سفرناما

آمريڪا ۽ ڪيناڊا

محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آمريڪا ۽ ڪيناڊا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سائين محمد جمن ڄامڙي جو لکيل سفرنامو ”آمريڪا ۽ ڪيناڊا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 
ھي ڪتاب سنڌ ويزن، ڪراچي پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2020ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمد جمن ڄامڙي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ٻه اکر

ٻه اکر

سائين محمد جمن ڄامڙو صاحب جو هيءُ ٽيون ڪتاب سفرنامي جي شڪل ۾ منهنجي نظر مان گذريو آهي، جيڪو هن رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ حسين شهرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻهن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن.
هن ڪتاب ۾ هن سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان به ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن. هن ڪتاب جي ذريعي پڙهندڙ به سائين سان گڏ آمريڪا ۽ ڪيناڊا گهمي اچي ٿو ۽ دوستن سان خاموش ملاقات ڪري ٿو.
هي ٻئي ملڪ هن وقت دنيا جي مٿان حڪومت ڪن ٿا ۽ دنيا جي ذهين شخصيتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي وڃن ٿا. پوري دنيا جي ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهن سان گڏ اسان جي سنڌ جا اعليٰ دماغ به اتي سالن کان آباد آهن.
اچو ته هن ڪتاب کي پڙهون ۽ پنهنجي ملڪ کي به آمريڪا ۽ ڪيناڊا وانگر شاهوڪار بڻايون.

آغا نور محمد پٺاڻ
چيف ڪوآرڊينيٽر
انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽورڪ
اسلام آباد، پاڪستان
11 نومبر 2019ع

زندگي هڪ سفر آهي

زندگي هڪ سفر آهي

الله جي ذات بابرڪات پنهنجي مقدس ڪتاب ۾ حڪم فرمايو ته:
”اي انسانؤ! گهمو ڦرو ۽ منهنجي تخليق کي ڏسو عبرت وٺو، سوچ ۽ ويچار ڪريو، سبق حاصل ڪيو.“ (قرآن)
زندگي ته آهي نجو سفر، انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين سڄي عمر سفر ۾ آهي. انهي سموري ڄمار ۾ ڪيترائي سفر انسان کي طئه ڪرڻا پون ٿا. جڏهن انسان اڃان ٻار هوندو آهي ته سندس گهر کان پرائمري اسڪول جو سفر شروع ٿئي ٿو. انهي کان بعد هاءِ اسڪول جو سفر شروع ٿئي ٿو. انهيءَ کان بعد ڪاليج ۽ پوءِ وري يونيورسٽي جو سفر شروع ٿئي ٿو. انهي پڙهائي واري سفر ۾ مختلف مرحلن تي مختلف قسم ۽ خوبين جا دوست سفر جا حصو ٿين ٿا.
پڙهائي جي سفر دوران يا آخر ۾ مختلف مرحلن تي ڪي سفر جا ساٿي نوڪري، بزنس يا ڪنهن ڌنڌي سان لڳي وڃن ٿا.
نوڪري جي مختلف مرحلن تي مختلف ذهن جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو، ڪن وٽان سبق سکبو آهي ته ڪي وري سبق سيکاري ڇڏيندا آهن.
جيئن چوندا آهن ته زمانو استاد آهي. ٻئي انسان کي سيکاريندا آهن استاد ۽ زمانو، ٻنهي ۾ فرق صرف اهو آهي ته استاد اڳ ۾ سيکاريندو آهي، زمانو اڳ ۾ چوٽ هڻندو آهي پوءِ انسان سکندو آهي. يعني ايئن چئجي ته استاد جي سيکارڻ جو ڪم ٿيوري وارو عمل هوندو آهي. زمانو هڪ تجربيگاه هوندو آهي. شاگرد هميشه اهو بهتر سمجهيو ويندو آهي جيڪو ٿيوري ۽ پريڪٽيڪلس ۾ سٺو هوندو آهي.
ڪجهه وقت اڳ مون ۽ منهنجي محبوبه پاڻ ۾ ويهي ويچار ڪيو ته زندگيءَ جي سفر تي ڪوئي ڀروسو ناهي، تنهن ڪري هل ته هلون ڪجهه دنيا جهان جو سير ڪري اچون، باقي مري ته اوئين ٻيا ويندا اسان کي زندگاني گذارڻي آهي. پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ کان بعد اسان ٻنهي فيصلو ڪيو ته پنهنجي لخت جگرن سان به مشورو ڪجي پوءِ جيڏانهن وڃڻ جو فيصلو ٿيو، اهو گڏجي ڪيون.
اسان ٻنهي سڀني ٻارن سان مشورو ڪيو ته اسان هاڻي چاهيون ٿا ته اسان ٻئي دنيا جهان جو سير ڪيون. الله سائين جي فرمان جي به تعميل ٿي ويندي ۽ انهي سان گڏ اسان کي به سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي ويندو. جنهن بعد اسان سڀني گڏجي ويهي مختلف آپشنس تي غور و فڪر ڪيو. آخر ڪار معاملو اچي وسيلن تي اٽڪي پيو پوي.
منهنجو دل گهريو دوست ۽ انجي گهرواري، گهڻي عرصي کان مونکي ۽ منهنجي محبوبه کي چوندا ۽ زور ڀريندا رهندا هيا ته يار سڪ لڳي آهي اچو ۽ منهن ته ڏيکاري وڃو. جيڪڏهن ٽڪيٽ جا پيسه ناهن ته اسان هتان آمريڪا مان ٽڪيٽون موڪليون. مان ان دوست کي پنهنجي ڀائرن وانگر هر مرحلي تي ساڻ رکيو ۽ اسان ٻئي دل جي گهراين سان محبت ڪندا آهيون، پر مان کيس پيار مان ڊاڙي چوندو آهيان جو کيس ويساري جي عادت کان مجبور آهي.
اهو منهنجو جگري دوست تقريباً ويهارو سال اڳ پاڪستان مان آمريڪا ۾ وڃي آباد ٿيو ۽ الحمدلله هن وقت آمريڪا ۾ پنهنجي ڪهول سميت خوش و خرم ۽ پرسڪون زندگي گذاري ٿو.
هر انسان ۾ خوبيون ۽ ڪجهه ڪمزوريون به هونديون آهن. پر هي منهنجو دوست خوبين جو مجسمو آهي. سخي سچو ڪنهن جي برائي ۾ ڪونه، پنهنجي ڪٽنب ۽ ڳوٺ لاءِ وڏي ڇانو، يارن جو يار، منهن تي سچ چوڻ وارو، الله جي ذات تي يقين ڪامل وارو انسانيت سان محبت ڪرڻ وارو، بس رڳو ويساري جي مجبوري اٿس جنهن ڪري مان شروع کان جڏهن پاڪستان ۾ هوندو هيو تڏهن کان وٺي ڊاڙي چوندو آهيان. باقي جهڙو نالو اٿس ممتاز اهڙي طرح واقعي خوبين ۾ به ممتاز آهي. هن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر جو ڪارڻ به ممتاز ڀٽو صاحب آهي. جنهن سان اڄ انشاءَ الله واشنگٽن ڊليس انٽرنيشنل ايئرپورٽ (Washington Dulles Internationl Airport) تي لهڻ سان ٻکين پئجي آمريڪا جي سفر جو آغاز ڪبو.
ممتاز مونکي پيار مان چوندو آهي ته توهان مُلن مان ته مان اچي ڦاٿو آهيان. جڏهن به دل چاهيندي آهي ته مان ڪچهري ڪيان ته هميشه نماز جي بهاني ڪچهري اڌوري ڇڏي ڀڄي ويندا آهيو. مون سان گهر ۾ به اهو آزار، جڏهن ڪنهن ڪم لاءِ چوان ته منهنجي من موهنڙي چوندي ته اڳ ۾ نماز پڙهي وٺان. پر ڇا ڪريان جو مان بي وس آهيان، جو توهان ٻنهي سان دلي محبت آهي. يار توهان ٻئي نماز ڀلي پڙهو پر اسان جو به ته ڪجهه خيال ڪيو.

ll

دلربا دوست ممتازڀٽو جي واشنگٽن ۾ ميزباني

دلربا دوست ممتازڀٽو جي واشنگٽن ۾ ميزباني

23 اپريل 2019ع جو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن هيو. زندگي ۾ هر ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو ٿيندو آهي، پر اڄ جي تاريخ وارو ڏينهن منهنجي لاءِ چوٽيه ڪلاڪن جو هيو. ظهر نماز ۽ عصر نماز جي وچ وارو وقت جيڪو نارمل تقريباً چئن ڪلاڪن جو هوندو آهي، اهو اڄ تقريباً چوڏهن ڪلاڪن جو هيو.
صبح جو چار لڳي پنج منٽن تي فلائيٽ جو ٽائيم هيو، جنهن ڪري گهر کان رات ساڍي ٻارهن بجه روانه ٿياسين. هن کان اڳ مان ٻه دفعا آمريڪا مان ٿي آيو آهيان پر منهنجي محبوبه جو آمريڪا جي لاءِ هي پهريون سفر هيو تنهن ڪري ڏسيل ٽائيم کان ڏه منٽ اڳ تيار ٿي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ (Airport International Islamabad) هلڻ لاءِ اچي نمودار ٿي ۽ چوڻ لڳي ته جمن سائين ايئرپورٽ هلڻو آهي توهان اڃان تيار ٿيا ناهيو. پهريون ته مون پنهنجي اکين کي مهٽيو ته واقعي هي جيڪو مان ڏسان پيو واقعي سچ آهي يا ڪوئي خواب، پر جڏهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيائون ته جمن سائين اٿو ته هلون. گهر کان ٻاهر نڪري لفٽ به جلدي ۾ ڪال ڪري مونکي لفٽ ۾ سوار ڪري پارڪنگ ۾ اچي پهتاسين. جتان پوءِ وقت سر اسلام آباد جي هوائي اڏي اچي پهتاسين.
قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ وغيره جي سڀني مرحلن مان گذري اچي اميگريشن تي پهتاسين. قطار ۾ اسان کان اڳ صرف ٻه ڄڻا هيا. هڪ فيملي اميگريشن ڪائونٽر تي انهيءَ مرحلي مان گذري رهي هئي.
منهنجو اندازو هيو ته وڌ ۾ وڌ پنج ست منٽ اتي وقت درڪار ٿيندو، پر هتي ته سعوديه جي اميگريشن کان به وڌيڪ چست هيا. اسانکي اميگريشن ڪائونٽر تي پهچڻ ۾ تقريباً چاليهارو منٽ لڳي ويا. پويان هڪ ڊگهي قطار بيهجي وئي. جڏهن اسانجو وارو آيو ته تقريباً ٻه منٽ مس لڳا. اميگريشن تي ڪوئي عباسي هيو. مون چيو ته عباسي صاحب اڄ ته تو اسانکي سعوديه جي اميگريشن وارن جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. بهرحال اهو مرحلو پورو ڪري اچي لائونج ۾ داخل ٿياسين. جهاز پنهنجي مقرر وقت کان تقريباً ويهه منٽ دير هليو جنهنجو سبب اميگريشن جي معياري ڪم ڪار فرما هيو.
گهران نڪرڻ کان اڳ نيٽ جي معرفت چيڪ ان ۽ سيٽون الاٽ ڪرائي ڇڏيون هيون. اسان جي خواهش هئي ته اسلام آباد کان ابو ظهبي (Dhabi Abu) لاءِ ونڊو سيٽ وٺون ۽ ابو ظهبي کان واشنگٽن لاءِ وچ واري قطار ۾ وٺون جنهن ۾ ڪامياب ٿي وياسين. جنهن مطلب لاءِ ونڊو سيٽ ورتي اها اسانجي لاءِ ڪم واري ڪانه نڪتي، جو اسان جي هيٺان جهاز جا پکيڙيل وڏا پر هيا، جنهن ڪري جهاز مان يو اي اي (UAE) جو مٿان نظارو ڏسي ڪونه سگهياسين.
صبح جو تقريباً ستين وڳي هوائي جهاز ابوظهبي ايئرپورٽ
(Abu Dahbi International Airport) تي لنگرانداز ٿيو. جهاز مان لهڻ شرط ٽرانسفر مسافر واري نشان جي ڏنل هدايت مطابق هلڻ شروع ڪيوسين. ٿوري پنڌ تي سيڪيورٽي ڪليئرنس خاطر سڀني کي وڏي واڙ ۾ داخل ڪيو، جتان ست اٺ سيڪيورٽي ڪائونٽر ٺهيل هيا، جنهن مان سڀني کي هڪ هڪ ڪري ٻاهر ڪڍندا ويا. سيڪيورٽي مان نڪرڻ خاطر بوٽ، بيلٽ، ڪوٽ، جيڪٽ، واچ، واڍولا ۽ اليڪٽرانڪ جا سڀ ائٽم لاهي سيڪيورٽي مشين مان گذاري پار ٿياسين.
وري ان کان بعد هل هلان نه پنڌ کٽي نه جان ڇٽي، تقريباً ڏيڍ ڪلوميٽر جو گس پورو مس ڪيوسين ته آمريڪا جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ساڳيو طريقو سيڪيورٽي مان گذري وڃڻ کان بعد بورڊنگ ڪارڊ پاڻ وٽ رکيائون ۽ چيائون ته توهانجو سامان جڏهن هتان گذرندو تنهن وقت اسين توهان کي سڏ ڪنداسين. تقريباً ويهارو منٽ اتي ويهي انتظار ڪيو ته اسان کي سڏ ٿيو ۽ چيائون ته توهان اڳتي وڌو. ڏنل هدايت مطابق اڳتي وڌڻ شروع ڪيوسين، جيڪو تقريباً هڪ ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندي وري هڪ وڏي واڙ ۾ داخل ٿياسين، جتي آمريڪا وڃڻ لاءِ ڪسٽم ۽ بارڊر سيڪيورٽي (Custom and Border Security Agency) وارن هر هڪ جي اميگريشن ڪرڻ خاطر هر ماڻهو کان مختلف سوال جواب ڪيا. جنهن ۾ اهو ڪاٿو لڳائڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته آيا هي ماڻهو آمريڪا لاءِ فائديمند ٿيندو يا هاڃيڪار.
بهرحال جڏهن مونکان پڇين ته آمريڪا ڇو ٿو وڃين؟ مون چيو ته ارادو سير سفر ڪرڻ جو آهي، تنهن ڪري آمريڪا ۽ ڪيناڊا گهمڻ جو ارادو آهي. وري پڇڻ لڳا ته ڇا توکي مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون وغيره آهن؟ مون چيو آهن. پڇڻ لڳا ته انهن جي سار سنڀال ڪيئن لهندو آهين؟ مون چيو انهيءَ لاءِ ملازم رکيل آهن، جيڪي انهي مال جي سار سنڀال لهندا آهن. ان سان گڏ زمين به آهي. بهرحال مون انهن جي سوال ۾ جواب ڏنو ته تقريباً ٻه يا ٽي مهينا گهمڻ جو پروگرام آهي، انهن مونکي 6 مهينا آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ اسٽيمپ هڻي پاسپورٽ واپس ڏنو. انهيءَ سڄي پروسيس ۾ اسانکي تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اسان 2 ڪلوميٽر، 9 سئو ميٽر پنڌ ڪيو ۽ 44 هزار قدم کنياسين.
تنهن کان بعد اچي لائونج ۾ پهتاسين ته بورڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. تنهنڪري اسان کي لائونج ۾ ويهڻ جو موقعو مليو ئي ڪونه .
جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ هلندڙ قطار ۾ ڪاهي پياسين، جيڪي سيٽون اسان جي لاءِ مقرر ٿيل هيون، انهن تي وڃي ويٺاسين. سوا يارهن وڳي اعلان ٿيو ته جهاز پرواز لاءِ تيار آهي، سو مهرباني ڪري سيٽ بيلٽ ٻڌو ۽ سوار ٿيڻ واريون ٻه آيتون پڙهي باقي ايئرهوسٽس پنهنجي طرفان ڊمانسٽريشن ڪري پنهنجي جاءِ ورتي ۽ جهاز جي چرپر ٿيڻ شروع ٿي. ڪجهه دير بعد هوا ۾ بلند ٿيندي جهاز جي ڪپتان پهريان عربي ۽ انکان بعد انگريزي ۾ چيو ته اسانکي خوشي ٿي آهي ته توهان اسان کي خدمت جو موقعو ڏنو. اميد ته 14 ڪلاڪ 40 منٽن جو سفر آرامده گذرندو.
تقريباً جهاز جي اڏام کان ٻه ڪلاڪ کان بعد ظهر نماز پڙهي مس ته منجهند جي ماني جون تياريون شروع ٿي ويون. ايئرهوسٽس ٽري هٿ ۾ کڻي ٽي چار ماني جا طعام کڻي مختلف ماڻهن کي چٽ تي سيٽ نمبر وارن ۾ ورهائيندي وئي. جڏهن اسان پڇيو ته هي ڇا جي ڪري ٿا ڪيو؟ چيائون ته هن فلائيٽ ۾ ڪجهه ماڻهو خاص ڪري هندستان جا دوست ويجيٽيرين آهن ۽ اهي مخصوص کاڌو کائيندا آهن، تنهن ڪري اڳ ۾ انهن کي ڏئي پوءِ باقي ٻين کي ڏينداسين.
بهرحال جهاز ۾ ٻه ويلا ماني ۽ هڪ دفعو سنيڪس ڏنائون. جيئن ته ابوظهبي کان جهاز تقريباً منو ڪلاڪ دير هليو هيو، جيڪا دير آخر تائين برقرار رهي.
جهاز واشنگٽن ڊليس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شام پنج لڳي ايڪويهه منٽن تي رن وي تي اچي پير رکيا. جهاز مان نڪرندي ويهه پنجويهه منٽ لڳا. جهاز کان ٻاهر اچڻ تي سامان لاءِ هيٺ تير جو نشان هيو، اسان به ٻين مسافرن سان گڏ اوڏانهن هلڻ شروع ڪيو. جڏهن هيٺ پهتاسين ته ٻڌايو ويو ته هي ريل گاڏي توهان کي اتي هلي پهچائيندي جتان توهان پنهنجو سامان وصول ڪندا. ريل گاڏي ۾ سوار ٿي چار پنج منٽن جي فاصلي تي حڪم مليو ته لهو ۽ اڳتي وڌي پنهنجو سامان وصول ڪيو.
اسان جيئن سامان وصول ڪرڻ خاطر اوڏانهن وڌياسين ته هڪدم السلام عليڪم ۽ خوش آمديد جو آواز آيو. جيئن نيڻ کڻي اوڏانهن نظر ڊوڙائي ته سڄڻ (ممتاز حسين ڀٽو) سامهون بيٺو هيو. پوءِ ته خوشي جي انتها ڪانه هئي ۽ هڪٻئي سان ٻکين پئجي وياسين.

ll

رئيس ۽ ريسٽ روم

رئيس ۽ ريسٽ روم

دلربا، دلدار ۽ درياء دل يار جي ملڻ کان بعد سفر جو ٿڪ ته هڪدم خبرئي ڪانه پئي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. ممتاز صاحب اڳئي ٽرالي جهلي بيٺو هيو تنهن ڪري اسان کي ٽرالي جي تلاش ڪانه ڪرڻي پئي. سامان بيلٽ تي سامان جي اچڻ جو انتظار ڪيو تقريباً پنجويهه کان ستاويهه منٽن اندر سامان ملي ويو. سامان جي ملڻ کان بعد اسان محسوس ڪيو ته باٿ روم کي منهنڙو ڏيکاريون. جهاز ۾ جڏهن لهڻ جو وقت ويجهو ٿيو ته تقريباً اڌ ڪلاڪ اڳ خاص ڪري هندستاني ۽ پاڪستاني عورتن جهاز ۾ ليٽرين جي جاءِ تي ڪمانڊو ايڪشن ڪندي قبضو ڪري ورتو.
پهريون مون سمجهيو ته شايد باٿ روم جي وڃڻ جي حاجت ٿي هوندن، تنهنڪري ماکيءَ جي مک وانگر ڀون ڀون ڪري اچي گڏ ٿيون آهن، پر ٿوري ئي دير کان پوءِ محسوس ٿيو ته اندر جادوءَ جي ڪا ڇڙي پيل آهي، جنهن ڪري عورتون اچي گڏ ٿي بيٺيون آهن. ڇو ته جيڪا به عورت اندر وڃي پئي ته چار پنج منٽن کان بعد جڏهن ٻاهر نڪري پئي ته ساڳي ڪانه پئي لڳي. جيڪڏهن ڪا جُهور پوڙهي اندر وڃي پئي ته ڏهه ٻارهن سال عمر گهٽائي واپس اچي نمودار پئي ٿئي. جيڪڏهن اڌڙوٽ عمر جي اندر پئي وڃي ته ڇوڪري ٿي پئي نڪري. يعني ان جاءِ تي اچانڪ ڪا جادو جي ڇڙي عورتن کي هٿ اچي وئي ۽ اتفاق سان هڪڙي وقت سڀني ليٽرين وٽ صورتحال هڪجهڙي هئي، تنهنڪري اسان ايئرپورٽ تي باٿ روم جي تلاش ڪئي. باٿ روم يا ٽواليٽ جو لفظ لکيل ڪٿي نظر ڪونه آيو. مون ڀٽي صاحب کي چيو ته يار باٿ روم ڪاٿي هوندو؟ چيائين ته شايد تون عينڪ کڻي اچڻ ڀلجي ويو آهين. اهو سامهون جو لکيو پيو آهي...! مون وري به نظر کي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙايو پر مونکي نظر نه آيو. چيائين ته اهو سامهون ڏسين ٿو ڇا لکيل آهي؟ مون چيو ته ريسٽ روم. چيائين ته ان جي اندر وڃ توکي باٿ روم ملي ويندو. چوڻ لڳو ته يارتون ته ڪو صفا ڄٽ آهين. هتي آمريڪا ۾ باٿ روم ڪوئي ڪونه چوندو آهي، بلڪه ريسٽ روم چئبو آهي. مون چيو ته يار ڳالهه ته واقعي صحيح آهي، پوري جان کي آرام به واقعي بعد ۾ محسوس ٿيندو آهي، جڏهن رئيس پنهنجو دڳ وٺي نڪري هليو ويندو آهي تيستائين هڪ بيقراري وارو عالم هوندو آهي. پوءِ چاهي انجي عمر ۽ عهدو ڪهڙو به هجي پاڻهي اچي پيش پوندا.
ڪنهن سان به رعايت ڪانه، هي واحد ڪلام ٻيو اگهه ٿئي ئي ڪونه. ڪنهن جي مجال ناهي جو ڪير ٿوري دير لاءِ رئيس جي رستي روڪ ڪري.
ريسٽ روم ۾ جڏهن وياسين ته نظر ڦيرائي مسلم شاور ڏسڻ ۾ نه آيو، ٻاهر اچي ويسٽ پيپرن جو ٿهو ٺاهي پاڻي سان اچي ٽٻٽار ڪري اندر ويس ته جيئن ننڍڙي رئيس جي رستي روڪ نه ٿئي. ريسٽ روم مان ٽن چئن منٽن کان بعد واپس اچي ٻاهر ڀٽي صاحب کي هلڻ لاءِ چيو، جنهن چيو ته يار بيهه ته مان به انهيءَ بلا سان منهن ڏئي اچان. ممتاز صاحب ويو ٻن منٽن جي اندر واپس اچي ويو ۽ هلڻ جو اشارو ڪيائين. موسم اتفاق سان صفا اسلام آباد واري لڳي پئي هئي، ممتاز چوڻ لڳو ته يار اڄ ڏاڍي گرمي ٿي آهي، 30 سينٽي گريڊ درجي تي گرمي پهتي آهي.
ٻاهر نڪري پارڪنگ ۾ گاڏي وٽ پهچي سامان گاڏي جي ڊگي ۾ وجهي ڪار ۾ سوار ٿياسين. ڪار ۾ ويهڻ سان گونجندڙ آواز ۾ ممتاز چيو ته سيٽ بيلٽ ٻڌو ته هلون. ممتاز حسين ڀٽو واشنگٽن کان تقريباً ستر ميل پري هڪ پرسڪون ننڍڙي شهر هيگرس ٽائون ۾ رهندو آهي. بقول ممتاز ته هيگرس ٽائون (Hagers Town) جي آبادي تقريباً 35 کان 40 هزار هوندي. چوڻ لڳو ته آمريڪا ۾ هيءُ هڪ قسم جو ڳوٺ آهي، هيگرس ٽائون ۾ مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارا، مختلف ملڪن کان آيل پنهنجي پنهنجي مذهب تي رهندي هڪٻئي سان ڀائيچاري واري فضا ۾ هڪ ڇت هيٺان ساهه کڻون ٿا ۽ هڪٻئي سان انتهائي ادب ۽ خيال سان پيش اچون ٿا. هرڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي، ڪوئي ڪنهن جي ذاتي زندگي متعلق سوال ڪونه ڪري، نه وري ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي جهل پل آهي.
اسلام جي حڪم مطابق صفائي نصف ايمان آهي، جيڪا اسان مسلمانن جي ملڪن ۾ نظر ڪانه ايندي آهي سواءِ ڪجهه شهرن جي.
پر هتان جي صفائي ايئن آهي جيئن ڀٽائي صاحب چئي ويو ته:
اڇي پڳ م پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون

ٻاهران ته صفائي لاجواب پر جڏهن اندر جي صفائي جو معاملو اچي اتي ريسٽ روم ۾ صفائي لاءِ پاڻي جو جوڳو انتظام ڪونه آهي.
آمريڪا ۾ اچڻ سان خبر پئي ته ڇاجي ڪري پاڪستان ۾ مهاورتي طور چوندا آهن ته يار فلاڻي ماڻهو وٽ ماڻهو جي قدر ٽشو پيپر وارو آهي يا ٽشو ڪري استعمال ڪيو ۽ اڇلي ڇڏي ۽ پوءِ انکي ڏسي به نه.
هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته آمريڪا به دنيا کي ٽشو پيپر سمجهي استعمال ڪندو آهي، جهڙي طرح ريسٽ روم ۾ ٽشو پيپر استعمال ٿئي پيو. ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واقعي اهڙي نموني سان آمريڪا دنيا کي استعمال ڪري پيو. شام جو وقت هيو، رستي تي گاڏين جي ڀيڙ هئي هڪ ڪلاڪ جو پنڌ تقريباً ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري اچي يارڙي جي ڏيڍي تي پهتاسين. گهر اندر داخل ٿي سنج مس لاٿاسين ته چيائين اٿو هلو سڀ ماني جي لاءِ انتظار ۾ ويٺا آهن. ممتاز صاحب جي وڏي نياڻي جي گهر تي ماني جو انتظام ٿيل هيو، جتي ڊاڪٽر لياقت ڀٽو صاحب سگهرو پاڪستان کان اڳ ۾ پهتو هيو ۽ ممتاز صاحب جا ٻيا پٽ ۽ پوٽا ڏوهٽا اتي اسانجو شدت سان انتظار پيا ڪن.
پندرهن منٽ ڪار جي پنڌ تي وڃي باقي دوستن سان ملاقات ٿي ۽ ٽيبل تي اڳ ئي ماني تيار پئي هئي، سو ملڻ کان فوراً بعد ماني کائڻ ۾ جنبي وياسين. گهر جو تمام لذيذ کاڌو تيار ٿيل هيو، سو بي انداز کاڌو کائي وياسين. ماني کائيندي ڳوٺ ۽ سنگت ساٿ متعلق حال احوال ٿيا.
آمريڪا ۾ انسان کي روبوٽ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ وقت جو تمام گهڻو قدر هوندو آهي، تنهن ڪري صبح جوسوير زالين مڙسين ڪم ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري هرڪو پنهنجي مقرر وقت تي پنهنجي آفيس يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻو هوندو آهي، اتي پهچڻو هوندو آهي، تنهن ڪري ماني کائي هرهڪ پنهنجي گهر جو رستو ورتو ته جيئن صبح سوير ٻارن کي تيار ڪري آفيس لاءِ پاڻ تيار ٿي وڃڻ جهڙا ٿين. آمريڪا ۾ جنهن کان پڇ ته ڀائو تنهنجي آفيس تنهنجي گهر کان گهڻو پري آهي ته اهو صحيح ڪونه ٻڌائي سگهندو ته گهر کان آفيس پهچڻ تائين گهڻو وقت لڳندو، اهو بلڪل صحيح ٻڌائيندو ته سائين صبح جي ٽائيم مان گهر کان فلاڻي وقت نڪرندس ته هيترو وقت لڳندو جيڪڏهن فلاڻي وقت تي نڪرندس ته هيترو ٽائيم لڳندو. ٽريفڪ بلڪل ڊسپلن اندر هلندي آهي لڳندو آهي ته هتي جي گاڏين ۾ هارن لڳل ڪانهي جو رستي ۾ ٽريفڪ جي ڪري ڪيتري به قطار ڊگهي لڳي وڃي، ڪيترو وقت به انتظار ڪرڻو پويس ته نه هو قطار ٽوڙيندو نه وري هارن ڏيندو.
ماني ڳڀو کائي اسان به ممتاز حسين ڀٽو سان گڏ گهر ڏانهن راهي ٿياسين. رات جا تقريباً 11 وڳي گهر پهچي وڃي سمهي پياسين. صبح جو حسب معمول اٿي چانهه پي گهر کان ٻاهر نڪري واڪنگ جي لاءِ هلياسين ته جيئن هڪ ته علائقي جي خبر پوي، ٻيو اتان جي رهڻي ڪهڻي جي خبر پوي.
ٻاهر نڪرڻ سان جيڏانهن به نيڻ کڻي نظر ڦيرايون ته نجو سرسبز هجي، ڪا به زمين بغير ساوڪ جي ڪانه هئي، يا ته روڊ هيو يا وري سائو ۽ سرسبز جيڪو بلڪل مشين سان ليول ۾ ڪٽيل هيو. جيئن ته هيگرس ٽائون هڪ پهاڙ جي ويلي ۾ آهي تنهنڪري ٿڌڪار به مڙئي چڱو ٿئي ٿو. ٻهراڙي جو علائقو هجڻ سبب ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ جا فارم ڪافي نظر اچن پيا. مان ۽ منهنجي محبوبه هڪ فارم کي ڏسڻ لاءِ رخ ورتو، تقريباً هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي کٻي سڄي ڪافي فارم ڏسڻ ۾ آيا ۽ پاڪستان جي ڳوٺ وارو ماحول نظر آيو پئي پر فرق اهو ته دنيا جهان جي هر سهولت جهڙي وڏي شهر کي آهي، تهڙي ٻهراڙي جي گهر کي آهي.
اسان به دل ٻڌي پنڌ ڪندا وياسين، هڪ ڳئن جو ڊيري فارم نظر آيو اوڏانهن وڌياسين. جڏهن ڳئن جي ويجهو پهتاسين ته ڳچ پنڌ تي ٻه ڪتا بيٺا هيا، جن اسان کي للڪاريو ته خبردار جي اڳتي وڌيا آهيو. اسان ڪتي جي للڪار تي اتي بيهي رهياسين جڏهن ڪارو ڪتو تقريباً پنجن ڇهن مهينن جي وڇ جيترو اسان جي ويجهو آيو ته مون کيس چيو ته يار اتي بيهه، ته ڪتي منهنجي ڳالهائڻ تي چيو يار اهو اڳ ٻڌائين ها ته تون پنهنجو آهين. ڪتي ۽ اسانجي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي ۽ اچي پيرين پيو ۽ مون سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ منهنجي محبوبه جي وڃي قدم بوسي ڪيائين، بيگم صاحبه پنهنجي ساهه کي مُٺ ۾ رکندي ڪتي تي مٿان شفقت ڀريو هٿ رکيو.
پوءِ اسان ٽئي مان، منهنجي محبوبه ۽ ڪتو ٻاهر گڏ هلياسين ۽ اسان کي ڪتو رستو ڏيکاريندو وٺي ٻاهر گيٽ تائين هليو. اسان ڪتي کي چيو ته يار تون واپس وڃ، اسان کي رستي جي خبر آهي تڏهن به ڳچ پنڌ اسان سان گڏ هليو. جڏهن ڪتو اسان سان گڏ هليو پئي ته پويان انجو مالڪ گاڏي ۾ چڙهي آيو ۽ ڪتي کي چيائين ته هل واپس، پر انجي پهريان ته ڳالهه ڪونه پيو مڃي، پوءِ اسان ۽ ان مالڪ پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ٻڌايو ته مونکي هتي هڪ سئو ايڪڙ زمين مال جي گاهه لاءِ آهي ۽ 120 ڳئون آهن، پنج ٻار اٿم، اهي به اتي فارم تي گڏ رهندا آهن سواءِ هڪ پٽ جي، جيڪو 23 سالن جو آهي ۽ نوڪري ڪندو آهي.
مون پڇيو ته گهڻو کير روزانو جو وڪڻندو آهين؟ چيائين ته
8 هزار ليٽر کير هڪ ڏينهن ۾ ٿيندو آهي.

ll

واشنگٽن جو سير

واشنگٽن جو سير

صبح جو ٻهراڙي جو سير ڪري ممتاز صاحب سان پروگرام رٿيوسين ته اڄ هيگرس ٽائون (Hagers Town) جو مڪمل جائزو وٺبو ۽ جيڪي مکيه جايون آهن، انهن متعلق ٿوري گهڻي ڄاڻ به، ته جيئن اسين هن علائقي متعلق ڪجهه معلومات پاڻ به حاصل ڪيون ۽ گڏوگڏ دوستن سان به خبر چار کي ونڊيون. ناشتو ڪري اڃان مس واندا ٿياسين ته ڊاڪٽر لياقت ڀٽو صاحب فون ڪري ممتاز صاحب کي چيو ته اڄ واشنگٽن ڊي سي (Washington DC) گهمڻ جو پروگرام رکو، جو مونکي سڀاڻي آمريڪا جي هڪ ٻي اسٽيٽ ۾ وڃڻو آهي.
بهرحال واشنگٽن شهر گهمڻ لاءِ پروگرام فائنل ٿيو ۽ اسين ڊاڪٽر صاحب گڏ هڪ گاڏي ۾ واشنگٽن گهمڻ لاءِ تقريباً 12هين وڳي روانه ٿياسين. جيئن ته ڏينهن جو 12 وڳي ٽريفڪ روڊن تي نارمل هوندي آهي، تنهنڪري واشنگٽن پهچڻ ۾ تقريباً 2 ڪلاڪ وقت لڳو. آمريڪا جي رستن ۾ جيڪڏهن ڪنهن غلط جاءِ تان مين روڊ کان ٻاهر نڪري وڃو ته انجو مطلب ته اڌ ڪلاڪ ايڪسٽرا لڳي ويندا. بهرحال اسان هيگرس ٽائون کان نڪري ورجينيا اسٽيٽ (Virginia State) مان ٿيندا وڃي ريگن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان ٿورو پهريان ميموريل برج جي مٿان پوٽامڪ ندي (Potomac River) ڪراس ڪري وائيٽ هائوس (White House) ڏانهن رخ ڪيو. وائيٽ هائوس آمريڪا جي صدر جو سرڪاري گهر ۽ آفيس آهي. گاڏي ڪرائي جي پارڪنگ ۾ بيهاري اسان پنڌ وائيٽ هائوس ۽ ڪيپيٽل هل (Capital Hill) گهمڻ لاءِ هلياسين. وائيٽ هائوس وٽ ماڻهن جا هجوم لڳا پيا هيا. ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانه هئي نه وري ڪا پوليس اتي بيٺي هئي. وائيٽ هائوس جي سامهون روڊ تي هڪ ٻه سپاهي پري کان گهمندي نظر آيا، باقي هٿرادو جهنگلو لڳل هيو، جنهن مان اندر سڀ ڪجهه صاف ۽ چٽو نظر اچي رهيو هيو ۽ عام ماڻهو گروپ يا اڪيلي فوٽوگرافي ڪن پيا. اسان به وائيٽ هائوس جو نظارو ڪري پوءِ اڳتي وڌياسين. رستي سان رونق وارو ماحول لڳو پيو هيو. ڪنهن کي ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جي ڪابه خبر ڪانه هئي ته ڪير اچي پيو ته ڪير وڃي ٿو. پنڌ ڪندا وڃي يونين ريلوي اسٽيشن (Union Railways Station) تي پهتاسين. ٻاهران لڳو پئي ته ڪوئي فائيو اسٽار هوٽل هوندو. ماحول پرسڪون صاف سٿرو، نه شور نه شرابو، بلڪل خاموشي وارو ماحول. اندر داخل ٿيڻ سان لڳو ته ڪنهن وڏي ڪشادي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيا آهيون. بهرحال اندر گهمي ڦري ٻاهر نڪري آياسين. ڪيپيٽل هل بلڪل يونين ريلوي اسٽيشن جي سامهون هيو، سو اوڏانهن وڃڻ شروع ڪيوسين ته اڃان ٻه فرلانگ پنڌ مس ڪيوسين، اسان جي کٻي هٿ تي سينيٽ جي بلڊنگ نظر آئي. سينيٽ بلڊنگ جي سامهون ڪيپيٽل هل آهي، جتي آمريڪا جي ڪانگريس ويهي قانون سازي ڪندي آهي.
ڪيپيٽل هل وٽ صرف ٻه سپاهي نظر آيا، باقي ڪل پيران دا خير. ڪيپٽل هل جي بلڪل سامهون ڪانگريس جي لائبريري آهي. ڪيپيٽل هل جي سڄي پاسي ڊفينس جي وزارت جي بلڊنگ آهي. اتان واپس هيٺ لهندي هڪ ميدان آهي، جتي فورس بيٺل هئي، جو اتي ڪير اچي پنهنجو احتجاج وغيره ڪري سگهي ٿو ته انکي ڪنٽرول ڪرڻ خاطر ظاهري طور ڪجهه فورس نظر اچي پيو. ڪيپيٽل هل جي سڌائي ۾ ڳچ پنڌ تي آمريڪا جو مشهور مانيومينٽ (Monument) نظر اچي ٿو، جيڪو پوٽامڪ ندي جي طرف آهي.
واشنگٽن جيئن ته آمريڪا جو صدر مقام آهي، تنهنڪري هڪ کليل ۽ پلاننگ سان شهر تعمير ڪيو ويو آهي. واشنگٽن ۾ تمام گهڻا تاريخي ماڳ ڏسڻ لاءِ آهن، جن کي ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتو ڏهه ڏينهن گهرجن.
واشنگٽن ڊي سي (Washington District of Columbia)، پوٽامڪ ندي (Potomac River) جي ڪپ تي آهي ۽ ٻن رياستن جي سنگم تي هجڻ ڪري ورجينيا (Virginia) ۽ ميريلينڊ (Mary Land) رياستن جي عوام کي وڏي سهولت آهي، جيئن پاڪستان ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي اسلام آباد جي ڪري. صدر مقام جي هجڻ سبب اتي جي ماڻهن ۾ خوشحالي، روزگار ۽ ملڪيت جا اگهه وڌي ويا آهن.
غريب دنيا تي مالي طور قبضو ڪرڻ لاءِ ورلڊ بينڪ
(World Bank) ۽ آءِ ايم ايف (International Monetary Fund) جا هيڊڪوارٽر به واشنگٽن ۾ ئي آهن. واشنگٽن جي جنهن علائقي مان گذرڻ ٿيو ته انهي علائقي ۾ تمام وڏيون بلڊنگون نظر ڪونه آيون، باقي ٿي سگهي ٿو ته ٻي ڪنهن جڳهن تي هجن. جيڪي به 7-8 ماڙ بلڊنگون هيون، اهي تمام خوبصورت ۽ اعليٰ معيار جي تعمير جو نمونو هيون.

ll

ايئرپورٽ جا نظارا

ايئرپورٽ جا نظارا

واشنگٽن ڊي سي ۽ هيگرس ٽائون جو ذڪر اڳتي ڪتاب ۾ ايندو، انهن ٻنهي شهرن جي تاريخ متعلق جيتري ڄاڻ ملي سگهي، اها ڪتاب پڙهندڙن سان ونڊ ڪئي ويندي. بهرحال جيئن ته منهنجو پروگرام ڪيناڊا (Canada) وڃڻ جو آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪري جيتري به معلومات ڪيناڊا لاءِ ملي اها دوستن آڏو پيش ڪندس.
چار وڳي شام جو ايئر ڪيناڊا (Air Canada) جي فلائيٽ تي منهنجي سيٽ بوڪ ٿيل هئي، تنهن ڪري فلائيٽ اڏرڻ کان ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻو هوندو آهي، انهيءَ حساب سان اسان واشنگٽن ڊليس ايئرپورٽ (Washington Dulles International Airport) تي هڪ وڳي منجهند جو پهچي وياسين. ڪيناڊا جي فلائيٽس ۾ ماني وغيره ڪونه ڏيندا آهن، چاهي فلائيٽ پنجن ڇهن ڪلاڪن جي ڇونه هجي. تنهنڪري منجهند جي ماني سائين ممتاز حسين ڀٽو صاحب جي نياڻي ورجينيا (Virginia) ۾ پنهنجي گهر ۾ تيار ڪئي هئي، تنهنڪري گهر جي ماني کائي ساڍي ٻارهين وڳي گهر کان نڪتاسين . ايئرپورٽ تي پهچائي سائين ڀٽو صاحب پنهنجي گهرواري سان واپس وريو ۽ اسان وڃي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين. پندرنهن ويهه منٽن کان بعد بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪري اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿياسين. جيڪو به سيڪيورٽي کان گذري پيو ته مون ڏٺو ته زالين مردين ماڻهن جا هٿ پنهنجن جوتن ۾ هيا. وري ڏٺو ته جوتن کي ادب سان بيلٽ تي رکيل کاري ۾ پيا رکن. جوتن لاهڻ کان بعد وري سڀني جا هٿ پنهنجي پنهنجي ڪوٽن ۾ پئجي ويا. ڪوٽ به باادب طريقي سان بيلٽ تي رکيل ٽوڪري ۾ رکيا. فوراً بعد پينٽ ۾ پيل بيلٽ ۾ هٿ پئجي ويا هڪٻئي جي ريس تي سڀني پنهنجا پنهنجا بيلٽ لاهي پيش ڪيا. ٿوري دير ۾ وري ماڻهن پنهنجي کيسي ۽ ٻانهن جي جهڙتي ڏيندي موبائل فون، واچون ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ جو سامان ڪڍي پيش ڪيو. عورتن تي نظر پئي سونا زيور هٿ ۽ ڳچي ۾ پاتل لاهي بيلٽ تي رکيل ٽوڪري ۾ رکيا، انهي کان بعد اڳتي وڌندا ويا ۽ اڳيان بيٺل وردي ۾ ملبوس اهلڪار جي حڪم تي هٿ مٿي ڪري گذرندا پيا وڃن. اڳتي هلي هر هڪ پنهنجو سامان کڻي ٻئي مرحلي جي تياري ۾ لڳي پيو وڃي. مون ڏٺو ته عموماً عورتن جي بيگ کي تقريباً کولرائي پوءِ اڳتي وڃڻ لاءِ پيا چون. عورتن جي خاص ڪري جادو واري سامان جي تلاشي وٺن پيا، جڏهن انهن جو ڪمپيوٽر چغلي هڻي پيو ته هن بيگ ۾ جادو جو سامان گهڻو آهي.
اسان به جڏهن ڏٺو ته هتي هر هڪ سان اهو حال آهي، اسان به دير ڪانه ڪئي جوتي ۾ هٿ وڌا. پوءِ ان سڄي مرحلي مان نڪري پار ٿياسين. وڃي لائونج ۾ پهتاسين، اتي اڳ ئي ماڻهو پنهنجي فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٺا هيا. جڏهن اسان هوائي جهاز جي اڏي تي پهتاسين ته سج پنهنجي جوڀن ۾ هيو. جڏهن لائونج ۾ پهتاسين ته هڪدم انڌيرو ڇائنجي ويو. آندي ۽ طوفان سان گڏ وسڪارو شروع ٿي ويو جو ڏينهن پنهنجو وجود ختم ڪري رات کي چارج ڏئي پاڻ هليو ويو ۽ اهو منظر تقريباً اڌ منو ڪلاڪ هليو. ٿوري دير کان بعد طوفاني بارش ختم ٿي. انهيءَ کان پهريون ٻڌايو ويو ته جهاز ڪلاڪ دير سان اڏام ڪندو، وري ٿوري دير کان بعد چيو ويو ته ڪلاڪ ليٽ ٿيندي، آخرڪار ساڍا ٽي ڪلاڪ فلائيٽ اتان دير سان اڏام ڪئي، واشنگٽن کان ٽورنٽو (Toronto) واسطي. تقريباً هڪ ڪلاڪ ۽ ڪجهه منٽ جي اڏام کان بعد اٺ لڳي چاليهه منٽن تي ڪيناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ جهاز وڃي پير لڳايا. رن وي تان ٿيندي لائونج تائين پهچندي رات جا سوا نو ٿي ويا.منهنجي ڪنيڪٽنگ فلائيٽ ٽورنٽو کان ڪئلگري
(From Toronto to CALGARY) فلائيٽ جي اڏام جو وقت اٺ لڳي پنجونجاهه منٽ هيو، جيڪا پنهنجي مقرر ٽائيم تي اڏام ڪري چڪي هئي. اسان سان ٻيا ڪافي همراهه هيا، جن سان اها ويڌن ٿي هئي، تنهنڪري حڪم مليو ته قطار ۾ بيهو ته جيئن اسين توهانجي لاءِ ڪجهه ڪري سگهون. قطار الاهي وڏي هئي بهرحال جمن به جڳ سان وڃي پنهنجي محبوبه سميت قطار ۾ بيٺو.
ڍڳو پير پيران، مون کان اڳ ۾ سٺ ستر ماڻهو قطار ۾ بيٺا هيا. اسان جي قطار جي رفتار کان ته ڪِوِل به تيز هلندي آهي. قطار رٻڙ وانگر ڇڪجندي پئي وڃي ٿوري دير کان بعد مون پوئتي نظر ڦيرائي ڏٺو ته سٺ ستر کان وڌيڪ ته اسان جي پٺيان به آهن، آخر ڪار وڃي رات جي 12 لڳي 50 منٽن تي اسان وڃي ڪسٽمر سروس ڪائونٽر (Customers Service Counter) تي پهتاسين. قصه مختصر رات جي 01:30 تي اسان کي هوٽل ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ووچر ڏنائون ۽ چيائون ته هاڻي وڃي آرام ڪيو، صبح 11-12 بجه رابطو ڪري سيٽ جو پڇجو. هوٽل اتان بلڪل ويجهو هيو. هوٽل جو نالو ويسٽ ان (Westin) هيو. ايئرپورٽ مان نڪرڻ سان ئي ٿڌڪار خوب آڌرڀاءُ ڪيو. ڪن ۽ هٿ ته هڪدم ڳاڙها ڳٽول ٿي ويا، بهرحال ويهه ڊالر ڀري ٽيڪسي وٺي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل وارن کي ووچر ڏنو، انهن فوراً ڪمري جي چاٻي عنايت ڪئي، اسان وڃي ڪمري ۾ بستري تي ايئن ڪرياسين، جيئن ڪنهن ڪمزور مخالف جي مٿان چڙهائي ڪبي آهي، بستري تي ڪرڻ کان بعد ننڊ اسان کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي سڀ ٿڪاوٽون پري ڪري ڇڏيون. سمهڻ گهڙي تائين ممتاز ڀٽو رابطي ۾ رهيو ۽ صبح جو به ڀٽو صاحب جي فون تي ئي جاڳ ٿي.
ڪمري جي پردي کي پري ڪري ڏٺو ته سج مٿي چڙهي آيو هيو، سڀ کان اڳ الله جي ذات جو شڪر ادا ڪندي صبح جو آغاز ڪيوسين. هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ڀرپور ناشتو ڪرڻ لاءِ کاڌي جي رکيل شين جو سرسري جائزو ورتو. سڀ کان پهريان فريش جوس جي ٻن گلاسن کي ڏاگهي وڌو، پوءِ فروٽ جي پليٽ ڀري کاڌي سون، انهي کان بعد جن ۾ بلڪل تسلي هئي ته هي اسين کائي سگهون ٿا اهو کائي ڏاڙهي ۽ مڇ تي هٿ ڦيري اچي ڪمري تي پهتاسين.
ڪمري تي پهچڻ کان فوراً بعد ايئر ڪيناڊا سان رابطو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ تقريباً اڌ منو ڪلاڪ لڳو. ايئر ڪيناڊا (Air Canada) وارن چيو ته اڄ مشڪل آهي جو سڀ سيٽون بڪ ٿيل آهن. مون کين چيو ته منهنجي اڄ ڪيلگري ۾ ميٽنگ رکيل آهي، تنهنڪري توهان اڄ ڪوئي بندوبست ڪري ڏيو. ٿوري دير ۾ چيائون ته 2 وڳي آهي، ان تي توکي موڪليون ٿا، پنهنجي اي ميل (email) ڏي، مون اتي فون تي نوٽ ڪرائي بس ڪئي ته چيائين پنهنجي اي ميل چيڪ ڪر. اي ميل چيڪ ڪئي ته فلائيٽ جو شيڊول ڏنل هيو، مون کيس چيو ته what about my girlfriend? هوڏانهن فون تي ڇوڪري هئي، چيائين حوصلو رک، تنهنجي گرل فرينڊ توسان گڏ هوندي ۽ هاڻي ميل چيڪ ڪر. ٻيهر ڏٺو ته منهنجي محبوبه جي به ٽڪيٽ ريشيڊول ٿيل هئي.
ٽورنٽو کان ايڊمنٽن. (Toronto to Edmonton)
ايڊمنٽن کان ڪيلگري . (Edmonton to CALGARY)
ٽورنٽو کان چار ڪلاڪ فلائيٽ ٽائيم هيو ۽ ايدمنٽن کان ڪيلگري تقريباً ڪلاڪ جي فلائيٽ هئي.
جڏهن اسان ايڊمنٽن پهتاسين، هلڪي برف سان زمين جي مٿان سفيد چادر چڙهيل هئي، درجي حرارت ٽي سينٽي گريڊ هيو. تقريباً ٽن ڪلاڪن جي وقفي کان بعد ڪيلگري لاءِ فلائيٽ جي اڏام جو ٽائيم مقرر هيو پر ويهه منٽن جي دير سان جهاز اڏام ڪئي، ڪپتان ٻڌايو ته ڪيلگري جي موسم صحيح ناهي، برف جو طوفان پيو هلي. هاڻي توهان کي ڪيلگري جو طواف ڪرائي واپس ايڊمنٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي واپس پهچائينداسين. جهاز مان لهڻ جي تياري ڪئي پي ته ميل اچي ٺڪاءُ ڪيو ته توهانجي فلائيٽ سڀاڻي لاءِ ريشيڊول ڪئي آهي.
جهاز تان هيٺ لهڻ مهل هڪ ڇوڪري اسان کي هڪ ڪاغذ پڪڙايو ۽ چيو ته سوري توهان کي تڪليف پهتي، اسان کي خوشي ٿي.
واپس اچي ڪسٽمر سروس تي آياسين ۽ پڇيو ته ڀائي اسان جي لاءِ ڪوئي هنڌ کٽ کپي، چوڻ لڳا ته هي فلائيٽ موسم جي خراب هجڻ ڪري ڪينسل ٿي آهي ۽ توهان وڃو صبح جو اچي جهاز تي چڙهو. موسم جي خرابي ڪري اسان توهان کي ٻي ڪابه سهولت مهيا نٿا ڪري سگهون. مون ٿورو مڇ کي وٽ ڏنو ۽ چيو ته بين الاقوامي قانون مطابق جيڪڏهن اٺ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم آهي ته توهان کي اها سڀ سهولت ڏيڻي آهي، نه ته مان توهان تي وڪيل ڪري ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندس جو توهان اسان کي رستي ۾ رلايو آهي. ڇوڪري ٿوري پريشان ٿي ۽ چيائين ته هڪ منٽ مان مٿان پڇي اچان، ٻن ٽن منٽن کان بعد آئي ۽ هڪ ڪاغذ هٿ ۾ هيس ۽ مونکي اچي ڏنائين ۽ چيائين ته هي توهان جو هوٽل ۽ صبح جو ناشتو ۽ گيٽ نمبر 9 تان توهان کي شٽل سروس کڻي ويندي.
مون چيو ته هينئر رات جا 9 ٿيا آهن، ڊنر جو ووچر ڏيو، چوڻ لڳا ته سوري هي به اسان توهان جي خاطر ڪيو آهي، باقي اسان اها سهولت ٻين کي موسم جي خرابي سبب ڪونه ڏيندا آهيون. مون چيو ته انهي جو مطلب ته وڪيل جي معرفت توهان جي ايئرلائين کي ڪورٽ ۾ سڀاڻي گهرائڻو پوندو. انٽرڪام تي ڇوڪري ڪنهن سان ڳالهايو ته ٿوري دير ۾ هڪ ٻي ڇوڪري اچي پهتي ۽ چوڻ لڳي ته توهان ڊنر يا ٻيو جيڪو ٽيڪسي جو خرچ وغيره ڪيو، انهيءَ جي اسان کي ڏجو ته اسان توهان کي پئسه ڏينداسين.
عبدالستار هاليپوٽه صاحب فيس بوڪ تي منهنجو اسٽيٽس ڏٺو، تنهن ايڊمنٽن پهچڻ مهل فون ڪري چيو ته جيڪڏهن ٽائيم آهي ته مان اچي توهان کي شهر جو ديدار ڪرائي واپس ايئرپورٽ تي ڇڏيان. مون چيو ته ڀائو مهرباني ڪيلگري فلائيٽ لاءِ وقت گهڻو ڪونهي، باقي توهان ڏانهن چڪر هڻبو. جڏهن اسان واپس ڪيلگري جو طواف ڪري ايڊمنٽن پهتاسين ته سائين عبدالستار هاليپوٽه صاحب جو فون آيو ۽ چيائين ته واپس موٽي اچڻ تي خوش آمديد. اسان توهان کي ٽريڪ ڪيو پي ۽ خبر پئي ته توهان جي فلائيٽ واپس ايڊمنٽن پهتي آهي ۽ توهان اتي ئي بيهو جتي آهيو، مان پندرهن ويهن منٽن ۾ پهچي ويندس، مون کيس ٻڌايو ته گيٽ نمبر اٺاويهه (28) تي بيٺو آهيان. مون کيس ٻڌايو ته ايئرلائين وارن هوٽل ڏنو آهي، باقي توهان سان ڪچهري ضرور ڪبي. بهرحال هاليپوٽه صاحب چيو ته هلو ماني گهر تيار ٿي پئي آهي، ماني کائو، پوءِ انهي کان بعد ڏسنداسين. ماني کائڻ کان بعد نادري حڪم ٿيو ته مٿي توهان جو ڪمرو تيار پيو آهي، پنهنجا سنج لاهي آرامي ٿيو صبح جو ناشتو ڪري توهان کي هوائي اڏي تي پهچائي اينداسين. رات جي ماني کائڻ کان بعد شهر جو ٽرڙو چڪر ڏئي واپس اچي آرام ڪيوسين.
مونکي انوقت بي انتها خوشي ٿي، جڏهن سائين عبدالستار جي ڪار تي سنڌي ۾ نالو لکيل ڏٺم.
اسان آرام جي پرسڪون ننڊ ڪئي ۽ صبح جو چار وڳي ننڊ مان سجاڳ ٿي الله جو شڪر ڪندي صبح جو آغاز ڪيوسين.
ايڊمنٽن ڪيلگري کان اتر طرف تقريباً ٽي سئو ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. البرٽا صوبي جي گادي جو هنڌ ايڊمنٽن آهي، جنهن جي آبادي 13 لک جي لڳ ڀڳ آهي. البرٽا صوبي جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪيلگري آهي، جنهن جي آبادي ايڊمنٽن کان لک کن وڌيڪ آهي.
هتي جيڪا خبر پئي ته البرٽا ۾ آفريڪي ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي ۽ جيڪي آيا آهن، اهي سڀ هجرت ڪري آيا آهن، تنهنڪري گورن ۾ ڪارن جو رويو آمريڪا جي مقابلي ۾ سٺو آهي، ڇوته هتي ڏوهه گهٽ آهن ۽ قانون جي حڪمراني آهي. آفريڪن جن کي عرف عام ڪارا ڪري چوندا آهن، انهن جو آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم وارو ڪردار رهيو آهي، تنهن ڪري آمريڪا ۾ بليڪ ميل ڪندا رهندا آهن. بهرحال اهو سڀ هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي، حقيقت الله بهتر ٿو ڄاڻي.
اسان صبح جو ڀرپور ناشتو ڪري ايئرپورٽ ڏانهن پهچي سيڪيورٽي جي ساڳي صورتحال مان گذري اچي لائونج ۾ پهتاسين ۽ ٿوري دير ۾ ڪيلگري لاءِ بورڊنگ ٿي وئي.

ll

دلي آڌر ڀاءُ

دلي آڌر ڀاءُ

الحمدلله، الله رب العزت پنهنجي خصوصي ڪرم سان ڪيلگري پهچڻ کان اڳ منهنجي استقبال خاطر پوري علائقي تي سفيد ڪارپيٽ وڇائي آڌرڀاءُ ڪرايو. (White Carpeted welcomes) جنهن لاءِ مان جيترو به الله سائين جو شڪر ڪيان اهو تمام گهٽ آهي. ڪيلگري پهچڻ وقت يارهين وڳي ڏينهن جو مائنس ون ڊگري درجي حرارت هئي. سڄي رستي کي سفيد چادر سان ڍڪيل، اهڙو ته خوبصورت نظارو هيو جو ان مهل ۽ موقعي کي پوري زندگي وسارڻ آسان ڪونه ٿيندو.
بهرحال ڪيناڊا کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ٿوري گهڻي جاگرافي ۽ ٻي ضروري ڄاڻ حاصل هجي. مان صرف اها معلومات دوستن سان ونڊيندس، جيڪا مون کي دوستن ۽ ٻين طريقن سان معلوم ٿي سگهي آهي. هڪ ته اسان کي جيڪو ڪجهه پنهنجي پڙهائي واري دور ۾ معلومات ملي، ٻي جڏهن نوڪري ۾ آياسين ته مختلف دوستن سان مختلف وقتن تي ڪيناڊا متعلق خبر ملي، ٽيون جڏهن ماڻهو پاڻ ملڪ ۾ گهمي ڦري ڏسي ۽ جيڪو پاڻ محسوس ڪري. ڪنهن به ملڪ جي مختلف علائقن جي مختلف تهذيبن کان هتي اچي آباد ٿي رلي ملي وڃڻ ڪري جيڪو زندگي جو وهنوار هلي ٿو، انهي متعلق ڪوئي به حتمي چئي نٿا سگهون. تنهن ڪري جيڪو ڪجهه مان هتي لکندس اهو ضروري ناهي ته سئو سيڪڙو حقيقت هجي، پر ڪوشش هوندي ته جيترو لکان اهو حقيقت جي ويجهو هجي.
ڪيناڊا هڪ جمهوري رياست آهي ۽ ايئن موجب راڻي ايلزبيٿ کي پنهنجو تاج جو ڌڻي ڪري مڃن ٿا. ڪيناڊا هڪ ڪنفيڊريشن آهي، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي خودمختياري واري حيثيت آهي. ڪيناڊا ۾ ڪل 10 صوبا ۽ 3 ٽيريٽريز آهن. ٽيريٽريز يعني پاڪستان وانگر فاٽا جهڙا مخصوص علائقا آهن. جن تي صوبائي چاهي مرڪزي حڪومتن جو ڪنٽرول نالي ماتر هوندو آهي. انهن ٽيريٽريز جي مالي مدد مرڪزي سرڪار ڪندي آهي.
ڪيناڊا جو صدر مقام اوٽاوا (Ottawa) شهر ۾ آهي، جيڪو اونٽاريو صوبي جي حدود ۾ اچي ٿو.
ڪيناڊا جون ٻه سرڪاري زبانون آهن: انگريزي (English) ۽ فرينچ (French).
دنيا جي پکيڙ مطابق ڪيناڊا روس کان بعد وڏو ملڪ آهي، ڪيناڊا جي ڪل ايراضي 99 لک 84 هزار 670 ڪلوميٽر آهي. ايراضي جي حساب سان ڪيناڊا دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي.
ڪيناڊا جو وڏي ۾ وڏو شهر ٽورنٽو (Toronto) آهي. جنهن جي آبادي تقريباً 60 لک ٿيندي. ٻئي نمبر تي وڏو شهر مانٽريال(Montreal) آهي، جنهن جي آبادي تقريباً 40 لک آهي. ٽيون نمبر وڏو شهر وينڪوور (Vancouver) آهي، جنهن جي آبادي تقريباً 25 لک ٿيندي، چوٿين نمبر تي وڏو شهر ڪيلگري (Calgary) آهي، جنهن جي آبادي تقريباً 14 لک ٿيندي. پنجين نمبر تي وڏو شهر ايڊمنٽن (Edmonton) آهي، جنهن جي آبادي تقريباً ساڍا 13 لک ٿيندي. يورپي ماڻهن کان بعد هتي ايشيائي ملڪن جا گهڻا رهاڪو آهن. ڪيناڊا جي ڪل آبادي تقريباً پوڻا 4 ڪروڙ ٿيندي، جيڪا صوبي سنڌ کان به گهٽ آهي. ڪرنسي ڪيناڊين ڊالر آهي، جيڪا هن وقت پاڪستان جي 120 روپين جي لڳ ڀڳ آهي.
ڪيناڊا جا پنج ٽائيم زون آهن. يعني جيڪڏهن ڪيناڊا جي اوڀر ۾ منجهند جا ٻارهن ٿيا هوندا ته اولهه ۾ صبح جا ست ٿيا هوندا.
ايراضي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو صوبو قيوبيڪ (Quebec) آهي، جنهن جي پکيڙ تقريباً پوري ملڪ جي چوٿين حصي جيتري آهي. قيوبيڪ جي سرڪاري زبان فرينچ آهي. آبادي جي حساب سان ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي.
آبادي جي لحاظ کان صوبو اونٽاريو (Ontario) سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي. اوناٽاريو جو صدرمقام ٽورنٽو (Toronto) آهي. زمين جي پکيڙ ۾ ٻئي نمبر تي اونٽاريو صوبو آهي، جنهن جي پکيڙ پوري ملڪ جي ڇهين حصي جيتري آهي. اونٽاريو جي سرڪاري زبان انگلش آهي. ٽئين نمبر تي ايراضي ۾ برٽش ڪولمبيا (British Columbia) آهي، جنهن جو صدر مقام وڪٽوريه (Victoria) آهي ۽ وينڪوور (Vancouver) وڏو شهر آهي ۽ سرڪاري زبان انگلش آهي. آبادي جي حساب سان ٽيون نمبر وڏو صوبو آهي. چوٿون نمبر ايراضي ۾ وڏو البرٽا (Alberta) آهي، جنهن جو صدر مقام ايڊمنٽن (Edmonton) آهي ۽ وڏي ۾ وڏو شهر ڪيلگري (Calgary) آهي. البرٽا شاهوڪار صوبن مان هڪ صوبو آهي. هن صوبي ۾ معدنيات خاص ڪري گئس ۽ پيٽرول جا وڏا ذخيره آهن، ان کان علاوه هتي ٻيلا گهڻا آهن.
انهيءَ کان پوءِ باقي صوبه هي آهن: نوا اسڪوشه (Nova Scotia) جنهن جو صدر مقام ۽ وڏو شهر هيلي فيڪس (Halifax) آهي، سرڪاري زبان انگلش آهي. نيو برنسوڪ (New Brunswick) جنهن جو صدر مقام فريڊريڪٽن (Fredericton) آهي، هن صوبي جو وڏو شهر مونڪٽن (Moncton) آهي، هن صوبي ۾ انگلش ۽ فرينچ ٻئي سرڪاري زبانون آهن.
مانيٽوبه (Manitoba) سرڪاري زبان انگلش، نيوفائونڊلينڊ اينڊ ليبرادار (Newfoundland and Labrador) سرڪاري زبان انگلش، پرنس ايڊورڊ آئي لينڊ (Prince Edward Island) سرڪاري زبان انگلش، سسڪاچوان (Saskatchewan) سرڪاري زبان انگلش آهي.
ڪيناڊا جون ٽي ٽيريٽريز هي آهن: (1) نارٿ ويسٽ ٽيريٽريز (Northwest Territories)، (2) نناوٽ (Nunavut) ۽ (3) يوڪون (Yukon).

ll

ڪيلگري ايئرپورٽ

ڪيلگري ايئرپورٽ

جڏهن مان ڪيلگري انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪران پيو ته مون هيڏي هوڏي نهاري ايميگريشن اسٽاف کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پاسپورٽ تي اسٽيمپ هڻي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏين. مونکي ڪٿي به اهڙو نشان نه مليو جو ان طرف وڃي ايميگريشن جي مرحلي مان گذران. آخرڪار هيٺ لهي سامان کڻڻ جو اشارو مليو. مون سوچيو ته شايد سامان وصول ڪرڻ کان بعد اهو مرحلو اچي. جيئن مان مٿين منزل کان هيٺ آيس ته سامهون سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب اهل و عيال سميت نظر آيا ۽ ٽرالي هٿ ۾ جهلي بيٺا هيا، مان وڃي سائين جي قدم بوسي ڪئي. سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب ماشاءَ الله عمر جي حساب سان ڪافي چڱي تقريباً 85-86 سال ڄمار جا آهن پر الحمدلله چستي ۽ ڦڙتي ۾ اڄ جي نوجوانن کان وڌيڪ ڦڙت، چاڪ چوبند ۽ جانب نظر آهن.
سائين جي صحت جو راز اهو آهي ته سائين هڪ سچو انسان ۽ هر هڪ سان محبت ۽ خدمت ڪرڻ پنهنجي لاءِ معيار زندگي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
سائين غلام حسين سان منهنجو رشتيدار کان وڌيڪ عزيزائپ جو رشتو آهي جيڪو اڄ تائين اسان ٻنهي خاندانن ۾ آهي. جيڪڏهن مان ايئن چوان ته پوري ڄامڙا برادري ۾ اسان ٻنهي خاندانن جو رشتو وڌيڪ مضبوط ۽ احترام وارو آهي. تنهن ڪري مان يا منهنجا ڀائر ۽ سئو ٽ سائين غلام حسين يا سندس ڀاءُ جو وڏو احترام ڪندا آهيون.
سائين غلام حسين ڪيناڊا اچڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ هيا. 1967ع جي اوائل ۾ پاڻ ڪيناڊا آيا ۽ ڪيناڊا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ڪيناڊا گورنمينٽ ۾ سرڪاري نوڪري ملڻ ڪري اتي رهجي ويا. رٽائرمينٽ کان بعد ڪيلگري ۾ آب وهوا جي موافقت سان 1998ع ۾ اونٽاريو صوبي مان لڏي اچي آباد ٿيا.
اسان سائين غلام حسين سان ملاقات کان بعد پنهنجو سامان وصول ڪيو ۽ مون وري لوندڙي هڻي ايميگريشن اسٽاف لاءِ واجهايو پر ڪٿي نظر نه آيو. آخرڪار سامان کڻي اسين وڃي گاڏي ۾ ويٺاسين. مون يڪو پئي سوچيو ته ڇاجي ڪري اسان جي ايمگريشن ڪانه ٿي، آيا مون کان ڪو رستو ڀلجي ويو يا ڪا واقعي ايئرپورٽ تي ايميگريشن اسٽاف ڪونه ٿو ويهي.
جڏهن مان واشنگٽن کان ٽورنٽو آيس ته رڳو ڪسٽم متعلق هڪ ڪاغذ جهاز ۾ پڪڙاين، جنهن ۾ ايميگريشن متعلق ڪجهه به ڪونه مواد ڏيڻو هيو. بهرحال جڏهن ٽورنٽو کان ڪيلگري وايه ايڊمنٽن جي لاءِ بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺس ته منهنجي ٽڪيٽ جي بجاءِ صرف پاسپورٽ ڏٺو ۽ پاسپورٽ جي مٿان هڪ جهرلون ڦيريو ۽ بورڊنگ ڪارڊ اسان کي هٿ ۾ پڪڙايو ۽ انهيءَ کان بعد سيڪيورٽي جي سڄي پروسيس مان گذري وڃي لائونج ۾ پهتاسين. جڏهن ايڊمنٽن پهتاسين ته به ڪوئي ايميگريشن جو نشان نظر ڪونه آيو. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن اسان ايڊمنٽن کان ڪيلگري لاءِ ٽڪيٽ جي بجاءِ پاسپورٽ تي جهرلون ڦيريو ۽ بورڊنگ پاس ڏني.
سائين غلام حسين بعد ۾ مونکي ٻڌايو ته ڪيناڊا وارا پاسپورٽ تي ڪوئي اسٽيمپ ڪونه هڻندا آهن، باقي اڳتي جي لاءِ سوچ ويچار اٿن ته جيئن پاسپورٽ تي اسٽمپ هڻن.
گهر پهچڻ تي لنچ تيار هئي اچڻ سان هٿ منهن ڌوئي لنچ تي اچي ٽٽاسين، هڻي پيٽ کي ماني سان کنجيوسين. پوءِ آرام ڪري شام جو چانهه تي گڏ ٿياسين، حال احوال ٿيا ۽ ڪجهه ٻيا معاملا زير بحث آيا. خاص ڪري پاڪستاني جيڪي ٻاهر رهن ٿا، انهن کي پنهنجي ملڪ سان وڌيڪ لڳاءُ ٿئي ٿو، پوءِ جڏهن پاڪستان جي سياستدانن ۽ انتظاميه متعلق ٻڌن ٿا ته ڏاڍو افسوس ٿا ڪن.
ٻئي ڏينهن تي ڪيلگري کان تقريباً ڏيڍ ٻن ڪلاڪ جي ڊرائيو کان بعد هارس شو ڪينين (Horseshoe Canyon) گهمڻ وياسين، جتي گرمي پد تقريباً مائينس ٻه ڊگري هو. هيءُ اها جاءِ آهي جنهن جاءِ تي اڄ کان تقريباً ست ڪروڙ سال اڳ ڊائناسور (Dinosaurs) هوندا هيا، جيڪي برف جي وڏي گليشئر جي اچڻ ڪري ختم ٿي ويا ۽ بعد ۾ ماهر تاريخدانن انهي ماڳ تي سرچ ڪري ڪجهه ڊائناسور جون باقيات لڌيون.
رستي جي ٻنهي پاسي وڏا وڏا ايگريڪلچر فارم ۽ ڳئون نظر آيون. ليڪن ڪابه پوک وغيره پوکيل ڪانه هئي جو اتي صرف ميدان تي برف نظر پئي آئي. باقي ڪڻڪ جي ان رکڻ لاءِ وڏيون وڏيون ٽاور نما اسٽيل جون گنديون ٺهيل هيون، جتي هو اناج محفوظ ڪري رکندا آهن.

ll

مٺڙا شال ملن

مٺڙا شال ملن

اداري جي وابستگي انسان کي ايترو ته ويجهو ۽ عزيز ڪري ٿي ڇڏي جيئن اڃ ۽ پاڻي. مونسان عموماً ايئن ٿيندو آهي ۽ مونکي يقين آهي ته ٻين کي به پنهنجي اداري سان وابسته دوستن لاءِ محبت جي چڻگ ٻرندي هوندي.
الحمدلله مون کي اهو شرف حاصل آهي ته اسلام آباد يونيورسٽي پوءِ جيڪا 1976ع جي ڊسمبر مهيني جي 25 تاريخ تي قائد اعظم جي سئو سالا ولادت جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ يونيورسٽي اچي اسان جي سامهون نالو مٽائي قائداعظم يونيورسٽي رکيو. اڄ جيڪي به شاگرد قائد اعظم يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري ڊگري حاصل ڪن ٿا انهن سڀني کي قائدين چون ٿا. قائدين دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عزت ڀري مقام تي ويٺل آهن ۽ الله سائين جي در دعا آهي ته پوري عالم سان گڏ قائدين کي خوش وخرم رکي. آمين يارب العالمين.
قائدين چاهي ننڍو هجي يا وڏو، پر محسوس ايئن ٿيندو آهي جيئن جسم لاءِ روح. مان جڏهن واشنگٽن کان ڪيلگري لاءِ روانو ٿيس ۽ پنهنجو اسٽيٽس ڏنو ته ڪيناڊا جي مختلف علائقن مان سڀني قائدين جا ميسيج آيا ته ٿورو وقت اسان لاءِ به ڪڍجو. قائدين ته سڀ قائدين هوندا آهن پرجڏهن قائدين به هجي ۽ واسطو به سنڌ جي سرزمين سان هجي ته انسان لاءِ شهرڳ وارو مقام حاصل ڪري ڇڏيندو آهي.
سائين جميل احمد نظاماڻي ته منهنجي ايڊمنٽن کان ڪيلگري واري فلائيٽ کي ٽريڪ ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن فلائيٽ تي موسم جي خرابيءَ سبب ڪيلگري جي مٿان طواف ڪري واپس ايڊمنٽن پهتاسين ته سڀ کان پهريان جيڪو ميسيج مليو. انهي ۾ جهاز جي ٽريڪنگ جو تفصيل شامل هيو، جيڪو سائين جميل نظاماڻي صاحب موڪلي وارننگ ڏني ته خبردار تون اسان جي ريڊار تي ايئن آهين، جيئن هندستان جو جهاز پاڪستان جي ڊفينس جي ريڊار تي هجي. تنهنڪري جيڪو به پروگرام رٿين انهيءَ ۾ اسان جي رضامندي جو هجڻ ضروري آهي.
اسان هڪدم هٿ مٿي کڻندي انهي وارننگ جي خطري کي ڀاپيندي دوستي جي لاءِ هٿ ڊگهو ڪيو ۽ سائين غلام حسين ڄامڙو کي عرض ڪيم ته سائين منهنجا مان قائدين مان آهيان، تنهنڪري جيڪو توهان پروگرام منهنجي لاءِ ٺاهيو آهي، انهي ۾ ٿوري ردوبدل ڪندي گنجائش رکو. سائين شفقت سان چيو ته مون صرف احمر نديم ميمڻ صاحب لاءِ اڳئي گنجائش رکي هئي، ڇو ته احمر سائين مونکي توهانجي لاءِ اڳ ۾ چيو هيو. بهرحال جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته مان پروگرام ۾ ردوبدل ڪيان ته مان تنهنجي دل رکڻ لاءِ ايئن ڪندس. مون چيو ته سائين مهرباني.
جميل نظاماڻي صاحب سان مون شام جو وقت گڏ هلڻ ۽ گذارڻ لاءِ نظاماڻي صاحب جي خواهش مطابق وقت ڪڍيو. حالانڪ انهي کان اڳ منهنجي نظاماڻي صاحب سان ملاقات ڪانه ٿيل هئي، پر جيئن چوندا آهن ته:
قائدین نام ہی کافی ہے۔
نظاماڻي صاحب ۽ سندس وني اهڙي پيار ۽ پاٻوه سان مليا جو تاجل بيوس چواڻي، ”سنڌ سان اهڙي جند جڙي، جو ٻيا سڀ نعرا وسري ويا“ اسان پاڻ ۾ ايئن ملياسين جيئن مٺڙا شال ملن.
الله سائين جي فرمان مطابق الله جميل آهي ۽ جميل شين کي پسند ڪندو آهي. اهڙي طرح جيئن سائين جميل جو وڏڙن نالو جميل رکيو آهي، تهڙو وري اخلاق ۾ جميل آهي. انهي کان وڌيڪ سائين جميل خوش نصيب جو سندس گهرواريءَ به ماشاءَ الله اخلاق جو اعليٰ نمونو آهي، الله سائين جوڙي کي سدا سلامت رکي.
سائين نظاماڻي صاحب اسان کي ٻڌايو ته مان توهانکي شهر جو ٽرڙو چڪر ڏياري پوءِ ماني هلي گڏ کائينداسين ۽ سائين احمر نديم ميمڻ صاحب به فيملي سميت اتي هوندو. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته سائين نديم سان ٻه دفعا ملاقات ٿيندي. سائين احمر نديم ميمڻ صاحب نظاماڻي صاحب جي اچڻ کان اڳ فون ڪري پڇيو ته سائين مڇي کائبي يا نه؟ مون چيوته سائين بلڪل کائبي.
مونکي سڀ کان وڏي خوشي اها ٿي ته هتي ڪيلگري ۾ تقريباً ڏيڍ سئو کن سنڌين جا گهر آهن. نظاماڻي صاحب هتي ڪيلگري جي ميونسپل آفيس ۾ ريسپانسبل پوسٽ تي ڪم ڪري ٿو. گهمڻ سان گڏوگڏ هتان جي ماڻهن ۽ علائقي متعلق حال احوال ٿيا.
سڀ کان پهريان اسان کي بو ندي (Bow River) تي وٺي هليو، جتي هڪ خوبصورت فيملي پارڪ هيو، جيڪو اونهاري جي موسم ۾ وڌيڪ رونق افروز هوندو آهي. ندي جي ڪناري تي سائيڪل ۽ واڪنگ لاءِ ٽريڪ ٺهيل هيو. جنهن وقت اسان ان پارڪ ۾ گهمياسين پي ته مون پري کان ندي جي ڪناري هرڻين جو ٽولو ڏٺو، جڏهن اهو ڌڻ ويجهو ٿيو ته خبر پئي ته اهي هرڻيون چئن ٽنگن واريون ڪونه هيون پر ٻن ٽنگن واريون ڀوريون هرڻيون هيون جيڪي رننگ ۽ جاگنگ ڪنديون وڃن پيون.
انهيءَ پارڪ کان بعد اسين وچ شهر ڏانهن رخ ڪيو. سبحان الله ڪشاده رستا ۽ ٽريفڪ جو وهنوار اعليٰ هيو. اڳتي هلي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ڪيلگري ٽاور هيو، جنهن تي چڙهي شهر جو نظارو ڪيوسين، جيڪو نهايت خوبصورت ۽ يادگار رهندو. انهيءَ دوران آهستي آهستي برفباري به شروع ٿي وئي.
نظاماڻي صاحب ٻڌايو ته هن شهر ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنين جون آفيسون هتي آهن. ڪيناڊا ۾ تيل ۽ گئس هن صوبي يعني البرٽا (Alberta) مان نڪرندو آهي. هتي گهٽ ۾ گهٽ مزدور جي مزدوري پندرهن ڊالر هڪ ڪلاڪ جي آهي، انهي کان جيڪڏهن ڪو گهٽ ڏيندو ته قانون جي گرفت ۾ اچي ويندو.
ڪيلگري شهر جو ميئر اسماعيلي مسلمان آهي ۽ ٽيون دفعو لڳاتار چونڊ کٽي آيو آهي. شهر جي آبادي تقريباً 14 لک آهي ۽ ڪل 14 ڪائونسلر آهن. جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي آيا آهن. ميئر جي اليڪشن لاءِ پوري شهر جو عوام ڊائريڪٽ ووٽ ڏئي چونڊ ڪندو آهي.
شهر مان گهمندا هوٽل تي پهتاسين، جتي سائين احمر نديم ميمڻ ۽ سندس گهرواري اڳ ئي پهچي ويا هيا. هوٽل اندر داخل ٿيندي ساڄي طرف مڙڻ جو اشارو مليو، جيئن مون نظر ڦيرائي ڏٺو ته سائين احمر نديم ميمڻ صاحب پنهنجي مڇ کي وٽ ڏئي اڳتي وڌيو ۽ اسين ٻئي ٻکئين پئجي وياسين. ٿوري دير کان پوءِ نظاماڻي صاحب وڌي اسان جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته سائين سندري مان هٿ ڪڍو ته جيئن اسين به سائين احمر سان سينو ملايون. سائين احمر صاحب منهنجو پراڻو دوست آهي ۽ اسانجو قرب ڀريو پير 1985ع کان وٺي آهي. پوءِ اسان هڪٻئي جي سامهون ٿي ويٺاسين سائين احمر صاحب وقفي وقفي کان بعد مڇ کي وٽ پيو ڏئي ته مان وري سامهون مڇ ۽ ڏاڙهي تي هٿ پيو ڦيريان. سائين احمر صاحب جي کل ۽ ڀوڳ ته ماشاءَ الله زبردست هوندو آهي. بهرحال ماني سان گڏ مذاق ۽ ڀوڳ ٺڪاءُ سان خوب انجواءِ ڪيوسين.
ماني کائڻ کان بعد سائين احمر ميمڻ نظاماڻي صاحب کي چيو ته سائين جمن کي ڄامڙو صاحب وٽ مان ٿو پهچائي اچان، ڇو ته منهنجو گهر اتان ڏهه منٽن جي پنڌ تي آهي. سائين احمر صاحب مونکي رات جو يارهين وڳي اچي پنهنجي منزل تي پهچايو. گهر جي چاٻي مون وٽ هئي تنهن ڪري چورن وانگر تالو کولي وڃي اندر سمهي پياسين. ڇو ته هتي هرڪو سوير سمهندو آهي.

ll

دنيا جي بلند چوٽيءَ تي مانجهاندو

دنيا جي بلند چوٽيءَ تي مانجهاندو

سائين غلام حسين ڄامڙو منهنجي اچڻ کان اڳ جامع پروگرام تشڪيل ڏئي ڇڏيو هيو. ڪيلگري کان تقريباً ٽي سئو ڪلوميٽر اتر اولهه تي ٽاپ آف ورلڊ گليشئر (Top of the World Glaciers) وٺي وڃڻ جو پروگرام جوڙي ضروري بڪنگ ڪرائي ڇڏيون هيون. ٽاپ آف دي ورلڊ انهيءَ ڪري چوندا آهن جو اتان گليشئر منجهان چار نديون نڪرن ٿيون جيڪي چئني طرفن ڏانهن وڃن ٿيون، پيسفڪ ۽ ايٽلانٽڪ اوشن (Pacific and Atlantic Ocean) ۾ وڃي ڇوڙ ڪن ٿيون. انهي جاءِ تي 320 اسڪوائر ڪلوميٽر وڏو گليشئر آهي. سطح سمنڊ کان 3100 ميٽر بلندي تي واقع آهي. ڪيلگري کان ٽاپ آف دي ورلڊ تائين پهچڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳا.
جسپر پارڪ (Jasper Park) تي پهچي لنچ ڪئي، جيڪا اسين گهر کان ٺاهي آيا هياسين. سڄو رستو گاڏي سائين غلام حسين پاڻ هلائي ۽ رستي تي اسان کي مختلف موقعن تي گاڏي بيهاري ان علائقي جي تاريخ متعلق ٻڌائيندو هليو پئي.
ڪيلگري کان رستي ۾ ويندي پهريون پنج منٽ ڪين مور (Can more County) پوءِ بنف پارڪ (Banff Park) وٽ بيٺاسين، انهيءَ بعد ليڪ لوئيز (Lake Louise) کان گذرندي وڃي ٽاپ آف ورلڊ جي پوائنٽ تي پهچي اتان تقريباً 50 ڪلوميٽر اڳتي جسپر پارڪ (Jasper Park) کان واپس اچي ليڪ لوئيز (Lake Louise) ۾ هوٽل فيئرمانٽ (Fairmont Hotel) ۾ ڪمرا بڪ ٿيل هيا، اتي اچي ڊنر ۽ رات گذاري.
هوٽل جي بيهڪ ۽ اڏاوت پنهنجو مثال پاڻ آهي، ڪمرا تمام وڏا ۽ ڪشاده گهٽ ۾ گهٽ ويهه فوٽ باءِ ويهه فوٽ هيو. ڪمرا اهڙي طريقي سان ٺهيل آهن جو لوئيز ڍنڍ بلڪل سامهون بيٺل نظر پئي اچي. هوٽل جي ڪار پارڪنگ لاءِ ٽي فلور مخصوص ڪيل هيا، تنهن جي باوجود به ٻاهر ڪافي تعداد ۾ گاڏيون بيٺيون هيون. هوٽل ۾ تقريباً 700 ڪمرا آهن. تقريباً ٻيا ٻه ٽي هفتا سيزن سياحت جي لحاظ کان مندي آهي، تنهن جي باوجود اسان کي ماڻهن جا ولر نظر آيا. آف سيزن سبب ڪمرن جا ڪرايا گهٽايا اٿن، ست سئو ڊالر يوميه آهن. جڏهن سيزن اوج تي هوندي ته ڪرايه 11 سئو ڊالر ٿي ويندا. ليڪ لوئيز هن وقت بلڪل فريز ٿيل هئي ۽ پاڻي ڄميل هيو، جنهن جي ڪري ماڻهو ڍنڍ ۾ اندر ايئن پيا گهمن جيئن پڪي روڊ تي هلبو آهي. سڄو علائقو برف سان ڍڪيل هيو، جولاءِ ۾ وڃي ليڪ ڊيفريز ٿيندي ۽ ماڻهو انهيءَ ۾ شوق خاطر ٻيڙي هلائيندا آهن. ليڪ جي ٽنهي طرف جبل سفيد پوشاڪ پائي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو جو آڌرڀاءُ پيا ڪن، جيڪي سياحت سان ٿورو گهڻو شوق رکن ٿا اهي پتنگن وانگر اچيون پيش پيا پون. سج اڀرڻ جي مهل هجي يا سج لهڻ جي ٻنهي موقعن تي هوٽل کان ليڪ لوئيز جو نظارو هڪ پرڪشش هوندو آهي.
صبح هجي يا شام ماڻهن جا ميڙ متل نظر ايندا. جنهن وقت اسان اتي هياسين ته وقفي وقفي سان برف ڪپهه وانگر هوا ۾ ترندي پئي نظر اچي ۽ گرمي پد مائينس ٻه کان ٽي ڊگري رهيو پئي. برفباري ۽ سج جي لڪ ڇپ راند گڏوگڏ هلي پئي، ڪير به پنج منٽ جي لاءِ اهو ڀروسو نه پيو ڪري سگهي ته سج نظر ايندو يا اچانڪ غائب ٿي ويندو. برفباري جي وقت عموماً هوا ڪانه پئي لڳي، جنهن ڪري ايترو ٿڌڪار محسوس ڪونه پيو ٿئي پر جيڪڏهن سج پوري آب و تاب ۾ نڪتل آهي، ۽ هوا به هلي پئي ته سردي جان کي ايئن وڪوڙي پئي وڃي جيئن اچانڪ ٻه عزيز دوست گهڻي وقفي کان بعد ملاقات ٿي هجين اصلي صفا ٻکين پئجي وڃي. جيڪڏهن هوا نه لڳي ته پوءِ ايئن جيئن دوست ملڻ کان بعد حال احوال ۾ لڳي وڃن ۽ اهو ملڻ وارو جذبو جسماني طور پري ٿي وڃي، باقي جذبات تائين محدود هجي.
سڄي مرحلي تي سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب ۽ سندس گهر واري اسان کي ايئن پيا موسم جي لاهن ۽ چاڙهن کان بچائين جيئن پيءُ ماءُ پنهنجي معصوم ٻار کي گرمي ۽ سردي کان بچائيندا آهن. پاڻ ٻئي سردي جي لهر برداشت ڪن پيا، پر اسان جي مٿان پنهنجو سڄو ساهه پيا گهورين ۽ اها پيا ڪوشش ڪن ته شل اسان سردي کان بچيل رهون. اسان سان پنهنجي پيءُ ماءُ وارو ورتاءُ هر موڙ تي عيان هيو. گهر ته گهر پر ٻاهربه ايئن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏين. مونکي اهو هر وقت محسوس ٿي رهيو هو ته ٻئي هڪٻئي کان وڌيڪ اسان جو خيال رکن پيا، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن. مونکي واقعي سائين غلام حسين ڄامڙو وٽ پنهنجي پيءُ ماءُ واري شفقت ياد اچي وئي.
مونکي حيرانگي ان وقت ٿي، جڏهن خبر پئي ته فيئرمانٽ هوٽل، ليڪ لوئيز وارو بنف پارڪ ۽ ٻه ٻيا اهڙي قسم جا ٽوئرسٽ اسپاٽ تي وڏا هوٽل سعودي جي شهزادي الوليد بن طلال جي ملڪيت هئا، جيڪي هن 2006 ۾ آڪسفورڊ گروپ آف پراپرٽيز ٽورنٽو
(Oxford Group of Properties Toronto) کي وڪڻي ڇڏيا. هن وقت انهن ٽنهي ماڳن جي ڪل قيمت ٽي کرب ڊالرن (Three Billion Dollars) کان مٿي آهي.
ليڪ لوئيز کان بعد جانسٽن ڪينين (Johnston Canyon) آياسين، جيڪو مين روڊ کان هٽيل هيو پر رستو شاندار ٽو لين هيو. گاڏي جي رفتار لاءِ هر جاءِ تي مختلف اشارا هيا ته هتي ڪيتري رفتار ۾ گاڏي هلائڻي آهي وغيره وغيره. جڏهن اسان اوڏانهن وياسين پئي ته هڪ جاءِ روڊ جي مرمت جو ڪم پيو هلي ۽ وڃڻ واري لين بند هئي ۽ گڏوگڏ گهاٽو جهنگل هيو. هڪ اڳيان نوجوان ڇوڪري بيٺي هئي ۽ اسٽاپ جي تختي تي لکيل اشارو هيو، اسان تقريباً 50-60 فوٽ گاڏي پري روڪي بيهي رهياسين، ٿوري دير کان بعد سامهون هڪ ڪار گذري انهيءَ جي ٿوري دير کان بعد اڪيلي ڇوڪري سائيڪل تي سوار اچي پئي. جڏهن اها سائيڪل سوار ڇوڪري گذري تنهن کان بعد اشارو ڏنائين ته توهان هاڻي وڃو. اهو صرف انهيءَ ڪري جو اسان جي وڃڻ وارو رستو مرمت هيٺ هيو ۽ ٻيو رستو اچڻ وارو کليل هيو، جڏهن اچڻ واري ٽريفڪ گذري وئي ته اسان کي وڃڻ ڏنائون. جڏهن اسان اتان گذري پنهنجي رستي تي پهتاسين ته وڃڻ واري ٽريفڪ کي روڪي ڇڏين. جڏهن ته اهو ڪل رستو تقريباً ٽي سئو ميٽر کان وڌيڪ ڪونه هيو ۽ رستو به گهٽ ۾ گهٽ چوويهه فوٽ ويڪرو نظر آيو پئي.
بنف پارڪ (Banff Park) هتان جي ڪافي مشهور ۽ وڏو پارڪ آهي، جنهن جي ڊيگهه تقريباً اڍائي سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريباً سئو ڪلو ميٽر ٿيندي. هي سڄو علائقو گهاٽن ۽ قداور وڻن سان تمام خوبصورت منظر پيش ڪري ٿو، جنهن ڪري ماڻهو ڪافي پري پري کان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان هتي اچن ٿا. البرٽا (Alberta) صوبي جي آمدني جو سياحت، آئل ۽ گئس جي آمدني کان بعد وڏو ذريعو آهي. بنف پارڪ ۾ وڏي تعداد ۾ جهنگلي جانور رهن ٿا ۽ انهن جو مڪمل تحفظ حڪومت ڪري ٿي. مين روڊ تي اچڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ جهنگلو لڳل آهي ۽ ڪافي جاين تي مختلف قسم جي جانورن جا ولر نظر آيا، جيڪي وڏي اطمينان سان پيا کائن ۽ پيئن. چئن پنجن جاين تي مين روڊ مٿان وڏيون پُليون ٺهيل هيون، جن جي ويڪر تقريباً سئو سوا سئو فوٽ ٿيندي ۽ انهن پُلين جي مٿان اهڙي طرح وڻڪاري ٿيل هئي، جو جڏهن جانور پل تان ٽپي روڊ جي ٻئي طرف وڃي ته ماحول جهنگل وارو هجيس.
بنف پارڪ مان ڪنهن کي اجازت ناهي ته ڪوئي شڪار ڪري يا ڪوئي وڻ وڍي. رستي سان بي انداز وڻ ڪريل نظر آيا، جيڪي طوفان يا عمر جي پنهنجي حد تائين پهچڻ سبب ڪري پيا آهن، انهن جي ڪنهن به حصي کي ڪير به هٿ نٿو لائي. اهي ڪريل وڻ اتي ڳري زمين جو حصو ٿي جهنگل جي وڻن لاءِ ڀاڻ جو ڪم ڪن ٿا.
پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ اهڙي قسم جا وڻ ۽ ٻيا خوب نظارا آهن، پر جيئن ته سياحت لاءِ اهي سهولتون ۽ پر امن ماحول ناهي تنهنڪري پاڪستان ۾ سياحت پنهنجا قدم ڄمائي ڪانه سگهي آهي. سياحت لاءِ سهولتون ۽ امن امان تمام ضروري آهي.
جيترو مون ڪيلگري جي سياحت وارن ماڳن تي وڃي ڏٺو آهي ته انجي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ کوڙ اهڙا ماڳ آهن، جتي هروقت دنيا جهان جا ماڻهو اچي گهمي سگهن ٿا. سياحت جي ڪري پاڪستان نه صرف ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگهي ٿو پر روزگار جا الاهي سارا موقعا کلي سگهن ٿا. سنڌ ۾ الاهي اهڙا ماڳ آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي انهن جي مالڪي ۽ ڌيان ڏئي ته سنڌ تمام گهڻو خوشحال ۽ بي روزگاري وارو معاملو به ختم ٿي سگهي ٿو. الله سائين اسان کي وسيع سمنڊ جي پٽي ڏني آهي، انجي ڀرسان ڀنڀور ۽ مڪلي آهي. ڪراچي جي ويجهو ٿاڻو بولا خان طرف کيرٿر پارڪ آهي، انجي ڀرسان وڏي ۾ وڏو رني ڪوٽ جو قلعو آهي. حيدرآباد شهر انهن ماڳن سان ڀريو پيو آهي. دادو ۾ گورک هل آهي، انهيءَ جي لڳو لڳ ڪتي جي قبر ۽ موئن جو دڙو آهي، جيڪي هرموسم ۾ ماڻهن لاءِ کليل آهن.
ڪيناڊا يا آمريڪا ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن، خاص ڪري ڪيناڊا ۾ جيڪي سال ۾ نو مهينا ماڻهن جو اتي وڃڻ محال آهي، پر پوءِ به جيترو وقت کليل رهن ٿا ان ۾ انهن جون سڀ انڊسٽريز منافعي بخش ٿي وڃن ٿيون.
سياحت جي ڪري هوٽل، ريسٽورنٽ، ٽرانسپورٽ، دڪان ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي بزنس پروان چڙهن ٿا ۽ روزگار جا ڪافي موقعا وڌن ٿا.

ll

اصلي آمريڪن جو پائو وائو ميلو

اصلي آمريڪن جو پائو وائو ميلو

هر علائقي جي ڪانه ڪا خصوصيت هوندي آهي، اهڙي طرح ڪيلگري جون به پنهنجيون خصوصيتون آهن. اونهاري جي موسم ۾ ڪيلگري شهر ۾ مختلف ميلا لڳندا آهن، انهن مان ٻن ميلن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن ۾ هڪ آهي اتر آمريڪا جي اصلي باشندن (Aboriginal Peoples) جي مختلف قبيلن جو گڏيل ميلو پائو وائو (Pow Wow). پائو وائو اصلي آمريڪين جي مختلف قبيلن جهڙوڪ Siksika (Blackfoot), Kainai (Blood), Kootenay, Tsuu T’ina جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ملڻ جو هڪ طريقو آهي، جيڪو هاڻ هڪ ثقافتي ميلي جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ميلي ۾ سندن مرد، عورتون ۽ ٻار پنهنجو ثقافتي لباس اوڍي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، هن ميلي ۾ هڪ مخصوص قسم جا راڳ ڳائڻ، ناچ ڪرڻ، پراڻن دوستن سان ملڻ ۽ نوان دوست ٺاهڻ ۽ ثقافتي کاڌا پچائڻ پڻ شامل هوندو آهي.
اهي ماڻهو انهن ميلن جي ڪري ڳوٺن مان نڪري وڏن شهرن ۾ ايندا آهن. اونهاري جي خاص ڪري مئي کان وٺي آگسٽ جي مهيني تائين سڄي آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي مختلف شهرن ۾ مختلف تاريخن تي باقاعده سان ميلا ملهايا وڃن ٿا، جنهن ۾ هڪ ميلو ڪيلگري ۾ به ٿئي ٿو. ٻاهرين چاهي هتان جي ماڻهن لاءِ هي ميلو هتي جي اصلي ماڻهن جو ڪلچر ڏسڻ لاءِ هڪ نادر موقعو فراهم ڪندو آهي. هن ميلي ۾ تمام گهڻا ماڻهو پري کان اچي شريڪ ٿي خوب مزو ماڻين ۽ لوڪل قبيلن جي باري ۾ ڄاڻ پڻ حاصل ڪن ٿا.
ٻيو ميلو آهي Stampede، جنهن جي لفظي معني ٿيندي جانورن جي ڌڻ ۾ پيل اچانڪ ڀاڄ. هيءُ ميلو 1886ع کان هر سال جولاءِ جي ميهني ۾ ڏهه ڏينهن هلندو آهي، جيڪو شهر جي Stampede ground تي منعقد ٿيندو آهي. هن ميلي جو افتتاح شهر جي ڊائون ٽائون يعني صدر مقام ۾ هڪ عاليشان پريڊ سان ڪيو ويندو آهي. انهي پريڊ ۾ مختلف قسم جا خوبصورتي سان سجايل جٿا جنهن ۾ نسلي گهوڙا، گهوڙا گاڏيون، سازندا، مختلف قسم جا ادارا ۽ صوبي جو وزير اعليٰ به شريڪ ٿين ٿا.
ان ڏينهن شهر ۾ تمام وڏي رش هوندي آهي. هن ميلي کي Greatest show on the Earth يعني زمين تي ٿيندڙ هڪ عظيم الشان ميلو به ڪري چوندا آهن.
هيءُ بنيادي طرح سان هڪ قسم جو زرعي يا مالوند ماڻهن جو ميلو هوندو آهي. ميلي جي ڏهن ڏينهن دوران شهر جي سڀني آفيسن، اسڪولن، بسن، ريل گاڏين ۽ دڪانن کي گاهه ۽ زرعي فارمن تي استعمال ٿيندڙ شين سان سجايو وڃي ٿو.
ميلي جي ڏينهن ۾ اوهان کي هر ماڻهو Cowboy Hat يعني گول ٽوپي سا به خاص طور تي اڇي رنگ جي، جينز ۽ هٿ جا ٺهيل کڙي وارا جوتا پائي پنهنجو تعلق نج زرعي سماج سان جوڙي خوشي محسوس ڪندا آهن. هن ميلي ۾ تمام پري پري کان ماڻهو اچن ٿا، جنهن ڪري ميلي واري ڏينهن ۾ ڪاروبار به عروج تي هوندو آهي. ميلي ۾ ٻارن لاءِ هر قسم جا جهولا، کاڌي پيتي جا اسٽال، مختلف ناچ گانا، ڪرتب، گهوڙن ۽ ڍڳن جا شو، فوجي نمائش، واپار جا دڪان ۽ ٻيون تمام گهڻيون وندر واريون شيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن.
هر شهر ۾ تفريح لاءِ خاص ماڳ هوندا آهن، جتي هر ماڻهو وڃڻ چاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪيلگري شهر ۾ گهمڻ جون خاص جڳهيون هن ريت آهن:
ڪيلگري ٽاور، ڊائون ٽائون جنهن ۾ خاص طور تي اسٽيفن اوينيو، گارڊن، سائنس سينٽر، پيس برج، ڪيلگري فورٽ يا قلعو، بائو درياءَ، بائو ميوزيم ۽ ڪيناڊا اولمپڪ پارڪ.شاپنگ مال ۾ هتان جا وڏا مال هي آهن: Cross Iron,، NewHorizon Mall، Chinook centre, ، Sunridge Mall,، Marlborough Mall.، پاسي واري ننڍڙي شهر Chestermere ۾ موجود ڍنڍ به خوبصورت آهي.
جيئن ته البرٽا صوبي جي معيشت جو دارومدار هتان جي نڪرندڙ تيل ۽ گئس تي آهي، انهيءَ ڪري انجنئيرز، ويلڊر ۽ ٻين هنر مند ماڻهن جون مارڪيٽ ۾ نوڪريون گهڻيون ٿين ٿيون. ان کان علاوه ڪمپيوٽر ۽ انساني صحت سان واسطو رکندڙ شعبن جهڙوڪ ڊاڪٽر، ليبارٽري ٽيڪنيشن ۽ خاص طرح سان نرسن جي به سٺي ڊمانڊ آهي.
ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪيناڊا جي مجموعي آدمشماري جو تقريباً ٽيهه سيڪڙو ماڻهو رٽائر ٿيڻ وارا آهن، ان حوالي سان به هن ملڪ ۾ نرسن چاهي ٻين ٽيڪنيڪل ماڻهن جي وڏي ضرورت آهي. هتي ٻاهرين ملڪن وارن ماڻهن کي ڪو به ادارو يا ڪمپني صرف تڏهن ڪا نوڪري ڏئي سگهي ٿي، جڏهن هو پهرين حڪومت کي اهو ثابت ڪن ته کين انهي نوڪري لاءِ ڪيناڊا ۾ ڪو ماڻهو ڪونه ملي سگهيو آهي. ان لاءِ هتي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي نوڪري ملڻ هڪ ڏکيو عمل آهي پر ناممڪن ڪونه آهي. هتي گهڻيون نوڪريون هتي جي شهرين يا جيڪي ماڻهو اڳ ئي مستقل رهائش جو درجو رکن ٿا انهن کي ملن ٿيون.
گذريل ڪجهه سالن کان سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽيل آهن، ان جو وڏو اثر هتي جي نوڪرين تي به پڻ پيو آهي. البرٽا جيڪو ڪيناڊا جو هڪ شاهوڪار صوبو هيو، ان جو بيروزگاري ۾ اڄڪلهه ٻين صوبن جي نسبت سان تناسب گهڻو آهي پر محنتي ۽ ڪم ڪرڻ واري جو قدر جٿي ڪٿي آهي. سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته مٿي ڄاڻايل مختلف فيلڊس جي ٽيڪنيڪل ادارن مان محنت ڪري سٺو تجربو حاصل ڪري ڪنهن ڄاڻو وڪيل جي معرفت ڪيناڊا ڏانهن اچن ۽ پنهنجي زندگي کي خوشحال بنائڻ سان گڏ پنهنجي اهل عيال سميت خوشحالي ڏانهن قدم وڌائن. ڪيناڊا ۾ هر ان ماڻهو جو قدر آهي جيڪو پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري ٿو. هتي منهنجي ڪتيرن ئي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه واضع طور سامهون آئي آهي ته هتي ڪيناڊا ۾ ٻاهران جي پڙهيل کي اوستائين ڪوئي روزگار نٿو ملي سگهي، جيستائين هو پاڻ ڪيناڊا ۾ اچي انهي فيلڊ ۾ ڪوئي سرٽيفڪيٽ يا ڊپلومه حاصل نٿو ڪري. انهي کان پوءِ به هڪدم ڪا اهڙي جوابداري وارو ڪم کيس ڪونه ڏيندا جيستائين ادارو هن کي پنهنجي فيلڊ ۾ آزمائي نه. تنهنڪري وڏا کڙپيل انجينئر به جڏهن هتي آياته انهن کي شروع ۾ سپروائيزر کان مٿي جو عهدو ڪونه ڏنو ويو. جيستائين انهن جي صلاحيت کي ڪونه پرکيو ويو، تيستائين انهن کي ڪا وڏي ذميواري ڪانه ڏني، تنهنڪري جيڪڏهن ڪيناڊا ڪير اچڻ چاهي ته اها ذهن مان ڳالهه ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته مان وڏو تعليم يافته آهيان، تنهنڪري مونکي ڪا وڏي نوڪري ملي ويندي. جنهن به حيثيت ۾، ڪنهن به اداري ۾، ڪهڙي به ننڍي نوڪري ملي ته انکي نعمت سمجهي ڪم کي شروع ڪجي، پاڻهي توهان جي قابليت اتي نروار ٿيندي ۽ توهانکي پنهنجو مقام ملي ويندو، بس ٿورو صبر ۽ محنت سان ڪم ڪيو. ll

سنڌ ويزن جو تبصرو

سنڌ ويزن جو تبصرو

سنڌي دنيا جي ڪهڙي به حصي ۾ آهي ۽ جتي به آهي پر سندس دل جي ڌڙڪن هميشه سنڌ ڌرتي سان گڏ ڌڙڪي ٿي. رات سائين احمر نديم ميمڻ صاحب دل جي گهراين ۽ پاٻوهه سان منهنجي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ماني جو انتظام ڪيو ۽ دل کولي سخاوت جو ڀرپور ثبوت ڏنو ۽ تمام لذيذ کاڌن کي پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڏوئي گهمائي کاڌي جي لذت ۾ مٺاس جو اهڙو ته رنگ ڀريو جو سڀني آيل دوستن پنهنجون آڱريون چٽي خوب مزو ورتو.
ٻيا دوست پنهنجي فيملي سميت جيڪي اتي آيا، انهن ۾ سائين غلام حسين ڄامڙو، نديم ميمڻ، مشهود ميمڻ، جميل احمد نظاماڻي، فياض گاجاڻي صاحب شامل هئا.
الحمدلله پنهنجن جي محبت جو ڪوئي ڪاٿو لڳائي نٿو سگهي، خاص طور تي جڏهن توهان پرديس ۾ آهيو ۽ توهان کي دوست اهو محسوس ڪرڻ نه ڏين ته تون ڪو پرديس ۾ آهين، بلڪه هي تنهنجو پنهنجو ديس آهي. اسان سڀني دوستن جيڪو به پاڻ ۾ ڳالهايو، انهيءَ جو سڄو محور سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي جي ڄاون لاءِ خوشحالي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۽ انهيءَ لاءِ تدبيرون سوچڻ هيو. انهيءَ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ جيڪي خاميون آهن، انهن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خاص ڪري سڀني کي انهيءَ ڳالهه جو احساس هيو ته اسان سنڌي جيڪي پرڏيهه ۾ رهون ٿا، اهي ٻين جي سامهون هڪ هجڻ جي تصوير پيش ڪونه ٿا ڪيون، جنهن ڪري ٻيون قومون اسان کي هتي اها اهميت نٿيون ڏين. سائين مشهود ۽ سائين احمر صاحب چوڻ ۾ حق بجانب هيا ته اسان سنڌي پاڻ ۾ ڪنهن جڳهه تي پنهنجو گڏ هجڻ جو تصور پيش نه ڪري سگهيا آهيون. احمر ڀاءُ مشهود صاحب جو چوڻ هيو ته الحمدلله اسان پنهنجي دوستي جي ڪري هتي پاڻ کي مڃرايو آهي پر جيڪڏهن هڪ مچي ٿي گڏ هلون ته اسين هتي گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. اميد آهي ته اسان پاڻ ۾ گڏجي اهڙو فڪر پيدا ڪنداسين جو هتان جي ٻين قومن کي پنهنجو وجود تسليم ڪرائڻ ۽ وڌيڪ سهولتون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
سائين مشهود ميمڻ صاحب پيٽارين آهي، تنهن ڪري پيٽارين جي لاءِ وڌيڪ سوچ ۽ دل سان خيال ڪري ٿو، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. سائين مشهود صاحب اهو ساڳيو سوال مون کان ڪيو ته توهان جي خيال ۾ اسان اڃان هڪ ٿيڻ جو تصور پيدا ڇو ڪين ڪري سگهيا آهيون؟ مون مختصر جواب ۾ چيو ته اسان سنڌي گهڻي عرصي کان گادي نشينن، رئيسن ۽ وڏيرن جي رعب ۽ خوف هيٺ رهيا آهيون، جنهن ڪري اسان پاڻ ۾ آزاد سوچ پيدا ڪري ڪونه سگهيا آهيون. ڇو ته انگريزن کان وٺي اڄ تائين اسان جي سياسي قيادت اسان کي ڄاڻي واڻي تعليم کان پري رکيو ته جيئن اسان ۾ سوچ ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت پيدا نه ٿئي. اهو سلسلو اڄ تائين سنڌ ۾ دائم ۽ قائم آهي، انهي ڪري سنڌ سرڪار هٿ سان ڪاپي مافيا جهڙي بيماري کي هٿي ڏئي رهي آهي.
اهوئي سبب آهي جو اسان جي سنڌ سرڪار صرف اخبار ۾ فوٽو ڪڍائڻ خاطر امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪنهن هڪ اڌ امتحاني سينٽر جو چڪر هڻي ميڊيا آڏو بيان ڏيندا آهن ته اسان ڪاپي جي پاڙ پٽي ڇڏينداسين وغيره وغيره، پر عملي طور ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي.
ائين ڪرڻ سان عوام ۾ سوچ جو مادو پيدا ڪونه ٿيندو ۽ سياسي قيادت دائمي طور تي اسان سنڌ واسين کي لالچ ۽ لوڀ ۾ رکندي، پنهنجي غلامي مان آزاد ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين. جيڪڏهن سنڌ سرڪار معياري تعليم جي لاءِ مخلص هجي ها ته تعليم جو وزير صرف امتحان واري ڏينهن نظر نه اچي ها، بلڪه سڀ کان اڳ استادن جي ٽريننگ ۽ تربيت جو بندوبست ڪري ها. استادن جي ٽريننگ لاءِ جوڳو بندوبست ڪري ۽ ڪلاس وٺڻ تي زور ڏيڻ کپي ها.
امتحان جي مرحلي کان اڳ سنڌ سرڪار جو وزير تعليم ڏانهن عملن ته ڪوئي قدم کڻي ڪونه ٿو ته پوءِ ڪاپي کي ڪيئن روڪيندا؟ انهي کان علاوه سنڌ سرڪار کي سڄي خبر آهي ته امتحاني بورڊ باقاعده امتحاني سينٽر جو نيلام ڪندا آهن. جيڪو وڌيڪ پيسه سپرنٽينڊنٽ آف سينٽر ڏيندو آهي انهن استادن کي ان سينٽر تي رکيو ويندو آهي. انهي کان علاوه امتحاني بورڊ پنهنجن بروڪرن جي معرفت رزلٽ وڪرو ڪندا آهن. ڇا اهو سنڌ سرڪار لاءِ ڏکيو آهي جو امتحاني بورڊ تي ڪنٽرول ڪن، پر سنڌ سرڪار انهن تي ڪنٽرول ڪيئن ڪري جو بورڊ جا چيئرمين ۽ ڪنٽرولر يا ڪنهن سنڌ جي عوامي نمائندي جا عزيز آهن، يا قائداعظم جي معرفت انهن جي پٺڀرائي ڪن ٿا.
سنڌ جي وزيرِ تعليم جو چوڻ ته هن دفعي اسان جامع پروگرام جوڙيو هيو ته وڏا ٽينٽ هڻي انهن ۾ پکن جو انتظام ڪري جامر هڻي امتحان وٺنداسين پر اهو اسان سڀ ان ڪري نه سگهياسين جو مرڪزي سرڪار کي جيڪي سنڌ سرڪار لاءِ پيسه ڏيڻا هيا، اهي پيسه ڪونه مليا، انهيءَ ڪري اسان انتظام ڪري نه سگهياسين.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بورڊ شاگردن کان ڪروڙين روپيه امتحان جي في معرفت وٺن ٿا، اهي پيسه ڪاڏي ٿا وڃن؟
ٻيو اهو ته سيل فون جي ڪري اسان مجبور آهيون جو شاگرد واٽس ايپ جي ذريعي انهن کي پيپر حل ٿي گروپ تي ملي ٿو ۽ پيپر شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ آئوٽ ٿي وڃي ٿو.
ڇا سنڌ سرڪار کان اهو به نٿو ٿي سگهي ته جنهن پيپر آئوٽ ڪيو ان کي جوڳي سزا ڏئي؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو ناممڪن آهي؟ امتحان هال ۾ شاگردن کان موبائل کسي پوءِ اندر ڇڏين؟ جيڪڏهن سنڌ سرڪار جو وزير اهو ڪم نٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ استادن جي پراپر ٽريننگ، استادن جي ڪلاس ۾ حاضري، ته پوءِ ڪيئن اسان جو هردل عزيز وزير تعليم سنڌ جي تعليم جي معيار کي بلند ڪندو؟ ڪاپي مافيا کي ڪيئن ختم ڪندو؟
هر سال تعليم جي بجٽ ليپس ٿي ٿئي، ايتري اهليت ڪانه اٿن جو تعليم جي ڊولپمينٽ بجٽ استعمال ڪري سگهن. اتي موجود سڀني دوستن جو انهيءَ ڳالهه تي اتفاق هيو ته واقعي تعليم جي لاءِ سنڌ سرڪار جي طرفان ڪجهه نه ڪرڻ سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي. جيستائين سنڌ سرڪار سنڌ ۾ معياري تعليم لاءِ اپاءُ نٿي وٺي تيستائين سنڌي عوام ۾ شعور ۽ فڪر پروان ڪونه چڙهندو. پوءِ سنڌي ڪٿي به وڃي، اها شعور واري ڪيفيت پيدا نه ٿيندي. جنهن ڪري ڪيلگري ته ڇا پر ڪٿي به هڪ ٿي پاڻ ڪونه ملهايو اٿن.
ٻيو ته گذريل ٽينوئر ۾ سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ انهن ماڻهن کي سنڌي لئنگئيج ٽيچر مقرر ڪيو، جن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ته ڇا پر سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لفظ به ڳالهائي ڪونه سگهندا آهن، بلڪه سنڌين سان پڻ نفرت ڪندا آهن. اڄ تائين وزير تعليم پاران انهن ماڻهن کي هٽائي ڪو هڪ به سنڌي پڙهائڻ لاءِ ٽيچر ناهي رکيو ويو.
عملي طور ڪجهه نٿا ڪن، باقي اسيمبلي ۽ ٽي وي پريس ۾ وڏا بيان ڏيڻ سنڌ جي تعليم جي خدمت گهٽ دشمني گهڻي آهي. جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿن انهي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نڪي بيان ڏيڻ جي. بيان صرف انهيءَ لاءِ ته واهه واهه ٿئي باقي ڳالهه ڳُڙ.
مشهود صاحب ۽ ڀاءُ احمر صاحب ماشاءَ الله ڪافي ڪيلگري ۾ ڦڙت آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هتي لوڪل ڪميونٽي ۾ ميل جول رکيون پيا اچن. مشهود صاحب جي سوچ سائين احمر وانگر ڪافي مثبت آهي. مشهود صاحب جو چوڻ ته سنڌ ويزن مان سنڌ جي عوام کي ڪافي وڏيون اميدون آهن پر شايد سنڌ ويزن پنهنجي مقصد کان هٽي وئي آهي يا ايئن چئجي ته ڪجهه سياسي ٿي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته شايد مشهود صاحب جو اشارو گل صاحب ۽ نظام شيخ ڏانهن هيو، جو هو ڪافي پوسٽون سنڌ ويزن تي وزير تعليم ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي واکاڻ متعلق ڏيندا آهن. جنهن لاءِ واقعي ڪجهه دوست ايئن چوندا ۽ سمجهنداآهن ته سنڌ ويزن سنڌسرڪار لاءِ ڪم ڪري ٿي. ماڻهن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته نظام شيخ وزيرتعليم جي ماتحت رهيو آهي ۽ سٺا تعلقات اٿس. جڏهن ته گل صاحب جا ذاتي تعلقات وزيرتعليم سان آهن، جنهن ڪري هو اهي ذاتي حيثيت ۾ پوسٽون رکندا آهن پر اها سنڌ ويزن جي پاليسي ناهي. مان ۽ ڀاءُ احمر صاحب چيو ته سنڌ ويزن هڪ رجسٽرڊ باڊي آهي، جنهنجو سياست سان ڪو به واسطو ناهي. انهيءَ جي جواب ۾ مشهود صاحب چيو ته توهان سنڌ ويزن وارن 165 ماڻهو اليڪشن ۾ بيهاريا يا سپورٽ ڪئي. مان چيو ته اهو بلڪل غلط پروپيگنڊا آهي، سنڌ ويزن اليڪشن ۾ ڪنهن جي به ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي. احمر ڀاءُ به اهو چيو ته سنڌ ويزن ڪنهن به شخص جي مدد ناهي ڪئي، ڇوته اسان غير سياسي تنظيم آهيون. مون وڌيڪ چيو ته هر شخص کي آزادي آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت يا ڪنهن ماڻهو جي دوستي يا لڳ لاڳاپي جي ڪري مدد ڪري سگهي ٿو، چاهي اهو سنڌ ويزن جو ميمبر آهي يا عهديدار، ليڪن سنڌ ويزن ڪنهن جي به مدد ناهي ڪئي.
مشهود صاحب چيو ته راهوجو صاحب صدر سنڌ ويزن جو ته اليڪشن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ويو. مون مشهود صاحب کي چيو ته ڀائو راهوجو صاحب جيڪڏهن ويو ته اهو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ويو، جنهن لاءِ سنڌ ويزن جي آئين ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي. باقي جيڪڏهن تون چوين ٿو ته 165 ماڻهن جي اليڪشن ۾ مدد ڪئي آهي، مون چيوته انهن مان ڪنهن هڪ جو نالو ٻڌاءِ ته سنڌ ويزن مدد ڪئي هجي، باقي هرو ڀرو پروپيگنڊا تي نه هلو. جنهن جو ڀاءُ مشهود وٽ ڪوئي جواب ڪونه هيو. سائين احمر صاحب ورجائي چيو ته سنڌ ويزن غير سياسي تنظيم آهي ۽ ڪنهن جي به اليڪشن ۾ مدد ناهي ڪئي. باقي راهوجو صاحب ذاتي حيثيت ۾ ويو، جنهن جي وڃڻ سان سنڌ ويزن جي پليٽفارم جو ڪو واسطو ناهي. اها جدا ڳالهه آهي ته مونکي اها ڳالهه پسند ڪانه هئي.
مشهود صاحب چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪو به سنڌ ويزن پروجيڪٽ اسٽارٽ ناهي ڪيو. مون چيو ته ڀاءُ پنج مهينا اڳ اسان پاڻي جي مسئلي تي ڪانفرنس سڏائي ۽ هڪ ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو تو ڏٺو هوندو، چيائين ته ها مون پڙهيو آهي. ٻيو هينئر حيدرآباد ۾ سي ايس ايس لاءِ ڪوچنگ سينٽر کوليو آهي. ٽيون حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي غريب آبادي ۾ ٻارن لاءِ تعليم جو بندوبست ڪيو آهي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ويزن اين جي او
(Non Government Organization) ناهي، نه اسين ڪنهن کان فنڊ وٺندا آهيون، اسان پاڻ ۾ دوست پيسه ڏيندا آهيون. سنڌ ويزن صرف ٿنڪ ٽينڪ آهي. بهرحال جهڙو کاڌو لذيذ هيو، تهڙو سنگت جو هڪٻئي سان اخلاق سان پيش اچڻ، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت نمايان هئي. ماشاءَالله ڀاءُ احمر نديم ميمڻ صاحب پنهنجي گهر کي بلڪل سنڌ جو زنده نمونو ڪري سجايو آهي، جو جيڏانهن به پرک ڪجي پئي ته هر طرف سنڌ سامهون هئي. ڪيلگري جي دوستن جو سنڌ سان پيار ۽ اڪير بلڪل ظاهر هئي. الله سائين جي در دعا آهي ته اسان جي سنڌڙي جا ماروئڙا جتي به ديس پرديس ۾ آهن، الله سائين انهن جي اهل و اولاد کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. آمين يارب العالمين.

ll

ڪيناڊا مهذب ۽ اعليٰ اخلاق وارن جو مُلڪ

ڪيناڊا مهذب ۽ اعليٰ اخلاق وارن جو مُلڪ

ڪيناڊا جي ترقي جو راز جيڪو مون سمجهيو ۽ شايد ٻيا دوست به انهيءَ ڳالهه سان اتفاق ڪن ته اهو آهي قانون جي حڪمراني. ڪيناڊا ۾ جيڪو به ڄائو ۽ نپيو آهي انهي جي پرورش ۾ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪرڻ واضح نظر اچي ٿو. باقي ٻيو اهو طبقو جيڪو هتي ڪيناڊا ۾ تمام گهڻو وقت رهيو آهي، انهي تي قانون جي حڪمراني ۽ سچ تي هلڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، باقي جنهن جو تمام گهڻو وقت ڪيناڊا ۾ نه گذريو آهي ۽ لڳ لاڳاپا پٺتي پاڪستان ۾ آهن، انهن جي لاءِ هتان جي قانون تي عمل ۽ سچ تي قائم رهڻ اڃان تائين ٿورو گهڻو ڏُکيو نظر اچي ٿو. شايد انهي جو سبب اهو آهي ته جن جي پرورش ۽ دوستي جو لڳ لاڳاپو پاڪستان ۾ آهي، انهيءَ جو اثر انهن جي دماغ مان اڃان تائين دماغ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود آهي، انهي ڪري هو پنهنجي دوستي ۽ لڳ لاڳاپي خاطر سچ تان هٽي وڃڻ ۾ ڪوئي عارُ محسوس ڪونه ٿو ڪري.
ڪيناڊا جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ توهان وڃو گهمو ڦرو، توهان کي پوليس تمام گهٽ نظر ايندي پر توهان پاڻ کي هرجاءِ تي محفوظ تصور ڪندا. قانون جي حڪمراني جي اها حالت آهي جيڪڏهن جهنگل ۾ جتي به ٽريفڪ لاءِ اسپيڊ جي حد مقرر ٿيل آهي ته ڊرائيور انهي دائري کان مٿي ڪونه ويندو. جهنگل مان رات جي ٽائيم تي ڪا اڪيلي ڇوڪري گاڏي ڪاهي ويندي ته انهيءَ کي اهو احساس به ڪونه ٿيندو ته مان رات جي ٽائيم اڪيلي ڊرائيو ڪري پئي وڃان.
سچ ڳالهائڻ جو اهو عالم آهي جو انهن جي ڊڪشنري ۾ ڪوڙ جو ڪوئي لفظ لکيل ڪونه آهي، تنهن ڪري جيڪو به ڳالهائيندا اهو نسورو سچ هوندو. اخلاق ايترو ته اعليٰ اٿن جو توهان کي اهو محسوس ٿيندو ته هتي هر هڪ ٻئي جي خدمت لاءِ پيدا ٿيو آهي.
مونکي هتان جي ماڻهن ۾ انا جو ڳڻ ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ٻئي جي مدد لاءِ هميشه آتا نظر آيا. ڪيناڊا ۾ ننڍو آهي يا وڏو اهو عمر ۾ هجي يا عهدي ۾ پر هر هڪ قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو.
هتي جيڪڏهن ڪنهن کان رستي لاءِ پڇبو ته هو پنهنجي ضروري ڪم کي ڇڏي، توهان جي مدد لاءِ سڀ طريقا استعمال ڪندو، چاهي انهيءَ کي پنهنجي ڪيتري به پريشاني هوندي آهي، تيستائين هو توهان جي مدد ڪندو، جيستائين هو مطمئن نه ٿئي ته توهان ڳالهه سمجهي ويا.
کائڻ ۽ پيئڻ جي معاملي ۾ توهان جيڪڏهن انهن کان پڇندا ته ڇا هيءُ حلال آهي يا حرام؟ ته هو بلڪل سچ ٻڌائيندا ۽ ڪوشش ڪندا ته توهان کي هو ٻڌائيندا ته توهان کي فلاڻي جاءِ تي اها ملندي.
صبر جو اهو عالَم آهي ته جيڪڏهن ڪيترو به جلدي ۾ وڃڻو اٿن ته به قطار کي ڪونه ٽوڙيندا، پنهنجي واري جو انتظار ڪندا.
وزيراعظم جيڪڏهن ويندو ته انهيءَ لاءِ ماڻهن جي لاءِ رستي روڪ ڪانه آهي، صرف انهيءَ سان گڏ هڪ ٻه پوليس جون گاڏيون ۽ 5-6 پوليس جا سپاهي ساڻ هوندا ۽ عام ماڻهوءَ وانگر گذري ويندو.
امن امان جو اهو عالم شهر چاهي ٻهراڙي ۾ ڪٿي به مونکي گهر جي ٻاهران ديوار نظر ڪانه آئي.
شهر ۾ مختلف هنڌن تي خيراتي وڏا وڏا گهر نظر آيا، جتي ڪنهن کان به پڇا ناهي ته هو ڪير آهي، ڪٿان جو آهي، اتي ويندو جيترن ماڻهن لاءِ ماني گهرندو، اوترن ماڻهن لاءِ انهيءَ کي ماني ملندي، پوءِ اتي ويهي کائي يا ٻاهر وڃي ڪٿي به کائي.
پوري رستي ۾ چاهي شهر هجي يا واهڻ، ڪٿي به گند ڪچرو ويندي سگريٽ يا ماچس جي سڙيل تيلي به نظر ڪانه ايندي.
هوائي جهاز، ريل گاڏي يا بس ۾ ڪنهن به قسم جو ڪچرو نظر ڪونه ايندو. جهاز ۾ ايئر هوسٽس جهاز جي لهڻ کان اڳ سڀ ڪچرو پاڻ کڻي ويندي. ريل گاڏي ۾ مون ڏٺو ته ٽڪيٽ چيڪر ٽڪيٽ چيڪ ڪرڻ کان بعد پاڻ ٻي اسٽيشن جي اچڻ کان اڳ جيڪڏهن توهان کاڌي پيتي جي شيءِ ساڻ کڻي ويا آهيو ته ڪچري کي رکڻ لاءِ هڪ ٿيلهي ڏئي ويندي ۽ اسٽيشن جي اچڻ کان اڳ اهو سڄو ڪچرو پاڻ کڻي ويندي. ريل گاڏي هجي چاهي بس گاڏي ۾ ايترا ماڻهو کڻندا جيتريون سيٽون هونديون. هر معاملي ۾ ايمانداري هتان جي ماڻهن جي عادت آهي.
مٿي بيان ڪيل ڳالهيون سڀ عين اسلام جو عملي جُز آهن. اسلام ۾ سچ، ايمانداري، صفائي، صبر ۽ شڪر، اخلاق، انصاف، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ، ٻئي لاءِ اهو سوچڻ جيڪو پنهنجي لاءِ سوچجي، ڪوڙ ۽ فريب کان پاسو ڪرڻ، جيڪڏهن اسان انهن مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکي اهو سوچيون ته آيا سچا مسلمان اسان آهيون يا اسلام جي اصل روح تي ٻيا عمل ڪري رهيا آهن.

ll

مسجد ۽ چرچ گڏوگڏ: حقوق العباد جو مثالي ماحول

مسجد ۽ چرچ گڏوگڏ: حقوق العباد جو مثالي ماحول

روزا نَمازُون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَمُ
اُو ڪو ٻيو فَهَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.

(شاه صاحب)
الله جي ذات بابرڪات پنهنجي مقدس ڪتاب قرآن مجيد جي سورة البقره جي آيت نمبر 177 ۾ فرمائي ٿو ته:
”اوڀر ۽ اولهه ڏانهن اوهان جو پنهنجن منهن کي ڦيرائڻ ڪا نيڪي نه آهي پر (اصل) نيڪي (ان لاءِ) آهي، جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو ۽ جنهن (ماڻهوءَ پنهنجو) مال ان جي پيار هوندي (به) مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانهن جي گردنين (آزاد ڪرڻ) ۾ ڏنو ۽ نماز پڙهيائين ۽ زڪوات ڏنائين ۽ (اُهي ماڻهو جي) جڏهن انجام ڪندا آهن، تڏهن پنهنجو انجام پاڙيندا آهن ۽ سڃائي ۽ ڏکيائي ۾ ۽ جنگ مهل صبر ڪرڻ وارا آهن، اهي سچا آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.“
جيڪڏهن اسان غور سان ڏسنداسين ته رب ڪائنات پنهنجي وحدانيت کان بعد روز جزا ۽ سزا، ملائڪن، آسماني ڪتابن ۽ نبين کي مڃڻ کان بعد جيڪو حڪم ڏنو آهي اهو آهي: ”حقوق العباد، انهيءَ کان بعد حقوق الله“. اسان مسلمانن جي اها بدقسمتي آهي جو اسانجو مولوي صاحب يا دين جا ٺيڪيدار زور صرف حقوق الله تي ڏيندا رهندا آهن. جنهن شيءِ جي الله پنهنجي ڪتاب مقدس ۾ تلقين ڪئي ته منهنجي وحدانيت کي مڃڻ کان بعد حقوق العباد کي اوليت ڏيو، ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسان ان ڳالهه کي يڪسر ڇڏي صرف حقوق الله جي طرف زور سان واعظ ۽ بيانن تي وڃي ڳالهه کي بيهاريو آهي، جنهن تي به عمل ڪونه ٿا ڪيون.
ڀٽائي صاحب عين قرآن مجيد جي هن آيت سڳوري جي ترجماني ڪندي فرمايو ته:
روزا نَمازُون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَمُ
اُو ڪو ٻيو فَهَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.

جيڪڏهن اسان حقوق الله تي صحيح عمل ڪريون ته به مسلمانن ۾ ڪو غريب ۽ خيرات وٺڻ وارو ڪونه هجي. ڇوته اسان الله جي حڪم موجب اهو ڪم به پورو ڪونه ٿا ڪريون.
عجيب اتفاق وري اهو جو جمعي جي هر خطبي ۾ هر مولوي صاحب بغير معنيٰ سمجهڻ ۽ عوام کي سمجهائڻ جي عربي عبارت ۾ سورة النحل جي آيت نمبر 90 ضرور پڙهندو آهي:
اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَالۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَیَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَالۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ
ترجمو: ”بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ زبردستيءَ کان جهلي ٿو، اوهان کي نصيحت ڏئي ٿو ته منَ اوهين نصيحت وٺو.“
اسان هن وقت نه ته حقوق الله پورا ٿا ڪيون، نه وري حقوق العباد تي عمل ٿا ڪيون. قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن جڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ جي ڏسيل راهه موجب حقوق العباد تي عمل ڪريون.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ليڊر جو انهيءَ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. دنيا ۾ جيڪي به ترقي يافته ملڪ آهن، انهن ۾ ليڊر جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ هميشه رهندو، پر انهي سان گڏ اتان جي عوام جو ڪردار به گهٽ ناهي رهيو. اڄ جيڪڏهن ترقي يافته ملڪ اڳتي آهن ته انهي ۾ باشعور عوام جو به وڏو ڪردار آهي، جن حقوق العباد تي صحيح طرح عمل ڪيو آهي.
ايئن چئجي ته شروع ۾ وڏو ڪردار ليڊر جو هيو، پر هينئر ليڊر جي بجاءِ عوام جو ڪردار تمام اهم ٿي ويو آهي. هن وقت ليڊر جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي هيرا ڦيري ڪندو ته عوام فوراً انکي تخت تان لاهي ٻاهر ڦٽو ڪندو.ڇو ته عوام باشعور ٿي ويو آهي ۽ هو پنهنجي مٿان الله جي طرفان هدايت مطابق حقوق جي پاسداري ڪري ٿو.
انهيءَ جي مقابلي ۾ غير ترقي يافته ملڪن جو عوام پنهنجي حقوق کان واقف ڪونه آهن، جيڪڏهن واقف آهن ته ان تي عمل ڪونه ٿا ڪن، ڇو ته عوام ۾ شعور جي گهٽتائي آهي. شعور جي گهٽتائي انهيءَ ڪري آهي جو معياري تعليم ميسر ناهي. معياري تعليم ناهي ته ذهني ڪيفيت ايتري مقام تي ڪونه پهتي آهي، جو هو پنهنجي تقدير تي پاڻ فيصلي ڪرڻ جي سگهه رکي سگهي. معياري تعليم جي نه هجڻ سبب عوام شعور نٿو رکي ۽ هميشه مذهبي ۽ سياسي ليڊرن جي ڏٽن ۽ دغابازين جي ور چڙهي مذهبي ۽ سياسي ليڊرن جي آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيو ويٺو آهي، جنهن جو سڄو فائدو مذهبي ۽ سياسي قيادت پنهنجي حق ۾ کڻي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين اُسرندڙ ملڪن ۾ ڪوبه اهڙو تعليمي ادارو قائم ٿي ڪونه سگهيو آهي، جيڪو ترقي يافته ملڪن جي تعليمي معيار مطابق اڳتي آيو هجي.
الله سائين سڀ کان پهريان زور تعليم تي ڏنو آهي. قرآن شريف جو نزول ان لفظ سان شروع ٿيو ته:
اِقۡرَاۡ، پڙهه.
ترقي يافته ملڪن ۾ مذهبي رواداري آهي، جنهن جي ڪري اتي ترقي ٿي آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ عوام حقوق العباد تي عمل ڪندي نظر ايندو. مثال طور صرف ٻن شهرن جو ذڪر ڪيان جن کي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو.
ڪيلگري ۾ عيسائين جي عبادتگاهه چرچ ۾ جمعي نماز پڙهڻ لاءِ هر جمعي تي چرچ کولي ڏيندا آهن. آٽوا جي جامع مسجد ۽ چرچ جي ڀت هڪ آهي. نماز تي آيل ماڻهن جي گاڏين کي چرچ جي پارڪنگ ۾ بيهارڻ لاءِ کولي ڏين ٿا ته جيئن هو پنهنجيون گاڏيون چرچ جي صحن اندر بيهارين، اهڙي طرح آچر جي ڏينهن چرچ ۾ ايندڙ مهمانن جون مسجد جي پارڪنگ ۾ گاڏيون پارڪ ڪيون وڃن ٿيون. ڏک سک ۾ هڪٻئي سان گڏ پاڙيسري جي نسبت سان عمل ڪن ٿا.
اسان وٽ خدانخواسته هڪ مسلڪ وارو ٻئي مسلڪ واري مسجد ويندو ته اتي موجود سڀني جا ڪن اُڀا ٿي ويندا، سُس پُس شروع ڪري ڇڏيندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏن يا ڪو ٻيو قدم کڻن. اسان حقوق العباد کي هڪ واپار وارو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، ته جيڪڏهن منهنجو عزيز منهنجو خيال نٿو ڪري ته پوءِ مان ڇو ڪيان؟
اسان هميشه اهو چئي ڳالهه ختم ڪندا آهيون ته ادا هر ڪو پنهنجي گهران ٿو کائي. ڇاجي ڀائپي يا مٽي مائٽي، جهڙو قرب ڏيندو اهڙو وٺندو، قصه مختصر.
ڪاڏي ويو الله جو فرمان؟ ڪاڏي ويو رسول اڪرمﷺ جو فرمان؟
جيستائين اسان حقوق العباد کي الله جي فرمان مطابق عمل ڪونه ڪنداسين، تيستائين اسان ڪابه ترقي نٿا ڪري سگهون.

ll

ناگرا فال جو نظارو

ناگرا فال جو نظارو

الحمدلله جڏهن مان ڪيلگري کان ٽورنٽو وڃي رهيو هوس، انوقت الله جي ذات بابرڪات سبز ۽ اڇن پٽن واري ڪارپيٽ سان زمين کي سنواري ڇڏيو هيو ۽ سج سڄو ڏينهن پنهنجي آب و تاب سان سموري علائقي کي روشن ڪري ڇڏيو هيو، موسم تمام خوشگوار ۽ دلڪش ٿي وئي هئي. جڏهن مان نو ڏينهن اڳ ڪيلگري آيو هيم ته الله سائين زمين تي بلڪل سفيد ڪارپيٽ وڇائي ڇڏيو هيو ۽ ڏينهن جو سج ايئن پي لڳو جهڙوڪ ڪنهن ٻئي پاسي ويل هيو پر ڏينهن جا آثار موجود هيا.
سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب منهنجي ڪيلگري ۾ رهڻ واري وقت کي تمام گهڻو خوبصورت ۽ يادگار لمحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هيو، جنهن کي وسارڻ محال ٿيندو. ڪيلگري ۾ ڪافي نون ۽ پراڻن دوستن سان ميل ملاقاتون ٿيون ۽ انهن سڀني دوستن جي قرب ۽ ساٿ سبب هي ٿوري وقت وارو سفر تمام ڊگهين ۽ نه وسارڻ وارن گهڙين ۾ هميشه يادگار رهندو. مان خاص ڪري سائين جميل احمد نظاماڻي صاحب جو انتهائي مشڪور آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان منهنجي لاءِ هروقت گنجائش رکي. نظاماڻي صاحب کي جنهن وقت به چيو ته سائين الا دين جي چراغ وانگر حاضر رهيو. نظاماڻي صاحب ڪيلگري جي سٽي گورنمينٽ ۾ اهم عهدي تي فائز آهي. نظاماڻي صاحب جي سدا مرڪ سان ٻهڪندڙ چهرو وسارڻ جهڙو ناهي. الله سائين نظاماڻي صاحب کي پنهنجي اهل و عيال سميت هميشه خوش وخرم رکي.
ڌاريجو صاحب ملڻ خاطر ٽي سئو ڪلوميٽر پري کان آيو، جنهن سان خوب ڪچهري ٿي ۽ زراعت متعلق لاڀائتي ڄاڻ ڏني. ڌاريجي صاحب سان جڏهن زراعت متعلق ڳالهه ٻول ٿي ته انوقت مونکي سائين حيران ڪن ڳالهه ٻڌائي ته البرٽا صوبي ۾ هڪ فيملي يعني صرف زال مڙس پنج هزار ايڪڙ زمين اڪيلي سر پوک ڪري ۽ سهيڙي سگهن ٿا. مون حيرانگي مان پڇيو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڌاريجي صاحب ٻڌايو ته هتي سڀ ڪم مشين تي ٿيندو آهي، هتي جڏهن زميندار ٽريڪٽر جي پٺيان هر ٻڌندو آهي ته اهو هڪ جاٽ ۾ 120 فوٽ زمين کيڙيندو آهي. اهڙي طرح جڏهن زمين ۾ ٻج گڏائيندو آهي ته ان سان گڏوگڏ ڀاڻ به ٻن انچن جي هر اوڙ جي پاسي ۾ هڪ ئي وقت 120 فوٽ زمين ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. جڏهن به ڪو اسپري ڪرڻو هوندو اٿن ته اهو 120 فوٽ ويڪرو هوندو آهي. لاباري وقت به ساڳي ڊيگهه ۾ لابارو ۽ گڏوگڏ ٿريشر به ٿيندو ويندو آهي. اَنُ جڏهن هڪ ٽرڪ جي برابر گڏ ٿيندو آهي ته ٻيو ڊرائيور اچي هلندڙ هارويسٽر مان ان کي منتقل ڪندو ويندو آهي. جڏهن ٽرڪ ان سان ڀرجي ويندي آهي ته اسٽيل جي وڏين ٺهيل گندين ۾ اَنُ لاهي محفوظ ڪندا آهن، پوءِ جنهن وقت چاهن اهو اناج وڪرو ڪن. ڌاريجو صاحب البرٽا صوبي ۾ ايگريڪلچر جو هڪ ڪائونٽي (County) ۾ ريسرچ ۽ ايڪسٽينشن جو سربراهه آهي ۽ سائين زراعت متعلق ملائيشيا مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
سائين احمر نديم ته منهنجو گذريل صدي کان دوست آهي، تنهن به پنهنجي قرب سان ڪافي دوستن کي پنهنجي گهر ماني تي گهرائي خوب ڪچهري ڪئي، جيڪا يادگار رهندي. احمر ڀاءُ کي ڪيلگري ۾ ڳچ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ماشاءَ الله ڪافي سوشل ۽ ڦڙت آهي. ڪيلگري ۾ احمر ڀاءُ گهڻي عرصي کان بعد ميمڻ ٿيو آهي، يعني پنهنجو بزنس اسٽيبلش ڪيو اٿس، جيڪو تمام گهڻو اڳ ڪرڻ گهرجي ها پر ماشاءَ الله دير سوير پنهنجي رڳ تي اچي ويو.
مان جڏهن ڪيلگري ۾ هيس ته سائين خير محمد ڪولاچي صاحب جا ڪافي دفعا فون آيا ته ٽورنٽو ۾ اچو ته مونکي مهمانوازي جو موقعو ڏيندا. ٻين دوستن به چيو ته ٽورنٽو ۾ اسان جا مهمان ٿيو، بهرحال جميل نظاماڻي صاحب چيو ته سائين ڪولاچي صاحب مونکي به توهان لاءِ چيو آهي، تنهنڪري توهان سائين خير محمد ڪولاچي صاحب ڏانهن وڃو. حالانڪه مان اڳ ۾ ٻئي دوست سان واعدو ڪيو هيو، بعد ۾ ان دوست کي فون ڪري عرض ڪيو ته ڀائو هن دفعي اجازت ڏيو ته مان سائين ڪولاچي صاحب سان ڪچهري ڪيان، دوست جي مهرباني جو ان مونکي موقعو ڏنو ته مان سائين ڪولاچي صاحب سان ڪجهه گهڙيون گڏ گذاريان.
پروگرام مطابق مان جڏهن صبح جو سوير ٽورنٽو ايئرپورٽ تي پهتس ته سائين ڪولاچي صاحب اتي پهچي ويا ۽ اسان کي سڌو پنهنجي گهر وٺي هليو، جتي اسان پهريان چانهه پيتي ۽ ٿورو آرام ڪيو، پوءِ نيرن جي ماني کاڌي. اڃان چانهه پيتي پئي ته سائين ممتاز شر صاحب به اچي ٺڪاءُ ڪيو. اسان سڀني چانهه گڏجي پيتي، ان کان بعد ناگرا فال (Niagara fall) وڃڻ جي تياري ڪئي.
جڏهن اسان ناگرا فال ڏسڻ خاطر وڃون پيا ته ماشاءَ الله سج نڪتل هيو ۽ موسم زبردست دلڪش ۽ خوبصورت هئي پر ٿوري دير ۾ آسمان تي ڪڪر اچي ويا ۽ رستي تي بارش جي بوندا باندي شروع ٿي وئي. رستي تي هرطرف زمين سرسبز ۽ وڻن ۾ ڪجهه بهار جي آمد جو نظارو پيش ڪري رهيا هيا ته ڪي اڃان تياري ۾ هيا، جيڪا تقريباً ٻن ٽن هفتن کان بعد مڪمل بهار جو ڏيک ڏيندا.
الحمدلله رستي جي ٻنهي پاسي ايترا ته بهترين نظارا هيا، جو مان ڪڏهن هڪڙي پاسي پيو ڏسان ته وري ساڳئي وقت ڪنهن ٻئي پاسي پيو واجهايان، مان ان نظاري ۾ گم هيس ۽ قادر جي قدرت کي پيو ڏسان ۽ الله سائين جي نعمت جو پئي نظارو ۽ شڪر پئي ڪيو ته اچانڪ شر صاحب گونجندڙ آواز ۾ چيو ته ڄامڙو صاحب اسان سان گڏ آهي، اچو ته ڪجهه ڳالهه ٻول ڪريون. پهريون ته مون سمجهيو شايد اسان پاڻ ۾ ٿا ايئن عام رواجي طرح سان ڳالهه ٻول ڪيون. مون کي ان وقت خبر پئي جڏهن ڪو انٽرويو وٺڻ وارو يا ٽاڪ شو پروگرام ڪرڻ وارو ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهائيندا آهن ته سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ رکندا آهن. مان جڏهن اڃان ڳالهه ڪئي پئي ته شر صاحب اڌ ۾ پاڻ شروع ٿي ويو ۽ اتي ئي سائين ڪولاچي صاحب کان پڇڻ لڳو. مونکي ان وقت اهو سٺو ڪونه لڳو، جو ڳالهه پوري ٻڌڻ کان اڳ پاڻ شر صاحب هڪدم ميدان ۾ اچي ويا ۽ مٿان وري بي خبرائي ۾ لائيو به هجي، بهرحال ممتاز صاحب آخرڪار هڪ صحافي آهي، تنهنڪري هو پنهنجي صحافت واري عادت کان ٻاهر نڪري نٿا سگهن. بهرحال سائين ممتاز شر صاحب ۽ خير محمد ڪولاچي صاحب ٻئي کل مک ۽ زنده دل ماڻهو آهن، تنهنڪري ٻنهي جي ڪچهري ۾ ڏاڍو مزو آيو ۽ ڪافي معلومات به هڪٻئي سان شيئر ڪئي سين.
ڪلاڪ کن کان بعد وڃي ناگرا فال پهتاسين، سبحان الله ڇا ته دلڪش ۽ دلفريب نظارو هيو، مٿان وري الله سائين جي رحمت به هلي پئي، جنهن اڃان وڌيڪ ان نظاري کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو هيو.
ناگرا فال ۾ جيڪو پاڻي اچي ٿو، اهو آمريڪا کان بفيلو شهر (Buffalo City) وٽان ڪيناڊا جي حد ۾ داخل ٿئي ٿو. پاڻي تقريباً 15 کان 18 هزار ڪيوسڪ ٿيندو، پر پاڻي جي ڪرڻ جو نظارو ايڏو ته حسين ۽ جميل آهي جو ماڻهو ڏسندي ڏسندي الله بابرڪات ذات جي حسين تخليق تي ايترو ته محو ٿي وڃي ٿو جو اها خبر نٿي پوي ته منهنجي اڳيان يا پويان ڪير بيٺو آهي. مان جيئن ان حسين نظاري کي ڏسڻ ۾ محو هيس خبر تڏهن اچي پئي جو هڪ ڊگهي خوبصورت نوجوان ڇوڪري اچي منهنجي مٿان ذري گهٽ چڙهي وئي. مان پنهنجي ليکي نظارو پئي ڏٺو ته اها ڇوڪري ان سڄي نظاري کي پنهنجي موبائل وڊيو ٺاهڻ ۾ مصروف هئي ۽ خبر اچي تڏهن پئي جڏهن اچي ”سيني نال لگ جا ٺا ڪرڪي“ ٿي ويو. مون جڏهن ڏٺو ته چوڻ لڳي ”I am Sorry“ مون چيو ته خير آ ڀلي اچي ٻيهر به هڻ، مون اهو کيس سنڌي ۾ چيو ۽ اها ڇوڪري مرڪندي هلي وئي. منهنجي محبوبه ڀرسان بيٺي هئي ۽ مون کيس چيو ته سائين! منهنجي اڃان مارڪيٽ آهي، تون هروڀرو دڙڪا ڏيندي آهين. بهرحال مان ۽ منهنجي محبوبه ان سين کي وڌيڪ انجواءِ ڪيو. منهنجا دوست ٻئي گاڏي کي بيهارڻ لاءِ جاءِ تلاش ۾ ويل هيا. جيڪڏهن اهي ساڻ هجن ها ته ڪولاچي صاحب نه پر سائين ممتاز شر صاحب ضرور ساڙ ڪري ها.
ناگرا فال کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو گهڻو ڪري ڪيناڊا واري پاسي کان ايندا آهن، ڇو ته ڏسڻ وارو دلفريب نظارو ڪيناڊا واري پاسي آهي. جنهن طرح سان پاڻي هيٺ ڪري ٿو ۽ ڪيناڊا سرڪار انکي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ خاطر پاڻي جي اندر جيڪو لائيٽنگ جو انتظام ڪيو آهي اهو ان سڄي منظر کي وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين بڻائي ٿو. جيڪڏهن سج نڪتل هوندو آهي ته ان وقت اهو سڄو منظر ايئن ٿي ويندو آهي جيئن پاڻ وٽ ڪافي بارشون پون ۽ اوڀر طرف کان رنگ برنگي وڏي ڊگهي انڊلٺ ٿيندي آهي پر اها صرف هڪڙي هوندي آهي، ناگرافال ۾ هڪ ئي وقت الاهي انڊلٺون نظر اينديون آهن، جنهن ڪري ماڻهو اتي اچي پهچندا آهن.
پاڪستان ۾ ايترا ڪافي سارا مقام آهن، جن جو پاڻي جو فال ناگرا فال کان ڪافي وڏو ۽ خوبصورت هوندو آهي پر اسان وٽ اهڙن ماڳن جي ڪا مالڪي ڪانه ٿئي ٿي. ايبٽ آباد، ڪشمير، سوات ۽ اترين علائقن ۾ تمام گهڻا ۽ وڌيڪ خوبصورت ماڳ آهن، جيڪڏهن انهن ماڳن تي صرف سياحت لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ ماڻهن لاءِ امن امان ۽ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ کي ضروري اپاءُ کڻڻ کپن.
ترقي يافته ملڪن جي ايڪانامي ۾ سياحت جو چڱو خاصو دخل آهي. سياحت جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي ڪاروبارن کي ترقي ملي ٿي ۽ روزگار جا ڪافي موقعا پيدا ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ گورنمينٽ جو گهڻو خرچ ڪونه ٿو ٿئي، عموماً دنيا ۾ سرڪار صرف رستا ۽ امن امان جو انتظام بهترين رکندي آهي، باقي انهن ماڳن کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ پرائيويٽ ڪمپنيون خرچ ڪنديون آهن. ڇو ته جڏهن اهڙن تفريح گاهن جي لاءِ سرڪار رستن ۽ امن امان جو بندوبست ڪندي آهي ته باقي ضروري سهولتون خانگي ادارا ڪندا آهن، جيئن هوٽل، شاپنگ مال، ريسٽورنٽ، ٽرانسپورٽ، پارڪس، گائيڊ، ميوزم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ان سان لاڳاپيل انڊسٽريز کي تقويت ملندي آهي. اهڙي طريقي سان عام ماڻهن ۾ سٺا اخلاق ۽ سهپ جو انداز به بهتر ٿيندو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ سٺو ۽ مثبت پيغام ويندو. سياحت هميشه اتي پران چڙهندي آهي جتي آيل ماڻهن سان سٺو ۽ سهڻو ورتاءُ ٿيندو آهي. پرائيويٽ ادارا هميشه انهن ماڻهن کي نوڪري ۾ رکندا، جن جا اخلاق ۽ ماڻهن سان ورتاءُ خوبصورت هوندو. پرائيويٽ ادارا انهن ماڻهن کي ڪونه رکندا، جيڪي نڪما، چور، ڪوڙا ۽ بداخلاق هجن، ڇوته انهن جي ڪمائي جو دارومدار انهن جي رکيل ماڻهن جي سهڻي ڪردار جي ڪري ٿيندو آهي. جڏهن سياحت تي اچڻ وارو ماڻهو انهن خوبين سان ميل جول ڏسندا آهن ته ٻين کي به اوڏانهن وڃڻ جي ترغيب ڏيندا آهن.

ll

سنڌ ۾ سياحت جي ترقي ڇو نه؟

سنڌ ۾ سياحت جي ترقي ڇو نه؟

سياحت کي پروموٽ ڪرڻ سان علائقي جي ماڻهن ۾ خوشحالي جي هڪ لهر اچيو وڃي ٿي ۽ ماڻهن ۾ سکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو، انهيءَ سان گڏوگڏ صفائي سٿرائي ڏانهن توجهه پيدا ٿئي ٿو. ماڻهو هميشه هڪٻئي سان ميل جول سبب گهڻو ڪجهه حاصل ڪندو آهي.
جڏهن اسان ناگرافال تي گهميو پئي ته ٿوري دير کان بعد رم جهم ۽ بوندا باندي واري ماحول ۾ سائين خير محمد ڪولاچي صاحب ۽ ممتاز شر صاحب گاڏي کي پارڪنگ ۾ بيهاري، اچي ناگرا فال جي خوشنما ماحول ۾ اسان سان مليا. اسان ناگرا فال جي سڄي پٽي گهمي ڦري اتي هڪ خوبصورت مال اندر وياسين جتي گفٽ وغيره لاءِ هر قسم جون شيون دڪانن تي سجايل هيون. هر شيءِ تي ڪنهن نه طرح سان ناگرافال جي مشهوري لاءِ اسٽيڪر ۽ پرنٽ ٿيل مواد هيو. اتي هر عمر جي ماڻهوءَ کي پسند اچڻ واريون شيون خوب سجايل هيون، جيڪڏهن ڪنهن جي دل خريداري ڪرڻ نه به چاهي ته به ضرور ڪنهن نه ڪنهن پرين پياري لاءِ ڪا سوکڙي ضرور وٺندو. قيمتون ٻاهر جي مارڪيٽ کان قدري مهانگيون ضرور هونديون پر اها قرباني صرف انهيءَ لاءِ ڄاڻي واڻي ڏيندو ته جيئن اها سوغات هميشه يادگيري لاءِ هوندي ته جڏهن به انکي ڏسندو ته ان ماڳ جو منظر سندس اکين اڳيان تري ايندو ۽ ايئن سمجهندو ته مان هينئر به اتي گهمان ڦران پيو.
صفائي ايتري جو توهان جي جوتي کي صاف ڪرڻ لاءِ پالش ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪپڙي سان هٿ ڦيرائڻ جي به ضرورت محسوس ڪونه ٿيندي آهي. مونکي اتي پٺاڻ نظر ڪونه آيو، شايد انهيءَ ڪري جو هميشه پٺاڻ جتي به ويندو آهي ته شروع ۾ هميشه بوٽ پالش ڪرڻ يا ريڙهي تي شيون رکي کپائڻ کان شروع ڪندو آهي، پوءِ اتي ڪا جهڳي اڏيندو آهي ٿورن ڏينهن ۾ هڪ کان ٻه ۽ ٻن مان چار پوءِ سورهن ايئن پٺاڻ وڌندو ويندو آهي. جيئن ته هتي وڪري لاءِ جيڪي به شيون رکيل آهن اهي سڀ ترتيب سان سجايل خوبصورت بلڊنگ جي اندر دڪانن تي رکيل هونديون آهن تنهنڪري ريڙهي تي رکي هيڏاهن هوڏانهن کڻي وڃڻ جي اجازت ڪنهن کي به ڪانه هوندي آهي، تنهن ڪري هتي پٺاڻ جو ٿوڪ ۾ نظر اچڻ محال آهي. باقي جيڪڏهن ڪو پٺاڻ هوندو ته جائز طريقي سان ڪٿي ڪم ۾ رڌل هوندو.
پنهنجي ملڪ ۾ هر ناقص شيءِ کي سائيڪل، سوزوڪي ۽ ريڙهي تي رکي موت جو سامان هر جاءِ پيا گهمائيندا جو ماڻهو جي لاءِ جيئڻ دشوار ڪري ڇڏيندا، جو ڪير اتان خير سان لنگهي ۽ گذري وڃي سگهي. اهو آزار صرف شهر تائين محدود ناهي پر سنڌ جي هر ڳوٺ تائين توهان کي پٺاڻ سبزي اها به سڙيل ۽ ڪني پاڻي سان ڌوتل، فروٽ سو به سڙيل ڦٽل ۽ ٽڪيل، سڪو ميوو جيڪو مال کي به کائڻ لاءِ وجهو ته منهن پري ڪري ڇڏي، ڪپڙا سئو روپيه وال وارو اوڌر تي ٽي سئو روپيه وال، پر اها اوڌر به مرد سان ڪونه ڪندا صرف اسان جي ٻهراڙي جي عورتن سان ڪندا.
سنڌي اهڙي ڳالهائيندا جو اندر ساڙي ڇڏيندا، اسان جي عورتن کي ڄڻ پنهنجون عورتون ڪري ڳالهائيندا. جيڪڏهن ڪو مرد وچ ۾ ڳالهائيندو ته اهو پٺاڻ اسان جي عورتن جو عزيز ٿي ويندو ۽ اسين پنهنجي عورتن لاءِ ڌاريا، واهه ڙي پٺاڻ تنهنجو ڪمال.
ڳوٺن ۾ پٺاڻ اڪيلو گهمندو انکي ڪو به خطرو ۽ خوف ڪونه هوندو ۽ ٻهراڙي جي سڀني عورتن جا نالا ياد هوندس جيڪڏهن نالو ياد نه هوندس ته ان عورت جا سڀ نقشا کيس ياد هوندا، پوءِ ڪير به پٺاڻ کان اوڌر تي سامان وٺي بلڪل بغير ڪنهن ڏکيائي جي انکي پٺاڻ اوڌر تي سامان ڏئي ڇڏيندو.
ڌاڙيل ۽ رئيس هميشه جهنگ جهر ۾ پٺاڻ جو رکوالو هوندو آهي ڇو ته هو انهن کي گهر ويٺي هٿيار پهچائي ايندو آهي. سنڌ ۾ پوليس پٺاڻ کي هٿ مورڳو ڪانه لڳائي ڇوته جيڪڏهن هڪ پٺاڻ کي ڪٿي به ٿوري تڪليف ايندي ته ڪانو جي هڪ ڪان ڪان ڪرڻ تي هزارين ڪانوَ ماڪڙ وانگر گڏ ٿي ويندا ۽ پٺاڻ پوليس ٿاڻي تي گهيراءُ ڪري ويهندا.
ترقي يافته ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي سبزي يا فروٽ وڪڻڻو هوندو آهي ته باقائده انهي کي دڪان ۽ انجي لاءِ صفائي وارو ماحول رکڻو پوندو آهي. بغير تصديق ٿيل ۽ صحتمند شيءِ کان علاوه ڪابه شيءِ وڪرو ڪرڻي ناهي.
هتي هر ڪم لاءِ قانون تي پورو لهڻو آهي ۽ قانون کان ٻاهر ڪوئي ڪم ڪرڻو ناهي، تنهنڪري رستي تي يا گهمڻ جي ماڳ تي ماڻهن کان علاوه رستي روڪ لاءِ ڪابه شيءِ ڪونه هوندي آهي.
قانون جي مطابق هلڻ واريون سوسائٽيون هميشه ترقي ڪنديون آهن، اسان وٽ سڀ ان جي ابتڙ پيو هلي، تنهن ڪري اسان اڃان تائين ترقيءَ جي پهرين ڏاڪي تي پير رکڻ جهڙا به ڪونه ٿيا آهيون. الله جي ذات اسان کي هر نعمت سان نوازيو آهي، جيڪڏهن گهٽتائي آهي ته اها صرف اسان جي پنهنجي بي رخي ۽ قانون تي عمل پيرا نه ٿيڻ جي.
بهرحال گهمي ڦري جڏهن اسان اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ته ڪولاچي صاحب چيو ته هلو ته هلي ٽم هارٽنس (Tim Horton’s) تي ڪافي پيون. ٽم هارٽنس ڪيناڊا ۾ تمام گهڻي مشهور ڪافي شاپ آهي، ڪيناڊا جي هر ننڍي وڏي شهر جي هر چوڪ تي ٽم هارٽنس ڪافي جا دڪان آهن. مان جڏهن ڪيناڊا پهتو هيم ته ڪيترن ئي دوستن پهريون اهو سوال ڪيو هيو ته سائين توهان ٽم هارٽنس تي ڪافي پيتي آهي؟ مون چيو ته اڃان ڪانه پيتي آهي ته هڪدم جواب ايندو هيو ته انجو مطلب ته تون اڃان ڪيناڊا ڪونه پهتو آهين. بهرحال اسان جڏهن اها ڪافي پيتي ته واقعي هڪ شاندار ڪافي هئي، پوءِ ته اسان ان جي لاءِ ايئن ديوانا هياسين، جيئن پٺاڻ نسوار لاءِ هجي. سو اسان سڀ ٽم هارٽنس شاپ تي وياسين، سائين ڪولاچي صاحب اسان لاءِ ونيلا فرينچ ڪافي آندي جيڪا اسان کي ڏاڍي پسند آئي. انهيءَ کان بعد واپس ٽورنٽو وڃڻ لاءِ راهي ٿياسين. رستي ۾ اهو پروگرام ٺهيو ته رهڻ لاءِ اتي هوٽل وٺون، جيڪو سائين ڪولاچي صاحب جي گهر کي ۽ ٽورنٽو شهر کي ويجهو هجي.
دوستن جي قرب سبب تمام سولو ۽ سٺو هوٽل اسان کي ڊنڊاس اسٽريٽ (Dundas Street) تي اوينيو موٽل (Avenue Motels) تي ڪيئنس بيڊ (Queens Bed) وارو ڪمرو ملي ويو، اسان وڃي ان ۾ پنهنجا ٽپڙ رکيا ۽ سائين ڪولاچي صاحب ممتاز شر سائين سان گڏ گهر ڀيڙا ٿيا. اسان جهٽ آرام ڪرڻ کان بعد مارڪيٽ ڏانهن واءُ سواءُ لهڻ خاطر هليا وياسين. مارڪيٽ وغيره گهمڻ کان بعد ماني جي طلب ٿي اسان اتي کاڌي پيتي لاءِ هڪ ريسٽورنٽ ۾ وياسين، جيڪو صاف سٿرو ۽ ڪافي ڪشادو هيو، جڏهن اسان ان کان پڇا ڪئي ته ڇا توهان وٽ حلال کاڌو آهي؟ چيائون ته نه، پوءِ مون ان کان پڇيو ته ڪٿان ملندو؟ ٻڌايائون ته هڪ اسان جي پٺيان آهي، ٻيو سائيڊ ۾ اڳتي آهي. اسان جڏهن سائيڊ واري ريسٽورنٽ تي پهتاسين ته انکان پڇيو ته ڀاءُ حلال کاڌو آهي؟ چيائين ته ختم ٿي ويو آهي، باقي توهان کي پٺيان واري هوٽل تي ملندو. اسان جڏهن ان ڏسيل هوٽل تي پهتاسين ته هڪ ڪشميري جوان ننڍڙي ڏاڙهي سان نظر آيو، اسان به وڃي السلام عليڪم ڪيو ۽ ماني کائي موٽل ڏانهن راهي ٿياسين. رهائش تمام آرامده ۽ پرسڪون هئي، تنهن ڪري خوب ننڊ ڪئي.
صبح جو مقرر ٽائيم کان اڳ سائين ڪولاچي صاحب اچي ويو ۽ اسان پنهنجو سامان کڻي گاڏي ۾ رکيو. ڪولاچي صاحب اسان کي سير ڪرائيندو اچي ٽورنٽو شهر جي وچ ۾ گاڏي پارڪنگ ڪئي. اسان پهرئين سٽ ۾ ريل گاڏي ۾ ٽورنٽو کان آٽوا (Toronto to Ottawa) لاءِ ٻه سيٽون بڪنگ ڪرائڻ لاءِ هيٺ لهي وياسين. هيٺ لهي وڃي قطار ۾ بيٺاسين. ڪيناڊا ۾ بزرگ ماڻهن کي هر معاملي ۾ رعايت ڏيندا آهن. تنهن ڪري ريل گاڏي جي ڪرائي ۾ مونکي بزرگ سمجهي رعايت ڏئي ڇڏيائون. اسان ريل گاڏي ۾ سيٽون محفوظ ڪرائي مٿي واپس آياسين ته سائين خير محمد ڪولاچي صاحب به گاڏي پارڪنگ ۾ پارڪ ڪري واپس پهچي ويو. ڪولاچي صاحب ٽورنٽو شهر جون مک جايون اسان کي گاڏي ۾ ڏيکاريون، جنهن ۾ اونٽاريو جي پارليامينٽ بلڊنگ (Parliament Building of Ontario) ۽ ان جي ڀرسان يونيورسٽي، اسپتالون، بينڪن جا هيڊ آفيس ۽ ٻيون اهم جڳهون گاڏي ۾ گهمائي ڏيکاريون. جنهن وقت اسان پارليامينٽ بلڊنگ وٽ پهتاسين ته پوري بلڊنگ وٽ صرف ٻه سپاهي نظر آيا ۽ اجلاس هلندڙ هيو. اسان جڏهن انهيءَ سپاهي کي چيو ته اسان پارليامينٽ جي اندر وڃي گهمڻ چاهيون ٿا ته ان اسان کي چيو ته توهان اندر وڃو پر جتي ڳاڙهو پٽو ڏنل آهي، انهيءَ کان اڳتي نه وڃو. اسان اندر وياسين ته در کان اندر داخل ٿيندي کٻي ۽ سڄي پاسي کان ٻه ڇوڪريون آيون جن مرڪندي پڇيو ته اسين توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهون ٿيون؟ اسان جون واڇون گودو ٿي ويون ۽ پاڪستان جي پوليس ۽ پارليامينٽ بلڊنگ جي اسٽاف ۽ هتان جي اسٽاف جو اخلاق ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. اسان چيو ته اسين هن بلڊنگ جو سير ڪرڻ ٿا چاهيون. پڇڻ لڳا ته توهان گروپ سان آهيو يا الڳ؟ مون چيو ته بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ وقت ته ٻه هياسين پر هينئر گروپ ۾ آهيون. چوڻ لڳيون ته ٻيا ڪٿي آهن؟ مون چيو ته ٻه اسان ۽ ٻه توهان گروپ ٿي ويو نه، ان چوڻ تي ڇوڪريون ڏاڍو کليون ۽ چوڻ لڳيون ته هي اسڪول جا ٻار آيا آهن، پندرهن منٽ بيهو ته توهان کي پوري بلڊنگ ٿيون گهمايون ۽ هلندڙ اسيمبلي جي اجلاس جون ڪجهه جهلڪيون به ٿيون ڏيکاريون. اسڪول جا شاگرد ست کان اٺ سالن جا مس هيا پر سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون قطار ۾ آيا ۽ قطار ۾ ٿي گهميا.
ڪيناڊا ۾ ننڍي ٻار کان وٺي ڊسپلين سيکارين ٿا، جنهن جو اثر انهن جي پوري حياتي تي نمايان هوندو آهي.
پارليامينٽ بلڊنگ جي ٿوري حصي کي ڏسي اندازو ٿي ويو ته هتي جا پارليامينٽ جا ميمبر، چاهي اسٽاف ڪيترو ته شانائتو ۽ محبت ڪرڻ وارو آهي جو ٻاهرين کي به قرب ڏين پيا.
ڪولاچي صاحب اتان اسان کي سڌو سي اين ٽاور (C N Tower) ڏانهن وٺي آيا ۽ جلدي ۾ ٽي ٽڪيٽون وٺي آيو، جنهن مان ٻه بزرگ شهري ۽ هڪ جوان شهري جي. 447 ميٽر مٿي اسان کي لفٽ صرف 58 سيڪنڊن ۾ پهچايو. مٿي پهچي وڃڻ کان بعد ڊگهيون عمارتون جن کي ڏسڻ لاءِ ٽوپي تي هٿ رکي مٿي نهاري پيا ڏسون ته اهي سڀ ان ٽاور جا ڄڻ ننڍا ٻار وانگر پيا لڳن. اونٽارو رور (Ontario River) جو نظارو به خوب پي ڏسڻ ۾ آيو. هيٺ لهي اچي ڪافي پيتي سين ۽ جيئن ته ريل گاڏي جي هلڻ جو وقت 3 لڳي 40 منٽ هيو، تنهن ڪري ڪولاچي صاحب کان موڪلائي سامان کڻي ريلوي اسٽيشن تي آياسين. جڏهن ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين ته پهريون مون سمجهيو ته شايد هي ريلوي اسٽيشن کان اڳ ۾ فائيو اسٽار هوٽل هوندو، انهيءَ کان بعد شايد ريل گاڏي جي اسٽيشن ٿيو هوندو. ريلوي اسٽيشن ايتري ته صاف سٿري ۽ ماڻهن جي هوندي به خاموش هئي، مونکي يقين ڪونه پيو اچي ته آيا مان ريلوي اسٽيشن تي آيو آهيان يا ايئرپورٽ تي. پاڪستان ايئرپورٽ تي به ڪافي ڪچرو ۽ ماڻهو جو آواز پري پري تائين پيو پهچندو آهي، پر هتي ته بلڪل خاموشي هئي، هر هڪ ماڻهو قطار ۾ بيٺو هيو، ڪنهن به قسم جو گوڙ گمسان ڪونه هيو.
اسان ٽرين جي دٻي ۾ چڙهي مس ويٺاسين ته واءِ فاءِ شروع ٿي وئي جيتريون سيٽون هيون اوترا مسافر گاڏي جي اندر هيا. ريل جي دٻي ۾ ويٺاسين ته سڄو ڏيک جهاز وارو هيو.


ll

ڪنسٽرڪشن جي موسم

ڪنسٽرڪشن جي موسم

ڪيناڊا ۾ ريل گاڏيون آهن سرڪار جون پر انهن کي پرائيويٽ ڪمپنيون هلائن ٿيون، باقي رولز ۽ ريگيوليشن سڀ سرڪار جا هوندا آهن. ٽورنٽو کان آٽوا (Toronto to Ottawa) تقريباً 500 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي، جيڪو چئن ڪلاڪن جو سفر آهي. اسان جي ٽڪيٽ ايڪانامي ڪلاس جي هئي پر پاڪستان ۾ ايئرڪنڊيشن دٻي کان وڌيڪ آرامده ۽ پرسڪون هئي. هڪ قطار ۾ ڪل چار سيٽون هيون ٻه کٻي پاسي ته ٻه سڄي پاسي ۽ وچ ۾ اچ وڃ لاءِ رستو هيو. پوري سفر ۾ نه پاسي واري مسافر جو آواز اسان تائين آيو نه وري اڳين سيٽ يا پوئين سيٽ وارن جو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ائين پيو لڳي ڄڻ ته سڀ گونگا ويٺا آهن.
هر مسافر کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب يا ليپ ٽاپ ۽ سيل فون هٿ ۾ هيو ڳالهائڻ تمام واجبي پر لکيل مٽيريل کي پيا پڙهن.
ريل گاڏي ۾ سامان رکڻ لاءِ بهترين انتظام هيو، جيئن ئي ڪوئي مسافر ريل گاڏي تي چڙهڻ لاءِ دروازي وٽ پهچي پيو ته جيڪڏهن هٿ ۾ وڌيڪ سامان آهي ته در وٽ چاڪ چوبند بيٺل ڇوڪري سامان پاڻ کڻي مٿي مقرر جاءِ تي رکي هيٺ لهي پئي وڃي ته جيئن ٻئي مسافر جي مدد ڪري سگهي.
اخلاق اهڙو جو سامان به توهانجو کڻي مٿي پهچائي پئي ڏئي ۽ مرڪندي شڪريو به ادا ڪري، ته تو مونکي خدمت جو موقعو ڏنو. سامان مٿي رکڻ يا لاهڻ لاءِ ڪا رقم به ڪونه وٺن.
هر ايندڙ اسٽيشن لاءِ انائونسمينٽ ڪن ته ڪيتري وقت کان بعد ڪهڙي ريلوي اسٽيشن ايندي. مسافر اڃان سيٽ تي ويهن ئي مس ٿا ته ريل گاڏي مقرر ٽائيم تي رواني ٿيو وڃي، ڪنهن به قسم جي ليٽ ٿيڻ جو ڪو چانس ڪونه هيو. ريل گاڏي جيئن هلڻ شروع ٿئي ته ٽڪيٽ چيڪر اچي توهان جي هڪ دفعو ٽڪيٽ چيڪ ڪندو، ان کانپوءِ هر هڪ کي ٻڌائيندو ويندو ته ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته هن بٽڻ کي صرف دٻائجو الا دين جي چراغ وانگر اچي ٽڪيٽ چيڪر حاضر ٿيندو.
ريل گاڏي اڃان ٿورو وقت هلي ته هڪ ڇوڪري جيئن هوائي جهاز ۾ ايئرهوسٽس کاڌي پيتي سان ڀريل ٽرالي کڻي هر مسافر کي کائڻ پيئڻ جو سامان اچي ڏئي وينديون آهن، اهڙي طرح ٽرالي کڻي هر مسافر کان پڇندي وئي ته ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ ته نه کپي، جيڪڏهن ڪنهن کي کپي ته پنهنجي کيسي کي هلڪو ڪري نه ته ويهي پنهنجا چپ چٽي. جنهن مسافر کي جيڪا شيءِ گهربل هئي، اها ان ٽرالي تان خريد ڪري کاڌي. انهيءَ کان بعد ۾ اها ڇوڪري ٽرالي موٽائي وڃي دروازي جي ڀرسان سامان رکڻ لاءِ جاءِ وٽ بيهي رهي. جيڪڏهن پوءِ به ڪنهن مسافر کي ڪا شيءِ وٺڻ جو خيال ٿيو پئي ته اٿي وڃي اها شيءِ خريد ڪري اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي پيو. ريل گاڏي ۾ واش روم هر دٻي ۾ صاف سٿرو ۽ ڪشادو هيو. اتي واش روم ۾ ڪم صرف ٽشو پيپر تي هيو، صرف هٿ ۽ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي هيو. جيئن ته اسان کي تجربو ٿي ويو هيو تنهن ڪري ننڍي پاڻي واري بوتل اسان ساڻ رکي ڇڏي هئي. آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ اهو فرق هيو ته واش روم يا باٿ روم کي آمريڪا وارا ريسٽ روم لکن ٿا ۽ ڪيناڊا وارا هر جاءِ تي واش روم لکن ٿا، باقي طريقيڪار ساڳيو اٿن. دنيا ۾ بلب کي ٻارڻ ۽ بند ڪرڻ جو ابتو طريقو ٻنهي ملڪن ۾ ساڳيو آهي، اسان بلب هلائڻ لاءِ بٽڻ کي هيٺ ڪيون، هتي ابتو يعني بٽڻ کي مٿي ڪيون ته ملڪ روشن ٿئي ۽ بٽڻ هيٺ ڪيون ته انڌارو.
ٿوري دير کان بعد ٽڪيٽ چيڪر ۽ اها ٽرالي واري ڇوڪري گڏجي هڪ وڏي ٿيلهي کڻي آيون ۽ جيڪو ڪجهه ڪچرو ڪنهن وٽ ننڍي ٿيلهي ۾ هيو، اهو سڀ کڻي ويون. اسان کي ريل گاڏي ۾ چڙهڻ کان ويندي ريل گاڏي مان لهڻ تائين دٻي جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ ڪو گند ڪچري جو ڪو به نالو نشان نظر ڪونه آيو. ايترو ته ريل گاڏي جو دٻو صاف سٿرو هيو جو جيڪڏهن کير به هارجي وڃي تڏهن به کير بلڪل سفيد رهندو، ان ۾ ميراڻ نظر ڪانه ايندي.
اسان جو ان ٽرين ۾ پهريون ڀيرو سفر هيو ته مون ٽڪيٽ چيڪر مائيءَ کي چيو ته جڏهن اسان جي اسٽيشن اچي ته پنج منٽ اڳ ۾ اسان کي اطلاع ڪجو. مرڪي چيائين ته فڪر نه ڪريو، مان توهان کي اچي ٻڌائينديس. اسان ٽڪيٽ ٽورنٽو کان آٽوا جي لاءِ ورتي هئي پر اسان کي دوست فون ڪري چيو ته آٽوا کان هڪ اسٽيشن اڳ ۾ فالو فيلڊ اسٽيشن (Fallowfield Station) ايندي تنهن تي لهجو ڇو ته اها منهنجي گهر کان ويجهي ۽ ٽريفڪ به ايتري ڪانه هوندي ۽ روزي جي افطاري تائين گهر پهچي وينداسين. مون اسٽيشن جو ان ٽڪيٽ چيڪر عورت کي چيو ۽ چيائين ته اها اسٽيشن هاڻي کان ٻه ڪلاڪ 55 منٽ بعد ۾ ايندي ۽ جڏهن اها اسٽيشن قريب ٿيندي ته مان اچي توکي اطلاع ڪنديس. اسان بي خوف ٿي ويهي رهياسين ۽ بلڪل پنج منٽ اڳ ۾ آئي ۽ ٻڌايائين ته توهان جو اسٽاپ پنج منٽ کان بعد ايندو. ٽي ڪلاڪ اڳ جيڪو ٽائيم ٻڌايائين، بلڪل انهيءَ ٽائيم تي اچي ريل گاڏي انهيءَ اسٽيشن تي پهتي. اسان هيٺ لٿاسين ته منهنجو دلبر دوست سائين سليم ڄام پليٽفارم تي گاڏي سميت بيٺو هيو. سائين سليم ڄام پنجاب جي ضلعي رحيم يارخان جا رهڻ وارا ۽ قربدار دوست آهن. سليم ڄام صاحب اصل يار غار آهن سائين فيض کوسو صاحب جا. فيض کوسو صاحب ڳوٺ احمد پور ضلعي خيرپور جا رهاڪو آهن ۽ سفير (Ambassdor) جي عهدي تان رٽائر ٿيا آهن. اسان جي خواهش هئي ته اسان ڪنهن ڀرپاسي واري هوٽل تي وڃي رهون، ڇو ته آمريڪا يا ڪيناڊا ۾ ماڻهن وٽ وقت تمام گهڻو قيمتي هوندو آهي، تنهن ڪري هتي صرف ٻه ڏينهن ويڪ اينڊ وارا هو پنهنجي مرضي مطابق گذاريندا آهن، باقي روبوٽ وانگر ٿي ڪم ڪندا آهن.
بهرحال سائين سليم ڄام اسان کي سڌو پنهنجي گهر وٺي هليو، افطاري جو وقت ٿيڻ وارو هيو، جو اسان سائين جي گهر وڃي پهتاسين. اسان کان اڳ سندس گهر تي ٻه ٽي ٻيا مهمان به گهرايا هيائين، جن سان گڏجي روزو افطار ڪيوسين ۽ نماز مغرب کان بعد ٽيبل تي ماني رکجي وئي ۽ حڪم ٿيو ته اچي سڀ ماني کائو. ماني کائڻ کان بعد خوش و خير عافيت ٿي ۽ ڳالهين ڪندي رات جا 12 ٿي ويا. انهيءَ کان بعد عشاءَ نماز پڙهي وڃي ڪمري ۾ ستاسين ته در کڙڪائي چَيُن ته ڀائو روزو رکڻ جو وقت ٿي ويو آهي. وري اچي سحري لاءِ گڏ ٿياسين. اسان کي ٽائيم جي ايتري خبر ڪانه هئي تنهنڪري جڏهن پڇا ڪئي ته باقي گهڻو ٽائيم بچيو آهي سحري لاءِ؟ خبر پئي ته ست اٺ منٽ بچيا آهن، پوءِ اسان ايئن سحري کي ورتو جيئن مزدور گاڏيءَ ۾ بي دردي سان سامان اڇلائيندا وڃن. جڏهن سحري ۾ ٽي منٽ بچيا ته چانهه جو وڏو مگ اچي سامهون رکيائون، هاڻي سواءِ ساسر جي مدد کان ٻيو ڪو چارو ڪونه هيو سو چانهه کي پليٽ ۾ اوتي ٻن منٽن ۾ سڄي مگ جو ڪم لاٿوسين پوءِ به هڪ منٽ سحري ڪرڻ کان پوءِ به بچيو.
سحري ڪرڻ بعد سليم صاحب ڊائري ڪڍي، منهنجي اڳيان رکي ۽ چيائين ته ڀائو صبح جو ڏهين وڳي گهر کان نڪرنداسين ۽ فلاڻي جاءِ پهچنداسين ۽ فلاڻي ٽائيم تي هي هي رزرويشنس ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ هي سڄو ڏينهن اڄ هتي ڪي هتي گذارڻو آهي.
سڀاڻي لاءِ هيءُ رزرويشنس ڪيل آهن ۽ توهان کي فلاڻي ٽائيم تي تيار ٿي گهر کان هلڻو آهي. ٽئين ڏينهن جو هيءُ پروگرام آهي. چوٿين ڏينهن توهان جو سڄو ڏينهن فلاڻي فلاڻي جاءِ لاءِ رزرو ڪرائي ڇڏيو آهي.
مون عرض ڪيو ته ڄام صاحب ڀلا ان ۾ ٽائيم جي ڪا ردوبدل به ٿي سگهي ٿي يا نه؟ چيائين ته سائين هي پاڪستان ناهي، هيءُ ڪيناڊا آهي، هتي هر ڪم لاءِ ٽائيم مقرر ٿيل هوندو آهي، تنهن ڪري غلطي جي ڪابه گنجائش ڪانهي.
ڪيناڊا اهو ملڪ آهي، جتي عموماً ٻه موسمون هونديون آهن، جنهن کي هتان جي زبان ۾ چوندا آهن: هڪ ونٽر سيزن، ٻي ڪنسٽرڪشن سيزن. ڪيناڊا ۾ جهنگلات تمام گهڻا آهن، تنهن ڪري بارش به جام پوندي آهي، وري دنيا جي اهڙي محل۽ وقوع تي آهي جو سردي جي موسم ۾ سردي به جام پوندي آهي ۽ برفباري تقريباً ست کان اٺ مهينا پوندي رهندي آهي. هن سال ونٽر جي موسم اٺن مهينن کان ڪجهه زياده ٿي آهي، جيڪا اڄ سوڌو ڪيناڊا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ برفباري هلي پئي. تنهن ڪري ڪيناڊا ۾ موسم بهار هاڻي پيو شروع ٿئي ۽ وڻن ۾ ساوڪ ٿيڻ شروع ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ٻن ٽن هفتن ۾ مڪمل علائقو سرسبز ۽ سائو ٿي ويندو. جڏهن ته پاڻ وٽ فيبروري مهيني ۾ بهار جي موسم شروع ٿي ويندي آهي ۽ هتي هينئر مئي جو مهينو پيو هلي ۽ وڻ ساوڪ لاءِ تياري پيا ڪن.
اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي ته جتي بارش ۽ برفباري زياده ٿيندي آهي اتي پاڻي جا وهڪرا به عام ۽ جام ٿيندا آهن، جيڪي ڪيناڊا ۾ نظر به پيا اچن. ڪيناڊا جو گهڻو علائقو جهنگلات ۽ ڍنڍن ڍورن تي مشتمل آهي.
ريل گاڏي ۾ جيئن سفر شروع ٿيو ته اونٽاريو رور (Ontario River) اسان سان گڏ هلندي پئي هلي، پر ريل گاڏي جي رفتار کان اونٽاريو رور جي رفتار تمام گهڻو تيز هئي جو جڏهن به ٿوري اوٽ ٿئي پئي ته اونٽاريو رور اسان کان اڳ ڪڍي اسان سان ساڻ هلندي پئي هلي. ڪجهه جاين تي ڪنهن ٻئي پاسي نڪري پئي وڃي ته ٿوري دير کان پوءِ اچي اسان جو اڳ جهلي پئي بيهي. اسان جي ۽ اونٽاريو رور جي وچم لڪ ڇپ راند سڄي رستي سان هلندي رهي. آخرڪاراسان ٿڪجي پياسين جو آٽوا (Ottawa) جي شهر کان هڪ اسٽيشن اڳ اسان فالوفيلڊ اسٽيشن (Fallowfield Station) کان لڙي وياسين پر اونٽاريو رور اڳتي ڊُڪ ڀڄندي پئي وئي، پوءِ الائي ڪاٿي وڃي تڪ تي بيهندي بهرحال اسان کان گوءِ کٽي وئي.
سڄي رستي ۾ مونکي صرف، جهنگل، ڍنڍون ۽ ڍورا پاڻي سان ٽٻٽار ٿيل، ڳوٺ جي ڀرسان اسڪول ۽ راند لاءِ وڏا ميدان، زمين تي سائي چادر وڇايل، ڪنهن به گهر جي ٻاهران ديوار نظر ڪانه آئي.
موسم بهار جي شروعات ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري ڪٿي ڪٿي وڻن ۾ شباب اچي پيو ته ڪٿي اڃان سانباهن ۾ هيا، تنهن ڪري مختلف رنگ برنگي وڻ ٽڻ ڏسي دل کي تمام گهڻي راحت اچي پئي. پوري رستي ۾ ڪٿي به اڏامندڙ مٽي مونکي نظر ڪانه آئي. پاڻ وٽ ٽرين يا ٽرڪ ته پري جي ڳالهه آهي، صرف گڏهه گاڏو پاسو ڏئي لنگهندو آهي ته مٽي وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪندي آهي. هتي مٽي ٿئي ته ڪيئن ٿئي، هتي هر وقت بارش پئي ٿيندي رهي، تنهن ڪري جيڪو زمين جو ٽڪرو خالي هوندو آهي، اهو قدرتي طور سرسبز هوندو آهي.
ڪيناڊا ۾ بارش ۽ برفباري جام ٿيندي آهي، تنهن ڪري روڊ تي لوڻ جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي، تنهن ڪري رستن جي مرمت شهر چاهي جهنگل ۾ ٿيندي رهندي آهي، انهيءَ کان علاوه ڪيناڊا ۾ هر سال ٻاهر جي ملڪن جي ماڻهن کي ڪيناڊا جي شهريت ڏين ٿا، جيڪا لکن جي تعداد ۾ آهن. هر دفعي ايندڙ نئين عوام لاءِ رهائش ۽ شهر جي وڌندڙ آبادي کي به رهڻ لاءِ گهرن جي ضرورت ٿيندي رهي ٿي، جنهن ڪري هائوسنگ جون نيون اسڪيمون چاهي پراڻين جاين جي مرمت وغيره لاءِ صرف چار مهينا موقعو ملندو آهي، تنهن ڪري سرڪاري، لوڪل گورنمينٽ يا پرائيويٽ ادارا انهن چئن مهينن ۾ تعميرات وغيره جو ڪم ڪندا آهن، هتي عام طور چوندا آهن ته هتي يا ته سردي ۽ برفباري ٿيندي آهي يا وري ڪنسٽرڪشن ٿيندي آهي.


ll

ڪيناڊا جي وزير اعظم جو گهر

ڪيناڊا جي وزير اعظم جو گهر

فالو فيلڊ اسٽيشن (Fallowfield Station) کان اسين سائين سليم ڄام سان گڏ سندس گهر وڃون پيا ته اهو وقت شام جو اٺ لڳي ڪجهه منٽ ٿيا هيا ۽ روزي جي افطاري ۾ اڃان منو ڪلاڪ کن هيو. سليم سائين جيئن ته آٽوا شهر کان ٻاهر پنجويهه کان ستاويهه منٽن جي فاصلي تي ٻهراڙي واري علائقي ۾ پيا رهن پر مون ڏٺو ته جيئن اسان جي ملڪ جو ڪو وي آءِ پي ڪنهن علائقي ۾ ايندو آهي ته روڊن ۽ رستن تي ميونسپل جي صفائي واريون گاڏيون صفائي ڪنديون آهن، اهڙيءَ طرح ٻهراڙي جي عام رستن کي صاف ڪرڻ واري گاڏي پنهنجي ڪم ۾ محو لڳل هئي. مان پنهنجي خيال ۾ گم ٿي ويس ته هتي بارشن جي سبب مٽي جي دز به نظر نٿي اچي، پوءِ به هو روڊ کي هلندڙ گاڏي وسيلي ڇنڪار ڪندي ۽ پوچو ڏيندي صاف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن ته روڊ بلڪل صاف چلڪيدار نظر پيو اچي. اها گاڏي صفائي ڪري پئي ۽ اسانجو اتان گذرڻ ٿيو ته مون جڏهن روڊ تي نظر وڌي ته سڄو آسمان جُهڙ سميت مون کي روڊ ۾ نظر اچڻ لڳو.
سليم سائين چيو ته ”ميڊي سائين تسان ڪٿي گم ٿي گئي او؟“ مون چيو ته ”سائين روڊ صاف لڳو پيو آهي، پوءِ به هي گاڏي صفائي پئي ڪري؟ چيائين ته ”سائين اهو صفائي جو ڪم سڄو ميونسپل ڪرائيندي آهي ۽ هتي اهو اصول آهي، روڊ ۽ رستن جي صفائي تي خاص خيال ڏيندا آهن ته جيئن هلندڙ گاڏين جي وسيلي گندگي نه ٿئي، تنهن ڪري روڊ ايترا صاف هوندا آهن جو هلندڙ گاڏي تي به مٽي لڳل نظر نه اچي جو متان انهي وسيلي آب و هوا تي خراب اثر پوي. ٻيو ته جڏهن برفباري ٿيندي آهي ته روڊ جي مٿان لوڻ جو استعمال گهڻو ٿيندو آهي ته جيئن روڊ تي ٽريفڪ روان دوان رهي ۽ برف کي هٽائڻ ۾ آساني ٿئي. جڏهن برفباري جي موسم ختم ٿي ويندي آهي ته روڊ کي ويڪيوم (Vacum Cleaner) سان صاف ڪندا آهن ته جيئن روڊن جي جيڪڏهن ڪٿي مرمت ڪرڻي هوندي ته ان کان اڳ صفائي ٿي وڃي.“
هلندي جڏهن اسين ڳوٺ جي اندر داخل ٿيڻ لڳاسين ته سليم سائين جي چوڻ مطابق ته هي اسانجو ڳوٺ آهي. ڪيناڊا جي ڳوٺ جي اهڙي صفائي ۽ سهولتون ته ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس، لاهور جي گلبرگ، بحريه ٽائون ۽ اسلام آباد جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪونه هونديون آهن. مثلاً: هر گهر جي اڳيان هڪجهڙي سر سبز لان، هر گهر جي اڳيان وڻ پوکيل، هر گهر لاءِ بجلي، گئس، ٽيليفون ۽ در تائين رستو ٺهيل، هر گهر جي اڳيان پنڌ گهمڻ لاءِ پڪو ڪنڪريٽ سان رستو ٺهيل، هر گهر جنهن ۾ ٻار اسڪول وڃڻ جهڙو آهي ته اسڪول بس اچي اتان ٻار کي کڻندي ۽ پهچائيندي، هر گهر جي اڳيان ڪچري اڇلڻ لاءِ ٽن قسمن جا دٻا بلو، سائو ۽ ڪارو رکيل آهن. جنهن ۾ ڪچري اڇلڻ لاءِ مخصوص رنگ واري دٻي ۾ مخصوص قسم جي ڪچري کي اڇلڻو آهي. جيئن ڪي ڪاغذ وغيره آهن ته انهن کي الڳ رنگ واري دٻي ۾ اڇلڻو آهي ته جيئن اهو ٻيهر ريسائيڪل ٿي ڪاغذ وغيره ٺهڻ جي ڪم اچي.
اهڙي طرح ڪچن اندر ٿيل ڪچري کي به الڳ الڳ ڪري هر دٻي ۾ وجهڻو آهي، مثلاً گوشت جو ٻوڙ کاڌو، ان مان جيڪي هڏا نڪرندا، انهن کي الڳ دٻي ۾ اڇلڻو آهي. سبزي کي ڪٽڻ وقت جيڪي ڪچرو ٿئي، اهو الڳ دٻي ۾ وجهڻو آهي. پلاسٽڪ وغيره جي ٿيلهين کي الڳ دٻي ۾ وجهندا ۽ ريسائيڪلنگ لاءِ استعمال ڪندا آهن.
انهن دٻن ۾ اڇلايل ڪچري کي ڪٿي زمين تي ڪنهن کڏ ۾ وڃي ناهن اڇلائيندا، بلڪه انهن دٻن ۾ اڇلايل ڪاغذن کي ٻيهر ڪاغذ ٺاهڻ واري ڪارخاني ۾ ٻيهر پيپر ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. پلاسٽڪ واري ڪچري کي پڻ ٻيهر ڪارخاني ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن.
ڪچن جي کاڌي پيتي واري بچيل ڪچري کي انهن ڪارخانن کي ڪچرو ڏيندا آهن، جيڪي ڪتن، ٻلن، ڪڪڙن ۽ پاڻي جي مخلوقات جي خوراڪ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. مطلب ته ٽنهي قسم جي ڪچري کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان استعمال ڪندا آهن ۽ ماحول کي خراب ڪونه ڪرڻ ڏيندا آهن.
آبادي جي حساب سان هر ڳوٺ ۾ اسڪول، راند کيڏڻ لاءِ وسيع گرائونڊ، جم، لائبريري، اسپتال، وسيع پارڪ ۽ شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون جديد قسم جون سڀ ضروري سهولتون آهن، جيئن اُتان جي رهائشي عوام کي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوي.
انهيءَ سان گڏ هر ڳوٺ يا محلي ۾ رهندڙن لاءِ به ڪجهه قانون آهن، مثلاً ڪنهن گهر جي اڳيان دٻي کان ٻاهر رکيل ڪچرو نظر آيو ته ڏنڊ ڀريندو.
برفباري بعد گهر جي اڳيان پنڌ گهمڻ واري رستي تان برف کي هٽائي ماڻهو جي گهمڻ لاءِ رستو صاف ڪري رکڻو آهي. جيڪڏهن برف رڪجي وئي ۽ برف پنهنجي گهر جي سامهون واري حصي تان نه هٽائي وئي ته ٽڪيٽ معنيٰ جرمانو لاڳو ٿي ويندو، پنهنجي گهر اندر ايترو وڏو شور شرابو ناهي ڪرڻو جو پاڙي وارو تنگ ٿئي.
ڪيناڊا جي پوري ملڪ ۾ اسڪول بسون هڪجهڙيون ۽ ڦِڪي (Yellow) رنگ واريون آهن.
اسڪول بس جنهن به جاءِ بيٺل هوندي ۽ سائيڊ سان اسٽاپ جو نشان لڳل هوندو ته سڀ گاڏيون اسڪول بس کان اڳ يا پٺ واريون اتي بيهي رهنديون، جيستائين اسڪول بس اسٽاپ جي نشان کي بند ڪري. انهيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪير وي وي آءِ پي به اچي ويا ته اهي سڀ به بيهي رهندا، ڪنهن جي مجال ناهي ته اسڪول بس بيٺي هجي ۽ ٻار بس تي چڙهندا يا لهندا هجن ته ڪير اڳتي وڌڻ جي جرئت ڪري.
جيڪڏهن اسڪول بس اسٽاپ جو نشان لڳايو آهي، پوءِ به جيڪڏهن ڪا گاڏي گذري ته ان تي تمام گهڻو جرمانو پوندو آهي ۽ ڊرائيور تي ڇهه ڊي ميرٽ پوائٽس (Six Demrit Points) ۽ چار هزار ڊالر تائين جرمانو لاڳو ٿي ويندو.
جيڪڏهن ٻيو دفعو ساڳيءَ طرح ڊرائيور غلطي ڪئي ته چار هزار ڊالر جرمانو ۽ ڇهه مهينا جيل به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ کان علاوه ٻيون ڇهه ڊي ميرٽ پوائنٽس ٿيندس.
ڪيناڊا ۾ ڊرائيور لاءِ ڪل 15 ميرٽ پوائنٽس رکيل آهن، انهيءَ جو مطلب ته ڊرائيور جو ڊرائيونگ لائسنس معطل ٿي ويندو ۽ ڪيناڊا ۾ ڪابه گاڏي هلائي ڪونه سگهندو.
جيڪڏهن اسڪول بس اچي بيٺي ۽ اسٽاپ جو نشان ٻاهر ڪڍيو ته پوءِ ٽن قسمن جي گاڏين ايمبولينس، فائربرگيڊ ۽ پوليس جي گاڏين کي به بيهي رهڻو آهي يا ون وي کي ٽوڙي ٻئي پاسي واري رستي سان وڃڻو آهي پر جيڪڏهن انهيءَ ساڳي رستي تان وڃڻو اٿن ته اسڪول جي ٻارن کي پهريان گاڏي ۾ ويهاري دروازا بند ڪري پوءِ اسٽاپ جي نشان کي اندر ڪيو ويندو ۽ پوءِ ئي اُهي ٽئي گاڏيون گذري سگهن ٿيون، باقي ٻي ڪابه گاڏي نٿي گذري سگهي، پوءِ ڀلي اُها وزيراعظم جي گاڏي ڇو نه هجي.
پروگرام مطابق اسان صبح جو آٽوا (Ottawa) شهر گهمڻ خاطر نڪري وياسين. اڄ تائين مونکي صرف اها خبر هئي ته ڪيناڊا جي گاديءَ جو هنڌ آٽوا صرف هڪ شهر آهي پر گهمڻ کان پوءِ خبر پئي ته
آٽوا (Ottawa) ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي پر راولپنڊي ۽ اسلام آباد وانگر هتي ٻه هر شهر آهن: (1) آٽوا (Ottawa) ۽ (2) گيٽنو (Gatineau).
آٽوا انگلش ڳالهائڻ وارن جو شهر ۽ اونٽاريو (Ontario) صوبي جو شهر آهي، جنهن جي آبادي تقريباً 8-9 لک ٿيندي. گيٽنو (Gatineau) شهر فرينچ ڳالهائڻ وارن جو شهر آهي، جيڪو قيوبيڪ (Queabec) صوبي جو شهر آهي، رهائش وغيره لاءِ گيٽنو شهر سستو آهي، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مهانگائي ۾ فرق هوندو آهي، باقي شهر جي آبادي تقريباً 7-8 لک ٿيندي.
ڪيناڊا جي آبادي جي لحاظ کان اونٽاريو صوبو سڀني صوبن کان گهڻو آهي پر ايراضي جي پکيڙ مطابق قيوبيڪ صوبو سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان اونٽاريو کان بعد ٻيو نمبر قيوبيڪ صوبوآهي. قيوبيڪ جي سرڪاري زبان فرينچ آهي، تنهن ڪري ڪيناڊا جون سرڪاري زبانون ٻه آهن: انگريزي ۽ فرينچ.
آٽوا شهر جي بزنس لاءِ نوڪري انهن ماڻهن کي ڏيندا آهن جيڪي انگلش ۽ فرينچ ڳالهائي سگهن ٿا. تنهنڪري ٻاهرين ملڪن مان جيڪي ماڻهو آٽوا ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، تن کي ٻنهي زبانن تي مهارت حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي، تنهنڪري گهڻا پاڪستاني ٽورنٽو يا ٻئي پاسي وڃڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ڪجهه پاڪستاني ٻنهي زبانن تي مهارت حاصل ڪري وٺن ٿا، تنهنڪري آٽوا ۽ قيوبيڪ صوبي جي علائقي ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪن ٿا.
آٽوا شهر خوبصورتي سان گڏ ملڪ جو صدرمقام آهي، تنهن ڪري سرڪاري آفيسون وغيره سڀ هتي آهن، باقي ڪمرشل هيڊڪواٽر ٽورنٽو آهي، جيئن ڪراچي ۽ اسلام آباد پاڪستان ۾ آهن.
ڪيناڊا جي وزيراعظم جو سرڪاري گهر هڪ عام روڊ تي تقريباً چار پنج ايڪڙن تي مشتمل آهي. وزير اعظم هائوس جي در تي بيٺل صرف هڪ سپاهي نظر آيو ۽ گهر پري کان مونکي ڊي سي ميرپور خاص جي گهر جهڙو پئي لڳو. ٻئي پاسي ٿوري اڳتي ملڪه ايلزبيٿ جو نمائندو يعني گورنر جنرل جو گهر ۽ آفيس آهي، جنهن جي ايراضي تقريباً 70-80 ايڪڙ جي قريب نظر آئي پئي.
ڪيناڊا ۾ سرڪاري وهنوار سڀ وزيراعظم پارليامينٽ جي ذريعي هلائيندو آهي، باقي جڏهن ڪوئي پارليامينٽ قانون پاس ڪندي آهي، اهو صرف گورنرجنرل جي دستخط کان بعد لاڳو ٿيندو آهي. سو قانون ۾ اڃان برطانيه جي موجودگي آهي. ڇو ته گورنر جنرل برطانيه جي راڻي جو نمائندو هوندو آهي، اهڙي طرح ڊپٽي گورنر هر صوبي ۾ هوندا آهن، جيڪي سرڪار جي نمائندگي ڪندا آهن.

ll

مانـٽريال ڏانـهن روانـگي

مانـٽريال ڏانـهن روانـگي

آٽوا شهر جو سير ڪرڻ ۽ ڪيناڊا جي پارليامينٽ بلڊنگ کان بعد مانٽريال (Montrial City) ڏسڻ خاطر روانا ٿياسين. ڪيناڊا جي وڏن شهرن مان مانٽريال ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. مانٽريال شهر جي آبادي 40 لک جي قريب آهي. مانٽريال شهر فرينچ اسپيڪنگ ڪيوبيڪ (Queabec Province) جو شهر آهي. مانٽريال شهر ڪيناڊا جي گاديءَ واري شهر آٽوا کان تقريباً ٻه سئو ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڪار جي ذريعي مانٽريال تائين پهچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ کن لڳن ٿا. ڪيناڊا جي شهرن وانگر کليل ۽ ترتيب سان ٺهيل آهي. ڪيوبيڪ صوبو آزادي کان اڳ فرينچ ڪالوني جو حصو رهيو آهي، تنهنڪري هتان جي سرڪاري توڙي مارڪيٽ جي بازار فرينچ آهي.
ڪيوبيڪ جي گاديءَ جو شهر ڪيوبيڪ سٽي آهي پر ڪمرشل شهر مانٽريال آهي. هوائي جهازن کي ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ مانٽريال ۾ آهن. مانٽريال شهر جي آبادي عيسائين، مسلمانن، يهودين، ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم ۽ ٻين تي مشتمل آهي.
مسلمان هن شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ آهن، جيڪي تقريباً 22 کان 25 سيڪڙو ٿيندا. مسلمانن ۾ عرب مسلمان گهڻا آهن، تنهن کان پوءِ ايشيا جا رهاڪو آهن، جن ۾ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش ۽ افغانستان وغيره شامل آهن. شهر جي جوڙجڪ اهڙي طرح ٿيل آهي جو جيڪڏهن هتان جي ڊرائيورن کي چئبو ته عربن واري علائقي ۾ وٺي هل يا مسلمانن واري علائقي ۾ ته آساني سان هلي اتي پهچائيندا.
مانٽريال کي جيتري ٿوري عرصي ۾ جيڪو مون سمجهيو ته شهر جي هڪ حصي ۾ اصل هتان جا مقامي باشنده رهن ٿا. ان کان بعد جيڪ پورچگيز ۽ اسپين کان آيا اهي رهن ٿا، ان کان بعد فرينچ ڪالوني مان عرب هتي لڏي آيا، ان کان بعد ديسي معنيٰ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش کان لڏي آيا، چيني ۽ ٻيا يهودي هميشه وانگر پاڻ ۾ گڏ ۽ مهانگي علائقي ۾ رهن ٿا.
مهانگن علائقن ۾ گڏيل آبادي رهي ٿي، جنهن ۾ فرينچ، اسپين، پورچگيز، عرب ۽ ديسي رهن ٿا. مانٽريال شهر جا روڊ ۽ رستا ڪشاده ۽ بلڪل سڌا ڪوئي ور وڪڙ نظر ڪونه آيو. مانٽريال شهر ۾ وڻج ۽ واپار جون پراڻيون ڪوٺيون ٺهيل آهن، جتي بحري جهازن ذريعي ڏيساور ملڪن سان ڏيتي ليتي ٿيندي هئي ۽ انهن پيچرن کي اڄ تائين محفوظ ڪري رکيو اٿن.
ڪيناڊا جيئن ته هڪ ڪنفيڊريشن وارو ملڪ آهي، جنهن ۾ صوبن جي خودمختياري ڪافي حد تائين برقرار آهي. مون کي هتان جي ماڻهن سان گفتگو ۾ ايئن محسوس ٿيو ته مرڪز جي ڪابه اهڙي اٿارٽي ناهي جو ڪنهن به صوبي کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي يا هلائڻ جي ڪوشش ڪري. اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته صوبن هميشه مرڪزي سرڪار جي مٿان حاڪميت برقرار رکي آهي، سواءِ پرڏيهي، خزاني ۽ ڊفينس وارن محڪمن جي.
صوبن جو هڪٻئي سان وهنوار به برابري واري بنيادن تي آهي، چاهي ڪنهن جي آبادي يا ايراضي گهٽ يا وڌ آهي.
پارليامينٽ ۾ سواءِ سينٽ جي قومي اسيمبلي جون سيٽون صوبن جي آبادي مطابق آهن جيئن پاڪستان ۾ آهي پر اهڙي طرح جي صورتحال ناهي جو گهڻائي وارو صوبو ٻين جو خيال نه ڪري.
شهر ۾ اچ وڃ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بهترين نظام آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي ڪا ڏُکيائي محسوس نٿي ٿئي. مانٽريال جي ڪمائي جو ذريعو گهڻي ڀاڱي مينيوفيڪچرنگ انڊسٽريز، سروس سيڪٽر ۽ سياحت تي مشتمل آهي. حالانڪه ڪيوبيڪ جي سڀني شهرن بشمول مانٽريال سياحت لاءِ چار کان پنج مهينه ٿين ٿا پر سياحن جي سهولت ۽ انهن جي لاءِ پسنديده شين کي اهڙي طرح دلفريب انداز ۾ پيش ڪن ٿا جو ماڻهو پنهنجو وقت ۽ پيسه سيڙائي سياحت ۽ تفريح لاءِ هتي اچن ٿا.
مانٽريال شهر جيئن ته فرينچ ڳالهائڻ وارو علائقو آهي پر سياحت خاطر انگلش به آساني سان ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. مانٽريال ۾ گهمڻ لاءِ مانٽريال ميوزم آف فائين آرٽس، مانٽريال جي وڻن جو باغ، جبل تي گهمڻ لاءِ شاهي رستو، مانٽريال سائنس سينٽر، ماحوليات وارو ميوزم ۽ ٻيا ڪافي خوبصورت ۽ ڄاڻ جا مرڪز آهن.
ڪيوبيڪ صوبو ڪيناڊا جي شاهوڪار صوبن مان هڪ آهي. سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار صوبو اونٽاريو (Ontario) آهي. ٻئي نمبر تي شاهوڪار صوبو ڪيوبيڪ (Queabec) آهي، ٽئي نمبر تي البرٽا (Alberta) صوبو آهي، پوءِ برٽش ڪولمبيا (British Columbia) وغيره وغيره.
ڪيناڊا جو نيشنل هاءِ وي تقريباً اٺ هزار ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، جيڪو اوڀر کان اولهه يا اولهه کان اوڀر وڃي ٿو، جنهن جي وسيلي سڀ صوبا ڳنڍيل آهن. پاڪستان ۾ نيشنل هاءِ وي هميشه مرڪزي سرڪار جو هوندو آهي ۽ انجي سار سنڀال به مرڪز ڪندو آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن نيشنل هاءِ وي نمبر پنج لنڊي ڪوتل کان شروع ٿئي ٿو ته ڪراچي تائين اين فائيو رهندو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽن صوبن مان گذري ٿو.
ڪيناڊا ۾ جيڪو مون سمجهيو آهي ته جڏهن اهو ساڳيو هاءِ وي هڪ صوبي مان گذري ٻئي صوبي ۾ پهچي ٿو ته انجو هاءِ وي نمبر بدلجي وڃي ٿو. جڏهن اتان ٽئين صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ته وري ساڳي هاءِ وي جو نمبر ٻيو ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح هاءِ وي جو نمبر هر صوبي ۾ مٽجي ٿو وڃي. ٻيو ته نيشنل هاءِ وي جنهن صوبي مان گذري ٿو، انجي سارسنڀال اهو صوبو پاڻ ڪري ٿو. ڪيناڊا جو نيشنل هاءِ وي ۾ ڪجهه اهڙو علائقو اچي ٿو، جتي ڪوئي روڊ ناهي، بلڪه ٻيڙي رستي انکي هاءِ وي جو حصو ٺاهيو ويو آهي، تنهن ڪري هي هڪ دنيا جو واحد نيشنل هاءِ وي آهي، جيڪو خشڪي ۽ پاڻي تي مشتمل آهي. دنيا جو هي واحد روڊ آهي، جيڪو آرٽيڪيڪ جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ ان جاءِ تي پهچي ٿو، جتي مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو.
اتي انيووڪ شهر (Inuvik Town) جنهن جي آبادي تقريباً چار هزار جي قريب آهي، اتي سئو جي قريب مسلمان رهن ٿا ۽ اتي هڪ عاليشان مسجد ٺهيل آهي، جنهن کي مڊنائيٽ سن ماسڪ (Midnight Sun Mosque) جي نالي سان سڏين ٿا.
ڪيناڊا ۾ هر سال ٽي چار لک ماڻهو دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان لڏي اچن ٿا. اڄ ڪلهه چين جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، تنهنڪري عام واهپي جي شين سان گڏ گهرن جون قيمتون روز بروز وڌنديون وڃن ٿيون. ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته چين کان علاوه ٻيا اهڙا به ماڻهو مختلف ملڪن کان آيا آهن، جن وٽ ڪارو ناڻو ججهو آهي، انهن اچڻ سان ئي ڪافي گهر خريد ڪري ورتا آهن، جنهن ڪري ڪيناڊا جي مختلف وڏن شهرن جي پوش علائقن ۾ گهرن جون قيمتون ٿوري عرصي ۾ ڪافي چڙهي ويون آهن.
ڪيناڊا ۾ هر هنرمند ماڻهو لاءِ رستو کليل آهي. تنهنڪري سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته ڪو به هنر سکن ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪن. آءِ ٽي جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي، انهيءَ سان گڏ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف، وڪيل، ٽيڪنيشن جي تمام وسيع مارڪيٽ آهي.
ڪيناڊا ۾ لڏ پلاڻ لاءِ آسان صوبو ڪيوبيڪ آهي پر انهي لاءِ شرط اهو آهي ته فرينچ زبان تي مڪمل عبور هجڻ نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان همت ڪري فرينچ لئنگئيج جا ڪورس ڪري ۽ ڪنهن به ٽيڪنيڪل فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪري اچن ته انهن کي جلدي ڪيناڊا جي نيشنلٽي ملي ويندي. ڇوته صوبه پنهنجي لاءِ الڳ الڳ مرڪز کي سفارش ڪندا آهن ته اسان کي هنن فيلڊس ۾ هيترا هيترا ماڻهو گهرجن. ڪيناڊا ۾ عام ورڪر جي هڪ ڪلاڪ لاءِ پندرهن ڊالر مزدوري آهي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل ماڻهو لاءِ ڪافي سٺي پگهار ملڻ جا موقعا آهن.
مان خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن کي عرض ڪندس ته پنهنجي تعليم جي معيار تي ڌيان ڏين ۽ ڪنهن به ٽيڪنيڪل فيلڊ ۾ ڪورس ڪري مهارت حاصل ڪن. ڪيناڊا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ انهيءَ ماڻهو جو قدر آهي، جيڪو هتي سيٺ کي پنجاهه روپيه ڪمائي ڏيندو ته ڏهه روپيه سيٺ ان مزدور تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو. تنهن ڪري جنهن به فيلڊ کي سليڪٽ ڪيو ته ان ۾ مهارت حاصل ڪيو.

ll

ڪيناڊا مڪس ڪلچر وارن جو ملڪ

ڪيناڊا مڪس ڪلچر وارن جو ملڪ

ڪيناڊا تمام وڏو ملڪ آهي، تنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي وقت گهرجي. جيستائين ماڻهو ڪنهن علائقي کي چڱي طرح نٿو گهمي ۽ ماڻهن سان رلي ملي وڃي تيستائين ان علائقي جي متعلق ڪابه حتمي راءِ نٿو ڏئي سگهي. باقي هڪ اندازو هڻي سگهي ٿو، جيڪو ڪڏهن به سئو سيڪڙو صحيح ڪونه ٿي سگهندو آهي. ڪيناڊا جا اصلي رهاڪو ته توهان کي ورلي ملندا، تنهن ڪري ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته هي ڪيناڊا جو رسم رواج ۽ ڪلچر ڪهڙو آهي. ڪيناڊا جو ڪلچر ايئن آهي جيئن مڪس سبزي جو ٻوڙ هجي، جنهن ۾ مختلف سبزيون ملائي مصالحن جي زور تي ذائقيدار ڀاڄي ٺاهجي. جنهن ۾ گوبي، ٻٽالون، مٽر، بصر، ٿوم، ٽماٽا، گجرون وغيره وغيره سڀ ملائي هڪ ڀاڄي ٺاهبي آهي، اهڙي طرح ڪيناڊا ۾ به يورپ، ايشيا، مڊل ايسٽ، آفريڪا، آسٽريليا، نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو مختلف رسم و رواج سان هتي آيا ۽ ڪجهه هتان جي هلندڙ رسم کي پڪڙيو ته ڪجهه وري پنهنجي رسم ۽ رواج کي به گڏ ساڻ رکيو هڪ مڪس ڪلچر ٺاهي پيا هلن.
سڀ کان اعليٰ خوبي هتي جيڪا مونکي ڏسڻ ۾ آئي ته هتي آيل چاهي ڪهڙي به ڪلچر کان آيو هجي پر هتي اچي هڪ ڪامن رسم تي هلڻ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جيڪو هو پنهنجي اباڻي علائقي ۾ عملن ڪونه ڪندا هيا، جيئن سچ ڳالهائڻ، بهتر اخلاق، ايمانداري، محنت، هڪٻئي جو خيال ڪرڻ، قانون تي عمل ڪرڻ وغيره وغيره. جنهن جي ڪري هڪ مختلف رنگن سان ڀرپور گلدستو ٺهي پيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان اکين کي تازگي ۽ روح کي فرحت بخشي ٿو.
سائين سليم ڄام صاحب اسان سان گڏ مانٽريال تائين آيو ۽ هوٽل ۾ رهڻ کان اڳ اسان کي تقريباً پوري شهر جو سير ڪرايو ۽ هوٽل تي پهچائي پوءِ واپس آٽوا لاءِ روانو ٿي ويو.
مانٽريال ۾ اسان ريلوي اسٽيشن جي بلڪل ڀرسان رات رهڻ لاءِ بونا وينچر هوٽل (Bonaventure Hotel) ۾ ڪمرو ورتو، جيڪو ڪافي آرامده ۽ شهر جي وچ ۾ هيو. ڪمري ۾ وڃي ٽپڙ ۽ سنج لاهي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. بلڊنگس، روڊ ۽ رستن تي نالا فرينچ ۾ لکيل هيا، تنهن ڪري اسان کي ڪجهه ڏکيائي ٿئي پئي. اسان کي هڪ مال تي وڃڻو هيو جو اسان کي ڪنهن دوست چيو ته اتي ضرور وڃجو ۽ ان مال جي اندر هڪ ڪيفي بابت ڄاڻ ڏنائين ته فش ضرور وڃي کائجو، ۽ بلڪل تسلي وارو حلال کاڌو هوندو آهي. اسان جڏهن رستي تان لنگهندڙن کان ان بابت معلومات وٺڻ لاءِ چيو ته اهي اسان کي رستو سمجهائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش پيا ڪن ته جيئن اسان کي اوستائين پهچڻ ۾ ڪابه دقت پيش نه اچي. انهن جو اخلاق ايترو ته ساراهه جوڳو آهي جو ماڻهو ڪڏهن به وساري ڪونه ٿو سگهي.
اسان اتي وڃي ان مال ۾ پهتاسين ۽ دوست جي ٻڌايل ڪيفي کي هٿ ڪري فش جو آرڊر ڏنو ۽ مزي سان ان فش کي افطار جي وقت کائي هٿ جون آڱريون چٽي پوءِ ڇڏيوسين. انهيءَ مال ۾ هڪ شاپ هيو، جنهن جو نالو هيو ونر (Winner) تمام وڏو وسيع ۽ ڪافي ڪجهه ڏسڻ لاءِ پيو هيو. اچانڪ اسان کي خيال آيو ته اسان جيڪو ڪپڙن جو وڳو ننڍڙي پوٽي لاءِ ورتو هيو، اهو ننڍو هيو، تنهن ڪري انکي بدلائڻ جو ارادو ڪيو ۽ اتفاق سان اهو وڳو اسان آٽوا جي ونر اسٽور تان ورتو هيو. اسان وڃي ڪيش ڪائونٽر تي چيو ته اسان هي وڳو ساڳئي اسٽور تان آٽوا مان ورتو آهي، ڇا توهان اسان کي بدلائي ڏيندا. پڇيائين ته توهان وٽ رسيد آهي اسان چيو ته ها. رسيد کيسي ۾ موجود هئي اسان انهن کي ڏيکاري، چيائون ته جيڪڏهن توهان واپس ڪرڻ چاهيو ته توهانجي مرضي يا ڪوئي ٻيو اوتري رقم وارو ڪهڙو به ائٽم وٺي سگهو ٿا. اسان اتان جيڪو دل چاهيو خريد ڪيو ۽ اهي پيسه ڪٽي باقي جيڪي مٿان ٻيا ڏيڻا پيا اهي ادا ڪري انهيءَ مال مان نڪري اچي هوٽل تي پهتاسين. افطاريءَ جو وقت رستي ۾ ٿي ويو هيو، تنهن ڪري ڪجهه ڪتلون اسان ساڻ کڻي نڪتا هياسين، هلندي رستي ۾ ڪيناڊا ۾ اسانجو آخري روزو پڄاڻيءَ تي پهتو.
مانٽريال ريلوي اسٽيشن:
ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي نيو يارڪ لاءِ ريل گاڏي ۾ سوار ٿي مانٽريال جي ريلوي اسٽيشن تي اچي پهتاسين. پهريان ته اهو يقين ڪونه پيو اچي ته ڇا اسان ريلوي اسٽيشن تي آيا آهيون يا ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جي لابي ۾ بيٺا آهيون. چوڌاري کائڻ پيئڻ لاءِ مختلف ننڍا وڏا هوٽل ۽ ڪيفي ٺهيل هر شيءِ معياري صاف سٿري پيل. صفائي جو بلڪل بهترين انتظام، اسان پوري ريلوي اسٽيشن تي ڪچرو ته پري جي ڳالهه پر ڪاغذ جو ٽڪرو به ڪونه ڏٺو. اسان کي جنهن پليٽفارم تان ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻو هيو، اها 16هين نمبر پليٽ فارم تي هئي. ريل گاڏي جا پليٽفارم سڀ انڊر گرائونڊ هيا ۽ مٿان روڊ ۽ وڏيون وڏيون بلڊنگون ٺهيل هيون، جن جي هيٺان ريل گاڏي جون پٽڙيون وڇايل هيون.
گاڏيءَ جي هلڻ کان ويهه منٽ اڳ انائوس ڪيائون ته نيو يارڪ وڃڻ لاءِ ٽرين پليٽ فارم نمبر 16 تي بيٺل آهي، تنهن ڪري مسافرن کي گذارش آهي ته پليٽفارم نمبر 16 ڏانهن وڃن. اسان وڃي قطار ۾ بيٺاسين ۽ اسان کان اڳ ۾ تقريباً 25-30 مسافر هيا. سيڪيورٽي جو ماڻهو آيو، جيڪو هر هڪ مسافر جي سامان کي کڻي پيو ڏسي ته ويهه ڪلوگرام کان وزن وڌيڪ ته ناهي. هٿ ۾ کڻي اندازو هڻي انجي مٿان اسٽيڪر هڻي پيو ڇڏي ته وزن برابر آهي. پنج منٽ اندر اسان لفٽ جي ذريعي وڃي هيٺ پليٽفارم نمبر 16 تي پهتاسين. پليٽفارم تي پهچڻ شرط اتي بيٺل ريلوي جو ملازم اسان کي مرڪندي ٻڌائيندو ويو ته اتان وڃي ريل گاڏي جي دٻي ۾ چڙهو. هتي سيٽ نمبر الاٽ ٿيل ڪونه هيو پر اوترن مسافرن کي ٽڪيٽ ڏني هيائون جيتريون سيٽون موجود هيون. ريل جي دٻي ۾ جيئن اندر داخل ٿياسين ته ايئن محسوس ٿيو ته هوائي جهاز ۾ سوار ٿيا آهيون. ٻه ويهڻ لاءِ سيٽون ساڄي پاسي ته ٻه کاٻي پاسي وچ ۾ گهمڻ لاءِ ڪشادو رستو، جو ٻه ملان جهڙا پليل ماڻهو آسانيءَ سان گذري سگهن. سيٽ جي مٿان جهاز وانگر سامان رکڻ لاءِ ڪشادو ڪيبن جنهن ۾ آرام سان وڏي بيگ رکي سگهجي پئي. سيٽون خلاصيون ۽ هڪٻئي کان تقريباً چار فوٽن جي فاصلي تي هيون. ريل گاڏي جي اندر هر دٻي ۾ ٻه ڪشاده صاف سٿرا واش روم هيا.
اسين وڃي سيٽ تي ويٺاسين ته کاٻي ۽ ساڄي پاسي لونڌڙي هڻي ڏٺو ته خبر ناهي ته ڪيترائي پليٽفارم هيا. ڪاريگرن جي دماغ کي شابس آهي جو زمين هيٺ ايترو وڏو جهان اڏيل آهي، ايئن پيو محسوس ٿئي ته سڄو شهر زمين جي اندر آهي. روشني ايتري جو جيڪڏهن سُئي به ڪري پوي ته وڃائبي ڪانه. انهيءَ زير زمين ريل گاڏي جي پٽڙي مٿان وڏيون وڏيون عمارتون جڙيل آهن.
آخرڪار مقرر ٽائيم تي ريل گاڏي مانٽريال کان نيو يارڪ لاءِ رواني ٿي، ڪافي وقت انڊرگرائونڊ هلندي رهي، پوءِ اچي زمين جي مٿان ظاهر ٿي. شهر جو نظارو ريل گاڏي مان تمام خوبصورت ۽ دلڪش هيو، جيڏانهن به نگاهه کڄي پئي ته سڄو علائقو سرسبز ۽ دلفريب نظر پيو اچي. جتان به گذرون پيا ته کاٻي ۽ ساڄي پاسي جيڪي به روڊ هيا، اهي بلڪل تير وانگر سدا ڪوئي ور وڪڙ ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي.
جتي شهر ختم ٿيو، اتان کان بعد ۾ ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسي وڏا وڏا سرسبز جهنگل اسان سان گڏوگڏ هلندا رهيا، جيڪي نيو يارڪ تائين گڏ رهيا. وچ ۾ خوبصورت ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر وقفي وقفي کان بعد نظر ايندا رهيا.
مانٽريال کان هلڻ وقت ريل گاڏي ۾ انائوسمينٽ ڪيائون ته ريل گاڏي ۾ انٽرنيٽ آمريڪا جي بارڊر تي پهچڻ شرط ڪم ڪرڻ شروع ڪندي. مانٽريال کان تقريباً پوڻا ٻه ڪلاڪ بعد ريل گاڏي ڪيناڊا جو بارڊر ڪراس ڪري آمريڪا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ شرط ريل گاڏي اچي بيٺي، جيڪا اتي تقريباً سوا ڪلاڪ بيٺل رهي. انهي دوران انٽرنيٽ به شروع ٿي وئي ۽ دنيا جهان سان رابطو شروع ٿي ويو.
ريل گاڏي جي بيهڻ دوران اسان سڀ مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي موجود رهياسين ۽ دٻي جي اندر گهمي ڦري سگهياسين پئي. ٿوري دير کان بعد آمريڪا جي ڪسٽم ۽ بارڊر ڪنٽرول جا ٽي آفيسر دٻي اندر داخل ٿيا. هر هڪ مسافر وٽ وڃي آرام سان پاسپورٽ ڏيارڻ لاءِ چيائون، پاسپورٽ ڏسي ان تي ويزه وغيره ڏسي صرف اهو پڇيائون ته توهان وٽ پيسه ڪيترا آهن ۽ آمريڪا ۾ ڪٿي رهندا ۽ گهڻا ڏينهن گذاريندا؟ ڇا توهان جي هتي ڪيناڊا ۾ فيملي آهي يا صرف سير سپاٽي تي نڪتل آهيو؟ هر پاسپورٽ کي اسڪين ڪرڻ لاءِ موبائل فون جهڙي مشين هٿ ۾ هين، جنهن جي معرفت اسان جي سڀ بايوڍيٽا انهن وٽ اچي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ 10 هزار ڊالر يا ان کان وڌيڪ هيا ته انهن کي چون پيا ته ڪسٽم جو فارم ڀري ان تي رقم ظاهر ڪري دستخط ڪيو. جيڪڏهن 10 هزار ڊالر کان گهٽ آهن ته صرف زباني ٻڌائڻ ڪافي آهي.
انهيءَ کان بعد آمريڪا جي رياست ۾ ريل گاڏي هلڻ شروع ڪيو. نيو يارڪ تائين گهٽ ۾ گهٽ 12-13 اسٽيشنن تي ٿوري دير لاءِ رڪي. ٻن اسٽيشنن تي پنج منٽ کن رڪي، باقي هڪ اسٽيشن الباني (Albany Station) تي تقريباً 20-25 منٽ رڪي. ريلوي اسٽيشن جنڪشن پئي لڳي، پوءِ خبر پئي ته نيو يارڪ صوبي جي گاديءَ جو شهر الباني آهي، رستي ۾ جن اسٽيشنن تي بيٺي انهن مان ڪجهه نالا ياد اچن ٿا، جيڪي هيٺ دوستن جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو:
White Hall, Fort Edward, Schenectady, Albany Renesselaer, Corton Harmon, Yonkers, River dale.
سڄو علائقو سرسبز، جهنگلات ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن تي مشتمل هيو. منهنجي کاٻي پاسي کان تقريباً ساڄي واٽ پاڻي گڏ هلندو رهيو، ڪٿي ٿورو ته ڪٿي گهڻو ته وري ڪٿي ڳچ پنڌ تائين ٻنهي پاسي پاڻي هيو يا وڻڪار، جتي به ڪو ڳوٺ نظر آيو ته ان کي دنيا جون سڀ سهولتون مليل نظر آيون. حيران ڪن ڳالهه اها هئي ته مونکي ننڍن واهڻن ۾ به گلف جا ميدان نظر آيا، جيڪي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ڊفينس ڪلب يا ڪنهن وڏي جيم خانه ڪلب ۾ هوندا آهن، جتي عام ماڻهو داخل به ٿي ڪونه ٿو سگهي. ڪيناڊا جي شهر آٽوا کان جڏهن مان روڊ رستي مانٽريال پيو اچان ته به رستي تي گالف راند کيڏڻ لاءِ ميدان نظر آيا، اهڙي طرح آمريڪا جي ننڍن ڳوٺن ۾ نظر آيا. آمريڪا جون عام ريلوي اسٽيشنون صاف سٿريون ۽ تمام محدود ايراضي تي مشتمل هيون.
جيئن مون آمريڪا جي سرزمين تي پير رکيو ته سائين جمشيد مغل صاحب جو فون آيو ته اسين ان شاءَ الله توهان سان اچي نيو يارڪ پين اسٽيشن جي ٻاهر سيونٿ ايونيو تي ڪي ايف سي 7 وٽ ملنداسين. اسان جڏهن نيو يارڪ پين اسٽيشن تي لٿاسين ته اتان مٿي چڙهي وڃڻ لاءِ مختلف لفٽون لڳل هيون، اسان جڏهن زير زمين اسٽيشن کان مٿي زمين تي ٻاهر آياسين ته اهو اٺون ايونيو هيو ۽ موسم جهڙالي ۽ هلڪي هلڪي بوندا باندي پئي ٿئي. اسان اتان سيونٿ ايونيو تي پڇائي وڃي پهتاسين. فون تي رابطو ٿيو اسان پاڻ ۾ جاءِ سيٽ ڪئي ته سيونٿ ايونيو جي 32 نمبر اسٽريٽ جي ڪنڊ تي ملنداسين، ڇو ته ون وي ٽريفڪ جي ڪري اها جاءِ سهولت واري هئي. ٿوري دير ۾ سائين جمشيد مغل صاحب اهل عيال سميت اچي پهتو، ڀاڪر پائي ملياسين ۽ ڀاڄائي کي کيڪار ڪري، گاڏي ۾ سامان رکي روانه ٿياسين. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان بعد هڪ پاڪستاني هوٽل تي اچي گاڏي روڪي حڪم ڪيائين ته توهان ٽئي لهو ته مان گاڏي کي بيهاري اچان. گاڏي کان ٻاهر نڪري نيڻ کڻي هوٽل ڏانهن نگاهه ڪئي ته لکيل هيو، ڊيره (Dera)، اندر داخل ٿيڻ سان محسوس ٿيو ته پاڪستان جي پهلوانن واري شهر گجرانوالا ۾ پهچي وياسين. ماني کائي مغل صاحب اسانجي رهڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ انتظام ڪري ڇڏيو هيو، تنهنڪري سڌو پنهنجي گهر وٺي هليو ۽ پهچڻ شرط سامان مٿي ڪمري ۾ رکي چيائين ته هاڻي صبح جو سحري تي گڏ ملنداسين ۽ آرام ڪيو جو رات جا تقريباً 12 ٿي چڪا هيا.

ll

آمريڪا جي تخت گاهه: واشنگٽن ڊي سي ۾

آمريڪا جي تخت گاهه: واشنگٽن ڊي سي ۾

آمريڪا هڪ وڏو ملڪ آهي، جنهن ۾ 50 رياستون ۽ هڪ ڊسٽرڪٽ واشنگٽن جي نالي سان آهي، جيڪو آمريڪا جو تختگاهه آهي. واشنگٽن ڊي سي ٻن رياستن جي ڪجهه حصي تي مشتمل آهي، جنهن جي ويڪر هم چورس 10 ميل آهي، جيڪا ايراضي رياست ميريلينڊ ۽ ورجينيا مان نڪتل آهي. دنيا ۾ ايراضي جي لحاظ کان آمريڪا جو ٽيون نمبر آهي.
(1) روس (2) ڪيناڊا (3) آمريڪا (4) چين (5) برازيل
(6) آسٽريليا (7) هندستان وغيره وغيره.
دنيا جي آدمشماري جي لحاظ کان به آمريڪا جو ٽيون نمبر آهي.
(1) چين (2) هندستان (3) آمريڪا (4) انڊونيشيا
(5) پاڪستان (6) برازيل (7) نائجيريا (8) بنگلاديش (9) روس
(10) ميڪسيڪو وغيره وغيره.
دنيا جي ايڪانامي جي لحاظ کان آمريڪا جو پهريون نمبر آهي، انهيءَ کان بعد ٻئي نمبر تي چين آهي.
آمريڪا جي پکيڙ آبادي جي حساب سان گهڻي آهي، تنهن ڪري آمريڪا جا شهر کليل ۽ ويڪرا آهن. جيڪڏهن آمريڪا جي چند وڏن شهرن جو ذڪر ڪبو ته ايراضي کي ڏسندي ماڻهو جو اندازو غلط ٿي وڃي ٿو. مون جڏهن پهريون دفعو نيو يارڪ شهر ڏٺو ته منهنجي اندازي مطابق نيو يارڪ شهر جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ يا ٻن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٿيندي پر جڏهن دوستن سان انهيءَ متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي ته منهنجو اندازو بلڪل غلط ثابت ٿيو. آمريڪا جي صرف پنجن وڏن شهرن جي آبادي معلومات لاءِ هيٺ لکان ٿو ته دوستن کي اندازو ٿي ويندو.
نيو يارڪ شهر 86 لک، لاس اينجلز شهر 38 لک، شڪاگو شهر 28 لک، هوسٽن شهر 22 لک، فلوريڊا شهر 21 لک. آمريڪا جي ايراضي جي حساب سان وڏي ۾ وڏي رياست الاسڪا آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٽيڪساس، جڏهن ته ڪيليفورنيا جو ٽيون نمبر آهي.
نيو يارڪ شهر پنجن ضلعن ۾ ورهايل آهي. شهر ۾ ضلعي کي بورو، ننڍن ٽائون ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ شهر کان ٻاهر ڪائونٽي ڪري چوندا آهن. مان اڃان تائين انهيءَ معاملي ۾ بلڪل تسلي سان چئي نٿو سگهان ڇو ته مختلف دوست انهي لاءِ مختلف راءِ رکن ٿا. بهرحال نيو يارڪ جا پنج ضلعا يا بورو هيٺيان آهن:
1. مين هيٽن بورو (Manhattan Boro)
2. ڪوئين بورو (Queen Boro)
3. بروڪلين بورو (Brooklyn Boro)
4. برونڪس بورو (Bronx Boro)
5. اسٽيٽن آئيلينڊ بورو (Staten Island Boro)
آبادي جي حساب سان بروڪلين بورو وڏو آهي، جنهن جي آبادي 26 لکن کان ٿورو مٿي آهي.
سڀ کان گهڻيون زبانون ڳالهائڻ ۾ ڪوئين بورو آهي، جنهن ۾ تقريباً اٺ سئو مختلف زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون.
نيو يارڪ جو ته ڇا پر پوري آمريڪا جو ڪمرشل حب مين هٽن بورو آهي، جتي سڀ تجارت، اسٽاڪ ايڪسچينج، بينڪون ۽ مختلف ڪمپنيون آهن. نيو يارڪ ۾گهمڻ لاءِ تمام گهڻيون جايون آهن پر ڪجهه اهم هيٺ لکان ٿو:
اسٽيچيو آف لبرٽي (Statute of Liberty)، نائن اليون جي جاءِ تي ميموريل ميوزم (9/11 Memorial Museum)، ٽائيم اسڪوائر (Time Square)، مين هٽن (Manhattan)، بروڪلين برج (Brooklyn Bridge)، اقوام متحده جي بلڊنگ (UNO Building)، هڊسن درياءُ (Hudson River)، ڪوئينز بورو برج (Queens Boro Bridge)، بيٽري ٽنل (Battery Tunnel)، سينٽرل پارڪ (Central Park) جيڪا 842 ايڪڙن تي آهي، نيو يارڪ سٽي هن وقت تقريباً 324 چورس ميل تي پکڙيل آهي.
نيو يارڪ رياست جي گاديءَ جو هنڌ الباني (Albany) شهر آهي. نيو يارڪ رياست جي حد ڪيناڊا سان وڃي ملي ٿي. بفيلو شهر جيڪو ناگرا فال جي بلڪل سامهون آهي، جتان ٽورنٽو هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس ٿيندو. نيو يارڪ سٽي ۽ نيو جرسي رياست جي وچ ۾ هڊسن رور آهي.
اسٽيچيو آف لبرٽي نيو جرسي رياست جي حد ۾ اچي ٿي. ماڻهو هميشه اهو سمجهندا آهن ته لبرٽي اسٽيچيوٽ نيو يارڪ سٽي جي حد ۾ آهي. لبرٽي اسٽيچيو کي ڏسڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان فيري سروس آهي، جنهن جو ڪرايو وڏن ماڻهن کان 18 ڊالر، ٻارن کان 12 ڊالر ۽ سينيئر سٽيزن کان 14 ڊالر ورتو ويندو آهي. اسٽيچيو آف لبرٽي فرانس آمريڪا کي تقريباً سوا سئو سال اڳ آڪٽوبر 1886ع ۾ گفٽ ڪيو هيو، جنهن جو وزن تقريباً سوا ٻه سئو ٽن آهي، مٿي چڙهڻ لاءِ 154 ڏاڪا آهن. لبرٽي مائي جي هٿ ۾ جيڪو شمعدان آهي، ان جي ڊيگهه 23 فوٽ، 7 انچ ۽ ويڪر 13 فوٽ، 7 انچ آهي.
آمريڪا جي 50 رياستن جا نالا هيٺين ريت آهن.:
Albama, Alaska, Arizona, Arkansas, California, Colorado, Connecticut, Delaware, Florida, Georgia, Hawai, Idaho, Illinois, Indiana, Iowa, Kanas, Kentucky, Louisiana, Maine, Maryland, Massachusetts, Michigan, Minnesota, Mississippi, Missouri, Montana, Nebraska, Nevada, New Hampshire, New Jersey, New Mexico, New York, North Carolina, North Dakota, Ohio, Oklahoma, Oregon, Pennsylvania, Rhode Island, South Carolina, South Dakota, Tennessee, Texas, Utah, Vermont, Virginia, Washington, West Virginia, Wisconsin, Wyoming.
آمريڪا ۾ هڪ ئي وقت هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ٽائيم ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. جيڪڏهن نيو يارڪ ۾ صبح جا اٺ ٿيا هوندا ته انوقت الاسڪا ۾ صبح جا چار ٿيا هوندا. لاس اينجلز ۾ صبح جا پنج ٿيا هوندا. اهڙي طرح جيڪڏهن نان اسٽاپ فلائيٽ تي آمريڪا جي شهر نيو يارڪ کان الاسڪا تائين ويندئو ته تقريباً 9 ڪلاڪ وقت لڳندو. جيڪڏهن لاس اينجلز کان نيو يارڪ نان اسٽاپ فلائيٽ ستن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم وٺندي.
آمريڪا ۾ موسم به هرقسم جي آهي، برفباري وارو علائقو به جام آهي ته ٽراپيڪل علائقو به ججهو آهي. نيو يارڪ کان ميريلينڊ ۽ ورجينا تائين برفباري خوب پوندي، جڏهن ته فلوريڊا ۾ سنڌ واري موسم هوندي، حالانڪه ٽائيم انهن سڀني رياستن جو ساڳيو هوندو آهي پر موسم ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي.
آمريڪا ۾ وڻڪاري تمام گهڻي آهي، جنهن ڪري هتي بارشون به جام پون ٿيون، تنهن ڪري هر طرف سرسبز ۽ اکين کي فرحت بخش ڏيندڙ ماحول نظر اچي ٿو. مونکي تقريباً مهينو ٿي ويو آهي، جو بوٽ کي پالش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿئي. بارشن جي ڪري زمين تي گاهه هر طرف توهان کي نظر ايندو، جنهن ڪري ماحول ۾ هوائن جي لڳڻ سبب توهان کي ڌوڙ فضا ۾ نظر ڪانه ايندي، جنهن ڪري ٽراپيڪل علائقن ۾ جڏهن سج پنهنجي آب و تاب ۾ هوندو آهي ته سج جي تپش پنهنجو اثر خوب ڏيکاريندي آهي پر ان تپش کي ختم ڪرڻ واسطي بارش اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، تنهن ڪري سج جي تپش هڪدم رفو چڪر ٿي ويندي آهي پر جيڪڏهن بارش اچڻ ۾ دير ڪندي آهي ته سمنڊ جي ڪناري پکا اڏجي ويندا آهن ۽ خوب سج ۽ سمنڊ جي ڇولين جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي، پوءِ سڀ تقريباً قدرتي لباس ۾ موجون ڪندا رهندا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪابه خبر ڪانه هوندي آهي ته ڪير ڇاٿو ڪري ۽ ڪنهن سان ٿو ڪري. جيئن چوندا آهن ته حمام ۾ سڀ هڪجهڙا هوندا آهن، تنهن ڪري ڪير به ڪنهن ڏانهن توجهه ڪونه ڪندو آهي.


ll

مين هٽن جا منظر

مين هٽن جا منظر

پرديس ۾ جڏهن ڪير ديس جو قربدار ملندو آهي ته پرديس ديس ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو هڪدم تازو توانو ۽ بي فڪر ٿي ويندو آهي. مون جڏهن نيو يارڪ جي ميٽروپوليٽن شهر ۾ قدم رکيو ته سائين جمشيد مغل صاحب (خيرپور) سان بغلگير ٿي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ ته نيو يارڪ منهنجو اباڻو شهر آهي. مٿان وري سائين جمشيد جو هميشه مرڪندڙ ۽ تازو توانو چهرو سفر جي ٿڪ لاءِ دارون ثابت ٿيو، ۽ واقعي مون کي بلڪل نئين ماحول جي هوندي به ڪنهن به قسم جو فڪر يا ٿڪاوٽ محسوس ڪانه ٿي. سحري جي ٽائيم تي ٿوري گهڻي خيالن جي ڏي وٺ ٿي پر جيئن ته فجر نماز جو وقت قريب ٿي ويو، تنهن ڪري نماز کان بعد ٿوري دير لاءِ آرام ڪرڻ خاطر ليٽياسين پئي ته سائين مغل صاحب نادري حڪم جاري ڪندي چيو ته ساڍين ڏهين وڳين تيار ٿي هيٺ اچو ته جيئن توهان کي نيو يارڪ شهر جي ڪجهه مشهور جاين جو سير سپاٽو ڪرايان.
نيو يارڪ کي گهمڻ لاءِ ته تقريباً هڪ هفتو به ٿورو آهي، ڇوته شهر تمام وڏو آهي. گهر کان ٻاهر نڪرندي سنڌ جي نارا ڪينال وانگر ور وڪڙ هڻندو ڪيترائي روڊ مٽيندو وڃي هاءِ وي تي چڙهياسين. هاءِ وي تي چڙهڻ سان ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته سمنڊ ۾ اچي لٿا آهيون، جو ڇولين جا ذوڪاٽ هجن، فرق اهو هيو ته هاءِ وي تي هلندڙ گاڏيون ڊسيپلن ۾ هلن پيون پر رفتار ۾ ايئن پيو لڳي تي ڄڻ موٽروي تي پيا هلون. ايتري رفتار جي باوجود مان اهڙي ڪابه گاڏي ڪانه ڏٺي، جنهن جو اڳين ۽ پوئين گاڏي جي وچ ۾ ويهه کان پنجويهه فوٽ فاصلو نه هجي. جنهن قطار ۾ گاڏي وئي پئي ته هروڀرو ٻئي قطار ۾ ڪانه پئي وڃي باوجود انهيءَ جي ڪافي اسپيس موجود هو. جڏهن به ڪا گاڏي هاءِ وي کان ٻاهر نڪري پئي ته چڱو پنڌ پري کان انهيءَ قطار ۾ وڃي پئي ته جيئن هلندڙ ٽريفڪ ۾ ڪو رخنو نه پوي. اگزٽ کان ٻاهر لامارو ڏئي اڃان سڌا مس ٿيون ته ايئن پيو محسوس ٿئي ته ٽريفڪ جي ڇولين کان ٻاهر ڄڻ ته پير پاتو ئي ڪونهي اوتري ٽريفڪ ۽ اوتروئي ويڪرو روڊ.
آمريڪا هجي يا ڪيناڊا ڊرائيور سان گڏ انڌي واري لٺ ساڻ هئي، مونکي ٻنهي ملڪن ۾ هڪ به اهڙو دوست ڪونه مليو، جيڪو ڊرائيونگ ڪندو هجي ۽ ان سان انڌي واري لٺ نه هجي. خاص ڪري ٻنهي ملڪن ۾ انڌي واري لٺ کان بغير هلڻ انتهائي مشڪل آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته انڌي واري لٺ چوڪس به ڏاڍي، شل نه ڊرائيور ڏسيل رستي کان اڳي نڪري وڃي. انهيءَ صورتحال ۾ انڌي واري لٺ اچي ميڄالو کائڻ شروع ڪندي ته تو غلطي ڪئي آهي، هاڻي مان تنهنجو اوستائين مٿو کائيندي هلنديس جيستائين تون منهنجي ڏسيل راهه تي نه هلندين. هڪڙي ڳالهه مزيدار هئي ته انڌي واري لٺ جو آواز ڏاڍو مٺو ۽ سرور ڏيندڙ هيو پر اسان سڀني کي شڪايت اها هئي ته مکڙو ڪانه پئي ڏيکاري. آواز مان سڀڪو اندازو پيو لڳائي ته ڏسڻ ۾ به ڏاڍي خوبصورت هوندي! اسان جي اها ڏسڻ واري تمنا اڌوري ئي رهجي وئي. باوجود انهي جي جو رات جي وقت به اسان سان گڏ هلي پئي ۽ ٿڪاوٽ جو ڪڏهن به بهانو ڪونه ڪيائين ۽ جهنگ جهر ۾ ساڻ رهي.
جمشيد مغل صاحب به باوجود نيو يارڪ شهر ۾ تقريباً 10 سال گذارڻ جي به انڌي واري لٺ کنئي ۽ پنهنجي پياري ۽ جادو جهڙي آواز ۾ اسان کي اتي وٺي پئي هلي جتي به اسان چاهيو پئي. رمضان جو مهينو هيو، تنهن ڪري روزي افطاري خاطر ڪتلون ۽ پاڻي ساڻ گاڏي ۾ رکيو ته جيئن رستي ۾ افطاري جو وقت ٿئي ته مهل سان روزو افطار ڪجي.
سڀ کان پهريان شام جي وقت اسان هڊسن ندي (Hudson River) جي ڪناري تي آياسين ته جيئن مين هٽن (Manhattan) جي ڊگهين ۽ خوبصورت عمارتن جو انهيءَ وقت نظارو پسون، جڏهن سج پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري سڄي علائقي کي رات جي حوالي ڪرڻ وارو هيو. توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته جڏهن به گارڊ جي ڊيوٽي ختم ٿيندي آهي ۽ سنتري اچي هڪٻئي کان چارج وٺندا آهن ته انهيءَ وقت جيڪا ڊيوٽي ڇڏڻ وارا ۽ ڊيوٽي وٺڻ وارا هڪٻئي کي سلامي ڏيندا آهن، اهو منظر تمام دلفريب ٿيندو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن جو واگها بارڊر تي وڃڻ ٿيو هجي ۽ پاڪستان ۽ هندستان جا چاڪ چوبند رينجرس جا دستا جهنڊي کي لاهڻ وقت سلامي ڏيندا آهن ۽ گيٽ کي بند ڪرڻ وقت پاڪستان ۽ هندستان جا جوان آڪڙ ڪندي گيٽ بند ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح هڊسن ندي جي ٻئي ڪناري تي بيهي سج ۽ چنڊ جي ڊيوٽي مٽجندي وقت مين هٽن علائقي جي وڏين عمارتن جو رنگين بتين سان زيب تن ٿي اچن پيون، جو هڪ ئي وقت ٽئي نظارا اچي پاڻ ۾ گڏيا ۽ هڪ دلفريب ۽ دلڪش اکين کي سرور ڏيڻ وارو نظارو گهڻي عرصي تائين اکين جي اڳيان هيو، پر خبر تڏهن پئي جڏهن سج ۽ چنڊ ڪاڏي لڪي ويا ۽ رات جو احساس ئي نه ٿيو، هاڻي اتي نه ڏينهن هيو نه رات پر نظر هر طرف صاف پئي اچي، فرق صرف اهو هيو ته سج ۽ چنڊ نظر ڪونه پئي آيا، باقي ڏينهن جهڙي ڏسڻ واري ڪيفيت ساڳي هئي. انهيءَ نظاري مان لطف اندوز ٿيڻ کان بعد انڌي جي لٺ (مائي گوگل) کي لکي ڏنو سين ته اسان کي فلاڻي جاءِ تي وٺي هل، دير ئي ڪونه ڪيائين، اسان کي ٻه ٽي آپشن ڏنائين ته ڪهڙي رستي سان هلڻ ٿا چاهيو ۽ انهيءَ سان گڏ هر آپشن لاءِ ٽائيم به ڏنائين ته هيترو ڪي هيترو وقت لڳندو پوءِ جيڪو حڪم ڪيو. مغل صاحب رستي جي نشاندهي ڪئي، پوءِ مٺڙي آواز ۾ اڳواٽ اطلاع پئي ته هيترن فوٽن کان بعد کٻي يا سڄي هلڻو آهي. جڏهن اسان مين هٽن جي ٽائيم اسڪائر تي پهتاسين ته ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ ٽاڪ منجهند جو اس ۾ اچي پهتاسين، جتي جهڙ ۽ ڪڪر جو ڪو نشان ڪونه هجي، صفا سج نيزي تي هجي پر فرق اهو هيو ته اتي ان وقت هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿئي پئي، سج جي تپش بلڪل ماٺي هئي، صرف سج پنهنجي روشني اتي ڇڏي پاڻ وڃي ڪٿي ڪنهن پرين پياري سان روح رهاڻ خاطر هليو ويو هجي. هر قسم ۽ هر ٻولي ڳالهائڻ وارن جا اتي ميڙ هجن، ڪير ڪنهن جو ڪونه هيو، صرف پاڻ هيو پر هر ڪو هڪٻئي جو خوب احترام ۽ خيال پيو رکي.
اتي ايئن پيو محسوس ٿئي، جيئن سچل سائين چئي ويو آهي ته:
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،
مان جوئي آهيان سوئي آهيان.

اسان سڀ هڪٻئي کي ڀلائي ويٺا هياسين ته مان ڪير آهيان يا هو ڪير آهي، بس هر شيءِ ۾ وحدت الشهود به هيو ته شهدت الوجود به هيو. صرف تون ئي تون هئي. سبحان الله
جهڙو الله سائين انهن کي حسن اخلاق ڏنو آهي، تهڙو الله سائين هنن کي پنهنجي نعمتن سان به نوازيو آهي.
ٽائيم اسڪوائر جو مشاهدو ڪرڻ ۾ محو هياسين ته مغل صاحب حڪم ڪيو ته سائين اڳتي به رڙهو ته جيئن هلي ليبنين جي هڪ مشهور ڊش کائون. رات جو ڳچ وقت گذري ويو هيو پر ٽائيم اسڪوائر جو اهڙو خوبصورت نظارو هيو جو نه ٿَڪ، نه بک، نه اڃ ۽ نه وري رات جو ڪو احساس ٿيو. واپس اچي گاڏي ۾ چڙهي ويٺاسين ۽ انڌي واري لٺ اسان کي ٻه ٽي گهٽيون گهمائي اچي ليبنيز جي Halal Guys هوٽل سامهون بيهاريو. گاڏي کي پارڪنگ ۾ بيهاري وڃي ليبنيز جي پليٽر ٽائيپ ڊش جو آرڊر ڏنو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ست اٺ مختلف ڊشون هيون، جيئن سلاد مٿان اسپيشل ڪريم، سبزي، ڪڪڙ، چانور، ماني، قيمو ۽ ڪجهه انهن سان گڏ، پليٽر تمام ذائقي سان ڀرپور هيو جو پيٽ ڀري کائڻ کان بعد به پيٽ تي ڪنهن به قسم جي تنگي محسوس ڪانه ٿي. رش تمام گهڻي هئي جو اسان کي بوندا باندي ۾ قطار ۾ بيهڻو پيو پر کائڻ کان پوءِ اسان کي قطار ۾ بيهڻ جو افسوس ٿيو ئي ڪونه.
مين هٽن وڃي ۽ هي ليبنيز ڊش نه کاڌي ڄڻ ته ايئن چئجي جيئن چوندا آهن ته:
جنیں لاہور نئیں ویکھیا او جمیا ئی نئیں
اهڙي طرح جنهن ليبنيز ڊش نه کاڌي ڄڻ ته مين هٽن گهميو ئي ڪونه. قيمت به مناسب يعني 11 کان 14 ڊالر. ننڍي پليٽ 11 ۽ وڏي 14 ڊالر. وڏي پليٽ مان ٻه ماڻهو گذارو ڪري سگهن ٿا. دلبر پيٽ جي پوڄا ڪري انڌي واري لٺ (مائي گوگل) کي گهر جي ايڊريس ڏنيسون، هڪدم سريلي آواز سان رستو ٻڌائيندي وڃي گهر جي در تي پهچايائين. گاڏي پارڪ ڪري وڃي ڪمري ۾ آرامي ٿياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيچيو آف لبرٽي ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. جهڙالو ڏينهن هيو، تنهن ڪري ڇٽي ساڻ ڪري مغل صاحب اسان کي وٺي هليو. اسٽيچيو آف لبرٽي کي ڏسڻ لاءِ ايڊريس لکي ڏني سون ۽ نازڪ آواز ۾ رستو ٻڌائيندي اسان جي ٻڌايل منزل ڏانهن گائيڊ ڪندي وڃون پيا ته مغل صاحب چيو ته هاڻي ان مائي جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ مان انجي ڏسيل واٽ کان بغير ٿو هلان. هلندي ٿوري دير ۾ مغل صاحب صرف هڪ جاءِ ٿورو سڄي پاسي نڪري ويو ته رستي انگهي ويو ۽ وري اچي انڌي جي لٺ کي عرض ڪيو ته هاڻي ڪا واهر ڪر ۽ اسان جي مدد ڪرڻ ۾ ڪابه دير ڪانه ڪيائين، نڪو ڪو مهڻو ڏنائين ته ڇو مان توهانجي مدد ڪيان جو توهان منهنجي هدايتن تي اڳ عمل نه ڪيو ۽ منهنجي اها بي عزتي ٿي آهي. بهرحال اسان کي وڃي لبرٽي اسٽيچيو ڏانهن ويندڙ رستي تي پهچائي چيائين ته کاٻي پاسي پنج سئو فوٽن جي فاصلي تي توهان جي منزل آهي.
اسان گاڏي مان لهي اوڏانهن راهي ٿياسين ۽ مغل صاحب کي چيو ته توهان هلو اسان پاڻهي اچي گهر پهچنداسين، جيڪڏهن ڪٿي ضرورت پئي ته توهان کي فون ڪنداسين. جيئن ته اسان جي اهو سڄو نظارو نئون هيو، تنهن ڪري اها خبر ڪانه هئي ته ڪٿان وڃي فيري لاءِ ٽڪيٽ وٺون، سو اسان ڏٺو ته ماڻهو قطار ۾ وڃن ٿا، اسان به وڃي اهو گس ورتو، اتي هڪ جوانڙي ڇوڪري بيٺي هئي، جنهن مُرڪندي پڇيو ته ٽڪيٽ ڏيکاريو، اسان به ڏند ٽيڙيندي چيو ته ٽڪيٽ ڪٿان ملندي؟ کلندي چيائين ته ڪائي ڳالهه ناهي، توهان ساڄي پاسي وڃو ۽ اتي ٽڪيٽ توهان کي ملندي. اسان اتي وڃي قطار ۾ بيٺاسين، ٽڪيٽ جا ريٽ لکيل هيا، ٻارن لاءِ 12 ڊالر، جوان لاءِ 18 ڊالر، ٻڍڙن لاءِ 14 ڊالر.
مون 50 ڊالر اڳتي ڪيا، مونکي بزرگ سمجهندي 14 ڊالر واري ٽڪيٽ ڏنائون. ٽڪيٽ کڻي وڃي ٻيڙي تي چڙهڻ لاءِ ويٽنگ روم ڏانهن وڌياسين ته هڪدم چيائون ته ٻيڙو تيار بيٺو آهي، سو هلو اسان وڃي ٻيڙي تي سوار ٿياسين. ٻيڙو ٽي منزلا هيو ۽ هر منزل تي 50 کان 60 ماڻهن جي گنجائش هئي. اسان کي وچين طبقي تي جاءِ ملي، ٻيڙو روانو ٿيو، ست کان اٺ منٽ مس لڳا جو وڃي اسٽيچيو آف لبرٽي جي ڪک وٽان لنگهياسين ۽ ٻيڙي وڃي لنگر انداز ٿي ۽ ٻيڙي تان لهي ڏهاڪو ايڪڙ کن جو ٻيٽ هيو، اتي لهي گهمي واپس اچي ٻيڙي ۾ چڙهياسين. ٻيڙي جي هلڻ کان ٻه ٽي منٽ هڪ ٻيو ميوزم جيڪو آئيلينڊ ۾ ٺهيل هيو، اتي اچي بيٺي، جنهن ۾ سندن پراڻي واکاڻ ڪيل هئي ته اسين ڄمندي ڄام هياسين ۽ اسان کي پنهنجي وڏن تي فخرآهي، جن آفريڪن ماڻهن تي بي انتها ظلم ۽ جبر ڪيو ۽ ايترو ته انهن جي مٿان ظلم ڪيو جو انهن کي ماءُ پيءُ جي هنج مان زبردست ڏنڊي جي زور تي يرغمال بڻائي آمريڪا ۾ آڻي، انهن جو نيلام ڪيو ۽ هي جيڪي به آمريڪا جي وڏن ننڍن شهرن ۾ زيرزمين رستا يا پُلون آهن، اهو سڀ انهن مظلومن جي ڏينهن رات بُک ۽ اڃ جي بدولت آهي ۽ هينئر اسين دنيا تي راڄ ڪيون ٿا.
ان ميوزم جي معرفت اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل هئي ته اسانجي وڏن کان وٺي اها روايت رهي آهي ته جنهن کان اسان ڪم وٺندا آهيون ته ڪم نڪتي کان بعد اسان انهن کي صرف جيئڻ جي حد تائين برداشت ڪندا آهيون ته متان وري سڀاڻي توهان ۾ ڪم پوي. جڏهن اسان ٻاهر نڪتاسين ۽ انهن ويچارن آفريڪا کان کنڀي آيل صدين کان هتان جا رهائش پذير ڏٺاسين ته يقين ٿيو ته واقعي انهن جي تاريخ سچ تي مبني آهي.

ll

ڪاميابي سچي انسان جا قدم چمندي

ڪاميابي سچي انسان جا قدم چمندي

ہم ہیں پردیس میں
اور دیس میں نکلا ہوگا چاند

ماڻهو ڪٿي به وڃي پر جوءِ جا وٿاڻ هميشه خيالن ۾ ساڻ رهندا آهن. وٿاڻن تي خوشي ۽ غمي جو اثر جتي به هجي اتي محسوس ٿئي ٿو. ڪالهه جڏهن رمضان المبارڪ جو آخري جمعو هيو، انهيءَ ڏينهن کي پنهنجو الله سائين شرف بخشيو آهي ۽ هونئن به سڀني ڏينهن ۾ جمعي جو شان واڌارو آهي. مونکي انهيءَ کان وڌيڪ خوشي ان خبر پڙهڻ سان ٿي ته سي ايس ايس جي امتحان جو فائنل رزلٽ آئوٽ ٿيو آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پوزيشن ماڻيندڙن کي زندگي جي اهم مرحلي تي وڏيون جوبداريون ڏنيون ويون آهن.
الله سائين سنڌ جي خاص ڪري ۽ پاڪستان جي سڀني نوجوانن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکندي ۽ هر شر ۽ برائي کان محفوظ رکي. آمين يارب العالمين.
مان سنڌ جي نوجوانن کي ان خوشيءَ جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي اهو عرض ڪندس ته: ”هرهڪ پاڻ کي سنڌ جو سفير سمجهي. ذات پات کان ٻاهر ٿي صرف سنڌ جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ ۾ جيترو ٿي سگهي ضرور ڪوشش ڪن ۽ پاڪستان جو مقام بلند ڪن. هر دوست کي جيڪو به گروپ الاٽ ٿيو آهي، انهيءَ متعلق پنهنجي ڄاڻ جو دائرو وسيع ڪندا رهن ته توهان کي پنهنجي گروپ ۾ ٻه شيون نصيب ٿينديون هڪ عزت ۽ ٻي ساڙ.
جيڪڏهن توهان پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت رکندا ته ڪاميابي توهانجي ٿيندي ۽ ساڙ واري کي ڪجهه به هٿ ڪونه ايندو. عزت ۽ ڪاميابي ان کي ملندي جيڪو پنهنجي نوڪريءَ سان سچو ۽ ڄاڻ رکندڙ هوندو. اسان جا ڪجهه دوست نوڪري ملڻ شرط سُست، ڪاهلائپ ۽ محنت ڪرڻ کان لنوائڻ شروع ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ هميشه ٻيا اسان سنڌ وارن جي لاءِ مجموعي ڄاڻي واڻي اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سنڌي لائق ۽ فاضل ناهن، جيڪو بلڪل غلط آهي. تنهن ڪري توهان سڀني نوجوان دوستن کي گذارش آهي ته جڏهن به ڪير اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هڪدم انهيءَ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ عملي طور ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهندي جواب ڏيندا ته يقيناً هو ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڳالهه ڪونه ڪندو.
توهان نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌي نوجوان ٻين کان تمام گهڻو ذهين، هوشيار، محنتي، جفاڪش ۽ محب وطن آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اسان جا نوجوان خوداعتمادي جي نه هجڻ سبب ميدان ۾ اڳيان نه ايندا آهن، ان ڳالهه جو فائدو وٺندي مخالف غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سنڌي ڄاڻ نٿا رکن يا ملڪ سان پيار نٿا ڪن، تنهن ڪري توهان کي پاڻ تي مڪمل اعتماد ۽ الله جي ذات تي مڪمل يقين هجڻ گهرجي، ان شاءَ الله توهان کي ڪير به نقصان نه پهچائي سگهندو.
الحمدلله اسان جا نوجوان هينئر قابل ۽ محنت ڪش آهن، تنهن ڪري مقابلي ڪرڻ جي ڀرپور پوزيشن ۾ آهن، صرف هڪ ڳالهه جو ڌيان رکن ته اعتماد سان ميدان ۾ لهڻو آهي، چاهي ڪجهه توهان سمجهو ٿا ته هي منهنجي ڪمزوري آهي پر توهان جو اعتماد پاڻهي ان ڪمزوري کي مضبوطي ۾ کڻي ايندو. اها ڳالهه توهان نوجوانن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته خوداعتمادي توهانجي لاءِ ڪاميابي جون راهون پاڻهي کوليندي، تنهن ڪري پاڻ تي اعتماد ۽ الله تي ڀروسو هميشه توهانجي عمل ۽ فعل ۾ نظر اچڻ گهرجي.
اسان جي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪاميابي يا ناڪامي توهان جي هٿ ۾ آهي. ڪڏهن به ڪنهن ناڪامي کي ڪنهن ٻئي ڏانهن منصوب نه ڪجو پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندا ته ان ناڪامي جا سبب توهان کي پنهنجي اندر نظر ايندا ۽ انهي ڪمزوري کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ توهان انجو دوا درمل ڪيو يا ڪنهن ڄاڻ واري ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو. ڊاڪٽر توهان کي تڏهن صحيح مشورو ڏيندو جڏهن توهان انکي مڪمل پنهنجي ڪيفيت بيان ڪندا. بغير ڪيفيت بيان ڪرڻ جي ڊاڪٽر توهان کي صحيح مشورو ڪونه ڏيندو، پوءِ ابتو اهو مشورو توهان جي ڳچيءَ ۾ اچي پوندو. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪابه پنهنجي غلطي يا ڪوتاهي هجي ته ان اعتماد واري کي پوري ايمانداري سان ڳالهه ٻڌائيندا ته توهان کي بهترين مشورو ملندو.
عموماً اسان جا ڪجهه نوجوان دوست جڏهن به ڪنهن سان مشورو ڪندا آهن ته جيڪي به هنن جون مضبوط ڳالهيون هونديون آهن، اهي سڀ ٻڌائيندا آهن ته جيئن مشورو ڏيندڙ کي بانور ڪرايون ته منهنجي ڪابه غلطي ناهي ۽ صرف زيادتي ٿي آهي. تنهنڪري اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته مشورو ڏيندڙ کي پنهنجي غلطي يا ڪوتاهي جو صاف بيان ڪن ته جيئن مشورو ڏيندڙ توهان کي صحيح مشورو ڏئي سگهي.
اسان جي نوجوانن کي ذهن ۾ ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي نوجوان کي گهڻيون مشڪلاتون ٿين ٿيون، ڪجهه پراون کان ته ڪجهه پنهنجن کان، پر انهيءَ لاءِ بهترين هٿيار خود اعتمادي، سچائي، ايمانداري، محنت ۽ صبر آهن.
ڪٿي ٿجي ڪات، ڪٿي ٿجي ڪنڌ.

صبر ۽ حڪمت عملي هر مهل ۽ موقعي جي نسبت سان تمام ضروري آهي. ڪٿي خاموشي به ڳچي ۾ پئجي ويندي آهي، ڪٿي وري سچ به ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي، تنهن ڪري ٻنهي جي استعمال ڪرڻ کي، توهان حالات ۽ موقعي جي مناسبت سان عمل ڪندا ته نتيجا بهتر حاصل ٿيندا.
اسانجو نوجوان الحمدلله سنڌ جي لاءِ وڌيڪ درد رکي ٿو، جيڪو شايد اسان وٽ ان وقت ايترو ڪونه هيو پر جيڪا ڳالهه توهان کي زندگي ۾ مطمئن رکندي اها آهي توهان جو ضمير کي زنده رکڻ، جيڪڏهن توهان جو ضمير زنده رهيو ته وقتي ڏکيائيون ضرور اينديون پر سچ جي ٻيڙي ڪڏهن به ڪانه ٻڏندي.
انهيءَ جي لاءِ مان صرف هڪڙو عرض ڪندس ته ڪڏهن به ڪنهن مظلوم تي ظلم ڪرڻ وارن سان گڏ نه هلجو، جتي توهان جي مجبوري آهي ته ڪوشش ڪري اتي رهندي به مظلوم جي مدد جا ڪي طريقا ڳولهي ڪڍو ته جيئن ان ٽولي ۾ رهندي به مظلوم لاءِ ڪجهه آساني ڪري سگهو، الله سائين اسان جي نيتن کي ڏسندو آهي نڪي اسان جي ظاهري عمل کي.
دنيا جو دستور آهي ته اهي هميشه اسان جي پرک ظاهر تي ڪندا آهن. الله سائين ظاهر تي نه پر اسان جي نيت مطابق پرک ڪندو آهي.
جنهن ڏينهن ڪنهن به سبب جي ڪري ڪنهن غلط ڪم ۾ اسان مدد ڪنداسين ته پوءِ ڪير به اسان جي ضمير کي زنده رکي ڪونه سگهندو، تنهن ڪري پنهنجي ضمير کي بچائڻ لاءِ ڪافي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، اميد ته اسان جو نوجوان جيڪو خير سان سنڌ ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ان کي پنهنجي ضمير سان مشورو ضرور ڪرڻ گهرجي ته جيئن اڳتي هلي مطمئن زندگي گذاري. زندگي اها ناهي ته پاڻ يا پنهنجن لاءِ سوچي ۽ ڪري، پر اصل زندگي جيڪا بندگي آهي اها آهي انسان ذات جي خدمت.
عبادت سان جنت، خدمت سان الله، جنهنجو رب تنهنجو سڀ.

ll

ٽائيم اسڪوائر جو نظارو

ٽائيم اسڪوائر جو نظارو

ميوزم هال کان ٿيندا اچي فيري جي رستي هڊسن رور
(Hudson River) جي ڪناري هلڪي ڦوهار وسائيندا اچي لٿاسين. اسان جميل مغل صاحب کي چئي ڇڏيو هيو ته توهان هلو ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪيو، اسين انشاءَ الله گهر جي ايڊريس تي پهچي وينداسين. اسان هڊسن ڍنڍ جي ڪناري کان ٿيندا خوبصورت پارڪ جو نظارو ڪندي اچي زير زمين ريل گاڏي جي اسٽيشن وٽ پهتاسين. اندر وڃڻ سان ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄو نيو يارڪ هيٺ پليٽفارم تي ڪنهن جي انتظار ۾ ويٺو آهي، الائي ڪيترا ته فليٽفارم هيا، تنهن ڪري اسان کي سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيو ته ڪهڙي پليٽفارم تي وڃي ڪهڙي رنگ ۽ نمبر واري ٽرين تي چڙهڻو آهي. مغل صاحب اهو اسان کي ٻڌائي ويو هيو ته ايف يا اي نمبر واري ريل گاڏي جيڪا ڪيوئنس بورو ڏانهن اچي انجي آخري اسٽاپ تي لهجو. زيرزمين اها خبر نه پئي پوي ته اوڀر ڪاڏي آهي ۽ اولهه ڪيڏانهن آهي، تنهن ڪري اسان کي انهي لاءِ اتي موجود ماڻهن کان مدد وٺڻي پئي. اسان وڃي هڪ درمياني عمر جي ماڻهو کي سلام ڪيو ۽ هن به خوشدليءَ سان اسان کيڪار ڪئي، اسان کان پڇيائين ته مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟ اسان ان دوست کي ٻڌايو ته يار اسان کي هن فلاڻي اسٽيشن تي وڃڻو آهي پر خبر نٿي پوي ته ڪهڙي پليٽفارم تان اها ٽرين ملندي. همراهه پنهنجي چپ تي آنڱر رکندي ٿورو سوچڻ بعد اسان کي چيو ته اچو مان توهان کي هلي نقشي تي ٿو سمجهايان. اسان هن سان گڏ هلندي وڃي هڪ لڳل نقشي وٽ بيٺاسين، اسان کي سمجهائڻ لڳو ته هن وقت هن نقشي مطابق توهان هن پوائنٽ تي آهيو. هاڻي توهان کي ٻه پليٽفارم ڪراس ڪري توهان فلاڻي ٽرين وٺي اتان ٻي ٽرين ۾ چڙهو جيڪا توهان کي سڌو وڃي انهي ڏسيل ريلوي اسٽيشن تي پهچائيندي.
نقشي تان نظر هٽائيندي اسان ڏانهن ڏسندي چيائين ته ڇا توهان رستو سمجهي ورتو آهي يا ٻيهر توهان کي وڌيڪ تفصيل سان ٻڌايان؟ همراهه کي بار بار فون پئي آيا، انهن کي چيائين ته مان ڪنهن جي هيلپ پيو ڪيان، فارغ ٿي توسان ڳالهايان ٿو. تيستائين اسان کي رستي متعلق ڏسيندو رهيو، جيستائين اسان سڄو رستو سمجهي نه ورتو، پوءِ به اسان سان چند قدم اتي هلي رستو ڏيکاري واپس وريو.
اسان وڃي ڏسيل پليٽفارم تي پهتاسين ۽ ٻن ٽن ٽرينن جي گذرڻ کان بعد اسان جي مطلب واري ٽرين اچي بيٺي دروازا کليا، اسان وڃي چڙهي ويٺاسين، ڏهه ٻارهن منٽن کان بعد ٽائيم اسڪوائر جي اسٽيشن آئي، اسان ٽپ ڏئي لهي پياسين ته ٽائيم اسڪوائر کي رات جي وڳڙي ۾ ته ڏٺوسين، اچو ته هلي ڏينهن جو به ديدار ڪري ڇڏيون. جيئن زيرزمين اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته بلڪل انهيءَ جاءِ کان اچي ٻاهر ڪن ڪڍيا، جتي رات جو ڀرسان بيٺا هياسين. اسان کي روزو هيو، تنهن ڪري کائڻ پيئڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، صرف رات ۽ ڏينهن جي نظاري کي ڀيٽ ڪرڻو هيو ته رونق ڪهڙي وقت دلڪش ۽ دلفريب آهي. ظاهر آهي ته ڏينهن شينهن هوندو آهي ۽ تنهن ڪري گهڻيون شيون جيڪي روشنين جي ڪري اوجهل هيون، اهي سڀ وڌيڪ چٽيون نظر آيون. رات جو صرف لائيٽس جو ڪمال هيو ته ڏينهن جو وري سج جو جمال هيو. سو اسان کي صرف ڪمال ۽ جمال جو فرق محسوس ٿيو، باقي ڳالهه ۾ تر جيترو به فرق ڪونه هيو.
ٿوري دير اتان جو سير سپاٽو ڪندي گذري ويو، هاڻي اسان به وري واپس زير زمين ٽرين ڏانهن هلڻ جو ارادو ڪيو. زير زمين کان ٻاهر نڪرڻ ۽ اندر وڃڻ جا ڪافي رستا آهن، تنهن ڪري اتان وري به پڇا ڪري انهيءَ رستي سان هيٺ لهي وياسين، جيڪا اسان جي مطلب واري اسٽيشن جي پليٽفارم ڏانهن وڃي پئي. ماڻهو شروع ۾ ته حيران ٿي وڃي ٿو ته هيٺان زير زمين الائي ڪيترا وڏا ريل گاڏين جي لاءِ پليٽفارم ٺهيل آهن ته بلڪل انهن جي مٿان ستر ستر اسي اسي ماڙ عمارتون ٺهيل آهن. ڪاريگرن جي ڪاريگري کي سلام آهي، جن وڏي مهارت سان انهيءَ سڄي آکاڙي کي ٺاهي بيهاريو آهي.
اسان زير زمين هيٺ لهي وڃي ڏسيل نمبر واري ٽرين جو انتظار ڪيو، تقريباً هر ٻن منٽن کان بعد ٽرين اچي پئي، ماڻهو لهن ۽ چڙهن پيا، هر ڪو قطار ۾ بيهي چڙهي ۽ لهي پيو، تنهن ڪري اهو ڪنهن کي احساس ڪونه پئي ٿيو ته مان ليٽ آهيان ۽ اڳتي نڪري وڃان. عمر ۽ رنگ ۽ نسل جو ڪو به خيال ڪونه هيو يا عورت آهي يا مرد ننڍو آهي يا ٻار، محمود ۽ اياز هڪ قطار ۾ برابر.
انهي سڄي ماحول ۾ صرف هڪ ڳالهه ظاهر هئي ته جيڪڏهن ڪو معذور آهي ته انهن لاءِ هر پبلڪ پليس تي گاڏي بيهارڻ لاءِ جايون ويجهي کان ويجهي پنڌ تي مقرر ٿيل آهن. ڀلي ٻي ڪابه جاءِ گاڏي بيهارڻ لاءِ نه هجي ۽ معذور لاءِ مقرر جايون خالي پيون آهن، تڏهن به ڪوئي اتي گاڏيون نه بيهاريندو، جيڪڏهن غلطيءَ سان گاڏي بيهاريائين به ته هڪدم انهيءَ کي ٽڪيٽ ملي ويندو ۽ ڀاري جرمانو ادا ڪرڻو پوندس.
خير سان اسان ڪوئينس بورو جي ڏسيل اسٽيشن تي اچي پهتاسين ۽ نڪرڻ سان بارش اڳ ئي آجيان ڪري رهي هئي، تنهن ڪري سردي به پنهنجا ڪن اُڀا ڪري ڇڏيا هيا ۽ شڪاري وانگر اسان جي مٿان اچي لامارو ڏنائين. سردي جي اوچتي لاماري سبب شروع ۾ اسان جا حوصلا پست ٿي ويا ۽ مغل صاحب کي فون ڪري ٻڌايو ته اسين اسٽيشن جي ٻاهران سردي جي گهيري ۾ اچي ويا آهيون، سو ڪا واهر ڪر نه ته هي سردي اسان کي بيحال ڪري ڇڏيندي. جمشيد مغل صاحب چيو ته فڪر نه ڪيو، صرف پنج منٽ، تيستائين جوان مرد ٿي سردي کي منهن ڏيو، مان انهي جو بندوبست ڪري پهچان ٿو. اسان به سردي آڏو هٿيار ڦٽا ڪونه ڪيا ۽ ڀرسان هڪ ميڊيڪل اسٽور هيو انجو سهارو وٺندي مقابلي لاءِ اندر ٿي مورچو وڃي سنڀاليو. اسان جيئن مورچي اندر داخل ٿياسين ته سردي پنهنجو حملو روڪيندي انهيءَ تاڙ ۾ ٻاهر بيهي رهي ته مورچي کان ٻاهر ته ضرور نڪرندا، تقريباً پنج ڇهه منٽن بعد مغل صاحب سردي جي مقابلي لاءِ بڪتربند گاڏي ۽ جديد اسلحه کڻي اچي پهتو. اسان به دير ڪانه ڪئي مورچي مان نڪرندي سڌو وڃي بڪتربند گاڏي اندر اسلحه سنڀالي ويٺاسين ۽ وقت ئي ڪونه گذريو ته سردي پويان پير ڪندي الائي ڪيڏاهن ڀڄي وئي.
شام ٿي وئي هئي، تنهن ڪري ٿوري دير کان بعد افطاري جو ٽائيم شروع ٿيڻ وارو هيو، گهر ۾ اچي آکيري تي وڃي ويٺاسين. تازا توانا ٿي افطاري ڪئي، پوءِ ڪجهه ڪوڙ بدوڙ ڪندي ڳچ رات گذري وئي.
رات جو سائين علي حسن ڀٽو صاحب جو نيو جرسي
(New Jersey) کان فون آيو ته سائين قرب ڪري منهنجي اڱڻ تي قرب ڀريا قدم گهمايو ۽ مهمان نوازي جو موقعو ڏيو. جيئن ته منهنجو اهو رستو ڏٺل ڪونه هيو، تنهن ڪري ڪوئي اندازو ڪونه پئي ٿيو ته ڪيترو وقت لڳندو. علي حسن صاحب گهر جي ايڊريس موڪلي، مون مغل صاحب کان پڇيو ته ڀاءُ هي جاءِ ڪيترو پري آهي. مغل صاحب تنهن وقت پنهنجي موبائل سيٽ تي هٿ ڦيرائيندي انڌي واري لٺ ڏانهن نياپو موڪليو ۽ اتي جو اتي انڌي واري لٺ (مائي گوگل) نمودار ٿي ۽ چوڻ لڳي ته ان گهر لاءِ هي ٽي چار رستا ويندا ۽ هر هڪ رستي جو پنڌ ۽ ٽائيم ٻڌايو ته فلاڻي رستي سان هيترو وقت لڳندو ۽ فلاڻي رستي سان هيترو، هاڻي آقا جيڪو حڪم! اسان چيو ته مهرباني! سڀاڻي شايد توکي تڪليف ڏيون.
هيگرس ٽائون (Hagers Town) مان ممتاز ڀٽو صاحب جو اصرار ته يار الاهي وقت گذري ويو، اڃان تون واپس ڪونه پهتو آهين. مون کيس ٻڌايو ته ڀائو هاڻي ٻه ڏينهن ٻيا به اسان کي اجازت ڏي ته ڪجهه ٻين دوستن سان به ملندا اچون. مون کيس ٻڌايو ته سائين علي حسن ڀٽو صاحب جو حڪم آهي ته مون وٽان ٿيندا پوءِ اڳتي وڃو، نه ته مان آمريڪا جي بجلي بند ڪري ڇڏيندس. ممتاز چيو ته سائين علي حسن ڏانهن ضرور وڃجانءِ، هو اسانجو پيارو اٿئي ۽ منهنجي هوم منسٽر جو مائٽ به ٿئي. ممتاز چيو ته ڊاڪٽر لياقت ڀٽو فون ڪري چيو ته امتياز ميمڻ عرف لالو ميمڻ صاحب لاءِ فون پيو ڪري ته نمبر ڏيو ته مان جمن ڄامڙو سان ڳالهايان، مون چيو ته بلڪل نمبر ڏيوس ۽ مونکي به نمبر ڏيو ته جيئن اسين هڪٻئي سان رابطو ڪيون.
امتياز عرف لالو مرحوم ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ جو فرزند آهي ۽ مرحوم ڊاڪٽر قادر بخش ۽ منهنجو سهرو پاڻ ۾ ڏاڍا گهاٽا ڀائرن وانگر دوست ۽ هڪٻئي جو حد کان وڌيڪ خيال رکندا هيا ۽ هڪٻئي جا اجهي مندي جا اوتيل پوتيل دوست هيا. الله سائين ٻنهي مرحومين کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري، انهن جي اولاد کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي.
فون رکيو مس ته امتياز جو فون آيو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ چيائين مون ساڻس واعدو ڪيو ته انشاءَ الله مان توهان سان ملندو پوءِ اڳتي ويندس. رات جو جمشيد مغل صاحب کي عرض ڪيو ته ڀائو هاڻي سڀاڻي اسان کي اجازت ڏيو ته رستي ۾ ٻين دوستن سان به ملاقات ڪندا وڃون، مغل صاحب ۽ سندس گهر واري مشڪل سان مڃيو ته ٺيڪ آهي پر شرط انهيءَ سان ته واپسي تي هڪ رات اچي هتي رهندا. انهي وقت علي حسن صاحب سان پروگرام طئي ڪيوسين، سڀاڻي شام جو چار وڳي ڌاران اسان وڃي ڏسيل ايڊريس تي پهچنداسين. مغل صاحب ۽ ڀٽو صاحب جي گهرن وچ ۾ تقريباً 40 ميلن جو مفاصلو هيو پر وقت جهجو پئي ورتو ڇوته آفيس ۽ اسڪولن جي موڪل وقت روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيندي آهي ۽ ڍڳو پير پيران، اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ٻه ڪلاڪ به وٺيو وڃي. ٻئي ڏينهن مغل صاحب سان گڏ ساڍي ٻارهين وڳي منجهند جو علي حسن ڀٽو صاحب ڏانهن روانه ٿياسين، نيو يارڪ شهر مان نڪرندي نڪرندي تقريباً ڏيڍ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا. نيو يارڪ شهر اڃان هليو پئي ته مغل صاحب ٻڌايو ته هن پل کان هيڏي
نيو يارڪ رياست ۽ هيڏي نيو جرسي رياست شروع ٿي وئي. ڏهه پندرنهن منٽ اڳتي هلياسين ته هڪ وڏو هوائي جهازن جو اڏو نظر آيو، جيڪو ڏاڍو مصروف لڳو پئي. مغل صاحب ٻڌايو ته گهڻا نيو يارڪ جا ماڻهو هن ايئرپورٽ کي ترجيح ڏيندا آهن، خاص ڪري جيڪي دوست نيو يارڪ جي واشنگٽن برج ۽ انجي آس پاس ۾ رهن ٿا. ايئرپورٽ جو نالو هيو نيوآرڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ (NewArk International Airport). هي ايئرپورٽ خاص ڪري نيو جرسي ۽ انجي ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو. اڃان رستي ۾ هياسين ته امتياز ميمڻ سائين جو فون آيو ته روزو اسان سان اچي افطار ڪجو، مون کيس ٻڌايو ته ڀائو مان اڳ ئي علي حسن صاحب کي چئي ويٺو آهيان، باقي توهان ٻئي پاڻ ۾ جيڪو فيصلو ڪيو مونکي قبول آهي. ٿوري دير کان بعد امتياز جو فون آيو ته مان ڀٽو صاحب کي مڃايو آهي ۽ ڪجهه ٻيا دوست به هوندا گڏجي افطار ڪنداسين. ايتري ۾ علي حسن صاحب جو فون آيو ته ميمڻ صاحب گهڻو زور ڀريو سو مون به قبول ڪيو آهي، هاڻي توهان منهنجي گهر پهچو پوءِ اتان گڏجي هلنداسين.
چار وڳي شام کان ڪجهه منٽ اڳ وڃي اسانکي انڌي واري لٺ (گوگل) علي حسن ڀٽو صاحب جي گهر جي سامهون بيهاريو. رابطو ٿيو ڀٽو صاحب آفيس کان نڪري گهر ڏانهن اچي رهيو هيو، اسان کي اوطاق ۾ ويهڻ لاءِ چيائين، اسان گاڏي مان سنج لاهي وڃي اوطاق تي قبضو ڪيو، نماز پڙهي تازا توانا ٿي وياسين.
سائين ڀٽو صاحب آيو ڏاڍي پاٻوهه ۽ قرب سان بغلگير ٿيو ۽ مغل صاحب واپسي جي لاءِ ڀٽو صاحب کان اجازت وٺندي چيو ته سائين اسانجي امانت توهان جي حوالي ۽ اميد ته خيال رکندا. ڀٽو صاحب وراڻيندي چيو ته سائين اهي ته اسان جا ڀاڳ ڀلا جو اڄ محبوب اسان جي در ڪهي آيا. اسان ته سائين ڄامڙو صاحب لاءِ اڱڻ ٻهاريان ۽ واٽون نهاريان واري ڪيفيت ۾ هياسين.


ll

ٽرمپ جي ڪسينو ۾ افطار

ٽرمپ جي ڪسينو ۾ افطار

علي حسن ڀٽو صاحب ۽ مون گڏجي سائين جمشيد مغل صاحب کي الوداع ڪيو. اسان موٽي اچي پاڻ ۾ حال احوال اوريا ۽ ٿوري دير کان بعد امتياز ميمڻ صاحب جي ڏسيل ريسٽورنٽ ڏانهن هلڻ لاءِ تياري ڪئي. ميمڻ صاحب اسان جي ڪري ڏهاڪو کن دوست ٻيا به افطاري واسطي مدعو ڪيا هيا. ڀٽو صاحب جي گهر کان ريسٽورنٽ تائين پهچڻ ۾ تقريباً 30-35 منٽ لڳا، اسان جي پهچڻ کان اڳ ڪجهه دوست اتي پهچي چڪا هيا، ڪجهه اسان جي پهچڻ کان ٿوري دير بعد اتي پهچي ويا. گاڏي کي پارڪ ڪرڻ کان بعد جڏهن ريسٽورنٽ جي اندر داخل ٿياسين ته ايئن محسوس ٿيو ته مان ڪنهن پاڪستان جي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويو آهيان. هر پاسي اردو، پنجابي ۽ سنڌي ۾ ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. صفا پاڪستاني ماحول لڳو پيو هيو، صرف فرق اهو هيو ته ماڻهو سڀ قطار ۾ کاڌي واري شيءِ کي کڻڻ لاءِ صبر ۽ تحمل سان اڳتي وڌي رهيا هيا. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ريسٽورنٽ جو مالڪ هڪ پاڪستاني آهي، اهو ٻڌي ۽ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. افطاري جي دوران ميزبان ميمڻ صاحب کي فون آيو ته فلائيٽ لينڊ ڪري چڪي آهي ۽ سندس گهرواري پاڪستان کان ان فلائيٽ جي ذريعي پهچڻي هئي، سا پهچي وئي. ميمڻ صاحب کان هڪدم رڙ نڪري وئي ته اهو وري ڪيئن؟ فلائيٽ شيڊول کان ٻه ڪلاڪ اڳ ڪيئن پهچي وئي؟ ميمڻ صاحب جي هڪ دوست چيو ته هينئر ٿا هلي ان جهاز جي پائلٽ خلاف ڪيس داخل ڪيون، جنهن اسان جي رنگ ۾ ڀنگ وڌي آهي ۽ ميمڻ صاحب جي آزادي تي ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ پابندي وجهي ڇڏي.
بهرحال تمام سٺو طعام ۽ انتظام هيو ۽ دوستن جي ڪچهري کي خوب انجواءِ ڪيوسين. افطاري کان جلد بعد ۾ امتياز ميمڻ صاحب پائلٽ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو روانو ٿي ويو. رستي ۾ واپسي تي سڀاڻي جي لاءِ پروگرام رٿيوسين ته ڪٿي ۽ ڪهڙي ٽائيم تي هلڻو آهي، انهي کان بعد ڀٽو صاحب جي گهر اچي آرامي ٿياسين. سحري جي ٽائيم تي پروگرام کي فائنل ڪيوسين ته پهريان نيو يارڪ شهر کي ڏسڻ لاءِ نيو جرسي واري پاسي کان نظارو ڪيون، انهيءَ کان بعد ايٽلانٽڪ سٽي گهمڻ هلنداسين ۽ افطاري صدر ٽرمپ جي ٺهيل ڪسينو ۾ ڪنداسين. پهريان ته جهٽڪو لڳو ته ڪسينو ۾ افطاري اهو وري ڪيئن؟ ٿوري دير ان سوچ ۾ گم ٿي ويس. صبح جو ڀٽو صاحب آفيس نڪري ويو ته جيئن ضروري ڪم نبيري ۽ اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي اچان. ڀٽو صاحب پنهنجي آفيس ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ ڀٽي صاحب جي امان حضور اسان سان ڪچهري ۾ محو ٿي وئي. امان جي ڪچهري ۾ ايترو ته لطف آيو جو وقت گذرڻ جي خبرئي ڪانه پئي. علي حسن صاحب ته ماشاءَ الله ڪچهري جو مور آهي پر امان ته ڀٽو صاحب کان وڌيڪ ڪچهري جي ڪوڏي ۽ خوش طبع آهي، اسان کي اهڙو ته ڪچهري ۾ پنهنجائپ ڏنائين، ڄڻ ته سڳي ماءُ وانگر ٿي نصيحت ڀرين گفتن سان پنهنجو ڪيو، جو اسان کي پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي. امان اسان کي ٻڌايو ته پروفيسر غلام حيدر ڄامڙو صاحب ۽ اسان گهڻو وقت سٺا پاڙيسري ٿي رهيا آهيون ۽ بلڪل هڪٻئي جي گهر جي وارثن وانگر ٿي گذاريو آهي. وڌيڪ چوڻ لڳي ته جڏهن مونکي علي حسن ٻڌايو ته ڄامڙو صاحب اچي ٿو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هڪدم غلام حيدر ڄامڙو صاحب جي ياد دل تي تري آئي. مون امان کي ٻڌايو ته سائين غلام حيدر ڄامڙو صاحب اسان جا وڏيري گهراڻي مان آهن ۽ تمام شريف النفس انسان دوست آهن. اڄ تائين هميشه سڀ ڪنهن سان چڱائي واري چال هلندا آهن ۽ ڪنهن جي برائي لاءِ سوچيندا به ڪين آهن. واقعي انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سائين ڊاڪٽر غلام حيدر ڄامڙو صاحب هڪ صحيح معنيٰ ۾ انسان دوست انسان آهي، الله سائين کيس وڏي ڄمار صحت سان عطا ڪريس.
سائين علي حسن ڀٽو صاحب الڪٽريڪل ۾ بي اي (ricalElect BE) ڪئي آهي، پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ کان بعد ڪجهه سال سعوديه اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۾ سينئر پوزيشن ۾ رهيا آهن. ڀٽي صاحب جي شادي به جوڻيجا قبيلي مان ٿيل آهي، جيڪي اڳ ئي آمريڪا ۾ نيو جرسي رياست ۾ رهائش پذير آهن. اتفاق سان سائين علي حسن کي به نيو جرسي رياست ۾ اليڪٽرڪ پاور ڊسٽريبيوشن ۾ تمام سينئر پوزيشن تي نوڪري ملي وئي، تنهن ڪري پاڻ سعوديه کي ڇڏي گذريل تقريباً اڌ ڏهاڪي کان نيو جرسي رياست ۾ رهائش پذير ٿي ويو آهي. سائين علي حسن ڀٽو صاحب جي خاص ڳالهه جيڪا مونکي وڻي اها هئي ته ڪمائي کائي آمريڪا جو پيو پر دل جي تنوار هر وقت سنڌ ڌرتي سان پيوند ٿيل هيس. ڀٽو صاحب سماجي ڪمن ۾ تمام گهڻو اڳڀرو، جتي به سنڌي قوم جي ڀلائي جي ڳالهه هوندي ڀٽو صاحب هڙان پيسه خرچ ڪري ٿڪبو ڪونه ۽ سڀني کان اڳڀرو ڏسڻ ۾ ايندو.

ll

نيو جرسي آمريڪا جي شاهوڪار رياست

نيو جرسي آمريڪا جي شاهوڪار رياست

نيو جرسي (New Jersey) هڪ ذرخيز علائقي کان علاوه تعليم، سائنسي تحقيقات، دوائن جي ڪارخانن، انفارميشن ٽيڪنالوجي، مختلف قسم جي گلن ٻوٽن وغيره جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. نيو جرسي رياست کي ”يورپ جي سئٽزرلينڊ“ به چوندا آهن. نيو جرسي رياست باغن جو علائقو ڪري سڏيو ويندو آهي. نيو جرسي رياست مڪئي، ٽماٽو ۽ بلو بيري جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. آمريڪا جون ڪافي ايجادات هن اسٽيٽ جي اندر ٿيون آهن. دنيا ۾ پهريون دفعو بجلي تي ٻرندڙ بلب جي ايجاد به هن رياست ۾ ٿي. نيو جرسي رياست کي ڏکڻ پاسي ايٽلانٽڪ سمنڊ آهي ته ٻئي طرف ڊيلاور نالي وڏو درياءَ آهي. جنهن وقت روڊ رستا ايترا مضبوط ڪونه هيا ته انوقت پوري دنيا جو وڻج واپار پاڻي جي وسيلي هلندو هيو. آمريڪا جون جيڪي پهريون تيرهن رياستون هيون، انهن ۾ نيو جرسي به شامل رهي آهي.
نيو جرسي رقبي جي لحاظ ايتري وڏي ڪانهي، ليڪن ڳتيل آبادي واري رياست سمجهي ويندي آهي. خوشحالي جي حساب سان آمريڪا جي شاهوڪار رياستن مان هڪ آهي. نيو جرسي جي آبادي تقريباً 90 لک جي لڳ ڀڳ آهي. نيو جرسي رياست جي انڪم پر ڪيپيٽا تقريباً ستر هزار ڊالر آهي.
سائين جمشيد مغل صاحب کي الوداع چئي مان ۽ علي حسن ڀٽو صاحب پاڻ ۾ حالي احوالي ٿياسين ۽ نيو جرسي رياست کي ڏسڻ لاءِ سوچيوسين ته اڳ ۾ ڪيڏانهن وڃجي ته ٿوري وقت ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهي اوترو وڌيڪ علائقو ۽ گهمڻ واريون جڳهون گهمي سگهون. ”وقت ٿورو مقابلو سخت“ واري نوعيت هئي.
جيئن ته افطاري ۾ اڃان تقريباً چار ڪلاڪ رهيل هيا، تنهن ڪري اهو سوچيوسين ته اڄ صرف نيو يارڪ شهر جو نظارو نيو جرسي واري پاسي کان ڪجي ته بهتر ٿيندو. حالانڪ اسان نيو يارڪ شهر کي گهمڻ لاءِ چار ڏينهن صرف ڪري چڪا هياسين پر ڀٽو صاحب چيو ته جيڪڏهن نيو جرسي واري پاسي کان نيو يارڪ شهر جو نظارو نه ڪيو ته ڄڻ توهان نيو يارڪ ڏٺوئي ڪين. سائين ڀٽو صاحب جي جيجل امڙ ته اسان سان ملي بيحد خوش ٿي. ڀٽو صاحب جي والده ماجده ٻڌايو ته ابا جڏهن مونکي خبر پئي ته ڄامڙو صاحب ٿو اچي ته مان خوشي ۾ ماپان ڪانه پئي، ڇو ته پروفيسر غلام حيدر ڄامڙو تمام گهڻو وقت اسان قربائتا پاڙيسري ۽ ڀائرن کان وڌيڪ هڪٻئي جو خيال ڪرڻ وارا. ڀٽي صاحب جي امڙ جيجل کي مون ٻڌايو ته سائين غلام حيدر ڄامڙو صاحب اسان جي وڏيري گهراڻي جا انتهائي شريف النفس چشم چراغ آهن ۽ شروع کان وٺي هميشه سڀ ڪنهن جي ڀلائي جو سوچيندا آهن ۽ اڄ تائين پوري برادري ۾ مون هر ڪنهن جي واتان سائين حيدر صاحب جي تعريف ٻڌي آهي ۽ ڪنهن ايئن ناهي چيو ته حيدر صاحب مون سان ڪا زيادتي ڪئي آهي. سائين غلام حيدر ڄامڙو صاحب جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. ڀٽي صاحب جي امڙ ايتري ته قربدار هئي جو مونکي پنهنجي امڙ جيجل ياد اچي وئي. منهنجي جيجل امڙ 14 ڊسمبر 1994ع تي هن فاني دنيا کي ڇڏي اصل ماڳ ڏانهن وڃي آرامي ٿي، الله سائين جي در دعا آهي ته جن جون به جيجل امڙيون هن فاني دنيا مان اصل ماڳ ڏانهن ويون آهن، انهن جا درجات بلند ڪري ۽ جنت الفردوس عطا ڪري ۽ جن جون امڙيون حال حيات آهن، انهن کي الله سائين صحت سان وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ انهن کي پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن جو به محتاج نه ڪري. آمين يارب العالمين
علي حسن ڀٽو صاحب ته کل مک آهن، پر سندس امڙ جيجل واقعي ڪچهري جي مور، توري تڪي ڳالهائڻ واري، نصيحت ڀري گفتگو جي اڻکٽ خزاني جي مالڪياڻي آهي. ڪچهري شروع ڪرڻ کان بعد دل ايئن پئي چاهيندي ته امڙ صرف ڳالهائيندي رهي ۽ اسين صرف ٻڌندا رهون. ماشاءَ الله صحتمند، عقل جي سالم، سنڌي محاورن کي استعمال ڪرڻ جي ماهر، پرائي کي پنهنجو ڪرڻ، منهن تي سچ چئي ڏيڻ ۽ هر عمر واري سان انجي عمر وارو ٿي وڃڻ ورلي ڪنهن ۾ اهي سڀ خوبيون هونديون آهن، جيڪي سڀ مونکي اتي نظر آهيون.
روزو افطار ڪرڻ ۾ تقريباً چار ڪلاڪ کن هيا. افطاري جي لاءِ سائين امتياز ميمڻ صاحب جتي ٻين دوستن کي به مدعو ڪيو هيو، اهو ڀٽو صاحب جي گهر کان تقريباً اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ تي هيو. نيو يارڪ شهر جو نيو جرسي واري پاسي کان نظارو ڪرڻ لاءِ تقريباً 40-50 منٽن جي مفاصلي تي هيو، تنهن ڪري اهو فيصلو ڪيوسين ته اڳ ۾ نيو يارڪ شهر جو نظارو ڪري اچون تنهن کان بعد افطاري لاءِ ميمڻ صاحب وٽ وڃي سنگت سان ڪا روح رهاڻ ڪجي.
اسان انهيءَ نظاري کي ڏسڻ خاطر روانا ٿياسين، چاليهارو منٽن کان بعد وڃي هڪ پارڪ وٽ لٿاسين، پارڪ ايتري ته وسيع، صاف سٿري ۽ سرسبز هئي جو نگاهه جيستائين وڃي پئي تيستائين پارڪ پئي نظر اچي. پارڪ جو نظارو ڪندا اڳتي وڌندا وياسين ته نيو يارڪ شهر جيڪو اڳ ۾ جُهڙ ۾ لڪل هيو، اهو صاف ظاهر ٿيندو ويو ۽ واقعي جيئن جئين اسين اڳتي وڌندا وڃون پيا ۽ جُهڙ به اسان کي ڏسي شايد اسان جي لاءِ شهر جو نظارو وڌيڪ صاف ۽ اجرو ڪندو پئي ويو. ٿورو اڳتي هلياسين ته ڀٽي صاحب چيو ته هلو ته گاڏي ۾ هلون ايئن پنڌ هلنداسين ته ڪافي وقت لڳي ويندو. گاڏي ۾ چڙهي تقريباً ڇهه ست منٽ انهيءَ پارڪ مان ٺهيل رستي سان وڃي پراڻي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان وڃي پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري هيٺ لٿاسين ۽ اتان نيو يارڪ شهر جو نظارو واقعي دلچسپ هيو، ايئن کڻي چئجي ته جيئن ناگرا فال جو نظارو ڏسڻ ۾ ڪيناڊا جي پاسي کان وڌيڪ دلفريب ۽ خوبصورت هوندو آهي، حالانڪه آمريڪا واري پاسي کان ناگرافال جو پاڻي اچي ٿو پرڏسڻ ۾ ايترو لطف آمريڪا واري پاسي کان ڪونه ايندو آهي. اهڙي طرح نيو يارڪ شهر کي ڏسڻ لاءِ واقعي جيڪو خوبصورت نظارو نيو جرسي واري پاسي کان هيو، اهو ايترو نيو يارڪ شهر ۾ گهمندي محسوس ڪونه ٿيو. اتي وڃڻ کان بعد خبر پئي ته هڊسن رور (Hudson River) جي ٻنهي پاسي جيڪو شهر نظر پيو اچي اهو دراصل ٻه جدا رياستن تي مشتمل آهي، هڪ نيو يارڪ رياست ۽ ٻيو نيو جرسي رياست.
پهريان به عرض ڪري چڪو آهيان ته اسٽيچيوٽ آف لبرٽي (Statute of Liberty) لاءِ عام تاثر اهو هوندو آهي ته نيو يارڪ جو حصو آهي پر اهو نيو جرسي رياست جي حد ۾ آهي.
آزاديءَ جو مجسمو:
آمريڪا جي معيشت جو گهڻو دارومدار هٿيارن، تجارت ۽ سياحت تي آهي. تنهنڪري آمريڪي پنهنجي يادگار ۽ تاريخي مقام ۽ ماڳن کي وڌائي چڙائي اهڙو ته خاڪو پيش ڪندا آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سياحت لاءِ گهربل شين کي خوبصورت طريقي سان سجائيندا آهن ته جيئن ماڻهو ازخود انهن ماڳن کي ڏسڻ لاءِ پهچيو وڃن. پراڻي ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ کي اهڙي طرح صفائي ۽ سٿرائي سان سجائي رکيو اٿن جو پري کان ڏسڻ ۾ ماڻهو جي دل ۾ عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. انهيءَ ريلوي اسٽيشن ۾ اهڙي ڪا خاص خوبصورتي به ڪانه هئي پر ان سان منسلڪ هڪ ظالم قسم جو داستان هو، جنهن کي هو وڏي ڪاميابي طور محفوظ ڪري ويٺا آهن. ان ريلوي اسٽيشن جي تاريخ اها آهي ته آفريڪا مان زوري ۽ زبردستي مجبور ماڻهن کي هتي ريل رستي پهچائي، انهن کي غلام ڪري وڪڻندا هيا ۽ پيسه ڪمائيندا هيا. آمريڪا ۾ تقريباً جيڪي به ترقياتي ڪم انهيءَ دور ۾ ٿيا، اهي سڀ انهن غلام ٿي آيل ڪارن جي ڏينهن رات اُڃ ۽ بک تي بغير ڪنهن معاوضي جي ڪيل محنت جو ثمر آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ به آمريڪا ۾ ڪارن لاءِ ڀورن جي نفرت ڏسجي ۽ محسوس ڪئي وڃي ٿي. اتي ٻڌائڻ وارا وڏي فخر سان چوندا آهن ته هي اها جاءِ آهي، جتي اسان ريل گاڏي رستي غريب ملڪ جي ماڻهن خاص ڪري آفريڪا جي باشندن کي زبردستي کڻي اچي هتي غلام ڪري وڪڻندا هياسين.
دنيا جي هر ترقي يافته ملڪ غريب عوام جي وسيلن تي قابض ٿي اتانجو سڀ ڪجهه کڻي پنهنجي علائقن کي ترقي وٺرائي آهي پوءِ اهو يورپ، آمريڪا يا جپان هجي، طريقيڪار ساڳيو رهيو آهي. اهو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي صرف طريقو مختلف آهي، اڳي فوج سان ڪاهه ڪري قبضو ڪندا هيا، هينئر قرض، هٿيار، امداد، واپار ۽ پري کان مڇ کي وٽ.
انهيءَ ريلوي اسٽيشن جي بناوٽ يا ٻيو ڪو اهڙو سبب ڪونه هيو، جنهن کي تاريخي ماڳ چئجي، پر پيسه ڪمائڻ جو طريقو اهڙو اٿن جو جڏهن ماڻهو انهن ماڳن تي وڃي ٿو ته نه انهن ماڳن مان ڪير علم، هنر حاصل ڪري ٿو نه وري ڪا جديد ٽيڪنالوجي حاصل ڪري ٿو، پر کيسي تي ڇُري ضرور گهمائي ٿو. پراڻي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ رستي کي انهيءَ حالت ۾ رکي مينٽين ڪئي اٿن. پراڻو رستو گهڙيل پٿرن سان ٺهيل آهي، جنهن کي هروقت صاف سٿرو رکندا پيا اچن. هر ايندڙ ويندڙ کي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اسين گهڻو اڳ جا سڌريل آهيون.
ٻي خاص ڳالهه ته نيو يارڪ شهر ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهي کان بعد ڪجهه لوهه جا گارڊر اتي رکيل آهن ۽ انهيءَ کي اهڙي طريقي سان رکيو اٿن، جو جيڪو به ماڻهو اتي ويندو ته انهن گارڊرن جي وچ مان سڌو نيو يارڪ شهر جي ان حصي ته وڃي نظر پوندي جتي ورلڊ ٽريڊ سينٽر هيو.
اسان اتان جو نظارو ڪري واپس ورڻ جي ڪئي پئي ته ڀٽي صاحب جو پراڻو دوست اتي ملي ويو، جنهن سان ٿوري اتي ڇٻر تي ويهي ڪچهري ڪئي، تنهن کان بعد سائين علي حسن ڀٽو صاحب ۽ اسان ائٽلانٽڪ سٽي پهچڻو هيو، تنهنڪري اوڏانهن روانا ٿياسين.

ll

ائٽلانٽڪ سٽي: جوئا خانن جو شهر

ائٽلانٽڪ سٽي: جوئا خانن جو شهر

ائٽلانٽڪ سٽي (Atlantic City) نيو جرسي ۾ هڪ تفريح گاهه ۽ ماڻهن جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ جو خودڪار ۽ خوبصورت طريقو آهي، جتي دنيا جي هر شيءِ وافر مقدار ۾ ملندي آهي، جنهن ۾ هر عمر جو ماڻهو اتي خوب لٽجي ۽ وندر وٺي ٿو. هي شهر ائٽلانٽڪ اوشن (Atlantic Ocean) جي ڪناري تي وڏي مهارت ۽ خوبصورتي سان اڏيو ويو آهي. سمنڊ جي ڪناري تي تقريباً 50-60 فوٽ ويڪرو خوبصورت ڪاٺ سان ٺهيل رستو جنهن کي اتي ائٽلانٽڪ سٽي براڊ وي (Atlantic City Broadway) چون پيا، جيڪو پنج ست ميل ڊگهو ٿيندو، جيڪو پوري دنيا ۾ ڊگهو چيو وڃي ٿو، ان تي خاص ڪري صبح ۽ شام عوام جا لشڪر جوڙو جوڙو ٿي هٿ هٿ ۾ جهليندي مختلف پوزيشن ۾ گهمندي ڦرندي نظر ايندا. هن شهر جي خصوصيت يا شهرت ڪسينوز (Casinos) جي ڪري آهي، تنهنڪري انهن ڪسينوز کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي.
جنهن ڪسينو ۾ اسان وڃي روزو افطار ڪيو، انجو نالو هيو هارڊ راڪ ڪسينو ۽ هوٽل (Hard Rock Casino and Hotel). هي ڪسينو پهريون صدر ٽرمپ جو هيو، جنهن بعد ۾ وڪرو ڪري هارڊ راڪ ڪمپني کي ڏنو. جنهن وقت ٽرمپ جي ملڪيت ۾ هيو ته انوقت ان ڪسينو جو نالو تاج محل هيو. جنهن وقت اسان ڪسينو ۾ اندر پير رکيو ته اندر جوا هلي رهي هئي، جنهن جون اڻکٽ ٽڪريون لڳل هيون. جوا کيڏڻ ۾ گهڻائي وڏي عمر جي مرد ۽ عورتن جي هئي، جيڪي اتي پنهنجي لاءِ وندر طور اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ وقت پاس ڪندا آهن. اسان انهيءَ منظر کي ڏسندا اڳتي وڌندا وياسين ۽ وڃي ٻي منزل تي کائڻ پيئڻ جا اسٽال نما ڪيفي ٺهيل هيا، جيڪي تمام صاف سٿرا هيا. انهن ڪيفي تي وڃي افطاري لاءِ آرڊر ڪيو ۽ روزو افطار ڪيو ۽ ڪُنڊ ۾ وڃي نماز پڙهي، سائين علي حسن ڀٽو صاحب جي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿياسين. ائٽلانٽڪ سٽي ۾ اسان صرف روزو افطار ڪيو، ڇوته رات جي ماني ڀٽو صاحب جي سالي صاحب ڪئي هئي. ائٽلانٽڪ سٽي کان واپس اچڻ ۾ تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ جو وقت لڳو.
علي حسن ڀٽو صاحب جا ساهرا جوڻيجا ذات جا آهن، جيڪي اتي تقريباً چئن ڏهاڪن کان رهائش پذير آهن. رات جي ماني تي تمام گهڻو انتظام ٿيل هيو ۽ خوب ڪچهري ٿي. رات جي ماني کان بعد ڀٽو صاحب جي گهر ووڊ برج (Wood Bridge) ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪ جاءِ تي بيٺاسين، جتي دنيا ۾ پهريون دفعو بجلي تي ٻرڻ وارو بلب ٻريو هيو. جنهن جاءِ تي بلب ايجاد ٿيو، اها ليبارٽري ۽ انجي ايريا گهمي ڏٺي، انهيءَ جاءِ يا محلي کي ايڊيسن (Edison) جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي، پروفيسر ايڊيسن نيو جرسي جي مشهور پرنسٽن يونيورسٽي (University of Princeton) ۾ پڙهائيندو هيو. پروفيسر ايڊيسن جو پورو نالو ٿامس الوا ايڊيسن (Thomas Alva Edison) هيو، 11 فيبروري 1847ع ۾ مِلان، اوهايو رياست (Milan, Ohio State) ۾ ڄائو، 18 آڪٽوبر 1931ع تي 84 سالن جي عمر ۾ نيو جرسي ۾ وفات ڪئي. سندس ٻين ڪارنامن مان بجلي وارو بلب ايجاد ڪرڻ، جيڪا هڪ اهم ايجاد آهي، جنهن پوري دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو. سائين ڀٽو صاحب جو گهر اتان سڏ پنڌ تي آهي، تنهنڪري گهر پهچڻ ۾ ڪا دير ڪانه ٿي.
ٻئي ڏينهن جمعي جو ڏينهن هيو، تنهنڪري ڀٽو صاحب جي محلي ۾ جمعي نماز ادا ڪئي. مسجد ۾ جماعت ڪافي چڱي هئي، مسجد جي پسگردائي ۾ تقريباً ڏيڍ ٻه سئو گهر مسلمانن جا آهن. مسجد ۾ محسوس ٿيو پئي ته واقعي هتي مسلمان رهن ٿا. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ مسلمان تمام ٿورا پر مسلڪ گهڻا آهن، جن جو فلسفو آهي ته انهن جو مسلڪ صحيح آهي، باقي سڀ ڪٽڙو ۽ خارجي آهن. تنهنڪري هر فقه ۽ مسلڪ وارا ٻئي کي اسلام مان خارج ڪري پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. پاڪستان ۾ جنهن به مسجد ۾ وڃبو ته ممبر تي ويٺل مولانا ٻئي مسلڪ کي خراب ۽ خارجي ڪرڻ لاءِ پيو دليل پيش ڪندو. اسلام جو ذڪر ڪٿي به ڪونه هوندو.
اسلام جي تعليم لاءِ ڪابه تقرير يا تحرير نظر ڪانه ايندي. اسلام ۾ حقوق الله کان وڌيڪ زور حقوق العباد تي آهي پر انهيءَ موضوع تي ڪڏهن به ڪوئي مولوي صاحبان خطبي ۾ ذڪر ڪونه ڪندا آهن.
اسانجو مولوي صاحب اسلام تي هلڻ جي ڳالهه ڪڏهن به ڪونه ڪندو ته جيئن اسين اسلام جي اصولن تي هلي زندگي گذاريون. مولوي صاحب معاشري کي ته خراب ضرور چوندو پر انکي اسلام جي روح مطابق صحيح ڪرڻ جي ڳالهه ڪونه ڪندو. مثال طور اسلام ڪوڙ، ناانصافي، حق کائڻ، ظلم ۽ زيادتي، گلا، چغلخوري، ملاوٽ، ماپ ۽ تور ۾ ڦيرڦار، ناپاڪي، نفرت، ٺڳي ۽ دولاب وغيره کان منع ٿو ڪري پر اسانجا مولوي صاحبان ان تي ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندا يعني اسلام ۾ سڀني عملن ۾ وزندار شيءِ سهڻن اخلاقن متعلق ذڪر ڪڏهن به ڪونه ڪندا.
اسلام جي ڏسيل ڳالهين تي اسان مسلمانن عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير مسلمانن اسلام جي اصولن تي هلي ترقي ڪئي آهي. اسان جا مولوي صاحب وڏي زور سان تقرير ڪندا پر زور صرف انهيءَ ڳالهه تي هوندو ته اسان جا مخالف صحيح ناهن، اسان صحيح آهيون.
آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي مسجدن ۾ علماءِ حضرات اسلام جي روح يعني اخلاقيات ۽ حقوق العباد جنهن ۾ ڀائيچاري جي فضا پيدا ٿئي انهيءَ تي زور پيا ڏين. مون ڪٿي به ڪنهن مولوي صاحب کان اهو ڪونه ٻڌو ته هي فلاڻو مسلڪ سٺو آهي يا خراب. انهيءَ ڪري اتي عالمن کي سڀ ڪو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سڀني مسلڪن جا ماڻهو گڏ نماز پڙهن ۽ روزا به گڏ افطار ڪن پيا.
اسان جي مولوي صاحبن تي صرف پنهنجو پنهنجو مسلڪ هر وقت ذهن تي سوار هوندو آهي، اسلام سان ڪو واسطو ناهي، روز قيامت الله جي ذات بابرڪات جا ملائڪه قبر ۾ پهريون سوال دين متعلق ڪندا، نڪي مسلڪ جو پڇندا ته تون ڪهڙي مسلڪ جو مسلمان آهين؟
سوال هوندو: وَمَا دِيْنُکَ؟ يعني تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟
پاڪستان ۾ افرا تفري ۽ نفرت پيدا ڪرڻ وارن ذميوارن ۾ گهڻو حصو اسانجا مولوي آهن، جن پاڪستان جي اٻوجهه عوام کي پنهنجي پنهنجي مسلڪ ڏانهن گهلڻ ۽ انهن ۾ ٻين مسلڪن جي پوئلڳن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪَسر ناهي ڇڏي، جنهنڪري اسان جي ملڪ جو عوام هڪٻئي خلاف مورچابند ٿي ترقيءَ جون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.
اسلام ۾ صفائي نصف ايمان آهي، پر جيڪڏهن توهان ڪنهن به مسجد جي باٿ روم ڏانهن پير پائيندا ته سڀ کان پهريان توهان هٿ پنهنجي نڪ تي وجهي پوءِ داخل ٿيندا، عام طور تي مولوي صاحب بيان ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڪندو آهي ۽ اها حديث مبارڪ به مسجد جي ٻاهران لکي رکندا آهن ته جيئن عوام ان کي پڙهي ۽ عمل ڪري، پر جڏهن مسجد جي احاطي ۾ داخل ٿي باٿ روم ڏانهن وڃو ته اتي صفائي جي بجاءِ گند پيو هوندو. جڏهن پرچار ڪرڻ وارو عمل نه ڪندو ته ٻيا ان مان ڇا سبق حاصل ڪندا؟


ll

هيرس برگ کان هيگرس ٽائون

هيرس برگ کان هيگرس ٽائون

جمعي نماز کان واپسيءَ تي سائين ممتاز ڀٽو صاحب جو هيگرس ٽائون (Hagers Town) مان فون آيو ته يار هاڻي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ وارو ڪر ۽ واپس ور ته ڪو ڀاڪر پايون. علي حسن صاحب کي به فون ڪري چيائين ته مائٽ هاڻي ڄامڙو صاحب کي اسان ڏانهن اچڻ جي موڪل ڏي ته اچي. ممتاز صاحب ۽ علي حسن صاحب پاڻ ۾ طئه ڪيو ته سڀاڻي منجهد جي ٽائيم تي هيرس برگ (Harris Burg) شهر تائين علي حسن صاحب وٺي هلندو ۽ ممتاز صاحب هيگرس ٽائون کان اتي پهچندو. علي حسن ڀٽو صاحب جي ووڊ برج (Wood bridge) کان هيرس برگ تقريباً ڏيڍ سئو ميل ٿيندو، جڏهن ته هيگرس ٽائون کان تقريباً نوي کان سئو ميل پنڌ تي آهي. علي حسن صاحب آمريڪا ۾ تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي، تنهنڪري دوستي جو حلقو به تمام گهڻو وسيع اٿس. علي حسن صاحب جي اها خوبي آهي ته غريب غربي جي ڪم لاءِ ڪاهي پوندو آهي، جيڪا تمام ٿورن ماڻهن ۾ اها خصوصيت هوندي آهي. علي حسن صاحب جي اها سٻاجهڙي طبيعت مونکي ڏاڍي وڻي، الله سائين ڀٽو صاحب کي انهيءَ سوشل ورڪ جو اجورو پنهنجي غيبي خزاني مان عطا ڪريس. علي حسن صاحب چيو ته مونکي به سنڌ کان آيل هڪ دوست سان ملڻو آهي، جنهن جو پئٽرول پمپن جو ڪاروبار آهي. انهي سان گڏ توهان سان به رستي ۾ ڪچهري ٿي ويندي ۽ انهي بهاني سان مائٽ سائين سان به ملاقات ٿي ويندي، جو ڳچ وقت گذري ويو آهي ملاقات ڪانه ٿي سگهي آهي. علي حسن صاحب پنهنجي گاڏي ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي رکي ته جيئن سائين ممتاز ڀٽو صاحب سان ملاقات به ڪيان ۽ آڌرڀاءُ طور کيس گفٽ به پيش ڪيان.
هيرس برگ (Harrisburg) شهر آمريڪا جي هڪ رياست پينسلوينا (Pennsylvania) جي گادي جو هنڌ آهي. هيرس برگ شهر هڪ نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي، صوبائي اسيمبلي جي بلڊنگ تمام وسيع ۽ شاندار جڙيل آهي. ندي جي ڪناري سان هڪ تمام وڏي ۽ ڊگهي پارڪ ٺهيل آهي، جنهن تي هروقت هر عمر جا ماڻهو نظر ايندا، جيڪي واڪ يا ايڪسرسائيز پيا ڪندا رهندا آهن. ندي جو پاڻي صاف سٿرو ۽ اکين کي فرحت بخشيندڙ ساوڪ ۽ ٿڌڙي هير جي ڪري دل باغ و بهار ٿيو پئي وئي ۽ بي خوديءَ ۾ اسان به ٻه ٽي ميل وڻڪار ۽ ندي جي پاڻي جي تنوار سان وهڪري ۾ رڙهندا وياسين، تان جو سائين علي حسن صاحب فون ڪري چيو ته سائين واپس به ورڻ جي ڪيو، مائٽ سائين ان ٻڌايل پتي تي پهچڻ وارو آهي. سائين علي حسن جي فون اسان جو سڄو رڌم جنهن ۾ اسان ڪاهيون پي وياسين، سو ٽٽي اچي پٽ تي ڪري ڦهڪو ڪيو. دل گهريو پئي تي پاڻي جي وهڪري سان اسان به سهڻيءَ وانگر درياءَ جي پيٽ ۾ نه پر ٻاهريان لڙهندا هلون.
سهڻي ته صحيح عاشق هئي ميهار جي، اسان ته صرف سڌڙيا سو به پنهنجي محبوبه سان گڏ. بهرحال موٽ ڪئي ۽ ڏسيل جاءِ جو رخ ڪيو. ٿوري دير ۾ اچي مين هاءِ وي جي ڀرسان ان پئٽرول پمپ تي پهتاسين. پئٽرول پمپ جو مالڪ گهڻو ڪري چانڊيو صاحب هيو، جنهن تمام گهڻي چاهه ۽ پاٻوهه سان آڌرڀاءُ ڪيو. اسان کي پنهنجي آفيس ۾ هلي ويهاريائين ۽ خير عافيت پڇيائين. موقعي جو فائدو وٺندي اسان انجي آفيس ۾ ظهر نماز ادا ڪئي. ٿوري دير ۾ اسان جو دلبر سائين ممتاز به نئين نڪور گاڏي ڪاهي اچي پهتو، هڪ ٻئي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين ۽ هڪٻئي کي ٻکين پئجي وياسين.
ووڊ برج (Wood bridge) کان هيرس برگ ايندي رستي ۾ هڪ جاءِ تي اچي ساهي پٽيسين. آمريڪا ۾ شڪار جا شوقين ڪابيلاز (Cabela’s) هڪ وڏو شاپنگ مال آهي، جنهن مان شڪار لاءِ گهربل جديد کان جديد شڪار متعلق اوزار ۽ سامان ملندو آهي. شاپنگ مال اندر داخل ٿيڻ سان ايئن محسوس پئي ٿيو، جيئن ڄڻ ته اسان سفاري پارڪ ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اندر داخل ٿيڻ سان دنيا جهان جو هر جانور اهڙي طريقي سان نظر پئي آيو، ڄڻ ته گهمي ڦري رهيو آهي. هاٿي، شير، هرڻ ۽ ٻين هر قسم جي جانورن لاءِ ساڳيو ماحول ٺهيل هيو، جهڙو انهن کي کليل جهنگل ۾ هوندو آهي. مختلف قسم ۽ مختلف سائيز جون مڇيون Fish Aquariums ۾ رکيل هيون، مون اڄ تائين Fish Aquariums ۾ ايتريون وڏيون مڇيون ڌاريل ڪونه ڏٺيون آهن. ڪابيلاز جي شاپنگ مال ۾ صرف ونڊو شاپنگ ڪندي اسان کي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو پر اسان مشڪل سان ان شاپنگ مال جو پنجون حصو گهمي سگهياسين. جيئن ته اسان کي شڪار جو شوق ناهي، تنهنڪري صرف شيون ڏسي دل پشوري ڪئي سين. ٻاهر نڪري گاڏي ۾ سوار ٿي هيرس برگ (Harrisburg) ڏانهن راهي ٿياسين.
سائين علي حسن ڀٽو صاحب ۽ ممتاز ڀٽو صاحب ملڻ سان هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا ۽ ڏوراپا ڏيڻ لڳا ته مائٽ ايترو عرصو گذري ويو آهي جو ملاقات ڪانه ٿي ٿئي، روايتي طور مهمان جي آڌرڀاءُ ڪندي اجرڪ ڪلهي تي رکي اڳتي وڌيا. ممتاز صاحب به تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس دوستي جو حلقو به تمام گهڻو وسيع اٿس.
ممتاز صاحب لاءِ دوستن ۾ مشهور آهي ته ممتاز ڀٽو دل جو صاف، منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو، دوستي نڀائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر ٻئي جي ڳالهه گهٽ ٻڌندو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ٿڪبو ناهي. ڳالهائيندو ته ويهڻ سندس لاءِ حرام ٿي ويندو، پوءِ چاهي ٻاهر هجي يا گهر ۾ ڳالهه ٻڌائيندي بيٺل ۽ ايڪشن ۾ رهندو آهي پر ٿڪبو ناهي، چاهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿي وڃنس.
ٻيو ته جتي به ڪنهن نئين جاءِ ويندو آهي ته اتي لهڻ سان سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي قسمت ضرور آزمائيندو آهي، عموماً قسمت ساٿ ڏيندي اٿس. آمريڪا ۾ هر ننڍي وڏي اسٽور تي ڪمپيوٽرائيزڊ لاٽري جو نظام موجود آهي.
ممتاز سائين جي نئين نڪور گاڏي ۾ چڙهي سوار ٿياسين ۽ هيگرس ٽائون وڃڻ لاءِ تياري ڪئي سين. آمريڪا ۾ انڌي جي لٺ کان بغير هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ پهچڻ دشوار هوندو آهي. سائين علي حسن صاحب ممتاز صاحب کي رستو سمجهائيندي چيو ته اها انڌي واري لٺ استعمال ڪيو ته جيئن توهان کي رستي ۾ ڏکيائي نه ٿئي. ممتاز وڏي واقعي چيو ته مائٽ فڪر نه ڪر، مونکي انڌي واري لٺ يعني نيويگيشن (Navigation) جي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو ته هي سڄو منهنجو تر آهي، هتان ڏکڻ وڃي اڳيان اگزٽ (Exist) تان اتر طرف وڃڻو آهي. آخرڪار سائين قربدار علي حسن ڀٽو صاحب کان موڪلائي روانا ٿياسين. هيرس برگ کان هيگرس ٽائون تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. ممتاز صاحب جي گهر جا سڀ ڀاتي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هيا، جو اسان سڀني کي گڏجي ڪريم ميمڻ صاحب جي افطار پارٽي ۾ واشنگٽن جي ڀرسان ميريلينڊ اسٽيٽ (Maryland) منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) ۾ هڪ ڪلب ۾ پهچڻو هيو، جتي ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا دوست مدعو ٿيل هيا. هيگرس ٽائون کان ان ڪلب تائين پهچڻ لاءِ تقريباً ٻه ڪلاڪ گهربل هيا، جو شام جو ٽريفڪ روڊن تي تمام گهڻي هوندي آهي.
اسان هيرس برگ کان تقريباً ٽين وڳي هيگرس ٽائون لاءِ روانا ٿياسين ۽ توقع هئي ته ساڍين چار وڳي تائين هيگرس ٽائون پهچنداسين. ممتاز صاحب بغير انڌي واري لٺ جي هلڻ شروع ڪيو، هل هلان، تقريباً ڏيڍ ٻه ڪلاڪ اتر جي بجاءِ ڏکڻ طرف وڌندا رهياسين. مون چيو ته يار مونکي ته اهو ساڳيو رستو ٿو لڳي، جنهن سان اسان اڳ ووڊ برج کان هيرس برگ آيا هياسين. چوڻ لڳو ته توکي ڪهڙي خبر، هيءُ منهنجو تر آهي، مان وڌيڪ سڃاڻان، اسان به چيو ته بلڪل صحيح. ممتاز صاحب سان ضد ڪرڻ معنيٰ پوءِ سڄو ڏينهن ڇٽو، تنهنڪري ها ۾ ها ملائي، پوءِ پاڻهي سمجهي ويندو آهي، تنهنڪري مان جڏهن به ممتاز کي انهيءَ موڊ ۾ ڏسندو آهيان ته بغير بحث جي هار مڃي ڇڏيندو آهيان ۽ ٿوري دير ۾ انهيءَ ڳالهه تي پاڻهي اچي ويندو آهي. ممتاز صاحب کي گهر وارن جا فون اچن ته ڪٿي پهتا آهيو؟ ممتاز وراڻي چين ته بس ڄاڻ پهتس، مون پنهنجو موبائل فون تي انڌي واري لٺ کي عرض ڪيو ته ڪا واهر ڪر نه ته خبر ناهي اسان جو يار ڪيڏانهن پيو وٺيون وڃي. مان جيئن فون کي عرض ڪيو ته هڪدم ڪاڪي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته ايڏانهن ڪاڏي ٿا وڃو، توهان کي اتر هلڻو هيو، توهان ابتو مخالف پاسي پيا وڃو، هاڻي جلدي ڪيو اڳين موڙ کان واپسي ڪيو. مون جڏهن ممتاز کي ٻڌايو ته يار هي ڪاڪي ته هيئن ٿي چوي، ممتاز چيو ته يار مان به دل ۾ اهو خيال ٿو ڪيان ته ڇو اڃان هيگرس ٽائون ڪونه پهتا آهيون. ممتاز پنهنجي ننڍڙي پياري پٽ سلطان کي فون تي چيو ته اسان هاڻي ڪيئن واپس اچون؟ اڄڪلهه جا ٻار جديد ٽيڪنالوجي جا ماهر آهن، ان اتان ويٺي ٻڌايس ته بابا توهان تقريباً اسي ميل ابتو پنڌ ڪري هليا ويا آهيو، هاڻي فلاڻي اگزٽ تان نڪري سڌا هليا اچو.

ll

سائين ڪريم ميمڻ جي افطار پارٽي

سائين ڪريم ميمڻ جي افطار پارٽي

ممتاز صاحب جي ننڍڙي پٽ ۽ انڌي واري لٺ جي زور تي اسان هلڻ شروع ڪيو، اسان جي پهچڻ کان اڳ تقريباً سڀ گهر جا ڀاتي افطار خاطر روانا ٿي ويا پر اسان سان مسلسل رابطي ۾ رهيا. روزي افطار جو ٽائيم اچي سوڙهو پيو هيو، ممتاز صاحب حڪم ڪيو ته صرف ٻه جوڙا ڪپڙن جا ساڻ کڻي هلو، جو افطار کان پوءِ سائين علي نواز ميمڻ صاحب توهان کي اتان پنهنجي گهر وٺي ويندو. توهان صرف اتي ٻه ڏينهن رهندا، پوءِ مان پاڻ توهان کي کڻڻ ايندس. ميمڻ صاحب مسلسل رابطي ۾ هيو ته ڪهڙي وقت توهان افطاري لاءِ پهچندا ۽ چوندو رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو مون سان گڏ گهر ۾ گذاريندا ته جيئن دل کولي حال و احوال ڪنداسين.
ممتاز صاحب پاڻ تمام گهٽ گاڏي هلائيندو آهي، عموماً سندس فرزند ارجمند گاڏيون هلائيندا آهن. آمريڪا ۾ اهو عام ڪلچر آهي ته جيترا گهر جا ڀاتي اوتريون گاڏيون ضرور هونديون. هينئر الحمدلله ممتاز صاحب وٽ ست اٺ گاڏيون آهن، تنهنڪري شهر کان ٻاهر ممتاز تمام گهٽ گاڏي هلائيندو آهي، ڀٽو صاحب رستن کان ايترو واقف ناهي، تنهنڪري عموماً پنهنجي پٽن کان رستن متعلق رهنمائي وٺندو رهندو آهي. بهرحال هيرس برگ تائين به اڪيلو گاڏي ڪاهي اچڻ، ممتاز جو صرف انجي مون سان محبت جو اظهار هيو.
هيگرس ٽائون پهچڻ کان بعد تڙ تڪڙ ۾ منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) جي هڪ ڪلب ۾ ڪريم ميمڻ جي طرفان افطار جو بندوبست ٿيل هيو، جتي تقريباً اڍائي کان ٽي سئو ماڻهو مدعو ٿيل هيا، اوڏانهن روانا ٿياسين. شام جو وقت هيو، تنهنڪري روڊن تي ٽريفڪ تمام گهڻي هئي، اسان کي ڪلب تائين پهچڻ ۾ تقريباً ٻه ڪلاڪ لڳي ويا، جيڪڏهن شام جو ٽائيم نه هجي ها ته هڪ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. بهرحال اسان عين افطار جي شروع ٿيڻ محل وڃي ميدان ۾ لٿاسين، پورو هال کچا کچ ڀريل هيو. ڪريم ميمڻ صاحب اسان کي وڃي انهيءَ ٽيبل تي ويهاريو، جتي اڳ ئي سائين علي نواز ميمڻ صاحب ۽ ٻيا دوست موجود هيا. سائين علي نواز صاحب ڏسڻ سان ڀاڪرين پئجي ويو ۽ اتي باقي ويٺل دوستن سان ملاقات ۽ تعارف ڪرايو. گهڻا دوست مونکي اڳ ئي سڃاڻيندا هيا ۽ ڪجهه دوست اهي هيا جن مونکي فيس بوڪ جي حوالي سان سڃاتو، جن سان منهنجي اڳ ۾ ملاقات نه ٿيل هئي پر محسوس ايئن پئي ڪراين ته ڄڻ اسين سڀ هڪ ٻئي کان اصل کان واقف آهيون. گهڻن دوستن مونکي منهنجي ڪوڙين سچين لکيل قسطن جي ڪري سڃاتو ۽ کلي پسند جو اظهار ڪين. انهيءَ وقت مان پاڻ کي تمام ننڍو ۽ ناچيز پيو تصور ڪيان، جڏهن ته دوستن جي راءِ ۾ مان ڪو وڏو ليکڪ آهيان. مون دوستن کي عرض ڪيو ته ڀائو توهانجي مهرباني جو توهان منهنجي لاءِ سٺي راءِ رکو ٿا، جڏهن ته مان ناچيز ان قابل ناهيان جو پاڻ کي ليکڪ چورايان، باقي جيڪو ڪجهه مان لکيو آهي يا اڳتي لکندس، منهنجي ڪوشش هوندي ته جيڪا حقيقت مان ڄاڻان ٿو ان ۾ ڪابه ملاوٽ نه ڪيان، باقي توهان دوستن جي وڏي مهرباني جو توهان مونکي سٺي نگاهه سان ڏسو ٿا ۽ دعا ڪيو ته مان توهان جي معيار تي پورو لهان.
افطار تي مردين عورتين تمام وڏو ميڙ هيو. ڪريم ميمڻ صاحب فردن فردن هر مهمان جي ٽيبل تي پاڻ وڃي کيڪاري ۽ شڪريو پئي ادا ڪيو. ميمڻ صاحب ماشاءَ الله آمريڪا ۾ شاهوڪار ماڻهن مان هڪ آهي، سندس بزنس تعليم جي فراهمي يعني ٻه ٽي سٺا پرائيويٽ اسڪول اٿس، جنهن مان ميمڻ صاحب جو بزنس عروج تي آهي. ميمڻ صاحب هر سال رمضان مهيني ۾ واشنگٽن، ميريلينڊ ۽ ورجينيا ۾ رهندڙ سنڌي فيمليز کي افطار پارٽيءَ تي گڏ ڪندو آهي. ٻاهر لان ۾ مغرب نماز جو باجماعت ميمڻ صاحب انتظام ڪرائي ڇڏيو هيو سو افطاري کان بعد انائوس ٿيو ته ٻاهر نماز جو بندوبست ٿيل آهي، اسان سڀ نماز پڙهي واپس اچي پليٽ هٿ ۾ کڻي قطار ۾ بيهي وياسين. هر ماڻهو پنهنجي چاهت ۽ وت آهر پليٽ ڀريندو اڳتي هلندو ويو ۽ اسان به پنهنجي پسند مطابق کائڻ جون شيون پليٽ ۾ وجهي وڃي ٽيبل تي ويٺاسين. دوستن سان ڪچهري به ٿئي پئي ته گڏوگڏ هٿ ۽ وات پنهنجو عمل جاري و ساري رکيون پئي آيا.
دوستن جي ڪچهري ڪري سفر جو ٿڪ خبر ناهي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. افطار لاءِ انتظام اهڙي طرح هيو ڄڻ ته ڪنهن وڏي ماڻهو جي وليمي جي دعوت آهي.
انهيءَ سڄي ماحول ۾ جيڪا ڳالهه عام هئي ته اتي آمريڪا ۾ رهندڙ سڀني جا جسم مارئي وانگر عمر جي ڪوٽ ۾ هيا پر روح سندن سنڌ سونهاري ۾ اٽڪيل هين. مارئي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ فرق اهو هيو ته مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد هئي، ان جي برعڪس سنڌي هتي آزاد، خوشحال ۽ ڪمائيندڙ هيا. باقي روحاني طور مارئي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي پنهنجي ماڳن کي پيا سارين. جسم اتي هين پر دل جي ڌڙڪن سنڌ سان سلهاڙيل هين. هر لحظي، هر لمحي ۽ هر زبان تي اسان جي سنڌ هئي.
سڀ آيل مهمانن سنڌ جي لاءِ ايئن پئي پڇيو جيئن سسئي واٽ ويندي جبل جهاڳيندي پنهل جون پئي پڇائون ڪيون، هو هر هر اهو پيا پڇن ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن جو ڇا ٿيندو؟ ۽ دل جي گهراين سان ڀٽائي گهوٽ جو ڪلام پيا چونگارين ته:
سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

مونکي اتي اهو احساس ٿيو ته يار هي ڀائر ست سمنڊ پار پنهنجي ٻچن ٻارن سميت هتي سدا باغ و بهار ۽ خوشحال زندگي پيا گذارين ۽ انهن جي اولاد جو مستقبل به محفوظ آهي، قانون جي حڪمراني آهي، ڪوڙ دولاب هتي ڪونهي، تنهنجي باوجود به پنهنجي هڙان وڙان سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آتا آهن. انهيءَ جي برعڪس اسين جيڪي سنڌ ۾ رهون ٿا، جتي ڪنهن عزت واري جي عزت محفوظ ناهي، قانون جي حڪمراني ڪونهي، اسان جي اولاد جو مستقبل غيريقيني ۽ محفوظ ناهي، تنهنجي باوجود اسين سڀ ڄاڻي واڻي سکڻن نعرن جي پٺيان، جتي ڪير ڪنهنجو ڪونه هي ڪوڙ ۽ فريب جي دلدل ۾ ڦاٿل آهيون. هڪٻئي تي ڀروسو ڪونه ٿارکون، هر هڪ منافقت سان ڀريو پيو آهي. اسان پنهنجي اولاد کي محنت ڪرڻ ۽ معياري تعليم لاءِ ترغيب ڏيڻ سڀ کان وڌيڪ خودداري ۽ خوداعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ ڪونه سيکاريو آهي. مو نکي انهيءَ سوچ جنجهوڙي وڌو ته آخرڪار اسان سنڌ جا رهواسي انهيءَ منافقت ۽ ٻٽي معيار مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين، جو اسين به انهن ڀائرن وانگر سنڌ لاءِ سوچيون، جيئن هو ست سمنڊ پار ويهي سنڌ جي بهتري لاءِ ٿا سوچين.
جس هجي انهن کي جيڪي سنڌ کان پري رهي به سنڌ جي ماروئڙن جي ڀلائي لاءِ سوچين ٿا.
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

ll

سائين علي نواز ميمڻ جون سنڌ لاءِ خدمتون

سائين علي نواز ميمڻ جون سنڌ لاءِ خدمتون

دوستن کان ان رس ڀري ڪچهري مان موڪلائي سائين علي نواز ميمڻ صاحب جي گاڏي ۾ چڙهي سندس رهائشگاهه ڏانهن راهي ٿياسين. رات جو وڳڙو هيو رستي تي بلبن جي ڪري سڄو رستو ڄڻ ته ڏينهن لڳو پيو هيو. تقريباً ڏهن منٽن کان بعد گيٿرس برگ (Gaithersburg) جي ايريا ۾ پهچي وياسين، جيڪا منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) جتي سائين علي نواز صاحب جو شاندار محل ٺهيل آهي. ميمڻ صاحب گهر ۾ گهڙڻ سان چيو ته سائين هي غريبخانه حاضر آهي، توهان هڪ سڄي پورشن ۾ والار ڪري وڃو، هٿ منهن ڌوئو ته پوءِ ويهي ٿا حال احوال ڪيون. رات جي ماني جي ضرورت ڪانه هئي جو اسان سڀني گڏجي ڪريم ميمڻ صاحب جي وليمي نما افطار پارٽي مان پيٽ کي کنجي ڀري نڪتا هياسين. صرف ڪڙڪ پرل ڊسٽ نما چانهه جو ڍونگو پيٽ ۾ وڌوسين ۽ قرار ڪري لت ڏئي سمهي پياسين، سحري لاءِ اٿياسين ۽ الله جي ذات بابرڪات جو شڪر ادا ڪرڻ کان بعد گهر کان ٻاهر سير سپاٽي خاطر پير پاتوسين. الحمدلله صبح جو سوير اڃان سج ڪنيون ڪونه ڪڍيون هيون جو ساوڪ سان ڀريل ميدان مان ٿڌڙي هير جي ڪري اسانجي لڱ لڱ ۾ بهاري اچي وئي. انهيءَ جانب نظر منظر جو نظارو ڪندا، اسان ٻه ٽي ميل فجر جي وقت گلن ڦلن جي تازي مهڪ جو سڳنڌ سنگهندا وڌندا وياسين. اهڙو دلفريب ۽ اکين کي وڻندڙ نظارو ڏسي نيڻ ٺري پيا. سروس روڊ جي ٻنهي پاسي فوٽ پاٿ ٺهيل انهن جي ڪناري تي رنگ برنگي وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا وري زمين تي قدرتي سائي چادر وڇايل، ماڻهو کي هروڀرو به ٻه قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان کي رستي تي ڪيترائي دفعا رنگ برنگي هرڻن جي ڌڻ پئي ڪراس ڪيو. هرڻن جي هلڻ ۽ گهمڻ جي ڪري هڪ عجيب نظارو پيدا پيو ٿئي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناهن.
سائين علي نواز صاحب تاني پيٽئون سنڌي آهي، پاڻ سنڌ ڌرتي جي پئرس شهر يعني شڪارپور ۾ پاڪستان ٺهڻ کان تقريباً اڌ ڏهاڪو اڳ ۾ اک کولي. جيستائين سائين هڪ چولي واري عمر جا هيا، تيستائين شڪارپور شهر ۾ رهيا. ميمڻ صاحب جڏهن چولي سان گڏ سٿڻ پائڻ جيڏو ٿيو ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ۾ وڏڙن جي لڏي اچڻ ڪري اچي رهيا. ميمڻ صاحب جو والد مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڪالت جي پيشي سان منسلڪ هيو، تنهن ڪري شايد ڪجهه پيسه گڏ ڪيا هوندن، جو لاڙڪاڻي جو رخ اختيار ڪين. اسان وٽ عام چوڻي آهي ته: ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“
ميمڻ صاحب جو والد محترم سعوديه ۾ پاڪستان جا سفير ٿي رهيا آهن. 1965ع واري هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ واري زماني ۾ سعوديه ۾ پاڪستان جا سفير هيا. ميمڻ صاحب پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائون، شاگردي واري دور ۾ سنڌي ۽ انگلش مئگزين جي اسڪول ۾ ايڊيٽر طور تي ڪم ڪيو. اسڪول جي زماني کان وٺي ڊبيٽس (Debates) ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا. ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊسمبر مهيني 1960ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا هليا ويا. پهريان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ لاءِ يونيورسٽي آف الينوائس (University of Illinois) مان ڊگري حاصل ڪئي، انهيءَ کان بعد ايم بي اي (MBA) اوريگن يونيورسٽي (University of Oregon) مان ڪئي. ميمڻ صاحب 1967ع ۾ ورلڊ بينڪ جوائن ڪئي، جتي زندگي جا اهم ترين تقريباً 30 سال مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪيائون. سائين علي نواز دنيا ۾ فنانشل مئنيجمينٽ ۽ انسٽيٽيوشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ طور يوٽلٽيز مئنيجمينٽ (بجلي، پاڻي، سينيٽيشن ۽ مواصلات) ۾ مهارت رکي ٿو.
ميمڻ صاحب پاڪستان ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (NEPRA) جا به ڪجهه وقت چيئرمين رهيا آهن. علي نواز ميمڻ صاحب عوامي پاليسين بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”پاڪستان: اسلامڪ نيشن ان ڪرائيسس“، ”اسٽيٽس ائنڊ فيوچر آف مسلم ان نيو ورلڊ آرڊر“ ۽ ”سنڌ ڊولپمينٽ ٿاٽس“ شامل آهن.
سائين علي نواز ميمڻ صاحب پنهنجي مامي جي نياڻي نيڪ اختر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي ٻار ٻه پٽ ڪامران ۽ نعمان ميمڻ ۽ هڪ ڌيءُ ريشما ميمڻ ٿيا. هن وقت ميمڻ صاحب گائٿرس برگ، منٽگومري ڪائونٽي، ميريلينڊ، آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن.
مونکي سائين علي نواز ميمڻ سان چار ڏينهن گڏ رهڻ جو موقعو مليو ۽ ٻنهي جو دل کولي سنڌ جي متعلق سوچ ويچار هلندو رهيو. ميمڻ صاحب کي تقريباً سٺ سال آمريڪا ۾ رهندي ٿيا آهن پر اٿندي ويهندي، گهمندي ڦرندي، کائيندي پيئندي صرف ۽ صرف سنڌ جي ماروئڙن جي تات هئي ته ڪيئن اسين سنڌي قوم مٿي اچي پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪيون؟ انهن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ اسانجي نوجوانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اسان ٻنهي جي متفق راءِ اها جڙي ته جيستائين اسان جو نوجوان محنت ڪري معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪونه ڪندو، تيستائين اسان سنڌي قوم کي هڙ حاصل ڪانه ٿيندي. معياري تعليم لاءِ اسان سنڌ جي سرمائيدارن ۽ سرندي وارن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ پنج سئو کان هزار اسڪالرشپ جو بندوبست ڪن ته جيئن غريب ۽ ذهين شاگرد انهي مان فائدو حاصل ڪري اڳتي اچن، پر انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ گهرجي ته سکڻن نعرن مان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو، تنهنڪري توهان پنهنجو سڄو ڌيان تعليم کي حاصل ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو. دنيا ۾ اهي قومون زنده رهنديون، جيڪي محنت کي پنهنجو هٿيار طور استعمال ڪنديون رهنديون. اسان سڀني جي سامهون آهي ته پوري دنيا ۾ يهودي قوم تمام ٿوري آهي پر پوري دنيا جو مڪمل ڪنٽرول يهودين وٽ آهي. انهيءَ جي مقابلي سنڌي ڳڻپ ۾ يهودين کان گهڻا آهن پر تعليم جي ميدان ۾ بلڪل پٺتي آهن، تنهنڪري دنيا ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪنهن ليکي ۾ شمار ڪونه ٿا ٿين.
اسانجي سنڌي نوجوانن کي گهرجي ته ملڪي توڙي بيروني حالات تي نظر ڊوڙائي ڏسن ۽ هڪ دفعو صرف ذهني طور تيار ٿين ته اسان کي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، باقي راهون پاڻهي کلنديون وينديون. هوشيار شاگرد لاءِ پوري دنيا جون يونيورسٽيون خوش آمديد به چونديون ۽ مالي معاونت به پڻ ڪنديون، شرط اهو آهي ته اسانجو نوجوان صرف ان سمت ۾ قدم وڌائي.
ميمڻ صاحب ٻڌايو ته اسان جو نوجوان اڄڪلهه جي ماحول مان ڪافي مايوس آهي، جنهن ۾ اسان جي جنريشن جون ڪجهه غلطيون ضرور آهن پر انجو مطلب اهو ناهي ته اسان جو نوجوان هٿ تي هٿ رکي رڳو ٻين تي معيار ڏئي ۽ انهيءَ گهٽيل ماحول جو مقابلو نه ڪري. اهڙي ماحول مان نڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۽ مسلسل محنت جي سخت ضرورت آهي. اسان جي نوجوانن کي شايد اها خبر ناهي ته ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف (International Monetary Fund) وارا هر سال ٽريني آفيسر طور کڻندا آهن، جيڪو تمام شفاف ۽ ميرٽ تي هوندو آهي. انهيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ٻن مختلف سبجيڪٽس ۾ مهارت رکندو هجي. جيئن ميمڻ صاحب انجنيئرنگ سان گڏ ايم بي اي ڪئي. هاڻي جيڪڏهن گريجوئيشن ڪنهن هڪ سبجيڪٽ ۾ آهي ته پي ايڇ ڊي ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ هجي ته اهو انهن ٻنهي ادارن لاءِ لائق اميدوار ٿيندو. ٻئي ادارا پنهنجي ويب سائيٽ تي ويڪنسيون پڌريون ڪندا رهندا آهن. انهيءَ کان علاوه اقوامِ متحده (United Nation Organization) جا مختلف ادارا پنهنجي ويب سائيٽ تي نوڪرين لاءِ اشتهار ڏيندا رهندا آهن پر انهيءَ لاءِ معياري تعليم جو هجڻ نهايت ضروري آهي.


ll

سنڌ جي مسئلن تي ويچار

سنڌ جي مسئلن تي ويچار

جيڪي چار ڏينهن ميمڻ صاحب اسان گڏ هياسين ته سنڌ جي مسئلن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پئي تجويزون ڳولهيون ته يار انهن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي؟ سنڌ ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن پر جيڪڏهن انهن سڀني مسئلن جي لسٽ ٺاهبي ته ڳڻڻ کان گهڻا آهن. جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا ٿيندا آهن. اهڙي طرح ڪمزور ماڻهو تي جڏهن بيماري چڙهائي ڪندي آهي ته انجي جان ڇڏڻ ۾ ڳچ وقت لڳندو آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ مسئلا به انيڪ آهن، جنهن جي توهان ٻئي ڪنهن به علائقي سان تشبيهه نٿا ڏئي سگهو. پاڪستان ته ڇا پوري دنيا ۾ سنڌ جي مسئلن جو نمونو ڪنهن سان به توهان ڀيٽي نٿا سگهو. ڇو ته تعليم ۾ اسان پٺتي، سياسي قيادت عوام سان سچي ڪانه آهي، سياسي جماعتن جو پاڻ ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ٿيل آهي ته هڪٻئي جي مفادن جو خيال رکڻو آهي، سنڌي قوم ۾ ٻڌي بلڪل ڪانه آهي، وسيلا اسان جا، قبضو ٻين جو آهي، شهر اسان جا قبضو ٻين جو آهي، بندرگاهه اسان جا قبضو ٻين جو آهي، زمينون اسان جون مالڪ ٻيا آهن، سنڌو درياءَ اسان جو پر پاڻي تي قبضو ٻين جو آهي، ڪارخانا اسان جي زمينن تي ليبر تي قبضو ٻين جو آهي، باغات اسان جا وڻج واپار تي قبضو ٻين جو آهي، هاءِ ويز اسان جي زمينن تي پئٽرول پمپ ۽ هوٽلنگ تي قبضو ٻين جو آهي، نشي جو شيون ٺهن ٻين هنڌ ٿيون، نشو واپرائڻ وارا اسان آهيون. روڊ رستا اسان جي زمينن تي ٺهن، ٺيڪيدار ٻيا آهن.
اهڙيءَ طرح ڪيترا سور سلي ڪيترا سلجن. اهي سڀ مسئلا جلدي حل ٿيڻ وارا ناهن، پر جڏهن اسان پاڻ ۾ ويهي ويچار پئي ڪيو ته سڀ کان پهريان ڪهڙي مسئلي کي کڻجي جو اسان سنڌ جا وارث سک جي زندگي گذاري سگهون.
پاڪستان جي وجود کان اڳ ۾ موجوده پاڪستان جي سڀني صوبن کان سنڌ وڌيڪ شاهوڪار هئي. هن وقت پاڪستان ۾ تقريباً سڀني صوبن کان تعليم ۾ پٺتي ۽ غربت واري لڪير کان هيٺ سنڌ صوبو آهي. پاڪستان جي خوشحالي جو دارومدار سنڌ جي خوشحالي تي آهي. سنڌ خوشحال ته پاڪستان خوشحال ٿيندو.
مغز ماري کان بعد اسان هڪ نڪتي تي اچي بيٺاسين ته سنڌ جي عوام کي جيڪڏهن خوشحال ۽ آسودو ٿيڻو آهي ته اسان سڀني کي عام طور ۽ سنڌ جي نوجوانن کي خاص طور تي معياري تعليم ڏانهن جوان مرديءَ سان پيش قدمي ڪرڻي پوندي. آسائش واري ماحول مان نڪري ٻين تي ميار نه ڏيندي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻو آهي. انهيءَ منزل حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکڻي آهي. صرف اسباب جي نه هجڻ يا قليل اسباب هجڻ جو بهانو ڏئي همت هارڻي ناهي.
اڄ مان توهان دوستن کي ٻڌايان ته مان پاڻ غريب هاري جو پٽ آهيان، اسبابن جي وسيلي مان هن مقام تي ڪونه پهتو آهيان. انهيءَ سڄي رستي ۾ همت، محنت ۽ توڪل برخدا جي سهاري سان رسيو آهيان. الله جي ذات بابرڪات اهو رستو بند ناهي ڪيو، صرف همت ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو هجي، باقي ڪاميابي رب ڪائنات ضرور ڏيندو. چوڻ جو مطلب ته جيڪڏهن ڪرڻ جو ارادو ۽ همت آهي ته الله جي ذات جي رحمت سان توهان لاءِ راهون سڀ هموار ٿينديون وينديون.
انسان جي ناڪامي ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪرڻ سبب ناهي ٿيندي، پر جڏهن ماڻهو ڪنهن ڪوشش ۾ ناڪام ٿيو ۽ پوءِ همت هاري ويٺو ته ان مايوس ٿي ويهڻ کي ناڪامي چئبو آهي. ناڪامي هميشه ڪاميابي جي ڪُنجي هوندي آهي. اسان جا دوست ڪنهن هڪ ٻن هنڌن تان ناڪامي جي ڪري همت هاري ويهندا آهن، جيڪو سراسر غلط آهي. رب ڪائنات ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ کان اڳ يا بعد ۾ ضرور آزمائيندو آهي، پوءِ آزمائش ڪهڙي طرح جي ٿي سگهي ٿي. ضروري ناهي ته جنهن کي توهان ڪاميابي سمجهو ٿا ٿي سگهي ٿو ته اصل ۾ اهوتوهان لاءِ ناڪامي جو سبب بڻجي، تنهنڪري رب ڪائنات پنهنجي قدرت اندر ان شخص لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪاميابي رکي هوندي آهي، جنهن کي هو ڪاميابي نٿو سمجهي. الله جي ذات جڏهن ڪنهن جي لاءِ هڪ دروازو بند ڪندو آهي ته ڏهه ٻيا دروازا کولي ڇڏيندو آهي. اسان عموماً ان بند ٿيل دروازي جي بند ٿيڻ کي ناڪامي قبول ڪري همت هاري ويهندا آهيون، جيڪو اسان کي مايوسي واري حدتائين پهچائيندو آهي. حالانڪه الله جي ذات بابرڪات انهي لاءِ ڏهه ٻيا نوان دروازا کولي ڇڏيا هوندا آهن پر اهي کليل دروازا جنهن همت ناهي هاري انهيءَ کي ملندا آهن.
ہمت مرداں مدد خدا
بے ہمت مرداں بيزار خدا

اسانجي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هي دور مقابلي جو آهي، جيترو ڪير محنت ڪري پاڻ کي مضبوط ڪندو اوترو هو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيندو، جيترو آسائش واري زندگي کي پنهنجي سر تي سوار ڪندو، اوترو وڌيڪ ناڪاميءَ ڏانهن ويجهو ٿيندو ويندو. ڪاميابيءَ جي لاءِ محنت، همت، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد تمام ضروري آهي.
الحمدلله سنڌ وڏو خوشنصيب صوبو آهي، جو جنهن وٽ نوجوانن جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهي، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسان جي نوجوان ۾ همت، جدوجهد ۽ خودداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن اسان جي نوجوان کي هڪ دفعو ڳالهه ذهن نشين ٿئي ته محنت کان بغير ترقي جوٻيو ڪو به قابل اعتماد رستو ناهي. شارٽ ڪٽ جي راهه تي هلڻ سان قومون ترقي ناهن ڪنديون، پر تباهي جي ڪناري تي پهچنديون آهن. تعليم، صحت، روزگار لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي جيڪا 1936ع کان وٺي پوري ڪانه ڪئي پئي وڃي.
اسانجي نوجوانن کي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته پڙهائي جو مقصد صرف سرڪاري نوڪري نه هجڻ گهرجي. سوسائٽيءَ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سرڪاري نوڪري نه پر پنهنجا ڪاروبار ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن.
نيچ ڪم نوڪري، وڌندڙ ڪم واپار. برڪت ڌنڌي ۾ آهي، هڪ حديث مبارڪ جو صحيح ترجمو ياد ناهي پر مفهوم اهو آهي ته ”انسان لاءِ نوي سيڪڙو رزق ڌنڌي ۾ لڪيل آهي.“
ناڪام قومون هميشه صرف ماضي کي ياد ڪنديون آهن، زنده قومون ڪجهه ڪري ڏيکارينديون آهن. اسان کي صرف موئن جو دڙو جي تهذيب جا وارث ٿي جيئڻ نه گهرجي، بلڪه ان عظيم تهذيب جا مالڪ ٿي رهڻ گهرجي.

ll

پوٽامڪ درياءَ جو سير

پوٽامڪ درياءَ جو سير

سائين علي نواز صاحب ۽ مان گئٿرس برگ (Gaithersburg) کان پوٽامڪ ندي (Potomac River) گهمڻ لاءِ نڪري وياسين، جيڪا اتان تقريباً ويهه پنجويهه منٽ گاڏي جي پنڌ تي آهي، وڃي هڪ جهنگل ۾ پارڪ ٺهيل تي گاڏي بيهاري. گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ هر جاءِ تي پيسه ضرور وٺندا آهن پر سينئر سٽيزن کان گهڻي رعايت ڪندا آهن. جيڪي اتي پارڪ يا ڀرپاسي ۾ سوشل ويلفيئر جو ڪم ڪندا آهن، انهن کي گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ پاس ڏيندا آهن. اتفاق سان جڏهن پارڪ جي گيٽ تي پهتاسين ته ميمڻ صاحب پنهنجا بٽون ساريا پر پاس هٿ ڪانه آئي. ميمڻ صاحب ٻڌاين ته مون وٽ پارڪ ۾ گاڏي بيهارڻ جي پاس آهي پر گهر ڀلجي ويو آهيان. ميمڻ صاحب چيو ته انهيءَ کان علاوه اسان ٻئي سينئر سٽيزن پڻ آهيون. گيٽ تي ويٺل ڇوڪري اسان ڏانهن مرڪندي چيو بابا جي توهان وڃو. اسان وڃي پارڪ ۾ گاڏي بيهاري، اتان اسان گاڏي مان لهي گوڏي گاڏي تي سنج رکي روانا ٿياسين.
چڱو پنڌ ڪرڻ کان بعد هڪ خوبصورت ۽ صاف سٿري جاءِ ڏانهن وياسين، جتي پوٽامڪ رور متعلق ڪجهه معلومات خاطر شيون رکيل هيون. اتان جو نظارو ڪري درياءَ جي جهلي بند تي چڙهياسين. جهلي بند جي ٻنهي طرفان وڏا وڏا وڻ لڳل هيا، تنهنڪري اتي سج جو عمل دخل نه هئڻ جي برابر هيو. جهلي بند جي ٽاپ تمام صاف سٿري هئي، جيڪڏهن ماڻهو ان جهلي بند جي ٽاپ سان وڃڻ چاهي ته تقريباً اڍائي ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي وڃي واشنگٽن ڊي سي جي شهر پهچندو. ڪيترائي ٽوئرسٽ (Tourist) پيڊل سائيڪلن تي اتان واشنگٽن شهر ڏانهن وڃي رهيا هيا. اسان به ڏهه پندرهن منٽ جهلي بند سان گڏ هلڻ بعد ڪاٺ جي ٺهيل سادي پر صاف ۽ سٿري پل تي سڄي پاسي مڙي وياسين. پل هيٺان ننڍا وڏا پاڻي جا وهڪرا به هلندا رهيا، ڪٿي پاڻي گهٽ هيو ته ڪٿي وهڪري واري جاءِ خشڪ لڳي پئي هئي. تقريباً پنج ڇهه منٽ پنڌ ڪرڻ کان بعد پوٽام درياءَ جو اصل وهڪرو شروع ٿيو پئي. ان پوائنٽ تي پهچي جڏهن درياءَ جي پرين ڀر ڏٺوسين ته هر عمر جا مرد ۽ عورتون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پوٽامڪ رور جو نظارو ڪرڻ ۾ محو هيا.
اسان پوٽامڪ رور جي کاٻي ڪناري تي هياسين، جيڪو
ميريلينڊ رياست (Maryland State) ۾ اچي ٿو. درياءَ جي ساڄي ڪپ جي ايريا ورجينيا رياست (Virginia State) جي آهي، يعني پوٽامڪ درياءَ ٻن رياستن لاءِ ايئن آهي جيئن سکر بئراج جو چوٽيهون دروازو سکر ۽ روهڙي تعلقن لاءِ هوندو آهي. جنهن وقت اسان ان مقام تي پهتاسين جتي درياءَ جو جزوي اوج هيو ۽ پاڻي جو وهڪري جو آواز ڪافي پري تائين واڄٽ ڪيو ڪنن کي سرور ڏيڻ واري ڪيفيت پيدا پيو ڪري. دل، ڪنن ۽ اکين جو پاڻ ۾ تڪرار وڌي ويو. ڪن ۽ دل چون پيا ته پنهنجي خيال کي درياءَ جي چال ۽ پاڻي جي پراسرار ۽ سرور ڏيڻ واري ماحول تي نظر رکي ان مان لطف اندوز ٿي، ٻئي پاسي اکين جو چوڻ هجي ته درياءَ جي چال ۽ ڍال کي ضرور ڏس پر اک کڻي ساڄي ڪناري تي ڪوهه ڪاف جون پريون ۽ حورون به ڏس. مان وچ ۾ ڪڏهن اکين جو چوڻ ڪيان ته ڪڏهن ڪنن جوم بس پوءِ مامو لالو ڪاڏي وڃي وارو حساب هيو، واري واري سان ٻنهي جو چوڻ ڪيم پر ذاتي طور تي گهڻو ڌيان اکين جي چاهت کي ڏيڻو پيو، جو انهيءَ جي حڪم عدولي هميشه ڏاڍي مهانگي پوندي آهي.
ڳچ دير تائين ڪنن ۽ اکين کي سرور ڏئي ميمڻ صاحب سان واپس ورڻ جي ڪئي.
پوٽامڪ رور اڳتي هلي آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۽ ورجينيا رياست جي وچ مان گذرندي رونالڊ ريگن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان هيٺ هلندي وڃي ٿي. واشنگٽن ۽ ورجينيا کي ملائڻ لاءِ ڪيتريون جديد قسم جون پُلون ٺهيل آهن، انهيءَ کان علاوه واشنگٽن ۽ ورجينيا جي لاءِ پوٽامڪ رور جي هيٺان زيرِ زمين ريل جو رستو (Underground Railway Track) آهي، جنهن کي ميٽرو سروس چوندا آهن.
پوٽامڪ رور جي کاٻي ڪپ سان مون کي هڪ هٿرادو جوڙيل ڦٽل واهه نظر آيو، جيڪو پوٽامڪ درياءَ سان گڏوگڏ هلي پيو. هڪ جاءِ تي پڪو اسٽرڪچر هيو، جتي تمام پراڻو پاڻي وارو ٻيڙو بيٺل هيو. مون وڃي انجي ڀرسان بيهي جائزو ورتو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم ته هن جهاز جو هتي بيڪار بيهڻ مان فائدو يا مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال لنچ جو ٽائيم هيو، تنهنڪري اتي ڪو بيٺل ماڻهو نظر ڪونه آيو، باقي اسان وانگر سياح تمام گهڻا هيا، پر جيڪو مون سمجهيو ته جنهن وقت روڊ رستا ٺهيل ڪونه هيا ته انوقت اهو هٿرادو جوڙيل واهه نما پاڻي وارو گس ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪندا هوندا. جنهن جاءِ تي پراڻو ٻيڙو جنهن جي ويڪر تقريباً 12 کان 15 فوٽ ۽ ڊيگهه تقريباً 35 کان 40 فوٽ ۽ اوچائي تقريباً 18 کان 20 فوٽ ٿيندي بيٺو هيو، اتي باقائده پڪن سرن سان اساري ٿيل چينل ٺهيل هيو، جنهن جي وچ ۾ اچي اهو ٻيڙو لنگرانداز ٿيندو هيو، جتان سامان ۽ ماڻهو چڙهندا ۽ لهندا هوندا. اهو چينل اهڙي طرح سان ٺهيل هيو جو ان ٻيڙي کي بيهارڻ لاءِ اڳيان دروازو بند ڪندا هيا ۽ پاڻي جي رُڪجڻ سبب پاڻي جي ليول مٿي چڙهندي هئي ۽ ٻيڙي جي ليول به آٽوميٽڪ مٿي ٿيندي ويندي هئي. ڪنهن خاص جڳهه تي پاڻي ليول تي ڪنٽرول ڪرڻ کان بعد واڌارو پاڻي انهيءَ دروازي جي مٿان يا پاسي سان هيٺ نڪري ويندو هيو. پوءِ جنهن وقت ٻيڙي کي اڳتي ڇڏڻو پوندو هين ته ان دروازي کي کولي ڇڏيندا هيا ۽ پاڻي جو وهڪرو به تيز ٿي هيٺ نڪرندو هيو ته ٻيڙي کي شروع ۾ هلائڻ لاءِ جيڪو زور ڏئي هلائبو آهي، انهيءَ جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي هين ۽ ٻيڙو سامان سميت اڳئين منزل ڏانهن گامزن ٿي ويندو هيو.
هن وقت اهو سڀ ڪجهه ڦٽل واهه ۽ ان تي دروازو ۽ چينل وغيره ٺهيل انهي لاءِ رکيل آهن جو هو پنهنجي ماضي کي ياد ۽ نئين جنريشن کي پريڪٽيڪل تاريخ جا ورق کولي ٻڌائيندا آهن ته اسان شروع کان وٺي فني مهارت وارا رهيا آهيون ۽ هن وقت دنيا تي جيڪو اسان جو ڪنٽرول آهي، اهو صرف انهيءَ جي ڪري جو اسان انهيءَ فني مهارت کي جديد انداز ۾ ترقي وٺرائيندا، هن مقام تي پهتا آهيون. جيڪڏهن توهان کي دنيا جي مٿان ڪنٽرول رکڻو آهي ته جيڪا اڄ فني مهارت آهي، انهيءَ ۾ جديد ۽ نوان طريقا ڳوليو ۽ اڳتي وڌو. جيڪڏهن توهان اڄ جي ٽيڪنالوجي ۾ جديد ۽ نواڻ نه آڻيندا ته ٻيا توهان کان اڳ ۾ نڪري ويندا ۽ دنيا جي مٿان توهان جو ڪنٽرول نڪري ويندو ۽ جيڪو توهان جي ٽيڪنالوجي کان اڳتي نڪري ويندو، دنيا ۽ توهان تي ڪنٽرول اُهي ڪندا.
زنده قومون هميشه ماضي کي صرف ياد ناهن ڪنديون پر جتي انهيءَ تهذيب پنهنجو اوج ڇڏيو هوندو آهي، انهيءَ کي اڳتي وڌائيندي انکي جديد کان جديد طريقن سان اڳتي آڻيندا آهن. مثال طور اسان سنڌي هميشه ماضي تي ناز ڪندا آهيون ته اسانجي سنڌو ماٿري جي تهذيب سڀ کان عظيم ۽ قديم آهي، جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي. دنيا ۾ ان وقت جي حساب سان جديد ٽيڪنالوجي جو بنياد سنڌ جي عظيم تهذيب وڌو، جيڪو هينئر موئن جي دڙي هيٺ دفن ٿيل آهي. ڏاند گاڏي جو ٺهڻ ٽيڪنالوجي جو بنياد ٿيو، جنهنڪري باقي رووليوشن برپا ٿيو. انوقت سنڌ جو ململ جو ڪپڙو مصر ۽ ٻين ڏيساور ملڪن ڏانهن ويندو هيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته فرعون جو گهراڻو به سنڌ جو ٺهيل ململ جو ڪپڙو پائي خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪندو هو. اهو ته سڄو ڪارنامو اسان جي وڏن جو ٿيو جو اهي سڀني کان وڌيڪ شهري زندگي جي اصول تي هلندا هيا. شهر اڏيا ان ۾ رستا ۽ ڊرينيج جو انتظام رکيو گهرن ۽ گهٽين کي صاف سٿرو رکيو.
اسان جيڪي پاڻ کي موئن جي دڙي جا وارث ٿا چورايون، ڇا ٿا ڪيون؟ اڄ دنيا چنڊ کان مٿي هلي وئي آهي اسان گهٽيون ۽ محلا ته پري جي ڳالهه پنهنجي گهرن ۾ ٻوهارو ڏئي صفائي ڪونه ٿا ڪيون، کليل رستي جي بجاءِ اسان رستن کي ذاتي مفاد خاطر سوڙهو ۽ تنگ ڪندا ٿا وڃون. گهرن جي اڳيان گند جا ڍير لڳا پيا آهن، اسان انهيءَ جي لاءِ ڪڏهن سوچيون ڪونه ٿا. سنڌ جا قديمي ماڻهو ڏيساور وڃي واپار ڪندا هيا، اسان ڀتر ڀڃي سڌو ڪونه ٿا ڪيون. سنڌ جا قديمي ماڻهو لکيل پڙهيل ۽ مهذب هيا، اسان ان جي برعڪس ڪاپي تي سندرو ٻڌي سرڪاري نوڪري لاءِ مال ڍڳو وڪڻي وڏڙن جي عزت نفس کي لتاڙي پنهنجي تر جي پير، مير، ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندي جي در تي جُتيون گسائي گسائي حلال جا پيسه ڏئي شارٽ ڪٽ لاءِ آتا آهيون.
اسان سڀني کي ٿڌي دل سان سوچڻ کپي ته واقعي اسان پاڻ کي سنڌو ماٿري جي تهذيب جا وارث سڏائڻ لائق آهيون؟

ll

سائين علي نواز ميمڻ سان ڪچهري

سائين علي نواز ميمڻ سان ڪچهري

پوٽامڪ درياءَ (Potomac River) کان واپسيءَ تي هڪ شاپنگ مال ۾ وياسين. حجم جي سيلون نظر آئي، مان رڳو موازنو ڪرڻ خاطر اندر گهڙي ويس ته حجم سڀ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيا ۽ پڇڻ تي ٻڌاين ته تقريباً هڪ ڪلاڪ کان بعد اسين توهان کي ٽائيم ڏئي سگهنداسين. مون چيو ته خير آهي مان في الحال ڪنهن ڪم سان وڃان ٿو، جيڪڏهن جلدي فارغ ٿيم پوءِ شايد مان ايندس. بهرحال فون نمبر ڏنائون ته اچڻ کان اڳ فون ضرور ڪري پوءِ اچڻ جي تڪليف ڪجو. مون اتي اگهن جي لسٽ تي نظر ڦيرائي ڏٺو ته آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ ته شايد معمولي هيا، مان جڏهن انهن کي ڏيڍ سئو روپيه سان ضرب ڪري حساب ڪيو ته تقريباً ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن جي سيرب لاءِ ڇهه ست هزار روپين جي لڳ ڀڳ ٿي پيو وڃي، وري انهيءَ جي مٿان گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪڙو ٽپ به ڏيڻ لازمي هوندو آهي.
حجامڪي سيلون تي ڪم ڪرڻ وارا مون کي ڪورين، چيني، فلپائيني ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو جام نظر آيا. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻئي پاسي پاڪستاني ۽ هندستاني به هجن. حجامڪي ڪم ڪرڻ وارن ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گهڻائي هئي.
منهنجو وري اتفاق سان ڌوٻي جي ڪارخاني تي وڃڻ ٿيو. ڪارخانو انهيءَ ڪري ٿو چوان ته اتي لانڊري ۾ ڪم ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ مونکي ٽيهارو کن مزدور نظر آيا، جيڪي مختلف ڪمن ۾ رڌل هيا. جيڪو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌورائڻ لاءِ وڃي پيو ته اڳ ۾ ڪائونٽر تي وڃي لائين ۾ بيهي پنهنجي وقت جو انتظار ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا اتي ڪائونٽر تي کولي رکندو. ارجنٽ ۽ نارمل وارا ڪائونٽر الڳ الڳ ٺهيل آهن، توهان جي سامهون توهان جا ڪپڙا نمبر لڳڻ کانپوءِ سفيد ۽ رنگدار ڪپڙا الڳ الڳ ٽوڪرين ۾ اڇلائيندا ويندا آهن، ڊرائي ڪلينز لاءِ الڳ ڪندا، پوءِ توهان کي تاريخ ۽ رسيد ڏئي روانو ڪندا. اهڙيءَ طرح ڪپڙا واپس وٺڻ لاءِ به ڪائونٽر تي رسيد ڏيکاري ٻن منٽن ۾ پنهنجا ڪپڙا کڻي واپس ٿي وڃو. جڏهن علي نواز ميمڻ صاحب ۽ مان سائين جا ڪپڙا کڻڻ وياسين ته لڳي پيو ته ڪنهن وڏي شاپنگ مال ۾ داخل ٿيا آهيون. وڏو هال جنهن جي ويڪر تقريباً سئو فوٽ ۽ ڊيگهه تقريباً ڏيڍ سئو فوٽ ۽ اوچائي تقريباً 30 کان 35 فوٽ هئي. ڌوتل ڪپڙا هينگرس ۾ هڪٻئي جي مٿان چار پنج منزلا ٽنگيل رکيل هيا. جنهن وقت اسان ڪائونٽر تي رسيد ڏني ته همراهه هڪ بٽڻ تي آڱر رکي انجي مٿان رسيد رکي، مون ڏٺو ته پاڻ هرتو رسيد ۾ درج ٿيل ڪپڙن ۾ هلچل شروع ٿي وئي. رسيد ۾ درج ٿيل ڪپڙا هڪ جاءِ تي پيل ڪونه هيا پر آٽوميٽڪ ڪائونٽر جي مٿان اچي حاضر ٿيا. ماڻهو جي طبيعت مطابق فولڊ کپن يا هينگر ۾ ٽنگيل گهرجن، انهيءَ حساب سان ڪپڙا حوالي ڪري ماڻهوءَ کي فارغ ڪيو ڇڏن. جنهن لانڊري ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو ته اتي مالڪ ۽ ليبر سڀ ڪوريا جا هيا. مون ميمڻ صاحب کان پڇيو ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪوريا کان ماڻهو اچي انهيءَ بزنس ۾ دلچسپي ورتي اٿن؟ جڏهن ته انهيءَ بزنس ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو ايترا انهيءَ ڌنڌي ۾ ناهن. ميمڻ صاحب جي چوڻ مطابق ته هڪ ته پاڪستان جي مقابلي ۾ ڪوريا جا ماڻهو هڪٻئي سان مخلص ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ٿا. پنهنجي ملڪ جو نانءُ روشن ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي ڏاڍي مدد ڪندا آهن. هن پوري علائقي ۾ لانڊري جون وڏيون وڏيون فيڪٽري نما مال ٺهيل آهن، اهي سڀئي ڪوريا جي ماڻهن جون آهن، تنهنڪري ٻيا ايتري وڏي انويسٽمينٽ ڪونه ٿا ڪن، جيڪڏهن ڪير ايتري وڏي انويسٽمينٽ ڪندو ته انهيءَ کي ايترو منافعو حاصل ڪونه ٿيندو، ڇوته ايتري ٽرينڊ ۽ سستي ليبر مهيا ڪانه ٿيندي، تنهنڪري ايئن کڻي چئجي ته انهيءَ بزنس تي ڪورين جي هڪ هٽي ٿي وئي آهي.
پنهنجي دل ۾ ويهي ويچار ڪرڻ لڳس ته جيڪڏهن اسان جا سرندي وارا سنڌ جي وڏن شهرن ۾ لانڊري جا جديد پلانٽ هڻن ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻن جي ماڻهن کي ٽريننگ ڏياري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪاروبار سان گڏ پنهنجي ماروئڙن جي لاءِ روزگار ۽ کين اتي آباد ڪرڻ لاءِ وڏا مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. اسان جي سرندي وارن دوستن کي گهرجي ته انهيءَ پهلو تي ضرور سوچ ويچار ڪن. اهڙي طرح مون ڪراچي شهر ۾ ڏٺو آهي حجامڪي ڌنڌي ۾ اڪثريت پنجاب جي ماڻهن جي آهي، جيڪڏهن انهيءَ ڌنڌي ۾ پنهنجا ماڻهو سيڙپ ڪن ۽ ايئن ڪرڻ سان ڌنڌي سان گڏوگڏ سنڌي ماروئڙن جي لاءِ روزگار جون راهون به کلنديون ۽ وڏن شهرن تي اسان پنهنجو قبضو واپس وٺي وينداسين.
شام جي وقت واپس ميمڻ صاحب جي گهر تي آياسين، ٿورو گهڻو ٿڪ به ٿيو هيو، تنهنڪري وڃي آرامي ٿياسين ۽ افطاري تي سڀني گڏ ٿي ماني ٽڪر کاڌو. سائين احسان الله ميمڻ صاحب جو فلوريڊا رياست مان فون آيو ته سائين اسان توهان جي انتظار ۾ آهيون. مهرباني ڪري پنهنجو شيڊول ڏيو ته جيئن مون کي به هفتي جي اندر پنهنجي نياڻي سان ملڻ لاءِ نيو يارڪ وڃڻو آهي. مون سندن شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڀاءُ سڀاڻي مان جهاز جون ٽڪيٽون وٺي، پوءِ توهان کي سڄو پروگرام ڏيندس. احسان صاحب چيو ته رهڻ لاءِ پاڻ وٽ ٺڪاڻو آهي، تنهنڪري ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ ڪنهن سان واعدو نه ڪجو.
انهيءَ کان اڳ مون کي مبين جماڻي صاحب چيو هيو ته اورلينڊو (Orlando) ۾ پنهنجو هوٽل آهي، توهان صرف ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ پنهنجو پروگرام ٻڌائجو. سائين مبين جماڻي صاحب ماشاءَ الله، الله جي رحمت ۽ پنهنجي لڳاتار محنت ڪندي پنهنجو عزت ڀريو مقام ٺاهيو آهي. سائين مبين جماڻي صاحب کي جيترو الله سائين نوازيو آهي انهيءَ کان وڌيڪ نياز ۽ نوڙت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مبين جماڻي کي الله سائين تمام نيڪ ۽ سلڇڻي اولاد سان به نوازيو آهي، جماڻي صاحب پنهنجي اولاد جي پرورش به خوب ڪئي آهي انهن ۾ به نهايت فرمانبردار ۽ سلڇڻي اولاد جي جهلڪ تمام نروار انداز ۾ نظر ايندي آهي. الله سائين جماڻي صاحب جي اهل و اولاد کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. آمين
سائين احسان صاحب جي ڪري مون جماڻي صاحب کي پنهنجو پروگرام ڪونه ڏنو ۽ احسان صاحب سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏني.
ٻئي ڏينهن صبح جو حسب معمول نماز فجر کان بعد ٻاهر وڃي تازي هوا جا مزا ماڻياسين. تازي آڪسيجن سان ڀرپور ٿي ڪلاڪ ڏيڍ کان بعد واپس گهر آياسين ته سائين ممتاز ڀٽو صاحب جو فون آيو ته مان هيگرس ٽائون مان نڪرڻ وارو آهيان ۽ توهان تيار رهجو. وهنجي سهنجي تيار ٿي هيٺ آياسين ته سائين علي نواز صاحب اڳ ئي پنهنجي گهر واري آفيس ۾ ليپ ٽاپ کوليون پنهنجي ميل پيو چيڪ ڪري ۽ ٻڌايائين ته ممتاز ڀاءُ جو فون آيو هيو ۽ چيائين ته مان اڄ ڪلاڪ ٻن ۾ پهچان ٿو ۽ اسپيشل گهر ۾ برياني ٺهرائي آهي، سا به توهان لاءِ ساڻ کڻي ٿو اچان. ميمڻ صاحب چيو ته توهان اها زيادتي ٿا ڪيو جو چار ڏينهن مس هتي رهيا ۽ اهي چار ڏينهن به اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويا، هاڻي ويهه ته جهٽ پل ڪا ڪچهري ڪيون. ميمڻ صاحب چيو ته يار مون تنهنجيون پنهنجي باري ۾ لکيل ڪجهه قسطون پڙهيون ۽ ڪجهه نه پڙهيون آهن. هاڻي ٿورو مونکي پنهنجي ذاتي تجربن متعلق پنهنجي زباني ٻڌاءِ ته ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ پڙهائي ڪيئن ٿي؟ زندگي ۾ مختلف مرحلن مان گذري اڄ هن مقام تائين پهتا آهيو، انهيءَ سڄي سفر ۾ ڇا ڇا ٿي گذريو وغيره وغيره؟
ميمڻ صاحب کي عرض ڪيو ته هن قليل عرصي ۾ اهي سڀ ڳالهيون ته ڪري ڪونه ٿيون سگهجن پر ڪجهه چيده چيده ڳالهيون جيڪي ياد آهن، اُهي توهان سان برجستو احوال ڪيان ٿو. سائين سامهون واري ڪرسي تي ليپ ٽاپ کوليون ويٺو هيو، جنهن کي بند ڪري پاسي تي رکي ۽ هڪ ڪنو ٿي ٻڌڻ لڳو ۽ مان ماضي ۾ ٽُٻي هڻي جيڪو ياد ايندو ويو، سو بيان ڪندو ويس. منهنجو سڄو ڌيان ماضي ۾ هيو ۽ اتان ڪجهه ڳالهيون ۽ واقعا ڳوليندو ميمڻ صاحب جي آڏو پيش ڪندو ويم. ميمڻ صاحب هڪ ڪرو ٿي منهنجي ڳالهين کي ٻڌندو ويو. انهيءَ ٽائيم مونکي اهو محسوس ڪونه ٿيو ته ڪوئي ميمڻ صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن، تقريباً ويهه پنجويهه منٽن کان بعد مون ڏٺو ته ميمڻ صاحب ٽشو پيپر کڻي پنهنجي اکين مان ڳوڙها اُگهڻ شروع ڪيا ۽ چيائين ته يار بس ۽ پاڻ اٿي ڊرائنگ روم ڏانهن ويو ۽ پنهنجي پارٽنر کي چيائين ته يار! ڄامڙو صاحب جي ڪهاڻي ٻڌي مان پنهنجي ڳوڙهن تي ڪنٽرول ڪونه ڪري سگهيس، تنهنڪري ڳالهه کي اڌ ۾ ڇڏي آيس. ڳالهه ٻڌڻ سان ادي هڪدم ٿورو پريشان ٿي وئي ته خير ته آهي نه، ڇا ٿيو آهي؟ وري ٻئي اچي ويٺا ۽ ادي چوڻ لڳي ته مان ته هڪدم پريشان ٿي ويس جو منهنجو سائين پنهنجي اکين مان نير وهائڻ شروع ڪيا؟ ميمڻ صاحب چيس ته سائين اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، مون کي ته سنڌ جو مجموعي ڏک واري حالت ڏسندي ۽ ڄامڙو صاحب جي ڪهاڻي کي جيئرو جاڳندو ڪريڪٽر طور سمجهندي، اکين مان لڙڪ اچي ويا ته سنڌ جي عوام کي ڪڏهن اُهي سهولتون ملنديون جو اڳتي ايندا ۽ ڪيترا اسان جا همت وارا نوجوان هوندا، جيڪي انهن ڏُکيائن کي منهن ڏئي پاڻ ملهائيندا. سنڌ جي سياسي قيادت کي الله ڪڏهن اهڙو ايمان ڏيندو جو اُها پنهنجي عوام لاءِ سوچيندي.
ميمڻ صاحب سنڌ جي ترقيءَ لاءِ هميشه سوچ ويچار ڪندو رهندو آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي دل کولي لکندو به آهي ته نيٽ تي لائيو پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو اظهار به ڪندو رهندو آهي. ميمڻ صاحب سنڌ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس طبيعت جو مالڪ آهي. الله سائين ميمڻ صاحب کي صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا ڪري. آمين


ll

هيگرس ٽائون ڏانهن روانگي

هيگرس ٽائون ڏانهن روانگي

تقريباً صبح جو ڏهين وڳي سائين ممتاز ڀٽو صاحب گهر ۾ تيار ڪرايل برياني سان گڏ اچي ميمڻ صاحب جي گهر تي پهتو. ٿوري دير ويهڻ کان بعد اسان گڏجي هيگرس ٽائون لاءِ نڪتاسين. ممتاز صاحب اسان کي هڪ وڏي ۽ مشهور شاپنگ مال تي وٺي آيو، چيائين ته جيڪڏهن هن مال کي توهان نه ڏٺو ته معنيٰ توهان آمريڪا ڪونه گهميا. اسان ان شاپنگ مال جي اندر داخل ٿي وياسين، واقعي هڪ تمام وڏو ماڊرن ۽ نسبتن مهانگو شاپنگ مال هيو، چيائين ته هتان شيون وٺڻ اسانجي پهچ کان گهڻيون مهانگيون آهن، تنهنڪري هتي صرف ونڊو شاپنگ (Windo Shopping) ڪيو. اسان گهمندا ڦرندا وڃي ٻي منزل تي پهتاسين، جتي ٽي چار سئنيمائون هڪٻئي جي لڳو لڳ هيون. انهيءَ جي ٻئي پاسي فوڊ ڪورٽ هئي، اسان اتي وڃي پڇا ڪئي ته حلال ماني ڪٿان ملندي؟ اتي انهن ٻڌايو ته اهي ٽي چار ڪيفي آهن، جتي حلال فوڊ سروس ٿيندو آهي. اسان اڄ روزو ڪونه رکيو هيو، تنهنڪري اسان انهن جي ڪيفي تي وياسين ۽ مٿان لکيل هيو ته هتي حلال کاڌو دستياب آهي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته انهن جو مالڪ هڪ عربي مسلمان هيو. دل کي وڌيڪ تسلي ٿي ۽ ممتاز صاحب کي انهن جي هڪ ٻن ڊشن لاءِ ڪنهن اڳ ئي فون تي ٻڌايو هيو، سو اسان وڃي اهي ڊشز گهرائي کاڌيون، جيڪي واقعي مزيدار هيون.
شاپنگ مال ۾ ونڊو شاپنگ ڪندي خبر ئي ڪانه پئي ته تقريباً اڍائي ٽي ڪلاڪ ٿي ويا. ٻاهر نڪري اچي گاڏي ۾ چڙهي انڌي واري لٺ کي ٻڌايو ته اسان کي هيگرس ٽائون واري رستي سان وٺي هل. شام جو سج بيٺي اچي هيگرس ٽائون پهتاسين. کاڌي جو انتظام سائين ممتاز صاحب جي وڏي صاحبزادي جي محل نما گهر ۾ ٿيل هيو، سو اسان به سج لهڻ کان ٿورو اڳ وڃي اتي پهتاسين. الحمدلله ڀٽو صاحب جي صاحبزادي جو گهر نهايت اوچائي تي پنج ايڪڙ ايراضي تي خوبصورت (Farm House) ٺهيل آهي. گهر جو نظارو تمام شاندار ۽ خوبصورت اڏاوت ٿيل آهي، جو ماڻهو کي ڏسڻ سان دل باغ و بهار ٿيو وڃي. ڀٽو صاحب جو نياڻو سائين امتياز صاحب به تمام بهترين انسان ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ نهايت سٺو جذبو رکندڙ آهي. پاڻ هتي آءِ ٽي (Information Technology) جو ماهر آهي، سنڌ جي ڪيترن نوجوانن کي آءِ ٽي جي فيلڊ ۾ ٽريننگ ڏئي روزگار سان لڳرايو آهي ۽ سندس اها ڪوشش جاري آهي ته سنڌ جي اهل نوجوانن کي ٽريننگ ۾ رهيل ڪوتاهي کي پورو ڪري روزگار لائق بڻائي کين روزگار سان لڳرائي. سائين جي آفر سنڌ جي هر ان نوجوان لاءِ آهي، جيڪو پنهنجي منزل کي رسڻ تائين محنت ۽ مسلسل جدوجهد مان هٿ نه ڪڍي.
ماني کان بعد مون سندس گهر واري آفيس ۾ وڃي چيو ته يار سستو پئڪيج وٺي ڏي ته جيئن مان سڀاڻي واشنگٽن کان اورلينڊو (Orlando) وڃان، اتان کان بعد لاس اينجلس (Los Angles) ۽ اتان واپس واشنگٽن (Washington) يا بالٽيمور (Baltimore) وڃان. امتياز صاحب ڏهن منٽن اندر آن لائين ٻه ٽي سستا پئڪيج حاصل ڪري ورتا ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪري هڪڙو پئڪيج سليڪٽ ڪيوسين ۽ انهيءَ مهل امتياز صاحب پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي سمورو پئڪيج جنهن ۾ واپسي بالٽيمور کان ٿئي وارو ڪرائي ڏنو. پئڪيج وٺي سائين احسان الله ميمڻ صاحب کي فلائيٽ نمبر ۽ ٽائيم ٻڌائي ڇڏيو.
مونکان اڳ ۾ سائين ڊاڪٽر لياقت علي ڀٽو صاحب پهچي چڪو هيو، ڊاڪٽر صاحب سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪافي دير تائين زماني جا حال حوال اورياسين، پوءِ ممتاز ۽ مان واپس گهر موٽي اچي آرام ڪيو جو صبح سوير اورلينڊو وڃڻ لاءِ واشنگٽن کان ڏهين وڳي فلائيٽ تي پهچڻو هيو. صبح ستين وڳي گهر کان نڪري واشنگٽن ڊليس ايئرپورٽ (Washington Dulles Airport) ڏانهن راهي ٿياسين. ڏيڍ ڪلاڪ کان بعد وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. مسافرن جي رش گهڻي هئي، تنهنڪري اسان پاڻ اليڪٽرانڪ مشين تي وڃي بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪيو. منهنجي لاءِ زندگي ۾ اهو پهريون دفعو هيو جو مشين تي پاڻ بيهي بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪجي. پهريان ته مون سمجهيو ته شايد اهي اي ٽي ايم (ATM) جا بوٿ لڳل آهن. پهريان مون کي آپريٽ ڪرڻ ڪونه پئي آيا، پوءِ اتي ڪنهن کان مدد حاصل ڪئي، جنهن مون کي طريقو ٻڌايو، پوءِ ان کي آساني سان آپريٽ ڪرڻ سکي ورتو. طريقو ساڳيو اي ٽي ايم مشين وارو هيو، فرق صرف اهو هيو ته هتي ڪارڊ کان بغير آپريٽ ڪرڻو هيو، باقي پن ڪوڊ جي جاءِ پي اين آر نمبر (PNR Number) جو استعمال ڪرڻو هيو.
بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪرڻ کان بعد سيڪيورٽي چيڪ جو مرحلو پار ڪرڻو هيو، جنهن لاءِ سڀ کان پهريان مان وڃي پنهنجو بوٽ لاٿو، پوءِ بيلٽ لاٿو، انهيءَ کانپوءِ موبائل فون ۽ هٿ ۾ کڻي وڃڻ وارو ٿيلهو کڻي ايڪسري مشين مان گذاريا ۽ پاڻ مشين جي سامهون بيهي هٿ مٿي ڪري بيٺاسين، پنجن سيڪنڊن ۾ ٻاهر نڪري بوٽ، بيلٽ پائي ۽ سامان کڻي اڳتي وڌياسين، چڱو پنڌ ڪرڻ کان بعد وڃي لائونج ۾ پهتاسين. ٿوري ديرلائونج ۾ ويهڻ کان بعد اسان کي جهاز ڏانهن هلڻ لاءِ چيو ويو. گاڏي ۾ چڙهي جهاز تائين پهتاسين ۽ وڃي سيٽ تي ويٺاسين. پوري ٽائيم تي جهاز اڏام ڪئي ۽ تقريباً اڍائي ڪلاڪن کان بعد وڃي اورلينڊو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين. ايئرپورٽ جي رن وي جي پاسي ۾ پاڻي جا ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻن ٽن ايڪڙن جي پکيڙ جا پاڻي جا تلاءَ ۽ ڍورا ٺهيل هيا. هڪ ٻن هنڌن تي چڱي وڏي علائقي ۾ تقريباً ويهارو کن ايڪڙن جي پکيڙ جا پاڻي جا تلاءَ هيا. اسان وڃي ايئرپورٽ جي لائونج تي پهتاسين. ڪافي پنڌ ڪرڻ کان بعد وڃي هڪ پليٽفارم تي پهتاسين ۽ پڇا ڪئي ته ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪهڙو رستو ويندو؟ اتي اسان کي ٻڌايو ويو ته هن ٽرين ۾ سوار ٿيو ۽ ٽرين توهان کي ٽرمينل پهچائيندي، جتان توهان ٻاهر وڃي سگهندا. خير اسان ٽرين ۾ چڙهي ويٺاسين، جيڪا اسان کي ٽرمينل تائين پهچائي واپس لائونج ڏانهن راهي ٿي وئي.
احسان الله ميمڻ صاحب اسان سان رابطي ۾ هيو، جنهن ٻڌايو ته جيئن توهان ٻاهر نڪرندا تيئن مان توهان جي سامهون هوندس. اسان رستو پڇا ڪندي اچي پارڪنگ واري گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين، ميمڻ صاحب نظر ڪونه آيو، فون تي رابطو ڪيو ته چيائين ته مان گيٽ جي سامهون بيٺو آهيان، اسان هڪٻئي جي اکين کان اوٽ ۾ هياسين. پاڻ ۾ هڪٻئي سان پوزيشن جي مٽا سٽا ڪئي ته جيئن هڪٻئي کي گوگل جي مدد سان ڳولهي لهون. گوگل جتي ٻڌائي پيو اتي اسان کي ميمڻ صاحب نظر نه پيو اچي، جتي گوگل اسان جي پوزيشن ٻڌائي پيو اتي اسان ميمڻ صاحب کي نظر ڪونه پيا اچون. هڪٻئي کي ٻڌايوسين ته فلاڻي گيٽ نمبر وٽ آهيون، ميمڻ صاحب ٻڌائي ته مان ان گيٽ جي سامهون بيٺو آهيان. چڱو وقت گذري ويو ته پوءِ خبر پئي ته انهيءَ ساڳي ٽرمينل تي هيٺ ۽ مٿي اي ۽ بي (A and B) ٽرمينل آهن ۽ گيٽ جا نمبر به ساڳيا آهن. اسان هيٺين ٽرمينل واري گيٽ تي بيٺا هياسين ته ميمڻ صاحب مٿين ٽرمينل واري ساڳئي نمبر واري گيٽ تي هيو، اڌ مني ڪلاڪ کان بعد وڃي هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌوسين. ماشاءَ الله احسان ميمڻ صاحب هميشه منهن تي مرڪ سان سرشار هوندو آهي، تنهنڪري مرڪ ڀري منهن ۽ وڏي اڪير سان ڀاڪر پائي ملياسين ۽ خوشي خوشي سان ميمڻ صاحب جي گاڏي ۾ سوار ٿي سائين جي رهائشگاهه سنفرڊ (Sanford) ڏانهن سفر شروع ڪيوسين، ايئرپورٽ کان ميمڻ صاحب جي رهائشگاهه تائين پهچڻ ۾ تقريباً پنجاهه منٽ لڳا پر رستي سان نظارو تمام خوب هيو. رستي جي ٻنهي پاسي ساوڪ ۽ انهي سان گڏوگڏ پاڻي جا بيٺل تلاءُ ۽ ڍنڍون ڍورا جام هيا جو ڳڻڻ کان چڙهيل هيا. مون حيران ٿي ميمڻ صاحب کان پڇيو ته يار ايتريون سارون ڍنڍون جو کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن، جنهن تي احسان صاحب ٻڌايو ته تقريباً فلوريڊا (Florida) رياست ۾ پنجاهه سٺ هزارکان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن. ڪلاڪ کن جي اندر اسان ميمڻ سائين جي گهر وٽ اچي پهتاسين. سائين جو گهر سنفرڊ جي اوائلي دور واري علائقي ۾ هڪ شاندار ۽ وسيع گهر ٺهيل آهي. ميمڻ صاحب جيئن ته اتي پاڻ ۽ انجو پيارو ڀاڻيجو نور گڏ رهندو آهي ۽ ٻار پاڪستان ويل هيا. تنهنڪري پاڻ ان گهر جي پويان ٻن ڪمرن جي انيڪسي (Annexy) ۾ رهندا آهن، ڇوته گهر اڳ ئي هڪ ڪرائيدار کي ڏنل آهي، جنهنجو مدو ۽ وقت پوري ٿيڻ تي گهر ۾ رهائش پذير ٿيندا. انيڪسي به ڪافي ڪشادي ۽ ٻن ڪمرن، لائونج ۽ ڪچن وغيره سان سادي ۽ پروقار ٺهيل آهي. ميمڻ صاحب جڏهن هي گهر خريد ڪيو هيو ته انيڪسي به ان سان گڏ ٺهيل هئي.
فلوريڊا ۽ خاص ڪري سنفرڊ پهچڻ سان موسم جي حساب سان سنڌ ۽ علائقي جي حساب سان ڪراچي جي پراڻي ملير ڪينٽ ياد اچي وئي.
ll

رحيم بخش ميمڻ مورائي سان ملاقات

رحيم بخش ميمڻ مورائي سان ملاقات

سائين احسان ميمڻ صاحب جي گهر پهچي هٿ منهن ڌوئي پوءِ زماني جا حال احوال اورياسين. سنفرڊ شهر (Sanford) فلوريڊا رياست (Florida State) جي قديم شهرن مان هڪ شهر آهي. سنفرڊ (Sanford) سيمينول ڪائونٽي (Seminole County) جي هيڊ آفيس آهي. سنفرڊ شهر جي آدمشماري تقريباً ستر هزار جي قريب آهي. هن شهر جو بنياد هينري شيلٽن سنفرڊ (Henry Shelton Sanford) تقريباً ٽي سئو سال اڳ وڌو. شروع جي دور ۾ انگريز آفريڪا جي ماڻهن کي دوکي ۽ ڏاڍ سان وٺي اچي انهن کي غلام بڻائي وڪرو ڪندا هيا. هن شهر ۾ نيوي جو اڏو به هوندو هيو، جيڪو هن وقت اتان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت به سمنڊ نما وڏي ڪريڪ موجود آهي، جتي ماڻهو سير و تفريح لاءِ ٻيڙين تي چڙهي وندر ڪندا آهن. انهيءَ کان علاوه ڪيترن ئي ميلن ۾ ڊگهو واڪنگ لاءِ ٽريڪ (Walking Track) ٺهيل آهي، جنهن تي صبح شام هر عمر جو ماڻهو اتي هلڪي ڦلڪي ورزش ڪندي نظر ايندو. هن وقت سنفرڊ جو هوائي اڏو اورلينڊو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي متبادل طور ڪم آندو ويندو آهي، جيڪو سنفرڊ کان تقريباً 40-45 ميل جي پنڌ تي آهي. سنفرڊ شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ قديمي ۽ ٻيو جديد. پراڻي شهر ۽ نئين شهر ۾ ڪافي فرق آهي، جيئن ملير ۽ ڊفينس. پراڻو شهر کليل ۽ وڏن وڏن وڻن سان ڍڪيل آهي، آفريڪا کان آيل ماڻهن جي گهڻائي به ان قديمي علائقي ۾ آباد آهي. انهن قديمي وڻن ۾ هڪ خاص ڳالهه جيڪا مونکي نظر آئي، اها ڪٿي به پوري آمريڪا ته ڇڏيو پر پوري روءِ زمين ۾ شايد ڪٿي هجن. انهن وڻن مان وڻ ويڙهي وانگر ڇڳا هر لام ۽ ٽاري جي پڇڙي ۾ پيا لڙڪندا آهن، جن جو رنگ سفيد هوندو آهي. مون گهڻو ئي انهيءَ بابت پڇا ڪئي پر انجو مون کي تسلي بخش جواب ملي نه سگهيو، ٿي سگهي ٿو ته باٽني جو ماهر (Expert of Botony) انهيءَ جو ڪو جواب ڏئي. اتي صرف اها ڄاڻ ملي ته هي وڻ انهيءَ وڻ ويڙهي نما لٽڪيل ڇڳن جي معرفت ساهه کڻندا آهن.
لائونج ۾ ويهي سائين احسان صاحب سان پروگرام رٿڻ شروع ڪيو ته ٿوري وقت ۾ ڪيئن گهڻي کان گهڻو علائقو ڏسي سگهجي. ظاهر آهي ته سڀ ڪجهه انهي قليل عرصي دوران ته ڏسي نٿو سگهجي پر ڪوشش اها هئي ته جيڪي مشهور مقام آهن انهن جو سرسري جائزو ضرور وٺجي. اهڙي طرح اسان ٻه ٽي متبادل پروگرام ٺاهيا ته جيئن ڪنهن به سبب جي ڪري اهو علائقو انهي تجويز ڪيل ٽائيم اندر پورو نه ڪري سگهجي ته پوءِ ڪهڙي مقام کي ڦٽو ڪجي وغيره وغيره. سائين احسان صاحب کي به سڄي علائقي جي خبر ڪانه هئي، ڇوته ايترو وقت انهن کي رهندي اتي گذريو ناهي، تنهنڪري پنهنجي پياري ۽ سٻاجهڙي ڀاڻيجي نور کان انهيءَ معاملي تي مدد ورتي سين. انهيءَ سان گڏوگڏ گوگل فقير ڏاڍي مدد ڪئي، اهو اسان کي ان علائقي جي اڳواٽ معلومات سيڪنڊن ۾ مهيا ڪري پيو ڏئي ته فلاڻو مقام هتان کان ڪيتري پنڌ ۽ ٽائيم تي آهي، اتي ڪهڙي شيءِ موجود هوندي ۽ ڪهڙي وقت تائين هوندي. گوگل فقير ٻاهران جون سڀ خبرون ڏئي پيو پر جيڪي اسان انجي ڀڪ ۾ ويٺا هياسين ته اسان جي تمنائن متعلق ڪجهه به ڪونه پيو ڄاڻي. گوگل کي جڏهن اسان پنهنجي دل جو راز ڏيون پيا ته ٻڌائي پيو ته توهانجي جي مطلب واري جاءِ اتي آهي يا ناهي، باقي ٻيو مڙوئي خير. ايتري ۾ شام جو وقت ٿي ويو ۽ افطاري لاءِ تياري ڪرڻ شروع ڪئي. مون کي هتي سڀ کان وڌيڪ سٺي ڳالهه اها لڳي ته هتي جيڪي به مسجدون آهن، انهن ۾ افطاري جي وقت زالين مردين ڪٺا ٿي عورتون ۽ مرد الڳ الڳ ٿي هڪ ئي مسجد ۾ بنا ڪنهن فرقابندي جي هڪ ئي صف ۾ پنهنجو فرض ادا ڪندا آهن. رمضان مبارڪ جا ٽيهه ڏينهن خوشي ۽ سعادت سمجهي هر ماڻهو هڪ ڏينهن جو افطار واسطي بندوبست ڪندو آهي.
اسان افطار خاطر هڪ مسجد طرف رخ ڪيو، رستي ۾ احسان صاحب ٻڌايو ته اڃان تقريباً اڌ ڪلاڪ افطار ۾ ٽائيم آهي، تنهنڪري مورو جا دوست هتي رهن ٿا، انهن سان ملندا هلون ۽ انهن کي به ساڳي مسجد ڏانهن هلڻو هوندو آهي، تنهنڪري اتان گڏجي مسجد ڏانهن وينداسين. مون چيو ته تمام سٺو، سنڌ جي دوستن سان ملاقات ٿيندي.
در جي کلڻ سان سدا مشڪندڙ چهري وارو دوست نروار ٿيو، جنهن تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوهه سان اندر ڪجهه گهڙين لاءِ اسان کي گڏ ويهاريو ۽ کيڪار ڪئي. پڇڻ تي خبر پئي ته سائين موري شهر جو ميمڻ صاحب آهي، مون مذاق واري انداز ۾ چيو ته ابول هتي به ميمڻن ۾ اچي ڦاٿاسين ته سائين رحيم بخش ميمڻ صاحب چيو ته ادا ميمڻن جي ڀٽائي صاحب به ساراهه ڪري ويو آهي، تنهنڪري ميمڻ جتي به هوندا اهي ڳنڍڻ واري ڳالهه ڪندا، ڇنڻ واري ڪونه ڪندا.
”هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڊين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.“

رحيم بخش ميمڻ صاحب جهڙو کل مک هيو، تهڙو وري صورت ۽ سيرت جو به لاجواب انسان هيو. رحيم بخش جي ڪچهري ۾ خلوص ۽ ڪشش بي انتها هيو، سندس ڪچهري مان آزاد ٿيڻ ڏاڍو مشڪل ۽ دل کي ڏکائيندڙ هيو. ميمڻ صاحب پاڻ اتي پنهنجي فرزندن وٽ ڪجهه وقت گذارڻ خاطر آيل هيا، ڪجهه عرصي کان بعد اباڻي ڪکن يعني سنڌ ڏانهن ورندا. الله سائين منهنجي سڀني دوستن ۽ انهن جي دوستن کي آباد ۽ شاداب رکي. آمين يارب العالمين.
وقت افطاري جو ڀرجي آيو هيو، تنهنڪري اسان سڀ گڏجي مسجد ڏانهن راهي ٿياسين. جڏهن مسجد پهتاسين ته ليڊيز پوئين دروازي وٽان ويون ۽ اسان اڳيان ڦري ٻئي طرف کان داخل ٿياسين. مسجد ۾ داخل ٿيڻ سان رنگ برنگي گلن جي دستي وانگر ايشيا، يورپ،آفريڪا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جا سڀ رنگ هڪ ئي ٿالهي ۽ صف ۾ گڏ، مزو اچي ويو ۽ احساس ٿيو ته واقعي هتي مسلمان جيڪي اسلامي ڀائيچاري مطابق رهن ٿا، نڪي اسان جي پياري وطن ۾ فرقه، مسلڪن ۽ زبان جي قيدي، دين جي ٺيڪيدارن وانگر جتي صرف هڪٻئي لاءِ نفرت جي پرچار ڪئي وڃي ٿي.
روزو افطار کان ويندي نماز تراويح تائين گڏ گذاري هر ڪو پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو.

ll

سنفرڊ جي مشهور جامعه مسجد

سنفرڊ جي مشهور جامعه مسجد

گهر موٽي اچي صبح جي هلڻ لاءِ پلان تيار ڪيوسين ته سڀاڻي سڀ کان پهريان شهر جو جائزو وٺي انهيءَ کان بعد شهر جي پاسي ۾ ٽي چار پاڻي سان ٽٻٽار ڍنڍن جو سير ڪرڻ ۽ بوٽنگ ڪرڻ هلنداسين. اهي سڀئي ڍنڍون مصنوعي طريقي سان هڪٻئي سان نيويگيشن (Navigation) خاطر ملائي ڏسندڙن لاءِ بهترين ۽ دلفريب نظارو ٺاهيو ويو آهي.
رات جو آرام ڪرڻ خاطر وڃي کٽ جو پاسو ورتو ۽ سوير نور سائين اطلاع ڏنو ته سائين سحري تيار آهي،صرف توهان جو انتظار ٿي ڪري ۽ روزي رکڻ لاءِ صرف 40 منٽ بچيا آهن. منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻي اچي ڊائننگ ٽيبل جو پاسو ورتو ۽ ڌنئوري جي وڏي گلاس کي پورو ڪري ٽائيم جي اندر روزو رکيو. سنفرڊ جي گرمي ۽ سنڌ جي گرمي ۾ ڪوئي فرق ڪونه هيو، تنهنڪري اسان اهڙي موسم ۾ روزا رکڻ جا عادي آهيون. هيگرس ٽائون ۽ سنفرڊ جي گرمي جو ايترو خاص فرق ڪونه هيو، صرف ايئن کڻي چئجي ته ڪوهه مري ۽ دادو جي موسم جو مئي ۽ جون جي مهيني ۾ فرق هوندو آهي، انهيءَ کان وڌيڪ فرق ڪونه هيو. مينٽگومري ميريلينڊ ۾ منجهند جي وقت گرمي ۽ سنفرڊ جي صبح جو اٺ وڳي جي گرمي ساڳي هئي. سنفرڊ ماشاءَ الله منجهند جي وقت ٻاهر نڪرڻ سان جان تي پگهر گهڻو ڪونه بيهندو هيو، صرف پير جي کڙي وٽ جمع ٿيندو هيو.
اسان صبح جو تقريباً نائين وڳي گاڏي ۾ ويهي شهر جو ٽرڙو چڪر ڏيڻ لاءِ نڪتاسين، تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ شهر جي مختلف مقامن کان ٿيندا اچي ڍنڍ تي سير ڪرڻ خاطر آياسين جو انهن جو سير لاءِ ٽائيم صبح جي 10 وڳي کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. گاڏي پارڪ ڪري وڃي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين، اسان جو وارو جلدي اچي ويو، ڇاڪاڻ ته اسان کان اڳ ۾ هڪ ٻه ماڻهو بيٺا هيا. ٽڪيٽ وٺي اسان وڃي انتظارگاهه ۾ ويٺاسين، ٿوري دير ۾ هڪ موٽربوٽ اچي لنگرانداز ٿي، جنهن ۾ تقريباً ٽيهارو کن سياح اچي لٿا. جڏهن سڀ سواريون لهي ويون ته ٽڪيٽ نمبر مطابق اسان کي قطار ۾ بيهاري ٻيڙي تي سوار ڪرائيندا ويا. اتفاق سان مون کي پهرين قطار ۾ سيٽ ملي، جنهن ڪري منهنجي اڳيان ڪا به اڙ ڪانه هئي. جيڪڏهن مون کي وچ ۾ سيٽ ملي ها ته شايد مان ڍنڍن جو صحيح نظارو ڪري نه سگهان ها، ڇو ته منهنجو قد پورو پنو جيڪڏهن اڳيان ڪا ڇپ اچي ويهي ها ته مان رڳو نرن کڻڻ ۾ پورو هجان ها. بهرحال موٽربوٽ تي چڙهي ويهڻ کان بعد پاڻي تي سير ڪرڻ جو سفر شروع ٿيو. پائلٽ موٽربوٽ هلائڻ سان گڏوگڏ مختلف ماڳن تي موٽربوٽ کي آهستي ڪندي اسان کي انهن ماڳن جو مختصر تعارف ڪرائيندو ويو. ڪيترائي اهڙا گهر ۽ ماڳ هيا، جتي اتان جون مقامي روايتون ۽ ڪهاڻيون مشهور هيون. هڪ ٻه اهڙا گهر هئا، جيڪي هينئر ويران پر صاف سٿرا هيا، انهن لاءِ اهو مشهور هيو ته هتي فلاڻو شهزادو ڪنهن جي عشق ۾ هتي اچي رهيو ته وري ڪٿي اهو ٻڌايائين ته ان سامهون واري گهر ۾ فلاڻو شاعر اچي رهيو. وغيره وغيره، مڙئي افساني واريون ڪهاڻيون جام هيون. جنهن جاءِ کان موٽربوٽ ۾ چڙهياسين، ان ڍنڍ ۾ تقريباً ڏهه منٽ اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هليو، آخرڪار سڄي پاسي سنهو گس جيڪو هٿراڌو ٻن ڍنڍن کي ملائڻ خاطر ٺاهيو ويو هيو، ان مان ٻي ڍنڍ ۾ داخل ٿياسين، تقريباً پندرهن ويهه منٽ گهمائي اچي هڪ قديمي تعليمي اداري جي شاندار عمارت سامهون ٿيندي ٻڌايائين ته اهو ڍنڍ جي ڪناري تي جيڪو وڏو گهر ٺهيل آهي، جنهن ۾ هينئر لائبريري ۽ ميوزم طور استعمال ٿئي ٿي، انهيءَ شخص اها يونيورسٽي ٺهرائي ۽ مرڻ کان بعد ان گهر کي پبلڪ جي استعمال لاءِ لائبريري ۽ ميوزم هال ۾ تبديل ڪئي وئي آهي. يونيورسٽي جون عمارتون تمام خوبصورت ۽ دلڪش هيون. يونيورسٽي کان تقريباً پنج ڇهه منٽ گذرڻ کان بعد چوگرد چڪر پورو ڪري ساڳئي سنهڙي گس وٽ اچي پهتاسين، انهي گس مان گذري ساڳي شروع واري ڍنڍ ۾ داخل ٿياسين. انهي ڍنڍ جي پاسي سان هلندي ڍنڍ جي چوگرد خوبصورت قديمي وڻن ۽ ساوڪ جو نظارو ڪندا تقريباً ويهن منٽن کان بعد وڃي ٽئين ڍنڍ ۾ داخل ٿياسين، انهيءَ ڍنڍ جو ويهه پنجويهه منٽ نظارو ڪندي ڍنڍ جي ٻئي پاسي ٿيندا اچي ساڳي پهرين ڍنڍ ۾ داخل ٿياسين، تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ کان بعد اچي ساڳي ماڳ تي لنگرانداز ٿياسين ۽ لهي گهر وڃڻ لاءِ رستو ورتو.
سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڍورا ان کان وڏا ۽ خوبصورت ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن سنڌ سرڪار يا گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ پارٽنرشپ يا بلڪل ڪنهن پرائيويٽ ڪمپني کي صرف ٺٽي ضلعي جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ ڍورن کي سياحت لاءِ سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏئي ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان سرڪار کي ڪافي پرڏيهي ناڻو ميسر ٿي سگهندو، انهيءَ کان علاوه مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ميسر ٿي سگهندو. سياحت جي ڪري هوٽلنگ ۽ ٽرانسپورٽ انڊسٽري کي وڏي هٿي ملي ويندي آهي. انهي سان گڏوگڏ مذهبي رواداري کي فروغيت ملندي آهي. سنڌ جي ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ ته الائي ڪيتريون ترقي جي لاءِ اتان جي ماڻهن لاءِ راهون کولي سگهن ٿيون. ٻنهي ڍنڍن جي چوڌاري وڻڪار ڪرڻ ۽ سياحت جي تفريح جا ڪيترائي منصوبا ٺاهي بهترين ماحول ۽ دلڪش نظارا پيدا ڪري ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهن جي لاءِ اتي تفريح ۽ وئڪيشن گذارڻ لاءِ سهولتون ڏئي، جنهن ۾ سڀ کان اول امن امان، رستن جون سهولتون، رهائش لاءِ دنيا جي معيار مطابق هوٽل، کائڻ پيئڻ لاءِ ريسٽورنٽس، گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺيون گاڏيون ۽ لکيل پڙهيل ٽوئر گائيڊ، مختلف قسمن جا ننڍا وڏا شاپس جتي دنيا جي هر شيءِ ۽ خاص ڪري ٻهراڙي ۾ هٿ سان ٺهندڙ شيون ۽ گفٽ وغيره اچي وڃن ٿيون.
منجهند جو آرام ڪري سنفرڊ جي هڪ علائقي ۾ مسلمانن شاندار مسجد تيار ڪرائي آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي پري کان ماڻهو ايندا آهن. تقريباً مسجد 15-16 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ پارڪ ۽ پارڪنگ لاءِ ڪافي وڏي جڳهه مختص ڪئي وئي آهي، جيڪو مون کي ٻڌايو ويو ۽ مون کي ياد اچي ٿو ته گهڻو ڪري هڪ شامي مسلمان انهيءَ مسجد لاءِ 80 لک ڊالر چندو ڏنو هيو، جيڪو پاڪستاني ڪرنسي جي تقريباً هڪ ارب روپيه کان مٿي ٿئي ٿو. مسجد تعمير ڪرائڻ وارا اهل تشيع وارا آهن پر اتي سڀئي فرقه ۽ مسلڪ جا مسلمان گڏجي عبادت ڪندا آهن، مون پاڻ ٽيپهري نماز اتي ادا ڪئي.

ll

اورلينڊو جو ونٽر پارڪ ۽ انٽرنيشنل ڊرائو جو سير

اورلينڊو جو ونٽر پارڪ ۽ انٽرنيشنل ڊرائو جو سير

سنفرڊ جي نئين عاليشان مسجد جي ديدار کان بعد سائين رحيم بخش ميمڻ صاحب جي زور ڀرڻ تي ان مسجد ڏانهن روانا ٿياسين جتي سائين جن افطار لاءِ گڏ ٿيندا آهن، ڇوته اڄ سائين ميمڻ صاحب جي طرفان ان مسجد ۾ افطار جو بندوبست ڪيل هيو. افطار کان ويندي تراويح تائين اتي گڏ رهياسين، انهيءَ کان بعد واپس اچي آرام ڪيو. حسب معمول نور سائين سحري جي وقت اچي دروازي کي ناڪ ڪيو ۽ نادري حڪم ڪيو صرف 25 منٽ ٽائيم باقي رهيو آهي. اسان ڦڙتي ڏيکاريندي منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي ننڊ کي ڀڄائي اکيون مهٽيندا وڃي ڊائننگ ٽيبل تي ويٺاسين ۽ بسم الله ڪري وڏا وڏا گرهه منهن ۾ وجهندي اڌ ماني چٻاڙي مس ته ڳيت ڏيندا ماني کي پيٽ ۾ ايئن اڇلائيندا وياسين جيئن ڪو مزدور بي درديءَ سان ٽرڪ ۾ سامان ڦٽو ڪندو آهي، پر الحمدلله وقت جي اندر سحري ڪئي ۽ مٿان وري پاٽي جيڏو مگ چانهه جو پي وياسين. اڄ تڪڙ ۾ مگ چانهه جي پيئڻ وقت اهو وقت ياد اچي ويو، جڏهن سياري جو چلهه تي باهه ٻاري هٿ سيڪيندا هياسين ۽ تڪڙ ۾ وڃڻو به هوندو، پوءِ ساسر ۾ چانهه وجهي سرڪيون ڀريندا هياسين. مگ سان گڏ ساسر ته ڪانه هئي پرهڪ چيني جي پليٽ کي ساسر ڪري چانهه کي ڦوڪون ڏيندي مگ چانهه جو ٻن ٽن منٽن ۾ پي خالي ڪيو.
سائين احسان صاحب سان اهو پروگرام ٺهيو ته اڄ اورلينڊو (Orlando) وڃبو. اورلينڊو ڏانهن صبح جو تقريباً ساڍي ستين وڳي سنفرڊ کان روانا ٿياسين. صبح جي ٽائيم ٽريفڪ ڪجهه سرس هوندي آهي، تنهنڪري نارمل ٽائيم کان پندرهن ويهه منٽ پوءِ وڃي شهر ڀيڙا ٿياسين. شهر ۾ داخل ٿيندي روڊ جي کاٻي پاسي لڙي وياسين. ٿورو پنڌ ڪرڻ کان بعد سائين احسان صاحب هڪ خوبصورت ونٽر پارڪ (Winter Park) ڏانهن وٺي ويو، وچ شهر ۾ پارڪ، جيڪا چئني طرفن کان کليل هئي، خوبصورت ماحول، وڏا وڏا وڻ، صاف سٿرا گس ٺهيل، وچ ۾ تقريباً سٺ ستر کن ايڪڙن جي پکيڙ جيترو پاڻي جو تلاءَ، وچ ۾ خوبصورت ۽ دلڪش نظارو ڪرائڻ لاءِ موٽر بوٽس(Motor Boats)، ڪنارن تي مختلف قسم جا پکي پکڻ موجود، جن سان ماڻهو دل کي وندرائن پيا. پکين ۽ اتي آيل ماڻهو جي وندر لاءِ هڪ ڳالهه ساڳي هئي ته جنهن وقت ڪنهن پکي جو پنهنجي هم جنس سان ڪجهه ڪرڻ جو خيال ٿيو پئي ۽ بي ڌڙڪ ٿي ٻين پکين جي پرواهه ڪئي بغير ڪري ڇڏي پيو، اهڙيءَ طرح ماڻهن جي ٽولن ۾ به اها فطرت رکڻ وارا ڏسڻ ۾ آيا پئي جيڪي بنا ڌڙڪ ڪري گذرن پيا. پاڻي جي تلاءَ جي چوگرد ماڻهن جي وندر لاءِ ڪافي دل کي وندرائڻ لاءِ شيون موجود ۽ مهيا ڪيون ويون آهن. هڪ پاسي اوپن ٿيٽر لاءِ جاءِ مخصوص ڪيل آهي، جتي ماڻهو اچي مختلف ٽائيم تي مختلف ڊرامه ۽ ٻيو ڪجهه روبرو ڏسندا ۽ ٻڌندا آهن. رات جي وقت لائيٽس جو تمام خوبصورت ماحول پيدا ڪيل هوندو آهي.
اورلينڊو جي ونٽر پارڪ وانگر جهيل پارڪ ڪراچي کي آرام سان ٺاهي سگهجي ٿو، جهيل پارڪ کي ٺاهڻ سان ڪراچي واسين سميت ٻين شهرن کان گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن لاءِ سٺي وندر ۽ شهر جي رونق تي سٺو اثر پئجي سگهي ٿو.
انهي پارڪ کان بعد احسان صاحب اسان کي شهر جي ان پاسي وٺي هليو، جتي ناليوارين فيڪٽرين جا مختلف پراڊڪٽ کي گهٽ اگهن تي شاپس کولي رکيا آهن ته جيئن سستي اگهه تي اوريجنل ڪپڙي جا ٺهيل سبيل ڪپڙا عام ماڻهن کي ملي سگهن. اسان به ڪلاڪ کن اندر وڃي کيسي کي ڪجهه ٻرو ڏئي واپس ٿياسين.
اورلينڊو وڃجي ۽ والٽ ڊزني ورلڊ (Walt Disney World) ۽ انٽرنيشنل ڊرائيو (International Drive) نه وڃجي ته ايئن جيئن چوندا آهن:
جنیں لاہور نئیں ویکھیا او جمیا ئی نئیں
احسان صاحب اسانکي سڌو انٽرنيشنل ڊرائيو ڏانهن وٺي ويو. ريسٽورنٽ جي ڀرسان پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري حڪم ڪيائين ته لهو ته توهان کي انٽرنيشنل ڊرائيو ڏيکاريان، اسان دل ۾ سوچيو ته يار اسان کي وٺي آيو آهي ته انٽرنيشنل ڊرائيو تي ٿا هلون ۽ اسان کي گاڏي تان لاهي ڇڏيائين، ٿي سگهي ٿو ته متان هتي ڪي اسپيشل گاڏيون هجن انهيءَ آسري ته اڳتي گوڏي گاڏي تي وڌندا وياسين وڃي هڪ ڪنڊ وٽ هڪ خوبصورت عمارت پر اُبتي ٿيل هجي اتي اڳ ئي ماڻهو مختلف پوزن سان فوٽو ڪڍرائين پيا. اسان کي به تعجب ٿيو ته يار هي عمارت اونڌي ڪيئن ٿي؟ ۽ وري انهيءَ عمارت ۾ بزنس به پوري آب وتاب سان جاري آهي. پوءِ جڏهن غور سان ڏٺوسين ته يار عمارت اونڌي ناهي پر عمارت سازي جو ڪمال آهي. ڪمال جو ڊيزائين ترتيب ڏنل ۽ رازي به مستري هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
مون احسان صاحب کان پڇيو ته ڀائو هلو انٽرنيشنل ڊرائيو تي هتي جي اُس ته دادو واري اُس کان وڌيڪ تيز آهي. پنڌ ۾ اسان کي پگهر جان تي بيٺل نظر ڪونه آيو، باقي بوٽ ۾ کڙي جي رستي جان مان پاڻي وهندو وڃي اتي جمع ٿيو هيو. احسان صاحب جي مرڪ به ڪمال جي هوندي آهي، مُشڪندي چيائين ته سائين هي جيڪو توهان گهمو پيا اهو ته انٽرنيشنل ڊرائيو آهي.
اتان وري هڪ ٻي عمارت تي نظر پئي، جنهن جو هڪ پاسو زمين دوز ٿي ويو هجي جيئن ڪو زلزلو ايندو آهي، ڪي عمارتون ڪري وينديون آهن ته وري ڪي عمارتون زمين تي بيٺل پر آئٽيل يا جهڪيل هونديون آهن، جنهن کي ڏسي ماڻهو کي روب ٿيندو آهي ته جاءِ کان پاسو ڪيو متان ڪري پوي پر اهو نقشو ٺاهڻ ۽ ڪاريگر جي ڪاريگري کي سلام، جنهن بلڪل هوبهو ساڳيو منظر ۽ تاثر ڏيارڻ وارو شاهڪار تيار ڪيو.
انهي روڊ تي واقعي جيڪي به عمارتون هيون تن کي وڏي مهارت سان تيار ڪيو ويو آهي. روڊ تي گهمندي اسان کي هيلي ڪاپٽر نظر آيا، جيڪي اسان جي مٿان مختلف طرفن کان هوا ۾ پئي ڊوڙيا، اڃان ٿورو اڳتي هلياسين ته ٻه هيلي ڪاپٽر زمين تي بيٺا هيا، جن تي ماڻهو چڙهن پيا، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هتي آيل سياح وڃي هيلي ڪاپٽر تي چڙهي شهر جو هوائي سير ڪن ٿا. اسان جي دل به هرکي پئي ته ڇو نه اسان به وڃي شهر جو هوائي دورو ڪري اچون.
احسان صاحب چيو توهان وڃون مان اڳيان ٿي اچان ٿو. اسان اوڏانهن وڃي پڇا ڪئي ته اسان به هيليڪاپٽر تي چڙهي شهر جو نظارو ڪرڻ چاهيون ٿا. ڇوڪري ويٺي هئي تنهن چيو ته ڪوئي مسئلو ناهي اڳ ۾ ان وزن ڪرڻ واري مشين تي چڙهو ته وزن رڪارڊ ڪيون. تور تقور ٿي وئي، پڇيائين ته گهڻو وقت هوا ۾ رهڻ ٿا چاهيو. اسان آڏو هڪ ريٽ جي لسٽ رکيائين پروگرام کي پسند ڪيو ۽ کيسي کي هلڪو ڪيو، اسان پنهنجي دل کي قابو ڪندي بٽون کوليو ۽ پئسا ڏنا. اسان کي ٽوڪن نمبر هٿ ۾ ڏئي چيائين ته هاڻي توهان اڳتي وڃو ۽ نمبر جو انتظار ڪيو. پنج ست منٽ گذريا ته اسان جو نمبر دروازي جي مٿان ڳاڙهن لکيل نمبرن سان نروار ٿيو، اسان اڳتي وياسين جتي هيليڪاپٽر اسان جي انتظار ۾ بيٺو هيو، اسان سان گڏ هڪ هرڻي وانگر ڪڏهن اڳيان ڪڏهن پاسي سان ته ڪڏهن اڳيان گائيڊ ٿي هلي ۽ ٻڌايائين ته ڪيئن ويهو ۽ لهڻ مهل توهان ڪهڙي پوزيشن ۾ رهجو وغيره وغيره. اسان هيليڪاپٽر تي ٽي ڄڻا چڙهياسين، هڪ مان ٻه محترمه پائلٽ مونکي پاڻ سان برابر واري سيٽ تي ويهاري، منهنجي ارمانن جو قتل ڪيو، ٻنهي محترمائن کي پويان ويهارين. تقريباً پندرهن منٽن جو هوائي سفر هيو، جنهن ۾ اسان کي اورلينڊو شهر جو مڪمل هوائي سير ڪرائي واپس اچي ساڳي ماڳ تي لاٿو، جتان اسان چڙهيا هياسين. شهر جو هوائي دورو هڪ تمام پرڪشش ۽ دلفريب هيو، ٿوري وقت ۾ شهر جو نظارو ڪرڻ ٿيو ۽ مٿان ايئن پئي محسوس ٿيو ته شهر ۾ جيترا محلا آهن، انهن کان وڌيڪ شهر ۾ پاڻي جا تلاءَ ۽ ڍورا هيا، جيڪي هڪ جهنگل جي اندر آهن.
هيليڪاپٽر کان ٻاهر اچي احسان صاحب سان ملياسين ۽ ڏينهن به لڙي هليو هيو، تنهنڪري واپس سنفرڊ وڃڻ جو ارادو ڪيو. تقريباً ٽي وڳي جو اسان انٽرنيشنل ڊرائيو کان سنفرڊ ڏانهن راهي ٿياسين ۽ ڪلاڪ کن ۾ احسان صاحب جي رهائشگاهه تي اچي پهتاسين. ٿوري دير آرام ڪيو ۽ انهي کان بعد افطاري لاءِ ويجهي مسجد ڏانهن رخ ڪيو، جتي ٻين سڀني کان گهڻائي بنگالين جي هئي. اها مسجد اڳ ۾ چرچ هيو، جيڪو بعد ۾ مسلمانن خاص ڪري بنگلاديش جي رهاڪن ورتو هيو، جنهن کي هينئر مسجد طور هلايو پيو وڃي. مسلمان پاڻ ۾ چندو ڪن پيا ته جيئن انهي جاءِ کي شهيد ڪري عاليشان مسجد تعمير ڪرائجي. ايراضي تقريباً چار پنج ايڪڙ ٿيندي. اسان اتي پهريون دفعو وڃي روزو افطار ڪيو، هتي به ساڳيو نظام هيو ته رمضان جي مهيني جي هر تاريخ ڪو نه ڪو ماڻهو پنهنجي سعادت سمجهي سڄي افطار ۽ ڊنر جو انتظام ڪندو آهي.

ll

ڊزني ورلڊ جو سير

ڊزني ورلڊ جو سير

رات جو موٽي اچي سائين احسان صاحب ٻڌايو ته سڀاڻي مون کي تمام ضروري ڪم آهي، تنهنڪري مان توهان کي ڊزني ورلڊ (Disney World) جي مين گيٽ تي ڇڏي ايندس، جيڪڏهن مان جلدي فارغ ٿيم ته پوءِ مان اچي توهان کي ساڻ وٺي ويندس، باقي احتياطن توهان وٽ گهر جي لوڪيشن (Location) هجي، جو جيڪڏهن توهان کي اتان اڳ ۾ نڪرڻو پوي يا مان نه اچي سگهان ته توهان کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي. اڄ اسان روزو ڪونه رکيو ۽ صبح جو سوير ڊزني ورلڊ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. اورلينڊو شهر تائين ته مني ڪلاڪ ۾ پهچي وياسين پر جڏهن ڊزني ورلڊ ڏانهن گس ورتو ته اتي ٽريفڪ تمام گهڻي هئي، تنهنڪري ٻاهرين گيٽ کان اندر پارڪنگ تائين پهچڻ ۾ تقريباً اڌ ڪلاڪ کن لڳي ويو ۽ پنڌ جي به چڱي سٽ هئي. ميمڻ صاحب کان موڪلائي اسان مين انٽرنس (Main Enterance) ڏانهن ماڻهن کي ويندو ڏسندي اسان به ساڳيو رستو ورتو، اسان تقريباً ڏهه ٻارهن منٽ گوڏي گاڏي تي هلي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. پندرهن ويهه قطارون لڳل هيون، اسان به وڃي هڪ قطار ۾ بيٺاسين. ڊزني ورلڊ ۾ داخلا في جا مختلف اگهه هيا. هڪ ڏينهن جو ملهه وڌيڪ هيو، يعني هڪ ماڻهو لاءِ 129 ڊالر هئي ۽ ٻن ڏينهن جي في ان کان گهٽ هئي ۽ هفتي جي 400 ڊالر انٽري في هئي. جيئن ته اسان وٽ گهڻو ٽائيم ڪونه هيو، تنهنڪري اسان هڪ ڏينهن واري ٽڪيٽ ورتي. انهيءَ ٽڪيٽ ۾ سواءِ کائڻ ۽ پيئڻ جي باقي سڀ تفريحون شامل هيون. سيڪيورٽي چيڪ (Security Check) تي وڃي ٽڪيٽ ڏيکاري، چيڪنگ جي مرحلي مان گذري اندر مال وانگر ڇوڙي ڇڏيائون ته جتي توهان جي دل چئي اوڏانهن گهمو ڦرو.
اندر داخل ٿيڻ کان بعد جيڏانهن نگاهه ڪيون اوڏانهن اڻکٽ ماڻهن جو سمنڊ هجي، تنهنڪري اهو ڏکيو پيو لڳي ته پهريون ڪاڏي وڃون. پوءِ اسان به کڻي اندر داخل ٿيڻ کان بعد سڄو پاسو ورتو، هر جاءِ تي هر عمر واري ماڻهو لاءِ دلچسپي وارو ماحول لڳو پيو هيو، جتي توهان جي دل چئي اتي لانگ ورائي چڙهي پئو، ايئن ڪندي ڪٿي تمام سٺي دل کي وندر ملي ته ڪٿي ڪشالو ڪري وڃڻ کان بعد ايترو دل کي چين ڪونه آيو. اتي ئي جهنگل ته اتي ئي شهر واري رونق ته وري اتي ئي ٻهراڙي وارو ماحول، جتي سهولت جو فقدان هجي. سڀ کان بهترين سٺي ڳالهه اها هئي جو تقريباً هر چوڪ تي گائيڊنس (Guidance) لاءِ نقشو ۽ رستي جو نشان ۽ پنڌ جو پيمانو ڏنل هيو، تنهنڪري هر ماڻهو پنهنجي شوق ۽ ذوق مطابق اوڏانهن پي رخ اختيار ڪيو.
ڊزني ورلڊ پبلڪ لاءِ پهرين آڪٽوبر 1971ع تي کوليو ويو. ڊزني ورلڊ جي ايراضي 64 اسڪوائر ڪلوميٽر يا تقريباً 38 هزار ايڪڙن تي پکڙيل آهي، تنهنڪري سموري ڊزني ورلڊ کي گهمڻ لاءِ تقريباً هڪ هفتو درڪار ٿيندو. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته تقريباً 75 هزار ماڻهو ڏينهن رات جي وقت لاءِ مختلف عهدن تي ملازم رکيل آهن. روزانو جي داخلا في مان تقريباً 38 کان 40 ملين ڊالر ٿين ٿا، يعني لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ڊالر ۽ پاڪستان جا تقريباً 6 ارب روپين جي برابر. هن وقت ڊزني ورلڊ ڪمپني جي ملڪيت جي قيمت تقريباً 130 ارب ڊالر آهي.
والٽ ڊزني (Walt Disney) جنهن جي نالي پٺيان هن پارڪ جو نالو رکيو ويو آهي. پاڻ هن پروجيڪٽ جي تڪميل ٿيڻ کان اڳ ڦڦڙن جي ڪينسر وگهي 65 سالن جي عمر ۾ 1966ع ۾ فوت ٿي ويو. والٽ ڊزني کي پٽ ڪونه هيو، صرف ٻه ڌيئر هيون، جن جي اولاد کي تقريباً ٽي سيڪڙو ملندو آهي، باقي ٻيا شيئرهولڊر کڻندا آهن. والٽ ڊزني پهريون اهڙي قسم جو پروجيڪٽ ڊزني لينڊ (Disney Land) جي نالي سان ڪيليفورنيه ۾ 1955ع ۾ کوليو، انهيءَ جي 16 سالن بعد فلوريڊا رياست جي اورلينڊو شهر ۾ ”ڊزني ورلڊ“ جي نالي سان کوليو.
بهرحال ڊزني ورلڊ ۾ مختلف جاين تي دنيا جهان جي هر وندر جو سامان مهيا ڪيل آهي. مصنوعي طور تي اهڙي مهارت سان اڏاوت ۽ ترتيب ڏني وئي آهي، جو توهان کي هر شيءِ اصل لڳندي. جيڪڏهن اندر پهاڙ ۽ ٽڪريون آهن، انهن کي ڏسي ۽ هٿ لائي به ڪير ڪونه چوندو ته هي نقل آهي، جبل تي چڙهڻ لاءِ به رستا ۽ پيچرا ايئن لڳندا ته واقعي توهان ڪنهن پهاڙي علائقي مان پيا گذرو. پهاڙ جي اندر ۽ ٻاهران ريل جو ڏيک ايئن پيو لڳي ته واقعي ريل گاڏي پهاڙي علائقي مان گذرندي ساڳيو منظر پيش پئي ڪري. جڏهن ڪنهن جهنگل نما علائقي مان گذرون پيا ته واقعي ايئن پيو لڳي، ڄڻ ته جهنگ مان گذري رهيا آهيون. جهنگ مان گذرڻ مهل به تهذيب يافته ٿي گذرون پيا، هر جاءِ تي باادب با ملاحظ قطار ۾ ڪنهن به مرد چاهي عورت کي جرئت ناهي جو ڪنهن ڪمزور کان يا ڪنهن ٻار کان اڳتي ٿئي، جيڪو جتي آهي اهو پنهنجي واري جو صبر سان انتظار پيو ڪري.
ڪن جاين تي وڃڻ لاءِ ٻه رستا هيا، جنهن مان هڪ تي تمام ٿوري رش هئي ته ٻئي رستي تي ساڳي طرف ويندي وڏي قطار هئي. اتي خبر پئي ته هڪ فاسٽ (Fast Track) آهي، ٻيو نارمل اسان کي خبر نه هئي ته داخل ٿيڻ وقت داخلا في ٻنهي جي لاءِ مختلف ريٽ هيا ۽ فاسٽ ٽريڪ لاءِ ڪجهه وڌيڪ في هئي، بنسبت عام داخلا في جي. جنهن کي فاسٽ ٽريڪ واري ٽڪيٽ هئي، اهي اسان کان جلدي منزل تي پهچي وڃن پيا ۽ اسان قطار ۾ جڏهن وارو اچي. بهرحال دير مدار شيءِ ساڳي پيا ڏسون پر وقت جو فرق ضرور هيو.
اسان به مختلف مرحلن ۽ منظرن مان گذرندا وڃي هڪ ٿيٽر ۾ ويٺاسين، جيڪو تمام دلچسپ ۽ معلوماتي هيو، جيڪو تقريباً ڪلاڪ کن هليو، اتان گهمندا مختلف قسمن جا پکي پکڻ ڏسندا وڌندا وياسين. ڪٿي زمين تي پلٿ ماري ويهون پيا ته ڪٿي وري ڪنهن ڪاٺ جي بئنچ تي ويهندي پرائمري اسڪول وارو زمانو ياد اچيو پيو وڃي، ايئن ڪندي اچي اسين به سفاري پارڪ واري پاسي پهچي وياسين. ڇا ته خوبصورت منظر هيو جو سفاري پارڪ ڏانهن گهمائڻ لاءِ ٿر وارا ڪيڪڙا نما ٽرڪون پر باڊي اڌ کان ڪٽيل، جو ماڻهو پوري علائقي جو ويٺي آساني سان ديدار ڪري سگهيو پئي. جتي اسان قطار ۾ بيٺا هياسين اتان سڌو ته تقريباً چاليهه پنجاهه فوٽ پري هئي پر انهي وچ ۾ انگڙ ونگڙ ٿيل قطار ۾ تقريباً چار پنج سئو ماڻهو هيا. هر ٽرڪ ۾ تقريباً ٽيهه کان پنجٽيهه ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. اسان کي چاليهارو فوٽ پنڌ ڪرڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳو. اهي چاليهارو فوٽ ڏسڻ ۾ هيا پر حقيقت ۾ اسان تقريباً هڪ ڪلو ميٽر هليا هونداسين. بهرحال اسان جو به وارو اچي ويو، مون شهزادي کي به ٽن دوشيزائن جي وچ ۾ هڪ بئنچ تي ويهڻو پيو. مان ايشيا جو، منهنجي ساڄي پاسي يورپ جي، کاٻي پاسي ڏکڻ آمريڪا جي، ۽ انجي کاٻي پاسي آفريڪا جي مامو لالو وچ ۾، مزي جي ڳالهه ته اسان چارئي هڪٻئي جي زبان ڪونه پيا سمجهون، باقي اشارن تي هڪٻئي سان کلندا سفاري پارڪ جو سفر طئي ڪيوسين. سفاري پارڪ ۾ تقريباً اسان کي هڪ چڪر لاءِ چاليهارو کن منٽ لڳا ۽ تمام قريب سان وڃي هر قسم جي جانور جي ڀرسان لنگهڻ ٿيو، نه انهن جانورن کي اسان جي اچڻ جو ڪو احساس ٿيو، نڪو اسان کي ڪو ڀئو ٿيو. هر قسم جي جانور لاءِ انهيءَ جي نفسيات مطابق ماحول ڏنل هيو، تنهنڪري هو پنهنجي موج ۾ هيا ته اسان انهن جو ايئن ويجهو ٿي ڪري وڃي پاڻ خوشي ۾ ڪونه پيا ماپون.
بهرحال ڪجهه علائقو ڏٺو ته گهڻو علائقو رهجي ويو، بک به اچي پاسو ورتو، سو اتي هر قسم جا ريسٽورنٽ جام آهن، تنهنڪري اسان وڃي سبزي جو پاسو ورتو، انهن کي ٻڌايو، ڀائو اسان کي مڙئي ويجيٽيرين (Vegetarian) کاڌو کارايو، ڇوته گوشت کائڻ لاءِ دل کي تسلي ڪانه ٿي رهي، سبزي دال کائي ٻاهر نڪتاسين ته سائين احسان صاحب جو فون آيو ته مان هينئر واندو ٿي ويو آهيان، مان اچان يا توهان پاڻ اچي ويندا؟ اسان عرض ڪيو ته سائين مهرباني توهان اچڻ جي تڪليف نه ڪيو، اسان پاڻهي پهچي وينداسين. خبرئي ڪانه پئي جو سج به ٽٻي ڏئي چنڊ کي چارج ڏئي هليو ويو. چنڊ ته اڳ ئي ڪنهن ڪم ۾ دنيا جي ڪنهن ٻي ڪنڊ ۾ رڌل هيو، جو مهيني جي آخري هفتي هجڻ سبب چنڊ جي ليٽ اچڻ جو اطلاع مليو، بهرحال اتي ته اهو محسوس ڪونه ٿيو ته ڪوئي سج چنڊ کي چارج ڏئي ڏهن ڪلاڪن جي موڪل تي ڪنهن ٻئي پاسي ويو آهي. مين گيٽ کان ٻاهر نڪري ٿورو جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ نئين گاڏي ڪجهه مسافرن کي لاهي اڳتي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کيس هٿ جو اشارو ڪيو ڊرائيورگاڏي کي بيهاري چوڻ لڳو ته حڪم مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟ اسان چيس يار اسان کي سنفرڊ وڃڻو آهي ۽ اسان کي وٺي هل پر گهڻو وٺندين؟ چيائين بزرگو! توهان جيڪي ڏنا مان اهي قبول ڪندس. چيائين ته هي منهنجي پنهنجي گاڏي آهي پر اوبر (Uber) وارن سان هلندو آهيان ۽ هي مسافر به اوبر جي طرفان مليل هيا. چيائين بزرگو! مان توهان کان پنجاهه ڊالر وٺندس، ڇو ته مان اوبر وارن کي اڳ ئي چئي ڇڏيو آهي ته مان وڌيڪ ٽائيم ڪونه ڏيندس پر توهانجي ڪري مان توهان سان هلان ٿو، اسان چيس سائين مهرباني، وڌيڪ ٻڌايائين جيڪڏهن مان توهان کي اوبر جي معرفت کڻان ها ته ستر ڊالر کان گهٽ ڪونه وٺان ها پر توهان جي چهري جي ڪري مان توهان سان هلان ٿو، نه ته منهنجو ٽائيم ختم ٿي ويو آهي. اسان دل ۾ الله سائين جو شڪر ادا ڪيو ته پرديس ۾ اسان کي آسانيون پيدا ڪري ڏنائين. تقريباً مني ڪلاڪ کن ۾ اچي ميمڻ صاحب جي رهائشگاهه تي پهتاسين. سڄي ڏينهن جي رولاڪي سبب ٿڪاوٽ هئي، سو هٿ منهن ڌوئي سمهي پياسين.

ll

ڊيٽونا بيچ جا دلڪش نظارا

ڊيٽونا بيچ جا دلڪش نظارا

صبح جو سائين غلام فريد عباسي صاحب جو فون آيو ته سائين ڪيليفورنيه لاس اينجلس ضرور چڪر هڻو، اتي منهنجا ٻچڙا آهن ۽ توهان اسان جا مهمان هوندا. سائين غلام فريد صاحب تمام نيڪ ۽ هڏڏوکي انسان آهن ۽ انهي سان گڏوگڏ اسين پاڻ ۾ پاڙيسري به آهيون، عباسي صاحب پاڪستان جي بينڪنگ سروس ۾ هڪ ماياناز، ناليوارا ۽ برجسته آفيسر ٿي رهيا آهن. سائين غلام فريد صاحب هميشه مون تي شفيق رهيا آهن، مان هميشه عباسي صاحب کي پنهنجو محسن سمجهندو آهيان. سائين مهرباني ڪري مونکي پنهنجي پٽ ۽ ناٺي جا فون نمبر به ڏنا، جنهن لاءِ مان سائين جو نهايت شڪرگذار آهيان، جو مون کي پرديس ۾ به ياد رکيو. الله سائين غلام فريد عباسي صاحب جي اهل و عيال کي خوش وخرم رکي، آمين.
سائين فريد صاحب جي چوڻ کان اڳ مان هڪ قائدين دوست سان رابطي ۾ هيم ۽ انهيءَ دوست پنهنجي گهر منهنجي رهڻ ۽ گهمائڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو هيو. قائدين جو مطلب ته جنهن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ڊگري حاصل ڪئي هجي.
سائين احسان صاحب ۽ اسان پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو پئي ته اڄ ميامي بيچ ۽ شهر (Miami Beach and City) جو ديدار ڪري اچون ته اوچتو نور سائين رڙ ڪري چيو ته سائين اتي هاڻي گهڻو گند ٿي ويو آهي، انهيءَ کان وڌيڪ صاف ۽ سٿري ڊيٽونا بيچ (Daytona Beach) نئين نڪور ۽ ميامي جي مقابلي ۾ پنڌ به تقريباً اڌ کان وڌيڪ گهٽ ڪلاڪ ڏيڍ جي مفاصلي تي آهي. سائين ميمڻ صاحب کي يادگيرو اچي ته يار واقعي سچ ٿو چوين ۽ رستي ته هڪ ڊونٽس (Donuts) جو دوڪان آهي، جيڪو بلڪل تازه ٺاهيندو آهي، اڌ مني ڪلاڪ ۾ سڀ مال وڪامجي ويندو اٿس، ان کان بعد دوڪان بند ڪري ڇڏيندو آهي. اتفاق سان اهو ڏينهن به آچر جو هيو، ميمڻ صاحب چيو ته ڏهين وڳي کان بعد ماڻهن جي آمد وڌي ويندي، تنهنڪري جلدي ڪيو ته ٽائيم تي هلي رستي ۾ ڊونٽس واري دوڪان تان اهي تازه تازه پشم جهڙا نازڪ ۽ نفيس ڊونٽس کي هلي ٻرو ڏيون. اسان سڀني سواءِ نور جي روزو ڪونه رکيو هيو. اسان به اتفاق سان ٿورو رستو ڀلجي اڳي نڪري وياسين پر جڏهن سگنل تي پهتاسين ته انڌي واري لٺ رڙ ڪئي ته يو ٽرن وٺو، اسان اتان واپسي ڪئي ۽ تقريباً ٻن ٽن منٽن جي اندر انهيءَ ڊونٽس واري دوڪان جي پارڪنگ ۾ اچي بيٺاسين. دوڪان تي لکيل هيو ته ”دوڪان کليل آهي“ (Shop is Open). اسان دوڪان ۾ اندر داخل ٿياسين ته اڳ ئي ڪجهه ڏهاڪو کن ماڻهو ٽن قطارن ۾ بيٺل هيا. اسان وڃي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ ميمڻ صاحب قطار ۾ بيهجي ويو. پنج منٽن کان بعد ميمڻ صاحب ٽوڪن نمبر کڻي مُشڪندو آيو ۽ چيائين ته سائين توهان وڏا خوشنصيب آهيو، جنهن شيءِ جي تمنا ڪري نڪتا هياسين، سا ملي وئي.
پنج ست منٽ گذرڻ کان بعد اسانجي ٽوڪن نمبر جو وارو آيو ۽ ٽري ۾ ٽي چار مختلف قسم جا ڊونٽس کڻي اچي ٽيبل تي ويٺاسين. ڏسڻ ۾ ڊونٽس پر هٿ لاءِ صفا ملائم پشم جهڙا. منهن ۾ رک ته زبان ۽ تارون مزو وٺي ڇڏي، باقي ڏند انتظار ۾ ته ڄاڻ جيڪا شيءِ منهن ۾ آئي آهي تنهن کي چٻاڙيندم، اهو انتظار ۾ رهجي وڃي. ٽي چار ڊونٽس کائي وياسين، ڏندن کي خبر به ڪانه پئي ته ڪي ڊونٽس منهن ۾ داخل به ٿيا هيا. انهيءَ دوڪان جي خاصيت اها آهي ته اهي ڊونٽس انهيءَ وقت تيار ڪري گراهڪ کي ڏيندا آهن، تنهنڪري اهي بلڪل گرم تازه ۽ پشم جهڙا هوندا آهن. هي دڪان ڊيٽونا بيچ تي وڃڻ کان اڳ ئي شهر ۾ مين روڊ تي بيچ تي وڃڻ وقت کاٻي پاسي تي آهي.
تازه ۽ گرما گرم ڊونٽس کائڻ کان بعد ڊيٽونا بيچ ڏانهن رخ ڪيوسين. تقريباً ڏهه منٽ ڊرائيو ڪرڻ کان بعد وڃي بيچ جي ڪنڌي تي پهتاسين. اسان کان اڳ ئي رستي تي لڪڙو لڳل هيو ته هن جاءِ کان اڳتي گاڏين جي وڃڻ جي منع آهي. اسان گاڏي کي پارڪ ڪرڻ خاطر کاٻي پاسي رخ ڪيو، تقريباً ٽي چار ڪلوميٽر فاصلو ڪرڻ کان بعد اسان کي گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ جڳهه ملي. انهيءَ سڄي رستي ۾ اسان جي ساڄي پاسي صرف هوٽل هيا، جتي سياحن بيچ جو لطف وٺڻ خاطر انهن هوٽلن ۾ عارضي رهائش ورتي هئي. اسان گاڏي بيهاري ٿورو علائقي جو جائزو ورتو، اسان ڏٺو ته روڊ جي ساڄي پاسي صرف رهائش لاءِ هوٽل ۽ ريسٽورنٽس هيا ته روڊ جي کاٻي پاسي پارڪ ۽ وندر لاءِ ڪافي ڪجهه هيو. هوٽل ۽ ريسٽورنٽس جي پٺيان سمنڊ هيو، جنهنڪري اهي سڀ هوٽل سياحن سان کچاکچ ڀريل هيا. مٿان وري آچر جو ڏينهن هيو، سو اوڙي پاڙي وارا به سندرا ٻڌي اچي ميدان ۾ لٿا هيا، جنهن ڪري گاڏي بيهارڻ لاءِ جاءِ سولائي سان ڪانه پئي ملي.
اسان به بيچ تي وڃڻ لاءِ رستو ورتو، سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ شرط پاڻي تي نظر پئي جيڪو اکين تي جادو ڪري پنهنجو ڪري ويو، جيستائين نظر وڃي پئي پاڻي جون ڇوليون ۽ ويرون ايئن پيون نظر اچن ڄڻ ته ڪو ٿر يا ريگستان ۾ هرڻن جا ٽولا ولر ڪيو هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. فرق صرف اهو هيو ته هتي پاڻي جي لهرن مان عجيب قسم جو سوز ڀريو ميوزڪ جيڪو ڪنن کي راحت ڏيڻ وارو منظر پيش پيو ڪري. جيئن جيئن اڳتي وڌندا وڃون پيا تيئن تيئن اسان جا پير پٺتي اڇلبا پيا وڃن. بهرڪيف همت ڪري اسان اڳتي وڌندا وياسين ۽ اسان جا پير پهريون ته اسان سان هلڻ ۾ ساٿ ڪونه پيا ڏين، پوءِ جڏهن اسان جي همت ۽ جوانمردي کي ڏٺو ته پوءِ پيرن اسان سان هلڻ ۾ ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو.
اسان کي آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي ٽوئر تي آئي، هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت ٿي ويو هيو، تنهنڪري اسان به ذهني طور اتان جي رسمن کي جيئن هيون تيئن قبول ڪري ورتيون هيون، تنهنڪري اهو اسان کي به احساس ڪونه پيو ٿئي ته ڪير ڪيئن آهي ۽ ڇا ٿو ڪري. انهن جي قادر مطلق جي پيدا ٿيڻ وقت واري فطرتي لباس ۾ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري پيا ڇڏيون. هر هڪ پنهنجي ڌن ۾ مشغول هيو، ڪنهن کي ڪنهن جي ڪابه خبر ڪانه هئي ته ڪير آهي، ڪيڏانهن وڃي ٿو، هتي ڇو بيٺو آهي. جيڪو مون کي نظر آيو ته ايترو خيال ضرور هين ته ڪيئن به ڪري جسم جي اندر سمنڊ جي واري جا ذرڙا داخل نه ٿين تنهن لاءِ مضبوطي سان بندوبست ڪيل هين.
سمنڊ جي سڄي پٽي تي واري جي مٿان جسم کي سيڪو ڏيارڻ لاءِ سمنڊ جي ڳچ حصي اندر وڃي ٻه ٽي ٽٻيون هڻي وري پنهنجي پنهنجي ماڳ تي سج جي اتت سان سيڪو پيا وٺن، ته ڪي وري تنبو نما ننڍين ڇٽين جي هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان رکيون ويٺا سرڪيون پيا ڀرن، ته ڪي وري منهن ڀر واري مٿان ليٽيا پيا هيا. اسان کي به انهن جي وچ ۾ گهمندي ڪنهن به شيءِ جو احساس ڪونه ٿيو ته يار هي ڇو ايئن واري تي ليٽيا پيا آهن! عجيب ڳالهه اها هئي ته سمنڊ جي سڄي پٽي تي ماڻهن جي سمنڊ وانگر ميڙ ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جو گند ڪچرو ڏسڻ لاءِ به نظر ڪونه آيو. واري به اهڙي صاف ۽ شفاف هئي جو جيئن اسان سمنڊ جي پٽي کان ٻاهر قدم رکيو ته اسان جي جسم جي ڪنهن به حصي تي واري جو ذرو به ڪونه هيو. پاڻي ايترو شفاف جو جيستائين پاڻي ۾ نظر پوي پئي، تيستائين سمنڊ جي تهه تائين سڀ ڪجهه صاف چٽو نظر پيو اچي. ڪٿي ڪٿي مڇيون هڪ ٻئي کان اڳ ۾ گوهي ڏئي نڪري وڃن پيون ته اهو نظارو به تمام دلڪش ۽ پيارو هيو. پاڻي جي مٿان به پکي مڇين جي شڪار لاءِ لامارا پيا ڏين. مختلف قسمن جا پکي زمين ۽ آسمان ۾ هوا تي ترندا ولر ڪيو پيا شڪار لاءِ واري واري سان مٿان کان هيٺ راڪيٽ وانگر پنهنجي پرن کي ٽنگن سان سڌو ملائي منهن ڀر سمنڊ ۾ گهت هڻي پنهنجي چهنب ۾ شڪار پڪڙي مٿي هوا ۾ پنهنجن پرن کي پکيڙيندي جيٽ هوائي جهاز وانگر اڏامي پيا وڃن.
مون پهريون دفعو ميامي بيچ 1989ع ۾ ڏٺي ۽ جيترو مونکي ياد ٿو اچي ته انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊيٽونا بيچ (Daytona Beach) ميامي بيچ (Miami Beach) کان وڌيڪ کلي ۽ هڪ لائين ۾ ڊگهي آهي، جڏهن ته ميامي بيچ وٽ سمنڊ ڪجهه وڌيڪ ڇوليون هڻي ٿو ۽ انهيءَ کان علاوه اها سڌي هڪ لائين ۾ بيچ ناهي، تنهنڪري انهيءَ وقت جاني نقصان ٿيڻ واريون حالتون گهڻيون هيون جو ماڻهو کي خبرئي ڪانه پوندي هئي ته پاسي کان سمنڊ جي وڏي وير ايندي هئي ۽ گهڻن ماڻهن کي اڻڄاڻائي ۾ لوڙهي ويندي هئي، تنهنڪري اتي لائيف گارڊ (Life Guard) هميشه چوڪس رهندا هيا. ڊيٽونا بيچ تي اهڙي قسم جو ڪو به خطرو ڪونه هيو، جو سمنڊ بلڪل سڌو گز لڳو پيو هيو، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪا سمنڊ جي وير ايندي ته به هڪ پاسي کان اچي پئي سگهي، جڏهن ته ٽي پاسا سمنڊ کان آجا هيا.
اسان ڪجهه عرصو بيچ جو سير سپاٽو ڪيو ۽ رب ڪائنات جي تخليق جو نظارو ڪيو گڏوگڏ سبق به حاصل ڪيو ته رب جي ڏني تي ماڻهو راضي رهي ۽ انسانيت جو احترام ۽ خدمت ڪندو رهي.
ll

پرديس ۾ ديس واريون محبتون

پرديس ۾ ديس واريون محبتون

آمريڪا يا ڪيناڊا جهڙي مصروف ترين ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو ۽ اهم ترين ڪنهن دوست لاءِ وقت ڏيڻ هوندو آهي. الحمدلله مان ان خوش نصيب ماڻهن مان هڪ آهيان، جنهن لاءِ منهنجي دوستن مون کي پنهنجو قيمتي وقت ڏنو، جنهن لاءِ الله سائين جو جيترو احسان ڳائجي اهو تمام گهٽ آهي. سائين احسان الله ميمڻ صاحب سان جيترا ڏينهن مان اتي رهيس، ڏينهن رات پنهنجا سڀ ڌنڌا ڌڙا ڇڏي دل و جان سان گڏ رهيو. جيڪڏهن احسان صاحب جهڙو قربدار دوست نه هجي ها ته شايد ته ڇا پر يقيني طور مان ايتريون جايون فلوريڊا رياست جون ڏسي ڪونه سگهان ها، جنهن لاءِ مان احسان صاحب ۽ انجي دوستن جو خاص ڪري سائين رحيم بخش ميمڻ صاحب ۽ سائين جي هردلعزيز ۽ سٻاجهڙي ڀاڻيجي سائين نور صاحب جن جو شڪرگذار آهيان، جن مون کي پرديس هجڻ جو احساس به ڏيڻ ڪونه ڏنو.
سائين مبين جماڻي صاحب جو مان انتهائي شڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي لاءِ پنهنجي طرفان اورلينڊو ۾ رهڻ لاءِ بندوبست ڪرائي ڇڏيو هيو. سائين جماڻي صاحب جيڪڏهن اتي هجي ها ته مان ضرور وڃي سندس قدم بوسي ڪيان ها ۽ اتي رهڻ ۾ لطف اچي ها. ان شاءَ الله ٻئي دفعي جڏهن وڃڻ ٿيو ته ضرور جماڻي صاحب جي خدمت ۾ پيش پئبو.
اڄ اسان جمعي جي نماز سنفرڊ (Sanford) جي هڪ مسجد ۾ ادا ڪئي، جيڪا مون کي خوبصورت ڳالهه لڳي اها هئي ته سڀ مسلڪ جا ماڻهو هڪ ئي صف ۾ پيش امام جي پويان پنهنجي پنهنجي مسلڪ مطابق فرض ادا پيو ڪري. خطبي ۾ مولوي صاحب اسلام جي عين روح مطابق سڀ کان ڀاري ۽ وزندار عمل يعني اخلاقيات متعلق زور پيو ڏئي، جنهن شيءِ جي امت مسلمه کي تمام سخت ضرورت آهي. پاڪستان جا مولوي صاحبان ان نُڪتي ڏانهن ڪڏهن به ڌيان ڪونه ڏيندا آهن، جنهن ڪري اسانجي قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو آهي.
نماز کان جڏهن فارغ ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ڪائونٽي جي طرفان هڪ پوليس وارو ٽريفڪ ۽ هڪ سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل هيا، جن جي ذميواري هئي ته اهي نماز جي وقت سيڪيورٽي جو خيال رکن ۽ نماز کان بعد مسجد مان فارغ ٿي واپس ويندڙن لاءِ ٽريفڪ جو ڪوئي مسئلو نه ٿئي. جنهن وقت مسجد جي علائقي مان گاڏيون نڪرن پيون ته سڀ کان اول انهن گاڏين کي رستو ڏيڻ خاطر ٻين گاڏين کي روڪي پيا رکن ۽ اهي گاڏيون تيستائين رڪيل رهيون، جيستائين مسجد جو علائقو گاڏين کان خالي نه ٿي ويو.
اڄ اسان لاس اينجلس ڏانهن وڃڻ خاطر اسان سائين ميمڻ صاحب سان گڏجي اورلينڊو ايئرپورٽ (Orlando Airport) ڏانهن تيار ٿي تقريباً صبح جو نائين وڳي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. احسان صاحب کان ڳراٺڙي پائي موڪلايو پر اسان جيڪو هفتو کن ميمڻ صاحب سان گڏ گذاريو، اهي خوبصورت گهڙيون ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويون. دل نه پئي گهريو ته اسان احسان صاحب جي قرب ڀري محفل ڇڏي، ڪنهن ٻئي پاسي وڃون، پر دنيا جو نظام اهڙو آهي، جو ڪير به هڪ جاءِ تي گهڻو وقت ڪونه ٿو بيهي سگهي. تنهنڪري وڏڙا چوندا آهن ته: ”راند رتل ۽ ميلو متل ڇڏجي، ته جيئن سٺيون يادون گهڻو وقت ساڻ رهن.“ انهيءَ چوڻي تي عمل ڪندي اسان سائين احسان صاحب کان موڪلايو. الله سائين احسان الله ۽ انهن جي دوستن ۽ عزيزن کي آباد رکي. آمين.
ايئرپورٽ تي پهچي وڃي ڪائونٽر تي بورڊنگ ڪارڊ وٺي سيڪيورٽي جي مرحلي مان پار ٿي وڃي لائونج ۾ پهتاسين. فلائيٽ جي اڏام جو وقت صبح جا 11 هيو ۽ فلائنگ ٽائيم تقريباً ڇهه ڪلاڪ هيو. لاس اينجلس جي ٽائيم مطابق منجهند جي 2 وڳي وڃي ايئرپورٽ تي پهچڻو هيو. اورلينڊو (Orlando) ۽ لاس اينجلس(Los Angels) جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. جنهن وقت لاس اينجلس ۾ منجهند جا 2 ٿيا هيا ته ان وقت اورلينڊو ۾ شام جا 5 ٿيا هيا. اورلينڊو کان لاس اينجلس جي وچ ۾ اڍائي هزار ميل ۽ چار هزار ڪلوميٽر جو فاصلو آهي. باقي موسم جي لحاظ کان تقريباً ساڳيا آهن. لائونج ۾ پهچي اسان پنهنجي قائدين يار مسٽر حفيظ الله کي فون ڪري ٻڌايو ته فلائيٽ ٽائيم تي آهي ۽ ان شاءَ الله توهان جي لوڪل ٽائيم مطابق 2 وڳي ايئرپورٽ تي پهچنداسين. حفيظ صاحب قائد اعظم يونيورسٽي ۾ اسان کان هڪ سال سينئر هيو ۽ پاڻ ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي فزڪس ۾ ڪئي ۽ ڪجهه عرصو قائداعظم يونيورسٽي جي فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو. تقريباً 35-37 سال اڳ ڪيلفورنيه يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ جاب سان لڳي ويا ۽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيا، رورسائيڊ ڪائونٽي (Riverside County) ۾ پنهنجو بنگلو ٺاهي اتي مستقل ٺڪاڻو اڏيو اٿن، جيڪو لاس اينجلس کان تقريباً سئو ڪلو ميٽر پري، فرحت بخش مقام تي آهي. حفيظ صاحب جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي.
آمريڪا چاهي ڪيناڊا ۾ ملڪ جي اندروني پرواز دوران ماني وغيره جي صلاح ڪونه ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي ضرورت کائڻ پيئڻ جي پوي ته پيسه ڀري کاڌي جي شيءِ وٺي سگهي ٿو. ڪيتري به ٽائيم جي فلائنگ هجي، صرف هڪ دفعو ڪافي يا چانهه ۽ هڪ بسڪٽ ڏيندا آهن، تنهنڪري اسان پنهنجي پيٽ جي پوڄا جهاز تي چڙهڻ کان اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. جنهن وقت اسان جي جهاز لاس اينجلس جي سرزمين تي قدم رکيو ته حفيظ صاحب جو فون آيو ته مان فلاڻي گيٽ جي ٿنڀي نمبر فلاڻي وٽ بيٺو آهيان. اسان جيئن ايئرپورٽ جي ڏسيل گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته گرم ۽ جهولي واري هوا کلي دل سان خوش آمديد ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن لوندڙي ڦيرائي حفيظ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته نظر ڪونه آيو، فون تي رابطو ٿيو، ٻڌايائين مان سڌي گاڏي پڪ ۽ ڊراپ واري قطار ۾ آيو هيس، توهان ٻاهر اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي، تنهنڪري مون کي اتان نڪرڻو پيو، ڇو ته اتي گهڻو وقت بيهڻ ڪونه ڏيندا آهن، بس توهان صرف ٻه منٽ صبر ڪري اتي بيهو، مان ڄاڻ اچي پهتس. ٿوري دير ۾ اچي حفيظ صاحب بي ايم ڊبليو (BMW) گاڏي ۾ سوار ٿي اچي اسان جي اڳيان روڪي ۽ پاڻ لهي اچي ٻکين پئجي ويو. سامان ڊگي ۾ وجهي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ پڇيائين ته اڳ ۾ اهو ٻڌايو ته ماني جهاز ۾ کاڌي آهي يا نه؟ اسان انڪار ۾ جواب ڏنو. پاڻ به ٻڌايائين ته اڄ کين روزو ناهي، ڇو ته اڄ ڊاڪٽر وٽ وڃڻو هيس. پوءِ چيائين ته جيڪڏهن مونکي ڊاڪٽر وٽ دير ٿئي ها ته منهنجي پياري نياڻي توهان کي ايئرپورٽ تان کڻڻ اچي ها. گهر فون ڪري ٻڌايائين ته جمن کي روزو ناهي ۽ اسين حلال چائنيز تان ماني کائي پوءِ اچون ٿا. ويهه پنجويهه منٽن کان بعد چائنه اسلامڪ ريسٽورنٽ (China Islamic Restaurant) تي پهچي وياسين. ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيڻ سان محسوس ٿيڻ لڳو ته واقعي بلاشڪ حلال ريسٽورنٽ آهي ۽ هوٽل جو مالڪ ۽ ڪم ڪرڻ وارا سڀ چيني هيا، پر ماحول سٺو ۽ دلفريب هيو. کاڌو به تمام مزيدار هيو. عموماً انهيءَ علائقي ۾ جيڪي به افطار پارٽيون ٿينديون آهن، اهي سڀ انهيءَ ريسٽورنٽ ۾ ٿينديون آهن.
دلبر پيٽ کي راضي ڪري حفيظ صاحب جي ماڳ ڏانهن راهي ٿياسين، تقريباً ڪلاڪ کان بعد وڃي گهر جي ڏيڍي تي لٿاسين. ماشاءَ الله حفيظ صاحب جو تمام وڏو وسيع بنگلو ۽ اتان جي پوش لوڪلٽي ۾ هيو. گهر ۾ ڪل چار ڀاتي پنج ڇهه وڏا ڪشاده بيڊ روم اسان کي گهر جي مٿين پورشن ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڪيائين. سامان رکي هٿ منهن ڌوئي هيٺ اچي لائونج ۾ ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين ۽ ستر ڏهاڪي واري ۽ اڄ جي يونيورسٽي واري حالات کي ڀيٽڻ لڳاسين ته يار ان وقت ڪيترو نه پرسڪون ۽ پڙهائي وارو ماحول هيو، باوجود انهيءَ جي ته انهي وقت به اسٽوڊنٽ پاليٽڪس هئي، جنهن ۾ جمعيت ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس جون پاڻ ۾ تنظيمي لحاظ سان مخالفت هوندي هئي، پر هڪٻئي جو احترام هوندو هيو. انهي زماني ۾ حفيظ صاحب جمعيت جو سرڪرده اسٽوڊنٽ ليڊر ٽائيپ هيو ۽ اسين انجي خلاف پروگريسو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۾ هوندا هياسين، ليڪن هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هياسين، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. گهڻي دير تائين ڪجهه يونيورسٽي ته ڪجهه بعد واري وقت متعلق ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. تقريباً روزي جي افطاري وقت حفيظ سائين جي گهر تي ڪجهه فيمليز افطاري واسطي اچي پهتيون ۽ حفيظ صاحب تمام سٺي انداز ۾ منهنجو انهن سڀني سان تعارف ڪرايو. حفيظ صاحب ڪجهه ٻين قائدين کي به پاڻ وٽ گهرايو هيو ۽ انهن کي چيو هيائين ته افطاري سان گڏ توهان کي انمول سرپرائيز به ڏيندس. جڏهن اهي دوست آيا ته ٽيبل تي سڀ ويٺا هياسين، انهن دوستن حفيظ کان پڇيو ته اسان کي هتي ڪا سرپرائيز نظر نٿي اچي! جنهن تي مون ڏانهن اشارو ڪندي انهن دوستن کي ٻڌايائين ته هي محمد جمن ڄامڙو قائدين آهي ۽ اڄ مهرباني ڪري مون وٽ مهمان ٿي آيو آهي ۽ اسين هڪ ئي وقت يونيورسٽي ۾ هياسين. جيئن ته اهي قائدين اسان کان ڏهه پندرهن سال بعد ۾ قائداعظم يونيورسٽي آيا هيا، تنهنڪري انهن سان اڳ ملاقات ڪانه هئي. اهي قائدين وڏي ادب ۽ احترام سان وري ڀاڪر پائي مليا. مغرب کان بعد حفيظ صاحب ۽ اسان پاڻ ٻئي ڏينهن سن فرانسسڪو (San Francisco) وڃڻ لاءِ هوائي، ريل ۽ روڊ رستي آپشنن تي غور ڪيو، هوائي جهاز ۽ ريل گاڏي جون ٽڪيٽون نه ملي سگهيون، تنهنڪري روڊ رستي گري هائونڊ بس سروس (Grey Hound Bus Service) جون ٽڪيٽون ملي ويون، جنهن جي بڪنگ حفيظ صاحب پنهنجي کيسي مان ڪرائي ۽ منهنجي اسرار جي باوجود پيسه ڪونه ورتائين.


ll

سنگل ايس ۽ ڊبل ايس جون يادگيريون

سنگل ايس ۽ ڊبل ايس جون يادگيريون

حفيظ صاحب ويهڻ سان ٻڌايو ته جمن هڪ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ ۽ ان تي عمل ڪر، مون ڏاڍي توجهه سان ٻڌڻ لاءِ پنهنجي ڪنن جي اينٽينائن (Antennas) کي تيار ڪيو. ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان چيائين ته تون هتي چار پنج ڏينهن رهندين ۽ مان هتي ٽيهن سالن کان وڌيڪ رهان ٿو، تنهنڪري جيترا به ڏينهن تون هتي آهين، انهن ڏينهن ۾ توکي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪرڻو ۽ مون تنهنجي لاءِ سن فرانسسڪو (San Francisco) ۾ رهڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ سڄو انتظام ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ متعلق وري ٻيهر ڳالهه نه ڪجانءِ. مذاق واري انداز ۾ چيائين ته توکي خبر آهي ته اسان جمعيت وارا پنهنجو وير ته ڪونه ڇڏيندا آهيون، سو به توهان سرخن سان. ستر واري ڏهاڪي ۾ يونيورسٽين ۾ خاص ڪري قائداعظم يونيورسٽي ۾ جمعيت وارا آمريڪا، سعودي ۽ جنرل ضياءَ جي وڪالت ڪندا هيا ته اسين انهن جي مخالفت ۾ روس ۽ چائنه سرخ انقلاب جي حمايت ۾ هوندا هياسين، تنهنڪري جماعتي اسان کي سرخا ڪري چوندا هيا. اسين جماعتن کي سنگل ايس O You Single S. سنگل ايس معنيٰ يو ايس اي آمريڪا يعني آمريڪن چمچا ۽ جماعتي اسان کي چوندا هيا او يو ڊبل ايس ايس O You Double S معنيٰ سويت يونين يعني روس جا چمچا. بهرحال اهي ته هيون گذريل وقت جون يادگيريون، جيڪي تاحيات گڏ هلنديون رهنديون، جن کي ڀلائي به ڀلائي ڪونه سگهبو آهي.
رورسائيڊ (Riverside) کان سن فرانسسڪو (San Francisco) تقريباً ساڍا چار سئو ميل يعني ست سئو ۽ ستر پنجهتر ڪلوميٽر جو فاصلو آهي. لاس اينجلس کان تقريباً ست سئو ڪلو ميٽرن تي سن فرانسسڪو آهي. رورسائيڊ جي آدمشماري تقريباً ساڍا ٽي لک آهي. جنهن ۾ 61 سيڪڙو گورا انگريز آهن، لاطيني آمريڪن تقريباً 38 سيڪڙو آهن ۽ پاڪستاني ست هزار جي لڳ ڀڳ آهن. لاس اينجلس شهر جي آدمشماري هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. لاس اينجلس ڪيليفورنيه رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. اڇي چمڙي وارا انگريز تقريباً 50 سيڪڙو آهن، آفريڪن انگريز 8 کان 9 سيڪڙو، ريڊ انڊين هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهن، ايشا جي ملڪن مان تقريباً 14 سيڪڙو آهن، 30 هزار کن پاڪستاني به آهن، اسپينش يا لاطيني آمريڪن تقريباً 30 سيڪڙو آهن. سن فرانسسڪو جي آبادي تقريباً 9 لک آهي، جنهن ۾ تقريباً 48 سيڪڙو گورا انگريز، تقريباً 33 سيڪڙو ايشائي، جنهن ۾ سڀ کان گهڻا چيني ۽ آفريڪن 6 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ، لاطيني آمريڪن اسپينش جو به چڱو خاصو تعداد آهي. پاڪستاني آبادي جيڪا اتي خبر پئي ته تقريباً 6 کان 7 هزار ٿيندي پر حتمي ڳالهه ناهي. سن فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس جي رستي ۾
سن جوز (San Jose) جو هڪ شهر آهي، جيڪو سن فرانسسڪو کان تقريباً 50 ميل ۽ لاس اينجلس کان تقريباً ساڍا ٽي سئو ميل جي فاصلي تي آهي، جتي تقريباً سن جوز ڪائونٽي جي آدمشماري تقريباً 10 لک آهي، جنهن مان 33 سيڪڙو لاطيني آمريڪن ۽ تقريباً 32 سيڪڙو کان وڌيڪ ايشيائي ملڪن جا باشنده آهن، باقي گورا انگريز ۽ ريڊ انڊين رهائش پذير آهن.
صبح جو اسان تقريباً اٺين وڳي گري هائونڊ بس جي رستي لاس اينجلس ڏانهن روانا ٿياسين. ڏهين وڳي جي قريب وڃي لاس اينجلس جي گري هائونڊ بس سروس جي مين اڏي تي پهتاسين. اسان جي پهچڻ وقت ئي ٻي گاڏي ڏهين وڳي لاس اينجلس کان سن فرانسسڪو ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هئي، جنهن جي بُڪنگ رات حفيظ صاحب ڪرائي ڇڏي هئي. ڳچ وقت گاڏي سڌي رستي سان هلندي رهي، انهيءَ کان بعد ٽڪريون ۽ ننڍن وڏن جبلن مان گذرندي هلي تقريباً ٻه ٽي ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان بعد ميداني علائقو شروع ٿيو. انهيءَ ميداني علائقي ۾ ايگريڪلچر جا وسيع فارم نظر اچڻ شروع ٿي ويا جيڪي کٽڻ جو نالوئي ڪونه پيا وٺن. زراعت جي جديد کان جديد طريقن کي ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. هلندي بس ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي مڪئي، انگور، زيتون، سنگتڙا، نارنگيون، مٺڙيون، صوف، کجي ۽ ٻيا ميوات جا مختلف وسيع و عريض فارم قطارون اهڙيون سڌيون جو جيڏهن نظر ڪر ته سڄي قطار ۾ سڀ وڻ هڪٻئي جي پٺيان ايئن لڪل هيا جو محسوس ڪونه پيو ٿئي ته ڪٿا ڪا قطار ختم ٿي ڪٿان ٻئي فارم جي حدشروع ٿي. اهي سڀ فارم ميلن ۾ پکيڙيل هيا.
ميوات جي فارم ختم ٿيڻ وقت سبزي جا وڏا وڏا فارم نظر اچڻ شروع ٿي ويا، موسم جي هر سبزي وڏي ترتيب سان پوکيل هئي. هڪ هنڌ بصرن جي بيٺل فصل کي ڪڍڻ لاءِ تياريون شروع هيون، جيڪو مون ڏٺو ته بصرن کي ڪڍڻ لاءِ مشينري اهڙي قسم جي هئي جو بغير نقصان جي بصرن کي زمين مان ڪڍندي انهن بصرن جو مٿيون حصو ڪٽيندي بصرن کي صاف ۽ گريڊنگ يعني سائيز مطابق کوڙيون ڪندي پئي وڃي. ٻي مشينري تي انهن بصرن کي اتان کڻندي مختلف وزن جون نائلون جي ڌاڳن سان ٺهيل هوادار ڳوڻين ۾ پيڪ ڪندي پئي وڃي ۽ اتي بيٺل ٽرڪ ۾ لوڊ ڪندي پئي وڃي، يعني جتي اسان جو سئو ماڻهو سڄو ڏينهن بصرن کي ڪڍن ۽ انهن کي صاف ڪري ڳوڻين ۾ بند ڪرڻ تي وقت لڳائيندو آهي، انهيءَ جي مقابلي ۾ صرف ٻه ڄڻا ٻن ڪلاڪن ۾ اهو سڄو ڪم ڪري فارغ ٿي وڃن ٿا ۽ بصرن جو به ڪوئي نقصان ڪونه ٿو ٿئي، پر پاڪستان ۾ مزدور واهولي سان ڪڍڻ مهل ڪيترن ئي بصرن کي ٻه اڌ به ڪري ڇڏيندا آهن، سائيز مطابق صحيح ڪم ڪونه ڪندا آهن، جنهن جي ڪري اسانجي آبادگار کي صحيح معاوضو به ڪونه ملي سگهندو آهي.
جيئن سبزي جا وڏا وڏا فارم ختم ٿيا ته ڊيئري فارم شروع ٿيا جيڪي ميلن ۾ پکيڙيل هيا، اها خبر نه پئي پوي ته هڪ ڊيئري فارم جي حد ڪٿي ختم ٿي۽ ٻئي ڊيئري فارم جي حد شروع ڪٿان ٿي. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيئن اها خبر پوي ته هڪ ڊيئري فارم ڪيترو وسيع هوندو مونکي تقريباً هر هڪ ڊيئري فارم ميلن ۾ هيو انهي کان گهٽ مون محسوس ڪونه ڪيو. مان صرف انهي ويچار ۾ هيس ته هي ميلن ۾ پکيڙيل ڳئن جي فارم کي ڪيئن سنڀالن ٿا. ظاهر آهن انهن کي گاهه پاڻي ٻڌ ڇوڙ ۽ صفائي وغيره جو انتظام ڪيئن ڪندا آهن. انهي لاءِ مونکي پاڻ اندر ۾ ڪوئي تسلي بخش جواب ڳولي ڪونه سگهيس. هلندڙ بس ۾ جيڪي انهن فارمن کي ڏسڻ ۾ مزو هيو تنهن جو احوال مان تحرير ڪرڻ کان قاصر آهيان. جنهن وقت مان انهن ايگريڪلچر فارمس مان گذران پيو ته حفيظ جا چيل لفظ مونکي بار بار ياد پيا اچن ته جمن توکي ڏاڍو مزو ايندو جڏهن بس انهن باغات جي وچ مان گذرندي ڇو ته تنهنجو واسطو زراعت سان رهيو آهي. واقعي مونکي ڏاڍو مزو آيو.
تقريباً چار پنج ڪلاڪ سفر ڪرڻ کان بعد هڪ پئٽرول پمپ تي بس رڪي ۽ اسان کي چيائون ته ويهن منٽن جو اسٽاپ آهي، لهي وڃي سامهون واري دڪان مان ڪا شي وٺو يا ريسٽ روم جو چڪر هڻي اچو. اسان به پنهنجي ڄگهن کي ڊگهو ڪرڻ خاطر هيٺ لٿاسين اندر دڪان ۾ وڃي چانهه جي ڪوپ کي ٻرو ڏنو ۽ ريسٽ روم جو ديدار ڪندا ٽانڪي کي خالي ڪري وڃي سيٽ تي لت ڏئي ويهي رهياسين پورن ويهن منٽن کان بعد بس هلڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي ميداني علائقو غائب ٿيندو ويو ۽ ننڊڙيون ۽ وڏڙيون ٽڪريون ۽ پوءِ جبلڙا منهن ڪڍندا ويا انهي سان گڏوگڏ ڍنڍون ۽ ڍورا به جام ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا. انهن جبلن کي جهاڳيندا ڏيڍ ٻه ڪلاڪ گذرڻ کان بعد وري ميداني علائقو شروع ٿيو پر ايترو پکيڙ ۾ وسيع ڪونه هيا ڇوته اهي جابلو علائقي ۾ واڌي واري حساب سان هيا پر ٻني ٻارو ٿيل هيو، جنهن کي فارم وارو درجو ڏئي نٿو سگهجي. بهرحال اڳيان هڪ چڱو موچارو شهر نظر اچڻ شروع ٿيو جتي ريلوي اسٽيشن، هوائي اڏو ۽ بس جو اڏو هيو جتي اسان کي تقريباً ڏهه پندرهن منٽ لهي هيٺ بيهڻو پيو انهي شهر جو نالو هيو سن جوز (San Jose) تمام خوبصورت پر ٻهراڙي وارو ڪلچر ڏسڻ وائسڻ ۾ جام هيو ڇو ته مونکي پري پري تائين ڪا به هاءِرائيزنگ بلڊنگ (High Rising Building) نظر ڪونه آئي پر شهر خوبصورت ۽ کليل هيو.
بهرحال هن شهر کان بعد ۾ هلڪو پهاڙي سلسلو شروع ٿيو ڪٿي پهاڙ ته ڪٿي سرسبز واديون ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ پر هر آسائش سان ڀرپور ڪٿي ته زبردست تعليمي ادارا ته ڪٿي هوٽل ۽ ماڻهن جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ تفريح گاهون وغيره سان سڄو علائقو دلفريب ۽ دلڪش نظارو پيش ڪري پيو. رستي ۾ کٻي پاسي کان سمنڊ مان ڪڪر ايئن پيا نظر اچن ڄڻ ته ڪا وڏي مضبوط گري ڪلر (Grey Clour) جي ديوار نما پهاڙ ٺهيل آهي. اتان لنگهندا وڃي سن فراسسڪو شهر ۾ داخل ٿياسين. حفيظ صاحب جو فرزند سڄو رستو اسان سان رابطي هيو، جيڪو اسان کان هر ڪلاڪ کان بعد اسان جي پوزيشن جو پيو پڇا ڪري. شهر ۾ تقريباً اڌ ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان بعد وچ شهر (Downtown) ۾ پنهنجي اڏي تي پهتي اسانجي پهچڻ سان سائين حفيظ جو فرزند و ارجمند اچي اسان جو وڏي ادب سان آڌرڀاءِ ڪيو ۽ پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري پنهنجي فليٽ تي وٺي هليو.

ll

سن فرانسسڪو ۾

سن فرانسسڪو ۾

حفيظ جي فرزند وليد اسان کي پنهنجي فليٽ تي هلي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ چيو ته ٿورو آرام ڪيو ته هڪ هوٽل تي هلڻو آهي جتي اوهان جي ڪري چند دوستن کي به دعوت ڏني آهي اميد ته توهان کي ان ڪچهري ۾ مزو ايندو. اسان چيو ته حاضر سائين اسان به ٿوري دير۾ هٿ منهن ڌوئي تازه توانا ٿي وياسين. پنجن منٽن کان بعد ستين منزل تان هيٺ لٿاسين سج لهڻ ۾ به باقي وڃي ڪجهه گهڙيون رهيون هيون. اسان به چار پنج گهٽيون گهمي وڃي هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ تي پهتاسين، جتي ڪافي دوست پهچي چڪا هيا. اسانجي پهچڻ تي دوستن سان تعرف ڪرايو ويو. ٿوري دير کان بعد جڏهن هڪڙي دوست اسانکي پاڻ ۾ سنڌي ۾ ڳالهائيندي ٻڌو ته پڇيائين ته سائين ڇا توهان سنڌي آهيو اسان چيو جي هائو. ان اڌڙي ٻڌايو ته سائين مان به سنڌي آهيان اصل ۾ دادو جو رهاڪو ۽ سيد گهراڻي سان تعلق آهي. مون مذاق واري انداز ۾ چيوته سائين توهان سيدن اسان مسلمانن جي هتي به جان ڪانه ڇڏي. ٻڌايائين هو ٻن ٽن سالن کان هتي پڙهڻ لاءِ آيو آهيان. سيد ڏاڍو سٻاجهڙو نوجوان هيو شايد دادو جي ناتي ڪري سائين سٻاجهڙو ٿيو هجي باقي آهي ته سنڌ سان سيدن جي ويڌن ٿيل.
ريسٽورنيٽ جو مالڪ هندستان جو مسلمان هيو ۽ کاڌو وغيره تمام سٺو مزيدار هيو. باقي دوستن سان اتي پرديس ۾ ملي پنهنجائپ وارو ماحول ڏاڍو دلفريب ۽ دلڪش هيو. اتي آيل دوستن ۾ ڪجهه شاگرد هيا ته گهڻا وري سن فرانسسڪو ۾ ڪافي عرصي کان اتي پنهنجو ڪاروبار يا ڪنهن اداري سان منسلڪ هيا. ٿوري دير کان بعد هوٽل جو مالڪ به اچي اسان سان گڏ ويٺو ۽ خوب ڪچهري ٿي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مون رسيٽورنٽ جي مالڪ کان پڇيو ته هتي ڪاروبار ڪيئن پيو هلي ۽گهڻي عرصي کان هن بزنس ۾ آهيو. ٻڌائڻ لڳو ته يار مان گهر کان هتي پڙهڻ خاطر آيو هيم ۽ پڙهائي دوران پارٽ ٽائيم جاب خاطر ڪافي ادارن ۾ مختلف نوعيت جا ڪم ڪيا. انهي دوران مون پڪو پهه ڪيو ته بزنس جيڪو به شروع ڪندم اهو کاڌي پيتي جي شين جو هوندو انهي ڳالهه کي وڌائيندي مان تعليم پوري ڪرڻ کان بعد سڄي توجهه پنهنجي بزنس کولڻ لاءِ مرڪوز ڪئي هلندي هلندي آخرڪار هن ريسٽورنٽ تي اچي ڳالهه بيٺهي مونکي هن مقام تائين پهچڻ لاءِ تقريباً پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو لڳو. الحمدلله هينئر مونکي تمام سٺي روضي ملي پئي.
ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪرندي سردي محسوس ٿئي پئي. تنهنڪري گاڏي ۾ چڙهي شهر جو هوائي چڪر ڏنو. سن فرانسسڪو شهر جابلو علائقي تي ٺهيل آهي، تنهنڪري شهر هموار ناهي هيٺ مٿاهيون تمام گهڻيون آهن. شهر جي هڪ اهڙي پوائنٽ تي وياسين جتي سڄو شهر قدمن هيٺان لڳو پئي. اتان واپس اچي سڀاڻي جي لاءِ پروگرام طئي ڪيوسين ته ڪٿي ڪٿي وڃڻو آهي ۽ ڪٿان کان ڏسڻ شروع ڪيون. پروگرام طئي ڪري سمهي پياسين ۽ سحري جي وقت اٿي روزو رکڻ جي تياري ڪئي. صبح هو سوير تقريباً ساڍي ستين وڳي فليٽ کان گڏجي ٻاهر نڪتاسين، سڀ کان پهريان گولڊن گيٽ (Golden Gate) ڏسڻ خاطر روانا ٿياسين. حفيظ جي فرزند وليد اسان کي گولڊن گيٽ وٽ پهچايو ۽ چيو ته هينئر مان واپس آفيس وڃان ٿو جو اڄ ورڪنگ ڊي جو آخري ڏينهن آهي. منهنجي موبائل ۾ اوبر جي اپليڪيشن وجهي ان ۾ اسانکي ڪو بينيفشريز (Co Beneficiaries) ٺاهي سمجهائي ويو ته ڪيئن اوبر کي ڪال ڪري ٻڌائيندا ته توهان ڪٿي آهيو ۽ ڪيترا آهيو. ٻين سان گڏ کپي يا الڳ. اسان هيٺ مٿي گهمي اتان کان ٻئي پاسي وڃڻ جي تياري شروع ڪئي.
گولڊن گيٽ جي ڊيگهه 16 سئو ميٽر يعني پنج هزار فوٽ آهي. پوري پل جي ڊيگهه 2737 ميٽر يعني 1.7 ميل، 2.7 ڪلوميٽر ۽ 8981 فوٽ آهي، پاڻي کان پل 245 فوٽن جي مٿاهين تي آهي. جنوري 1933ع ۾ ڪم جي شروعات ٿي ۽ اپريل 1937ع ۾ ٺهي راس ٿي. سڄي پل لوهه سان ٺهيل آهي جنهن ۾ 8 لک 87 هزار ٽن لوهه استعمال ٿيو آهي. گولڊن گيٽ کي اُتي خوني پل جي نالي سان به ڪوٺيو ويندو آهي، ڇو ته اڄ تائين 14 سئو کان وڌيڪ ماڻهو هن پل تان ڇلانگ ڏئي پاڻي ۾ ٻڏي مئا آهن، جن خودڪشي ڪئي.
سن فرانسسڪو ۾ گهمڻ لاءِ ته ڪافي مشهور جايون آهن، جتي هروقت ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو سلسلو جاري هوندو آهي، سياح جڏهن به هن شهر ڏانهن ايندا آهن ته اهي هيٺين ماڳن جو سير ضرور ڪرڻ ويندا آهن:
گولڊن گيٽ (Golden Gate)، گولڊن گيٽ پارڪ (Golden Gate Park)، پيئر اوڻيتاليهه (PIER 39)، فشرمين وارف (Fisherman’s Wharf)، الڪتراض آئي لينڊ (Alcatraz Island)، ڪيبل ڪار رائيڊ (Cable Car Ride)، يونين اسڪائر شاپنگ (Union Square Shopping)، چائنه ٽائون (China Town) ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن.
اسان گولڊن گيٽ کان بعد پيئر اڻيتاليهه ڏانهن وڃڻ لاءِ اوبر کي ڪال ڪئي ۽ پنج منٽ به ڪونه گذريا ته اوبر اچي ٺڪاءُ ڪيو. جيئن اوبر اچي پئي ته اسان کي ميسيج ۽ لوڪيشن اچي پئي وڃي ته گاڏي هينئر ڪٿي آهي، گاڏي جو نمبر ۽ ڊرائيور جي تصوير به گڏوگڏ اچي پئي وڃي، تنهنڪري اهو مشڪل ڪونه پيو ٿئي ته گاڏي ڪهڙي آهي. جنهن وقت اوبر گاڏي اسان کي انهيءَ منزل ڏانهن وٺي هلي ته لهڻ وقت مون ڪرائي لاءِ پڇيو ته ڊرائيور ٻڌايو ته پيسه ملي ويا آهن، شڪريه. مون ان کان پڇيو ته ڀاءُ منهنجا پيسه توکي ڪنهن ڏنا؟ تنهن تي ٻڌايائين، جنهن وقت توهان اوبر کي ميسيج ڪري ٻڌايو ته مان فلاڻي جاءِ تي بيٺو آهيان ته تنهن وقت لوڪيشن ڪمپني کي ملي ويندي آهي ۽ ڪٿي وڃڻو آهي. انهيءَ مهل ڪمپني وارا اسان مان جيڪو به ان علائقي ۾ هوندو آهي، ان کي اها لوڪيشن موڪلي ڏيندا آهن. جنهن وقت توهان گاڏي ۾ ويٺا ان وقت توهان جي ڪريڊٽ ڪارڊ مان پيسه ڪٽجي ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿي ويندا آهن. تنهن وقت مون پاڻ سنڀاليو ته اها جيڪا حفيظ صاحب جو فرزند وليد صاحب اوبر جي اپليڪيشن لوڊ ڪري اسان کي ڪو بينيفشري پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي ڪرائي ويو آهي، سڄو انجو ڪمال آهي. يعني اسان جنهن به جاءِ تان اوبر وارن جي ٽيڪسي تي چڙهي ڪٿي به وڃون، انجو سڄو ڪرايو به وليد جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي بوجهه هجي، اها ڳالهه سٺي ته ڪونه پئي لڳي پر مجبوري اها هئي ته اهي اوبر وارا ڪيش وٺن ڪونه پيا ۽ پاڻ وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ هيو ڪونه. بهرحال جنهن وقت شام جو اسان واپس هڪ ٻئي سان ملياسين ته مون ٿورو وليد تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ته هڪدم چيائين ته چاچا سائين مون کي پنهنجي والد صاحب جو حڪم آهي ته توهان کي هتي هڪ ٽڪو به خرچ ڪرڻ ناهي ڏيڻو، تنهنڪري اهو سڀ ڪجهه مون ڪيو، هاڻي توهان منهنجا وڏا آهيو، مان ڪجهه به ڪونه چوندس.

ll

ٽيسلا ڪار ۾ سفر

ٽيسلا ڪار ۾ سفر

وليد الرحمان صاحب هڪ تمام سٻاجهڙو ۽ سلڇڻو ٻار آهي، جنهن جي ماشاءَ الله حفيظ الرحمان صاحب تعليم سان گڏ تربيت به واهه جي ڪئي آهي. وليد گهڻو ڪري سافٽ ويئر ڪمپيوٽر ۾ انجنيئر آهي ۽ اتي برسرروزگار آهي. جيئن ته اهو ڏينهن جمعي جو هيو ۽ اتان جي حساب سان ويڪ اينڊ ڊي (Weekend day) هيو، تنهنڪري چيائين ته چاچا منهنجو ڳوٺ هلڻ جو پروگرام آهي ۽ انهي سان گڏوگڏ مون بلڪل نئين نڪور ٽيسلا (Tesla) ڪار ورتي آهي ۽ پهريون دفعو مان ان گاڏي کي ڪاهي هلندس تنهنڪري منهنجي دل ٿي چوي ته ان گاڏي تي توهان کي لاس اينجلس تائين وٺي هلان. اسان چيو ته جيءُ بسم الله نيڪي اور پوڇ پوڇ.
اسان جي لاءِ اهو پهريون دفعو هيو ته اسان ٽيسلا ڪار جي سواري پيا ڪريون انهي کان اڳ ته صرف ٻڌو هيو ته ڊرائيور کان بغير به گاڏيون روڊ تي اچي ويون آهن. ٽيسلا ڪار جي خوبي اها آهي ته انهي ۾ سينسر (Sensor) لڳل هوندا آهن، جنهن ۾ جيڪڏهن ڊرائيور ويٺل هوندو آهي ته انهي کي الرٽ ڏيندي آهي ته گاڏي جي اڳيان پٺيان يا پاسن سان ايتري فاصلي تي ڪا رڪاوٽ وغيره آهي جنهن جي هيتري رفتار وغيره آهي جيڪڏهن ڊرائيور انهي جي ڏنل وارننگ تي ڪوئي عمل نه ڪيو ته گاڏي جا خودڪار نظام تحت سائيڊ يا بريڪ وغيره هڻڻو هوندو ته انهي حساب سان بريڪ هڻندي جو ٻين گاڏين ۽ پنهنجو بچاءِ ٿي سگهي. ٽيسلا گاڏي ۾ توهان پنهنجي طرفان زباني طور تي انسٽرڪشن (Instruction) به ڏئي سگهو ٿا ۽ انهي تي عمل ڪرڻ ۾ دير ڪونه ٿي لڳائي. ٽيسلا ڪار ۾ تيل جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ صرف بجلي تي چارچ ٿيندي آهي. هڪ دفعي چارج ڪرڻ سان گاڏي تقريباً ساڍا ٽي سئو ميل تقريباً ڇهه سئو ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري وڃي ٿي ۽ ڪيليفورنيه رياست ۾ انهن کي چارج ڪرڻ لاءِ تقريباً هر ٻن ٽن سون ميلن جي مفاصلي تي گاڏي کي چارج ڪرڻ لاءِ چارج اسٽيشن آهن جتي تقريباً اڌ ڪلاڪ ۾ گاڏي فل چارج ٿي ويندي آهي. انهن چارج اسٽيش وٽ دنيا جهان جي هر شي توهانکي ملي سگهندي آهي جيستائين گاڏي چارج ٿئي ان دوران ماڻهو اتي ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ اندر وڃي پنهنجي ضرورت جون شيون وٺي کائي پئي وري گاڏي ۾ چڙهي پنهنجي منزل ڏانهن هليو وڃي .
گاڏي ۾ ايئر بيگس به لڳل آهن، جيڪي اڳئين سيٽ چاهي پوئين سيٽ وارن کي به اها سهولت ميسر ٿي وڃي ٿي. اسان لاءِ عجب جهڙي ڳالهه اها هئي ته گاڏي بغير ڊرائيور جي وڃي پارڪ ۾ جتي به جڳهه مليس پئي پاڻهي وڃي پارڪ ٿئي پئي. اهڙي طرح جڏهن ڊرائيور گاڏي کي سڏ ڪري پيو ته پاڻهي گاڏي اسٽارٽ ٿي جتي ڊرئيور بيٺو هجي اتي اچي پهچي پئي. اسان جي لاءِ ٻڌڻ تائين ته اهو ايئن ٿئي ٿو پر عملن پهريون دفعو ڏٺو ته بغير ڊرائيور جي اهي سڀ فنڪشن ڪري ٿي. جيڪو مونکي اتي ٻڌايو ويو ته هن وقت آمريڪا ۾ انهي ٽيڪنالوجي واريون گاڏيون تمام گهڻو مقبول ٿينديون پيون وڃن ۽ هن وقت تائين تقريباً اڍائي لک گاڏيون آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ هلن پيون. انهن گاڏين جي ڪري آمريڪا ۾ پئٽرول جي ڏهاڙي بچت جيڪڏهن سراسري ويهه ليٽر تيل جا هر هڪ گاڏي لاءِ استعمال ٿيندڙ تيل جو حساب ڪبو ته تيل جي بچت پنجاه لک لٽر تيل جا ٿي پيا وڃن. اهڙي طرح هڪ مهيني جي تيل جي بچت پندرهن ڪروڙ ليٽر پئٽرول ٿي پئي وڃي. گورنمينٽ جي مٿان امپورٽ ڪرڻ جي بل ۾ گهٽتائي کان علاوه روڊ تي دونهين کان صاف ماحول مهيا ٿئي پيو.
وليد ۽ اسان ان گاڏي ۾ ٽيپهري جي وقت تقريباً ساڍي ڇهين وڳي سن فرانسسڪو کان روانا ٿياسين. جيئن ته اسان سڀني کي روزو هيو، تنهنڪري هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ تي هلي روزو افطار ڪرڻ جو پروگرام رکيو. جنهن جاءِ تي رستي ۾ هي ريسٽورنٽ هيو اتي خبر پئي ته انهي علائقي جي ڀرسان گوگل وارن جو وڏو شاندار سسٽم ٺهيل آهي انهي جي ڪري ماڻهن جي ريسٽورنٽ تي اچ وڃ تمام گهڻي هئي. جيئن ته اسان سڀني کي روزو هيو تنهنڪري وليد صاحب ڪجهه کارڪون ۽ پاڻي جون بوتلون ساڻ کڻي هليو هيو، جيئن وقت سر روزو افطار ڪري سگهجي. انهيءَ ريسٽورنٽ تي پهچي اسان کاڌي جي لاءِ آرڊر ڏنو ۽ انهن اسان کي هڪ ٽوڪن نمبر ڏنو گڏوگڏ ٽيبل جو نمبر پڻ الاٽ ڪيو. ماڻهن جي گهڻائي ڪري اسان کي آرڊر ڪيل شيون تقريباً پنجويهه منٽ کان بعد مليون ۽ انهي دوران اسان روزو افطار ڪري چڪا هياسين. ماني تمام مزيدار ۽صاف سٿري هئي. ماني کائي اسان اتي نماز لاءِ بندوبست ٿيل هيو اسان فرض جي ادائگي ڪري لاس اينجلس ڏانهن راهي ٿياسين. تقريباً ٽي ڪلاڪ جي مسافري کان بعد وڃي ٽيسلا چارجنگ اسٽيشن تي گاڏي بيهاري گاڏي کي چارج تي هڻي اسان ڊپارٽمينٽل اسٽور اندر وڃي چاءِ پاڻي پيتو ۽ ٽينڪي کي خالي ڪري گڏوگڏ ڪجهه ڄگهن کي ڊگهو ڪري پنجويهه ٽيهه منٽن اندر اتان وري اڳتي رستو ورتو. جيئن ته چنڊ جون آخري تاريخون هيون تنهنڪري سڄي رات ۾ اسانکي مامي چنڊ جوديدار نصيب ڪونه ٿيو پر رستي سان گاڏين جي اچ وڃ جام هئي تنهنڪري گاڏي جي لائيٽ سبب علائقو روشن لڳو پيو هيو. جيئن ته اونهاري جون راتيون ننڍيون ۽ ملاقاتيون وڏيون وارو حساب هيو تنهنڪري اسان سحري جي وقت لاس اينجلس اچي هڪ ريسٽورنٽ تي پيٽ جي پوڄا ڪئي ۽ سڄي ڏينهن ۾ نه کائڻ ۽ پيئڻ جو وچن ڪري رورسائيڊ (Riverside) ڏانهن رستو ورتو ۽ فجر جي نماز اسان حفيظ صاحب جي گهر پهچي ادا ڪئي ۽ لت ڏئي سمهي پياسين. جنهن وقت ننڊ جي خواب مان ٻاهر آياسين ته منجهند لڙي چڪي هئي ۽ نماز ظهر جو وقت هيو جو اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو.
اڄ مسجد شريف ۾ روزه افطار ڪرائڻ جو وارو ۽ انتظام حفيظ صاحب جو هيو تنهنڪري اسان سڀني کي روزه افطار لاءِ مسجد جو رخ اختيار ڪرڻو پيو. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيه رورسائيڊ جي بلڪل گڏ تقريباً ڇهه ست ايڪڙن تي هڪ شاندار مسجد ۽ مدرسو آهي جنهن ۾ وسيع پارڪنگ آهي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيه رورسائيڊ جي پکيڙ تقريباً ٻه هزار ايڪڙن تي مشمل آهي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيه جون اهڙيون ڏه ڪئمپس آهن.
مسجد جي اندر تمام وڏو ڪشادو کليل ميدان آهي، جتي عورتن ۽ مردن جي افطاري لاءِ الڳ الڳ انتظام ٿيل آهي، اهڙي طرح مسجد اندر نماز پڙهڻ لاءِ به مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ هال آهن. مسجد جو پيش امام پاڪستاني هيو پر ماشاءَ الله قرائت تمام خوبصورت ۽ دلسوز آواز سان هيس. دل پئي چوي ته رڳو پيو تلاوت ڪندو رهي. ستاويهين رمضان جي تراويح ۽ ختم القرآن کان بعد اسان حفيظ صاحب جي گهر ڏانهن واپس ورياسين. رستي ۾ حال احوال ڪندا وڃي گهر ڀيڙا ٿياسين.

ll

هيگرس ۾ عيد مبارڪون

هيگرس ۾ عيد مبارڪون

گهر واپس پهچڻ تائين ڪافي دير ٿي وئي هئي، تنهنڪري واپس اچي سمهڻ جي تياري ڪئي سين. اسر مهل سحري تي گڏ ٿي سحري ڪئي ۽ انهي کان بعد ٿوري دير تائين ڪچهري ڪئي ۽ بعد ۾ فجر جو فرض ادا ڪرڻ کان بعد ٻاهر سير سفر خاطر نڪري ويم. تقريباً سڄي ڪالوني جو پورو چڪر هڻي ڏيڍ ڪلاڪ کن ۾ واپس اچي حفيظ صاحب سان ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ڪجهه اتان جا ته ڪجهه پاڪستان ۽ باقي دوستن متعلق حال احوال ڪياسين، پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي ماضي ۾ گم ٿي وياسين ۽ يونيورسٽي جي گذريل وقت کي ياد ڪندي خبرئي ڪانه پئي ته صبح جا ڏهه ٿي ويا.
جيئن ته اسانجو اهو اتي آخري ڏينهن هيو، تنهنڪري ڪنهن به پاسي وڃڻ جو پروگرام ڪونه رکيو هيو. حفيظ صاحب کي اڄ وري ڊاڪٽر صاحب وٽ ملاقات جو وقت سيٽ ٿيل هيو، تنهڪري حفيظ صاحب پنهنجي پياري نياڻي کي چيو ته تون وڃ ۽ جمن صاحب کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اچ. اسان تقريباً سوا ڏهين وڳي حفيظ صاحب ۽ گهر جي ڀاتين کان موڪلائي ايئرپورٽ ڏانهن روانه ٿياسين. ماشاءَ الله حفيظ صاحب جي نياڻي تازو يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي، تمام سليقي ۽ حياءُ واري نياڻي آهي، اسانکي ايئرپورٽ پوڻين ٻارهين وڳي جي قريب پهچايو. الله سائين جي در دعا آهي سائين حفيظ صاحب جي نياڻيءَ جا نصيب ڀلا ڪري. آمين.
لاس اينجلس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي چيڪ ان واسطي قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪيو. گرمي به تمام اوج تي هئي پر جڏهن ايئرپورٽ اندر داخل ٿياسين ته اتي دنيا ئي ٻي هئي. بورڊنگ ڪارڊ کان بعد سيڪيورٽي واري مرحلي ۾ داخل ٿياسين. سڀ کان پهريان مان وڃي پنهنجي بوٽ ۾ هٿ وڌو پوءِ بيلٽ لاهي موبائل فون سميت هڪ ٽوڪري ۾ وجهي اڳتي ڪيا ۽ پاڻ به وڃي سيڪيورٽي چيڪ لاءِ اڳتي قدم وڌايو جتي هر هڪ ماڻهو کي انهي مرحلي مان گذرڻو پيو پئي. انهي مرحلي مان گذري هاڻي ڄاڻايل لائونج ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ شروع ڪئي تان جو تقريباً اڌ منو ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کان بعد وڃي گهربل لائونج تي لڏو لاهي ويٺاسين. اڃان پندرهن منٽ کن مس ويٺاسين ته جهاز ۾ داخل ٿيڻ لاءِ حڪم نامو صادر ٿيو. جهاز جي اڏام جو ٽائيم منجهند جا 2 هيو ۽ جهاز پوري وقت تي هوا ۾ اڏام ڪئي. لاس اينجلس (Los Angeles) کان نارٿ ڪيرولينا (North Carolina) تائين جهاز جي هوا ۾ اڏام جو ٽائيم تقريباً پنج ڪلاڪ هيو. لاس اينجلس کان اتر ڪيرولينا جي وچ ۾ اڍائي هزار ميل يا چار هزار ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. ڪيليفورنيه ۽ اتر ڪيرولينا جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. ڪيرولينا جي ٽائيم مطابق اسان اتي تقريباً رات جو ڏهين وڳي پهتاسين. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان بعد ٻي اڏام جي ذريعي اسان کي بالٽيمور جي انٽرنيشنل هوائي اڏي (Baltimore International Airport) ڏانهن وڃڻو هيو، جو اتان پياري دلبردوست سائين ممتاز ڀٽو صاحب ڏانهن هيگرس ٽائون وڃڻو هيو. لاس اينجلس کان جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان بعد جهاز ۾ چانهه يا ڪافي جو پڇڻ آيا، مون ايئرهوسٽس کي ٻڌايو ته مونکي روزو آهي ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته سج لٿي اسان کي قرب ڪري اها چانهه ۽ بسڪوٽ ڏجانءِ، جنهن تي ايئرهوسٽس مُرڪي چيو ته اميد ته انهيءَ ٽائيم تي چانهه کڻي ايندس. روزو افطار لاءِ حفيظ صاحب اسان کي لپ کارڪن جي ڏني هئي ته جيئن توهان روزو کجور سان افطار ڪجو. جيئن ته جهاز جي کڙڪي واري سيٽ هئي، تنهنڪري سج تي اسان جي گهري نظر هئي. تقريباً رات جا ساڍا اٺ پوڻا نو ٿيا پئي ته سج به زمين ۾ ٽٻي ڏني ۽ اسان به کارڪون ڪڍي کائڻ شروع ڪيون، ٿوري دير ۾ ايئرهوسٽس پاڻي، چانهه ۽ بسڪيٽ ٽري ۾ کڻي اچي حاضر ٿي، شيون وٺي سندس جو شڪريو ادا ڪيو.
نارٿ ڪيرولينا کان بالٽيمور تائين هوائي جهاز جي اڏام جو وقت تقريباً هڪ ڪلاڪ جو هيو ۽ ٻنهي هوائي اڏن جي وچ ۾ ساڍا ٽي سئو ميل يا ساڍا پنج سئو ڪلوميٽر مفاصلو آهي. بالٽيمور کان هيگرس ٽائون (Hagers Town) تقريباً پنجهتر اسي ميل يا سوا سئو ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. نارٿ ڪيرولينا پهچي ممتاز صاحب کي فون ڪيو ته اسان جو بالٽيمور پهچڻ پوري ٽائيم تي آهي. ممتاز ٻڌايو ته مان گهران نڪري چڪو آهيان ۽ توهان جي پهچڻ کان اڳ مان اتي پهچي ويندس. ٿوري دير کان بعد اسان کي حڪم مليو ته بالٽيمور ڏانهن وڃڻ وارو جهاز تيار بيٺو آهي ۽ توهان گيٽ نمبر فلاڻو کان جهاز تي سوار ٿيو. اسان جهاز تي سوار ٿي ويٺاسين ۽ جهاز رن وي تي هلڻ شروع ڪيو، رات جو وڳڙو هيو ۽ رنگ برنگي بلبن جي جهرمر وارو نظارو به ڏاڍو دلڪش ۽ اکين تي جادو ڪرڻ وارو هيو. آمريڪا جا شهر ڀلي آبادي ٿوري هجي پر پکڙيل گهڻا هوندا آهن. منهنجي سيٽ کڙڪي واري هئي، تنهنڪري بلبن جي روشني وارو نظارو به خوب هيو، مونکي خبر تڏهن پئي، جڏهن جهاز جي ڪپتان چيو ته سيٽ بيلٽ ٻڌو ۽ بالٽيمور جي هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيو. مونکي سڄو سفر ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ اسان اڃان شهر جي مٿان پيا گهمون انهيءَ پوري رستي ۾ رنگ برنگي بلبن جي جهرمر بغير ڪنهن وقفي جي هلندي ۽ ڳنڍيل رهي.
اسان اڃان مس بالٽيمور جي زمين تي پير رکيو ئي ته من موهيندڙ دلبر ممتاز سائين جو فون آيو ته مان اگزٽ واري گيٽ تي بيٺو آهيان. ٿوري دير ۾ انگڙ ونگڙ رستن کي عبور ڪندا وڃي ٻاهرين گيٽ تي پهتاسين، ٿوري دير ۾ سائين ممتاز تي نظر پئي ۽ رات جا 12 ٿي ويا هيا ۽ تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿي ويو هيو. اسان لاس اينجلس کان سومر جي ڏينهن روانه ٿيا هياسين ۽ اڱاري جي ڏينهن وڃي پهتاسين. ممتاز صاحب ڏسڻ سان رڙ ڪري چيائين ته سائين ڀلي ڪري آيا، خوش آمديد ۽ اچي ٻکين پئجي ويو. سامان کڻي وڃي پارڪنگ ڏانهن روانا ٿياسين ۽ ٻڌايائين ته اڄ صبح جو عيد آهي ۽ اوهان کي اڳواٽ ۾ عيد مبارڪ هجي. خير اسان بالٽيمور کان تقريباً ساڍين ٻارهين وڳي هيگرس ٽائون لاءِ روانا ٿياسين. رات جو وڳڙو هيو، تنهنڪري روڊ تي ايتري ٽريفڪ ڪانه هئي، ڪلاڪ سوا ۾ هيگرس ٽائون پهچي وياسين. گاڏي مان لهي سامان کڻي گهر ۾ داخل ٿياسين ۽ صبح جو سوير عيد نماز پڙهڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪري سمهي پياسين، صبح جو فرض ادا ڪرڻ کان بعد عيد نماز واسطي وڃڻ جون تياريون شروع ڪيون.
تقريباً ستين وڳي امتياز ڪلوڙ صاحب، ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، مدثر ڀٽو، مزمل ڀٽو، امر ڀٽو، سلطان ڀٽو، ممتاز ڀٽو ۽ مان عيد نماز پڙهڻ خاطر روانه ٿياسين. پندرهن منٽ کان بعد انهيءَ ڏسيل پتي تي وڃي پهتاسين. ماشاءَ الله اتي وڏي رونق لڳي پئي هئي، هر ڪو هڪ ٻئي سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀاڪر پائي پاڻ ۾ ڀائپي جو اظهار ڪري رهيو هو. اتي نه رنگ ۽ نسل جو فرق هيو، نڪو وري زبان جو ڪو ويڇو هيو. اندر داخل ٿيڻ سان وڏو هال هيو، جيڪو ٽن حصن ۾ تقسيم ٿيل هيو. هڪ حصي ۾ عورتون هيون ته ٻئي حصي ۾ مردن جو قبضو هيو، ٽئين حصي ۾ کاڌي پيتي جو سامان رکيل هيو. نماز کان بعد سڀني آيل نمازين ۾ کاڌو تقسيم ڪيو ويو، جيڪو سڀني کائي خوب سير ٿيا. کائڻ پيئڻ کان بعد هر هڪ هڪٻئي کان موڪلائيندو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيندو ويو.

ll

واشنگٽن ڏانهن واپسي

واشنگٽن ڏانهن واپسي

عيد نماز جي لاءِ آيل دوستن لاءِ کاڌي پيتي جو ڪنهن انتظام ڪيو هيو، انجي مونکي ڄاڻ ناهي پر آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ اهو عام رواج آهي ته عيد براد تي جيئن معمول مطابق روزو افطار ڪرائڻ جو هڪ بهترين رواج آهي، يعني هر ماڻهو پنهنجي محلي واري مسجد ۾ روز جي بنياد تي ڪوئي نه ڪوئي رضا خوشي ۽ سعادت سمجهي هڪ ڏينهن جي افطار جي ذميواري کڻندو آهي، تهڙي طرح عين ممڪن آهي ته ڪجهه دوستن گڏجي يا مسجد ۾ انهي موقعي لاءِ خاص چندو جمع ڪيو هجين. عيد جي موقعي تي هميشه ننڍا وڏا اچي عيد نماز پڙهڻ خاطر گڏ ٿيندا آهن، جنهنڪري تعداد جي گهڻائي ڪري ڪنهن به مسجد کان وڌي ويندو آهي تنهنڪري اڪثر شهر جو ڪو وڏو هال اڌ ڏينهن لاءِ بوڪ ڪرائيندا آهن. هيگرس ٽائون ۾ به هڪ وڏو هال عيد جي مقصد لاءِ بڪ ڪرايل هيو جنهن لاءِ سڀني گڏجي ضرور پنهنجو خير جي ڪم ۾ حصو ورتو هوندو پر مونکي ڪابه تصديق ناهي.
عيد جي ڏينهن اتي پنهنجن دوستن سان ملڻ وغيره ٿيو تنهنڪري ڪيڏاهن به وڃڻ جو پروگرام ڪونه ٺهيو . ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽرلياقت ڀٽو ۽ ممتاز صاحب ويهي پروگرام ٺاهو ته چارلس ٽائون (Charles Town)، اولهه ورجينيا (West Virginia) جي علائقي ڏانهن گهمڻ هلجي. مونکان به مشورو ورتو ويو ته تنهنجي ڇا راءِ آهي مون پڇيو ته ڪيتري پنڌ تي آهي ۽ اتي جي ڪهڙي شي خاص ڏسڻ واري آهي. ممتاز ٻڌايو ته هيگرس ٽائون کان چاليهه ميل کن پري آهي پر تمام گهڻو سرسبز علائقو آهي باقي ٻيون گهڻيون شيون اتان جون مشهور آهن پر خاص گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ڪسينو آهن. چارلس ٽائون (Charles Town) جو مشهور ڪسينو هاليوڊ (Hollywood Casino) آهي. چارلس ٽائون جيفرسن ڪائونٽي (Jefferson County) جو هيڊڪواٽر آهي، جنهن جي آبادي ڏهه هزار مس ٿيندي.
اسان منجهند جي ماني کائي چارلس ٽائون ڏانهن رخ ڪيو هيگرس ٽائون کان واشنگٽن ڏانهن رخ ڪيوسين تقريباً ڏهاڪو ميل پنڌ کان بعد سڄي پاسي مڙي وياسين. تقريباً ست اٺ ميل کان بعد بورڊ نظر آيو جنهن تي لکيل هيو ميريلينڊ (Maryland State) خدا حافظ ۽ اولهه ورجينيا (West Virginia State) خوش آمديد. آمريڪا جا روڊ تقريباً هڪجيترا ويڪرا هوندا آهن تنهنڪري روڊ کان نڪرندي يا داخل ٿيندي محسوس ٿيندو آهي ته مان هن روڊ کان ٻاهر نڪتس پر جيئن نئين روڊ تي اچبو آهي ته معلوم ڪونه ٿيندو ته توهان ڪنهن ٻئي روڊ تي چڙهيا آهيو. ويهارو ميل پنڌ ڪرڻ کان بعد روڊ ۽ ريلوي لائين ڪجهه پنڌ تائين برابر ۾ هلندا رهيا. روڊ جي ٻنهي پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هئي جيڪا اکين کي تراوت پئي ڏئي. پندرهن ويهه ميل پنڌ ڪرڻ کان بعد وري سڄي پاسي مڙياسين ڏهاڪو ميل هلندا وياسين ته اڳيان چارلس ٽائون جو ايگزٽ آيو جتان وري به سڄي پاسي مڙياسين اتفاق سان ويندي هاليوڊ ڪسينو تائين جيڪي موڙ ڪٽيا اهي سڀئي سڄي پاسي جا هيا. سامهون هڪ ڊگهي ۽ ويڪري عمارت نظر آئي جيڪو هاليوڊ ڪسينو جي نالي سان مشهور آهي. اتي به گاڏي کي پارڪ ڪرڻ وارو آخري موڙ به سڄي پاسي وارو هيو. پارڪنگ لاٽ ۾ هزار ٻارهن سئو گاڏيون پارڪ ٿيل هيون پر تنهن هوندي به پارڪ ۾ ججهي جاءِ خالي پئي هئي. ممتاز صاحب جي هڪ خوبي آهي ته گاڏي هلائڻ وقت ٻين کي ڪجهه دير لاءِ ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندو آهي پر شرط انهي تي ته اهي ڳالهائن جيئن پوئين سيٽ وارو ڳالهائي ته اڳئين سيٽ تائين آواز گهڻو نه وڃي. ڇو ته عموماً ممتاز کان هلندي هلندي رستو ڀلجي ويندو آهي. جڏهن رستو ڀلجي ويندو آهي ته هڪدم الزام انهن تي هڻندو آهي ته توهانجي ڳالهائڻ ڪري مونکان رستو ڀلجي ويو. انڌي واري لٺ کي جيڪڏهن پنهنجو موڊ هوندس ته سهارو وٺندو نه ته ٻئي جي چوڻ سان هميشه ايئن چوندو ته ڄٽ توکي ڪهڙي خبر مونکي رستن جي سڀ خبر آهي پر وري ڀلبو ضرور آهي.
خير اسان سڀئي وڃي هال جي اندر داخل ٿياسين ته ايتري خاص خلق جي ڀيڙ ڪانه هئي پر تنهن هوندي به اندر هزار ٻارهن سئو جي لڳ ڀڳ زالي مردين اتي موجود هيا تنهنجي باوجود به هال ۾ ماڻهن جي گهٽتائي محسوس ٿئي پئي ڇو ته ڪيتريون ئي هال جون ٽڪريون بيڪار خالي پيون هيون، جيڪي آدم بوءِ جي سدائون پيون لڳائن. منهنجو هي ٻيو دفعو تجربو هيو ڪنهن ڪسينو ۾ وڃڻ جو هن کان اڳ ۾ نيو جرسي (New Jersey) جي ائٽلانٽڪ سٽي (Atlantic City) ۽ ٻيو هي چارلس ٽائون. هڪڙي شيءِ مونکي ٻنهي ڪسينو ۾ ساڳي نظر آئي ته ٻنهي جاين تي گهڻائي سينيئر سٽيزن مرد چاهي عورتن جي هئي. انهي جو سبب ڇا آهي انهي لاءِ ته مان ڪوئي حتمي طور تي ڪجهه چئي نٿو سگها پر منهنجو ذاتي طور تي اهو خيال آهي ته شايد اهي سينئر سٽيزن شهري پنهنجي گهرن ۾ پاڻ کي اڪيلائپ واري ماحول مان نڪري ٻاهر اچي ڪجهه هم خيال دوستن سان گڏجي ڪي گهڙيون گذارڻ لاءِ اچي اتي مڙندا آهن پوءِ اڪيلائپ جي درد جي دوا ۽ درمل شايد انهن کي اهڙين جاين تي نصيب ٿيندو هجي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته آمريڪا چاهي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ ڀڄ ۽ ڊوڙ وارو ماحول آهي، جو اتي ڪنهن کي ڪنهن جي لاءِ ڪوئي وقت ميسر ناهي. تنهن ڪري اهڙي ماحول ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪو توجهه جو حقدار آهي يعني سينيئر سٽيزن ليڪن اهو سڀ کان توجع ۾ هٽي پوءِ تي ٿي ويو آهي ۽ انهن کي تمام گهٽ توجهه نصيب ٿئي ٿي جنهنڪري اهي سينيئر سٽيزن پاڻ کي اڪيلو ۽ بي توجهه سمجهن ٿا. ضروري ناهي ته منهنجي انهي خيال سان ٻيا به متفق ٿين.
بهرحال اسان اتي تقريباً هال جي اندر هڪ ڪلاڪ کن هياسين ۽ اتي اسان ويجيٽيبل پيزا (Vegetables Pizza) ۽ انهي کان بعد آئس ڪريم کائي ٻاهر نڪري آياسين. پوءِ موٽ تي سڀ موڙ کٻي پاسي تي گاڏي کي موڙيندا اچي هيگرس ٽائون پهتاسين. ڪجهه دير آرام ڪيوسين. مغرب نماز کان بعد ڊاڪٽر لياقت ڀٽو ممتاز جي گهر هلي آيو ۽ چيائين ته ٻاهر هلو ته ٿورو گهڻو نظارو۽ ڄگهون ڊگهيريون ڪري اچون. اڌ مني ڪلاڪ لاءِ چهل قدمي ڪندا هلندا رهياسين. ممتاز کي ججهڪي اچي وئي ۽ چيائين ته ڇڏيو ان گهمڻ ڦرڻ کي اچو ۽ ويهو گاڏي ۾ ته مان توهان کي زبردست سير ڪرائي ٿو اچان. اسان بغير چون چران جي وڃي گاڏي ۾ ويهي رهياسين، اسان کي سڌو وڃي رات جي وڳڙي ۾ نالو مون کي ياد نٿو اچي پر غالبن گهڻو ڪري هوسٽن بار (Houston Bar) جي نالي سان هيو، مون کي ۽ ڊاڪٽر لياقت کي اندر وٺي هليو. پهريان ته مون کي هچڪچاهٽ ٿي پر جڏهن ممتاز جي رمزن کي ڏٺو ته مان به اندر داخل ٿي ويس. جيئن ته منهنجي لاءِ ڪنهن بار ۾ داخل ٿيڻ جو پهريون موقعو هيو، تنهنڪري منهنجي تخيل ۾ بار لاءِ جيڪا هڪ پڪچر (Picture) ڪيل هئي، اتي انهيءَ جي برعڪس هيو. ميکاني ۾ نظم و ضبط تمام بهترين ۽ ڪنهن کي ڪنهن لاءِ ڪوئي سروڪار ڪونه هر هڪ پنهنجي ڌن ۾ مست. ڪنهن کي اها خبر ڪانه هئي ته منهنجي ڀڪ ۾ ويٺل ڪير آهي ڇاٿو ڪري ڇاٿو کائي پيئي.
ڪي جوڙي ۾ ٽيبل تي ويٺا هيا ته ٽي چار ڄڻا پاڻ ۾ کائڻ پيئڻ ۾ مست هيا، مون ڪنهن به ماڻهو کي مدهوش حالت ۾ ڪونه ڏٺو، جيترو جنهنجو قوت برداشت هئي، انهي کان وڌيڪ ڪونه پئي ٽپيا. آمريڪا ۾ اهو قانون آهي ته مدهوشي واري حالت يا انجي آثار واري ڪيفيت ۾ گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ٿوري به شڪ واري صورتحال هوندي ته هڪدم پوليس انهيءَ تي قانوني ڪارروائي ڪندي آهي، تنهنڪري اتي آيل مهمانن کي اها ڄاڻ هوندي آهي، تنهنڪري هو پنهنجي سرور واري ڪيفيت کان وڌيڪ ڪونه نڪرندا آهن. انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان جا موالي تيستائين گاڏي کي گيڙيندا رهندا، جيستائين گاڏو انهن جي هٿن مان ڪري نه پوي. اسان به انهيءَ بار ويهي سيون اپ جو دور هلايو.
انهي بار ۾ داخل ٿيڻ سان ڪنگ سائيز جون مڱ ڦريون ڳوڻين ۾ منهن کليل پيون هيون، جنهن سان گڏ ڪاغذ جون ٿيلهيون پڻ پيل هيون ۽ تقريباً اتان نڪرڻ مهل ٿيلهي ۾ وجهي نڪري پيو. اسان به هڪ هڪ ٿيلهي جنهن ۾ تقريباً اڌ ڪلو کن وزن ٿي ويندو ڀري نڪتاسين. مڱ ڦريون تمام اعليٰ قسم جون هيون، جيڪي اڄ تائين ناهيان وساري سگهيو.

ll

بار ۾ مڱ ڦريون

بار ۾ مڱ ڦريون

مان اڄ پهريون دفعو آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪيو، اڄ اسانجي دلبر دوست سائين ممتاز صاحب جي طبيعت صحيح ڪانه هئي ۽ کيس ڪنهن دوست ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو هيائين. مون کي گاڏي جي چاٻي ڏئي نادري حڪم ڪيائين ته گاڏي هلاءِ، مون چيو ته يار مون ليفٽ هينڊ (Left Hand Drive) گاڏي اڄ تائين ناهي هلائي، تنهنڪري تون گاڏي پنهنجي پاڻ هلاءِ، بهرحال ممتاز جي ڪري بسم الله ڪري گاڏي کي اسٽارٽ ڪيو، هر ڊرائيور پنهنجي مرضي مطابق گاڏي کي هلائڻ جي سيٽنگ ڪندو آهي. تنهنڪري مونکي سڀ کان پهريان ته اها ڏکيائي پيش آئي ته گاڏي جا گيئر وغيره منهنجي ساڄي پاسي هيا، جڏهن ته پاڪستان ۾ گاڏي هلائڻ لاءِ کاٻي پاسي هوندا آهن. ممتاز جو قد ڊگهو منهنجو قد پورو پنو، گاڏي جي بريڪ جي سيٽنگ به ڊرائيور پنهنجي حساب سان ڪندو آهي، تنهنڪري اها به خبر پهريون ڪونه هئي ته بريڪ آهستي هڻڻي آهي يا پون سٽ سان تڪڙو هڻڻي آهي. انهي کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو انهي وقت شروع ٿيو جو جنهن وقت مان وڏي شاهي رستي تي چڙهيس هاڻي سائين مونکي سڀ گاڏيون ايئن پيون محسوس ٿين ته ڄڻ سڀئي غلط رستي سان اچن ۽ وڃن پيون. جيستائين وڃي منهنجو دماغ انهي ڳالهه کي تسليم ڪري ته اهي سڀ صحيح آهن. هاڻي دماغ جيستائين ايئن چوي ته فتور صرف تنهنجي دماغ ۾ آهي، جو چاليهارو کن سال گاڏي هلائيندي اڃان تون پاڻ کي انهي اصول تي گاڏي هلائڻ جو قيدي ٿي بيٺو آهين. سوچ يار هتان جي ڊرائيونگ جو طريقو اسان جي ملڪ واري طريقي کان بلڪل ابتو آهي. پر پوءِ به جڏهن ڪو موڙ مٽيان پيو ته سڀ کان پهريون اصول جيڪي اتي بي اصول هجي پيو دماغ ۾ ڦري پر الحمدلله ٿوري دير هلائڻ کان بعد دماغ ۽ هٿ اتان جي ڊرائيونگ اصول کي مڃڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه مڃڻ جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي هين.جيڪو ڪلاڪ اڌ ڊرائيوري ڪرڻي هئي دل ۽ دماغ جي ٻڌنڌي اتان جي هلندڙ نظام تحت گاڏي صحيح هلائي.
ممتاز صاحب جو پروگرام ٺهيو ته هلون ٿا فريڊرڪ (Frederick) فريڊرڪ هڪ تاريخي جاءِ آهي ۽ ميريلينڊ رياست (Maryland State) جي بالٽيمور (Baltimore) کان بعد ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، شهر جي آبادي تقريباً ستر هزار جي لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ 61 سيڪڙو ڀورو انگريز، تقريباً 15 سيڪڙو آفريڪن، انگريز پنج کان ست سيڪڙو، ايشيائي ۽ باقي اسپينش يا لاطيني آمريڪن رهن ٿا. فريڊرڪ واشنگٽن ۽ بالٽيمور کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي ۽ هيگرس ٽائون کان به تقريباً اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. فريڊرڪ هيگرس ٽائون کان واشنگٽن يا بالٽيمور ڏانهن ويندي رستي ۾ ايندو آهي. فريڊرڪ شهر خود ڪائونٽي ۽ ڪائونٽي جو هيڊڪوارٽر آهي. فريڊرڪ ريل ۽ روڊ جي رستي پوري ملڪ سان ڳنڍيل آهي. فريڊرڪ شهر ۾ آمريڪا جي جنگ آزادي ۾ ڪافي رول رهيو آهي جنهن متعلق اتي ميوزم به ٺهيل آهي انهي سان گڏوگڏ تعليم لاءِ پبلڪ لائبريري ۽ ٻيا سرڪاري چاهي پرائيويٽ تعليمي ادارا ڪافي آهن.
بهرحال اسان فريڊرڪ وڃي هڪ پاڪستاني جي ڊپارٽمينٽل اسٽور تان ڪجهه ديسي شيون ورتيون ۽ انجي بلڪل ڀرسان ٻه ٽي دوڪان ڇڏي هڪ پاڪستاني جو مشهور ريسٽورنٽ تان وڃي گرما گرم سيخ ڪباب وٺي وات چهرو ڪيو ٻيا ڪجهه سيخ ڪباب پئيڪ ڪرائي گهر کڻي هلياسين ۽ انهن سيخ ڪبابن جي لذت اڄ تائين چپن کي محسوس ٿئي پئي. ممتاز ٻڌايو ته هن ريسٽورنٽ جون ٺهيل کاڌي خوراڪ جون شيون ڪافي مقبول ۽ معياري آهن. اسانجي هوندي ڪن گراهڪن پنهنجي گهر ۾ پارٽي جي لاءِ کاڌي جو آرڊر ڏئي هليا ويا. اتان ٿيندا شاپنگ مال مان ونڊو شاپنگ ڪندا سڌو هڪ وڏي ڊپارٽمينٽل اسٽور تي آياسين جنهن جا گهڻو ڪري مالڪ ڪورين هيا يا لاطيني آمريڪن جنهن ۾ ڏهاڪو کن ڪيش ڪائونٽر (Cash Counters) هيا. ٻين شين کان علاوه ان اسٽور جي تازه مڇي ڪافي مشهور آهي. اسان کي اهوٻڌايو ويندو آهي ته پلو مڇي صرف سنڌو ڌرياءِ ۾ ٿيندو آهي پر هتي به وڏو، ٿلهو متارو پلو ۽ ججهي انداز ۾ هيو جيڪو ممتاز صاحب اتان خريد ڪيو.ممتاز صاحب ٻڌايو ته مڇي جو سوپ شاندار ٺاهڻ سکي ويو آهيان ۽ اسان کي به اڃان پاڪستان ۾ هياسين تنهن وقت چيو هيائين ته مان توهانکي جڏهن توهان آمريڪا ايندا ته مڇي جو سوپ پياريندس پر اهو خواب ته ممتاز جي هٿ جو ٺهيل مڇي جو سوپ پئنداسين سو پاڪستان ورڻ تائين پورو ڪونه ٿي سگهيو شايد وري جڏهن ٻئي دفعي آمريڪا وڃڻ ٿئي ته پورو ٿئي. اميدن تي جهان قائم آهي.
فريڊرڪ کان واپسي تي رات جي ماني کائي ٿوري چهل قدمي ڪرڻ کان بعد بستري جو پاسو ورتوسين جو صبح جو نماز کان بعد سائين ممتاز ڪلاڪ ٻن لاءِ سير سپاٽي لاءِ ضرور نڪرندو آهي ۽ اسان کي به ٿورڙو صبح جي ٿڌڙي هير ۾ پارڪ وڃي ڄگهن کي ڊگهيرڙو ڪرڻ جو شوق هوندو آهي سو مڙئي هيگرس ٽائون جي رستن تي ڪجهه پنڌ ڪري ويندا هياسين مڙئي ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر لتاڙي جانڙي مان ٿورو پگهر ڪڍڻ خاطر ممتاز سان ٻانهن ٻيلي ٿيندا هياسين ۽ خوب تازي آب و هوا جو مزو ماڻيندا هياسين. موٽي اچي تڙ ڦليل ڪري نيرن جي ماني کائي پوءِ جيڏانهن به پروگرام ٿيندو هيو نڪري پوندا هياسين.
ممتاز صاحب جي وڏي نياڻي جي طرفان اسانجي لاءِ ڊنر جو بندوبست ڪيل هيو جنهن لاءِ اسان سڀني ممتاز، ڊاڪٽر لياقت ۽ ٻيا، کين هيگرس ٽائون کان نڪري پوٽامڪ رور (Potomac River) جي ڪنڊ تي واشنگٽن شهر جي پاسي رابن ووڊ (Robinwood) پارڪ وٽ هڪ وڏي ڪسينو ۽ شاپنگ مال ۾ گهڻو ڪري ڪورين ريسٽورنٽ ۾ کائڻ جو انتظام ڪيل هيو. ٻه ٽي گاڏيون هيون اسانجو گاڏي هلائڻ لاءِ سائين ممتاز جنهن جو چوڻ هوندو آهي ته واشنگٽن جي لاءِ سڀ رستا ياد آهن باقي ٻين جي ڪابه گارنٽي ناهي. خير مان، ڊاڪٽر لياقت ۽ ٻه ٻيا ساٿي ممتاز صاحب ڊرائيونگ سيٽ تي ٻيون گاڏيون اڳتي ۽ پوئتي هلنديون رهيون اسان خير سان واشنگٽن شهر جي ٻئي پاسي ورجينيا (Virginia) ڏانهن پوٽامڪ ندي جي ڪناري سان هلندي اچي پهتاسين اسان سڀني کي تسلي هئي ته واشنگٽن جو رستو ممتاز کي برزبان ياد آهي تنهنڪري انڌي واري لٺ ڏانهن ڪنهن به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ رستو به صحيح وٺندو آيو پر حسب معمول ٿورڙو ڀلجي اڳتي نڪري ويو جو وڃي رونالڊ ريگن بين الاقوامي هوائي اڏي تائين پهچي وياسين. وري مجبورن لٺ جو سهارو وٺي اچي منزل مقصود تي پهتاسين. سج اڃان مٿي هيو ۽ زمين ۾ ٽٻي هڻڻ لاءِ 35 کان 40 منٽ هيس.
هوٽل جو نالو مونکي ياد نٿو اچي پر تقريباً هزار ٻارهن سئو ڪمرن تي مشتمل وسيع ڪانفرنس هال ۽ ريسٽورنٽ پوٽامڪ ندي جي ڪناري تي سج جي لهڻ جو منظر به عجيب و غريب هيو جودل پئي چوي ته جيڪر هن قسم جو منظر اکين جي اڳيان مدامي طور تي هجي. اسان به هوٽل جي ڀڪ ۾ ندي جي ڪناري تي هڪ ويڪري فوٽ پاٿ تي ٽهلندي سج ۽ پوٽامڪ ندي جو پاڻ ۾ پيچ اڙائيندي ڏسندي ٿڪجون به ڪونه پيا اهو منظر به خوب منظر هيو جنهن وقت سج زمين ۾ ٽٻي هڻڻ کان ٿورڙو اڳ ۽ مختصر گهڙين اندر لاءِ سج ۽ پاڻي پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا ۽ ڏسندي ڏسندي ايئن لڳو جو پاڻي سج کي پنهنجي اندر ڳهي ويو بس پوءِ ايئن سمجهه ته ”پنهون ٿي پاڻ سسئي ته سور هيا.“
جهٽ پلڪ کان بعد پوٽامڪ ندي جو پاڻي سج کي ته ڳهي ويو پر پاڻ پاڻي به ڪونه رهيو، صرف نظر اچي پيو ته ٻاهرين روشني جي ڪري نه ته مڙوئي خير.
رانجها رانجها ڪردي آپو رانجها هوئي، پاڻي ۽ سج هڪٻئي کي ٻکين پئجي ٻئي اسان جي نظرن مان غائب ٿي ويا نه هو رهيو نه مان رهيس. پوٽامڪ ندي جي ڪناري تي ڪافي رونق لڳي ٿي پر انهي لاءِ شرط اهو آهي ته سج جي اک ان رونق تي نه پوي. هوڏانهن سج جو غائب ٿيڻ هيڏانهن رونق جو منهن ڪڍڻ ٻئي هڪٻئي جي تاڙ ۾ رهن ٿا ۽ هڪٻئي کان ڇپي پوءِ پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا. سج جي پهچڻ جو وقت جيئن جئين ويجهو ٿيندو ويندو آهي تئين رات جون رونقون ايئن ڀڄي وينديون آهن جئين ”ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا هليا ويا.“
انهيءَ کان بعد منهن اونڌاهي وڃي رابن ووڊ ۾ ڪسينو ۽ ريسٽورنٽ جو پاسو ورتو جتي هر عمر ۽ طبيعت جا ماڻهو عام جام پيا ڦيرا پائن ۽ اسان به وڃي اندران ٻاهران گهمي وڃي دلبر پيٽ جي پوڄا لاءِ گڏ مڙياسين ۽ خوب پيٽ جي پالنا ڪري واپسي جو گس هيگرس ٽائون لاءِ ورتوسين ڇو ته وقت ڳچ گذري ويو هيو. تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ کن جي اندر اچي گهر پهتاسين ۽ سمهڻ جو سعايو ڪيوسين جو صبح سوير ٿڌڙي هير ۾ سير سپاٽو به ڪرڻو هيو.
ll

هيگرس ٽائون کان پاڪستان واپسي جي تياري

هيگرس ٽائون کان پاڪستان واپسي جي تياري

هيگرس ٽائون (Hagers Town) ميريلينڊ رياست (Maryland State) جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. شهر جي آدمشماري تقريباً 50 هزار ٿيندي ۽ واشنگٽن ڪائونٽي (Washington County) جو صدرمقام آهي. گورا انگريز هتي تقريباً 70 سيڪڙو ۽ آفريڪن انگريز تقريباً 15 سيڪڙو رهن ٿا. اصل مقامي ماڻهو تقريباً 2 سيڪڙو به مس ٿيندا. ايشيائي ملڪن جا ماڻهو تقريباً چار کان پنج سيڪڙو، لاطيني ۽ باقي ٻين علائقن جا تقريباً 7-8 سيڪڙو رهن ٿا. آب و هوا آمريڪا جي اتر اوڀر جي مطابق آهي، يعني سردي ۽ برفباري چڱي خاصي ٿئي ٿي. مئي، جون ۽ سيپٽمبر مهينا هيگرس ٽائون جي آب و هوا تمام بهترين هوندي آهي، جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ جو مهينو گرم رهندو آهي. آڪٽوبر کان اپريل تائين سردي جو دور هلندو آهي.
هيگرس ٽائون جي ڀرپاسي ۾ مشهور مقام هيءُ آهن:
1. ڪيمپ ڊيوڊ (Camp David)
2. چارلس ٽائون (Charles Town)
3. فريڊرڪ (Frederick)
آمريڪا جا صدر عموماً آرام خاطر ڪيمپ ڊيوڊ (Camp David) اچي رهندا آهن، اهو مقام هيگرس ٽائون کان 15 ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڪيمپ ڊيوڊ فريڊرڪ ڪائونٽي جو حصو آهي ۽ ميريلينڊ رياست جي حد ۾ آهي. فريڊرڪ کان تقريباً 25-30 ميل جي مفاصلي تي هڪ هِل اسٽيشن آهي. ڪيمپ ڊيوڊ اصل ۾ نيوي جو هيڊڪوارٽر ته ناهي پر چڱو خاصو تعداد اتي رهي ٿو. تنهنڪري صدر صاحبان لاءِ تمام محفوظ ترين علائقو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪيمپ ڊيوڊ ۽ واشنگٽن ۾ تقريباً 60 کان 65 ميل جو مفاصلو آهي.
هيگرس ٽائون ۾ مسلمانن جو تعداد ايترو گهڻو ناهي پر تقريباً ٽي چار هزار مسلمان اتي رهن ٿا. اسلامڪ سوسائٽي جي طرفان هيگرس ٽائون ۾ خوبصورت ۽ وسيع مسجد تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ هال اندر تقريباً پنج کان ڇهه سئو ماڻهن جي لڳ ڀڳ نماز جو فرض ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙيءَ طرح عورتن لاءِ الڳ هال ٺهيل آهي، جيڪو هاءِ وي نمبر چاليهه ۽ ستر جي سنگم جي بلڪل نزيڪ آهي. جتي سڀ مسلمان بغير ڪنهن مسلڪ جي اتي اچي پنهنجو فرض ادا ڪندا آهن. مسجد جي ايراضي تقريباً ٻه کان ٽي ايڪڙ ٿيندي. مون کي گهڻائي ۾ عرب ملڪن جا باشنده نظر آيا، انهيءَ کان بعد پاڪستاني باشنده هيا.
اڄ مان پنهنجي دلبر ۽ روح جي راحت بخشيندڙ سڄڻ، منٺار سائين ممتاز کان موڪلائي پاڪستان ڏانهن ورڻ جي تياري شروع ڪئي. دل جي نه چاهيندي به پنهنجو سڄو سامان ويڙهي سيڙهي ٻورن ۾ بند ڪري سبيو ته جيئن واپس پهچڻ تي انهن معصوم دلين کي ڏک نه ٿئي ته اسانجي لاءِ انهن جي فرمائش مطابق شيون سانڍي کڻي نه آياسين. الحمدلله مان انهيءَ ڳالهه کان بلڪل آجو هيس، باقي منهنجي محبوبه کي هروقت انهن پٺتي پاڪستان ۾ رهيل معصومڙين ارواحن جي مرضي مطابق فرمائشن کي پورو ڪرڻ جو فڪر هر وقت گهمندي ڦرندي دماغ تي سوار رهي. مان پنهنجي جان کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو پنهنجي کيسي کي کاٽ هڻي دل تي هٿ رکي اکين کي ڪرڙو ڪري چيو ته هي رقم ۽ انهي مان جنهن لاءِ جيترو ۽ جيڪا شيءِ وٺين وٺ، باقي هي تنهنجي لاءِ منهنجي طرفان نظرانو، جنهن مان توهان جيڪي وٺڻ چاهيو يا بچائڻ چاهيو، توهان جي مرضي! باقي انهيءَ کان وڌيڪ ڪابه کوٽ يا ٽوٽ ۾ اميد ۽ آسرو نه ڪجانءِ...! الا الا خير سلا. سلام هجي منهنجي محبوبه کي، جنهن انهيءَ بجيٽ اندر جيڪو پسند آيس خريد ڪيائين، حالانڪه مان انهيءَ بجيٽ کان علاوه ڏهه سيڪڙو اسڪليشن آف بجيٽ (Esclation of Budget) طور سائيڊ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هيا ته جيئن سفر ۾ ڪا ڏُکيائي پيش نه اچي.
جمعي نماز کان موٽندي سائين ممتاز ڪنهن پنهنجي دوست کي فون ڪري منهنجي لاءِ گاڏي جو بندوبست ڪري ڇڏيو ته جيئن مونکي عين ٽائيم تي ڪا ڏُکيائي پيش نه اچي. گاڏي جو بندوبست انهيءَ ڪري ڪيائين جو منهنجي واپسي جي فلائيٽ نيو يارڪ مان هئي، جيڪو هيگرس ٽائون کان هڪ پاسي ڪار جو سفر تقريباً پنج کان ڇهه ڪلاڪ جو هيو ۽ ايتري وڏي اوٽ موٽ جي ڊرائيو ڪرڻ سائين ممتاز جي وس کان گهڻي هئي، تنهنڪري اهو سڄو انتظام ممتاز صاحب پاڻ ڪيو. بهرحال سائين ممتاز صاحب سان بار بار ڳراٺڙيون پائيندي اکين کي واري واري سان آلڙو ڪندي، هڪٻئي کان موڪلايون پيا ته چپن تي الفاظ ئي ڪونه پيا اچن. چپن سان ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪيون پيا ته اڳ ئي اکيون شباب ۾ مست ٿي ڪري نڙي ۾ اٽڪي پئي وڃي، بهرحال ٻه ٽي دفعا اها ڪوشش ڪئي ته ڀاڪر وجهي هڪٻئي کان ڳالهائيندي موڪلايون پر اسان تي انهيءَ مهل ۽ اُن گهڙي دل ۽ اکين جو پاڻ ۾ اتحاد ايترو ته مضبوط ٿي ويو جو اسان جي زبان ۽ چپن تي بلڪل حاوي ٿي ويا. جيڪو ڊرائيور گاڏي ڪاهي آيو هيو ته اهو اسانجي جذبات کي ڏسي پنهنجي دل تي هٿ رکي خبر ناهي ته ڪنهن جي جدائي کي تصور ۾ آڻي پنهنجي ليکي ماضي ۾ هليو ويو، جڏهن مان گاڏي ۾ اڳين سيٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته مون ڊرائيور ڏانهن نيڻ کڻي نهاريو ته انجي اکين ۾ به شباب اچي گهر ڪيو هيو، نيڻن مان شباب نڪري سندس قميص تي اچي ڪريا ۽ هڪدم پنهنجي هٿن کي حرڪت ۾ آڻيندي پنهنجي اکين کي ٿپڪي ڏنائين.
منهنجو ممتاز صاحب وٽ وڃڻ مهل سندس جيڪو گهر هيو، انهيءَ کي ڪِرائي تي ڏئي پاڻ وري انهيءَ گهر کان وڏو، نئون نڪور ۽ شهر ۾ پنهنجي وڏي پٽ ۽ وڏي نياڻي جي سهولت ۽ ويجهڙو ٿيڻ خاطر گهر خريد ڪيو، تنهنڪري جڏهن مان واپس پاڪستان اچڻ جي ڪئي ته ممتاز جي نئين گهرکان موڪلايو. ممتاز سائين بار بار پيو چوي: ”ويهه نه وڃ او منهنجا مٺا، اڃان توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.“
اسان ممتاز صاحب کان تقريباً ساڍي 10 وڳي صبح جو نيو يارڪ لاءِ موڪلائي نڪتاسين پر سڄي واٽ ممتاز سان رابطي ۾ رهياسين، اتفاق سان ڊرائيور به لاهور جو هيو، جنهن جا ٻيا ڀائر نيو يارڪ ۾ رهندا آهن ۽ پاڻ اوبر تي ٽيڪسي هلائيندو آهي پر اڄ اسان کي اوبر (Uber) کان بغير کڻي پيو هلي. ماڻهو نهايت شريف ۽ خانداني لڳو پئي ۽ اسانجو بيحد احترام ۽ عزت ڪندو هليو. فلائيٽ جو ٽائيم رات جو تقريباً 11 وڳي هيو، تنهنڪري اسان نڪرڻ سان سائين جمشيد مغل صاحب کي ٻڌائي ڇڏيو هيو ته اسان هيگرس ٽائون کان نڪتا آهيون، تنهنڪري مغل صاحب به اسان سان رابطي ۾ رهيو. رستي ۾ هڪ جاءِ تي رڪياسين، جتي فرض ادا ڪندي ڄنگهن کي ڊگهيرڙو ڪندي وري ٻيهر گاڏي ۾ سوار ٿياسين. اسانجي اندازي کان تمام جلدي وڃي نيو يارڪ جا نظارا اسان کي ڏسڻ ۾ آيا. ڊرائيور کي به پنهنجي ڀائرن سان ملڻو هيو، تنهن به گاڏي کي 80 کان 90 ميل جي رفتار سان هلائيندو هليو، خبر تڏهن پئي جڏهن اسان وڃي سٽيتن آئيلينڊ (Staten Island) مان گذرندي 278 هاءِ وي (278 Highway) سان سفر ڪندي وڃي پل پار ڪري بروڪلين بورو
(Brooklyn Borough) ۾ داخل ٿياسين. بيلٽ پارڪ وي
(Belt Parkway) وارو گس وٺندي ڪئينس بورو (Queens Borough) جي علائقي ۾ داخل ٿياسين، جنهن ۾ جي ايف ڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ (JFK International Airport) آهي. جمشيد مغل صاحب جو آستانو به ايئرپورٽ کان اڍائي ٽي ميل جي پنڌ تي آهي، سو جمشيد صاحب اسانجي لاءِ گهر ۾ ماني تيار ڪرائي ڇڏي هئي ۽ فلائيٽ لاءِ به اسان کي ست اٺ ڪلاڪ جو وقفو هيو، تنهنڪري اسان سڌو مغل صاحب جي گهر پهتاسين ۽ ڊرائيور کي اتي خدا حافظ چيو، سامان مغل صاحب جي لينڊڪروز نما وڏي گاڏي ۾ رکيو ۽ ڊرائيور جا ڀائر انهيءَ علائقي ۾ رهندا هيا، تنهنڪري هو به کل خوشي ۾ اوڏانهن هليو ويو.
تقريباً ساڍي چار يا پوڻين پنجين وڳي شام جو ماني ٻوڙ کي ٻرو ڏئي دلبر پيٽ کي ڀري، پوءِ سفر جا حال احوال اورياسين. ممتاز ڀٽو صاحب جون صلاحون سفر لاءِ تمام لاڀائتيون هونديون آهن، تنهنڪري اسان ان تي عمل ڪندي هيگرس ٽائون مان تمام مختصر کاڌو کائي نڪتا هياسين، جيڪو اسان کي سفر ۾ سٺو لڳو.
ٽي چار ڪلاڪ ماني کان بعد گڏ رهياسين، اٺين وڳي جي قريب مغل صاحب جي گهر کان ايئرپورٽ ڏانهن راهي ٿياسين، ڏهن پندرهن منٽن اندر وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. ڊراپ لين ۾ گاڏي بيهاري جيستائين اسان سامان گاڏي مان ڪڍون پيا ته مغل صاحب ٽرالي سميت ڪولهي کي سڏي ۽ پيسه ڏئي سامان رکرايو ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پائي موڪلائي روانو ٿي ويو ۽ اسان اندر وڃي قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ ۽ سامان انهن جي حوالي ڪرڻ خاطر بيٺاسين. هر هڪ مسافر کي ٻه عدد بيگس پنجاهه پائونڊ يا ٽيويهه ڪلو هر هڪ بيگ سامان جو وزن ٽڪيٽ ۾ شامل آهي، انهيءَ کان وڌيڪ ته پيسه ٻيا ڏيڻا پوندا. 46 ڪلو وزن ڪل پر هر هڪ بيگ جو الڳ الڳ وزن ٿيندو آهي، مثال طور توهان جون ٻه بيگ آهن ۽ وزن به پورو آهي پر جيڪڏهن هڪ بيگ جو وزن 26 ڪلو ۽ ٻئي جو 20 ڪلو آهي ته به توهانجي هڪ بيگ جو وزن ٽي ڪلو وڌيڪ آهي، انهيءَ جا توهان کي وڌيڪ پيسه ڏيڻا پوندا. اسان جي اڳيان هڪ هندستان جي نئين نڪور جوڙي جو پاڻ ۾ جهيڙو لڳو پيو هيو ۽ ٻئي پاڻ ۾ هڪٻئي تي الرون ڪن پيا ته تنهنجي ڪري هي پيسه ڏيڻا ٿا پون، پر آخرڪار ڳالهين ۾ اڄ تائين ڪنهن مرد کٽيو ناهي، تنهنڪري انهيءَ نوجوان ديوان کي به هٿ ڏڪائيندي پيسه ڪڍڻا پيا.
الحمدلله اسانجو سامان ممتاز صاحب ماپ تور ڪري پورو بيهاريو هيو، تنهنڪري اسان کي ڪابه مشڪلات پيش ڪانه آئي. بورڊنگ ڪارڊ وٺي لائونج کي ڳولهيندا وڃي اتي پهتاسين ۽ جهاز جو انتظار ڪرڻ لڳاسين پر اتي ايترو ته ميل ۽ ملاکڙي وارو ماحول هيو جو خبر تڏهن پئي جو اسان کي جهاز تي سوار ٿيڻ لاءِ چيائون، اسان به ”الوداع اي آمريڪا الوداع“ ڪندا آمريڪا جي زمين تان قدم کڻندي هوا ۾ رکندي منهن ملير ڏي ڪيوسين.

ll

پاڪستان جي سرزمين تي قدم

پاڪستان جي سرزمين تي قدم

الحمدلله مون اڄ آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو 45 ڏينهن جو دورو ڪري دوستن ۽ گهڻگهرن جون يادون ساڻ کڻي اچي پنهنجي پياري پاڪستان جي سرزمين تي قدم رکيو. خبر ناهي ته آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي سرزمين جون ججهيون رونقون ۽ سهولتون هجڻ جي باوجود دل ۽ دماغ کي جيڪو سرور پنهنجي سرزمين تي قدم رکڻ ۽ صبح سوير جي ٿڌڙي هوا جي جهونڪي سان محسوس ٿيو، انهي کي مان ڪنهن به طرح لفظن ۾ قيد نٿو ڪري سگهان. ٿي سگهي ٿوته ڪو شاعر انهي ڪيفيت کي پنهنجي شعر جي معرفت بيان ڪري سگهي، باقي مون غريب جاهل کي اها وسعت ۽ طاقت ناهي ته مان انهيءَ کي تحرير ڪري سگهان. بهرحال جيڪو مزو ۽ سڪون پنهنجي سرزمين تي آهي، اهو توهان کي ڪٿي به نصيب ڪونه ٿيندو. الله سائين جا لک شڪرانه جو اسان کي پنهنجو آزاد وطن آهي. جيڪي آزادي جي نعمت کان محروم آهن، آزادي جو قدر ته انهن کان ڪير پڇي. گهٽتايون، زيادتيون ۽ ڪوتاهيون ته هر معاشري ۾ آهن، ڪٿي ٿوريون ته ڪٿي ججهيون پر آهن ضرور.
انهيءَ ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته ڪيناڊا ۽ آمريڪا اسان کان هر لحاظ ۾ اڳتي آهن، پر سڪون ۽ راحت جيڪا مون کي پنهنجي ملڪ ۾ محسوس ٿي، اها ڪٿي به ڪانه ٿي، باوجود انهيءَ جي ته اسان وٽ تمام گهڻيون خاميون ۽ ڪوتاهيون آهن.
مون کان ڪافي دوستن اي ميل ۽ ميسينجر ذريعي اها پڇڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي لاءِ ٻنهي ملڪن مان ڪهڙو ملڪ وڌيڪ بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اسين اوڏانهن وڃڻ چاهيون؟
ٻيو ته ڪهڙي فيلڊ کي اتي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي؟
ٽيون ته انهيءَ لاءِ ڪهڙي طرح اسان وڃي سگهون ٿا؟ سڀ کان پهريان ته مان انهن سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جو مون ناچيز کي ايتري اهميت ٿا ڏين.
ڀائرو! مان توهان کي بلڪل صاف لفظن ۾ ٻڌايان ته انهن ٻنهي ملڪن جي متعلق منهنجو تجزيو ايئن آهي، جيئن چوندا آهن ته ”آئي ٽانڊو کڻڻ بورچياڻي بڻجي وئي.“ مان سمجهان ٿو ته انهيءَ معاملي تي منهنجا پرين پيارا دوست جيڪي پرديس ۾ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ بيقرار هوندا آهن ۽ جيڪي انهن ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهن پيا، اُهي انهي تي وڌيڪ ۽ صحيح روشني ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. مان ڪيناڊا جي لاءِ سائين احمر نديم ميمڻ، سائين مشهود قاضي، سائين جميل نظاماڻي، عبدالستار هاليپوٽه، ڊاڪٽر خليل ڌاريجو، خير محمد ڪولاچي ۽ ٻيا شامل آهن. آمريڪا لاءِ سائين علي نواز ميمڻ، سائين علي حسن ڀٽو، سائين احسان الله ميمڻ، سائين امتياز ڪلوڙ، سائين اقبال ترين، ڊاڪٽر مڪيش، سائين عبدالوهاب سرهيو، سائين اعجاز ترڪ ۽ ٻيا شامل آهن.
انهن سڀني دوستن کي گذارش آهي ته انهن مٿي ڄاڻايل ٽن موضوعن تي هتان جي دوستن جي رهنمائي ۽ انهيءَ سڄي پروسيس دوران جيترن به ڏکن ۽ دردن مان گذرڻو پوندو ۽ انهي کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ انهيءَ سان لاڳو ٻين معاملن بابت ڄاڻ ڏيندا، ٿي سگهي ٿو ته اسان جا نوجوان انهيءَ مان ڪجهه لاڀ پرائي سگهن ۽ پاڻ پنهنجي ڪٽنب سميت خوشحال زندگي گذارين.
مان صرف ايترو دوستن کي عرض ڪندس ته جيڪو دوست ڪيناڊا، آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ جو ارادو رکي ٿو ته سڀ کان پهريان جنهن به فيلڊ سان لاڳاپيل آهي، انهي ۾ مهارت ۽ ديانتداري سان ڪم ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهي، انهيءَ کان بعد دنيا جي هر ڪُنڊ ۾ توهان جي عزت ٿيندي.

ll

ڇا سکيو ۽ ڇا پرايو؟

ڇا سکيو ۽ ڇا پرايو؟

انسان جي سڄي عمر آهي سکڻ لاءِ، جيترو ڪجهه سکي ٿو اهو ٻئي ڏينهن ٿورو ٿي وڃي ٿو.
انسان جي لاءِ بک ۽ اڃ جبلت آهي، اهڙي طرح علم ۽ سکيا جي اڃ ڪڏهن به پوري ٿيڻ واري ناهي. جيئن جئين دنيا ترقي ڪندي ويندي تيئن تيئن نئين کان نئون سکيا جو عمل ڦٽندو ويندو.
اسان پاڻ کي مسلمان ۽ ديندار سمجهون ٿا ۽ ٻين کي اسان اسلام ۽ دين جي لحاظ کان پاڻ کان گهٽ سمجهندا آهيون، پر جڏهن دين اسلام جي ارڪانن تي عمل جو مرحلو اچي ٿو ته اسين دين اسلام جي هڪ رڪن تي به عمل پيرا ڪونه آهيون. اسان جا علماءِ دين ۽ ٻيا هميشه اهو چوندا ته پاڪستان واحد ملڪ آهي، جيڪو اسلام جي مڃڻ وارن لاءِ ٺهيو آهي پر جڏهن حقيقتاً ڏسبو ته پاڪستان ۾ دين اسلام جي هڪ به رڪن تي ڪٿي به عمل ڪونه ٿو ٿئي.
علم، عمل، صفائي، انصاف، خدمت، ٻئي جي ڀلائي، واعدو پاڙڻ، سچائي وغيره وغيره، انهن سڀني جي اڌ ته ڇا پر ڏهين پتي تي به عمل ڪونه ٿا ڪيون، اُبتو ڪوڙ، بي ايماني، دوکو، دولاب، تور ماپ ۾ ڦير گهير ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ٿا ڇڏيون، تنهنجي باوجود به اسان پاڻ کي نيڪ ۽ ديندار چورائڻ ۾ عار محسوس نٿا ڪريون.
انهيءَ جي مقابلي ۾ 99 سيڪڙو اسلام جي اصولن تي عمل انهن وٽ نظر ايندو جن کي اسين ديندار نٿا سمجهون. انهن اسلام جي عين روح مطابق عمل ڪندي ترقي ڪئي آهي ۽ اسان ان جي ابتڙ هلندي سڀ ڪجهه هوندي به انهن جا ذهني ۽ مادي طور غلام آهيون.
افرادي قوت، قدرتي وسائل، تيل ۽ معدنيات اسان وٽ، تنهن هوندي به اسان انهن جا محتاج. اسان کي جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته اسلام جي ارڪانن تي عمل ڪندي الله سائين جي مخلوق جي خدمت ڪندي سرخرو ٿي سگهون ٿا. محنت، سچائي، خيرخواهي کان بغير ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي.

ll

انڊيڪس

انڊيڪس



آ
آٽوا 66, 79, 82, 84, 87, 89, 92, 93, 95, 101, 102, 105
آغا نور محمد پٺاڻ 5
آفريڪا 100, 118, 138, 179, 182, 195
آسٽريليا 100, 107
آڪسفورڊ گروپ آف پراپرٽيز ٽورنٽو 45
آءِ ايم ايف 23, 157
ا
ابوظهبي ايئرپورٽ 11
احسان الله ميمڻ 170, 176, 177, 178, 179 203, 245
احمر نديم ميمڻ 39, 40, 41, 53, 59, 69, 245
اسپين 96
اسسٽنٽ پروفيسر 36
اسلام آباد 5, 10, 11, 16, 23, 90, 93, 94, 198
اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ 10
اسلام آباد يونيورسٽي 38
اسٽيچيو آف لبرٽي 108, 109, 116, 118
اسٽيفن اوينيو 51
اسٽيٽن آئيلينڊ بورو 108
اعجاز ترڪ 245
اقبال ترين 245
اقوامِ متحده 158
اقوام متحده جي بلڊنگ 109
الاسڪا 108, 110
البرٽا 30, 33, 41, 46, 51, 52, 69, 97
الڪتراض آئي لينڊ 217
الوليد بن طلال 45
امتياز ڪلوڙ 226, 245
امتياز ميمڻ 128, 129, 131, 132, 136
امر ڀٽو 226
اميگريشن 11, 12
اميگريشن ڪائونٽر 11
انٽرنيشنل ڊرائو 4, 187
انڊونيشيا 107
انيووڪ شهر 98
اوبر 196, 217, 241
اورلينڊو 4, 171, 175, 176, 177, 179, 187, 188, 189, 191, 192, 194, 203, 204, 205
اوريگن يونيورسٽي 155
اونٽاريو 32, 33, 36, 79, 93, 97
اونٽاريو رور 87
اوهايو 141
اوينيو موٽل 78
اوٽاوا 32
ائٽلانٽڪ 4, 139, 140, 141
ائٽلانٽڪ سٽي 140, 141, 230
ايبٽ آباد 73
ايٽلانٽڪ 43, 132, 134
ايٽلانٽڪ سٽي 132
ايڊمنٽن 27, 28, 29, 30, 32, 33, 36, 39
ايڊمنٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ 28
ايشيا 95, 100, 182, 195
ايگريڪلچر 19, 69, 211, 212
ايگريڪلچر فارم 37
ايم ڪيو ايم 30
ايميگريشن اسٽاف 35, 36
اينٽينائن 209
ايئر ڪيناڊا 24, 27
ايئر هوسٽس 62
ب
باٿ روم 15, 83, 143
بارڊر سيڪيورٽي 12
بالٽيمور 175, 224, 225, 226, 234
بائو درياءَ 51
بائو ميوزيم 51
بحريه ٽائون 90
برازيل 107
برٽش ڪولمبيا 33, 97
برطانيه 94
بروڪلين برج 109
بروڪلين بورو 108, 242
برونڪس بورو 108
بفيلو شهر 71, 109
بنف پارڪ 43, 45, 46, 47
بنگلاديش 95, 96, 107, 191
بو ندي 40
بورڊنگ ڪارڊ 11, 12, 24, 36, 176, 205, 224, 242, 243
بونا وينچر هوٽل 101
بيٽري ٽنل 109
ڀ
ڀنڀور 47
ٿ
ٿامس الوا ايڊيسن 141
ٿاڻو بولا خان 47
ٽ
ٽائيم اسڪوائر 4, 109, 115, 124, 125
ٽاپ آف دي ورلڊ 43
ٽاپ آف ورلڊ گليشئر 43
ٽم هارٽنس 77
ٽم هارٽنس شاپ 78
ٽورنٽو 26, 27, 32, 33, 36, 68, 70, 78, 79, 82, 84, 93, 94, 109
ٽيسلا 4, 219, 221
ٽيڪساس 108
ڄ
ڄامڙا برادري 35
پ
پارڪ وي 242
پارليامينٽ 79, 80, 94, 95, 96
پاسپورٽ 12, 35, 36, 104
پاڪستان 4, 5, 8, 9, 17, 18, 19, 23, 32, 37, 39, 47, 60, 73, 80, 81, 82, 86, 94, 95, 96, 97, 105, 106, 107, 114, 119, 123, 131, 133, 142, 143, 155, 156, 157, 159, 160, 169, 178, 185, 193, 198, 204, 212, 223, 232, 233, 235, 238, 239, 241, 244, 247
پائو وائو ميلو 3, 49
پٺاڻ 76, 77, 78
پرنس ايڊورڊ آئي لينڊ 34
پرنسٽن يونيورسٽي 141
پنجاب 23, 84, 170
پوٽامڪ درياءَ 4, 163, 164, 165, 168
پوٽامڪ رور 163, 164, 165, 236
پوٽامڪ ندي 21, 23, 163, 236, 237
پورچگيز 96
پيس برج 51
پيسفڪ ۽ ايٽلانٽڪ اوشن 43
ج
جانسٽن ڪينين 45
جسپر پارڪ 43
جمشيد مغل 105, 112, 113, 128, 131, 134, 241
جميل احمد نظاماڻي 39, 53, 70,68, 245
جميل مغل 124
جي ايف ڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ 242
جيفرسن ڪائونٽي 229
چ
چارلس ٽائون 228, 229, 230, 238
چائنه اسلامڪ ريسٽورنٽ 206
چائنه ٽائون 217
چين 85, 98, 107, 149, 193
ڇ
ڇهه ڊي ميرٽ پوائٽس 92
ح
حفيظ الرحمان 219
حفيظ الله 205
حفيظ صاحب 205, 206, 207, 209, 211, 213, 218, 222, 223, 225
خ
خيبرپختونخواهه 23
خير محمد ڪولاچي 70, 71, 75, 79, 245
د
دادو 47, 183, 189, 215
ڊ
ڊاڪٽر خليل ڌاريجو 69،245
ڊاڪٽر قادر بخش 128
ڊاڪٽر لياقت ڀٽو 18, 21, 128, 226, 231
ڊاڪٽر مڪيش 245
ڊزني ورلڊ 4, 192, 193, 194
ڊفينس 22, 39, 90, 96, 105, 179
ڊنڊاس اسٽريٽ 78
ڊيٽونا بيچ 4, 198, 200, 202
ر
راولپنڊي 93
راڻي ايلزبيٿ 32
رحيم بخش ميمڻ 4, 179, 181, 187, 203
رحيم بخش ميمڻ مورائي 4, 179
رحيم يارخان 84
رني ڪوٽ 47
رورسائيڊ ڪائونٽي 205
رونالڊ ريگن 165, 236
ريڊ انڊين 210
ريسٽ روم 3, 15, 16, 17, 18, 83, 212
ريشما ميمڻ 156
ريگن انٽرنيشنل ايئرپورٽ 21, 165
س
سائنس سينٽر 51, 97
سائين شفقت 39
سپرنٽينڊنٽ آف سينٽر 55
سسڪاچوان 34
سفاري پارڪ 147, 195
سلطان ڀٽو 226
سليم ڄام 84, 85, 89, 101
سن جوز 210, 213
سن جوز ڪائونٽي 210
سن فرانسسڪو 4, 208, 209, 210, 211, 215, 216, 217, 221
سنفرڊ 4, 178, 179, 183, 186, 187, 188, 191, 196, 204
سنڌ ويزن 2, 3, 53, 57, 58
سنڌ يونيورسٽي 36
سوات 73
سونا زيور 25
سي اين ٽاور 80
سينيٽ بلڊنگ 22
سينٽ 96
سينٽرل پارڪ 109
سٽيتن آئيلينڊ 242
ش
شڪاگو 108
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 38
ص
صدر ٽرمپ 132, 140
ع
عباسي صاحب 11
عبدالستار هاليپوٽه 29, 245
عبدالفتاح ميمڻ 155
عبدالوهاب سرهيو 245
عرب 95, 96, 239
علي حسن ڀٽو 127, 128, 129, 130, 131, 133,132, 135, 136, 139, 141, 145, 147, 148, 245
علي نواز ميمڻ 4, 150, 151, 155,154, 163,156, 168, 169, 171, 245
غ
غلام حسين ڄامڙو 36,35, 39, 43, 41, 45, 53, 68, 71, 130, 135, 145, 172
غلام حيدر ڄامڙو 132, 135
غلام فريد عباسي 198
ف
فالو فيلڊ اسٽيشن 84, 89
فرانس 109
فرينچ 32, 33, 78, 93, 95, 96, 97, 99, 101
فريڊرڪ 234, 235, 238, 239
فريڊريڪٽن 33
فشرمين وارف 217
فلوريڊا 108, 110, 170, 178, 179, 194, 203
فياض گاجاڻي 53
فيض کوسو 85
فيئرمانٽ 44, 45
ق
قائد اعظم 38
قائداعظم يونيورسٽي 38, 198, 205, 208, 209
قرآن مجيد 63, 64
قيوبيڪ 33, 93
ڪ
ڪابيلاز 147
ڪامران 156
ڪائونٽي 69, 108, 151, 179, 204, 234, 239
ڪتي جي قبر 47
ڪراچي 2, 47, 56, 90, 94, 97, 155, 170, 178, 188
ڪريم ميمڻ 4, 148, 150, 151, 154
ڪسينو 4, 131, 132, 140, 229, 230, 236, 237
ڪسٽم 12, 36, 104
ڪسٽمر سروس ڪائونٽر 26
ڪشمير 73, 205
ڪلفٽن 90
ڪوئين بورو 108
ڪوئينز بورو برج 109
ڪيئنس بيڊ 78
ڪيبل ڪار رائيڊ 217
ڪيپيٽل هل 22
کيرٿر پارڪ 47
ڪيلگري 3, 27, 28, 29, 30, 31, 32, 33, 35, 36, 37, 38, 39, 40, 41, 43, 47, 49, 51, 56, 57, 59, 66, 68, 69, 70
ڪيلگري فورٽ 51
ڪيلگري ٽاور 40
ڪيليفورنيه 194،108, 198, 210, 220, 222, 224
ڪيمپ ڊيوڊ 238
ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ 36
ڪين مور 43
ڪيناڊين ڊالر 32
ڪيوبيڪ 95, 97, 99
گ
گارڊن 51
گري هائونڊ بس سروس 208, 211
گلبرگ 90
گليشئر 37
گورنر جنرل 94
گولڊن گيٽ 216, 217
گولڊن گيٽ پارڪ 217
گيٽنو 93
ڳ
ڳوٺ احمد پور 85
ل
لائيو اسٽاڪ 19
لاس اينجلز 108, 110
لاس اينجلس 175, 198, 204, 205, 206, 210, 211, 219, 221, 224, 226
لالو ميمڻ 128
لنڊي ڪوتل 97
لياقت علي ڀٽو 176
ليبنيز 116
ليڪ لوئيز 43, 44, 45
م
مارئي 152
ماڪڙ 77
مانيٽوبه 33
مانٽريال 3, 32, 95, 96, 97, 101, 102, 103, 104, 105
مانٽريال ميوزم آف فائين آرٽس 97
مبين جماڻي 171, 203
محمد جمن ڄامڙو 1, 2, 5, 207
مدثر ڀٽو 226
مڊل ايسٽ 100
مڊنائيٽ سن ماسڪ 98
مڱ ڦريون 4, 232, 233
مزمل ڀٽو 226
مشهود قاضي 245
مشهود ميمڻ 53, 54
مڪلي 47
ملائيشيا 69
مِلان 141
ملير 178, 179, 243
ملير ڪينٽ 178
ممتاز حسين ڀٽو 14, 17, 19, 24
ممتاز شر 70, 71, 72, 75, 78
ممتاز صاحب 15, 16, 18, 21, 71, 145, 147, 148, 149, 150, 174, 175, 225, 226, 228, 230, 233, 234, 235, 236, 240, 241, 243
ممتاز ڀٽو 9, 27, 128, 145, 147, 171, 174, 224, 226, 242
منٽگومري ڪائونٽي 148, 154, 156
موئن جو دڙو 47, 162
مونڪٽن 33
ميامي بيچ 198, 202
ميرپور خاص 94
ميريلينڊ 23, 107, 110, 148, 152, 156, 164, 183, 229, 234, 238, 239
ميڪسيڪو 107
ميموريل برج 21
مين هيٽن بورو 108
مين هٽن 3, 108, 109, 112, 114, 116
ن
نائجيريا 107
نائن اليون 108
نارا ڪينال 112
نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا 100
نارٿ ڪيرولينا 224, 225
نارٿ ويسٽ ٽيريٽريز 34
ناگرا فال 3, 68, 70, 71, 72, 73, 75, 109, 137
نديم ميمڻ 40, 41, 53
نظام شيخ 57
نعمان ميمڻ 156
نناوٽ 34
نوا اسڪوشه 33
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي 156
نيو برنسوڪ 33
نيو جرسي 109, 127, 133, 134, 135, 140, 141, 230
نيو يارڪ 104, 107, 108, 109, 110, 112, 113, 124, 129, 135, 137, 139
نيوفائونڊلينڊ اينڊ ليبرادار 33
و
واشنگٽن 3, 4, 9, 10, 11, 13, 17, 21, 23, 26, 36, 38, 107, 129, 148, 152, 175, 176, 228, 229, 234, 236, 239
واشنگٽن ڪائونٽي 238
واشنگٽن ڊليس انٽرنيشنل ايئرپورٽ 9, 13
واشنگٽن ڊليس ايئرپورٽ 24, 176
واشنگٽن ڊي سي 3, 21, 23, 24, 107, 164, 165
والٽ ڊزني 189, 193
والٽ ڊزني ورلڊ 189
وائيٽ هائوس 21
ورجينيا 21, 23, 24, 107, 152, 164, 165, 228, 229, 236
ورجينيا اسٽيٽ 21
ورلڊ بينڪ 23, 156, 157
وزير اعظم 89
وزير اعظم هائوس 94
وڪٽوريه 33
وليد 215, 216, 218, 221،219
ونٽر پارڪ 4, 187, 188
ووڊ برج 141, 145, 147, 149
ويسٽ ان 26
ويڪيوم 90
وينڪوور 32, 33
هه
هارس شو ڪينين 37
هندستان 13, 39, 95, 96, 107, 114, 155, 215, 243
هڊسن درياءُ 109
هڊسن رور 109, 124, 137
هوسٽن 108, 231
هيرس برگ 4, 145, 146, 147, 148, 149, 150
هيگرس ٽائون 4, 17, 19, 21, 24, 128, 145, 148, 149, 151, 171, 174, 175, 183, 224, 225, 226, 228, 229, 231, 234, 235, 236, 237, 238, 239, 240, 241, 242
هيلي فيڪس 33
ي
يورپ 100, 134, 138, 182, 195
يوڪون 34
يونين اسڪائر شاپنگ 217
يونين ريلوي اسٽيشن 22
يونيورسٽي آف الينوائس 155
A
Aboriginal Peoples 49
Abu Dahbi International Airport 11
Air Canada 24, 27
Alaska 109
Albama 109
Albany Station 105
Alberta 33, 41, 46, 97
Alcatraz Island 217
Arizona 109
Arkansas 109
Atlantic City 140, 230
Atlantic City Broadway 140
Atlantic Ocean 140
Avenue Motels 78
B
Baltimore International Airport 224
Banff Park 43, 46
Battery Tunnel 109
Belt Parkway 242
Bonaventure Hotel 101
Bow River 40
British Columbia 33, 97
Bronx Boro 108
Brooklyn Boro 108
Brooklyn Borough 242
Brooklyn Bridge 109
Buffalo City 72
C
C N Tower 80
Cabela’s 147
Cable Car Ride 217
Calgary 26, 32, 33
California 109
Camp David 238
Can more County 43
Capital Hill 22
Central Park 109
Charles Town 228, 238
China Town 217
Chinook centre 51
Colorado 109
Connecticut 109
County 69, 151, 179
Cowboy Hat 50
Cross Iron 51
Customers Service Counter 26
D
Daytona Beach 199, 202
Delaware 109
Dhabi Abu 11
Dundas Street 78
E
Edmonton 27, 32, 33
F
Fairmont Hotel 44
Fallowfield Station 84, 87, 89
Fish Aquariums 147
Fisherman’s Wharf 217
Florida 109, 178, 179
Frederick 234, 238
Fredericton 33
G
Gatineau 93
Georgia 109
Golden Gate Park 217
Greatest show on the Earth 50
H
Hagers Town 17, 21, 128, 145, 225, 238
Halal Guys 116
Halifax 33
Harrisburg 146, 147
Horseshoe Canyon 37
Hudson River 109, 114, 124, 137
I
International Islamabad 10
International Monetary Fund 23, 157
Inuvik Town 98
J
Jasper Park 43
Jefferson County 229
JFK International Airport 242
Johnston Canyon 45
K
Kainai 49
Kentucky 109
Kootenay 49
L
Lake Louise 43
Los Angles 175
Louisiana 109
M
Maine 109
Manhattan 108, 109, 114
Manhattan Boro 108
Manitoba 33
Marlborough Mall 51
Mary Land 23
Maryland 109, 148, 164, 229, 234, 238
Massachusetts 109
Miami Beach 198, 202
Michigan 109
Midnight Sun Mosque 98
Milan 141
Minnesota 109
Missouri 109
Moncton 33
Montana 109
Montgomery County 148, 154
Montreal 32
N
Nebraska 109
NEPRA 156
Nevada 109
New Brunswick 33
New Hampshire 109
New Jersey 109, 127, 134, 230
New Mexico 109
New York 109
Newfoundland and Labrador 33
NewHorizon Mall 51
North Carolina 109, 224
North Dakota 109
Northwest Territories 34
Nova Scotia 33
Nunavut 34
O
Ohio 109, 141
Oklahoma 110
Ontario River 80, 87
Oregon 110, 155
Orlando 171, 175, 188, 204, 205
Ottawa 32, 79, 82, 87, 92, 93
Oxford Group of Properties Toronto 45
P
Pacific and Atlantic Ocean 43
Parliament Building of Ontario 79
Pennsylvania 110, 146
Potomac River 21, 23, 163, 168, 236
Prince Edward Island 34
Q
Quebec 33
Queen Boro 108
Queens Bed 78
Queens Borough 242
R
Rhode Island 110
Riverside County 205
S
San Jose 210, 213
Sanford 178, 179, 204
Saskatchewan 34
Six Demrit Points 92
South Carolina 110
South Dakota 110
Stampede 50
Staten Island Boro 108
Statute of Liberty 108, 137
Sunridge Mall 51
T
Tennessee 110
Texas 110
Thomas Alva Edison 141
Three Billion Dollars 45
Tim Horton’s 77
Time Square 109
Top of the World Glaciers 43
Toronto 26, 27, 32, 33, 79, 82
U
Uber 196, 241
Union Railways Station 22
Union Square Shopping 217
United Nation Organization 158
University of Illinois 155
University of Princeton 141
UNO Building 109
Utah 110
V
Vacum Cleaner 90
Vancouver 32, 33
Vermont 110
Victoria 33
Virginia 21, 23, 24, 110, 164, 228, 229, 236
W
Walt Disney 189, 193
Walt Disney World 189
Washington 9, 21, 23, 24, 110, 175, 176
Washington County 238
Washington DC 21
Washington Dulles International Airport 24
West Virginia 110
Westin 26
Wisconsin 110
Wood bridge 145, 147
Wood Bridge 141
World Bank 23
Wyoming 110
Y
Yukon 34