مختلف موضوع

اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 126 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book اچو تہ ڪتابن سان دوستي ڪريون

بابا انور پيرزادو

بابا انور پيرزادو
بابا انور پيرزادو، جيئن ڪتاب جي ٽائتل مان ظاهر آهي، امر پيرزادو جو پنهنجي پي انور پيرزادو جي زندگي جي مختلف پاسن متعلق لکيل ڪتاب آهي.
انور پيرزادو جي شخصيت سنڌ جي ماڻهن لاء هر لحاظ کان ڄاتل سڃاتل ۽ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي. سندس ادبي، سياسي ۽ ڪنهن حد تائين ذاتي زندگي کان سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طور اهي جيڪي سندس ويجھو رهيا آهن واقف آهن.
انسان جي شخصيت ۾ گھڻي ڀاڱي هڪ تسلسل هوندو آهي پر ڪڏهين ڪڏهين اتفاق سان اهڙا واقعا ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙا ڪم ٿي ويندا آهن جن جي نتيجن جي اڳواٽ ماڻهو کي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ اهي ماڻهو جي زندگي ۾ هڪ خاصيتي تبديلي آڻي ڇڏيندا آهن. آئون سمجھان ٿو ته انور جو ايئر فورس جي ٽريننگ ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي دوست کي اوڀر بنگال جي صورتحال متعلق لکيل خط جو اتفاقي طور ڪنهن غلط ماڻهو جي هٿ اچي وڃڻ سندس آئندہ جي زندگي جي سڄي سفر کي بدلائي ڇڏيو. جڏهين ته هن جو ارادو اهڙي ڪنهن مهم جوئي ڪرڻ جو نه هو. هو آرام سان پنهنجي ايئر فورس جي نوڪري ڪري ها ۽ پنهنجي خاندان سان هڪ خوشحال زندگي گذاري ها. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهين اهو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪو انور پوءِ اسان جي آڏو آيو اهو نه اچي ها.
انور هڪ نالي وارو صحافي ۽ ليکڪ رهيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان سندس ويجھو لاڳاپو رهيو. اها ڳالهہ سندس ڪريڊٽ تي آهي ته هن گھڻن موقعن هئڻ ۽ گھڻن حڪمرانن سان ويجھن ناتن هئڻ جي باوجود پنهنجي لاء ڪي ذاتي فائدا نه ورتا ۽ ڏکي سکي زندگي گذاري. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن پنهنجي اندر ۾ ان باغي نوجوان کي جيئرو رکيو هو جنهن ستر جي ڏهاڪي ۾ کيس ان خط لکڻ تي اتساهيو. سندس انعام ۽ ايوارڊ اهو هو ته هن جمهوري جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ جيل جون سختيون به سٺيون. ساڳي ريت سنڌي ادبي سنگت جي احياء ۽ ان کي گڏ رکڻ ۾ سندس نمايان ڪردار هو.
انور سان سياسي تنظيم جي حوالي سان ته آئون گڏ نه رهيو آهيان. منهنجو ساڻس تعلق ادبي سنگت جي حوالي سان رهيو آهي. هو پنهنجن دوستن سان محبت ڪندڙ پر سنگت جي معاملي ۾ نهايت حساس ۽ جذباتي ماڻهو هو. جيڪڏهين ڪراچي شاخ جو ڪنهن معاملي تي مرڪز سان ڪو اختلاف ٿيندو هو ته کيس فوري طور اهو محسوس ٿيندو هو ته ان سان متان سنگت جي اتحاد کي ڪو نقصان نه پهچي جڏهين ته دوستن جو اهڙو ڪو ارادو نه هوندو هو. پر هو فوري طور شاخ جي موقف جي مخالفت ۾ بيهي رهندو هو.
مون کي انور جي شخصيت جي حوالي سان ڪو خاص منفي پاسو نظر نه ٿو اچي. سياست، صحافت ۽ ادب جي حوالي سان اهو چئي سگھجي ٿو ته هن انهن مان ڪوبه ڪم پنهنجي ذاتي فائدي لاء نه ڪيو بلڪه ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن انهن ڪمن ۾ ذاتي حوالي سان سراسر خساري جا سودا ڪيا. انور متعلق منهنجو اهو تاثر هوندو هو ته هي چوويه ڪلاڪ پنهنجين سرگرمين ۾ رڌل آهي ۽ سندس پنهنجي گھر ۽ بارن ڏانهن ڪو ڌيان ناهي. پر پوء انور جي خاص طور چئني پٽن سان ملڻ کانپوء منهنجو اهو خيال غلط ثابت ٿيو. انور جي وڏي پٽ مرحوم زبير سميت اهي چار ئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ پنهنجي ورتاء ۾ مهذب آهن. اها پڻ هڪ خوش آئند ڳالهہ آهي ته انهن پنهنجي پي کي پنهنجو آدرش ٺاهي علم ۽ ادب جي واٽ اختيار ڪئي آهي.
امر جي ان ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ انور جي زندگي جي گھڻن پاسن جو احاظو ڪيو ويو آهي پر مون کي ائين لڳو ته لکڻ مهل ليکڪ هڪ دٻاء ۾ رهيو آهي ته انور جي هر عمل ۽ ڪم جي تعريف ئي ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ هن گھڻين جاين تي وڌاء کان ڪم ورتو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ جي ڪتاب ۾ دلچسپي گھٽجي وڃي ٿي. اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان هڪ پٽ جي پنهنجي پي سان محبت جو اظهار آهي جيڪا عقيدت جي حد تائين وڃي ٿي. ان جي ڪري انور جي زندگي جا گھڻا پاسا ان عقيدت جي ڪري سامهون نه ٿا اچي سگھن جيڪا ڳالهہ ساڳي وقت انور ۽ پڙهندڙ سان هڪ زيادتي آهي.