اڏيل هو. ڀرسان رهائشي جاين مان به جهڪي روشني اچي رهي هئي. مڇيءَ جي بڻانس، سمنڊ جي لوڻ ۽ گجيءَ جي ڌپ گڏجي مڇي مياڻيءَ واري ککيءَ جهڙي بوءِ سان سندن ناسون ساڙي رهيون هيون.

”ويٺو آ،“ ٽان نگان جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.

”سٺو ٿيو. تون ٻاهر ترسجانءَ اسان اندر وينداسين.“

نگان ۽ سندس ٻه همراهه تکو تکو اڳتي وڌي ويا. هو بنا هٻڪ جي سڌو دروازي طرف ڌوڪي ويو ۽ ساٿي ڪڍ لڳا ويس. دروازي وٽ پهچي هو بيهي رهيو ۽ ان سان ڪن لڳايائين. اندر آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا پر هو سمجهي نه سگهيو ته ڇا پئي ڳالهايو ويو. هن دروازو کڙڪايو. گفتگو هڪدم بند ٿي وئي. نگان وري در کڙڪايو ۽ پڇيو، ”مسٽر باڦي آهي؟“

ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ عالماڻي آواز ۾ ڪنهن ڪڇيو، ”ڪير آ؟“

”دوست آهيون. در کوليو.“

نگان فرش تي وڌندڙ چمپل جو آواز ٻڌو، کڙڪي سان در جي هڙڪي کڄي ۽ دروازو ٿورو کليو.

لالٽين جي روشنيءَ ۾ هڪ عورت جو ٿلهو متارو منهن ظاهر ٿيو. هن پنهنجون ڏٻيون اکيون کوليون ۽ لالٽين مٿڀرو ڪري آيل ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. نگان هن کي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. پر اندازو لڳائي ويو ته اُها باڦي جي زال هئي.

”مادام، مسٽر باڦي آهي؟“ هن چيو.

عورت اکيون ڇنڀيون. ”هائو، اندر اچو.“

نگان چپن تي آڱر رکي هن کي اشارو ڪيو ته هوريان ڳالهائي. هوءَ هٽي بيٺي ته جيئن ٽئي همراهه گهڙي اچن. نگان پير جي کُڙيءَ سان پٺيان دروازو ٻيڪڙي ڇڏيو.

ان گهڙيءَ ڪمري جي کٻي پاسي وارو پڙدو چريو پريو ۽ هڪ گنجي کوپري ٻاهر نڪتي، مالڪ مڪان،_ گنجو، پنجاهه کان چڙهيل. ٿلهو ۽ بندرو، رڳو هڪ پتلون ۽ گنجي پهريل هو. سندس نگاهون موڳيون هيون، ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ هينئر هينئر جاڳيو هو. نگان کيڪار جي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو، ”مسٽر باڦي؟“

مرد ٻئي هٿ سيني تي رکي جهڪيو، ”هائو، منهنجا سائين.“

نگان هن جي ان چاپلوسيءَ کي سٺو اهڃاڻ سمجهيو. ”مون کي توهان سان ڳالهائڻو آهي. منهنجي واقفيت اها آهي ته مون کي ليفٽينيٽ زام موڪليو آهي.“ هن اٿاڇري نموني گهر پٺيان هڪ پاسي ڏي اشارو ڪيو، ”اسين سب سيڪٽر مان هينئر هينئر آيا آهيون.“

”مون کي خبر آ. ڀلي آيا، سائين. اچو، اندر اچوني!“ ٿلهي ماڻهو پڙدو هٽائي مهمان کي اندر ڪمري ۾ لنگهڻ ڏنو. وڏي ڪمري ۾ هڪ وڏو صندل، گهڻي واهپي سبب، گسي لسو ٿي ويل، پيو هو. ۽ ان جي پريان هڪ کٽ هئي، جنهن تي مڇرداني ويڙهيل هئي. ٽئي ملاقاتي صندل تي ويهي رهيا. اک جي ڦڙتائيءَ سان نگان جاءِ کي جاچي ويو. پوءِ جوش خروش سان باڦي سان مخاطب ٿيو. ”ڀلو، توهان هت ڏاڍو سٺو ۽ سکيو جيون پيا گهاريو. اسان کي توهان جهڙي سهولت ۽ سانت ڪٿي نصيب آ... هينئر ته انهن،_ ويٽ ڪانگن، اصلي رڻ ٻاري ڏنو آهي. ننڊ آرام حرام آ.“

”مون کي سڀ خبرون آهن، ليفٽينيٽ! هينئر ئي اها خبر به پئي اٿم ته توهان ۽ ٻيا فوجي پهچي ويا آهيو. مان ۽ منهنجي زال ڏاڍو خوش آهيون. اسان ته رات ڏينهن توهان جو انتظار پئي ڪيو، سچ پچ ڏاڍو منتظر هئاسين!“ هن زال ڏانهن رخ ڪيو، ”وڃي پاڻي ڪوسو ڪرڻ لاءِ رک.“ پوءِ هن ڀرئون مٿي ڪندي ٻاهر جي آس پاسن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو، ”فوجين آس پاس پڙلاءُ وڌو آهي؟“

”بالڪل.“

”شڪر آ خدا جو! مان ته ڪجهه سوچي ئي نه پئي سگهيم. توهان ڪيئن نه شاندار نموني هر ڪم ڪري ٿا وڃو.“ هن گاريون ڏنيون ۽ پوءِ ڏند ڪرٽيا. ”هيل اسين مٿن کلنداسين. ليفٽينيٽ، اهي ويٽ ڪانگ ڪتا ته هتان جا مالڪ مختيار ٿي ويا آهن. مان توهان کي هڪ هڪ، مرد توڙي عورت، ڏيکاريندس. مان کين پوري ريت سڃاڻان. توهان کي رڳو رائفل جو گهوڙو ڇڪڻو پوندو. سمجهو ڄڻ آڙين جو شڪار پيا ڪيو.“ ”مسٽر باڦي! بلڪل ان مقصد لاءِ ئي مان توهان سان ملڻ آيو آهيان.“

”ڏاڍو سٺو! ڏاڍو سٺو.“ باڦي پٻن تي اٿي بيٺو، ۽ تختي تان هڪ ڪارو چمڪندڙ آنبوسي تشت کنيو. ان تي اجگر ڇاپيل ڦاڙهي رنگ جي ڪٽليءَ سان لڳ روبي برانڊ سگريٽن جو پاڪيٽ پيو هو، هن ڪجهه سگريٽ ڪڍيا ۽ نوڙت سان نگان کي ڏنا، ۽ پوءِ رڌڻي ڏانهن هليو ويو. نگان پنهنجي آڱوٺي جي ننهن تي سگريٽ ٺوڪيو. عورت ديڳڙو باهه تي رکي ڪمري ڏانهن موٽي آئي. نگان کي ڇهڻ جي حد تائين ويجهو ايندي، هن اکيون ننڊاکڙيون ڪندي چيو، ”ترسندؤ نه، سائين؟“ هن اشتها ڏيندڙ نموني ۾ اک ڀڳي.

نگان اچرج کي لڪائيندي چيو، ”اسان کي وقت جهجهو آهي، ۽ ڪم ڪونه جهڙو.“

”ڪجهه پيئڻ ته پسند ڪندؤ نه؟“

نگان دل ۾ چيو، ”انڪار ته نٿو ڪري سگهان.“ هن اک جي ڪنڊ کان عورت تي نگاهه وڌي، ۽ اطمينان جي اظهار سان مرڪندي چيو،”جهينگا ۽ کيکڙا ته هوندؤ؟“

”توهان جي ڀاڳ ۾ اڄ ڪابه تازي مڇي ڪانه آهي. رڳو سڪل گوج آهي. پر... ‎ٺهيو، توهان کي بدڪ جو شورو ملي ويندو.“

هن جي جواب لاءِ ترسڻ ڌاران هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ پنهنجي مڙس کي چيائين ”وارو ڪر، وڃي ٻه چڱيون بدڪون ڦاسائي اچ!“

مڙس، ديڳڙي ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٺيڪ آ. ترس، جيستائين مهمانن لاءِ پاڻي ڪوسو ڪري وٺان، بلڪل تيار آهي.“

هو پاڻي کڻي ڪمري ۾ آيو ۽ چانهه پيل ڪٽليءَ ۾ وڌائين. ڪو وقت هن ٻاڦ نڪرڻ ڏني ۽ پوءِ ڪوپن ۾ پائڻ لڳو، پوءِ هن کين پيئڻ جي صلاح ڪئي. پاڻ چانهه جو ڍُڪ ڀريندي هن دلجاءِ وارو ساهه کنيو، ۽ پوءِ مهمانن کان منهن ڦيري، هن پتلون جا پاچا مٿي ڪنجهيا ۽ فرش جا هڪ ٻه تختا ڪڍي هيٺ لهي ويو. هنن بدڪن جي ڪان ڪان ٻڌي. چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ جهليندي، نگان هيٺ کڏ ۾ نظر ڪئي، کيس مهاڻي جي وڏي موڪري پٺي نظر اَئي جو بدڪن پٺيان ڊڪي رهيو هو. مهاڻي کي پوري وت ۽ سگهه سان بدڪون پڪڙيندي ڏسي نگان جو من ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. ”رڳو حرامي ناهي“، هن سوچيو، ”پر ڪوتهه حرامي آ!“ بدڪون ٽاهه کائي ٽپي ۽ ڀڄي رهيون هيون. عورت به اچي کڏيءَ جي ڀرسان ٿي بيهي رهي. وات ۾ کاٻر جون ڪجهه ڏوريون پيون هيس. جيئن ٿي مڙسهنس بدڪ پڪڙي پئي ڏنس تيئن ئي ان کي کنڀڙاٽين کان وٺي، ٻڌي، فرش تي ڦٽو پئي ڪندي وئي. ٻه بدڪون پڪڙي مڙسالو نديءَ تي پاڻ ڌوئڻ ويو. جڏهن ڪمري ۾ موٽي آيو ته صاف رنگين ڪپڙا پيل هئس ۽ گنج تي رهيل چند وارن کي ڦڻي ڏئي رهيو هو.

نگان هن ڏانهن سري آيو ۽ چيو، ”مسٽر باڦي ڇو نه وقت بچائڻ خاطر، شوروي تيار ٿيڻ کان اڳ ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺجن؟“

”ليفٽينيٽ! مان ته توهان جو خادم آهيان.“

”تو وٽ علائقي جو نقشو ته هوندو، اٿي ني؟“

جواب ڏيڻ ڌاران گنجو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ موٽي آيو ته هٿ ۾ سڪل بانس جو نلڪو هيس. هن ويهي بانس پنهنجي هنج ۾ رکيو ۽ ان مان سگريٽ جيترو ويڙهيل ويٽو ٿيل ڪاغذ ڪڍيو. نگان کانئس اهو ورتو، کوليو ۽ وڇايو. ٽوئي ۽ ٽرانگ ان کي جهلڻ لاءِ سندس ڪنڊن تي چار ڪوپ رکيا. وڏي اسڪولي ڪاپيءَ کان ٻيڻي سائيز ۾ تفصيل وار نقشو هنن اڳيان هو. گهر، باغ، پهاڙيون سڀڪجهه ان ۾ نشان ڪيل هيون.

باڦي اوچتو نوجوان ڏانهن نهاريو. سندس اکين ۾ خوف جي لهر هئي. هن دروازي ڏانهن ڏٺو جو اڳ ئي بند ٿيل هو.

”ڌيرج ڌر“، نگان چيو. ”آس پاس اسان جا جوان بيٺا آهن. تون بنا ڀوُ جي ڳالهائي سگهين ٿو. پڪ ئي پڪ توکي سڌ هوندي ته سڀاڻي اسان هان ڊئٽ تي حملو ڪرڻ وارا آهيون“

”هائو، مون کي سڌ آهي.“ مهاڻي پنهنجي صدري بند ڪندي ڀڻ ڀڻ ۾ ڳالهايو. هن نقشي جي مٿان جهڪي، سگريٽ جي دونهين ۾ زرد ٿيل آڱر ان مٿان گهمائي، ”ڏسو، جن گهرن تي ڳاڙها مندُيئڙا ڏنل آهن انهن ۾ ويٽ ڪانگ رهن ٿا. اهي ياد ڪري ڇڏ، ليفٽينيٽ.“

”ڳاڙهن منڌيئڙن سان نشان ڪيل تي؟“ نگان چيو. ”مان سمجهي ويس.“

باڦي جي گدليءَ ۽ وڏي نهن واري آڱر وري نقشي تي اشارو ڪيو. ”هن جاءِ تي هٿيار ٺاهيندا هئا. منهنجي رپورٽ تي جهاز آيا. بم ڪيرايائون ۽ سندن سڀڪجهه ناس ڪري ويا. پر ويٽ ڪانگ پنهنجو سامان سڙو کڻي وري ڪنهن ٻئي پاسي وڃي نڪتا ۽ وڃي ويٺا آهن. هي هان ڊئٽ واري غار آهي، ان جو توهان کي خيال رکڻو پوندو، اڳئين ڀيري انهن خلاف اسان جا سڀ حملا ناڪام ويا هئا، جنهن ۾ وڃي پناهه ورتي هئائون. اسان کي ڪافي نقصان سهڻو پيو هو. هيل جو ڪم سڀ کان پهريون ڪرڻو پوندو سو اهو ته اسان کي سندن غار ڏانهن موٽي پناهه وٺڻ جو رستو روڪڻو يا ڪاٽڻو پوندو.“

جاسوس جون ڳالهيون ٻڌندي، نگان سوچيو ۽ دل ۾ چيو، ”ڏاڍو خطرناڪ آ! ڪُتي جا ڦر تون به ڪيتو لوڙيندين!“ جڏهن همراهه سڀڪجهه اوڳاڇي بيٺو ته نگان اٿي نقشو ويڙهيو ۽ سندس ڪلهي تي ‎ٺپڪي هنئين. ”ٺيڪ آ! ٻيو ڪجهه ته چوڻو ڪينهي؟ تو سٺو ڪم ڪيو آهي. مهم پوري ٿي ته توکي چڱو انعام ڏنو ويندو.“ پوءِ رڌڻي ڏانهن منهن ڪندي هن خوشيءَ گاڏڙ لهجي ۾ چيو، ”مادام، ماني تيار ٿي يا نه؟“

”اچان پئي، اچان پئي!“ عورت فراءِ پان رهڙيندي وراڻيو، ”ٽِڪا به تيار آهن.“

کن کان پوءِ هوءَ بصرن سان گڏ تريل ٽڪن جي پليٽ پُر ڪيو کنيو آئي، جن مان وڻندڙ خوشبوءِ پئي آئي. مڙس جهڪي بوءِ سنگهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ٻئي ڪمري ڏانهن تڪڙو تڪڙو هليو ويو. موٽيو ته ”نيرو اجگر“ ڇاپ شراب جي بوتل هڪ هٿ ۾ هيس ته ٻئي جي اَڱرين ۾ چار گلاس جهليل هيس. هن چڪ سان بوتل جي ٻوچ تي لڳل پنيءَ جو چوس لاٿو ۽ آواز ڪري ٻاهر ٿڪيو. ٻاڦ ڪڍندڙ پليٽ ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ نگان باڦي ڏي ڏٺو ۽ سندس اکين ۾ اکيون وجهي پڇيو، ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، باڦي! تو ڪڏهن انساني گوشت چکيو آ؟“

گنجي جاسوس بوتل صندل تي رکي ۽ ڪنڌ لوڏ ڪندي چيو، ”نه، ليفٽينيٽ نه! اڃا اها همت ساري نه سگهيو آهيان. انهن ماڻهن جي واتان مان ان جي ساراهه ٻڌي آهي، جن اهو کاڌو ۽ چکيو آهي... پر مون کي الائي ڇو ڪجهه ڪرڀ ايندي آهي.“

نگان، ڪجهه گنڀيرتا ۽ ڪجهه چرچي سان اچي کِل ۾ ڇٽو. ”۽ جاسوسي واري ڪرت تي ڪڏهن به ڪرڀ نه آئي اٿي؟“

”اها ٻي ڳالهه آ ليفينيٽ! هي ڪم صحيح طريقي تي ڪبو ته ڪوبه جوکو ڪونهي... مان ڪو بيوقوف نه آهيان، ڪنهن کي به سڌ پوڻ نه ڏني اٿم.“ پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي پيٽ تي رکي هن نگان کي ڪن ۾ چيو، ”چڙجو نه، ليفٽينيٽ، توهان ڪڏهن اهو چکيو آ؟“

”ڇا؟“

”انساني... انساني گوشت... هان...“

”هون، اُهو.“ ٽوئي ۽ ٽرانگ کي اک ڀڃندي نگان چيو، ”انهن ٻنهي پهلوانن“، هن ٽوئي ۽ ٽرانگ ڏي آڱر ڪئي، ”...انهن چکيو آهي. مون نه. ان ڪري نه ته ڪو مون کي وجهه نه مليو آهي، پر ان ڪري جو ان جو ڪو خيال ڪونه اٿم. مان رڳو جيرو پسند ڪندو آهيان، ۽ پِتو پڻ. شراب سان گڏ انهن جو واهپو سلهه لاءِ اڪثير آهي! ۽ جي توکي وجهه ملي ته اهو مزو وٺڻ جي همت ڪندين؟“

همراهه جهٽ ماٺ رهيو. پوءِ پنهنجو گنجو مٿو لوڏيندي چيائين، ”سچ ته اهو آهي ته مون کي اهو ڪجهه ڪراهت ڏياريندڙ ٿو لڳي... پر بهرحال، جيڪڏهن ڪو وجهه ملي ويو ته مان ڪونه ڇڏيندس،_ رڳو اهو ڄاڻڻ خاطر ته جن ماڻهن اهو چکيو آهي سي ان جي ساراهه ڇو ٿا ڪن.“

”چڱو! مان توکي ٻه سير ڏيندس. سڀاڻي پڪ ئي پڪ چڱو مال ملندو.“ پوءِ نگان يڪدم ڳالهه جو موضوع بدليو، ڄڻ کيس اوچتو اهڙي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي هجي، جا وساري ويٺو هجي. ”اڙي يار! ها ڳالهه ته پچڻ وسري ويم... تنهنجي مدد گارن جو ڇا حال آهي؟“

”منهنجا مهاڻا؟“

نگان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”ها!“ باڦي عجب ۾ چيو، ”مون وٽ ڪوبه مهاڻو ڪونه آهي. مان ٻئي ڪنهن سان ڪم ڪرڻ ۾ ويساهه نه رکندو آهيان. اسان سڄو ڪم پاڻ ڪندا آهيون، مان ۽ منهنجي زال.“

نگان هاڻي ان چرچي کي وڌيڪ جاري رکڻ غير ضروري سمجهيو. ايترو ڪجهه ڪافي هو. سندس رت ٽهڪائڻ کان به وڌيڪ ڪافي هو. هن ٽوئي ۽ ٽرانگ کي اک جي اشاري سان حرڪت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو.

باڦي خالي گلاسن کي ڀرڻ لاءِ چريو ته نگان سندس ڪلهي کي جهلي چيو، ”ڏس، يار! گهڻو ٿيو، ڪوبه تنهنجو اهو ڌپ وارو شراب نه پيئندو.“ پوءِ اُتي بيهندي هن پنهنجو آواز ڳرو ڪيو، ”گهڻو چرچو گهٻو ڪيوسين. سوئر! مان تنهنجو پيارو ليفٽينيٽ نه آهيان. اسين آزاديءَ جا سپاهه آهيون ۽ توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون. سمجهيئي؟“

ٽوئي جي خودڪار رائفل هن جي ڇاتي کي ڇُهي چڪي هئي. ڀوُ جو اظهار ڪندي گنجي جاسوس رڙ ڪئي، ”ڇڏيو سائين! چرچا ڇو ٿا ڪريو!“

”چرچا؟ انهن جو سوال ئي نٿو اُٿي!“

نگان سندس ٺونٺيون پٺيان ڪري ٻڌيون. ٽرانگ عورت کي ڌڪي رڌڻي مان ٻاهر ڪڍيو. اها نئين صورتحال ڏسي ۽ محسوس ڪري ٻنهي جو رنگ ڇڏائي ويو. جيتوڻيڪ هن هڪ به ڍڪ نه پيتو هو تڏهن به جاسوس جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. هراس ۽ خوف عورت جي اکين کي وائڙو ۽ وياڪل ڪري ڇڏيو هو.

(4)



هو وان ٿانهه پڳا ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ٽان پنهنجا ٻه جاسوس ٻن همراهن سان گڏ هان ڊئٽ مڪا هئا. ٽوئي ۽ ٽرانگ پنهنجي چمڙا پوش لاهي ٽان سان گڏجي ويڙهه جي جاءِ تي ويا هئا. جتي باغ کٽا پئي ۽ اڳيان کليل ٻهراڙي هئي جا ٽري ٽان جي شهر تائين پکڙيل هئي. دشمن ان طرف کان ئي اچڻو هو. باغن ۾ پڄندي ئي هو بارين سان ٽڪريا جنهن امالڪ کانئن پچيو، ”پڪڙيونس ڪين ڪونه؟“

”هائو“، ٽان وراڻيو، ”ٻنهي کي هان ڊئٽ موڪليو اٿئون.“

سندن گرفتاريءَ جي داستان ٻڌڻ تي بارين پاڻ کي کِلڻ کان روڪي ڪونه سگهيو. پوءِ پنهنجن ساٿين کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪيندي چيائين، ”اچو! ٽام چان هينئر هتان ويو آهي، ۽ حڪم ڪري ويو آهي ته اسان کي پنهنجون جڳهيون، ٽن ٽن جي ٽولن ۾، والاري ويهڻ گهرجن. الڳ الڳ کاهيون پر ٽولن ۾. هن چيو پئي ته باغن جي ڇيڙي وٽ بچاءِ واري جنگ ڪرڻ کان سواءِ، مقابلو ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻ ٿيڻو ٿيندو. وڌيڪ چيو اٿائين ته جي پنهنجي حالت دلجاءِ جوڳي نه آهي ته اسان کي اڳرائي ڪرڻ يا وڙهڻ جو حڪم نه ڏيڻو آهي.“

”پر ويو ڪيڏانهن؟“

”هائي ٿيپ سان گڏ هان ڊئٽ موٽي ويو. هن نام نهو ۽ ننڍڙي ڊيپ کي به گهرائي ورتو آهي. ٻئي موٽي پڄي ويا آهن. هونءَ ته کڻي هو سهوليت پسند آهي، پر ڪم وقت ٽام چان ڏاڍو سخت ۽ ڪٺور ٿي ويندو آهي. ان ڏس ۾ هو مون جهڙو آهي، سچي.“ ٽارچ هٿ ۾ جهلي بارين پنهنجي ساٿين کي چتاءُ ڏيندي اڳتي وڌيو. ”بلڪل منهنجي پير ۾ پير رکندا اچو، متان ڪوڙڪن ۾ ڦاسي پئو. هولڙي ٿيڻ جي مهل ناهي.“

ٽان کي ڪوڙڪن جي جاين جي سُڌ هئي. پر نگان بلڪل بارين جي پيرن جي نشانن تي پير رکي پئي هليو. صوفن جي جهڳٽن پٽڻ مهل، هنن ساهه کڻي پڪل ميوي جي سڳنڌ سنگهي. رکي رکي ڪو پڪل صوف سندن اڳيان پٽ تي اچي پئي ڪريو.

”جي اسان جي کاڌ خوارڪ ۽ سامان جي پهچ بند ڪئي ويئي ته ڪِريل ميوو به ان جاءِ تي ڪم ڏئي ويندو.“

”مون کي نه وڻندا آهن.“ ٽان چيو ”مون کي ڪيلو وڌيڪ وڻندو آهي.“

”عجيب ماڻهو آهين. هن مهل به پيٽ جي پيو سوچين،“ بارين کلندي چيو، ”مون کي ته رڳو بندوق ۽ توبن جي گولي بارود جي ڳڻتي ۽ ڀوُ آهي. پنهنجي ٺاهيل توبن لاءِ ڇا چئجي؟ ڪهڙي خبر ته اهي فائر به ڪنديون يا نه؟“

”چڪاس مهل ته ڌڌڪا پئي ڪڍيئون.“

”هائو... اها ته چڪاس ۽ آزمائش هئي. ڏسون ته دشمن اڳيان ڇا ٿيون ڪن؟“

”ٺيڪ ڪم ڪنديون! باقي گولين بابت تنهنجي ڳڻتي واجبي آهي. انهن جي اڳ ئي کوٽ آهي، اسان کي سنڀالي واپرائڻيون پونديون. هائي ٿيپ ۽ ٽام چان جو چوڻ هو ته اسان کي دشمن خلاف ڇرن ۽ خنجرن کان به وڌ ۾ وڌ ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي غار ڏانهن رڳو آخري اجهي ۽ اٽڪل جي حالت ۾ موٽڻو پوندو.“

”هو ٺيڪ ٿا چون.“ نگان چيو، ”مان پاڻ متفق آهيان ته اهو اسان جو آخري اجهو ۽ اٽڪل هئڻ گهرجي. پر بچاءُ جي لحاظ کان به غار هڪ آدرشي جڳهه آهي. لنگهه تي رڳو هڪ ماڻهو ئي، عام رواجي هٿوڙي سان هٿياربند، دشمن کي اندر اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جو ڪم رڳو اهو هوندو ته هر ان مٿي تي مترڪو وهائي ڏي جو اُت ظاهر ٿئي.“

”مون پاڻ به اهو ئي سوچيو آهي يار!“ بارين چيو، ”پر رڳو هٿوڙي بجاءِ مان چورسو دستو وڌيڪ پسند ڪندس. اهو وڌيڪ ڳرو آهي، ان جو هڪ اُڀو ڌڪ ئي، ڪهڙي به ڏيل جهڙي ماڻهوءَ کي حرام ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.“ ائين پاڻ ۾ ڳالهائيندا ٻولهائيندا پنجئي ڄڻا ان روشني طرف ويا جا پتن جي وٿين مان ڏيکارجي رهي هئي. جڏهن هي اتي پهتا ته گوريلن کي خاموشيءَ سان پنهنجي مقابلي جي جاين ٺاهڻ ۾ رڌل ڏٺائون. باغيچي جي ڇيڙي تي نيون الڳ الڳ ماڻهن لاءِ کاهيون کوٽجي رهيون هيون. ٽارين ۾ لالٽين لڙڪي رهيا هئا. ۽ هر هڪ سان ڪيلي جو پن ائين ٻڌل هو جيئن پريان سارين جي ٻنين مان ان جي روشني نه ڏيکارجي سگهي.

نگان هر کاهيءَ جو معائنو ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ ٽام چان جي ان تجويز جي ساراهه ڪئي. هن ان ڪم جو اڳرائي، توڙي بچاءَ جي نقط نظر کان جائزو ورتو ۽ اهميت جو اندازو لڳايو. اهي کاهيون انهن لاءِ املهه هيون جي دشمن کان گهٽ هٿياربند هئا.

هن نگان لاءِ به هڪ کڏو کوٽايو هو جو سندس نائب گام کيس ڏيکاريو. ”اجهو هي تو لاءِ آهي.“ نگان ان کي وڌيڪ غور سان ۽ ويجهڙائي کان جاچڻ لاءِ ان ۾ ٽپي پيو. هن ٽوئي کان پنهنجي رائفل ورتي ۽ اها کڏ جي ڪپر تي رکي، جهڪي، ناليءَ سان سنوت ۾ ڏيڻ لڳو. پوءِ هن رائفل موٽائي ٽوئي کي ڏني ۽ بيلچي سان کڏ جي ٻني کي ٿورو ننڍو ۽ هيٺ ڪيو، جو هن جي ماپ کان مٿڀرو هو. جڏهن اوچائي سندس گهرج موجب ٿي ته هن ٻيهر هٿيار وٺي آزمائي ڏٺو. دلجاءِ ڪري هو ٻاهر نڪري آيو. پنهنجي ساٿي کي ائين گهرو معائنو ڪندو ڏسي، ٽوئي کي پنهنجي مورچي جي ڳڻتي لڳي، ۽ تڪڙو تڪڙو، ڊوڙي اوڏانهن ويو. تياريون پوريون ٿيون. نگان پنهنجي ماڻهن کي چيو، ”سنتريءَ کان سواءِ هر ڪو پنهنجي مورچي کي ٽارين سان ڍڪي ڇڏي، ۽ پوءِ وڃي سمهي آرام ڪري، اڳ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي.“

”هائو! سمهڻ به گهرجي. پاڇولن مان آواز اُٿيو، ”خبر نه آهي ته ڇو، پر هر ڀيري جڏهن به دشمن ڪاهيندو آهي ته مون کي ننڊ اچڻ شروع ٿيندي آهي.“

”پر مون کي،“ بارين ردڪد ڏنو ”رڳو تڏهن ئي ننڊ اچڻ لڳندي اٿم جڏهن مان ڪٿي لڪل هوندو آهيان ۽ نه ڪي لڙائيءَ ويل. هڪ ٻي ڳالهه به ياد اچي وئي. سڀاڻي هر قيمت تي مان پنهنجي شڪاري توب جو افتتاح ڪندس. هائي ڪاٽرين ۽ مان ان تي ٻه مهينا وڃايا آهن.“

”ان لاءِ بهتر ٿيندو ته پهريائين توهان پنهنجون ڄنگهون تيار ڪري رکو.“ نگان چيو، ”پري کان اها ڳري عجيب شيءَ ڪو چگهه به نه ڪري سگهندي، ان ڪري توهان کي ڀرسان اچي هلائڻي پوندي. پوءِ پوري ٿيڻ پڄاڻا اُها توهان کي ٻڌي، سڌي ڪلهن تي به کڻڻي پوندي.“

هائي ڪاٽرين نالي واري گوريلي لغام لاٿو، ”مان ته رڳو سڌو سنئون فائر ڪندو آهيان،“ هن چيو، ”دشمن کي رڳو رهڙ ڏيڻ سان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان، سچي پچي.“

پنهنجي پنهنجي جاين کي لڪائڻ کان پوءِ گوريلا خوشمزاجيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هنن سڀني ڄاتو پئي ته سڀاڻي کين دوُس دشمن سان منهن ڏيڻو آهي، پر ان ڳالهه جي کين ذري برابر به اڻ کڻ ڪانه هئي. دشمن سان مقابلو ته سندن لاءِ فطري عمل ٿي چڪو هو. هر دشمن جو موت سندن من جي اها ڪڙائي ۽ دل جو اهو بار هلڪو ڪندو هو، جي مدت کان، تڏهن کان سندن هانءَ تي بار هئا جڏهن وير ۽ بغض واري ماحول ۾ سندن اکين اڳيان سندن ڪيترائي ساٿي ڪٺا ويا هئا. بغاوت جي اڀرڻ کان پوءِ هر ڪو کليءَ طرح دشمن لاءِ پاليل ڌڪار جي اطمينان ۽ پنهنجي گڏيل پيڙائن ۽ پورن جي پلئه وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو. جيتوڻيڪ سندن هٿيار ڀتا هئا، تڏهن به کين پڪ هئي ته دشمن وري کين اڳ جيان پيڙي نه سگهندو. هينئر مسئلو آسان وڃي بچيو هو. جي دشمن اسان کي ڌڪ هڻندو ته اسان کين موٽ ۾ دون جي هڻنداسين. موت رڳو هڪ طرفو نه هو. هينئر موت پڻ اڳ کان وڌيڪ بامعنيٰ ٿي پيو هو، ۽ نقصان، جي اڻ ٽر هئا، انهن نقصانن کان گهٽ هئا جي ماٺ ڪري ويهڻ وارن خاموش سالن ۾ يا ان ڪوڙي امن واري زماني ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ دشمن ڪڏهن به حملي کان بس نه ڪئي هئي.

هنن صوف جي وڻ هيٺان ٽپڙي وڇائي. هائي ڪاٽرين جي ڳالهائڻ کي ڪا پڇاڙي ڪانه پئي آئي. ٿام، نگان کي سڏي پاڻ سان آرام وٺڻ لاءِ چيو. تڏي تي ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويهڻ کان پوءِ نگان پنهنجو ڪولٽ 12_ لاٿو. ان جون گوليون ڪڍيون ۽ رڳو ٽي ان ۾ رهڻ ڏنيون. هن پنهنجي پٽي مان به سڀ گوليون ڪڍيون. ٽرانگ کي سڏي، کيس گولين جو ڍير ڏيکاري چيائين، ”هي کڻي وڃي ٿامپسن وارن ٽن همراهن ۾ ورهاءِ. مان رڳوٽي ٿو جهليان. منهنجي پستول لاءِ اهي ڪافي آهن.“

ڇا ته غنيمت هئي! ٽرانگ جلدي پنهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ چمڪندڙ نيون گوليون ان ۾ سٿيون. ان کان پوءِ نگان، ماس رائفل چڪاسي ۽ تپاسي. دلجاءِ ڪري هن اها ڀرسان رکي ڇڏي. هو جنگ ۾ ان بندوق کي ترجيح ڏيندو هو. اڪثر ماڻهن کي چوندو هو، ”فرانس ڇاپ واري اُها ڏنڊي نما بندوق سٺي نه آهي، پر سندن ماس _36 حيرت انگيز ۽ بلڪل ٺيڪ آهي.“

هو ٿام سان پٺي پٺيءَ ۾ ملائي ٽيڪ ڏيئي ليٽي پيو. هڪ قسم جي گرمجوشي ۽ لڳاءُ سندن جسمن ۾ ڊوڙي ويو. جيتوڻيڪ نگان ڪجهه سال وڏو هو، ته به ٿام هن سان ڳالهائڻ ۾ حجت ۽ گستاخيءَ کان ڪم وٺندو هو. پيٽي بورجوازي طبقي مان آيل ٿام کي ڪجهه تعليم به مليل هئي. هو انهن مضمونن کي ايڊٽ ڪرڻ جو انچارج هو جي دشمن جي سپاهين لاءِ لکيا ويندا هئا. هو بلڪل گهٽ ڳالهائو هو. سندس والدين پهرين بغاوت ۾ حصو ورتو هو. هڪ هٿياربند ويڙهه کان پوءِ دشمن سندس پيءُ کي ماري ڇڏيو ۽ ماڻس کي چولو ڪونڊرا ٻيٽ ڏانهن قيدياڻي ڪري اماڻي ڇڏيو. هُن هڪ ڏينهن نگان کي اعتماد ۾ آڻي چيو، هو، ”ڏاڍي سٺي عورت هئي، منهنجي ماءُ. هوءَ ماسترياڻي هئي، ۽ جڏهن مان سندس ڪلاس ۾ آيو هوس ته مون سان سڀني کان وڌيڪ سخت ورتاءُ ڪندي هئي. جڏهن گرفتار ٿي هئي ته اميدواريءَ سان هئي. مون ٻڌو هو ته اهو ٻار چي ها جيل ۾ مري ويو هو. پر ٻيٽ ڏانهن موڪلڻ کان پوءِ سندس ڪابه خبر نه پئي اٿم.“

نگان دل ۾ سوچيو ته ٿام ان ڪري رات جو بي چين رهندو آهي جو هو پنهنجي پياري اميءَ کي ڳولي نٿو سگهي، ۽ ٻئي طرف نگان کي اهڙي ڳڻتي ڪانه هئي. ننڍي هوندي ئي ڇوري ٻار ٿي پوڻ سبب، سندس ماءُ بابت ياد گيريون، سندن غربت ۽ افلاس جي يادن سان گاڏڙ ساڏڙ ٿي ويون هيون. چتين هنيل پراڻي صدري. لوندڙين تي پگهر جي آبشار، ۽ ڪلهن تي ٽوڪري، جا کڻي هوءَ مارڪيٽ ۾ مزدوريءَ لاءِ ويندي هئي...“

”اڄ، مڱينديءَ سان ملين؟“ ٿام اوچتو سوال ڪيو.

”بلڪل.“ نگان مرڪيو. ساهي پٽي هن وري چيو. ”خبر ٿي ته جڏهن مون کي تو واري گڊي پهريل ڏٺائين ته پڇيائين ته اها ڪنهن جي آهي.“

”انهن ڪپڙن جو پتو اٿس جي تو ڏانهن موڪليا هئائين؟“

”هائو، جڏهن مون کيس ٻڌايو ته اهي ڪنهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿم ته هو مرڪي هئي. هن هيڏانهن اچڻ تي ڏاڍو زور ڀريو، پر اجازت نه مليس.“

ٿورڙيءَ ماٺ کان پوءِ ٿام چيو، ”مهاڻي مان هٿ آيل معلومات مان ته پڪ ٿي پوي ته هو سڀاڻي اچي رهيا آهن. سڀاڻي لاءِ تيار ٿيڻ ۽ وڙهڻ واسطي ٿورو آرام ڪر.“

نگان پاسو ورائي، ساٿي جي چيلهه تي ٻانهن رکي سمهي پيو. منٽ ڏيڍ کان پوءِ کونگهرا هڻي رهيو هو. ٿام باک کان اڳ کيس جا ڳايو.

هر ڪنهن رات وارا بچيل چانور کاڌا. هنن اڃا کائڻ شروع ئي مس ڪيو هو ته بارين ڊوڙندو آيو ۽ رڙ ڪئي، ”هر ڪو پنهنجي جاءَ والاري. خابروءَ جو چوڻ آهي ته هو هان ساڪ تائين پهچي ويا آهن!“

نگان رائفل کڻي مورچي ڏي ڊوڙيو. ٿام ۽ ٽرانگ سندس پيروي ڪئي. پنهنجي کڏ جي ٻني تي اڳڀرو هلندي وات ۾ پيل چانورن جو گرهه اڳريو. ”پنهنجو راشن پورو ڪيو.“ هن چيو ”هو ڪو ايترو تڪڙو هت نه پڄندا.“

جڏهن هو کائي رهيا ته ان مهل ڏينهن اڀري چڪو هو. هان ساڪ طرف نظر ايندڙ بنجر ميدان تي دشمن جا دستا پکڙيل نظر اچي رهيا هئا. هو ڪافي هئا ۽ اڀرندڙ سج جي ڪرڻن سان پيدا ٿيندڙ پاڇا ڪافي ميدان تي ڇانوَ ڪري رهيا هئا. اکيون ڇنڀي نگان چيو، ”هي ته الاهي آهن. ”ٺيڪ آ!“ پوءِ مشاهدو جاري رکندي چيائين، ”حرامي ڏاڍا مغرور ٿا نظر اچن!“ ٿام ڏانهن منهن ڪندي هن چيو ”حڪم پهچاءَ: هر ڪو صبر ڪري. جيستائين هو انهن ٻنين ۾ نه پهچن جن ۾ ڪوڙڪا وڌا ويا آهن تيستائين ڪو گولي نه هلائي. اتي پهچن ته پوءِ گولي هلايو ته جيئن باهوڙجي ڪوڙڪن ۾ ڪِرن ۽ ڦاسن.“

بارين، نگان جي مورچي تي آيو ۽ جهڪيو، ”نگان! ڪوڙڪا به ڍڪيا اٿو نه؟“ هن پڇيو.

”ڪو فڪر نه ڪر. سڀ ٺيڪ آ. پنهنجن ماڻهن کي چئي ڇڏ ته ڇا به ٿي پئي، پنهنجن کڏن مان ٻاهر نه اچن. جيستائين ڪي خاص احڪام نه ملن.“

”هائو، پر پٺتي هٽڻ جي حالت ۾ تنهنجي ماڻهن کي اڳ ۾ نڪرڻو ۽ ٿيڻو پوندو.“

”نه. توهان کي، توهان رستو چڱيءَ طرح سڃاڻو. جڏهن به ٺيڪ سمجهين تڏهن پٺتي هٽڻ جو حڪم ڏجانءَ، اسان تنهنجي ڪڍ لڳنداسين. تيستائين ته گولي هلائڻ جو وجهه ڏي.“

.”مان پهرين نڪتي تي متفق آهيان. پر تنهنجا ماڻهو اول هٽندا. مان توهان کي دڳ ڏيکاريندڙ ڏيندس. اسان پٺين محافظ طور آخر م هٽنداسين.“

”پٺين محافظ“ وارو جملو بارين جي چپن تي فخر سان آيو. ڄڻ هو هزارها حملي آور دشمن کي منهن ڏيڻ جو اهل هو. هو ڳرن قدمن سان هليو ويو. هن پنهنجي صدري لاهي مٿي سان ٻڌي هئي. نگان پنهنجي دوست جي موڪرن ڪلهن کي صوف جي ٽارين ۾ گم ٿيندو ڏسي مرڪيو. هن ڪڏهن لوهر کي هٿوڙو سانڌاڻ تي هڻندي به ايڏو جوشيلو ۽ جذباتي نه ڏٺو هو. نگان کي ياد هو ته جڏهن هو ٻيلي ۾ وڃي لڪا هئا، تڏهن به بارين ويڙهو ۽ جوشيلو گوريلو هوندو هو. ڪو ڏينهن اهڙو نه هوندو هو جڏهن جو سپاهيءَ يا ڳوٺاڻي محافظ تي حملي لاءِ موڪل نه وٺندو هو. ماڻهن واتان قانوني جدوجهد جي ڳالهين ٻڌڻ کي هو ڌڪاريندو هو. هڪ لڱا هو پنهنجي رائفل کڻي هائي ٿيپ وٽ آيو هو ۽ چيو هو، ”گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مان پنهنجي بندوق پارٽيءَ کي واپس ٿو ڪريان.“

هائي ٿيپ جون اکيون اچرج ۾ ڦاٽي ويون. پر بارين ڳالهه جاري رکي، ”مان چرچا نٿو ڪريان. ان بندوق رکڻ جو ڪهڙو فائدو جا مان استعمال نٿو ڪري سگهان؟ جي دشمن سامهون اچي ويو ته مان مُڪن ۽ چڪن سان پنهنجو بچاءُ ڪندم ۽ پوءِ ڪابه دانهن فرياد نه ڪندس.“ هن پنهنجن پوين لفظن تي خاص زور ڏنو هو. پر هائي ٿيپ ان ڳالهه جو عادي نه هو ته ڪو ٻيو ماڻهو کيس ٻڌائي ته هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ”ان جي معنيٰ ته،“ هن بارين کي چيو، ”تون پارٽيءَ جي لائين تي احتجاج ٿو ڪرين؟ تون پارٽيءَ کان الڳ ٿيڻ ٿو چاهين؟“ اهي لفظ هن جي سيني ۾ خنجر جيان چُڀي ويا. هائي ٿيپ کي انهن جملن تي ڀروسو هو. هن ڄاتو پئي ته سندس ساٿي ان مهڻي ۽ ميار کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن به شيءَ کان نه پئي ڊنا. هائي ٿيپ اٿي بيٺو ۽ ڳالهه پوري ڪئي، ”ٺيڪ آ. مان ڪامريڊ ٽام چان کي رپورٽ ڪندس.“

”ترتس! ترس!“ بارين خوفزده رڙ ڪئي، ”چريو نه ٿيءُ. مون توکي هٿيار موٽائي ڏنا، تو وٺڻ کان انڪار ڪيو_ ان ڪري کڻي ڳالهه ئي ڇڏي ڏجي. ان لاءِ رپورٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“

هائي ٿيپ کيس ائين ئي منجهيل بيٺو ڇڏي، نگان طرف ويو ته جيئن کيس ٻڌائي ته ڇا ٿيو هو. اهڙو معاملو وري نه ورجايو ويو. ٽام چان کي به نه ٻڌايو ويو ۽ بارين به بندوق رکيو آيو. ٻه مهينا پوءِ بغاوت جو حڪم آيو ۽ بارين پنهنجي بندوق، هان ڊئٽ چوڪيءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ استعمال ڪئي.

۽ اڄ، پٺتي هٽڻ تي بحث ڪندي، هن چاهيو پئي ته نگان جو دستو ئي حملي تان هٽڻ جي اڳواڻي ڪري. نگان سڀ کان وڌيڪ ڄاتو پئي ته پٺتي هٽڻ ۾ پوئين پلٽڻ کي ڪهڙين حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ۽ اهو چوڻ آسان نه هو، جيئن بارين چيو پئي ”ته مان آخر ۾ پٺئين محافظ طور هٽندس.“

ڪاهي ايندڙن جا چهرا ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. اڳيان اڳيان رينجرس پئي آيا. سندن هٿيار اُڀا هئا. نگان کي انتظار جو انت ڏکيو ۽ ماحول ڇيهي کان به ڳورو پئي لڳو. جيتوڻيڪ هن ڪيترائي دفعا موت جو منهن ڏٺو هو، پر اڄ هو پنهنجي دل جي تڪڙي ڌڪ ڌڪ کي روڪي نه سگهيو. هو، بي صبر هو، ڇاڪاڻ جو هن کي خوف جي ڪابه خبر ڪانه هئي، سو به تڏهن جڏهن کيس هٿيار به هئا. هڪ ڀيرو هن ٻڌل هٿن سان پنهنجي محافظن کي ڪيرايو هو ۽ ڀڄي ويو هو. هينئر، هٿ ۾ بندوق سان ۽ چوطرف ساٿين سان، هن کي پاڻ ۾ وڌيڪ ويساهه اچي ويو.

سڀ کان وڌيڪ هن کي ڪوڙڪن واري زمين ۾ گهڻو ڀروسو هو. دشمن سڌو ان طرف وڌي رهيو هو، جا زمين بلڪل سارين جي ٻني جيان بڻائي وئي هئي. هاڻي هو ان ۾ داخل ٿي رهيا هئا، ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته اُت سندن لاءِ ڇا هو. هٿيون جيڪو سو هنن پنهنجي وک وڌائي ڇڏي هئي. هنن مان هر هڪ سڀ کان اول صوفن جي باغ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.

نگان هوريان اُڀو ساهه ڀريو ۽ رائفل جي سيفٽي ڪئچ ڍري ڪئي. فاصلو هينئر ڏيڍ سوُ فوٽن کان وڌيڪ ڪونه هو. ”اها مهل آ.“ هن سوچيو ”وري اهڙو وجهه نه ملندو.“ هن خيال سان سڀ کان اڳ ۾ اڳتي وڌندڙ وچ وٺي هلندڙ قداور همراهه جي چست ورتي ۽ گهوڙو دٻايو. خشڪ آواز فضا کي چيري ويو، ۽ پويان سندس ماڻهن جي ڳري گولي بازي شروع ٿي وئي. قداور همراهه گم ٿي ويو. ٻيا خوفزده ٿي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. نگان انهن مان ڪيترن کي لڪل ڪوڙڪن ۾ ڪرندو ڏٺو. هو زمين ۾ کوٽيل کڏن ۾ ڪري پيا هئا ۽ رڳو هٿيارن جون چوٽيون نظر اچي رهيون هيون.

”هاڻي ڦاٿا ٿي!“ ماڻهن رڙ ڪئي.

”ٻيو ٿو وڃئي!“

”ٽيون ڀي!“

جيترو حملي ڪندڙ هراسان پئي ٿيا اوترو تڪڙو ۽ گهڻا کڏن جي ڪوڙڪن ۾ پئي ڪريا. آخر هو اڳتي وڌڻ يا موٽڻ جي همت نه ساري زمين تي سمهي پيا. پر پويان بيٺلن وري همت ٻڌي ۽ باغيچي کي گولين جو نشانو بنائڻ لڳا. چوطرف صوف ڪِرڻ لڳا. هڪ ڀڳل ٽاري نگان جي ڪلهي تي اچي ڪري. هن اها هٽائي ۽ پنهنجي مورچي جي ٻني تائين اُٿي بيٺو جيئن ته حملي آور زمين تي ستل هئا، ان ڪري هن رڙ ڪئي، ”گولي هلائڻ بند ڪريو، ساٿيو! وري تڏهن گولي هلائجو جڏهن هو اٿن ۽ اڳتي وڌن.“

ڪجهه پَلن جي ماٺ کان پوءِ، حملي آور اٿي بيٺا ۽ هنن طرف وڌڻ لڳا. پويان اڳين ڏانهن رڙيون ڪري رهيا هئا. هو ڏاڍو سنڀالي هلي رهيا هئا. وک وک جاچي رکي رهيا هئا. نگان ان مهل بارين جي جٿي جي ليبيل رائفلن جي ٺڪا ٺوڪي ٻڌي، جي مشين گن جيان گرجي رهيون هيون. دشمن ۾ وري هراس ڇانئجي ويو. وري ڪجهه وڌيڪ ماڻهو کڏن جي ڪوڙڪن ۾ ڪريا. ٻيا وري زمين تي ليٽي پيا. ان وچ ۾ ڪجهه رينجرس ويجهو اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. گوليبازي جي باوجود رڙهندي رڙهندي هنن اڳتي وڌڻ جاري رکيو. ٻيا هنن جي پيروي ڪرڻ لڳا. دشمن ان طرح ڪوڙڪن وارو ميدان ٽپي اچي پهتو هو. ڪنهن به ائين نه پئي ڀانيو. نگان محسوس ڪيو ته هنن يڪدم ڪجهه نه ڪيو ته ٻيءَ گهڙيءَ هو سندس سر تي هوندا. هو جلدئي پنهنجي مورچي مان نڪتو، هڪ پاسي ٿورو ڊڪي پٽ ٿي پاڻ ڪيرايائين ۽ دشمن جي حملي جي جاءِ جي سامهون ٿي چست ورتائين. ٽي چار رينجرس سامهون ڏسي هن پنهنجي رائفل جو گهوڙو دٻايو. ٻن کي گولي لڳي. پويون همراهه اڳ ۾ ڪريو. اڳيون يڪدم رڪجي بيهي رهيو، پنهنجي خودڪار بندوق اڇلايائين، سڌو ٿي آڪڙيو، ۽ پوءِ ڪثيل ٿُڙ جيان پٽ تي ڦهڪو ڪري ڪريو. هاڻي جڏهن ته دشمن ڪوڙڪن مان دڳ ڳولي لڌو ته هنن جي پيش قدمي به سولي ٿي پئي هئي. ٻنيءَ جي وچ ۾ رکيل توبخاني فائر ڪرڻ شروع ڪيو. گولا زوڪاٽ ڪري باغيچي ۾ اچي ڦاٽڻ لڳا ۽ وڻ ٻوٽا هوا ۾ اُڏامڻ لڳا. دونهين جا ڪارا ڪارا بادل اُٿيا نگان وري گولي هلائي ۽ رڙ ڪئي، ”پهرئين پٺتي هٽڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکو!“ هڪ گوريلي ڏي منهن ڪندي، هن چيو، ”تون اسان جي رهنمائي ڪر.“ نگان جو سارو جٿو سونهين جي ڪڍ لڳو. بارين رڙ ڪري چين، ”باغ جي پريان اسان لاءِ ترسجو.“

”تون نٿوهٽين ڇا؟“

”هائو، مان به اجهو آيس.“

پر هن تڪڙ نه ڪئي. ڪنڌ ورائي نگان ڏٺو ته بارين ۽ ڪجهه گوريلا ٻه ”شڪاري توبون“ کنيو باغيچي جي وڻن مان دشمن طرف ڊڪندا پئي ويا جوان ان ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. اهي هٿيار جي صفا ڄٽڪا هئا، ڏسي هن جي دل ۾ لوهار ۽ سندس ساٿين لاءِ قرب ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿيو.

سڀئي باغيچي وٽ پهچي، نگان ۽ سندس ساٿي هڪ ڪڙئي جي ڪنڌي تي پوزيشن وٺي بيهي رهيا. ٽن پاسن کان حملا ٿي رهيا هئا. هنن اٺ حملا ڌڪي ڇڏيا. اوچتو ٿام، جو هڪ لاهيءَ طرف ٽپو ڏئي رهيو هو، ڄنگهه ۾ توب جي گولي لڳڻ سبب ڦٽجي پيو. ڀاڄ ۾ سندس ساٿين کي هن کي به کڻي وڃڻو پيو. کڏن کان ٽپندا ڇاڙتا فوجي، وڏي وات رڙيون ڪندا، هٿن مان نڪتا پئي ويا. گوريلن کي بارين جي جٿي جي ڪا خبر ڪانه پئي پئِي. نگان، ٽوئي کي، ٿام کي رستي طرف وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پاڻ ۽ ٻيا ترسي، کيس بچاءَ جي وٿي ڏيڻ لاءِ، ڪجهه منٽ گولي هلائيندا رهيا. پوءِ هو فائرنگ ڪندا پٺتي هٽڻ لڳا.

نگان پنهنجي ڊڪندڙ پيرن هيٺان رت جي ڌارا ڏٺي. ”ويچارو ٿام“ هن سوچيو، ”هو ٽوئي کي اچي پهتو جو ٿام کي پٺتي کنيو ڳورن قدمن سان ڊڪندو پئي ويو، ٿام جا پير زمين کي ڇهي رهيا هئا. سندس پنيءَ جي زخم کي رومال سان ٻڌو ويو هو. ”ايذاءَ ٿو اچئي ڇا؟“ نگان پڇيو.

ٿورڙو چڀي ٿو.“ ٿام چيو، ۽ مرڪيو.

سندس دوست پيلو ٿي ويو هو. ايڏو تڪڙو رت جو وهڻ بي همت ۽ نراس ڪندڙ هو. رومال سارو ڀڄي چڪو هو ۽ رت کڙي طرف وهي هيٺ زمين تي ڪِري رهي هئي. جتي ۾ پيل واري يڪدم چوسي ناسي رنگ جي پئي ٿي وئي. پنهنجي ڳڻتي کي لڪائيندي نگان چرچي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ”ٿورو وقت سور سهه، ٿام، مان، نام نهوءَ کي تنهنجي تيمارداري لاءِ وٺي ايندس. جڏهن هوءَ ڦٽ جي پٽي ڪندي آهي ته سڀ سور لحظي ۾ لهي ويندا آهن.“

ٽوئي ٿڪجي پيو ته ٽرانگ ٿام کي کنيو. نگان ٻنهي جي پاسي ۾ پئي هليو ۽ بارين ۽ سندس ساٿين کي موٽندي ڏسڻ جي اميد ۾ هر هر پٺيان پئي نهاريو. ان طرف گوليبازي جهٽ لاءِ بند نه ٿي هئي. اوچتو هن ٻه چيريندڙ گجگوڙون ٻڌيون، بي 61_ م م توب جي آواز کان ڪجهه هلڪيون هيون. جهٽ پوءِ هن جٿي کي ايندو ڏٺو.

”بارين ۽ سندس ماڻهو آهن.“ هڪ همراهه رڙ ڪئي.

”واهه جو ڀڄن ٿا! پڪ ئي حرامي پٺيان هوندن!“

”هائو باغيچي جي ڪناري تي پڄي چڪا هوندا.“

نگان وچ ۾ چيو ”ٺيڪ آ. هلو هلو جلدي ڪريو. مان ٽرانگ ۽ ٿام سان گڏيو ٿو اچان. آرام سان هل، ٽرانگ جڏهن ٿڪجين ته مون کي ڏج.“

ٿام ۽ ٽرانگ وٽان لنگهندي همراهن کڙين تي ڏني. بارين جا ماڻهو اچي پڳن. هو ٽوراؤ جي پٽ کي آڌار ڏنيون پئي آيا. ڇوڪرو ڏاڍي تڪليف سان هلي رهيو هو. نگان کيس چتائي ڏٺو ته سندس گڊيءَ جي کٻي ٻانهن ڌاڳن ۾ لڙڪي رهي هئي. ڊڄندي ۽ پريشانيءَ مان هن پڇيو ”تون؟“

جي ڪنڌ لوڏ ۾ ها ڪئي.

بارين به ڪلهي تي پيل شڪاري توب جي بار کان جهڪيو، اچي پهتو ۽ ڍڳي جيان رنڀندي، چيائين، ”اسان جي شڪاريءَ جي رنڀ ٻڌئي؟“

”ٻه ڌماڪا ٻڌم، اهي ان جا هئا ڇا؟“

”هائي ڪاٽرين ۽ مان، ٻنهي هڪ هڪ ٺڪاءَ ڪڍيو.“ پنهنجي لفظن کي هٿن لوڏ سان ڌار ڌار ڪندي هن چيو، ”يار، ڏسين ته ها، ڪيئن پئي کين دسيائين. ڏک اهو آ جو تڪڙي موٽڻ ڪري اسان کيس وڌيڪ هلائي نه سگهياسين. بدمعاش هينئر ته ڪاهي ڪڍ پيا آهن.

”هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“ نگان چيو.

”هان ڊئٽ هلو.“

هو سڀ ڳوٺ طرف وڌيا، جو هينئر ويجهو هو. جيئن هُو اوڏانهن وڌيا ته سامهون ناريل جي جهڳٽن مان هنن هڪ عورت کي تڪڙو تڪڙو نڪرندو ۽ پوري سگهه سان ڏانهن وڌندو ڏٺو، سندس هر وک سان وار ڪِري ۽ اُٿي رهيا هئا. نگان، نام نهوءَ کي سڃاڻي ورتو. سهڪندي سهڪندي هوءَ اچي پُڳي ۽ ٽرانگ سان وک ملائي هلڻ لڳي. هن ڪاروباري نموني ٿام جو زخم جاچڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو رومال ڪڍي جلدي جلدي سندس ڄنگهه اُگهي. پر هن صاف ئي مس ڪئي ته وري ٻي رت وهڻ لڳي. هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.

”پريشان نه ٿي، نام نهو،“ نگان چيو، ”هي اڃا مرڻ لاءِ تيار نه آهي.“

ڇوڪري ڏانهن ڏسندي هن دل ۾ سوچيو: ڄڻ تنهنجي جسم کي زخم ٿيو آهي: هون؟ تو پڪ ئي پڪ منهنجي مذاق تي ڀڻ ڀڻ ڪئي هوندي! ٺيڪ آ. ڇوڪر! سو تون منهنجي ٿام تي مرين پئي. سٺو! پوءِ هن پنهنجي مڱينديءَ بابت سوچيو: جي هو ڦٽجي ها ته ڪوين جيڪر روڇ ڪري ها؟ ڪجهه دلجاءِ سان هن خيال ئي خيال ۾ ڪوين کي پنهنجي زخم تي نام نهوءَ جيان وائڙو ۽ واويلا ڪندي ڏٺو.

باب ٽيون

(1)

گوريلن جي غار طرف هٽي وڃڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ دشمن ڳوٺ ۾ ڌوڪي پيو، جبل طرف وڻن جي اوٽ ۾ لڪل هائي ٿيپ ۽ سندس ماڻهو سندن هرڪا چرپر جاچي ۽ واچي رهيا هئا. هو کين ناريلن ۽ صوفن وغيره تي چڙهندو، ۽ آئي وئي کان زور سان پچاڳاڇا ڪندو ڏسي رهيا هئا. وڻن جي پنن تي سج جا ڪرڻا پئجي رهيا هئا ۽ ڳوٺ ۾ عجيب گوڙ گهمسان هو. پکين جي چرپر، ڳئن جون رنڀون ۽ دشمن جون رڙيون ۽ گولين جا آواز، سڄو ماحول هل هنگامي سان ٽمٽار ڪري رهيا هئا. رينجر ليٽي ناريل جي وڻن هيٺان پکڙجي ويا هئا. سندن وردين تي ٿيل ڪئوفليج کين ٽارين ۽ پنن ۾ لڪائي رهي هئي. جي هو چرپر نه ڪن ته جيڪر غار ۾ لڪل همراهه کين سڃاڻي نه سگهين.

هڪڙو ٽولو رڌڻي جا ٿانو کڻي آيو، جي هنن گهرن مان چورايا هئا. ٻيا جي لڳ ڀڳ هڪ پلٽن هئا، ان پاڻيءَ جي ڪسيءَ طرف ويا جا جبلن جي پاڙ ۾ وهي پئي. اها گوج نديءَ جي نالي سان سڏبي هئي، ڇو جو ان ۾ ٻه عجيب و غريب وڏيون اڇيون گوج مڇيون ماڻهن جي سانڀر کان رهي رهيون هيون ۽ هن وقت تائين ڪوبه پڪڙڻ جي سگهه نه ساري سگهيو هو. چون ٿا ته هڪ لڱا هڪ ڪراڙي ميربحر، نالي سون، سڄو ڏينهن انهن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪنڍيون اڇلايون، پر سڀ ڪنڍيون وڃائي ويٺو، ۽ چون ٿا ته پوءِ هو ڪيترائي مهينا بستري داخل هو. ڪنهن کي پڪ سان خبر ڪانه هئي ته اها ڳالهه سچي آهي يا نه، پر اهو سچ آهي ته گوجون اصلي آهن ۽ پاڻي صاف ۽ شفاف. اهو پاڻي ئي علائقي کي تازگي ۽ آسودگي ڏئي رهيو هو، جيئن ئي فوجين ڪسيءَ جي ڀر ۾ چار پنج وڏا تنبو کوڙي ڇانوڻي هنئين، ته هائي ٿيپ اتاوليءَ سان نگان کي چيو، ”ڪم ته اهڙو ٿا ڪن ڄڻ هميشـﮧ لاءِ هتي ترسڻ جو ارادو اٿن. ڏس نه ڪسيءَ تي قبضو ڪري رهيا آهن.

”ڏسجي ته ائين ٿو.“ نگان ڀڻ ڀڻ ڪئي.

”اهو ته اسان لاءِ وڏي رڪاوٽ ٿيندو.“

”پاڻ وٽ غار ۾ تازو پاڻي آهي؟“

”هائو، پر ايترو ڪونهي. جي اها حالت ٻه يا ٽي ڏينهن جاري رهي ته پوءِ معاملو گنڀير ٿي ويندو“ هائي ٿيپ پنهنجون اکيون هيٺ منظر ۾ کپائيندي چيو، ”ٺيڪ آ، هلو ته غار ڏي هلون. ٻڌايون ته ڇا پيو وهي واپري.“

هن ڊئٽ کي اتي پهري تي بيهاريو ۽ کيس چيو ته جي ڪجهه به ٿئي ته کيس اطلاع ڏئي، ۽ ٻيا سڀ ٽڪرن تا چڙهندا غار طرف ويا.

جبل جي پاڙ ڪو اڍائي ميل کن هئي. اهو اُڀو جبل هو، هزار فوٽ کن اوچو ۽ چوٽيءَ وٽ ست سوُ فوٽ کن موڪرو هو، ۽ ان جي وچ ۾ غار لڪل هئي. ان ڏانهن رڳو هڪ ئي رستو هو جو گهڻي چاڙهيءَ تي ۽ سوڙهو هو. اتان هڪ ورانڊي نما غار شروع پئي ٿِي، جا وڪڙ ڪاٽيندي اڳتي هلي موڪري هال ۾ مٽجي پئي وئي. اتان وري ٽي ٻيا سوڙها لنگهه پئي ڦٽيا، جي اندر هلي گم پئي ٿي ويا.

هائي ٿيپ، بارين ۽ نگان، ٻاهر شهر وٽ بيٺل ٻن گوريلن سان گڏيا. سڀ وڏي ڪمري ۾ اٿوَ.“ انهن مان هڪ چيو.

”اتان چڱي طرح ڏسي سگهو ٿا ته ٻاهر ڇا پيو ٿئي؟“ نگان پڇيو.

”بالڪل.“

”اچو ته پاڻ به ڏسون“ نگان ٽڪري جي اوٽ ۾ آيو ۽ هڪ گوريلي جي جاءِ ورتائين، ۽ هيٺ ڏٺائين. هن جي اڳيان سڄي زمين لکيل ڪتاب جيان وڇائي پئي هئي، جا انهن ناريل جي وڻن واري قطار تائين پئي وئي، جتي فوجي ڪئمپ هڻڻ ۾ رڌل هئا.

”واه واه!“ هن اچرج وچان چيو، ”ڪهڙي نه عجيب مشاهدي گاه آهي!“

پوءَ هائي ٿيپ ۽ بارين سان گڏ غار ۾ ويو. کٻي طرف مُڙي، هو ڪي منٽ وڙ وڪڙ ورانڊو لنگهي، وڏي هال ۾ اچي پهتا. هت رڳو جهڪي روشني ۽ آوازن جي جهڪي ڀڻ ڀڻ هئي. سڀ گوريلا هت موجود هئا، ۽ انهن ۾ اهي اڳواڻ به هئا جي دشمن جا ڄاتل سڃاتل هئا ۽ ان ڪري ظاهر ٿي پوڻ جي خوف کان ڳوٺ ۾ ماڻهو سان نه پئي رهي سگهيا. ماحول ٿڙڪندڙ هو_ بي ترتيب قدمن جا آواز، پڙاڏو ڪندڙ آواز، ۽ پاڇولن جهڙين شڪلين جي صورتن ڏسڻ کان سواءِ سڃاڻي پئي سگهيون ويون. ماڻهن، ساهه جي آواز، ڳالهه ٻولهه ۽ پيرن جي آواز ڪري غار جي هرڪاشيءَ ٻي پئي لڳي. نگان ڪنهن کي هلڪي آواز ۾ پاڻ کي سڏيندو ٻڌو، جيتوڻيڪ آواز ڪجهه بدليل هو، تڏهن به هن ڪوين جو آواز سڃاڻي ورتو. هو بيهي رهيو ۽ اڃا پنهنجي مڱينديءَ جو نڪ نقش سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، جو گستاخ هٿ سندس بت کي ڇهڻ لڳا. اهي تڪڙا تڪڙا سندس ڪنڌ ۽ پٺن تان ڦِري ويا، ڄڻ پڪ ڪرڻ چاهيندا هجن ته هو سلامت هو.

بَي تڏي تي سمهيو پيو هو ۽ سندس ڦٽيل ٻانهن ڪنڌ ۾ لڙڪيل رومال ۾ لٽڪي پئي هئي. نام نهو سندس ڀرسان ويٺي کيس پنهنجي رومال سان پکو جهُلي رهي هئي.

”تون آهين ڇا، نگان؟“ ٽام پڇيو.

”مان هان، ڪهڙا حال آهن؟“

”ممڪن حد تائين ٺيڪ پيو هلي.“

”اسپلنٽرڦٽ ۾ اڃا آهي ڇا؟“

”مان نٿي سمجهان،“ نام نهوءَ وچ ۾ چيو. ”گهڻو ڪري ٻئي پاسي مان نڪري ويو هوندو.“

”ٿي سگهي ٿو.“

نگان پٽي مان ٽارچ ڪڍي دوست جي ڦٽيل ڄنگهه جاچي. ننڍڙي ٿَئي به ويجهو اچي ڀوُ گاڏڙ نظرن سان ڏسڻ لڳي. ٽام سندس هٿ وٺي کيس ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيو.

ڦٽ خبرداريءَ سان پٽي ڪيو ويو هو. رت بند ٿي چڪي هئي. جيئن ئي نگان هيٺ جهڪيو ته هن ٿام کي ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻڌو ”ڪو وڏو زخم ڪونهي. رڳو توب جي گولي جو ٽڪر ڄنگهه ۾ لڳو اٿم. تون ننڍڙي بَي تي گهڻو ڌيان ڏي، سندس ٻانهن چور چور ٿي وئي آهي، پر ڏاڍو ڪو پڪو آهي، ڪا ننڍڙي ڪنجهه ڪرڪ به ڪانه ڪئي اٿائين.“

نگان ٻَي طرف وڃي مٿس روشني اڇلائي. گڊيءَ جي ٻانهن ڪٽجي وئي هئي جتان ڪلهي تائين ٿيل پٽي ڏيکارجي رهي هئي. سڄي پٽي سڪل رت جي ڪارن چٽن سان ڀري پئي هئي. بَي جو ٻيو سلامت هٿ تڏي کي ڀيڪوڙيو پيو هو. سندس اکيون بند هيون ۽ هو هوريان هوريان وات مان ساهه کڻي رهيو هو. چهرو ڪجهه هيڊو ٿي ويو هوس، پر چپن تي تازگي هئي. سندس منهن تي پيڙا جا ڪي به اهڃاڻ ڪونه هئا. سندس منهن تي اڃا تائين ان مرڪ ۽ ٽوڪ جا نشان هئا جا ڀاءُ الات سان ڪناري تي پاڻي ۾ ليٿڙيندي يا پيءُ جي ڄار ۾ گهڻيون مڇيون ڏسندي، سندس چپن مٿي پکڙيا هئا. ڇوڪري جون بند اکيون ۽ سدا حيات چپ ڏسي نگان جي دل ڀرجي آئي ۽ رت ٽهڪڻ لڳي. هن کي سارين جي ٻنيءَ ۾ چرندڙ پرندڙ دشمن جون شڪليون اڳيان تري آيون_ توپخاني جي ماڻهن جي چرپر، توبن جا ٻرندڙ پڇڙين وارا گولا، ۽ بدڪ جي پکڙيل پيرن جيان توبن جون کليل ٻانهن سان بيٺل توبون، سڀ ياد اچي ويا. اهي تصور هن کي تيستائين ستائيندا رهيا، جيستائين هائي ٿيپ کي سڏيندو نه ٻڌو. ڪوين بَي جا ڪپڙا درست ڪري رهي هئي. هو اٿيو ۽ کيس چيائين، ”ميٽنگ لاءِ سڏ پيو ٿئي، اٿي ته هلون.“

ڪوين ٿئي طرف ڪنڌ موڙيو، جا ٿام جي ڪلهي تي ڪنڌ رکيو آرام سان ليٽي پئي هئي. ”پٽ تون سدوري ڇوڪري آهين نه؟ ماسي نام نهو سان هت ترسندينءَ ني؟“ هن ڇوڪريءَ کان پڇيو.

”ها.“

رڳو پارٽي ميمبرن کي سڏيو ويو هو. جڏهن سڀ پنهنجي جاءِ وٺي چڪا هئا ته هائي ٿيپ ڳالهايو. ”پهريون مان سوچيو،“

هن چيو، ”ته پارٽي ميمبرن کي ڌار سڏايان، پر جڏهن مون ان تي وري سوچيو ته اهو ضروري نه سمجهيم. اسان سڀني کي سڏيون ٿا، سواءِ پهريدارن جي ۽ انهن جي زخمين جي تيمارداري ڪري رهيا آهن. توهان جو ڇا خيال آ، ساٿيو؟“

”اسين متفق آهيون.“

بارين باقي رهيلن کي سڏڻ ويو.

جڏهن سڀئي پهچي ويا ته هائي ٿيپ شروع ٿيو، ”جڏهن مان ائين چوان ٿو ته هن ڀيري دشمن وڏي ڪاهه ڪئي آهي جا هن صوبي ۾ اسان ڪڏهن نه ڏٺي آهي، ته مان توهان کي اهڙي ڳالهه نٿو ٻڌايان، جا توهان اڳ ئي نه ڄاڻندا هجو. وان ٿانهه ۾ اٽڪڻ کان پوءِ هينئر هو اسان جي ڳوٺڙي ۾ اچي چڪو آهي. ڪجهه وقت اڳ سندن چرپر جو هتان مشاهدو ڪرڻ بعد مان محسوس ڪريان ٿو ته هو غار کي گهيرو ڪري چڙهي ايندا. پاڻيءَ تي هنن جو قبضو آهي، اسان کي ڳوٺ کان ڪٽي چڪا آهن. ڪناري بيٺل پهريدارن پڻ اطلاع ڏنو آهي ته ڪو سؤ ميل کن پري ته ڏهه ايل. ايم. ايس لهي چڪا آهن. هو حملو ڪرڻ وارا آهن. اسان کي ساڻن منهن ڏيڻ لاءِ راهه ڳولي ڪڍڻي آهي.“

هڪ ڌماڪي سندس تقرير کي وچ ۾ ڪاٽيو. مٽيءَ ۽ واريءَ جو ڦوهارو اچي غار ۾ ڪريو. هر ڪو ائين ٽپ ڏيئي اٿيو ڄڻ اسپرنگ تي ويٺو هو. ڇا ٿيو...؟ نئين ڌماڪي ڪچي پٿر جي ڀڪن کي لوڏي ڇڏيو.

”پڪ ئي اهو 81 ايم ايم توب جو جبل تي چٽيل گولو هوندو،“ نگان چيو.

”آواز ته اهڙو هيو!“

”هون!“ بارين چيو، ”هزار پائونڊن جو بم به اسان کي هت ڇيهو نٿو رسائي سگهي.“

ڏهه منٽ، بنا روڪ جي، اهي ڌماڪا ٿيندا رهيا، سندن پڙاڏو هر هر غار ۾ گونجي رهيو هو. سڀ کان خراب اهو هو جو هو اهو نه ڄاڻندي ته دشمن ڇا ڪري رهيو هو، اٿي به نه پئي سگهيا. ڊئٽ اندر ڌوڪي آيو. ”هو وڏين توبن سان جبل تي مارو ڪري رهيا آهن،“ هن رڙ ڪئي، ”ڪيترائي وڻ اڏامي چڪا آهن. جبل جي پويان به سندن پيرن جا آواز ٻڌجن پيا.“

”۽ ڳوٺاڻن جو ڇا ٿيو!“ هائي ٿيپ پڇيو.

”سندن گهيرو جبل کي سوڙهو پيو ٿيندو وڃي. جبل کان 75 فوٽ کن پري آهن.“

”۽ لنگهه وٽ؟“

”نه اڃا.“

”۽ هڪ توبخانو هلي رهيو آهي.“ هائي ٿيپ ڳالهه جو ٽوڙ ڪندي چيو، ”منهنجي رٿ آهي ته اسان کي ٽن ٽن ماڻهن جا جٿا تيار ڪري بيهارڻا پوندا. ٻه غار جي لنگهه وٽ ۽ ٻيا به ڪجهه اندر ڀرو. هو پنهنجون ٿامپسن بندوقون ۽ هٿ بم به پاڻ سان رکن بارين ۽ نگان جا ٽولا هڪدم روانا ٿين ۽ ٻيا ترسن.“

بارين ۽ نگان ڪم کي لڳي ويا. ٻه جٿا گوريلن مان ۽ ٻه جٿا هٿياربند پرچارڪن مان چونڊيا ويا. لنگهه ڏانهن ويندي نگان بارين کي اڳ تي تيار ڏٺو. سندس هٿ ۾ کليل وڏو چاقو هو ۽ کيس چيو. ”تون ڪنڊ وٺي بيهه. اسان لنگهه اڳيان بيهنداسين.“

”ٺيڪ آ. پر ٻڌي ڇڏ، جي دٻاءَ وڌي وڃيوَ ته پٺتي هٽڻ ۾ نه هٻڪجو. اسان تيار هونداسين.“

”چڱو.“

ٻئي جٿا غار جي لنگهه وٽ وڌيا. هڪ جي اڳواڻي نگان ڪري رهيو هو ۽ ٻئي جي ٽوئي. اتي پهچي هر هڪ پهاڙ جي اوٽ ۾ جاءِ وٺي بيٺا. ٽوئي جي جٿي وٽ ٽي ٿامپسن هيون ۽ ست ايم ڪي_ 3 هٿ بم، ۽ نگان وارن وٽ هڪ ٿامپسن، هڪ ماس رائفل ۽ اٺ هٿ بم. هو اڃا پاڻ سنڀاري بيٺا ته ڊئٽ ڊڪندو وٽن پهتو ۽ چيو، ”هائي ٿيپ مون کي توهان سان شريڪ ٿيڻ جي موڪل ڏني آهي.“

”سٺو،“ نگان چيو، ”مون سان اچي بيهه، رائفل لاءِ گهڻيون گوليون اٿي؟“

”پنجيتاليهه.“

”ان سان ڇا ڪري سگهندين؟ ڪجهه به ناهي؟“

ڊئٽ شرم وچان مرڪيو. ”مان مڙئي ڪم ڪڍي ويندس، بس ني. اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان جيترو نه.“

”مون وٽ ته ماس آهي. مون ڪاربائين گهڻو استعمال نه ڪئي آهي.“

”جي ماس ٺيڪ ٿو هلائي وڃين ته ڪاربائين وڌيڪ ٺيڪ هلائي ويندين. اها وڌيڪ سولي آهي. ان سان گڏوگڏ جي ماڻهو ٿڌو ٿانئرو آهي ته ڪنهن به بندوق سان ڏاند جي اک چٽي ٿي سگهي ٿي.“

نگان، ڊئٽ جي ملول ۽ منجهيل منهن ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي چيو، ” ۽ تون، ڇا تون سدائين ٿڌو ٿانئرو هوندو آهين؟“
”بلڪل“

جواب صاف ۽ کليل هو ۽ نگان محسوس ڪيو ته هو سچ ڳالهائي رهيو هو. ڪيتري وقت کان هو هن ارڙهن سالي نوجوان کي پسند ڪري رهيو هو. جڏهن به هو ضلعي ۾ ٽام چان سان ملڻ ويندو هو ته هو کيس مڇيءَ ۾ پکيءَ جي شڪار لاءِ اتاولو ڏسندو هو. اڳواڻن جي هٿياربند محافظن جي فرضن سان گڏوگڏ هو سندن ماني ٽڪيءَ لاءِ وسان نه گهٽائيندو هو. ان حقيقت ته، ڊئٽ هڪ ڇورو ٻار هو، کيس نگان جي وڌيڪ ويجهو آندو هو. سندس ماءُ کيس جنم ڏيندي مري وئي ۽ پيءُ1958ع واري پهرين بغاوت دوران ڊيم جي ڀاڙيتن هٿان مارجي ويوهو، ۽ ان جو لاش کڏ ۾ اڇلايو ويو هو. ان جون هاٺيون به، ٻين جي هڏن گڏن جيان، ڪوين ۽ سئو ميڙي هٿ ڪري اچي غار ۾ رکيون هيون. ڊئٽ جي رڳو هڪ ناني جيئري هئي جا سٺ ورهين جي هئي. لنهه ڪوئنهن ۾ رهندي هئي. هو ٻن سالن کان ٽان چام سان گڏ هو. هڪ ڀيري سندس ناني، سندس سڪ ۾ گهلجي کيس اتي ڏسڻ آئي هئي.

”گذريل رات لنهه ڪوئنهن ۾ ناني سان مليو هئين؟“

نگان پڇيس.

”هائو..... ڏاڍو خوش هئي. هن منهنجو سرير ٺپيو ۽ رُني. پڪل پپيتو هٿ ڪري جهينگن جي سلاد ٺاهي کارائي هئائين. ڏاڍو سوادي هو. اصلي نڙيءَ تائين پيٽ ڀري کاڌم.“

”مون کي اها سلاد وڻندي آهي.“

”مان توکي نانيءَ وٽان سڪل جهينگا آڻي ڏنا هئا.“

نگان، ڊئٽ جي ڪاربائين تي هٿ رکيو ” ڀريل آ؟“

”هائو. پرسيفٽي چڙهيل اٿس.“

”سٺو. اهڙي جاءِ ڳول جتي سولائيءَ سان چُري پُري سگهين.“

”هيءَ سٺي جڳهه آهي،“ ڊئٽ وراڻيو. هن پنهنجي بندوق، لنگهه جي چست وٺي، هڪ پٿر تي رکي، ۽ کٻي اک ٻوٽي نشانو ڏٺو. چپن تي زبان ڦيرندي هن ڪيترائي ڀيرا اهو شغل ورجايو.”زبردست مارڪو آ.“ پنهنجي بندوق سٿر سان رکندي هن دٻو کوليو ۽ ٻه ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا پيتا. پوءِ نگان کي ڏيندي چيائين”ڪجهه پيندين؟”

”نه لوڙ ڪانه اٿم،“۽ پنهنجي دٻيءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ خاطر پٽي ڏانهن ڏٺو. ٿوري جهٽ کان پوءِ هن چيو، ”جيترو گهٽ ٿي سگهئي اوترو گهٽ پاڻي پيءُ، اصلي جڏهن اڃ نه جهلي سگهين.“ نگان ٻين همراهن کي به چيو، ”ساٿيو، پنهنجو پاڻي بچايو. هت پاڻي ڪونه آهي. سڪل چانور توهان جو خاص کاڌو آهي. هروڀرو بوريت ڪاٽڻ لاءِ اهي نه ويهي چٻاڙيو.“

”پر غار ۾ اڇا چانور به ته آهن؟“ ٽوئي چيو.

”بلاشڪ، پر چند ڳوٿريون. وڌ ۾ وڌ ٽن يا چئن ڏينهن جيترا.“

”پر تيستائين هو هليا ويندا.“

”ڪابه ڳالهه يقيني نه آهي. ڪهڙي خبر ته هو هفتو سانده اسان کي وڪوڙي ويهن؟“

ڪنهن به ورندي نه ڏني. هر ڪو جاءِ ڳولي آرام سان ويهي رهيو. نگان لنگهه مان هيٺ زمين طرف نهاريو. هن خاموش بيٺل ناريل جي وڻن کي ڏٺو، جي سج جي روشنيءَ ۾ جهڪي رهيا هئا، فوجين ڪجهه کنيو، جو هو نه سڃاڻي سگهيو، اچي وڃي رهيا هئا. هن ٿانون جي ڪرڻ جو آواز ۽ فوجين جو گوڙ گهمسان ٻڌو ۽ رکي رکي ڪنهن ناريل جي ڪرڻ جو آواز پڻ.

(2)

ڪوين جي ٽارج جي روشنيءَ ۾، سئو دکيون جاچيون ۽ چڪاسيون، دکين کي هٿ سان محسوس ڪندڙ ڇوڪريءَ چيو پاڻي سمي ٿو ڇا؟“

”تمام ٿورو.....ترس، مان پلاسٽڪ جون شيٽون کڻي انهن کي ويڙهي ٿي ڇڏيان، ۽ پوءِ اهو پاڻي به زيان ٿيڻ کان بچي ويندو.“ جڏهن هو موٽي ته سندس هٿ ۾ پلاسٽڪ جو وڏو ٽڪرو هو. “ٿوري روشني ڪر،“ هن اهو کوليندي ڀيڻ کي چيو. ان کي خيال سان جاچيندي چيائين، ”ڏاڍو سٺو، ڪٿان به ڦاٽل ڪونه آهي.“ هن اهو نرم پٽ تي وڇايو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري دکيون ان تي رکڻ لڳي. ”نام نهو کان هڪ ڀڄي پيئي. ”اهو ڏاڍو خراب ٿيو،“ هن چيو، ”پلاسٽڪ جي چادر جون ڪنڊون ٻڌڻ کان پوءِ، هوءَ اٿي بيٺي، ‎ٺيڪ، هاڻي هل ته هلي چئون جون چاڏيون ڏسون.“

ٻئي ڀينر پاسي واريءَ چر ڏانهن وڌيون . اوچتو هنن سڄي پاسي کان مياڻيءَ واري مالڪ مهاڻي جا اڀا ساهه ۽ سندس زال جا ٻاراڻا روئڻ جا آواز ٻڌا، جا سندن قدمن جو آواز ٻڌي روئندي چئي رهي هئي. ”رحم ڪريو، پاڻي پياريو.“

ڪوين ڀيڻ جي ٻانهن جهلي. ”ٻڌئي؟ پاڻي ٿي گهرئي.“

”ترسي، سگهي ٿي، اسان کي هاڻي ٿيپ کان پڇڻو پوندو.“

ڪوين هڪ ٻه وکون وڌيون ۽ زور سان چيو، ”پاڻي کپئي؟ ٿورو ترس.“

”اوئي الله !“ عورت رڙ ڪئي. تون آهين ڇا ڪوين؟ رحم ڪر، اسان تي رحم ڪر. عرض ٿي ڪيانوَ.“ ڪوين جنهن کي اها توقع ڪونه هئي، پنهنجي سڃاڻجي پوڻ تي ارهي ٿي پئي. ”عرض غرض بند ڪر! مان تولاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهان. هو توهان تي عوامي عدالت ۾ مقدمو هلائيندا ۽ اتي جيڪو وَڻيوَ سو چئي ڏجو.“

”عوامي عدالت،“ عورت خوف کان ڏڪي وئي. ”هاء الله ! پوءِ ته اسان مئا پيا آهيون.“ هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.

”ڏس ! چيو جو مانءَ نه ماٺ ڪر،“ سندس مڙس چيس.

”ڏاڍو ٻٽاڪي هئين.“ ڪوين سوچيو، ”هاڻي ڏسنداسين !“

چانورن جي چاڏين وٽ پهچي ، سئو مُٺ ڀري کنئين ۽ سنگهيو.” سٺي حالت ۾ پيا آهن.“ هن خوشيءَ وچان چيو. ٻن چاڏين تي روشني اڇلائي وري خاطري ڪئي.

”هنن ٻن وڏين چاڏين ۾ ٻه مڻ چانور ٿي ويندا نه؟“

هن پڇيو.

”مان نٿي سمجهان،“ سئو چر مان نڪندي فڪرمند ٿي وئي. ”پچائينداسين ڪيئن؟“ هن چيو، ” اسان پاڻي ته کپائي نٿا سگهون.“

”ائين به آهي. پوءِ ڪيئن.....“

”اڄ هر ڪنهن وٽ پنهنجن کيسن ۾ راشن آهي. سڀاڻي کڻي ڀُڃنداسين. تنهنجو ڇا خيال آ؟“

”جي ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهي ته ائين ئي ٺيڪ آ.“

هنن سموري صورتحال هائي ٿيپ کي ٻڌائي، هو رڳو مرڪيو، ”اسان ان ڏس ۾ توهان ٻنهي تي ڀروسو ۽ مدار ٿا رکون. ٺيڪ آ؟ٿورو آ ته اسان کي به ٿورو ڏيو. جي وڌيڪ آ ته وڌيڪ ڏيو _ پر رڳو انهن کي ترجيح ڏيڻ نه وساريو جي ڦٽيل آهن.انهن لاءِ ٿورو ضروري هئڻ گهرجي.“

سئو ۽ ڪوين، غارجي ڪنڊ ۾ چلهه ٺاهڻ لاءِ پٿر ڳولڻ نڪتيون. ٿانو چمچن ۽ ڏوين سميت اڳ ئي ات رکيل هئا جي هو جنگ جي ڀوُ کان ات رکي ويا هئا.سئو سگريٽ لائيٽر ٻاريو. باهه مچڻ ۾ گهڻي دير ورتي. ڪوين ننڍو ٿانو کڻي شورو کڻڻ وئي. پوءِ منهن هٿن ۾ جهلي ويهي باهه جو ناچ ڏسڻ لڳي. ٿئي زخمين کي ڇڏي، پٻن تي گهمندي سندس پٺيان اچي بيٺي ۽ سندس ڪنڌ ۾ ٻانهون وڌيون. ڪوين ٻانهون پويان ورائي هن کي جهليو. ايم جي ڦاٽڻ جو وڏو آواز ٿيو.

”وري حملو پيا ڪن !“ ڪوين چيو ۽ يڪدم اٿي بيٺي.

”پنهنجن جو جواب نٿو ٻڌجي؟“ سئو ڀڻ ڀڻ ڪئي.

ان مهل هن ٿا مپسن جي گجگوڙ ٻڌي ۽ ان سان گڏ هلڪي رائفلن ۽ ڪاربائين جا آواز به.

”اهي اسان جا آواز آهن،“ چوندي ڪوين غار جي لنگهه ڏانهن ڊوڙي. ڀيڻ جي سڏن جو خيال به نه ڪندي ڇوڪري سڌو ڀڄندي هائي ٿيپ جي جٿي وٽ وڃي پهتي.

”اسان هڪ ٻيو جٿو به ٺاهيون ٿا،“ هائي ٿيپ چئي رهيو هو، ”مون سان ڪير ايندو؟“

”مان!“

”مان!“

ڪوين هٿ مٿي ڪيو ۽ ويجهو آئي، پر پارٽي سيڪريٽري کيس ڌڪي پاسي ڪيو. هن کي صدمو رسيو.

ٻه گوريلا هائي ٿيپ جي پٺيان هليا. ٽونگيب پنهنجي ”شڪاري توب“ ٻانهن ۾ کنيو آيو ۽ گهر ڪئي، ”مون کي هي هلائڻ ڏيو ته ڏسان ته ڪيئين ٿي ڪم ڪري؟“

”ٻي ڪٿي آ ؟

”هتي.“

”ٻئي کڻي آءُ.“

غار جي لنگهه کان ٿورو اڳڀرو بارين ٽڪر پٺيان بيٺو کڳيون هڻي رهيو هو. ”توهان ماٺ ڪري اندر ويهي رهو. توهان جو وارو اڃان نه آيو آهي. اسان ئي هٿ ٻڌي ويٺا آهيون.جيڪو حرامي وڌيو آهي ان کي نگان ۽ سندس ماڻهن ئي موت ڏئي ڇڏيو آهي. ڏسڻ چاهين ته هيڏانهن هليو آءُ.در ٻاهران ڍير ٿيا پيا آهن.“

”ڪٿي آهن ؟ ڪٿي آهن؟“ هرڪو ڏسڻ لاءِ ڊوڙيو. هاڻي ٿيپ ٽڪر جي سنهڙيءَ وٿي مان ڏٺو _ڇهه دشمن پٺيءَ ڀر ڪري پيا هئا ۽ سندن بندوقون ڀر ۾ پيون هين. دشمن اڃا لنگهه طرف وڌي رهيا هئا، گوليون سندن مئلن جسمن کان ٿي زمين ۾ گهڙي مٿي اٿاري رهيو هيون. اُس ناريل جي وڻن مان ڇڻي پٽ تي ڊگها ڊگها تلوار جهڙا پاڇا اڇلائي رهي هئي. گولين جا سُرساٽ جاري هئا. مئلن جا چهرا نااميدي ۽ ڏک جا آثار بڻيا پيا هئا. پنهنجن جون گوليون مرڻ بعد به کين آرام سان رهڻ نه ڏئي رهيون هيون. هاڻي ٿيپ ارمان سان مئلن جي ڀر ۾ پيل هٿيار ڏٺا. ڪاريون گرانڊ رائفلون چمڪندڙ نالين سان. ٿامپسن ڳاڙهن پٽن سان. ڇاتيءَ سان لڳل گولين جا نوان نويل پٽا. هي اهي هٿيار هئا جنهن جي هو ۽ سندس رفيق مدت کان پاڻ وٽ هئڻ جي خواهش ڪندا هئا، سندن بحث مباحثي جو موضوع هوندا هئا ۽ خوابن ۾ ڏسندا هئا. هينئر سندن خوابن وارا هٿيار سندن آڏو، پهچ اندر پيا هئا. دشمن جي گوليبازيءَ ۾ معلوم پئي ٿيو ته هو کين انهن هٿيارن تائين پهچڻ کان روڪي رهيا هئا. هائي ٿيپ صبر سان گوليبازي بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو . پوءِ ئي انهن ۾ هٿ وجهڻ ممڪن ٿي پئي سگهيو.في الحال ڪجهه به نه پئي ٿي سگهيو ڇو جو گوليبازي سخت هئي.

منٽ کن رکي، پنهنجي بي صبري تي اختيار نه رکي، هائي ٿيپ بارين طرف مڙيو، ”اسان کي انهن هٿيارن کڻڻ لاءِ هڪ ٽولو ٺاهڻ گهرجي،“ هن چيو.

بارين ڪنڌ ڌوڻيو. ٻئي نگان جي جٿي طرف وڌيا. گوليون جبل ۾ اچي لڳيون ۽ چڻنگون اٿيون. هو رڙهندا ۽ ٽپندا وڌندا رهيا . جڏهن هو نگان وٽ پهتا ته هائي ٿيپ سندن ڪن ۾ ڪڇيو،

”هن گولين جي بارش ۾ ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ئي ڪونهي؟“

نگان ڪنڌ ڌوڻيو. سندن منهن گنڀير ۽ ڳڻتيءَ وارو هو. ” مون کي ٻاهر کسڪي وڃڻ ڏيو. مان ننڍو آهيان هو منهنجو نشان نه وٺي سگهندا. مون کي رڳو موڪل ڏيو.ٺيڪ آ؟“ مان وڃان، هان؟“

ڊئٽ زمين تي ليٽي پيو. نگان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ پنهنجون ڀرون تاڻيون. ڊئٽ هن جي ماٺ کي راضپو سمجهي ٺونٺين تي مٿي ٿيو ۽ هلڻ شروع ڪيائين. نگان جو تيز آواز اٿيو، ” مان اجازت ڪونه ٿو ڏيان. ڊئٽ خبردار جو چريو آهين، سمجهئي؟“

ڊئٽ وري ڪري پيو. هن اکين جي ڳوڙهن کي روڪڻ لاءِ چپ ڏندن هيٺان ڏنو. ” ٺيڪ آ.“ هن چيو ”ڏسجو ته هوئي اهي واپس کڻي ويندا.“

”مان ٿو وڃان!” اٽل ارادي وارو آواز اٿيو. هي تونگيب هو. چاليهه ساله گوريلو موڪل لاءِ نه ترسيو. پر پنهنجي گڊي ۽ پتلون لاهي رڳو گنجيءَ ۽ ڪڇي ۾ ٿي بيٺو. هن جي چرپر سندس ڪاميابيءَ جي ڀروسي ۽ اٽل ارادي جو مظهر هئي. ”مون کي رسيءَ جو ويٽو يا تار ڏيو، مهرباني ڪري جلدي ڪريو.“

”ڇا لاءِ ؟“

”هٿيارن کي ٻڌڻ لاءِ پوءِ توهان کان رڳو اها ڇڪڻي پوندي.“

نگان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو.”هينئر نه وڃ، چاچا. هو ڪڏهن به حملو ڪري سگهن ٿا، منهنجي خيال ۾ .....“

ٽونگيب پنهنجي بي اطميناني لڪائي ڪونه سگهيو، ”جي هنن حملو ڪيو ته پنهنجا هٿيار کڻي ويندا ۽ اسان هميشه جيان پنندا وتنداسين.“

”نه“ نگان چيو.”جي هنن حملو ڪيو ته وري به اڳ جيان وڃي وٺنداسين ۽ کين وقت ئي نه ڏينداسين جو ڪجهه کڻي سگهن، نه مئل ۽ نه ئي هٿيار. ان کان پوءِ پاڻ يڪدم ڌوڪي پونداسين، هٿيارن کڻن لاءِ. ٽوئي ٽانگ ۽ مان تنهنجي پويان پنهنجي گولين سان توکي بچاءُ ڏيندا هلنداسين، ڪيئن !“

هائي ٿيپ ڪنڌ لوڏي پنهنجي منظوري ڏيکاري. سڀ متفق ٿيا ته اهو ئي آخري طريقو هو.

”اسان کي تڪڙو وڃڻو پوندو،“ نگان وڌيڪ چيو. ”سو في الحال بي خبر نه ٿيءُ. آرام ڪر ۽ کين دل ڀري فائرنگ ڪرڻ ڏي. کين ڀٺتي هٽائڻ کان پوءِ مان اڳتي ٽپي پوندس ۽ توهان به ڌوڪي پئجو، قبول آ؟“

”قبول آ.“

ڊئٽ ان بجلي جهڙي ڪم جو ٻڌي پنهنجو ايمان تازو ڪيو. ٽونگيپ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”رٿ ته سٺي آهي، پر ان تي ڏاڍو تڪڙو ڪم ڪرڻو پوندو !“

هي دشمن جي ٻئي حملي جو بي چينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳا. نگان جي رٿ نه رڳو همت واري هئي پر پڪيءَ ڪاميابيءَ واري پڻ. ان ڪري هرڪو خوش هو. غار تي گولين جو وسڪارو جاري هو. نگان ڳوٿريءَ مان تماڪ جو چپٽو ڪڍي سگريٽ ٺاهيو. اها ڳوٿري ڪوين پئراشوٽ جي ڪپڙن مان ٺاهي هئي، جا هن سان اڳ سيٽو جي مشقن کان پوءِ ڪناري تان لڌي هئي. سندس مڱيندي اکين جي ڪنڊن مان کيس ڏسندي مرڪي هئي ۽ چيو هو، ”اها ان ٻيڙي ڇڪيندڙ تي رحم ۽ دبا جي ڪري آهي، جنهن کي تماڪ رکڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.. ۽ نه ان ڪري ته پنهنجي وڌيڪ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ همت افزائي ٿئي.“

جڏهن به نگان چپٽو ڀريندو هو ته کيس ان جو مشورو ياد ايندو هو. هرڀيري جڏهن هو پاڻ کي ڏکي حالت ۾ محسوس ڪندو هو، ته ڪوين جا لفظ سندس آڏو ڦري ايندا هئا. جڏهن هو گرفتار ٿيو هو تڏهن به ائين ئي ٿيو هو. جڏهن هو کيس مارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا ۽ هو ڀڄڻ جي واهه تاڙي رهيوهو. ته به ڪوين هن جي اکين آڏو هئي ۽ کيس سڏي ۽ زور ڀري رهي هئي. هر ڏکئي وقت هن کي يقين ٿي ويندو هو ته هو پنهنجي مڱينديءَ جي منهن ڏسڻ کان اڳ نه مرندو. هاڻي به جيئن ته ايندڙ عمل ڏاڍو ڏکيو هو، هن کي پڪ ٿي وئي هئي ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، ته هو ڪيئن به ڪري وري موٽي پنهنجي محبوبڙيءَ جو منهن ڏسندو ۽ سندس ڊگهين اکين ۾ عجيب و غريب چمڪ جاچيندو، هو وري پنهنجون آڱريون هن جي سڳنڌ ڀريل ڪارن ڊگهن وارن ۾ گهمائيندو. پر جنهن ڇوڪريءَ سان هن پيار پئي ڪيو سا سندس اکين ۾ مڱ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به هئي، ان ۾ انبن جي مٺاڻ هئي، بانس جي وڻن تي چمڪندڙ آس هئي. اڪ جي وڻن جي ساواڻ هئي، مامتا جهڙي نرميءَ جي گرمي هئي، ٻار جهڙو تيز ۽ ککو آواز هو، ناريلن جي وڻن جو آواز هو، مظاهري ڪندڙن جو ڪاوڙ ڀريو جوشيلو آوازهو، سندن مشعلن جا بدلجندڙ رنگ هئا، ٽهڪ هئا، سڏڪا هئا_ هن کي اهو سڀڪجهه ڪوين ۾ مليو هو، ڪوين رڳو ڪوين نه هئي پر سندس ساٿين جي پرتو هئي. نگان جي پيار کيس هڪ سڀ جي شيءَ سان ٻڌي ڇڏيو هو، جو انقلاب هو، جو اهو نئون جيون هو جو هنن ان ڪناري واري ڳوٺ تي نئين سر ماڻيوهو.

سال به سال، ماهه به ماهه، نگان پاڻ کي دڙن تي ٺهيل انهن گهرڙن سان، انهن بهادر کمير ڀائرن ۽ ڀيڻن سان، ۽ انهن ڪونجن سان جي انهن عورتن جي مٿان ڪُرڪنديون اڏامنديون هيون، جي ملائم ٻانهن ۽ کليل ٽهڪن سان پاڻي ڀرينديون هيون، وڌيڪ گهرو ۽ يڪو ناتو جڙندو محسوس ڪندو هو. اهي سڀ تصور هن جي ذهن ۾ وڌيڪ چٽا ٿي بيٺا ۽ هن پاڻ کي انهن سان هزارين ڳنڍين سان ڳنڍيل محسوس ڪيو.

لوهي ٽوپلن کي ناريلن جي وڻن مان ٻاهر نڪرندو ڏسي. هن پنهنجي سگريٽ جو اڌڙ اڇلائي ڇڏيو، تماڪ جي ڳوٿري ورائي کيسي ۾ وڌي، ۽ جهڪي آواز ۾ چيو، ”اجهو، اچن پيا !“

هرهڪ چُريو پريو، سڌو ٿي بيٺا يا چپ ڀيڪوڙي ۽ هڪدم تيار ۽ خبردار ٿي ”سيفٽي مٿي ڪئي اٿئي؟ “ نگان، ڊئٽ کي چيو.

”هائو.“

”هڪ دفعو وري ورجايان ٿو: جڏهن هنن کي هٽائي بيٺاسين ته ٽوئي، ٽرانگ ۽ مان ٽپي پونداسين. توهان ۽ ٻين کي اسان پٺيان لڳڻو پوندو، بلڪل جلدي، سمجهيوَ؟“

ڳالهائيندڙ نگان وڌندڙ دشمن کي به تاڙي رهيو هو. هو ڌڙا ڌڙ گوليون هلائي رهيا هئا. اٽڪل ٻه پلٽڻيون هيون. اڳرائي ڪندڙ نگاهجندڙ رينجر سندن اڳيان هئا. هو هاڻي چاري تي اچي پهتا هئا. نگان انهن مان هڪ کي چٽو ڏٺو، چيلهه ۾ پٽو هيس، ۽ ڪنڌ ۾ تعويز ۽ ڪا چمڪندڙ شيءَ لٽڪي رهي هيس.

”زام !“ بارين ڦاٽ کاڌو.

”اڇا ته اهو آ.“ نگان پاڻ کي چيو، ۽ مٿس گولي هلائي. زام سڄو ڪلهو لوڏيندو، غار کان ڪو ويهارو فوٽ پري رستي تي رڪجي بيهي رهيو. سندس ٻه ماڻهو اڳتي وڌي کيس ٻانهن کان گهلي پوئنا وٺي ويا. ٽوئي، ٽرانگ ۽ ڊئٽ گولي وسائيندا رهيا. گوريلن جي گولين کان گهائجي دشمن سپاهه رڙيون ڪندو ڪرندو رهيو. نگان ٻيو وسڪارو ڪيو. ڪي غار جي لنگهه وٽ ڪريا، ته ٻيا اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ٽوئي هڪ وڏي ايم. ڪي_3 هٿ بم جي سئي ڪڍي، ٽن تائين ڳڻيو، ۽ انهن جي جٿي تي اڇلايو. ڌماڪي لنگهه کي گهاٽي دونهين ۾ ڀري ڇڏيو.

”ٻيو به“. نگان رڙ ڪئي.

ٽرانگ جو ٻيو ڦٽو ڪيل هٿ بم، بلڪل هنن جي ٽولي جي وچ ۾ ڪريو. ان مهل هو اڃا اٿڻ جي ڪري رهيا هئا. ان حملي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو، هو واپس ٿي رهيا هئا. نگان ٻن سپاهين کي هيٺ ڀرو، رستي تان کنيو، ويندو ڏٺو. هنن پويان گوليون هلايون، هو ڊڪندا رهيا . سندن پويان تڪڙي وک وجهندي نگان وري گوليون هلايون ۽ رڙ ڪئي .حملو !“

هو غار مان ٻاهر ٽپي پيو. سندس ڪڍ ئي ٽوئي، ٽرانگ، ڊئٽ، هائي ٿيپ لڳي پيا،ٻين گوريلن به کُڙي تي زور ڏنو ۽ دشمن جون بندوقون ۽ بارود کڻڻ لڳا. ٽونگيپ ۽ ڊئٽ جهٽ ترسي پيا ۽ مئلن تان گولين جا پٽا لاهڻ ۽ سندن ٿامپسن جون ڪليپون کڻڻ لڳا. هنن اڃا ٻه ڪلپون ۽ ٻه پٽائي مس کنيا جو دشمن وري ڪاهي آيو. گولين جي منهن ۾ هنن پٺيان رڙهڻ شروع ڪيو. ۽ سندن ساٿي هنن کي بچاءُ جي ڍڪ ڏيڻ لاءِ گوليون هلائيندا رهيا، ڊئٽ به پٽا گهليندو ڏيڏر جيان رڙهي رهيو هو. ٽونگيپ ان کان ڍرو رڙهي رهيو هو، پر ڪنهن طريقي سان. نگان گوليون هلائيندي. هنن تان اکيون نه هٽايون.

”جلدي، يار !“ هو اڃا غار کان چند قدم پري هئا ته هائي ٿيپ رڙ ڪئي.

آخر هو چڙهي آيا ۽ غار ۾ ٽپي پيا، سندن جسم ۽ گوڏا رهڙجي پيا هئا. ڊئٽ گولين جا پٽا پَٽَ تي اڇلائي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو ته سندس اکيون چمڪي پيون. اُڀ ساهيءَ ڪري سندس منهن تي موڪري مُرڪ اچي وئي هئي. ٽونگيپ ويٺي گوڏن کي ٺپڪيون هنيون ۽ چيو ” يارو ، ڏاڍو ڏکيو ويلو هو !“ هن ٿامپسن ڪلپ کنئي ۽ گولي ڪڍي اها جاچي. بلڪل نئين هئي چمڪندڙ پتل جي گوليءَ جي پٺيان ٺهڪڻ واري جاءِ تي واڱڻائي وارنش لڳل هوس. هن اها نڪ آڏو آڻي سنگهي ۽ ڦيرائي ڏيکاري ”آها ! سندن کوکن مان نڪتل ڪارتوس جي بوءِ ڪيڏي نه سٺي آهي.“ هن ڪلپ هڪ ساٿي ڏانهن وڌائي جنهن جي هٿ ۾ ٿامپسن هئي. ”گهڻيون بندوقون هٿ آيون؟“ هن پڇيو.

”ڇهه_پنج گارانڊ ۽ هڪ ٿامپسن،“ بارين، کيس گارانڊ ۽ ان جون چمڪندڙ گوليون ڏيندي، چيو. ”هان، هيءَ تولاءِ آ.“ جذبات سان ڀرجي هن بندوق ورتي. ڄڻ خواب ڏسي رهيو هو. هن بندوق سيني سان لاتي، ۽ پيار مان ان تي ناليءَ کان ڪنداڪ تائين هٿڙو گهمائڻ لڳو.

”آيو نه مزو؟“ بارين چيو، ”اها بندوق توکي پنهنجي شڪاري توب تي ڪيل محنت لاءَ آٿت ڏيندي نه ؟”

”ڄڻ وري زندگيءَ سان همڪنار ڪري ڇڏيو اٿائين. جئين چوندا آهن ته ” جاکوڙ کان سواءِ نفعو ڪونهي.“ سو... اها به ڪنهن چڱائيءَ لاءِ ئي هوندي !“

”بلڪل ! ڳڻتي نه ڪر، اڃا ٻيون به هٿ ڪبيون.“

”هن گارانڊ سان گڏ مون کي هر اها شيءَ ملي وئي آهي جا مون گهري پئي. هاڻي جي مئس ته به ڪا حسرت يا ارمان نه رهندو.“ نگان سرهائيءَ مان مرڪيو ۽ پنهنجو چانورن جو ڀورينڊو ڪڍيو. سج چوٽ تي چڙهي چڪو هو. ۽ هرڪو بک محسوس ڪري رهيو هو. دشمن تي ڪرڙي نظر رکندي هو ڪالهوڪا بچيل چانور کائڻ لڳا، کين ڇتي بک هئي. ان مهل ڪوين ڏانهن وڌي آئي سندس هٿ ۾ سڪل جهينگا هئا، جي هنن انهن ۾ ورهايا. اها ورڇ پوري ڪري هوءَ مال غنيمت وٽ آئي ۽ انهن هٿيارن کي ڇهي ڏٺو، پوءِ هوءَ پنهنجي مڱيندي ڏانهن آئي، ۽ ٻئي هٿ پنهنجي ڇاتي تي رکي اهو جذبو ۽ هيجان ڍرو ڪرڻ لڳي جو ڪجهه وقت اڳ منجهس پيدا ٿيو هو. ”مان توکي ٻاهر ٽپندو ڏٺو هو، خبر ٿي ؟“ هن کيس چيو.

”ٽڪر جي پويان بيٺي هئينءَ ڇا ؟“

ڪوين ڪنڌ لوڏيو ۽ هن کي چانور کائيندو ڏسڻ لڳي. ڄڻ ڪجهه ڪونه ٿيوهو. ٿوريءَ خاموشيءَ کان پوءِ هن وري ڳالهايو. سندس آواز ۾ نراسائي ۽ ڳرائي هئي. ”هت ڪنهن کي به مون ۾ ويساهه ڪونهي. هومون کي وڙهڻ جي لائق نٿا سمجهن.“

”ڏس ! هي ويساهه ٻيساهه جو سوال نه آهي. ڳالهه اها آهي ته في الحال اسان کي توهان جي وڙهڻ جي لوڙ نه آهي. جڏهن به ضرورت ٿي ته توهان کي پٺتي نه رهڻ ڏنو ويندو. ڌيرج ڌر، پياري !“

(3)

زام هوريان هوريان اکيون پٽيون. سندس سڄو ڪلهو پٽي هيٺان ڏُکي رهيو هو. ٿامپسن جون ٻه گوليون اندر هيس .هو مئونه هو، هو پنهنجي تنبوءَ ۾ هوريان هوريان سامت ۾ آيو هو ۽ جو ڪجهه ٿيو هو، تنهن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

جنهن ويٽ ڪانگ کيس ڦٽيو هو _ان جو چهرو هن کي سڃاتل پئي لڳو، جيتوڻيڪ کيس کن پل لاءِ جبل تي بيٺل ڏٺو هو، هو پڪ سان چئي نه پئي سگهيو ته هن کي ڪٿي ڏٺو هئائين. ڀلا هو اهڙن سوين ماڻهن جا چهرا ڪيئن پئي ياد رکي سگهيو، جن کي هن ماريو هو يا جي مارجڻ کان بچي ويا هئا؟ ان جي باوجود هن کي اهو تاثر هو ته هو انهن مان هڪ هو جي وٽانئس جان بچائي ڀڄي ويا هئا. بهرحال اهو پهريون دفعو هو جو هن کي بيڪار بڻايو ويو هو. هن پاڻ کي چيو، ”هن جي گولي هلائڻ کان اڳ ۾ توکي هلائڻ گهربي هئي.“

مک مرد نرس، ڪوتاه نظر عينڪ پاتل آفيسر، هن جي مٿان جهڪيو، ”زخم ڪي ڀاري نه آهن، ليفٽينيٽ.“ هن چيو.

”سچي پچ؟“

”بلڪل معمولي، پر ڀرجڻ ۽ مڙڻ ۾ ڪجهه وقت وٺندا.“

زام ان تي ڌيان نه ڏيو. هن گنجيءَ ۾ پيل مورتيءَ کي پيار سان هٿ گهمايو۽ جان بچاءَ لاءِ ان جو ٿورو مڃيو. جي اهو نه هجيس ها ته ڪير ڄاڻي ڇا حشر ٿيئس ها؟ گهڻي وقت کان پوءِ هو پهريون ڀيرو هان ڊئٽ آيو هو، ۽ کيس ڪيڏو نه وڏو ڌڪ رسيو هو ! هن کي اها توقع ڪانه هئي. صبح جو کڏڙن وارن ڪوڙڪن جي زمين ۽ هاڻي وري ٻن حملن جي پسپائي. بيشڪ اڄ جو هان ڊئٽ اهو ساڳيو هان ڊئٽ نه هو، جنهن ۾ اڳ هو چوڪي ڪمانڊر ٿي آيو هو. اها اڻ وڻندڙ حيرت کيس ڪاوڙ ۾ ڇتو ڪري رهي هئي. ”ڪاحد ٿيندي آ ! مان سندن مٿا ڀڃي ڇڏيندس، هڪ هڪ جو !“

هن سوچيو. پنهنجي پٽيءَ تي ٻڌل ڦٽ ڏانهن نهاريندي هن مک نرس کي چيو، ”غار تي ٻيو حملو شروع ڪيو اٿائون؟“

”نه، اڃا، ادا وڏا.“

”ڇو نه ؟“

”اسان ڪمانڊر جي حڪم جو انتظار پيا ڪريون.“

”چي !“ زام رڙ ڪري اُٿي ويٺو ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳو.

”پاڻ هزار ڄڻا آهيون ۽ اندر غار ۾ نٿا وڃي سگهون ! ائين ڪتن ٻلن جيان پيا مرون ! ان تي به ماڻهو ڇتو نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟“

”پر. ادا وڏا، هنن کي ڏاڍي سٺي بچاءَ واري پوزيشن آهي. “

زام زبان بند ڪئي. مک نرس سچ چئي رهيو هو. غار تي قبضو ڪرڻ سولو نه هو، ۽ ان جو ثبوت_ هو پاڻ بستري داخل هو.

”اڳهون“ نرس ڳالهه جاري رکي . ”ڪيترن ئي آمريڪي صلاحڪارن کي کڻي هيليڪاپٽر آيو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هنن غار جي ناڪي بندي لاءِ حڪم ڏنو ته جيئن اُڃ ۽ بک کان تنگ ٿي ٻاهر نڪرن. مون کي هينئر هينئر سندن حڪم مليو آهي ته پاڻيءَ واري ڪسيءَ کي زهريلو ڪري ڇڏيان.

زام وائڙو ٿي اهلي پيو، ”سو هينئر زهر تي اچي پڳاسين ؟“

جڏهن نرس ڪنڌ ڌوڻ ڪئي، ته زام هورا کورا وچان چيو، ”۽ اسان ڇا پيئنداسين ؟ ۽ ماڻهو ؟ جي کين ٻڌايو نه ويو ته اهي مري ويندا“

”بلڪل نه. اسان تلاءُ ٺاهينداسين ۽ ڪسيءَ جو رڳو اهو ڀاڱو زهريلو ڪنداسين جو غار جي ڀرسان آهي. “ زام پنهنجو ڪنڌ وهاڻي تي اڇلايو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو خيال آيو. اڄ صبح جڏهن هو وٽن ويو هو ته ماڻس تڙين بجاءِ ڌيرج سان ڳالهايو هوس. ان ورتاءُ کيس خوش ڪيوهو. او چتو هن کي خيال آيو ته هت تنبوءَ ۾ سڙڻ پچڻ کان هو پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ وڌيڪ چاڪائي ۽ آسائش ماڻي سگهندو،“

”مان پنهنجي ماءُ جي گهر رهڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو.

”ائين نه ٿي سگهندو. ادا وڏا. تنهنجي حالت سخت نگهبانيءَ ۽ تيمار داري جي لوڙائو آهي. جڏهن ڦٽ مڙي وڃن ته پوءِ وڃڻ ۾ ڪو ڀوُ ڀولو نه آهي.“

”ٿورن ڏينهن ۾ ؟“

”ٿورن ڏينهن ۾ سچ پچ ٺيڪ ٿي ويندؤ.“

زام وڌيڪ نه ڳالهايو ۽ ماٺ ڪري چپ پيو رهيو. هن جي چوگرد گوڙ جاري رهيو. فوجي کاڌو کائي رهيا هئا. غار جي چوڌاري به گهيرا وڌا ويا هئا، منهن وٽ اڌ گول، ۽ ٻيو وڏو گهيرو ڳوٺ ويجهو وڌو ويو. ڳوٺ ۾ آيل ماڻهو هر جاءِ ٽڙي پکڙي ويا. ڪجهه شهري محافظ مادام بااُو جي دڪان تي ويٺا وڏي واڪ ڳالهائي رهيا هئا، مالڪڻ پنهنجي شراب وڪڻڻ ۾ رڌل هئي. ۽ پاڻ کي فوجين جو مربي ظاهر ڪرڻ لاءِ، ساڻن عزت، کل ۽ فراخدليءَ سان ڳالهائي ٻولهائي رهي هئي.

”پيارا سائين ! توهان کي ڪيترا پيا سٽر پگهار ملندي آهي ؟“

”هزار ! اسان کي ته رڳو هڪ هزار اٺ سو ملندا آهن.

ڏس نه، اهي ته سٺي کاڌي لاءِ به ڪافي نه آهي.“

عجب جو اظهار ڪندي مادام بااُو جون اکيون ڦاٽي ويون ”هڪ هزار اٺ سوُ ! پر توهان مسخري ٿا ڪريو ! ايتري ۾ توهان جو گذارو ٿي ئي نٿو سگهي ! آها ! هاڻي سمجهيم_توهان کي ان سان گڏوگڏ ڪٽمبي ڀَتو به ملندو هوندو.“

”مادام ! تون ته اسان جو وات پاڻي پاڻي پئي ڪرين. رڳو ۽ رڳو هڪ هزار اٺ سوُ.“

متاري عورت پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي هنيا ۽ زبان هلائي.

”مان سمجهيو پئي ته هو توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار ادا ڪندا هوندا.“

ويٺل همراهه کليا. هڪ ڪارپول جنهن جي عمر پنجٽيهه سال پئي لڳي، پنهنجو گلاس خالي ڪري چپ چٽيا. ”مادام“ هن چيو، ”ڳالهه ته ائين ٿي ڪرين ڄڻ يانڪين کي پئسا واڌارا آهن.“

”پر هرڪو چوندو آهي ته هو ڏاڍا امير آهن.“

”اهو ته آهي، جي نه هجن ها ته اسان کي ڀرتي نه ڪري سگهن ها.پر معاف ڪجو، هو اهڙا بيوقوف نه آهن جو اسان کي سٺي قيمت ادا ڪن. اهي بيوقوف اسان آهيون.“ همراهه ترسيو، ٽوڪ ڀري ۽ ڀرم ڀڳل انداز سان هٿ جون آڱريون پنهنجن گهاٽن وارن ۾ گهمايائين.

”معاف ڪجو سائين، توهان ڪهڙي علائقي مان پيا اچو ؟“

”مان مئڪ ڪئن ڊنگ جو آهيان.“

بااُو حيرت کي خوشي ۾ بدلائي رڙ ڪئي .“ڇا ! توهان مئڪ ڪئن ڊنگ جا آهيون _ يعني بنهه هُوا؟“

”هائو! تون اُتي رهي آهين ڇا؟“

”بلڪل ! جنگ کان اڳ مان باقاعد گيءَ سان اوڏانهن ويندي هيس.“هوءَ وڌيڪ اتساهه ۾ اچي وئي. ”ڏاڍي عجيب وغريب جڳهه آهي. ندين ۾ ترانگهڙي پاڻيءَ ۾ ئي ججهيون مڇيون ٿين. هر قسم جون. هرڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ جيتريون ڦاسائي ٿو سگهي. ۽ ترندڙ چانور _ سدائين پڪو ۽ يقيني فصل.“

ڪارپول اڳنا جهڪي آيو ۽ پنهنجون موڪريون اکيون با اُو ۾ کپايائين. ”تعجب آ ! تون ته چڱي طرح واقف آهين.“

”بلڪل مان ڄاڻان ٿي. ان کان سواءِ، هتان ڪو پري به ته نه آهي.“

ٻين سپاهين مئڪ ڪئن ڊنگ جي کمير نالي واري ڳوٺڙي بابت ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو. سندن شراب ختم ٿيو، پنهنجي واريءَ جا پئسا ڏنائون، ۽ ٿيڙ کائيندا پنهنجي ڪئمپ طرف هليا ويا. رڳواهو ڪارپول ئي وڃي بچيو. سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. دڪان جي وچ ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي پاڻ ڪيرائيندي هن ٿڪل مرڪ مرڪي، ۽ پنهنجي کهري ڏاڙهيءَ تان شراب جا ڦڙا اگهيا جي موتين جيان لڳي رهيا هئا،

”ٻيو گلاس اچي، سائين؟“

هن ٻن هٿن سان گلاس کڻي عورت ڏانهن وڌايو. ”هائو مهربان !“

عورت گلاس ڀريو، ”ڳوٺ ۾ ڇاڪندا هيوُ؟“ عورت پڇيس. ”ساريون ڪندو هوس. آبڪلاڻيءَ ۾ مڇي پڻ ماريندو هوس.“

”فوج ۾ گهڻو وقت ٿيو اٿو.؟“

”ٻه سال.“

مالڪڻ اتاڇري نموني ڪارپول جي ٻانهن کي ڇهيو.”جهٽ ترسو. پيئڻ سان کائڻ لاءِ ڪجهه تري ڏيانو.“ هن جي جواب لاءِ ترسڻ کان سواءِ هن سامهون لٽڪيل سڪل مڇيءَ مان هڪ ڇني ورتي ۽ تڪڙو تڪڙو رڌڻي ڏانهن هلي ويئي. ماڻهو ڏاڍو متاثر ٿيو. هن گلاس ميز تي رکيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. جيئن ئي بوءِ هن جي نڪ تي لڳي ته هن جون ناسون ڦٽڻ لڳيون.

”بوءِ ته واهه جي اٿس.“

مادام بااُو موٽي ته سندس هٿ ۾ تشت هو جنهن تي تريل مڇيءَ سان گڏ هڪ پيالو به هو. ” سرڪو ۽ ڳاڙها مرچ.“ هن پيالي ڏي اشارو ڪندي چيو، ”منهن ڏيس، سائين !“

”مهرباني!.....“

ڪارپول مڇيءَ جو ٽڪر کنيو، ڇلڙ لاٿائين، ۽ پيالي مان ٻوڙي هوريان هوريان وات ۾ وڌائين. مالڪياڻي ٻانهون گوڏن کي وڪوڙي صندل جي ڪنڊ تي ويهي هن کي کائيندو پيئندو ڏسڻ لڳي. جهٽ کان پوءِ چيائين.”ڳوٺ ۾ رهي آبادي ڇو نه ٿا ڪريو؟ اها زندگي فوجي زندگيءَ جهڙي سخت ته نه آهي.“

ڪارپول گلاس رکيو ۽ مٿو کنهڻ لڳو. ”مان بيوقوف آهيان،“ هن جي چپن تان لفظ ترڪي آيا. ” پوري طرح ڇسو. پر رڳو مان هڪ ته نه آهيان !“

”توهان جي ڳوٺ جا ٻيا به ڪي آهن ڇا ؟“

”چار پنج. سڀ مئڪ ڪئن ڊنگ جا نه آهن. ويجهڙائيءَ جا، _ ونهه هانهه، نانگ گو....“

”معاف ڪجو مسٽر ....، مون کان توهان جو نالو پڇڻ وسري ويو، ۽ اهو پڻ ته پنهنجي ڪٽنب ۾ توهان جو ڪهڙو مرتبو آهي.“

”منهنجو نالو ڪوُ آهي، ۽ گهر ۾ نائين نمبر تي آهيان.“

مادام بااُو ڪنڌ ڌوڻيو. پوءِ خوفزده آواز ۾ چيائين ”اُف !اڄ صبح ڪهڙي نه ڀيانڪ ويڙهه ٿي هئي، غار وٽ. ايڏي گوليبازي ۽ گوڙ !“

”هائون، رينجرس حملو ڪري رهيا آهن، پر سندن حملو پسپا ڪيو ويو آهي. اتي ڪي ڏاڍا گهڻا ماڻهو آهن جي اهڙو مقابلو ڪري رهيا آهن. اسان جا لڳ ڀڳ ويهه همراهه هن مهل تائين مري چڪا آهن.“

”ڳوٺ مان سڀ ڪائيون هٿ ڪري ويا آهن.“

”زخمين کي کڻڻ لاءِ.“

مرد پنهنجي گلاس سان اڳنا نويو ۽ پنهنجو آواز جهڪو ڪيو، ”ٻڌاءِ ته، مادام، توکي خبر آ ته اتي گهڻا همراهه آهن؟“

”مان ڪيئن ٿي معلوم ڪري سگهان، سائين؟“

ڪارپول گلاس صندل تي رکيو ۽ خاموش ٿي چيو، ”جي تون به نٿي ڄاڻين ته ٻيو ڪير ڄاڻيندو هوندو؟“ جيڪڏهن ٻڌائيندينءَ ته مان ڪي احتياطي قدم کڻي سگهندس ! هينئر اسان جو وارو ايندو، پڪ ئي پڪ ! اهو اجايو آهي. اهي غار وارا همراهه بيڪار پيا ڪوشش ڪن.“

بااُو گوڏي تي آهستي ٺپڪي هنئين. ”ٻيو ڀلاٿي به ڇاٿو سگهي؟ سمجهه ته ڪو ماڻهو تنهنجي نڙيءَ تي چاقو ٿو رکي. جيڪڏهن تون مرڻ نٿو چاهين ته پوءِ ڇاڪندين؟ يقيناً يا ته تون هن کان چاقو کسي وٺندين يا سندس ڪنڌ مروڙي ڇڏيندين. ڇو جو جي تون چپ ڪري بيهندين ۽ ڪجهه نه ڪندين ته اهو تنهنجو انت ٿيندو، ائين آهي نه ؟ سو انهن غار وارن سان به اها ڪار آهي.“

”برابر......مٽي جي ڪيڙي تي پير رکبو ته اهو به موٽ ۾ ائين ئي ڪندو.“ ماٺ، پوءِ هن چيو، ” توسان رک رکاءُ ڪونهي، حقيقت ته اها آهي ته منهنجي دل ساڻن ٽڪر کائڻ نٿي چاهي. منهنجي دل ته گهري ٿي ته ڳوٺ وڃان ۽ اتي ساريون راهيان ۽ مڇي ماريان. هوئي ڊائنگ واهه ڏٺو اٿئي نه؟ منهنجي زال اتي آهي ۽ ڳوٿريون اُڻي ٻارن جو گذر پئي ڪري، ويچاري.“

”ها تون سچ ٿو چئين !“ مادام با اُو رڙ ڪئي. ”سَهڻو سڀ کان وڌيڪ عورت کي ئي ٿو پوي. گهرٻار کي ڇڏڻ جي دل توهان ڪٿان آندي آهي. اهڙي پٿر جي دل؟“

”بس! بس، وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ. توکي خبر آ ته مان ڪيئي موت مري چڪو آهيان.“ هن پنهنجي گڊيءَ جو ڪالر ڇڪيندي رڙيون ڪيون.

ڪارپول اُٿيو ۽ ڳرن قدمن سان ٻاهر ويو. ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي هن ميڪانگ نديءَ ڏانهن گهوريو. اُفق تائين هن جي اڳيان سارين جو سنهري فصل پکڙيل هو. پويان باٿي جبل جي اوچي چوٽي بيٺي هئي ۽ ان ڏيک هن کي گهاڻي وڌو. هو ڪا مهل اتي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ هوريان هوريان وري اندر آيو. هن پنهنجي ماس رائفل ڪلهي ۾ لڙڪائي ۽ کيسي ۾ پيل ڪجهه پياسٽر ڪڍيائين. ”گهڻا پئسا ٿيا، مادام ؟“

بااُو پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”ڪجهه به نه. ايتري ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه آهي.“

ماڻهو هٻڪندي چيو، ”نه، نه، مان اهو پسند نه ڪندس.“

”ٻڌو، منهنجا پيارا سائين،“ هن کيس وچ ۾ ڪٽيندي چيو،”توهان ته آهيو منهنجا ڳوٺائي، سو....“

”ٺيڪ آ تنهنجي مهرباني، محترمه. پوءِ....چڱو، شب خير!“ پنهنجي ڪئمپ ڏانهن ويندي ڪارپول ان وڏيءَ متاري عورت لاءِ سوچيندي هڪ قسم جي خوشي محسوس ڪري رهيو هو. جنهن کي سون ورني دل هئي، جا سندس اباڻي ڳوٺ کان واقف هئي. خدا جي ڪا مار پويس، ڇالاءِ هن کي مڇيءَ مارڻ ۽ پڪل سارين جي ياد ڏياريائين؟ هن جو من اڃا ويڳائو ۽ وائڙو هو. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن لاباري کان پوءِ اَن آڻڻ لاءِ مينهن گاڏيون ڀاڙي ڪندو هو. ٻنين ۾ هتي هُتي هاري رات جي ماني لاءِ باهڙيون مچائيندا هئا. سارين جي سڳنڌ ۽ ان سان گڏيل مڇيءَ جي بوءِ. ننڍڙا ننڍڙا ٻار جي سنگ سوئيندا هئا، يا مڇي ڦاسائيندا هئا، يا سندس گاڏيءَ جي ڪڍ لڳي، پال پنندا هئا. ڪهڙي نه سهڻي ۽ دلڪش تصوير هئي. هن کي ڪيڏو نه ارمان هو، سنجها جي وقت ڪم ڪرڻ جو. ماني کائي هو جانڀن جي باهه ٻاريندا هئا ۽ سارين جي ول گول دائري ۾ ٺاهي رکندا هئا. ٻيانيءَ سان هو ول اُٿلائيندو ويندو هو ۽ مينهن جو ڪاهيل رول انهن کي ڳاهي ساريون جدا ڪندو هو. عورتن ۽ ڇوڪرين جا ٽولن جا ٽولا هڪ پاسي بيٺا وائر ڪندا هئا ۽ رکي رکي ٽهڪن ۾ اچي پوندا هئا. پوءِ چنڊ چڙهي ايندو هو. هو ڇوڪرين سان ڳالهائيندي بنا ساهي پٽڻ جي ڪم ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ساڻن شرارت به ڪري وٺندو هو. تڏهن هو سهڻو ۽ سڊول جوان هو. سٺو ڪم ڪندو هو ۽ سٺو هلندو هو. ديرا کڄندا هئا ته هو اڇا اُجرا ڪپڙا پائي، هار سينگار ڪري ، ڪمند جي ڇڙي هٿ ۾ کڻي پل جي ڀرسان تفريح ڪندو هو.

هن جي زندگي سکي ستابي هئي نه ڪي سخت ۽ سورن واري . پهرين بغاوت ڀيري هن گوريلن ۾ شامل ٿي فرانسين خلاف جنگ جوٽي هئي. امن ٿيو ته هن شادي ڪئي. پوءِ جوا جي پٽ هن کي کيتي واڙيءَ کان پري ڌڪي وٺي وئي. سندس ان حالت جو انت اهو اچي ٿيو جوهن گهر ٻار، ڪنڍي ڄار ۽ هر ڏاٽو ڇڏي ڇاڙتي فوج ۾ شراڪت ڪئي. هن کي ان لاءِ رڳو وک وجهي شهري محافظن ۾ شامل ٿيڻو هو. شروع ۾ هن کي سندس صوبي، لانگ زوئن ۾ رکيو ويو پوءِ کيس راچ گيا آندو ويو. پنهنجي عمر ۽ بت جي باوجود هو اڃا ڪارپول هو ڇو جو ، هو ٻين ڪيترن جيان، ماڻهن مارڻ جي همت نه ساريندو هو. خوش نصيبيءَ سان سندس هاري پس منظر کيس ائين ٿيڻ کان بچايو پئي آيو. ڌوڪي اچڻ ۽ اندر ڪاهي پوڻ وقت بنا سوچ ويچار جي ٻيجن ۽ سلن کي لتاڙيندا ويندا هئا، پر هو ان کان پاسو ڪندو هو. سدائين ٻنن تان هلڻ کي ترجيح ڏيندو هو، ڇو جو هن پاڻ ٻيجو راهيو ۽ رونبو ڪيوهو. ۽ هن ڪڏهن به مينهن کي نشانو ڪري نه ماريو هو. هو به انهن مان هڪ هو جو هان ڊئٽ جي چڙهائيءَ ۾ وڙهڻ بلڪل نه پئي چاهيو. اوڏانهن اچڻ لاءِ نڪرڻ وقت هن کي رڳو هڪ ئي خيال هو . جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد موٽجي. جڏهن هن ڏٺو ته هڪ صبح جي جنگ ۾ ئي ڦٽلين ۽ مئلن جو تعداد ٽيهن کان وڌي ويو هو، ته سندس دل لڙهي پئي. هن گوريلن کي ڄاتو پئي. هن ڄاتو پئي ته هو پنهنجي زمين جي بچاءُ لاءِ به ائين ئي ڪري ها جيئن گوريلا ڪري رهيا هئا. دشمن هن تي گوريلن سان وڙهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو. پر ڪارپول ڪوُ ۽ انهن جي وچ ۾ جن کي دشمن ويٽ ڪانگ سڏي رهيو هو، سَنڌو يا فرق ايڏو نه هو جيڏو تصور ڪيو پئي ويو. ان ڪري هو. پاڻ کي انهن تي گولي هلائڻ لاءِ آماده نه ڪري سگهيو هو. گهوڙي تي اچي سدائين سندس آڱر هٻڪي بيهي رهندي هئي. هن ڏٺو ته گوريلا هوبهو هن جهڙا هئا، ان ڪري هو ڀُلي پوندو هو. ڇو جو انهن مان گهڻا هاري هئا ۽ هن جيان ڪڙمت ۽ مڇي ماري ڄاڻندڙ ۽ ڪندڙ هئا. جڏهن هن ڊگهي مهم بابت ٻڌو ته سندس ڳڻتي موتمار ٿي پئي، با اُو جي دڪان کان وٺي ڪئمپ تائين، سڄو وقت پنڌ هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ بابت ئي سوچيندو آيو. سندس اندر ۾ دڪاندارڻ جا اهي لفظ ورجائجي رهيا هئا،“ ”توهان جو ڳوٺ هتان ڪو گهڻو پري ته نه آهي،“ ۽ هوريان هوريان پڪي ۽ مضبوط ارادي ۾ خيال تبديل ٿي رهيا هئا.

(4)

شام ٿي وئي پر وري ڪو مقابلو نه ٿيو. نه ئي صبح جيان ڪا ڳري گوليبازي ٿي. رکي رکي ڪا هڪ ٻه گولي هلي پئي، جا فوجي ٻنين ۾ بيٺل مينهن کي ماري رهيا هئا. بيدرديءَ سان غريب جانورن کي ماري رهيا هئا ۽ انهن جي رنڀن سان هان ڊئٽ گونججي پئي اٿيو.

پنن تي سج جا ڪرڻا هلڪا ٿي چڪا هئا. سامونڊي هوا وڌي رهي هئي. ستن جبلن طرف، انهن جي ڪاري پس منظر تي ٻگهه پکين جا اڇا پر ظاهر ٿي رهيا هئا. هر شام جو ان وقت، سڄو ڏينهن کاڌي جي ڳولا کان پوءِ، اهي پکي هان ڊئٽ ڏانهن موٽي ايندا هئا. هر ڪنهن کي خبر هئي ته هو رات جو اتي انبن جي وڻن ۾ گهاريندا هئا جن ۾ هنن آکيرا ٺاهي ڇڏيا هئا. هر گهڙيءَ، جيئن جيئن هو ٿڪل ٽٽل اڳتي وڌي رهيا هئا، اهي وڌيڪ چٽا ٿيندا ويا ۽ سندن پر ”v“ جهڙي شڪل ٺاهي رهيا هئا. ۽ جڏهن سندن پٺيان وارا جبل لهندڙ سج جي روشنائيءَ ۾ واگڻائي ٿي پيا ته هنن کي ڳڻڻ به ممڪن ٿي پيو.

ان شام جو، انهن مان پهريان پهتل پکي اڃا وڻن تي لٿائي مس ته وري هل هنگامي سان اُٿي اُڏاميا، ڇو جو فوجي کين هيٺان چُٽي رهيا هئا. ڪي ڪري ٻيا. ٻيا ڪو وقت مٿان چڪر ڪاٽيندا رهيا ۽ ويڳاڻا ۽ وائڙا ٿي ، هان جي طرف اُڏري ويا. ماتا ساوُ پنهنجي ڏاگهري تي بيٺي، ٻگهن کي ائين پريشان جان بچائيندو ڏسندي رهي ۽ انهن لاءِ همدردي پيدا ٿيڻ لڳس. هوءَ هڪ ڏاڪي تي ويهي رهي، وڻن پٺيان لڪل غار طرف ڏسڻ لڳي. هورا کورا ۽ اُڻ تُڻ کيس ٿڪائي ڇڏيوهو. صبح کان وٺي هن جي ڪم سان دل نه پئي لڳي، ۽ هوءَ گهر جي چوگرد ڦرندي رهي. سندس ڌيئن سئو ۽ ڪوين جو وڃڻ ته عام رواجي ڳالهه هئي، پر ويچاري ننڍڙي ٿَئي؟

زام هان ڊئٽ ۾ اچڻ سان ئي هن کان اچي پڇيو هو،

”تنهنجون ٻئي ڌيئون ڪٿي آهن؟“

”ڊڄي ڀڄي ويون آهن. خبر نه آهي ته ڪاڏي ويون آهن.“

”اهي غار ڏي هليون ويون آهن، ڪراڙي ڪُتي. ٻڌي ڇڏ ته هيل اسان هر ڪنهن جو ڪنڌ ڪپينداسين ۽ اڳ جيان واپس وڃڻ بجاءِ هت چوڪي قائم ڪنداسين. غار ۾ لڪڻ اجايو آهي. اسان تنهنجي ان غار تي ڪاهينداسين ۽ هر ڪنهن جو پيٽ چيريندا ۽ ڦاڙيندا سين. ڏسجانءِ !“

انهن دڙڪن سان زام پنهنجن ماڻهن سميت موٽي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻيڙن تان وڏين توبن جي هان ڊئٽ جبل تي گوليبازي شروع ٿي، جنهن ڳوٺ جا گهرڙا ڌوڏي ڇڏيا. ماتا ساوُ هيٺ تهخاني ڏانهن ڀڄي وئي هئي. بمباريءَ کان پوءِ غار طرفان گوليبازي شروع ٿي.ماتا ساوُ ڏاڪڻ کان چڙهي ڇت کان ڏسڻ لڳي. گولن جي ٽُڪرن سان وڻن جون چوٽيون ڪري رهيون هيون. انب ۽ صوفن جي وڻن جا پن ڇڻي ڍير ٿي رهيا هئا. پوءِ هن غار مان بمن ۽ گولين جا آواز ٻڌا جي اُت پناهه وٺندڙن جا هئا.

ان گهڙيءَ بيگم هائي ٿيپ اُت پهتي . ”ماتا ساوُ . ماتا ساوُ، ڪٿي آهين؟“ هن سڏ ڪيا. عورت کي نه ڏسي هوءَ گهر ۾ وڏي واڪي رڙيون ڪرڻ لڳي.

”هيڏي آهيان،“ ماتا ساوُ ڏاڪڻ تان جواب ڏنو.

بيگم هائي ٿيپ اکيون مٿي کنيون. ”اڇا. اِتي آهين، ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو ؟“

”ڪجهه نه . ڀڳل ٽارين کان سواءِ ڪجهه به نه.“

ماتا ساوُ هيٺ لهي آئي. بيگم هائي ٿيپ جو هٿ ورتائين ۽ ڀڳل ٽٽل آواز ۾ چيائين، ”مٺڙي ! هُو غار تي حملو ڪري رهيا آهن. هائي الله ! هو ڇا ڪندا ؟ منهنجو ته ساهه ٿو نڪري. انهن وٽ بندوقون به گهڻيون ڪونه آهن.“

بيگم هائي ٿيپ پنهنجو ٻار صندل تي سمهاريو ۽ ماتا ساوُ جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. ” ٻڌين ٿي؟ اهي ڇاڙتا ڪتا ائين ڇو اونائي رهيا آهن؟“

پرماتا ساوُ ڪن چٻا ڪرڻ جي باوجود، فوجين جو اهو چچريل آواز نه ٻڌي سگهي.

”دل نه لاهه“ بيگم هائي ٿيپ ڳالهه جاري رکي، ”منهنجي خاوند چيو پئي ته هنن لاءِ غار ۾ گهڙڻ آسان نه آهي.“

”هڪدم ته برابر نه وڃي سگهندا. پر جي هنن جو گهڻو وقت گهيرو هليو ته کائيندا ڇا؟“

”ڳڻتي نه ڪر. انهن وٽ چانور آهن.“

ماتا ساوُ ماٺ رهي ۽ پان وات ۾ وڌائين. ”پر ٻڌاءِ ته.“ هن پان وات ۾ وجهندي چيو، ” چانورن پچائڻ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ ڪچا کائيندا ڇا؟“

بيگم هائي ٿيپ منهن ۾ گُهنڊ وڌو، ڇو جو هن کي پتو پئجي ويو هوته نديءَ جي حفاظت پئي ڪئي وئي. ”اسان جا ماڻهو ڦڙت ۽ چالاڪ آهن. کين گهٽ ۾ گهٽ اها خبر هوندي ته چانور ڀُڃي ڦُلا ڪيئن ٺاهبا آهن.“

بيگم هائي ٿيپ جي وڃڻ کان پوءِ، ماتا ساوُ صبح جو باقي عرصو پريشان ۽ اُداس رهي، جيتوڻيڪ ٽام چان ٻن راتين کان هائي ٿيپ وٽ لڪل هو. تڏهن به ڪنهن کي ان جي پروڙ ڪانه هئي، ماتا ساوُ کي به نه.

ٻڌڙيءَ مال کي چارو وڌو. هن کين پاڻ وٽ سڏي هٿ سان گاهه کارايو، ۽ پنهنجن ٻچڙن بابت سوچيندي رهي. جي ماڻهو کيس ڏاڍا پيارا هئا تن کي اوچتو وٽائنس کڻي غار ۾ رکيو ويو هو. هن جي جيئري رهڻ جو ڪارڻ رڳو سندس ڌيئر ۽ خاص ڪري ڏهٽي هئي. سندس ٿيڻ وارو ڄاٽو نگان ۽ ٻيا سندس ڪٽنب جي ڀاتين وانگر هئا. هينئر اهي سڀ خطري ۾ هئا، موت ۽ حياتي تارازيءَ ۾ تُري رهيا هئا، ۽ هوءَ انتظار ۽ اداسائيءَ سان ڏسي رهي هئي ته ڪهڙو پُڙ هيٺ ٿو ٿئي. ڏکن سورن سان پاند هوندي به، هوءَ ڪافي ڊنل ۽ آنڌ مانڌ ۾ هئي. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ کيس مسئلن ڪڏهن به ايترو ڳوڙهو ۽ اوچتو چوپاسو نه اچي ورايو هو.

رات اچي وئي. رستو ڳوليندي هن بتي ٻاري. روشني به سندس گهر جي اڪيلائي کي وڌيڪ اجاڳر ڪيو. هن کي هڪ هنڌ آرام نه پئي آيو. هوءَ اُٿي ۽ ٽي اگربتيون ٻاري مڙس جي تصويروٽ رکيائين ۽ پوءِ ان آڏو هٿ جوڙي دعا گهرڻ لڳي، ”اي منهنجي ڀتار جا روح، اسان جي ڌيئن ۽ ننڍڙي ٿَئي جي حفاظت ڪر، کين سڀني خطرن کان بچائج...“ هوءَ رسمن ۽ ريتن موجب جهڪي ٻاڏائڻ لڳي.

اوچتو هن ميگافون جو وڏو آواز ٻڌو. هوءَ ٽپو ڏئي در وٽ آئي. ”عام ماڻهن کي چتاءُ ٿو ڏجي !“ آواز گونجيو. ”ويٽ نام رعيتي راڄ جي فوج هن رستي هان ڊئٽ جي رهواسين کي اطلاع ٿي ڏئي ته ، ڪيترن ئي مقابلن دوران، هُن ڪيترائي ڪميونسٽ ڌاڙيل ماري وڌا آهن. جيڪي بچي ويا آهن تن غار ۾ پناهه ورتي آهي ۽ پيش پوڻ کان انڪار ڪيو آهي. فوج انهن کي نيست نابود ڪرڻ جو ڪم جاري رکندي. اسان عوام کي چتاءُ ٿا ڏيون ته سڀاڻي صبح جو نائين بجي کان وٺي ندي جي ويجهو وڃڻ تي بندش آهي.“

”نديءَ جي ڀرسان نه وڃو؟“ ماتا ساوُ سوچيو، ”سندن ڪهڙو منصوبو آهي؟ اسان جا ڪيترائي ماڻهو مئا آهن؟“ ڪوڙ ٿا ڳالهائين ! غار ۾ وڃڻ کان اڳ ته اسان رڳو ٻه زخمي ڏٺا هئا، ٽام ۽ ننڍو بي. ٻيا به هئا ڇا ؟“

ميگافون جو آواز گونجندو رهيو. آواز بند ٿيو ته ماتا ساوُ، ٻاهر گهٽيءَ ۾ جهڪو ڀونڪڻ جو آواز ٻڌو. ۽ بتي کڻي در وٽ آئي. هڪ ڪارو گلر، خوشيءَ وچان پُڇ لوڏيندو، ڏاڪڻ چڙهي رهيو هو. ان جي پويان هڪ پاڇو اچي رهيو هو. اُهو توراوُ جو ننڍڙو پٽ هو. ”تون آهين ڇا. اُوت؟“

”هائو ناني.“ ڇوڪري ڊگهين ٻانهن سان ڪاري گڊي پَهري هئي جا پتلون جي اندر پيل هئي. هو ٻه ٻه ڏاڪا ٽپڻ لڳو، ”بابا چيو ته تو وٽ رات رهان ڇو جو تون اڪيلي آهين.“

”چڱو ٿيو، ائين سهڪين ڇو ٿو؟ ڪناري کان هيسيتائين يڪ ساهي ڊڪندو آيو آهين ڇا؟“

”هائو.“

ان تيرهن سالي لاءِ اهو گهڻو ڪجهه هو. اُوت جو رنگ ٽامي جهڙو ناسي هو، ۽ مٿي جا وار نيرا هيس. هن جو کليل ۽ موڪرو نرڙ هن جي چهري کي چست ۽ چالاڪ بنائي رهيو هو. هُو هڪ منٽ به ماٺ نه پئي بيهي سگهيو. هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ پئي آيو ويو ۽ گُلر سان کيڏيو. ڪجهه وقت گلر سان کيڏڻ کان پوءِ، هو صندل تي اچي ليٽيو. پوءِ وري اُٿي ويٺو ۽ ماتا ساوُ کان پڇائين ته وٽس ديڳڙيءَ ۾ ڪجهه چانور بچيل آهن يا نه.“

”اڃا رات جي ماني نه کاڌي ٿي؟“

”نه، سانجهيءَ کان به گهڻو اڳ ۾ کاڌي هيم.“

”آ هلي آءُ.“ هن بتي کڻندي چيو.

ڇوڪرو اُٿي رڌڻي تائين سندس ڪڍ هليو. هن چانورن جو ۽ مڇيءَ جو ديڳڙو ٻاهر ڪڍيو. اُوت هڪ پيالي ۾ چانور ۽ مڇي وٺي چسڪن سان کائڻ لڳو.

”مان ڪجهه به نه کاڌو آهي.“ ماتا ساوُ چيو، ”تنهنجو پيءُ آيو هو . هو اهو ٻڌي ڳڻتي ۾ پئجي ويو هو ته هن جي وڏي پٽ کي زخم رسيا آهن، پر ٻڌايائين ڪجهه به نه. “

”چيائين پئي ته جنگ ۾ اها ڳالهه معمولي آهي.“

”۽ تون، توکي ته ڀوُ ڪونهي نه ؟“

”مون کي ! اصل نه ! مان هڪ هڪ کي بمن سان اڏائيندس.“

ماتا ساوُ کل روڪي نه سگهي. ”ڪوبه توکي بم نه ڏيندو.“

اُوت ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو، پر وري ماٺ رهڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ کائڻ لڳو. چانور کُٽس ته وري ديڳڙي ۾ پيالو وجهي ٻيا ڪڍيائين.

”اُوت، وڏا چمچا جو ان لاءِ پيا آهن !“

”هي طريقو تڪڙو آهي،“ اُوت کلندي وراڻيو. ”جيتري دير ۾ چمچو هٿ ڪيان اوتري دير ۾ هڪ پيالو کائي ويندس.“

”تون لاعلاج آهين.“ ماتا ساوُ هار قبولي، ”بلڪل پيءَ جيان زبان جو تيز آهين.“ هن ڪنڌ لوڏيندي چيو. ”کائڻ ۾ ڊان جيان ئي آهين.“

اُوت ڪجهه نه ڪڇيو. اٿڻ کان اڳ هن ٻيا ٽي پيالا به کپايا. هن مٽ مان گٽ گٽ ڪري پاڻي پتو ۽ پيٽ مهٽيندو ڪمري ۾ گهڙيو. صندل تي ويهي ڪجهه وقت هن ڄنگهون لوڏي پاڻ وندرايو. پوءِ پٺيءَ ڀر اهليندي چيائين.”ماتا ساوُ تون ٻئي ڪمري ۾ سمهه هي صندل مون بلي نه ڪنديئن؟

”جيئن وڻئي پٽ !“

هن ڪمبل کيس ڏنو، اُوت اهو کولي مٿان پاتو ۽ مٿي کان پيرن تائين اوڙهي ڇڏيائين. ماتا ساوُ جهٽ کن پان چٻاڙيندي رهي. ”حيرت اٿم.“ آخر هن چيو، ”ٿئي غار ۾ ڪيئن سمهندي هوندي؟ مون کي ته راتاهي جو به ڀوُ آهي.“

”رات ۾ ته حملو جو سوال ئي نٿو اٿي.“ ڪمبل اندران اُوت جو گهٽيل ۽ دٻيل آواز آيو.

”توکي ڪهڙي خبر؟ تون سمجهين ٿو ته توکي هر ڪا خبر آهي. ائين نه !“

”پر اهو سچ آهي. مان ته ٿئي جي جاءِ تي هجڻ ۾ خوش ٿيندس. غار ۾ مزو هوندو، رڳو....“

”رڳو، ڇا؟“

”رڳو، غار ۾ اسان جي انهن ماڻهن جا هڏڙا آهن جن کي دشمن ماريو آهي. مون کي رڳو ڀوتن جو ڀُو آهي.“

”بيوقوف نه ٿي.“ ماتا ساوُ سختيءَ سان چيو، ”تون ان تي ويساهه ڪيئن ٿو ڪري سگهين ته جن اسان لاءِ قربانيون ڪيون آهن سي توکي ڊيڄاريندا ؟ اڄ کان پوءِ وري اهڙيون ڳالهيون نه ڪج، سمجهيئي؟“

سندس تڙيءَ ٻار کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه وقت پان چٻاڙڻ کان پوءِ هوءَ در بندڻ وئي. پوءِ بتي وسائي هنڌ تي اهلي پئي. پر اُوت ڪمبل مان جهاتي پاتي. ”در کي هڙڪي ڏنئي؟“

”هائو.“

اوت وري ڪمبل تاڻي ڇڏيو. پر هو بي آراميءَ وچان پاسا بدلائيندو رهيو. ماتا ساوُ حيران هئي ته هو ماٺ ڪري سمهڻ جي بجاءِ لُڇي پُڇي ڇو رهيو هو؟ هن کي دروازي جي ڳڻتي ڇو هئي؟ عام رواجي حالت ۾ هو سمهڻ سان ئي کونگهرا هڻڻ شروع ڪندو هو. ٻڍڙيءَ دل ۾ سوچيو ته شايد گهڻو کائي بمجي پيو آهي. هن بابت سوچڻ ڇڏي ڏنائين. ڏينهن جا ڏاکڙا وري موٽي آيس. هن جو ذهن غار تان هٽي نه سگهيو. هن ان جي ضرورت محسوس ڪئي ته پنهنجن پيارن کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي ۽ اهو خدشو لاهي جو سندس دل ۽ دماغ کي ڏڪائي رهيو هو.

اُوت به جاڳيو رهيو. هن کي پنهنجا فڪر هئا. هن کي ياد آيو ته ايم . ڪي_3 جو نئون هٿ بم سندس هٿ ۾ ڪيئن لڳي رهيو هو. هٿ بم جوهينئر سندس هو. ڪجهه وقت اڳ هو پنهنجو راز کولڻ وارو هو پر بروقت پاڻ سنڀالي ورتائين. هو پنهنجو راز ڪنهن سان به سلي نه سگهيو. گهٽيءَ ۾ هر کڙڪو ۽ ڪتي جي هر ڀونڪ، هن کي ڇرڪائي رهي هئي. ٻئي پاسي سندس ڄنگهون بلڪل تيار هيون. گهٽيءَ مان وڏن بوٽن جي پهرين کڙڪي ٻڌڻ سان ئي، هو پوئين در کان نڪرندو. جاءِ جو فرش مٿڀرو هو پر ايڏو مٿي نه جو هو ٽپو نه ڏئي سگهي.

هو ڳڻتيءَ ۾ ڇو هو؟ ٿوري آواز تي ڀڄڻ جو ڇو پئي سوچيائين؟ اهو رڳو هن ئي پئي ڄاتو. شام جو هن سوير ئي ماني کاڌي هئي. پڻس کيس چيو هو، ”اڄ تون ماتا ساوُ جي گهر سمهندين. هوءِ اڪيلي آهي.“ هن قبول ڪيو ۽ گلر ساڻ ڪري ان مهل ئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اوڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي هو ڪناري وٽ ناريل جي وڻن وٽ پهتو ته فوجين جي هڪ ٽولي کيس ڏسي ورتو.

”او ڇورا، هيڏي اچ.“ هنن سڏيس.

”ڇا کپيو ؟“

”ناريل تي چڙهي سگهندين؟“

هن نه ۾ جواب ڏيڻ پئي چاهيو، جيتوڻيڪ اهو هن لاءِ آسان هو. پر پوءِ هن ان تڏي تي ڪارتوس، گوليون ۽ هٿ بم ڏٺا جن تي فوجي ويٺا هئا. هن پنهنجو خيال مٽايو ۽ هنن سان سٺي نموني هلڻ جو فيصلو ڪيو.

”ڇو نه،“ هن جواب ڏنو.”توهان کي ناريل کپن ڇا، سائين؟“

”هائو، مٿي چڙهه ته.“

”چڙهان ٿو.“

فوجي به چڙهيا پئي. اک ڇنڀ ۾ هو نوريئڙي جيان مٿي چڙهي ويو ۽ هڪ هڪ ناريل هيٺ ڦٽي ڪندو ويو. جڏهن هر هڪ فوجيءَ کي ناريل هٿ آيو ته هو هيٺ لهي آيو. هنن هڪ کيس آڇيو. ”مون لاءِ، مان ڪاڏي ڪندس. اسان ته روز پيا کائون.“

فوجين چاقن سان ناريل ڀڳا ۽ کوليا. اُوت کين ٻڌائيندو ويو ته ڪيئن ڀڃجي . هن کين مهارت سان هڪ ٻه ڪپي ڏيکاريا. ناريل جو پاڻي پي، فوجي آڦرجي ليٽي پيا ۽ پنهنجو پسنديده راڳ وانگ ڪو ڳائڻ لڳا.

”توهان ڳايوته مان به توهان سان جهونگارڻ ۾ شريڪ ٿيندس_ مان چڱيءَ ريت آواز جو نقل ڪري ويندس ٺيڪ آ نه سائين؟“

”ڪنهن سيکاريو اٿي؟“

”ڪنهن به نه پاڻ سکيو آهيان.“

”ٻٽاڪي ! ضرور ڪنهن جو نقل ڪيو هوندئي.“

”هائو ! ٻڍڙي ٽوڊان جو نقل ڪندو آهيان.“ هن ڪجهه سُر ڪڍيا.

”خراب ناهن. سٺو ٿو ڳائين.“

اُوت سندن ساراهه جو ڪوبه اثر نه قبوليو. فوجي هن کان وڌيڪ لطف اندوز ٿيڻ لڳا ۽ کيس پاڻ وٽ ترسايائون. ڪيتري وقت کان اُوت جي نظر تڏي تي پيل هٿ بم ۾ هئي. هن رات تائين ترسڻ جو ارادو ڪيو. هن فوجين کي سامونڊي اجگر جوڙي جي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. جو ڪڏهن ڪڏهن اتي ظاهر ٿيندو هو. فوجين کانئس پڇيو پئي ته آيا هن پنهنجن اکين سان اها ڏٺي هئي.

مان انهن مان رڳو هڪ ڏٺو آ. هاڻي بچيو به هڪ آهي. جڏهن به هوندا هئا ته ٻيڙيون ٻوڙي سوار کائي ويندا هئا. بابا چوندو آهي ته هڪ سخت جان ماڻهو هوندو هو جنهن جو نالو ٿاڦُوءَ آءُ هو، هڪ لڱا هو پنهنجي زال سان ٻيڙيءَ تي هان ٽري وڃي رهيو هو. جوڻس سکاءُ سنڀاليو ۽ هن ونجهه ۾ هٿ وڌا. جڏهن سامونڊي اجگر اُڀريا ته هوُ چريو پرُيو نه . هو تيستائين انتظار ڪندو رهيو جيستائين نر حملي لاءِ ڪنڌ نه مٿي ڪيو. پوءِ اهڙو ونجهه ٺڪاءَ ڪرايائينس جو پٺي ڀڄي پيس. ان ڪري هاڻي رڳو مادي وڃي بچي آهي. هوءَ هاڻي ٻيڙين تي حملي ڪرڻ جي همت نه ڪندي آهي.

اُوت به ڪهاڻي شروع ڪئي ته رات پوڻ به شروع ٿي. وڌيڪ وقت وڃائڻ واجب نه ڄاڻي هن سمنڊ طرف اشارو ڪيو، ”اها مادي، ڪڏهن ڪڏهن هتي نظر ايندي آهي،“ فوجين ڏسڻ لاءِ نظرون ڦيريون ته هن ڦڙتائيءَ ۽ صفائيءَ سان وڌي هٿ بم کڻي ورتو. اوچتو چستيءَ سان جو پوئين لفظن چوڻ مهل بم سندس کيسي ۾ پهچي چڪو هو. هو اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”چڱو ڀلا، مان هلان ٿو. الهه واهي، سائين،“

”وري اچجانءِ، اڙي.“ فوجين چيو.

”هتي گهڻو وقت رهندوءَ ڇا؟

”هائو.“ هنن کيس ٻڌايو ، ” جيستائين غار وارن ويٽ ڪانگن جو کنڌو نه کنيو آهي.“

اُوت هوريان هوريان اتان روانو ٿيو. اڳيان گلر هلي رهيو هوس. پر هنن جي اکين کان اوجهل ٿي اهڙي تڪڙي ڊُڪ ڀريائين جيتري ڄنگهن ڀرڻ ڏنس. جڏهن هو ماتا ساوُ جي گهر جي ويجهو آيو ته هو اڪ جي هڪ جهڳٽي ۾ گهڙي ويو، ننڍو کڏو کوٽيائين ۽ بم ات پوري ڇڏيائين. هن ان کي خبرداريءَ سان لڪايو. ڳجهي نشاني ڇڏي، ۽ پوءِ ماتا ساوُ جي گهر ڏانهن ڊوڙ يو.

(5)

هيڏانهن اُوت پنهنجي بم جي باري ۾ اُڻ تُڻ ۾ هو ته هوڏانهن وري ڀاڻس غار ۾ ڏکيو ويلو ٽاري رهيو هو. همت جي باجود، شام ڌاري، زخمي ڇوڪر ڪنجهڻ ۽ پاڻي پاڻي پڪارڻ شروع ڪيو هو، ڪوين، جنهن سندس ڀر ۾ نام نهو جي جاءِ والاري هئي، رڳو شوروي سان سندس چپ پُسائي پئي سگهي. ڇوڪري نهايت جهڪي آواز ۾ چيو، ”ادي ڪوين ! مون کي پاڻي ڇو نه ٿي پيئڻ ڏين. اُڃ ۾ ساهه پيو وڃيم.“

تازي ٻريل اڇي موم بتي کڻي ڇوڪريءَ هن جو منهن ڏٺو ۽ کيس آٿت ۽ دلجاءِ ڏيندي چيو، ”ننڍڙا، تون ڦٽيل آهين توکي پاڻي پيئڻ جي اجازت نه آهي، رڳو ٿورو شورو ئي پي سگهين ٿو. جيئن طبعيت ٺيڪ ٿئي، ته جيترو پاڻي پي سگهين ته اوترو پيئجان.“

”نه ! مان هاڻي پيئندس، رڳو هڪ ڍڪ.“

ڪوين ڪنڌ ڦيري پنهنجو چپ چَڪيو. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، سندس آواز ۾ التجا هئي، ” ايڏي ڪٺور ڇو ٿي آهين، ادي؟ مون سان دل نه ٿئي ڇا هاڻي ؟“

ڇوڪري ڳوڙها نه روڪي سگهي، هن ميڻ جا ٻه ٽي ڦڙا پٿر تي ڪيرائي موم بتي ان تي کڙي ڪئي ۽ ٿام ڏانهن وئي ۽ گهٽيل آواز ۾ چيائين، ”ٿام“ هن سڏڪو ڀري چيو ”بَي پاڻي ٿو گهري. هو زور ٿو ڀري، هاڻي اسان ڇا ڪريون؟“

”ممڪن ئي ناهي، توکي ته پاڻ خبر آ، توکي ڪنهن به ريت ائين نه ڪرڻ گهرجي.“

”مان ڪيئن به سمجهايانس ٿي ته هو چوي ٿو ته مان کيس نٿي چاهيان.“

ٿام ماٺ رهيو. ” منهنجي خيال ۾، “ آخر هن چيو، ” ته سندس ٻانهن ان حالت ۾ نه رهڻ گهرجي. مون اهڙا ڪيئي حادثا ڏٺا آهن. ائين معاملو ڏاڍو خطرناڪ ٿيندو. منهنجي خيال ۾ اسان کي اهو ماس ۽ هڏن جو لڙڪندڙ ٽڪرو ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.“

”هائي الله !“ ڪوين جي وات مان نڪري ويو.

فيصلو وٺڻ ضروري آهي. اهو ان جي ڀلائيءَ ۾ آهي. ٻڌ ۽ ٻين کي ٻڌاءِ. ته مان ڇاٿو سوچيان.“

”مون کي ڀوُ آ ته اهو سور سهي نه سگهندو.“

هنن بَي جو آواز ٻڌو. ”ٺيڪ آ ادي ! تون ڀلي ائين ڪر ! جي ائين ٿي سگهي ته ڀلي ڪٽي ڦٽي ڪن. مون کي ڪو ڀوُ نه آهي. ٿام ٺيڪ ٿو چئي، پڪ پوءِ مان ٺيڪ ٿي ويندس.“

هن هنن جون ڳالهيون ٻڌيون هيون! ڪوين حيران هئي ته هو خود ائين ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. هن جا پير زمين ۾ کُپي ويا ۽ چُري نه سگهي، وڍڪٽ جو سوچي ئي هن جي دل انساني همدرديءَ ۾ ڀرجي وئي. جنهن کي هوءَ ڀاءُ جيان چاهيندي هئي. جڏهن کان بي جي ماءُ کي ڇاڙتا درندن چيري ڦاڙي ماريو هو، تڏهن کان هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ اُوت ۽ پيءَ سان گڏ رهندو هو. ماڻس جو ڏوهه اهو هو جو هوءَ لڪل انقلابين لاءِ ٻيلي ڏانهن کاڌ خوراڪ کنيو پئي وئي. توراوُ وري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪئي هئي، گهرٻار بنا عورت جي هلندو رهيو ۽ هر ڪو توراوُ ۽ سندس ٻارن تي ڪهل کائيندو هو.وقت بوقت ڪوين يا سندس ڀيڻ سئو ٻيڙيءَ ۾ مياڻيءَ تي سندس گهر وينديون هيون سندس گهر صفا ڪنديون هيون، رڌڻو ٺاهينديون هيون، ۽ لٽي ڪپڙي کي ٽوپو ٽاڙي ڪنديون هيون. انهيءَ جي موٽ ۾ توراوُ، ماتا ساوُ جي گهر ڪڏهن ڪڏهن تازا جهينگا يا ڪا ٻي مڇي موڪلي ڏيندو هو. ڪوين ۽ سئو کي بي ۽ اُوت سان بي انتها لڳاءُ هو، ۽ موٽ ۾ هو به کين ڏاڍو ڀائيندا هئا. هو هنن جو هر حڪم تڪڙو ۽ يڪدم مڃيندا ۽ پورو ڪندا هئا.

بي گوريلن ۾ شامل ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪوين کي عرض ڪيوهو. جيئن ته هو همت ڀريو، سگهارو ۽ ماءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ اتاولو هو، ان ڪري ان سلسلي ۾ توراوُ ۽ بارين سان ڳالهايو هو. هو ان عمر جي درجي تي پهچڻ کان اڳ ئي گوريلا تنظيم ۾ قبول ڪيو ويو. ائين جيئن ڏکڻ ويٽنام جا ٻيا اهي ننڍا جوان قبوليا ويا هئا. جن کي ڏاڙهي تي وارن اچڻ کان اڳ ۾ هٿن ۾ بندوق آئي هئي. بي بلڪل ڏانو جو نڪتو ۽ ڪنهن به ساٿيءَ کان وک پٺتي نه رهيو. هو قدم قدم تي چست، ڦڙت، چالاڪ ۽ چوبند رهيو. جبلن جا اڙانگا سفر، سمنڊ جا سور سختيون، مينهن جُهڙ هن کي پٺتي نه هٽائي سگهيا. پکي ڦاسائڻ ۾ هوشيار هئڻ سبب هو ڪوڙڪا نهايت ڪاميابيءَ سان کوڙي ايندو هو. هو اڪثر ڪوين کي چوندو هو، ”ادي ! مون لاءِ ته ڳالهه سڌي سنئين آهي. جنگ ۾ ، جڏهن ڳالهه وڌي ٿي وڃي ته، ان مان، مان يا دشمن ٻنهي مان هڪ بچي نڪرڻو آهي.“

ڪوين هن تي ويساهه ڪندي هئي. بَي جي پيشاني ۽ سندس اکيون، جي ماءَ جي ڳالهه ٻڌي آليون ٿي وينديون هيون،_ هرڪا شيءَ يقين ڏياريندي هئي ته هن سچ پئي ڳالهايو. پر هت هومري نه رهيو هو. پهرين مقابلي ۾ هو ٻانهه چچرائي آيو هو. جاکيس سخت پيڙا پهچائي رهي هئي. ڪوين ڄاتو پئي ته ڇوڪري جو ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ سخت سور جو نتيجو هو. جيڪڏهن هن ان جي ڪٽجڻ تي راضپو ڏيکاريو هو ته اهوبه ان سور کان جان ڇڏائڻ لاءِ. ان هوندي به هوءَ هٻڪي بيهي رهي ۽ وک اڳتي نه وڌائي سگهي. هن ٿام جو خيال هائي ٿيپ تائين پهچائڻ اڻ ٿيڻي پئي سمجهيو، جيتوڻيڪ ڄاتائين پئي ته هو ان کي منظور ڪندو. هن جي دل بَي جي عمر، سندس ماءُ جي موت ۽ هن جي حالت تي ڀرجي آئي. هڪ ڏينهن بي هن کي چيو هو، ”مون کي چانهه، بير سان جهينگا وڻندا آهن ! جڏهن امان جيئري هئي ته اها اڪثر اسان لاءِ اهي تيار ڪندي هئي.“

”مون کي به ٺاهڻ ايندا آهن. مان توهان کي دعوت ڏينديس.“
ان ڏينهن شام جو ئي هن ان نموني جهينگا تيار ڪيا هئا ۽ توراوُ ۽ سندس ٻارن انهن جي گهر ۾ ماني کاڌي هئي. هوءَ ٿانو ملڻ ويٺي ته بي به ڀرسان ويهي کيس هٿ وڌائڻ لڳو. ”ڏاڍا سٺا ٺهيا هئا.“ هن کيس ٻڌايو، ” پر اڃا به وڌيڪ مون کي اهي وڻندا هئا جي امان ڀڃڻيءَ مان ڪڍي مون کي چکڻ لاءِ ڏيندي هئي.“ ۽ ڪوين ڄاتو پئي ته هوءَ ان کي ماءُ جيان، جهڙا جهينگا نه پئي کارائي سگهي.

هن کي ٻيون به يادگيريون آيون، پر ٿام جي آواز کيس ڇرڪائي ڇڏيو. ”جلدي وڃ ڪوين، ۽ ساٿين جي راءِ معلوم ڪر !“

”هي ٺيڪ ٿو چئي،“ بي چيو، ”کين ٻڌاءِ ته مان اهو سهي ويندس.“

ڪوين ٿام ڏانهن مُڙي، ”نه ! مان نه ڪري...“

هي رڪجي وئي. موم بتيءَ جي روشنيءَ ۾ هن بي جون اکيون پاڻ ۾ کتل ڏٺيون. ”وڃ! منهنجي ٻانهن مون کي ڏاڍو ڏکيو ڪري رهي آهي. لڳي ٿو.... ته اها منهنجي نه آهي.“

هن پاٻوهه سان کيس ڏٺو.....پوءِ هن جي ڀر ۾ جهڪندي، هن پنهنجو هٿ ڇوڪري جي آلي پيشانيءَ تي رکيو.

”ادي! لاوان ڪاوُ (ويٽنا، عوامي فوج جو هيرو) اهو ڪل ڪيتري عمر جو هو، جڏهن سندس ٻانهه ڪٽي وئي هئي؟“

لا جواب ٿي ڪوين منجهي پئي ته ڪهڙو جواب ڏي.

”پوري طرح ياد نه اٿم،“ آخر هن چيو، ”ٻاويهه يا ٽيويهه سال.“

ڪافي وقت هوءَ بيٺي رهي ۽ پوءِ اوچتو اٿي هلڻ لڳي، ته مٿان وري بي پاڻيءَ لاءِ چئي. هوءَ هائي ٿيپ، بارين، نگان ۽ ٻين ساٿين سان ملي، جي غار ۾ اندر اچي رهيا هئا.

”ڪيڏانهن پئي وڃين؟“ هاڻي ٿيپ پڇيس.

”توهان کي پئي ڳوليم، بي جي حالت خراب آهي. منهنجي تجويز آهي..“

”ٺيڪ آ، هلو ته هلونس. اسان کي خبر آ. ڏاڍو ٿو رڙي ڇا؟“

”گهڻو ته نٿو روئي. اندر ۾ سور سانڍيندو ٿو وڃي. سور ڏاڍو ٿئيس ٿو ته هڪ ٻه دفعا چنگهي ٿو وٺي. ٿام ٿو چوي ته سندس ٻانهن ان حالت ۾ رهڻ نٿي ڏيئي سگهجي.“

”هلي ڏسون ٿا“

جڏهن هو پهتا ته بي اکيون کولي زور جي مرڪ مرڪيو. هائي ٿيپ سندس ڀر ۾ ويهي ٻانهن تپاسڻ لڳو. جيئن ئي هن پٽي کولڻ شروع ڪئي ته بي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. پهو ماس ۾ چنبڙي پيو هو. ”همت، جوان همت ! جي ماڻهو لَڙي ٿو ته هن کي اها به خبر هئڻ گهرجي ته چپ ڪيئن ڀيڪوڙبا آهن.“ هن هوريان هوريان، ڄاڻي واڻي، پٽي کولي.

جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ۾ سور سخت ٿي رهيو هو، پر بي همت سان اهو سهندو رهيو. پٽي لهي پوري ٿي ته بي مرڪيو. هنن ٺونٺ وٽ بي ترتيب ماس ۽ هڏن جو ڪچومبر ڏٺو، ڪارو ۽ بدبودار. چتائي ۽ چڱيءَ طرح چڪاسڻ کان پوءِ وري پهو رکي ڇڏيو. هو اٿيو ۽ ٿام ڏانهن رخ ڪيائين.”تنهنجي ڄنگهه ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ آ.“ ٿام ساڻس ڪن ۾ ڀڻڪيو ”اسان کي اها هڪدم ڪٽڻي پوندي، نه ته خراب ٿي ويندي......“

”تون ٺيڪ ٿو چئين.“ جهٽ جي سوچ ويچار کان پوءِ هائي ٿيپ چيو.

هائي ٿيپ، نام نهو سميت سڀني ساٿين کي هڪ ڪنڊ ۾ ڪٺو ڪيو. ”توهان جي ڇا راءِ آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته کيس بچائڻ لاءِ اسان کي سندس ٻانهن ٺونٺ کان ٿورو مٿڀرو ڪپڻ گهرجي. ان لاءِ همت گهرجي. بي کي سور سهڻو پوندو ۽ ٻانهن تان هٿ کڻڻو پوندو. پر ائين سندس حياتي بچي پوندي. مون کي پڪ آ ته هو اهو سهي ويندو. سندس پيءُ به هت ڪونه آهي، پر جي اسان سڀ اهو فيصلو ڪريون ٿا ته پوءِ اسين پڻس ۽ پارٽيءَ ڏانهن جوابدار ٿينداسين.“

”مان اتفاق ٿو ڪريان.“ بارين هٿ مٿي ڪندي چيو.

”ٻيو ڪو طريقو نه آهي.“ نگان چيو، ”رڳو اها پڪ ڪرڻي آهي ته بي وڍڪٽ سهي ويندو يا نه.“

”وري پڇي ڏسوس.“

”مان وڃي ٿو پڇانس،“ هائي ٿيپ چيو، ۽ اٿيو.

”پر اهو ڪم ڪندو ڪير؟“ نگان چيو، ”اسان کي موڪري تلوار استعمال ڪرڻي پوندي ۽ ان کي اسٽرلائيز ڪرڻو پوندو.“

”اهو ڪم ڪندو ڪير، ساٿيو؟“ هائي ٿيپ پڇيو، خاموشي. صاف ظاهر هو ته ڪنهن به اهو ڪم ڪرڻ نه پئي چاهيو.”۽ تون بارين؟“ هائي ٿيپ پڇيو.

بارين اکيون ڦيري ڇڏيون. اهو پهريون ڀيرو هوجو هن انقلاب جي بهتريءَ ۾ ڪنهن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ پئي چاهيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو هنن کيس هٻڪندو ۽ ڊنل ڏٺو. هي سگهارو خوش مزاج نوجوان، جو اجتماعي فوجي معاملن جو انچارج هو، اوچتو هچارو ۽ هٻڪيل ٿي پيو. هو دشمن جو ڪنڌ ته هڪ وار سان ڪپي پئي سگهيو، پر پنهنجي ساٿيءَ جي ڪني ٻانهن ڪٽڻ کان به ڊڄي رهيوهو.

اهو سوچي ئي بارين جي دل سُسي پئي وئي ته بي جي ٻانهن ڪٽجڻي آهي، ”هائي ٿيپ مون کان ڇو پڇي رهيو آهي؟ هو ائين ٿو سمجهي ڇا ته جي مان غدار جي نڙي ڪٽي سگهان ٿو ته هي ڪم به ڪري ويندس؟ مون کي انڪار ئي ڪرڻو پوندو.“

”مون کي خبر نه آهي ته ڪيئن ڪيو.“ هن چيو.

هائي ٿيپ اکيون کڻي بارين جي اکين ۾ نهاريو ۽ بي طرف هليو ويو.

نگان چيو. ”هونئن ته اسان مان هرڪو بي خاطر اهو ڪم ڪري سگهي ٿو. پر مان سمجهان ٿو ته بارين اهو ڪم اسان سڀني کان چڱيءَ ريت ڪري سگهندو. هن جوهڪ ڌڪ ئي ڪافي ٿيندو بي لاءِ گهٽ پيڙا ڏيندڙ پڻ !“

هرڪنهن ڪنڌ ڌوڻيو. هائي ٿيپ موٽيو ۽ کين چيو،”مان هينئر هينئر بي سان ڳالهايو آهي. هو به بلڪل متفق آهي. هن جو چوڻ رڳو اهو آهي ته اهو چڱيءَ ريت ڦڙتيءَ سان ٿئي.“

سڀني جون نظرون بارين طرف ڦريون.ڄڻ کيس ان ڳري بار لاهي ڦٽي ڪرڻ لاءِ ليلڙائينديون هجن. آخر بارين اوچتو اُٿي بيٺو ۽ چيو ”ٺيڪ آ، مان اهو ڪم ڪندس. پر شرط رڳو اهو آهي ته ساڳئي ئي وقت ٻن غدارن جو به ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ ايترو چانور ۽ پاڻي ڪو نه آهي جو هنن کي جيئرو رکي سگهون.“

”اهو پوءِ ڏسنداسين،“ هائي ٿيپ پڪي ارادي سان وچ ۾ ڪاٽيو. ”اسان کي هنن مان وڌيڪ معلومات هٿ ڪرڻي آهي. ان جي ڪا تڪڙ ڪانهي. اهو يقيناً بهتر ٿيندو جو اسان مٿن عوام آڏو مقدمو هلايون.“

”درست آ. اهي اسان جي وس ۾ آهن. تڪڙ ڇا لاءِ ؟“

هائي ٿيپ، نام نهوءَ ڏانهن مڙيو، ”جيڪو ڪجهه گهربل آهي کڻي آءُ_ مرڪيوري ڪروم، ڪپهه ۽ پٽي. مان هت بارين سان بيهندس. توهان سڀ پنهنجي جاين تي وڃو ۽ ڪرڙي نگاه رکو، هو رات جو وري ڪوشش ڪري سگهن ٿا.“

نگان اٿيو. پنهنجي رائفل کنيائين۽ روانو ٿيو. ٻيا گوريلا ۽ ڪوين به سندس پيروي ڪئي. جڏهن نام نهو ضروري شين سان پهتي ته هائي ٿيپ چيس، ”وڃ بارين جي سنگين کي اسٽرلائيز ڪرڻ لاءِ پاڻي اُٻار، پاڻ وٽ آنيسٿيشيا آهي؟“

”ٻه شيشيون.“

”بي لاءِ ڪم آڻي ٿا سگهون ؟“

”ڇو نه. سور ختم نه ٿيندو، پر گهٽبو ضرور.“

”ٺيڪ ! بارين کي چئو ته سڀڪجهه تيار ٿئي ته مون کي ٻڌائي.“

هائي ٿيپ هڪ گوريلي سان گڏ بي وٺ ويو. بي اکيون کوليون ڄڻ چئي رهيو هجي. ”اڃا دير ڇو ٿا ڪريو؟“

هائي ٿيپ سندس بستري تي ويهي رهيو ۽ بلڪل ڌيمي ۽ رواجي آواز ۾ کيس ٻڌايو ته ڪيئن هنن دشمن کي هٽائي ڇڏيو هو ۽ ڪهڙا ڪهڙا هٿيار هٿ ڪيا هئا. بي ٻڌندو رهيو، سندس اکيون جذبات وچان چمڪي رهيو هيون. هن زبان چپن تي گهمائيندي چيو، ”ڪاش ! مان زخمي نه هجان ها !“

”بلڪل، پوءِ ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها، پر تون ان مان ٺيڪ ٿي ويندين، رڳو چچريل حصو ئي ڪٽي وٺڻ ڪافي ٿيندو. انيسٿيشيا سان اهو ڪم ٿوري سور سان ٿي ويندو.“

”مون کي ڏند ڪرٽڻ ايندا آهن. ڏک رڳو اهو اٿم ته ٻانهن وڃايان پيو !“

”ان جو ڏک ٿو ٿئي ڇا؟“

”ها ۽ نه “ بي ٿورو رڪجي وراڻيو. هائي ٿيپ مرڪيو. ”هائو،“ زخمي ڇوڪري چيو، ”ڇاڪاڻ جو مان وري بندوق جهلي نه سگهندس. لولي ٿيڻ جي پرواهه ڪونه اٿم. جڏهن مان گوريلو ٿيو هوس، تڏهن ڄاتم پئي ته دشمن جو ڌڪ يا موت اڻ ٽر آهن. ان لاءِ مان بلڪل تيار هيس.“

بي جي جواب هائي ٿيپ کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اهو ئي سوچيندو رهيو هو. ”اهو سچ آ.“ هن پاڻ کي چيو، ”جي توهان کي اڳي ئي خبر آهي ته توهان کي ڪهڙا ڪهڙا خطرا آڏو آهن ته پوءِ ڀوُ ڪونه ٿو ٿئي. بي رڳو 17 سالن جو آهي، پر هڪ بالغ ۽ پڪي فوجي جيان پر اعتماد آهي.“

هن پاڻ سان گڏ آندل گوريلي ڏانهن ڪنڌ ڦيريو ۽ آهستي چيو،”وڃي ڏس ته بارين تياري پوري ڪري ڇڏي آهي يا نه،“

”اوچتو بي چيو، ”۽ اي ڪوين، اها ڪٿي آهي؟ هتي نه ٿي بيهي ؟ ان کي سڏيو....“

”ٺيڪ آ. اها به ايندي،“ گوريلي سان ڳالهائيندي هائي ٿيپ چيو، ۽ ڪوين کي به سڏي اچڻ نه وسارجان ءِ.“

بي ماٺ رهيو. پر جڏهن ڪوين آئي ته هن ڇوڪري جوهٿ پنهنجي سڄي هٿ ۾ جهليو. هائي ٿيپ ڦٽيل ٻانهن ٽوالن جي ٿهي تي رکي. نئين موم بتي ٻاري، ۽ هٿ ۾ جهلي.

ڪوين انسيٿيشيا جي ڦوهاري جي ڦون ڦون ٻڌي جو نام نهو جي اڱر جي اشاري مان کلي چڪو هو. هن کٽ جو آواز ٻڌو_ ۽ بي جي آڱرين سندس هٿ کي شڪنجي جيان ڀيڪوڙيو.

باب چوٿون

(1)

پٿر تي رکيل، ختم ٿيل موم بتيءَ ڦڙڪو کاڌو. ميڻ جي دٻي ۾ وٽ پويون چمڪاٽ ڏنو ۽ يڪدم اجهامي وئي. غارجي هن سوجهري واري حصي ۾ به اونده ڇانئجي وئي ۽ ڀت تي پوندڙ ڪوين جو پاڇو ڊهي ويو. موم بتي وسامڻ مهل ئي ڪوين کي ڪو ننڊ جو جهوٽو آيو. بَي به بي سرت ٿيو سمهيو پيو هو. ڏينهن جو سوجهرو اچي رهيو هو.

ٻاهر شايد آسمان روشن ٿي چڪو هو، پر غار ۾ اڃا اونده هئي. جيئن ئي باک ڦٽي تيئن ئي اندر ٿڌ وڌي وئي. سئو اوچتو جاڳي ته پنهنجا پير ٿڌ ۾ ساڻا محسوس ڪيائين ٿئي کيس ڀاڪر پايو سمهي پئي هئي ۽ هن مٿو سندس ڇاتي تي رکيو هو. هن سندس پيرن کي ڇهي ڏٺو، اهي پڻ برف وانگر لڳا پيا هئا. هن اهي ڇڪي پنهنجي ڄنگهن جي وچ ۾ ڪيا ۽ کين گرم ڪرڻ لڳي. ڪافي وقت ائين رهڻ کان پوءِ هن ڌيءَ جون ٻانهون پاڻ کان الڳ ڪرڻ شروع ڪيون، پرهوءَ ننڊ ۾ وڌيڪ زور سان چنبڙندي ويس. هن اٽڪل سان هن کي جدا ڪيو. اٿي ويهي هن هٿوراڙيون ڏئي موم بتيءَ جو هڪ وڏو ٽڪرو ڳولهيو ۽ ٻاريو. نئين لاٽ غار جي اونده کي چيري ڦاڙي وئي.

موم بتي هٿ ۾ جهلي، سئو ڪافي وقت پنهنجيءَ ڌيءَ کي تڪيندي رهي، پنهنجي ماءُ جي گرم ۽ نرم جسم کان محروم ٿي، هن جون ٻانهون نيلان جي چورسي ٽڪر تي پٿريون پيون هيون. سئو تي ڏاڍو اثر ٿيو. ٿئي گهري ننڊ ۾ هئي. ڦڙڪندڙ روشني سندس وارن جي چڳن کي چمڪائي رهي هئي ۽ پنبڙين سان ٽڪرائي پئي، سندس ناسن جي ڦنڊڻ ۽ سسڻ سان گڏوگڏ ڳاڙها چپ به چرپر ۾ اچي پئي ويا.

گذريل ستن سالن ۾ سئو جي دل رڳو ان ننڍڙي ڇوڪريءَ لاءِ ڌڙڪي ۽ دهڪي هئي، جا چالاڪ ۽ وڻندڙ هئي، جا اڌ هن جي هئي ۽ اڌ سندس مڙس جي هئي جو اتر ۾ هو.

ڪيترائي ڀيرا هن پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ماٺ ۾ ۽ ڪهل سان ڏٺو هو. هوءَ هن جي هر ساهه، نگاهه ۽ حرڪت تي نظر وجهندي هئي. دل چوندي هيس ته جيڪر ڏينهن جا ڏينهن ويٺي هن ڏانهن تڪي ۽ نهاري. ڪيڏو نه هن عذاب ۽ درد سٺو هو، جڏهن به سال اڳ کيس ان ننڍڙيءَ ڌيئڙيءَ کي هن کان ڇني ڌار ڪيو ويو هو ۽ اهاپيڙا ۽ پور مهينن جا مهينا هليا هئا. آمريڪين ۽ ڊيم جي ڇاڙتن کيس شينهن جي پڃري“ ۾ اڇلايو هو، جتي هوءَ نه ويهي سگهندي هئي ۽ نه بيهي. ۽ ان بعد .واڳوءَ جي پڃري ۾ جتي کيس گوڏن تائين پاڻي ايندو هو. هن کي ات پيڙا ۽ تڪليف اهي شيشن جا ٽڪر ۽ پاڻي نه پهچائيندا هئا. جي سندس کوليءَ ۾ پکڙيا پيا هوندا هئا، پر اهو ارمان ته هوءَ ڌيءَ کان ڌار هئي، ۽ هن جي ٽهڪن ۽ ٽلڻ جي مشاندهي کان محروم هئي.

هوءَ هان ڊئٽ واسين جي جدوجهد جي ٿورائتي هئي. گهر اچي ڌيءَ کي ڳلي لائي هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي، ۽ سندس منهن ڳوڙهن سان ڌوپي ويو هو. اهي گذريل ورهيه هن لاءِ غيرمعمولي مصيبتن ۽ مشڪلين جاهئا، هن ارادو ڪيوهو ته هوءَ انهن جو پورو پورو تفصيل پنهنجي مڙس کي راتين جون راتيون ويهي ٻڌائيندي، ۽ موٽ ۾ هو هن سان ۽ ڌيءَ سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندو. هوءَ تفصيل سوچڻ لڳي. سندس گرفتاري، ۽ ڪيل جدوجهد، يا ان وقت جون غار واريون گهڙيون، جڏهن ڏينهن جي جنگ جي ڌماڪن جا پڙاڏا اڃا سندس ڪنن ۾ وڄي رهيا هئا، گوليبازي، رڙيون، دشمن جون هاڪاريون، ۽ سندس اها اُڻ تُڻ جا هن کي اهو ڄاڻي ٿي ته دکي ٿي سمي رهي هئي. جڏهن هن بَي جو، ٻانهن ڪٽجڻ کان پوءِ، ڪنجهڻ ڪرڪڻ ٻڌو هو. ان گهڙيءَ رات جي ماٺ ڄڻ عجيب وغريب لڳي رهي هيس. اها ماٺ اها هئي جا ڇولين جي شور کان پوءِ ٿي رهي هئي ، يا اها قدرتي ماٺ يا طوفان کان پوءِ طاري ٿي ويندي هئي. سو بهرحال اها ماٺ هئي_ذري تي اچي بچيل موم بتي سندس ساٿين جا گونگهرا ان ماٺ ۾ رخنو وجهي رهيا هئا.

هوءَ سوچڻ لڳي، ”هوبه هن وقت اتر۾ ڪٿي ستو پيو هوندو ۽ کيس اهو خيال به نه هوندو ته ڪو سندس ڌيءَ ۽ زال غار ۾ گهاري رهيون هونديون. نه، سوچي ئي نه سگهندو هوندو.“ اوچتو مڙس جو خط ياد ڪري هن کيسي تي هٿ رکي اهو محسوس ڪيو. املهه خط اتي ئي هو. پڪ ڪرڻ لاءِ هن ان کي هٿ سان ڇهي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجا پير هيٺ ڪري پٿرائين فرش تي رکيا.

هن اڃا منهن ڦيريوئي مس ته ڇوڪريءَ اڻ چٽو آواز ڪڍيو، هوءَ بيهي رهي.

”امي!“ سئو چپ ڪري بيهي رهي، ان خيال کان ته ڇوڪري وري نڊ پوندي. پر نه، هن وري وڏي آواز ۾ کيس سڏيو ”امي!“

”چئو پٽ“ هن تڪڙي ورندي ڏني، ”سمهي پئو پٽ، مان ٿورو پاڻي ڪوسو ڪري اچان.“

”نه، مان نه سمهنديس، توسان هلنديس.“

”آءُ ڀلا“ سئو هن ڏانهن پٺي ڪندي چيو. ٿئي اُٿي پنهنجون ٻانهون ماءُ جي ڳچيءَ ۾ وڌيون. ڌيءَ کي ڊڊيءَ تي کڻي سئو هلي ۽ اڳيان موم بتيءَ سان سجهندو ڪندي رهي. هوءَ ستل ساٿين جي ڄنگن ۽ جسمن جي وچ ۾ فرش تي ڇڏيل وٿين تي پير رکندي هلي، چلهه وٽ پهچي هن ٿئي کي ڊڊيءَ تان لاٿو، ميڻ جا ڦڙا هڪ پٿر تي ڪيرائي موم بتي ان تي چنبڙائي رکي ۽ هوءَ باهه ٻاري رهي هئي ته ٿئي چيو. ”امي، مان کواب ڏٺو هو.“

”کواب نه پٽ، خواب چئو.“ سئو صحيح ڪيو.

”هائو، خواب. مان هڪ پري ڏٺي جنهن کي ڏاڍا سهڻا پر هئا، هوءَ بلڪل ماسي ڪوين جهڙي هئي. مون کي سڏ ڪيائين ته آواز به صفا ان جهڙو هيس.هن پنهنجا پر ڦڙڪائي چيو، آءُ هلي آءُ، جلدي ڪر، منهنجي پٺيءَ تي چڙهه. مان ڏاڍو خوش ٿي، کيس چيو، ’ترس، ته مان امان کي سڏ ڪيان، اها به هلندي ! پريءَ ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مان ڊوڙيس ۽ توکي زور سان سڏ ڪيم. پوءِ مان جاڳي پيس. ان ڪري ئي تو کي سڏيم.“

”اڇا، ته مون کي جيڪي سڏ ڪيئي، سي پريءَ کي ڏسي؟“

ٿئي هاڪار ڪئي، ۽ پنهنجون وڏيون اکيون ڦاڙي غار جي لنگهه ڏانهن تڪڻ لڳي، ڄڻ پري کيس ڇڏي اتان نڪري وئي هئي.

باهه ٻرڻ شروع ڪيو. ڄڀيون نچڻ لڳيون، ۽ ڇوڪريءَ جي گنڀير چهري تي روشني وجهڻ لڳيون، جا اڃا پنهنجي خواب جي پٺيان هئي _ساڳي ئي روشنيءَ جنهن سندس ڌيءَ جو چهرو گلابي ڪري ڇڏيوهو. سندس دل ۾ به اميد جي روشني پيدا ڪئي. هوءَ ائين خوش ۽ راضي هئي ڄڻ پاڻ خواب ڏٺو هئائين. ڌيءَ جيان هوءَ به آئيندي جا اهي منظر ۽ ڏيک تصور ۾ ڏسڻ لڳي. جن لاءِ هن ورهين کان اوسيئڙو پئي ڪيو، ۽ جنهن لاءِ هن نه ڄاڻ ڪيترائي ڀيرا خالي پلاءَ پچايا هئا.

جيئن جيئن باهه مچندي وئي تيئن تيئن روشنيءَ جو گهيرو وڌندو ويو. گوريلا بي پرواهه ٿيا ستا ٻيا هئا. سندن چهري تي معصوميت ۽ بي پرواهي جهلڪي رهي هئي. باهه جي روشني غار جي ڪنڊڪڙڇ تائين ٻهڪڻ لڳي، ۽ سامهون ڀت تي ڪوين جو پاڇو ڦڙڦڙ ڪرڻ لڳو. سئو موم بتي ڌيءَ کي هٿ ۾ ڏني، ”بتي کڻ، هل ته پاڻي کڻي اچون،“ ٿئي بتي کڻي ماءُ جي اڳيان اڳيان هلڻ لڳي. دکين وٽ پهچي هن خبرداريءَ سان پاڻي کنيو، ۽ هڪ ڦڙو به پٽ تي هارجڻ نه ڏنو. پاڻيءَ جي رڳو هڪڙي مٽي وڃي بچي هئي، ڪالهه سئو ۽ ڪوين رڳو هڪ هڪ ڍڪ پاڻيءَ جو پيتو هو ۽ اهو به ڀُڳل چانورن جي گرهه کائڻ کان پوءِ، ان کي نڙيءَ کان هيٺ لاهڻ لاءِ، اُٻاريل پاڻي وڙهندڙن لاءِ رکيو ويو هو ۽ ان جوڪجهه حصو زخمين جي شوروي لاءِ. جڏهن به سئو پاڻي پئي کنيو ته سندس دل ويهجي پئي وئي. جيڪڏهن جنگ چند ڏينهن ٻيابه هلي ته پاڻيءَ جي موتمار اڻاٺ ٿي پوندي !

”مٺڙي،“ هن ڌيءَ کي چيو، ”جيترو گهٽ ٿي سگهئي اوترو گهٽ پاڻي پيءُ، سمجهيئي؟“ مان تولاءِ پاڻي بوتل ۾ ئي ٿي رکان. جڏهن ڏاڍي اُڃ لڳئي تڏهن رڳو هڪ ڍڪ پيجانءِ ڏس نه، پاڻي کپي ويو آهي.“

ٿئي ماٺ ۾ ها چيو، ۽ پوءِ ٻئي چلهه ڏانهن موٽيون. ٿانءَ باهه تي رکي سئو موم بتي اجهائي. ان مهل ڪوين پنهنجي موم بتي ٻاريو هنن وٽ آئي ۽ ٿئي کان وڏي آواز واري چمي ورتائين، ۽ هن جي ڀر ۾ ويهي رهي . ڇوڪريءَ پنهنجي ماسيءَ کي ٻانهن وڪوڙي، سندس ڪن ۾ ڳڻتي واري لهجي ۾ چيو، ”ماسي بَي مري ويندو ڇا؟“

”نه پٽ ! اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.“

ڪوين چوڪريءَ کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ۽ ڀيڻ کي چيو، ”بَي هاڻي ڪجهه ٺيڪ. آ ٻانهن ڪٽجڻ ڪري ڪجهه هيڻو ضرور ٿي ويو آهي، پر پيڙا ۽ تڪليف گهٽ اٿس. رات اک به سٺي لڳي اٿس.“

”چڱو ٿيو، رڳو خيال رکينس. جي ڪو مٿان نه ويٺس ته هانءُ لاهي پوندو ۽ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو.“

”ڪا ڳالهه نه آ ! مان هر ساهه ۽ ساعت پئي کيس ڏسندي آهيان. سندس نبض به ٺيڪ آ. هينئر هينئر اٿيو ۽ مون کان پڇيائين ته صبح ٿيو هو يا نه. چيائين پئي ته ٻانهن ڏکيس ڪونه ٿي. مان جلد ٺيڪ ۽ چاڪ ٿي ويندس نه ادي؟“ مون کان بڇيو.

ڀيڻ جون ڳالهيون ٻڌندي سئو پنهنجا ڳوڙها اُگهيا. ٿئي پنهنجون منهن ڪوين جي ڇاتيءَ ۾ لڪايو.

”مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪو هو ايترو همت وارو ۽ دلير آهي.“ ڪوين چيو.

”مان ته آپريشن ويل کيس ڏسڻ جي سگهه نه ساري سگهيس. هو سڄو وقت منهنجي هٿ کي ڀيڪوڙيندو رهيو ۽ زبان مان ٻڙڪ نه ٻوليائين.“

سئو ماٺ هئي. ٿوري دير رکي پوءِ چيائين،” ڏاڍو سور سٺو هوندائين، پر پي ويو. سوال ئي نٿو اٿي ته ٻانهن پئي ڪپجي ۽ سور نه ٿئي. ڊاڪٽر ته سدائين اها ڪارائيءَ سان ڪٽيندا آهن ته ڪي موڪري تلوار سان.“

”هائو. ائين ته آهي. ڊنگ کي به سورمي لاوا ڪائو.....“

”بلڪل.“

”خبر ٿئي.“ ڪوين ڀيڻ ڏانهن نمندي ۽ جهڪي آواز ۾ چيو، ”ته آپريشن کان اڳ ۾ بَي مون کان پڇيو....،

”ڇا؟“

”....ته ان مهل لاواڪائو ڪيتري عمر جو هو. مون کي چڱيءَ ريت ته ياد ڪونه هو، ان ڪري مون جواب ڏنس ته ٻاويهه يا ٽيويهه. پوءِ مون کي چيائين ”جي ڪاوُ سهي سگهي ٿو ته مان به؟“

سئو جذبات تي وس نه رکي سگهي. سندس اکين مان ڳوڙها تري آيا جي هن گڊيءَ جي ٻانهن سان اگهيا. ٿئي سڏڪا ڀريا.

”آپريشن کان پوءِ منهنجا ۽ نام نهو جا ڳوڙها ڳڙي پيا، پر هائي ٿيپ جا نه. هن بَي کي ٻانهن ۾ کنيو. ويچارو بيهوش ٿي ويو هو ۽ هر ڪنهن کي سندس موت جو ڀوُ هو.جڏهن آخرڪار اکيون کوليائين ته اسان جو به ساهه سامت ۾ آيو،“

سئو اُٿي بيٺي. مان ڏسڻ ٿي وڃانس. ڪوين تون اتي ترس پاڻيءَ تي نظر رک. هر هڪ دٻي ۾ اڌ اڌ آڻو کن پاڻي وجهج. وڌيڪ اصل نه“هوءَ هلي وئي. ٿئي به ماسيءَ کان ٻانهن ڇڏائي ڪڍ لڳيس.“

ڪوين ڪاٺيون سوري پوري باهه مچائي ۽ انتظار ڪرڻ لڳي. پاڻي ٻڙڪڻ لڳو ته هن ٿانءَ لاهي پٽ تي رکيو ۽ ٻاهرين ورانڊي طرف وئي. هر وک سان سندس پاڇو هلڪو پئي ٿيندو ويو. باک سوجهرو ڪري رهي هئي. اوجاڳي واري رات کان پوءِ هوءَ دماغ خالي محسوس ڪري رهي هئي ۽ ائين هلي رهي هئي جيئن ڪو خواب ۾ گهمندو آهي. سندس ذهني تاڻ لهي چڪي هئي.

ويڙهه وارو ڏينهن ۽ اوجاڳي واري رات ڪيڏو نه عجيب هئا. انهن چوويهن ڪلاڪن ۾ سندس دل ڪيترا ڀيرا نه اڻ تڻ ۽ هورا کورا ۾ ڌڙڪي هئي، پيار، خوشي، ڳڻتي ۽ آنڌمانڌ !

اوندهه جي باوجود بنا دڳ ڀُلڻ جي هوءَ اوڏانهن وئي جتي نگان بيٺل هو. هميشه جيان حجاب بدران هيل هن کيس زور سان وڃي ڀاڪر وڌو. نگان وائڙو ٿي ويو. پر هو ترت ئي سمجهي ويو. اهو ڪو پيار ۽ پاٻوهه جو معمولي نموني هو. ان ڪري نه ئي هن موٽ ۾ ساڻس اهڙو ورتاءُ ڪيو ۽ نه ئي چمي ورتي. هن سندس ڪنڌ کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيو. آخرڪار هوريان هوريان هن کيس ڪُلهن کان ورتو، ٿورو پٺتي هٽيو، ڇوڪريءَ جو مُنهن پنهنجن هٿن ۾ جهليو ۽ کيس گهوري نهارڻ لڳو. مُنهن اونداهيءَ ۾ هو سندس چهرو چتائي ڏسي پڙهي نه سگهيو. ڇوڪريءَ جي ٿڌي ساهه سندس منهن کي تازو ڪري ڇڏيو، ۽ هو سندس ان ساهه ۽ اکين مان سمجهي ويو ته ساڻس ڇا وهي واپري رهيو هو.

”اڄ ايڏو سُرهي ڇو آهين؛ ڪوين؟“

ڪوين هن جي ٻانهن مان نڪري آئي. ”ڪجهه به ناهي..... هرڀرو ڀي، سچي !“

حقيقت ته اها آهي ته کيس خود به خبر نه هئي ته هوءَ ائين هلڪي ۽ چرهي ڇو هئي. ان جو سبب شايد، غار جي ٻاهران دشمن جي واويلا هئي، يا سندس ڀيڻ جو خبرداريءَ سان پاڻي ورهائڻ جو منظر، يا اها حقيقت ته ٻانهن ڪپجڻ وقت بَي سندس هٿ کي زورسان پڪڙيو هو، ۽ يا سڀ گڏ !

”۽ تون، نگان، رات ننڊ آئيئي؟“

”هائو. اسان واري واري سان سمهياسين، ۽ هر ڪنهن ڪجهه نه ڪجهه ننڊ ڪئي،“

”مان ۽ نام نهو به ائين ئي ڪيوسين. اڌ رات تائين هوءَ بَي کي ڏسندي رهي. ۽ پوءِ هن مهل تائين مان کانئس وارو ورتو،“

”هاڻي ٺيڪ آ؟“

”گهڻو ڪجهه، مان ته ڳڻتيءَ ۾ چري ٿي پئي هيس. مان پنهنجو وارو سندس ڇاتي ۽ نبض ڏسندي ۽ ساهه چڪاسيندي پورو ڪيو.“

”اهو سٺو سوڻ ۽ اهڃاڻ آ جو هن پهرين رات خير جي گذاري.مون کي پاڻ ڏاڍي ڳڻتي هئي.

ڪوين نگان جي پٽي مان دٻو ڪڍيو ۽ ان کي لوڏي ڏٺو. منجهس پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هيس. ماٺ ۾ هن سڀني کان دٻا ڪٺا ڪيا ۽ غار ۾ هلي وئي.

انهن ۾ پاڻي وجهڻ کان پوءِ سئو وري ٻاهرين لنگهه ڏانهن وئي. هوءَ اڃا اُت پُڳي ئي مس ته نگان جي دل ڏاريندڙ رڙ ٻڌائين، ”هو ڏسو ! اچي ويا !“

غار جي لنگهه وٽان ٻه يا ٽي ڪاريون شڪليون نظر آيون. هن اڃا ڀت سان لڳي بيهڻ جو خيال ئي مس ڪيو ته کيس ڪو ڌڪو لڳو ۽ هوءَ پٽ تي اچي ڪريو. پوءِ زور سان ٿامپسن جي هلڻ جو آواز آيو ۽ ان پٺيان ٻيا ڪيترائي ساڳيا آواز. هوءَ رڳو ايترو ڏسي سگهيي ته ڪي ڪاريون شڪليون هيون، جي جهٽ بيٺيون ۽ پوءِ لڏيون ۽ پٽ تي وڃي ڪريون. هوءَ رڙهندي رڙهندي پاسي واري سوراخ ڏانهن وڌي. سامهون هن ٽوئي کي ڏٺو جو ليٽيو ٿامپسن هلائي رهيو هو ۽ ڪوين محسوس ڪيو ته اهو ٽرئي ئي هو جنهن کيس ڌڪو ڏيئي ڪيري سندس جان بچائي هئي. غار جو لنگهه وري خالي ٿي ويو. ڪوبه دشمن جو سپاهي اندر نه اچي سگهيو. پر اوچتو ڪي شڪيلون لنگهه ٻاهران تير جيان لنگهي ويون ۽ هٿ بم اچي اندر پٿرن تي ڪريا.

”بم اٿو. سنڀالجو !“ نگان رڙ ڪئي.

پٿرن تي ڪري ڦاٽڻ کان اڳ، بم رڙهي ويا. ٻاهران وري ٻيا اچڻ شروع ٿيا.

زبردست ڌماڪا ٿيا ۽ غار دونهين ۽ پٿرن جي ذرن ٽڪرن سان ڀرجي وئي. ڪوين کي ڪا شيءَ پٺيءَ ۾ لڳي. هن هٿ لائي ڏٺو ته ڪو زخم ته نه ٿيو هو. ڌماڪن ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيا ۽ ساهه کڻڻ ۾ بارود جي ڏاڍي بوءِ پئي آئي.

اوچتو نگان رڙ ڪئي. ”پٺتي هٽڻ لاءِ تيار رهو. مان رڙ ڪيان ته ڀڄجو.“

ڌماڪا ۽ ٺڪاءُ گجگوڙ ڪندا رهيا. ڪالهه جيان، اڄ دشمن غار ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هو لنگهه جي هڪ پاسي، کاٻي پاسي ٽپندا پئي ويا ۽ پنهنجا ايم. ڪي _3 اندر اڇلائيندا پئي ويا. ڪي جبل جي پٺيان ڦٽي ڪندا رهيا. سوڙهي غار ۾ ڪوين جي ڇاتي تي وڏي ڇپ ڪيرائي رهيوهو.

ٽڪرن ۽ ڇپن جي اوٽ مان نڪري غار اندر مٽي وڃڻ به جان جوکم جو ڪم هو. نگان مناسب موقعي لاءِترسيو. ايم ڪي _3 هن کي مهلت ئي نه ڏئي رهيا هئا. ڌماڪا ٿيندا رهيا. اڃا اٿيو ئي مس پئي ته وري ليٽڻو پيس. هن سوچيو ”اسان کي هنن بمن سان نستو ۽ نڪمو ڪري، هو اندر ڌوڪي ايندا ۽ اسان پڪڙيا وينداسين.“ هن هٿ بم جي سئي ڇڪي ۽ رڙ ڪئي، ”پنهنجا هٿ بم تيار رکو !“

”جي مرڻو آ ته هن موقعي ۽ مهل تي سڀ گڏ مرنداسين.“ هن وري سوچيو. اوچتو ماٺ ٿي وئي. هو هڪدم اٿي بيٺو، هڪ هٿ ۾ ٿامپس کنيائين، ايم ڪي _3 ٻاهر اڇلايائين ۽ رڙ ڪيائين، ”هينئر ڀڄو!“ هر هڪ ڀڳو. هوسندن پٺيان پناهه ڏيڻ لاءِ گولي هلائيندو پئي آيو ۽ اچي ساڻن مليو. پهرين موڙ تي پڄي هن بيهڻ جو حڪم ڏنو. ايستائين هٿ بم نه پڄي سگهيا، ۽ اڳيان وڪڙ واري ٽڪر انهن جي زور کي به ڀڃي پئي ڇڏيو. پنهنجن ماڻهن وٽ پهچي نگان کين، ”ڪوين ڪاڏي وئي؟“ چوندو ٻڌو.

”ڪوين ! ڪوين !“ نگان رڙيون ڪيون.

ڪوبه جواب نه آيو. نگان مُڙي لنگهه طرف وڃڻ لاءِ سنڀريو_ٽوئي رڙ ڪئي. ”نه نگان ! مان ٿو وڃان !“ پر نگان وڃي چڪو هو. هو هڪ وڪڙ کان ٻئي وڪڙ تائين بانبڙا پائيندو رهيو ۽ پنهنجي مڱينديءَ کي سڏيندو رهيو. هو ڪنهن ڄنگهه تان ٿاٻڙيو. اها ڪوين هئي جا پيٽ ڀر سمهي پئي هئي ۽ هٿ به هيٺان اچي ويا هيس. نگان ڏڪي ويو. کيس کڻي، ڇاتيءَ سان ڪن لائي هوسندس ساهه ٻڌڻ لڳو. هوءَ ساهه کڻي رهي هئي. هن رائفل ڪلهي ۾ وڌي. کيس ٻانهن تي کنيو ۽ غار اندر ڀڳو.

ٻاهر ڏينهن جي روشني پوري ريت پکڙجي چڪي هئي.

هڪ ڳرو متارو ڪئپٽن، جنهن کي ڳاڙهن ڪارن پٽن واري پتلون پيل هئي، هٿ ۾ پستول کنيو سپاهين تي زور ڏئي رهيو هو.”هڪ ڀيرو وڌيڪ ! کوکن وارا بم استعمال ڪيو !“

سپاهي کوکن کولڻ لاءِ ڊوڙيا . بلڪل نوان نڪورا ايم_ڪي_3 بم ڪڍيائون ۽ پاڻ ۾ ورهايائون. هر ڪنهن ٻه ٻه کنيا، غار جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ ٿي بيٺا. ڏندن سان ڇڪيندي ،هنن لنگهه جي ٻيءَ ڀر ٽپو پئي ڏنو ۽ بم اندر پئي اڇلايو. ڪالهه ٻه آمريڪي صلاحڪار آيا هئا. باک ڦٽيءَ سان ئي ڪئپٽن آمريڪين واري ڳري حملي واري مهم لاءِ بمن جا چاليهه کو کا کڻايا هئا.

هر هڪ کوکي ۾ ويهه بم هيا. ڏهه کوکا هن مهل تائين ٻه سوُ کن بم کپي چڪا هئا. غار جي لنگهه تي گهاٽو ڪارو دونهون هو. ڪنهن کي به ڪا شيءَ نظر نه پئي آئي، پر ڪئپٽن مهم جاري رکيو آيو. ٿڪ کان سندس ماڻهن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون هيون. ۽ سُيون ڪڍي ڪڍي سندن ڏند سور ڪري رهيا هئا.

جيستائين دشمن چاليهه کوکا کپايا تيستائين سج به ڪافي چڙهي آيو. دونهون هوريان هوريان آس پاس ويهندو ۽ آٺرندو ويو. ڪئپٽن ماڻهن کي اندر وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر هو هٻڪيا.“

”مار پئيو“ هن رڙ ڪئي،“ اندر سڀ مئا پيا آهن ! ڊڄو ڇا کان ٿا؟“ هٿ ۾ ڪولٽ_12 پستول جهليو هو اڳتي وڌيو ۽ ماڻهن کي پاسي ڪيائين. ”هٽي وڃو. سوئر جا ڦرؤ! مان ٿو اندر وڃان.“

ڏاڏر ۽ ٽيڳر ۾ هو غار جي لنگهه طرف ڊوڙيو. سندس باڊي گارڊ به ٽرڙائپ ۾ پٺيان لڳا ويا. پر هن اڃا غار ۾ اندر پير پاتو ئي مس ته هڪ گولي اچي منهن ۾ لڳس. هو پٿرن تي ٿيڙ کائيندو پٺيءَ ڀر ڪريو ۽ هٿ مان پستول ڇڏائي ويس. سندس بت مڇي جيان وٽ وڪڙ کائڻ لڳو. سندس باڊي گارڊ کيس ڇڏي هيٺ ڀڄي ويا. چوطرف اهڙي رنگ جي رت پکڙجي وئي، جو رنگ سندس پتلون جو هو. دونهون هوريان هوريان جهڪو ٿيندو ويو ۽ آهستي آهستي ڳرو متارو مئل مڙهه به ظاهر ٿيندو ويو.





(2)

”ڪوين! ڪوين!“ سئو ڀيڻ کي ٻانهن ۾ جهلي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڇوڪريءَ جون اکيون ٻوٽيون ئي رهيون.

ٿئي رڙيون ڪري رهي هئي ، ”ماسي ! ماسي.“

سئو کي ڀيڻ جي جسم تي ڪوبه ڦٽ يا ڌڪ نظر نه آيو. نگان ٺيڪ پئي چيو. هوءَ رڳو ڌماڪن جي دهشت کان بت بڻجي وئي هئي. سئو زور سان سندس سينو مهٽڻ لڳي، پر هوءَ تڏهن به سامت ۾ نه آئي. هيءَ ڦلڙي ٿي سئو جي ٻانهن تي ليٽي پئي هئي، سندس وار کُلي ويا هئا ۽ زمين کي ڇُهي رهياهئا، هنن هن لاءِ اهڙيءَ ريت بتي باري جهڙيءَ ريت هن بَي لاءِ ٻاري هئي. ان جي جهڪي زرد روشنيءَ ۾ سندس منهن اڇو پئي ڏيکاريو. سندس ڀرون ڪجهه تاڻيل هيون، چپ ائين کليل هيس ڄڻ ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪدم چُپ ٿي وئي هجي. سئو جو ساهه ڇڏائي ويو. هن کي لڳي رهيو هو ته هوءَ ڪي ورهيه اڳ واري ڪوين کي گود ۾ جهليو ويٺي هئي. جڏهن هوءَ ننڍڙي هئي ۽ سئو کيس لوليون ڏئي ٺپي ٺپي ننڊ ڪرائيندي هئي. سندس پياري ننڍڙي ڀيڻ، جنهن کي پڻس به رڳو هڪ دفعو ڏسي سگهيو هو، جڏهن کيس ڇاڙتا فوجي ٽڪر ڏانهن گولي هڻي مارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا، ۽ سندن گهر اڳيان لنگهيا هئا. ڪيترائي دفعا سئو هن کي ڪڇ تي کڻي ڏاڪڻيون لٿي چڙهي هئي ۽ انبن جي باغ ۾ گهمي هئي. جڏهن ڪوين ڪجهه وڏيري ٿي ته سئو ساڻس کيڏڻ کي ترجيح ڏيندي هئي. هوءَ پنهنجي شيءَ جو وڏو حصو ڪوين لاءِ بچائي رکندي هئي ۽ هردم مٺو انب کيس ئي ڏيندي هئي. ۽ اڄ اها مرڻينگ حالت ۾ سندس ڪڇ ۾ پئي هئي. سئو پاڻ تي ڦٽڪار وجهڻ لڳي ته هن پاڻي ورهائڻ جو پنهنجو ڪم هن کي ڪرڻ لاءِ ڇو چيو هو.

ٿئي، ڪوين جي ڄنگهن کي چنبڙي اوڇنگارون ڏئي رهي هئي، ۽ سندس منهن ڳوڙهن جي ٻوڏ ۾ ٻڏي چڪو هو. ڪوين ساهه کنيو پئي ۽ سندس دل هلي پئي. سئو جنوني ٿي کيس مالش ڪندي رهي. اوچتو ڪوين جو سڄو سرير تڙڦي اٿيو، اکين جون پمبڙيون ڇنڀيائين ۽ پوءِ اڌ اکيون کوليائين. خوشي وچان سئو جي رڙ نڪري وئي، ”اکيون کولي ٿي ! ٺيڪ آ.“ ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ ڇٽي. ”ڪوين ! ڏس من، مان ويٺي آهيان!“

ڇوڪريءَ جون اکيون وڌيڪ کليون. هن ڀيڻ کي ڏٺو ۽ سڃاتو ۽ پوءِ ٻين ڏانهن خالي اکين سان نهارڻ لڳي، ڄڻ کين سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. پوءِ وري ٻوٽي ڇڏيائين، ڄڻ ان پل سمهڻ چاهيندي هجي.

ڊڄي، سئو پنهنجي ڀيڻ جو منهن مٿي ڪيو. پر سندس چپن تي مرڪ ڏسي هن جو ڀوُ ڀولو لهي ويو، ڪوين پوءِ وري اکيون کوليون، هن ڀيري هوءَ بلڪل هوش ۾ هئي. ”مان ڪٿي آهيان، سئو؟“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.

”غار ۾ ٻيو ڪٿي، ڪجهه به ياد نٿو اچي ڇا، ڪوين؟“

”اڙي، ها!“ ڪوين اٿي ويٺي ۽ پنهنجي بت کي چڱيءَ طرح سڄو ڇهي ڏٺائين، ”ڪٿي ڌڪ لڳو اٿم؟“

”توکي ڪوبه ڌڪ ڪونه لڳو آهي.“

”نه؟ مان ته سمجهيو هو ته ڪو بم جو ٽڪر لڳو اٿم، ۽ پاڻيِءَ جا دٻا؟“ پوءِ هن هٿ ڇاتيءَ تي رکيا. ”هت سور پيو ٿئيم.“

هوءَ سئو جي ٻانهن ۾ اهلي پئي، ”ڌماڪن جو اثر اٿئي.....اٽڪل هزار کن ته هئا، سوچ ته سهي! اسان جا ڀاڳ آهن جو تون جيئري آهين.“

ڪوين ڀيڻ ڏانهن نهاريو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اڃا بيٺا آهن ڇا؟“

”هائو! پر اندر نه اچي سگهيا.“

”مان بيهوش ٿي وئي هيس. ها نه ؟ گهڻو وقت رهيس ڇا ؟ ۽ مون کي هتي ڪنهن آندو ؟“

نام نهو وچ ۾ ٽپڪي، ”پندرهن منٽ بي سرت هئينءَ مٺڙي ! توکي هت ڪنهن آندو ؟ ڀلا تنهنجي نگان کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي !“

”ڏس نه ! مون کي ته ڪجهه به ياد نه آهي.“ ڪوين وائڙي ٿيندي چيو.

”هوندو. هر ڪو ماڻهو پٺتي هٽي آيو. پر تون پاسي واري سوراخ وٽ پئي هئينءَ. جڏهن پتو پيو ته تون نه موٽي آهين ته نگان جان جو کم ۾ وجهي وڃي توکي کڻي آيو. ڀاڳ هيئي جو بچي وئينءَ نه ته هينئر اسان وٽ نه هجين ها !“

ڪوين جي مرڪ ۽ رنگت وري موٽي آيون. ڳلن تان موت جي هيڊاڻ گم ٿي وئي، ۽ هو اڃا هوريان هوريان گلابي پئي ٿيندا ويا. هن جي مُرڪ ۾ شرارت جهلڪيون ڏيڻ لڳي، ڄڻ کين چئي رهي هجي، ”مان ته مسخري پئي ڪئي. توهان سوچي ئي ڪيئن ٿا سگهو ته ڪو مان مرنديس ؟“ سڀني کي ڏيکارڻ لاءِ ته هوءَ چاڪ چوبند هئي، ڇوڪري اٿي ويٺي ۽ ڀيڻ جون ٻانهون هٽائي پري ڪيائين.

پرسئو وري کيس پڪڙي سمهاري ڇڏي. ٿئي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳي، ۽ اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيس. ماڻس اٿي وئي ته هوءَ ٺهي ‎ٺڪي ماسيءَ جي ڀڪ ۾ ويهي رهي. سندس هٿ جهليائين ۽ ان تي پنهنجو هٿ پيار وچان گهمائڻ لڳي. ڪوين ڇڪي ويجهو آندس ۽ ڳوڙها اگهيائين. ”توبه ائين سمجهيو هو ڇا ته مان مري ويئي آهيان؟“

ٿئي رک رکاءَ جي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. پوءِ هوءَ پاڻ تاڻي ۽ سيٽي ليٽي پئي ۽ ٻانهون ۽ ڄنگهون کولي ڇڏيائين.

”تون هيئن ٿي وڻي هئين!“ هن ناٽڪي انداز ۾ چيو پوءِ هو يڪدم اٿي ويٺي، چانورن جي مٺن مان ڦلن جي مٺ ڀري ماسيءَ جي تريءَ تي رکيائين ۽ چيائين ،”آ شيءَ کاءُ.“

ڪوين خبرداريءَ سان هٿ مٿي کنيو ۽ چيو، ”هيءَ ته ٿوري آ! ان کي ڏند ئي ٻه لڳندا.“

”بچي ئي رڳو اها آهي.“ ٿئي شرم وچان چيو.

”مٺڙي مان ته چرچا پئي ڪيئي، مون کي نه کپي. آ، تون کاءُ! اها کاءُ ته ٻي به ڏيندي مانءِ.“

پرڪوين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي. ”وات کول “ هن حڪم ڪيو ۽ ڪجهه داڻا سندس وات ۾ وڌا. ڪوين داڻا چٻاڙڻ لڳي ۽ ڪوين گذريل تي سوچڻ لڳي. غار جي لنگهه وٽان ظاهر ٿيل دشمنن جون شڪليون. ٽوئي جنهن کيس ڪيرايو. ڪن ٻوڙا ڪندڙ ڌماڪا. ان وقت تائين به هوءَ هوش ۾ هئي. هن نگان کي پٺتي هٽڻ جا حڪم ڪندي به ٻڌو هو . شايد ان کان پوءِ... هاڻي هن کي ياد اچي ويو. هن پاڻ کي آٿت ڏني، ”اڇا، ته مرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي... معني ته ان کان پوءِ ڪجهه به محسوس نه ڪبو آهي.“ نام نهو جا لفظ ياد ڪري هن جي اندر ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. نگان ئي هن کي کڻي اچي سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچايو هو. ”هن کي ڀوُ هو ته متان مان مري وڃان، هو هينئر دشمن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ۽ شايد سڌ ئي نه هونديس ته مان سامت ۾ آئي آهيان.“

بمن جا ڌماڪا بند ٿي چڪا هئا. رڳو رکي رکي ٿامپسن جي هلڻ جو آواز يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو هٿ بم جو ڌماڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ڪوين اوچتو اٿي بيٺي. پير پٽ تي پوڻ سان ئي سيني مان سور جي سٽ اڀري ويس. سئو اچي پهتي ۽ چيائينس،

”ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه به ناهي....رڳو سيني ۾ ٿورو سور اٿم.“

”آرام ڪر.....ڪاڏي چرپر نه....“

سئو وري ڀيڻ کي سمهاري ڇڏيو. ”مان هينئر لنگهه وٽان پئي اچان. هرڪو صحيح سلامت آهي. هنن دشمن جا ٽي حملا ناڪام ڪري ڇڏيا آهن. تنهنجي سُرت ۾ اچڻ جو ٻڌي نگان ڏاڍو سرهو ٿيو آهي. چيائين پئي ته ڀاڳ زورهئا جو توکي اتان کڻي آيو. ڇو جو ويرم بعد دشمن وري حملو ڪري ڏنو هو.“

”پر گولين جا آواز ته اڃا ٻڌجن پيا.“

”اهي اسان جا همراهه انهن دشمنن تي هلائي رهيا آهن. جي پنهنجي مئلن جا مڙهه کڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ڪوين جي ڳڻتي لهي وئي. هن جون اکيون ٽڪرن ۽ ڇپن جي وٿين مان ايندڙ جهڪي ۽ مردار روشنيءَ ڏي کڄي ويون. هوءَ ڪنائڻ لڳي ته فائرنگ بند ٿي يا نه، ماٺ. سواءِ ويجهو ايندڙ ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ آوازن جي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.

نگان اچي ويو. هو ڪي گهڙيون بيٺو، پنهنجي مڱ کي ڏسندو رهيو ۽ هن کي ان جي ڪابه خبر نه پئي. سندس مُنهن ڪوسائل ۽ ٽڪل هو، ۽ نرڙ تا ڪريل پگهر جا ڦڙا سندس گڊيءَ جي ڪالر تي ڪري رهيا هئا. ڪوين جي ڇت مان ڪرندڙ روشنيءَ کي ائين تڪڻ تي هو هلڪي کل کليو. ۽ هن جي پيرن کي ورتائين. ڪوين ڇرڪ ڀري ڄنگهه مٿي سوري ورتي. نگان ٽپ ڏئي سندس اڳيان اچي بيٺو. ڪوين اٿي ويٺي ڄڻ اسپرنگ پيل هيس ۽ هن کي ٻانهن ۾ جڪڙي ورتائين.

”چريا! مون کي ته ڊيڄاري ڇڏيئي.“

”۽ تون ! هوش ۾ آئينءَ ته به چرچا پئي ڪيئي. مڃيو مانءِ“

”تون ته مون کي اتي اڪيلو ڇڏي پٺتي هٽي آئين نه .....“

نگان هٿ پٿر جي ڪنارن تي رکي سندس ڀر ۾ ٿي ويٺو. سندس بندوق جو ڪنداڪ پٿر سان ٽڪرجي کڙڪو ڪري رهيو هو. هن بندوق لاهي هيٺ رکي ان کڙڪي مان جند ڇڏائي ۽ ڀڙڪو ڪري ننڍڙي ٿئي ڏانهن سڌي ڪئي. ڇوڪري خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

نگان پنهنجي مڱ ڏي تڪيندو رهيو. ”سچي پچي مان توکي مئو سمجهيو هو.“

”ناممڪن، تون نه هجين ها ته مان پاڻ هٿ پير هڻي، هٿوراڻيون ڏيئي اندر سرڪي اچان ها.“

”آها!مان نه هجان ها ته دشمن ائين کڻي وڃئي هاجئين ڍير تان پٽاٽو! ناشڪري !“

”ٺيڪ آ، ته پوءِ هن ناشڪري کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڇو نه ڏنئي؟ مون کي موٽائڻ لاءِ جتن ڇو ڪيئي؟“

ڪجهه چوڻ بجاءِ نگان مرڪيو. ٿئي جا وچ ۾ ويٺي هئي وڌيڪ سُسي سڪي وئي، ته جيئن ماڙهنس جو مٿو ماڙهنس سان ٽڪرائجي.

”توکي کڻي اچڻ کان پوءِ ته بمن جا ڍير لڳي ويا. هڪ ماڻهو مون ماري وڌو. کيس ريٽي رنگ جي پتلون پيل هئي. ٻه ماڻهو سندس لاش کڻڻ آيا ته انهن مان وري هڪ کي ڊئٽ نشانو بنايو. هينئر طوفان کان پوءِ واري سانت آهي. بارين ۽ هائي ٿيپ پهري تي آهن.“

نگان اکيون ٻوٽيون ڪوين اڃا به هن سان ڳالهائڻ چاهيو پي، پر ماٺ رهي. جهٽ پوءِ هو کونگهرا هڻڻ لڳو. ڪوين هن جو مٿو پنهنجي جسم کان ڌار ڪري مٿي ڪيو ته جيئن وچ ۾ ويٺل ٿئي سري نڪري وڃي. پوءِ هن پنهنجي ڪنڌ مان رومال لاهي تهه ڪري پٿر تي رکيو ۽ هن جو مٿو ڌيرج ۽ ڌيان سان ان تي رکيو. هن سندس نرڙ تي بيٺل موتيءَ جي داڻن جهڙو پگهر اگهيو ۽ کيس ستل تڪيندي رهي. هاڻي جڏهن هو کيس ڏسي نه پئي سگهيو ته سندس پيار ۽ پاٻوهه اٿلون ڏيڻ لڳو. سندس بت تي مٿي کان پيرن تائين صبح واري جنگ جا اهڃاڻ ڏسي هن جون اکيون ترٿي ويون. سندس ڪاري وڏين ٻانهن واري قميص ڪلهي وٽان ڦاٽل هئي. سندس جسم مان بارود جي تکي بوءِ پئي آئي. سندس ٺونٺين تي رهڙن ۽ وڍن جا انشان هئا، جي شايد کيس ان وقت پٿر تي رڙهڻ ۾ آيا هئا جڏهن کيس ڳولي رهيوهو. ڪوين پنهنجي ڀيڻ جي ٿيلهي مان ڳولهي ڦولهي مرڪيوري ڪروم جو پائوڊر هٿ ڪيو ۽ سندس ڦٽن تي ٻرڪيو.

هن اڃا پوري ملم پٽي به ڪونه ڪئي هئي ته ريڊيو هلڻ جو آواز آيو. ڪٿان هائي ٿيپ رڙ ڪئي، ”اچو! اچي چاچي هُو کي ٻڌو !“

خوشيءَ وچان رڙيون ڦهلجي ويون ۽ پوءِ تڪڙين تڪڙين وکن جا آواز.

”اٿي! نگان، اٿي!“ ڪوين سڏيو، سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هئي.

”ڇو.... ڇاهي؟“ ڇرڪ ڀري نگان پڇا ڪئي.

”چاچو هُو ريڊيو تان ڳالهائي پيو. جلدي ڪر!“

نگان ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بندوق کنيائين. ٿئي ڊوڙي سندس پٺيان اچي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وڌيون ۽ ڊڊيءَ تي چڙهي ويٺي. ڪوين ڇپ تان لهي پٽ تي آئي ۽ وک اوڏانهن وڌايائين. پٺيان نگان ۽ ئي هيس.

هائي ٿيپ سندس ساٿين سان گڏ، ٽرانزسٽر کنيو ان ڪنڊ طرف هليو جتي زخمي پيا هئا. هو بَي ۽ ٽام جي ڀرسان ٿي ويٺو ۽ آواز وڌايائين. هن صدر هُو جو آواز ٻڌو. سڀ ماٺ هئا، رڳو اهو چٽو ۽ چست آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو.

”اڄ1961ع واري سال جي پهرين ڏينهن تي، اتر ويٽنام اقتصادي بحاليءَ ۾ سوشلزم جي اڏاوت جا ست سال پورا ڪيا آهن، ۽ ڏکڻ مڙسيءَ ۽ بهادري واري ستن سالن جي جدوجهد مان لنگهي پار پيو آهي. آمريڪي سامراجين هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اسان جو ملڪ هڪ بيٺڪ ۾ تبديل ٿي وڃي. پر ڏکڻ ۾ اسان جي محب وطن ساٿين غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي سامراجين ۽ سندن ڪٺ پتلي ڊيم پسندن تباهيءَ ۽ ماتم جو ٻج پوکيو آهي.“ اوچتو سڏڪا شروع ٿيا. اها سئو هئي، ڪوين پاڻ تي وس رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر نيٺ اها به ڀرجي اٿلي پئي. ۽ جلد ئي جيئن جيئن صدر جو سٻاجهو ۽ پيارو آواز غار کي پُر ڪندو ويو ۽ سندن دلين ۾ هر لفظ چڀندو ويو، ته هر ڪنهن جون اکيون آليون ٿي ويون. هنن سندس لفظن ۾ غرق ٿي وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. تڏهن به هر سٽ هر جملو نون ڳوڙهن کي جنم ڏئي رهيو هو. هو روئڻ کان رهي به ڪيئن پئي سگهيا؟ هن جي ڳالهائڻ جو آواز ئي هنن لاءِ ڪافي هو. ڇو جو جنهن ويل هو ڳالهائي رهيو هو، ان مهل هان ڊئٽ جي ان گمنام ڪنڊ ۾ سندس ڀائيٽا ۽ ڀائيٽيون مشترڪه دشمن سان موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي رهيا هئا.

ننڍڙي ٽرانزسٽر رستي چاچي هوُ، هان ڊئٽ جي ان غار ۾ ويٺل هرهڪ جي دل سان رهاڻ ڪئي،”اسان جا ڏيڍ ڪروڙ ڏکڻ جا محب وطن ۽ جوڌا آمريڪي سامراجين ۽ سندس ڇاڙتن سان مڙسيءَ سان وڙهڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن. سندن ان جدوجهد ۾ سڄو اتر سندن ٻانهن ٻيلي ۽ سڄي دنيا جو ترقي پسند سندن همدرد آهي! اها جدوجهد سوڀ پٺيان سوڀ ماڻي رهي آهي. اتر جي عوام جون اکيون سدائين پنهنجن ڏکڻ وارن جوڌن ۽ جوانن ڏانهن ۽ مادر وطن ڏانهن هونديون !“

نگان، جنهن جي پٺيءَ تي ٿئي چنبڙي پئي هئي. ڄمي ويو، ڄڻ سندس پير زمين ۾ کُپي ويا هئا. هن جي سرير مان سيسراٽ نڪري ويو ۽ ڳيت نڙي ۾ اٽڪي پيس. ڪوين هن سان لڳي بيٺي. غار ۾ بيٺل هر هڪ ماڻهو هڪٻئي جي ويجهوسري آيو. ڇوڪريءَ جي هٿ مڱيندي جي هٿ کي زور سان پڪڙيو. ٿام پنهنجي هڪ، چاڪ چوبند ڄنگهه تي غار جي ڀت سان ٺيڪ ڏيئي بيٺو هو ۽ پٿر تي رکيل سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. بَي پنهنجي سڄي ٻانهن تي زور ڏيئي ۽ ٽيڪ ڏيئي مٿڀرو ٿي ويٺو هو. سئو سندس ڪلهن هيٺان پنهنجا ڪلها ڏئي کيس اَڌار ڏنو هو. سڀني جا منهن ڳوڙهن آلا ڪري ڇڏيا هئا.

(3)

ان شام جو پاڻي صفا کپي ويو. زخمين لاءِ شوروي ٺاهڻ واسطي به ڦڙو نه پچيو. هائي ٿيپ پنهنجو بچيل ڍُڪ ٻه پاڻي سئو کي ڏنو، هن رڳو هڪ ٻه ڍڪ ئي مس پيتا هئا. ان مثال جي پيروي ڪندي هر ڪنهن پنهنجو بچيل سچيل پاڻي سئو جي پيالي ۾ وڌو هو. پر ان هوندي به پيالو رڳو اڌ ٿيو هو. شورو ڏاڍو گهاٽو ٿي پئي ها. چلهه ڏانهن ويندي هن کي اهو آنو اڌ پاڻي ياد آيو جو هن پنهنجي ڌيءَ ٿئي لاءِ رکيو هو. ” اهو به ملي ويو ته بي ۽ ٿام لاءِ چڱو شورو ٺهي ويندو.“ هن سوچيو ۽ مڙي .

ٿئي اُتي ڪونه هئي. پيالو پٿر تي رکي هن سندس گلاس کنيو. هوءَ هٻڪي، ”ٿئي ڇا پيئندي؟“ هن پاڻ کان پڇيو. هڪ پاسي ڦٽيل هئا ٻئي پاسي سندس ڌيءَ ٿئي. آخرڪار هن گلاس پيالي ۾ اوتيو ۽ چُلهه طرف هلي وئي. هن ٿورا چانور ديڳڙي ۾ وڌا، ۽ ڏک ٿيس ته ڌوئي به نه پئي سگهي. هوءَ شوروو تيار ڪرڻ بيٺي ته پاڻيءَ جو مسئلو به ڳتيل ۽ ڏکيو ٿيندو نظر آيس. ان جي ڳڻتي ته سڀني کي هئي پر سئو سڀني کان وڌيڪ پريشان هئي. اهو سندس فطرت ۽ سڀاءُ جو هڪ حصو هو. ات کاڌ خوراڪ يا پاڻيءَ جي ذميداري هن تي نه هئي پر گهر ۾ توڙي ساٿين ۾ هوءَ هميشه پنهنجو حصو به ٻين کي ڏيندي هئي. هوءَ انهن مان نه هئي جو رڳو پنهنجين خواهشن جي پورائي تي خوش ٿيندا آهن، پر هن جي خوشي سندس ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ساٿين جي خوش ٿيڻ ۾ هئي. جڏهن هوءَ ماءُ ٿي ته هر شيءَ پنهنجي ننڍڙيءَ لاءِ رکندي هئي. جڏهن کان هو غار ۾ آيا هئا ته سڀني کان گهٽ ۾ گهٽ پاڻي هن پيتو هو ۽ ان جي ڪنهن کي به سڌ ڪانه هئي. ڪالهه منجهند کان ته هن رڳو هڪ ڍڪ ڀريوهو . اهو ان ڪري نه ته ڪو هن کي اڃ ئي ڪانه هئي. چانورن جي ڦلن جي مٺ کائڻ کان پوءِ ته هن کي ڇتي اُڃ لڳي هئي. هن کي گوج نديءَ جي اوجل ڌارا ياد اچي وئي.

ڇا ٿِئي، جي رات جي وانداهيءَ ۾ هو پاڻي نيڻ وڃن؟ اهو ڪري پيو سگهجي. نيٺ ته دشمن ڪو سڄي نديءَ تي ته قبضو ڪيو ڪونه ويٺو هوندو.

شوروو ٻڙڪڻ لڳو ته هن لاهي ٻن پيالن ۾ اوتيو. هڪ ٿام کي ڏيئي ٻيو پاڻ چمچي سان بَي کي کارائڻ ويٺي. هن سندس چپ اُگهيا ته بَي چيو، ”ٿورو پاڻي ته ڏينم.“ سئو هن کي حقيقت بيان ڪئي. ڇوڪري اکيون ڇنڀيون ۽ ماٺ ڪري پيو. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هن سئو تي پورو پورو اعتبار نه ڪيو هو. سئو سندس وارن ۾ هٿ گهمايو، ”مٺڙا، هڪ ڍڪ به ڪونه بچيو آهي. پر اڄ رات مان وڃي تنهنجي لاءِ کڻي اينديس.“

”کڻي آئينءَ ته اچڻ سان ئي مون کي ٿورو پياريندينءَ نه، ادي؟“

”انجام آ.“

هوءَ وڃڻ لڳي ته بَي هٿ کڻي ليلڙايو، ”هلي نه وڃ، هتي ويٺي هج. اڪيلو ته دم ٿو گهٽجيم.“ سئو سندس چيو مڃيو. اکيون ڇت ۾ اٽڪائي بَي چيو، ”اڄ منجهند جو چاچي هُو کي ٻڌندي، مون کي محسوس ٿيو ته هو سچ چئي رهيو هو. مان اهو به سوچيو ته هن کي منهنجي ٻانهن ڪٽجڻ جي به سڌ آهي. سڀ سچ آ. کيس ٻڌي مون کي پڪ ٿي وئي آهي ته هو ڄاڻي ٿو ته اسان هٿ موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي رهيا آهيون ۽ اسان وٽ پاڻي به نه....“

سو بَي به بلڪل ائين سوچيو جيئن هوءَ سوچي رهي رهي. هن سندس هٿ ورتو. ”بلڪل، چاچي هوُ کي اسان جي جدوجهد ۾ جوکم جاکوڙن جي پوري پوري خبر آهي. هن چيو نه پئي ته ڏکن مڙسيءَ واري جدوجهد جا ست سال گهاريا آهن، ياد اٿئي نه؟ هن کي سڀ خبر آ، سچي.“ ”تو محسوس ڪيو ته سندس آواز ڪجهه ڏڪي رهيو هو؟“ بَي چيو ”کيس ٻڌي مون پاڻ کي چيو ته ٻانهن وڃائڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي. پر ڪاوڙ رڳو اها اٿم ته ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، پهرين لڙائيءَ ۾ ئي هٿ هليو ويم....“

”فڪر نه ڪر، ڪيترا هڪ هٿيا به وڙهندا آهن.“

”چاڪ ٿيڻ بعد به مان گوريلي رهڻ جو ئي مطالبو ڪندس جي ملڪ جي اتحاد تائين جيئرو رهيم ته چاچي هوُ ڏي خط لکندس. لکندومانس ته فلاڻي تاريخ تي، فلاڻي وقت تي مان پنهنجي ٻانهن ڪپائي هئي ۽ هان ڊئٽ جي غار ۾ سندس ريڊئي تي تقرير ٻڌي هئي......چئو، اهي سڀ ڳالهيون لکانس نه ؟“

سئو، بَي جي ويچارن تي وائڙي ٿي وئي. کيس جواب ڏيڻ کان اڳ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. ”بلڪل توکي لکڻ گهرجي. پر اتحاد واري ڏينهن تائين ڇو ٿو ترسين؟ جيئن ئي چاڪ ٿين ته لکجان.“

بي سرهو ٿي ويو، پر وري منهن تي گنڀيرتا گهيرو ڪري ويس. ”نه، ائين نه ٿي سگهندو مان ان ڏي لکڻ جي لائق ئي نه آهيان. تون لکجانءِ.“

”ڇا ٿو ڳالهائين ! تون بلڪل ان جي لائق آهين.“

”نه ! نه! اهو ناممڪن آهي.“ بي اکيون کڻي پنهنجي مٿان غار جي وٿيءَ ڏانهن نهاريو. سندس خيالن کي سمجهڻ ڏکيو هو. ڇا هن صدر هُو ڏانهن لکڻ چاهيو پئي؟ پر اهو ظاهر هو ته پنهنجي ان خيال ۽ سئو جي ڳالهه تي هو خوش ڏاڍو هو.

روشني گهٽجي وئي. ٻاهر ستت ئي رات پوڻ واري هئي. سئو کي هينئر بي جو چهرو چٽو نظر نه پئي آيو.هوءَ رڳو هن جي ساهه جو آواز ۽ هٿ جي گرمي محسوس ڪري رهي هئي. هن موم بتي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته بَي چيس،”ضروري نه آهي، موم بتي زيان نه ڪر.“

سئو چپ ڪري ويهي رهي، هوءَ وڌندڙ پاڇن هيٺان، پٿر کي ٽيڪ ڏئي، گوڏا اُڀا ڪيو ويٺي هئي. سندس وار ڪلهن تان ڪري بَي واري پٿر تي پئجي رهيا هئا. سندس چوٽي کليل هئي. اڳيان ڪريل وارن کي هوءَ هٽائي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.سندس وار گهاٽا، ڪارا ۽ پَٽ جهڙا نرم هئا. جڏهن به هوءَ چوٽي ڪندي هئي ته ان کي ڪو وقت هٿ لايو ويٺي هوندي هئي. هن کي ان ۾ به ساهه ۽ حياتي نظر ايندي هئي. ان کي هٿ لائي هوءَ محسوس ڪندي هئي ته اها ساڻس خاص لهجي ۾ ڳالهائي رهي هئي. ائين ڪرڻ سان اها کيس سندس مڙس جي ياد ڏياريندي هئي جو ان سان پيار ڪندو ۽ ڳالهائيندو هو. اها کيس سندس ماءُ به ياد ڏياريندي هئي جا مٿس ان کي ڌوئڻ ويل پاڻي وجهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڇڙٻون ڏيندي مهٽين ! ڏاڍيان !“ کيس پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي جنهن کي هو گهر ۾ اڪيلو ڇڏي آيا هئا. هن به چوٽي پوري ڪئي ته ڪوين کي سڏيندو ٻڌائين. موم بتي ۽ لائيٽر بَي کي ڏئي هوءَ اوڏانهن وئي. ڪوين ٻانهون سندس ڳلي ۾ وجهي چيو، ”ٽرانگ ۽ بارين غارکان ٻاهر ويا آهن، جاسوسي ڪرڻ ۽ دشمن جي سڌسماءُ وٺڻ.“

”ڪڏهن؟“

”اصلي هينئر.“

ٿئي ڪٿي آهي؟“

”هائي ٿيپ وٽ.“

”ٻئي ڀينئر لنگهه ڏانهن ويون.

”تون آهين ڇا، سئو؟“

”هائو.“

”ممي“ ٿئي چيو.

”اتي ويهه پٽ، ٿئي. مان ڪو پري ڪونه ٿي وڃان. ادا، ٻڌاءِ ته اسان کي گهڻو وقت گهيري ۾ رکندا ڇا؟“

”اڃا ته سندن پٺتي هٽڻ جو ڪو آثار ئي نظر نٿو اچي. اڄ شام جو ڊئٽ مٿي جبل تي چڙهي ويو هو ۽ سندن چُر پُر جاچيائين. هو گاهه جا کرا ڪٺا ڪري رهيا آهن. خبر نه آهي ته الائي ڇا ڪندا.“

”شايد اسان کي دونهاٽي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا.“

ڪوين چيو.

”ٿي سگهي ٿو، بهرحال گذريل ٻن ڏينهن ۾ سندن ڏيکاريل قوت ۽ ارادن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اسان کي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ غار ۾ ويهن ڄڻن کي ماري ڇڏڻ،_هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه يا ڪارنامو نه آهي. پر هنن جو مقصد ماڻهن جا حوصلا پست ڪرڻ آهي، نه رڳو هتي پر جٿي ڪٿي. ان ڪري سندن اها نيت برباد ڪرڻ وڏي اهميت وارو ڪم ٿيندو. سوڀ سڻائي ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ اسان پاڻي هٿ ڪري سگهون، ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهو سياسي جدوجهد تيز ڪري ڇڏين. دشمن جي ڪمزوري اها آهي ته هو هت ڪو هميشه ترسي نه سگهندو، ۽ اسان لاءِ خراب ڳالهه اها آهي جو ڳوٺ کان ڪٽيل آهيون.“

”اسان جا ماڻهو به کين آرام سان ويهڻ ڪونه ڏيندا،“

ڪوين چيو. ”ٽام چان، سندس زال ۽ ٻيا ڳوٺ ۾ ترسيل ساٿي سمجهن ٿا ته کين ڇا ڪرڻ گهرجي. باقي رهيو پاڻيءَ جو سوال، سو ڏسون ته ٽرانگ ۽ بارين ڪهڙي خبر چار ٿا آڻين، جي نديءَ تي وڃڻ ممڪن آهي ته اسين عورتون وڃي پاڻي کڻي اينديوسين. مٽن کڻڻ تي اسان وڌيڪ هريل آهيون.“

هائي ٿيپ پنهنجو ريديو ٽرانزسٽر چالو ڪيو ۽ هنوئي اسٽيشن لڳائي. يڪتاري جا سُر اچي رهيا هئا. پهريون سُر هو

”هين لوانگ جي ڪنارن تي.“ ائين پئي لڳو ڄڻ سازندن جي سڄي دل آڱرين رستي يڪتاري جي تار تي اچي ڪري هئي، ۽ هر تانَ ۾ سندس دل ڌڙڪي رهي هئي. رکي رکي ائين پئي لڳو ڄڻ سندس ساهه بند ٿي ويو هو، اڪيلو آواز پئي آيو. اهو ماٺ پئي ٿيو ته وري شروع ڪرڻ ڪاڻ ئي، ۽ جڏهن وري ان سان هڪ ڇوڪريءَ به ڳائڻ شروع ڪيو ته عجيب ماحول ٿي ويو.

ڪوين پنهنجي ڪلهي تي سئو جي کاڏي جو ۽ چيلهه ۾ ٻانهن جو نرم ڇهاءُ محسوس ڪيو. راڳ ۾ زال ۽ مڙس جي ٻه پاسي پيار جو ذڪر هو، ڄڻ اهو هن لاءِ ئي چيو ويو هو. ڪوين ۽ سئو هڪ ڀيرو ان جاٻول لکي ورتا هئا، پر ڪوين پنهنجي ڀيڻ کي اهو ڳائيندو ڪڏهن ڪونه ٻڌو هو. راڳ پورو ٿيوته جهٽ لاءِ سئو چري پري ڪونه. پوءِ سئو ڀيڻ جي ڪلهي تان چري ۽ ٿئي کي چيائين، ”اچ ته سمهون هلي پٽ.“ ٿئي چئي وان ٻار جيان ماءُ جي ڪڍ لڳي.”هو اچن ته مون کي سڏجو، مان ٿئي کي رڳو سمهاري اچان.“ هوءَ اندر گهڙي وئي. ٿئي سندس پٺيءَ تي سوار هئي ۽ سندس ڪنڌ هن جي ڪلهي تي هو. سمهي پئينءَ ڇا، ٿئي.؟“ پر جواب ۾ رڳو ننڍڙيءَ سان هلڻ لڳي ته جيئن هن جي ننڊ نه ڦٽي، هنڌ تي پڄي هن اهڙي آرام ۽ آهستگي سان ٿئي کي اتي ليٽايو جو خبر ئي ڪانه پيس ۽ ستي ئي رهي. جبلت طور هن ماءُ کي ، پاڻ کان ڌار ٿيڻ کان اڳ زور سان پڪڙيو. سئو پنهنجي ڪنڌ وارو رومال لاهي ڌيءَ جي مٿان واڇڻ ڪيو. پر ٿڌ ڪجهه وڌي رهي هئي، سو هن پنهنجي گڊي به لاهي ٿئي، جي مٿان وڌي. ننڍين ٻانهن واري ريشمي صدري سان بيهي هن سوچيو. ”پاڻي آڻڻ لاءِ اهي ڪپڙا مناسب آهن.“ هن ٿئي جي پٺي ٺپي، ٽارچ کنئين ۽ رواني ٿي. هن کي ٿئي پويان سڏ به نه ڪيو، ته به الائجي ڇو هوءَ وري موٽي، ڄڻ ڪا قوت کيس ائين ڪرڻ لاءِ چئي رهي هئي. پوئتي موٽي هن رڳو جُهڪي ڌيءَ جي ڌڪ ڌڪ ۽ ساهه جو آواز محسوس ڪيو۽ ٻڌو پوءِ ڄڻ خاطري ڪري وري موٽي.

همراهه اڃانه آيا هئا.

”سمهي پئي؟“ هائي ٿيپ چيو.

”هائو.“

”ٻار به عجيب آهن ! جنگ به کين سمهڻ کان نٿي روڪي سگهي.“

ڪوين کي آنڌ مانڌ ۽ بي چيني هئي. ”موٽن ڇو نٿا؟ ڪهڙي خبر ڪجهه ٿيو ته نه اٿن؟“

هوءَ پٿر تي ويهي رهي. ان مهل هنن کي ٽرانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”هائي ٿيپ ! ڪٿي آهين؟“

”هتي، هيڏي!“

سيل جو سيڪريٽري ٽرانگ ۽ بارين کي آجيان ڪرڻ لاءِ اٿيو. جي سوڙهي لنگهه کان اچي رهيا هئا. ”ڇا ٿيو؟“ هن چيو.

”پاڻي کڻي اچڻ لاءِ تيار ٿيو.“ بارين چيو. ”هنن جي ڇاوڻي پرينءَ ڀر تي آهي. هن ڀر ڪجهه به ڪونهي.“

”پڪ اٿو؟“

”بلڪل پڪ. پر اسان کي يڪدم هلڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته ڪا مٽ سٽ ٿي وڃي.“

”ٺيڪ آ، هلو ته هلون.“ سئو چيو، ”مٽيون اُتي آهن نه ڪوين؟“

”هائو.“

”تون نه وڃين سگهندينءَ، ڪوين.“ هائي ٿيپ چيو. تون اڃا ڪمزور آهين.“

”پر مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان،“ ڇوڪريءَ احتجاج ڪيو.

”تون هتي رهندينءَ !“ بارين پڪي ارادي سان چيو.

”ٺيڪ ٿا چون، ڪوين. تون هتي ترس. وڃ، وڃي نام نهو کي موڪل ته مون سان هلي.“ سئو چيو.

مرضيءَ خلاف ڇوڪريءَ چيو مڃيو. ٿوري جهٽ کان پوءِ هوءَ نام نهو سان گڏ موٽي.

بارين ٻنهي عورتن کي چتاءُ ڏنو، ”بلڪل ماٺ. توهان اسان جي پويان ٻليءَ جيان چپ چاپ اچو.سمجهيو؟“

ٽرانگ ڪلهي سان ٽيڪ ڏياري پنهنجي ٿامپسن سڌي ڪئي. ”هلو.“

”ٻنهي عورتن پنهنجين پتلونن جا پاچا پنين تائين ڪنجيا، مٽيون مٿي تي رکيون ۽ مردن جي پويان لڳي پيون، لنگهه وٽ بيٺل نگان ۽ ٻين پهريدارن کين خبر دار ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

بارود جي ڌپ سئو جو نڪ ساڙي ڇڏيو هو. پر ٻاهر نڪري هن غار جي گهٽيل ماحول کان آزاد کلي هوا ۾ هڪ ڊگهو ۽ اونهو ساهه کنيو. چارئي جهڪي جهڪي کليل ميدان مان هلڻ لڳا. سئو سڀني جي پويان هئي. ناريلن جي جهڳٽي وٽ پهچي هنن وک ڍري ڪئي ۽ اوندهه ۾ هوريان هوريان خبرداريءَ سان هلڻ لڳا. اوچتو ٽارچ جي روشني اوندهه کي چيري هڪ ليڪ ٺاهي وئي. هو ماٺ ۾ اوٽ وٺي بيٺا. کانئن ڪو اٺ نو فوٽ اڳيان سپاهين جوهڪ جٿو لنگهي ويو. روشني پري ٿي ويئي. پر سندن پيرن هيٺان اچي لتاڙجندڙ سڪل پنن جوآواز اڃا اچي رهيو هو. ۽ پوءِ هوريان هوريان اهو به گم ٿي ويو. هنن نديءَ طرف هلڻ شروع ڪيو. پاڻيءَ تي پهچڻ لاءِ هنن کي رائي ۽ بجري وارو ڪنارو ٽپڻو هو. ٽرانگ ۽ بارين بندوقون تيار ڪري ٻنهي عورتن کي هيٺ وڃڻ لاءِ چيو. سئو ۽ نام نهو تڪڙو پاڻيءَ طرف وڌيون. پهريائين نام نهو اتي پهچي مَٽي پاڻيءَ ۾ ٽٻائي. سئو به تڪڙ ۾ ساڻس شامل ٿي. هوءَ ٻي ڀر تان دشمن جو آواز ٻڌي پئي سگهي. تنبن ۾ ويٺا هو ٽاس کيڏي ۽ زور سان ڳالهائي ٻولهائي رهيا هئا. سئو ڌيرج سان پنهنجي مٽي ڀري. سندس ڀرسان بيهي نام نهو ٻڪ سان پاڻي پيتو، پوءِ مٽي مٿي تي رکي ۽ ڪناري تي چڙهي وئي. سئو به ڪجهه ڍڪ پاڻي پيئڻ چاهيو پئي، پر ائين نه ڪيائين ۽ نام نهو جي ڪڍ لڳي پئي، ناريل جي جهڳٽن وٽ پهچي سئو دل ۾ چيو، ”سڀ خير جي گذري.“

ٽرانگ ۽ بارين سندن اڳيان هئا. سئوپويان پويان هٿ اڳيان لوڏيندي پئي هلي. هن ڪيترائي دفعا ٿاٻا کاڌا ۽ املهه پاڻي هارجڻ کان بچي ويو. هڪ دفعو وري هن ڪنهن ڪاٺيءَ تان ٿاٻو کاڌو. هن مٽي لاهي هيٺ رکي ۽ ڪجهه منٽ ناريل جا پن ڳولڻ ۾ وڃايائين ته جيئن اهي مٽي تي رکي ڇاڇولجڻ کان بچائي. هن ٻيهر مٽي کڻي اڃا مٿي تي رکي مس ته ڪيتريون ئي ٽارچون اچي سندس اکين تي پيون. هڪ سپاهيءَ کيس چڳن کان ڇڪي پٽ تي ڪيرائي وڌو. چئن سپاهين مٿس جُلهه ڪئي ۽ کيس سوگهو ڪري وڌو. سيڪنڊ ليفٽينيٽ با، هٿ ۾ بندوق کنيو، ان اوپري ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ وڌيو جنهن کي سندس سپاهي ٻڌي رهيا هئا.

”جيڪو ماڻهو اڳ هان ڊئٽ ۾ رهيو هجي، سو اڳتي وڌي اچي،“ هن حڪم ڪيو.

هڪ فوجي اڳتي وڌي آيو_نظر پوڻ سان ئي هن رڙ ڪئي، ”اڙي، هيءَ ته سئو آهي.“

”تون سڃاڻينس ٿو؟“

”هائو، پڪي ويٽ ڪانگ آ.“

سٽ سان ليفٽينيٽ سندس صدريءَ کان وٺي ڇڪيو ۽ ٻئي هٿ سان کاڏي وٺي منهن مٿي ڪري پڇيس، ” اهو نالو اٿي؟“

”هائو.“

”ٻيو ڪير هيئي؟“

”گهڻائي هئا پر هن مهل تائين اهي غار ۾ پهچي چڪا هوندا.“

”پاڻي سميت؟“

”ٻيو تڏهن !“

جمعدار کل ۾ اچي ڇٽو. ”سٺو ! ڏاڍو سٺو !“ سئو ڪجهه سمجهڻ ڌاران هوڏانهن تڪيندي رهي. عملدار پنهنجا هٿ پتلون جي گيدن ۾ وڌا، ۽ چٻي چٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اسان پاڻيءَ ۾ زهر ملايو آهي.“
سئو ڳيت ڏني. هن پاڻ کي اڳنا اڇلايو، ڄڻ غار۾ وڃڻ چاهيندي هجي. هوءَ هڪ وک به وڌي نه سگهي. هڪ سپاهي سندس وارن کي قابو پڪڙيو هو.

عملدار گرکيو. ”ڀڄڻ بيڪار آهي. تنهنجا سڀ ساٿي مري ويندا، سمجهيئي؟ ٺيڪ آ، هلو. هن کي به وٺي هلو !“ سئو کي سپاهي گهليندا ويا. سندس ڊگها ڊگها وار کُلي سندس پنين کي ڇهي رهياهئا، هن پاڻ بچائڻ لاءِ ڇتي ڪوشش ڪئي. هان ڊئٽ جبل کان پري هر وک کيس ڳوري لڳي رهي هئي. هن وڏي وات رڙيون ڪري ساٿين کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نام نهو جو آندل پاڻي نه پين، پر هڪ سپاهي يڪدم هٿ ڏئي سندس ٻوٿ بند ڪري ڇڏيو. هن کي اوچتو پنهنجي ڌيءَ جو خيال آيو. ڀيڻ جو ۽ پوءِ ساٿين جو پڻ. هوءَ پاڻ جهلي پير کوڙي بيٺي ۽ پنهنجن محافظن تي ٿڪيندي چيائين، ”وحشي ! بزدل!“

ڪاوڙجي ليفٽينيٽ کيس بندوق جي ڪنداق سان ڌڪي هيٺ ڪيرائي وڌو. ٽارچ جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجي قيدي کي پٽ تي پئندي ڏٺو. ”اڇا ته تون ويٽ ڪانگ آهين ! ۽ ڪنداق جي هڪ ڌڪ تي ئي رڙيون ٿي ڪرين؟

ڇي ڇي!“

هن مٿس ڪروڌ ۽ ڌڪار جي نگاهه وڌي. ”هون ! مان ڌڪ جي ڪري نٿي روئان. مون کي ته روئاري ٿو پنهنجي ساٿين جو خيال ! اها خاطري رک!“



(4)

سئو جي گرفتاريءَ جي خبر تي زام پاڻ کي آپي ۾ نه رکي سگهيو. هو هنڌ تي اٿي بيٺو. خيال سان پنهنجي ٻانهن چوريائين. ٻه ٽي وکون کنيائين، ۽ پوءِ نوڙي تنبوءَ مان ٻاهر نڪري آيو.

پرينءَ ڀر کان رينجر موٽي آيا هئا. ندي ٽپندي هو سئو کي ڌڪ هڻندا آيا هئا ۽ هوءَ ڪيترائي ڀيرا پٽ تي ڪيرائي وئي هئي. نديءَ ۾ پاڻي رڳو گوڏي جيترو هو. هوءَ پيرين اگهاڙي هلي پئي ۽ سندس وار پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندا پئي هليا. ڪناري تي پهچي هن سامهون بيٺل فوجين کي ڏٺو جي ٽارچون کنيو بيٺا هئا. ڪن کي گئس وارا گولا ساڻ هئا. هنن گولا مٿي ڪيا ته سامهون زام کي بيٺل ڏٺو.هو ماٺ ڪيو بيٺو هو، سندس کٻو هٿ کاڏيءَ تي هو ۽ سڄو هٿ پٽيءَ ۾ لڙڪيو پيو هو. هوءَ ماٺ ۾ هن اڳيان ائين لنگهي ويئي ڄڻ ته کيس ڏٺو ئي ڪين هئائين. زام اصل چُريو پُريو ڪونه. سندس ڪو عضوو انگ نه چُريو، ڄڻ ڄميو ٻيٺو هو. هوءَ لنگهي وئي ته پويان هن اوچتو رڙ ڪئي. ”بيهي رهه ڪُتي !“

هوءَ بنا مُڙڻ جي بيهي رهي. زام وڌي اڳيان آيس ۽ اکيون ڇنڀي چيائين، ”ٺيڪ آ، چئو، مون کي نٿي سڃاڻين؟“

سئو غرور سان ڏانهس نهاريو ،۽ پوءِ ڪڇڻ ڌاران اکيون هٽائي ڇڏيائين.

آخر زام وري چيو، ”ڪميڻي، ڪُتي، مان سمجهيو هو ته تون سدائين لاءِ ان غار ۾ رهندينءَ ! پر ات سڀ مرد ۽ عورتون اڃايل آهن. ان ڪري توسان وري ٽڪر ٿيو آ. هڪ ڀيرو اڳ مون توکي ان لاءِ ڇڏيو هو ڇا ته تون وري ويٽ ڪانگن سان وڃي مل؟“

”۽ مان به توکي ساڳيو ئي ڏٺو.“ سئو چيو.

”ڪيئن؟ کولي سمجهاءِ!“

”اڃا تائين ايئن ئي آهين جيئن هئين.هڪ ليفٽينيٽ جو اهڙو گندي ۽ غليظ زبان ۾ ڳالهائڻ ڏيکاري ٿو ته تون سچ پچ اهو ئي آهين جو ماڻهو چون ٿا، يعني غنڊن جي ٽولي جو اڳواڻ غنڊو!“

ان بيعزتي تي زام ڳاڙهو پيلو ٿي ويو. هن پنهنجو ڇرو ڪڍي سئو جي اکين جي سنوت ۾ جهليو ۽ ان جي تيز ۽ چمڪندڙ ڦر کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو گجيو ۽ اهو مياڻ ۾ وڌائين. ”هاڻي جو هاڻي کيس ٿنبي سان ٻڌو.“

رينجر بُنڊ ڳولڻ لاءِ ڊوڙيا. هنن بنڊ ڳولي نديءَ جي ڪناري تي کوڙيو ۽ سئو کي ان سان ٻڌو. زام ڇوڪريءَ جي اڳيان پسار ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳو. ”دل ٿي چوي ته هينئر جو هينئر تنهنجو پيٽ ڦاڙي تنهنجي جگر جي سائيز ڏسان.“ هن چيو، ” پر ان ڪري تون جلد مري ويندينءَ. پر مان چاهيان ٿو ته تون اڃا ٻه ٽي ڏينهن ٻيا جيئري رهه ته جيئن مان توکي به ان ساڳي قبر ۾ داخل ڪري سگهان، جنهن ۾ تنهنجا غار وارا ساٿي ٿيندا.“ هن کڙيءَ تي زور ڏيئي منهن موڙيو ۽ تنبوءَ طرف هليو ويو. سپاهي به سندس رسيون وغيره تپاسي ۽ چڪاسي هليا ويا. رڳو هڪ ڄڻو، زام جي تنبوءَ اڳيان پهري لاءِ بيٺو.

نائلون جي رسي هن جي ٻانهن ۾ وڌيڪ پَڪڙ ڪندي پئي وئي. هن کي واريءَ ۽ رائيءَ تي گوڏن ڀر نوڙائي ٻڌو ويو هو. سندس وار لڙڪي سندس پٺي ۽ پيرن کي ڍڪي رهيا هئا. چند رات جي روشن ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سئو هينئر سمنڊ به ڏسي پئي سگهي. ”چنڊ چڙهي پيو.“ سئو دل ۾ چيو، ۽ لهرن جي ويرن کي واچڻ لڳي. گهڙي کن ۾ کانئس زام، رسيون ۽ سنتري سڀ وسري ويا. هوءَ رڳو پکڙيل ۽ پٿريل ويرون ۽ ڇوليون ڏسي رهي هئي، جبل کان نڪري چنڊ جو ٽيون ڀاڱو مٿي چڙهندو پئي آيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نيري ٽام ۾ پڪل انب لڙڪي رهيو هو.

هوا ماٺي هئي، سمنڊ به سانت جي گود ۾ هليو ويو هو. رکي رکي سمنڊ کان گرم هوا پاڻ سان لوڻياٺ پئي آندي. هوا جي ڪري سئو جي ڪاري صدري ۽ وار سڪي ويا هئا. چنڊ ڪناري تي پنهنجي روشنيءَ سان گڏ هڪ جهڪيل پاڇو به وجهي رهيو هو ۽ ان پاڇي جي پويان اها ٿوڻي به نظر اچي رهي هئي، جنهن سان کيس ٻڌو ويو هو، ۽ جا سندس مٽي کان ڪجهه مٿڀرو پاڇو ٺاهي رهي هئي. جلد ئي سندس وار خشڪ ٿي اڏريا ۽ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳا. هينئر ٿوڻي نظر نه پئي آئي. رڳو ڇوڪريءَ جا وار ۽ چانڊوڪيءَ جا اولڙا پئي نظر آيا. هوريان هوريان هوا وڌندي وئي. سئو هينئر چنڊ کي نه پئي ڏٺو. هن نظر هيٺ ڪري هان ڊئٽ جبل تي وڌي هئي، جو هن جي ويجهو اڀري آيو هو. هن کي اهو ڄاڻڻ جي سخت اُڻ تڻ هئي ته اُتي ڇا پئي ٿيو. ڇا سڀ زهر جي ويا هئا؟ جهڙي اُڃ هين ته ڪير نام نهو جو آندل پاڻي ڏسي ان کي پيئڻ کان جهلي سگهيو هوندو؟ هنن کي ڪيئن خبر پئجي سگهي هوندي ته ان ۾ زهر هو؟ ”اڙي نام نهو، منهنجي ڀينڙي، هنن توکي به ماري ڇڏيو !“ هن کي ياد آيو ته هن ان بيٺل پاڻيءَ مان ڪيترائي ڍڪ ڀريا هئا.....بيٺل ! بلڪل ! جتان هنن پاڻي کنيو هو اتي عام رواجي طور وهڪرو نه هوندو آهي. هنن ات ڍنڍ ٺاهي هئي ته جيئن ان ۾ زهر وجهي سگهن، اسان لاءِ. بلڪل اسان لاءِ. ”سانءِ، منهنجا مٺڙا سانءِ، توکي خبر آ ته اسان جو دشمن ڪيترو نه پليت ۽ شيطان آهي؟“ چانڊوڪيءَ رات ۾ سئو پنهنجي مڙس کي ياد ڪيو، سڏيو ۽ ساڻس ڳالهايو. هن کي ياد آيو ته هتي ئي، هن ڪناري تي ئي، هن هڪ دفعوکيس وار ڌوئڻ ۾ هٿ ونڊايو هو ۽ پنهنجي هٿن سان انهن کي ڦڻي ڏني هئي. هينئر ته سڀڪجهه بدلجي چڪو هو. هينئر ته هن کي اهڙو ڇڪي ٻڌو ويو هو جو سندس هٿ نستا ٿي پيا هئا. سندس ان پاسي ۾ سور ٿي رهيو هو جتي ليفٽينيٽ ڪنداق سان ڌڪ هنيو هوس. پر سڀ کان وڌيڪ جنهن کيس نستو ڪري ڇڏيو هو سا سندس ڳڻتي هئي، اها نه ته ساڻس ڇا ٿيندو، پر پنهنجي ڀيڻ جي، ڌيءَ جي ۽ ساٿين جي ڳڻتي.

سڄي رات هن جون اکيون کليون رهيون. چنڊ لهي، آسمان اورانگهي سندس پٺيان وڃي لٿو، پر هن جي اُڻ تڻ ۽ هورا کورا لحظي لاءِ نه لٿي. باک ڦٽيءَ جي ٿڌڪار تي ٿڪ سبب کيس ڪو وقت ننڊ جو گهيرٽ آيو. سندس ڪنڌ اڳيان ڍرڪي پيو، نديءَ جو وهڪرو وهندو رهيو، ۽ سامونڊي هوائون سندس وارن سان کيڏينديون رهيون، هن اک کولي ته ڏينهن ٿي چڪوهو. سپاهي پنهنجن تنبن مان نڪري رهيا هئا، ۽ ڪناري سان پکڙبا پئي پيا. زام به ٽيڳر سان اچي پهتو، ساڻس گڏ ٻه يانڪي ڪامورا به هئا. هنن سئو ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهايو، ”اکين ۾ خوني چمڪ هوندي به هي ويٽ ڪانگ ڪيتري نه پياري آهي.“

”واهه، واهه، داڻو آ داڻو !“

سپاهي ندي جهاڳڻ لڳا. ٻئي آمريڪي به سئو کي تڪڻ ڇڏي هنن جي ڪڍ ويا. ٻه سپاهي کين ڊڊيءَ تي کڻي پار وٺي ويا. زام ان پاسي مڙيو، پر هڪ ٻه وکون وجهي وري موٽي آيو ۽ چيو، ”ڌيرج ڌر، مٺڙي. اڄ سڀ غار وارا ساٿي وٺي ٿا اچون ۽ هو پاڻي طرف هليو ويو. سندس ٻانهن اڃا پٽيءَ ۾ لڙڪي رهي هئي. هڪ سپاهي کيس کڻي ٻيءَ ڀر پڄايو. اڄ زام به مهم ۾ حصو وٺي رهيو هو. سئو هنن کي ويندو ڏسي رهي هئي. سندس دل جي ماني به تيار ڪري رهيا هئا ته ڏٻيءَ اک سان کيس گهوري به رهيا هئا. چلهه جي چوڌاري ويٺا هو هٿ به هلائي رهيا هئا ته زبان به ”اهڙي سهڻي اسان جي ڀاڳ ۾ ڪٿي آ،“

”ڇاڪندينس. ويٽ ڪانگ اٿئي.“

هن کي ڪاوڙ به آئي پر ساڳئي وقت کلڻ تي به دل ٿيس. پر ماٺ رهندي، هن نگاهون سمنڊ طرف ڪري ڇڏيون. ڏينهن چڙهي رهيو هو. پر سونهري ڪرڻن بجاءِ هوءَ گلابي لهرن کي ڀڻ ڀڻ ۽ سُر سُر ڪندو ڏسي رهي هئي. آسمان جا تاڪ هلڪي هلڪي واڱڻائيءَ مان مٽجي گلابي ٿي رهيا هئا. صبح جي ٿڌائي ۾ هن کي هر اها شيءَ چٽي نظر اچڻ لڳي جا هوءَ رات جو نه سمجهي ۽ سڃاڻي سگهي هئي. ڏينهن جي تپش سندس دل کي به گرمائي ڇڏيو ۽ سامهون هان ڊئٽ رکي وڌيڪ تابناڪ ۽ تهان سهڻو بڻائي ڇڏيو.

هن کي هن جاءِ سان بي انتها پيار هو. اها جاءِ، جتي هوءَ ڄائي هئي. ۽ جنهن جي سوادي ۽ سهڻي ميوي مان هن اها سونهن ۽ صحت ماڻي هئي. هتي ئي ماڻس کيس سمهارڻ لاءِ لوڏيو ۽ لوليون ڏنيون هيون ۽ اتي ئي هن پنهنجي ڌيءَ کي لوڏي ۽ لوليون ڳائي سمهاريو هو. اتي ئي هن هٿ ڀيڪوڙي هٿ مٿي ڪري پارٽيءَ جي جهنڊي کي سلام ڪرڻ سکيو هو ۽ ان پارٽيءَ مان ئي پنهنجي ماءُ پيءُ، مڙس، ڀيڻ، ڌيءَ، ۽ ساٿين سان وڌيڪ سڪ رکڻ ۽ سٺو سلوڪ ڪرڻ سکي هئي. هوءَ هان ڊئٽ سان پيار ڪندي هئي ، اهڙو پيار جو سندس نس نس ۾ سمايل هو. دڙن تي پراڻا گهر، ڀڳل ٽٽل ڏاڪڻيون ۽ ڏاگهرا، جن تان بيهي هوءَ سمنڊ، واهڻ، ٻنيون ۽ پهاڙ ڏسندي هئي، جنهن جي پاسن کان هر شام جو اڇيون ڪونجيون ولر ڪري اينديون هيون. هن جي دل ڪڏهن به هان ڊئٽ لاءِ ايڏو نه ڌڙڪي هئي جيڏو اڄ صبح جو. پنهنجي گوڏن ڀر جهڪي، موت جو انتظار ڪندي، هن کي حياتيءَ سان پيار وڌي رهيو هو، ان ڳوٺڙي جي مٽيءَ سان محبت وڌي رهي هئي، جنهن تي سورج پنهنجا ڪرڻا اوتي رهيوهو. سج وارياسي ڪنارن تي پهچي چڪو هو ‎۽ نوڙندڙ بانس جي ٿڙن تي پنهنجو سون پيٽي رهيو هو. مهاڻن جو هي ڳوٺڙو سندس نور ۾ وهنجي رهيو هو. سئو مهاڻن جي گهرڙن جي منگهن مان دونهون نڪرندو ڏسي رهي هئي، ۽ ڪناري تي سڪائڻ لاءِ رکيل لڙڪندڙ ڄارين جا ڪارا ۽ اڇا نائلان جا ڌاڳا به چڱيءَ ريت ڏسي پئي سگهي، اوچتو ماٺ ۾ مانڌاڻ پئجي ويو. غار ڀرسان ڳري گوليبازي شروع ٿي وئي. سئو ڪنڌ ان پاسي موڙيو. گوليبازي وڌندي وئي. پاڻ هرتو هلڻا پستول، ٿامپسنن ۽ رائفلن جي ڇٽڻ جا آواز وڌندا ويا. سپاهي ندي طرف موٽ ۾ ڌوڪيندا پئي آيا ۽ ڳوٺ طرف رخ هون. پنهنجن ساٿين جي هٿيارن جا آواز سڃاڻي سئو جون اکيون چمڪي پيون ۽ دل خوشيءَ مان اڇلون ڏيڻ لڳي. رڙين ۽ روڄ جي وچ ۾ هن چتائي گوليبازيءَ جو آواز ٻڌي، سندس دل مسرت ۾ مست ٿي پئي. هن ٽپڻ ۽ نچڻ پئي چاهيو. پنهنجا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙڻ پئي چاهيا. ”هو جيئرا آهن ! هو وڙهن پيا! هن ڏاڍيان پاڻ سان ڳالهايو. ڪناري تي بيٺل هڪ ڀاڙيتي زور سان چيو، ”خداجي مار پوين، اهي گوليون اڃا اسان مان گهڻن کي بستري پڄائينديون.“

”اڙي هن زهر واري قصي جو ڇا ٿيو،جو ڪالهه کان پيا پڌون“

”هُل ته ڏاڍا هئا!.....شايد پيتو هجائون ۽ ڪجهه به نه ٿيو هجين، ڏس نه ندي ڪيتري موڪري ۽ ڊگهي آهي. سڄي پاڻيءَ کي ڀلا ڪير زهريلو ڪري سگهندو؟“

سپاهي کي اوچتو سئو ياد اچي وئي. هو خافناڪ شڪل ٺاهي هن طرف مڙيو. پنهنجي آڱر هن ڏانهن ڪئي ۽ چيو، ”ڪنهن به حالت ۾ تنهنجي بچڻ جي ته ڪابه اميد ڪانهي. تنهنجو ته ڄڻ سر اڏيءَ تي آهي.“

سئو هن ڏانهن نهاريو، جواب ڏيڻ لاءِ تيار ٿي، پر وري دل ۾ چيائين، ”ڇڏينس“ جيڪڏهن هوءَ سرهي هئي به ته پنهنجي قسمت تي نه، پر ان ڪري ته سندس ساٿي جيئرا هئا، هو وڙهي رهياهئا ۽ زام جي اڳڪٿيءَ پٽاندر هيٺ گهلجي نه اچي رهيا هئا. اوچتو گوليبازي بندٿي. هڪ ايم جو وڏو ڌماڪو ٿيو. دشمن جواب ڏنو هو. ”خراب ناهي“ سئو سوچيو ”ڪالهه جيان ئي ٿيندو.“ جڏهن وري بندوق بازي شروع ٿي ته سئو سپاهين جي هڪ ٽولي کي ناريل جي جهڳٽن مان ايندو ڏٺو، جن کي ڪلهي تي اسٽريچر هئا.

”مان ڇا چيئي؟ ڏس!“ سئو جي ڀر ۾ بيٺل سنتريءَ چيو ۽ اسٽريچر وارن همراهن ڏي ڀڳو ”اوه! ڪير آ؟“

جواب ڪوبه نه مليو. هو خبرداريءَ سان لاهي لهي رهيا هئا. هنن اسٽريچر واريءَ تي رکيا. زخمين ۾ هڪ آمريڪي به هو جو زور سان کڙيون به هڻي رهيو هو ته رڙي به ،سپاهي سهڪي رهيا هئا ته پگهر به اگهي رهيا هئا.

”حرامزادا! ليفٽينيٽ پئي چيو ته اتي سڀ زهريلو پاڻي پي مري ويا هوندا، غار ۾ اندر گهڙو ! چيائين پئي ! ۽ نتيجو؟_ ڇهه مئا ۽ پنج ڦٽيا. هي يانڪي به ڄاڻ وڃي وڏن سان مليو.“

”ڇا؟ يانڪي به غار ۾ گهڙيو هو ڇا ؟“

”نه، پر اڙي ٿڙي گولي لڳي ويس.“

ڦٿڪندي آمريڪي پنهنجا چنبا واريءَ ۾ وڌا. پوءِ سندس نڙيءَ ۾ کرکر ڪندڙ آواز بند ٿي ويو، سندس ڄنگهون آخري ڀيرو ٻه ٽي دفعا زور سان ڦٿڪيون، ۽ پوءِ ڪنڌ لڙي پيس. ٽوپلوجهڪي اچي منهن تي پيس. هڪ سپاهي اڳتي وڌي آمريڪيءَ مٿان نوڙيو. آڱر نڪ تي رکيائين ۽ چيائين، ”ختم!“

”مري ويو؟“

”ها،ساهه ته نٿو کڻي،“ رينجر جو آواز مئل سان ڪوبه لاڳاپو نه ڏيکاري رهيو هو. ڄنگهون ٽيڙي هٿ ٻنڊڻن تي رکي هو آمريڪيءَ کي تڪي رهيو هو.

ڀر ۾ ڪنهن ٻيٺل چيس، ”هيڏانهن کڻي اچوس نه ته عذاب ۾ اچي ويندوُ.“

”ڇا مطلب اٿئي؟ هي اڪيلو ته ناهي! اسان جا زخمي اڳ ۾ ايندا،“

اسٽريچر کڻندڙن چئن زخمين جا اسٽريچر کنيا ۽ ندي جهاڳڻ لڳا. رت نديءَ جي پاڻيءَ ۾ دٻڙ دٻڙ ڪري رهي هئي. هو سئو وٽان لنگهيا ته هن واريءَ تي ڳاڙهي رت جي ليڪ ڏٺي. مئل يانڪيءَ کي به هن پار آندو ويو. لڙڪندڙ ڪنڌ تان ٽوپلو ڪري وڃي پاڻي ۾ پيو، ۽ ترندو ويو. سئو ڪڪن وارن ۽ ڊگهي نوڪدار نڪ جي جهلڪ ڏٺي.

گوليبازي بند ٿي ويئي. سئو سمجهي وئي ته مڙيوئي ڪا خراب ڳالهه ٿيڻي هئي. هن ان کي منهن ڏيڻ لاءِ دل ٻڌي. هن کي سندس مڙس جا لفظ ڪن ۾ جهونگارڻ لڳا. ”اسان کي ڪڏهن به دلگير نه ٿيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان سور سولا ٿي پوندا.“ ان جي جواب ۾ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ٺيڪ آ، مان ئي ڪنديس جيئن تون چوين ٿو. مون کي ائين نه ڏسي سگهنديس. موٽي اچين ته گهڻو ڏک نه ڪجانءِ. مان توکي چاهيان ٿي، ڇو جو خبر اٿم ته گذريل ستن سالن ۾ به ڪا گهڙي اهڙي نه هوندي جنهن ۾ تو مون کي ۽ ٿئي کي نه ساريو سنڀاريو هوندو. موٽي آئين ته مون کي نه ڏسي غمگين ٿي ويندين. مون تي ناراض نه ٿجانءِ. مان اڳواٽ ئي ان لاءِ معافي ٿي وٺانءِ.جيڪڏهن ٿئي ملي وڃئي ته ان جي سار سنڀال لهج، اها ئي تو وٽ منهنجي نشاني اٿئي. ان کي چتائي ڏسندين ته منجهس مان نظر ايندس. خبر نه اٿم ته ساڻس الائجي ڇا وهي واپري، پر اها پڪ اٿم ته هوءَ اڃا حيات آهي ڇو جو پنهنجا ساٿي اڃا جيئرا آهن ۽ سندن هٿ ۾ بندوقون آهن....“

سانءَ سان ڳالهائيندي، سئو کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو سچ پچ سندس پاسي م بيٺو هو. پوءِ هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو خيال آيو.

”هن مهل ڇا پئي ڪرين، امان؟“ باغ ۾ ڪم پئي ڪرين؟ مال کي چارو پئي وجهين؟ ٽن ڏينهن کان توکي نه ڏٺو اٿم.... ۽ شايد وري نه ڏسانءِ. امي، منهنجي خاطر ٿئي کي سنڀالجانءِ ! ائين سار لهجانس جيئن اڳ سئو جي لهندي هئينءَ . ۽ ائين تون مون کي هميشه پنهنجي اڳيان ڏسندينءَ.“

”ڪوين! منهنجي ادڙي! تون نگان سان پڪ سرهي رهندينءَ. جوڌو جوان، سٺو سلڇڻو ساٿي ۽ ڪارائتو ڪميونسٽ! مان تنهنجي شاديءَ تي نه هونديس. ان ڪري ڪهڙو فرق پوندو. مان خوش آهيان ته تنهنجو آئندو سٺو ٿيندو. پنهنجا سڀ ارادا ۽ مهمون پوريون ڪج. امان جي مون جيان سنڀار لهج ۽ ٿئي جو خيال ڪج، ان کي پيار ڪري مون کي ياد ڪج. ڪندينءَ نه، منهنجي ڀينڙي؟“

هن کي ائين به لڳي رهيو هو ته ماڻس ۽ ڀيڻس ڀرسان بيٺا سندس ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. هن نرمي ۽ ميٺاج سان چيو ”اڙي ٿئي، تون نه مرجانءِ منهنجي جان“ پوءِ هوءَ خيال ئي خيال ۾ ننڍڙيءَ کي ڪڇ ۾ ڪري پيار ڪرڻ ۽ چميون ڏيڻ لڳي. سئو سوچ ۾ سهي هئي. جنهن ڳالهه جي ٿيڻ جوهن کي ڀوُ هو، اها اوس ٿي، جنهن ويل هوءَ پنهنجي ٻار سان تصور ۾ پيار ڪري رهي هئي، ان مهل غار جي طرف کان لهي سپاهي هن ڏانهن ڊوڙندا آيا. انهن مان هڪ هن کي کوليو ۽ چيو،

”اٿي بيهه !“

هن ڪوشش ڪئي پر بيهي نه سگهي. هن جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڪُڙجي ساڻيون ٿي ويون هيون. سپاهي هن کي واريءَ تي گهلڻ لڳو. پاڻي وٽ پهچي هن سپاهي کي چيو، ”مون کي ڇڏي ڏي ! مان پاڻ ئي هلنديس.“

اڳتي چُرڻ کان اڳ سوُ کي ڪيترائي ڀيرا جهڪي ڄنگهن کي مهٽڻو ۽ سڌو ڪرڻو پيو. هوريان هوريان هوءَ ندي جهاڳي وئي _ ٻيءَ ڀر تي هڪ سپاهي غار طرف اشارو ڪيو ۽ رستو ڏيکاريو. ٻئي کانئس پڇيو، ”خبر اٿئي، ته توکي ڪيڏانهن پيا وٺي هلون؟“

”نه“

”ڪمانڊر حڪم ڪيو آهي ته توکي مٿي غار جي اڳيان وٺي هلون.“

”مون سان اتي ڇا ڪندا؟“ هن پاڻ کان پڇيو، ”ضرور ڪا چالبازي هوندي. ڏٺو ويندو. ڇا به ٿي پئي هو منهنجو ايمان نه لوڏي سگهندا.“

ناريل جي جهڳٽن ۾ پهچي، سپاهين سئو کي ڪمانڊر آڏو پيش ڪيو. ڀوري چمڙي ۽ هڏاون منهن وارو ڪمانڊر مٿي اگهاڙو هو ۽ پنهنجي سٺي نموني ٺهيل وارن جي نمائش ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ چانديءَجي ٽوپيءَ واري چمڪندڙ ڪاٺيءَ جي ڏنڊي هئي،جنهن کي هو سرتال سان لوڏي رهيوهو. زام ۽ ٻيا ڇاڙتا سندس پٺيان هئا. سئو کي ڏسي ڪپتان گنڀير ٿي ويو. کيس نهن کان چوٽيءَ تائين تڪي، هن پنهنجون تريون ٻنڊڻن تي هنيون. پوءِ هڪ مرڪ سان هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”اهو ڇا؟ اهڙي سهڻي سوڀيا واري ٿي ڪري به تون ويٽ ڪانگن سان ملي آهين؟“

سئو منهن ڦيري ڇڏيو.

تنهنجو مڙس اتر ۾ ڀرتي ٿيل آهي، اٿئي نه؟“ ڏس، مون کي سڀ خبر آ، اها به خبر آ ته تون اسان جي چوڻ جي باوجود هن سان ناتا نه ٽوڙيا آهن. ٺيڪ آ. ڏاڍو سٺو_هڪ وفادار زال آهين،“

سئو ماٺ رهي. ڪمانڊر پنهنجو بيان جاري رکيو، ”مڙس کي ڇڏڻ کان انڪار ٿيڻ ڪري مان توتي علامت نٿو ڪريان. اڃا ويتر مبارڪ ٿو ڏيانءِ. پر تنهنجي ويٽ ڪانگن سان ملڻ تي مان توکي داد نه ڏيندس. اها خودڪشي آهي.“

سئو مرڪي. جنهن جو مطلب هو، ”توهان وٽ ان پراڻي سر کان سواءِ ٻي ڪا ڪرڻ جهڙي ڳالهه نه آهي، تو جهڙن ماڻهن کان اهي جملا ٻڌي ٻڌي منهنجا ته ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آهن !“

پرڪمانڊر بس ڪرڻ ته سکيو ئي ڪين هو. هو پنهنجي گوهر افشاني ڏيکارڻ لڳو. هن ”شخصيات“ ”سماجي ترقي“ ۽ نگوڊين ڊيم جي ”قومي سرڪار“ جي ساراهه ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن جا هو ۽ سندس سپاهي بهترين نمائندا هئا. آخر ۾ هن چيو، ”پنهنجي مڙس جي واٽ نه نهار.ٻئي حصا ڪڏهن به ڪٺا نه ٿيندا. جيستائين اسان آهيون. جيستائين آمريڪا آهي، تيستائين اتحاد نه ٿيندو، سوال ئي نٿو اٿي.“

پاڻ نه جهلي سئو جواب ڏنو، ”توهان ۽ آمريڪي اهو ئي چاهيو ٿا، پر اسين، يعني عوام، ٻيءَ طرح سوچيون ٿا. دير يا مدير اسان توهان کي ڌڪي ڪڍنداسين ۽ ملڪ گڏينداسين.“

”ڇا؟ اسان کي ڌڪي ڪڍندوُ؟“ ڪمانڊر کليو ۽ سندس اکيون ٺٺولي واري انداز ۾ کلي پيون. ”اهم ڪم ڪڏهن شروع ڪرڻ جو خيال اٿو،؟ ڏس،“ هن غار طرف اشارو ڪندي ڳالهه جاري رکي، ”دير ۾ دير سڀاڻي تائين تنهنجا ساٿي چئني عضون تي بانبڙا ڏيندا هيٺ لهي ايندا ! اسان کي ڌڪي ڪڍجو ! ڏاڍا ماڻهو ۽ هٿيار هوندؤ!“

”تون ڀليل آهين، هو ڪڏهن به نه ايندا.“

شرارت واري مرڪ هن جي چپن تان گم ٿي وئي. هن جو منهن رنگ ڇڏڻ لڳو. پنهنجي ڪاوڙ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هو جهٽ ماٺ رهيو. پوءِ پنهنجي ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”مائڪروفون تيار آهي؟“

”هائو ، سائين !“

هن مَد شَد سان چيو، گهلي هلوس، اوڏانهن.“

زام جي ماڻهن سئو کي اڳنا گهليو ۽ ڇڪيو. ڪمانڊر ۽ زام به تڪڙو تڪڙو سندن پٺيان هليا. نفسياتي کاتي جو هڪ جوان ۽ سڄيل منهن وارو ليفٽينيٽ اڳ ئي اتي بيٺو هو ۽ سندس هٿ ۾ مائڪروفون هو.

ڪمانڊر سئو ڏي ويو. ”ٻڌ. اچ ته تون ۽ مان پاڻ ۾ ٺاهه ڪريون. حياتي جو قدر اٿئي؟ جي ها، ته مان انجام ٿو ڪريان ته تنهنجي زندگي بچائي ويندي. جي حياتي پياري نٿي ته مان توکي اک ڇنڀ ۾ ماري سگهان ٿو. هاڻي جلدي جواب ڏي!“

سئو سڌو اکين ۾ نهاريو. ”ڪوبه مرڻ نه چاهيندو.“ هن چيو ” مان ڇو چاهيان؟“

ڪمانڊر جي چپن تي وري مرڪ موٽي آئي. ”اڇا. ٺيڪ آ. توکي به زندگي پياري آهي ؟ چڱو“ هن ڳالهه جاري رکي، غار طرف ڏنڊي سان اشارو ڪندي چيو، ” ته پوءِ سڀ ڪم سڻائو آهي. توکي ايترو چوڻو پوندو ته تون آڻ مڃي پاڻ پيش ڪيو آهي، ۽ ٻين لاءِ ان نقش قدم تي هلڻ بهتر ٿيندو. انهن کي ٻڌاءِ ته مان توسان سٺو ورتاءُ ڪيو آهي ۽ انهن سان به اهڙي ئي ورتاءُ جو وچن ڪريان ٿو جي هٿيار ڦٽا ڪري ان پناهه گاهه مان نڪري ايندا، بس، قبول آ؟“

ڪمانڊر رڪيو ۽ ترسيو. مائڪروفون واري ماڻهو اهو وڌائي سئو جي وات اڳيان جهليو. زام يڪدم پنهنجي مياڻ مان ڇرو ڪڍيو ۽ نوجوان قيدياڻيءَ طرف وڌيو. هٿ پويان ٻڌي ڪمانڊر بيٺو سئو جي هرڪا چرپر جاچي رهيو هو. هن کي پڪ هئي ته موت آڏو هو پاڻ پيش ڪندي. هو ان جاءِ تي هجي ها ته حياتيءَ لاءِ ان کان به وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ها. اهو ٿي ئي نه ٿي سگهيو ته ڪا نوجوان عورت، ۽ سا به سهڻي، زندگيءَ کان انڪار ڪري سگهندي.

پر سئو بت بڻي بيٺي رهي ، ۽ ان مائڪروفون کي تڪيندي رهي جو مٺ جيترو ننڍڙو هو ۽ ٽُنگن سان ائين ڀريل هوجيئن ماکيءَ جو مانارو ! هن کي خبر هئي ته ڪي وکون پرڀرو غار ۾ سندس ساٿي هئا جي کيس چڱي چٽيءَ طرح ٻڌي پئي سگهيا.

بي صبريءَ وچان ڪمانڊر پنهنجو منهن مٿي ڪيو، ”چئو ؟ ها يا نه ؟“

سئو وک اڳتي وڌي. ”ٺيڪ آ. مان ڳالهائينديس.“

(5)

غار ۾ همراهه ٻي چڙهائيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. سندن بندوقون تيار هيون. دشمن جو هڪ حملو ناڪام بڻايو ويو هو ۽ پوءِ وري ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه آيو هو. ڪلاڪ ٿي ويو، پر دشمن اڃا اتي بيٺو هو. هو سپاهين کي ناريل جي جهڳٽن ۾ ايندو ۽ ويندو ڏسي رهيا هئا. هرڪو هٿيار سنڀاليو چسٽ ٿيو بيٺو هو.

”سئو پڪ ئي پڪ گرفتار ٿي چڪي آهي يا ماري وئي آهي، ”نگان هائي ٿيپ کي چيو.

”گهڻو ڪري گرفتار ٿي چڪي آهي. ڇو جو رات ڪوبه ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ نه آيو.

پوءِ هائي ٿيپ ماٺ ٿي ويو. گذريل رات کان هو اڻ وسيهل ۽ وس کان ٻاهر حالتن کي منهن ڏيئي رهيو هو. موٽندي ئي نام نهو کي ڳڍڙيون پوڻ شروع ٿيون هيون، هوءَ پيلي پئي ٿيندي ويئي ۽ پگهر جهل نه پئي ڏنس. شڪجي هائي ٿيپ اوچتو هن کان پڇيو هو ته هن نديءَ جو پاڻي ته نه پيتو هو. ڪنڌ ڌوڻي ڇوڪر پٽ تي ڦهڪو کائي ڪري پئي. هائي ٿيپ سندس نڙيءَ ۾ آڳر وجهي کيس الٽي ڪرائي ۽ هن هيڊي هيڊي پاڻياٺ کي اوڪاري ڪڍيو. هن اندازو لڳايو ته پاڻيءَ ۾ زهر اڇلايو ويو. پاڻيءَ جو مسئلو اهو ئي رهيو هو. ان کان پوءِ سئو جي گمشدگي. سڄي رات ڪنهن به ننڊ نه ڪئي. اڌ رات جو ٿئي اٿي رڙيون ڪرڻ لڳي. ”ممي!ممي! جڏهن دستوري طرح وٽس نه آئي ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي. تڏهن ماٺ ڪيائين جڏهن ڪوين اچي ٺپڪيون ڏنس. صبح سان ماءُ کي نه ڏسي ڇوڪري زور زور سان روئڻ لڳي، ڪوين ريجهاريس ته ماڻس ڪنهن ڪم سان ڳوٺ وئي هئي. سئو جي گم ٿيڻ غار ۾ هر ڪنهن کي فڪرمند ڪري ڇڏيو هو. اهو سهڻ کان پري هو. مرندو ڏسڻ سهي سگهجي پيو پر هيئن گم ٿيڻ نه. کين خبر ڪانه هئي ته ساڻس ڇا وهيو واپريو هوندو. ٽرانگ ۽ بارين ڏٺو ته واپسيءَ ۾ هوءَ اوچتو گم ٿي وئي هئي. هو وري موٽي کيس ڳولڻ ويا، وڻ وڻ ٻوٽو ٻوٽو ڪري کيس ڳوليائون پر سڀ اٿل، ۽ هنن کي پڪ ٿي وئي ته هوءَ به نام نهو جيان زهرجي مري چڪي هئي. آخر ۾ نگان پاڻ ويو، پرهن جي ڳولا به ڪو کڙتيل نه ڪڍيو.

سڄي رات آنڌ مانڌ ۾ گذري. هرڪو پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو ۽ پڇتاءُ ڪري رهيو هو. هر ڪنهن پاڻ تي سئو واري ڪم نه کڻڻ تي ملامت پئي ڪئي. جيتوڻيڪ هن هڪ گولي به نه هلائي، پر سندس سڄي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست سنڀاليو هو. هن جي موجود گي معنيَ سٺي سار سنڀار، ماٺا قدم، ۽ توريل تڪيل چرپر هئي. ننڍي هوندي کان ئي هوءَ سڀني جي دلين ۾ گهر ڪري وئي هئي. جهرڻي، چراگاهن ۽ ميون جيان هوءَ به هان ڊئٽ جي ملڪيت ۽ ورثو هئي، ۽ ان کان الڳ نه پئي ٿي سگهي. سندس سونهن ۽ سون ورني دل علائقي لاءِ فخر جو ڪارڻ هئا. ان کان به وڌيڪ ته هو پنهنجي مڙس لاءِ پيار ۽ وفاداريءَ جو مجسمو هئي. هوءَ اهڙي عورت هئي جا نه رڳو ڳوٺڙي جو اٽوٽ انگ هئي، پر هر آزمائش ۽ امتحان ۾ ساٿين سان ساڻ ۽ شريڪ هئي.

هائي ٿيپ اداس ۽ ٿڪل ٽٽل پئي لڳو. منجهن هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا بار ۽ جوابداريون هيون. پر سئو سڀني کان اڳير ۽ تڪڙي هلي وئي. اتر ۾ وڙهندڙ مڙس جي هن زال سڀ ڪنهن کان وڌيڪ سٺو هو. رڳو ٻه ڏينهن اڳ سئو، هائي ٿيپ کي مڙس وٽان خط پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هن جون آڱريون ڪيئن نه ڏڪي رهيون هيون ! هن کي ياد آيو ته ٻئي دفعي گرفتار ٿيڻ مهل سئو ڇا چيو هو؟“ ”منهنجي پنهنجي لاءِ اها ڳڻتي نه آهي. ڀل حياتي هلي وڃي. پر ٿئي، ويچاري ! ۽ اتحاد ٿيڻ کان پوءِ جي سانءِ موٽي آيو ته کيس به مون کي نه ڏسي، ڏاڍو صدمو رسندو.“

پنهنجي تجربي مان هائي ٿيپ ڄاتو پئي ته انقلاب جي ڏکين مرحلن ۾ سدائين اهڙيون عورتون وجود رکنديون آهن. هو ڪميونسٽ طور پنهنجي ساک ۽ ملڪ جي عزت بچائڻ خاطر هميشه ئي ائين ورتاءُ ڪنديون آهن. هو مستقبل جي مسرتن ۽ مڙسن ۾ ائين ئي ويساهه ۽ ايمان رکنديون آهن. اتحاد لاءِ، انهن کان وڌيڪ ڀروسي ۽ ايمان سان ڪو ٻيو اوسيئڙو نه ڪندو آهي.

پرهائي ٿيپ لاءِ سئو پنهنجو نمونو پاڻ هئي. رات جو هن ٿئي کي ماءُ کي سڏيندو ٻڌو هو. ۽ تڏهن ئي جنگ جو ٻوجهه هن تي تهان وڌي ويو هو. صبح جو اڃا ڳڻتي جهڪي ئي ڪانه ٿي هيس جو وري مقابلو شروع ٿيو. هو يڪدم لنگهه طرف ويو هو. اڳ جيان هيل به دشمن بيوقوفن جيان غار ۾ اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ ان ڪري هيل هو وڌيڪ لاش ڇڏي، ۽ زخمي کڻي موٽي ويا هئا.

هو اجايو ٻئي حملي جو انتظار ڪري رهيا هئا. وري ماٺ ٿي وئي.

سج چڙهي چڪو هو. ڪوين ڀُڳل چانور ورهائڻ شروع ڪيا. ٻاهر مئل دشمنن جا لاش پيا هئا. ناريل جي جهڳٽن ۾ سپاهين جي اچ وچ جاري رهي. رکي رکي ايم_ بي جو ڌماڪو پئي ٿيو نه ته وري ماٺ پئي ٿي وئي. پکين جي چرپر، نوريئڙن جون ڪرڪر ۽ پريان سمنڊ جي ويرن جي جهرجهر ٻڌي پئي سگهيا. نه ته ستائيندڙ سانت هئي، ماحول ۾ تاڻ هئي، ۽ هرڪوگهوڙي تي آڱر رکيو تيار ٿيو بيٺو هو، خاڪي وردي نظر اچڻ سان ئي سڄي حالت گم ٿي ويندي ۽ گوليبازي شروع ٿي ويندي، ۽ وڌيڪ مڙهه مٽيءَ ملندا.

پنهنجي ڇپن جي پويان لڪي ويٺل هر ڪو گوريلو پراعتماد هو ته سندس گولي ڪڏهن به نه گسندي ، ۽ هڪ نه هڪ کي سيٽائيندو. غار جو منهن چست وٺڻ لاءِ بهتر جاءِ هئي. هوريان هوريان هنن کي غار جي سٺين ۽ خراب جاين ۽ خامين ۽ خوبين جو پتو پئجي ويو. خوبي اها هئي جو اها بچاءَ لاءِ بهتر جاءِ هئي. خامي ها هئي جو پاڻي ڪو نه هو. ان خاميءَ ڪري ئي نام نهو مري بچي هئي ۽ سئو گم ٿي وئي هئي، هر ڪنهن جي نڙي سڪڻ ۽ سڙڻ لڳي. هر حملي کان پوءِ نڪرندڙ پگهر ان اُڃ کي وڌيڪ تيز پئي ڪيو. بارين ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي، ”ڪتي جا پٽ ! پاڻيءَ ۾ زهر ملائڻ جي حد تي وڃي پهتا!“

ڪوين جي موجود گيءَ جو به خيال نه ڪندي هن اڃا به وڌيڪ گاريون ۽ گندا لفظ ڪڍيا. پوءِ هن هڪ هڪ دشمن کي ماري ختم ڪرڻ جو قسم کنيو، ۽ آخر ۾ رات جو سئو وارن جي پويان پويان نه اچڻ ڪري پاڻ تي ڦٽڪار ڪئي. ”مان سمجهيو هو ته اڳيان اڳيان هلڻ ڪري اسان ئي اول دشمن جي منهن پونداسين !“

”ڏوهه منهنجو هو،“ هائي ٿيپ چيو، ”مون زهر بابت نه سوچيو هو. مون کي سندن وحشت جو اندازو هئڻ گهربوهو.....“

هواوچتو ماٺ ٿي ويو. ٻاهران هنن لائوڊ اسپيڪر چالو ٿيڻ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ آواز، ”هيلو هيلو! ٻڌو! ٻڌو!“

غار جي سانتيڪي ماحول ۾ آواز گونججي ويو.

”هيلو! رعيتي راڄ جي فوج غار ۾ ويٺل ويٽ ڪانگن کي اطلاع ٿي ڏئي ته انهن مان هڪ نگوين ٿي سئو اسان جي هٿ چڙهي آهي. قومي سرڪار جي نياءَ واري پاليسيءَ سان متفق ٿيندي ۽ ان سان سهڪار ڪندي هوءَ توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي.“

آواز بند ٿي ويو. لائوڊ اسپيڪر وري ڪر ڪر ۽ غر غر ڪرڻ لڳو. غار ۾ هر ڪنهن نراسائيءَ وچان ٻاهر تڪڻ شروع ڪيو. هنن کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو. مائڪروفون رائفل جي نشاني جي حد کان پري رکيو ويو هو. هو سوالي نگاهن سان هٻڪي ڏانهن نهارڻ لڳا. هنن جي سمجهه جواب ڏئي چڪي هئي . ڇا هنن صحيح ٻڌو هو؟ ڇا هو پنهنجي ڪنن تي ويساهه ڪري پئي سگهيا؟ پر هنن اهو ڪجهه ڪنين ٻڌو هو. ڀلڻ جو سوال ئي نه پئي اٿيو. ڪوين جا ان مهل نگان کي ڦلن جي مُٺ ڏئي رهي هئي، ايترو حواس خطا ڪري ويٺي جو خبر ئي نه پيس ته چانور سندس مڱيندي جي تريءَ تان وهي هيٺ پٽ تي ڪري رهيا هئا، هوءُ پيلي ٿي ويئي ، اکيون ڀوُ ۾ ڦاٽي پيس، ۽ چپ ڪنبڻ لڳس، ڄڻ چيخ ڪرڻ واري هئي. هن مٺيون ڀيڪوڙيون، چپ چٻاڙيو ۽ پير زمين ۾ کُپي ويس نگان هن کي ڪڏهن به اهڙو هراسيل نه ڏٺو هو.

هائي ٿيپ به هيڊو ٿي ويو ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳو. پرڪجهه به ڏسي نه سگهيو. هن سوچيو، ”ظاهر آ ته سئو تي دشمن سختي ۽ دٻاءُ آڻي رهيا آهن. پر اهو سوچي ئي نٿو سگهجي ته ڪو هوءَ ائين آڻ مڃيندي.ٻيو ڪو ڪري سگهيو ٿي پر... هوءَ هرگز نه.....پر هوءَجوان آهي، سندس زندگيءَ جا ٻيا ناتا رشتا ! جي هن غداريءَ جا ٻول ٻوليا ته آفت اچي ويندي، ڇو جو سئو جا لفظ، جنهن کي هرڪو چاهي ٿو، هن نازڪ موقعي تي چڱن ڀلن کي بي همت ڪري ڇڏيندا. سندس هر هڪ لفظ، هن مهل، اهم....“

لائوڊ اسپيڪر جي کڙ کڙ بند ٿي وئي. وري ڀونڪ آئي. ”هوشيار. غار وارو، هوشيار ٿيو! هينئر نگوين ٿي سئو توهان کي خطاب ڪندي.“

هنن ٻاهر ڏٺو. آسهڻ جو ڳو ماحول وڪوڙي ويو. هنن کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پيو. هنن سئو جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.

”ساٿيو! مان سئو آهيان.“ پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو چئي وئي. ”ساٿيو ! هنن تي اصل اعتبار نه ڪجو. ڪوڙ ٿا ڳالهائين! مان ڪڏهن به آڻ نه مڃينديس. پاڻي نه پيجو اهو زهريلو اٿو. هٿيار نه ڦٽا ڪجو. توهان سڀ ٺيڪ آهيو؟ ۽ منهنجي ڌيءَ اڃا جيئري آهي نه ؟ جي ها ته گولي هلايو ته مان سمجهي وڃا....“ پوءِ ڌِڪي جو آواز آيو ۽ مٺڙو آواز بندٿي ويو. غار ۾ هر ڪو اداس شڪل ڪيو بيٺو هو. هر منهن تي ڳوڙها هئا. بارين ٽپو ڏئي وچ غار ۾ اچي بيٺو ۽ ٻاهر گولي هلائي.

(6)

هيٺ پهريائين ڪمانڊر جو رنگ ڇڏائي ويو۽ پوءِ اچي گارين ۾ ڇٽو. زام لت هڻي سئو کي ڪيرائي وڌو ۽ پوءِ مٿان لتن جو وسڪارو ڪري ڏنائين. پر بارين جي گوليءَ جي آواز معجزو ڪري ڏيکاريو. زمين تي لتاڙجڻ جي باوجود سئو جو منهن سرهو ۽ چرهو هو. هن جو من خوشيءَ ۾ ٽپڻ لڳو. ”هو جيئرا آهن. سڀ اڃا حيات آهن!“ هن غار تي آخري نگاهه وجهڻ لاءِ پاڻ کي اٿارڻ ۾ کڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو گهوريندي رهي. شايد هوءَ ان کان به اڳنا ڪجهه ڏسي رهي هئي. هن جي هڪ هنڌ کتل اکين ۾ خوشيءَ جي جوت جلي رهي هئي، ۽ انهن اتان هٽڻ نه پئي چاهيو. اکيون، جن ۾ پيار ۽ آس هئي. جن ۾ اطمينان ۽ احساس هو، ۽ جن ۾ آخري موڪلاڻيءَ جي جهلڪ هئي. سئو جون سهڻيون اکيون شاندار ٿي چڪيون هيون.

”لٽاڪايوس!“ ڪمانڊر چيخ ڪئي، ”هتي، هن ناريل جي وڻن تي، ته ڀل دوست به ڏسي سگهنس!“

رينجرن سئو طرف لور ڪئي، کيس گهليو ۽ سندس هٿ پٺيان ٺونٺ وٽان هڪ ڊگهي رسيءَ سان ٻڌا. زام هڪ اهڙو ناريل جو وڻ چونڊيو جو غار جي طرف ٿورو جهڪيل هو. ”هن کي هتي لٽڪايو.“ هن چيو، ”تون ! مٿي چڙهه ۽ ٿڙ کي ڪٽي ٿوري ڦاسائڻ جي جاءِ ٺاهه !“

زام. سپاهيءَ کي مٿي چڙهندو ڏٺو. هن چاقوءَ سان کوٽي ٿُڙ ۾ گهُچُ ٺاهيو. ”ڪافي آ !“ هن ڪتي جيان رڙ ڪئي،

”بس، لهي آءُ !“

سپاهيءَ چاقو ڦٽو ڪيو، ۽ هيٺ لهي آيو. هن زمين تي پير مس رکيو ته، زام کيس سئو کي ٻڌل نوڙي ڏني ۽ مٿي وڃي ٻڌي اچڻ لاءِ چيو.

سئو سُڪ ٻڌل هئي. سپاهي کيس مٿي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هئا.

”ساٿي مون کي ڏسندا،“ سئو چيو، ”۽ مورڳو توهان کي وڌيڪ ڌڪاريندا. توهان کين ائين ڀاڙي ڪري نه سگهندا !“ ٻئي سپاهي ڪجهه هٻڪيا. پر زام رڙ ڪئي، ”هلو !“

هنن نوڙيءَ کي ڇڪيو. سئو جي ڪشمشن کي روڪڻ لاءِ هو تيستائين سندس ڄنگهن کي جهليو بيٺا هئا جيستائين سندس پير پٽ کان ڌار نه ٿيا. پاڻ پتوڙيندي ڇوڪري پنهنجي پير سان هڪ سپاهيءَ کي مُنهن جو ٿڏو هنيو. رتورت منهن هٿ ۾ جهلي هن رڙ ڪئي ، ”يا يسوع ! ڪهڙيءَ ڪُتيءَ سان جند اٽڪائي اٿئي !“

سئو زمين کان مٿي کڄي چڪي هئي، سندس اگهاڙيون ٻانهون، سهڻيون ۽ سفيد، بيرحميءَ سان سندس پُٺيءَ پويان مٿي کڄي ويون. سهڻيون،اڻ ٿڪ ۽ لائق ٻانهون ! پيار ڪندڙ ٻانهون، جن ڪيئي ڀيرا پنهنجي ڀتار، ڀيڻ، ڌيءَ، ماءُ ۽ ساٿين کي گهيري ۾ ورتو هو. هينئر پيڙا ۾ هيون ۽ مروڙجي رهيون هيون. سنگدل نوڙيءَ نازڪ ڇوڪري جي سهڻي سرير کي بي ڊولو ڪري ڇڏيو. سندس ڊگها ڪارا وار لڙڪي کڙين کي ڇهي رهيا هئا. منهن سور ۽ سختيءَ کان هيڊ ٿي ويو هوس، ۽ ڇاتي ڪاري صدريءَ ۾ ڦاسي سوڙهي ٿي سور ڪري رهي هئس. ۽ ظالم نوڙي کيس لٽڪايو بيٺي رهي، ان جبلن جي ڌيءَ کي، ڏکڻ جي نياڻيءَ کي، ۽ ان ماءُ کي جا رڳو آشا ۽ ايمان جو مجسمو هئي. اُن لاءِ ته سڀ ظالم هئا. نوڙي به ته بيٺل سپاهي به، سڀ _ سواءِ سج جي ڪرڻن ۽ وڻن جي ساوڪ جي . ناريلن مان ڇڻي اُس سئو کي وهنجاري رهي هئي. سامونڊي هوا بهار جي اچڻ جي سڌ ڏئي رهي هئي. ان گهڙيءَ ۾ سئو ان گرم ۽ لوڻياٺي هوا ۾ سنڌو ڪري پئي سگهي. ڏکندڙ ٻانهن سان هن ناريلن پٺيان لڪل غارجي جهلڪ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آخري گهڙيءَ ۾ هوا ناريل جي ڇرين کي هڪٻئي کان ڌار ڇو نه ٿي ڪري ته جئين وٿيءَ مان هوءَ پنهنجن پيارن جون صورتون ڏسي سگهي؟ شايد هوءَ ڪوين کي ، ٿئي کي کنيو بيٺو، ڏسي سگهي ! اي خدا! رڳو هڪ سيڪنڊ لاءِ ڌيءَ کي ڏسان ! هن کي گذريل رات ياد اچي وئي. ڪيئن نه ڇوڪري سندس ڪلهي کي چنبڙي پئي هئي. ڪيئن نه هن گڊي لاهي هن کي ڍڪيو هو، ۽ ڪيئن نه هوءَ هن کي ڇڏيندي هٻڪي هئي. هائو، اُهي هن جون ٿئي سان پويون گهاريل گهڙيون هيون. سندس مامتا جو آخري سنگ ميل ائين جئين سانءَ جي موڪلاڻي سندس پيار جو آخري سنگ ميل ثابت ٿي چڪي هئي. انهن ٻن سنگ ميلن کان شروع ڪندي هن کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي. ”مان اڄ مري وينديس“ هن پاڻ کي چيو، ”ڪو ڏک اٿم، پر ڪو پڇتاءُ يا ملامت نه اٿم پارٽيءَ سان هن مهل تائين مان ائين رهي آهيان، جيئن شهيد نگوين ٿي منهه ۽ ووٿي سان هئا، ۽ موت تائين ائين ئي رهنديس....“

هن پاڻ کي پوئين جدوجهد لاءِ ذهني طرح تيار ڪيو. ويهه منٽ موت جهڙا گذري ويا. دشمن وري ڪا چرپر ڪانه ڪئي. زام جو ڪنهن پاسي ويو، موٽي آيو. هن ڪرڙين اکين سان مٿي هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سندس اڳيان اچ وڃ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ڪجهه ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪمانڊر هڪ ناريل جي وڻ سان ٽيڪ ڏئي، پنهنجي ڪاج جي سگريٽ هولڊر کي چٻاڙي رهيو هو ۽ دونهين مان آر پار لٽڪيل ڇوڪريءَ کي نهاري رهيو هو. ” وڌيڪ مون سان ڇا ڪندا؟“ سئو خدشن هيٺ سوچيو. پوءِ هن کي امڪان سُجهي آيو، ”هائي الله ! هو امان کي هت وٺي ويندا! نه امان ! تون هنن سان نه اچج!“

هوءَ صحيح هئي. جيئن ئي هن جي اها سوچ پوري ٿي، ته هن وڪڙ کائي نهاريو ۽ پنهنجيءَ ماءُ کي ٻن سپاهين جي وچ ۾ ايندو ڏٺو. ضعيف ۽ حليم. ڪلهن تي پٽاپٽي رومال ، ۽ هٿ جي اُڻيل رنگ ڦٽل ريشمي ڪپڙن سان هوءَ پري کان پڌري هئي. پر هوءَ اڪيلي نه هئي. سندس پويان ڪاوڙيل ڳوٺاڻن جو هجوم هو. پهري تي بيٺل سپاهي بندوق سڌي ڪري انهن تي اوناڙ ڪري رهيو هو. پوءِ سپاهين انهن جي سامهون قطار ٺاهي سندن راهه روڪي. ڪمانڊر سگريٽ تي پير ڏيئي اٿي بيٺو. ”اهو گوڙ ڇا لاءِ آهي؟“

”ڪمانڊر ! مطالبو پيا ڪن ته ڪراڙيءَ کي ڇڏي ڏيو، ان ڪجهه نه ڪيو آهي.“

ڪمانڊر سيڪنڊ ليفٽينيٽ طرف منهن ڪيو. ”انهن کي روڪيو، کين هيڏي اچڻ کان جهليو.“ پوءِ زام ڏانهن مڙندي چيو، ”ڪراڙيءَ کي وٺي اچو ته پنهنجيءَ ڌيءَ کي ڏسي.“

”زام، ماتا ساوُ وٽ ويو ۽ سئو طرف آڱر کڻي چيو، ”تنهنجي ڌيءَ کي ان ڪري لڙڪايو ويو آهي جو عقل جي ڍڳي آهي. تون اچي کيس سمجهاءِ. جيڪڏهن هوءَ آڻ مڃيندي ۽ ٻين کي ان لاءِ چوندي ته ڪمانڊر سندس آزاديءَ جو انجام ٿو ڏئي....“

زام اڃا ڳالهه پوري ئي ڪانه ڪئي هئي، جو سائو، سپاهين کي هٽائيندي سئو وٽ اچي پهتي. سئو نٻل ٻانهون ۽ اڇا وار هوا م لهرائيندا ڏٺا. سندس ڪلهن تي رکيل پٽاپٽي رومال پَٽَ تي ڪري پيو هو. ڪجهه قدم ڀري، سندس پيرن ساٿ ڇڏي ڏنو، ۽ هوءَ ڪري پيئي. پر هوءَ وري اٿي بيٺي. پوءِ هن پنهنجي پيرن تي ماءُ جي هٿن کي پڪڙ ۾ گرم ڳوڙها محسوس ڪيا. ماتا ساوُ سڏڪن کي نڙيءَ ۾ گهٽيو، ۽ سئو نٻل ۽ ڪنبندڙ ڪلهن کي ڏٺو. سندس دل ڀرجي آئي، هن ڪنڌ ڦيري، غمگين اکين کي هٽائي ڇڏيو ۽ ايندڙ ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن نه پئي چاهيو ته دشمن سندس جذبن کي وري غلط رنگ ۾ سمجهي. ان کان به وڌيڪ هن ماءُ کي وڌيڪ ڏک سور نه پئي ڏيڻ چاهيا. هن کي اميد هئي ته کيس ڪجهه به نه چوندي، هڪ لفظ به نه، ۽ هوءَ رڳو کيس ماٺ ۾ چنبڙي پئي رهڻ تي ئي بس ڪندي. پر جي ماڻس جي ڏکن کيس ڪجهه چوڻ تي مجبور ڪيو، ته هوءَ ان جي پيروي نه ڪندي. يقيناً ان جي پوئواري کيس مهانگي پوندي. پنهنجي عزم ۽ ارادي ۾ هوءَ ڪڏهن به اهڙو اٽل ۽ اڻ ٽر نه ٿي هئي. ساوُ جي منهن ۽ هٿن معرفت سندس مامتا وارو پيار سئو جي سرير ۾ ڊوڙي ويو. ان پيڙا ۽ پورن جي وچ ۾ ماتا ساوُ ڌيءَ کان به وڌيڪ ڇڪتاڻ ۾ هئي. گذريل ستاويهن سالن کان، جڏهن کان هن سئو کي ڄڻيو هو، هن مٿس پيار ۽ قرب جي بارش ڪئي هئي. سندس کير جي ڦڙي ڦڙي ۽ ڪپڙي جي ليڙ ليڙ جو خيال ڪيو هو. انهن لڙڪندڙ ڄنگهن کي هن پهرين وک وجهندي ڏٺو هو. هن انهن لڙڪندڙ وارن کي تڏهن ڦڻي ڏيڻ شروع ڪئي هئي جڏهن هنن اڃا ڦٽڻ ئي مس شروع ڪيو هو. ۽ پوءِ هن جي ڌيءَ جو پهريون توتلو ڳالهائڻ_تڏهن هوءَ سئو ۽ ڪوين جي پيءُ جي مرڻ سبب رنڙ ٿي چڪي هئي. انهن ڏکين سالن ۾ سئو ئي کيس سمجهي سگهي هئي ۽ سندس ساٿي ۽ سهڪاري ٿي رهي هئي. هن جي ڌيءَ کي اهي سک ۽ سهنج نصيب نه ٿي سگهيا هئا جي ٿيڻ گهربا هئا. سئو کي اڪيلي سر ٿئي کي پالڻو ۽ نپائڻو هو، بلڪل ائين جيئن سئو کي پنهنجي ماءُ پاليو هو ۽ هينئر ان کي ڇڏي ڏيڻ، ان کي وڃائڻ، ماتا ساوُڪيئن پئي قبول ڪري سگهي؟

پر ھوءَ اھو ڪجھه نه ڪري سگهي جو ڪجھه ڪرڻ لاءِ دشمن کيس چيو ھو، ان ڳوٺڙي خاطر، ان غارجي خاطر جنھن سندن بچاءَڪيو ھو، ۽ انقلاب خاطر جنھن سان ھن سڀ ويساھ ۽ واسطا وابستا ڪري ڇڏيا ھئا. ڇا اھي سڀ سندس ڌيءَ کان وڌيڪ مقدس نه ھئا؟“

”ڳالھائينس، ڪراڙي! جي پنھنجي ڌيءَ بچائڻ ٿي چاھين ته کيس مڃراءِ! “ ڪمانڊر ، ماتا ساوُ تي دٻاءُ وجھندو رھيو. بي صبري وچان ھو ھڪ ھنڌ نه پئي بيھي سگهيو، پر ائين ھيڏي ھوڏي لڇي پڇي رھيو ھو ڄڻ ڪولين اچي ورايو ھيس.

اوچتو سئو محسوس ڪيو ته ماڻس سندس پير ڇڏي ڏناھئا. ماتاساوُ ڪمانڊر ڏانھن منھن موڙي چڪي ھئي. ۽ سئوماٺ ۾ سندس جواب ٻڌو.”منھنجي ڌيءَ ايتري عمر جي آھي، جو ڪجھه ڪري سو سمجھي سگهي ............. ھوءَ پنھنجي راءِ رکڻ لاءِ آزاد آھي. ھن کي ڪجھه ڪرڻ لاءِ مڃرائڻ جي ڪا ضرورت نه آھي.“

سئو انھن ڳوڙھن کي وڌيڪ نه روڪي سگهي جن ھاڻي سندس منھن ڌوئي ڇڏيو ھو. ھوءَ رسيءَ جي ڇيڙي ۾ لڇي پڇي ۽ رڙ ڪيائين، ”مون کي ڇوڙيو، جلدي!“

”سو، قبول ڪيئي؟“

”ٺيڪ آ، مون کي کوليو.“

”سٺو ٿيو. اڙي، ھن کي کوليو، ۽ مائڪروفون آڻي ڏيوس.“

سپاھين سئو کي ھيٺ لاٿو، جھڪي، ھن مٽيءَ کي ڇھيو، ھن لاءِ اٿي بيھڻ ڏکيو ھو. ماتا ساوُ آلين اکين سان ٻانھون کولي کيس ڀاڪر ۾ ورتو. جيئن ئي ھن جو پير پٽ تي لڳو ته سئو پنھنجو ڪنڌ ماءُ جي ڪلھن ۾ ھنيون ۽ مٿس لڙڪي پئي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. سڏڪن جي وچ ۾ ھن ماءُ کي ڪن ۾ ڀڻڪيو، ”امان، امان ........ منھنجي صدقي ٿئي جو خيال رکجان .......ٺيڪ آ امان؟“

ڪمانڊر، ماتا ساوُ کي ڌڪي پاسي ڪيو. ”بس ........ گهڻو ٿيو!“ ھن نفسيات کاتي جي سيڪنڊ ليفٽينيٽ ڏانھن اشارو ڪيو، جو مائڪروفون کنيو تيار بيٺو ھو. ”ڳالھاءِ، سئو!“

”ڇا چوان؟“

”اھو جو ڪجھه مون ڪجھه وقت اڳ ٻڌايو ھيئي. پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪن. بس!“

”پھريائين منھنجون ھي رسيون ته لاھيو.“

”نه پھريائين ڳالھاءِ.“

سئو وڌيڪ ڪجھه نه چيو.ھن ھڪ وک وڌي. پوءِ وڄ جيان ھوءَ سيڪنڊ ليفٽينيٽ سان وڃي ٽڪري ۽ سٽ ڏئي سندس ھٿ مان مائڪروفون ڪيرائي وڌو، ۽ لت ھڻي پري ٿڏي ڇڏيو. اھو زمين تي رڙھندو ويو. ڪمانڊر کان اھڙي چيخ نڪتي ڄڻ ڪنھن گهٽو ڏنو ھوس، ھن اڳتي وڌي سئو تي وار ڪرڻ لاءِ پنھنجي ٻانھن مٿي ڪئي، ماتا ساوُ وچ ۾ ٽپي پئي. عملدار ھن کي پٽ تي ڪيرايو ۽ رڙ ڪئي.”زام! ھن ڪميڻي ڪسبڻ جو ڪنڌ لاھي ڇڏ! ان ھجوم کي ڀڄايو ۽ پري ڌڪيو!“

زام پنھنجي سنگين ڪڍي ھن ڏانھن ائين الريو جيئن بگهڙ شڪار تي وار ڪندو آھي، پنھنجي پٽيءَ ۾ لٽڪيل زخمي ٻانھن سيني سان لائي، ھن ٻئي ھٿ سان سئوُ جي ڪنڌ تي ڀرپور وار ڪيو. پر ڪنڌ نه ڪپيو. ھن خار ۾ اچي ٻه وڌيڪ وار ڪيا، پر سئو ٿڙي اڳنا جھڪي وئي، ۽ ڪنڌ تي نھنڊ به نه آيس. زام بيھي رھيو، ھو ٿڪل ڪتي جيان سھڪي رھيو ھو، ۽ عجب وچان پنھنجي سنگين ڏانھن ڏسڻ لڳو. آمريڪا جي ٺھيل ۽ تيز چمڪندڙ، پر سئو جا وار ڏاڍا گهاٽا ھئا، جھجھا، ترڪڻا ۽ گهاٽا، انھن جي ھزارھا ريشمي تندن ڇوڪريءَ کي بچائي ورتو ھو.

ماتا ساوُ بيھوش ٿي چڪي ھئي.

ٻه سپاھي وڌي اڳڀرو آيا ۽ سئو جي وارن کي مٿي کڻي بيٺا، زام وري وار ڪيو ۽ ھن ڀيري کيس نشانو بڻايو. رت ريلو ڪري وھيو، سئو ٿيڙ کاڌو پرڪري نه. ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي ، زام کيس پوري ڪرڻ لاءِ سنگين مٿي ڪئي. پر اوچتو ڪمانڊر سندس ھٿ کي روڪيو! ”بس! وري اڳ جيان لٽڪايوس!“

سئو کي ھڪ دفعو وري ناريل جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. ڪمانڊر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ڏانھس نھاريو. ”کيس ان حالت ۾ ئي ڇڏي ڏيوس. ڀل سندس ويٽ ڪانگ دوست غار ۾ سندس دانھون ڪوڪون ٻڌن.“........ ان وچ ۾ زام پنھنجي سنگين اڇلائي، ڪلھي کي پڪڙي ھڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رھيو ھو. ھن ساھي پٽي پنھنجي گڊيءَ جا بٽڻ کوليا. سندس ڪپڙا رت ۾ رنگجي چڪا ھئا. ڪنھن به کيس ھٿ نه لاتو ھو، پر سئو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ پتوڙ ۾ سندس ڦٽ وري کلي پيو ھو، ۽ ان مان ڏاڍي رت وھي رھي ھئي.

باب پنجون

(1)

سئو کي جواب ڏيڻ خاطر ڪيل بارين جي ٽن فائرن کان پوءِ ھنن کي غار ۾ ڪابه وڌيڪ خبرچار ڪانه پئي. ڇوڪريءَ سان ڇا وھيو واپريو؟ ماڻھو بندوق جي نلين کي ڀيڪوڙيو، نراسائيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪرڪي رھيا ھئا. بارين ۽ ٻين گوريلن جلھه ڪري ڇوڪريءَ کي بچائي کڻي اچڻ جي گهُر ڪئي. پر ھائي ٿيپ رڳو ڪنڌ ڌوڻيو، چپ ۾ چڪ پاتو ۽ ڏند ڀيڪوڙي چيو،”شايد ھنن کيس ماري ڇڏيو آھي.“

ھرڪو ماٺ ھو. اھو ويساھ ڪري ته بھادر ڇوڪري مري چڪي ھئي. ان جدوجھد جي منڍ کان وٺي ھن مھل تائين، پھريون دفعو ھنن کي ڪنھن املھه وسٿو جي وڃائڻ جو احساس ٿيو. ھنن جي دلين ۾ گهرو ڏک ۽ بي انتھا ڪاوڙ جاءِ وٺي چڪا ھئا. سندن رڳن ۾ رت ٻڙڪي رھي ھئي. ان وڙھندڙن مان ڪنھن به اڳ ۾ اھڙا لفظ نه ٻڌا ھئا جي ھنن سئو جي واتان ٻڌا ھئا. ھنن تي پيار ۽ ڌڪار ايترو ته غلبو ڪري ويا جو سندن وڙھڻ ۽ جنگ جاري رکڻ جي خواھش لوھ جيان مضبوط ٿي وئي. اڳ ڪوين سڏڪن ۾ اچي ڇٽي ھئي، پر ھينئر ھوءَ روئي به نه رھي ھئي. ٿئي سندس ڪپڙن کي وٺي ڇڪي رھي ھئي ته سندس ماءُ ڪاڏي وئي ھئي ۽ ڪڏھن ايندي. لاچار ڪوين کي ساڻس ڪوڙ ڳالھائڻو پيو ته ھن جي ماءُ ڪنھن ڪم سانگي واھڻ ويل ھئي.اھو سوچيندي ته ھوءَ ماءُ کان محروم ٿي چڪي ھئي. ڪوين ٿئي کي زور سان ڳڙاٽڙيون پاتيون. سئو جي گڊيءَ کي ڇھڻ سان سندس اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. ھن روئڻ کي روڪڻ لاءِ آڱرين سان ان کي ڀيڪوڙيو ۽ ڪنڊ کڻي ڏندن ۾ ڏجي. سندس ڀيڻ جي پياري مٺڙي واس جو اڃا ان گڊيءَ ۾ اثر ھو. اھا گڊي ان جوڙي مان ھئي جيڪا ماڻس ساڳئي ئي ڪپڙي مان ٺاھيون ھيون. ڪوين کي به بلڪل اھڙي ئي گڊي ان مھل پھريل ھئي. نديءَ تي وڃڻ کان اڳ ڀيڻس اھا لاھي ٿئي جي مٿان اوڍي ھئي. ”رات پڪ ئي پڪ سردي لڳي ھونديس. منھنجي پياري ڀيڻ! ساڳئي ئي قسم جي گڊي پائي منھنجي دل جھُري رھي آھي. مان پنھنجو ٻالپڻو، تنھنجي الھڙائپ ۽ ماءُ ٿيڻ ڪيئن ٿي وساري سگهان؟ اڄ کان وٺي اما ۽ ٿئي لاءِ مان تنھنجي جاءِ ولارينديس، گهر جي وڏي ڀيڻ ٿي ڪري، مان اھڙو پيءُ ڪميونسٽ ٿينديس جھڙي تون ھئينءَ ۽ اھڙي مٺڙي ماءَ ٿيندس جھڙي تون ھئينءَ..........!“ انھن دکدائڪ خيالن ۾ ئي ھن جو ھٿ سئو جي گڊيءَ جي کيسي سان وڃي لڳو. سندس آڱرين سانءَ جي خط کي ڇھيو. ھن بنا سوچ ويچار جي اھو ڪڍي پنھنجي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو.ڪيڪون ڪندڙ سيٽين جو آواز ٿيو ۽ ان جي پويان وري لائوڊ اسپيڪر جي کرکر ٿي. ”وري لائوڊ اسپيڪر،“ ڪوين سوچيو. ھن ٿئي کان پاڻ ڇڏائيندي چيو، ”اِتي ترس، پٽ، مان ڏسي اچان ته ڇاھي.“

جڏھن ھوءَ غار جي لنگھه وٽ پھتي ته گوڙ بند ٿي ويو ھو. نگان جي اکين ۾ خوفناڪ چمڪ ھئي. ھن ڳيت ڏئي چيو، ”ھنن اعلان ڪيو ته سئو پيش پئي آھي ۽ اسان کي به پوڻ لاءِ چيو آھي.“

”يا الاھي!“ ڪوين رڙ ڪئي ۽ دروازي طرف ڀڳي. ھائي ٿيپ يڪدم ھن کي پڪڙي موٽائي آندو. ھن جي ڪلھي تي مُنھن رکي سڏڪا ڀرڻ لڳي. نگان، بارين ۽ ٽين چئن ٻين حملي جي تجويز ڏني .ھائي ٿيپ رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.

”مون کي وڃڻ گهرجي!“ نگان چيو، ”مان ھِت نٿو ترسي سگهان!“

”مان پڻ!“ بارين پنھنجي رائفل جي نالي اُچي ڪندي چيو. ”مون کي ماريائون ته ڇا ٿيندو! مون کي سئو کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجھه ڪرڻ گهرجي!“

ھائي ٿيپ ڪرڙي اک سان کين ڏٺو. ”مقابلي جي مفاد ۾،“ ھن چيو، ”مان وري ورجايان ٿو ته منھنجي حڪم کان سواءِ ڪوبه ھتان نه وڃي.“ ماڻھو چُريا پُريا به ڪونه. پوءِ ھائي ٿيپ ھڪ ھڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو، ”ھرڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي وڃي! اھو حڪم آھي! سئو جي بدلي وٺڻ لاءِ اسان کي ھتي ترسڻو آھي ۽ ھيءَ جنگ جيتڻي آھي.“

ڪجھه ڪڇڻ ڌاران ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ھلندا ويا ۽ پنھنجين جاين تي وڃي بيٺا. ڪوين پاڻ تي وس رکڻ ۾ سوڀاري ٿي ھئي. ھاڻي ٿيپ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي چيو،”رونه، ڪوين!ٿئي ڏانھن وڃ. ائين ھانءَ نه لاھي ويھه، ۽ لڙھي نه پئو.“

پنھنجو ننھن ٽڪندي،ڪوين موڳن پيرن سان پٺتي موٽي. ھائي ٿيپ به ھڪ پٿر تي ويھي رھيو، ڪيترن ڏينھن کان نه لاٿل ۽ وڌي ويل ڏاڙھيءَ کي ھٿ لاھي محسوس ڪيو، ۽ ماٺي معمولي آواز ۾ چيو، ”مائڪروفون آڻي ھنن نفسياتي طريقو استعمال ڪرڻ شروع ڪرڻ ڪيو آھي. ۽ انھن جو ئي ھٿيار استعمال ڪندي سئو اسان سان ڳالھايو ۽ سندن منصوبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن بي مثال مڙسيءَ جو اظھار ڪيو آھي. اھو سوچيندي ته اسان کي پاڻيءَ جي زھريلي ھئڻ جي سُڌ ڪونه آھي، ھن اسان کي ان جي پيئڻ کان جھليو. ڏسو، يارو! ھن اسان کي اھو به چيو ته پنھنجا ھٿيار نه ڦٽا ڪيون، ڪڏھن به نه .......“

”سوال نٿو اٿي!“ بارين چيو ، ”سواءِ ان حالت جي جڏھن اسان سڀ مري وڃون!“

ٽونگيپ ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو. ”اھو تو وارو موت“ ڪڏھن ايندو؟ منھنجي جي ھڪ به پاسيري بچي ته ان سان به دشمن سان دوبدو ٿيندس. ھو اسان جي ھٿيارن کي اچي ھٿ لائين، ان کان اڳ اسان کي پنھنجون بندوقون ڀڃي پري اڇلائي ڇڏڻ گهرجن.“

”مان توسان متفق آھيان،“ ڊئٽ چيو، ”مان به ائين ڪندس جيئن تون ڪندين، چاچا! پر ان کان اڳ ۾ ڪو پاڻيءَ ڦڙو ھجي ئي ته ڏينم ته اُڃ اُجھايان.“ ماڻھن موضوع جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي. ڊئٽ سوالي نگاھن سان ٽونگيپ ڏانھن نھاريو ۽ چاپلوسيءَ واري مرڪ مرڪيو.

”پر پٽ! تون مِينھن جيان پاڻي پيئندو آھين.“ ٽونگيپ پنھنجو دٻو ڊئٽ ڏانھن وڌائيندي چيو.

ڊئٽ ھڪدم اھو وات تي رکيو. ھڪ ڦڙو به ان مان نه نڪتو. ڊئٽ اھا رڙ ڪرڻ وارو ئي ھو، ”واه پريا مڙس واه!“ جو وري خيال ڦيرائي ڇڏيائين. ھن پنھنجا چپ چٽيا ڄڻ چڱو چوکو پيتو ھئائين، ۽ پوءِ دٻو ٽوئي ڏانھن وڌايائين. ”آءُ،“ ھن چيو، ڍُڪ ڀري نڙي آلي ڪر ته آواز نڪرئي!“

ٽوئي دٻو پڪڙي وات تي رکيو. ڊئٽ کِل ۾ اچي ڇٽو.بيوقوف بڻجڻ تي ڪاوڙجي، ٽوئي دٻو ھن ڏانھن اڇلايو. ٽونگيپ به کُلي دل سان کِليو ۽ ٽوئي کي چيو. ”اُڃ اُجھايئي؟“

”مار پئيس ڪا! اسان کي بيوقوف ٿو بڻائي ۽ وري اسان تي کلي به ٿو!“

ٽونگيپ اڃا وڌيڪ کِليو. ”مان ته توھان کي صبح لاڪر ٿو چوان ته ڦڙو به پاڻيءَ جو ڪونه اٿم. غلطي ته توھان جي آھي سائين!“ وڏيءَ عمر جي باوجود ٽونگيپ پنھنجي ساٿين کي سائين ڪري سڏڻ جو عادي ھو. ھو ٻُڌ مذھب جا ھئا، ھاوُ فرقي جو پراڻو رڪن ھو. ھن پنھنجا وار به ڪيترائي ننڍا ڪيا ھئا۽ وشِنو ٿئي به ٻه سال کن ٿيا جو ڇڏي ڏنو ھئائين.جيتوڻيڪ ھو مسخرن ۾ به مسخرو ھو، پر تنھن ھوندي به ھن جو مھاتما ٻڌ ۽ بھشت ۾ اڃا اعتبار ھو. ھن جو دٻو سچ پچ گذريل رات کان وٺي خالي ھو جڏھن ھن آخري ڍُڪ به بَي کي پياري ڇڏيو ھو.

غار ۾ ڪٿي به ڪنھن وٽ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه رھيو ھو. سڀني جون نڙيون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون ھيون.

”جي پيشاب پيون ته ڇا؟“ بارين شو شو ڦٽو ڪيو، ”اھو بيئر جھڙوئي آھي. اٽڪاءُ واري بچاءَ جي جنگ لڙندي، جيڪي ڪامريڊ پولو ڪونڊور مان ڀڳا ھئا، تن ته ائين ڪيو ھو.“

ٽام ٿان ڪنڌ ڌوڻيو.”اھو بيئر جو قسم مون لاءِ نه آھي. مان اُڃيو رھڻ کي ترجيع ڏيندس.“

”تون ڏاڍو ڏکيو ٿو پوين،“ بارين چيو، ”ماڻھوءَ کي اوکيءَ سوکيءَ، ڏکيءَ سکيءَ لاءِ تيار ھئڻ گهرجي. اڄ ڪو اھو وقت نه آھي جو تون حڪم ڪندين ۽ زال چانھن جو ڪوپ آڻي ڏيندئي!“

ھرڪو اچي ٽھڪڙڻ ۾ پيو. ھڪ ٻه مُٺيون چانورن جي ڦلن کائڻ کان پوءِ شام جو بارين پاڻ وڌيڪ نه جھلي سگهيو. ھن پنھنجي دٻي ۾ پيشاب ڪيو.جيئن ئي ھاڻي ٿيپ ڪنھن ڪم سانگي اندر ويو ته ھن دٻو ڇاڇوليو ۽ ٻين کي به پيئڻ جي صلاح ڪئي. ٻين قبول ڪرڻ کان اڳ ئي ھن اھو پنھنجن چپن تي رکي ڇڏيو. ھڪ سُرڪ پيئڻ کان پوءِ ھن اطمينان جي رڙ ڪئي ۽ چيو، ” خراب ناھي! ٿورو پي ڏسو! سوُ سيڪڙو مکياري آ.“

ٻين به سندس پيروي ڪئي. ھائي ٿيپ سڀ ڪجھه ڏٺو. ھن کين روڪڻ پئي چاھيو، پر وري ارادو لاھي ڇڏيائين. ھو پاڻ اُڃ مري رھيو ھو، ۽ نيٺ به ان ۾ ڀوُ ڀولو ڪھڙو ھو. ڏکين ڏينھن ۾، جيتوڻيڪ ھن پيشاب نه پيتو ھو، پر چئن ڏينھن جي بک کان بيزار ٿي ھن جيئرو کيکڙو پڪڙي، مزي سان کاڌو ھو. ھڪ رات، ٻيلي ۾ اندر، بارين پنھنجي چاقوءَ سان سندس پٺيءَ ۾ چير ڏنا ھئا ۽ گندي رت ڪڍي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھنن جھنگ ۾ مال جا ڇيڻا ۽ لڏيون به بک کان اڳريا ھئا. جيئن ته ھن جي پيرن جا پٻ ڪٽيل ھئا، ان ڪري پنھنجن پڌرن پيرن کي لڪائڻ خاطر ھو تھه سياري ۾ به ندي جي وچ مان ھلندو ھلندو ھان ڊئٽ ويندو ھو. ھو ٻين جي ڪيترن ئي آزمائشن مان لنگهيو ھو. ان ڪري سندن نظرن ۾ پيشاب پيئڻ ڪا وڏي ڀوُ ڀولي واري ڳالھه ڪانه ھئي، پر سندس دل ساٿين تي ڪھل کائي رھي ھئي.

اوچتو ھن کي ياد آيو ته ٽڪر تي ھن ڪٿي پاڻيءَ جو دُٻو ڏٺو ھو. ”ترسو!“ ھن چيو، ”مان ڏسي اچان متان ڪٿي ڪو پاڻيءَ ڦڙو ھجي.“ ھو غار ۾ اندر گهڙيو ٽارچ سان ڪنڊ ڪنڊ ڳولڻ لڳو. آخر ھو ھڪ اھڙي پٿر وٽ اچي پھتو جو اندر تي گهپيل ھو جنھن ۾ سندس ٻڪ جيترو پاڻي بيٺو ھو. ھن ان مان آڱر ٻوڙي نڪ تائين آندي. منجھس پراڻن پتن جي بوءِ ھئي.

”ڇي! پر اھو مھلڪ نه ھوندو.“ ھن دل ۾ چيو. ھن انھن کي سڏ ڪيو جي سڀ کان وڌيڪ اڃايل ھئا. بارين ۽ نوجوان ڊئٽ سوڌا ڪل پنج ڄڻا ھئا. ٽام ٿان اھو چئي شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.”مان اھو اعزاز نٿو وٺان. اھو مرضيل پاڻي مون لاءِ نه آھي.“

ٽڪر جي چوٽي تي بيھي ھائي ٿيپ، ھر ھڪ کي ھٿ کان وٺي، مٿي اچڻ ۾ مدد ڪئي.

”ھائي!“ بارين اچرج جو اظھار ڪيو. ھن ڊيپ جو ڪلھو ٺپيو ۽ چيو، ”ننڍڙا نوٽيا، پھريائين تون.“

ڊيپ ھلڪي ڪافيءَ جھڙي رنگ جي دُٻي کي ڏٺو ۽ ھٻڪيو.

”ھل!“ بارين وري چيو، ”بيمار ٿئين ته مان ويٺو آھيان. سائگان جي تفريحن کان ڪجھه بدليل مواد آھي! ھل! ڇڏاءِ جلدي ڪر! ڍڪ ڀر ۽ اُڃ گهٽاءِ! سمجھين ڇو نٿو ته ھيءَ لڙائي ڪافي ڊگهي ھلندي.“

شاگرد کِليو ۽ پوءِ پيٽ ڀر سمھيو. سندس منھن دُٻي طرف ھو _ ھن ھڪ ٻه ڍڪ ڀريا ۽ اٿي بيٺو. پاڻ کي ڇنڊي ھن چپ اگهيا ۽ ھر ڪنھن ڏانھن ڏسي مرڪيو.

”ڪيئن؟“ بارين اک ڀڳس.

”خراب ڪونھي.“

”مان ته چيو مانءِ منھنجو وارو آ.“ بارين به پيٽ ڀر سڌو ٿي سمھيو جيئن ڊيپ ڪيو ھو. ٻه ڳيتون ڏئي ھو اٿي بيٺو. ”ھاڻي تون.“ ھن ڀر ۾ بيٺل ٻئي کي چيو.

ھر ڪنھن ائين ڪيو جيئن ٻين ڪيو. دُٻو جلد ئي خالي ٿي ويو. جڏھن ھائي ٿيپ جو وارو آيو ته ڪجھه ڦڙا وڃي بچياھئا. ھن کي چٽڻو پيو. ڀرسان غدار باغي جي کنگهه ٻڌي ھائي ٿيپ اُٿي بيٺو.

”ھنن کي اڃا جيئرو ڇو رکيو اٿوَ؟“ بارين گهر ڪئي. ”رڳو پيا اسان جو پاڻي پيئن ۽ چانور کائين. منھنجي حوالي ڪيوته کين اڄ رات ئي رات ۾ وڏن وٽ پھچائي ڇڏيان.“

”سوال ئي نٿو اٿي.“ ھائي ٿيپ چيو. ”کين موت جي سزا ڏيڻ کان اڳ اسان کي پوري پوري اختياري ھئڻ گهرجي. عوام کي سندن مقدمو ٻڌڻو ۽ موت جي سزا جي تعميل ڪرڻي پوندي. تون ڏاڍو بي صبروآھي. خوني ۾ خوني ڇاڙتي جي ڏس ۾ به اسان کي، عوام کي کين سزا ڏيڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. غلط ڳالھه رڳو اھا آھي ته ھو ھن جاءِ تي نه ھئڻ گهرجن، ڇو جو ات اسان جون سڀ ڳالھيون ٻڌي ٿا سگهن. اڄ رات اسان کي کين پري وڃي رکڻ گهرجي، اصلي غار جي پوئين ڇيڙي ۾.“

”ٺيڪ آ.“

غار جي لنگهه ڏي موٽندي ھائي ٿيپ، نگان جو پاسو کنيو ” اڄ رات اسان کي ڪجھه اسڪائوٽس موڪلڻ جي ڪوشش ڪري ڪي ناريل گهرائڻ گهرجن. انھن سان اُڃ ڪي قدر گهٽجي ويندي. ٻئي ڪارج پورا ٿيندا، کائڻ جو به ته پيئڻ جوبه.“

نگان پاڻ کي ٽوئي ۽ ٽرنگ سان وڃڻ لاءِ پاڻمرادو آڇيو.

”اھي ناريل تي چڙھي سگهندا؟“ ھائي ٿيپ پڇيو.

”واھ جو چڙھندا.“

”ته پوءِ ٺيڪ آ. پر توھان وک وک سنڀال کڻجو. اڃا رات چانڊوڪي آھي.“

”تون ڳڻتي نه ڪر. مان خبرداريءَ تي ھوندس.“ نگان کلندي بارين ڏانھن منھن ڪيو. ”ڏس! باڦي کي گرفتار به اسان ڪيو ھو. سو ان کي مارڻ جو شرف به اسان کي ئي ملندو.

بارين ٻوٿ چٻو ڪيو. ”توھان، مان وانگر ڪيئن ڪري سگهندوُ؟ توھان جا ھٿ ڏڪندا.“

”منھنجا نه؟“ نگان ورندي ڏنس.

پوءِ نگان، ٽوئي ۽ ٽرانگ کي ڳولڻ ويو ته جيئن کين تيار رھڻ لاءِ چئي ڇڏي. ٽنھي چيلھه کان مٿي جا ڪپڙا لاٿا.پنھنجون صدريون مٿن سان ٻڌيون. ھر ڪنھن کي رڳو پتلونون پيل ھيون. ھنن چيلھه سان ڪجھه ٿامپسن جون ڪلپون ۽ ڪجھه ھٿ بم ٻڌا.خودڪار بندوقون ھٿن ۾ جھلي ھو رات پوڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.

نگان غار جي منھن وٽان ويندڙ چارو ڏسي رھيو ھو جو جيئن جو تيئن وڌيڪ اونداھو ٿيندو ويو. سج کي لٿي ڪافي وقت ٿيو ھو، ۽ ڏينھن جا آثار ختم ٿيندا پئي ويا. ناريل جا وڻ لاڳيتو آواز پيدا ڪري رھيا ھئا. ناريلن جو رنگ ڦري ڳوڙھو نيرو ٿيندو ويو ۽ سندس ڇڙيون سامونڊي ھوا جي تال تي جھومي نچي رھيون ھيون. جھڳٽي تي ھلڪو ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ھو. ھر ڪا شيءِ ھوا ۾ لڏي لمي رھي ھئي. وک وڌائيندڙ رات چاري تي گهمي چڪي ھئي. دشمن رکي رکي ايڪڙ ٻيڪڙ فائر ڪري پئي ڇڏيو. نگان کي ڇولين جو آواز ھينئر وڌيڪ چٽو ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو. ائين پئي لڳو ڄڻ رات ڌرتيءَ جي سمورن آوازن کي ان ڪري ماٺو پئي ڪري ڇڏيو ته جيئن رڳو سمنڊ کي ئي آواز ڪرڻ جو حق رھي. لکن جي تعداد ۾ ڇوليون ڪنارن تي اچي پنھنجي موت مري پئي ويون؛ ھر دور ۾ ھن ڌرتيءَ تي انھن جي ڀڻ ڀڻ جو آواز سڀ کان وڏو ۽ لاڳيتو آواز اچي رھيو آھي.

گذريل راتيون نگان ڇولين جي پڙاڏي کي ٻڌندو رھيوھو، ۽ ان آواز ۾ کيس وڌيڪ گرمي پئي محسوس ٿي. غار جون ڇتيون به رڳو سمنڊ جي آواز جي چادر ۾ ويڙھجي ويون ھيون. چنڊ جي ٻارھين مھيني جو اڻويھون ڏينھن ھو. رات گهڻي اونداھي نه ھئي. اونداھ جي ڪن گهڙين کان پوءِ آسمان ايندڙ چنڊ جي اميد ۾ پيلو ٿيڻ لڳو ھو. نگان ھينئر وري وڃايل چارو ۾ لڏندڙ لمندڙ ناريل ڏسي پئي سگهيو. ھن ھٿيار کنيو. اٿي بيٺو ۽ ڀڻڪيو، ”ھلو ته ھلون.“

ٽوئي ۽ ٽرانگ به اٿيا. ھو جھٽ لنگهه ۾ بيٺا ۽ پوءِ تڪڙو ٻاھر نڪري آيا. بندوق ھٿ ۾ جھليو، نگان جھڪي، ھوريان ھوريان اڳتي وڌي رھيو ھو. چارو ڇڏي ھن وچ وٺي ننڍي رستي تان ھلڻ شروع ڪيو ھو. ڪنھن به دشمن جي دستي سان سامھون ٿيڻ کان سواءِ ٽئي ڄڻا ناريلن جي جھڳٽن وٽ پھچي ويا.

اوچتو نگان، گارانڊ بندوقن جا ڪجھه ٺڪاءَ ٻڌا. معمولي دستوري فائرنگ ھوندي، ھن سوچيو، پوءِ ڳالھائڻ جو آواز ٻڌائين. نگان ساٿين جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ھنن کي ڪو شڪ نه پيوآھي. پھريائين ناريلن ھٿ ڪيو. موٽندي چونڊيندا کڻندا وينداسين.“ ”ٺيڪ آ.“

ٽوئي، ٽرانگ ٻه ناريلن سان ڳتيل ننڍا وڻ چونڊيا. پنھنجون بندوقون ھنن نگان کي ڏنيون. ”ناريل ان مھل ڪيرائجو جنھن مھل ھنن جي بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌو. ائين ڪرڻ سان کين کڙڪ ئي نه پوندي.“

ٽوئي ڪنڌ لوڏيو. ھو ھوريان ۽ ڌيرج سان وڻن تي چڙھڻ لڳا. جھٽ ۾ ھو ڇڙين ۾ وڃي گم ٿي ويا، ۽ ناريل مروڙي پٽڻ لڳا. جڏھن به دشمن گولي پئي ھلائي ته ھنن ھڪ ھڪ ناريل پئي ڦٽو ڪيو. نگان ھيٺ ٿڙ کي کڙڪايو ته هو ٻئي سگنل سمجهي لهڻ لڳا. هيٺ لھڻ سان ئي کين نگان بندوقون ڏنيون ۽ ناريل اتي ڇڏي، ھو جھڳٽي ۾ اندر ھليا ويا. ڪجھه قدم اڳتي ھلي ھو بيھي رھيا. نگان جي نظر ڪن ڳاڙھن ڳاڙھن داغن تي پئجي وئي ھئي جي اونداھ ۾ ٽانڊاڻن جيان لڳي رھيا ھئا. سپاھي تماڪ ڇڪي رھيا ھئا. ٿوڊائوموٽ جي تکي تماڪ جي بوءِ سندن ناسن کي ساڙڻ لڳي. نگان ۽ سندس ساٿي وڻ پٺيان ويھي رھيا ۽ ناليون دشمن ڏانھن سڌيون ڪيائون. اھي ايترو ته ويجھا ھئا جو سگريٽ جي ڪش ھڻڻ مھل نگان سندن چھرا به ڏسي پئي سگهيو.

”ڪتيءَ جو پٽ.“ ھڪ سولجر چيو پئي. ”غار جي منھن تي ڪئپٽن کي مرندو ڏسي ته لونءَ ٿي ڪانڊارجي وئي. ۽ اھو به اسان جي ھزار کن ھٿ بمن اندر اڇلائڻ کان پوءِ!“

”جيئن جيئن معاملو ڊگهو ٿو ٿيندو وڃي، تيئن تيئن دلچسپي گهٽبي ٿي وڃي. ديجھان حرامين ڪو پڪو پھه ڪيو آھي ته تاحياتيون غار ۾ غرق ڪندا! چار ڏينھن ٿي ويا آھن، ۽ اسان جا لڳ ڀڳ سوُ ھمراھ ھلي چڪا آھن!“

”۽ اسان _ رڳو ھڪ عورت ئي پڪڙي سگهيا آھيون! ڪمانڊر وسان نه گهٽايو پر ھن کي مڃائي نه سگهيو. واه واه! ڪنھن پئي ڄاتو ته ھوءَ ايتري ھمت واري ھوندي؟ غار وارن ھمراھن کي پيش ڪرڻ لاءِ چوڻ بجاءِ کين ھٿيار نه ڦٽي ڪرڻ لاءِ ئي چيائين. جڏھن ڪمانڊر کيس وڻ ۾ لڙڪايو ۽ ماڻس کي سڏايو ته ان کي ڏسي رڙيون ڪيائين. ڪمانڊر سمجھيو ته آڻ مڃي ھيائين. پرجڏھن ھن کيس ھيٺ ڪرايو ۽ مائڪروفون اڳيان آندس ته ان کي ڪيرائي لت ھڻي ڇڏيائين. سچي ته اھا آھي ته جڏھن ليفٽينيٽ زام سندس ڪنڌ ڪٽڻ لاءِ حملو ڪري رھيو ھو ته مون کي شرم اچي رھيو ھو _ شرم ......“

”تڏھن به ڪري ڪجھه نه سگهيس، ھوءَ اڃا مئي ڪانه ھئي. سندس ڦٽ اٿلي پيس.“

”ھاڻي ته ڪم لھي ويو ھوندس.“

”ڪنھن جو؟“

”ڇوڪريءَ جو.“

”مري وئي سج لٿي مھل. ڪنھن ڳالھه پئي ڪئي.“

نگان ڪنڌ جھڪايو ۽ نڙيءَ ۾ گهٽ محسوس ڪيائين.

”ليفٽينيٽ چار ڀيرا ڪوشش ڪئي، ۽ پويون ڀيرو ئي ڪجھه سوڀارو ٿيو. پر ان وار به ھن کي ماريو ڪونه، ۽ ڪمانڊر وري کيس لڙڪائڻ جو حڪم ڏنو، سندس خيال ۾ ھن جو گرڪڻ ۽ ڦٿڪڻ سندس ساٿين کي ڀاڙي ۽ بي ھمت ڪري ھا.پر شام تائين ھن چپ نه چوريا، اندر ئي اندر ۾ لڇندي پڇندي رھي.“

”نه ھن ڳالھايو! بلڪل مرڻ مھل، مان پاڻ ٻڌو. واھڻ کان آيل ماڻھن جو ھجوم بيٺو ھو. ھن انھن کي رڙ ڪري چيو، ”منھنجو پلئه ڪجو!“ مان ھن کي صدر ھوچي منھه (ھُو) کي سڏيندي به ٻڌو. پوءِ ھن آخري ٿرڙيون ھنيون ۽ مري وئي.“

سپاھيءَ جو آواز ماٺو ٿي ويو، ”مان رڳو ............ اھو ڪجھه ئي ٻڌو .......... ڇو جو يڪدم ھجوم گوڙ ڪري اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ھجوم ۾ رڳو ڪراڙيون عورتون، ٻڍا مرد ۽ ٻار ئي ھئا. ھو اسان کي پٽي رھيا ھئا ۽ اسان کي وڪوڙي اسان جي بندوقن تي ٺٺوليون ڪري رھيا. ڪنھن ڪراڙي کمير عورت ته زام تي چاقوءَ سان حملي جي ڪوشش به ڪئي، ھڪ سپاھي وچ ۾ پئي ھن کي بچايو پر سندس ڪلھو ڦٽجي پيو. رينجر ته ان ٻڍيءَ کي شوٽ ڪرڻ وارو ھو پر زام رڙ ڪري جھليس .پوءِ پتو پيو ته اھا سندس ماءُ ھئي. مون کي به پٽ تي ليٽائي وڌو ھئائون ۽ ھڪ ٿلھي متاري عورت مون کي لتاڙڻ لڳي ھئي. پر مڙسي ڪري اٿي جان ڇڏايم نه ته کل کاري وجھن ھا.ماڻھو نوڙي ڇڪي ڇوڪريءَ جو لاش ۽ سندس ماءُ کي کڻي ويا. ڪمانڊر اسان کي لاش کسڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر اسان ائين نه ڪري سگهياسين. ھن ڪاوڙجي ھجوم تي ھلان ڪئي ۽ للڪاريو. ”مان توھان مان ھڪ ھڪ کي ماريندس! توھان ھڪ ويٽ ڪانگ کي دفنائڻ ٿاچاھيو؟“ پر ھجوم به ساڳئي ئي ڪروڌ ۾ ڪاوڙ ۾ وراڻيس، ”ھيءَ اسان مان ھڪ آھي. اسان کي ان ويٽ ڪانگ بابت ڪا خبر نه آھي جنھن جي تون ڳالھه ٿو ڪرين.“ ھو ماٺ ڪيو ڳوٺڙي ڏانھن ھليا ويا.آخر ڪمانڊر کي ھار مڃڻي پئي. ٻيو ھو ڪري به ڇا پئي سگهيو؟ ھو بھادريءَ سان اسان جي سڌي ڪيل بندوقن اڳيان لنگهندا ويا. يقيناً جي اسان گولي ھلايون ھا ته عوام مري ھا، پر اسان ائين نه ڪيو.“

سپاھيءَ ڳالھائڻ بند ڪيو. ھنن نوان سگريٽ دکايا ۽ خاموشيءَ سان ڇڪڻ لڳا. پوءِ انھن مان هڪ اٿيو. جيستائين اسان جي پھري جو وارو اچي تيستائين ھلو ته ڳوٺڙي تائين ڄنگهون ساھي اچون. اتي ھڪ انڌو رھي ٿو جو ڪمال جو يڪتارو ٿو وڄائي.“

ھو نگان کان ڪو گراٺين جي وٿيءَ تان لنگهيا. ھن پنھنجو ساھ روڪي ڇڏيو ۽ وڻ سان لڳي بيٺو. سپاھين جي سگريٽن جو دونھون سندس نڪ تائين پھچي رھيو ھو.

ان عرصي ۾ ٻه سپاھي پٺيان رھيا. ”خدا ڄاڻي، ھيل ٽيٽ به الائي ڪٿي گذرندو!“ انھن مان ھڪ چيو ”شٽ! ھي ته اسان کي ڪاماوُ به موڪلي سگهن ٿا!“

”اوڏو يا ڏور، ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ جي ھتي به کڻي رھون ته به ٽيٽ گهر ۾ ٻارن سان ملھائي نه سگهنداسين.“

”ھاڻي رڳو اھو خيال رکجان ته جيئن غار ۾ اندر نه گهڙين. توکي ته خبر آ ته ھينئر پاڻ وٽ ڦٽلين لاءِ پلنگ به ڪونه آھي.“

”جي توکي اندر وڃڻ جو حڪم ملي ته ڇا ڪندين؟ انڪار؟ ڪالھه مان اسڪول وٽان لنگهيس ته ڦٽلين جون ڪنجھون ٻڌي ، ھانءُ ڏڪي ويم! الله جو سُنھن!“

”مان! مان ته ڪارپول ڪُو جي ڳالھين تي لڳندس.“

”ڪُو؟ڇا ٿو چئي وري اُھو؟

ٻنھي پنھنجو آواز جھڪو ڪري ڇڏيو. گوريلا انھن جون وڌيڪ ڳالھيون نه ٻڌي سگهيا. نگان پير سان پنھنجي ساٿين کي خبردار ڪيو. ٽئي ھمراھه خبرداريءَ سان پٺتي ھٽيا ۽ ڪريل ناريلن وٽ پھتا. ناريلن جو ٻُر لاھي ھنن بار جھڪو ڪيو ۽ جوڙو جوڙو ڪري ٻڌي ڪنڌ ۾ لڙڪايا. ھو ساڳيءَ خبرداري ۽ سنڀال سان غار ڏانھن موٽيا. سڄي واٽ نگان جي دل ۾ اھا اڻ تڻ ھئي. ”سئو مري وئي، سچ پچ مري وئي!“ گهائيندڙ گهاءُ سندس دل کي چيري ڦاڙي رھيو ھو. پوءِ ھُن جي دل ۾ گهري ڌڪار ۾ ڪروڌ پيدا ٿيو. سندس ڪنڌ ۾ لڙڪيل ناريل وک وک سان وڌيڪ ڳرا ٿي رھيا ھئا.

(2)

جنھن جاءِ تي باڦي ۽ سندس زال کي، پنھنجي قسمت تي روئڻ لاءِ غار ۾ رکيو ويو ھو، اتي روشني ڪڏھن به ڀلجي نه آئي ھئي. روشني ۽ اُس ته پري رھي پر ڪڏھن ات سوجھري به منھن نه ڪڍيو ھو. ات رات ڏينھن اونداھيءَ جو راڄ ھو. ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو ڪوين يا نام نھو وٽن مٺ ڀڳل چانورن جي ۽ پاڻيءَ ڍڪ آڻينديون ھيون. ڪوين کين ٻڌايو ھو ته وٽن پاڻيءَ جي اڻاٺ آھي.

جڏھن ڇوڪري کين ايترو ٻڌائي ھلي وئي ھئي ته مڙس ڏندن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”وٽن پاڻيءَ جي اڻاٺ آھي! جي وٽن آھي به پر اسان کي نه ڏيندا.“ ڳڻتين ۾ ڳريل جوڻس ڪوبه جواب نه ڏنو. باڦي ٽوڪ ۽ ڪاوڙ مان چوندو رھيو. ”ڪيترن ڏينھن کان کين سخت گهيري ۾ رکيو ويو آھي. ھو ھاڻي ختم ٿيا آھن اچي، پڪ ئي پڪ، دير يا مدير اسان جا ھمراھه ھت پھچي ويندا.“

پوءِ ھن پنھنجي زال کي آٿت ڏني. ”رڙيون نه ڪر. مان چوانءِ جو ٿو ته فڪر جي ڪا ڳالھه ڪانه آھي. ڪو مري ڪونه وينداسين.“ ھن جو آواز وچٿرو ٿيندو ويو. ”حرامزادا! جلد ئي خبر پوندن ته مان ڇا آھيان! ھر ڪنھن جو سر اڏي تي ھوندو! مان سندن اڳواڻ ھائي ٿيپ جو سر ڪٽيندس، پوءِ ان جو جنھن اسان کي گرفتار ڪيو، ۽ ان کان پوءِ بارين _ سڀني جو!“

”بس ڪر! بس ڪر!“ سندس زال روئڻھارڪو ٿي چيو. ”مون کي ته ڀوُ آ ته اسان جي آقائن جي پھچڻ کان اڳ ئي ھو اسان جون سسيون ڌار ڪري ڇڏيندا!“

ان ڳالھه مڙسھنس کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو، ۽ وري اڻ تڻ ۽ پريشاني چھري تي ظاھر ٿي آيس. ”ائين پڻ ٿي سگهي ٿو!“ ھن مڻ مڻ ڪئي. ”ھو اسان کي اڳ ۾ ئي ماري ڇڏين.“ جڏھن ھن ائين سوچيو پئي تڏھن سندس ٻڌل ٻانھن ڏڪڻ ڪنبڻ شروع پئي ڪيو. ان ھوندي به سندس دل ۾ آس جو ھڪ جھڪو ترورو چمڪيو پئي. پنھنجي بدڪار فطرت ۽ اندر جي پوري ڌڪار جي آڌارتي ھو ان تي آرو ڪيو ويٺو ھو. ھن بدمعاش جاسوس جي کوپريءَ ۾ پريشانيءَ سان گڏ انتظار به ديرو ڄمايو ويٺو ھو. رکي رکي آس اٿاريس پئي ته رکي رکي نراس ڪيرايس پئي. سندس حالت بلڪل ڄار ۾ ڦاٿل ھڪ لومڙ جھڙي ھئي، جو ڄار مان نڪرڻ بعد، بدلي وٺڻ جو منصوبو ٺاھيندو آھي. ھرڀيري جڏھن غار تي ڪاھ پئي ٿي ته ھن جي من ۾ آس ۽ نراس بدلجنديون پئي رھيون. جڏھن به بندوقون ھليون پئي ۽ بم ڦاٽا پئي ته ھو اتساھه ۾ ڀرجي پئي ويو ۽ سندس ھٿ پير چنبن جيان پئي ٿي ويا، ۽ اونداھه ۾ ھن پنھنجي زال کي پير لائي اشارو پئي ڪيو ته سندن نجات جو وقت اچي ويو. پر جڏھن غار وارن کي بچاءَ ۾ گولي ھلائيندي پئي ٻڌو ته کيس وھم ۽ گمان پئي ٿيا.جڏھن حملو بند پئي ٿيو ۽ ماٺ ٿي وئي، ته ھن جو انتظار شديد پئي ٿي ويوته اجھو ڪي اجھو ڪو آيو ۽ کيس ڇڏايائين. پر جڏھن ڪوبه نه پئي آيو ته ھو وري نراسائي ۽ نامراديءَ ۾ وڃي پئي ڪريو. ساڻس اھا ويڌن جاري رھي _ ساڳيءَ آس، نراس، اتساھه اونده ۽ رسين جاوڍ!

باوجود ان جي ھو سدائين ھوشيار۽ ڦڙت رھيو. ڪن سُرلا ڪيو ھوھر ٺڪاءَ، ھر آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ان ڪري ھن کي خبر ھئي ته گذريل چئن ڏينھن ۾ ڇا وھيو واپريوھو. پھرين مقابلي کان وٺي ئي ھن ھر ٺڪاءَ تي اٿي ڦڙت ٿي ويھڻ جي عادت ٺاھي ڇڏي ھئي. ھزارھا بمن جو ڦاٽڻ سندس حياتيءَ ۾ انتھائي خوشيءَ جو موقعو ھو. جنھن رات بَي جي ٻانھن ڪپي ھئي، تنھن رات سندس دل خوشيءَ ۾ ٽپي پئي. ڪوين جي بانسجڻ ۾ نام نھو جي زھرجڻ، کيس وڏي آٿت ڏني ھئي، ھن سئو جي گم ٿيڻ جي خبر ٻڌي ھئي، ۽ جڏھن دشمن ھن نوجوان ڇوڪريءَ کي مائڪروفون تي ڳالھائڻ لاءِ لاچارڪيو ھو ته سندس خوشيءَ کي ڪو ڪاٿو ئي ڪونه پئي مليو. اھو ڄاڻي کيس صدمو ۽ اچرج پھتو ھو ته ھن ان جي بلڪل ابتڙ چيو ھو جو ڪجھه چوڻ لاءِ کيس چيو ويو ھو. پاڻيءَ کان محروميءَ سبب سندس نڙي به ٻين جي نڙي جيان سڪي ٺوٺ ٿي وئي ھئي، پر اھو عذاب به کيس ھڪ ڇتي ۽ اٽل آس ڏياري رھيو ھو ته اڄ جي ڪري ھو جلد ڀاڙي ٿيندا ۽ ھٿيار ڦٽا ڪندا. جڏھن ھن محسوس ڪيو ته سئو شايد ماري وئي ھجي ته کيس اچي آنڌ مانڌ ورتو. ”جي گوريلا ان جو بدلو مون کان وٺن ته؟“ ھن پاڻ کي چيو. ان مھل ھن نه پئي چاھيو ته ڪو ڇاڙتا فوجي گوريلن کي ڌڪي آڻ مڃرائين، ان خوف کان ته متان ويندي ويندي ھو کانئس پلئه وٺن. اھڙي ريت ھو رات ڏينھن پنھنجي زال جي قسمت تي اونداھين ۾ ڀٽڪندو ۽ رلندو رھيو. سندس زال ڊگها ساھه کڻي رھي ھئي. باڦي سندس اھا اُڀ ساھي ٻڌي ورتي ۽ سامھون روشني ايندي به ڏٺي. ھڪ موم بتي ڏانھن وڌي رھي. اکين جي اونده تي ھريل ھئڻ سبب ھو ان ھمراھه کي نه سڃاڻي سگهيو جو ڏانھس اچي رھيو ھو. اوچتو ھن چيو حڪم ٻڌو، ”اٿو!“

اھو ھائي ٿيپ ھو. باڦي جلدي سندس حڪم جي بجاآوري ڪئي. سندس زال به سستيءَ سان ان جي پوئواري ڪئي. پر ھائي ٿيپ عورت کي اشاروڪري اٿڻ کان جھليو. پوءِ جاسوس کي ننھن کان چوٽيءَ تائين گهوريندي، ھائي ٿيپ چيو، ”مون کي ٻڌاءِ، ته ھن مھل تائين پنھنجي ڏوھه جي سنگينيءَ کي سمجھي سگهيو آھين يا نه؟ تنھنجي ڇا راءِ آھي، موت جو حقدار آھين يا نه؟“

جواب ڏيڻ کان سواءِ باڦيءَ پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.

”جواب ڏي!“ ھائي ٿيپ مٿي آواز ڪندي چيو.

جاسوس مرڻينگ حالت ۾ چيو، ”ھائو.“

”ٺيڪ ٺيڪ“، ھائي ٿيپ سندس مٿي کي ڌڪ ھنيو. ٿوري ماٺ کان پوءِ ھن وري حڪم، ”ٺيڪ آ، ھل ته ھلون!“ باڦيءَ جو ڄنگهون ڍرڪي پيون. پر بارين تڪڙو وڌي کيس ڪرڻ کان جھلي ورتو. ان لوھار کي ائين لڳو ڄڻ جاسوس جون ڄنگهون ڪٽجي ويون ھيون.اھي بي جان ليلھر ٿيون، ڏورين جيان لڙڪي رھيون ھيون. بارين ھن کي گهلي موم بتيءَ جي روشنيءَ طرف آندو. عورت به پار ڪڍندي سندن پٺيان لڳي. بارين مٺيان وچان چيو، ”اصلي ايڏو ڀاڙي! خدا جي مار پويس، ساھه ۽ ھوش ئي ڇڏائي ويو اٿس!“

ھو کيس کڻي غار جي ان حصي ۾ آيا جتي دَکيءَ ۾ انھن شھيدن جون ھاٺيون پوريل ھيون جي سئو ۽ ڪوين سال اڳ لڌيون ھيون. دشمن انھن جون کوپريون ٻيڙيءَ جي ونجھن سان ڀڳيون ھيون، ۽ پوءِ لاش گپ جي ھڪ دٻي ۾ ڦٽا ڪياھئا. ٽن ڏينھن تائين، ڪوين ۽ سئو انھن لاشن جي ڳولا ڪنديون رھيون. چوٿين ڏينھن، جيئن ھو ٻيلي ۾ گهڙيون ته ڪتن جي گرڪڻ جو آواز ٻڌائون. آواز جو پيڇو ڪندي ھو گپ وٽ اچي پھتيون جتي ڪتن کي ھڪ دٻي مان نڪرندو ڏٺائون جن جي وات ۾ ماس لڳل ھڏا ھئا. سئو ڪتن کي سوٽيءَ سان ڊڪائي کانئن اھي ھڏا واپس ھٿ ڪيا ۽ ڪوين کڏ ٽپي اتي رھيل ھڏا ميڙيا. اھي ھڪ نيلان جي ٽڪر ۾ ويڙھي ڳوٺڙي ۾ لڪائي ڇڏيا. اھي سڃاڻپ کان پري ھئا. جڏھن ڳوٺ آزاد ڪرايو ويو ته ھنن اھي ان دکيءَ ۾ رکي اچي غار ۾ رکيا ھئا.

بارين جاسوس کي اڃا به اڳڀرو گهليو ۽ ھڪ پٿر سان ٽيڪ ڏئي بيھاريو. سندس ڪنڌ اڃا لڙڪي رھيو ھو. گهڻي جھٽ کان پوءِ ھن پنھنجون اکيون کوليون. ھائي ٿيپ ۽ بارين ھن کي اڃا به غار جي آخري ڇيڙي ڏي گهلي ويا ۽ اتي ٻڌي ڦٽو ڪيائونس.

ٻاھر موٽندي ھائي ٿيپ چيو، ”سڀ ھڪجھڙا آھن. کين مارڻ جي ته ھمت آھي، پر پنھنجو موت نٿا ڏسي سھي سگهون. ھن ائين سمجھيو ته اسين کيس مارڻ وٺي وڃي رھيا ھئاسين. ان ڪري ئي بيھوش ٿي ويو.“

”ڪانئر ڪنھن جاءِ جو، رڳو جاسوسي جي خبر ۽ اٽڪل اٿس.“

جنھن وقت اھو ڪجھه ٿي رھيو ھو ته ان مھل نگان پنھنجي مھم تان موٽي آيو. ھن حيرت ۽ تعجب سان پنھنجا ناريل ڦٽا ڪيا ۽ ساڳيءَ ريت ٽوئي ۽ ٽرانگ به. ڪوين پنھنجي مڱيندي ڏانھن وئي. ھو جھٽ ماٺ رھيو ۽ پوءِ ڦاٽ ڦاڙيائين، ”سئو مري وئي آ!“

ھرڪو بت بڻجي بيھي رھيو. جيڪي ھٿ کيس داد ڏيڻ لاءِ کڄيا ھئا سي ڪري پيا. ايتري ماٺ ٿي وئي جو کين ھڪٻئي جي ساھه کڻڻ جو آواز به چٽو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. ھائي ٿيپ نگان ڏانھن وڌيو۽ ڏک ڀريل گهگهي آواز ۾ چيو، ”تون ............ تون ھن تائين پھتين .........؟“

”نه. ھوءَ اتي ڪانھي. ماڻھو کيس کڻي ويا آھن. اسان رڳو ڪن دشمن جي سپاھين کي ڳالھيون ڪندي ٻڌو.“ نگان اتي لنگهه ۾ ئي ھڪ پٿر تي ويھي رھيو، ۽ کين اھو سڀ ڪجھه ٻڌايائين جو پاڻ ٻڌو ھئائين. جڏھن ھو سئو جي ان آخري ذھني پيڙا تي پھتو، جنھن ويل ھن عوام ۽ صدر ھُو کي پڪاريو ھو، ته سندس آواز سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. ھن جي زبان ٿيڻ کائڻ لڳي. ڪوين سڏڪن ۾ پئجي وئي. سندس مٿو نگان جي پگهر ۾ شل ٿيل ڪلھي تي لڇي پڇي رھيو ھو. اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي ھر ڪو صبر ڪري پنھنجن سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھنن سڀني کي پڪ ھئي ته سئو ماري وئي ھئي، پر کين اھا خبرڪانه ھئي ته ھن کي ڪيئن ماريو ويو ھو۽ انھن آخري گهڙين ۾ ھن سان ڪيئن ورتاءَ ڪيو. ھر ڪنھن کي محسوس ٿيو ته ھن سئو جو وِتُ پورو نه ڪٿيو ھو ۽ کيس پورو پورو نه سمجھيو ھو. ھن جو اھو امر مثال سڀني مٿان حاوي ٿي بيٺو. سئو جي پيڙھا ۽ وفاداري، سونھن، سلڇڻائي، کين قرب تر ھوندي به، ھاڻي پوري ريت ۽ صحيح نموني سندن اڳيان اجاگر ٿيون ھيون. اھا جا ماٺ ۾ مرڪندي ھئي. اھا جنھنجي بيضوي چھري ۾ سونھن ۽ گستاخيءَ واريون شاندار اکيون چمڪنديون ھيون. سندن ريشم جھڙا وار جن تي سڄي ھان ڊئٽ کي فخر ھوندو ھو. اھي يادگار ساٿين جي دلين تان ڪڏھن به ميسارجي نه سگهندا، ۽ نه ڪڏھن سندس چيل پويان آخري لفظ ھنن جي دلين تان ڊھي سگهندا.

ھائي ٿيپ محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪي اڻ ڏٺا ڏند ۽ چنبا سندس دل ۾ ڇيڇاڙي رھيا ھئا. ھو ھوريان ھوريان اٿي بيٺو ۽ غير متوازن آواز ۾ چيائين، ”اسان لاءِ ڪھڙو نه عاليشان مثال ھئي! ھوءَ سدائين اسان جي سار سنڀال ۾ مشغول ھوندي ھئي. چانور جي داڻي داڻي جي حفاظت ڪندي ھئي. پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو نظر ھيٺ رکندي ھئي. ھو سراسر ميٺاج ۽ بي غرضيءَ جو نمونو ھئي، ۽ وري ڏسو ته ڪيئن نه ھن اٽل ارادي سان پنھنجو ڳاٽ دشمن اڳيان اوچو جھليو. تر برابر نه گٿي. اسان کي حڪم ڪري وئي ته ھٿيار نه اڇلايون. سندس لفظ اسان جي دلين تي اُڪرٿيڻ گهرجن!“ ”ساٿيو! ھن اسان کي بدلي وٺڻ لاءِ سڏيو آھي، اچو ته ان جي پلئه وٺڻ جو قسم کڻون!“ ڪنھن ڪو لفظ نه ڪڇيو. سڀ ھڪ منٽ لاءِ موت جھڙي ماٺ ۾ اٿي بيٺا، ۽ ڪنڌ ھيٺ نوڙائي ڇڏيائون. سڀني جا خيال ان ماٺيڻي مورت ڏانھن ھئا آڱريون رائفلن جي نالين تي پڪڙ مضبوط ڪنديون ويون. ھر ڪنھن رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھڻ جو قسم کنيو.

وري ڪنھن رڙ نه ڪئي نه ڪوئي رنو. ھنن اکين تان ڳوڙھا اگهيا. ھر ڪنھن اھو به سوچيو ته ھي رات جيئن تيئن ڪري تڪڙي ڪاٽجي وڃي ته جيئن دشمن جي ايندڙ حملي سان ئي سئو جو پلئه ورتو وڃي.

”نج سون باھ جي پرک کان نه ڊڄندو آھي.“ بارين چيو، ”سئو ۾ نج سونُ ھئي. باڦيءَ جيان نه ھئي، جو اڳھئون بيھوش ٿي ويو.“

”ڇو بيھوش ٿيو؟“ نگان پڇيو.

”سمجھيئن پئي ته اسان کيس مارڻ لاءِ سنڀريا ھئاسين.“

ھائي ٿيپ نگان ڏانھن منھن ڪيو. ”گهڻا ناريل آندوَ؟“

”ڇھه .“

”ڏکيائي ٿيوَ ڇا؟“

”نه. رڳو اھا جو ھو اسان کي ايترا ويجھا ھئا جو اسان کي اھو انتظار پئي ڪرڻو پيو ته ڪا گولي ھلي ته ناريل اڇلايون. اسان ڪن جي سڄي گفتگو ٻڌيسين. ھي سگريٽ پي رھيا ھئا ۽ اسان سندن چھرا به ڏسي پئي سگهياسين. سندن ذھن ڏاڍا منتشر آھن. ھو ھت اچي ايترو ڏڪي ويا آھن جيترو پليگ کان ڏڪبو آھي. ھن اسان جي غار تي ’موت جو غار‘ جو نالو رکيو آھي“

”نالو خراب ناھي.“ ھائي ٿيپ چيو، ”موت انھن لاءِ، نه!؟ اسان لاءِ ته ھيءَ اڃا ھان ڊئٽ آھي.“

ٽونگيپ پنھنجو ڪنڌ لوڏيو. ”ھائو، ھان ڊئٽ ( معني: مٽيءَ جو ڀتر يا سمنڊ ۾ ٻيڙو ) واقعي ماٺ ۽ نرم آھي. پر ڀلي ته ھٿ لائي ڏسنس _ جيڪو ڪانڊيرا ميڙيندو، ان کي ڪنڊا اوس چڀندا.“

”ڇڙو چڀڻ جي ٿو ڳالھه ڪرين.“ نگان وراڻيو، ”ٽولي ۾ يانڪي به آھن. انھن مان ھڪ ته مئو اٿن.“

”ھائو؟“

”ھون، مون کين چوندي ٻڌو ته ڪالھه ھڪ ھيليڪاپٽر سندس لاش کڻڻ آيو ھو. ماڻھن ۾ ڏاڍو تاءُ آھي، ڇو جو ان جي پائليٽ ھنن جي سخت ۾ سخت زخمي سپاھي کڻڻ کان به انڪار ڪيو.“

”حرامزادا!“

”ھائو، پر ان ڪري انھن جون اکيون کلي ويون آھن، جيڪي پاڻ سان گڏ يانڪين جي ساٿ تي پاڻ کي خوشنصيب ۽ ڀاڳ وارو سمجھي رھيا ھئا، ٿي سگهي ٿو ته يانڪي پنھنجي ڪتن سان پيار ڪندا ھجن، پر ڀاڙيتن سان پڪ ئي پڪ پيار ڪونه ٿا ڪن. ڀل ته پيا مرن _ ھڪ دفعو پنگلا ٿيا ته پوءِ ھنن جي ڪھڙي ڪم جا؟ پوءِ کين بچائجي ڇالاءِ؟“

”منھنجي خيال ۾ فوجي بي ھمت ۽ بي دليا ٿي پيا ھوندا.“ نگان چيو، ”اسان کي رڳو سندن ان دلشڪنيءَ کي وڌائڻ لاءِ اپيلون جاري ڪرڻ کپن!“

”رڳو ٽام چان ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو ئي اھو ڪم ڪري سگهن ٿا.“ بارين چيو، ”ھتي ته کين ڏسندي ئي نڪ تي ٺونشو ٿو وھائڻو پوي، سو اپيل جو وقت ڪٿي آھي.“

”ڇو ناھي؟“ ٽونگيپ وچ ۾ بڙڪيو. ”اسان به ڪري ٿا سگهون. رڳو ھڪ ميگافون جي ضرورت آھي. ھڪ پاسي ساڻن پيا وڙھنداسين ته ٻئي پاسي کين مڃائڻ جي به ڪنداسين. ان طريقي سان سندن حوصلو ختم ڪرڻ جي عمل کي تڪڙو ڪري ٿو سگهجي. نه؟“

”سڀ ٺيڪ آ درست آ.“ نگان چيو، ”پر ميگافون ڪٿان ايندو؟“

جھٽ جي ماٺ کان پوءِ ٽونگيپ تجويز ڏني، ”اسان کي رڳو اھڙي شيءِ کپي جا ٽين جو ڪم ڏئي سگهي. ھڏن ھاٺين واري مٽَي ناريل جي پنن سان ڀريل آھي، اسان انھن مان توتارو ٺاھي ٿا سگهون. مان نه ٿو سمجھان ته ڪو مئن جا روح ان ڳالھه سان اتفاق نه ڪندا.“

”درست آ،“ بارين چيو، ”اھي رڳو تڏھن ناراض ٿيندا جڏھن اسان انھن جي اطاعت ڪريون. ان کان سواءِ، مئل آخر مئل ئي آھن، نه؟“

”ائين ڳالھائڻ مناسب ناھي، بارين!“ ٽونگيپ اعتراض ڪيو. ”اسان کي مئلن جي ھاٺين جو احترام ڪرڻ گهرجي. مون کي ته ڀوُ آ ته جي انھن کي ڇھيوسين ته سندن آرام ۾ رخنو پوندو.“

بارين ماٺ ڪري ويو، پر پوءِ وري اڳتي نِوڙي چيائين، ”ڪجھه وقت کان وٺي مان تو ۾ نون وھمن ۽ وسوسن کي پيدا ٿيندو ڏسي رھيو آھيان.“

”پر نه! ائين ناھي! مان........ مان...........“ ٽونگيپ ھٻڪي بيھي رھيو.

ھائي ٿيپ کيس ڏسي اکين جي اشاري سان ڌيرج ڌرڻ لاءِ چيو. ھن کِلندي چيو، ”اھو ڪو ٽونگيپ جي وھمي ٿيڻ جو پڪو دليل نه آھي _ پر جي پَتا ڪم ڏيئي سگهن ٿا ته انھن جي ڪتب آڻڻ ۾ ھٻڪ نه ڪيو. اھي، اسان جا مئل، خوش ٿيندا. جلدي ڪري وٺ، پريا مڙس!“

”ٺيڪ آ، اھو منھنجو ذمو آھي، يعني ته ......“ ٽونگيپ ميگافون جي ٺاھڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، پر ان ھوندي به ھو بارين جي ٽوڪ تي ناراض ضرورھو. ھن وھمي ٿيڻ کان انڪار ڪيو، حالانڪ بھشت ۽ ٻڌ ۾ ويساھه پئي رکيائين، پراڻن دوستن سان ملڻ تي پاسو کنھي ھو چوندو ھو، ”جي ھن ڌرتيءَ جو سڄو آدم بھشت ۽ ٻڌ ۾ ايمان رکڻ ڇڏي ڏي، تڏھن به ھڪ ڄڻو اھڙو ضرور ھوندو جو انھن ٻنھي تي ويساھه رکندو ھوندو.“ پوءِ پنھنجي سيني تي آڱر رکندي ھو چوندو ھو، ”۽ اھو ھڪ ڄڻو ٽونگيپ ھوندو.“ ھن ويشنو ٿيڻ ڇڏي ڏنو ھو. چوندو ھو ڌرم ڪرم سان دل جو واسطو آھي نه ڪي پيٽ جو. ويشنو کاڌي سان ماڻھوءَ کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي سگهه نٿي ملي. ان کان سواءِ سولو اھو کاڌو پيلو به بڻائي ٿو ڇڏي ۽ اھو ڏاڍو خراب لڳندو آھي.“ غير معمولي ڳالھه اھا ھئي جو ان دل ۽ ذھن سان ھن پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ پئي چاھيو. ھڪ ڀيرو ھن ھائي ٿيپ کي چيو ھو ته ھو ميمبر ٿي سگهي ٿو يا نه. ” ڇو نه،“ ھائي ٿيپ کيس جواب ڏنو ھو، ”پر توکي رڳو سچ ڏسڻو پوندو. پارٽيءَ ميمبر کي سڀني مذھبن جي پوئلڳن جي ايمان لاءِ احترام ۽ عزت ھوندي آھي، پر اھو پاڻ خدا، ٻڌ يا بھشت ۾ اعتبار نه ڪندو آھي. مان توکي ٽال مٽول کان سواءِ، سڌي طرح ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته اسان جو ڦر مار ڪندڙ ۽ پر مار ٿيندڙ ۾ ئي اعتبار ھوندو آھي. اسان جو ويساھه آھي ته امريڪين ۽ ڊيمين خلاف ھن گڏيل جدوجھد مان اسان کي مسرت ملندي، ھاريءَ کي ٻني ملندي ۽ سڀني مذھبن جو تحفظ ٿي سگهندو.“

آمريڪين ۽ نگوڊين ڊيم سان وڙھڻ ۾ ٽونگيپ بلڪل ھنن سان متفق ھو. پر ھائي ٿيپ واتان پارٽي ميمبر جي وصف ٻڌڻ کان پوءِ ھن محسوس ڪيو ته ھن لاءِ اھو ٿيڻ ڏکيو ھو. اھو تضاد ئي سندس رنج ۽ ڏک جو سبب ھو. ڪنھن شيءِ جي اختلاف ختم ٿيڻ کان اڳ ھن اھا شيءِ ماڻڻ پئي چاھي.

بارين جي چرچي سندس ان ڏک کي وري ڪا مھل جاڳائي ڇڏيو. ٽونگيپ ڪو پاڻ تي حملو ٿيندو محسوس نه ڪيوھو. ان کان سواءِ ھن جي طبيعت ئي اھڙي ڪانه ھئي جو ڪنھن سان گهڻي وقت تائين ناراض رھي سگهي.

ڪجھه منٽ پوءِ سڀني ھن کي موم بتي کنيو، پتن جي ڳولا ۾ ويندو ڏٺو. جنھن ڇپ تي سئو ۽ سندس ڌيءَ ستيون ھيون ان جي پٺيان موم بتي رکي ھو ميگافون ٺاھڻ ويٺو.

سندس مٿن کان ڪوين چادر وڇائي ٿئي کي سمھاري ڇڏيو. ٿئي کي ننڊ ھئي، ۽ کيس وھم گمان به ڪونه ھوته ساڻس ڪھڙو ھاڃو ٿيو ھو. ڪوين ٻرندڙ ۽ سڪل اکيون کوليون چرندڙ پرندڙ پاڇولو ڏسي رھي ھئي. پوءِ ھن ٿئي ڏانھن ڦري ان کي ڇاتيءَ سان لاتو. ننڍڙيءَ کي ماءُ واري گڊي اوڙھيل ھئي. سندس وارن تي ھٿ گهمائيندي ڪوين کي ائين لڳو ڄڻ اھي وڏا ٿي ايترا ڊگها ۽ نرم ٿي ويا ھئا جھڙا ماڻس جا ننڍي ھوندي ھئا.

(3)

تاريڪ سالن دوران ھائي ٿيپ جي گهر ۾ زير زمين لڪل جاءِ ٺاھي وئي ھئي. آزاديءَ کان پوءِ، ان کي ڊھرائڻ جي بجاءِ سيل جي سيڪريٽريءَ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ وڌايو ھو. اھو گهر جي بلڪل وچ ۾ ھوندو ھو ۽ اتان ڌار ڌار سرنگهون نڪرنديون ھيون، جي سارين جي پوکن ۾ وڃي ظاھر ٿينديون ھيون. جي دشمن ان جو دروازو لھي به وڃي ته ھن لاءِ ات رھندڙ کي ڳولي لھڻ ڏکيو ھو. ھن لڙائيءَ جي منڍ کان وٺي ئي ٽام چان ات ئي رھيو ھو. ھر رات ھو جھٽ لاءِ ٻاھر نڪري اچي تازي ھوا جھٽيندو ھيو، ۽ وري موٽي موم بتيءَ جي روشني تي ڪم ڪندو رھيو. اڄ رات جيئن ئي سج جاڪرڻا پوين پساھن ۾ ويا، ته بيگم ھائي ٿيپ ڪنھن مھم کان موٽي ۽ ان تھه خاني جو ڳجھو دروازو کڙڪائي اھو مٿي ڪيائين. جيئن ئي ٽام چان ظاھر ٿيو ته، ھن موڳي ۽ دکدائڪ آواز ۾ چيو، ”سئو آخرڪار مري وئي!“

ڪا مھل ٽام چان غمگين چھري سان ماٺ ڪيو بيٺو رھيو. پوءِ ماٺي آواز سان پڇيائين، ”ڪڏھن؟“

”اصلي ھاڻي! ڪو ڪلاڪ به نه ٿيو ھوندو. زام جي تلوار جي وڍ کان پوءِ به ھوءَ سڄو ڏينھن جيئري رھي. پر اسان سندس لاش ھٿ ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا آھيون. ھرڪنھن کي ان جو صدمو آھي. سڀ اتي ھئا جتي کيس لڙڪايو ويو ھو. اسان کي سندس لاش وٺڻ لاءِ سپاھين سان سامھون ٿيڻو پيو.“

”ھينئر اھو ڪٿي آھي؟“

”ماتا ساوُ جي گهر ۾، اتي تمام گهڻو گوڙ ٿي ويو آھي.“

ٽام چان سڌو ٿي بيٺو ۽ پنھنجي ٻانھن سان دروازي جي منھن تي ٽيڪ ڏئي چيائين، ۽ بيگم ھائي ٿيپ ڏانھن سوالي نگاھن سان نھاريائين، ”تون ھينئر جو ھينئر اوڏانھن وڃ،“ آخرڪار ھن چيو، ”ماتمي جلوس جو بندوبست ڪر. ان کي سڄي ڳوٺ ۾ ھڪ احتجاج جي صورت ڏيو ته جيئن دشمن لاءِ عوام جي ڌڪار وڌيڪ تيز ۽ تکي ٿئي.“

”اسان پاڻ اڳ ئي ان لاءِ سوچيو آھي. مان ھينئر وڃان ٿي.“ ھوءَ اٿي، فرش جو ڳجھو دروازو بند ڪرڻ لڳي.

”ترس!“ ٽام چان چيو ”جلوس کي غار جي ويجھڙائيءَ تائين نيڻ جو ڪو امڪان آھي؟“

”ڇالاءِ؟“ ھائي ٿيپ جي زال پنھنجون اکيون وڌيڪ کوليندي پڇيو.

ٽام چان ھن کي ويھڻ جو اشارو ڪيو. پوءِ ويجھو ٿي ڪن ۾ کيس پنھنجو خيال ٻڌايو. ”ھائي،“ ھن ڳالھه ختم ڪندي چيو. ”تون اھو ڪري سگهنديئن؟ اھو تمام ضروري آھي.“

”مان ان تي ٻين سان بحث ڪنديس.“ جھٽ کان پوءِ عورت وراڻيو، ”جي سائٿ ھوندي ته ڪنداسين.“

”خبردار رھجان، ادي. ڪابه رعايت نه ڏجو، پر گهڻي سختي به نه ھجي. سپاھين سان ڪنھن به قسم جي ٽڪر يا ويڙھاند کان پاسو ڪجو. اسان کي کين پنھنجي طرف ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. ھا ڀلا، تنھنجا ٻار ڪٿي آھن؟“

”پاڙي واريءَ وٽ ڇڏيا اٿم.“

ھائي ٿيپ جي زال جلديءَ سان دروازو بند ڪيو ۽ ان جي چوڌاري ڪجھه گهڙي گهمي، ۽ پوءِ ٻاھر نڪري وئي. سنجھا تائين ماڻھو ماتا ساوُ جي گهر جي اڱڻ ۾ اچي ڪٺا ٿي چڪا ھئا. جنھن وقت بيگم ھائي ٿيپ موٽي، ان مھل ھو سئو کي ڪفن ۾ وجھڻ لاءِ تياريون ڪري رھيا ھئا. ماتا ساوُ ڌيرج سان سئو جو ڪنڌ پنھنجي گوڏي تي رکيو ۽ سندس ڊگهن، پَٽ جھڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳي. ھوءَ عادت انوسار پاٻوھه سان سندس وارن تي ھٿ به گهمائي رھي ھئي ته انھن جو ھر گهنج ۽ وڪڙ به ڇڏائي رھي ھئي. ھن ھيل ڏاڍي ڊگهي وري ڏني. آواز تي ضابطو رکي ھن آخر ھائي ٿيپ جي زال کي چيو، ”ڏس ته،تختي تي سندس گريپ فروٽ گل واري تيل جي شيشي ته نه رکي آھي. ويچاريءَ کي ڏاڍو وڻندو ھو. اصل ھفتو کن اڳ ۾ نئين شيشي آندي ھئائين، پر ھڪ ڦڙي لائڻ جو به وجھه نه مليس......“

جڏھن بيگم ھائي ٿيپ اھا کڻي کيس ڏني ته ماتا ساوُ ان مان ڪي ڦڙا پنھنجي تريءَ تي ھاريا ۽ پوءِ ڌيءَ جي وارن کي لائڻ لڳي. ٻي گهڙيءَ ڪمري ۾ ھڪ سرھي سڳنڌ ڀرجي وئي. وارن کي ڦڻي ڏيئي پوءِ ھوءَ انھن ۾ سڳي وجھڻ لڳي.ڪيترائي ڀيرا ھن حياتيءَ ۾ ائين ڪيو ھو! اھي ڊگها وار ۽ سندن خوبيون خاميون ھن کي ڳجھيون ڪونه ھيون. ھن ڀيري ھن اھو سڄو ڪم ڏاڍي ڌيان ۽ خبرداريءَ سان ڪيو. سھڻي ۽ شاندار سڳي، اھڙي جھڙي شايد سندس ڌيءَ جيئري، ڪڏھن نه وارن ۾ وڌي ھئي. ان ۾ عجب جي ڪا ڳالھه ڪانھي، ماءُ آخري ڀيرو ڌيءَ جا وار ڳُنڌي رھي ھئي، ۽ پوري پيار ۽ پوٻوھه سان اھو ڪم ڪيو پئي.

چوٽي ڪرڻ کان پوءِ ماتا ساوُ پاڻ کي ڌيءَ کان ڌار ڪرڻ جي ھمت نه ساري سگهي. ھن پنھنجن وارن مان ھڪ ڊگهو پتل جو ڪانٽو ڪڍي ڌيءَ جي وارن ۾ وڌو. جيڪي وار زام جي تلوار سان ڪٽجي ويا ھئا سي ھن کڻي پنھنجي مڙس جي تصوير جي ڀرسان رکيا _ ۽ اندر ئي اندر ۾ خاموش رڙيون ڪرڻ لڳي.

ماڻھن کيس وٺي اچي صندل تي ويھاريو. ھائي ٿيپ ۽ بارين جي زالن سئو کي کنيو ۽ کيس ڪفن ۾ وڌو. جيئن ھو ڪفن جو مٿيون تختو بند ڪرڻ لڳا ته ماتا ساوُ سڀني کي ڌڪيندي پاسي ڪندي ڌيءَ ڏانھن ڊوڙي پر ھنن ڍڪ اڳ ئي ڏئي ڇڏيو. ۽ ات پھچي ڪجھه نه ڏسي ھوءَ اوڇنگارن ۾ پئي. ڪفن سڄو ڳاڙھو ھو، ڳوڙھو ڳاڙھو. ڪفن ان گهر جي وچ ۾ رکيو ھو جتي وڏي ٿي ھئي. سندس ڳوڙھن، ٽھڪن، نخرن ۽ چلولاين سان ھي گهر ٽمٽار ھو، ھاڻي ھوءَ اتي سمھي پئي ھئي. سندس آخري ننڊ! پر پويان ھوءَ گهڻو ڪجھه ڇڏي وڃي رھي ھئي _ پنھنجي اٽلتا، زندگيءَ جا ستاويھه سال، ۽ سڀ کان مٿي بھادري ۽ ھمت واريون پويون گهڙيون! ناريل جون ٺھيل يا ڪکن مان تڪڙ ۾ تيار ڪيل مشعلون ٻري اٿيون. ڪيترن ئي ماڻھن، جن ۾ ڪامي به ھئي، ڪجھه پنھنجي پھراڻن ۾ لڪايو. جھٽ پلڪ ۾ اڱڻ روشنيءَ سان ٻھڪي اٿيو. ماتا ساوُ ڌيءَ کي پيءَ جي قبر جي ڀرسان ٽڪري تي ئي دفنائڻ پئي چاھيو. پر سڌو اوڏانھن وڃڻ بجاءِ ھو سڄي ڳوٺ کي چوڌاري ڦرڻ لڳا. گهرن ۽ پوکن مان جلوس ھڪ ڊگهي شڪل اختيار ڪئي. ڀاڙيتن جو ھڪ جٿو ھڪ باغيچي ۾ سندن اڳيان ڦري آيو. ”بيھي رھو!“ سپاھين رڙ ڪئي، ”توھان کي خبر ڪانھي ته ڪرفيو لڳي چڪو آھي؟ڪيڏانھن پيا وڃو؟“

بيگم بااُو جواب ڏنو، ”توھان اسان جي نياڻي ماري آھي ، ان کي دفنائڻ پيا وڃون.“

جٿي جي مھندار پنھنجن ٻنھي ھٿن سان ھنن کي رستو ڏيکاريندي چيو، ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. ھلو، ھلو. مون کي خبر آ ته توھان جنازي مان به جلوس جو ڪم وٺي سگهندا آھيو.“

ھن پنھنجن ماڻھن ڏانھن منھن ڪيو ۽ کين اشاري سان ماتمين کي وڃڻ لاءِ اجازت ڏيڻ لاءِ چيو. ھائي ٿيپ جي زال ۽ بااُو جي زال اڳواڻيءَ ۾ ھيون. ٻرندڙ مشعلون چمڪي رھيون ھيون. ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ ٻي مشعل به تيار ھئي ته جيئن ھڪ اجھامي ته ٻي ٻاري وڃي. چئن عورتن جي ڪلھن تي کڄيل ڪفن جي چوڌاري مشعلون سڙي چرڪاٽ ڪري رھيون ھيون، ۽ ھجوم ڀڻ ڀڻ ڪري رھيو ھو. روشني اونداھه ۾ ڄڻ سرنگهه ھڻي رھي ھئي، ۽ ان ۾ ڳاڙھو ڪفن بکي رھيو ھو. روشني ڪراڙين عورتن جي اڇن وارن تي تِرورا وجھي رھي ھئي، ۽ وڻن جون لڙڪندڙ لامون به چمڪي رھيون ھيون.

ماتا ساوُ ڪفن جي بلڪل پويان ھلي رھي ھئي ۽ سندس چوڌاري بيگم بارين ۽ ٻيون ساھيڙيون ھيون. ٻن عورتن وڌي کيس ھٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن انڪار ڪري پاڻ پنھنجي سر ھلڻ جي خواھش ڏيکاري. ھن روئڻ بند ڪري ڇڏيو ھو. ھن طوفان جي وچ ۾ سندس نڙيءَ ۾ اھڙي ڪا گرمي اچي پھتي ھئي جو ھوءَ روئي نه پئي سگهي. ڪجھه وقت اڳ ھوءَ ڌيءَ جي جدائيءَ جي ڏک ۾ روئي رھي ھئي، پر ھينئر ھم سفر ۽ ھم ساٿين جي ھجوم ۾ سندس انداز ۾ ٻين جذبن ۽ احساسن جنم ورتو ھو. ھن کي محسوس ٿيو ته سئو رڳو اڪيلي نه ھئي، ڪيترن ٻين به وطن خاطر جانيون ڏنيون ھيون، ۽ ڏيڻ لاءِ آتا ھئا. سندس چوڌاري ھلندڙ عورتن مان گهڻن جا مڙس ، پٽ ۽ مٽ مائٽ ان راھه تي رسي چڪا ھئا؟ ٻين ته پنھنجن پيارن تي لونءَ ڪانڊاريندڙ ظلم ٿيندي ڏٺا ھئا. ڦڦڙ ڪوريل، جيرو نڪل، يا ٻانھن يا ڄنگهه ڪٽيل، اکيون نڪتل وغيره وغيره انھن مان ڪيترن جا پيارا ۽ پرين اڃا تائين جيلن يا ڪاري پاڻيءَ جي سزا ھيٺ آيا ھئا! ست سال _ ۽ ان عرصي ۾ ھان ڊئٽ ۾ ڪوبه اھڙو ڪٽنب نه ھو جنھن ڪجھه نه ڪجھه سٺو ھو. ڪيڏي نه رت وُڙھي ھئي! ڪوئي به اِھو ڪڏھن نه ٿو وساري سگهي؟

نه، اھا رڳو ھوءَ نه ھئي، پر سندس سڀ پاڙيسري ھئا جي ساڳئي ئي جھنم مان گذري رھيا ھئا.رڳو ھوءَ اڪيلي نه ھئي جا وڙھي رھي ھئي. پر ھان ڊئٽ جا سوين رھواسي ۽ ڏکڻ ويٽنام جا لکين وطن دوست ھئا. سندس پويان گجندڙ سمنڊ کيس غم کائڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اڀاري رھيو ھو. وڻن جي پنن جو آواز کيس بدلي وٺڻ لاءِ ڀڙڪائي رھيو ھو. سندن رت رڙيون ڪرڻ لڳي _ بدلو! پٽ، ڀائٽيا. سندس ۽ ٻين جا، غار ۾ سوگها ھئا، پر ھو اڃا وڙھي رھيا ھئا. وڌيڪ جوش سان، اُڃ ۽ بک کي منھن ڏئي به. رڳو ھڪ ويڙھاڪ ئي دشمن کي ھٿ اچي سگهيو ھو، ۽ ھنن سرجھڪائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. پر ات اڃا گهڻا ھئا. سندس ڏھٽي، ٻي ڌيءَ، ڄاٽو ۽ سندس چوگرد ھلندڙ عورتن جا مڙس، توراوُ جو پٽ بَي ۽ ٻيا به ڪيترائي. جيئن جيئن ھوءَ انھن بابت سوچڻ لڳي، تيئن تيئن سندس ڏک ھلڪو ٿيندو ويو.

ھو نديءَ جي ان ڪپ تي اچي پھتا جتان ٿورو پرڀرو دشمن ڇانوڻي ھنئين ھئي. روشنيءَ جي ھن غاليچي کي پاڻ ڏانھن وڌندو ايندو ڏسي ماڻھو تنبن مان نڪري آيا. ان پياري بٽالين جي مھندار ڪئپٽن ڪاوُ ڪفن ڏسندي ئي معاملي جي نوعيت سمجھي ويو. ھن پنھنجي ماڻھن کي ھٿيار تيار ڪري يڪدم نديءَ جي ڪناري سان بيھي وڃڻ جو حڪم ڏنو، پاڻ ھجوم ڏانھن ڊوڙي ويو.”بيھي رھو! بيھي رھو!“

بيگم بااُو ھن ڏانھن وڌي آئي ۽ مٺڙي لھجي ۾ چيائين، ”ڪئپٽن! سائين، توھان اسان جي ھڪ ڇوڪري ماري ڇڏي آھي، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ان کي دفنائڻ ته ڏيو نه.“

”ڪمانڊر رات جي ويل ڪنھن به چرپر تي بندش وڌي آھي.“

”برابر! پر جنھن ڀوائتي نموني ھن کي ماريو ويو آھي، ان جي مدنظر ھن جي دفن لاءِ ترسڻ مناسب ۽ ٺيڪ نه آھي.“

”ھڪ ويٽ ڪانگ لاءِ ان کان به وڌيڪ ھئڻ گهرجي! جو ڪجھه ٿيو اٿس سو اڃا گهٽ اٿس!“

”ويٽ ڪانگ ھئي يا نه. ڪئپٽن، ان جو سوال ناھي. پر منھنجي ڀاڻيجي ھئي. جي اسان کيس ٽڪريءَ جي ڀر واري قبرستان ۾ پورايون ته توھان کي ڪھڙي ڪس لڳندي؟ ڏسو سائين، اھو ته سوچيو ته کيس ڪيئن نه بيدرديءَ سان ماريو ويو ھو.“

”ھي ٿلھي ڪا ڏاڍي نٺر آ. مار پويس! ٻڌين نٿي ڇا؟ ڪمانڊر رات جي وقت ھرقسم جي چرپر تي بندش وڌي آھي.“

بااُو پنھنجون ٻئي ٻانھون ھيٺ پاسن تي اڇلايون، ڄڻ نا اميديءَ جو اظھار ڪندي ھجي. ”سائين! مان سمجھيو ھو ته فيصلو توھان جي ھٿ ۾ آھي، پر ھِت ته ھر ڳالھه ڪمانڊر جي وس ۾ آھي. ٺيڪ آ، مون کي اوڏانھن وٺي ھلو. مان کانئس ان جي موڪل وٺنديس.“

ڪئپٽن ڪاوُ ڪنڌ ھڪ طرف لاڙيو ۽ پوءِ ٻئي پاسي مادام بااُو ڏانھن تڪيندو رھيو. پوءِ ھن ھڪ ھڪ لفظ چٻي چٿي گرکڻ شروع ڪيو. ”لڙائيءَ شروع ڪرڻ لاءِ تون ڪمانڊر سان ملڻ جو منصوبو ٺاھي رھي آھين. واه واه ڏاڍي ٺھين ٿي. مون کي خبر آ ته تون انھن جي اڳواڻن مان ھڪ آھين.“

”مان کيس ڪئين ڀيرا راچ گيا ۾ جلوسن ۾ ڏٺو آھي.“ ھڪ سپاھيءَ لاڳ ڏني.

”تون! بيوقوفيءَ جون ڳالھيون بند ڪر. مان ڪئپٽن سان ٿي ڳالھايان، تون ڪير آھين وچ ۾ ٽپي پوڻ وارو؟“ ھن وري ڪنڌ ڪئپٽن ڪاوُ ڏانھن موڙيو. سندس آڏو ادب ۾ ھٿ ٻڌي، پيار ۽ ميٺاج سان چيو، ”رحم ڪر، ڪئپٽن سائين! ڪمانڊر پڪ ئي پڪ مون کي اجازت ڏيندو. توھان غار وارن ويٽ ڪانگن سان وڙھو. توھان ھڪ قيدي ماري ڇڏيو. اھو ڪافي آ. کيس دفنائڻ کان اسان کي ڇو ٿا جھليو؟“

”منھنجو جواب وري به نه اٿئي!“ عملدار رڙ ڪئي، ”وڌيڪ ترڪ تال نه ڪر!“

بيگم بااُو وڌيڪ ترسڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه نه ساري رڙ ڪئي. ”ته پوءِ اھو بنا اجازت جي ئي ٿيندو.“ ھن عملدار جي اڳيان وک وڌي ۽ پنھنجي ساٿين کي به اڳتي وڌڻ جو چتاءَ ڏنو. ھجوم سندس ڪڍ ڌوڪي آيو ۽ سپاھين کي نديءَ ڏانھن ڌڪي ڇڏيو.

”بيھي رھو نه ته گولي ھلائيندس!“ ڪئپٽن چيخ ڪئي.

ڪوبه نه بيٺو. مشعلون ھٿ ۾ جھليو ھُو ندي جھاڳڻ لڳيون ۽ ان جي مٿاڇري تي روشنين جا ھزارين اولڙا ڦٽي ڪنديون ويون. ڪئپٽن ڊوڙي پنھنجي ماڻھن جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”ھوا ۾ گولي ھلايو.“ رائفلون کڄي ويون، سپاھين چتاءَ جا ٻه ٽي فائر ڪيا. پر انسانن جي ٻوڏ وڌندي رھي. ھو ندي ٽپي ٻيءَ ڀر پکڙجنديون ويون. ڪفن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي پھتو ته بيگم ھائي ٿيپ حڪم ھلايو، ”رڳو چتاءَ جا فائر آھن، اڳتي وڌو!“

تجربي مان ھنن ڄاتوپئي ته اھڙن موقعن تي ڪرڻ جھڙي ڳالھه رڳو اھا ھئي ته اڳتي وڌندو رھجي. ھرھڪ ماٺ ۾ چپ ھو. ڇوجو ھو انھن چتاءَ جي فائرن جا ھريل ھئا. سڀ کان وڌيڪ ته ھنن ڄاتو پئي ته سئو کي دفنائڻ کان سواءِ ھنن کي ھڪ نھايت ئي ضروري ۽ اهم مھم به پوري ڪرڻي ھئي _ ڪپڙن ۾ لڪائي کنيل کاڌ خوراڪ ۽ ٻيءَ ضروريات کي ھان ڊئٽ کي بچائيندڙن تائين پھچائڻ! رات ٿيڻ سان ئي ھنن اھي شيون ڪٺيون ڪري ڪپڙن ھيٺان لڪائڻ شروع ڪيون ھيون.

ڪئپٽن ڪاوُ کي سياسي ھلچل دٻائڻ جو ڪجھه تجربو ھو. سو ھن ھجوم تي گولي ھلائڻ کان پاسو ڪيو. ھڪ به دفعو مظاھرو ڪندڙن مان هڪ ٻن کي مارائي ھو پاڻ مرندي مرندي بچيو ھو. ھو سمجھندو ھو ته ھڪ ماڻھوءَ جي مرڻ سان ئي ھجوم ٽڙي پکڙي ويندو. ان ڪري پھريون ڀيرو ھن ائين ڪيو ھو، پر نتيجو ان جي ابتڙ، نڪتو . ماڻھو ٻانھون کنجي مٿس ۽ سندس ماڻھن تي ڦري آيا ۽ پٿرن، مڪن ۽ ڪلپن سان ھنن جا مٿا ڀڃي وڌائون. ان تجربي کان پوءِ ھن وري ڪڏھن ائين نه ڪيو.

ھان ڊئٽ ۾ پڄڻ سان ئي ڪمانڊر کين ھدايت ڪئي ھئي، ”ويٽ ڪانگن کي غار ۾ تھس نھس ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته ھت ڪابه سياسي ڇڪتاڻ يا ڏي وٺ نه ٿيڻ گهرجي. جي اھي عورتون ان ۾ اچي ويون ته اسان لاءِ عذاب ٿي پوندو. اھڙي ھر موقعي تي مون کان حڪم وٺندا ڪريو.“ ڪاوُ پنھنجي ڪمانڊر جي سياڻپ جي ساراھ ڪئي. ۽ اڄ عورتون ھلچل ھلائي رھيون ھيون! ھو سندس حڪمن کي نه ليکي ندي اُڪري رھيون ھيون. ھن لاءِ بھتر اھو ھو ته پنھنجي بالادستن کي اطلاع ڪري. ھو مواصلاتي تنبو ڏانھن ڊوڙيو، جنون سان فيلڊ فون جو ھئنڊل ڦيرائڻ لڳو. آپريٽر جي ننڊا کڙي آواز پڇيو، ”ڪير پيو سڏي؟“

”ڪئپٽن ڪاوُ، ٽين بٽالين. مون کي ڪمانڊر سان ڳنڍ!“

”پر ھو ته ستو پيو آھي، ڪئپٽن.“

”ته پوءِ جاڳائينس! ڳوٺاڻن احتجاجي جلوس ڪڍيو آھي ۽ ندي ٽپي رھيا آھن. جلدي!“

پنجن منٽن جي انتظار کان پوءِ ڪاوُ ٻئي پاسي کان ڪمانڊر جو آواز ٻڌو. ”ڇا چيئي؟ ماڻھن جلوس ڪڍيو آھي ؟“

”ھائو، ڪمانڊر! ھُن مئل ويٽ ڪانگ عورت کي ٽڪريءَ جي پاڙ واري قبرستان ۾ پورڻ چاھين ٿا. منھنجي جھلڻ جي باوجود ھو ندي ٽپي ويا آھن.“

”ڇا مصيبت آ! چتاءَ لاءِ گولي ھلراءِ.“

”ائين ڪيو اٿم، ڪمانڊر. پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. مٿن گولي ھلائڻ جي اجازت ڏيو ٿا؟“

”نه، نه! اھو ته اسان لاءِ وري وڏي قيامت پيدا ڪندو. جي ندي ٽپي ويا آھن ته سندن ڪڍ وڃو ۽ کين وڃي روڪيو..... “

”حاضر سائين!“

ڪاوُ فون رکي ڊوڙيو. پر ھن ڏاڍي دير لاتي ھئي. ھن کي ڪوبه ماڻھو ندي لڳ نظر نه آيو. آخري مشعل به ناريل جي جھڳٽي ۾ گم ٿي وئي ھئي. ھينئر رڳو ناريل جي ڇڙين تي پوندڙ انھن جا عڪس نظر اچي رھيا ھئا. ڪئپٽن ھڪ پلٽڻ ڪڍ ڪاھيو، ندي ٽپي، سندن پويان ڊڪيو. جيئن ئي ھو ماتمي جلوس جي پڇڙيءَ وٽ پڳا، ته ان جي اڳين قطارن مان اونداھين شڪلين جو ھڪ ٽولو ٻاھر نڪري، اونده مان تيز تيز غار طرف ڊوڙيو.

سڀ جي منڍ ۾ ڪامي ھئي، جنھن جي ھڪ ھٿ ۾ پاڻيءَ جي بوتل ھئي، ۽ ٻئي ۾ دمي ڀريل ڀُڳل چانورن جي ننڍي ھڙ. ھوءَ ايترو تيز ڊوڙي جيتري سندس ڄنگهن ۾ سگهه ھئي. ان جي ڪڍ ٻيون، جن کي به کاڌو ۽ پاڻي ھو. جيئن ئي ھو اونده ۾ غار جي مُنھن آڏو آئي ته اندران گولي ھلڻ جو آواز آيو. ھوءَ ڏڪي بيھي رھي ۽ رڙ ڪيائين، ”مان آھيان ڪامي! ڀائو! توھان لاءِ پاڻي ۽ کاڌو آندو اٿم!“

وائڙو ٿي گولي ھلائيندڙ گوريلي موٽ ۾ رڙ ڪئي، ”ياالله! ڪامي! ڌڪ ته نه لڳئي نه؟“

”نه، نه! ڳڻتي نه ڪر.“ ڪامي ٿيڙ کائيندي منھن وٽ آئي ۽ بوتل ۽ ھڙ اندر رکيائين. ”سڀ ٺيڪ آھيو نه، ادا!“

”ھا!“

”سئو مري وئي آھي، اسان کيس دفنائڻ پيا وڃون.“ ايترو چئي ھوءَ پٺتي موٽي، ته ٻي اڳتي وڌي. ٻي بوتل ۽ ٻي ھڙ.ھر ڪنھن پنھنجو نالو ٻڌايو. ٿوري خيرعافيت پڇي ۽ پٺتي موٽي. ھر ڪنھن کي اندران اھو جواب پئي مليو، ”دل نه لاھيو! اسان مان رڳو ٻه ڦٽيا آھن. اسان مڙس ٿيا بيٺا آھيون. ڳوٺ ۾ جدوجھد شروع ڪريو. نقصان لاءِ هرجاني جي گهُر ڪريو. ڇاڙتا فوج جا حوصلا پست ڪريو. پڪي ارادي سان جُمبي وڃو!“

”پر اھو سچ آھي.“

”شل ھجي. کڻي مڃون ٿا. پر اڳتي ھلي توھان به ٻين جيان ٿي ويندوُ. قومي انتظاميه جو فوجي ۽ چور نه ھجي؟ اھو ته سوچي ئي نٿو سگهجي!“

چئني ماڻھن شرم وچان ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو.

ان درميان مينھن جي رفتار ٻيڻي ٿي چڪي ھئي. ٻاھر ٻاٽ ڪارنھن ھئي. ٻڍڙي ڪجھه مٿاھين آواز سان چيو، ”ڏاڍو مينھن پيو پئي. رات ٿي آھي ڇا؟“

”ھائو چاچا.؟

”ٽم، پٽ، بتي ته ٻار.“

ڇوڪري رڌڻي ۾ باھه مچائي رھي ھئي. ھوءَ ٻاھر آئي، ۽ مڇيءَ جي تيل جو ھڪ ڏيئو ٻاري صندل تي رکي واپس رڌڻي ڏانھن پليٽون کڻڻ وئي. ٿانون جي کڙڪي تي ٻڍڙي ھمراھن کان پڇيو، ”ماني کاڌي اٿوَ؟“

”ھائو، چاچا.“

”نه کاڌي اٿو ته ھت کائو. مان ڇوڪريءَ کي چوان ٿو ته توھان لاءِ وڌيڪ چانور تيار ڪري وٺي.“

”مھرباني، چاچا. اسان سچي پچي کائي آيا آھيون.“

ڪراڙو اٿي بيٺو پنھنجي چٻي چيلھه تي ھڪ ٻه ٺپڪيون ھڻي. وڌي اچي بانس جي صندل تي ويٺو. ٽم ھن آڏو چانورن جي جمني آڻي رکي ۽ چاپ اسٽڪس (کائڻ جون تيليون) جو جوڙو ھٿ ۾ ڏنو.

ھن تيلين سان چانورن کي گهمايو ۽ پوءِ فوجين ڏانھن منھن ڪيو، ”ته فوجي ٿيڻ کان اڳ ۾ توھان ھاري ھيئو؟“

”ھائو، سائين،“ ڪارپول ڪُو جواب ڏنو.

”گهر رھي آبادي ڇو نه ٿي ڪيو “

سوال کين منجھائي وڌو. ھن ڪاٺين سان چانور کڻي وات ۾ وجھڻ شروع ڪيا. ٽم شوروي مان مڇيءَ جو ڳترو ڪڍي باقي ناني جي چانورن تي وڌو. ھن خاص ناني لاءِ شوروو تيار ڪيو ھو. کيس شوروو نه وڻندو ھو. ھوءَ رڳو مڇي کائيندي ھئي. نانو ڏھٽي ماني کائي رھيا ھئا ته ھڪ فوجي اٿي ڀِت ۾ لڙڪيل يڪتاري طرف ويو. ھن کي ڇھيو ته منجھانئس مڌر سر نڪتو.”ڪھڙو نه مٺو سُر آھي!“ ڪراڙو ڳائڻو ماٺ ۾ ماني کائيندو رھيو. آخر ھن جون بي نور اکيون ساز ڏانھن کڄيون جو اڃا ڌنوين رھيو ھو. گنڀير آواز ۾ ھن چيو، ”وڄائي ڄاڻين ته وڄائينس. جي نه ايندو اٿئي ته ھروڀرو خراب نه ڪرينس.“

فوجيءَ موڪل جو فائدو ورتو، ڀِت تان ساز کڻي ھو دروازي وٽ آيو. ھو اڍنگا سر ڪڍڻ لڳو، ڪڏھن ننڍا ته ڪڏھن ڊگها. ٻاھرطوفان وڌي رھيو ھو، ماني پوري ڪري ڪراڙو ھيٺ لھي تڏي تي ٿي ويٺو ۽ ڏند کوٽڻيءَ سان ڏند صاف ڪرڻ لڳو. ھن جو سڄو خيال وسندڙ مينھن طرف ھو ۽ نه ڪي يڪتاري جي بي ڊولن سُرن ڏانھن. آخرفوجي پاڻ ئي وڄائي وڄائي تنگ ٿيو.

”چاچا، چوندا آھن ته توھان ڏاڍو سٺو وڄائيندا آھيو،“ھن چيو ، ”اسان کي نه ٻڌائيندوُ؟“

ھو ڇرڪ ڀري ڄڻ خوابن جي دنيا مان موٽي آيو. خالي اکين سان گهوريندي ھن چيو، ”ڇا؟....... مان وڄائي ٻڌايان؟“

”ھائو، چاچا. شروع ڪيوس.“ ڪارپول ڪُو چيو.

ڪو وقت ٽوڊان خاموش رھيو. ”مان ته اُداسيءَ جون ڌنيون وڄائيندو آھيان!“

”نه. اسان کي خبر آ ته توھان شاھه يڪتاري نواز آھيو. وڄايو، چاچا! ۽ ھي ننڍڙي نينگري ان تي راڳ ڳائيندي. اڃا مينھن پئي رھيو آھي. گهڻو وقت ترسڻو پوندو، ڪجھه ته وقت ڪٽجي.“

”مان ڪوڙ نٿو ڳالھايان. منھنجي حياتي ڏکن ڏولاون واري حياتي آھي، ان ڪري منھنجي فن تي به ان جو اثر پيو آھي. ماڻھن کي منھنجو واڄو اداس ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ لڳندو آھي.“

ان انڪار جي باوجود ڪارپول ڪُو فوجيءَ کان يڪتارو کسي ٻڍڙي کي ھٿ ۾ ڏنو. ڪرڻ جي ڀوُ کان ڪراڙي تڪڙ ۾ ان کي قابو پڪڙي ورتو. ان تي پيار سان ھٿ گهمائي، چپن مان ڪجھه آواز ڪڍي، ھن چيو، ”ان رات به ڪيترائي سپاھي آيا ۽ يڪتاري وڄائڻ جي گهُر ڪيائون. جيئن ته ھو به توھان وانگر زور ڀري رھيا ھئا سو سندن مرضي رکڻي پئي. يڪدم منھنجو گهر ماڻھن سان سٿجي ويو. چوڪين تي بيٺل سنتري به پھرا ڇڏي واڄو ٻڌڻ آيا ھئا. پر ليفٽينيٽ اچي ڪاوڙ ۾ چٽو ۽ وائي بتائي بڪڻ لڳو. ھن سپاھين کي ته ڀڄائي ڪڍيو ۽ مون کي پڪڙي چيو، ”اڙي ٻڍا بدمعاش! اڄ کان وٺي خبردار جو راڳ رستي منھنجي سپاھين کي کارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي، سمجھيئي؟“

مون کيس ورندي ڏني، ”سائين! منھنجو ته ڪو ڏوھه ڪونھي. مان ته انڪار ڪيو پر ھنن زوري ڳارايو.“

ليفٽينيٽ مون کي دڙڪو ڏنو، ”اڄ کان پوءِ تون راڳ نه ڪندين، جي ڪيئي ته ساز ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو مانءِ“ ۽ مون کيس وچن ڏنو، ”دلجاءِ ڪريو. توھان جي سپاھين لاءِ وري ڪڏھن نه ڳائيندس.“

پنھنجي ڪٿا پوري ڪري ٻڍڙي پاٻوھه سان يڪتاري تي ھٿ ڦيريو، ڄڻ ان جو اڃا تائين صحيح سلامت ھئڻ ھڪ معجزو ھو.

”پر ھاڻي ڊڄڻ جي ڪا ضرورت نه آھي، چاچا. ليفٽينيٽ ٻه ڏينھن اڳ مري ويو.“

”مون به ٻڌو آ. شايد غار جي منھن تي اچي وٺ ڪيائونس ائين نه؟“

”ھائو.غار جي سامھون.“

”۽ ان جي جاءِ تي آيل؟ اھو به يڪتاري ڀڃڻ جي موڊ ۾ آھي ڇا؟“

ھنن ھِن جي ان سوال جي طنز سمجھي ورتي. ”بلڪل نه، چاچا. ان جي جاءِ تي آيل ليفٽينيٽ ان پاسي ڌيان ئي نه ڏيندو آھي.“

”اڇا. جي ائين آ ته پوءِ مان توھان لاءِ وڄائيندس.“ ھن يڪتاري جي تار کي تاڻي سرٺاھڻ شروع ڪيو. سر تار ملائي ھن ڏھٽيءَ کي سڏ ڪيو. ٽم! باسَڻ مانڃي ورتئي؟“

”ھائو. نانا، پورا ڪيا اٿم.“

”چڱو پٽ، ھٿ ڌوئي ھيڏانھن ھلي اچ. اچين ٿي نه؟“ ھن آڱرين تي ننڍڙا بانس جا ڇلا چاڙھيا ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. چارئي ھمراه سري ھن کي ويجھو ٿي ويٺا.

ڪجھه منٽن کان پوءِ ٽم رڌڻي مان ٻاھر نڪري آئي، سندس پيرن جي آواز ٻڌڻ تي ڪراڙي آڱر سان کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيو، ”ھتي ويھه پٽ! ھنن جوانن لاءِ نام آئي ڳاءِ. مان ساز تي ساٿ ٿو ڏيانءِ.“

ڇوڪريءَ جي منھن تي ناراضگيءَ جا اھڃاڻ چٽا ڏيکارجي رھيا ھئا. ھن پنھنجا لڙڪندڙ وار ڇڪي ڇڪي سيني تي آندا، ۽ وٽ کائيندي چيو، ”نه، مان ڪونه ڳائينديس!“

ڪراڙو کِليو ۽ مھمانن کي چيائين، ”ڏسو نه ھيءَ اڃا ڪڪڙ وڃائڻ تي ڪاوڙيل آھي.“ پوءِ مٺي آواز سان ڇوڪريءَ کي سمجھائڻ لڳو، ”ڳاءِ، پٽ، ڳاءِ. ھي ماڻھو ڪالھه وارن جھڙا نه آھن. ھي اسان وانگر ئي غريب ماڻھو آھن،“

ڪجھه چوڻ ڌاران ٽم ناني جي ڪلھي تان ٽوال لاھي ھٿ اگهي وري موٽائي اتي رکيو. ڏيئي جي ٽم ٽم ڪندڙ جھڪي روشنيءَ ۾ ننڍڙي ٽم اکيون ڦوٽاري ھيٺ تڏي ڏانھن گهوريو. رکي رکي ھن چوگرد ويٺل فوجين ڏانھن به پئي نھاريو. سندس اکين مان لڳي رھيو ھو ته سندس مَٺيان ڪي قدر ماٺي ٿي ھئي _ جيتوڻيڪ چمڙيءَ تي ماتا جا نشان ھيس تڏھن به مورت وڻندڙ ۽ دلڪش ھئي.

ٻڍڙي ڳائڻي کي پڪ ھئي ته سندس ڏھٽي ھاڻي ضرور ڳائيندي. سو ھن کٻي ھٿ ۾ يڪتاري جي ڳني جھلي ۽ سڄي ھٿ جي آڱرين جي چرپر سان پتل جي تار لرزش ۾ اچي وئي، ۽ سڏڪن جھڙي ھڪ تان شروع ٿي. سُر کڄندو رھيو. ٻڌندڙن مينھن ۽ ڀتين تي ڪرندڙ پاڇولن ڏانھن تڪيو. ھن ھڪ ھٿ سان ناني جي رنگ ڦٽل گڊيءَ کي جھليو. سُر ماحول ۾ پکڙجندو رھيو ۽ رسيلو ٿي ويو. ٽم ڳايو:

شاھي فرمان توکي اعزازن لاءِ پڪاري رھيو آھي ..........

۽ مان ھتي اجائي ويٺي تنھنجي خبر جو انتظار ڪريان،

مان نديءَ مٿان اڪيلي مينا جيان، پاڻ وڃائي،

جادو ڀريا تيز ۽ چڀندڙ گيت پئي آلاپيان.

منھنجو پيار ماٺو پيو ٿيندو وڃي

منھنجا گلابي گل، انتظار ۾ پيلا پيا ٿيندا وڃن،

۽ مٽي ڪرندي ٿي رھي، ڪرندي ٿي رھي،

اسان جي پيار جي آکيري تي.

ست سال ڪسمپرسيءَ ۾ گهاريل ٻڍڙي جي سرساز ۽ ننڍڙي نينگر جي آواز جي ميلاپ عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.سڀ سراپجي ويا ھئا.

گهڻو پري جھنڊا ڦڙڪن پيا،

گهڻو پري نقارا وڄن پيا.

ڇا اھو شاھي فرمان آھي،

جو منھنجي مڙس کي سڏي رھيو آھي؟

او، دور سرحدن تي وڙھندڙ منھنجا پيارا

توکي سَڌ آھي ته مون سان ڪھڙي ويڌن ۽ پيڙا آھي؟

ٽم جو آواز وڌيڪ تيز ٿي ويو.

جڏھن کان تون جنگ تي ويو آھين

مان تنھنجي سُڌسماءَ لاءِ ترسندي رھي آھيان،

جيئن مڇي انتظار ڪندي آھي

تارن جي روشنيءَ جو .............

تارننڍڙي ۽ اڪيلي نه رھي ھئي. اھا ڄڻ يڪتاري مان نڪري ابد تائين لامحدود ٿي چڪي ھئي. ڪوبه چئي نه پئي سگهيو ته ڪراڙي سٺو وڄايو يا خراب. سُر اداس ڪندڙ ھئا يا سُرھائي ڏيندڙ! ساز ۽ آواز اندر کي پڪڙ ڪري، وٽ کارائي رھيا ھئا. ھرڪو پنھنجي زال ۽ ٻارن لاءِ سوچڻ تي مجبورٿي ويو . راڳ سندن دل ۾ ديس لاءِ محبت جو جذبو موجزن ڪري ڇڏيو. ڳوٺ جا نظارا سندن اکين اڳيان تري آيا. اھي زمينون ۽ مڪان سندن اکين آڏو اچي ويا جتي سندن ابا ڏاڏا رھيا ھئا.

فوجين ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا.

مينھن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. يڪتارو نراسائي ۽ وڇوڙي جا آخري سڏڪا ڀري ماٺ ٿي ويو. ڪاري رات ۾ ڪرندڙ ڦڙن تي ٽمڪندڙ روشنيءَ جو عڪس پئجي رھيو ھو.

باب ڇھون

(1)

مينھن ڙي! مينھن! پاڻي پيو اچي!“

خبر وڄ جيان غار جي ھڪ ڪنڊ مان ٻيءَ ڪنڊ تائين پکڙجي وئي. ٽام ۽ بَي پنھنجن بسترن تي اٿي ويٺا ۽ ٻرندڙن موم بتين ڏانھن تڪڻ لڳا. ھنن ماڻھن کي رڙيون ڪندو ٻڌو ته ڏارن مان پاڻي اندر اچي رھيو ھو. نام نھو موم بتي جھلي بيٺي ھئي ۽ ڪوين ان جي روشنيءَ تي ٽمندڙ پاڻي مٽين ۾ ڀري رھي ھئي. ٻاھران وڻندڙ ٽپ ٽپ جو آواز اچي رھيو ھو. مينھن تڪڙو لٿو ته ٽمڻ بجاءِ ڏارن مان پاڻي ناليون ڪري وھڻ لڳو ۽ صاف به اچڻ لڳو. ڪوين مٽيءَ تان ڌيان نه ھٽايو. مٽي ڳوري ٿي ته ڪوين نھاريو. اڃا اھا اڌ ڀري ھئي. ”ٺھيو اُڃ ته ختم ٿي .“ ھن چيو.

زمين تي ڇونه ٿي رکينس؟ جھلي ڇو بيٺي آھين؟“ نام نھو تجويز ڏني.

ڪوين مٽي پٽ تي رکي ۽ پاڻيءَ کي تڪڻ لڳي. جو ھينئر جٿان ڪٿان وھي رھيو ھو. ”اڄ اسان بنا تڪليف جي ٻه سوڀون ماڻيون آھن. پھريون دونھاٽي ڪڍڻ واري سازش جي ناڪامي ۽ ٻيو ھي مينھن! ٻاھر ته اصلي ٻوڏ ھوندي.“

”بلڪل.“

آسمان اسان تي مھربان آھي. ڳڻتيون ختم ٿيون. چانور به آھن ته پاڻي به جھجھو ٿي پيو. ھاڻي ڏسون ته ڪيئن ٿا اسان کي ھتان ڪڍن!“

”مردن کي ڀوُ آھي ته ڊائنامائيٽ نه استعمال ڪن.“

”ان مان به ڪجھه نه ھڙ حاصل ٿيندن. اسان رڳو غار۾ اندر تي پٺڀرو سري اينداسين ۽ ڌماڪي کان پوءِ وري وڌي اينداسين، ائين ئي ٿيندو جيئن ان ڏينھن ھٿ بمن سان ٿيوھو.“

مَٽِي ڀرجي ڪنن مان وھڻ لڳي. نام نھو موم بتي پٿرتي چنبڙائي رکي ۽ پلاسٽڪ جي وڏي چادر کولي ٻنھي ان کي چئن ئي ڪنڊن کان وٺي جھليو ۽ ڪرندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو.جھٽ ۾ اھا به ڀرجي وئي. ڪنڊون ٻڌي ڪوين نام نھو کي ٻين مٽين ۽ ٿانون آڻڻ لاءِ چيو . ھوءَ جھٽ کان پوءِ خالي ھٿين موٽي ۽ چيو سڀ ڀريل آهن. مردن ماٺ ڪري مينهن ڪونه پئي ڏٺو.“ ڪوين ”گوڏن تي ھٿ رکي ويھي پاڻي زيان ٿيندو ڏسڻ لڳي. آخر ھن ڪنڌ مٿي ڪري وات ڦاڙي ڪرندڙ پاڻي پيئڻ شروع ڪيو. پيٽ ڀري ھن چپ اگهيا ۽ نام نھو کي چيو، ”ھاڻي تون پيءُ.“

نام نھو جلدي سان حڪم جي پوئواري ڪئي.

”تون اتي ترس ته مان ٻين کي سڏي اچان.“

پاڻيءَ جي نار ھيٺان نام نھو اڪيلي ويٺي رھي. ھو ته سڄي ڀڄي ڌوپي وئي. پاڻي سندس مٿي ۽ بُت تي ڪري رھيو ھو ۽ ڪپڙا سندس سرير کي چھُٽي پيا ھئا. ڪوين موٽي آئي.”تو ته تڙ ڪري ورتو؟ سٺو خيال آ مان به. سڀ ٿانوَ ۽ ماڻھو رٻيا پيا آھن.“

نام نھو اٿي بيٺي. پنھنجو مٿو ھڪ دفعو وري ڪرندڙ پاڻيءَ ھيٺان جھليائين، ۽ پوءِ ھٽي وئي. ڪوين به نار ھيٺان ويٺي، وارن مان بلڪل ڪڍي ڏندن ۾ جھليائين. پاڻي سندس مٿي تان ٿي منھن کي ڌوئي بت تي ڪرڻ لڳو. سندس چھرو موم بتيءَ جي روشنيءَ تي چمڪڻ لڳو. سندس آلي ڪاري پوشاڪ بت کي چھٽي پئي. ھن پوري ريت وھنجي بس ڪئي ته پاڻي به جھڪو ٿيڻ شروع ٿيو.

”مينھن بند پيو ٿئي.“ نام نھو چيو، ”ھل ته ھلي لٽا مٽايون.“ ھوءَ ھلي وئي پر ڪوين اڃا پويون ڀيرو منھن مھٽڻ لاءِ ترسي پئي. پوءِ ھو به موم بتي کڻي سمھڻ واري جڳھه ڏانھن وئي. ھن نگان کي ٿئي جي ڀرسان ليٽيل ڏٺو. ٿئي جو مٿو نگان جي ٻانھن تي ھو. ”نگان! اھي ريشمي ڪپڙا ته کڻي ڏي!“ ”وھنجي آئين ڇا؟ ٿڌ ته نه ھئي؟“

”ھئي، پر وڻندڙ.“

نگان ڪپڙا کڻي پنھنجي مڱينديءَ کي ڏنا. ”جلدي مٽائي وٺ! ڏس متان ٿڌ نه لڳي وڃئي.“ ڪوين ماٺ ۾ ڪپڙا مٽائي ورتا. ھن آلا ڪپڙا نپوڙي، ڇنڊي ٽڪر تي وائکي ڪري سڪڻ لاءِ وڌا. نگان جي ڀرسان ھن ڇپ تي چڙھي ھن ڄنگھون ڊگهيري وار ڇنڊڻ ۽ سڪائڻ شروع ڪيا. نگان به ٻانھن خلاصي ڪرائي اٿي ويٺو. ھن ڪوين کان ڦڻي وٺي، سندس ڪلھا ڦيري، وارن کي ان سان ڇڏائڻ شروع ڪيو. ڇوڪري ماٺ ڪيو ويٺي رھي ۽ پٿر تي پوندڙ پاڇن کي تڪڻ لڳي. ٻيو ھينئر ڪو موقعو ھجي ھا ته جيڪر ھوءَ شرارت وچان مرڪي ھا. پر ھينئر سندس چپ بند ھئا. نگان سندس وار ائين ڇڏائڻ ۽ سينڌڻ لڳو، جيئن ننڍي ڀيڻ جا ڇڏائيندو ھو. ھو به ماٺ ھو. سئو جي موت کان پوءِ ھو مڱينديءَ جو خاص خيال رکڻ لڳوھو، ۽ ھو سڪ ۽ پيار سان کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. سئو کان ڪوين جو ڏک ۽ غم ھٽائڻ وارو ھوئي وڃي رھيو ھو. گذريل رات به پھري کان موٽي ھو سندس ڀرسان اچي ليٽيو ھو ۽ تيستائين سندس ڪلھي ته ٿپڪيون ھڻندو رھيو ھو، جيسين کيس ننڊ نه آئي ھئي. ان بعد ھو وري موٽي وڃي ساٿين سان مليو ھو.

۽ ھاڻي ھو سندس وارن کي ڦڻي ڏيئي رھيو ھو. وار جي آلا ھئا پر ٿڌا نه، گرم ھئا پرنرميءَ سبب ”۽ تنھنجو بڪل؟“

ڪوين ماٺ ۾ کيس بڪل ڏنو. ھن بڪل وجھي پورو ڪيو ته ڪوين ڏانھن منھن ڪيو. منھن سندس سيني ۾ پوري ھوءَ ھوريان ھوريان روئڻ لڳي. سندس ڪلھا لُڏي رھيا ھئا. نگان ڪا جھٽ ھن کي ائين روئڻ ڏنو. پوءِ چيو، ”بس، وڌيڪ نه رو، مٺي! چيو جو مانءِ ته .......“

”سئو جو سوچي دل ئي ڇڄيو ٿي پيم. ھوءَ ته اڻ ٿڪ ٿي مڙس جو انتظار ڪندي رھي. ھاڻي ھنن لاءِ باقي ڇا رھيو آھي؟ اڄ صبح جو مون کي اھو خط نظر آيو جو ھن کيسي ۾ رکي ڇڏيو ھو. سوچ ته ........ اھو خط سانءَ وٽان تازو تازو آيو ھوس ۽ سندس پڇا ڳاڇا جو پھريون جواب. ھن جواب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر رڳو چند لفظ لکي سگهي ھئي، ”منھنجا پيارا، ھينئر ھينئر تنھنجو خط مليو ...... بس!“

نگان، سانءَ متعلق سوچڻ لڳو. ان حادثي جي خبر پيس ته مٿس ڇا وھندو واپرندو؟ ملڪ جي ھن بد نصيب ورھاڱي ڪيترين ئي عورتن کي جھنم جي باھه ۾ ڌڪي ڇڏيوآھي. سالن جا سال مسلسل پرک ۽ آزمائش ! منڍ ۾ ته ڪا ايڏي وڏي ڳالھه ڪانه ٿي لڳي، پر ٽين سال حالت سخت خراب ھئي. پر نگان ھزارھا عورتن کي ان مصيبت ۽ آزمائش مان پار پوندو ڏٺو ھو. سختين ۽ وقت کين ڪراڙو ڪري ڇڏيو ھو، پر ھو اڃا به جِي رھيون ھيون. جي ڪي ھلي چڪيو ھيون انھن مان نگان گهڻين کي سڃاڻيندو ھو، پر سئو سڀني ۾ وڌيڪ ھمت ۽ جرات واري ھئي. ھو ست سالن تائين مقابلو ڪندي آئي ھئي، ۽ ھمت جو مظاھرو ڪري حياتي وڃايائين.

”سندس موت، بھادريءَ جو موت ھو، ڪوين!“

”پر، ان ڪري ساڻس ھمدردي ڪرڻ ته ختم ڪري نٿي سگهان .“

”مان پڻ ...... ھر ڪو. پر تون، تو لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکي ٿيڻ سڀاويڪ آھي. اڄ روئي وٺ، مٺڙي، پر سڀاڻي .........“

”سڀاڻي پاڻ تي وس رکنديس.“

”ٺيڪ آ، دشمن آڏو اسان کي پنھنجا ڳوڙھا اگهي ڇڏڻ گهرجن. چٽي اک رکجي ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪجي.“

”ڀوُ اٿم ته ٿئي کي سئو جي موت جي خبر نه پئجي وڃي.“

”دير يا مدير خبر ته اوس پونديس. پر اھو چڱو ٿيندو جو دشمن جي جُلھه کان پوءِ پتو پويس.“

ڪوين ماٺ ٿي وئي، بي خبريءَ ۾ نگان جي ڪلھي کي ڇھندي رھي. پوءِ ھن اوچتو ئي گفتگو جو موضوع، علحديءَ لھجي سان مٽايو، ”تون! تون مون کي ڇنڀڻ بند نه ڪندين!“

”نه، ائين ته ناھي!“

”ھا! ائين آھي. اجھو اڃا ھينئر مون کي ڇنڀئي.“

نگان کلڻ لڳو. ”ڇو جو تون ماءُ جي ننڍي ۽ سڪيلڌي ھيئنءَ ان ڪري ھُن توکي کاري ٻُھر ڪري ڇڏيو آھي. نه ته مان ته توکي ڪڏھن به اھڙي ڳالھه نه چئي آھي. ڇنڀڻ ته پري رھيو پر ڪڏھن ڪنھن ڪم بابت پڇيو به ڪونه اٿي مانءِ.“

”اھو ته تون چئين ٿو، پر مون کي خبر آ ته تون ......“

کلندي نگان چيو، ”چڱو! وڃي سمھي پوُ. سڀاڻي دشمن وري حملو ڪندو. ھفتو ته ٿي ويو آھي.“

”ان کان به وڌيڪ ٿو لڳي.“

”ان ڪري جو روز سخت انتظار ٿو ڪرڻو پوي، ۽ انتظار جون گهڙيون ڊگهيون ئي لڳنديون آھن.“

”نه، ان ڪري نه. پران ڪري جو انھن ستن ڏينھن ۾ گهڻو ڪجھه ٿي چڪو آھي.“

”اھو به صحيح آھي. ۽ اھو ته رڳو ست ڏينھن آھي. سوچ ته سھي ، گذريل ستن سالن ۾ ڏکڻ سان ڪھڙيون ڪھڙيون ويڌنون ٿيون آھن! قربانيون، نفرت، بھادري ........“

”مان ته ھڪ به رات سمھي نه سگهي آھيان.“

”چڱو، ھاڻي ننڊ ڪري وٺ. مان ھمراھن ڏانھن ھلان ٿو. مينھن به بس ٿي چڪو ھوندو.“

ڪوين ڪنائڻ لڳو. کيس ڏارن مان پاڻي ڪرڻ جو يا ٽم ٽم جوآواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. جيئن ئي موم بتي آخري ڦڙڪو کائي اجھامي ته نگان به ھن کان چمي وٺي ٻاھرطرف ھليوويو.

جھٽ پوءِ اوت ڪوين وٽ آيو. ”ننڊ آھين ڇا، ادي؟“

”نه، اوت“ ھوءَ اٿي ويٺي ۽ ھٿ ڏئي ڇوڪري کي مٿي ڇپ تي چڙھڻ ۾ مدد ڪيائين. سندس ھٿ ٿڌا ھئا ۽ ڪپڙا ۽ وار آلا.

”تون نه وھتينءَ ڇا؟“ اوت پڇيو.

”ھائو.“

”خبر ٻڌئي؟ ڪنھن زام جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. ڳوٺ ۾ !“

ڪوين ڳيت ڏني.”توکي ڪيئن خبر پئي؟“ ھن کانئس پڇيو.

”ڪامي ٻڌايو. ھينئر ھينئر ڪجھه چانور کڻي آئي. توکي خبر ڪانھي ڇا؟“

”ڪامي، ڪٿي آ؟“

”ھينئر ھينئر موٽي وئي ....... ھوءَ آئي ته مينھن پالوٽ ڪري وسي رھيو ھو. ھن ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن زام ۽ سندس اردليءَ کي ماري ڇڏيو آھي. ھن جي ماءُ ڀڄي وئي آھي. ۽ پوءِ ڪامي بي تحاشا روئڻ لڳي. خبر ناھي ته ڇو. منھنجي خيال ۾ ته فوجين ساڻس ڪجھه ڪيو آھي.“

”تو ڪامي کي ڏٺو؟“

”پڪ ئي پڪ. مان اتي ھيس ....... مينھن وسندي، ھنن ڪنھن کي سڏيندي ٻڌو، ’ڀائرو، مان ڪامي آھيان، ڪامي!‘ مان به تڏھن ٻين سان ٻاھرويس. ڪامي ڪجھه سامان اندر پڄايو ۽ پاڻ سان ٿيل ويڌن ٻڌائي اچي روئڻ ۾ ڇٽي. جڏھن ھوءَ موٽي ته وڄ ٿي ۽ مون ڏي ڏٺو ته سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل ھئا.“ اوت تڪڙو تڪڙو ڳالھه ڪري ويو ۽ ضد ڪرڻ لڳو ته ھو سڀ سچ چئي رھيو ھو. پوءِ ھن ڪوين جو ھٿ پڪڙيو ۽ چيو، ”آءُ، ڀلا، جي پت نه ٿي ڪرين ته .......“

ڪوين ڇپ تان لھي ڇوڪري جي ڪڍ لڳي، ھوءَ ھائي ٿيپ ڏانھن ڊوڙي. ”ڪامي آئي ھئي ڇا؟“

”ھائو، کاڌو ۽ تماڪ آندو ھئائين، ڏاڍو سٺو ٿيو جو زام جو ڪنڌ لاھي وڌائون!“

”سچي؟ مون اوت تي اعتبار نه ڪيو.“

”اھو سچ آھي. ۽ بيگم ڪازوئي گم ٿي وئي آھي.“

”ھوءَ اسان جي گهر مياڻيءَ ۾ ھوندي.“ اوت وچ ۾ چيو.

”اھو ڪيئن ٿو چئين؟“

”اھو لڪڻ لاءِ سٺي جڳھه آھي. ان ڪري ٿو چوان. ھوءَ اتي ٺيڪ آھي ۽ ھو کيس اصل نه ڳولي سگهندا.“ اوت چوندو رھيو. ھائي ٿيپ ڪوين ڏانھن مڙيو. ”ويچاري، ڪامي! سون ورني دل اٿس، ڪوين! جڏھن آئي ته مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته سبب ٻڌائي پر رڳو ايترو چيائين، ’نه،ھائي چاچا! جڏھن سڀ ٻاھر آيوُ ته ٻڌائيندي مانوَ.‘ پوءِ ھوءَ موٽي وئي.سندس سڀ ڪپڙا ڦاٽل ھئا.“

”ھائي الله!“ ڪامي سان ٿيل ويڌن جو سوچي ھو ڏڪي وئي. ھوءَ پنھنجون آڱريون ڇڪيندي رھي. ھن جي اڳيان ڪاميءَ جو مظلوم ۽ آلين اکين وارو چھرو تري آيو. ڪوين کي ھن جو کلندڙ ۽ ٻھڪندڙ چِلولو چھرو ياد اچي ويو. ڪيئن ھو ٻئي گڏ کيڄ وجھنديون ۽ چمڪنديون نديءَ تي وينديون ھيون، ھوءَ ڳائيندي ھئي ”شھزادي دئيت“ وارو ڳيت. ھر شام جو گهڙو نديءَ ڪناري رکي ھوءَ ڪوين جا ھٿ پڪڙي جھمر وجھندي ھئي. لحظي ۾ ڪوين آڏو سڄي ساري ڪامي ڦري وئي، زنده دل ، خوش مزاج، وفادار ۽ پاڻ ارپيندڙ! ڪھڙي نه پيار ۽ پڪ سان ھوءَ ڪوين جي ڳٽي تان چميون وٺندي ھئي!

ڪوين دل جي گهراين سان فوجين ھٿان لوٿاڙيل ڪاميءَ جو درد ۽ دک محسوس ڪيو. پر ان ھوندي به ھوءَ ان تي ويساھه ڪرڻ کان ھٻڪندي رھي. ”نه،“ ھن ھائي ٿيپ کي چيو، ”ڪھڙي خبر ائين نه ھجي، پڪ ته ڪانھي.“ ايتري ڪجھه جي باوجود به ڪا شڪ جي گنجائش ھئي!

(2)

ٻئي ڏينھن آسمان بلڪل صاف ٿي بيٺو ھو. مينھن سان ڌوپي وڻن جا پن به چھچ ساوا ٿي پيا ھئا. ڪنھن به حملي جا آثار نظر نه پئي آيا _ ھڪ پراڻي طنبيلي ۾ ويٺا، ڪارپول ڪُو ۽ سندس ٽي ساٿي اُڻ تُڻ وچان وقت ڪٽي رھيا ھئا. اھو طنبيلو ھنن لاءِ ڪئمپ جو ڪم ڏئي رھيو ھو. ھنن خواھش پئي ڪئي ته بااُو سان ملڻ جي مھل تائين سڀ خير جي گذري ۽ ڪوبه واقعو نه ٿئي. پر بدنصيبي سان شام جو ڪُو کي ليفٽينيٽ سڏرائي ورتو.

”پنھنجو ٽولو وٺي آءُ، ۽ اچي ڪمپنيءَ ۾ شامل ٿيءُ!“

ڪُو پاڻ تي وس رکي ڏڪڻ ۽ ٿڙڪڻ کي روڪيو. ھن ساھه بند ڪري ليفٽينيٽ جو حڪم ٻڌو . ”اڄ رات جو ويٽ ڪانگن لاءِ ۽ ڳوٺاڻن لاءِ فلم شو ٿيندو. تون ان جي انتظام ۾ مدد ڪرائيندين.“

”ڏاڍو سٺو، ليفٽينيٽ.“ ڪارپول سامت جو ساھه کنيو.”ھاڻي اجازت آ، سائين؟“

”ھا!“

ڪُو سوچيو، ”وري رولو پئجي ويو! ھاڻي ڀاڄ لاءِ ڪيئن نڪري سگهنداسين؟“ طنبيلي ۾ پھچي ھن ساٿين کي حڪم ٻڌايو ۽ ھڪ کي ڪجھه پرڀرو وٺي چيو، ”ھاڻي جو ھاڻي مادام بااُو ڏي وڃ ۽ ٻڌائينس ته اسان ڏاڍو رڌل آھيون. چئينس ته اھوڪم ستين اٺين تائين ترسائي. اتان سڌو ئي اچي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا ٿي چوي.“

جڏھن محافظن جي ڪمپني جي وائيس _ ڪمانڊر، ڪُو کي پنھنجي ٽولي سميت آيل ڏٺو ته پڇيو، ”پڙدي وغيره ھڻڻ ۾ توھان مدد ڪندوُ؟“

”هائو، سائين.“

”ٺيڪ آ، منهنجي ڪڍ اچو.“

هو سڀ ڀر واري هڪ باغيچي طرف ويا جت اڳ ئي ڪئي عورتون، ٻڍا۽ ٻار فوجين جي پهري هيٺ اچي گڏ ٿيا هئا. انهن ۾ اُوت جو پيءُ توراوُ به هو. جنهن کي شهر مان ان مهل گهلي آندو ويو هو جڏهن هو اتي مڇي وڪڻڻ آيو هو. هو ڏاڍو ڪاوڙيل هو ۽ ڀڻ ڀڻ ۾ گارگند ڏئي رهيو هو. پويان منهنجي ٻارن ۽ مڇين جي سار سنڀال ڪير لهيندو ؟ ڀلا منهنجو هن بيڪار مقصد سان ڪهڙو واسطو آهي!“

”اسان توکي سڀڪجهه ڏينداسين ! ان ڪري بڪ نه ڪر جوهڪ ڏينهن مڇي نه ماري سگهندين. امير ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏ، بدمعاش ! ڇا اهو تنهنجي مفاد ۾ نه آهي ته اسين ويٽ ڪانگن سان وڙهي رهيا آهيون؟“

”مان بک مري ويندس!“ هن ڌيرج سان چيو.

سيڪنڊ ليفٽينيٽ ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو . هن ان نٺر ڏانهن نُهن کان چوٽيءَ تائين نهاريو. ”هيڏي ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”توَ.“

”توَ ڇا؟“

”بس توَ!“

عملدار مڪ سان مٿس اُلر ڪئي، پر هو ساڻپ ۽ چستيءَ سان گسائي ويو. عورتون ليفٽينيٽ جي چوڌاري ڦري آيون.”ڇا ٿو ڪرين؟ ايڏو ظلم؟ هن توکي پنهنجو نالو ٻڌايو، پوءِ ڌڪ ڇو ٿو هڻينس؟“

هڪ ٻڍڙو وچ ۾ پيو، ”سائين توهان ڀلا آهيو. هي توَ جي نالي سان سڏبو آهي. پر اسين کيس توراوُ به سڏيندا آهيون ڇو جو کيس ڏاڙهي آهي.“ (راوُ ويٽنامي زبان ۾ ڏاڙهي کي چئبو آهي).

پر عورتن احتجاج جاري رکيو، ”اسان نه هلنديوسين. اسان توهان جو حڪم نه مڃينديوسين.“

پر توراوُ وچ ۾ پئجي معاملو ٽاري ڇڏيو.” چڱو ادي هاڻي گذريءَ کي درگذر ڪريو.“

سيڪنڊ ليٽينيٽ وٽان لنگهندي هن مڌر آواز ۾ چيو، ”ڀاڳ ڀلا ٿي جو ويٽنامي ٿي پيو آهين. جي يانڪي هجين ها ته ڪنڌ ڀڃي وجهانءِ ها!“

گنگ ٿي عملدار ھن ڏاڙھيءَ واري جانٺي کي ڏسندو رھيو. ھن جو وات بند ھو ۽ ڀرسان ماٺ ۾ ھلندو رھيو. عورتن به توراوُ جي راءِ رکي وڌيڪ گوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ھنن مان ھر ڪنھن کي لڪڙي، ڪارائي، چاقو يا ڪھاڙي کڻائي وئي ۽ کين غار جي سامھون نيو ويو،جتي فوجين کي کانئن پردي ھڻڻ لاءِ لڪڙن جي گهوڙي ٺھرائڻي ھئي، جتان غار جي اندر وارن کي به فلم نظر اچي سگهي. جنھن وقت ڪارپول ڪو ماڻھن کي کڏن کوٽڻ ۽ لڪڙن کوڙڻ ۾ مدد ڪري رھيو ھو، ان وقت ھو مٿي غار طرف به نھاريندو رھيو ۽ دل ۾ چوندو رھيو ”باقي ڪي ڪلاڪ آھن ۽ پوءِ آزادي زنده باد.“ ھن دل ئي دل ۾ مادام بااُو جو ٿورو مڃيو جنھن کيس چوائي موڪليو ھو ته ھو رات جو دير تائين به سندن انتظار ڪندي ڇاڪاڻ ته اھو ڪم ٻئي ڏينھن تي رکڻ جھڙو نه ھو.

ڪافي تڪليف کان پوءِ سنجھاٽاڻي گهوڙي کوڙي تيار ڪئي وئي، رات پئي ته ڪارپول ڪُو ۽ سندس ساٿي به طنبيلي ڏانھن موٽي آيا. ھنن تڪڙ ۾ ماني کاڌي، پنھنجون رائفلون کنيون، ۽ خاموشيءَ سان اتان نڪري پيا. پر سي لي جي چوسول تي ھنن کي ڪابه پَھَرَ نظر نه آئي.

”ڪاڏي وئي؟“

”تو خيال سان ٻڌو ۽ سمجھيو ھو ته ھن ڇا چيو ھو؟“ پر پوءِ ستت ئي رستي جي ٻئي پاسي کان ڄاتل سڃاتل آواز اُڀريو.”پھچي ويا آھيو نه ، دوستو؟“ اھا مادام بااُو ھئي. پر ظاھرٿيڻ کان ڪي پل اڳ ھوءَ ڪنھن جھڳٽي جي پويان لڪي بيٺي رھي .”اجھو مان اچي ويس، توھين به سڀ آھيو نه؟“

”ھائو.“

”پنھنجون رائفلون ۽ گولو بارود سڀ مون کي ڏيو.“

چئني ماڻھن يڪدم پوئواري ڪئي. بااو ھڪ ھٿ ۾ ٻه ٻه رائفلون کڻي موٽي جھڳٽي طرف وئي ۽ اتان موٽندي رائفلن جي بجاءِ، ناريل جي پنن ۾ ٻڌل کاڌي جا چار بنڊل کڻي آئي.”توھان جو کاڌو. چانور ۽ ڪڪڙ اٿو.“

ماڻھو سندس شڪر گذار ٿيا. مادام بااُو اڳيان ھلڻ لڳي ۽ ھو سندس پٺيان. ھو وچٿري رفتار ھلي رھيا ھئا. چوسول کان ڪو ٻه اڍائي سوُ وال پري ھوءَ سارين جي پوک ۾ لڙي. ميدان ۾ اچڻ سان ئي ھن ڳوٺ ۾ ميگافون جون رڙيون ٻڌيون. ”اھو ڇاھي؟“ ھوءَ بيھي رھي.

”ماڻھن کي فلم ڏسڻ لاءِ ڪٺو ڪري رھيا آھن.“

خاطري ڪري بااُو اڳتي وڌي. ھنن اڳيان واھه رانگ ندي گوڙ شور سان سمنڊ ۾ ڪري رھي ھئي. مادام ھنن کي سڌو ڪناري ڏانھن وٺي ھلي. اتي بيھي بااُو ٽي دفعا تاڙي وڄائي. ٻئي پاسي کان ڪي شڪليون ظاھر ٿيون، جي چوٽين مان عورتن لڳي رھيون ھيون.

”تون آھين ڇا، بااُو؟“ آواز آيو.

”ھائو.“

”جھاڳي اچو! پاڻي ھن مھل تراکڙو آھي“

مادام بااُو ھمراھن ڏانھن ڦري. ”مان ھتان موڪلائينديس، منھنجو ڪم پورو ٿيو.“ ھن ڪا شيءِ ڪارپول ڪُو کي ھٿ ۾ ڏيندي چيو. ”اسان توھان لاءِ چندو ڪيو ھو. ھي 300 پياسٽر اٿي. سفر ۾ ڪم ايندوُ.“ ڪُو پنھنجو ھٿ ڇڪي ورتو پر عورت زوريءَ اھي سندس ھٿ ۾ ڏنا ۽ چيو، ”توھان کي دڳ ۾ ان جي ضرورت پوندي اسان دلي خوشيءَ سان اھو ڪجھه توھان جي نذر ڪيو آھي.“

ڪُو جاپير زمين ۾ کپي ويا. ھو بااُو جي اڳيان بت بڻيو بيٺو رھيو. ٻين ھمراھن ھن نيڪ عورت کي الله واھي چيو، پنھنجا بوٽ لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ لھي پيا. ڪُو به ٿورا مڃي موڪلايو. ٻئي پاسي کان آواز آيو، ”پنھنجون ورديون لاھي ڇڏيو، رڳو گنجي ۽ ڪڇي ۾ اچو. ورديون گپ ۾ پوري ڇڏيو. ھت توھان لاءِ ٻيا ڪپڙا تيار آھن.“

ھمراھن ڪپڙا لاٿا، اھي ويڙھيا، ۽ پوري سگهه مان ڪناري جي ڪيچڙ ۾ پوري ڇڏيا، ۽ پوءِ جھاڳي ٻئي طرف ھليا. اڌ اوندھ ۾ مادام بااُو ھنن کي ٻئي ڪناري تي چڙھندو ڏٺو .سندس مھم ڪامياب وئي ھئي. سندس دل اُڌما کائي رھي رھي.”چار ٻيا به ھمراھ جيتي ورتاسين!“ ھوءَ تڏھن ئي موٽڻ لاءِ مڙي جڏھن چارئي ھمراھه نون رھبرن سان گڏ سندس نظرن کان اوجھل ٿي ويا.

ڳوٺڙي جي ڀرسان پھتي ته چون چون جا آواز ٻڌائين. ڄڻ ڪنھن ماکيءَ جي ماناري کي ڇيڙيو ھجي. سپاھي ٻاڪاري رھيا ھئا. اڳتي وڌڻ کان اڳ ھوءَ جھٽ ترسي. چوسول وٽ ھڪ سپاھيءَ اوچتو اچي کيس ٻانھن کان جھليو ۽ سوڀ جي رڙ ڪئي، ”ٻي به، مان پڪڙي آ!“

ڊڄي مادام بااُو سپاھيءَ کي ڌڪو ڏئي جند ڇڏائي ڀڄڻ واري ھئي جو ٻيو سپاھي به مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ لعنتون ڪرڻ لڳو، ”ڪُتيون ڪنھن جاءِ جون! فلم ڏسڻ لاءِ به کين ڪڪڙين وانگر ڊوڙائڻو ۽ ورائڻو ٿو پوي!“

بيگم بااُو جو ڀوُ ڀڄي پيو، وٽ کائي ھن پڪڙ کان پاڻ ڇڏايائين، ”ڇڏ مون کي! اھو ڪھڙو طريقو آ؟ مان پاڻ ئي ھلان ٿي .“ سپاھيءَ سندس ٻانھن کي ڇڏي ڏنو ۽ چيو، ”تون ھل يا نه ھل منھنجو ڇا؟“ مون کي ان جي عيوض ۾ ڪجھه ڪونه ملندو. رڳو ڪمانڊر جو حڪم ٿو پورو ڪرڻو پوي.“

”ھائو، ھلو. ڪھڙي فلم آ، ۽ ڪٿي؟“

”ڇا ٿي چئين؟ سانجھي لاڪون سمھي پئي ھئينءِ ڇا؟ ھو ڏھه ٻارنھن دفعا ميگافون تي اعلان ڪري چڪا آھن. آمريڪي فلم، غار جي سامھون، سمجھيئي؟“

رستي تي کين ڳوٺڙي مان آندل ٻيو ھڪ ماڻھن جو ٽولو به مليو. جڏھن غار جي سامھون پھتا ته کليل ميدان ماڻھن سان ڀرجي چڪو ھو. لڪڙي تي ٻڌل لائوڊ اسپيڪر تي ماڻھن کي گوڙ نه ڪرڻ ۽ ماٺ ڪرڻ جون ھدايتون ڏئي رھيا ھئا. پر ھو نھايت وڏي آواز سان ڳالھائي ۽ چري پري رھياھئا. سانھه، نفسياتي کاتي جي سيڪنڊ ليفٽينيٽ جو آواز اتساھه سان ڀريل ھو. پنھنجي خيال ۽ رٿ جي تڪميل ٿيندو ڏسي ھو ٽانءِ ۾ ڀرجي ويو ھو. جنريٽر چالو ٿي چڪو ھو. پردو لٽڪايو ويو ھو، ۽ ڪافي تماشبين ڪٺا ڪيا ويا ھئا.

گوڙ گھمسان جي باوجود ھن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نھايت ئي گنڀر ۽ سخت لھجي ۾ ھن ماڻھن کي خطاب ڪيو. ”پيارا وطن دوستو، اڄ مان فخر سان اوھان آڏو حيرت ۽ لرزش ۾ وجھندڙ فلم پيش ڪري رھيو آھيان جا اعلي اختياريءَ وٽان اڄ اسان وٽ پھتي آھي. اھا ڪوريا ۾ سنگڪمرينگ جي جنگ بابت آھي، جتي آمريڪا جي بھادر فوج کي زبردست فتح حاصل ٿي ھئي.“

روشني بند ٿي وئي ۽ فلم شروع ٿي. ماڻھن پڙدو سڄو جھازن سان ڀريل ڏٺو ۽ پوءِ وري پيادي فوج جا دستا ٽئنڪن سان اتي آيا. آمريڪي فوجي، لوھا ٽوپلا پايون، ڳريون توبون کنيون، ٽئنڪن پويان ڊوڙندا پئي آيا. تماشبينن ۾ گوڙ گھمسان بند ٿي ويو.

غار ۾ پھري تي بيٺل جٿو، اھو سڀ ڪجھه ڏسي پئي سگهيو. ”نفسياتي جنگ“ ھائي ٿيپ چيو، ”ھو اسان جو بچاءَ نه ٽوڙي سگهندا، ۽ نه ئي اسان جي مقابلي جي سگهه کي ختم ڪري سگهندا، ان ڪري فلم رستي اسان کي دل شڪن ٿا ڪرڻ چاھين. پاڻھي ئي حشر ڏسندا.“

رائفل تاڻي نگان پنھنجون اکيون ڦاڙي پڙدي کي ڌسڻ لڳو. پڙدي تي گولن جا ڌماڪا، دونھن جا غبار ھئا، چمڪندڙ ٽوپلا ھئا ۽ چيني _ ڪوين فوجين جون ڄنگهون ، جن تي ڪپڙن جون پٽيون ويڙھيل ھيون، جي اونھي غار ۾ گهڙي رھيون ھيون. ھن سوچيو، ”پڪ ئي پڪ اھو ڪردار سنگ من ري ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جي سپاھين ادا ڪيو ھوندو.“

چيني _ ڪوريائي فوجن کي آمريڪي جھاز ۽ ٽئنڪون غار ۾ پناھه وٺڻ لاءِ مجبور ڪري رھيون ھيون. ”مار پوين، ڏاڍا حرامي آھن،“ نگان چيو، ”بلڪل ابتڙ ڳالھه پيا ڪن. مان ان جنگ جي چيني فلم ڏٺي ھئي، ان ۾ ته آمريڪي پيا پناه وٺن،“

”مان به ڏٺي ھئي.“ ٽرانگ چيو.

”مون کي ميگافون آڻي ڏي!“

”کڻي ٿو اچان.“

پڙدي تي جنگ ڇتي ٿيندي وئي. آمريڪي سپاھي ڪيترائي دفعا غار تي حملي ڪرڻ لاءِ چڙھيا. ھنن کي ھر بار پٺتي ڌڪيو پئي ويو. پر ھوريان هوريان غار جا سڀ رستا ۽ لنگهه بند ڪيا ويا. گهيري ۾ آيل ڪوريائي اُڃ ۽ بک کان پاھه ٿيڻ لڳا، بي ھمت ٿي پيا. آمريڪين آخري زوردار حملو ڪيو ۽ چيني ۽ ڪوريائي ٻاھر نڪري رائفلون تاڻي بيٺا. لائوڊ اسپيڪر تان ڪمينٽري جاري ھئي. سانھه جو آواز وڌيڪ جوشيلو پئي ٿيندو ويو.”چيني ۽ اترڪوريائي ڪميونسٽ ڏاڍا ضدي آھن. گهيري ھيٺ اچي به پيش پوڻ کان انڪارٿا ڪن. آمريڪين کي مجبوراً غار کي اُڏائڻو پيو ڏسو، ھو ڦاڙيندڙ ۽ اُڏائيندڙ بارود کنيو پيا اچن!.......

پڙدي تي آمريڪي فوجي غار وٽ ڊائنامائيٽ رکڻ لڳا. آخر ۾ پڙدي تي جبل جي ڦاٽڻ ۽ پرزا پرزا ٿيڻ ڏيکاريو ويوجنھن ۾ رڳو ڌوڙ ۽ ڇپون اُڏامنديون نظر اچي رھيون ھيون.

سانھه پنھنجي نموني ڪيمنٽريءَ جو انت ڪيو. ”پيارا ھم وطنو، توھان ڏٺو ته اھو وڏو جبل ڪيئن ڇيھون ڇيھون ڪيو ويو.ھان ڊئٽ جھڙي ننڍڙي ٽڪري ان آڏو ڇا حيثيت رکي ٿي.“ لائوڊ اسپيڪر جو رخ غار طرف ڪيو ويو ۽ سيڪنڊ ليفٽينيٽ جي آواز ۾ لرزش اچي وئي ، ”ھلو! ھلو! توھان گهيري ۾ آھيو. اسان توھان کي پيش پوڻ جي صلاح ٿا ڏيون. ٻيءَ حالت ۾ رعيتي راڄ جي فوج ھن ٽڪريءَ کي به ائين زمين دوز ڪندي جيئن توھان ھاڻي فلم ۾ ڏٺو.“

ڪاوڙجي نگان پنھنجو ميگافون مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪئي، ٻڌو، ساٿي ديسواسيو! توھان کي خبر آ ته دشمن ھاڻي ھاڻي پڙدي تي ڇا ڏيکاريو آھي؟ ھڪ ڪوڙي فلم! ان جي ھڪ لفظ تي به ويساھه نه ڪجو. اسان کي ان جنگ جي خبر آھي! اھا جنگ ان جيل تي ئي ٿي ھئي، پر ان ۾ چيني _ ڪوريائي عوامي فوجن يانڪين جون چار ڊويزن فوجون ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيون ھيون!“ ٻاھر وڏي آواز سان داد ۾ تاڙيون وڄايون ويون ۽ ھوڪارا ڪيا ويا. نگان تقرير جاري رکي، ”ساٿي ديسواسيو! اسان غار وارا آخري ماڻھوءَ تائين آخري رت ڦڙي تائين وڙھنداسين. اسين سڀ جيئرا آھيون. ھٿيار به موجود آھن، ۽ توھان، نگوڊين ڊيم جا ڇاڙتا ۽ غدار وطن،آمريڪا جا ڀاڙيتو، جي دم اٿو ته ھليا اچو! اڳتي وڌو ۽ دماغ چٽ ڪرايو! اڃا به وقت نه ويو اٿوَ. اکيون پٽيو!“

ميگافون ڦِٽي ڪري نگان، ٿامپسن جي گوليءَ سان پڙدي جو نشانو چٽيو. پڙدو گولين سان ڦاٽي پيو. ھيٺان وري داد ۾ ھوڪارا اٿيا ۽ تاڙين جا ڦھڪا ٿيا.

”ڪافي آ،“ ھائي ٿيپ چيو ، ”بارود زيان نه ڪر، نگان.“

جيستائين دشمن جون ايم _ جي واپسي ۾ فائرڪن، تيسين ھرڪو محفوظ جڳھه ڏي ھٽي ويو. ٺڪا ٺوڪي بند ٿي ته نگان وري ميگافون کنيو ۽ ڳالھايو، ”ٻڌو، ڀائرو فوجيو! جي عملدارن جو حڪم مڃي وري غار تي حملو ڪيو ته موت نصيب ٿيندوَ. توھان لاءِ سٺي صلاح اھا آھي ته گهر ٻار ٻچن ڏانھن موٽڻ جي گهُر ڪريو يا ڀڄي وڃو! جي حملو ڪندوُ ته اسان کي مجبور توھان تي گولي ھلائڻي پوندي ۽ پت ڪيو ته توھان اسان جي گولي گسائي نه سگهندوُ. اسان جي بيھڪ بھتر آھي ۽ گوليءَ گسڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“

..............................

اھڙي ريت فلم شو ناڪام ويو. ڳوٺاڻا ٽارچون ٻاري کليو کلايو چرچا گهٻا ڪندا ۽ ٽھڪ ڏيندا ڳوٺ ڏانھن موٽيا. سيڪنڊ ليفٽينيٽ ڏاڍو غصي ۾ ھو، پر رڳو پنھنجي ڪمانڊر تي. ”مان چيو ته ڳوٺاڻن کان سواءِ چڱو ٿيندو. پر نه. ھن ته ھڪ تير سان ٻه شڪار پئي ڪرڻ چاھيا. ڳوٺاڻن کان سواءِ جي ويٽ ڪانگ دل شڪن نه به ٿين ھا، ته به ايڏو نقصان نه ٿئي ھا جيترو ھاڻي ٿيو.......“

ڪمانڊر سانگ شراب جي سُرڪ ڀريندي سپاھي کان ٿيل واردات جي رپورٽ ٻڌي رھيو ھو. ھو گلاس ڦٽو ڪري پاسريٽين تي ھٿ رکي اچي کل ۾ ڇٽو. ”ڪجھه ھڙ حاصل نه ٿيو؟ ان نڪ بيني سانھه مان ٻي توقع به ڇاٿي ڪري سگهجي؟ ھن جڏھن مون کي اھو خيال ڏيکاريو تڏھن ئي مان ان کي بيوقوفي سان تعبير ڪيو. پر سندس زور ڀرڻ تي ھائو ڪئي. جي معلوم ڪرڻ چاھين ته ويٽ ڪانگ ڪيئن ٿيندا آھن ته مون کان پڇ! جڏھن مان زيورو ضلعي جو سربراه ھيس ته مان سندن مٿا ھٿوڙن سان ڀڃائيندو ھوس، پر ھو حرف به نه ڪڇندا ھئا. ھڪ جو مٿو چٿبو ھو ته ٻيو ڀرسان ائين بيٺو ھوندو ھو ڄڻ فلڪ ئي ڪانه ھيس. عورتن پڻ. مان سندن آڱرين ۾ سيون ٽنبيون ۽ انھن کي مترڪن سان اندر کوڙڻ جي نيت ڪئي . پر انھن مان ھڪ سُين ٽنبيل آڱريون ڪٺيون ڪري چيو، ’ڏس!‘ ھن آڱرين سان زوردار ڌڪ ڀت تي ھنيو ۽ سڀ سيون سندس ماس ۾ گهڙي ويون! ويٽ ڪانگ اھي اٿي. خدا پڄين! ان ڏينھن واري ڇوڪري ڏس، تلوار جي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ به اسان کي نديندي ۽ ڌڪاريندي رھي. سو ھليو ھو کين فلم ڏيکاري مڃرائڻ! ڪتي جو پٽ،چِٻَ ڪنھن جاءِ جي!“

ڪمانڊر گاريون ڏيندو رھيو ۽ پنھنجي لاءِ ٻيو گلاس به ٺاھڻ لڳو. ھن بوتل ايڏو زور سان ٽيبل تي گهڪائي جو سندس گلاس ڪرندي بچيو. ھن پنھنجو ھٿ کولي ان کي وڏي زور سان ھوا ۾ گهمايو، ”بس، ٺيڪ آ، ھاڻي مان ڪوشش ڪندس.“ پوءِ ھن ٿورو پاسيرو ٿي سڏ ڪيو، ”ليفٽينيٽ توُ!“

”حاضر ڪمانڊر.“ ھڪ ليفٽينيٽ، عمر اٽڪل چاليھه سال، جھڪي سندس اڳيان اچي بيٺو.

”سيمينٽ تيار رک. رٿا موجب سرون به غار طرف ڍوئراءِ.“

”ھاڻي، ڪمانڊر؟“

”ھائو ،ھاڻي ، اھو تمام ضروري آھي. سڀاڻي صبح ٿيڻ سان ئي مان غار جو منھن بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اھو سندن انت ٿيندو!“

(3)

چانڊوڪيءَ سان چمڪندڙ ڪناري تي ڪامي، توراوُ جي پويان پويان ھلي رھي ھئي.”سچ پچ، مون کي پڪڙي وڃي فلم ڏسڻ تي ڪا ارھائي يا پڇتاءُ نه ٿيو آھي. اسان جي ماڻھن ڏاڍي سٺي نموني ڳالھايو .“

اوت صحيح ھو، بيگم ڪازوئي توراوُ جي مياڻي واري گهر ۾ ئي لڪي ھئي. ماڻھن پھريائين ھن کي ڳوٺڙي ۾ ئي لڪايو ھو پر جڏھن ڳولا سخت ٿي وئي ته توراوُ کيس پاڻ وٽ آڻي رھڻ جو فيصلو ڪيو.

”چاچا، خوش ته آھي نه؟“

”سدا جيان.“

”دکي آھي ڇا؟ دورا پَونسَ ٿا ڇا؟“

”نه، رڳو ڪجھه عجيب عجيب ٿي لڳي.“

”عجيب؟“

”سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڇا ٿي ويو اٿس، پر ھينئر ڳالھه ۽ ڪم حيرت انگيز ڦڙتائيءَ سان ٿي ڪري. سندس چستي وري موٽي آئي آھي.“

”ڇا ٿي، پئي ڪندي رھي؟“

”رڌ پچاءَ، ڄارن جي مرمت، پرويچاري اڃا تائين ڳنڀير ۽ دکي آھي.“

ڪامي وڌيڪ ڪوبه سوال نه پڇيو. دل تي ھڪ ھٿ رکي ھوريان ھوريان ھلندي رھي. سندس اڳيان واريءَ تي چانڊوڪي پٿري پئي ھئي. سمنڊ جي لھرن جي ڀڻ ڀڻ ۽ ماٺي روشني ۾ به سندس دل ڌڪار ڀريءَ ڪاوڙ سان ڀري پئي ھئي. ڪالھه سندس گهر ساڙيو ويو ھو. ھن کي ھاڻي ناريل جي وڻن جي پنن جي سر سر کان ۽ کڙ کڙ کان ڌڪار اچي رھي ھئي، ڇو جو ڪالھه غار ڏانھن وڃڻ ويل کيس انھن پنن تي ليٽائي سندس ستُ ٽوڙيو ھو _ ڪيڏي نه ڳري قيمت ادا ڪئي ھئي ھن کاڌ خوراڪ ساٿين تائين پھچائڻ جي!

توراوُ جي ٻيڙي اڃا ڪپر تي مٿي سڪيءَ تي بيٺي ھئي. لھرون پاڻ کي ان تائين پھچڻ لاءِ زور زور سان مٿي اڇلائي رھيون ھيون. پر ھر ڀيري ناڪام پئي ويون. ڪامي جي مدد سان توراوُ ان کي ڌڪي ھيٺ پاڻي ۾ آندو. ٻيڙي لھرن کي چيري اڳڀرو سري. ٻئي ٽپ ڏيئي ان ۾ ويٺا. توراوُ وڏي جفاڪشيءَ سان ونجھه ھڻي رھيو ھو. پر ھن جي جاکوڙ جي باوجود ھو تيزيءَ سان وڌي نه سگهيا، ڇو جو ھوا اٿائي لڳي رھي ھئي ۽ سندن ٻيڙيءَ کي پٺتي ڪناري طرف ڌڪي رھي ھئي، ھو ڦٽي ڪيل ڄار جي نشانن تي ھلي رھيو ھو ۽ پريان سندس مڇي مياڻيءَ واري ڳاڙھي بتي ٽم ٽم ڪندي نظر اچي رھي ھئي.

”ڏس!“ توراوُ چيو، ”تنھنجي ماءَ سياڻي آ، تڏھن ئي ته مون لاءِ ڳاڙھي بتي ٻاري رکي اٿائين.“

ڪامي ڳاڙھي داغ ڏانھن نھاريو. ھوريان ھوريان ھلڪي چانڊوڪي جي روشنيءَ ۾ گهر جي جاءِ ڇت ظاھر ٿي، جا پري کان ڪبوترن جي ڇپري جيان لڳي رھي ھئي. اوچتو ھنن پري ڪناري کان ھڪ سامونڊي پکيءَ جي رڙ ٻڌي، جنھن جي معني ھئي ته وير چڙھڻ واري ھئي.

”وير چڙھي پئي.“ توراوُ چيو.

”ڄاري وري وجھڻ ويندوُ ڇا؟ مان به ھلانوَ.“

”نه. ھينئر وقت ناھي. سڀاڻي صبح جو ويِر جي لھي وڃڻ کان پوءِ.“ ٻيڙيءَ آخري ڄار مان به شڪار ڪڍيو ۽ اچي ڪاٺيءَ جي بنڊن جي ٺھيل گهر سان لڳي بيٺي. ڪامي ڏاگهري تي چڙھندي رڙ ڪئي، ”امان! امان!“ بيگم ڪازوئي اٿي تڪڙو ڌيءَ سان ملڻ آئي، ٻئي وچ ڪمري ۾ ھڪٻئي سان مليون ڪامي ڀاڪر پائي ماءُ کي چنبڙي پئي. اندر ايندڙ چانڊوڪيءَ جي روشنيءَ ۾ سندس اکين ۾ ڳوڙھا چٽا ڏيکارجي رھيا ھئا.

توراوُ ٻيڙي ٻڌي، تڏي جي ڳولا ۾ ويو. تڏو کڻي ھن اھو اچي وچ ڪمري ۾ وڇايو ۽ چيو،”توھان ٻئي ھن تي سمھي سگهندوُ.“ ھن چُلھه تي وڃي کوٽھڙو ڪري، دٻيل باھه دکائي، ۽ سگريٽ ٺاھيو. ”کين ھفتو ھتي ٿيو آھي، پر ڪوبه کين برداشت نٿو ڪري.“ ھن سگريٽ چلھه مان دکائيندي چيو، ”ادي ڪازوئي، تون ڪامي سوڌو ھتي رھي پوُ. ڪوبه ڀوُ ڀولو نه ڪر. ھو ويا ته اسان توکي نئون گهر اڏي ڏينداسين. ايندڙ فصل جي پوکيءَ لاءِ تو کي گھربل مدد ۽ مال به ڏينداسين…“

”منهنجي ٻانهُن ۾ اڃا سگھ آهي، مون کي اڃا توهان جهڙا رفيق آهن. ڳڻتي ڇا لاءِ ڪريان. رڳو…“ اڳتي چوڻ کان اڳ ڪا مهل هٻڪي بيٺي، ”هو جيئرو هو ته به سور هيم، پر هاڻي مري ويو آهي ته به سور آهين.“

توراؤ، ڪازوئي جا ڏکڙا پرجھي ويو ۽ سندس شخصيت کي سلام ڪيو. ”ان باري ۾ سوچ ئي نه، ادي! سمجھ ته ڄڻ تو پٽ ڄڻيوئي ڪين هو. آخر هو هئو به ته مُو جي پيدائش نه، ۽ کيس خوني ۽ خراب بنائڻ وارا به آمريڪي هئا. هو تنهنجو پٽ نه هو. مان قسم سان ٿو چوانءِ ته جي هو تنهنجو پٽ هجي ها ته مان گھڻو اڳ ۾ سندس ڪنڌ ڪپي ڇڏيان ها!“

بيگم ڪازوئي ماٺ رهي.

توراؤ چوندو رهيو، ”توکي خبر آهي ته هنن جي رٿا هئي ته هتي چوڪي قائم ڪري اسان جون زمينون ۽ سمنڊ اسان کان کسي وٺن؟“

”خبر آ.“

”زام مرڻ واري ڏينهن مون کي ٻڌايو هو.“

”ڇا؟“

”ڇا ٻڌايو هئائين ته هو هت رهندا، ۽ سڄي زمين پنهنجي قبضي ۾ ڪندا ۽ اسان کان وري مسواڙي ڍل وٺندا! ۽ اسان کي ٿانون ٺاهڻ لاءِ مٽي به کانئن اڳ جيان فوٽن پيري پئسن سان خريدڻي پئي ها!“ توراؤ وڌيڪ ڪاوڙجي سمنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”خيالي پلاءُ! اسان وري ائين هرگز نه ٿيڻ ڏينداسين. منهنجي وڏي پٽ ٻانهن وڃائي آهي، پر مان ڪجھ به نٿو چوان. ان ڏينهن مان به گوريلن ۾ شامل ٿيندس. ڀل سڀ ڇو نه غار ۾ مري وڃن، پر هان ڊئٽ پنهنجي بچاءَ جي جنگ جاري رکندو، پر اهو وڌ ۾ وڌ خراب سوچي سگھجي ٿو__ ڇو ته اسان جا ماڻهو، ائين نٿا مري سگھن. بيگم ڪازوئي، ڪامي سان ها ۾ ها ملائي. ”ست ڏينهن ٿيا آهن ۽ هو غار تي ڪو به اثرائتو دٻاءُ وجھي نه سگھيا آهن. الٽو جيڪو سو سڄي ڳوٺ جون ڪايون ۽ ٽيَٽَون، مُردن ۽ زخمين ڍوئڻ لاءِ، ڍوئي کپايون اٿن.“ ”ان حساب سان هنن لاءِ رڳو اها راهه وڃي بچي آهي ته ٽپڙ ٻڌي هتان هليا وڃن. سڀني فوجين جا حوصلا پست ٿي ويا آهن. جتي وڃن ٿا اتي ماڻهو کين دڙڪا داٻ ڏين ٿا. هنن ۾ ڪمپني بڻجي چڪي آهي. سڀاڻي مان ڏسڻ ويندس…“

ڪاميءَ توراؤ جي ڪن ۾ ڀڻڪيو. ”جڏهن به غار ڏانهن سامان نيڻ لاءِ ماڻهو چونڊيو ته مون کي نه وسارجو.“

ڪاميءَ سان ٿيل ويڌن جو سوچي توراؤ جو چهرو موٽ ۾ لال ٿي ويو. ماتا ساؤ هن کي ٻڌايو هو ته ڇوڪريءَ کيس ساڻس ٿيل آپدا جو ذڪر ڪندي آخر ۾ ٻڌايو هو. ”مون کي ائين ڪرڻو هو، ماتا ساؤ! اهوئي طريقو هو جنهن سان مان گرفتار ٿيڻ بعد، غار تائين رسد پهچائي پئي سگھيس!“ توراؤ ان ڪري اها رٿ ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙجي ويو. نه، نه! تون نه!“

هن ڪاوڙ مان سگريٽ جو ٽوٽو فرش تي اڇلايو ۽ منهن مونن ۾ وجھي ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو. آخر هو اٿيو. ”ماڻهي سمهي پئي آهي تون به سمهي رهه.“ هو اٿي هڪ ڪنڊ ڏي ويو ۽ تڏن جي هڪ ٺهيل جھوليءَ ۾ وڃي ليٽي پيو.

”چاچا؟“ ڪاميءَ ڌيرج سان پڇيو. ”ڄار وجھڻ وڃو ته مون کي سڏجو، ها نه؟“

”ها ها.“ منٽ پوءِ هو کونگھرا هڻي رهيو هو. پر ڪامي ڪافي وقت جاڳندي رهي.

جڏهن پکيءَ جي پڪار پڌرو ڪيو ته وير لهڻ شروع ڪرڻ واري هئي ته توراؤ به جاڳيو، باهه دکائي ۽ سگريٽ ٻاريو. پوءِ ڪا جھٽ هو چپ چاپ سگريٽ پيئندو رهيو. پوءِ اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏئي ڄار ڳولڻ لڳو. ڪامي گھور ننڊ ۾ هئي ۽ هن کيس ان حال ۾ ڇڏڻ ئي بهتر سمجھيو.

هن ٻيڙي کولي. رات جي اوندهه اڃا باقي هئي. ڪوهيڙي ۾ لهرون ۽ ڇوليون نظر نه پئي آيون. سٺي شڪار جي خيال ۽ توقع سان توراؤ ونجھ هلائڻ شروع ڪيو. هن جوءِ ۾ پهچي ڄار وجھڻ شروع ڪئي. گپل پنڌ ۾ ڄار وڇائي هو پوئتي موٽيو ۽ شڪار ڪڍڻ لڳو. پهرين حصي کي ڇڪڻ ۾ ئي هن کي انبار مڇيءَ جا هٿ لڳا. اوچتو ڪا ڳري شيءِ ڄار جي پاسي کان بڙڪو کائي ٻاهر نڪتي . هن ڄار کي مٿانئس ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هيل وري به اها شيءِ ان ۾ نه آئي ۽ پري ترندي رهي. هن وڌي وڃي جھڪي ان ۾ هٿ وڌو ۽ کيس ڇڪيو. منهن اونداهيءَ ۾ هن کان ”ائي“ جي اچرج واري رڙ نڪري وئي، سندس ڄار جي مٿان هڪ مڙهه تري رهيو هو. توراؤ دل جھلي مڙهه کي ڇڪي ڀرسان آندو. ان ۾ ڪا ڌپ ڪانه هئي. ”ٻيڙيءَ ۾ آڻيانس،“ هن سوچيو. پر ائين ڪندي ڀؤ به ٿيس پئي. سو ڇڏي ٻيڙي ٻئي پاسي ڪيائين. ڪجھ وقت کان پوءِ وري اهو مڙهه سندس اڳيان آيو. ڪپڙي جي بوٽ کي ڇُهي هن اندازو لڳايو ته لاش دشمن جي سپاهيءَ جو آهي ”تو کي ڪڍڻ ضروري نه آهي! مڇين جي کاڄ لاءِ ڇڏڻ ئي بهتر ٿيندو!“ پر وري خيال ڦري ويس. ”ڪهڙي خبر؟ وٽانئس ڪو پستول نڪري يا هٿ بم نڪري پوي.“ سڄي سگھ سهيڙي هن لاش ٻيڙيءَ ۾ آندو. هو هڪ معمولي فوجي سپاهي ئي هو. سندس وردي ۽ بوٽ ٻڌائي رهيا هئا. باک ڦٽيءَ جي هلڪي سنجھندي ۾ هن ڏٺو ته فوجي اکيون ڦاڙي آسمان کي تڪي رهيو هو.ٻيڙيءَ جي تري ۾ تازيون ڦاسايل مڇيون ٽپي ڦٿڪي رهيون هيون. توراؤ هٿ ڌوتا ۽ لاش ڏانهن جھڪيو. هن ۾ اڃا بڻانس نه پيدا ٿي هئي. پر منهن ڪاراٽجي چڪو هو ۽ کل ۾ ڏرا پئجي ويا هئا. ٻانهون هوا ۾ مڙي ويل هيون، ڄڻ ڪنهن شيءِ کي پڪڙڻ جي ڪوشش رهيون هيون، آڱريون اڌ بند ٿيل هيون. توراؤ گھڻي دير هن کي ڏسڻ جي سگھ نه ساري سگھيو. ڇو جو هن کي وهم ويٺو ته هن کيس اڳ ڪٿي ڏٺو هو. اهڙي ماڻهوءَ جو منهن جو سخت ۾ سخت ۽ گندي ۾ گندو ڪم ڪرڻ تي هريل هجي. شايد ڪو هاري، مهاڻو يا ٻيڙيات هو جو پنهنجو پورهيو ۽ سگھ وڪڻي سختين ۽ طوفانن کي منهن ڏيندو هجي. ٻه عجيب اکيون، اڌ کليل، ميرانجھڙا تارا، ڄڻ رک ٻرڪيل هجين، ۽ جن ۾ ڪروڌ ۽ پڇتاءَ جي جھلڪ هجي. مٿي کنيل ۽ التجا ڪندڙ ٻانهن جو نظارو توراؤ کان ڏٺو نه سٺو ويو سو هن انهن کي هيٺ ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ شروع ڪيو. پر هو هيٺ ئي رهڻ بجاءِ وري بُل کائي مٿي کڄي آيون، ۽ ائين کڄي بيٺيون ڄڻ ڪنهن کي ڀاڪر ۾ وٺڻ واريون هجن، پر سندن اڳيان ڪجھ به ڪين هو جنهن کي کڻي ڀاڪر پائن، رڳو ڪوهيڙو هو، ڌنڌ هو ۽ باک جي وڌندڙ روشني.

هڪ ڀيرو وري توراؤ ٻانهن هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اتفاق سان وري سندس هٿ سان ڇهاءُ ٿي پيس. هن ائين ڇرڪ ڀري هٿ هٽايو ڄڻ ته اهو ڪنهن چلهه سان ٽڪرايو هوس. پوءِ هن مئل ماڻهوءَ جو هٿ کڻي چڱيءَ ريت جاچيو. ”الله، الله“ هن ڌيمي آواز ۾ چيو. تريءَ جي وچ کان سواءِ فوجيءَ جي هٿ جي سڄي کل سخت ۽ پٿر جهڙي هئي، جا هيئنر لاڳيتو پاڻيءَ ۾ رهڻ سبب اڇي ٿي نرم ٿيڻ شروع ٿي هئي. آرام سان توراؤ هٿ کي هيٺ ڇڏيو. هن پنهنجي سڄي سگھ ويندي محسوس ڪئي. ”ائين ئي آ جيئن مان سوچيو…“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”نه همراهه ڏهه سال کان هر هلائيندو رهيو آهي. سندس هٿ جي کل ٻڌائي ٿي…“ گھڻي دير کان پوءِ ئي هو مُڙدي جي تلاشي وٺڻ جي سگھ ساري سگھيو. ڪو هٿيار ڪو نه هو. رڳو هڪ ڳريل ڦاٽل چمڙي جو ٻٽو جنهن ۾ ڪي ڪاغذ، ڪجھ، بل ۽ نگوڊان ڊيم جو فوٽو هو، جي سڀ پاڻيءَ ڳاري ڇڏيا هئا. هڪ کيسي مان ٽڪرو تازي کوپري (ناريل) جو نڪتس.

توراؤ لاش اڳيان منجھيو وائڙو ٿيو بيٺو رهيو. مڇي ٻڇي سڀ وسري ويس. ڪيتريون وڏيون وڏيون مڇيون اچي ڄار ۾ پيون هيس پر هن لاءِ مڙيوئي خير هو. نه هن جو ڪو ٻيڙيءَ سان ٽڪرجندڙ لهرن ڏي ئي خيال هو. هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سوين سيون اچي سرير ۾ چڀيون هيس. سندس ذهن تي ڪيترن ئي سوالن حملو ڪري ڏنو. مڙهه ڪٿان آيو؟ ڪهڙي جنگ ۾ مئو هو؟ ۽ ڪڏهن؟ سڀ ڳالهيون مشڪوڪ هيون. وڌ ۾ وڌ مڙس ٻه ڏينهن اڳ مئو هوندو. اهو اڃا سٺي حالت ۾ هو، شايد ان ڪري جو لوڻياٺي پاڻيءَ ۾ پيو هو. توراؤ ان الجھن ۾ ئي الجھيو رهيو ۽ فيصلو نه ڪري سگھيو ته لاش کي ڪناري تي کڻي هلي يا اتي ئي ڦٽو ڪري.

پوءِ هن کي اوچتو ڳوٺڙي ۾ ڪيمپ ڪيل سپاهي ياد اچي ويا. ”نه“، هن پاڻ کي چيو، ’مون کي اهو موٽائي سمنڊ ۾ نه اڇلائڻ گھرجي. چڱو ائين ٿيندو ته ڪامي کي موڪلي بيگم هائي ٿيپ کي اطلاع ڪريان.‘ هن ونجھ ورتو ۽ ٻيڙيءَ کي پٺتي گھر طرف هلايو. هو دل ۾ سوچيندو رهيو، ”او نٻل ۽ نماڻا! او نٻل ۽ نماڻا، توهان پنهنجون ساريون ۽ سرزمين غاصبن ۽ چورن کي ڏئي ڇڏيون ۽ کين ظلم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي! هن لاش سان، مان توهان جي اکين تان گمراهيءَ جون پٽيون لاهي ڇڏينديس!“

(4)

ڄاتل سگنل وارا ٽي گھمرا ٽڪ ٽڪ جا آواز ٻڌي ٽام چان تهخاني جو ڳجھو دروازو کوليو. بيگم هائي ٿيپ نِوڙي پنهنجو ڪنڌ اندر ڪيو ۽ جھڪي آواز ۾ چيائين، ”هڪ عجيب ڳالهه ٿي آهي.“

”وري ڇا ٿيو؟“

”ڪامي توراؤ جي گھران آئي آهي ۽ ٻڌايو اٿائين ته توراؤ کي سمنڊ مان زخمي سولجر جو لاش هٿ آيو آهي.“

”ريگيولر فوجي آهي يا آرمڊ پوليس جو؟“

”باقاعده فوج جو. ورديءَ سان. کيس پيٽ ۾ زخم هو. اسان کي شڪ ٿو پوي ته هي انهن مان هڪ آهي، جن کي هيليڪاٻٽرن تي نيو ويو هو، ۽ پنڌ ۾ شايد سمنڊ ۾ اڇلايو ويو آهي.“

اهو ٻڌي ٽام چان منهن ڳڙکي مان ٻاهر ڪڍيو، ”مڙهه اڃا توراؤ جي گھر آهي؟“

”هائو.“

ٽام چان ڪجھ دير سوچيو، ”اهو صحيح آهي ته ٻه ڏينهن اڳ هيليڪاپٽر زخمي کڻي ويا هئا. اهو پڪ انهن مان هڪ هوندو پر پڪ ڪرڻ لاءِ اسان کي فوجين مان جاچ ڪرڻ ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ گھرجي.چڱو ٿيندو جي باقاعدي فوج جي سپاهين کان پڇا ڪجي. جي ان جي تصديق ٿي ته اهو لاش کليو کلايو ڳوٺڙي ڏانهن کڻي وڃو ته جيئن ٻين فوجين لاءِ ڏسڻ ممڪن ٿي پوي ۽ هو صدمو کائن ۽ ڪاوڙجن. ان کي، فوجين کي ڀڙڪائي عوام طرف مائل ڪرڻ ۽ آمريڪين ۽ ڊيم جي ڇاڙتن کي ننگو ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻين. هنن کي مهم جي اعليٰ اختياريءَ خلاف احتجاج ڪرڻ تي آماده ڪيو. هنن جا حوصلا پست ٿيا ته ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ٿيندا“

”ٺيڪ آ.“

”انتهائي هوشياري ۽ خبرداريءَ سان ڪم ڪجو. ڏسجو ته جيئن توهان جي هٿن مان کسي نه وڃن.“

”ائين نه ڪبو. ٻي ڳالهه ٻڌو، هيڏانهن ايندي دڳ ۾ سپاهين سان ٽڪر ٿيو، جي غار کي بند ڪرڻ وڃي رهيا هئا. ڏسجي پيو ته اڄڪلهه ڪمانڊر خود مهم جي مهنداري پيو ڪري.“

”توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو، غار کي بند ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. ان کان سواءِ توهان جي جدوجهد چڱيءَ مهل تي شروع ٿي پوي ته ان ڪمانڊر کي به خودبخود واپس گھرائي وٺندا.“

بيگم هائي ٿيپ رڌڻي ۾ وڃي اتان ٿال چانورن جو کڻي آئي، ”اچي توهان جا چانور. منهنجو سڄي ڏينهن ۾ موٽڻ ڏکيو ٿو نظر اچي. رکي ڇڏيو.“

”تو نيرن ڪئي آهي؟“

”اڃا ته خيال ئي نه ٿيو آهي. توهان خيال سان ويٺا هججو. سگنل کان سواءِ در نه کولجو.“

جيئن بيگم هائي ٿيپ ٻڌايو هو تيئن صحيح هو. صبح ٿيڻ سان ئي ڪمانڊر سانگ غار کي بند ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ شروع ڪيا هئا. هو پاڻ کي غار طرفان ٿيندڙ ڪنهن به گوليبازي کان بچائڻ لاءِ غار کان ڪافي هيٺ ويهي رهڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، ۽ پنهنجي ماڻهن کي غار ۾ هٿ بم هڻندو ڏسي رهيو هو. پهرين ٻن ماڻهن کي، هٿ بمن اڇلائڻ کان اڳ ئي غار وارن موت جو مهمان ڪري ڇڏيو، نه رڳو اهي به مئا پر هٿ بم به سندن هٿن ۾ ئي ڦاٽا جنهن ڪري سندن ڀرسان بيٺل چار ماڻهو ٻيا به مري ويا. هڪ ٽڪرو ڪمانڊر جي ڀرسان اچي ڪريو ۽ سندس ٽوپيءَ کي ٽنگ ڪري ويو. ٻيا سپاهي سيمينٽ جي ڳوڻين پويان لڪي ويٺا ۽ وري اٿڻ جي همت منجھن ڪانه ٿي.

سانگ پنهنجو مٿو کنهيو. کيس لوهو ٽوپلو ڪونه هو. هن پاڻ جھلي سپاهين کي وري حملي ڪرڻ ۽ بمن اڇلائڻ جو حڪم ڏنو. هن ڀيري پنج يا ڇهه هٿ بم غار ۾ اڇلايا ويا. ڌماڪن ڪري ڪافي گھاٽو دونهون ٿي ويو، جنهن ڪري سپاهين موقعو وٺي ٻيا بم به اڇلايا. گوريلن جون رائفلون ماٺ رهيون. ڪيترن منٽن لاءِ رڳو بمن جا آواز پئي آيا. ”حملو ڪيو!“ ڪمانڊر رڙ ڪئي ۽ اڌ ڏنڊيءَ سان غار طرف اشارو ڪيو.

سپاهي غار طرف ڊوڙيا. هيڏي يا هوڏي وارو معاملو هو. يا هٽڙيءَ مان هٽ ٿيڻو هون يا هٽڙي به چٽ ٿيڻي هين. هو ان ۾ اندر گھڙي ويا. ٻاهر ڪمانڊر رڳو ٿامپسن جي گوليبازيءَ جو مسلسل آواز ئي ٻڌي سگھيو. اڳ جيان هيل به گوريلا غار ۾ پٺتي پرڀرو هٽي ويا، ۽ پهريان ڇهه فوجي اتي اچي بيٺا جتي اول هنن جا پهريدار بيٺل هئا. هو اتي بيهي اندر گوليون هلائي رهيا هئا، ۽ اڳتي يا پٺتي نه پئي ٿي سگھيا. اڳيان گوريلن جو ڀؤ ۽ پويان ڪمانڊر جي گولين جو.

سانگ ٻين سپاهين کي بنياد کوٽڻ ۽ سِرن کي لنگھ تائين پهچائڻ جو حڪم ڏنو. هنن يڪدم سرن جا ٽي بار کڻي ورتا. پر اوچتو اندرين پاسي بيٺل فوجي پٺيءَ ڀر ڊوڙندا آيا ۽ اها ٺاهيل ڀت به ڊاهي ڇڏيائون. ڪاوڙجي ڪمانڊر کين ڏنڊين سان مارڻ شروع ڪيو، ۽ وري تيزيءَ سان ڀت جي اوساريءَ جو حڪم ڏنو، ۽ گڏو گڏ اندر بمن اڇلائڻ جو پڻ، ته جيئن گوريلا پٺتي ئي هٽيا بيٺا هجن.

بم ڦاٽندا رهيا ۽ گوريلا غار جي ڇيڙي واري پاسي سرنگن ۾ لڪا ويٺا هئا. آخر غار جو منهن ڀت سان ڍڪجي ويو. پر ٻنهي پاسن کان ڀت ۽ غار جي وچ ۾ ڪجھ وٿي بچي پئي، اها هنن سيمنٽ ۽ ڪنڪريٽ ملائي بند ڪئي، ۽ بعد ۾ ڀت تي پٺيان هڪ ٻه پڙديون وڌيڪ به ڏنيون ته جيئن وڏيڪ مضبوط ٿئي.

ٺيڪ ان مهل مسٽر سانهه، نفسياتي کاتي جو سيڪنڊ ليفٽينيٽ تيز تيز ڊوڙندو اتي اچي پڳو. ”ڪمانڊر!“ هن رڙ ڪئي ۽ هٿ گوڏن تي هنيان، ”غضب ٿي ويو، فوجي بغاوت ڪري رهيا آهن، حالت ڏاڍي نازڪ ٿي وئي آهي!“

”هوش اٿي؟ ڳالهائين ڇا ٿو!؟“

”ڪمانڊر…“

”چئو چئو، نٿو اڪلئي ڇا؟“

”ماڻهن سمنڊ مان فوجيءَ جو لاش ڪڍيو آهي“

”فوجيءَ جو؟“

”هائو ڪمانڊر! سو به باقاعدي فوج جو. هو ان کي سڄي ڳوٺ ۾ گھمائي رهيا آهن. اسان جا ماڻهو به ڏسڻ ويا ۽ ٽين ڪمپني جي فوجين سڃاتو ته اهو ساؤ هان جو لاش هو. هو ان کي سمنڊ ۾ ٻڏل ڏسي وائڙا ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هو انهن مان هڪ هو جي هيليڪاپٽر رستي اماڻيا ويا هئا. سڀ ڇتا ٿي پيا آهن. چون ٿا ته ڄاڻي واڻي زخمين کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو آهي.“

ڪمانڊر پيلو ٿي ويو. ”تو پاڻ لاش ڏٺو؟ ڇا اهو سچ پچ ٽين ڪمپني واري ساؤهان جو آهي؟“

”مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، بلڪل اهو آهي.

هن اک ٿيٽ سان چوگرد نهاريو. ”۽ پوءِ ڇا ٿيو؟“

”پوءِ احتجاج ٻين ڪمپنين تائين ڦهلجي ويو. هرڪو آمريڪين کي گاريون ڏئي رهيو آهي ۽ مٿن زخمين کي ٻوڙڻ جا الزام هڻي رهيو آهي __ نه ته هو چون ٿا ته هان جو لاش مڇيءَ مارڻ جي ڄاريءَ ۾ ڪيئن آيو؟“

”مڇيءَ مارڻ جي ڄاريءَ ۾!؟“

”هائو ڪمانڊر هڪ مهاڻي ئي شڪار ڪندي اهو هٿ ڪيو آهي. ٻي ڳالهه ته مان توهان کي اهو ٻڌائڻ وساري ويٺس ته شهري محافظن مان چار ڄڻا رات ڀڄي ويا آهن.“

اهو مٿي جو سور به هاڻي ڏيڻو هيئي؟“

”توهان کي ٻڌائڻ فرض ۽ ضروري هو نه.“

حرامي ڪنهن جاءِ جا! ٻڌاءِ ته ان ٻڏل فوجيءَ تي هينئر ڇا پيو ٿئي؟“

”سائين، بس، قيامت آ قيامت! ڪن پنهنجا طنبو ساڙي ڇڏيا آهن، ڪن پنهنجون رائفلون نديءَ ۾ اڇلائي ڳوٺاڻن جي جلوس ۾ شرڪت ڪئي آهي. سيڪنڊ ليفٽينيٽ پنهنجو منهن ڦيريو، هٿن سان ڪنن ڀرسان طوتارو ٺاهيو ۽ چيو ”ٻڌو، ٻڌو! اهو انهن جو آواز اٿو.“

ڪمانڊر، انجنيئرن جي ليفٽينيٽ تو ڏانهن منهن ڪيو ۽ چيو، ”ڀت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.“ پوءِ سانهه کي هن چيو، ”هل ته ڏسون.“

اڳيان سيڪنڊ ليفٽينيٽ هليو ۽ پٺيان ڪمانڊر ٿيس. هلندي ۾ ڪمانڊر پڇيس، ”ڳوٺ ۾ مهاڻي آندو ڇا؟“

”نه ٻيا به ڪيترائي هئا.“

”۽ تون ڪٿي هُئين؟ تو کين روڪيو ڇو نه؟“

”ڪمانڊر، مون کي گھڻي دير سان خبر پئي.

”مون کي ته ان ۾ به ويٽ ڪالگن جي شرارت نظر اچي ٿي.“

”هائو، پر لاش سچو پچو آهي.“

”بدن ۽ منهن اڃا سلامت اٿس؟“

”ٿورو خراب ٿيو آهي، پر ڏسڻ سان ئي هان کي سڃاڻي ٿو سگھجي. لوڻياٺي پاڻيءَ سندس شڪل ٽوڙڻ ڦوڙڻ نه ڏني آهي.

سانگ چپ چاپ پنڌ ڪندو رهيو. پوءِ اوچتو هو هلندي بيهي رهيو ۽ ڏنڊيءَ سان ڀر ۾ بيٺل هڪ گاهه جي ٻوٽي تي وسڪارو ڪري ڏنائين ۽ ڏند ڀيڪوڙي چيائين، ”مادر…! صدر نگوڊين ڊيم کي به سڌ نه هوندي ته هن معاملي ۾ ڇا ڪجي! ههڙن پٺيان ٿيندڙ يا غير متوقع حملن ۾ اسان ڇا ٿا ڪري سگھون! مان هتي اچڻ مهل اهو چڱي طرح ڄاتو پئي ته __ ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن ڪري عوام چڙي يا ڀڙڪي!“

”هائو، پر هينئر ته خود فوجين بلوو ڪيو آهي.“

”تون ڏسجان!“ سانگ رڙ ڪئي، ”مان ان جو مٿو ڀڃي ڇڏيندس جنهن منهنجي منهن تي هٿيار ڦٽا ڪيا!“

سيڪنڊ ليفٽينيٽ ماٺ ٿي ويو. ان ناريل جي وڻ وٽان لنگھندي، جتي اها نوڙي اڃا لڙڪي پئي هئي، جنهن ۾ سئو کي لٽڪايو ويو هو، هن چيو، ”ڪمانڊر هي سڀ گوڙ ان ڊگھن وارن واريءَ ڪتيءَ سان شروع ٿيو آهي. اسان کي گھربو هو ته…“

”اسان کي گھربو هو ته…؟“، ڪمانڊر سندس ويچارا ڪڍيا.

”اسان کي هن کي اڃا دير سان مارڻ گھربو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڳوٺ ۾ مقبول هئي. هرڪو کيس چاهيندو هو. ائين ڪرڻ سان شايد ليفٽينيٽ زام به مارجڻ کان بچي پوي ها.“

”بڪواس توکي خبر آ ته زام جي خونڻ چري هئي.“

”سائين معاف ڪجو. هوءَ توهان اسان وانگر سياڻي هئي. هن پنهنجي پاڙيسرين ۽ ويٽ ڪانگن تي حملو نه ڪيو.“

”اهو ٻڌائي ٿو ته هوءَ چري هئي جو دشمن بجاءَ پٽ کي ماريائين.“

ايتري يقين هوندي به سانگ نه ڄاتو ته ڇا ڪري. هن کي پڪ هئي ته زام کي سندس چريءَ ماءُ ماريو هو، ۽ اميد پئي ڪيائين ته اهو هڪ جنونيءَ جو معمولي واقعو هو ۽ ان کان وڌيڪ ڪجھ به نه. هن اهو مڃڻ کان انڪار پئي ڪيو ته اهو ڪو سزا ۽ جزا جو معاملو هو، حالانڪ سندس اندر ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيو پئي. ان ڪري هن ڄاتو پئي ته جي هر ڪنهن کي ڏوهه جي سزا ملڻي آهي ته پوءِ هو پاڻ به ان کان بچي نه سگھندو. هن کي اڳين ڪيل ظلمن ۽ شرارتن جي ڳڻتي نه هئي، ڇو جو هو اهي علائقا ڇڏي آيو هو جتي هن رت وهايو هو. پر هِت هن به ڏوهه ڪيا هئا. هڪ ته هن زخميءَ کي گولي هڻي ماريو هو. ٻيو کيس خبر هئي ته يانڪين هن جي ماڻهن کي سمنڊ ۾ اڇلايو هو. ڇڙي گھمائيندي هن پنهنجي دل جو راز ڳولي ورتو. ”جيتوڻيڪ اسپتال واري ڳالهه جي هر ڪنهن کي خبر آهي،“ هن پاڻ کي چيو، ”هيليڪاپٽر وارو معاملو انتهائي راز آهي. مون کي هر ڳالهه کان انڪار ڪرڻ گھرجي. پر جيڪو سو ناپسنديدگي جو اظهار ڪريان. ”مان به توهان سان گڏ احتجاج ڪندس، دوستو! کين ائين چوندس.“

ڪمانڊر ۽ علمدار ندي پار ڪئي. رينجرن جا طنبو اڃا ڀريا پيا هئا، پر باقاعدي فوج وارا خالي هئا. رينجرن هنن کي هٿ ڪيل گرانڊ رائفلن جا ڍير ڏيکاريا. ”ڪمانڊر، هينئر هينئر نديءَ مان ڳولي ڪڍيون آهن.“

رائفلون ڏسي، ۽ ڳوٺ طرفان گوڙ ٻڌي، ڪمانڊر فيصلو ڪيو ته اڪيلو وڃڻ عقلمندي نه ٿيندي. ”مون سان هلو.“ هن رينجرن کي حڪم ڏنو، ”مشين گنون به کڻي اچو!“

چار ماڻهو سندن ڪڍ لڳا. رستي تي پڳا ته سج ڪاپار تي اچي چڪو هو. ڇوليون هڻندڙ ۽ گجندڙ هجوم سي لي چوسول وٽ پهچي چڪو هو.

”يانڪي مرده باد!“

نگوڊين ڊيم مرده باد!“

ڪاوڙيل رڙن جا پڙاڏا ٿيڻ لڳا. بي شمار قدمن رستي جي مٽيءَ کي بي آرامي ڪري ڇڏيو هو. سانگ جلدي پٺتي پير ڪيا. ”مان… مان چوڪيءَ تي ٿو هلان.“ هن پنهنجي زيردست کي چيو، ”تون وڃي چئين ته يڪدم ڪيمپ ڏانهن موٽي وڃن. پنهنجي عريضي پيش ڪن ته ان کي فيصلي لاءِ مٿي موڪليو ويندو. رينجر هتي ترس ۽ احتجاجين کي اڳتي وڌڻ کان روڪين. جي ضرورت پوي ته انهن جي ٽڙڻ پکڙڻ لاءِ ڪجھ ايم_ جي جا فائر به ڪن. سمجھيئي؟“

هو ٻنين مان ٿيندو، وچون وچون سنتري ساڻ ڪري موٽيو. رينجر روڊ سان تيار ٿي بيٺا ته هجوم به اچي پهتو. نفسياتي کاتي جي سيڪنڊ ليفٽينيٽ، ٻانهون مٿي ڪري رڙ ڪئي، ”بيهي رهو! مان توهان سان ڪجھ ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“

”اسان کي توهان جون تقريرون نه کپن! رستي تان هٽي وڃ!“ هڪ فوجي چيو.

”ڪمانڊر مون کي حڪم ڏنو آهي ته…“

”ته ڇا؟“

احتجاجين جو پهريون دستو بيهي رهيو.

”هن چيو آهي ته ڪوبه احتجاج يا خواري ٿيڻ جهڙو واقعو نه ٿيڻ گھرجي. ويٽ ڪانگ ان کي وڌيڪ ڪنهن حرڪت لاءِ ڪتب آڻيندا. جي عوام ۽ فوجين جا ڪي مطالبا آهن ته ڪمانڊر انجام ڪيو آهي ته هو ان تي همدرديءَ سان غور ڪندو ۽ اهي اعليٰ اختياريءَ ڏانهن سفارش ڪري موڪليندو. ان ڪري فوجين کي کپي ته يڪدم پنهنجي ڪيمپ ڏانهن هليا وڃن نه ته ڪمانڊر نتيجن لاءِ ذميدار نه هوندو.“

اسان کي توسان ڪجھ به نه ڪرڻو آهي نه ڳالهائڻو آهي! ڪمانڊر پاڻ ڪٿي آهي؟“

ڪيترائي ماڻهو هجوم مان سيٽجي، ڪروڌ ۾ ٻاهر نڪتا. ليفٽينيٽ ڏڪندي ڏڪندي چيو. ”مان…“ هو ڪمانڊر چوڪيءَ تي آهي… پڪسري جاءِ ۾.“

”هلو ڙي هلو!“ هجوم اڳتي وڌيو. سندن اڳيان سؤ کن بلوائي هئا. رينجرن پنهنجون رائفلون احتجاجين ڏانهن تاڻيون. سپاهين جن کي دلي طور رينجرن لاءِ ڌڪار ٿي چڪي هئي، ”ڪتؤ اٿوَ همت ته هلايو گولي!“

هجوم ۾ جن فوجين کي رائفلون هيون تن يڪدم کڙ کڙ ڪري اهي چارج ڪيون، رينجرن ڏانهن سڌيون ڪيون ۽ گھوڙن تي آڱريون رکيون. ٻئي ڌريون ساهه منجھائي هڪٻئي ڏي گھورينديون رهيون. بيگم بااُو دڳ ٺاهيندي اڳيان وڌي آئي. هوءَ سڌو رينجرن ڏانهن وئي، هنن ڏانهن نهاري کين ماٺ رهڻ لا وينتي ڪئي، ۽ پنهنجي دستوري مٺڙي آواز ۾ چيائين، ”هائي، هائي، ان حد تائين وڃڻ مان هڙ حاصل، جڏهن ته ان ۾ توهان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي؟“ بيڪار هڪٻئي کي مارڻ ڇا لاءِ؟ مهرباني ڪري اسان جي ٻڌو ۽ پنهنجون بندوقون هيٺ ڪريو.“

جيئن ته ڪوبه هن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، سو هوءَ پاڻ اڳتي وڌي ۽ پنهنجي پاسي وارن ٻن فوجين جون رائفلون هٿن سان هيٺ ڪري، رينجرن سان مخاطب ٿي، ”ٻڌو، سائين رينجرؤ! اسان مان ڪنهن کي به توهان خلاف دل ۾ ڪجھ نه آهي. اسان يانڪين خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون جن زخمين کي سمنڊ ۾ اڇلايو آهي. سندن دوادرمل ڪرڻ بجاءِ کين مڇين جو کاڄ ٿيڻ لاءِ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو! توهان انهن جي جاءِ تي هجو ها ته ڇا ڪريو ها؟“

ماٺ. مادام بااُو پنهنجي تقرير جاري رکي. ”جانور به هڪٻئي جي مدد ڪندا آهن. يانڪي ته جھنگلي جانورن کان به وڌيڪ خونخوار آهن. ڏسو نه، هنن توهان جي زخمي فوجين سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. ۽ اڃا ته رڳو هڪڙو لڌو آهي، ٻين ويچارن جو ته الائجي ڪهڙو حشر ٿيو هوندو!“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي بيگم بااُو باقاعدي فوجين جون تاڻيل رائفلون به هيٺ ڪندي وئي. سندس آواز ۾ ڪڏهن اپيل ۽ التجا هئي ته ڪڏهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ. سندس تقرير چڱو اثر ڪيو. رينجرن جي مهندار کيس چتائي ڏٺو ۽ چيو، ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. اسان کي بيوقوف نه سمجھ، اسان کي خبر آهي ته تنهنجي سڄي بڪواس جو مطلب ڇا آهي.“

ماٺيءَ عورت جي منهن تي مرڪ اچي ويئي،“ مان ته هڪ اڻڄاڻ عورت آهيان. واقعي توهان کي حقيقين جي وڌيڪ ۽ ڳوڙهي خبر هوندي. ڳالهائيندي هوءَ بهادريءَ سان اڳتي وڌندي به رهي ۽ باقاعدي فوج جا بلوائي سندس پٺيان وڌڻ لڳا، ۽ انهن جي پويان عوام. انهن ۾ اُڀي مٿي ۽ اڇي پوتيءَ واري ماتا ساؤ به هئي. سانهه ۽ سندس ماڻهو رڍن جيان رستي تان لهي ٿي بيٺا. بيگم بااُو انهن مان هڪ کي چوندو ٻڌو. ”ڇا ته زبان اٿس! ديجھان ڏائڻ جي زبان ته ڪهڙي آهي!“

هوءَ ڪافي هوشيار هئي ان ڪري ڪوبه جواب نه ڏنائين. رينجر وڻن هيٺان ويهي رهيا ۽ جلوسي لنگھي ويا. ٻڏل فوجي جي ڪائيءَ کي به فوجي ۽ ٻه ڳوٺاڻا ڪلهو ڏئي هلي رهيا هئا، انهن مان هڪ توراؤ هو. کانئس ٻئي وارو ورتو ته ساهي پٽڻ لاءِ هو پٺيان ٿي ويو. لاش اڃا ان حالت ۾ هو جنهن ۾ لڌو ويو هو. ٻانهون مٿي کڄيل ۽ اکيون اڌ کليل. پر چمڙي ڪاري ٿي وئي هيس.

عورتن وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ”آمريڪي مرده باد! نگوڊين ڊيم مرده باد! فوجين جا قاتل مرده باد! مئل فوجي موٽائي ڏيو!“

فوجي نعرن ۾ شامل ٿيا. ”کنڌا کڻڻ ڇڏي ڏيو! اسان چوڪي قائم ڪئي هئي.“ بلوائين، سنترين کي چيو، ”ڪمانڊر کي ٻاهر ڪڍو!“

”هو هتي ڪونهي، غار ڏانهن ويو آهي.“

”اڙي ڪڃريءَ جا پٽ! اسان کي چوت ٿو بڻائين؟ اسان کي خبر آ ته هو هتي آهي!“

ڪجھ بلوائين رائفلون سڌيون ڪري سنترين طرف وڌيا. ”اڙي!“ هڪ سنتري رڙ ڪئي، ”ايڏي ڊيگھ ۾ ڇوٿا وڃو؟ اسان ته ساٿي آهيون. آهيون نه؟“

”ڪمانڊر کي ٻاهر ڪڍو نه ته ساٿي ٻاٿي ڪا ڳالهه نه آهي!“ سنتريءَ پنهنجي اک ڀڳي، گھر طرف ڏٺو ۽ جھڪي آواز ۾ چيو، ”هاڻي هاڻي آيو آهي… اسان کي ائين چوڻ لاءِ چيو اٿائين.“

”سڏي اچينس!“

”ڪجھ گوليون هلايو ته جيئن اسان کي اندر پٺتي هٽڻ لاءِ جواز ملي.“ ٻئي سنتريءَ چيو.

بلوائين هوا ۾ فائر ڪيا. کلندي سنتري اندر گھڙيا. ڪافي وقت هجوم ٻاهر ترسيو پر ڪوبه نه موٽيو. فوجين پنج ڇهه وڌيڪ فائر به ڪيا. آخر ڪار ڪمانڊر دروازي وٽ آيو ۽ ڏاڪڻ لهي دروازي طرف آيو. هو ڇڙي لوڏي رهيو هو. ۽ هو بلوائين جي اڳيان اچي بيٺو ۽ کين پريشان نگاهن سان ڏسڻ لڳو.

بيگم هائي ٿيپ نعرا هڻايا ۽ هجوم زور سان جواب ڏنا. ڪمانڊر ڇرڪي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. هو مئل ٻڏل فوجيءَ جو لاش هن اڳيان آڻي کڻي آيا. هن ٻنهي هٿن سان ان کي پري ڪرڻ لاءِ چيو، ”ان جي ضرورت ناهي! ڪا ضرورت ناهي! مون کي سڀ خبر آ.“

بيگم بااُو چيلهه تي هٿ رکي ٽوڪ ۽ چڙ واري کِل ۾ اچي ڇٽي. ”تون سچ ٿو چئين ته تو کي خبر آ! يانڪي تنهنجي راضپي کان سواءِ ائين ڪري ئي نه پئي سگھيا!“

ڪمبڻيءَ ۾ اچي ڪمانڊر ان کان انڪار ڪيو، ”نه ائين ناهي! مون ته رڳو منٽ ڏيڍ اڳ اها ڳالهه ٻڌي آهي. يانڪين ته مون کي ڪجھ نه ٻڌايو هو. مان… مون کي پاڻ توهان وانگر سخت ڪاوڙ آهي. مان پاڻ پنهنجي پوري سگھ ۽ آواز سان توهان سان احتجاج ۾ شامل ٿو ٿيان. اهي سڀ منهنجا ماڻهو هئا… منهنجا. منهنجي دل ٽٽي پئي آهي!“

بلوائين جي قطار ۾ ڀڻ ڀڻ شروع ٿي؛ ”تون ڪوڙو آهين!“ انهن مان هڪ رڙ ڪئي. ”تون خاطريءَ سان يانڪين سان گڏ ڪم ڪري رهيون آهين. تون پنهنجي دل جي ڳالهه ٿو ڪرين__ اچ ته ان بابت به ڳالهائي ڇڏيون! هنن جي زخمين کي سمنڊ ۾ اڇلڻ کان اڳ ۾ تو پاڻ هڪ زخمي فوجي ماري ڇڏيو. اسان تنهنجي پوئواري نٿا ڪري سگھون. اسان مڙهه ٿيڻ نٿا چاهيون. اسين وڃو پيا.“

”نه. ائين نه ڪيو. مان خود توهان سان گڏ عريضيءَ تي صحيح ٿو ڪريان.“

”صحيح ڪرين يا نه ڪرين! پر ان بعد اسان لازماً هليا وينداسين.“

”خدا جي واسطي، هنن عورتن جي هٿان بيوقوف نه بڻجو. اسين ويٽ ڪانگن کي ذري گھٽ نابود ڪرڻ وارا آهيون.“

”اسان جو ڇا؟ تون وڃي ختم ڪرين__ اسان کان سواءِ“

ڪمانڊر سانگ ٻانهون مٿي ڪري کين جھلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رڙ ڪئي، ”ٻڌي ڇڏيو. ويٽ ڪانگ گھٽجي ۽ ٻوساٽجي مري رهيا آهن_ اسان کين ڀت ڪڍي غار ۾ جيئرو دفنائي ڇڏيو آهي.“

(5)

بمن جو وسڪارو بند ٿيو ته گوريلا به لنگھ واري پوزيشن ڏانهن موٽي آيا، هنن کي هٿوراڙيون ڏئي رستو ڳولڻو پيو، ڇو جو ٻاهران روشنيءَ جو هڪ ترورو به اندر نه اچي رهيو هو.

”اوچتو ايتري اونده. ڇو ٿي وئي؟“ ڊئٽ پڇيو.

”تعجب آ،“ لگان ۽ ڪوين يڪ آواز ۾ چيو.

”اتي ترسو،“ ڊئٽ چيو. ”مان وڃي ڏسي ٿو اچان ته ڇا ماجرا آهي.“

ڊئٽ زمين تي ريڙهيون پائيندو ويو. هڪ هٿ ۾ بم جھليو ٻيو هٿ هو غار جي پاسي سان گھمائيندو هوريان هوريان ٻاٽ اوندهه ۾ اڳتي وڌندو رهيو. آخر هو ان نئين ڀت وٽ پهتو، جنهن دروازو بندي ڇڏيو هو. ڇهڻ سان ئي هن نيون سرون ۽ آلو سيمنٽ محسوس ڪيو. هن پورو زور لڳايو پر ان کي چوري به نه سگھيو. گھٻرائجي ۽ هراسجي هن ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”ياخدا. اسان کي ته پوري ويا آهن.“ هو پٺتي پير ٿيو ۽ رڙ ڪيائين، ”اچو ۽ ڏسو!“

”ڇا آهي؟“

”اسان کي پوري بند ڪري ويا آهن!“

”ڇا؟“

”هنن غار جو منهن ڀت سان بند ڪري ڇڏيو آهي!“

هائي ٿيپ سڀني کان اڳيان وڌيو ”ائين هوندو، هنن بم اسان کي پري رکڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ ان وچ ۾ ڪم ڪندا رهيا. سيمنٽ کي اڃا سڪڻ جھڙو وقت نه گذريو هوندو، ان ڪري اسان آسانيءَ سان اها ڊاهي سگھون ٿا. اچو ته ڏسونس.“

”تون هتي ترس،“ لگان چيو، ”اسان ڊيوٽيءَ تي هئاسين، ان ڪري اهو اسان جو معاملو آهي.“

لگان، ڪوين، بارين ۽ ڊئٽ سان گڏ اڳتي ويو. ”اهو سڀ ڪجھ هاڻي ئي ڪرڻو پوندو.“ بارين چيو. ”سيمنٽ جي سڪڻ کان اڳ ۾ ئي.“

”ائين برابر آهي، پر سڄي کي ڪيرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بس ڪجھ ڳڙکيون فائر ڪرڻ جيتريون ٺاهي وٺجن.“

”ڪهڙو نه سٺو خيال آ!“

”شروع مان ٿو ڪيانس.“ ڊئٽ چيو.

هن آڱرين سان سيمنٽ کي کوٽي کرچي، ٿوري تڪليف سان سر ٻاهر ڪڍي ورتي. لگان پنهنجي پاسي کان ائين ڪيو. ڊئٽ تڪڙو ڪم ڪري رهيو هو. ان ڪري جلد ئي وڃي پوئينءِ سر کي ورتائين، ۽ ٿوري جاکوڙ سان ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيائين. غار ۾ وري هڪ دفعو روشني گھڙي آئي.

”هڻي هنڌ ڪيوسين.!“ ڊئٽ چيو.

هڪڙو وڏو ڌماڪو، لگان جي پيرن وٽ ڪرڻ کان اڳ ڊئٽ رڳو ڀيانڪ رڙ ڪري سگھيو. لگان يڪدم کيس ٻانهن ۾ کنيو. سندس رتوڇاڻ منهن تي هٿ رکي هن کيس سڏڻ شروع ڪيو، ”ڊئٽ ! ڊئٽ!! ٻڌين ٿو؟“

پر جواب ڪونه مليو. لگان سندس دل تي هٿ رکيو. اها بيهي چڪي هئي. ڏک ۾ ٽمٽار ٿي لگان بت بڻجي ويهي رهيو. دشمن ان ٽنگ مان گولي هلائيندو رهيو جو ڊئٽ کوٽيو هو. گولين جي وسڪاري ۽ ڏک جي حملي دوران لگان کي ڊئٽ جا اهي لفظ ياد اچي ويا: ”پپيتي سان جھينگن جهڙي ٻي شيءِ مون کي اڃا تائين نه وڻي آهي. جڏهن به مان نانيءَ وٽ ويندو هوس ته پيٽ ڀري کاڌو کائيندو هوس.“

ڪوين صدمي کان گنگ ٿي بيٺي هئي. اوچتو هن جھڪي زمين تان ڊئٽ جي رائفل کنئين ۽ ان جي ڪلپ چڪاسي ساهه منجھائي هوءَ تيستائين صبر ڪيو بيٺي رهي جيسين ٻاهران گولين جو آواز بند نه ٿيو. پوءِ اوچتو تڪڙو سوراخ مان ٻاهر جھاتي پاتائين. ٻاهر هڪ سولجر بيٺو پنهنجي تامپسن ۾ نئين ڪلپ وجھي رهيو هو. ڪوين نشانو وٺي فائر ڪيو_ ٻاهران رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. هوءَ هٽي سوراخ کان پاسيرو ٿي بيٺي. ٻاهر ماٺ ٿي وئي. هن دل ۾ چيو، ”مري ويو. پڪ ٻيو سندس جاءِ وٺڻ ايندو.“

جلدئي گارانڊ جا شاٽس ٻڌڻ ۾ آيا. سرن جا ٽڪر اڏامڻ لڳا. ”تنهنجي ڪلپ خالي ٿي ته منهنجو وارو ايندو.“ هن دل ۾ چيو. اٺن ٺڪائن کان پوءِ هن جلدي نشانو ورتو ۽ فائر ڪيو. وري رڙيون ٿيون ۽ پوءِ ماٺ ٿي وئي.

”واهه ڪوين واه!“ بارين چيو. ”ان جو به ڪم لاٿو هوندئي.“

جواب ڏيڻ ڌاران ڪوين رافل ڪلهي ۾ لڙڪائي ۽ ڊئٽ جي جسم سان، جو گرم هو، ٿي ويٺي. هن سندس وارن کي سنواريو ۽ منهن تان رت اگھي. پوءِ ٻانهن تي کڻي کيس اندر کڻي هلي.

بارين وائڙو ٿي ويو هو. ”ڪوين جي ٻن فائرن ته وڄائي ڇڏيو.“ هن لگان کي چيو، ”مان ته سمجھيو هو ته…“

”تون سمجھين ٿو ته ٻئي مري ويا هوندا؟“

”بلڪل، بچڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“

لگان شوڪارو ڀريو. ”اسان واقعي ئي انڌا ٿي ويا هئاسين جو محسوس نه ڪري سگھياسين ته ڪو ٻاهران بيٺا هوندا.“

”خير، هاڻي ڇا ٿيندو.“

”ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

”ڪجھ نه هڪ سوراخ ڪافي آهي . تازي هوا جي هونئن به اسان وٽ گھٽتائي ڪانه آهي.“

”پر حملو ڪيئن جاري رکنداسين؟“

”هو هيٺ لهي ويا ته پوءِ ڏسنداسين. اسان سوراخ هڪ ماڻهوءَ جي اچڻ وڃڻ جيترو موڪرو ڪري وٺنداسين. ان ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.“

”چڱو… هل ته ڀلا موٽون.“

هر ڪو ڊئٽ جي لاش جي چوڌاري ويٺو هو، جو پٽ تي وڇايل هڪ نيلان جي ٽڪري تي پيو هو. سندس هڪ پاسي نام نهو موم بتي جھليو ويٺي هئي. ان جي ڀرسان اُوت، ٿئي کي ڳراٽڙي پايو ويٺو هو. ٿئي اکيون ڦوٽاڙي ڏسي رهيو هئي. هائي ٿيپ ٻئي پاسي کان ويٺو ڊئٽ جي رت اگھيل چهري کي چتائي ڏسي رهيو هو. سندس نرڙ ۾ ٽنگ هئا، جن مان هوريان هوريان رت وهي رهي هئي. ڪوين بي آراميءَ سان مڙهه کي هر هر هٿ لائي ڏسي رهي هئي.

هائي ٿيپ چپ ۾ چڪ پاتو. ”اسان کي جنگ ۾ نقصان جي توقع نه ڪرڻ گهرجي.“ هن چيو، ”پر مون کي رڳو هن جي نانيءَ جو خيال ستائي رهيو آهي. ان ويچاريءَ ٻڍڙيءَ کي اسان ڇا چونداسين جنهن جو هي اڪيلو آسرو ۽ آڌار هو؟“

”ڏاڍو خراب نقصان.“ ٽونگيپ پنهنجو گلو صاف ڪندي چيو، ”مان هن جهڙو سٺو ڇوڪرو ٻيو نه ڏٺو هو. مان پاڻ ڳڻيو ته هن پورا ڇهه دشمن گوليءَ جو کاڄ بڻايا هئا. اُڃ مري رهيا هياسين تڏهن به هن جي چرچن کي بس نه آئي. ڪنهن کي به هن کان ڪا شڪايت ڪانه هئي.“

هائي ٿيپ آواز جھڪو ڪيو، ”هن جي پيءُ جون هاٺيون به هن غار ۾ ئي آهن. ٻئي مري ويا، پيءُ به ته پٽ به.“

”مان اڄ رات هن لاءِ دعا گهرندس، ”ٽونگيپ نهايت سنجيدگيءَ سان چيو، ”ته هن جي روح به ائين ئي خوش باش ۽ پرمسرت هجي، جيئن پاڻ جيئرو هو.“

”اهو ضروري ناهي،“ بارين وچ ۾ چيو، ”اهوئي ڪافي ٿيندو ته کيس بهترين پوشاڪ پارائي، سٺي ڪفن جي ٽڪري ۾ ويڙهيو وڃي.“

اوچتو ڪوين گھٽيل آواز ۾ چيو، اهو ڪم مان ڪنديس.

”هائو.“ هائي ٿيپ چيو، ”سندس ڪپڙن جي ڳوٿري هتي آهي. وڃي ڪو سٺو چونڊي اچوس.“

نام نهو اٿي ماڻهن کي چيو، ”توهان پنهنجن چوڪين تي وڃو. مان ۽ ڪوين هن جي سار لهنديوسين.“

ٻئي ڇوڪريون ڊئٽ جي ڳوٿري کڻي آيون. ڪچي ريشم جي ڀوري رنگ جي ننڍڙي ڳوٿري جا اسڪولي ٿيلهي کان ڪجھ وڏيرڙي هئي. ڪوين جي دل ڀرجي آئي، ڇو جو بلاشڪ اها سندس نانيءَ پنهنجي هٿن سان اُڻي هوندي. اندر هن کي هڪ ننڍڙي هڙ نيلان ۾ خبرداريءَ ۽ خيال سان ويڙهيل نظر آئي. هڪ سليٽي رنگ جو جوڙو، هڪ چتين لڳل ڪارو پاجامو ۽ هڪ ننڍڙو نوٽبڪ جنهن جي پهرين صفحي تي صدر هوچي منهه جو فوٽو لڳل هو، ۽ جنهن هيٺان ٻه لفظ لکيل هئا، ”چاچو هو.“

ڪوين سليٽي جوڙو ڪڍي ٻيا ٽپڙ سنڀالي ڳوٿريءَ ۾ موٽائي رکيا. ٻئي ڊئٽ طرف موٽيون، اتي رڳو اوت ۽ ٿئي ويٺا هئا. ڪوين کين ٿام ۽ بَي ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو.

اوت هائو ڪئي ته ٿئي زور ڀريو ته اوت کيس ڊڊيءَ تي کڻي هلي. اوت به کيس کلندو کڻي هليو. ننڍڙو ڪارو گلر ٻارن جي پيرن سان گڏ هلي رهيو هو. نام نهو موم بتي ڪوين کي ڏني ۽ چيو، ”ترس ته مان سندس منهن اُگھڻ لاءِ آلو ٽوال کڻي اچان.“ ڪوين بت بڻجي ڊئٽ جي نرڙ وارن ٽنگن کي آڱر سان ڇهي ڏٺو. پنهنجن ٻن گولين جو سوچي هن کي ڪا خاص خوشي نه ٿي رهي هئي. هن ان ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح ”هائي الله!“ جي رڙ ڪندي ٻڌو هو جنهن ڊئٽ کي گولي هئين هئي، ۽ پوءِ وري ٻئي کي به. هينئر هن کي احساس ٿيو هو ته هن ڪيڏو نه جوکم ۽ جرات جو ڪم ڪيو هو. سندس قسمت به ڊئٽ جهڙي ٿي پئي سگھي! ان وقت هن کي ان جو ذرو به احساس نه هو، ڇو جو ان مهل ان جي ذهن ۾ رڳو ڊئٽ جي ڪرڻ جا، ڀيڻ جي لڙڪڻ جا مِٽيءَ ۾ رکيل هاٺين جا هلڪا هلڪا ۽ گڊ مڊ ٿيل عڪس ئي تري رهيا هئا. ان وقت کيس هڪ ئي خيال ستائي رهيو هو ته خونين کي سزا ڏجي ۽ انهن کي ڪنهن به قيمت نه ڇڏجي.

جڏهن نام نهو موٽي ته ٻنهي مئل ساٿيءَ جا ڪپڙا مٽايا. ان کان اڳ ۾ هنن پنهنجي وڃايل ڀاءُ کي پويون غسل ڪرايو. پاڻيءَ جي قلت سبب هنن آلي ٽوال سان جسم تان مَر ۽ رت، پگھر جا داغ اگھيا، اهو پگھر جو سڄو هفتو لاڳيتو وهندو رهيو هو. ان بعد هنن کيس سليٽي جوڙو پارايو. ڪوين سندس ڪالر ۽ ڪفن کي ڇهي ان جا گھنج لاٿا. هو کيس نيلان جو ڪفن ويڙهڻ واريون هيون جو ايتري ۾ نگان اچي ويو. هن جھڪي لاش کي ٻانهن ۾ مٿي کنيو، ۽ پوءِ ان کي هيٺ پٿاريل نيلان تي سمهاريو. هنن ان کي ان ڪپڙي ۾ اهڙيءَ ريت ساري سنڀالي ٻڌو ڄڻ سندس مڙهه کي صدين تائين سلامت رکڻ جو خيال هجين . آخر ۾ لگان کڻي هڪ مٿانهين پٿر جي ٿلهي تي رکيو. ٻه منٽ ان اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو ۽ پوءِ چيو، ”هلو ته ٻين سان هلي مدد ڪريون.“

مرد سوراخ کي موڪرو ڪري رهيا. ڪم سولو هو. ايتري تائين هنن کي ڪجھ تجربو به ٿي ويو هو. ٿوري دير ۾ اهو ايترو وڌي ويو جو ماڻهو آسانيءَ سان نڪري پئي سگھيو. آخري سِر نڪتي ته هنن ڪَنَ سرلا ڪري ماٺ ڪئي. بارين پنهنجي گڊي لاٿي.

”پاسي ٿيو يار!“ هن چيو، ”هاڻي کوٽڻ جي ضرورت ناهي. هڪ لت سان ئي وڃي هيٺ پوندي.“

”سنڀالجان بارين.“

”خيال نه ڪيو.“

بارين سوراخ ۾ گھڙي ويو. سڀ چست ٿي بيهي رهيا. هڪ لت سان ٽُڪر جو ٽُڪر اچي هيٺ پيو. دشمن خطرناڪ گوليبازي شروع ڪري ڏني پر ڪنهن کي به ڪجھ نه ٿيو. بارين ٽهڪن ۾ اچي ڇٽو. جھٽ کان پوءِ ٻاهران گولي هلڻ بند ٿي وئي.

”هات هجين.“ بارين چيو ”ڏٺوَ نه. ڀت واري اسڪيم به ناڪام وين__ اسان اتي ئي آهيون ۽ هو به اتي ئي آهن. نه ڪو گھٽيو، نه ڪو وڌيو.“

”تون ٺيڪ ٿو چئين،“ هائي ٿيپ چيو، ”ٿورو اڳيرو اسان خبرداريءَ کان ڪم نه ورتو جنهن ڪري ڊئٽ جهڙو ساٿي وڃايوسين. پر ڀت واري معاملي ۾ به سندن اميدن تي ڀونڊو ڦيرائي ڇڏيوسين.“

”هاڻي اسان کي گوليءَ جي وسڪار نه ڪرڻي پوندي. ماٺ ڪري ويهي ٿا ڏسون، جيئن ئي ڪو نظر آيو ته هڪ ئي گولي ڪوپراٽي اڏائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ٿيندس.“

”واه، واه!“ هڪ چيو، ”هنن ته مزا ڪري ڏنا. ائين ڪرڻ سان بارود جي بچت ٿيندي.“

ٽونگيپ گھگھي آواز سان ڳالهايو، ”مان وهمي نه آهيان پر مان سچ پچ سمجھان ٿو ته آسماني قوتون اسان جو بچاءُ ڪري رهيون آهن، اُڃ مرڻ مهل اهو ري مندائتو منهن، ۽ هاڻي هي بنا محنت جي اڳيان ٻڌل ڪوٽ، ۽ سو به ان مهل جڏهن گوليون به کپي رهيون هيون! اسان کي انهن جو ٿورائتو ٿيڻ گھرجي.“

هر ڪو اچي کِل ۾ ڇٽو، سڀني ماڻهن کي اتي موجود ڏسي، هائي ٿيپ سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اسان کي وڌيڪ خبردار ۽ چست ٿيڻو پوندو. ست ڏينهن هنن وسان نه گھٽايو آهي__ بم، زهر، دونهاٽڻ، پرچاري فلمون ۽ ڀِت کڙي ڪرڻ. اسان کي ان کان به وڌيڪ ظالماڻي ۽ چالاڪي واري حملي لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ گھرجي__ زهري، ڪيميائي پد، يا ڊئنامائيٽ سان اڏائڻ، ڪهڙي خبر دشمن ڇاڇا رٿيندو هجي؟ پر هو اسان کي مات نه ڪري سگھندا. ڪيميائي هٿيار جي حالت ۾ پاڻ پٺتي هٽي وينداسين. ڊائنامائيٽ ڪو سندن بمن کان خراب ڪونه هوندو. هو هفتي کان حملو ڪري رهيا آهن ۽ اسان مان رڳو ٻه ڦٽيا آهن ۽ ٻه مئا آهن. هُنن جا نقصان ته سوَن ۾ آهن. جسماني طور اسان ڏاڍو ٿڪل آهيون، پر اسان جا حوصلا تازا ۽ جوان آهن. ۽ هو، پڪ ئي پڪ، حوصلا هاري ويٺا آهن. هيءَ ئي مهل آهي پنهنجي قوت ڏيکارڻ جي. وڌ ۾ وڌ هو پنج ڏينهن وڌيڪ اها ڪاروائي جاري رکي سگھندا. ڇو جو صوبي جي سياسي حالت کين پندرهن ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن مهم جاري رکڻ جي اجازت نه ڏيندي، سو به خاص ڪري تڏهن جڏهن ته هو پندرهن سؤ جي فوج هت وٺي آيا آهن. گذريل رات سندن ئي ريڊيي ٻڌايو ته ٿؤ علائقي ۾ اسان جي همراهن مٿن زبردست حملو ڪيو آهي.“

”هُرا، هُرا!“ ٽونگيپ رڙ ڪئي. ”اسين ڪٿي به کين سک جو ساهه سمهڻ نه ڏينداسين.“

”پر اسان جو کاڌ خوراڪ تمام ٿورو آهي.“ ڪوين وچ ۾ چيو، ”رڳو ڏهه سير کن چانور آهن جي ڪامي اڳينءَ رات آندا هئا. ان ڪري اسان کي چانورن جي راشن بندي ڪرڻ گھرجي ۽ روزانو کير وارو هڪ دٻو جانورن جو واپرائڻ گھرجي.“

”ڏهه سير… سترهن ماڻهو“ هائي ٿيپ چيو، ”جي هڪ دٻو روز کپايون ته به ٽي ڏينهن هلندا. ٿيندا به ٿورا، پر ٺيڪ آ… اسان ماڻهو ڪڍي ناريل ۽ جئڪ فروٽ پٽرائي وٺنداسين. مڙئي پنج ڏينهن ڪڍي وينداسين.“

”ناريل ٺيڪ آهن پر جئڪ فروٽ نه.“ اسان پاڻ ان ڏينهن ان جو سوچيو هو، پر باغن تائين وڃڻ جو ڪو رستو ئي ڪونه آهي. دشمن جي اتي ڇانوڻي.“

”چڱو، ان کي نه ڏسنداسين. جي هو ترسيا رهيا ته بک کان بچڻ لاءِ اهو به هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا هلائڻا پوندا.“

هائي ٿيپ هوا ۾ ناس هنئين کليو. ”فضا ۾ پڪل جئڪ فروٽ جي خوشبوءِ مون کي بک جو احساس ٿي ڏياري!“

بارين کيس چرچي ۾ ٺونشو هنيو ”ڇو ٿو وڌاءُ ڪرين ۽ اسان کي ته ڪابه بوءِ ڪانه ٿي اچي.“

هائي ٿيپ اڃا به کلندي چيو، ”ٻيو ڪو سوال؟ زخمي ڪيئن آهن؟“

”سندن ڦٽ مُڙي رهيا آهن.“ نام نهو چيو، ”پر ٿام ڏاڍو تنگ ٿو ڪري.“

”ڇو؟“

”سندس شڪايت بند ئي نٿي ٿئي. سڄو ڏينهن ٿو مٿو کائي ته هن جنگ ۾ ڪجھ نه ڪيو آهي پر جيڪو سو اسان کي تنگ ۽ پريشان ڪري رهيو آهي. جڏهن به دشمن حملو ٿو ڪري ته هو اٿي ٿو ويهي، ايلاز ٿو ڪري ته کيس وڙهڻ لاءِ وٺي هلان. منهنجي جواب ڏيڻ تي به هن جي آزي نيزاري بند نٿي ٿئي.“

”ان جي ڳڻتي نه ڪري“ لگان کليو، ”هو اڃا به رائفل ڇوڙي سگھي ٿو. پر اسان اڃان ايترا گھٽيا نه آهيون جو زخمين کي محاذ تي آڻيون. ان بابت مان ساڻس ڳالهائيندس. ها، چڱو جو ياد آيو، ڪوين! باڦي ۽ سندس جوڻس جو ڇا حال آهي؟“

”ٻين جيان کين به پورو چانورن ۽ پاڻيءَ جو راشن ڏيندي آهيان. زال ته پارن کان بس ئي نٿي ڪري. ڪالهه ته پيرن تي ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي. ”اسان کي نه ماريو! مان قسم ٿي کڻان ته اڳتي سڌري هلنديس!“ مون کيس ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ناٽڪ وجھڻ کان منع ڪئي، ته جيڪو سو وڌيڪ قسم وسيلا کڻڻ لڳي. اسان سڌري وينداسين! جو ڪوڙ ڳالهائيندي هجان ته خدا غارت ڪري. ۽ مون کي رسين کولڻ لاءِ ليلڙاڻڻ لڳي. پر مان سندس کيڏ ۽ کيڄ سمجھي رهي هيس.“

”تون درست هئينءَ.“ هائي ٿيپ چيو، ”چڱو ميٽنگ برخواست. باقي ٻئي ميڙ ۾ طئي ڪنداسين. محافظن کان سواءِ هر ڪو اچي آرم ڪري!“

لگان وڃڻ لڳو ته بارين وڌي وٽس آيو. هن کيس ٻانهن جيترو ڏنڊو ڏيکاريو، ”اڙي، ڪيئن ٿو ڀانئين؟“ هن چيو، ”جنهن به پهريان وک اندر وڌي ان جي ڪوپڙاٽي هن سان ڀڃيندس!“

لگان ڏنڊو هٿ ۾ کڻي وٺي توري تڪي ڏٺو ۽ ڪنڌ لوڏي چيو، ”هائو، سٺو آ. ڪٿان لڌئي؟“

جواب ڏيڻ بجاءِ بارين کلڻ لڳو.

(6)

اڄ 12 مهيني جو ويهون ڏينهن آهي. ٽيٽ ۾ باقي ڏهه ڏينهن ٻيا!“ ڪمانڊر سانگ پنهنجي پئراڇوٽ مان ٺهيل لڙڪندڙ بستري تي عضوا سڌا ڪندي ڪِر ڪِر ڪئي.

رات پوڻ شروع ٿي چڪي هئي. پر سڄي هان ڊئٽ ۾ ڏينهن واري جدوجهد ۽ ٺڪاٺوڪيءَ جو پڙاڏو اڃا گونجي رهيو هو. ماڻهن جي مال جي اچ وڃ کان اٿيل دز اڃا زمين تي نه ڪري هئي ۽ فضا ۾ لڙڪي پئي هئي. رکي رکي ڪنهن دير سان موٽندڙ مينهن جي رنڀ ٻڌجي رهي هئي. سامونڊين ڇولين جي شر شر ۽ سانت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گولي جي اڪيلي ٺڪاءَ رخنو وڌو پئي.

سانگ جي بدن جو عضوو عضوو ٽٽل هو ۽ روح ڪومايل ۽ اٻاڻڪو هو. هن کي لاچار عريضيءَ تي صحيح وجھڻي پئي هئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه زخمي سولجرن جي موت بابت جاچ ڪرڻ جي گھُر ڪيل هئي، بلڪل بي همت ٿي هن کي هاڻي ويساهه ۽ پڪ ئي نه پئي ٿي ته هو ڪو ڪجھ ڪري سگھندو. اوڻويهن ڄڻن کي پناهه ڏيندڙ غار هاڻي هن جي وِت ۽ وس کان ٻاهر پئي نظر آئي. پهاڙ جي چوٽي هن جي بي وسيءَ ۽ ويچارگيءَ تي چٿرون ڪري رهي هئي. پاڇن لڙي کان اڳ جڏهن هن اڃا عريضيءَ تي صحيح وجھڻ کان ٽال مٽول پئي ڪئي ته ان مهل ئي ليفٽينيٽ ٿؤ اچي کيس ٻڌايو هو ته ڀِت به دٻ نه جھلي. ان ڪري عارضي طور ۽ ٿڏي تي بي همت ٿي هن آخر ۾ صحيح پاتي هئي. جي اها کيس سڌ نه ملي ها ته مڙئي ڪو بهانو ڪري هنن کي ٽاري ڇڏي ها. ڪالهه هو اڄ کان وڌيڪ پُر اُميد هو. سندس ويساهه هو ته غار جي معاملي کي منهن ڏئي ويندا، پر هينئر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي رهيو هو.

اڄ شام جو ته اصل روح ئي کڄي ويو هوس. نئين حملي ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه رهيس. هان ڊئٽ جو وسندڙ ۽ سهڻو خطو به کيس هينئر کائڻ پئي آيو. سندس ان بانس واري ڪناري تان دل کڄي وئي هئي، جو اچڻ سان ئي کيس ڏاڍو دلڪش ۽ وڻندڙ لڳو هو ۽ جنهن تي روزاني تڙ ڪرڻ جو ارادو ڪيو هئائين.

ٽڪريءَ جي باري ۾ انهن نااميدي واري خيالن ۾ ئي هو جو ريڊيو آپريٽر جو آواز ٻڌائين. ”جيءُ، هي گئلنٽ (Gallant) آپريشن آهي. ڪمانڊر؟ هڪ منٽ مهربان.“

سانگ ٽپو ڏئي اٿي بيٺو. ”ڪير پيو سڏي؟“ هن آپريٽر کان پڇيو جو سندس دَر تي پهچي چڪو هو.

”گلوري (Glory) ڪمانڊر!“

سانگ اٿي بيٺو، ريڊيو روم ۾ ويو ۽ وڃي ڪُنڊ وارو فون کنيائين، ”هلو! گلوري؟ گلوري کپئي! آ، گلوري؟ جي، جيءُ مان ڪمانڊر سان گڏ آهيان......“ سندس آواز سڻڀو ۽ رسيلو ٿي پيو. هائو، ٻڌان پيو_ مان اڳ ئي معاملي جي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي.... اڃا طئي نه ٿيوآهي. ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي.......“ سندس منهن رنگ ڇڏڻ لڳو، ۽ پوءِ وري اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو.

”هائو. هائو، سجهندي کان اڳ ۾...... هائو، مان يڪدم حملو ڪندس!“ هن ڪن تان فون هٽايو ۽ ڌيان سان اٿي بيٺو.

”ڪمانڊر،“ ريڊيو آپريٽر چيو، ”وري حملو ڪرڻو پوندو ڇا؟“

”تون ٺيڪ ٿو سمجهين،“ سانگ سيٽجي وراڻيو، پر هن پنهنجي چپن تي آڱر رکي ۽ آپريٽر جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ڇڙو توکي ٿو ٻڌايان، پٽ_ اسان کي هتان جلد ورڻ لاءِ چيو ويو آهي.“

ريڊيو آپريٽر ڪنڌ ڌوڻيو. ظاهر هو ته هو ڏاڍو خوش هو.

ڪمانڊر، سيڪنڊ ليفٽيننٽ کي سڏ ڪيو، ”سڀني بٽالين ۽ ڪمپني ڪمانڊرن کي سڏي ڪٺو ڪري وٺ!“

نوجوان آفيسر ٽيليفون ڏانهن ويو ۽ حڪم ڏنو، پوءِ هن ٻه گئس وارا گولا ٻاريا ۽ ڪمري جي وچ ۾ رکيا. ڪمانڊر پنهنجي بستري تي اچي سگريٽ دکايو. رات وڌندي پئي وئي. سنجها جي ميرانجهڙي اوندهه ۾ جا ٽڪري گم ٿي وئي هئي، سا هينئر نيري آسمان جي پس منظر سان وڌيڪ چٽي ٿي پئي هئي.

عملدار پهتا ته سانگ اٿي ويٺو، ”فوجي صبر ۾ آيا؟“

”منهنجي ڪمپني ۾ ته صورتحال ٺيڪ آهي.“

”منهنجي ۾ ڪا خاص سٺي نه آهي. همراهه اڃا ڪرڪن پيا.“

”اها حالت منهنجي ڪمپني ۾ به اچي ٿي آهي. ماڻهو ڏاڍو باغي ٿيا ويٺا آهن.“

ڪمانڊر اٿي بيٺو، ”بس، بس! کوڙ آ!“ سڀني کي وچ ۾ ڪٽيندي هن چيو. ميز جي ڪنڊ تي بيهي، آڱرين سان ميز وڄائي هن کين خوشخبري ٻڌائي. عملدار ڪوشش ڪري ڇوٽڪاري ۽ جان خلاصي جي احساس کي مُنهن تي نه اچڻ ڏنو. سانگ آواز جهڪو ڪري چيو، ”اسان کي حڪم ٿيو آ ته سڀاڻي شام تائين، دير ۾ دير، ٽري ٽان پڄي وڃون. ان ڪري سڀني يونٽن کي سڀاڻي صبح جو 6 بجي کان اڳ هتان روانو ٿي وڃڻو پوندو، پر ان جي ڪنهن کي به سڌ نه ڏيڻي آهي. ڪنهن کي به ان بابت ٻڙڪ نه ٻولڻي آهي. اسان چپ چاپ تِرڪي هليا هلنداسين، سمجهيو؟“ هن سگريٽ جي رک جو ڦُلو ڇنڊيو. اهو پهريون نقطو هو! ٻيو تمام اهم نقطو: اڄ رات اسان کي غار ڊاهڻي آهي!“

اچرج ۾ پيل عملدار ڀرون تاڻي هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا. کين منجهيل ڏسي سانگ پٽار شروع ڪئي، ”منجهي نه مرو! اسان غار اُڏائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪنداسين. ان لاءِ ته ڪو ائٽم بم کپي! جيئن ته اسان وٽ اڃا ڪي ڊائناميٽ آهن سو اهي هڻڻ جي ڪبي. ليفٽينيٽ ٽُو؟“

”جيءُ سائين؟“

”ڊائنامائيٽ جا کوکا غار تائين پهچايا وڃن ۽ تون، سانهه، لائوڊ اسپيڪر لڳراءِ، ڌماڪي کان پوءِ تون ڳوٺ واسين کي سڌ ڏجانءِ ته غار اڏائي وئي آهي.“

”نتيجو کڻي ڪهڙو به هجي، ڪمانڊر؟“

”ناممڪن آ ته ايڏي بارود واپرائڻ کان پوءِ ڪو نتيجو نه نڪري، ناممڪن!“

ڪمانڊر ٽُو وچ ۾ چيو، ”شايد غار جي لنگهه ڊهي پوي. ويٽ ڪانگ رڳو ٿورو پٺتي هٽي ويندا، ۽ نتيجو اهو نڪرندو جنهن جي توهان کي اميد آهي.“

سانگ زور سان ميز تي مُڪ هنئين، ”ڇا به ٿئي اهو ڪرڻو اٿئي! وڃڻ کان اڳ ۾ مڙئي ڪو گوڙ گهمسان ڪرڻو آ.“

”ٺيڪ ٿا چئو. اسان کي کين ٻڌائڻو ۽ ڏيکارڻو آهي ته اسان ڪو ڪمزور يا هيڻا نه آهيون.“

هر ڪنهن ان خيال سان اتفاق ڪيو، ڪجهه وڌيڪ ڳالهائي سڀ برخواست ٿي ويا. تُو پويان رهجي ويو. ”ڪمانڊر،“ هن کي چيو، ”ڪڏهن شروع ڪيون؟“

”جڏهن وڻئي. ٿورو دير سان بهتر ٿيندو. ان مهل هو ستا پيا هوندا ۽ سولائي سان منجهائي هلاڪ ڪري سگهبا.“

”مان به ائين ٿو سوچيان. پر بارود ته سويل ئي مٿي کڻائڻ گهرجي.“

”اهو ته هاڻي ئي شروع ڪر. اسان کي حملو ته تڪڙو ڪرڻو آهي ۽ نه دير سان. اسان کي ڪئمپ صبح جو سوير پنجين بجي ٽوڙڻي پوندي. هاڻي ان حساب سان وقت جو دارومدار توتي ٿو رکان. ٿي سگهي ته اڌ رات جي وڳڙي ۾ ان مهل سندن سنتري به بيٺي بيٺي ننڊ جا جهوٽا پيا کائيندا هوندا.“

ٺيڪ آ ڪمانڊر، اڌ رات ٺيڪ ٿيندي.“

سانگ منظوري ڏني ۽ پوءِ سانهه ڏانهن ڦريو. ”ڏسجانءِ، متان ان مهل ننڊ اچي وڃئي.“

”نه، ڪمانڊر ائين ڪيئن ٿيندو. مقرر وقت تي منهنجو لائوڊ اسپيڪر ڪم ڪرڻ شروع ڪندو. خبر ڳوٺاڻن جون متيون منجهائي ڇڏيندي. هاڻي مان سوچيان ٿو ته گذريل رات فلم ڏيکارڻ ڪو صفا بيڪار ۽ بي فائدو نه ويو.“

ڪمانڊر ڪاوڙ ۾ چيو ”يار، ان ناڪاميءَ جو ذڪر وري ڇو ٿو ڪرين؟“

”پر ڪمانڊر، رات وارو فلم ۽ اڄ وارو ڌماڪو، ٻئي گڏجي پنهنجو اثر ڏيکاريندا!“

ڪمانڊر بي تحاشا کلڻ لڳو، ”ڪيڏو نه سادو آهين! منهنجا اڇا وار ڏس. مان توکان وڌيڪ ٿو ڄاڻان ته ويٽ ڪانگ ۽ ڳوٺاڻا ڇا ٿا ۽ ڪيئن ٿا سوچين. کين بيوقوف بنائڻ سولو نه آهي. تون اهو ٿو سمجهين ڇا ته هو هر ان ڳالهه تي اعتبار ڪندا جا تون کين چوندين؟ ائين نه آهي! مان اڳ ئي چيو آهي ته هتان هلڻ کان اڳ ۾ ڪجهه گوڙ گهمسان ڪرڻ ضروري آهي، بس!“

”بنا نتيجن جي هل هنگامو، ڪمانڊر؟“

”نتيجن کان سواءِ مان تنهنجي مراد ڇا آهي؟ بيوقوف آهين ڇا؟“

ڪمانڊر سوچيو پئي ته هو ان معاملي ۽ مهم بابت هڪ سٺي رپورٽ اعليٰ اختياريءَ کي ڏئي سگهندو، پر هن ان بابت سانهه کي ڪجهه به نه ٻڌايو.

ليفٽيننٽ ٽُو کي ڊائنامائيٽ غار وٽ پڄائڻ ۾ ڪابه ڏکيائي آو نه آئي. سندس ڪمپني جا ماڻهو باغين جي اثر کان بچيل رهيا. رڳو هڪ رڪاوٽ آڏو آيس، جو هڪ سپاهي ٿاٻڙيو ۽ زور سان اچي پٽ تي ڪريو.

(7)

ان ڪرڻ جي کڙڪي غار ۾ پهري تي بيٺل توليءَ ترانگ، لين ۽ هاءِ ڪاٽرين کي جاڳايو، ٽيئي ٽپو ڏئي اٿي بيٺا.

”ڪجهه ڪريو،“ ٽرانگ چيو.

”خبردار ٿيو.“

ٽرانگ ٽارچ ٻاري. ٻاهر غار جي سامهون، هرڪا شيءِ جيئن جو تيئن معمول مطابق هئي. ٻاهر رڳو بمن جا ڦاٽل ٽڪرا پکڙيا پيا هئا.

”ذرو اڳ ۾ ته ڪجهه به ڪونه هو.“ لين جهڪي آواز ۾ چيو،

”گهڙيءَ پل ۾ به صورتحال مٽجي سگهي ٿي، يا ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي. مان پاڻ ڪجهه ڪِرڻ جوآواز ٻڌو،“ ٽرانگ جواب ڏنو. ٿامپسن کڻي هو مهڙ ڏانهن ويو. ٻڌو، جي ڪو حملو آهي ته مون وٽ رڳو ڏهه گوليون آهن. منهنجي گوليبازي ختم ٿئي ته پنهنجون تلوارون هلائجو، ٺيڪ آ نه؟ جيڪواندر اچڻ جي ڪري کيس ٻه اڌ ڪري ڇڏيو.“

ٻنهي گوريلن پنهنجون تلوارون پڪڙيون. ”پر اسان کي جاءِ ڏيڻ لاءِ تون پٺتي هٽي اچجان.“

هو انتظار ڪرڻ لڳا. ڏهه منٽ، ويهه منٽ، ڪجهه به نه. آخر هو وري ويهي رهيا.ڪلاڪ ٿي ويو پر وري به خير ئي خير.

”ڪو لومڙ هوندو.“ هائي ڪاٺرين چيو.

”هائي، هت اوسي پاسي ۾ اهو جانور ٿئي ئي ڪونه.“ ٽرانگ جواب ڏنو.

هائي ڪاٽرين برتريءَ واري کل کليو. ”کوڙ آهن. تون هتان جو نه آهين سو خبر ڪانه اٿئي. هت سڀ ڪجهه آهي_ لومڙ، ڀولا، نانگ...... اصلي جهجها. وڏيون ڪميون به جنهن جا آنا وڏي ٽوڪري جيڏا ٿيندا آهن!“

”هن خفي کان واندا ٿي، هتان جي نانگ جو چسڪو وٺبو.“

”هن مند ۾ گهڻا ڪونه ٿين. باقي اجگر کوڙ. اجگر جو گوشت وڻندو اٿئي؟ بي سود ٿيندو آهي، جيستائين ته کل سوڌو نه کائجي.“

هائي ڪاٽرين ماٺ ڪرڻ وارو نه هو. ”توکي خبر نه آهي ته وڏي ڪمي آنا ڪيئن ڏيندي آهي؟ عجيب آ! جڏهن خشڪ مند ايندي آهي ته هوسمنڊ ۾ گم ٿي وينديون آهن. پوءِ پهرين طوفان سان ئي اهي هان ڊئٽ آنا لاهڻ هليون اينديون آهن. هڪ هڪ آنو پپيتي جيڏو ٿيندو آهي. اهي انهن کي واريءَ ۾ پوري ريت خبرداريءَ سان پوري ڍڪي پوءِ واپس سمنڊ ڏانهن هليون وينديون آهن. پوءِ جڏهن مينهن پوندو آهن ته ٻچا اُنهن مان نڪري ايندا آهن ۽ ان مهل ئي چري پري پنهنجي کاڌي جي ڳولا ۾ پاڻيءَ ڏانهن ويندا آهن.“

”عجب ڳالهه آهي!“ ٽرانگ حيرت ۾ اچي چيو.

هاڻي ڪاٽرين پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ بيان جاري رکيو، ”اڃا ته ان کان به وڌيڪ عيجب ڳالهيون آهن. مثال طور ڄاهو، هت ته ڏاڍو ٿئي، توکي خبر آ ته اهو نه نر ۾ آ نه ماديءَ ۾!“

”هٿ جون ٿو هڻين!“

”جيئن چوانءِ!“ هن وراڻيس، ”اسان وٽ ٻيا به ڪيترائي عجيب، نرالا ۽ اڻ لڀ جانور آهن، جڏهن سڄو ڏکڻ ويٽنام آزاد ٿي ويو ته مان ۽ ڪي دوست شڪار ڪري آسانيءَ سان شاهوڪار ٿي وينداسين.“

لين وچ ۾ ڳالهايو، ”مون کي به شامل ڪندين؟“

”توکي؟ نه، تون ته مسخرو آهين. شڪاريءَ لاءِ سنجيده ۽ ٿڌي دماغ وارو هئڻ ضروري آهي.“

لين کليو. ”ٻڌ ٽرانگ! توکي اڃا هائي ڪاٽرين جي خبر ڪانه پئي آهي. مڙئي چيڙائي ٿو ۽ چريو بڻائي ٿو. لومڙ، گدڙ، ڪمي ۽ نانگ ته پري رهيا، مان ته کيس ڪڏهن نوريئڙو ڦاسائيندي به نه سنڀران.“

هائي ڪاٽرين کيس جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقت سوچيو، ”ڏس!“ آخر هن چيو، ”7 مهيني جي 15 تاريخ تون برابر منهنجي گهر نانگ جو شوروو پيئڻ آيو هئين؟“

”برابر آيو هيس.“ لين وراڻيو، ”پر اها ٻي ڳالهه آ ته اهو نانگ اُوت ڦاسايو هو. تو زال اڳيان ڊاڙ هنئين ته تو ڦاسايو هو، پر توتي رحم کائي کيس ٻڌايم ڪونه ته تو ڊاڙ پئي هنئين. ۽ هاڻي وري مون سان ٿو چالبازي ڪرين؟“

”ڪهڙو اُوت؟ ڪيئن؟“

”توراؤ وارو ڇوڪرو، اهو به هت آهي، هن کان تصديق ڪرائي سگهجي ٿي.“

هائي ڪاٽرين ماٺ ڪرڻ بهتر ڄاتو. کيس شرم ۽ هٻڪ کان ڪڍڻ لاءِ ٽڙانگ وچ ۾ چيو، ”پر اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته هت ڪيترائي جهنگلي جانور آهن.“

”ان کان ڪير ٿو انڪار ڪري“ لين کليو.

هنن غار مان اندران اچڻ جو آواز ٻڌو. هائي ڪاٽرين اٿي بيٺو ۽ گفتگو جو موضوع مٽايائين، ”نگان جي ٽولي اسان کان وارو وٺڻ پئي اچي. هلو ته هلي ڪا اک ٻوٽيون. مون کي ته بيٺي بيٺي ننڊ پئي آئي.“

نگان، ڪوين ۽ ٽونگيپ سوڌو اچي پهتو، ”وقت ٿي ويو، وڃي هاڻي سمهو.“

”مار! ڏهه ٿي ويا؟“ لين رڙ ڪئي. ”هائي ڪاٽرين جي ڳالهين ۾ وقت گذرندي لکائي نه ڏني.“

ٽرانگ پهنجي رپورٽ ڏني، ”ٻڌائڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانه آهي، سواءِ ان جي ته ڪو ڪلاڪ کن اڳ ۾ اسان ٻاهر ڪجهه ڪِرڻ جو آواز ٻڌو.“

”هون؟“

”پر ان کان پوءِ ٿيو ڪجهه به نه آهي.“

”ماڻهوءَ جي ڪِرڻ جو آواز هو؟“

”توکي ته خبر آ، لومڙ به ٿي سگهي ٿو.“

”چڱو ٽارچ ڏينم.“ نگان ڳلکڙي مان جهڪيو ۽ ٽارچ ٻاريائين، ڪجهه به هو. هنن کان هڪ فوٽ اوري هو. سندس پريان ڪوين هئي ۽ ان جي پٺيان ٽونگيپ_ اڳين ٻنهي کي رائفلون هيون ۽ پوئين کي بارين وارو ڏنڊو. ٽونگيپ سگريٽ ٺاهيو ”اڃا ڪجهه بچت سچت تماڪ اٿم.“ هن چيو، ”ٽڪر تي سڪل پن تاڙيا اٿم، اهي به ڇڪڻ جهڙا هوندا!“

”توکي ڳوٺاڻن جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي جو هو سامان سڙو پڄائيندا رهيا آهن.“ نگان چيو، ”انهن جي سارسنڀال ۽ ساٿ کان سواءِ اسان هڪ ڏينهن به منهن ڏئي نه سگهون ها ۽ ويچاريءَ ڪلميءَ سان ڇا ٿيو، مان ته سچ پچ......“

ٻئي نوجوان روئي ويٺا، حالانڪ ان مهل ڪنهن به اها ماٺ جي مهر ٽوڙڻ نه پئي چاهي. تازي هوا جو هڪ جهوٽو غار ۾ گهڙي آيو. ٻاهر شايد تازي هوا گهلي هوندي ۽ ڪوين جي خيال موجب وير جبل کي ويجهو پئي پوندي آئي. اهستي آهستي سمنڊ جي ڇولين جو آواز وڌيڪ چٽو ٿيندو ويو.

”موسم وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي،“ ڪوين شڪايت ڪئي، ”مون کي ته ڳڻتي ڳاريو ٿي وجهي. سئو جي مارجڻ کان پوءِ امان سان الائي ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي؟“

”ها، ويچاري امي.....“ نگان چيو، ”پڪ ئي پڪ دل لاهي پئي هوندي...... توهان ٻنهي کي ڏاڍو چاهيندي هئي. پر سئو سان ڪجهه وڌيڪ سڪ هيس. هڪ دفعي مان کيس چوندو ٻڌو هو؛ سئو ته ڏهه سال به مڙس لاءِ اوسيئڙو ڪڍي سگهي ٿي، پر ڀؤ اٿم ته جيستائين ٻئي هڪٻئي سان ملن ئي ملن تيستائين ڪراڙا نه ٿي وڃن؟“

جهٽ پلڪ ڪوين سوچيو، ”اهو سچ آهي. مان سئو کان پوءِ آهيان ۽ ننڍي به“.

ٽونگيپ کليو ۽ بنا حجاب جي ڪوين کان پڇيائين، ”ڪوين، ٻڌاءِ ته، بلڪل صاف صاف جواب ڏي.“

”ڇا، چاچا؟“

ٽونگيپ ٿورو ترسي سگريٽ مان آخري سوٽو هنيو ۽ ٽوٽو زمين تي اڇلايو، ”مون کي به ايتري خاطري آهي جيتري تنهنجي ماءُ کي آهي، ته سئو، انتظار ڪرڻ جي قابل هئي. هاڻي سمجهه ته سڀاڻي نگان کي ڏهن سالن لاءِ يا ويهن سالن لاءِ ٻاهر موڪلين ته ڇا ڪندينءَ؟“

”پر ائين نه ٿيندو چاچا!“

”سمجهه کڻي ته ٿئي ٿو!“

ڪوين ماٺ ٿي وئي. ٽونگيپ زور ڀريس، ”جواب ڏي، جلدي ڪر!“

اونداهيءَ ۾ ڪوين ماٺ ٿي وئي. هن دل ۾ چيو، ”اهو به ٿي سگهي ٿو. مون ڪڏهن به اهونه سوچيو آهي.“ پوءِ هن زور سان ڪڙڪيدار نموني چيو، ”اهو ته ڪو سوال ئي نه آهي، مان هن لاءِ انتظار ڪنديس!“ ۽ هوءَ کل ۾ اچي ڇٽي.

”ٻڌوس!“ ٽونگيپ چيو، ”تو ٻڌو، نگان؟“

”منهنجا ڪن ايڏانهن آهن، چاچا؟“ نگان جي آواز جو لهجو تنگ ڪرڻ وارو هو، ”تون ڪنهن ٻئي کي مون لاءِ اوسيئڙو ڇو ٿو ڪرائڻ چاهين؟ مان ڪو خاص اهم يا مکيه شخصيت ته نه آهيان.......“

ڪوين کيس چهنڊي پائي بس ڪرڻ لاءِ ايلاز ڪيا. پوءِ پنهنجي کاڏي هن جي ڪلهي تي رکي کانئس چمي ورتائين، اهو سمجهي ته اوندهه ۾ ٽونگيپ کين ڏسي نه سگهندو.

نگان ظاهري طرح ڏانهس ڪو ڌيان نه ڏنو، پر اندر ۾ خوشيءَ وچان ٽڙي پيو هو. جنگ دوران اهڙيون مهلون ورلي اينديون آهن. ڪوين ۽ نگان کي به ٻين جوڙن جيان کليو کلايو ملڻ جو موقعو نه مليو هو، پر سدائين هو لڪل جاين پناهه گاهن، جهنگن ۾ ملندا هئا ۽ اڄ ههڙي تاڻيل ماحول ۽ اونداهيءَ غار ۾ هو بلڪل مطمئن هو، سندس پارٽي ساٿي، ٻانهن ٻيلي ۽ مڱ جي پيار کيس کڙو تڙو ۽ تازو توانو ڪري ڇڏيو هو. اوچتو هن ڪوين جو مٿو هٽائي پري ڪيو_ هن ڪو هلڪو آواز ٻڌو هو، جيئن پنن جي کڙکڙ ۽ سرسر جو ٿيندو آهي. هن ٽارچ ٻاري. لڪڙي ۾ ٻڌل هڪ ڀوري رنگ جي ڳوٿري هوريان هوريان ٽنگ وٽان اندر اچي رهي هئي. ان جي پويان هن دونهون ڪڍندڙ فيوز تار به ڏٺي. هڪ پل هو بت بڻجي وڌندڙ ڳوٿري کي ڏسندا رهيا. پوءِ هنن هوش سنڀاليو. نگان کي رائفل ۽ ٽارچ ۾ سوگهو ڏسي، ڪوين ڊائنامائيٽ ٿيلهيءَ ڏانهن اڇل ڏني، ان کي هٿ سان پڪڙيو ۽ يڪدم ٻاهر اڇلايو. پوءِ ليٿڙين پائيندي غار ۾ پٺتي هٽي. نگان ۽ ٽونگيپ به ائين ئي ڪيو. ٻاهر زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ان سان گڏ هڪ ڄڀي مٿي کڄي وئي. زمين تي ستل ڪوين ۽ ٻئي مرد ڌماڪي مهل ٿورو مٿي کڄي ويا ۽ سندن چوڌاري پٿرن ۽ مٽيءَ جو ڍير ٿي ويو. ڇوڪري ۽ هو ٻئي زخمجڻ کان بچي ويا. ڪوين اٿي يڪدم بندوق ۾ هٿ وڌو.

”پٺتي هٽي وڃ!“ نگان رڙ ڪئي.

هن ٽارچ ٻاري ڪوين ۽ ٽونگيپ لاءِ روشني ڪئي. پهرين موڙ تي هو رڪيا. ٽونگيپ زمين ڏانهن نوڙيو ۽ سهڪندي چيو، ”جي ٿورو ويجهو هجون ها ته اُڏامي وڃون ٿا. خدا کڻي بچائي ورتو!“

هائي ٿيپ ۽ ٻيا به ڊوڙندا آيا، ”نگان ڪٿي آهي؟ ۽ ٻيا؟“

”هيڏانهن. سڀ سلامت آهيون. ڊائنامائيٽ جو بنڊل هو.“ هن ٽارچ ٻاري، ”اتي ترسو. شايد ٻيو حملو به ڪن. بارين، تون به آهين نه؟“

”هائو.“

”تون ۽ تنهنجا ماڻهو به پهري ۾ مدد ڪرائين.“

”ٺيڪ آ.“

بارين، ٽونگيپ ڏانهن ويو ۽ وڃي ان جي پٺي ٺيپائين، ”سلامت ۽ صحيح، خدا جي فضل سان! هون! تون وڃي آرام ڪر. اهو ڏنڊو مون کي ڏي.“

ٻيو ڌماڪو ٿيو. ڌڌڪي سڀني کي ڏڪائي ڇڏيو. غار جي ڀتين سان پٿر ۽ ڪچرو ٽڪرائجڻ لڳا. غار ۾ عجيب و غريب آواز ٿيڻ لڳا، ڄڻ ٽَڪر ڦاٽي رهيو هو. گهاٽو ڪارو دونهون اٿيو.

”مان ٽارچ جهليان ٿو.“ هائي ٿيپ چيو، ”توهان رائفلون تاڻي بيهو. جيڪو سوراخ وٽ نظر اچيوَ، ڦهڪائي ڏيوس.“ نگان رائفل هڪ پٿر تي آڌاري بيهاري ۽ ڀرسان ئي ڪوين کي به اهڙي جاءِ ڏَسي. هن دونهين کي هوريان هوريان مٿي کڄندو ڏٺو. غار جي لنگهه واري ڀِت ڊهي چڪي هئي ۽ اتي رڳو سرن جو ڍير هو. ٽارچ جو شعاع هڪدم آرپار هليو ويو. جڏهن ٻيو دفعو شعاع ويو ته هنن ڍير تي هڪ دشمن فوجي بيٺو ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ ڊائنامائيٽ جو بنڊل هو. چئن ئي رائفلن مان هڪ ئي وقت گوليون نڪتيون. سولجر بُت ٿي ويو. سندس هٿ مان ڊائنامائيٽ ڇڏائي ويو ۽ اتي ئي ڪري پيو، جتي بيٺو هو ۽ فيوز ٻرندو رهيو. ڪوين اڃا هڪ ڇڀ جي پويان ويٺي مس ته زبردست ڌماڪو ٿيو.

ساڳيو ڏهڪائيندڙ ڌڌڪو ۽ پٿرن ۽ مٽيءَ جو وسڪارو. ساڳيو ئي ڪارو دونهون، پر فوجيءَ جو نالو نشان ئي ڪونه هو.سندس ڀرسان هڪ وڏو پٿر جو ٽڪرو اچي ڪريو. ٽارچ ٻرندي رهي ۽ انتظار ڪندا رهيا، سندن رائفلون منهن ڏانهن تاڻيل هيون، ان اميد سان ته اهو منظر وري ورجائبو. هڪ منٽ، پنج منٽ، پر ڪجهه نه ٿيو. بئٽري بچائڻ لاءِ هائي ٽيپ ٽارچ وسائي ڇڏي. وري جلد ئي اها ٻاريائين. تڏهن به ڪجهه ڪين هو. هن ڪيترائي دفعا ائين ڪيو، پر وري ڪجهه ڪين ٿيو.

”شايد موٽي ويا.“ بارين چيو.

”هوڙائپ نه ڪر،“ ٽونگيپ چيو، ”ٽارچ ٻاريل ئي رکو. جلد ئي چنڊ به چڙهندو.“

هينئر هو هوا جا گهوگاٽ به صاف ٻڌي رهيا هئا. لهرون ائين آواز ڪري رهيون هيون ڄڻ پپيتا گهرڪي رهيا هئا، نه اک ئي جهپڪي ۽ نه رائفل ئي لُڏي. ڪوين بي صبري ٿي پئي. ٽارچ جي ٻرڻ ۽ وسامڻ کيس هلاڪ ڪري وڌو هو هر ڀيري هن آڱريون گهوڙي تي پئي رکيون. هڪ پل لاءِ به سندس نظرون لنگهه کان نه هٽيون هيون. ڪا مهل آئي جو روشني کان سواءِ به لنگهه صاف نظر پئي آيو. هينئر سندن اڳيان اونده ڪانه هئي، پر نيري مُنهن وٽ اونداهي وڌيڪ چٽي پئي ٿيندي وئي. ڪوين هاڻي چانڊوڪيءَ ۾ سرن ۽ ڪچري جو ڍير چٽيءَ طرح ڏسي پئي سگهي. هائي ٿيپ فيصلو ڪيو ته وڌيڪ سيل کپائڻ بيڪار هئا. هن بارين تي پهري جو ڪم رکيو ۽ ٻين کي آرام لاءِ چيو.

باقي رات خاموش گذري. گذريل رات کان به وڌيڪ سک ۽ چين واري. ڪو ڌماڪو نه ٿيو ۽ نه ئي ڪٿان گولي هلي.

جيئن ئي ڏينهن اڀريو ته هنن لنگهه وٽ بچاءَ جو مورچو هنيو. هائي ٿيپ سنتري جي ڊيوٽي تي هو. هن باک ڦٽيءَ جي پهرين سجهندي کي غار جي کليل منهن مان ايندو ڏٺو. ”نيٺ ڏينهن آيو.“ هن رات جي موڪلائيندڙ پيلاڻ ڏانهن ڏسندي چيو. سمنڊ به ماٺ ٿي ويو هو. پکين چرچر شروع ڪري ڏني هئي. هائي ٿيپ کي گاهه تي پيل ماڪ به چٽي نظر اچڻ لڳي. هلڪي ۽ ٿڌي روشني فطرت کي وهنجاري ڇڏيو هو. هن چراگاهه کي ڪيترن ئي هنڌن لتاڙيل ڏٺو. پوءِ اوچتو هن جي نظر ڀرسان ئي پيل رتورت ڄنگهه تي پئجي وئي.

”ڏسو يار!“ هن ساٿين کي چيو، ”ڊائنامائيٽ ٿيل فوجي ڇا وڃي بچيو آهي.“

سندس پويان ڪنهن نڪ مان مڻو آواز ڪيو. هن منهن ڦيريو ته پويان ننڍڙي اُوت کي ٻانهن سان ننڊاکڙيون اکيون مهٽيندي ڏٺو. هٿ گوڏن تي رکي هن جهڪي ڪٽيل ٽنگ ڏانهن نهاريو. هن موڙو ڏئي چيو، ”ڏاڍو خوفناڪ ڌماڪو هو، نه چاچا؟“

”ڊائنامائيٽ جو تمام وڏو ڌماڪو هو. اهو به معجزو آ جو ٽنگ سلامت بچي آ. ۽ تون، اُوت، تون ڌماڪن مهل جاڳيو هئين؟“

جواب ڏيڻ بجاءِ اوت ٻاهر ڪجهه ڏسي رهيو هو. وڌيڪ چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ وڌي غار جي منهن وٽ آيو.

”ننڊ چڱي آئيي، اُوت؟“ هائي ٿيپ وري پڇيس.

پر ٻار جون اکيون وڌيڪ ڦاٽي ويون هيون. ”هو ڏسو! اچن پيا!“ هن ناريل جي جهڳٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

”ڪاٿي آهن؟“

اُوت جي آڱر جي اشاري تي ڏسندي هاٿي ٿيپ جهڳٽي جي ڪناري تي هجوم ڏٺو. ”پنهنجين پنهنجين جاين تي وڃو!“ هن رڙ ڪئي ”تيار ٿي بيهو!“

گوريلا ۽ اوت ڇپن جي پويان لڪي بيٺا هائي ٿيپ به گارانڊ ۾ گولي وجهي، اکيون دشمن ۾ کپائي بيٺو. هو هاڻي چراگاهن ۾ پکڙجي چڪا هئا. اُوت اکيون ڇنڀيون ۽ چيو، ”پر...... پر..... اهي فوجي ته ناهن.“

ٻن گوريلن به هن سان اتفاق ڪيو. ”برابر..... هي ته پنهنجا ماڻهو آهن! اڳيان اڳيان شايد ماتا ساؤ آهي، اڇي مٿي سان. آهي ته اُها.

هو وائڙو ٿي ڏسندا رهيا. کين اکين تي ويساهه نه پئي آيو. اُوت اشارو ڪيو ۽رڙ ڪئي، ”اهو بابا، اهو ئي آ!“

”عجب آ!“ هائي ٿيپ ڀڻڪيو، ”اسان کي گولي هلائڻ کان روڪڻ لاءِ اسان جي ماڻهن کي اڳيان ڌڪي رهيا آهن ڇا؟“

”پر پويان فوجي اٿن ئي ڪونه!“

”بهرحال تڏهن به لڪا رهو.“

ماڻهن جو هجوم ويجهو پوندو ويو. هاڻي صاف ٿي چڪو هو ته انهن جي پٺيان دشمن ڪونه هو. هائي ٿيپ هرڪنهن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو. ماتا ساؤ، بارين جي زال، توراؤ، ٽام چان، بيگم با اُو..... خدا جي پناهه هرڪو آ! سندس زال، ٽونگيپ جي زال، بيگم لين تو، سڄو هان ڊئٽ! ننڍا وڏا. هرڪو تکو ڊوڙي رهيو هو، جيڏو ڊوڙي پئي سگهيو. ڪي ٿڙيا پي، ٿاٻڙيا پئي، پر وري پاڻ جهلي ساڳي ڇال سان اڳتي وڌيا پئي. غار کان ويهه وکون کن پري پهچي هو بيهي رهيا. جهٽ لاءِ وري ماٺ ٿي وئي. پوءِ هٿ واتن تي رکي هنن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ”اوءِ! او! هو هليا ويا!“

غار مان ترت ڪوبه جواب يا موٽ ڪانه آهي. عورتن مان ڪي سڏڪن ۾ پئجي ويون. توراؤ ٽپي اڳيان اچي بيٺو ۽ زور سان رڙ ڪيائين، ”هلو! هلو! جيئرا آهيو نه؟“

هائي ٿيپ ٽپو ڏئي سرن جي ڍير تي اچي بيٺو ۽ سندس ڪڍ اُوت ۽ ٻه گوريلا به آيا. گارانڊجي موڪلائيندڙ پيلاڻ ڏانهن ڏ يج کيلل منهن مان ايندو ڏٺو. چٽي پئي ٿيندي وئي. . وري ورجائيو. ، جيئن پنن جي کڙکڙ ۽ سرسر جو ٿيندو آهي. و تڙو ۽ تازو تو هٿ ۾ کنيو هو توراؤ ڏانهن ڊڪيو ۽ وڃي کيس هٿ کان ورتائين. ٽام چان، هائي ٿيپ جي ڪلهن کي پڪڙيو، کل ۽ اکين ۾ ڳوڙهن سان چيو، ”الله سُنهن، مون کي ڀؤ هو ته ڀاڀيءَ کي رن زال ڪري وئين الائجي ڇا؟......“

يڪدم اوت ۽ ٻئي گوريلا به وڪوڙجي ويا. ڳوڙهن ۽ ٽهڪن جي ڇولين ۾ ڌڪجڻ ۽ ڇڪجڻ لڳا. هائي ٿيپ جي زال مرڪي ڪونه، هوءَ آلين اکين سان مڙس ڏانهن تڪيندي رهي. هو کيس پيلو ۽ هيڻو نظر اچي رهيو هو. هائي ٿيپ کين ٻڌايو ته سواءِ ڊئٽ جي سڀ ٺيڪ ٺاڪ هئا، ۽ ڊئٽ ڪالهه گذاري ويو هو. ”ٻار ڪٿي آهي؟“ هن جهڪي آواز سان زال کان پڇيو.

”سلامت آهن، کين پاڙي ۾ ڇڏي آئي آهيان.“

ڪيترن جي ئي ٻانهن ۽ ڀاڪرن مان پاڻ ڇڏائي اوت غار ڏانهن ڊوڙيو ته جيئن ٻين کي به سڏي اچي. هائي ٿيپ، ماتا ساؤ لاءِ واجهايو ۽ ان کي ڏسي اوڏانهن ويو. پر ماتا ساؤ هورا کورا ۽ اُڻ تڻ وارين وکن سان غار ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو هو. کيس هٿ ۾ رومال هو جنهن سان چپ اگهندي پئي وئي.

اوت جو سڏ ٻڌي هرڪو غار جي لنگهه ڏانهن ڊوڙي آيو. رڙيون، ٽهڪ ۽ سڏڪا. اوت جو ننڍڙو گلر به خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. ڀونڪندو هو هيڏانهن هوڏانهن ٽپي ڪڏي رهيو هو. هڪٻئي کي ڀاڪر پائي هو گولين سان چچريل ميدان ۽ ٽڪر ڏسندا رهيا. هائي ڪاٽرين، بَيي کي ڪلهي تي کڻي ٻاهر نڪتو. سندس ڄنگهون بار کان ڏڪي رهيون هيون. ٿئي کي ڊڊيءَ تي کنيو ڪوين سرن جي ڍير کان هيٺ ٽپي. ڪاربائين سندس ڪلهي ۾ لڙڪي رهي هئي.

ان گهڙيءَ ماتا ساؤ ڊوڙ پاتي، اوڇنگارن ۾ پئجي، هڪ ڳراٽڙيءَ ۾ ٻنهي کي جهليائين. خوشيءَ مان ٿئي جي رڙ نڪري وئي. پوءِ هن چؤطرف ڏٺو. سڀني جون اکيون هن ڏانهن کڄيون ته وري سانت طاري ٿي وئي. ”امان ڪٿي آ؟ ناني، امان ڇو نه آئي؟“ جڏهن نانهنس ڪا ورندي نه ڏني ته هن هيٺ پٽ تي لهي روئڻ شروع ڪيو، ”امان! امان؟“ هو هجوم ۾، هِن پاسي کان هُن پاسي جنون ۾ ڊوڙڻ لڳي. دکي نگاهن سان هرڪو لاچار ۽ بيوس ٿيو هن کي تڪي رهيو هو.

ٿئي جي هانءَ چيريندڙ رڙ تي ئي گوريلا هڪ هڪ ٿي غار مان نڪرڻ لڳا. نام نهو جي ڪلهي تي ٽيڪ ڏيو ٿام به منڊڪ منڊڪ ڪندو ٻاهر نڪتو. سڀ کان آخر ۾ سترهون نرڪندڙ ماڻهو نگان هو، جنهن جي ٻانهن تي ڊئٽ جو لاش هو. شفاف نيلان مان هو نوجوان جو چهرو چٽيءَ طرح سڃاڻي پئي سگهيا. ٽام چان، نگان ڏانهن وڌي آيو. ڪا جهٽ هن آڏو ماٺ ڪيو بيٺو رهيو. ماٺ ۾ ئي هن کانئس ڊئٽ جو لاش ورتو ۽ نيلان جي آرپار هن جي مُنهن کي گهوري نهاريو. ٽام چان جي منهن تي ڪي به ڀاونائون ظاهر نه ٿيون. سندس اکيون ساڪت رهيون، پر هوريان هوريان اهي ڳوڙهن ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون.

نگان جو منهن ملول، ٿڪل ۽ دز ۾ لٽيل هو. سڀني جي اها حالت هئي، ڪنهن جي به گڊي سلامت نه هئي. سڀني جون ٻانهون، ڪلها ۽ پٺا ڦاٽل هئا. خالي، بکايل ۽ وياڪل ۽ هينئر ته ٿڪ کين هٿوڙن جيان لڳي رهيو هو. ٿڪل ٽٽل پيرن سان هو ان واهڻ ڏانهن وڌيا، جنهن کي هنن بچايو هو. هفتي ۾ پهريون ڀيرو هو سج جو تؤ ۽ صبح جا ڪرڻا محسوس ڪري رهيا هئا. سوير جي صبح جا ڪرڻا گاهه تي پيل ماڪ جي ڦڙن کي چمڪائي رهيا هئا. ساوڪ کي چمڪائي هو ڀروسي سان ڀونءِ ۾ پهچي رهيا هئا، صبح جي هير پنن ۾ جان وجهي رهي هئي ۽ بانس جي لڏندڙ لمندڙ وڻن جي پويان، اُس ۾ چمڪندڙ لهرون، سمنڊ جي ڪناري تي اچي ختم ٿي ويون.