سنڌ شناسي

سنڌ جي انتظامي تاريخ

سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 84
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ جي انتظامي تاريخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران وليم نيپئر جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سنڌ جي انتظامي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 
ھي ڪتاب 2008ع  ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيش لفظ

سر چارلس نيپئر جي سنڌ جي فتح جي تاريخ ڇپجڻ وقت اھو واعدو ڪيو ويو ھو تھ سندس سنڌ ۾ رکيل انتظامي جوڙجڪ جي بيناد بابت بھ احوال لکيو ويندو. تنھن ڪري ھيءُ ڪتاب لکي، ان واعدي کي پاڙيو ويو آھي. جنھن ۾ ڪڇيءَ خلاف جنگ مھم جو احوال بھ شامل ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب کي بھ ”سنڌ جي فتح جي تاريخ“ جيان انگريز عوام ڏانھن منسوب ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھو، وڪٽوريا دور جي ھن فوجي جنرل جي ڪامياب جنگي مھمن جي دعوائن خلاف اٿيل ھڪ مسلسل آواز کي ختم ڪري سگھن ٿا. ھي نھ رڳو سورھيھ فوجي سپھھ سالار ھو، پر ڪامياب منظم بھ ھو، جنھن پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جون دليون ڌتاري ورتيون ھيون. پر عام ماڻھو جي حقيقي مدد حاصل ڪرڻ واسطي، سر چارلس جي خيالن ۽ عملي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي. جنھن ۾ ھن ڳالھھ جو اظھار ڪيو ويندو تھ ھن جي ملڪي انتظامي جوڙجڪ جو مجموعي ۽ مخصوص نوعيت جو ڪھڙو نقطئھ نظر ھو يا مخصوص قسم جي صورتحال دوران ھن جا خيال ۽ احساس ڪھڙا ھئا. ان کان سواءِ جتي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي تھ اتي سندس چيل اصلي لفظ بيان ڪيا ويا آھن.
عام طور تي ھڪ مصنف کي پنھنجي پنھنجي خيالن جي اظھار جي آزادي ھوندي آھي. پر جيڪڏھن ان موقعي جو فائدو وٺجي ھا تھ سر چارلس جي ڏاھپ ۽ ڏانءُ فطري مزاج ۽ ھلت چلت جي حقيقي سڀاءُ بابت اصلي ڳالھيون ڍڪجي وڃن ھا. ھن کان سواءِ کيس بي بنياد الزامن ۽ اجاين تھمتن کان بچائي ڪونھ سگھجي ھا. تنھن ڪري ھن ڪتاب جي تصنيف جو اھم ڪارڻ اھو آھي تھ جيئنءَ پڙھندڙ سر چارلس کي چڱيءَ ريت سمجھي سگھن ۽ مٿس لڳل اجاين الزامن کان متاثر نھ ٿين. جيڪڏھن ھي ڪتاب نھ لکيو وڃي ھا تھ، سر چارلس جي نقطئھ نظر کي غلط سمجھيو وڃي ھا. ڇاڪاڻ تھ ھتان جي عام ماڻھوءَ کي اھا خبر ڪانھ آھي تھ، جنھن ملڪ ۾ ھي ماڻھو موجود ھو تنھن جي ماڻھن جون رسمون رواج بلڪل مختلف ھئا ۽ جن ماڻھن سان ھن جنرل جو ڪاروھنوار ھو سي نھايت حاسد ھئا. مثال طور ھن نئين مفتوح علائقي ۾ عام رواجي حڪمراني قائم ڪرڻ بدران، فوجي راڄ مڙھيو ھو. پر فوجي طرز جي حڪومت ان ڪري قائم وئي جو فتح ڪيل علائقي جا ماڻھو ويڙھاڪ ھئا. تنھن ڪري اھڙن سرڪش ماڻھن کي ضابطي ھيٺ رکڻ ۽ کين مھذب بڻائڻ واسطي ھن کان سواءِ ڪيو ٻيو دڳ ڪونھ ھو. اھڙي ڳنڀير وايو منڊل ۾ ملڪ جي سول انتظاميھ جي قيام خلاف سندس اعتراض کي جيڪڏھن ان دور جي مخصوص صورتحال جي پسمنظر ۾ جاچي پرکي ۽ سندس نقطھ نظر تي سوچي ويچاري نھ ڏسبو تھ اھو پتو ڪونھ پوندو تھ ان دور جي ھندستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ سول انتظاميا قابل عمل ڪانھ ھئي. پر جيڪڏھن ان دور ۾ سول انتظاميا مقرر ڪئي وڃي ھا تھ اھا بلڪل ناڪام ثابت ٿئي ھا. ان ڪري سول انتظاميھ جي ذميواري ڪامورا شاھي خلاف نفرت پيدا ٿي وڃي ھا ۽ صوبي جي غير فوجي سرڪار اجائي بدنام ٿي وڃي ھا. اھڙيون ڳالھيون اڻ سونھيون ھيون جن جي پردي پٺيان سر نيپيئر جا اصلي اڌما ۽ اتساھھ ڍڪجي ويا ھئا ۽ سندس اصلي ڪارڪردگي بھ ماڻھن جي سامھون اچي ڪانھ سگھي ھئي. ھن جو فوجي اختيارن جو استعمال ھن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ھئي تھ جينءَ سنڌي ماڻھو انگريزن جي قائم ڪيل غير فوجي ادارن کي بنا دير قبول ڪرڻ لائق بڻجي سگھن جن جو بنياد ھن جنرل پاڻ رکيو ھو. ھي ڪم ڏاڍو ڏکيو ھو پر سر چارلس ان کي نھايت ڪاميابيءَ سان سرانجام ڪيو ۽ ڪابھ رنڊڪ کيس روڪي ڪانھ سگھي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ماڻھوءَ وٽ ھر قسم جا اختيار ھئا. ڏانءَ ۽ ڏات جو مالڪ ھو. جن کي دفتر جي ڪم جو اوچو ڍير ڍڪي سگھڻ ۾ سوڀارو ڪونھ ٿيو ھو. کيس فوجي ھئڻ ناتي بي انتھا وسيع اختيار ھئا پر ھن انھن کي سرڪاي منصوبھ بنديءَ جو حصو ڪونھ بڻايو ھو. ھتي اھو بيان ڪرڻ بيجا ڪونھ ٿيندو تھ ھن ماڻھو مذڪوره پنھنجي ڳالھين مان ۽ مھت ڏنو ھو. ھن کان پوءِ مسٽر پرگل Pringle آيو ھو، جنھن ٻن سالن جي عرصي تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ ھن سر چارلس کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪندي، ھي حقيقت تسليم ڪئي ھئي تھ ھن سنڌ اندر سرڪاري ادارن قائم ڪرڻ ۾ پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ جو ڀرپور اظھار ڪيو ھو.

وليم نيپئر

باب پھريون: سر چارلس جي سنڌ جي انتظاميھ

جڏھن مير شير محمد حيدرآباد ڀرسان انگريزن ھٿان شڪست کاڌي ھئي تھ فاتح ان وقت اعلان ڪيو ھو تھ ھن کان پوءِ بندوقون گوليون ۽ توبون گولا ڪونھ اوڳاڇينديون. پر ڪن ڌرين سندس ھن ڳالھھ کي ٻٽاڪ سمجھي چٿرون ڪين ھيون. پر سندس اھا ڳالھھ ۽ اڳڪٿي بلڪل سچي ثابت ٿي ھئي، جنھن جو بنياد ھيٺ ڏنل حقيقتن تي بيٺل آھي.
ھن ملڪ ۾ مختلف انساني نسل آباد آھن جن جا مذھب مختلف ۽ مفاد ھڪ ٻئي جي خلاف آھن. انھن جا اڌما، اتساھھ ۽ مادي مفاد ساڳيا ڪونھ آھن. پر جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان بغاوت جي باھھ ڀڙڪي اٿي بھ کڻي تھ ڊگھيءَ مدت تائين اھا مھاڏو ڏئي ڪانھ سگھندي اصلي سنڌي تھ ھاري ناري ۽ ڏتڙ ئي آھن. جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ سبب ڏتڙيل آھن. ھنن جي حيثيت بي ھٿيار غلامن جھڙي آھي. جيڪڏھن سنڌين کي غلاميءَ جي ھنن زنجيرن کان آزاد ڪيو وڃي ھا تھ ٽالپرن جي حڪمراني جو خير ڪونھ ھو. ھندو تعداد ۾ تھ گھڻا آھن، پر ڊڄڻا آھن. ھنن جي ڌرم کان سنڌي (مسلمان) ۽ ٻروچ نفرت ڪندا آھن. ھنن ماڻھن جي ڦرلٽ عام آھي. تنھن ڪري ھو نکڙي الڳ ٿي ويا آھن. کين امن ۽ بچاءَ جي ضرورت آھي. ڊگھي جنگ ٻروچن جي مفاد ۾ آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي عادي ظالم آھن. سندن خواھش آھي تھ ھو پنھنجي منافع بخش اھم حاڪماڻي حيثيت کي ڪيئن بھ ڪري برقرار رکن. پر ھنن ٻن لڳاتار جنگين ۾ شڪست کاڌي آھي. سندن خزانو انگريز سرڪار جي قبضي ۾ آھي. ھنن جا ڇھھ اھم مير جنگي قيدي آھي. سندن سياسي ۽ فوجي طاقت بھ کنا کيڙ ٿي وئي آھي. تنھن ڪري ھو صفون سنواري مقابلي ڪرڻ جھڙا تھ رھيا ئي ڪونھ آھن. ان کان سواءِ سندن مذھب جدا ۽ مفاد الڳ آھن. تنھن ڪري مڙي مٺ تي بغاوت جو ڦريرو بھ ڦڙڪائي ڪونھ سگھندا. نھ وري انگريزي فوج جي ڊگھي عرصي تائين مزاحمت ڪري سگھندا. ٻي ڳالھھ تھ ٻروچ مختلف قبيلن ۾ ونڊيل ورڇيل آھن ۽ ھر ڪو سردار پنھنجي ڏيڍ سر جو الڳ قبيلو قائم ڪيو ويٺو آھي. سنڌ ۾ پھچي سندن دشمنيون وڌي وڻ ٿي ويون آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي مختلف ٽالپر حڪمرانن جا ملازم آھن، جيڪي وري پاڻ کي آزاد ۽ بااختيار حڪمران سمجھندا آھن. پر رھندا ھڪ ئي قلعي ۾ گڏ آھن ھنن جو ٻين ڳالھين ۾ بھ، پر پنھنجي سنڌي رعيت تي ڏاڍ ڏمر ڪرڻ ۾ مقابلو ھوندو آھي. جن کان آباد ۽ ڀليون زمينون کسي شڪار گاھھ بڻائيندا آھن.
ٻين ميرن کان ميرپور خاص جو مير شير محمد وڌيڪ بھادر ماڻھو آھي. انگريزن کيس حيدرآباد ڀرسان شڪست ڏني آھي. ھن مقابلو اڪيلي سر ڪيو ھو. آپت مان ساڻس ڪير بھ ٻانھن ٻيلي ڪونھ ٿيو آھي. ھيءُ مير مياڻي جي ميدان تي ھلي ڀائن سان ڀاءُ ڪونھ ٿيو ھو. خاص ڪري ان جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ان ڪري ٿي ڪونھ سگھيو ھو، جو انگريز سپاھھ سالار جلدي ڪري حملو ڪري ورتو ھو. ٻي ڳالھھ تھ کيس ڪجھھ غلط فھميون بھ ھيون. ھيءُ مير صوبدار خان سان ڪونھ ٺھندو ھو. ڪنھن ڳالھھ تي ٻين ميرن وانگي ھي بھ سمجھندو ھو تھ بھادر بلوچ جڏھن تلوارون تاڻي، ھڪ وار پڙ تي پھتا تھ انگريزن لاءِ ڀڄڻ کان سواءِ ٻي واھھ ڪانھ ھوندي. تنھن ڪري ھو سست رفتارريءَ سان پيش قدمي ڪري رھيو ھو. کيس اھا بھ غلط فھمي ھئي تھ سوڀ اوس بھ ميرن جي ٿيندي. جنھن کان پوءِ ھو سندس حڪمرانيءَ جي حدن کي پاڻ ڏانھن سوريندا، تنھن ڪري ھن پنھنجو ٻارھن ھزار لشڪر ھنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ لڪائي ويھاري ڇڏيو ھو. کيس رستي ۾ اھا سڌ پئي تھ جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست ملي آھي ۽ سندن تخت تاراج ٿي ويو آھي. اھڙي خبر ٻڌڻ سان ھو پويان پير ڪري وڃي ميرپورخاص پھتو. ھن انگريز ڌر کي صلح جي آڇ ڪئي، پر سندس من ميرو ھو. کيس لشڪر گڏ ڪرڻ جي مھلت گھربي ھئي. ان دوران ھن پنھنجي جاگيردارن کي سڏائي ورتو. ھن کان سواءِ مياڻي جي جنگ مان بچي ويل ماڻھو بھ وڃي وٽس گڏ ٿيا. انھيءَ جنگ کان ٿورو اڳ انھن قبائلي سردارن ۾ وقتي صلح ٿي ويو ھو جن وچ ۾ ھڪ نھ ٻيءَ ڳالھھ تان سدائين جھيڙا پيا ھلندا ھئا. ان ڪري ھاڻي فقط سردار احمد خان لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لغارين ۽ نظاماڻين جو لشڪر وڃي مير شير محمد سان مليو ھو. ھي اھو سردار ھو جنھن انگريز ريزيڊنسيءَ تي پڻ حملو ڪيو ھو. باقي ٻيا ٻروچ سردار ھن کان ڌار ٿي بيٺا ھئا. پر ڪي بي دلو شريڪ ٿيا ھئا، جن سان لشڪر بھ مختصر ھو. ڇاڪاڻ تھ اھي سردار ۽ جاگيردار کيس گھٽ ڀائيندا ھئا. ھن پنھنجا ڇھھ ھزار بھادر ماڻھو ڦليليءَ جي ڪناري سان ويھاري، ڄڻ انھن کي مرڻ لاءِ قطاري ڇڏيو ھو.
مير شير محمد، سر چارلس جي بلڪل ويجھو جنگ لاءِ جھنڊو جھولائي رھيو ھو ۽ تڪبر ۽ ھٺ کان سندس ڳاٽ اوچ ھو. اھو زنده لشڪر ۾ نھ، پر ڄڻ ڍير ٿيل لاشن وچان گھمي ڦري رھيو ھو. جيڪڏھن ھو مھاڏي ڏيڻ بدران ماٺ ڪري ويھي ھا تھ کيس پنھنجي حڪمراني وارو علائقو ملي وڃي ھا ۽ پنھنجي زندگي شاھاڻي ٺاٺ سان گذاري ھا. جيڪڏھن انگريز سپھھ سالار ھي فوجي پيش قدمي قومپرستي واري احساس کان متاثر ٿي ڪري ھا تھ بھادر شھزادي تي حملي ڪرڻ کي ڏکوئيندڙ منصبي فرض تصور ڪري ھا. پر ھن کي سنڌ کي غلامن کان آزاد ڪرڻو ھو. ان کانسواءِ ڪابل ۾ مسلمانن جي فتح ڪري ھندستان جي عيسائي معاشرو ڏڪي ويو ھو. تنھن ڪري پنھنجي ملڪي مفادن ۽ فوج جي بلند حوصلن کي برقرا رکڻ لاءِ وٽس ھن کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ ھو. نھ تھ اھو ڪارنامو نمائشي بھادري نسوري ڏاڍ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. تنھن ڪري ھن مير کي ائين قتل ڪرڻو ھو جيئن پھرئين مير جو سر قلم ڪيو ويو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ مياڻي جي فتح جي انگريزن جي دھشت کي برقرار رکي سگھجي ۽ سمجھيو وڃي تھ انگريزي فوج ناقابل شڪست آھي. اھڙين ڳالھين کي آڏو رکي مير شير محمد تي اھڙو حملو ڪيو ويو جو منجھس ڊگھي عرصي تائين جنگ جي اڳواڻي ڪرڻ جي سگھھ ئي ڪانھ رھي ھئي. اھا بھ حقيقت ھئي تھ ڪيترائي جاگيردار ۽ قبائلي سردار ٻن جنگين دوران ھن جو ساٿ ڇڏي ويا ھئا ۽ انگريز سپھھ سالار ڏانھن وفاداري ۾ تابعداري لاءِ سلام موڪلي رھيا ھئا. ان جي جواب ۾ کين انعامن اڪرامن جا دلاسا ڏئي رھيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھي بلوچ سردار شڪست کاڌل حڪمرانن سان وفادار رھڻ کان پاسو ڪري وڃن. ٽالپر سردار پنھنجي اباڻي حڪمراني کي ھٿ ڪرڻ ۽ پنھنجي عزت ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيا ھئا. ھر ٽالپر سردار دل ۾ اھو مقصد رکي ميدان تي جنگ ۾ مصروف ھو. پر ھنن قبائلين سردارن ۽ ميرن سان ڪوبھ درٻاري ماڻھو ساٿ ڪونھ ھو. ھر حڪمران پنھنجي ٽالپري خاندان جي بچاءَ ۽ ڦرلٽ لاءِ جنگ ڪري رھيو ھو. کين ٻين ٻروچ خاندانن جي مفادن جي ڪابھ ڳڻتي ڪانھ ھئي، جيڪي ھٿيار کڻي اچي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيا ھئا. ھنن جا ميرن سان تعلقات وغيره ڪونھ ھئا. نھ وري انھن کي قومپرستيءَ جي جذبي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. انگريزن بھ تازو سنڌ کي فتح ڪيو ھو. جن وٽ ڌرتيءَ تي قبضي کان سواءِ حڪمراني ھئي. تنھن ڪري ھنن سان بھ سندن لاڳاپا پيدا ٿي ڪونھ سگھيا ھئا. ھنن ٻروچن انگريزن کان مذھبي نفرت ڪري سندن خلاف تلوار کنئي ھئي. افغانستان ۾ انگريزن کي شڪست ملڻ ڪري ھنن جو من وڌي ويو ھو. ھو جڏھن پاڻ ۾ گڏجي ويھندا ھئا تھ چوندا ھئا تھ اسان انگريزن کان تعداد ۾ گھڻا آھيون ۽ بھادر آھيون ۽ جيترا ماڻھو افغان سپھھ سالار اڪبر جي اڳواڻي ھيٺ وڙھيا ھئا، انھن کان بھ تعداد ۾ وڌيڪ آھيون. ھن کان سواءِ اھو بھ چوڻ لڳا ھئا تھ ڪابل ۾ اڪبر، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود فرنگين کان وڌيڪ قتل ڪري ڇڏيا آھن، ٻيڻ تي وڌيڪ تنھن ڪري اسان بھ ھنن کي قتل ڪري سگھون ٿا.“
مياڻيءَ حيدرآباد جي جنگين انگريزن دھشت پکيڙي ڇڏي ھئي. ھتي جي ماڻھن جو عام تاثر اھو ھو تھ جيڪڏھن انگريزن سان جنگ ڪئي وئي تھ سر چارلس نيپئر ضرور سوڀارو ٿيندو. اھڙي صورتحال ۾ ھتان جا ماڻھو ٽالپرن جي ڀيٽ ۾ سندس حڪمرانيءَ کي پسند ڪندا. تنھن ڪري جنرل جو رويو آزاد مھم جو ھو. جن ماڻھن ھن سان وفاداريءَ ۽ تابعداري جو رستو رکيو ھو تن کي معلوم ٿي ويو ھو تھ ھنن انگريزن خلاف جنگ ۾ جنھن بھادريءَ سان مھاڏو ڏنو ھو سا ڄڻ تھ ھنن لاءِ سفارش بڻجي وئي ھئي. کين اھو بھ معلوم ٿي رھيو ھو تھ سر چارلس جي سخا ۽ درياه دلي اصلي ھئي، نمائشي ڪانھ ھئي. ان کان سواءِ ھنن قيدي ميرن جي مجبور حيثيت کي پڻ سوچيو ويچاريو ھو، جن وٽ کين ڏيڻ لاءِ ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. ھنن ميرن انگريزن سان جنگ ڪئي ھئي ۽ سندن دشمن ھئا. پر انگريزن جو ساڻن رويو عزت ۽ احترام وارو ھو. ان کان سواءِ اھي وڏا جاگيردار ۽ قبائلي سردار جيڪي اتاولا آھن يا اھي جن انگريز سرڪار جي تابعداري قبول ڪئي آھي، ھي مير شير محمد سان ٺھيل ڪونھ آھن. اھڙي ريت جي ساڳيا ماڻھو ٻين ميرن سان بھ وفادار ڪونھ آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي ھاڻي انگريزن جا قيدي آھن. تنھن ڪري سفارش ڪجي ٿي انھن ماڻھن کي جيڪڏھن سندن جاگيرون موٽي ملنديون ۽ سرڪار کين اڳين عزت ۽ احترام بحال ڪندي تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويندا.
انگريز سپھھ سالار اھڙين ڳالھين تي سوچڻ شروع ڪيو آھي. ڇاڪاڻ تھ مير شير محمد جنگ کان پوءِ پنھنجي آمدني جو ذريعو وڃائي ويٺو آھي. ان کان سواءِ سندس وفادار ۽ بھادر ماڻھو جنگ ۾ مارجي چڪا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھو ھاڻي انگريزن کي مھاڏو ڏئي ڪونھ سگھندو. ان کان سواءِ سندس اثر رسوخ ھن جي حڪمرانيءَ وارين حدن کان ٻاھر ڪونھ آھي. ھيءُ وڏيءَ دل وارو ماڻھو آھي، جيڪو شڪست ڪري مايوس ٿي ٿر ڏانھن ھليو ويو آھي. جڏھن تھ ھن جا ويڙھاڪ ۽ بھادر ماڻھو ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود آھن. سندس ھي علائقو ڏاڍو شاھوڪار آھي. ھن علائقي ۾ سندس جاگيردارن جو تعداد بھ گھڻو آھي. ان کان سواءِ ھن جوءِ ۾ درياه جا ڦاٽ بھ گھڻا آھن. بچاءَ لاءِ قلعا بھ گھڻا آھن. جيڪڏھن انگريزي فوج مٿس حملو ڪيو تھ ايڏو ڪارگر ثابت ڪونھ ٿيندو. درياھھ جي چاڙھھ واري رت ۾ مٿس فوج ڪشي ڪرڻ تھ ممڪن ئي ڪانھ آھي. اھا موسم ڄڻ تھ مٿان بيٺي آھي. ھن قسم جي مضبوط ماڳ ھوندي سندس ٻاھر نڪرڻ ائين آھي ڄڻ ھو سڀ اميدون ۽ آسرا وڃائي ويٺو آھي. پر ھن سان تڪڙ ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ نھايت ضروري بھ آھي. ڇاڪاڻ تھ احمد آباد واري جنگ ڪري، سنڌ جي فتح تي وڏو اثر پيو آھي. ٻيو نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ ھٿيارن جي مامري ۾ تھ گھڻو اثر محسوس ٿي رھيو آھي. مٿي بيان ڪيل اڳڪٿي جھڙي تھڙي ماڻھوءَ جي نھ پر ڪنھن ڏاھي ماڻھوءَ جي آھي. جيڪڏھن مير شير محمد کي سندس علائقي جي حڪومت موٽي ملندي تھ ھو بھ ماٺ ڪري ويھي رھندو. اھڙين ڳالھين تي ر چارلس نيپئر دل جي سچائيءَ سان سوچڻ لڳو آھي تھ ان مير سان ٺاھھ ڪيو وڃي. ان کانپوءِ فاتح ۽ مفتوح بلوچن وارو فرق ختم ٿي ويندو. ساڳيءَ ريت سنڌي، ھندو ۽ ٽالپرن بھ غلاميءَ کان آجا ٿي ويندا.
سر چارلس اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري مير شير محمد جي حڪومت جو تعين ڪري ورتو ھو. پر ھن غلط نقطئھ نظر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو تھ، ھو ھندستان جي حڪمرانن جي غير سنجيده ڳالھين کي قبول ڪونھ ڪندو. سندس خيال ھو تھ ھتي وڏن ۽ اھم اصولن کي آڏو رکي نھ پر عجيب غريب ۽ مخصوي قسم جي اصولن تحت ھلائي سگھجي ٿو. جن جو تعلق عام رواجي ماڻھوءَ جي مزاج ۽ فطرت سان ھوندو. ھن ايسٽ انڊيا ڪمپني جيءَ طريقھ ڪار کي ننديندي ۽ لارڊ بئڪن Bacon جي شعر مطابق کيس ”انتھائي رذيل ۽ انسان ذات ۾ مھان“ سڏيو ھو. بعد ۾ ھن پنھنجي حڪمت عمليءَ جي ھن ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ھئي. ڪن گورنرس جنرل، فوجي ڪمانڊرن ۽ فوج جي ڏاھپ بي مثال آھي. لارڊ ويلزلي Wellesleiy اھڙيءَ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي مقرر ڪيو آھي، جيڪي مشرق جا انھتائي ظالم ماڻھو ۽ رذيل ۽ ذليل آھن. انھيءَ لاءِ نھ تھ اھي ڊائريڪٽرس ٻين شريف ماڻھن جي ڀيٽ ۾ گھٽ عزت وارا آھن. پر سندن حيثيت غير حقيقي آھي. وايو منڊل مان لڳي ٿو تھ اھي وڻجارا آھن جيڪي پنھنجي ملڪ کان گھٽ پري ھڪ وسيع علائقي تي حڪمراني ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجا شخصي مقصد حاصل ڪري رھيا آھن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مان ھڪ بھ اھڙو ماڻھو ڪونھ آھي جيڪو قومپرست ھجي، فوج جي شان شوڪت جو لحاظ رکي ۽ وٽس حرص ۽ لالچ نھ ھجي. ھن سان گڏ اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ جڏھن بھ ڪو ڏاھو گورنر جنرل موڪليو ويندو آھي تھ ائين سدائين ڪونھ ٿيندو آھي جي وري ارادي سان ڏاھي ماڻھوءَ کي گورنر جنرل بڻائي روانو ڪيو ويندو آھي تھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھن کي نااھل تصور ڪندي آھي ۽ سمجھندي آھي تھ اھو ماڻھو اھڙن وسيع اختيارن ھئڻ لائق نھ آھي. اھا ھڪ فطري ڳالھھ بھ آھي. ھنن ماڻھن جا اعتراض بھ ھڪ جھڙا ڪونھ ھوندا آھن. ھنن ماڻھن جو تھ مقصد ھڪ سو ويھھ ملين ماڻھن جي بھتري ھئڻ کپي ھا ،جن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي انھيءَ مذھبي فرض لاءِ مقرر ڪيو آھي. ھي ڊائريڪٽرس انھن ماڻھن جي پگھر ۽ پورھئي وسيلي دولت ڪمائي رھيا آھن. جن جي عزت ۽ احترام لاءِ سندن دلين ۾ ڪا جڳھھ ڪانھ آھي. جڏھن شھنشاھت جو تحفظ جنگ جي تقاضا ڪري ٿو تھ ھو اعتراض واري بيھي ٿا وڃن. ھي ماڻھو ڪنجوس آھن. ھنن وٽ ٿورو وقتا اختيار ھوندا آھن. تنھن ڪري کين ڀئھ ھوندو آھي تھ متان کين چئن ڏوڪڙن جو نقصان پھچي. سندن اھڙن اڻوند احساسن ڪري اڻيھئي دانشمند گورنرس جنرل سان جھيڙو ھلندو رھندو آھي. اھي واپاري ماڻھو فتح ۽ پنھنجي تحفظ لاءِ جنگ ۾ موجود فرق کي سمجھي ڪونھ سگھندا آھن ۽ ٻنھي قسم جي جنگين کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيندا آھن. انھيءَ لاءِ تھ متان کين کين چئن پئسن جو نقصان رسي. تنھن ڪري ھن حقيقت کي تسليم ڪرڻ گھرجي تھ ھندستان اندر ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھيمشھ گورنرس جنرل کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جا جتن ڪيا آھن. تجارتي روح جيستائين صالح جذبن کي ختم نھ ڪرڻ تيستائين سندس اندر کي آٿت ئي نصيب ڪونھ ٿيندو آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس پنھنجييءَ فوج کي ھميشھ ڪا ڦريل آھن. مان ڏٺو آھي. فوج جي بھادري قرباني ڪاري جذبي اندر تجارت موجود ڪانھ ھوندي آھي. ابتدائي دور ۾ گھڻن واپارين وسندي درياھ جي ڪناري مان ۽ محدود ھوندي ھئي جيڪا ھاڻي بدلجي وسيع شھنشاھت جي صورت اختيار ڪري وئي آھي. اھو سڀ بھادر فوجين جي قربانين ڪري ٿيو آھي. پر ان ھوندي بھ جڏھن ڪنھن علائقي جي فتح ٿيندي آھي تھ اھا ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس انھن فوجين جي قائم ڪيل حڪومت تي اعتراض ڪندي آھي، جن جي بھادريءَ ۽ تلوار سان اھو علائقو فتح ٿيندو آھي. ڏٺو ائين ويو آھي تھ نئين علائقي جي فتح سان اتي غير فوجي انتظاميا قائم ڪئي وئي آھي. جيڪا اتان جي نيم وحشي ماڻھن جي فوج تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. پر ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو اھم مقصد رڳو تجارتي منافعو ھوندو آھي. جنھن جي حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي پيش قدميءَ جي سرپرستي ڪندي آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ غير فوجي ڪامورا شاھيءَ جون پگھارون ۽ الائونس فوجي عملدارن کان گھڻا وڌيڪ ھوندا آھن. ان ڪري سيڙپ ڪرڻ وارن مالڪن جا نفعي وارا حصا گھٽجي بھ ويندا آھن. ڇاڪاڻ تھ ائين ٿيڻ سان ڊائريڪٽرس جي سرپرستي ڪرڻ وارا خرچ وڌي ويندا آھن. اھڙيءَ ريت جنگين خلاف وڏا اعتراض اٿاري ڏيتي ليتيءَ جي صحيح معاملن کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي.
اھو ئي طريقو ھوندو آھي، جنھن وسيلي تجارت جو منفي دائرو مڪمل ٿيندو آھي. ان جو حل بھ عقل کان ٻاھر نظر ايندو آھي. جڏھن تھ ڊائريڪٽرس جو مشرق جي حڪمراني لاءِ جاري ٿيل ھدايتون وچٿريون ھونديون آھن، جيڪي فوجين جي شان شوڪت جي خلاف ھونديون آھن. جڏھن انگريز شھنشاھت جي وسعت فوج ۽ تلوار وسيلي ٿيندي رھندي آھي. ائين ڪرڻ سان عوامي بھتريءَ واري عمل کي ڪنھن قسم جو نقصان ڪونھ ٿيندو آھي. حقيقت اھا آھي تھ ھن تجارتي ماڻھن وٽ ٿوري وقت لاءِ اختيار ھوندا آھن جيڪي جنگ کان اعتراض انھيءَ ڪري ڪندا آھن تھ متان سندن مفادن کي ٿورو بھ نقصان پھچي، پر جڏھن فوجي سپاھي ڪو نئون علائقو فتح ڪندا آھن تھ اھي عارضي بي تاج بادشاھھ، پنھنجي شخصي منافعي جي ڪاٿي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويندا آھن. اھي ھڪدم جنگي مھم جي نندا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ لفظن ۾ انسانذات جو خير خواھھ ٿيڻ تھ ڏاڍو سولو ڪم ھوندو آھي. ھن قسم جي موضوع تي ڏاڍي سولائيءَ سان بحث ڪري سگھندا آھن. ڇاڪاڻ تھ انھن جو مقصد نئين مفتوح علائقي تي فوجي حڪومت بدران غير فوجي سول انتظاميا رکڻ ھوندو آھي. اھو ئي طريقو ھوندو آھي جنھن وسيلي پنھنجي خانداني مفادن جو تحفظ ڪري سگھندا آھن.
اھڙيون سڀ ڳالھيون ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مفادن جي خلاف آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي غير فوجي سرڪاري ڪامورا عياشيءَ سان لاڳاپاپيل مخصوص قسم جي طبقي سان واسطو رکن ٿا، جن کي اھم اصولن جي تھ ڪا خبر ئي ڪانھ آھي ۽ تجارتي اصولن کي سمجھڻ کان بھ پري آھن. تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ اھي نون پيداواري ذريعن کي زيان ڪري رھيا آھن. تجربيڪار وڏا عملدار پنھنجن اھم عھدن تي فائز آھن جن کي وڏو فائدو پھچي رھيو آھي. اھي پنھنجي مذھبي فرضن جي چڱيءَ ريت ڄاڻ رکن ٿا. جيڪي نون ذميوارين کان لنوائي رھيا آھن. شايد اھي ماڳن ڏانھن وڃڻ پسند ڪونھ ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تھ اتان جا ماڻھو ھنن لاءِ اوپرا آھن جن جي ٻولي ھنن جي سمجھھ کان ٻاھر آھي. ھنن جون ريتون رسمون بھ ھنن لاءِ نيون ۽ نراليون آھن. تنھن ڪري اقربا پروري ھلي رھي آھي ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي، جو نااھل ۽ نوجوان ماڻھو ڊائريڪٽر منموجي خرچ تي پري وارن علائقن ڏانھن موڪليا پيا وڃن. اھي ماڻھو ٻين جي پئسي تي تجربو حاصل ڪري رھيا آھن ۽ دولت بھ گڏ ڪري رھيا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو نون مفتوح علائقن ۾ ڇڙواڳي ڪاھي پئي آھي ۽ جاڏي ڪاڏي بدنظميءَ جو راڄ آھي. ھنن ماڻھن کي اھا خبر بھ ڪانھ آھي تھ مھذب ملڪ جو انتظام ڪيئنءَ ھلائجي تھ پوءِ اھڙا ماڻھو ان نئين مفتوح ملڪ کي ڪيئن ھلائي سگھندا، جيڪو بدنظميءَ جو شڪار ھوندو آھي. انھيءَ قسم جي ملڪ ۾ انتظام جي ھر شاخ کي نئين سر تخليق ڪرڻو پوندو آھي ۽ جھڙي تھڙي انتظام رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آھي. جھڙا ماڻھو ھوندا آھن انتظام بھ تھڙو رکيو ويندو آھي يعني جھڙا روح تھڙا ختما. ھتي بنا ڪنھن سوچ سمجھھ ۽ ڄاڻ جي ٽياڪڙي ڪئي ويندي آھي. پر پئسن ڏوڪڙن جي معاملي ۾ ٿوري بھ غلطي قتل ڪرڻ جھڙو ڏوھھ ھوندو آھي. ھتي ڪنجوسي ڪرڻ ناداني ۽ وت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ چريائي ھوندو آھي. ھندستان جون حالتون اجھو ائين آھن ۽ آنريل مسٽر شور Shore بھ اھڙين حالتن جي تصديق ڪئي آھي. ھي ڏاڍو داناءُ ماڻھو ۽ پنھنجي مضمون ۾ وڏي مھارت رکي ٿو، جيڪو سچو ۽ دل جو کليل انسان آھي. ھن جو لکيل ڪتاب 1937ع ۾ ڇاپيو ويو آھي. سندس شخصيت متضاد ڪانھ رھي آھي. ھن ماڻھوءَ جي نظرين ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي گھڻو متاثر ڪري ڇڏيو آھي. جنھن جو زور شرافت ۽ انصاف ڪرڻ تي آھي. ھن جو نقطھ نظر آھي تھ ھنن جا قائم ڪيل عوامي ادارا اھڙا ھئڻ گھرجن، جو ماڻھو انھن جي اخلاقيات جي تعريف ڪن. ان کانسواءِ ھن نقطئھ نظر جو بھ حامي آھي تھ ڊائريڪٽرس جي منافعي واري حصي ۾ گھٽتائي نھ اچڻ گھرجي. سر چارلس نيپئر بھ مسٽر شور جي اصولن جو حامي آھي. ڇاڪاڻ تھ سندس نظريا ھن جي مشاھدن سان ھڪجھڙائي رکي رھيا ھئا. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ ھو اصولي طور غير فوجي سرڪاري ملازمن جو دشمن ھو، جن مان گھڻن پنھنجي عملن جا ڪيتا بھ لوڙيا ھئا. پر سر چارلس فقط طريقئھ ڪار کي ننديو آھي جنھن مطابق سٺن ماڻھن کي غلط انتظام قائم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. ان طريقئھ ڪار جو رکيل بنياد ئي غلط اصولن تي ھوندو آھي. شخصي طور تي سندس خيال آھي تھ سول سروس جا عملدار بھ ٻين سرڪاري ادارن جي عملدارن جيان نھ ھجن، جن ۾ سٺا ۽ خراب، ھوشيار ۽ موڳا عملدار ھوندا آھن. ھيءُ ھميشھ سٺن ماڻھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوش ٿيندو آھي. جن جا خيال عزت ۽ احترام جوڳا ھوندا آھن. ان کان سواءِ ھن اخبارن جي چوڻ تي پنھنجي انساني تجربي کي نھ موڙيو ۽ نھ ٽوڙيو آھي. ھيءُ جنرل انھن تنگ دل ماڻھن سان بھ اختلاف راءِ رکندو آھي جن جو خيال آھي تھ مشرق ۾ گھڻي رھڻ کان پوءِ بھ ھندستان سرڪار جي وسعتن کي سمجھي ڪونھ سگھبو آھي.
اھڙن ھٺيلن ۽ متڪبر ماڻھن تي چٿر ڪندي،سر چارلس پنھنجي خيالن جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي تھ اھڙا ماڻھو جيڪي ھندستان ۾ ڊگھي عرصي تائين رھندا آھن ۽ عيش عشرت ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. اھڙن ماڻھن جا جسم ۽ دماغ ڪمزور ٿي ويندا آھن. اھي ماڻھو تجربو حاصل ڪري آفيس جي ڪم ۾ تھ ماھر ٿي ويندا آھن، پر وٽن فڪري وسعت ڪانھ ھوندي آھي. اھڙن انگريزن کي Old Indeans سڏيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھڙا ماڻھو ھندستان ۾ گھڻو عرصو رھي پنھنجا بکيا پيٽ ڀريندا آھن. سندن پگھارون بھ وڏيون ھونديون آھن. ھنن جي ساري حياتي عياشي ۾ گذرندي آھي. ان کان سواءِ ھنن اعليٰ عملدارن جي آفيسن ۾ ڪارن ڪلارڪن جون قطارون ڪم ڪنديون آھن، جيڪي سندن بيجاءِ خوشامد ڪندا آھن. جنھن ڪري ھنن عملدارن ۾ ھٺ ۽ تڪبر اچي ويندو آھي ۽ سمجھدا آھن تھ فقط ھنن کي مشرق جي ڄاڻ آھي. ھي ماڻھو ڌرتيءَ جي مخلوق کان نفرت ڪندا ۽ انھن کان لنوائيندا آھن پر پوءِ بھ لٻاڙ ھڻندا آھن تھ ھو ھتان جي اصلي ماڻھن جي حقيقي مزاج کان واقف آھن. ان ڪري پاڻ کي ھندستان جو مدبر سڏائيندا آھن. ليڪن ھن قسم جي روايتي ماڻھن ۾ ڪي اھڙا ٺاھوڪا انسان بھ ھوندا آھن، جيڪي ھتان جي ماڻھن جو صحيح معنيٰ ۾ مطالعو بھ ڪندا آھن. کين ھنن ماڻھن جي رسمن رواجن ۽ تاريخ جي خبر آھي. اھڙا ماڻھو ھنن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ سوچيندا آھن ۽ پنھنجي قوت ۽ اختيارن کي بھ ڪتب آڻيندا آھن. انھيءَ قسم جا ڏاھا ماڻھو پنھنجي طبقي ۾ افضل سمجھيا ويندا آھن. کين ڪنھن اقرار نامي مطابق ملازمت مليل ڪانھ ھوندي آھي. ھنن ماڻھن جي مھم جوئي ڪري کين ھندستان ۾ مان ۽ مرجاتا وارا ماڻھو سمجھيو ويندو آھي. اھي ماڻھو جيڪي عيش عشرت واري زندگي گذاري نھ سگھندا آھن، سي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا بھتر ملازم ثابت ٿيندا آھن.

ھندستان جي ماڻھن جا خيال ۽ احساس دنيا جي ٻيءَ انسانذات جھڙا ھوندا آھن. نئين گورنر وٽ ڪو گواھھ ڪندڙ دليل ڪونھ آھي. سندس خيال آھي تھ ڪن نون اصولن جي تخليق واسطي ۽ خاص نوعيت جي رسمن ۽ رواجن کي سمجھڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن جي ضرورت ھوندي آھي. اھڙا اصول ڪنھن ماڻھو نھ گھڙيا آھن پر فطري طور پيدا ٿيندا آھن. اھڙن خيالن کي آڏو رکي ھن گورنر پنھنجي صوبي جي ماڻھن جي درجھ بندي ڪري سندن مختلف نمونا بيان ڪيا آھن، جن کي ھيٺ بيان ڪجي ٿو.

ھندو ماڻھو پئسي جو پياسي آھي ۽ ڌن دولت کي گڏ ڪرڻ لاءِ سندن اکيون سدائين کليل ھونديون آھن. ڏوڪڙن جي ڏس ۾ ھن جي ھٿن جون آڱريون بھ سندن ضمير وانگي لچڪدار ھونديون آھن. ھو پنھنجي چالاڪي سان ماڻھوءَ ائين ڦري پالھو ڪري ڇڏيندو آھي جيئن ھٿيارن جي زور تي بلوچ ماڻھن کي لٽيندا آھن. ھن نسل جي ماڻھن لاءِ سنڌ جي فتح ڄڻ ڏياريءَ جو ڏڻ ۽ نعمتن جو توشو آھي.

سنڌي سگھارو ۽ سھڻو ماڻھو آھي. جنھن کي ھتان جي گرميءَ ۽ ٽالپرن جي غلاميءَ سست ڪري ڇڏيو آھي. ھن ماڻھوءَ ۾ فطري طرح ڪي ڳالھيون ڏاڍيون سٺيون آھن. ھنن جي ڳچيءَ ۾ ٽالپر غلاميءَ جا ڳٽ ھاڻي تازو پيا آھن. جن جي نئين سر اصلاح ڪري، آزاديءَ لائق بڻائي سگھجي ٿو. تنھن ڪري ھتان جي اصلي ماڻھوءَ لاءِ سنڌ جي فتح بھ نعمت آھي. فتح کان پوءِ ھاڻي اھو منھنجو مذھبي فرض آھي تھ مان ھنن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکاريان تھ ھنن لاءِ سنڌ جي فتح نعمت آھي.

بلوچ ھڪ خوفناڪ نسل آھي. پرائي ملڪيت کي لٽڻ ڦرڻ سندس عادت آھي. ھي سگھارو انساني نسل آھي. سندس عزت، ۽ شان شوڪت وارو تصور بھ وحشياڻو آھي. ٻين جي مال ملڪيت کي ڦرڻ لٽڻ وارو سندس تصور بھ سندس نسلي روايتن ۽ رسمن مطابق ھوندو آھي. جيڪڏھن لٺ باٺي کان ڪم وٺبو، کين عزت ڏبي، کليءَ دل کان ڪم وٺبو ۽ کين لالچ بھ ڏبي تھ ھو وحشين مان شريف انسان بھ بڻجي سگھن ٿا. بھتر آھي تھ ھنن جي جنگجو مزاج کي ڇيھي پھچائڻ کانسواءِ ائين ڪجي. ڇاڪاڻ تھ ھن وقت سندن اھا خاصيت (اسان لاءِ) فائدي واري ڳالھھ آھي. ھي ماڻھو ٽالپرن لاءِ سر تريءَ تي رکي وڙھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ وڙھي ڦرلٽ ڪرڻ سندن ڌنڌو آھي. ھي ماڻھو، سندن سردار يا ٽالپر امير، ڌرتيءَ خاطر ڪونھ وڙھيا ھئا. يورپي نقطئھ نظر مطابق تعليم ۽ عادتن قومپرستيءَ جون ٽي ڳالھيون ختم ڪري ڇڏيو آھن. بلوچ ويڙھاڪ پنھنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گھڻو پيار ڪندو آھي. پر بلوچ برادريءَ سان سندس ڪانھ پوندي آھي. کيس ڌاڙي ۽ ڦرلٽ سان وڌيڪ شوق آھي. گھڻو ڪري سڀئي بلوچ قبائلي سردار ڪنھن نھ ڪنھن ٽالپر حڪمران جا وفادار ۽ تابعدار ھوندا آھن. جھڙي سولي نموني سان کين جاگيردار بڻايو ويندو آھي تھڙي سولي طريقي سان کانئن جاگيرون کسيون بھ وينديون آھن. مير شخصي طور ضدي آھن، پر ھاڻي انگريزن جا جنگي قيدي آھن. دنيا جو اھو دستور آھي تھ اھميت وزن يا ڳوراڻ کي ڏني ويندي آھي. پر مشرق جي ماڻھن ۾ خاص ڪري ھيءَ ڳالھھ موجود آھي تھ ماڻھو تخت ۽ تاج سان وفادار رھندا آھن، پر ڪنھن شخص سان نھ.

ھنن بلوچ ويڙھاڪن کي اھو سگھارو تصور جنگ جي ميدان ڏانھن ڇڪي آيو ھو تھ ھو بھادر ۽ جنگجو آھن ۽ ھو انگريزن کي ماري مڃ ڪري ڇڏيندا ۽ شڪست ڏيڻ کان پوءِ انگريزي فوج کي ائين ڦري لٽي ڀينگ ڪندا جئين افغانستان ۾ کين افغانن لٽي ڦري ناڙ ڪري ڇڏيو ھو. پر ھنن کي ڪو اڻ ڄاتو خوف ورائي ويو ھو. ھنن جي دلين ۾ ھي خوفناڪ ارادا بھ ھئا تھ سنڌ ۾ موجود ھو انگريز کي قتل ڪري سنڌ صفائي ڪئي ويندي. کين اھا کڙڪ پئجي وئي ھئي تھ انگريز سندن انھيءَ منصوبي کان باخبر ٿي ويا ھئا. حقيقت بھ اھا آھي تھ ھنن اھڙو منصوبو تيار ڪيو ھو. ھاڻي بلوچن کي اھا ٻاٻور پئجي وئي آھي تھ، انگريز بھ کانئن ڇڪي پلاند وٺڻ لاءِ پڪو پھھ ڪري چڪا آھن. بلوچن انگريزن کي صلح واري زماني ۾ ڏٺو ھو. ھنن مختلف عھدنامن وسيلي ميرن کان سکر، بکر ۽ ڪراچي ڇڏائي ورتي ھئي. ھاڻي ھن نتيجي تي پھتا ھئا تھ انگريز ساڻن جنگ ڪندا. سندن منصوبو سڀني بلوچن کي ماري ناس ڪرڻ جو آھي يا ماري اھي ھنن کي ائين محتاج ۽ غلام بڻائي ڇڏيندا جيئن ھنن سنڌين کي محتاج ۽ غلام بڻائي ڇڏيو آھي. ھنن ماڻھن جي مزاج مان معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ جيڪڏھن ھنن بلوچ جاگيردارن جي جاگيرن کي ھٿ نھ لائبو تھ ٽالپر خاندان جي حڪمراني جي ختم ٿي وڃڻ واري واقعي ڏانھن اک کڻي بھ ڪونھ ڏسندا. اسان جي مرضي آھي تھ ھنن کان ملڪيت کسي وٺجي، باقي ٺلھي عزت ۽ احترام وٽن رھڻ ڏجي. ائين ٿيڻ سان ھو جنگ ڪرڻ ڪونھ چاھيندا. ھنن ماڻھن کي صنعت کان نفرت آھي. انھيءَ ڪري کين ان جا چار داڻا ڏئي، ڌتاري سگھجي ٿو. جيڪڏھن ھنن کي ڌاڙن ۾ ڦرين جي منافعي بخش ڌنڌي کان روڪيو ويو آھي تھ انھن کي تجارت ۽ زراعت جي ترغيب ڏئي سگھجي ٿي. اھڙين ڳالھين جي ابتدا ڪئي وڃي تھ چڱي ڳالھھ ٿيندي.

موجوده وايو منڊل ۾ بلوچن جي مختلف قبيلن جي ضرورتن کي منھن ڏيڻ لاءِ مخصوص نوعيت جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. انھيءَ ارادي سان مان سنڌ کي فوجي راڄ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ گھران ٿو. ائين ڪري مان بلوچن جي شڪست جي زخمن تي پھا رکڻ ٿو چاھيان. سنڌين جي پيرن مان غلاميءَ جا پيد نڪري چڪا آھن. تنھن کي آئون تحفظ ڏيڻ ٿو گھران. مان ھتي اھڙو انصاف قائم ڪرڻ ٿو چاھيان جيڪو ساري دنيا لاءِ قابل قبول ھوندو. ان کانسواءِ مان چاھيان ٿو تھ ھن ملڪ جي آمدني جي وسيلن کي وڌايان ۽ ميرن جي پيدا ڪيل بدنظميءَ جو ازالو ڪريان. ھندو واپاري ماڻھو آھي، جيڪو انگريزن جي اختيار ڪيل ھن طريقي کي ضرور قبول ڪندو. ڇاڪاڻ تھ ھيءُ طريقو سندن مفادن جو تحفظ ڪندو آھي ۽ انھن جي تجارتي سرگرمين لاءِ وسيع ميدان پيدا ڪري ڇڏيو آھي. ھي ماڻھو بلوچن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين کي ڪڏھن نھ ڪڏھن ضرور ياد ڪندو ھوندو. برھمڻن کي موجوده دور بابت تمام گھڻي معلومات آھي تھ ڇا وھي واپري رھيو آھي.

سنڌي ھاري ناري بھ انگريز سرڪار جي ضرور مدد ڪندا. ڇاڪاڻ تھ ھنن ماڻھن تھ کين ميرن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرايو آھي ۽ ھن ڌرتيءَ تي سندس پورھئي جو قدر ڪيو آھي. ھي سگھارو آھي. سندس ٻانھن ۾ ٻل ۽ ڏيل ۾ ڏيا آھن. کيس ايتري سگھھ ۽ ست آھي جو جيڪڏھن ميرن کيس وري غلام بڻائڻ جي ڪوشس ڪئي تھ کين منھن ٽوڙ مھاڏو ڏئي سگھي ٿو. ھن ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ جي ٻيھر قيام خلاف جوش ۽ جذبو پيدا ڪري سگھي ٿو. جيڪي ڪلھوڙي شھزادي وسيلي پنھنجي حڪمرانيءَ جا سندر سپنا ڏسي رھيا آھن، جيڪو اڃا زندھ آھي ۽ وڏي اثر رسوخ جو مالڪ آھي. ھتان جا ماڻھو سندس خاندان جي رعيت آھن. مذڪوره ڪلھوڙو شھزادو پنجاب ۾ رھندو آھي. ھن مون وٽ دعويٰ ڪئي آھي تھ کيس سندس حڪمراني واپس ڪئي وڃي. ھن اھا آڇ بھ ڪئي آھي تھ جيڪڏھن انگريز سرڪار کيس ملڪ واپس ڪندي تھ، ھو ملڪ جي ساري پيداوار جو اڌ ڏيڻ لاءِ تيار آھي. ان کان سواءِ ھو وڏا تحفا بھ ڏيندو. پر حالتون اھڙيون آھن جو ڪنھن جي مداخلت کي برداشت ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. تنھن ڪري مان کيس ھن ريت جواب موڪليو ھو: ”ڇا تون اھي فوجي زنده ڪري ڏيندين جن جنگ دوران پنھنجي حياتين جو نذرانو ڏنو آھي ۽ ٽالپرن تخت ۽ تاج کسيو آھي. جنگ تي آيل خرچ بھ ڀري ڏيندين؟ ۽ اھو خراج بھ ادا ڪندين جنھن جو فيصلو ۽ تعين اسان ڪنداسون؟“

سر چارلس نيپئر جو نقطئھ نظر اھو ھو جنھن ساري زندگي حڪمرانيءَ جي اھم اصولن جو مطالعو ڪيو ھو. جڏھن ھو سيفالونيا Cephalonia ۾ ھو تھ ھن قائم ڪيل پنھنجن نظرين کي عملي جامو بھ پاتو ھو، جنھن ۾ ھو ڪامياب ثابت ٿيو ھو. ان کان پوءِ ھن اھڙي سياست جو بنياد رکيو ھو جنھن جو بنياد انصاف ۽ نظرداري تي بيٺل ھو. ھن اٻھرائي کان بھ ڪم ڪونھ ورتو تھ سندس محنت جا نتيجا بنا دير ظاھر ٿي پون. سندس خيال ھو تھ سنڌين ۽ ٻروچن کي خوش ڪجي، پر ان ۾ جلدبازيءَ کان ڪم نھ ورتو وڃي. ڇاڪاڻ تھ جنگ کان پوءِ حالتون ڪجھھ مختلف ٿي ويون ھيون ۽ جنھن ماڻھوءَ جنگ ۾ حصو ورتو ھو ھونءَ سو پنھنجي مزاج ۾ ضرور خطرناڪ ھوندو. کيس ماٺ ڪري ويھارڻ ۾ بھ گھڻو خرچ اچي ويندو. ان حالت ۾ جيڪڏھن سندس قائم ڪيل حڪومت جي انتظام اندر ڪٿي کوٽ ھوندي تھ ڏاڍي نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس توپون اڃان بھ سنڌوءَ جي ڪٺار سنان ٻھڪي رھيون آھن. ھن اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ ھن ٿوري وقت لاءِ ھر ننڍي ۽ وڏي ماڻھوءَ جا حق بحال ڪري ڇڏيا آھن. اڳتي ھلي سندن حقن کي مستقل بنيادن تي بحال ڪيو ويندو. ان ناتي اھو ضرور ڏٺو ويندو تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار سان وفادار آھن. ھنن ماڻھن جون اھي ملازمتون بھ بحال ڪيون وينديون جيڪي کين ٽالپر دور ۾ مليل ھيون. ان کان سواءِ ماڻھن جا حق ۽ ملڪيتون بھ محفوظ ھونديون ۽ ضبط ڪونھ ڪيون وينديون. پر جن ماڻھن انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو ھو تن لاءِ اھڙي ضمانت ڏئي ڪانھ ٿي سگھجي. ان کانپوءِ ھن گورنر ھجڻ جي حيثيت ۾ فتح جو اعلان بھ ڪيو ھو. جيڪو مختصر ۽ فيصلھ ڪن ھو ۽ اھو ھن ريت ھو ٽالپرن کي فتح ڪري کانئن تخت ۽ تاج کسيو ويو آھي. ھاڻي سنڌ انھن جو ملڪ نھ رھيو آھي. اڳي جيڪا ڍل ۽ محصول ٽالپرن کي ڏنو ويندو ھو، سو ھاڻي انگريز سرڪار کي ملندو. ھن وقت تائين ھٿياربند ماڻھن کي فوجي سپاھي سمجھيو ويو جن پنھنجي مالڪن جي حڪمن مطابق جنگ ڪئي آھي. ھن کان پوءِ جيڪڏھن ھٿياربند ماڻھو ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿي بيھندا تھ کين ڌاڙيل ۽ دھشتگرد سمجھيو ويندو. سنڌ مان غلاميءَ جو رواج ختم ڪيو ويو آھي. ان ڪري سڀئي ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ امن امان سان رھي سگھندا. ھي فيصلو حالتن کي ڏسي تڪي توري ڪيو ويو ھو. ان سان گڏ ڏاھپ واري حڪمت عملي بھ اختيار ڪئي وئي ھئي. ڪيترا ماڻھو طاقتور ميرن جا ھاري ۽ قرضي ھئا، پر انگريز سرڪار اھڙن سڀني ماڻھن کي ذميوارين کان آجو ڪري ڇڏيو ھو. سندس بيان آھي تھ جيڪڏھن حڪمران جي ھٿ ۾ اسپنج Sponge ۽ ٻي ڌر جي ھٿ ۾ لوھھ آھي تھ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کان ڪونھ ھٽنديون ۽ ھن کان پوءِ ڪوبھ شاھوڪار ميرن کي وياج تي پئسو نھ ڏيندو.

لارڊ ايلنبرو Ellen borogh بھ ھن حقيقت کي چڱيءَ ريت ڏسي رھيو ھو تھ فتح کان پوءِ ھڪ سرڪار وجود ۾ اچي چڪي آھي ۽ مفتوح ملڪ جو انتظام فاتح پاڻ سنڀالي رھيو آھي. ھن وقت ۽ حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، ھن قدم کي مناسب سمجھيو ھو تھ ان ملڪ انتظام لاءِ تلوار جو موجود ھجڻ ضروري آھي. تنھن ڪري ھن سنڌ ۾ فوجي راڄ ۽ گورنر کي مقرر ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جلد گورنر اعلان ڪيو تھ فتح ٿيڻ ڪري ھڪ تبديلي اچي چڪي آھي، جيڪا ماڻھن کي برداشت ڪرڻي پوندي. پر ان سان ڪابھ ترت سماجي نواڻ ڪانھ ايندي. اھڙي ريت قانون ۾ روايتن ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڦير گھير عمل ڪانھ آندي ويندي. سنڌ جي انتظاميھ ۾ مقرر ڪيل عملدار ظالم ٽالپرن جي قانون اندر موجود خرابين جي فقط اصلاح ڪري سگھندا. اھڙي ريت ھتان جي ماڻھن کي ھي حقيقت سمجھائي ويندي تھ انگريز کين فقط آزاد ڪرائڻ لاءِ آيا آھن ۽ اھا رڳو حڪمراننن جي تبديلي ڪانھ آھي.

سنڌ ۾ فوجي راڄ جو نفاذ عقلمندي جو قدم ھو جنھن تي غير فوجي حڪومت پنھنجو ضابطو ڄمائي ڪانھ سگھي ھا. اھڙي قسم جي حڪومت وٽ پنھنجي طرز جي انتظاميا ھجي ھا، جنھن جو خرچ ملڪي آمدني کان گھڻو وڌيڪ ھجي ھا، نتيجي ۾ ماڻھو ڪاوڙجي پون ھا ۽ ائين بغاوت منھن ڪڍي ھا جھڙيءَ ريت ڪجھھ وقت پوءِ پنجاب ۾ ڀڙڪي اٿي ھئي، پر سنڌ ۾ فوجي راڄ جو قيام حالتن کي منجھائي ڪونھ ڇڏيندو. ائين سمجھڻ کپي تھ ھتي فقط حڪمرانن جي تبديلي آئي آھي، اڳي بلوچ ھئا ۽ ھاڻي انھن جي جاءِ تي انگريز آيا آھن. اڳي ھتي ڏاڍ ڏمر ۽ ڪيس قھر ھو جنھن جاءِ تي ھاڻي انصاف ۽ دانش آئي آھي. ھندستاني عملدارن تي مشتمل انتظاميا ھيڏي ھوڏي ٿي وئي ھئي. جيڪي ماڻھو صحيح انتظاميھ جي چڪيءَ ۾ پيسجي وڃڻا ھئا، تن ھن فوجي نظام کي سخت تنقدي جو نشانو بڻايو ھو. پر حقيقت اھا آھي تھ ھتي فوجي راڄ جي نفاذ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو موجود ئي ڪونھ ھو. ان کان سواءِ نازڪ حالتن دوران طاقت جو استعمال ناداني جي علامت سمجھڻ گھرجي. سنڌين جي آزاديءَ جو اعلان بھ لارڊ ايلنبرو جي حڪم مطابق ڪيو ويو ھو، جنھن جي سخت مذمت بھ ڪئي وئي ھئي. اھڙن ماڻھن جو خيال ھو تھ لارڊ ايلنبرو جون اھڙيون ڳالھيون ناراضگيءَ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏينديون. اھڙيءَ ريت ماڻھن کي اڀارڻ ڏاھپ ڪانھ آھي. جيڪا ھڪ بيجاءِ سخاوت آھي. ھي اھڙن ماڻھن جون رڙيون ڪوڪون آھن، جيڪي وڏين شاندار ڪمران ۾ آرام سان ستا پيا ھوندا آھن ۽ رنگ رلين ۾ غلطان ھوندا آھن. ھنن ماڻھن انھن ڇوڪرين کان اندر جا سور ڪونھ پڇيا آھن جيڪي سنڌ جي حڪمرانن جي حرمن ۾ موجود ھيون ۽ اھي سنڌ جي فتح کانپوءِ آزاد ٿي پنھنجي گھرن ۾ وڃي ٿانيڪيون ٿيون. ھن قسم جي انتظاميھ جي تخليق جي ابتدائي دور ۾ ڪنھن بھ قسم جي مزاحمت ڪانھ ٿي ھئي نھ وري ڪنھن قسم جي رڙ ڪوڪ ٿي پر ٿوري گھڻي ناراضگيءَ جو اظھار ڪيو ويو ھو ليڪن سزا کان پوءِ ٺاپراچي وئي ھئي.

نئين گورنر جي دلي خواھش آھي تھ ھتان جا ماڻھو کين پرامن حڪمران سمجھن. پر حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ ٿوري وقت تائين سندس مزاج ۾ تبديلي اچي وئي ھئي ۽ ھن پنھنجي اختيارن کي ڀرپور استعمال ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تھ مير شير محمد جي سرگرمين ڪري ڇوڙ واري علائقي جي ڌاڙيلن کي فوجي سپاھي سڏائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. تنھنڪري انگريز سپھھ سالار ھن حقيقت کي سمجھي چڪو ھو تھ جيستائين بلوچن جي نالي خاطر ئي قوت ھوندي تيستائين ھو حالتن کي صحيح طريقي سان منھن ڏئي ڪونھ سگھندو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن مير کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچيو ھو. سندس مشاھدو ھو تھ ھنن ٻروچ ويڙھاڪن لاءِ ھڪ نھ جھڙو ئي کڻي پر حڪمران موجود آھي، تنھن ڪري سندن حوصلا بلند آھن ۽ ھن جي نالي کي استعمال ڪري بغاوت جي باھھ کي ڀڙڪائي سگھن ٿا. مير شير محمد نھايت سرگرم ۽ بھادر ماڻھو آھي. ھو پنھنجون جنگي ڪارروايون ڇوڙ واري علائقي ڏانھن تبديل ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن ھن ائين ڪيو تھ انگريزن لاءِ نھايت خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. ھن سان پنھنجي فوج کان سواءِ چار ھزار جاگيردار ۽ قبائلي سردار آھن. ھيءُ اثر رسوخ وارو حڪمران آھي. جيڪو ويھھ ھزار فوجي گڏ ڪري سگھي ٿو جيڪي جنگ کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا آھن. الڪو آھي تھ اھي گڏ ٿي ھٿياربند انگريزن لاءِ ڏچو پيدا ڪري سگھن ٿا.

ھي اھو زمانو ھو جڏھن لارڊ ايلنبرو جا مخالف بمبئي ۾ گڏ ٿي ھن لاءِ ڪنھن ٻارڻ ٻارڻ ۾ سرگرم ھئا، اھو وايو منڊل بلوچن جي بغاوت ڪرڻ جھڙو ھو. پر ھن انگريز جنرل جي طاقت ۽ قوت جا ذريعا ھن مير جي ڀيٽ ۾ گھڻا وڌيڪ ھئا. تنھن ڪري ھي مير پنھنجي ارادن ۾ ڪامياب ٿي ڪونھ سگھيو. وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير آھي. ڇوڙ واري علائقي جو گھيرو بھ ڪري سگھجي ٿو. مير شير محمد جتن ۽ کوسن جي قبيلي کي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍي ڇڏيو آھي. جن وڃي ٿر ۾ ٿاڪ جوڙيا آھن. انگريز جنرل ھن قبيلن کي بھ پاڻ سان شامل ڪري سگھي ٿو ۽ کين مير شير محمد خلاف استعمال ڪري سگھي ٿو. ھيءَ جنگ مير کي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍڻ جي ھوندي جيڪا ڏاڍي خطرناڪ ھوندي. ھن ڀنڻ کي مڙسيءَ سان منھن ڏيڻ فوجي ڀرتي ھندستان مان ممڪن ٿي سگھي ٿي. پر اتي بھ بغاوتن منھن ڪڍيو آھي. جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو ڪوشش ۾ لڳو پيو آھي. ڇوڙ واري ھن علائقي جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاھھ ھزار فوجين جي ضرورت آھي، پر ايئن ڪرڻ سان ھڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ تھ جڏھن مير شير محمد جي بغاوت خلاف ڪارروائي ڪئي وئي تھ ميدان خالي ڏسي اتر – اولھھ واري جابلو علائقي جا ڌاڙيل سنڌ جي ميداني علائقي ڏانھن ڪاھي ايندا، جيڪي ٻرندڙ جبل جي لاوا وانگي سکئي ستابي علائقي کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا. اھڙيءَ ريت ڇوڙ واري علائقي جي پاڻيءَ جي ڇرن ۽ تلائن ۾ بغاوت تڙڳي رھي ھئي. اھو جون جو مھينو ھو. گرمي بھ چوٽ تي چڙھيل ھئي. سج نيزي پانديءَ ڌرتي ٽامون ھئي. سر چارلس بھ ان ساڙيندڙ سج کي للڪاريو ھو ۽ سخت گرميءَ ھوندي ھن مير شير محمد تي حملو ڪري ڏنو. بلوچن کي اھا غلط فھمي ھئي تھ يورپي ماڻھو گرم رت ۾ ڪجھھ ڪري ڪونھ سگھندا آھن. پر سر چارلس اڳتي وڌي مير شير محمد کي سخت شڪست ڏني، جيڪو درياه اڪري قلات جي جابلو علائقي ڏانھن ھليو ويو. ان کانپوءِ سندس بغاوتون بند ٿي ويون. پر ھن سان لغارين جو سردار احمد خان گڏ ھو. ھو پاڻ سان گھڻو خزانو بھ کڻي ويا ھئا. ان ڪري الڪو ھو تھ متان ھو ڪوھھ ۽ روھھ جي ٻروچن يا قنڌار جي افغانن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ نھ ڀڙڪائن. ان وقت ممبئي ۾ ڪي مخالف ڌريون سر چارلس جون دشمن ٿي بيھي ويون ھيون، جيڪي ھن ڳالھھ ڏانھن اشارو ڪري رھيون ھيون تھ فتح ٿيل نئون ملڪ انگريزن جي ھٿن مان نڪري ويندو.

جڏھن مير شير محمد سنڌ مان نڪري ويو تھ ڇوڙ واري علائقي ۾ بھ ٺاپر اچي وئي، جيڪو اڳي وڳوڙن جي ور چڙھيل ھو. پر اھڙي امن ۽ سانت لاءِ سر چارلس نيپئر مارشل لا کان ڪم ورتو ھو. ان کانپوءِ ھن ڇوڙ واري علائقي جي بلوچن کي ميرن جا جنگي سپاھي سڏائڻ جي جرئت ئي ڪانھ ٿي. ھن علائقي جي انھن ڳوٺاڻن ھنن ڌاڙيلن کي ماري مات ڪري ڇڏيو، جيڪي اڳي مير شير محمد جي حڪمرانيءَ دوران ھٿياربند ٿي سندن جنگي واھر ڪندا ھئا. توڙي جو ھلڪا سلڪا وڳوڙ آھن، پر سرڪار پنھنجا پير مضبوطيءَ سان کپائي ورتا آھن. انھن وڳوڙين ۽ ڌاڙيلن کي انھن ھنڌن تي جوڳيون سزائون ڏنيون ويون آھن. جتي ھنن ڌاڙن جون ڪارروايون ڪيون آھن. ان کان سواءِ قاتلن جي سينن تي جرم جي نوعيت لکي، کين ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويو آھي. اھڙين ڏوھن جي تشريح ٽن ٻولين ۾ ڪئي وئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن عام ماڻھن کي پتو پوي تھ ھنن کي ڪھڙي قسم جي جرم جي سزا ڏني وئي آھي ۽ کين انگريزن جي دشمني بدلي ڦاسي ڪانھ ڏني وئي آھي پر اھي ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ جا مجرم ھئا. ڦاھي تي چاڙھيل ماڻھن ڪئپٽن اينس Ennis کي بھ قتل ڪيو ھو. سر چارلس جي مرضي ھئي تھ ڪيپٽن اينس جي قتل جي ڏوھھ ۾ مير شھزاد خان کي ڦاھيءَ چاڙھيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ اھو خون سندن ھشيءَ ڏيڻ تي ڪيو ويو ھو. کيس اھڙيون شاھديون ۽ ثابتيون ملي چڪيون ھيون. پر لارڊ ايلنبرو اھڙي سزا روڪرائي ڇڏي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ ھن وڏ گھراڻي جا عياش ۽ قاتل ممبئي سرڪار جا لاڏلا بڻجي ويا ھئا ۽ ھيءَ سرڪار سر چارلس نيپئر جي مخالف ڌر ھئي، جنھن انھن قاتلن کي بخشي ڇڏيو ھو، جن ھڪ بي پھچ ۽ بيمار ڪئپٽن کي بنا ڪنھن ڏوھھ جي قتل ڪري ڇڏيو ھو.

سر چارلس نيپئر جو مجرمن خلاف رويو ڏاڍو سخت ھو. پر جن جاگيردار بلوچن ۽ سردارن انگريز سرڪار جي آڻ مڃي ھئي، وفاداري ۽ تابعداري قبول ڪئي ۽جنرل جو سلام ڀريو ھو تن کي پنھنجون قيمتي تلوارون واپس ڪيون ھيون. ھن کان اڳ ساڳئي شرط تي ٽالپر خاندان جي ڪن اھم ماڻھن کي بھ سندن قيمتي تلواريون واپس ڪيون ويون ھيون. ائين ڪرڻ سندس حق بھ ھو. انھن تلوارن جي قيمت بھ تمام گھڻي ھئي. سر چارلس جي ھن کليءَ دل جي مظاھري ڪري، چار سو بلوچ سردار ۽ جاگيردار اچي سندن پيش پيا جن ساڻس انگريز سرڪار سان وفادار ۽ تابعدار رھڻ جو واعدو ڪيو آھي. اھڙيون ڳالھيون ڏسي ٻيا بھ ڪيترائي بلوچ سردار جنرل جي سلام ڀرڻ ۽ انگريز سرڪار سان وفاداري جي واعدي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن. پر ھن جنرل مفاد ۽ عظمت وچ ۾ فرق رکيو ھو ۽ ان ڳالھھ تي مستحڪم رھيو ھو. جڏھن خطرناڪ کان خطرناڪ سردار تھ ھو سندس خوف ۾ ڏڪي رھيو ھو ۽ جنرل کيس چئي رھيو تھ ”کڻ اھا پنھنجي تلوار، جيڪا تو پنھنجي بھادريءَ جي عزت خاطر منھنجي خلاف ڪتب آندي ھئي. مان ھميشھ بھادر دشمن جو قدر ڪندو آھيان. تو ھيءَ اطاعت پاڻ قبول ڪئي آھي. جيڪڏھن تو ھن تلوار کي منھنجي گورنمينٽ خلاف ڪتب آندو تھ، مان اھا تلوار ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس ۽ تون بھ ڪتي جي موت مري ويندين.“ جنرل جي لفظن ۾ جاگيردار جي بھادريءَ جي تعريف بھ ھئي تھ دٻنامو بھ.

سر چارلس نيپئر وفادار بلوچ سردارن کي ھٿيارن پائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو سمجھن تھ انگريز سپھھ سالار مٿن اعتماد ڪري رھيو آھي. پر ھنن جي اڙد اٽالي ۽ رسد گاھھ جي ماڻھن کي ھٿيارن پائڻ جي موڪل ڪانھ ھئي جن جو تعداد اٽڪل پندرھن ھزار ھو، ڇاڪاڻ تھ خدشو ھو تھ متان بغاوت ڪري وجھن. سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارن بلوچ سردارن سان انگريز سرڪار جو دوستيءَ وارو رويو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ بلوچستان وارو سارو علائقو جابلو آھي، جتان جي ماڻھن سان سنڌين جي دوستي بھ ھئي تھ دشمني بھ. ڪڇي واري جابلو علائقي جي ماڻھن سان بھ ھتان جي ماڻھن جا دوستيءَ ۽ دشمنيءَ وارا ساڳيا تعلقات قائم ھئا. سنڌوءَ جي الھندي ڪٺار وارا بلوچ سردار سر چارلس جي سلام تي بھ ڪونھ آيا ھئا. تنھن ڪري مٿن ائين پيش پوڻ لاءِ دٻاءُ وڌو جيئن افغانستان جي جنگ دوران انگريز پوليٽيڪل ايجنٽن انگريزن جي ساٿ ڏيڻ لاءِ زور وڌو ھو. پر ان جو نتيجو سخت نڪتو آھي. ھن کين حڪم ڪيو تھ پنھنجي پوئلڳن کي بي ھٿيار ڪن جيئن سنڌوءَ جي اوڀر ڪناري جي بلوچ سردارن ڪيو ھو ليڪن ھنن کيس ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آھي. تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو انگريز راڄ کي فقط سنڌوءَ جي اوڀر ڪناري وارن بلوچ سردارن قبول ڪيو آھي. اھڙين حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن ڇا ڪيو جو حڪم ڏنو تھ جيڪو بلوچ اولھھ کان اڀرندي ڪناري اچي تھ کائنس ھٿيار کسيا وڃن. ڪارڻ اھو ٻڌايو ويو تھ ائين ڪرڻ سان اڀرندي ڪٺار سان آباد ڳوٺن کي بلوچن جي ڌاڙن کان بچائڻ آھي. اھا ڪارروائي ائين ھلي رھي ھئي ڄڻ تھ ڪو جنگ جو زمانو ھجي. اھڙا ڦريل ھٿيار فوجي سپاھين جي حوالي ڪيا ٿي ويا ۽ اھڙو سلسلو ھلندو رھيو. سنڌوءَ جي الھندي ۽ ڪٺار سان واقع سنڌين جي ڳوٺن کي بلوچ ڌاڙيلن جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ سر چارلس انگريز سرڪار جي تابعدار ۽ آزاد قبيلن کي سختيءَ سان چيو تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھٿياربند ٿي اولھھ کان اوڀر سنڌو پار ڪيو تھ انھن سان لاڳاپيل سارن قبيلن جو ڄڻ ٻچو رلايو ويندو. جن ماڻھن الھندي ڪٺار سان واقع سنڌي ڳوٺن سان کئونس ڪئي تھ ھو انھيءَ جابلو علائقي ۾ بندوقن ۽ تلوارن سان داخل ٿيندو ۽ سندن ساريون وسنديون ويران ڪري ڇڏيندو.

اھا سر چارلس جون فقط ڳالھيون ڪونھ ھيون پر ائين ڪرڻ جا سندس اٽل ارادا بھ ھئا، ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ سنڌوءَ جي الھنديءَ ڪٺار سان ويھھ ھزار ھٿياربند ڌاڙيل ھئا. پر سر چارلس سنڌين جي بچاءَ خاطر کين ھٿياربند ڪرڻ جي جرئت ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ تھ انھيءَ علائقي ۾ بلوچ قبيلا پنھنجي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙن ڦرين کان سواءِ تھ ٻي ڪا ڪرت ئي ڪانھ ڪندا ھئا. جڏھن ڪو بلوچ وڏو ٿيندو ھو تھ ھو جي مٽيءَ (زمين) سنڀالڻ بدران تلوار جو مٺيو سنڀاليندو ھو. تلوار جيترو بار کڻي سگھندڙ ننڍڙو ٻروچ ٻار بھ تلوار ۽ بندوق سنڀالي ڌاڙي جي ڌنڌي سان لڳي ويندو ھو. ھن جنرل جي اھا اڻ سڌي حڪمت عملي ڏاڍي ڪامياب ثابت ٿي ھئي. فتح کان اڳ ۽ فتح وارين جنگين دوران سنڌوءَ جي الھندي واري علائقي ۾ بلوچن رڻ ٻاري ڇڏيو ھو ۽ ڪيس قھر ڪري پنھنجي دھشت ڄمائي ڇڏي ھئي. پر ھن جي مذڪوره حڪمت عمليءَ ڪري اھڙن واقعن ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي ۽ بلوچن جا ڌاڙيل بھ ماٺ ڪري چڪا ھئا ۽ امن آتشي واري برادري بڻجي ويا ھئا. ھن جو نتيجو اچرج جھڙو ھو. تنھن ڪري عام ماڻھن ھن نئين سرڪار کي خوشيءَ سان تسليم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. پر ان سان گڏ انھن طاقت کان ڏڪندا بھ ھئا.

ان کان سواءِ ماڻھن آڏو انگريزن جو اڻ ڌريو انصاف بھ ھو، جنھن ڪري سڀئي طبقا متاثر ٿي ويا ھئا. انصاف جو ھڪ مثال اھو بھ آھي تھ ھڪ پارسي واپاري راھھ ويندي قتل ڪيو ويو ھو ۽ ٻھ ٻروچ ڌاڙيل سندس مال مڏي کڻي ھليا ويا ھئا. انگريز سرڪار جي ڪوشش سان پاڳيءَ سندن پيرا کڻي وڃي کين سوگھو ڪيو. ھنن ڌاڙيلن بيان ڏنو تھ ھنن پنھنجي قبيلي جي سردار جي حڪم سان ائين ڪيو آھي ۽ ڦريل سارو سامان بھ سندس گھر ۾ ھٿيڪو پيو آھي. قبيلي جي ماڻھن وڃي کانئس اھو سامان گھريو جيڪو کين ملي ويو. سڳ سردار جي گھران مليو ھو ۽ کيس مجرم ثابت ڪرڻ لاءِ اھا شاھدي ڪافي ھئي ۽ انھن ٽنھي کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي ھئي. سياسي معاملي ۾ اھڙي ڪڙي سزا ڪانھ ڏني وڃي ھا. پر سر چارلس پنھنجي اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ ۾ دانشمندي کان ڪم ورتو ھو. کيس پتو ھو تھ اھي قبيلا کانئس ڊڄندا ۽ سمجھدا تھ ھي فاتح ڪنھن بھ مجرم کي ڪونھ بخشيندو. ھتان جي عام ماڻھن ھن قسم جي سزا کي ڏاڍو ساراھيو ھو ۽ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، ”پادشا ڪنھن کي بھ بي ڏوھو ڪونھ ٿو ماري.“ انھيءَ واقعي کان پوءِ سر چارلس جيڏانھن بھ ويندو ھو تھ، ھن انصاف پسند پادشاھھ ڏسڻ لاءِ ماڻھن جا انبوھھ گڏ ٿي ويندا ھئا.

ھن قسم جي انصاف کان پوءِ سنڌين ۽ ٻروچن ۾ ڪي وھم ۽ وسوسا پکڙجي ويا. سنڌي ماڻھو سمجھڻ لڳا ھئا تھ اھو ميرن تي خدا جو ڏمر آھي، جو ھنن ڪلھوڙي حڪمران کي قتل ڪيو ھو پر انھيءَ وقت ممبئي واري ڌر چوڻ شروع ڪيو ھو تھ ڪلھوڙي حڪمران جي قتل کانپوءِ سنڌ ۾ پورن ڇھن سالن تائين مينھن ڪونھ وسيو ھو ۽ ڏيھھ ۾ ڏڪار ڀينگ ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن سر چارلس نيپئر ميرن سان جنگيون شروع ڪيون تھ وڏ ڦڙن جا وسڪارا شروع ٿي ويا ھئا. چوڌاري مينھن موجون لائي ڇڏيون ھيون ۽ تل ۽ ترايون پلر جي پاڻيءَ سان تار ٿي ويون ھيون. اھڙا ميگھھ ملھار گذريل ڪيترن سالن کان ڪونھ ٿيا ھئا. ھن قسم جي بوندن جي بھاري کي ڪلھوڙن کان پوءِ واري ڏڪار سان ڀيٽايو ويو ھو. ان ڪري سنڌي ۽ ٻروچ سمجھي ويا ھئا تھ ٽالپر شاھيءَ جو چوڻو پاڻي ختم ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي قدرت انگريزن کي نوازي رھي آھي. اھڙي قسم جي وھمن ۽ وسوسن سان گڏ انگريزي فوج جي منظم قسم جي ھلت چلت، سندن ڪمانڊر جي نيڪ سرگرمين جا امٽ نشان، انصاف لاءِ سندس پيار، حقدارن کي ملڪيتن جو ملڻ، ماڻھن کي روزگار جي فراھمي، محصول جي گھڻو گھٽجي وڃڻ، ان ظلم ۽ ڏاڍ ڏمر جو ختم ٿي وڃڻ جيڪو ٽالپر حڪمرانيءَ سان گڏوگڏ ھلي رھيو ھو اھڙيون حقيقتون ھيون، جن ڪري عام ماڻھو انگريز سرڪار سان پيار ڪري رھيو ھو. سنڌ جي ماڻھن سر چارلس کي چار مھينا اڳ سنڌ ۾ ايندي ڏٺو ھو. ھي اڏول فوجي جنرل ھو جنھن کي ڪابھ روڪ روڪي ڪانھ ٿي سگھي، نھ ڪا رنڊڪ کيس رنڊائي ٿي سگھي. ھتان جا ماڻھو کيس ان وقت ئي سمجھي چڪا ھئا تھ ھيءُ فوجي جنرل قانون پسند ۽ امن پسند آھي ۽ ھيءُ اھڙو انسان آھي جيڪو سڀني جو مقدر کي ڦيري سگھي ٿو. ھو پنھنجي دوست ۽ دشمن کي ترقي ڪرڻ جا ھڪجھڙا موقعا فراھم ڪندو. تنھن ڪري انھن سڀني سندن انتظامي جوڙجڪ کي دل جي گھراين سان پسند ڪيو ھو ۽ سمجھي رھيا ھئا تھ سندن ڀاڳ ڀلا آھن.

اھا بھ حقيقت آھي تھ ھو فوجي ۽ مطلق الانسان حڪمران آھي. سندس اختيار وسيع آھن. پر ھو پنھنجي مزاج ۾ سخت ۽ پورالو ڪونھي ڪو. ھن انصاف کي قائم ڪرڻ جي مقصد سان جڏھن قانوني ضابطن جو اعلان ڪيو ھو تھ ھن ڏاڍي صبر ۽ تحمل جو اظھار ڪيو ھو. ان وقت ھن سنڌ جي عام رواجي قانوني ڍانچي کي بھ آڏو رکيو ھو، پر انگريزي قانون کي مٿاھون رکيو ويو ھو. اھڙي انصاف جو بنياد برابري ۽ ھڪ جھڙائيءَ واري اصول تي بيھياريو ويو ھو جيڪو عزت ڀريو اصول ھو. انصاف جي ان اصول ۾ نظرثاني ڪرڻ جي بھ شق رکيل ھئي. اھڙيءَ ريت سخت قسم جي معاملن کي ھو پاڻ نظرداريءَ ڪندو ھو. جڏھن ڪنھن کي ڦاھيءَ جي سزا ملندي ھئي تھ، سندس منظوري ۽ تصديق لازمي سمجھي ويندي ھئي.

ھو کيس مليل وسيع ۽ مستقل اختيارن کي بھ عام قاعدن جي ماتحت رکندو آھي. پر جڏھن سندن فتح کي تحفظ جي ضرورت ھوندي آھي تھ اھڙي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجي غير معمولي اختيارن کي استعمال ڪندو آھي. اھڙي قسم جي قانون جو بنياد ٽن بلوچ قبيلن جي خاص مزاج کي ڏسي رکيو ويو آھي. ھن وڏن بلوچ قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن کليءَ دل سان رعايتون ڪيون آھن. اھو يورپي سرداري مجاز کي نظرانداز ڪري ائين ڪيو ويو آھي ۽ انھن سردارن جي عزت ۽ احترام کي برقرار رکيو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھنن مھان بلوچن، سر چارلس نيپئر جي حڪم تي انگريز سرڪار جو وفادار ۽ تابعدار ٿيڻ قبوليو آھي.

اھڙيون ڳالھيون ھن محدود ڪري ڇڏيون ھيون انھيءَ لاءِ تھ جيئن ھيٺيئن طبقي جي ماڻھن کي ڪو نقصان نھ پھچي. ھن فقط وڏن ماڻھن کي خوش ڪرڻ واسطي فقط نالي وارو فرق ڪونھ رکيو ھو، پر بي شمار ڪمن ۾ ڪاسبين لاءِ پڻ سوچيو ويچاريو ھو. کيس اھا بھ پوري خبر ھئي تھ انسان احسان فراموش ھوندو آھي ۽ ڪنھن سان احسان ڪري وفادار ڪونھ رھي سگھندو آھي پر خوف ۽ خطرو اچي پاسو وٺندو آھي. تنھن ڪري سندس فولاد ھٿ گلابي رنگ جي داستانن اندر لڪل رھندو آھي. انھن سڀني ماڻھن کي ڄاڻ آھي تھ ھن سندن حياتين ۾ بخت کي خوف ۽ ڪمزوريءَ واري احساسن کان نھ پر سخاوت واري احساس کان بچائي ورتو آھي. سندس بيان آھي تھ ميرن تي اسان جي رعايتن جو ڪوبھ اثر ڪونھ ٿيندو ۽ اھي ڪڏھن بھ پنھنجون وحشي خواھشون ڇڏي ڪونھ سگھندا پر ٻن جنگين ڪري مٿن خوف ڇائنجي ويو آھي. تنھن ڪري امڪان آھي اھڙيون ڳالھيون ڇڏي ڏين. بلوچ سردارن ۽ جاگيردارن جي آڪڙ ۽ وڏائي فقط تڏھن گھٽائي سگھجي ٿي جڏھن ھو اسان جا مڪمل طور تي وفادار ۽ تابعدار ٿي ويندا. راڻيءَ جي تصوير پردي پٺيان لڪل آھي جنھن کي عام طرح ماڻھو ڏسي ڪونھ سگھندو آھي نھ وري ڪنھن اڙد اٽالي واري ماڻھوءَ جي مٿس نظر پئجي سگھندي. پر جيڪي ماڻھو سلاميءَ لاءِ ايندا آھن، تن کي اھا تصوير ضرور ڏيکاري ويندي آھي ھاڻي تھ اھا رسم عام مقبول ٿي وئي آھي ۽ سلام لاءِ اچڻ وارو ھر ٽولو پاڻ چوندو آھي تھ پادشاه اعظم جي زيارت ڪرائي وڃي. ان ھوندي بھ ھتان جي ماڻھن کي اھو اعتبار ڪونھ ٿو اچي تھ ڪا عورت ايڏي وسيع حڪومت جو ڪاروبار ھلائي سگھندي ھوندي نھ رڳو اھو پر گورنر جنرل جي عھدي ۽ اختيارن کي بھ سمجھي ڪونھ سگھيا آھن. ان لاءِ فقط سمجھندا آھن تھ اھو ماڻھو سر چارلس نيپئر کان عھدي ۽ اختيار ۾ وڏو آھي. ھنن ماڻھن جو اھو بھ تصور آھي تھ اھو ماڻھو مشرق جي روايتن مطابق ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ سر چارلس کي قتل ڪري ڇڏيندو ۽ سندس دولت تي قبضو ڪري وٺندو، ليڪن ھنن کي اھڙو اعتبار ڪونھ ٿو اچي. ڇاڪاڻ تھ سر چارلس وڏو بھادر آھي ۽ ٻن جنگين ۾ سوڀارو ثابت ٿيو آھي ۽ سندس فوج بھ ھن سان ڏاڍي وفادار ھئي. انھيءَ ڪري سندس ادب ۽ احترام رکندا آھن ۽ کيس پنھنجو سردار سمجھندا آھن. ھڪ جھونڙي بلوچ سردار کي راڻي جي رتبي ۽ اختيارن جو ٻڌايو ويو تھ ھن جو اچرج کان وات ئي ٽٻڻو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تھ صاحب ان راڻي مون کي مياڻيءَ واري جنگ جي ميدان شڪست تھ ڪانھ ڏني ھئي. بس، منھنجو بادشاه تھ تون آھين. ٻئي بلوچ سردار چيو تھ اھا راڻي ڪٿي رھندي آھي وغيره وغيره، پر ان کانپوءِ تون وڏو آھين. تنھن تي سر چارلس نيپئر کيس چيو تھ نھ، ھن کانپوءِ وڏو ھندستان جو گورنر جنرل آھي. ان کان پوءِ ھن پڇيو تھ اھو ڪٿي رھندو آھي؟ جنرل کيس وراڻيو تھ ”اھو ڪلڪتي ۾ رھندو آھي.“ بلوچ سردار وراڻيو تھ، ھائو مان ڪلڪتي جو نالو ٻڌو آھي. پر تون تھ حيدرآباد ۾ رھندو آھين. ھن وڌيڪ چيو: ”مون کي ھڪ ھڪ سوال جو جواب ڏيندين تھ ڇا تون مون کي قتل ڪري سگھين ٿو. جنرل نيپئر کيس وراڻيو: ”وڏيءَ خوشيءَ سان. پر جڏھن تون منھنجو فرمانبردار نھ رھندين.“ ان کانپوءِ ھن جواب ڏنو: ”بس اھو ڪافي آھي ۽ اوھان جو ٻانھون آھيان.“

ھي ماڻھو فوج جي انگريز ڪمانڊر کي ائين ڏسي رھيا آھن. جيئنءَ ھو ھر شيءِ جو مالڪ ھجي. پر سر چارلس وري لارڊ ايلنبرو کي وڏو سمجھي رھيو ھو. جيڪو ھندستان جي سرڪار جو مالڪ ۽ انگريز فوجين جو وڏو آھي ۽ سنڌ جي فاتح جو مٿس وڏو ويساه آھي. جنھن کان سڀ ننڍا وڏا ڪامورا ڊڄندا آھن. تنھن ڪري سڀ رعايتون ۽ سھوليتون ھن وٽان شروع ٿين ٿيون ۽ ان جو فضل ۽ ڪرم سڀني مٿان ڇانيل آھي. ھن ماڻھوءَ جي عھدي تي مقرري بدنيتي، بي ايماني ۽ ڪمينائپ لاءِ ڄڻ تھ للڪار ھئي ۽ اڄ تائين اھڙين خرابين لاءِ للڪار بڻيل آھي. سر چارلس جي مقرري ڪائونسل وسيلي ٿي ھئي، جنھن ۾ ممبئي سرڪار جا ڪجھھ مستقل عملدار بھ شامل ھئا. ان کان سواءِ ڪجھھ ٻيون ڌريون بھ ھن ڪائونسل سان گڏ ھيون، جن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ ڀائيواري ھئي ۽ وڏن منافعن جي اميد ڪيون ويٺيون ھيون. سنڌ جي فتح ۽ ان جي انگريز ھندستان سان شامل ٿي وڃڻ کان پوءِ انھن ڌرين وڏي منافعي جي توقع ھئي. ڇاڪاڻ تھ سنڌ تي حملي جو سارو خرچ انھن ڀريو ھو. پر اھي ماڻھو شخصي طور اھڙا خراب ھئا جھڙا سندن لڇڻ گندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھنن بنا ڪنھن سوچ سمجھھ جي فيصلو ڪيو ھو. ھن آفيس ۾ ڪي سول عملدار بھ ھئا. سر چارلس خلاف الزامن کي ننديو ويو ھو،ھي فوجي جنرل ايترو معزز ۽ محترم آھي جو سندس عزت ۽ آبرو کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو رستو ڪونھ ھوندو آھي. ھن کان سواءِ ٻيو مان ۽ مرجاتا وارو رڄ چڱو مڙس مسٽر جان وارڊن John Warden آھي جيڪو سر چارلس کي عزت ۽ آبرو جي نظرن سان ڏسندو آھي.

ھنن ماڻھن سنڌ جي فوج ۽ راڄ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جا زور لاتا ھئا ۽ لڳاتار جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳا رھيا تھ سر نيپئر کي بدنام ڪري مختلف قسمن جا الزام ھڻي، سندس حڪومت کي ڊانواڊول ڪجي. انگلينڊ ۽ ھندستان اخبارون ھن جنرل خلاف پروپئگنڊا ۾ لڳي ويون ھيون ۽ اثر رسوخ واري ڌر ڳجھھ ڳوھھ ۾ ساڳي ڪم ۾ رڌل ھئي. انھيءَ لاءِ تھ جيئن وڪٽوريا دور جي ھن مشھور فوجي جنرل تي من گھڙت الزام ھڻي، کيس بدنام ڪجي. اھڙن ماڻھن ۽ اخبار وارن جي ھمت افزائي پاڻ ڊائريڪٽرس ۽ بورڊ آف ڪائونسل ڪري رھي ھئي. ھي ٻئي ادارا گورنر جنرل لارڊ رپن Ripon جي ماتحت ڪم ڪري رھيا ھئا. ھن گورنر جنرل سر چارلس خلاف جيڪو اجايو اوڻو پير کنيو تنھن کي اڳتي ھلي وائکو ڪبو. ڇاڪاڻ تھ غلط ماڻھن کي عزت ڏيڻ، سٺن ماڻھن جو ڪم ڪونھ ھوندو آھي. ھن ماڻھو سر چارلس جي خوبين جي توھين ڪري پنھنجي اصلي حيثيت کي ھيٺ ڪيرائي ڇڏيو آھي.

لارڊ ايلبرو سنڌ جي حڪومت کي جولاءِ کان ڪلڪتي جي ڪائونسل جي سڌو ماتحت رکي، ممبئي جي ان ڌر کان آجو ڪري ڇڏيو آھي جيڪا پنھنجي ذاتي مفادن ڪري سنڌ جي معاملن ۾ ھروڀرو دخل ڏئي رھي ھئي. اتان جا سرڪاري ڪامورا جيڪي سنڌ ڏانھن اچڻ جي اميد ڪيون ويٺا آھن تن لاءِ پنھنجي طاقت استعمال ڪري بھ ھيڏانھن اچڻ جي سگھھ ڪانھ آھي نھ وري کين ھڪ نھ ٻئي طريقي سان سنڌ جي نوڪرين جي توقع رھي آھي. جنھن ڪري وڏي دولت ڪمائي سگھن ٿا، پر اھا ڳالھھ اتي ڪانھ ٿي کٽي. ھنن ماڻھن ڪن سياستدانن جا قلم خريد ڪري ڇڏيا آھن. جن جي آڌار تي سر چارلس جي ڪردار کي لوئي رھيا آھن ۽ چئي رھيا آھن تھ ھن سنڌ فتح ڪري ڪو وڏو ڪم ناھي ڪيو. سندن اھو بھ چوڻ آھي تھ ھن فتح حاصل نھ ڪئي، پر نيم مسلح ماڻھن کي ڪٺو آھي جن سندس ڪنھن بھ قسم جي مزاحمت ئي ڪانھ ڪئي ھئي. سندس اھو بھ چوڻ آھي تھ ساري سنڌ واريءَ جي ڀٽن کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪانھ آھي. ڪن جو بيان آھي تھ ھن سنڌ کي فتح ڪري حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙھڻ جھڙو ڏوھھ آھي ۽ ھن بي گناھن جي وڏي قتل عام ڪري ڄڻ اسان جي توھين ڪئي آھي. بھتر آھي تھ اھو ملڪ ساڳين حڪمرانن کي موٽائي ڏنو وڃي.

جيڪڏھن ائين آھي تھ چارلس احمق آھي، جيڪو لاشن جي ڍيرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آھي. ان کانسواءِ ھو بي دين، ضمادي ۽ بدمعاش شخص ھو ۽ ويلنگٽن Wellington جي شاندار دور تي ڪارنھن جو لينگھو ھو. جيڪڏھن ھو واقعي ائين ھو تھ پوءِ تھ ھن ۾ ڪو فوجي شان ئي ڪونھ ھو ۽ ھن فوجين جي ساري پورھئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ھن وحشياڻي طريقي سان ميرن جي گھروارين کان سونا زيور کسي ڀڃي ڀور ڪري فوجي ورديءَ جي توھين ڪئي ھئي. سنڌ جي لذيذ پلي جي ثواد خاطر پنھنجي رھڻ جي جاءِ بھ تبديل ڪئي ھئي. ان کان سواءِ ھن جي چوڌاري خوشامدڙين درٻارين جا ٽولا مڙي ويا ھئا. جيڪي سندس چاپلوسي ڪري ھن جي قائم ڪيل سنڌ سرڪار جي انتظام تي اڻ سڌيون چٿرون ڪندا ھئا. قديم دور کان وٺي ھندستان ۾ رھندڙ انگريزن جو خيال آھي تھ اھڙيون ڳالھيون نيٺ ناڪام ثابت ٿينديون آھن. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ ھن مير علي مراد جھڙي غدار ماڻھوءَ کي اکين جو تارو بڻائي ڇڏيو ھو. ھو غدار انھيءَ ڪري سڏيو ويندو آھي، جو ھن انگريزن جي فوج کي مھاڏو ڪونھ ڏنو ھو. ھن مير، سر چارلس کي نھايت قيمتي سوغاتون ڏنيون ھيون. ان کان سواءِ سنڌ جي حڪمرانن جي ملڪ کي فتح ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي ھئي.

ھن کان سواءِ ميجر آئوٽرام بھ ھڪ خطرناڪ اڳڪٿي ڪئي ھئي جيڪو انگريز سرڪار جو غير اھم پوليٽيڪل ايجنٽ ھو جنھن معلومات ڏني ھئي تھ، چاليھھ نوجوان ٽالپر آزاد آھن. جيڪڏھن اھي انھيءَ ريت آزاد ھوندا تھ انگريزن جي حڪمراني لاءِ خطرو ثابت ٿي سگھن ٿا. امڪان آھي ڏھن سالن جي لڳاتار گوريلا جنگ کان پوءِ ساريءَ سنڌ تي وري بھ ميرن جو راڄ قائم ٿي ويندو. سندس ڳالھيون چارڻ فقيرن جي اڳڪٿين کان وڌيڪ ڪونھ آھن جيڪي پنھنجي سوچ جو ھڪ بيھودو ڪردار پيش ڪندا آھن ۽ مصيبتن کي اجايو وڌائي پيش ڪندا آھن. پر وٽن اھڙا وسيلا ڪونھ ھوندا آھن، جو اھڙن اگرين مصيبتن مٿان غلبو حاصل ڪري سگھجي. ميجر آئوٽرام جي اڳڪٿين کي ھندستان ۽ ڪجھھ لنڊن جي اخبارن کنيو آھي. اخبارن جي ڳالھين مان اھڙي معلومات ضرور ملي ويندي تھ جر جي ان ڦوٽي ۾ ڪيتري حقيقت آھي. مذڪوره اخبارن ۾ نئين گورنر جي آڏو مصيبن ۽ سندس ڪوششن کي وڌائي گھٽائي پيش ڪيو ويو آھي جيڪو ھنن ماڻھن جي ٺڳيءَ جو ھڪ فن آھي. ھي اعليٰ ڪامورا شاھيءَ جي بي انتھا اختيارن جو ھڪ گڏو آھي ۽ سندن دليون ۽ دماغ بدنيتي ۾ ڪوڙ سان ڀريا پيا آھن. ڪجھھ ٿورا ماڻھو اھڙا بھ آھن، جن سر چارلس جي حڪومت جو صحيح پس منظر بيان ڪيو آھي. پر اھو بھ واضح طريقي سان پيش ڪيل نظر ڪونھ ٿو اچي. پر مجموعي طور تي سر چارلس نيپئر جي نھ عزت جو لحاظ رکيو ويو آھي نھ وري سندس قومپرستي جي جذبي جو قدر ڪيو ويو آھي.

گھڻا ماڻھو کڻي نھ پر ڪي ٿورا ماڻھو اھڙا بھ ھجن ھا جيڪي گارين جي ھن طوفان ۽ باھھ ۾ اچي سر چارلس جو طرف وٺن ھا. اعليٰ ڪامورا شاھيءَ جي بدنيتي ۽ دڙڪن دھمانن کي اچي منھن ڏين ھا. ھن مانڌاڻ ۽ ڌماچوڪڙيءَ واي وايو منڊل ۾ مختصر ماڻھو اچي، ھن جي قائم ڪيل سنڌ سرڪار جو تحفظ ڪن ھا تھ بھ چڱو. سر چارلس نيپئر جي شخصيت اھڙي طاقتور آھي جنھن تي غالب ٿيڻ مشڪل آھي. سندس اڏول شخصيت اھڙي ڏکئي ماحول ۾ ئي صحيح نموني مان پرکي سگھجي ٿو. ھن منجھيل معاملي کي منھن ڏيڻ سر نيپئر ٽن گورنمينٽس، جھڙوڪ ڪلڪتي سرڪار، بمبئي سرڪار ۽ ”بورڊ آف ڪنٽرول“ سان لکپڙھھ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي. پوسٽ آفيس واري رابطي جي ٽٽي وڃڻ ڪري ۽ ٻين سببن ڪري رابطو ڪٽجي ويندو آھي ۽ پوءِ سوين خط اچي ھڪ وقت پھچندا آھن. سر چارلس دشمن خلاف ڪارواين ۾ مصروف ھوندو آھي تھ خطن جا ڍير بھ سندس سامھون رکيل ھوندا آھن. جڏھن ھو مير شير محمد خلاف سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تي ڪاھي ويو ھو تھ کيس شڪست ڏئي اتان جي مظلوم ماڻھن جي گھائن تي وڃي پھا رکيا ھئائين ۽ نئين انتظاميھ جو وڃي بنياد رکيو ھئائين. جڏھن تھ نئين سياسي نظام جو مضبوط بنياد پڻ رکيو ھئائين. ھن علائقي ۾ کيس سخت گرميءَ وڏو جھٽڪو ڏنو ھو. ڊاڪٽرن کيس سنڌ ڇڏي وڃڻ جو مشورو ڏنو آھي. انھن کيس مشورو ڏنو تھ جيڪڏھن ھو زنده رھڻ چاھي ٿو تھ سنڌ ڇڏي وڃي. لارڊ ايلنبرو پنھنجي کليءَ دل جو اظھار ڪندي کيس چيو آھي تھ ھو سر چارلس جي صحتمند ٿيڻ تائين سنڌ سرڪار جو انتظام پاڻ اچي سنڀاليندو. ھتان جي گرمي 132 فارن ھائيٽ ڊگرين کان بھ مٿي آھي. ھو نھايت ڪمزور ٿي ويو آھي ۽ سرڪاري خطن جا جواب بھ سمھي پيو لکندو آھي. ٿڪ ۽ ڪمزوريءَ ڪري مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پھتو آھي. تڏھن بھ، ھي اٽل ارادي سان ان وقت تائين محنت ڪندو رھندو، جيستائين باغي ماڻھن جون جنگيون ختم نھ ٿيون ٿي وڃن ۽ جيستائين ھو نئين تھذيب جو مضبوط بنياد ناھي.

باب ٻيو: سنڌ جي نئين سر انتظامي جوڙجڪ

سر چارلس نيپئر سنڌ جي انتظاميھ جي سڀني شاخن جو جوڙجڪ ڪري ورتو ھو ۽ سماجي نظام ۾ بھ سڌارا آڻي ورتا ھئا. ھن وقت فقط کيس اھل عملدارن جي ضرورت ھئي. جيڪي فرمانبرداري ۽ ايمانداري سان سندس ماتحتي ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري سگھن. ھتي موجود تھ سڀ ڪجھھ ھو، پر رھنمائي ڪانھ ھئي. ھتان جي زمين ۽ حالتن جو مطالعو ڪرڻو ھو. سول انتظام جي قيام واسطي ماڻھن جي چونڊ بلڪل مختصر ھئي. پر خوشقسمتي جي ڳالھھ اھا ھئي تھ سندس لشڪر ۾ ڪي اصل فوجي سپاھي ھئا، جن کي ھن سول انتطاميھ ۾ مقرر ڪيو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي سول انتظاميھ جو قيام عمل ۾ اچي ويو. جنھن تي خرچ بھ گھٽ اچڻ لڳو ھو. پر منصبي فرض ڏاڍي سرگرمي سان سرانجام ٿي رھيو ھو. ڪم ۾ اھڙي ڦڙتي ۽ تيز رفتاري سول عملدارن ۾ ممڪن ڪانھ ھئي.
خرچ جي گھٽ ھجڻ جو فقط اندازو ڪونھ ھو. آئوٽرام جي پوليٽيڪل ايجنسيءَ کي ورھارو (ساليانو) سورھن ھزار رپيا خرچ ايندو ھو. جڏھن تھ سندس ماھوار خرچ ڪڏھن ڇھھ، ڪڏھن ڏھھ ۽ ڪڏھن وري ڏيڍ سو رپيا بھ ھوندو ھو پر آئوٽرام سرڪار کان سورھن ھزار رپيا وٺندو ھو. جيڪا تمام گھڻي رقم ھئي. ڪجھھ عملدار اتر سنڌ جي انتظام لاءِ ڪلڪتي طرفان موڪليا ويا ھئا، جن سان واعدو ڪيو ويو ھو تھ کين ڪم ڪار جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ڪلارڪن جو وڏو اٽالو ڏنو ويندو. ھندستان ۾ ھن جو مطلب آھي اھڙن ماڻھن جي ھڪ ڊگھي قطار. اھڙن ڪلارڪن جي چونڊ کاتن جا سربراھھ پاڻ ڪندا ھئا. سر چارلس ڪلارڪن جي ايڏي وڏي تعداد مقرر ڪرڻ جي خلاف ھو. تنھن ڪري ھن پھريائين اھڙين مقررين کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. گھڻي ڪم جي نتيجي ۾ ٻن عملدارن پنھنجي عملدار ڪئپٽن پوپ ڏانھن ھڪ بيزاري وارو خط لکيو ھو. اھڙيءَ ريت ڪئپٽن پوپ پاڻ بھ ٻڌايو تھ اھي ماڻھو سرڪاري ڪم ڏاڍيءَ بي دليءَ سان ڪندا ھئا ۽ ڪم ڪرڻ کان ونءُ ويندا ھئا. لارڊ ايلنبرو انھن عملدارن کي واپس گھرائي ورتو. سر چارلس انھن ٻن عملدارن جي جاءِ تي مسٽر رچرڊسن کي مقرر ڪيو آھي. سندس پگھار پنج سو رپيا ماھوار آھي. ٻن عملدارن جو سارو ڪم اھو ھڪ ڄڻو ڪندو آھي. پنھنجو منصبي فرض ڏاڍي تيز رفتاري سان ادا ڪندو آھي ۽ جن ٻن عملدارن جي جاءِ تي ھي پنجن سون رپين جي پگھار تي ڪم ڪندو آھي. سي ماھوار ٻن ھزار رپين کان بھ وڌيڪ پگھار وٺندا ھئا. سنڌ جو انتظام ھاڻي فوج جي حوالي آھي، جيڪا پنھنجي فوجي منصب سان گڏ سنڌ جي سول انتظاميھ جو ڪم بھ سنڀاليندي آھي. پوليٽيڪل ايجنسيءَ جي معاملن کي آئوٽرام نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ھو. جنھن جو انتظام پڻ سڌاري بھتر ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻي پنھنجي اصلي روپ ۾ ڪم ڪري رھي آھي. پر ھن ۾ ڪنھن ٻيءَ تبديليءَ آڻڻ کان سواءِ اڃا بھ وڌائي ۽ سڌاري سگھجي ٿو.
ھتان جو اکين سان ڏسڻ ۾ ايندڙ طاقت جو سرچشمو فقط گورنر آھي. جنھن جي چوڌاري سندس فوج گھيرو ڪيو ويٺي ھوندي آھي. ھنن فوجين کي اھا چڱيءَ ريت خبر آھي تھ ھنن سنڌ تلوار جي طاقت سان فتح ڪئي آھي. جنھن جو انتظام بھ تلوار جي زور سان رکي سگھجي ٿو. ليڪن انھن فوجين مان بھ ڪيترن کي باغي قبيلن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ جابلو علائقن ڏانھن موڪليو ويو آھي. ھنن ماڻھن کي بغاوت لاءِ انھن ٽالپرن اڀاريو آھي. جيڪي آزاديءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندا وتندا آھن يا وري ھي اھي ماڻھو آھن، جن جي ڪار ڪرت ئي ڌاڙا ۽ ڦريون ڪرڻ ھوندو آھي. اھو بھ امڪان آھي تھ افغان ۽ سک ڪڏھن بھ حملو ڪري سگھن ٿا. ان ڪري فوج کي اھڙي انداز سان رکيو ويو آھي. جيئن ڪنھن امڪاني ھنگامي صورتحال منھن ڏئي سگھي. ان کان سواءِ ملڪي انتظام ۾ ڪنھن رخني وجھڻ کانسواءِ اندروني امن امان بھ برقرار رکڻو آھي ۽ اھو بھ ڏسڻو آھي تھ ان فوج کي پنھنجي منصبي فرض کي بھ ڦڙتيءَ ۽ چالاڪيءَ سان نڀاھڻو آھي. ھن سان گڏ اھا بھ نظرداري ڪرڻي آھي تھ فوجي عام ماڻھن سان رابطا واسطا پيدا نھ ڪن. ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھوءَ سان رلي ملي وڃڻ ڪري سندن خوف ۽ دھشت ختم ٿي ويندي، جيڪا فتح کان پوءِ قائم ٿي وئي آھي.
تنھن ڪري ھن قسم جو انتظام پوليٽيڪل ايجنسيءَ جي نقطئھ نظر جي خلاف آھي. جنھن افغان جنگ دوران عام ماڻھن تي مشتمل پنھنجي فوج موڪلي ڇڏي ھئي. جنھن جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪتا ھئا. پر ھن معاملي ۾ سر چارلس نيپئر منفرد خيالن جو مالڪ آھي. سندس ويچار آھي تھ عام ماڻھن تي مشتمل لشڪر ۽ سرڪاري فوج بھ سرڪار جي ڀلي مدد ڪري پر انھن جو جوڙجڪ ڌار ڌار ھئڻ گھرجي. سندس چوڻ آھي تھ فوج کي انھن ماڻھن يا ملڪ خلاف جنگ ڪرڻ گھرجي جن لاءِ سرڪار دشمن ھجڻ جو اعلان ڪيو آھي. پر ان کي ڪنھن مجرم کي سزا ڏيڻ جي غرض سان ڪڏھن بھ استعمال ڪرڻ نھ گھرجي. ھن فوج کي پنھنجي تصور ۽ حقيقي روپ ۾ سڃاڻن کپي تھ اھي انگلينڊ جو شان ۽ شوڪت آھن جيڪو پنھنجي اولاد تي فخر ڪندو آھي. تنھن ڪري اھڙي عظيم فوج کي تيستائين ملڪ جي سول انتظاميھ جي حوالي نھ ڪجي، جيستائين اھو نھ سمجھجي تھ اھا سول انتظاميا ڪمزور ٿي وئي آھي ۽ ملڪي نظام کي چڱيءَ ريت سنڀالي ڪانھ ٿي سگھي. ملڪي انتظام جو طريقھ ڪار اھڙو ھوندو آھي، جو فوج کي عام قسم جي مجرمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي، ڄڻ اھا فوج نھ پر ملڪ جي پوليس آھي. جيڪڏھن فوج کي انھيءَ نموني سان ڪتب آڻبو تھ سندس شان ۽ شوڪت مجروح ٿي ويندو ۽ سندس بلند حوصلا ختم ٿي ويندا. ان کان سواءِ فوج کي ملڪ جي سول انتظاميھ ۾ پڻ ڪتب آندو ويندو آھي. اھڙيءَ ريت فوج کي پنھنجي اصلي روپ ۾ بھ آڻي سگھبو آھي. ايئن ڪرڻ سان نظرداري ڪرڻ واريون سندس سرگرميون گھٽجي وينديون آھن ۽ سندس استقلال واري خوبيءَ ۾ پڻ فرق اچي ويندو آھي. اھڙيون خاصيتون ۽ خوبيون سول اختيارن ۾ موجود ھونديون آھن. اھڙيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکي ھن سنڌ ۾ ڪن ڳالھين جو اضافو ڪيو آھي جيڪي نھايت اھم آھن. ھڪ تھ ھن پنھنجي فوجي سپاھين کي سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي آھي تھ ھو عام ماڻھن سان دوستي نھ رکن، جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو جو ھنن فتح بعد جيڪو عزت ۽ شان حاصل ڪيو آھي ان ۾ گھٽتائي نھ اچي وڃي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بھ فوج الڳ رھي پنھنجي مان ۽ شان کي برقرار رکندي آھي. جتي ھن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو جنگي سرگرمين ۾ گذاريو ھوندو آھي. اھي فوجي ھڪ دوست ۽ دشمن جي حيثيت ۾ ڏاڍا سنجيده ھوندا آھن ۽ سرڪار جي ڪابھ حڪمت عملي اھڙين ڳالھين کي متاثر ڪري ڪانھ سگھندي آھي.
اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي سر چارلس پوليس جو کاتو کوليو آھي. جنھن ۾ وڏو تعداد سنڌين جو ڀرتي ڪيو ويو آھي. ميرن جي پوليس ۾ بھ اھڙا ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا ھئا، پر ھي ماڻھو شخصي ۽ خانداني طور ٽالپرن جا ڏاڍا ظلم ۽ قھر سٺا ۽ ڏٺا آھن. تنھن ڪري ھي ماڻھو ھنن کان ڏاڍي نفرت ڪندا آھن. انگريز فتح کان پوءِ توڙي جو ھي آزاد ٿي چڪا آھن، پر ان ھوندي بھ سندن اندر مان نفرت نڪري ڪانھ سگھي آھي. پھريائين ھي ماڻھو ڏاڍا ڊڄڻا ھئا. اھا ڪا نئين ڳالھھ بھ ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھو ڊگھي عرصي جي ظلمن جو لازمي نتيجو آھي. منظم طريقي سان رھي ڪونھ سگھندا ھئا. جڏھن سرڪاري جاچ پڙتال ٿيندي ھئي تھ نوڪري ڇڏي ھليا ويندا ھئا. ان کان پوءِ پٺاڻن ۽ راجپوتن کي ڀرتي ڪري ھنن سان شامل ڪيو ويو. ان کانسواءِ ھيٺين طبقي جي ٻروچ سردارن کي بھ ھن پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو، جن مياڻيءَ جي جنگ ۾ بھ حصو ورتو ھو. کين خوبصورت پوليس واريون ورديون ڏنيون ويون ھيون ۽ منجھن فوج جھڙي تنظيم پيدا ڪئي وئي ھئي. مٿن اعليٰ آفيسر بھ فوجي مقرر ڪيو ويا ھئا. اھڙي ھمت افزائي کان پوءِ اھي ساڳيا سنڌي ڏاڍا بھادر ثابت ٿيا. بعد ۾ تھ اڪيلي سر بھ اچرج جھڙا ڪارناما سرانجام ڪري ڏيکاريا ھئائون. ڪڏھن فوج سان گڏجي بھ ڏاڍا خطرناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا ھئائون.
ھوريان ھوريان سندن تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو، نيٺ سندن تعداد وڃي اڍائي ھزارن کي پھتو. ھن پوليس کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو ھو جن مان ھڪ کي شھرن ۾ رکيو ويو، ٻين کي ٻھراڙيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ ٽئين حصي کي وري گھوڙي سوار بڻايو ويو آھي. شھري پوليس فقط وڏن شھرن ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪندي ھئي. باقي ٻن ٻين حصن کي الڳ قسم جي وردي ڏني وئي ھئي ۽ سندن ھٿيار بھ جدا ھئا. ھن پوليس کي ميداني علائقن جي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪي نھ رڳو عام مجرم ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪندا ھئا پر سنڌوءَ جي الھندي ڪناري جيڪي ٻروچ قبيلا ڌاڙا ھڻندا ۽ ڦريون ڪندا ھئا، تن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو کين حڪم ڪيو ويو ھو. جڏھن فوج باغين خلاف سخت ڪارروائي لاءِ پيش قدمي ڪندي ھئي تھ ھن سنڌي پوليس کي پڻ سڏ ڪيو ويندو ھو. سرڪاري ڊاڪ، خزاني جو پھرو ڏيندي ھئي. مجرمن کي گرفتاري کان ھنن جي پھري ۾ مقرر جڳھن تي پھچايو ويندو ھو. فوجي چوڪين تي بھ ھيءَ پوليس پھرو ڏيندي ھئي. سزائن ڏيڻ جو ڪم بھ ھنن حوالي ھوندو ھو. جنگين جي زماني ۾ ھي پوليس بھترين رھنمائي ڪندي ھئي. جڏھن حالتن مطابق سرڪار کي فوج ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي جي صورت پوندي ھئي تھ ھيءَ سنڌي پوليس پنھنجو منصبي فرض ڏاڍيءَ ايمانداري سان سرانجام ڪندي ھئي. تنھن ڪري کين فوج جھڙي عزت آبرو سان نوازيو ويندو ھو. ھيءَ پوليس فوج کان سواءِ اڪيلي سر بھ ڏاڍي بھادريءَ سان منصبي فرض ادا ڪندي آھي. تنھن ڪري سرڪار جو مٿس تمام گھڻو اعتماد آھي. جابلو علائقن ۾ بلوچ قبيلن سان جنگيون ڏاڍيون خطرناڪ آھن ۽ انھن ۾ حصو وٺندڙ پوليس کي وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آھي. جيڪا انھن جنگين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندي آھي.
سنڌين تي مشمل شھري پوليس شھرن ۾ رھندڙ بدمعاشن ۽ ڏنگن ماڻھن جي گندين ڳالھين جو ڪوبھ اثر ڪونھ ٿيو ھو. سندن ڪردار ڏاڍو صاف ۽ سٺو ھو. اھڙي ٻھراڙي جي پوليس وري ٻھراڙين ۾ مقرر ھئي جنھن پوليس واري اصلي روح ۽ تنظيم کي سمجھي ورتو ھو. ضرورت وقت سرڪار بھ ساڻن وڏي مدد ڪندي ھئي. پر ابتدائي دور ۾ غير منظم ۽ ڏاڍا غير ذميوار ھوندا ھئا. ھنن جو منصبي فرض بھ ڏاڍو ڏکيو ھوندو ھو. ھنن بلوچن سان سر ترين تي رکي مقابلا ڪيا جيڪي سنڌي ڳوٺن کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو. اھي ماڻھو ٿورو وقت اڳ سندن مالڪ ھئا. ھي جيڪڏھن ھٺيلا ۽ ھوڏي نھ ھجن ھا تھ کين بلوچ ماري تباھھ ڪري ڇڏي ھا، جيڪي انگريزن کان شڪست کائڻ ڪري چڙيا ويٺا ھئا. ان جو نتيجو اھو نڪري ھا تھ اھي ڳجھھ ڳوھھ بلوچن سان ملي ھڪ ٿي وڃن ھا. ھن خوف جي نتيجي ڪري سر چارلس خبردار ٿي ويو آھي ۽ اھڙين ڳالھين جي جاچ پڙتال ڪري رھيو ھو. اھو سلسلو ان وقت تائين جيستائين ٻنھي ڌرين ۾ تلوارين اڀيون نھ ٿي ويون ھيون. بلوچن بھادري سان منھن ڏنو پر سنڌي پوليس بھ سر ترين تي رکي واچوڙا ٿي وڙھي ھئي. ميدان تي ٻنھي ڌرين جي لاشن جا ڍير ٿي ويا ھئا. ان کانپوءِ جنرل چارلس کي محسوس ٿيو تھ ٻنھي ڌرين ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي آھي، تنھن ڪري ھنن ٻنھي ڌرين جو کنڊ کير ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ان کانپوءِ ھن سنڌي پوليس کي اڳئين کان وڌيڪ منظم ڪيو آھي. جڏھن سرڪار جي مدد لاءِ پوليس کي منظم ۽ فوج کي وڌيڪ طاقتور بڻايو تھ پوءِ ھن سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ھن ريت ھو.
ان کان جلدي پوءِ ھن سول معاملن کي وقت سر اڪلائڻ لاءِ ڪئپٽن برائون کي ڪمشنر مقرر ڪيو جيڪو سندس ماتحت طور ڪم ڪرڻ لڳو ھو. ھي ماڻھو سنڌ ۾ گھڻو رھيو ھو تنھن ڪري ھن ملڪ کان گھڻو واقف ھو. ابتدا ۾ ئي محصول ۽ ڪسٽم جا معاملا ڏانھس موڪليا ويا ھئا. انھيءَ لاءِ تھ جيئن جو جاچ پڙتال ڪري رپورٽ گورنر سر چارلس ڏانھن موڪلي. ٿوري وقت کان پوءِ کيس سنڌ سرڪار جو سيڪريٽري بڻايو ويو آھي، پر سندس منصبي فرض ساڳيو آھي.
سنڌ کي مکيھ ٽن ضلعن جھڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر (شڪارپور) ۾ ورھايو ويو آھي. ان کانسواءِ ڪسٽم جو ھڪ جدا ضلعو ٺاھيو ويو آھي. ڪراچيءَ ضلعي ۾ سيوھڻ تائين سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارو علائقو شامل ڪيو ويو آھي جيڪو سمنڊ جي ڪناري تائين پھچي ٿو. حيدرآباد ضلعو مير علي مراد جي حڪمرانيءَ جي سرحد کان وٺي درياءَ جو کاٻو پاسو وٺي، وڃي سمنڊ تائين دنگ ڪري ٿو. جنھن جي اوڀر پاسي ڪڇ جو علائق آھي. ھن ضلعي جي اوڀر پاسي ٿر وارو رڻ پٽ علائقو آھي. ھن ضلعي جي اوڀر پاسي ٿر وارو رڻ پٽ علائقو بھ موجود آھي. جڏھن تھ سکر ضلعو سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو وٺي سيوھڻ تائين اچي کٽي وڃي ٿو. ھر ضلعي جي صدر مقام تي چيف ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو آھي جنھن جي ماتحت ٽي سب ڪليڪٽر آھن. ھي صدر مقام اھڙين جڳھن تي آھن جتي ويھي ضلعي جي چڱيءَ ريت نظرداري ڪي سگھجي ٿي. ان سان گڏ ضلعي اندر موجود علائقن سان ترت رابطو بھ ممڪن آھي. ساڳيءَ ريت ھر سب ڪليڪٽر جي ھيٺان ماتحت عملو بھ مقرر ڪيو ويو آھي.
اھڙيءَ ريت ھر مھيني پابنديءَ سان ضلعي جو ڪليڪٽر سول معاملن جو ڪمشنر ڏانھن آمدني ۽ خرچ جو وچور موڪليندو رھندو آھي. جيڪو ضروري جاچ پڙتال کانپوءِ، منظوريءَ لاءِ گورنر ڏانھن موڪليندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ڪوبھ خرچ گورنر جي منظوري کان سواءِ ڪري ڪونھ سگھبو آھي.
ھر مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ اھڙي معلومات گورنر جنرل ڏانھن رواني ڪئي ويندي آھي. جنھن ۾ آمدني ۽ خرچ جو ڪل جوڙ ٿيل ھوندو آھي. ان ۾ بقايا، مزدوريءَ تي ڪيل سراسري ادائگي، پنجن ڄڻن جي کاڌ خوراڪ جو خرچ بھ ٻڌايو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڪ مھيني کان ٻئي مھيني تائين خرچ پکي ۾ ڪا ڦير گھير ڪئي ويندي آھي تھ ان جي ڪارڻ جي سمجھاڻي بيان ڪئي ويندي آھي. ھن معلومات سان گڏ اھڙو ميمورينڊم بھ شامل ڪيو ويندو آھي تھ علائقي جي ڪيتري ھم چورس ايراضي آباديءَ ھيٺ آندي وئي آھي ۽ آبپاشي جو نظام قائم ڪيو ويو آھي. ڪيتري ڊگھائيءَ ۾ رستن جي تعمير ٿي آھي، ڪيترين سرڪاري عمارتن جي تعمير شروع ڪئي وئي آھي ۽ ڪيترين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ڪيترو چاڙھھ ڪيو آھي.
ضلعي جي ھر صدر مقام کي پوليس جي مدد حاصل آھي جنھن جو ضلعي ڪمانڊر يورپي آھي. ان کان سواءِ حفاظت واسطي ريگيولر فوج جا مضبوط رستا بھ موجود ھوندا آھن جيڪي دشمن خلاف ھو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندا آھن. فوج اھڙيون ڪارروايون پوليس سان گڏجي ڪندي آھي. اريگيولر فوج باغين خلاف ڪم آڻي ڪانھ ٿي سگھجي. انھن کي فقط جنگ دوران ڪتب آڻي سگھجي ٿو.
سنڌ جو صدر مقام پھريائين حيدرآباد کي مقرر ڪيو ويو ھو، جتي پوليس جو ھڪ يورپي ڪئپٽن مقرر ڪيو ويو ھو ۽ ضلعي جي ھر صدر مقام تي ھڪ يورپي ليفٽيننٽ مقرر ڪيو ويو آھي. ضلعن جا سڀئي ليفٽيننٽ حيدرآباد جي پوليس ڪئپٽن جا ماتحت آھن جيڪي پوليس انتظاميا ۾ پگھارن لاءِ ذميوار ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت پوليس جو نظام فوجي نظام وانگر سخت آھي.
پوليس ۽ اريگيولر گھوڙي سوار دستن جا ماڻھو انھن سرڪاري ملازمن سان گڏجي منصبي فرض جي ادائگي کان نفرت ڪندا آھن جن جو تعلقي ھيٺيئن درجي سان ھوندو آھي. تنھن ڪري انھن کي ضلعي جي صدر مقامن جي وچ تي رکيو ويو آھي. ھن پوليس ۽ اريگيولر گھوڙيسوارن جا دستا حفاظت لاءِ ضلعي جي صدر مقام جي اوسي پاسي بھ رکيا ويا آھن. ھن پوليس کي سندن فرض جي ادائگي لاءِ ننڍن جٿن جي صورت ۾ موڪليو ويندو آھي. جڏھن تھ ريگولر ھڪ وڏي تعداد جي شڪل ۾ رھندي آھي.
ڏسڻ ۾ ائين ايندو تھ پليس، اريگيولر گھوڙي سوار رستا ۽ فوج انتظاميھ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکن ٿا. پر عام نوعيت جي مقصد سان انھن سڀني کي گڏائي بھ ڪتب آڻي سگھبو آھي. اھي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطري قرباني جي عظيم جذبن سان سرشار ھوندا آھن. جيتري قدر شھري پوليس ۽ غريب ماڻھن جي وچ ۾ رھندي آھي. جڏھن تھ ٻھراڙيءَ جي پوليس شھري پوليس ۽ اريگيولر گھوڙي سوار دستن جي وچ ۾ رھندي آھي. ھنن کي پنھنجو احترام ۽ عزت عام ماڻھن سان رلي ملي وڃڻ کان روڪيندو آھي. اھڙي پوليس انتظاميھ جا مٿيان ٽيئي حصا ريگيولر فوج حڪمن تحت ھلندا آھن. جيڪڏھن ريگيولر فوج کي پوليس جي منصبي فرض جي ادائگي لاءِ جٿن جي شڪل ۾ ڪيڏانھن موڪليو ويندو آھي تھ فوجي نظام ۾ ڪنھن بھ قسم جو رخنو ڪونھ پوندو آھي. جيڪڏھن مجرمن سان لھھ وچڙ ۾ ايندا بھ آھن تھ بھ اھي پنھنجي فوجي شان کي ھٿان وڃڻ ڪونھ ڇڏيندا آھن. ريگيولر فوج جو گڏجي ھڪ جاءِ تي رھڻ ٿيندو آھي. پر جڏھن غير مھذب ماڻھن دھشت پکڙيندا آھن تھ انھن خلاف ڪارروائي لاءِ کين جٿن جي صورت ۾ اڳتي موڪليو ويندو آھي. اھي وڳوڙي ڏڦوڙي ماڻھو کين جنگ دوران بھادري سان ادا ڪيل منصبي فرض ڪري گھڻو سڃاڻيندا آھن. پوليس عام ماڻھن سان رابطي ۾ ھوندي آھي. جيڪا پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي ۾ ويھن ئي ننھن جا زور لائيندي آھي. پر جيڪڏھن امن امان رکڻ ۾ پاڻي سندس سر کان مٿي چڙھي ويندو آھي تھ اريگيولر فوج جا گھوڙيسوار واھر لاءِ پڙ تي پھچي ويندا آھن، پر جڏھن اھي بھ دشمن سان ٻھ پاڻي ڪرڻ ۾ اوڻا پوڻا ڏسبا آھن، تھ ريگيولر فوج اچي سندن ساٿي ٿيندي آھي. جنھن جنگ ۾ دشمن خلاف واھڙ وھائي پنھنجي بھادريءَ جي ڳالھھ بيھاري.
طاقت جي ھن اضافي سان گڏ سر چارلس ھڪ ٻيءَ اھم ڳالھھ بھ شامل ڪئي آھي، ان ڳالھھ جي ضرورت بھ ھئي ائين ڪرڻ لاءِ ميدان بھ خالي ھو ۽ ڳالھھ بھ بلڪل نئين ھئي يعني ھن سماجي سڌارن جي منصوبن جي ابتدا ئي ڪئي ھئي. معياريءَ سنڌ جي زمين کي مختلف علائقن ۽ طبقن ۾ ورھايو ويو ھو. زمين جي مخصوص تڪ لاءِ ڪاردارات سڏيو ويو جنھن جي انتظام ھلائڻ لاءِ ھڪ عملدار مقرر ڪيو ويو، جنھن کي ڪاردار سڏيو ويندو آھي. جيڪو وري ھڪ ٻئي عملدار جي ھيٺان ڪم ڪندو آھي جنھن کي قاضي چيو ويندو آھي. ھنن کي ننڍن معاملن کي اڪلائڻ جو اختيار ڏنو ويو آھي. ھي عملدار ڪنھن ڏوھي تي چار ڏوڪڙ ڏنڊ رکي سگھندا آھن. جيڪڏھن مناسب سمجھندا آھن تھ ڪن مجرمن کي ٻھ چار ڏينھن ڪاٺ ۾ رکي سگھندا آھن پر عملي طور اھي ڪنھن کي آزاد ڪري ڇڏيندا آھن، ڪن کي ڦاسيءَ جي سزا بھ ڏيندا آھن ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کانئن مشورو ورتو ويندو ھو. پر عام طور تي اھي حڪمران ڪاردار جي لکيل شاھدين کي ڏسي فيصلو ڪندا ھئا. ھن ڪم کان سواءِ ڪاردار ميرن جي محصول ۽ ڪسٽم جي وصوليءَ تي بھ نظر رکندا ھئا ھر ڇھھ ماھي تي حيدرآباد پھچي حساب ڪتاب جي جاچ پڙتال ڪرائيندا ھئا. ڪن علائقن ۾ اھي عملدار پنھنجي مرضيءَ سان ڍل، محصول ۽ ڪسٽم جي اوڳاڙيءَ ڪندا ھئا. ھي ڏاڍا ظالم ماڻھو ھئا ۽ رعيت تي ڏاڍو ظلم ڪندا ھئا. مٿن ڏنڊ رکندا ۽ سخت ماريندا ڪٽيندا ھئا، اھڙيءَ ريت پنھنجا کيسا ڀريندا ھئا. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ ڪاردار ساليانو پندرھن ھزار پائونڊ ڏنڊ طور وصول ڪيو ويندو ھو.
ھنن ماڻھن جو عوام ۾ ڏاڍو اثر رسوخ ھوندو ھو. پر اھي ھوندا بلوچ سردارن جا غلام ھئا جن کان ڏاڍو ڊڄندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ سندن ڳوٺ ھنن سردارن ۽ جاگيردارن جي زمينن ۾ ھوندا ھئا. ھي سردار ۽ جاگيردار ڪاردارن کي تھ ڪري ڪجھھ بھ نھ سگھندا ھئا، پر انھن جي ماتحت عملي کي ڏاڍو ستائيندا ۽ پريشان ڪندا ھئا. ليڪن ٻين غلامن جيان ھي ڪاردار بھ ڏاڍا چالاڪ ٺڳ ۽ پئسي ڏوڪڙ جا پياسا ھوندا ھئا. ان ھوندي بھ سر چارلس پنھنجي ھنن اصولن جو سختيءَ سان حامي ھوندو تھ ڪنھن جي سماجي تعلقاتن کي ڊانوانڊول نھ ڪجي. تنھن ڪري ھن ڪاردارن کي برقرار رکيو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي انتظامي رابطي جو ڪم ڏيندا ھئا ۽ عام ماڻھو بھ ھنن جي ڪاروھنوار کان چڱيءَ ريت واقف ھئا. سر چارلس ھنن ڪاردارن جي پگھارن ۾ انھيءَ مقصد سان اضافو ڪيو تھ جينءَ ھو غير واجبي محصول مڙھي عوام کي نھ آزارن. ھن ٻيو ڪم اھو ڪيو تھ کين ضلعي انتظاميھ جو حصو بڻائي ڇڏيو ھو. اھڙيءَ ريت کين چتاءُ ڏنو ويو ھو تھ اھي انگريز سرڪار جو حصو ۽ انھيءَ ڏانھن ذميوار آھن ۽ سندن ملازمت جو تسلسل انگريز سرڪار سان وفاداري ۽ منصبي فرض جي ايماندارانھ ادائگيءَ سان واڳيل آھي.
ڳوٺاڻن جي جائز شڪايتن تي ڪاردارن کي ملازمت مان ڪڍيو ويندو آھي ۽ ڪيل ڏوھھ مطابق کين سزا بھ ڏني ويندي آھي. تنھن ڪري ھنن ڪاردارن جو مفاد عام ماڻھوءَ جي ڀلائي سان واڳيل آھي. انھيءَ کان سواءِ ضلعي جا اعليٰ عملدار بھ ھنن جي ھلت چلت تي نظر رکندا ايندا آھن. معلوم اھو بھ ٿي رھيو آھي تھ اھي ڪاردار دل ۽ روح سان پنھنجي منصبي فرض کي سرانجام ڪري رھيا آھن. جنھن جي بدلي انھن کي وڏيون پگھارون ملي رھيون آھن. ھاڻي ھنن ماڻھن کي غلام سمجھي کين پليد ڪونھ تصور ڪيو ويندو آھي، نھ وري کانئن ڪراھت ڪئي ويندي آھي. ھاڻي ھتي ڪو ٽالپر موجود ڪونھ آھي، جيڪو ھنن کي ڪاردار جي عھدي تي فائز ڪري ۽ ان سان گڏ کانئن نفرت ڪري.
اھڙي ريت Circumspection ڪا نئين ڳالھھ ڪانھ ھئي. گھڻا ڪاردار اھو سمجھندا ھئا تھ گورنر جا ٺاھيل قاعدا قانون مشرق جي قائدن قانونن وانگي آھن جن کي اورانگھي سگھجي ٿو. تنھن ڪري ھو ڏاڍا ظلم ڪندا ھئا. قاعدن جي اھڙيءَ ڀڃڪڙيءَ ڪري انھن کي سزا ڏيڻ ۾ دير ڪانھ ڪئي ويندي آھي، پر اھڙين غير ذميوارين کي نظر ۾ رکي ڪليڪٽر جي ماتحت عملدارن پنھنجا مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آھن. اھڙيءَ ريت انھن عملدارن کي سرڪار عدالتي اختيار بھ سونپيا آھن، جيڪي پري آھن ۽ وسيع علائقي جي انتظام رکڻ جا ذميوار آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ڪاردارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکي سگھجي. ساڳي ريت عام ماڻھو جي ھمت افزائي ٿي رھي آھي. جنھن ڪري جاگيرداري نظام کي سخت ڌڪ لڳو آھي. سر چارلس جي بھ خواھش اھا ھئي تھ جاگيرداري وارو مڪروه نظام انگريز سرڪاري جي ظاھري مخالفت کان سواءِ پاڻمرادو ختم ٿي وڃي. ھاڻي اھڙو وايو منڊل ٿي ويو آھي، جو ڪاردار پنھنجي ملازمت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنھن بلوچ سردار جي سفارش ۽ مدد ڏانھن ڪونھ ٿو نھاري. ان کانسواءِ اھي ڏينھن گھڻو پري ڪونھ آھن، جڏھن ڳوٺاڻا پنھنجي ڳوٺن کي بلوچ سردارن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان بچائي سگھندا. سرڪار جڏھن ڏسندي آھي تھ اھڙا معاملا صحيح بنيادن تي بيٺل آھن سرڪار ضرور مدد ڪندي ۽ امن امان اھڙن مسئلن کي حل ڪندي.
ھي ڳوٺاڻا تمام ڊگھي عرصي کان وٺي ٽالپر دور جي غلاميءَ ۾ رھندا آيا آھن، جيڪي انگريزن جي فتح کان پوءِ بھ ھنن جي ظلمن کان ڪنبي ۽ ڇرڪي رھيا آھن. کين فتح جي ابتدائي دور ۾ اھا جرئت ئي ڪانھ ٿيندي ھئي تھ اھڙي ڏاڍ خلاف ٻڙڪ بھ ٻولي سگھن. مناسب ائين سمجھيو ويو ھو تھ جيستائين ماڻھن ۾ خودي جو جذبو پيدا ٿئي تنھن کان اڳ قبائلي نظام کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏجي ۽ ھڪ باقاعده حڪومت جي موجودگيءَ جي اثر کي ماڻھن ۾ مقبول ڪرائجي. پر جيڪڏھن ان خلاف قبائلي سردار ھوندو تھ ڏاڍ ڏمر جي ھيسايل ۽ ھپاڻل ڳوٺاڻن جي ڏکن سورن جو ازادو ڪري سگھندو. حڪومت جي نئين نموني بابت کين ساڃھھ ڏيندو ۽ سندن حقن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ کين فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو. ائين ٿيڻ سان ھنن ڳوٺاڻن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگھندا. ٽالپر دور ۾ ھر شيءِ ڏنڊي جي زور تي ڪرائي ويندي ھئي ۽ ميرن جا ماڻھو سرڪاري حق کان وڌيڪ ڍل محصول وصول ڪندا ۽ کين ڪير بھ چوڻ وارو ڪونھ ھوندو ھو. قبائلي نظام جي برقرار رھڻ سان ويچارو ڳوٺاڻو گھڻن دشمنن کان بچي پوندو. سنڌ ۾ اھڙين ڳالھين جو وڏو آزار آھي.
ڊيوڪ آف ويلنگٽن بھ اھڙين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي. سندس نقطئھ نظر آھي تھ ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو نئين علائقي جي فتح آھي. ڇاڪاڻ تھ فتح کان پوءِ اڳيان ماڻھو نوڪرين مان ڪڍيا ويندا آھن. ان کان سواءِ پيٽ گذر جا ڪي ٻيا طريقا بھ ماڻھن کان کسيا ويندا آھن. اڳي جيڪي ماڻھو ڍل محصول جي اوڳاڙيءَ تي مقرر ھوندا ھئا يا فوجي ھوندا ھئا يا فوج جا سپھھ سالار ھوندا ھئا، تن سڀني کان روزگار کسيو ويندو آھي. اڳي تھ ڌاڙا ھڻي ڦرلٽ ڪري ساري ملڪ کي ئي ڀينگ ڪيو ويو ھو ۽ ڪير بھ انھن کان پڇڻ وارو ڪون ھو، انھن جي نڙيءَ تي بھ ننھن اچي ويندو آھي.“

سنڌ ۾ انھيءَ قسم جو خوف ۽ خطرو تمام گھڻو موجود آھي. ھتي فقط ميرن جي ڪامورا شاھي ماڻھن کي ڪانھ ڦريندي ھئي. پر بلوچن جي ساري نسل،سنڌ کي ڦري لٽي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو. پر ڪاردارن جي مقرري کان پوءِ بلوچن جون لٽ بند ٿي وئي آھي. ان کان پوليس جو کاتو بھ قائم ڪيو ويو آھي. جنھن جي خوف کان وڳوڙي ماڻھن انگريز سرڪار جي مخالت ڪانھ ٿا ڪن. ھن کان سواءِ ٻي اھم ڳالھھ ھيءَ ڪئي وئي آھي تھ وڏن گھراڻن جي بلوچ سردارن کي سندن جاگيرون موٽائي ڏنيون ويون آھن. تنھن ڪري اھي بھ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ٿي ويا آھن. کين چيو ويو آھي تھ جيتري وقت تائين ھو انگريز سرڪار جا فرمانبردار رھندا تيستائين اھي جاگيرون کانئن کسيون ڪونھ وينديون.
ضلعن جي قيام، ڪليڪٽرن ۽ ڪاردارن جي مقرريءَ کان پوءِ ڍل محصول جي اوڳاڙيءَ جا انگ اکر گھڻو وڌي ويا آھن. ابتدائي مھينن ۾ آمدني ٽن ھزارن پائونڊن کان مٿي ڪانھ ھئي، جيڪا جولاءِ کان مٿي چڙھي وڃي ڏھن ھزارن پائونڊن تي پھتي آھي. غلط طريقي واري وصوليءَ جو بھ پتو پئجي چڪو آھي. اھا ڳالھھ بھ معلوم ٿي چڪي آھي تھ ماڻھو جائز ڍل ڏيڻ کان ڪھڙي طريقي سان بچي ويندا ھئا. اھڙن ڪاردارن کي سزائون ڏنيون ويون آھن جيڪي ماڻھن لاءِ آزار بڻيل ھئا ۽ ڍل ۽ محصول جا ڪوڙا انگ اکر ڏيندا ھئا. اھو بھ ڏسڻ ۾ آيو آھي تھ ڍل ۽ محصول جي رقم، جنگ ۽ مصيبت دوران گھڻو وڌي وئي ھئي. جڏھن تھ اھا ٽالپر دور ۾ تمام ٿوري ھئي، تنھن ڪري سمجھيو ويو تھ ڍل ۽ محصول جي پيداوار تمام گھڻي آھي. اھو بھ يقين آھي تھ ان کي وڌندڙ آدمشماري ڪري اڃا بھ وڌائي سگھجي ٿو. قنڌار جا ماڻھو بھ وڏي تعداد ۾ شڪارپور ڏانھن اچي رھيا آھن. اھي ھن ماڻھوءَ جي ڇپر ڇانوءَ سمجھي ھيڏانھن اچي رھيا آھن. جنگ جي وڳوڙي وايو منڊل ۾ بھ ھنن کي ھتي امن ۽ آتشي نظر آئي آھي. ٻين پرامن علائقن کان ھنن کي جنگ واريءَ سنڌ ۾ وڌيڪ تحفظ ڏسڻ ۾ آيو آھي. سنڌي ٿوري گھڻي کاڌ خوراڪ تي راضي رھڻ وارا ماڻھو آھن. جيڪو کين سولائيءَ سان ملي ويندو آھي ۽ وڌيڪ ھٿ پير ڪونھ ھڻندا آھن. اڳي ٽالپر دور ۾ بنا معاوضي جي زوريءَ ڪم ڪرايو ويندو ھو. ان کان پوءِ اھو ٿيو جيڪو مستقبل ۾ نظر اچي رھيو ھو. کين نين ضرورتن جو احساس ٿي رھيو ھو ۽ ڌارين ماڻھن جو مثال سندن سامھون ھو. ھنن ڳالھين سان گڏ اھڙو محصول لاڳو ھو جيڪو اڳئين جي ڀيٽ ۾ گھڻو مناسب ھو. ان کان سواءِ سرڪار پورھئي جي ھمت افزائي ڪري رھي ھئي ۽ کين اتساھي رھي ھئي تھ سندن پيرن ھيٺان واري ڀلي زمين، ٿوريءَ محنت سان تمام گھڻي پيداوار ڏئي سگھي ٿي.
ابتدائي دور ۾ سنڌ جي نئين سرڪار تي ھن سمجائڻ لاءِ زور رکيو ويو ھو تھ سردار Chief جي خوبي ۽ خاصيت ڪھڙي آھي. اھو ظاھر نظر اچي رھيو ھو تھ ھن ڳالھھ جو مقصد ڇا آھي ۽ اھا ڳالھھ تھ سرڪار لاءِ ھڪ وڏي سھوليت جو وسيلو بھ آھي پر سرداريءَ واري نظام قائم ڪرڻ سان مستقبل جا منصوبا ڪامياب ٿي ڪونھ سگھندا. ائين ڪرڻ سان ھڪ اھڙو مثال قائم ٿي ويندو جيڪو ڏاڍو منجھيل ھوندو. ھتي اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ ھندو واپاري پئسي ڏوڪڙ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھندو آھي. پئسو ڏڪڙ ھنن جو دين ايمان آھي. ان شيءِ کان سواءِ ھنن کي دنيا اندر ڪا ٻي شيءِ ڏسڻ ۾ ئي ڪانھ ايندي آھي. انگريز سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ٻروچ سردارن کان پراڻا پاند چڪائي رھيو آھي ڇاڪاڻ تھ ھنن ماڻھو ٽالپر دور ۾ کين ڏاڍ ۽ ڏمر جا اھي ڏنڀ ڏنا ھئا، جيڪي اڃا کانئن وسريا ئي ڪونھ آھن. اھڙيءَ ريت بلوچ سردارن وياج تي ھنن کان جيڪا روڪ رقم ورتي ھئي تنھن تي ھي ھندو واپاري بنھھ، چاليھھ بلڪ پنجاھھ فيصد يا پنجاھھ في سيڪڙو گڏيل وياج وٺي رھيا آھن. ھنن اھڙيءَ روايت قائم ڪرڻ لاءِ شروعات ئي ٽالپرن کان ڪئي آھي. سر چارلس کي ھندن جي اھڙين چالاڪين جو احساس ٿي ويو ھو تھ جيڪڏھن اھو معاملو ميرن تائين پھتو تھ اھي ھندن جي ڪيل دعويٰ کي تسليم ڪري ويھندا، پوءِ اھا دعويٰ کڻي ڪيتري بھ ڪوڙي ۽ ٺڳيءَ جي بنيادن تي بيٺل ھجي. اھڙي ريت اھا رقم انگريز سرڪار کي ئي ڀرڻي پوندي ۽ ھندن واپارين کي بھ اھڙي توقع آھي. ان کان سواءِ بمبئي واري ڌر بھ ھندن کي اھڙا آسرا ڏنا آھن تھ کين اھڙا ڏنل قرض ڏياريا ويندا جيڪي ھنن ميرن کي ڏنا ھئا. پوءِ اھي ڪوڙا ھوندا يا سچا. تنھن ڪري سر چارلس کي اڳواٽ ئي پرون پئجي ويا آھن تھ جيڪڏھن انھن ڪوڙن دعوائن جو ھڪ وار جي در مکيو تھ ڪوڙن دعويدارن جي ڪلھي گيھھ لڳي ويندي. جڏھن شاھوڪار برھمڻن قرضن جي اوڳاڙيءَ لاءِ کيس درخواستون ڏنيون تھ انھن ۾ گذارش ھن ريت ڪيل ھئي تھ ”سرڪار اوھان ميرن جو ملڪ فتح ۽ سندن خزانو ضبط ڪيو آھي. تنھنڪري اوھان سندن ورتل قرضن جي ادائگي لاءِ ذميوار آھيو ۽ اسان اوھان جي انصاف واري جزبي کي جاڳائڻ چاھيون ٿا. اسان جي اھا رقم وڏي وٿ آھي.“ ٽالپر کانئن رقمون وٺندا ھئا، پر کانئن وياج تي پئسا ڪونھ وٺندا ھئا. اھڙي رقم کانئن زبردستي وٺندا ھئا. اھا ضبطيءَ جي ھڪ صورت ھئي. انھيءَ طريقي مطابق شاھوڪار برھمڻن جي نڪ ۽ ڪن تي واڪ ڏياريا ويندا ھئا.
ھندن جون اھڙيون دعوائون بلڪل ڪوڙيون ھيون. اھڙين درخواستن کي رد ڪرڻ جو کين اختيار نھ ھو، پر ھن اھو انھيءَ ڪري استعمال ڪونھ ڪيو تھ عام ماڻھو ھندن جي اھڙي جعلسازيءَ کان خبردار رھي ۽ ڏسي وائسي انھن سان معاملو طئي ڪري. تنھن ڪري ھن کين جواب ۾ چيو ھو تھ جنھن زماني ۾ اوھان ميرن کي ھي رقم ڏني ھئي تھ اھي اوھان جا دوست ھئا. پر ان وقت بھ منھنجا دشمن ھئا، پر مان اھو ڪڏھن ڪونھ ٻڌو آھي تھ ڪنھن سر تان آسرو لاھي انھيءَ لاءِ جنگ ڪانھ ڪئي آھي تھ ھو فتح ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي دشمن جي خدمت ڪري. تنھن ڪري مان پنھنجي فتح ڪيل ھر شيءِ سرڪار جي نالي ڪري ڇڏي آھي. توھان کي اھا خبر ھوندي تھ پھرينءَ جنگ کان اڳ ميرن جا نافذ ڪيل محصول ۽ قرض معاف ڪيا ويا آھن. جيڪڏھن ان جنگ کان اڳ واري ميرن کي ڏنل رقم مان ادا ڪندس تھ ڪير بھ مون کي انصاف پسند ڪونھ سڏيندو ڇاڪاڻ تھ اوھان انھن ميرن کي مذڪوره رقم ڏئي، ڄڻ منھنجن دشمنن جي مدد ڪئي آھي. سندس اھو جواب ٻڌي برھمڻن رڙ ڪري چيو ھو: ”پوءِ تھ صاحب، اسان تباھھ ٿي وينداسون، ويلا (لنگھڻ تي) ويھي وينداسي، بلڪ صفا مري وينداسون.“
ھنن جو اھو جواب ٻڌي سر چارلس کين وراڻيو ھو تھ: ”اھا تھ مون لاءِ وڏي سھوليت ھوندي. مان اوھان جي لاشن کي پورڻ لاءِ وڏو قبرستان ڳوليندس. تنھن ڪري اوھان کي ڪابھ ڳڻتي ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ مان پاڻ پنھنجي نظرداريءَ ھيٺ ڏاڍي شان ۽ مان سان اوھان جا لاش دفن ڪرائيندس.“
برھمڻ سندس اھا ڳالھھ ٻڌي کلي ڏنو ۽ اھو قصو اتي ئي ختم ٿي ويو.
ھندن شاھوڪارن جي اھڙين دعوائن کي منھن ڏيڻ لاءِ ساري سنڌ جي پيداوار بھ منھن ڏئي ڪانھ سگھي ھا، پر خانگي طور جيڪي ننڍڙيون رقمون ڏنيون ويون، تن جي جاچ پڙتال ڪري ادائگي ڪئي وئي ھئي. اھو قانون جو پورائو نھ، پر کليءَ دل جو مظاھرو ڪيو ويو ھو. ائين ڪري ھن ڄڻ ڇپ ڇيتيون ڪري ڇڏي ھئي ۽ ائين ڪرڻ ضروري بھ ھو. ان سان گو فاتح ھجڻ جي ناتي سندس حق بھ ھو. سندس ھن عمل ڪري وياج خور نھ منجھائنس خوش ٿيا نھ وري ڪنھن ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھئائين. ڇاڪاڻ تھ ھنن کي سندن مطالبن جي ڀيٽ ۾ رقمون ڪونھ مليون ھيون.
عدالتي نظام کي ڪليڪٽرن جي حوالي ڪيو ويو ھو. انصاف جي اھو طريقو محصول سان گڏايو ويو ھو. اھڙي ريت ضلعي جي ھر ڪليڪٽر کي اعليٰ عدالتي اختيار بھ ڏنا ويا ھئا. ساڳيءَ ريت سب ڪليڪٽرن ۽ آئوٽ پوسٽ جي ڪمانڊنگ آفيسرن کي ماتحت مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ھو. انھن مئجسٽريٽن کي ھيٺ ڏنل قانوني اصولن مطابق اختيار ڏنا ويا ھئا:
ھو فوجي مئجسٽريٽ ھن ڳالھھ جو پابند آھي تھ ھو ابتدائي جاچ پڙتال ڪندو ۽ قاضيءَ کان صلاح مشوا وٺندو، جنھن جو عھدو جج – اٽارني جھڙو ھوندو. ان جو منصبي فرض ”محمدن لا“ ۾ ملڪي روايتن جي تشريح ڪرڻ ھوندو. جيڪڏھن مئجسٽريٽ آڏو آيل معاملو ٻن ماڻھن جي وچ ۾ آھي تھ اسلامي قانون سولو، شفاف ۽ انصاف ڀريو آھي. ھيءُ اھڙو قانون آھي جيڪو مئجسٽريٽن جي تمام گھڻي مدد ڪري سگھي ٿو. ھي قانون خاص ڪري انھن مئجسٽريٽن جي رھنمائي ڪندو، جيڪي پنھنجي ضمير ۽ اصول کي آڏو رکي ڪنھن قانون سان فيصلو ڪندا آھن. انصاف جي آزاديءَ جو اصول ان ڪري نمايان طور رکيو ويو آھي ڇاڪاڻ تھ ترت ازالي جي صورت آھي. ڏوھن جا واقعا تمام گھڻا ٿي رھيا آھن. تنھن ڪري امن واسطي اھڙن جرمن جي سزا ڏيڻ لازمي ٿي پئي آھي. اھو سرڪاري انتظاميھ جي اڳتي وڌڻ جو پھريون قدم ھوندو. چونڊ بھ اھڙن ڪليڪٽرن جي ڪئي وئي آھي. جن ۾ اخلاق جون خوبيون ۽ مئجسٽريٽ ھئڻ جي اھليت ھوندي. حقيقت اھا آھي تھ اھي سڀ ننڍيون وڏيون مقرريون انھن ماڻھن جون ڪيون ويون آھن. جيڪي جنگ ۾ شريڪ ھئا. ھنن مقررين لاءِ انگليند مان بھ سفارشون آيون ھيون. ان کان سواءِ ھتان جي اعليٰ عملدارن بھ چيو ھو، پر سڀني کي انڪار ڪيو ويو آھي. ھنن نوڪرين تي پھريون حق انھن ماڻھن جو آھي جيڪي جنگ ۾ شريڪ ھئا ۽ سنڌ جي فتح ۾ حصو ورتو آھي. پر اھو شرط ضرور ھوندو تھ اھي ان ملازمت جي اھل ھوندا. ملازمت جي اھڙن دعويدارن جي دعوائن کي ڏسڻ وقت سندن خانداني پسمنظر کي ضرور ڏٺو ويندو.
مئجسٽريٽن انھن سڀني معاملن کي اڪلائڻ جو عدالتي اختيار، جيڪي سندن ٻڌڻ جوڳا ھوندا. ان ھوندي بھ کين سختي سان ھدايت ڪئي وئي آھي تھ اھي شڪ دوران قاضيءَ سان ضرور صلاح مشورا ڪن. ان کان سواءِ سندن عدالتي اختيار ھيٺ ڏنل قانوني اصولن مطابق ھوندا.
جيڪڏھن معاملو ملڪيت سان واسطو رکي جنھن جي قيمت پنجويھن رپين کان مٿي آھي تھ ان سان لاڳاپيل شاھديون فارسي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪيون وڃن. ڪوبھ سول سوٽ لکيل درخواست ڏيڻ کان سواءِ ھلائي ڪونھ سگھبو. پوءِ اھو کڻي ڪيتريءَ بھ رقم جو ڇو نھ ھجي. اھا درخواست بھ فارسي ٻوليءَ ۾ ھوندي. جنھن جي پٺئين پاسي تي مئجسٽريٽ کي پنھنجو فيصلو لکت ۾ ٻڌائڻو آھي.
جيڪڏھن سول سوٽ زمين جي حق ملڪيت سان واسطو رکي ٿو تھ اھو معاملو فقط چيف ڪليڪٽر ۽ ان جا ويجھا ڪم شريڪ اڪلائي سگھن ٿا. فوجي مئجسٽريٽن کي ھن ڳالھھ جو پابند بڻايو ويو آھي، تھ ھر مھيني جي پھرين تاريخ تي ضلعي جي ڪليڪٽر ڏانھن رپورٽ موڪلن تھ گذريل مھيني دوران ھنن ڪيترا سول سوٽ اڪلايا آھن.
جيتري قدر فوجداري معاملن جي اڪلائڻ جو تعلق آھي تھ ننڍن ۽ معمولي فوجداري معاملن کي ھلائڻ جو اختيار اسسٽنٽ مئجسٽريٽن کي سونپويو ويو آھي. جڏھن تھ وڏا ۽ خطرناڪ فوجداري معاملا فقط ڪليڪٽر ھلائي سگھن ٿا. جڏھن اھڙي سزا ڏني وڃي، جنھن جي اپيل داخل ڪري ڪانھ ٿي سگھجي تھ اھا سزا آسان ۽ ڇھن مھينن کان وڌيڪ نھ ھجڻ گھرجي. جيڪڏھن اھڙي سزا ٽن مھينن لاءِ ھجي تھ اھا سخت پورھئي سان شامل ھئڻ کپي. جيڪڏھن سزا چوويھھ ڪلاڪ لڪڻ يا ھڪ سو روپيا ڏنڊ آھي تھ اھڙي سزا ھڪ ھڪ جرم لاءِ ڏئي سگھجي ٿي. جيڪڏھن اھڙو جرم قانوني اصولن مطابق بيان ٿيل نھ آھي، ھنن ٻنھي مان ڪابھ سزا ڏئي ڪانھ ٿي سگھجي. پر جيڪڏھن سزا وڌيڪ آھي تھ ان لاءِ گورنر جي اجازت ضروري آھي. جيڪڏھن ڏنڊ پنجويھن رپين کان مٿي ۽ سزا ھڪ مھيني کان وڌيڪ آھي تھ اھڙي معاملي کي قلمبند ڪيو ويندو آھي ۽ اھڙو رڪارڊ فارسي ۾ ھوندو آھي. جيڪڏھن جرم معمولي ھوندو آھي تھ ان کي فقط رجسٽر ۾ لکيو ويندو آھي.
ھي عدالتي طريقو ميرن جي دور واري عدالتي طريقي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو جتي قانون ۽ عدالت فقط نالي ماتي ھوندي ھئي پر ھي قانوني ۽ عدالتي اڳڀرائي تعريف جوڳي آھي ڇاڪاڻ تھ اھا اصلي ۽ حقيقي آھي. ھن عدالتي نظام لاءِ چونڊيل مئجسٽريٽ يورپي آھن جيڪي اعليٰ تعليم يافتھ آھن. سندن تعلق بھ سٺن خاندان سان آھي ۽ بلند اخلاق جا مالڪ آھن. ھتان جي ڪاردارن ھنن کي ڪو ذات غرض ۾ ڪونھ آھي. سندن عدالتي اختيار قانوني اصولن جي پابندي آھن. عدالتي ڪارروايون بھ نھايت پابنديءَ سان جاري آھن، جن تي نظرثاني بھ ڪئي ويندي آھي. ھنن جي ڏنل سزائن کي قانوني حدن اندر رکيو ويو آھي. اھڙي ريت جرم جي سزا ۾ ايذاءَ رساني ۽ ظلم ڪرڻ جي منع آھي. ٽالپر حڪمرانن جي اھا ڪوشش ھوندي ھئي تھ ھو وڌ کان وڌ محصول حاصل ڪري سگھن. تنھن ڪري ھنن ڪاردار بھ اھڙا مقرر ڪيا ھئا، جيڪي ماڻھن کي نپوڙي رت بھ ڪڍي وٺندا ھئا. جڏھن تھ انگريز سرڪار ھنن کي انصاف جو يقين ڏياريو آھي ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ ڏاڍي خبردار آھي، کين ھروڀرو سزا ڏيڻ کان لھرائيندي آھي. ٻنھي قسم جي حڪمرانن ۾ چٽو ۽ پڌرو فرق موجود آھي، جيڪو مختلف موقعن تي وڌيڪ ظاھر بھ ٿي چڪو آھي. ميرن جا ڪاردار ماڻھن کي جھلي خدا جي خلق جي روبرو سندن بيعزتيون ڪندا ھئا. کين نھ جھڙن ڏوھن لاءِ بھ وڏيون سزائون ملنديون ھيون.
وڏن جرمن جي ڪارروائيءَ جو عدالتي طريقو بلڪل مختلف آھي. اھڙن معاملن ۾ مئجسٽريٽ شاھديون قلمبند ڪندا آھن. جن کي سنڌ جي جج – ايڊووڪيٽ – جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. ھاڻي ھن عھدي تي ڪئپٽن ينگ آھي، جيڪو اعليٰ تعليم يافتھ، انصاف پسند ۽ محنتي آھي. کيس سر چارلس جي چوڻ تي لارڊ ايلنبرو مقرر ڪيو آھي. ھي اعليٰ عملدار معاملي جي ڳوڙھي مطالعي کان پوءِ پنھنجو نوٽ ھڻي گورنر ڏانھن موڪليندو آھي. جنھن ۾ قانون ۽ انصاف جي مختلف نڪتن تي بحث ڪيل ھوندو آھي. گورنر ۽ گورنميٽ جو سيڪريٽري گڏجي ھن معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آھي ۽ شاھدن مان لاڳاپيل دستاويزن جو بھ ڳوڙھو اڀياس ڪندو آھي. ان کان پوءِ صحيح ڪري مجرم تي ڪيس ھلائڻ لاءِ سڀئي دستاويز فوجي ڪميشن ڏانھن روانو ڪري ڇڏيندو آھي.
سڀئي عدالتي معاملا اصولن مطابق اڪلايا ويندا آھن.
سڀئي معاملا Cases قانوني اصولن مطابق ھلايا ويندا آھن. جن جو مقصد ڪنھن ڌر تي اثر وجھڻ کان سواءِ حقيقت جي معلومات حاصل ڪرڻ آھي.
جج – ايڊووڪيٽ – جنرل اھڙن معاملن جا اھم نڪتا گورنر ڏانھن موڪليندو آھي. جنھن ۾ مئجسٽريٽ طرفان معاملي جي ڪارراوئي، شاھدين اوگاھين وسيلي معلوم ٿيل حقيقتن ۽ سزا بابت پنھنجو نقطئھ نظر ٻڌائيندو آھي. ان کانپوءِ گورنر سزا جي فيصلي ٻڌائڻ کان اڳ وري بھ انھيءَ معاملي جي مختلف پاسن تي سوچيندو ويچاريندو آھي. ھي نھ مجرم جي سزا کي وڌائيندو آھي نھ ڪنھن بھ طريقي سان پنھنجي اختيارن کي استعمال ڪندو آھي. توڙي جو کيس گورنر ھئڻ ناتي، تمام گھڻا اختيار ھوندا آھن. جيڪڏھن ھو ڪنھن کي ڦاسي بھ ڏئي تھ ھن کان ڪير بھ پڇڻ ڳاڇڻ وارو ڪونھ آھي. پر ھو پنھنجي ضمير ۽ عام راءِ جي عزت ضرور ڪندو آھي. کيس اھا خبر آھي تھ انسان کي جڏھن تمام گھڻا اختيار ھوندا آھن. پر پوءِ بھ ھو ھڪ ڪمزور ساھوارو آھي. ھن جاچ ۽ تفتيش جون ڳالھيون ڄاڻي ٻجھي رکيون ھيون، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو پاڻ بھ اھڙي جاچ پڙتال کان آجو نھ رھي. اھڙي جاچ ۽ تفتيش کان نھ ھو لنوائندو ھو نھ ڇرڪندو ھو. جيترو وقت بھ ھو گورنر رھيو تھ ھن ڪڏھن بھ عدالتي معاملن ۾ ڪابھ ھٿ چراند ڪانھ ڪئي ھئي. امن ھجي، يا جنگ ھجي، سندس رھائش گاھھ ھجي يا جنگ جو ميدان ھجي پر ھر ڳريءَ سزا ڏيڻ کان اڳ ھر معاملي جو ڳوڙھو مطالعو ڪندو ھو، ايتري قدر جو اھو سارو معاملو کيس برزبان ياد ٿي ويندو ھو ۽ عملي طور اھو ڪندو ھو جيڪو سندس حڪمت عملي لاءِ ضروري ھوندو ھو ۽ انصاف جون گھرجون پوريون ڪندو ھو.
اھو ڄڻ قانون، انصاف ۽ سزا جو سنگم ھوندو ھو. اھڙا نڪتا مطلق العنانيت despotism جا جوھر ھوندا آھن. پر سندس مزاج جو لاڙو اھڙي اصول ڏانھن ھو جيڪو موت جي سزا کي پسند ڪونھ ڪندو آھي. ان ڪري سر چارلس بحث دوران اھڙي اصول جي فائدي ۾ ڳالھائيندو ھو. سندس نقطئھ نظر ھوندو ھو تھ معاشري مان جرمن کي گھٽائڻ جا موت جي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪي ٻيا طريقا ھجڻ گھرجن.
ھڪ ڀيري ھن چيو ھو تھ ”جيڪڏھن اھڙا خطرناڪ جرم سنڌ ۾ ٿين تھ مجرمن کي سنڌوءَ ۾ ٻوڙيو وڃي. بلوچ پوکي راھي ڪونھ ڪندا آھن. سندس پيٽ گذر جو ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ ۽ ڦريون لٽيون ڪرڻ ھوندو آھي. تنھن ڪري جيڪڏھن مٿن حڪومت ڪبي تھ کين ڦاسي ڏيڻ کان سواءِ امن امان پيدا ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. پر ھن قسم جي سخت حڪمت عملي ڪري بيڪساريا ۽ ويلنگٽن خوش ڪونھ ٿيندا. پر ھنن لاءِ بھ ائين ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو کليل ڪونھ ھوندو.
ھي موت جي سزا فقط قاتل کي ڏيندو ھو. ابتدائي دور ۾ ھو سخت قسم جون سزائون ڏيندو ھو. جيڪي سندس عام سڀاءُ جي خلاف ھيون. سندس حڪومت جي اھڙي طريقي کي مڙھيل پابنديون روڪي ڪونھ سگھنديون ھيون. تنھن ڪري ھن کي اڻيھئي خبردار ۽ بي چين رھڻو پوندو ھو. جيڪي سندس ٻين ڳڻتين سان گڏجي ويون ھيون. جن سندس صحت کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ بلوچ نسل وحشي آھي، سندن رسمون ۽ رواج بھ خطرناڪ آھن. ھنن جي ظلم جا طريقا اھڙا تھ گندا آھن، جو ٻڌي ڏسي لونءَ جي ڪانڊارجي وڃي ٿي. ھنن جون مستقل گنديون عادتون انھيءَ ڪري ھيون جو ٽالپرن ھنن کي ڇڙواڳي ڏئي ڇڏي ھئي ۽ جيڪو بھ ڪيس قھر ڪرڻو ھوندو ھو تھ ڪري وڃي پار پوندا ھئا. چوڏس وايو منڊل اھڙو ھو جو احساس تھ ڪٿي بھ موجود ڪونھ ھو. ان ڪري خوف پيدا ڪرڻ کانسواءِ امن امان بحال ڪرڻ تھ ممڪن ئي ڪونھ ھو. ڪنھن ايذاءَ tarture ڏيڻ، عضوو ڪپي معذور بڻائڻ، موت کان وڌيڪ خراب سزائون آھن. پر اھڙيون گنديون سزائون نھ رڳو ٽالپر ڏيندا ھئا، پر سندن نواب ۽ جاگيردار بھ اھڙين سزائن ڏيڻ کان ڪونھ مڙندا ھئا. ٻيو تھ ٺھيو پر ڪاردار بھ وٺ جا ڪونھ ھوندا ھئا. جن کي اھڙين سزائن ڏيڻ کان ڪو روڪڻ وارو بھ ڪونھ ھو. ٻيو تھ عورتن ھٿان ٻارن کي ماري ڇڏڻ جو ڄڻ رواج آھي. اھڙا واقعا ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ڪونھ ايندا پر ائين ڪرڻ جو ڄڻ جنون آھي ۽ انھن لاءِ ٻارن کي قتل ڪرڻ ڄڻ جرم ئي ڪونھ آھي. ٻارن جا قتل انھيءَ ڪري ٿيندا آھن، جو ڪن ڪنوارين عورتن جو پير ترڪي ويندو آھي تھ تازي ڄاول ٻار کي قتل ڪرڻ کانسواءِ ھن لاءِ ڪو ڪو ٻيو طريقو ڪونھ ھوندو آھي. ھتي ھڪ ٻي ڳالھھ بھ نظر آئي آھي تھ جڏھن عورت ڪنھن مرد سان تعلقات رکندي آھي، يا ان جي ھلت چلت ۾ ٿورو بھ شڪ ٿيندو آھي يا ڪا عورت ان زائفان جي قتل ۾ دلچسپي رکندي آھي تھ ان تي ڪارھن جا ڪوڙا الزام ھڻي قتل ڪرائي ڇڏيندي آھي. پوءِ مرد اھو ڪونھ ڏسندا آھن تھ اھو ڪوڙ آھي يا سچ. اھڙيءَ ريت ھڪ مرد ان بي گناھھ عورت کي چوٽيءَ کان جھليندو آھي ۽ ٻيو ان تي تلوار جو وار ڪري کيس ھميشھ لاءِ ننڊ ڏئي ڇڏيندو آھي. پر اھي مرد اھو ڪونھ سوچيندا آھن تھ سندن ھڪ نھ پر الائي ڪيترين پراين عورتن سان ناجائز تعلقات ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت ڪاري يا ڳاڙھي عورت کي قتل ڪرڻ، ٻروچ پنھنجو شان سمجھندا آھن. اھو ڪونھ سوچيندا آھن تھ انھن عورتن جو آخر قصور ڪھڙو ھو.
ھڪ بلوچ پنھنجي گھرواريءَ کي بي گناھھ قتل ڪري ڇڏيو. بلوچ قبيلي جي ھڪ سردار سر چارلس وٽ سفارش لاءِ آيو تھ ان جرم کي قتل جو گناھھ معاف ڪيو وڃي. سندس اھا ڳالھھ ٻڌي ھن سردار کي چيو: ”نھ، مان ان کي ڦاھيءَ تي لڙڪائيندس.“
تنھن تي بلوچ سردار کيس وراڻيو: ”سائين ان کي معمولي زال جي قتل تي ڦاھيءَ چاڙھيندين. ھن ٻيو جرم تھ ڪونھ ڪيو آھي، رڳو پنھنجيءَ زال کي قتل ڪيو اٿائين.“
جنرل کيس جواب ۾ چيو، ”ھائو، ڇاڪاڻ تھ اھا بي گناھھ ھئي.“
بلوچ سردار کيس وراڻيو: ”ھو ڪاوڙ ۾ ھيو ۽ زال کي قتل ڪرڻ جو کيس حق ھو.“
سر چارلس کيس ٺھھ پھھ جواب ڏنو: ”ھاڻي تھ مان بھ ڪاوڙ ۾ آھيان. تنھن ڪري مان بھ کيس ضرور ڦاھيءَ چاڙھيندس.“
اھو تصور تھ ھڪ بلوچ کي پنھنجيءَ زال کي قتل ڪرڻ جو پورو حق آھي، ھر بلوچ جو ھن تصور ۾ وڏو ويساھ آھي. کيس اھو بھ يقين آھي تھ ھن کي پنھنجي زال کي قتل ڪرڻ جو حق آھي. جنھن کان ڪير ھن کي روڪي ٽوڪي ڪونھ ٿو سگھي. ھن قسم جي جرم کي روڪڻ کان اڳ ڪيترائي ماڻھو ڦاسيءَ تي چڙھي چڪا آھن. ليڪن سر چارلس بھ اھو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي تھ اھڙن قاتلن کي ضرور ڦاھيءَ تي چاڙھيندو. ٿوري وقت کان پوءِ عورت کي ڪارنھن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ جو لاڙو گھڻو گھٽجي ويو ھو. سندس چوڻ آھي تھ ”ڦاسيءَ جا ڏورا مسلمانن جي مقدر کي لوڏي ڇڏيندا. بلوچ ھوڏي نسل آھي. ھي ماڻھو موت کي ڪجھھ بھ ڪونھ سمجھندا آھن. جنھن لاءِ ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو. ھيءَ ڪا خيالي ڳالھھ نھ حقيقي تصوير آھي. ڳالھھ ھن ريت آھي تھ ھڪ بلوچ کي قتل ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ ڦاھي چاڙھيو ٿي ويو. ھو ماٺ ڪري ڦاسيءَ واري جاءِ وٽ پھتو ھو. جڏھن کيس ڦاھيءَ چاڙھيو ويو تھ ڏوري ڇڄي پئي ۽ ھو وڃي ھيٺ ڪريو. تنھن تي ھن رڙ ڪري چيو تھ ”ھوشياريءَ کان پوءِ بھ ڪي اتفاق ٿي پوندا آھن ۽ ڦاھيءَ چاڙھڻ جي ٻي ڪوشس ڪري ڏسو.“
اھو بھ معلوم ٿئي ٿو تھ ٽالپر حڪمران جي حرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪرين زبردستي سندن گھرن مان کنيون وينديون ھيون. پر خوف کان ڪير بھ ڪونھ ڪڇندو ھو. عورتن خلاف ڪيل ظلم کي اھو چئي دٻايو ويندو آھي تھ حڪمران خدا جو پاڇو آھي. کيس اختيار آھي تھ جيڪو کيس وڻي ڪري. سر چارلس جو نقطئھ نظر ھو تھ اھڙو ظلم فقط غلامي ڪري ھو. تنھن ڪري ھن جنگ لاءِ ھڪ خونخوار تلوار کي ڪتب آندو ھو ۽ انصاف جي تيز ڪھاڙيءَ کي آزمائي ڏٺو ھو. بلوچن جو اھو بھ تصور ھو تھ عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي ڪي بھ حق ڪونھ ھوندا آھن ۽ کين زنده رھڻ جو ڪو حق ئي ڪونھ ھوندو آھي. ھنن مظلومن جي آجپي لاءِ نھايت سخت قدم کڻڻ جي ضرورت ھئي. انھيءَ مقصد سان جيئن وسيع ايراضي ۾ پکڙيل ميرن جي ھن ڏاڍ، قھر ۽ اخلاقي ڇڙواڳيءَ کي ختم ڪري سگھجي. ھن لاءِ فقط ترت ۽ تڪڙي انصاف جي ضرورت آھي. اھڙين منصبي فرض جي ادائگي ڏکي ھئي. پر ھو انھيءَ کان گھٻرائجي ڪونھ ويو ھو. پر ڪنھن کي موت جي سزا ڏيڻ ھن جي ضمير جي خلاف ڳالھھ ھئي. تنھن ڪري ان کي ڀڏو ڪم سمجھي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. خون جي معاملن جي بھ ان نقطئھ نظر کان جاچ پڙتال ڪونھ ڪندو ھو تھ ڪينءَ ڪري بھ ان کي ڦاھيءَ جي سزا ملي. ھن کي منصبي فرض جي ادائگي دوران چوويھن ڪلاڪن مان پنج يا ڇھھ ڪلاڪ آرام لاءِ ملندا ھئا. ان ئي وقت کيس سوچ ۽ فڪر کان واندڪائي ملي ويندي ھئي پر آرام لاءِ ايترو وقت بھ کيس سدائين ڪونھ ملندو ھو.
ھن فقط اھي ڪم ڪونھ ڪيا ھئا، پر ستيءَ واري ڪڌيءَ رسم کي ختم بھ ڪري ڇڏيو ھو. پر سنڌ ۾ اھا ڪريت ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. جڏھن کيس ھن قسم جي قربانيءَ جو اصلي ڪارڻ معلوم ٿيو تھ ھن رسم مان پنڊت کي گھڻي پيداوار ٿيندي آھي. ھن کانسواءِ اھو بھ پتو پيس تھ ان ۾ پنڊت جو ارادو شامل ھوندو آھي تھ ھن انھيءَ قربانيءَ واري رسم کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پنڊتن کيس چيو تھ اھا مذھبي رسم آھي تنھن ڪري توکي انھيءَ سان ھٿ چراند ڪرڻ جو ڪو حق نھ آھي. ھنن وڌيڪ کيس اھو بھ چيو تھ دنيا جي قومن وٽ ڪيئي مذھبي رسمون آھن جن جي عزت ڪرڻ گھرجي. انھن وانگي ھيءَ رسم بھ مقدس آھي ۽ ھن جي عزت رکڻ بھ ضروري آھي. سر چارلس سندن ڳاليھون ٻڌي کين چيو تھ واقعي ستيءَ جي اھا رسم مقدس ھوندي. ويچارين رنڙ عورتن کي ساڙي رک ڪرڻ اوھان جي رسم ھوندي. ڀلي اوھان ڏاگھھ ٻاريو ۽ عورت کي ساڙيو. پر ٻڌي ڇڏيو تھ منھنجي قوم جي ھڪ رسم آھي تھ جڏھن مرد جيئري عورت کي باھھ ۾ ساڙيندا آھن تھ انھن ذميوار ماڻھن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو آھي ۽ انھيءَ جي ساري ملڪيت ضبط ڪئي ويندي آھي. منھنجا ڊکڻ ڪاٺ مان اھڙي جڳھھ جوڙي رھيا آھن جتي انھن ماڻھن کي ڦاھي ڏني ويندي، جيڪي زنده عورت کي ساڙڻ جا ڏوھي ھوندا. اچو تھ اسان سڀئي پنھنجي قومن جي رسمن پورين ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪريون. ان کان پوءِ ڪنھن بھ عورت کي ستي ڪونھ بڻايو ويو ھو.
اسان جي صاف شفاف قسم جي عدل ۽ انصاف بلوچ نسل جي ماڻھن کي گناھھ نظر ايندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھنن جو ڊگھي عرصي وارو شان شوڪت ۽ دٻدٻو مٽيءَ ۾ ملي ويو ھو. پر ھنن کي اھا حقيقت چڱيءَ ريت معلوم ٿي چڪي ھئي تھ سر چارلس ھڪ فاتح جي روپ ۾ ھڪ آمر بھ آھي، جيڪو کانئن انتقام بھ وٺي سگھي ٿو. سندن صحت کي سڪون ۽ آٿت بھ ڏئي سگھجي ٿو. جيڪو ھنن وانگر ھر طريقي سان ظالم ۽ وحشي بھ آھي. منجھن اوڻايون انھيءَ ڪري ھيون جو منجھن علم ڪونھ ھو ۽ اجائي وڏائي ۽ فخر جو اظھار ڪندا ھئا ۽ پيدائشي بگڙيل ۾ بداخلاق ھئا. قدرت ھنن مٿي سندن شخصيت ۾ ڪي سٺيون ڳالھيون بھ شامل ڪيون ھيون. جھڙوڪ بھادري ۽ شان شوڪت پر ان سان ٻٽاڪ بھ ھڻي وٺندا ھئا ۽ ڳالھھ ھميشھ پنھنجي غرض ۽ شخص مفاد جي ڪندا آھن.
سنڌ جي ساري زمين ٽالپر سرڪار جي ھئي، جيڪا ھن شرط تي فقط بلوچ سردارن کي ڏني وئي ھئي تھ ضرورت وقت ٽالپر حڪمران جي مدد ڪندا ۽ ھٿيار بند فوج مھيا ڪندا. اھڙيون جاگيرون ڪھڙي بھ حڪمران کسي سگھندو ھو. ننڍا جاگيردار سدائين ڏچي ۾ ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ سندن جاگيرون مٽبيون سٽبيون ھيون. جاگيرن جي اھڙيءَ مٽ سٽ ۾ حڪمران جو فائدو ھوندو ھو، جاگير ڪنھن خاص عرصي لاءِ ڪانھ ڏني ويندي ھئي. اھا حڪمران جي پنھنجي ذاتي مرضي ھوندي ھئي تھ ڪيترو وقت جاگيردار تي راضي آھي. اھڙو ڪو قانون ۽ قاعدو بھ ڪونھ ھوندو ھو. جڏھن حڪمران ڪنھن سردار تي راضي ٿيندو ھو تھ وجھھ پيو ڳوليندو ھو تھ ڪھڙي ماڻھوءَ حوالي ڪري. ڪڏھن وري آزاد مزاج ماڻھو کي سزا ڏيڻ لاءِ بھ ائين ڪيو ويندو ھو. ڪڏھن وڏن جاگيردارن کان بھ جاگيرون کسيون وينديون ھيون. جڏھن انھن جاگيرن پيداوار جي طفيلي سندن ماڻھو ھنن جي ڪڍ ھوندا ھئا. جاگير کسجي وڃڻ کان پوءِ ھو پنھنجي تلوار بندوق سنڀاليندو ھو ۽ پنھنجي ٻچن ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي ڌنڌي سان لڳي ويندو ھو ۽ جاگير ھلڻ تائين جنھن کي وڻندو ھوس ڦري وڃي پار پوندو ھو.
مھذب ۽ سڌريل ماڻھو اھڙيءَ ڪريت بابت تھ سوچي بھ ڪونھ ٿو سگھي، پر سنڌ ۾ اھو رواج موجود ھو. جيڪڏھن انگريز سنڌ کي فتح نھ ڪن ھا تھ ٽالپرن جو اقتدار تھ ھونءَ بھ ختم ٿيڻو ھو. ان سان گڏ سنڌ جي ھاري سماج ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿا. بلوچن جي ڦرلٽ ڄڻ سنڌ جي سماجي روايت بڻجي چڪي ھئي. ڪنھن پرڏيھي مسافر کي ڦرڻ ڏھاڙي جو معاملو ھو ۽ ڪا نئين ۽ عيب واري ڳالھھ ڪانھ سمجھي ويندي ھئي. اسڪاٽلينڊ جي ماڻھن وانگي بليڪ ميل ڪرڻ بھ بلوچن جو ڌنڌو ھوندو ھو. سنڌ جي بلوچن ۾ ھڪ ٻيو رواج بھ ھوندو ھو. مثال طور ٻھ قبيلا پاڻ ۾ دشمن آھن ۽ ھڪ قبيلو ٻئي کي جيڪڏھن چوپائي مال سامان جي نقطئھ نگاھھ کان نقصان پھچائي ٿو تھ، اھو قبيلو ٻئي ڪمزور قبيلي تي حملو ڪري پنھنجو نقصان پورو ڪندو آھي. اھڙي ريت ڦريل ۽ ڦريندڙ قبيلي جا سماجي تعلقات بھ ڇڄندا آھن. ڪمزور قبيلي وارا ان ڦورو قبيلي جي سلام لاءِ بھ ويندا آھن ۽ ڪنھن کي بھ ڪونھ ٻڌائيندا آھن تھ ڪنھن ڦريو آھي. ڦريل قبيلو ڦريندڙ قبيلي کي ايلاز منٿون ڪندو آھي تھ ھو ڦريل مال ملڪيت موٽائي ڏيڻ ۾ سندس واھر ڪري ۽ ٽئين قبيلي کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ھن جي مدد ڪري.
ٽالپر حڪمران ڪڏھن ھڪ جاگير بدران ٻي جاگير ڏيندا ھئا. ڪڏھن وري جاگير صفا کسي بھ وٺندا آھن ۽ اھڙا معاملا سدائين پيا ٿيندا آھن. پر انگريز جنرل بلوچن کي انگريز سرڪار سان وفادار ۽ تابعدار رھڻ جي شرط تي جاگير ڏيڻ جو اصول جوڙي ورتو آھي. انھيءَ طريقي سان جاگيردارن جي پوئلڳڻ کي بھ پيٽ گذر لاءِ ڪجھھ نھ ڪجھھ ملي پوندو. سر چارلس نيپئر جاگيردارن کي ٻڌايو آھي تھ انگلينڊ کي اوھان جي فوجين جي ضرورت آھي. جيڪا جاگيردارن جي فوج آھي، ھن کي پنھنجي ريگيولر فوج موجود آھي ۽ اھي گھڻي آھي. اھي جاگيرون اوھان کي تلوارن ۽ ڍالن ڪري ڪونھ ڏنيون ويون آھن جيڪي فتح کان پوءِ ڄڻ ڪوڙيون ثابت ٿيون آھن. ھن کين وڌيڪ چيو تھ اھي جاگيرون اوھان کي انھيءَ مقصد ۽ شرط سان ڏنيون ويون آھن تھ سندن جاگيرن ۾ جڏھن بھ ڪو سرڪاري ڪم سرڪاري ڪم شروع ٿئي تھ ڪوڏر ۽ چنچور مان مزدور مھيا ڪن. اھڙي ڪم ڪرڻ لاءِ ائين پابند ھئڻ گھرجي جيئن جنگ وقت ٽالپر حڪمرانن کي تلوارن ۽ بندوقن سان مسلح ماڻھو ڏيندا ھئا. جنرل سر چارلس کي پورو يقين ھو تھ اھڙن ڪمن ڪرڻ سان جاگيردارن جي زمين جي قيمت ۽ حيثيت وڌي ويندي. جنرل جي اھا ڳالھھ ٻڌي جاگيردار ”ھا“ ڪئي ھئي، ان کان سواءِ ھن ٻين اھم ڪمن ڪرڻ جو منصوبو بنايو ھو، جنھن کي ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ ھئي. ھن مان سندس مقصد ھو تھ ھن کان پوءِ جيڪو ماڻھو اچي سنڌ جو انتظام سنڀالي تھ ھي علائقو کيس سکيو ستابو ملڪ لڳي. کيس ائين محسوس نھ ٿئي تھ انگريزن ٽالپرن ھڪ ملڪ نھ پر مال غنيمت ورتو ھو. ان سان گڏ ھن جاگيرن کي مستقل ڪرڻ جي ڳالھھ بھ سوچي ھئي. اھڙي ڪم جي ابتدا ھن وڏي طبقي کان ڪئي ھئي. سندس خيال ھي بھ ھو تھ ڌرتي پيداوار جو وڏو ذريعو آھي جنھن جي زمين ڏاڍي ڀلي آھي. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ ھن زمين کي ننھن سان بھ کٽي سگھبو آھي. سندس بنايل ھن منصوبي ۾ ڪيئي بھتر ڳالھيون ھيون. کيس توقع ھئي تھ اھي مستقبل جي انتظاميھ سرگرمين لاءِ رھنما اصول طور ڪم اچي سگھن ٿيون. انھن مان پھرين ڳالھھ سنڌو آھي ۽ جيڪا نيل درياه وانگي ورھيارو چاڙھھ ڪندي آھي. ھن درياه جي رڻن پٽ ۽ بيابانن سان اڻيھئي جنگ جوٽيل ھوندي آھي ۽ کين سرسبز ۽ خوشحال علائقو بڻائي ڇڏيندي آھي. ان کان سواءِ ھي درياه پنجاب سان تجارت ڪرڻ جي ھڪ شھھ رڳ آھي. ھن درياه وسيلي وچ ايشيا جي ملڪن سان پڻ واپار ڪري سگھجي ٿو، پر ھتي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙن ڪمن تي خرچ ڪرڻ ڏاڍا سٺا نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ تجارت کي ھڪ وڏو اتساھھ ملي سگھي ٿو. اھو وھڪرو ڪٿي اونھون ڪٿي تانگھھ ھوندو آھي. منجھس ڪن ۽ ڪارونچار بھ ايندا آھن. جو اسان جا آگبوٽ Steamers بھ انھن ۾ تيز ڦرندا آھن. انھيءَ جي ڪٺار سان جڳھون جوڙڻ بھ خطري کان خالي ڪونھ آھي. ان بابت سر چارلس نيپئر جا پنھنجا لفظ آھن تھ، ”مان آگبوٽ جي عرشي deck تان بيھي ڏٺو تھ ھن پائيندڙ ڪري اڌ ايڪڙ زمين جيترو ٽڪرو پاڻيءَ ۾ ڪيرائي وھائي کڻي ويو. درياھي آمد رفت لاءِ خاص قسم جي ٻيڙي ھجڻ گھرجي. سندس سمنڊ وارا ڇوڙ بھ سدائين اڳيا ڪونھ ھوندا آھن، ان ڪري اتان جا پتڻ بھ مٽبا سٽبا رھندا آھن. ڪراچي بھ ھن درياه جي جھاز راني لائق ڇوڙ کان چاليھھ ميل پري آھي. تنھن ڪري سنڌ جي ھن بھترين بندر گاھھ ۾ ڪا سھوليت ڪانھ آھي. چؤماسي جي ڏينھن ۾ ھي درياه تھ پار ڪرڻ جھڙو تھ رھندو ئي ڪونھ آھي.
ان ڪري سر چارلس جو خيال آھي تھ ھن درياه وسيلي تجارت مان گھڻو فائدو ڪونھ ٿيندو. پر جيڪڏھن سکر ۽ ڪراچي وڏا شھر بڻجي ٿا وڃن تھ پوءِ واپار جو مستقبل روشن ٿي سگھي ٿو. سندس خيال ھو تھ في الحال وڏيون رنڊڪون دور ڪيون وڃن. بعد ۾ واپارين جي سرگرمين ۽ ان وقت جي ضرورتن کي ڏسي ڪي سڌارا ڪيا ويندا. جيڪڏھن جنگ ۾ ۽ نااھل حڪومت ڪري جي وايو منڊل خراب نھ ٿيو تھ تجارت جو مستقبل نھايت روشن آھي، پر تنھن ھوندي بھ ھن اڳواٽ ئي درياھي پوليس جو انتظام جوڙي ورتو ھو. جنھن ۾ بھاولپور جي خان ڏاڍي سھائتا ڪئي ھئي. انھيءَ پوليس انتظاميھ جي قيام کان پوءِ سنڌوءَ وسيلي تجارت ھڪ سو ملين تائين محفوظ ٿي ويندي. انھيءَ طريقي ڪراچي جي ھڪ اھم تجارتي مرڪز بڻجي سگھجي ٿو. اھڙيءَ ريت سنڌوءَ وسيلي اندروني آمد رفت بھ وڌي ويندي. امن امان جي قائم ٿيڻ ڪري زراعت ڏانھن بھ ڌيان ڇڪجي ويندو. ان کان سواءِ درياه جي گھرائيءَ کي معلوم ڪرڻ لاءِ انجنيئر کي پڻ ڪم سان لڳايو ويو آھي تھ، جيئن پتو پئجي سگھي تھ درياه جو پيٽ زمين جي مٿاڇري کان ڪيترو ھيٺ آھي. تنھن ڪري يقين سان چئجي سگھجي ٿو تھ سنڌ جي ترقي جي سائنسي بنيادن تي ابتدا ٿي چڪي آھي. جنھن وسيلي ھن ملڪ جي آبپاشي نظام کي ضابطي ھيٺ رکي سگھبو. انھن ڳالھين وسيلي سنڌ جي پيداوار وڌندي ۽ ٿوري عرصي اندر سکي ستابي ٿي ويندي.
سنڌو درياه کان پوءِ سنڌ جي روھن ڪوھن ۾ بيابان علائقي ٿر بابت سوچيو ويچاريو ويندو. سنڌ جي اولھھ پاسي ھالار جبل آھي جيڪو سيوھڻ وٽ اچي سنڌوءَ سان لڳي ٿو. پر ھن ماڳ کان مٿي ۽ ھيٺ درياه کان پري ٿيندو ٿو وڃي. اھڙيءَ ريت اتر پاسي درياه ۽جبلن جي وچ تي ھڪ وسيع علائقو موجود آھي. جيڪو ڏاڍو سرسبز ۽ آباد آھي. ان سان گڏ ڏاڍو اھم بھ آھي. ھي سکيو ستابو ۽ زرخيز علائقو بلوچ ڌاڙيلن جي ظلم جو نشانو بڻيل آھي. جيڪي ھتان جي آباديءَ جي چيڙھھ بھ ڪانھ ٿا ڇڏن. تنھن ڪري ھن پاسي ترقي ۾ سڌارن جي ڪمن کان پھريائين ريگيولر فوج ۽ بھتر انتظامي جوڙجڪ جي ضرورت آھي. سنڌ جي ڀرپاسي کان ٿر آھي. ھن رڻ ۽ سنڌوءَ جي وچ مختصر آباد علائقو آھي. اھڙي ريت ٿر جي واري بھ ھوريان ھوريان آباد علائقي تائين تيستائين وڌندي رھندي جيستائين انسان ان کي روڪڻ جي ڪوشش نھ ڪندو. ٿر واري ان غير آباد ۽ آباد علائقي جي وچ تي چوڏھن ميل ويڪري ۽ چار سو ميل ڊگھي زمين جي اھڙي پٽي آھي جنھن ۾ ٿر ۽ آباد علائقي واريون گڏيل خوبيون ۽ خاصيتون آھن. پر انساني ڪوششن سان ھن علائقي کي بھ چڱيءَ ريت آباد ڪري سگھجي ٿو. سر چارلس پنھنجي فوجي پيش قدميءَ دوران اھا امامڳڙھھ نالي ھڪ قلعو بھ ڏٺو ھو، جنھن بابت اڳ ڪنھن بھ يورپي ماڻھوءَ کي علم ڪونھ ھو. اھو علائقو بھ جابلو ھو پر آباد ھو. ھن جوءِ ۾ گجگاھھ ٻيلا بھ موجود ھئا. ھيءُ علائقو غير آباد بھ ھو تھ آباد بھ ھو. گجگاھھ ٻيلن جي اھا سوڙھي پٽي ناري درياه جي الھندي ڪناري سان واقع ھئي. ھن وھڪري ٿر جي واري کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.
پتو ڪونھ آھي تھ ناري وارو وھڪرو قدرتي آھي يا گھاڙ واھھ آھي، جيڪو ڪڏھن عمرڪوٽ کان وھندو ھو ۽ ٿر ۾ موجود آھي. جيڪڏھن پاڻيءَ جي ان وھڪري کي ساڳي پراڻي پيٽ سان وھايو وڃي تھ ھڪ وسيع علائقو آباد ٿي سگھي ٿو. اتي موجود ٽڪريون گرميءَ کان ماڻھن جو بچاءُ ڪري سگھن ٿيون. جيڪي ويچارا اتي آباد آھن. لارڊ ايلنبرو کي گذارش ڪئي وئي ھئي تھ ھو انجنيئرن جو ھڪ جٿو موڪلي، جيڪو جاچ پڙتال ڪري ٻڌائي تھ سر چارلس جو اھو منصوبو قابل عمل آھي يا نھ. ھن منصوبو بابت سر چارلس نيپئر جا پنھنجا لفظ ھي آھن تھ، ”جيڪڏھن مان ھليسو پوٽاھيا جھڙي ھن علائقي کي سرسبز ۽ آباد ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويس تھ مان ھن عظيم ڌرتيءَ جي ماڻھن لاءِ ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪري ويندس. مان ھن ڌرتيءَ کي نھ نقصان کان بچايو آھي ۽ نھ وري فائدو ڏنو آھي ۽ مان ائين ڪري شڪست کاڌل ٽالپر حڪمرانن جي مڪاري تي، ٻڌا ٽھڪ ڏئي کلندس.“
حيدرآباد جي ڏکڻ پاسي سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو آھي. اھو سنڌ جو سڀ کان شاھوڪار پرڳڻو آھي. پر ان ڪري ڏاڍو اڻانگو بھ آھي تھ ھتي وحشي قسم جا ماڻھو رھندا آھن. تنھن ڪري اتي ڪابھ حڪومت قائم ڪري ڪانھ ٿي سگھجي ۽ جيڪڏھن عوامي بھبودي لاءِ ڪي سڌارا آندا بھ ويا تھ اتي نھايت خبرداري سان ڪم ڪرڻو پوندو. انھيءَ مقصد لاءِ تھ متان ڪو ڏچو پيدا ٿي وڃي.
ھن ملڪ جو عام پس منظر اھو آھي جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ واسطي پھريون ۽ وڏيون ڪوششون ھي ھونديون تھ زراعت جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيو وڃي ۽ تجارت جي سڌاري ۽ واڌاري ڪي قانون جوڙيا وڃن، آبپاشيءَ جو نظام قائم ڪيو وڃي ۽ درياه جي چاڙھھ واري پاڻي کي چڱيءَ ريت ڪم آندو وڃي. ھن ڪم جي ڀيٽ ۾ درياھي تجارت کي ثانوي حيثيت ھجڻ گھرجي. پر ان کي وساري نھ ڇڏجي پر اڳڪٿي اھا ڪئي پئي وڃي تھ اندروني ۽ ٻاھريون واپار قافلن وسيلي ھلي سگھي ٿو. اھو فقط تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿو، جڏھن ٽالپرن حڪمرانن جي مڙھيل پابندين کي ختم ڪري واپارين کي سھولتون ڏبيون ۽ تجارت جي ھمت افزائي ڪبي. اھڙين ڳالھين کان پوءِ درياه کي تجارتي مقصدن واسطي ڪتب آڻي سگھبو ۽ سنڌ جي پيداواري وسيلن کي ڪم آڻي سگھبو. سر چارلس نيپئر پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي ھن ريت چيو ھو تھ ”ڌاڙيلن جي قھري ڪاررواين تي ضابطو رکو. سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي اٿل کان روڪيو. سنڌ جي آمد و رفت ۽ ان جا ڪيئي پيداواري نمونا نڪري نروار ٿي پوندا.“
ترقيءَ ۽ اوسر ڪرڻ واري راھھ ۾ اڃا بھ ھڪ وڏي رنڊڪ موجود ھئي، سا اھا ھئي تھ ملڪ ۾ ڪو ھنرمند ماڻھو تھ موجود ئي ڪونھ ھو. ٽالپر حڪمرانن ۽ انھن جي ناعاقبت انديش سردارن پنھنجي ظلم ۽ ڏاڍ سان سنڌ جي ھنرمنديءَ کي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو. ھو، ھنن ماڻھن واڍن، لوھرن، رازن ۽ ٻين ھنرمندن کي اڌ مزدوري تي زوريءَ ڪم ڪرائيندا ھئا يا تمام ٿوري پگھار ڏيندا ھئا. آمدني جو اڌ ڪم جي لئسنسز ۾ ھليو ويندو پوءِ باقي اڌ محصول وصول ڪندڙ مفت ۾ وٺي ويندو ھو. جيڪڏھن ان ويچاري ھنرمند جو ڪم پسند نھ ايندو ھو تھ سندس بي عزتي ڪئي ويندي ھئي ۽ کيس ماريو ڪٽيو ويندو ھو. جيڪڏھن ڪنھن ڳوريءَ سزا کان بچي ويو تھ سندس نڪ ۽ ڪن تھ وڍجڻ کان بچي ڪونھ سگھندا ھئا. تنھن ڪري اھي ماڻھو جيڪي پگھر وھائي پورھيو ڪري پيٽ پاليندا ھئا، سي ٽالپرن ۽ ٻين سردارن جا ظلم ڏسي، پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ٻين ملڪن ۾ پورھيو ڪندا ھئا. اھڙي ريت ھنرمند بھ ھوريان ھوريان ويا ھلندا ۽ وطن جا وڻ ۽ واھيرا ويا ڇڏيندا. ھاڻي حالت اھڙي آھي جو معمولي جڳھھ جوڙڻ واسطي بھ ڪو رازو يا ڊکڻ ڪونھ ٿو ملي.
اھا اھڙي تڪليف ھئي جو فوج واسطي ڪا تعمير ڪرڻ مشڪل ٿي وئي ھئي. جڏھن تھ جنرل چارلس جي خواھش ھئي تھ انھن لاءِ سھڻيو بئرڪس جوڙيون وڃن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اھو ڏٺو ويو آھي تھ گنديون بئرڪس جرم ۽ موت جو سبب بڻيون آھن ۽ انگريز فوجي بيمار ٿي پوندا آھن. سر چارلس اھو بھ ڏٺو ھو تھ ھر جاءِ تي بئرڪون اھڙيون ٺاھيون وينديون آھن جن ۾ ڪنھن بھ قسم جي سھوليت تھ ھوندي ئي ڪانھ آھي. اختيارين وارا مجرمانھ لاپرواھيءَ کان ڪم ڪن وٺندا آھن جيڪي نامناسب جڳھن تي بئرڪون جوڙائيندا آھن. خرچ بھ تمام گھڻو ڪيو ويندو آھي، پر ان ھوندي بھ رھڻ جھڙيون ڪونھ ھونديون آھن. جتي نھ فوجين جي اخلاق جو خيال رکيو ويندو آھي نھ وري سندن زندگين جو اونو ڪيو ويندو آھي. تنھن ڪري سر چارلس جي خواھش ئي تھ بئرڪون اھڙيون خوبصورت تعمير ڪيون وڃن، جيڪي فوجين جي صحت جي نقطئھ نظر کان بھتر ھجن. پر ھنرمندن جو ملڻ مشڪل ٿي ويو ھو. ھي ٻيو سرڪاري ڪم ھو جنھن جي ھن تڪميل ڪرڻ پئي گھري. تنھن ڪري ھن اعلان ڪيو تھ سنڌ ۽ ڀروارن ملڪن مان ھر شعبي جا ھنرمند گھرجن. ساڻن وڏين ڏھاڙين ۽ پگھارن ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو. ھو ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ ۾ گھڻو مشھور ھو. سندس اھڙو اعلان ٻڌي ڪيترا ھنرمند ھليا آيا، جن کيس کان پھريون مطالبو اھو ڪيو تھ انھن کي ميرن طرفان ملندڙ معاوضي کان ڏھوڻ تي وڌيڪ ملڻ گھرجي. سندن اھڙيون ڳالھيون ٻڌي انگريز تھ ڊڄي ويا. ٻين وري ھندستاني روش اختيار ڪئي ۽ چيائون کين وڌ کان وڌ معاوضو ڏنو وڃي، پر انھن جي اھڙي تقاضا ڏانھن بھ انھيءَ ڪري ڌيان ڪونھ ڏنو ويو، جو سمجھيو پئي ويو تھ اھا بھ بي انصافي آھي. جيڪڏھن سنڌي ھنرمندن کي مزدوري ۽ سٺا معاوضا ملندا رھيا ۽ کين سماجي تحفظ ملي ويو تھ ھنن جا خيال ئي تبديل ٿي ويندا. انھن کي جيڪڏھن چئبو تھ سنڌ جي حڪمراني وري ٽالپرن کي ملي رھي آھي تھ اھي مزاحمت ڪندا. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھن انھن حڪمرانن ظلم ۽ ڏاڍ جا ڏنڀ ڏسي چڪا آھن ۽ ائين ضرور چوندا تھ انگريزن جي بادشاھي مان ھر ماڻھوءَ کي فائدو آھي.
انھيءَ زماني ۾ سياسي اقتصاديات جي اڳتي وڌڻ جو تصور موجود ھو. ھڪ انگريز آفيسر سامونڊي ڪناري جي مھاڻي کي چيو تھ مڇي مارڻ ڇڏي ڄار ھڻي موتين جون سپون جھلي وٺي. جنھن تي مھاڻي کيس وراڻيو: ”ھيءَ موسم اھڙي آھي جو سپون ٿوريون ھٿ اينديون، پر تون سپن جي تعداد مطابق حساب ڪتاب ادا ڪندين جيڪو بلڪل ٿورو ھوندو. ائين ٿيڻ سان منھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ٿي ڪونھ سگھندو پر جيڪڏھن انھيءَ بدران ھو مانگر مڇ ڦاسائيندو تھ سندس پيٽ گذر ٿي پوندو.
جنرل نيپئر ان انگريز ڪمدار کي چيو تھ ھتي اسان ڌاڙا ھڻڻ آيا آھيون يا سنڌ جي غريبن کي بچائڻ آيا آھيون؟“
تنھن تي عملدار وراڻيو: غريبن کي بچائڻ آيا آھيون.
سر چارلس جواب ۾ چيو: ”تون انھن کي سڏي سرڪار لاءِ جبري پورھيو ڪرائي رھيو آھين. تون ويھن خاندانن کي بک ٿو مارين يا انھن جو بچاءُ ٿو ڪرين؟
انگريز عملدار وراڻيو: ”اھي بک ڪونھ مرندا، ھو پاڻ ئي چون ٿا تھ اسان سپن جھلڻ لاءِ راضي آھيون.“
سر نيپئر کيس چيو: جيڪڏھن سپن جھلڻ جو معاوضو مڇين ڦاسائڻ جي فائدي کان وڌيڪ ھوندو تھ ڇا ھو پوءِ مڇي ماريندا.“
”نھ“ مان سمجھان ٿو تھ ھو ائين ڪونھ ڪندا. پر سرڪار کي محصول جي مد ۾ نقصان پھچي رھيو آھي. عملدار وراڻيو.
اسان کي اھڙو ڪو حق ڪونھ آھي، جو اسان ڪنھن کي پنھنجي روزگار کان جھلي سگھون. کين اسان کان وڌيڪ معلومات آھي تھ انھن کي ڪھڙي ڪم مان وڌيڪ فائدو آھي.“
. . . ۽ اھو قصو اتي ئي ختم ٿي ويو.
ھيءَ آزاد قسم جي حڪمت عملي ھئي، جيڪا ڏاڍي ڪامياب ثابت ٿي ھئي. اھڙيءَ ريت مزدوري جو معاوضو بھ ھوريا ھوريان وڌڻ لڳو ھو. پر اھو اثر ٽالپر دور جي ايذاءَ ۽ ڏاڍ جو ھو. جنرل سر چارلس جو نقطئھ نظر ھو تھ آرام واري زندگي گذارڻ بدران ڇونھ ھنرمنديءَ واري صنعت کي ترقي ڏيارجي.
سيپٽمبر جي مھيني ۾ ساريءَ سنڌ اندر، انتظاميھ جون سڀ شاخون قائم ٿي چڪيون ھيون. انھيءَ وقت تائين سر چارلس جسماني طور ڏاڍو نٻل ٿي ويو ھو ۽ پنھنجو رھائشگاھھ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ھئائين. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو اتي وڌيڪ آرام سان رھي سگھي. پر حقيقت اھا بھ ھئي تھ ھن سنڌ جي گاديءَ جي ھنڌ طور حيدرآباد کان ڪراچي وڌيڪ مناسب لڳي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڳ سياسي، فوجي ۽ ترت رابطي جي نقطئھ نظر کان ڄڻ سنڌ جي ڪنجي ھو.
ھن جنرل جي انتظامي سرگرمين کي بيان ڪرڻ کان اڳ جيڪڏھن سندس انھن سرگرمين جو ذڪر ڪرڻ بيجاءِ ڪونھ ٿيندو، جن جي ھن سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ابتدا ڪئي ھئي.
آڪٽوبر 1842ع ۾ سنڌ جا سياسي ۽ فوجي معاملا سر چارلس کي سونپيا ويا ھئا. ھي اھو زمانو ھو، جڏھن انگريزن جي فوج افغانستان ۾ شڪست کائي چڪي ھئي ۽ برطانيھ جي ھندستان سرڪار جي مرڪزي طاقت لڏي وئي ھئي. ان وقت جنرل چارلس ھن ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ بلڪل نئون ۽ اوپرو ھو. انگريز سرڪار جا ڪجھھ پوليٽيڪل ايجنٽ بھ کيس مٺو ڀائيندا ھئا. پر ھن ٽن مھينن جي ٿوري عرصي اندر ميرن جي سازشن ۽ منصوبن کان چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪو ھو. ھيءُ اتر سنڌ جي ميرن جي اتحاد کي ٽوڙڻ ۾ سوڀارو ٿي چڪو ھو. جيڪي انھيءَ وقت گڏجي سندس فوج تي حملي ڪرڻ وارا ھئا. ھي سر چارلس جي فوج لاءِ اويڙو ۽ ڏکيو زمانو ھو. ان کان پوءِ اتر سڌ جي ھڪ مير بنا ڪنھن تلوار الارڻ جي لاڙ ڏانھن وڌڻ لڳو ھو. عين انھيءَ زماني ۾ ھن مير علي مراد کي ميرن جي اتحاد کان الڳ ڪرڻ ۾ پڻ سوڀارو ٿي ويو جيڪو اتر سنڌ جي سڀني ميرن ۾ وڌيڪ سگھارو ھو ۽ کيس پنھنجو ڀروسي جوڳو ٻانھن ٻيلي بنائي ورتو ھو.
جنوري 1843ع ۾ ھو پيش قدمي ٿر واري رڻ پٽ ۾ داخل ٿي، امام ڳڙھي نالي قلعي کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھن قلعي کي ٽالپر ڏاڍو مضبوط قلعو سمجھندا ھئا ۽ سندن تصور ھو تھ کيس ڪير بھ فتح ڪري ڪونھ سگھندو.
17 جنوري 1843ع تي ھن پنھنجي ٻھ ھزار کان بھ گھٽ فوج سان بلوچن جي ڇٽيھھ ھزار فوج کي شڪست ڏني. اھا جنگ فقط چار ڪلاڪ ھلي، جنھن ۾ بلوچن جا ڇھھ ھزار فوجي مارجي ويا ھئا. ان فتح کانپوءِ حيدرآباد جي مضبوط قلعي جو مالڪ بڻجي ويو. ان سان گڏ ڇھن ٽالپر حڪمرانن کي جنگي قيدي بھ بڻايو ويو ھو.
ان واقعي کان پوءِ فيبروري مھيني جا باقي ڏينھن ۽ مارچ جا ٽي ھفتا پنھنجي فوجي واين اندر خندقن کوٽائڻ ۾ ۽ قلعي جي مرمت ڪرڻ ۾ گذاريا. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن درياه ۾ بيٺل آگبوٽن جو بچاءُ ڪري سگھجي. انھيءَ زماني ۾ ھو ٽيھھ ھزار تازه دم فوج جي حملي جي ضد ۾ ھو. ماحول ڏاڍو خطرناڪ ھو، پر ان ھوندي بھ سندس حوصلا بلندا ھئا.
ھن 21 مارچ 1843ع تي مير شير محمد کي دٻي جي جنگي ميدان ۾ شڪست ڏني. انھيءَ وقت سر چارلس سان چار ھزار فوج ۽ سندس دشمن وٽ ڇھويھھ ھزار جنگي جوان ھئا. ھن جنگ جو فقط ٽن ڪلاڪن ۾ فيصلو ٿي ويو ھو. جنھن ۾ مير جا پنج ھزار جوان مارجي ويا ھئا. ھن کان پوءِ اڳتي وڌي ھن انگريز ڪمانڊر ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جي قلعن تي ڪاھيو ۽ 18 اپريل تي موٽي حيدرآباد پھتو. انھيءَ زماني ۾ سنڌوءَ ۾ اڃا چاڙھھ ڪونھ آيو ھو. تنھن ڪري سندس رابطا بدنظمي جو شڪار ڪونھ ٿيا ھئا.
اپريل جو باقي حصو ۽ مئي جو سارو مھينو ھو. ٽنڊي الھيار ۽ ميرپور جي قلعن جي مرمت ۾ لڳو رھيو. انھيءَ دوران ھن پنھنجي گورنمنيٽ جي اھم اصولن ۽ منصوبھ بندي جو اعلان ڪيو ھو. سندس ان اعلان ۾ لٺ بھ ڏيکاريل ھئي تھ چٺ بھ. ھن جي اھڙي اعلان کان پوءِ چار سؤ وڏا جاگيردار ۽ قبائلي سردار وٽس ھليا آيا ۽ انگريز سرڪار سان وفادار ۽ تابعدار ھئڻ جو ساڻس واعدو ڪيو ھو. ھڪ پاسي کان ھو بلوچ سردارن کي پاڻ ڏانھن متوجھھ ڪري رھيو تھ ٻئي پاسي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ بلوچ ڌاڙيلن جي ڪاررواين تي بھ ڪڙي نظر رکي رھيو ھو. انھيءَ زماني ھن آگبوٽن جي آرماڙ کي منظم ڪيو ۽ سنڌوءَ جي اوڀاري رخ تي روانو ڪيو. پر اولھھ پاسي وارن قبائلن اھڙي چرپر کي متاثر ڪري وڌو ھو. ان کان سواءِ ھن مير شير محمد جي بغاوتي ڪاررواين کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف ھنڌن جي فوج کي ملائي ھڪ ڪيو. ھن مير نھ رڳو بغاوت ڪئي ھئي، پر شڪست کاڌل بلوچن کي متحد ڪري حيدرآباد ڀرسان بغاوت ڪرڻ جو منصوبو پڻ جوڙيو ھو.
جون جي ابتدائي حصي ۾ ھو مير شير محمد تي حيدرآباد مان ڪاھي ويو، جيڪو ان وقت ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود ھو ۽ سندس فوجي سگھھ کي ڀڃي ڀروڙي ڪرچل ڪري ڇڏيائين. اھو 8 جون جو ڏينھن ۽ گرمائش 132 ڊگريون فارن ھائيٽ ھو. ان وقت تھ کيس ھٿرادو ٿڌي ڪيل تنبوءَ ۾ ھجڻ گھرجي ھا. کيس ڏينھن لڳي ويو ھو. گرمي جي بچاءَ ڪري سندس جسماني سگھھ پوڻي پئجي وئي ھئس. پر پوءِ بھ ھو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود وڳوڙي وايو منڊل کي لوڻ پاڻي ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو ھو. اھا سندس قائم ڪيل حڪمت عمليءَ جي ڦڙتي ھئي. انھيءَ سان گڏ ھن پنھنجي گورنمينٽ جي انتظاميھ جي پڻ تڪميل ڪري ورتي ھئي. ان کان سواءِ ھو سنڌ جي امن آشتيءَ کي قائم ڪرڻ ۾ بھ ڪامياب ٿي چڪو ھو.
سيپٽمبر ۾ گھمي ڪم کيس ڏاڍو متاثر ڪيو ھو. ويتر کيس گرميءَ جي بخار بھ نھوڙي رکيو ھو. سندس صحت بھ گھڻي جھري پئي ھئي. ڊاڪٽرن ھن کي ڪراچيءَ وڃڻ آرام ڪرڻ، ڪم ڇڏڻ يا ٻيءَ صورت ۾ حياتي کي الوداع ڪرڻ جو چيو ھو. ھو پنھنجي ڏھاڙي جي ڪم ڪار کي ڇڏڻ لاءِ راضي ڪونھ ٿيو پر ڪراچي وڃڻ جي حامي ضرور ڀري ھئائين. ھڪ سال کن اڳ ھن پنھنجا پير ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي ڌريا ھئا ۽ ھاڻي ڏھن مھينن کان پوءِ وري اچي ڪراچيءَ پھتو ھو. انھيءَ زماني تائين سنڌ جھڙي اھم ملڪ کي فتح ڪري انھن لکن ماڻھن جي سرڪار جي انتظاميھ جي جوڙجڪ جو بنيادي پٿر رکي چڪو ھو، جيڪي کيس اڳيئي انصاف پسند حڪمران تسليم ڪري چڪا ھئا. پر ھن وقت سر چارلس جي مخالف بمبئيءَ واري ڌر کي انھيءَ خوف ٿي رھيو ھو جو سر چارلس سنڌ جي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن سان ٺاھھ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي ھئي. اھا ساڳي ڌر ڪڏھن سر چارلس خلاف ڀنڊڻي ٻاري ڇڏي ھئي تھ ھو ٽانڊيءَ تپڻو، تيساريو ۽ چيڙاڪ آھي. ھنن اھا بھ واويلا شروع ڪئي ھئي تھ سندس حڪومت اھڙن ماڻھن جي ھمت افزائي ڪري رھي آھي ۽ اکيون ٻوٽي مٿن اعتبار ڪري رھي آھي. جيڪي ويساه ڪرڻ جوڳا ئي ڪونھ آھن. ڪي وري ھن ريت چئي رھيا ھئا تھ بلوچ سردار ٺڳ آھن جن تي ھن اعتبار ڪيو آھي. اھي تھ کيس ڇڏي ھليا ويندا.“ ڪن جو تصور ھو تھ ”مير شير محمد ساري بلوچستان کي، ھن خلاف جنگ لاءِ ڀڙڪائي رھيو آھي.“ ڪن جو بيان وري ھن ريت بھ ڏسبو تھ، ”بلوچن سان سرچاءَ واريون ڳالھيون ڪرڻ پنھنجي ڪمزوري تسليم ڪرڻ برابر آھي. ھنن ماڻھن مان ويساه گھاتيءَ جو اڊڪو ڪرڻ گھرجي.“ ممبئي جو گورنر سر جاج آرٿر بھ ان ڌر جي اجاين ڳالھين کان متاثر ٿي ھڪ خط لکيو ھو، جنھن جي جوابي خط ۾ اھڙين ڳالھين جو اظھار ڪيو ويو جن مٿس مڙھيل ڪوڙن الزامن جو سارو تاڃي پيٽو ئي اڊڙي ويو ھو. ان سان گڏ اھڙو احوال بھ ٻڌايو ويو ھو تھ سنڌ جو انتظام طاقتور ھٿن ۾ آھي.
مير شير محمد پنھنجو ڪٽنب سنڌ ۾ ڇڏي پاڻ قنڌار ھليو ويو آھي. انھن ڳالھين مان لڳي ٿو تھ ھو ٿوري گھڻن ڏينھن موٽي ايندو. ھي ماڻھو پنھنجو سفير پاڻ آھي. ھيءُ اھو بادشاھھ آھي جنھن جو سفير بھ ھي خود پاڻ آھي. حقيقت ۾ ھي تھ پينو فقير آھي، ان کي آخر ڊڄڻ بھ ڇو گھرجي. ھاڻي تھ سنڌ جا سڀ وڏا جاگيردار انگريزن جا دوست ٿي ويا آھن. مون کي پورو يقين آھي، ھو ھر حال ۾ انگريزن جا وفادار ۽ تابعدار رھندا. اھي ماڻھو جيڪي ھنن جي ڊڄ کان دھلجي ويا آھن اھي ٻڌائن تھ اھي ھنن سردارن کان ڇو ڪنبي رھيا آھن. فرض ڪريو تھ اھي بلوچ سردار غدار ٿي ويا آھن تھ ڇا انھن کي مڙسي سان منھن لاءِ مون وٽ بھادر فوج موجود ڪانھ آھي؟ پر ھاڻي تھ ھتان جو عام ماڻھو بھ مون سان گڏ آھي. اھي سڀئي ھڪ ھنڌ گڏ آھن ۽ ٽولين ۾ ورھايل ڪونھ آھن نھ وري انھن کي ڌار ڌار ڪري سگھجي ٿو. ان کانسواءِ بارود بھ اڻ کٽ آھي. ڇا مان انتظام رکي ڪونھ ٿو سگھان ڇا؟ ڇا مان سڀني قلعن جي مرمت ڪرڻ بجاءِ مزاحمت جي تياري مڪمل ڪانھ ڪئي آھي؟ اھڙا ڪم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃا بھ جاري آھن. ڇاڪاڻ تھ مون انھن جي امڪاني ضرورت جو احساس آھي. اھي ڪھڙيون ڳالھيون آھن، جو مون کي لاپراوھھ سڏيو پيو وڃي ٿو. جيستائين اھڙيون ڳالھيون ثابت نھ ٿيون ٿين تيستائين مونکي اجايو لويو ڇو ٿو وڃي. جيڪڏھن حالتن کي ڏسي مان بلوچ سردارن کي جاگيرون ڏئي ٺاھھ لاءِ آماده ڪيو آھي تھ آخر ڪھڙو ڏوھھ ڪيو اٿم؟ سنڌ جا سڀئي بلوچ سردار ۽ سندن پوئلڳ ھٿيار بند ھئا. مان جيڪڏھن کين جاگيرون ڏئي ھٿيار رکڻ لاءِ راضي ڪيو تھ ڇا مان مجرم بڻجي ويس؟ ڀلي جنگ لاءِ بگل جو آواز بلند ڪريو مان پنجاھھ ھزار دشمن کي مھاڏي ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. مونکي فوجي ھئڻ ناتي ھر وقت پوريءَ ريت جنگ لاءِ تيار رھڻ گھرجي. پر سنڌ جي ڇتيءَ گرميءَ ڪري وائڙو ٿي ويو آھيان، پر ماٺ ڪري ڪونھ ويٺو آھيان. ڇاڪاڻ تھ ھن موسم تي منھنجو وس ڪونھ ٿو ھلي. مان پنھنجي خواھش مطابق مزدور پيدا ڪري ڪونھ ٿو سگھان. جيڪڏھن مان انھن کي ٿوري بھ سزا ڏيندس تھ ھو ڪيڏانھن گم ٿي ويندا.“

باب ٽيون: سنڌ جي زمين جي ورڇ

سنڌ جي زمين جي ورڇ، زرعي پيداوار، آبپاشي نظام، ڍل ۽ آمدنيءَ جا ٻيا ذريعا

سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ ۾ ويھي، مختلف ڪليڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ڏنل رپورٽن کي آڏو رکي، سنڌ جي انتظاميھ جي جوڙجڪ جو اھڙو بنيادي پٿر رکيو ھو، جنھن جو تعلق ميرن جي حڪمراني ھيٺ رھندڙ ماڻھن سان ھو ۽ جنھن جي پيش منظر ۾ سنڌ جي بھتري ھئي. اھڙيءَ ريت معلوم ائين ٿيندو تھ گندي حڪومت روح کي ڦٽڪن ھڻڻ برابر ھوندي آھي. اھو گند ڪچرو چوڏس پکريو رھندو آھي ۽ ھيٺ گھرو بھ ويندو آھي. اھڙي گندي قسم جي حڪومت جي تباھي جنگ جي اجاڙ کان وڌيڪ خطرناڪ ھوندي آھي. پر ھوندي سو وقتي آھي. جيئن ان جو دور گذرندو رھندو، انساني قوتون اڀرنديون ۽ اڀار کائينديون رھنديون آھن. ان کان پوءِ ھڪ اھڙي طاقت پيدا ٿيندي آھي، جو انھيءَ گنديءَ حڪومت جي ڇڏيل سڀني خرابين ۽ انھن جي اثرن کي ختم ڪري ڇڏيندي آھي. اھڙو اثر ٻين ڳالھن کان سواءِ پوکيءَ راھي تي بھ پوندو آھي ۽ اھو اثر ڏاڍيءَ دير تائين رھندو آھي. اھو اثر انھن علائقن تي بھ پوندو آھي، جتان ”پو“ Po درياه وھندو آھي ۽ اھي علائقا بھ متاثر ٿي ويندا آھن، جن کي سڪيلڊ Scheld درياه آباد ڪندو آھي. مذڪوره علائقا يورپي ملڪن جا جنگي ميدان رھيا آھن، جيڪي ڪڏھن سکيا ستابا ھوندا ھئا پر ھاڻي تھ اھي ويران لڳا پيا آھن.
ٿوري عرصي واريءَ جنگ دوران بھ عورت جي عزت وڌي ويندي آھي. ڇاڪاڻ تھ مردن جي غير حاضري ۾ گھر جي ضرورتن کي اھي منھن ڏينديون آھن. ان وقت سندن خيالن ۾ مھانتا ۽ مزاج ۾ سنجيدگي اچي ويندي آھي. ان دور ۾ عورت سان مرد جا بھ خيال اوچا ۽ اعليٰ ٿي ويندا آھن ۽ ھر بيھودگي کان دور ھوندا آھن. اھڙيون بھترين ڳالھيون قومي جنگ دوران ڏسبيون آھن. پر گھرو جنگ ۾ اھڙيون اوچيون ۽ ڀليون ڳالھيون ڪونھ ڏسبيون آھن. ڇاڪاڻ تھ گھرو جنگ گنديءَ حڪومت جي علامت ھوندي آھي. جنھن جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندا آھن. سنڌ ۾ بھ اھڙيون گنديون ۽ اخلاق سوز ڳالھيون چوٽ چڙھيل آھن، جيڪي ٽالپر دور جي گندي حڪومت ڪري آھن. جنھن جا ڪردار بھ اھڙا آھن، جو ڏسي اندر کي جھٽڪو لڳي وڃي ٿو. انھن گندين ڳالھين کي صاف ڪرڻ انگريز فاتح جي ذميواري آھي. اھي خرابيون ھاڻي چوٽ چڙھي ويون آھن، جن کي روڪڻ جي سگھھ فقط سر چارلس نيپئر کي آھي، نھ تھ اھي اڃا بھ اڳتي وڌي ساري ملڪ کي تباھھ ڪري ڇڏينديون.
ساري سنڌ جي زمين ٽالپر حڪمرانن جي آھي، جن بلوچ جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. حڪمرانن جو وڌ ۾ وڌ محصول زمين جي پيداوار مان اوڳڙندو آھي. پئسي ڏوڪڙ جي وصوليءَ دوران اھي ايذاءَ رساني کان بھ ڪونھ مڙندا ھئا. ڪن ماڻھن جا عضوا بھ وڍيا ويندا ھئا. حڪمران بھ نالي ماتر ھئا ۽ پئداوار جو اڌ محصول طور وٺندا ھئا. ھر بلوچ حڪمران ۽ ھو سنڌي رعيتي ماڻھو ھوندو ھو. حڪمران انھن رعيتن کان پيداوار جون ٻھ پتيون وٺندي ھئي ۽ ٽين پتي رعيتن کي ملندي ھئي. ھن قسم جي ورھاست کي ٽھ - سھي بٽئي چيو ويندو ھو. ڪڏھن تھ اوڳاڙي ھڪ جھڙي ڪانھ ھوندي ھئي. ڪن ھنڌن تي روڪ رقم بھ ورتي ويندي ھئي، نھ تھ محصول جنس جي صورت ۾ وصول ڪيو ويندو ھو. جن علائقن مان محصول (ڍل) روڪ رقم جي شڪل ۾ اوڳاڙيو ويندو ھو، تھ تن علائقن ۾ ظلم ۽ قھر بھ چوٽ تي چڙھيل ھو. ڪلھوڙن حڪمرانن زمينون موروثي طور ڏئي ڇڏيون ھيون. ۽ ان زمين ۾ تمام گھڻي دلچسپي ورتي ويندي ھئي. جڏھن ساري سنڌ تي ڪلھوڙا راڄ قائم ٿي ويو تھ ملڪ ڏاڍو خوشحال ٿي ويو ھو، پر ٽالپر حڪمران پنھنجي شخصي فائدي ۾ نظر رکندا ھئا. ورثي ۾ مليل سڀئي زمينون مالڪن کان کسيون ويون ھيون. ھارپو فقط رعيتي ماڻھو ڪندا ھئا، جن کي غلام سمجھيو ويندو ھو. ساريءَ سنڌ جي چوٿين حصي جيتري زمين تي شڪارگاھھ بڻايا ويا ھئا. سڀ کان وڌيڪ زرخيز ۽ ڀليون زمينون بلوچ جاگيردارن ۽ بلوچ قبائلي سردارن کي ڏنيون ويون ھيون، جيڪي پوکي راھي ڪرڻ تھ ڄاڻندا ئي ڪونھ ھئا. اٺئي پھر واندا ڪک ڀڃي ٻيڻو بھ ڪونھ ڪندا ھئا، نھ پرواھھ لٿيءَ جي نھ اڀريءَ جي. پر جاگيردار ھجڻ وارو شان اھڙو ڏيکاريندا ھئا، جو سندن پير ڌرتيءَ تي کپندو ئي ڪونھ ھو.
معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ٽالپرن جي ڏاڍاين کان آجا بلوچ جاگيردار بھ ڪونھ ھئا. انھن کي پيداوار جو ايترو حصو ڪونھ ملندو ھو. جيترو حڪمرانن کي سرڪاري زمين جي آبادي تان ملندو ھو. ننڍا جاگيردار تھ ويتر وڏي ڏچي ۾ ھئا. ڇاڪاڻ تھ حڪمران ڪڙين ۽ ڪسين جي کاٽي ڪونھ ڪرائيندا ھئا. تنھن ڪري پوکي راھي مشڪل بلڪ ناممڪن ٿي ويندي ھئي. تنھن ڪري اپت اڌ بھ ڪانھ ٿيندي ھئي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جاگيردارن ۽ حڪمرانن وچ ۾ تڪرار پيو ھلندو ھو ۽ ٽالپر وصوليءَ لاءِ ڏاڍ کان ڪم وٺندا ھئا. جيڪڏھن ڪو جاگيردار پٽ جي اولاد کان سواءِ مري ويندو ھو تھ ھن جي جاگير سندس ڌيءَ کي نھ ملندي ھئي. جيڪڏھن پٽ ننڍا ھوندا ھئا تھ بالغ ٿيڻ کان پوءِ کين پيءُ واري جاگير ڏني ويندي ھئي. ھنن جاگيرن جو اھم مقصد ٽالپر حڪمرانن کي خوش ڪرڻ ھوندو ھو ۽ خاص موقعن تي انھن کي قيمتي تحفا بھ ڏنا ويندا ھئا.
ڍل طور سرڪار اناج وصول ڪندي ھئي، جيڪو وري ھندو واپارين کي ڏنو ويندو ھو. ٽالپر سرڪار مٿن ڏاڍ ڪري ھڪ کان ڏيڍوڻ اگھھ تي ان ڏيندي ھئي. واڻيان ويچارا ڪچي پنڊي سو سزا جي ڊڄ کان ميرن جون اره زورايون ۽ ڏاڍايون مڃي ويندا ھئا. مير نصير خان 1842-3ع ۾ ھڪ ھندو واپاريءَ کي مجبور ڪيو ھو تھ کانئس ساريون في خرار 26 روپين ۾ خريد ڪري. جڏھن تھ چانورن جو کليءَ بازار ۾ اگھھ ارڙھن کان ويھھ رپيا ھو.
سنڌ ۾ پوکي راھي جو سارو دارومدار آبپاشي نظام تي آھي. ٽالپر حڪمران رعيت کان زوريءَ پوکي راھي ڪرائيندا ھئا. ھن خاندان پنھنجي حڪمرانيءَ جي ساري دور ۾ ڪوبھ خرچ نھ ڪيو ھو. سنڌ جا سڀ ننڍا وڏا واھھ ڪڙيا ۽ ڪسيون اڳين حڪمرانن جون کوٽايل ھيون، جن کي پنھنجي ھڙئون خرچ ڪري صفائي بھ ڪونھ ڪرائيندا ھئا. ھتان جي آبادي فقط سنڌوءَ جي چاڙھھ واري موسم تي ٿيندي ھئي. جڏھن واھن مان پاڻي اچڻ صفا بند ٿي ويندو ھو تھ پوءِ بھ مير کاٽي ۽ صفائي واسطي تمام ٿورو خرچ ڪرڻ چاھيندا ھئا. اھڙيءَ ريت کاٽي ۽ صفائي بھ مختصر ٿيندي ھئي. پھرين ڳالھھ تھ اٿل وارو پاڻي چاڙھھ ڪري پنھنجي پھچ تائين ٻنيون ۽ ٻيلا ٻوڙي وڃي پار پوندو ھو. باقي ٻيءَ زمين جي آبادي لاءِ واھھ ڪڙيا ۽ ڪس کوٽائي پاڻي پھچايو ويندو ھو ۽ فصل نار جي مدد سان ڀڄايا ويندا ھئا. جتي شخصي مفاد وڌيڪ ھوندو ھو تھ بٽئي اڌو اڌ ھوندي ھئي ۽ فصل جي پيداوار جو اڌ سرڪار جو ۽ اڌ جاگيردار جو ھوندو ھو. ڪٿي وري پنج سھي بٽئي ھوندي ھئي. ھن قسم جي تقسيم مطابق پيداوار جا پنج حصا ڪيا ويندا ھئا، جن مان ٻھ حصا سرڪار کڻندي ۽ ٽي حصا جاگيردار کي ملندا ھئا. پر اھڙي بٽئي جو دارومدار آبپاشي نظام جي سھوليت ۽ سھي تي ھوندو ھو. جيڪڏھن زمين ڪسھي ھوندي ھئي تھ سرڪار جو حصو گھٽ ٿي ويندو ھو ۽ جيڪڏھن پاڻي جي پيچ اڻانگي ھوندي ھئي تھ سرڪار پيداور جو اڌ وٺندي ھئي. وڌيڪ ڍل انھيءَ زمين تان اڳاڙي ويندي جتي نوان واھھ کوٽايا ويندا ھئا. پر سرڪار جا اھڙا حصا بھ نالي ماتر ھوندا ھئا ھر مير جي حڪمرانيءَ اندر ڍل جا اگھھ ڌار ڌار ۽ پنھنجا ھوندا ھئا، پر ھڪ ئي مير جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر بھ ڍل جا اگھھ مختلف ھوندا ھئا.
ڍل جي وصوليءَ جو ھڪ طريقو بٽئي ھوندو ھو، جنھن مطابق ٽالپر سرڪار زمين جي پيداوار جو حصو جنس جي شڪل ۾ کڻندي ھئي. ٻيو طريقو ڪاسگي Kasgee جو ھوندو ھو. ان طريقي مطابق ميرن جو ڪاردار بيٺل فصل جو اندازو ڪري، ان جا ڪاسا مقرر ڪندو ھو. جڏھن اناج ڳاھجي ۽ واور جي صاف ٿيندو ھو تھ مير جو مقرر ڪيل سيٺ اچي مقرر ڪيل ڪاسن جي وصولي ڪندو ھو. جڏھن تھ ٽيون طريقو داڻبندي danbandi جو ھوندو ھو. ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ ۾ فرق ھي ھوندو ھو تھ آباد زمين جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ ڪاسگي مقر ٿيندي ھئي. جڏھن تھ داڻبندي فصل جي ڀلائي ڍلائي کي ڏسي پوءِ مقرر ڪئي ويندي ھئي. رعيتي ماڻھو جيڪي ھاري ھوندا ھئا، سي بٽئيءَ کان وڌيڪ ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ کي پسند ڪندا ھئا، پاڪاڻ تھ بٽئي واري طريقي ۾ رعيتي ويچاري تي ٻيون ڳالھيون بھ مڙھيون وينديون ھيون. جھڙوڪ: ڪارائو جيڪو بيٺل فصل تي نظرداري ڪندو ھو، ان جي ماني ٽڪي بھ رعيتي مٿان ھوندي ھئي. لاباري کان پوءِ ڳاھن ڳھڻ ۽ ان جي واورجي صاف ٿيڻ تائين ديري تي راکو ويھندو ھو جنھن جي خرچ پکي جو بار بھ ھاري جي ڪنڌ تي ھوندو ھو. جنھن ڏينھن ڪاردار بٽئي ڪندو ھو تھان سان گڏ آيل اٽالي جي ماڻھن جو خرچ پکو بھ ويچارو رعيتي ڀريندو آھي. تنھن ڪري انھن ڏچن کان بچڻ واسطي ھي ماڻھو ڪاسگي ۽ داڻبندي کي وڌيڪ پسند ڪندو آھي. اھڙي ريت پيداوار جي تقسيم سان لاڳاپيل ڳالھيون ميرن ۽ ڪاردارن جي مرضيءَ مطابق پيون ڦرنديون رھنديون آھن. رعيتي ماڻھن کي ميرن جي مٿئين حصي head money بھ ڀرڻي پوندي ھئي. ان کان سواءِ ميرن جي اناج کي سرڪاري ڀانڊ تائين پھچائڻ جو خرچ پکو بھ رعيتي ڀريندو ھو. اھڙن خرچن کان پوءِ وٽس ايترو ان ڪونھ بچندو ھو جو پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگھي ۽ ايندڙ سال جي فصل لاءِ ٻج بھ بچائي سگھي، تنھن ڪري کيس ميرن کان اھو ساڳيو سندس ئي ان ڏاڍي مھانگي اگھھ تي ملندو ھو.
ھنن حڪمرانن جي اھڙن ڏاڍ کان جت ۽ کوسا آباد علائقا ۽ ڀليون زرخيز زمينون ڇڏي وڃي ٿر ۾ آباد ٿيا آھن. سندن خيال آھي تھ ھنن حڪمرانن کان تھ ٿر جي سڃ چڱي آھي. ھت بھ جاڏي نھار تھ سڃ پئي ٿي واڪا ڪري، رعيتي ماڻھو ڪنگال ٿي ويا آھن. ھنرمند بھ لڏي، پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ٻين ملڪن ۾ سک جو ساه کنيو آھي، سنڌ ۾ تھ انھن جو نانءُ نشان بھ ڪونھ آھي.
ھتان جي صنعتڪار ۽ واپاريءَ جو بھ ساھھ مٺ ۾ آھي، پر ھنن مان ھندو ماڻھو چالاڪ ۽ اٽڪلي آھن، تنھن ڪري ھو پنھنجو بچاءُ ڪري سگھندا آھن. اھا ويجھي ماضيءَ جي ڳالھھ آھي جو سنڌ سوٽي ڪپڙي ۽ شالن ڪري ڏاڍي مشھور ھوندي ھئي. ھن صنعت جو مشھور شھر ٺٽو ھوندو ھو. جيڪو لاڙ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان واقع آھي ۽ ڪنھن زماني ۾ ھي وڏو ۽ مشھور شھر ھوندو ھو. پر اڄ ھن شھر جي چاليھھ ميل چوڌاري سڃ پئي واڪا ڪري. ٺٽي شھر ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو بھ ڏٺو ويو ھو، جيڪو ڇويھن سالن کان وٺي ھڪ ننڍڙي پڃري ۾ بند ڪيو ويو ھو. چيو ويندو آھي تھ ھن ھڪ ننڍڙو جرم ڪيو ھو. ھاڻي ڊگھي قيد ڪري چريو ٿي پيو آھي. ٽالپر حڪمران رڳو ان ماڻھوءَ کي اھا سزا ڪانھ ڏني ھئي، پر ھن جي ساريءَ آڪھھ کي مجرم قرار ڏنو ھو. اھو ٽالپرن جي ڏاڍ جو ڪو اڪيلو مثال ڪونھ آھي، پر ٺٽي ٻاھران ھڪ ٽڪري تي اڪريل ھڪ صاف ۽ پڙھڻ جوڳي تحرير ۾ موجود آھي. سنڌ الله تعاليٰ طرفان وڇايل ھڪ اھڙي زرخيز ڌرتي آھي جنھن ۾ خوفناڪ ۽ ڪرڀ جھڙن ماڻھن اچي پير رکيا ھئا، جيڪا پوءِ اھڙي ويران ٿي وئي. ڇاڪاڻ تھ اجڙيل شھر ٺٽي کان ٿوريءَ وٿيءَ تي ھڪ علائقو (مڪلي) خوبصورت مقبرن سان سينگاريل ڏسجي ٿو، جن تي پٿر جي اڪير جو ڪم ٿيل آھي. اھڙين ڳالھين مان نظر ائين اچي ٿو تھ سنڌ جا اصل رھاڪو ڪيڏا نھ خوشحال ھئا، جيڪي ھينئر فقيراڻيءَ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن جي جڳھھ ھاڻي ميرن ۽ گدلن ماڻھن اچي والاري آھي. زراعت بھ اھا ساڳي ڪانھ رھي آھي، جيڪا پڻ زوال پذير آھي. وحشي جھنگلي ماڻھن جي ان حڪومت جي تبديلي ضروري ھئي. ٽالپرن نھ رڳو سنڌ جي زراعت کي نھوڙي ناس ڪري ڇڏيو ھو پر وڏا محصول مڙھي درياه وسيلي آمدني ۽ روانگي واپار کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو. جيڪڏھن ھي اڃا ٻھ ٽي سال وڌيڪ حڪومت ڪن ھا تھ ھي سکي ستابي سنڌ ويران رڻ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ بچي ھا.
ھن ملڪ جي آدمشماري ڏھھ لک کن ٿيندي جيڪا ميرن جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڪنگال ٿي وئي آھي. نھ تھ ھن ملڪ جي زمين ايڏي زرخيز آھي جو ڏھھ ملين ماڻھو پنھنجي زندگي عزت آبرو سان گذاري سگھن ٿا. ٽالپر حڪمران اھڙي تباھي آڻي ڇڏي آھي جو تازين جنگين بھ ايتري ڀينگ ناھي ڪئي، ھن ملڪ جي فتح جي اھي ماڻھو گلا ڪري رھيا آھن، جن جي عادت ئي گلا ڪرڻ ھوندو آھي. پر قدرت دخل اندازي ڪري ھڪ تھذيب کي موٽائي ورتو آھي ۽ مايوس دلين کي جيئڻ جي آس ۽ اوسيئڙو ڏنو آھي.
ڪن ماڻھن چيو آھي تھ سنڌ جي فضا اھڙي آھي جنھن مان وچڙندڙ بيماريون پکڙبيون. اھي ڳالھيون انھن جون آھن جن کي سنڌ جي وسيلن لٽڻ جو موقعو ڪونھ مليو آھي. پر حقيقت اھا آھي تھ ھتي ڪجھھ ماڳ ۽ ڪي موسمون اھڙيون آھن جنھن ڪري ماڻھو ٻرجي پوندا آھن. ان جو ڪارڻ بي انتھا گرمي آھي ۽ ٻيو تھ سنڌوءَ جي چاڙھھ کان پوءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ چرون آھن، ان کان سواءِ شڪارگاھن جي وڏن ٻيلن ڪري مليريا پيدا ٿي پوندي آھي. ان کانسواءِ ٽالپر حڪمرانن سنڌين ويچارن کان ڀليءَ ۽ آباد زمين جا وسيع علائقا کسي ورتا آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھيءَ زمين تي شڪار گاھھ قائم ڪري سگھن. ڇاڪاڻ تھ اھي بلوچ حڪمرانن جو ڏاڍ سھي ڪونھ ٿي سگھيا ۽ لڏي ھليا ويا ھئا. ڪراچي بھ سنڌ جو صحت بخش ماڳ آھي. جيڪڏھن ھتي ھڪ سٺي حڪومت قائم ٿي وئي ۽ امن امان بحال ٿي ويو تھ سنڌ وري بھ خوشحال ۽ سکيو ستابو ملڪ بڻجي ويندو ۽ ائين شھرن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مدد ڪندو جيئن اھو اڳي ڪندو رھيو آھي. اھڙي بھتر حڪومت فقط سر چارلس نيپئر ئي قائم ڪري سگھي ٿو. امن امان بھ اھو بحال ڪري سگھي ٿو ۽ تباه ٿيل شھرن جون رونقون پڻ اھو موٽائي سگھي ٿو. ھن سنڌ جي انتظاميھ جي ٻين شاخن سان گڏي عوامي ڀلائي جا ڪم بھ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آھن. ھو ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھي تھ سنڌ کان ٻاھر نڪري ويل ھنرمند وري ھيڏانھن ورن ۽ تھذيب بھ موٽي اچي.
ھي پاڻ بھ وسيع نظر جو مالڪ آھي. سندس سرگرميون بھ اڻ کٽ آھن. ھن ملڪ ۾ قديم شھر ۽ وسنديون بھ تمام گھڻيون آھن. تنھن ڪري ھو رھبريءَ لاءِ انھن شھرن ڏانھن نھاري رھيو آھي. ھن يونان جي ڏاھن ماڻھن جي لکيل ڪتاب ۾ ڪي ماڳ ڏٺا ھئا، جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري مٿان واقع ھئا. پر ھي درياه جي دھشت، مستيءَ ۽ سندس رخ بدلائڻ واري خاصيت کي ڏسي، اترين ماڳن جي موجودگيءَ کان مايوس ٿي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ سڪندر اعظم کي ھتي آئي ڪيئي صديون گذري ويون ۽ سنڌو ان دور جي وھڪري کان گھڻو پري ھليو ويو ھوندو. پر روھڙي، سيوھڻ ۽ جھرڪ جبل تي جوڙيل شھر ھئا، جن سنڌوءَ جي وھڪري کي رخ بدلائڻ کان روڪي ڇڏيو ھوندو. تنھن ڪري سمجھيو ھئائين تھ اھي ماضيءَ جا اھم شھر ھوندا. ان وقت ھن سوچيو ھو تھ ھو پنھنجي فتح کي ڪھڙي طريقي سان دوام بخشي سگھي ٿو. کيس پنھنجي قد جي سپاھين جي صحت جي بھ ڳڻتي ھئي. حيدرآباد ڇڏڻ کان اڳ ھن صحت افزا جاءِ تي بئرڪون جوڙايون ھيون، جيڪي چوويھھ فوٽ اوچيون ھيون ۽ زمين جي عام مٿاڇري جي سطح کان مٿي ۽ ٻھ ماڙ ھيون، جيڪي ھوائي منگھن سان سينگاريل ھيون. مذڪوره بئرڪن جي تعمير ۾ عاليشان پڪل سرون ڪتب آنديون ويون ھيون. اھڙين سرن لاءِ حيدرآباد جي کورن جي مالڪن کي تاڪيد ڪيو ھو، جيڪي ڪنڀارڪو ڪم ڪندا ھئا. ميرن جي ڏاڍ ڪري سنڌ جو اھو فن بھ سڪرات ۾ ھيو. ھن ڪراچيءَ واريون بئرڪون بھ حيدرآباد وارين بئرڪن جي نموني مطابق ٺھرائڻ پئي چاھيون، پر انھن بئرڪن جي تعمير جو ڪم جنگ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو ھو. سندن نمونو بھ عام فوجي بئرڪن جھڙو ھو. تنھن ڪري ھو وڌيڪ تھ ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. پر بئرڪن جي تعمير ۾ فقط ورانڊي جو اضافو ڪيو ھئائين، جيڪا انھيءَ وقت ممڪن ھئي، پر ھن ارس آرٽيلري سان لاڳاپيل فوجين لاءِ ڪجھھ بئرڪون تعمير ڪرايون ھيون، جيڪي پنھنجا اڏاوت ۾ ڏاڍيون شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن ٻيا بھ سرڪاري ڪم ڪرايا ھئا.
حيدرآباد ۾ ھن ميرن جي تعمير ڪرايل اھم قلعي جي مرمت ڪرائي. سندس پنھنجي فوجي ڪئمپ ۾ نئين خندقن کي جوڙايو ۽ رھيل ڪم پورو ڪرايو. جنگ وارين ٻنھي جڳھن جي وچ تي ھڪ ننڍڙو قلعو جوڙايو آھي. ان کانسواءِ سر چارلس ھن ڳالھھ تي پڻ سوچيو ويچاريو ھو تھ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت زمين کي کائڻ کان ڪھڙي ريت روڪي سگھجي ٿو. ھن کان سواءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ اٿل وارو پاڻي ڪوٽڙي جي قلعي کان ھڪ سو گزن تائين پھچي ويندو ھو، جيڪو ھن وھڪري کان اڍائي گز پري ھو. ھن پنھنجي تجربي کي آڏو رکي، دريا جي ڪناري سان ٻارھن فوٽ ڊگھا منگھا کوڙائي، پٺئين پاسي کان جھنگ جي جھاتر ڏياري ڇڏي ھئي. جنھن ڪري سنڌوءَ جي چاڙھھ وارو پاڻي قلعي ڏانھن وڌڻ رڪجي ويو ھو.
سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو وھڪرو ايڏو طاقتور ۽ تيز ھوندو آھي، جو ڪيترا شڪارگاھھ ۽ ٻيون زمينون پاڻيءَ ۾ وھائي کڻي ويندو آھي. تنھن ڪري ھن درياھھ وسيلي آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت بھ رڪجي ويندي آھي.
حيدرآباد کان اوڀر پاسي ٽنڊي الھيار جو ھڪ وڏو قلعو آھي جنھن جي مرمت ۽ ميرپور خاص واري قلعي کي ڏنل ديوارون بھ ڪمزور ٿي ويون ھيون، جن جي پڻ ھن مرمت ڪرائي ھئي. ھنن ماڳن ۾ حيدرآباد جي وچ تي وڏن واھن تي پليون تعمير ڪرايون ھيون، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن سنڌوءَ جي چاڙھھ واري رت ۾ آمد رفت جاري رھي سگھي.
ٿر ۾ عمرڪوٽ نالي ھڪ مشھور قلعو آھي، جنھن وسيلي ميرپورخاص ۽ ڪڇ جي ڀڄ شھر جو رابطو رھندو آھي.
ھن کان اڳ ڪڇ وارو علائقو ممبئي پريزيڊنسي ۾ ھو، جيڪو ھاڻي سر چارلس جي حڪومت سان شامل ڪيو ويو آھي. پر ان ھوندي بھ ڪڇ جو اڳوڻو پوليٽيڪل ايجنٽ اڃا بھ اتي رھندو آھي. ھي معزز شخص ھڪ ايماندار سرڪاري ملازم آھي. ليڪن فوجي سرگرمين جي کيس ڪا ڄاڻ ڪانھ آھي. جڏھن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي فوجي ڪارروائي ھلي رھي ھئي، تھ ھي ماڻھو ڏاڍو پريشان ٿي ويو ھو. تنھن ڪري ھن فوجي سرگرمين لاءِ ڪڇ ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو. ھن آفيسر ھڪ فوجي ڪارروائي ۾ مير شير محمد جي ڀاءُ کي سوگھو ڪري ڀڄ ۾ رکيو ھو، جيڪو آزاد قسم جو فوجي ماڳ آھي. لارڊ ايلنبرو ڏاڍو سڃاڻ ۽ سچيت ماڻھو آھي، جنھن حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ڪرنل رابرٽس کي ڪڇ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو. ھي فوجي عملدار ڏاڍو ڏاھو ھو، جنھن ٿوري وقت اندر ڪڇ جي راءِ ۽ اتان جي ماڻھن سان شناسائي پيدا ڪري ورتي. ان کان سواءِ ھو علائقي جي جتن ۾ بھ ڏاڍو مقبول ھو. ھي قبيلو ٽالپرن جو مخالف ھو. ھي ماڻھو انھيءَ عھدي لاءِ بلڪل موزون ھو. کيس ھڪ اھڙي غير فوجي عملدار جي جاءِ تي رکيو ويو ھو، جيڪو ان وقت جي حالتن تي ضابطي ھيٺ رکي ڪونھ سگھيو ھو. ممبئي ۾ رھندڙ ھڪ ڌر ھن ڳالھھ کي وٺي انگھن تي کنيو ۽ تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ۽ چيو ويو تھ، ھڪ غير فوجي عملدار کي ھٽائي فوجي عملدار کي مقرر ڪري، ملڪ سان غداري ڪرڻ جھڙو ڏوھھ ڪيو ويو آھي. سندن خيال آھي تھ اتي اھڙي فوجيءَ کي مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن کي وڳوڙي وايو منڊل جي ڪا خبر ئي ڪانھ آھي. جڏھن تھ اڳيون غير فوجي سول عملدار ان وقت جي خطرناڪ صورتحال جو مھا ڄاڻو ھو. انھيءَ ڌر لاءِ عملدارن جي اھا تبديلي اھڙو جرم آھي، جيڪو ڪڏھن بھ معاف ٿي ڪونھ ٿو سگھي.
حيدرآباد ھيٺ جھرڪ نالي ھڪ ماڳ آھي، جنھن جي سر چارلس جاچ پڙتال ڪئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ان کي آگبوٽن جي اسٽيشن بڻائي سگھجي. ان کان سواءِ ھن حيدرآباد کان مٿي سيوھڻ کي فوجي پوسٽ بنائڻ جو پڻ سوچيو ھو. توڙي جو اھو ماڳ گرميءَ ڪري گھڻو مشھور آھي. گرمي بھ اھڙي ڇتي آھي جو خود اتان جا رھواسي پٽڪو پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ بستري جون چادرون پاڻيءَ ۾ آليون ڪري استعمال ڪندا آھن تھ جيئنءَ گرميءَ کان بچاءُ ٿي سگھي. اتي جيڪڏھن ماحول مطابق سٺيون بئرڪون جوڙيون ويون تھ فقط فوجي سپاھي رھائي، ھڪ فوجي پوسٽ قائم ڪري سگھجي ٿي.

سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ ۽ ترقي لاءِ ڪوششون
سيوھڻ کان اتر سکر بکر ۽ روھڙي جا ماڳ آھن. ھتان جا ماڻھو ھنن شھرن کي انھيءَ ھڪ نالي سان سڏيندا آھن. اتي انھن ماڳن کي مضبوط ڪيو ويو آھي، جتي فوج رھندي آھي. ھتي موجود ھڪ وڏيءَ سراءِ کي وڌايو ۽ سڌاريو ويو آھي. جيڪو ھڪ اھم تجارتي ھنڌ آھي.
لارڊ ايلنبرو جي سوچ بھ ساڳي ھئي، جنھن جي خواھش آھي تھ انھيءَ ماڳ کي سڌارجي ۽ وڌائجي. انھيءَ لاءِ تھ جيئن وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ وقت، ھن تعمير مان گھڻي کان گھڻو فائدو حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ تھ تجارت سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي ھلندي. سر چارلس جو ھي بھ منصوبو ھو تھ سکر ۾ ھڪ تجارتي بندر ۽ ٻيڙين جي ٺاھڻ لاءِ ”ڊاڪ يارڊ“ بھ تعمير ٿيڻ گھرجي تھ جيئن سنڌوءَ درياه جي اتر وارين شاخن سان ٿيندڙ تجارت لاءِ سھوليت پيدا ٿي سگھي. ھن جنرل پنھنجي حڪمت جي آخري دور ۾ ھتي گھوڙن جي ميلي منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس مقصد ھو تھ افغانستان ۽ ترڪستان جي ڀلن گھوڙن جي خريد و فروخت ھتي ٿئي ۽ ھندستان جي فوج لاءِ ڀلا ۽ سگھارا ۽ متارا گھوڙا ملي سگھن. عربي نسل جا گھوڙا مھانگا ۽ وڙ وجھھ ۾ بھ پوڻا ھوندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ افغانستان ۽ ترڪستان جا گھوڙا ڀلا ۽ مھانگا ھوندا آھن. اھو وچ ايشيا ۽ ممبئي جي وچ تي تجارت جو ھڪ اھم مارڪيت ھو، جنھن جي قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙيون ڪوششن ٿي رھيون ھيون، بنگال ڏانھن بھ افغانستان ۽ ترڪستان جا سوين گھوڙا موڪليا ويا ھئا، جيڪي ردي قسم جي عربي گھوڙن کان بھ گھڻا سھانگا ھئا. اھڙا گھوڙا فقط فوجي مقصدن خاطر گھرايا ويا ھئا، پر مفاد پرست ۽ حاسد قسم جي فوجي عملدارن ھن ڪم ۾ رنڊڪون وجھي ڇڏيون ھيون. انھيءَ زماني ۾ اوچتو ھڪ حڪم اچي پھتو ھو تھ افغانستان ۽ ترڪستان جي گھوڙن جي تجارت بند ڪئي وڃي. لارڊ ايلنبرو جي وڃڻ کان پوءِ ھي ۽ ٻيا اھم منصوبا بند ڪرايا ويا. ھن ڪڌي ڪم ۾ بورڊ ۽ ڪائوسنل جا ماڻھو بھ شريڪ ھئا، جن کي پنھنجي ڪامورا شاھيءَ واري ھڪ ھٽي گھڻي پياري ھئي.
ھنن ٻنھي شھرن کان اوڀر طرف سروي ڪرڻ جي غرض سان ڪن انجنيئرن کي موڪليو ويو آھي، جنھن جو مقصد آھي تھ ناري درياه کي وھائي سگھجي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھن ٽڪرين کي سرسبز ڪري سگھجي، جيڪي گھاٽن جھنگن سان ڇانيون پيون آھن. ان کانسواءِ اھڙين ڀلين زمين جي وسيع خطي کي آباد ڪري سگھجي، جيڪو ھن سڪي ويل درياه جي ڪنڌين ڪنارن سان واقع آھي.
سنڌوءَ جي الھندي ڪناري سان بھ سڌارن جي منصوبي جي ابتدا ڪئي وئي آھي، جنھن جو مقصد شڪارپور واري علائقي کي سکيو ستابو بڻائڻ آھي. انھيءَ منصوبي سان ھڪ وسيع علائقو صحت بخش بڻجي ويندو. ھيءُ شھر وري تيزيءَ سان ترقي ڪري اڳيون عروج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي، تھ وڏا واپاري ۽ شاھوڪار ماڻھو لڏي ھتي اچي آباد ٿي رھيا آھن. اھڙن ماڻھن جو تعلق مختلف ملڪن سان آھي، پر سر چارلس جي نياءَ ۽ نيت پت واري راڄ کي ڏسي ھندستان جي متعلق ڀاڱن کان ماڻھو لڏي اچي شڪارپور ۾ آباد ٿي رھيا آھن. تپاولي تھ شڪارپور ۽ سکر ۾ اڻيھھ ئي رھندي آھي. سر چارلس پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، جڏھن ھڪ شھر صحت بخش ٿي ويندو آھي تھ ٻئي ۾ تپاولي شروع ٿي ويندي آھي. اھڙي صورتحال مختلف قسم جي ھوا جي ڪري آھي. تنھن ڪري ھو انھيءَ نتيجي تي پھتو ھو تھ مليريا جو تپ پاڻي جي انھن ڍنڍن ۽ ڇرن کان شروع ٿئي ٿو، جيڪي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ تي آھن ۽ سنڌوءَ جي اٿل واري پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿي وينديون آھن. ھن پھرين ڳالھھ اھا ڪئي جو ٻنھي شھرن کي ڳنڍڻ لاءِ ھڪ رستو تعمير ڪرايو. جتي جتي ڍنڍون ۽ چرون ھيون، اتان دمدمون ٺھرائي رستي کي گذاريو ويو. انھيءَ لاءِ تھ جيئن اھي ٻئي وڏا شھر تجارتي طور ھن رستي وسيلي پاڻ ۾ گڏجي وڃن. ان کان سواءِ سنڌو جي پاڻيءَ کي اوسي پاسي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ھڪ بند بھ تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ڪافي اوچو ۽ ٽيھھ ميل ڊگھو آھي.

ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ رٿابندي
سرڪار ڪراچي کي بھ اھڙن ڪمن کان ڪونھ وساريو ھو. ھن فوجي ڇانوڻيءَ جي چوڌاري ھڪ مضبوط قلعي اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ سنڌ کي فوجي ضابطي ھيٺ رکي سگھجي. ھن شھر جي آدمشماري بھ نھايت تيزيءَ سان وڌي رھي آھي. جنھن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بھ مختلف منصوبا ھٿ ۾ کنيا ويا آھن تھ جيئن ھن تجارتي شھر جي مناسب اوسر ۽ ترقي ٿي سگھي. ان کان سواءِ سندس حڪومت جو اھي بھ ڪوششون ھلي رھيون آھن تھ ھن اھم تجارتي شھر کي سنڌوءَ جو اھم بندر بھ بڻائي سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن منصوبي جي مشڪلاتن مان بھ پار پوڻو آھي. سمنڊ جي ويجھڙائي وارو علائقو جابلو آھي. پر اصل ڪنارو سڌو ۽ بندر وارو سامونڊي پاڻي تانگھو آھي. تنھن ڪري جھازن کي بندر تائين پھچڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پوي ٿي. پر چوماسي ۽ مينھوڳيءَ واريءَ موسم ۾ بندر تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي ويندي آھي. ھن آزار کي گھٽ ڪرڻ جي ارادي سان لائيٽ ھائوس تعمير ڪرايو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تھ جيئنءَ جھاز سولائيءَ سان بندر ڀيٽي سگھن. ھن کان سواءِ ھڪ دمدمو بھ تيار ڪيو ويو آھي، جيڪو ٻھ ميل اندر سمنڊ ۾ ھليو وڃي ٿو.
تعمير جي ھن ڪم جو مقصد بندر کي بچائڻ آھي. ساڳيءَ ريت شھر بھ ايراضي جي لحاظ کان گھڻو وڌي ويو آھي. جنھن کي پڻ تحفظ ڏيڻ جي ڪوشس ٿي رھي آھي.
ھنن ڪمن کان سواءِ سنڌو درياه ۽ ڪراچي جي بندر کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ گھارا ڪئنال جي نالي ھڪ واھھ کوٽائڻ جي پڻ ابتدائي ڪئي وئي آھي. فوجين ۽ چيف ڪيمساري جي ترڻ واسطي تلاءَ بھ تيار ٿي رھيا آھن. ڪراچيءَ ڀرسان زمين جي وڏي خطي تي سرڪاري باغ لڳايو ويو آھي. جنھن جو انتظام ميجر بلينڪنس جي حوالي آھي. ھن باغ ۾ ھتان جي ديسي سبزي ترڪاري ۽ يورپي ڀاڄيون پوکجي رھيون آھن، جيڪي فوجي سپاھين کي مفت ۾ ۽ عملدارن کي پئسن سان ملنديون آھن، پر قيمت مناسب ورتي ويندي آھي. اڳي سروي جو آزار تمام گھڻو ھوندو جيڪا ھاڻي بلڪل ختم ٿي وئي آھي. سنڌ ۾ ڀاڄيون ڏاڍيون ڀليون ٿينديون آھن، جن ۾ واڌ بھ گھڻيي ٿيندي آھي.
باغ جي ضرورت وڌندڙ شھر جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ، ڦوارا تعمير ڪرڻ، شھر جي ماڻھن جي تفريح، پاڻي کي ماڻھن جي گھرن تائين پھچائڻ جو ھڪ منصوبو جوڙيو ويو آھي. جنھن مطابق ملير يا مليريي ندي جو منھن موڙي ان جي پاڻي کي ڪتب آڻي سگھجي ٿو. جيڪا ھتان کان ٻارنھن چوڏھن ميل پري آھي. آخر ۾ ان نديءَ جو پاڻي نولن pipes وسيلي ڪياماڙيءَ تائين بھ پھچائي سگھبو. ان کانسواءِ ھي پاڻي جھازن لاءِ بھ استعمال ڪري سگھجي ٿو. اھو منصوبو نھايت ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ جھازن ۾ استعمال لاءِ پاڻي تمام گھڻي پنڌ تان آندو ويندو آھي، جنھن تي خرچ بھ حد کان زياده اچي ويندو آھي.
اميد آھي تھ ھن اھم منصوبي تي ھاڻي جلد ئي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي، جنھن جي خرچ جو تخمينو ھڪ ھزار پائونڊ في ميل ڪيو ويو آھي. پر ھاڻي تھ لارڊ ايلنبرو، سر چارلس کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو آھي. ھن کان پوءِ جيڪا حڪومت ايندي سا ھن اھم منصوبي تي خرچ ڪرڻ ڪانھ چاھيندي. پر اھي خط بھ پڙھڻ گوارا ڪانھ ڪندي، جيڪي ھن منصوبي جي اھميت ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ڪراچيءَ جو پاڻي خراب آھي، جنھن ڪري فوجين ۽ عام ماڻھن کي تڪليف جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.
ھتي ھڪ ڳالھھ ضرور ياد رکڻ گھرجي تھ لارڊ ايلنبرو، سر چارلس جي ھر ڪم ۾ وڏي مدد ڪندو ھيو ۽ مٿي بيان ڪيل ڪمن جي عزت ڪندو ھو. ھنن مان ڪجھھ ڪم اھڙا بھ ھئا، جن جي تڪميل لاءِ ھن عظيم شخصيت پاڻ سوچيو ويچاريو ھو ۽ ڪجھھ ھن جي راضپي سان اڳتي آندا ويا ھئا. ھڪ ڪم اھڙو جنھن تي ھنن ٻنھي گڏجي سوچيو ھو. اھو منصوبو سنڌوءَ مان ڪڇ کي پاڻي ڏيڻ جو ھو، جيڪو ڪلھوڙن حڪمرانن ۽ ان کان پوءِ ٽالپرن بند ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪڌو ڪم ائين ھو جيئن البوقرق نيل درياه جو منھن تبديل ڪري مصر کي سڪائڻ پئي چاھيو. سندن منصوبو ھو تھ شاھبندر وٽان سنڌوءَ جو ڪجھھ پاڻي ڪڇ ڏانھن موڙيو وڃي. لارڊ ايلنبرو جي مرضي ھئي تھ ويران ٿي ويل ڪڇ کي وري آباد ڪرڻ گھرجي. سر چارلس جو اھو بھ منصوبو ھو تھ ناري درياه کي نئين سر وھايو وڃي. ائين ٿيڻ سان نھ رڳو ڪڇ کي پاڻي ملي وڃي ھا، پر ناري جي اولھھ ڪٺار سان جيڪو ڀليءَ زمينن جو وسيع خطو ويران پيو ھو، سو بھ آباد ڪري سگھجي ٿو. ھي منصوبو تمام وڏو ھو. جڏھن تھ سنڌ وٽ ايترا مالي وسيلا ڪونھ ھئا، جو ايڏو وڏو خرچ ڀري سگھي. پر مٿي سرڪار جا اھڙا عملدار ويٺا ھئا، جيڪي ھن قسم جي شاندار ۽ اعليٰ منصوبن کي پوئتي ڌڪڻ جا حامي ھئا، تنھن ڪري ھنن سنڌ جي گورنر جي ھن اھم منصوبي کي قدر جي نظرن سان ڪونھ ڏٺو.
ھنن ۽ ٻين اھڙن اھم منصوبن کي ڪير اک کڻي بھ ڪونھ ڏسندو آھي. ڪي ماڻھو وري ھنن ڳالھين ۾ نالي چڙھيل آھن تھ ھو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آھن، پر ان ڪم جي منصوبي جو خرچ وري نئون آيل سندس جانشين ڀريندو آھي. سر چارلس نيپئر انتظاميھ جي ھر شاخ کان چڱيءَ ريت واقف ھو، جھڙوڪ نون طرحين جي کوٽائي، ڪاٺ جا ٿنڀا کوڙائي دمدمي جي تعمير ۽ جاين ٺھرائڻ جي کيس گھڻي ڄاڻ ھئي. ھن جا تيار ڪيل منصوبا وڏا ھوندا ھئا. تنھن ڪري انھن تي ايندڙ خرچ جو تخمينو بھ وڏو ھوندو ھو، پر سڀ کان ڏکي ڳالھھ ڪاريگرن جي اڻاٺ ھئي، جنھن ڪري معاوضو گھڻو ڏيڻو پوندو ھو ۽ حساب مطابق انھن معاوضن جو خرچ محصول جي پيداوار کان گھڻو ھو. کيس اھو بھ ڏسڻو ھو تھ ھن عظيم معاشري جو بنياد ڪير رکي رھيو ھو. ان کان سواءِ عارضي تڪليفون کڻي ڪيڏيون بھ وڏيون ڇو نھ ھجن، پر مزدرون جي مستقل نوعيت جا حق انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ اھم آھن. تنھن ڪري انتظام جي سڀني شاخن اندر اصولن کي اھميت ملڻ گھرجي. انھيءَ ڪري ھن گھڻيون ذميواريون قبول ڪيون ھيون، پر پنھنجي وس پڄنديءَ عوامي ڀلائي جي ڪم وچ ۾ تناسب ضرور رکيو ھئائين ۽ اھڙين ڳالھين جي ھروڀرو نھائين بھ ڪونھ ڪندو ھو. سڀني ميرن جي ساري پيداوار چاليھھ لک رپيا ھئي جيڪا ڪلھوڙا دور جي پيداوار کان گھڻي گھٽ ھئي. اھو تھ ٺھيو پر ھيءَ پيداوار تھ چؤياري واريءَ سرڪار جي پيداوار کان بھ گھٽ ٿي. ميرن جي سڀ اوڳاڙي ڏمر ۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪانھ ھوندي ھئي. ڪابھ ايماندار حڪومت دٻاءَ کان سواءِ پيداوار جو انگ وڌائي ڪانھ سگھندي. ھن انگريز حاڪم پھريون ڪم اھو ڪيو ھو جو ظلم وسيلي اوڳاڙيءَ کي ختم ڪري ڇڏيائين. پر سندس سارو زور ھن ڳالھھ تي ھو تھ سڀني پيداواري وسيلن کي يقيني بڻايو وڃي، عوامي خوشحاليءَ جا جيڪي دروازا بند آھن، اھي کوليا وڃن يا جيڪي اڌ کليل آھن، تن کي مڪمل طور تي کوليو وڃي. ان کان سواءِ سندس ڪوشش اھا بھ ھئي، تھ مستقبل جي پيداواري ذريعن کي پيدا ڪرڻ واسطي معاشري ۾ ھڪ نئين سگھھ پيدا ڪئي وڃي. سندس ابتدائي دور واري پيداوار ضرورت گھٽ ڏسڻ ۾ ايندي. اھڙيءَ ريت پيداوار جو پھريون سال حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ ڳڻڻ گھرجي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ميرن جي زماني ۾ سالياني پيداوار چار لک پائونڊ ھئي، جيڪا ان سال گھٽجي وڃي نوي ھزارن پائونڊن تي پھتي ھئي. پر مذڪوره جنگ سال جا ڇھھ مھينا وٺي وئي ھئي، انھيءَ ڪري گھڻي کان گھڻو اناج بلوچ فوجي کڻي ھليا ويا ھئا. امن امان قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ پيداوار جي وصوليءَ لاءِ انگريز ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا ھئا، پر سندن اختيار انھن جي قائم ڪيل ڪئمپ کان ٿورو ٻاھر تائين مس ھلندا ھئا. کين ڀئھ ھوندو ھو تھ متان ڌاڙن لاءِ ڇڙواڳ ھلندڙ بلوچ سندن مٿان حملو ڪن. انھيءَ زماني ۾ فوجي محافظن رکڻ جي بھ اجازت ڪانھ ھوندي ھئي. جنرل چارلس جي پڻ اھا خواھش ڪانھ ھئي تھ وقت کان اڳ پوليس لاءِ ڪي تڪليفون پيدا نھ ڪجن ۽ محصول جي ٿوري اضافي ڪري اھڙن خطرناڪ ماڻھن سان منھن ڏيڻو پئجي وڃي. ان کانسواءِ مير علي مراد سبزل ڪوٽ، ڀونگر ڀڙا جي پيداوار بھاولپور جي حوالي ڪئي وئي آھي، جنھن کي پڻ ميرن جي پيداوار سان شامل ڪيو ويو آھي.
ائين سمجھڻ کپي تھ ھيءَ اوڳاڙي محدود ۽ اڻپوري آھي، جنھن مان خرچ ڪٽي حساب ڪيو ويو آھي تھ پوءِ سترھن ھزار پائونڊ بچيا آھن. ان کان سواءِ سرڪاري ڀانڊن ۾ رکيل اناج جو اندازو بھ حقيقت کان وڌيڪ لڳايو ويو ھو، جيڪو اقتصادي حالتن جو مثال ھوندو آھي، جنھن ۾ محنت بھ شامل ھوندي آھي. اھڙا انگ اکر ھندستان جي ڪنھن ٻيءَ انتظاميھ کان گھڻا مختلف آھن، جن تي ناراض ٿيڻ جي ضرورت بھ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ انھن علائقن تي فضول خرچي تمام گھڻي ٿيندي آھي ۽ پئسي کي خرچڻ وقت عقلمنديءَ کان ڪم ڪونھ ورتو ويندو آھي. ھن ٻنھي ڳالھين ۾ مشابھت ڪرڻ خطرناڪ ڳالھھ ثابت ٿي سگھي ٿي. ان سان گڏ عام ماڻھن کي بھ حقيقت کان پري رکي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ ٿيندڙ خرچ تي ھڪ اجائي واويلا مچي وئي آھي. خرچ کان جا جيڪي بھ انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن سي بلڪل غلط آھن ۽ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ فوجين جي ڪوارٽرن جي تعمير تي تمام گھڻو خرچ اچي ويو آھي. ھن سان گڏ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ سنڌ کي اڃا مڪمل طور فتح ڪونھ ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ماڻھن جي جنھن گروھھ کي ”عوام“ سڏيو پيو وڃي ۽ اتان جي سڀني رھاڪن کي انھيءَ اصطلاح سان سڏيو پيو وڃي، اھڙا ماڻھو چئي رھيا آھن تھ سنڌ جي حڪومت ساڳين حڪمرانن جي حوالي ڪئي وڃي. پر ھن قسم جي ماڻھن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏيءَ طاقت کي ڪتب آڻڻو پيو آھي.
ھن حقيقت کان بھ انڪار ڪونھ ٿو ڪري سگھجي تھ فوجين تي آيل خرچ سنڌ جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ گھڻو ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھتي ايتري فوج رکڻ جي ضرورت ھئي. سنڌ ۾ ايتري فوج رکڻ جو مقصد اھو ڪونھ آھي تھ ھتان جي ماڻھن کي ھيسائجي، جيڪي حڪومت جي تبديليءَ ڪري گھڻا خوش آھن. پر جيڪڏھن ھڪ غير مناسب جنگ لڳي بھ وئي تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار جي مدد ڪندا. اھڙي جنگ گواليار ۾ لڳي چڪي آھي. امڪان آھي تھ اھڙي جنگ پنجاب ۾ بھ لڳي. اھا جنگ اڳتي وڌي افغانستان ۾ بھ ڀڙڪي سگھي ٿي. اھڙين حالتن ۾ سنڌ جي دنگ مان بلوچستان واري روھھ ۽ ڪوھھ واري علائقي ۾ بھ بي صبري وارو ماحول پيدا ٿي سگھي ٿو. ھنن ماڻھن طرفان اھو بھ ٻڌو وڃي ٿو تھ ان فوج جي سنڌ کي نھ پر ھندستان جي علائقن کي ضرورت آھي. اھڙي فوج جو خرچ سنڌ جي حالتن کي ڏسي برداشت ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ان کان سواءِ ھڪ غلط الزام کي ھٿ وٺي پکيڙيو پيو وڃي تھ سنڌ ۾ رکيل فوج جو تعداد تمام گھڻو آھي. اھڙيون ھلايل ڳالھيون سڀ غلط آھن. پر حقيقت اھا آھي تھ اِريگيولر ھارس جو تعداد ضرور وڌايو ويو آھي. ليڪن فتح وقت يا فتح کانپوءِ انتظام لاءِ اھڙو تعداد ڪونھ وڌايو ويو آھي. اھڙيءَ فوج جي مقرري ھيٺئين درجي سان واسطو رکي ٿي ۽ مشرق جي ماڻھن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ سنڌ جو ماڻھو مقرر ڪونھ ڪيو ويو آھي. ان فوج کي ھر اول دستي طور ڪتب آندو ويندو آھي ۽ دشمن جي منھن ۾ انھن ماڻھن تي مشتمل فوج جي ڪئمپ ھوندي آھي. ھن کان سواءِ ھڪ ٻئي قسم جي واويلا ۽ شور شروع ڪيو ويو آھي تھ اڌ دنيا جو خرچ انگلينڊ تي مڙھيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ تمام گھڻي گئريسن فوج کي خواھھ مخواھھ رکيو ويو آھي ۽ ڊاڪ يارڊ جي تعمير لاءِ بھ وڏو خرچ ڪيو پيو وڃي. سنڌ فتح کان پوءِ ھندستان جي انگريز شھنشاھت جو ھڪ اٽوٽ انگ بڻجي ويو ھو ۽ مٿس ان شھنشاھت جي حڪمت عملي جو نمايان اثر ھو، پر ٻن جنگين جي ڪري گھڻي متاثر ٿي وئي آھي.
ان کان سواءِ ھي ڳالھھ بھ چئي پئي وڃي ۽ جنھن ۾ ڪا صداقت موجود ڪانھ آھي تھ ھندستان جون سنڌ سان لڳندڙ اڳيون سرحدون محدود ھيون، تنھن ڪري ڪمپني کي پنھنجي فوج گھٽائڻ جو ھڪ جواز ھو. پر حقيقت ھيءَ آھي تھ اھا سرحد مختصر ۽ وڌيڪ مضبوط آھي. جيڪڏھن ھن ملڪ جو سک جنگ ڪري وايو منڊل بدنظميءَ جو شڪار نھ ٿيو تھ سنڌ جي فاتح جي ڪوشش آھي تھ ھو نئين فتح ٿيل ملڪ جي انتظام جو صحيح طريقي سان بنياد رکي سگھندو. پنجاب خلاف جنگ جي مقصد لاءِ سنڌ جي فتح کان اڳ ئي ھتي فوج رکي وئي ھئي، جنھن جو خرچ ھن ملڪ جي پيداواري ذريعن مان ڪيو ويندو ھو، پر ان جو اضافي خرچ ھندستان سرڪار جو خزانو ادا ڪندو ھو.
ھن قسم جي بي بنياد الزامن ڏانھن ڪير اک کڻي نھاري بھ ڪونھ ھا، ڇاڪاڻ تھ ماڻھو نھايت تيز رفتاريءَ سان سفر ڪري رھيو آھي ۽ ڪوڙ سچ کان چڱيءَ ريت واقف آھي پر ھن واويلا ۽ الزام تراشيءَ جي ابتدا فقط ڪن ماڻھن وٽان ڪانھ ٿي آھي. جيڪڏھن اھو قصو فقط ائين ھجي ھا تھ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئي، پر اھڙن افواھن ۽ الزامن جي ھمت افزائي ڊائريڪٽر پاڻ ڪري رھيا آھن. ممبئي واري ڪائونسل ۽ پارليامينٽ جا ڪيترائي ميمبر ھن مھم ۾ شامل آھن. ائين سمجھڻ کپي تھ ھيءَ ساري مھم ڀلائي جي عوامي ڪمن خلاف ھلي رھي آھي ۽ اھا سنڌ جي انھن بھترين انتظاميھ جي پاڙن اکوڙڻ جي ڪوشش آھي، جنھن جا بنياد نھايت شاندار طريقي سان قائم ڪيا پيا وڃن. جڏھن تھ اھڙن عوامي ڪمن ۽ بھترين اتنظاميھ جي جوڙجڪ جي ھمت افزائي ٿيڻ گھرجي ھا. ڇاڪاڻ تھ اھڙي جوڙجڪ سان ڪراچي وچ ايشيا جي واپار جو اھم مرڪز بڻجي سگھي ھا ۽ اھڙن ادارن کي منظم ڪرڻ سان معاشرو سکيو ستابو بڻجي وڃي ھا. اھڙي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا جنگ ختم ئي مس ٿي ھئي، جو سنڌ جي ترقي جي منصوبھ بندي ڪرڻ لاءِ جيڏانھن ڪيڏانھن انجنيئرن جا جٿا روانا ڪيا ويا ھئا. انھن انجنيئرن جي مقرريءَ جو پھريون ڪم صحيح قسم جي سروي لاءِ اھم جاگرافيائي نڪتا قائم ڪرڻ ھو. ان کان سواءِ کين سنڌوءَ جي سطح ۽ زمين جي سطح معلوم ڪرڻي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھڪ سائنٽيفڪ آبپاشي نظام قائم ڪري سگھجي. ٽالپر حڪمرانن جا شڪارگاھھ بھ سنڌ جي چوٿين حصي جيتريءَ ايراضيءَ تي قائم ڪيا ويا ھئا. جنھن کي انگريز سرڪار ضبط ڪري سرڪاري ملڪيت ۾ ڏنو ھو، انھن شڪار گاھن جي ٻيلن ۾ اھڙي ڪاٺ جا وڻ بھ موجود ھئا، جن کي آگبوٽن جي ٻارڻ طور ڪم آڻي سگھجي ٿو. اھڙا وڻ نھايت بيشمار آھن. پر جي چوڌاري ٻئي قسم جا وڻ ڪري پيا آھن، تنھن ڪري اھڙي ڪاٺ جو ٻاھر نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي. ان لاءِ پھريون ڪم اھو ڪيو ويو ھو تھ ماڻھن کي چيو ويو ھو تھ اھڙو ڪريل ۽ غير ضروري ڪاٺ ڀلي کڻي وڃي ڪتب آڻن تھ جيئن ٻئي اھم قسم جي ڪاٺ کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ دڳ ملي پوي. ان ناتي ھڪ ڪميشن ٺاھي وئي ھئي، جنھن کي اڪلائڻ لاءِ ھي ڪم حوالي ڪيو ويو ھو تھ ڪھڙي زمين ٻيلن رکڻ لائق آھي ۽ ڪھڙي پوکي راھيءَ لاءِ مفيد آھي. اھڙيون ڀليون زمينون سرڪار پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون ھيون، جن ۾ اڳي فقط جھنگ جا جانور رھندا ھئا ۽ انھن ساڳين ايراضين ۾ سرڪار زراعت جي ھمت افزائي ڪري رھي آھي. انھيءَ طريقي اختيار ڪرڻ سان سنھو ۽ عام قسم جو ڪاٺ ۽ چراگاھھ ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن. ٿلھو ڪاٺ شھرن ڏانھن موڪليو پيو وڃي، جڏھن تھ عمارتي ڪاٺ سرڪار برآمد ڪري رھي آھي. اھڙيءَ ريت سرڪار جي پيداوار گھڻي وڌي وئي آھي.
ھن قسم جو انتظامي جوڙجڪ سنڌ جي امن امان ۽ مھذب معاشري جي قيام لاءِ ھو، پر سر چارلس سنڌ کان ٻاھر وارن ملڪن سان سٺي تعلقاتن رکڻ جي شروعات ڪئي ھئي. اھڙو احوال بھ نھايت لازمي آھي، جنھن جي ابتدا ڪڇ کان ڪجي ٿي، جيڪو سنڌ جي سرحد سان واقع آھي.
ڪڇ جو راءِ انگريزن جو دوست آھي. جنھن جي درٻار ۾ انگريز سرڪار جو ايجنٽ ڪيترن سالن کان وٺي مسلسل رھندو پيو اچي. جاگرافيائي صورتحال ڪري ھي ملڪ نھايت اھم آھي. ٻي ڳالھھ تھ انھيءَ ملڪ جي سرحد سان ڪي لاڏائو قبيلا بھ آباد آھن. ممبئي سان رابطو بھ ڪڇ ۽ ڊيسا وسيلي رھندو آھي. خاص ڪري چوماسي واريءَ موسم ۾ جڏھن وڏ ڦڙن جا وسڪارا شروع ٿيندا آھن تھ سامونڊي رابطو ڪٽجي ويندو آھي تھ خشڪيءَ وارو ھي رابطو وڏي اھميت رکندو آھي. خشڪيءَ جي ھن رابطي کي پڻ برقرار رکيو ويو آھي. عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي قلعن جي مرمت مڪمل ٿي چڪي آھي. ان کانسواءِ حيدرآباد تائين واھن جي پلين جي تعمير ڪئي وئي آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ناتي ڪڇ ھڪ اھم ملڪ بڻجي ويو آھي. ڪرنل رابرٽس ھنگامي حالتن دوران ٻھ ھزار جت ۽ کوسا گڏ ڪري سگھي ٿو، جيڪي بلوچن جي ظلم کان تنگ ٿي ھيڏانھن ھليا آيا آھن. ھي ماڻھو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود وڳوڙين تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻي سگھجن ٿا. ھنن ماڻھن جي مدد سان رابطي واري سلسلي کي بھ قائم رکي سگھجي ٿو.
ڪڇ کان اوڀر گجرات آھي، جتي گائڪ واڙ جي حڪومت آھي. گجرات جي اتر ۾ جوڌپور ۽ جيسلمير جا ملڪ آھن، جتان جا حڪمران راجپوت آھن، جيڪي ڏاڍا بھادر آھن. اھي ٻئي ملڪ آزاد آھن ۽ ھاڻي انگريز سرڪار جا ڏن ڀرو آھن. ھنن جي درٻارين ۾ انگريز سرڪار جا نمائندا رھندا آھن ۽ مڪمل طور ھندستان جي انگريز سرڪار جي ماتحت آھن. ھنن ملڪن جي اوڀر طرف ھندستان جي انگريز سرڪار آھي ۽ اولھھ ۾ وارياسو رڻ پٽ آھي جنھن وچان سنڌ ڏانھن وڃڻ لاءِ فقط ٻھ ٽي رستا آھن، جن سان کوھھ کوٽيل آھن، نھ تھ ساري ٿر ۾ ڪٿي بھ پاڻي ملي ڪونھ سگھندو آھي.
جيسلمير ڏانھن روھڙيءَ وسيلي وڃي سگھبو آھي ۽ اھو رستو سنڌو ۽ ٿر مان گذرندو آھي. وچ تي شاھ ڳڙھھ جو قلعو آھي، جيڪو مير شير محمد جي شڪست تائين، مير رستم جي ڀائٽي مير محمد جي قبضي ھيٺ ھو. مذڪوره قلعو مير علي مراد جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر آھي، پر ملڪيت انگريز سرڪار جي آھي. ان لاءِ مير علي مراد سان واعدو ڪيو ويو آھي تھ کيس اھو قلعي جو معاوضو ادا ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ پنھنجي قبيلي جي وڏي ھئڻ جي پڳ مٿس آھي. پر ھن وقت تائين نھ ممبئي جي حڪومت نھ وري ھندستان سرڪار اھڙي واعدي پاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
ھي جاگرافيءَ جا اھم نشان آھن، پر ٽالپرن جي غلط قسم جي حڪمت عمليءَ ڪري اھڙا نشان ختم ٿي ويا ھئا ۽ سرحد سان لاڳاپيل اھم دستاويز بھ ھيڏي ھوڏي ٿي ويا ھئا. پر ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ شاھھ ڳڙھھ جي قلعن ڪري سنڌ جي جاگرافيائي حد واضح ٿي چڪي آھي. انھن سرحدن جي اوسي پاسي انگريز دوست رھندا آھن. ھنن ماڻھن کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ يا غداري ڪرڻ لاءِ ڪو سبب بھ ڪونھ آھي. پر جيڪڏھن ڪا اوڻي پوڻي ڳالھھ ٿي ويندي تھ ڊيسا ۾ گئريسن فوج، جوڌپور ۽جيسلمير جي درٻار ۾ انگريز سرڪار جا پوليٽيڪل ايجنٽ موجود آھن، جيڪي ڪنھن بھ قسم جي ڪروڌي وايو منڊل کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھندا. اھڙيءَ ريت ٿر مان گذرندڙ ھر رستو محفوظ آھي. جڏھن چوماسي ۾ سامونڊي رابطو ختم ٿي ويندو آھي تھ ممبئي سان ھنن رستن ۽ ماڳن وسيلي لاڳاپو موجود رھندو آھي.
سنڌ جي اتر واري سرحد سان ھڪ اھم ملڪ آھي، جنھن کي بھاولپور جي نالي سان سڏيو ويندو آھي، جنھن جا حڪمران دائودپوٽا آھن. انگريز سرڪار کيس راجا رنجيت سنگھھ جي حملن کان بچائڻ جي ضمانت ڏني ھئي. لارڊ ايلنبرو کيس سبزل ڪوٽ ۽ ڀونگ ڀڙا وارا علائقا واپس ڏياريا آھن، جيڪي ٽالپر حڪمرانن کانئس فتح ڪري ورتا ھئا. ھي حڪمران انگريز سرڪار جو فرمانبردار ۽ تابعدار آھي. پر سر چارلس نيپئر جو ھن ڳالھھ تي زور ھو تھ وڌيڪ اھميت سنڌ کان اوڀر وارن حڪمرانن کي ڏني وڃي، جنھن تي سکن جو امڪاني دٻاءُ رھندو ۽ اھڙيءَ ريت ھو انگريزن جي ويجھو اچي ويندو. ان راجا جي رعيت انھن ماڻھن کي وڌيڪ چاھيندي ھئي، جيڪي انگريزن جي زوال لاءِ ڪوششون ڪندا ھئا. ھن راجا جو ملڪ ستلج جي ھيٺئين حصي ۾ ٿر جي وچ تي ھو. تنھن ڪري ھو اتر اولھھ ھندستان جي مختلف علائقن ۾ سنڌ وچ ۾ رابطي کي ڊانواڊول ڪري سگھندو ھو. ان ڪري خشڪ ۽ پاڻيءَ واري آمد رفت رڪجي ويندي ھئي. جيڪڏھن انگريز سرڪار ۽ سکن وچ ۾ جنگ لڳي تھ رابطن جو اھڙيءَ ريت ڪٽجڻ ڏاڍو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. تنھن ڪري ھندستان سرڪار ان راجا کي اھڙي ضمانت ڏني آھي تھ جيڪڏھن ھو ھندستان سرڪار جو فرمانبردار ۽ تابعدار رھندو تھ سندس حڪمرانيءَ جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيندو. پر ھي راجا بغير ڪنھن اڳواٽ اطلاع جي انگريز سرڪار سان ڪنھن بھ نازڪ موقعي تي غداري ڪري سگھي ٿو. تنھن ڪري سر چارلس اھڙي ڪوشش ڪئي ھئي، تھ جيئن ھن کي انگريز سرڪار جو دوست بڻائي سگھي.
سنڌ جي اتر اوڀر ۾ ملتان جو ملڪ آھي، جيڪو ستلج جي ھيٺئين پاسي کان وڍي سنڌوءَ جي ڪناري پکڙيل آھي، جيڪو ھنن ٻنھي درياھن جي سنگ کان وٺي ھيٺ ڪشمور تائين ھليو وڃي ٿو. ھن علائقي جو ديوان لاھور جو ڏن ڀرو آھي. سندس نالو سانوڻ مل آھي. مولراج سندس پٽ آھي. ھي ڏاڍو سياڻو، سچيت ۽ سيبتو حڪمران ۽ سر چارلس نيپئر جو دوست آھي. پر کيس احساس آھي تھ سک حڪمران اھڙيءَ دوستيءَ کي سٺو ڪونھ سمجھي رھيو آھي. ليڪن ھو انگريز سرڪار خلاف عملي طور ڪجھھ بھ ڪرڻ جھڙو ڪونھ آھي، پر جيڪڏھن کليءَ عام حملو ڪبو تھ ضرور ردعمل اظھار ڪندو.
سنڌ جي اتر اولھھ پاسي ڪڇي گنداوا جو علائقو آھي، جيڪو قلات جي خان جي ماتحت آھي. ھيءُ علائقو ڪڇيءَ واري خشڪ جابلو جوءِ وسيلي سنڌ سان ڳنڍيل آھي، جنھن جون ٽڪريون سنڌوءَ جي ڪناري کان وٺي بولان واري جابلو علائقي تائين ھليون وڃن ٿيون، جتي مزاري، بگٽي، جکراڻي، ڊومڪي ۽ کجڪ آباد آھن. اھي سڀئي ذاتيون ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ورھايل آھن.
ڊومڪين ۽ بگٽين جي اتر پاسي مرين ۽ کيتران قبيلن جي جوءِ شروع ٿئي ٿي. مزارين جو ھڪ قبيلو سنڌوءَ جي ڪٺار سان بھ آباد آھي، جيڪو ملتان جي ھندو ديوان سانوڻ مل جو ڏن ڀرو آھي. باقي ٻيا قبيلا قلات جي خان جي ماتحت آھن. جڏھن تھ مري قلات جي خان جي ماتحت ڪونھ آھن ۽ پاڙي وارن سڀني قبيلن کان وڌيڪ مھذب آھن. افغانستان واري جنگ دوران پوليٽيڪل ايجنٽن ھنن سان ھروڀرو کئونس ڪئي ھئي ۽ انگريز فوج ھنن کي مکيھ قلعي ”ڪاھان“ کي والاري ويھي رھي ھئي. پر ھنن ھمت ڪري انگريز فوج جي ھڪ جٿي کي شڪست ڏئي ڇڏي ھئي، جيڪو ميجر ڪليبارن جي مھنداري ۾ ساڻن وڙھي رھيو ھو. ان کان پوءِ ھنن ليفٽيننٽ ڪلارڪ جي اڳواڻيءَ ۾ وڙھندڙ فوج کي بھ ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ھئا. ھي ليفٽيننٽ ڏاڍو بھادر ۽ ڏاھو ماڻھو ھو، جنھن ڏاڍيءَ دليريءَ سان پنھنجو بچاءُ ڪيو ھو. جڏھن ڏٺائين تھ پاڻي سر کان چڙھندو پيو وڃي تھ ڪاھان قلعي ۾ رھندڙ ليفٽيننٽ برائون کي واھر ڪرڻ جي نينڍ ڏني ھئائين.
جکراڻي، بگٽي، ڊومڪي ۽ مزاري قبيلي جي ھڪ شاخ پنھنجي ٻچن ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙي ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪو ٻيو ڌنڌو ڪانھ ڪندي ھئي. ائين کڻي چئجي تھ اھي اٺ ئي پھر ڌاڙيل ھئا، جيڪي پاڻ کي سڏائيندا بھ لوٽو ھئا. سندن احساس ۽ روايتون بھادرن واريون ھيون. پر ننھن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڌاڙيل ھئا. بي حس ھئا. جيڏانھن ويندا ھئا، علائقا ويران ٿي ويندا ھئا. سمجھندا ھئا تھ دنيا جي ھر ملڪيت تي تيز تلوار جو حق آھي. خدا تعاليٰ ھيءَ ڌرتي پيدا ڪئي ۽ ماڻھن ان کي کيڙي آباد رڳو ھنن جي ڦرڻ لٽڻ لاءِ ڪيو آھي. اھي ماڻھو ڏاڍا بھادر ۽ سگھارا ھوندا ھئا. ھن علائقي جي اتر ۽ اولھھ پاسي ھڪ وسيع جابلو علائقو آھي، جتي پرامن ماڻھو رھندا ھئا. جڏھن ھنن جکراڻين ڊومڪين، بگٽين ۽ مزارين تي ڪو طاقتور دشمن حملو ڪندو ھو تھ اھي ڀڄي وڃي انھن پرامن ماڻھن ۾ رھندا ھئا. جڏھن تھ ڏکڻ طرف کان سندن تحفظ ڪشمور جو رڻ پٽ علائقو وارو ڪندو آھي. اھو برپٽ اسي ميل ويڪرو آھي، جيڪو کين سنڌ کان جدا ڪري بيھاريندو آھي. ھنن کي ھن ويران علائقي جي کوھن جي خبر آھي. ھي ماڻھو ڌاڙن ھڻڻ جي مھم دوران ھن روھن ۽ ڪوھن واري جابلو جوءِ ۾ ڪي کوھھ پاڻ بھ تيار ڪندا آھن. تنھن ڪري اھي ماڻھو ھي رڻ پٽ ۽ سڃو علائقو سولائيءَ سان اڪري وڃي پار پھچندا آھن. پر فوج کي ھي برپٽ پار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي، تنھن ڪري اھا اگرو رڻ پٽ اڪري سندن روھن ڪوھن واري جاڏي جوءِ تي حملو ڪري واپس سلامتي سان موٽي ڪانھ سگھندي آھي ۽ ڪجھھ بھ ڪري ڪانھ سگھندي آھي.
ھنن ماڻھن جي اولھھ پاسي قلات آھي، جيڪو پڻ (بروھي) بلوچن جو ملڪ آھي. افغانستان جي جنگ دوران انگريزي فوج ھن ملڪ جي راڄڌاني تي حملو ڪري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ھو ۽ اتان جو حڪمران قتل ٿي ويو ھو. انھيءَ ڪري اتان جا نواب ۽ سردار انگريزن جا ويري بڻجي ويا ھئا ۽ ھنن مقتول بادشاھھ جي ارڙھن سالن جي پٽ کي تخت تي ويھاريو ھو. سر چارلس نيپئر ھن نئين حڪمران کي پئسا ڏوڪڙ ڏئي خوش ڪري ڇڏيو ھو ۽ ان نئين حڪمران سان سندس رويو ڏاڍو سٺو ۽ رحمدلانھ ھو. قلات جو بادشاھھ ھڪ آزاد حڪمران ھو، جنھن سان سر چارلس جي دوستي ھئي. ڏانھنس دوستاڻا خط لکندو ھو ۽ سھڻيون صلاحيون ڏيندو ھو. کيس باغي سردارن خلاف مدد ڪندو ھو. ان کانسواءِ ھن کي قنڌار جي حڪمران خلاف بھ ھر قسم جي واھر ڪندو ھو، جيڪو سندس ملڪ لاءِ اڻيھئي آزار بڻيل ھو.
سنڌ جي اولاھين سرحد واري ”ھالا“ جبل جي ويران جوءِ ۾ چانڊيا رھندا آھن، جيڪي سنڌوءَ کان وٺي ھن جابلو علائقي ۾ پکڙيا پيا آھن. ھي جابلو علائقو بھ ڪشمور واري رڻ پٽ جھڙو ويران آھي. ھي ماڻھو بھ پنھنجي پيٽ گذر لاءِ پوکي راھي ڪونھ ڪندا آھن ۽ ڪڇيءَ وارن قبيلن جيان ڌاڙا ۽ ڦريون لٽيون ڪندا آھن. پر ھاڻي اھي انگريز سرڪار جا فرمانبردار ۽ تابعدار بڻجي ويا آھن. ھنن جي ڏکڻ ڏس تي رند ۽ لغاري آھن، جيڪي سيوھڻ وٽان ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان لڳ آھن. جڏھن تھ اتان کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين جوکين جو علائقي آھي. ھنن کان پوءِ لس ٻيلي جي ڄام جو ملڪ شروع ٿي ويندو آھي، جيڪو قلات جي خان جو ماتحت آھي. اھي قبيلا ڪٿي ميداني ۽ ڪٿي جابلو علائقن ۾ رھندا آھن. ھالا جبل جون اڀرنديون لاھنديون سنڌ ۾ ۽ الھنديون لاھونديون قلات ۾ آھن، جتي وري قلات سان لاڳاپيل قبيلا رھندا آھن. جن کي ھن کان پوءِ ”جابلو ماڻھو“ سڏيو ويندو. جڏھن تھ ڪڇيءَ وارن ماڻھن کي ”ڪڇيءَ جي ٽڪر“ وارا ماڻھو سڏيو ويندو. ھن علائقي ۾ جبلن جھڙيون ننڍيون وڏيون ٽڪريون آھن، جن کي جبل سڏي ڪونھ ٿو سگھجي.
ھنن ۾ ڪي قبيلا سنڌي ۽ ڪي قلاتي آھن، جيڪي پنھنجي مزاج ۾ انصاف پسند ۽ سخي آھن، تھ ڪڏھن وري سخت بھ ھوندا آھن. ھي ماڻھو نئين سياسي نظام جي ويجھو آھن ۽ سر چارلس نيپئر کين پنھنجو بڻائڻ ۾ سوڀارو ثابت ٿيو آھي. پر جوکين جي نواب سان سندس سلوڪ سھڻو ڪونھ ھو. اھڙو ذڪر سنڌ جي فتح نالي ڪتاب ۾ اچي ويو آھي. ان کان سواءِ چانڊين جي سردار ولي (محمد) سان بھ ھن جا تعلقات سٺا ڪونھ ھئا. سردار ولي چانڊيو پاڻ سان ڏھھ ھزار ماڻھو وٺي آيو ھو، اڃا ھڪ منزل جي فاصلي تي ھو جو مياڻيءَ جي جنگ لڳي وئي ھئي. جيڪڏھن ميجر آئوٽرام جي مشوري تي ھلي جنگ ۾ ھڪ ڪلاڪ جي بھ دير ڪجي ھا تھ ولي چانڊئي جي ڏھھ ھزار فوج انگريزي لشڪر جي پٺئين پاسي ڪڙي چاڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ھا. ولي چانڊئي جڏھن انگريزن جي فتح جي خبر ٻڌي تھ سندس پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ جتي ھو اتي بيھي ويو ۽ سنڌو پار ڪونھ اڪريو ۽ اتان ئي موٽي پنھنجي ملڪ وڃي پھتو ھو، جتي ھو ٻين قبيلن سان گڏجي مير علي مراد جي مزاحمت ڪرڻ لڳو ھو. جيڪو پڳ ٻڌڻ کان پوءِ انھيءَ علائقي جي زمين جو مالڪ بڻجي ويو ھو. ھنن قبيلن جو اتحاد مير علي مراد جي طاقت کان گھڻو ھو. تنھن ڪري ھنن ڪا ٻي واھھ نھ ڏسي، ٺاھھ ڪرڻ جي بھاني انھن سڀني سردارن کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو. اھڙيءَ ريت ٺاھھ ڪرڻ جي مقصد سان ھن وٽ اڻٽيھھ سردار اچي پھتا، جن سان گڏ ڏيڍ سو کن جو اٽالو بھ ھو. مير علي مراد کي سونھري وجھھ ملي ويو، جنھن ھنن بلوچ سردارن مٿان اچتو قاتلاڻو حملو ڪرائي کين مارائي ڇڏيو، جيڪي بچي ويا تن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، جن مان ھڪ ولي چانڊيو بھ ھو.
مير علي مراد، بلوچ سردارن کي دغا سان گھرائي قتل ۽ قيد ڪرڻ واري پنھنجي ھن ڪريت کان ڏاڍو خوش ھو. ھن اھي قيدي سر چارلس جي حوالي ڪيا ھئا، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو کيس خوش ڪري سگھي. قيدي وري پنھنجي جان جو آسر لاھي ويھي رھيا ھئا، جن حالتن جو جائزو نھ وٺي بي عقليءَ جو ڪم ڪري ڄڻ پاڻ کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏني ھئي. پر جڏھن بلوچ قبائلي سردارن کي موت جي سزا نھ ملي تھ اھي وائـڙا ٿي ويا ۽ مير علي مراد مايوس ٿي ويو ھو. سر چارلس اھڙي ڪڌي ڪم ڪري علي مراد کي ننديو ھو ۽ کيس چيو ھئائين تھ انھن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي عزت سان روانو ڪري ڇڏي. ھنن بلوچ سردارن کي نھ رڳو قيد مان آجپو مليو ھو، پر کين نئين زندگي سان گڏ پنھنجون اصلي جاگيرون بھ موٽي مليون ھيون. اھو ھنن لاءِ سندن بھادريءَ جو انعام ھو. سر چارلس، مير علي مراد طرفان ڪيل اھڙي قتل ۽ قيد ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ لاءِ افسوس جو اظھار بھ ڪيو ھو. ولي چانڊئي سان ملاقات واري منظر کي ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي.
ھي ماڻھو (ولي) جھونڙو آھي، پر ڏاڍو دلير ۽ ھمت ڀريو آھي ۽ سڪل صورت ۾ ھڪ وڏو چٻرو معلوم ٿي رھيو آھي. ھن جي مٿي جا ڊگھا وار ۽ ڏاڙھي صفا اڇي ۽ ڏاڍي گھاٽي آھي. نڪ ننڍو اٿس. منھن جو رنگ ٽامي جي رنگ جھڙو، اکيون ننڍڙيون تيز ۽ چمڪدار جيڪي ھن جنرل چارلس جي چھري ۾ بنا ڇنڀڻ جي کپائي ڇڏيون ھيون. پر جنرل سندس آزادي جو اعلان ڪري سندس ڏسڻ جي اھڙي تسلسل کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. ان کانپوءِ ھن اچرج وچان جنرل کان پڇيو ھو تھ، ”ڇا اھو سچ ٿو چوين: ڇا مان ھاڻي وڃي سگھان ٿو.“ جنرل سر چارلس کيس وراڻيو: ”ھائو“. ھي جھونڙو وڌيڪ ڳالھائڻ کان سواءِ اتان نڪري ھليو ويو ۽ نھايت تيز رفتاري سان ڌوڪيندو وڃي پنھنجي علائقي ۾ پھتو ھو. کيس غلطيءَ جي سزا ڏيڻ بدران ڄڻ مٿس نوازشون ٿيون ھيون. ھو جڏھن پنھنجي قبيلي ۾ پھتو تھ پنھنجي ماڻھن کي خوشيءَ وچان ٻڌائڻ لڳو ھو تھ ”فرنگيءَ فوجي جنرل مون کي زندگي بخشي آھي ۽ پنھنجي جاگير سان گڏ تلوار بھ واپس ڪئي آھي. ھاڻي مان تھ سندس ٻڌو ٻانھون ٿي ويو آيھان.“ ھن ڪتاب ۾ اڳتي اھڙو احوال ايندو تھ ھن پنھنجي چيل انھيءَ لفظ جي ڪيتري عزت رکي ھئي.
سنڌ جي انھن ماڻھن جي مزاج جو ذڪر اچي ويو آھي، جيڪي جابلو علائقن ۾ برپٽ ۾ رھندا آھن. ھن کانپوءِ مير علي مراد جو بيان ڪيو ويندو. جنھن جي حڪمراني انگريز سرڪار جي حدن اندر ائين موجود آھي جيئن قيمتي جواھر جي وچ ۾ ڪو کوٽ موجود ھجي. ڇاڪاڻ تھ ھن ٽالپر پنھنجي حڪمرانيءَ جو رنگ ۽ ڍنگ بدلائي نئون ڪوٽ ڪونھ ڪيو ھو ۽ اڳئين جيان پراڻي طريقي مطابق حڪمت عملي ھيس. اھڙيءَ ريت ھن جي حڪمراني سندس ضرورتن مطابق ھئي. انگريز سرڪار جي حڪمت جو طريقو جديد ۽ ھن جو پراڻو ھو، جنھن ۾ وڏو فرق موجود ھو. ھن ماڻھوءَ کي حڪومت ھلائڻ جا سڀ اختيار مليل ھئا، پر ممبئيءَ ۾ ھڪ اھڙي ڌر بھ موجود ھئي، جنھن جو نقطئھ نظر ھو تھ سنڌ جي حڪومت اصلي حڪمرانن حوالي ڪئي وڃي، جيڪي انگريزن جا دشمن ھئا. اھي ماڻھو ھن ڪري بھ ناراض آھن تھ مير علي مراد تي ڇو نوازشون ٿي رھيون آھن. کين اعتراض آھي تھ ھو انگريزن جو دوست ڇو آھي. سندن چوڻ آھي تھ ھي مير وڏو غدار آھي ڇاڪاڻ تھ ھن پنھنجي ٽالپرن سان گڏجي انگريزن سان جنگ ڪانھ ڪئي ھئي ۽ ھو ڪوڙو، ٺڳ، دغاباز آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن ٻين ميرن سان ٻيلھھ ٻڌجي انگريزن کي تباھھ ڪرڻ جي ھڪ بھ ڪوشش ڪانھ ڪئي ھئي.“ سر چارلس نيپئر مٿس وڏو اعتماد ڪندو آھي. کيس ڪيترن ئي سوکڙين پاکڙين سان نوازيندو آھي. سندس حڪمراني واريءَ ايراضيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو آھي ۽ سندس ڏک سک جو ساٿي آھي.
ممبئي واريءَ ڌر جون اھڙيون ڪوششون آھن، جيڪي عام ماڻھوءَ جي ھن خيال کي روڪي رھيون آھن تھ مير علي مراد تي ايترو گھڻو اعتماد ڇو پيو ڪيو وڃي. کيس ڇو سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون ۽ ورتيون پيون وڃن ۽ سندس حڪمرانيءَ جي حدن ۾ ڇو اضافو ڪيو پيو وڃي. آئوٽرام تھ اھڙو دستاويز بھ پيش ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن اھا حقيقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ ھن جي ملڪ ۾ ڪجھھ ايراضيءَ جو اضافو ڪيو ويو آھي. جڏھن کيس مخالفت لاءِ ڪو ٻيو مواد ڪونھ ملي سگھيو آھي تھ ھن خيالي قسم جون ڳالھيون ٻڌائي، مخالفت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھڙيون ڳالھيون ڪري آئوٽرام پاڻ بھ منجھي پيو آھي ۽ ڪاوڙ کان آپي مان ٻاھر نڪري ويو آھي. ھاڻي اھو مناسب وقت اچي ويو آھي جو ڪن حقيقتن جو مختصر ۽ جامع طريقي سان بيان ڪجي، جنھن جو بيان ”ڪانڪيٽ آف سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ بھ اچي ويو آھي.
جڏھن لارڊ ايلنبرو جي چوڻ مطابق سنڌ جي ٽالپر حڪمران سان معاھدا ڪيا ويا ھئا تھ مير علي مراد بھ ٻين جيان انگريزن جو جاني دشمن ھو. مير حسين ڏاڍو طاقتور ماڻھو ھو جيڪو مير رستم جو وڏو پٽ ھو، جنھن پنھنجي پيءُ کي وراثت جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ھو. چؤياريءَ جي طئي ڪيل طريقي مطابق ڀاءُ جو وارث ڀاءُ کي قرار ڏنو ويو ھو. پر مير حسين جي ڪوشش ھئي تھ ڀاءُ بدران پٽ وارث ھجي. ائين ٿيڻ سان مير علي مراد کي پڳ ملڻ بدران حسين کي ملڻ واري ھئي. ان ڪري علي مراد فوج وٺي مير رستم ۽ سندس پٽن تي ڪاھي ويو ۽ کين وڃي شڪست ڏني ھئائين. پر ھي ماڻھو فتح کان پوءِ ڏاڍو نرم رھيو ۽ ٺاھھ ڪرڻ مھل بھ ساڻس ٺڳي ڪئي وئي ھئي ۽ کانئس اھي علائقا بھ موٽائي ورتا ھئائون، جيڪي ھنن تلوار کڻڻ سان ھارايا ھئا.

جڏھن جنرل چارلس سنڌ جا معاملا پنھنجي ھٿ ۾ ورتا تھ مير علي مراد ساڻس ملاقات ڪرڻ کان پوءِ گھرو مخالفت جي ڏس ۾ کيس مدد ڪرڻ جي گذارش ڪئي ھئي. ٿوري وقت کان مير رستم پڳ مير علي مراد جي حوالي ڪئي ھئي. جيڪا چؤياريءَ جي طئي ڪيل اصولن مطابق ھئي. اھو اصول اسلامي قانون ۽ طئي ٿيل معاھدن مطابق بھ ھو، تنھن ڪري انگريز جنرل بھ ائين ڪرڻ جو پابند ھو. ائين ڪرڻ کان پوءِ پھريائين جنرل اھا پڪ ضروري ڪئي ھئي تھ مير رستم، علي مراد کي پڳ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڏني ھئي. پر مير رستم لڳاتار چوندو رھيو تھ اھڙي ڳالھھ کانئس زبردستيءَ لکرائي ورتي وئي آھي ۽ عھدنامي ۾ ڦير گھير ڪئي وئي آھي. سندس مرضي ھئي تھ پڳ پنھنجي پٽ حسين جي نالي ڪري، پر سندس اھا ڳالھھ خانداني روايتن ۽ اسلامي قانون جي خلاف ھئي. تنھن ڪري اھڙي زبردستيءَ جو امڪان ڪونھ ھو. ان کان سواءِ مير رستم، جنرل چارلس طرفان آڇيل تحفظ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھتي فقط پڳ جو معاملو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ پڳ سان گڏ حڪمرانيءَ جو حق بھ شامل ھو، جنھن ۾ امام ڳڙھھ نالي قلعو بھ ھو جيڪو علي مراد جي مدد سان سر چارلس نيپئر فتح ڪيو ھو. ھن قلعي کي تباھھ ڪرڻ لاءِ توب جو پھريون گولو بھ علي مراد ڇوڙيو ھو. ٿر واري مھم بھ ائين ڪانھي جيئن ھڪ ھندستاني عملدار لکيو آھي. سندس تحرير مان ائين معلوم ٿي رھيو آھي ڄڻ سر چارلس اڳرائي ۽ اره زورائي ڪئي ھئي. پر اھو تھ ڪيل عھدنامي مطابق عمل ٿي رھيو ھو. جيڪو علي مراد سان ڪيو ويو ھو جنھن مطابق ھر ٽالپر جي حقن جي حفاظت ڪرڻي ھئي. مير علي مراد جا ڀائٽيا ھن جي خلاف بغاوت ڪري رھيا ھئا. اھڙيون ڳالھيون قانون ۽ انصاف جي خلاف ھيون. جڏھن سر چارلس نيپئر ھنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي تھ ھن علي مراد کي پاڻ سان گڏ کنيو ھو. ھن جو مٿس ويساھھ گھٽ ھو. کيس ڀئھ ھو تھ متان ھو پنھنجي اڳئين بيان تان ڦري وڃي.
ان کانپوءِ لارڊ ايلنبرو جي ھدايت مطابق ھن مير کي اھو ملڪ ڏنو ويو ھو، جنھن تي سندس دعويٰ ھئي ڇاڪاڻ تھ ھن انگريزن سان ڪيل معاھدي مطابق عمل ڪيو ھو. سنڌ جي فتح کان اڳ سنڌ ٽڪرن ٽوٽن ۾ ورھايل ھئي، جيڪا فتح کان پوءِ ھڪ مڪمل نقشي اندر موجود ھئي. پر علي مراد جي علائقي جي الڳ ٿي وڃڻ ڪري سنڌ جو نقشو ھڪ ڀيرو ٻيھر ٽڙي پکڙي ويو ھو. ليڪن انگريزن تي ويساه رکڻ جو ھڪ سٺو مثال ھو، جنھن ھتان جي جھنگلي بلوچ سردار کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ھن ماڻھن کي بھ اعتبار اچي ويو ھو تھ انگريز واعدي جا سچا آھن ۽ جيڪڏھن اھي بھ ھنن سان سچا رھندا تھ کين پنھنجون جاگيرون موٽي ملنديون.
لارڊ ايلنبرو، سر چارلس کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا تھ ھو سنڌ جون سرحدون مقرر ڪري. تنھن ڪري ھن قلات جي خان، بھاولپور جي حڪمران، جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن ۽ علي مراد سان بھ اھڙي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ھئي. تنھن ڪري کيس جاگيرون ڏيڻ، ضبط ڪرڻ، رعايتون ڏيڻ يا کسڻ جا حق ملي ويا ھئا. ڪلائيو جي دور مطابق اھڙيون جاگيرون لکن رپين جي ملڪيت جيتريون ھيون. جڏھن سر چارلس کي اھڙيون اختياريون مليون ھيون تھ ممبئيءَ واريءَ ڌر کان ٿڌا ساھھ نڪري ويا ھئا. پر کين پڪ ھئي تھ اھڙيون ڳالھيون ڪي اجايون ڪونھ آھن. پر ان ھوندي بھ جڏھن سر چارلس ٿر ۾ ھو تھ ڪن ڌرين سمجھيو ھو تھ علي مراد کيس تحفي ۾ ڪڪڙ ڏئي رھيو آھي ۽ ڪن سمجھيو ھو تھ اھو کيس ڪڪڙ سان گڏ آنا بھ ڏئي رھيو آھي. جڏھن مير علي مراد کيس تحفي ۾ ھاٿي ڏيڻ پئي چاھيو تھ کيس ھن ريت وراڻيو ھو: ”مان ڪوبھ تحفو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھيان. ڇاڪاڻ تھ مون کي تحفي ڏيڻ جيتري سگھھ ڪانھ آھي. جيڪڏھن گونر جنرل ھن تحفي تي اعتراض ڪيو تھ اھو توکي واپس ڪيو ويندو. جيڪڏھن ائين ٿيو تھ پوءِ اوھان ھن ھاٿيءَ جي قيمت جيتري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائجو.
ھن مير جي حڪمرانيءَ جو حق تسيلم ڪرڻ نھايت لازمي ھو. پر سر چارلس جي خيال مطابق ھندستان اندر انگريز سرڪار جي اھڙي حڪمت عملي قابل قبول ڪانھ ھئي. سندس چوڻ ھو تھ ھندستان جا حڪمران، امير ۽ نواب انگريزن کي ڌڪاريندا آھن ۽ سمجھندا آھن تھ اھي اڳرائي ڪري ملڪ اندر گھڙي آيا آھن. پر عام ماڻھو ھنن کي گھڻو پسند ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي سٺا حڪمران آھن ۽ چاھيندا آھن تھ انھن جي شھنشاھت سدا سلامت ھجي. جيڪڏھن اھي ھليا ويا ۽ حڪومت اڳين راجائن ۽ بادشاھن جي حوالي ڪري ويا تھ اسان وري غلام بڻجي وينداسون. انھن جي درٻارين جا امير ۽ نواب اسان جي مٿان حڪم ھلائيندا. اھڙا ماڻھو وري بھ حڪمرانن جي مدد ڪندا ۽ عوام جا دشمن بنجي ويندا. ان کان سواءِ ھتان جا حڪمران تھذيب ۽ تمندن جي خلاف آھن. اھو مقصد دل ۾ رکي ھو سنڌين اندر آزاديءَ جو ھڪ جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ٽالپرن جي يا ٻي ڪا حڪومت ٻيھر آئي تھ اھي تباھھ ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن اھڙي تحريڪ ھلي بھ تھ ان جي سخت مزاحمت ڪن.
مير علي مراد دغا ڪري ولي چانڊئي کي گرفتار ڪيو ھو، تنھن ڪري سر چارلس مٿس ڪرڙي نظر رکي رھيو ھو. سندس درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ھئائين. ان کان سواءِ وزير بھ انگريز سرڪار جي صلاح کان سواءِ ڪونھ رکندو ھو. ھن جي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي بھ دوستاڻي طريقي سان ڪئي ويندي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ مير نوجوان ھو. عيش عشرت جو ڪوڏيو ھو. ان ڪري ملڪي معاملن ۾ دلچسپي گھٽ وٺندو ھو. اھڙيءَ ريت درٻار ۾ انگريز دشمن جي سرڪي اچڻ جو امڪان ھوندو آھي. تنھن ڪري کيس انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ضروري صلاح مشورا ڏيندو رھندو ھو. ھن کي اھو بھ بار بار ياد ڏياريو ويندو ھو تھ سندس حڪمراني انگريزن سان وفاداريءَ ۽ تابعداريءَ سان مشروط آھي. اھڙين ڳالھين جي اڳتي ھلي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويندي. ھن قسم جي سکيا ۽ تربيت ڏيڻ سنڌ جي تحفظ لاءِ نھايت ضروري بھ آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن مير جي حڪمراني سنڌو درياه جي ٻنھي ڪنڌين سان آھي. جيڪڏھن اتي امن امان ھوندو تھ آگبوٽن جي آمد رفت امن ۽ آشتيءَ سان ھلي سگھندي. روھڙي، سکر، شڪارپور ۽ حيدرآباد کي سندس حڪمراني کان الڳ سمجھيو وڃي. ھن جي اتر پاسي ڌاڙيل قبيلا آھن. ھيٺ سنڌو سيوھڻ ڀرسان وھندو آھي. جتي ھالا جبل اچي ھن درياه کي ڇھندو آھي. سنڌوءَ جي ويجھو واري ايراضي سکي ستابي نظر ايندي آھي، جتي قلعن جي تعمير بھ موجود نظر ايندي آھي. ھنن سڀني قلعن کان ڪوٽڏيجي وارو قلعو وڌيڪ مضبوط آھي. ھن درٻار کي ٽالپر شھزادا عزت جي نظرن سان ڏسندا آھن. افغانستان ۽ قلات جا حڪمران بھ ھن درٻار جو احترام ڪندا آھن. ڪوٽڏيجي جو قلعو وسيع آھي. جنھن ۾ ھٿياربند فوج جو وڏو تعداد رھي سگھي ٿو. ھن حڪمران پگھار تي بلوچ ۽ پٺاڻ فوج رکي ڇڏي آھي، اھڙو کيس حق بھ مليل آھي.
سنڌ کي فتح کان پوءِ قابل انتظاميا جي ضرورت آھي ۽ اھڙي اھل انتظاميھ موجود بھ آھي، جنھن کي رڙيون کبرا ڪري مقرر ڪونھ ڪيو ويو آھي. ھن ملڪ کي بلڪل نئين انتظاميھ جي ضرورت ھئي، جنھن جو سوچ سمجھھ کان پوءِ قيام بھ عمل ۾ اچي چڪو آھي. انھيءَ ۾ مسلمان سنڌي ۽ ھندو سنڌي ماڻھن جو تعداد مفتوح بلوچن جي تعداد کان وڌيڪ ڪونھ آھي. جنرل ھي ملڪ تلوار جي سگھھ سان کٽيو ھو. سندس خواھش ھئي تھ سندس فوج جو ڏڏي ڏاکر ۽ ڀئھ جو ڀرم قائم رھندو اچي ۽ پنھنجي فوجي فرض جي ادائگيءَ ۾ ڦڙت ۽ مستعد ھجي ۽ جيڏانھن بھ ان کي روانو ڪجي حڪم اکين تي رکي کلندو وڃي. پنھنجي منصبي فرض کي ادا ڪري، اندرئين ۽ ٻاھرئين دشمن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي سگھي. جيڪڏھن منجھس ڪي اوڻايون آھن بھ پر پوءِ بھ سوڀ لاءِ سر تريءَ تي رکي وڙھي. ھن قسم جي تيز نظر کان ممبئي واري ڌر نپٽ ھئي. ۽ ھي چئي سگھجي ٿو تھ اھي ماڻھو امن ۽ آشتي جا ڏٺا وائٺ ويري آھن، جيڪي باغين مان چڱائي جي اميد رکيون ويٺا آھن. تنھن ڪري انھن نئين قسم جو گوڙ شور شروع ڪري ڇڏيو آھي تھ سنڌ جي فتح ڪري ھندستان جي سرحد ڪمزور ٿي وئي آھي. ممبئي واري ڌر جو اھم ذريعو گوڙ شور، ۽ ھٿ ناٽ ڪري، ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري، ڪنھن کي ھروڀرو لوئڻ ھوندو آھي. گوڙ شور ۽ واويلا بھ اھڙي منظم طريقي سان ڪندا آھن، جو عام ماڻھوءَ کي شعور ڪتب آڻڻ جي تھ وٿي ئي ڪانھ ڏيندا آھن. ھاڻي بھ ساڳين ماڻھن واويلا شروع ڪري ڏني آھي تھ سنڌ جڏھن ٽالپرن جي ماتحت ھئي تھ ٿر وارو رڻ پٽ ھندستان جو وڏو بچاءُ ھوندو ھو، جيڪو ان جي الھندي سرحد سان واقع آھيون. سندن اھو بھ چوڻ آھي تھ رڻ پٽ ملڪن لاءِ وڏي بچاءَ جي حيثيت رکندا آھن.“ اھا ڳالھھ صحيح آھي تھ رڻ پٽ ملڪي سرحدن جي بچاءَ جو سبب ھوندو آھي، پر رڻ پٽ ايڏو وڏو بچاءُ ڪري ڪونھ سگھندا آھن، جيڏو ممبئيءَ واري ڌر سمجھي رھي آھي ۽ ان کي بدنيتيءَ سان پيش ڪري رھي آھي. پر اھا حقيقت ائين بھ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ تھ رڻ پٽ واري ان سرحد تان ھٿ ڪونھ کنيو ويو آھي، پر ان کي اڳئين کان وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آھي. پر اھو ڪونھ ٿو ٻڌايو وڃي تھ اولھھ طرف کان ٻاھريون دشمن ڪير آھي؟ اھو دشمن ھڪ افغانستان ۽ ٻيو قلات آھي. اِھي ملڪ پنھنجي نفرت ڪري حملو ڪري سگھن ٿا يا اِھي ملڪ روس جي اشاري کان پوءِ ايران جي اتساھڻ تي فوج ڪشي ڪري سگھندا.
پر اتر ۽ اتر- اولھھ پاسي ڪير آھن؟ ساڳيو افغانستان جيڪو روس جي چرچ ڏيڻ کان پوءِ ايران کي حملي ڪرڻ لاءِ اتساھيندو، ان کان سواءِ امڪاني حملي آور سک بھ ٿي سگھي ٿو. پر ايران لاءِ سڪندر وارو گيڊروشيا gedrosia وارو رڻ پٽ ٿر واري ويران علائقي کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، جيڪو سنڌ کي ھندستان کان الڳ ڪري ٿو. جيڪڏھن ايران حملو ڪندو تھ ھرات ۽ اتر افغانستان کان ڪري سگھندو ۽ ھيٺ لھي بولان واري لڪ کان اڳتي وڌندو. ايران جو سنڌ تي ٻئي حملي جو رستو ھي آھي تھ ھو ھالا جبل جو اولاھيون پاسو ڏئي، سامونڊي ڪناري وٽان سنڌ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن ايران بولان لڪ کان ھيٺ لٿو تھ اھو اڳ ۾ بکر ۽ پوءِ حيدرآباد تي قبضو ڪندو. پر جيڪڏھن اھو سامونڊي ڪناري واري طرف کان آيو تھ پھريائين ڪراچيءَ تي قبضو ڪندو. اھي ٽيئي سکيا ستابا ۽ خوشحال علائقا آھن. ان کان پوءِ ھندستان تي حملي ڪرڻ واسطي ان کي سنڌو بھ اڪرڻو پوندو، جنھن کان پوءِ ٿر جو رڻ پٽ لتاڙي ھندستان ۾ داخل ٿيندو يعني ھندستان ۽ سنڌ جي وچ تي ٿر جھڙي اڻانگي جوءِ آھي جنھن وچان اڪري کيس ھندستان ۾ داخل ٿيڻو پوندو.
جيڪڏھن ايران، افغانستان، ترڪستان، بلوچ ۽ سک گڏجي ھندستان تي حملو ڪن تھ اھي فيروزپور وٽان ھندستان ۾ داخل ٿي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ تھ اتان ستلج ھن فوج کي گھڻي وقت تائين روڪي بيھاري ڪانھ سگھندي. امڪان اِھو آھي تھ دشمن ھن آسان رستي جي چونڊ ئي ڪري. ان کان سواءِ ٿر وارو رڻ پٽ اتر ۾ ان جڳھھ تائين پھچي ختم ٿي وڃي ٿو. اھڙي نازڪ صورتحال ۾ دشمن سنڌ جي ٽالپر حڪمران ۽ بھاولپور جي خان کي مدد ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن دشمن ٿر وارو ويران علائقو اڪري ممبئي تي حملو ڪري ھا تھ اھو ٽالپر حڪمرانن کان مدد وٺي سگھيو پئي. پر جيڪڏھن فيروز رستي دھلي تي حملو ڪرڻ چاھي ھا تھ اھو وري بھاولپور جي خان کان مدد حاصل ڪري ھا. ليڪن ھاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آھي. سنڌ ھاڻي انگريز فوج جي ھٿ ھيٺ آھي، جنھن جي راڄڌاني ڪراچي آھي. ان کانسواءِ ممبئي سان سمنڊ وسيلي آمد رفت شروع آھي. دشمن ھاڻي بولان کان اڳتي وڌي سنڌ مان گذري ڪونھ سگھندو. نھ وري ھالا جبل جو اولھھ ڏئي سامونڊي ڪناري کان لنگھي سنڌ ۾ داخل ٿي، ٿر اڪري ممبئي تي حملو ڪري سگھندو. ان کان سواءِ دشمن لاءِ سنڌو درياه بھ اڪرڻ مشڪل آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن درياه تي آگبوٽن جو پھرو موجود آھي ۽ اتي جي قلعن جي مرمت ڪري، انھن کي مضبوط ڪيو ويو آھي. ان سان گڏ اھم ڳالھھ ھي بھ آھي تھ سنڌ جي فتح کان پوءِ اتان جا ماڻھو انگريزن سان گڏ آھن. تنھن ڪري ھندستان جي ڏکڻ اولھھ سرحد ڪمزور ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آھي. اھڙين تبديل ٿيل حالتن ۾ جيڪڏھن دشمن ھندستان جي اتر اولھھ واري گھٽ کان اڪري، دھليءَ تي حملو ڪيو تھ ان جو پاسو flank ۽ پٺِ rear ڪمزور ٿي ويندو. اھو فوجي پيش قدميءَ جو نھايت ڊگھو رستو آھي، جيڪو ماضيءَ ۾ پڻ اختيار ڪيو ويو آھي. اھم ڳالھھ اھا بھ آھي تھ ڊيسا، جوڌپور، جيسلمير ۽ ٻين جڳھن تي ويھي، ٽالپرن تي بھ نظر رکي سگھجي ٿي. جن کي ”ڊيوڪ آف ويلنگٽن“ سنڌوءَ جي ڏکڻ واري پاسي جا ڌاڙيل سڏيو آھي. مٿين ڳالھين تي جيڪڏھن سوچبو ۽ ويچاربو تھ سنڌ جي فتح، ھندستان ۽ انسانذات لاءِ ڏاڍي فائدديمند آھي. ھن ڌرتيءَ وسيلي تجارت ترقي ڪري سگھندي، پر اخبارن جي واويلا ھن جي اھميت کي لڪائي ڪانھ سگھندي. ليڪن ھن چوڻي تي بھ غور ضرور ڪرڻ گھرجي تھ جڏھن اخبارون ڪنھن شيءِ لاءِ واويلا مچائي رھيون آھن تھ سمجھڻ کپي تھ دال ۾ ڪجھھ ڪارو آھي، ۽ پردي پٺيان ڪا ٻي شيءِ موجود آھي. ليڪن مظلوم ۽ سچ چوڻ وارن سڌن ماڻھن تي اخبارن جي ھاءِ گھوڙا جو ڪو اثر ڪونھ ٿيندو. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ اخبارن جي واويلا جو فقط ھڪ موضوع آھي، جنھن مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ ڪا سازش ٿي رھي آھي.
سر چارلس نيپئر پنج سؤ ميل ڊگھي رستي جي نگراني ڪري رھيو آھي، جنھن سان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جھڙا چار اھم ماڳ واقع آھن.
ھنن مان شڪارپور ڪچي جي جابلو علائقي ويجھو آھي، جتي گئريسن فوج رکڻ نھايت ضروري آھي. جيڪا ضرورت وقت سکر ۾ ٽڪيل فوج جي مدد ڪري سگھي ٿي.
حيدرآباد تھ اھڙو اھم ماڳ آھي جتي ويھي سنڌ جي ڪن مرڪزن تي نظر رکي سگھجي ٿي. ان کان سواءِ ھي ٿاڪ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علاٰئقي جي مٿان آھي. ھتي ھڪ مضبوط قلعو خندقن واري فوجي وانڍ بھ آھي. ھن جي ڀرسان ڪوٽڙي ۾ آگبوٽن جي وڏي اسٽيشن آھي.
ڪراچيءَ جي چوڌاري ڪوٽ ڦيريل آھي ۽ مقامي قسم جي تعمير جو ھڪ قلعو بھ ٺھيل آھي. ان کان سواءِ خندقن واري فوجي ڇانوڻي بھ آھي.
انھن فوجي ۽ غير فوجي اريگيولر ھارس ۽ پوليس جي مرڪزن جي ڪارڪردگي جو پنھنجو دائرو آھي. ھن قسم جي انتظامي سرگرميون ان وقت شروع ڪيون وينديون آھن، جڏھن ڪو حملو ٿيندو آھي. ھنن مين وٽ گوليون بارود وغيره ججھي انداز ۾ موجود ھوندو آھي. ھٿياربند آگبوٽ آمد رفت جي سرگرمين جي حفاظت ڪندا رھندا آھن. فوج کي بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي اڳتي پيش قدمي ڪرڻ لاءِ مناسب جڳھن تي قلعا موجود آھن. اھڙن قلعن جي مرمت، تعمير جي سامان ۽ رازن جي ملڻ جي آڌار تي ڪئي وئي آھي. ڇاڪاڻ تھ سنڌ تباھھ حال آھي، جنھن ۾ پيداواري شيون گھٽ آھن. سڀني قلعن ۾ اضافي ڪم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ھو تھ ھر قلعو وڏو ھجي، جنھن ۾ گولا بارود رکڻ لاءِ گدام ٺھيل ھجن. اھڙي تعمير مڪاني حالتن کي ڏسي شروع ڪئي وڃي ۽ برجن تي پھري لاءِ ٿورا ماڻھو مقرر ڪيا وڃن. شڪارپور ھڪ قلعبند شھر آھي، جنھن اندر مڪاني طرز جا ٽي قلعا موجود آھن. پر اتي بھ مارٽيلو martelo برجن جي ضرورت آھي. سکر جي فوج جو گولا بارود بکر ۾ رکيل آھي، جيڪا ھڪ محفوظ جڳھھ آھي. پر گولا بارود رکڻ واري جڳھھ پراڻي آھي. حيدرآباد جو قلعو ٽالپرن جو جوڙايل آھي، جنھن کي خندقن واري فوجي وانڊ camp سان ائين ملايو ويو آھي جيئن اٿيھن سان پيرائس piraius کي ملايو ويو آھي. پر اتي برجن بدران اوچيون ڀتيون آھن. ھن شھر جي بلڪل آمھون سامھون ڪوٽڙي وارو قلعو آھي، جيڪو آگبوٽن جي ھڪ وڏي اسٽيشن آھي.
ڪراچي وارو ماڳ ممبئي سان ڳنڍيل آھي، جتي ويھي باغين تي سولائي سان حملو ڪري سگھجي ٿو. ھتي ھڪ ننڍو قلعو آھي جنھن کي اٺ ڏھھ برج آھن. ان جي ڀرسان تازي پاڻيءَ جو ھڪ تلاءُ آھي جنھن جو پاڻي ڪونھ کٽندو آھي. گولا بارود واري ھر گدام ۾ گئريسن جي ٽي سؤ فوجين لاءِ ھٿيار رکيل ھوندا آھن، پر ھنن گدامن ۾ گولا بارود رکڻ جي جڳھھ اڃا بھ گھڻي آھي. ان کان سواءِ ھر ھڪ مارٽيلو برج ۾ ارڙھن پائوڊز سان گڏ ٻارھن فوجي ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت ريجيمينٽ جي ھڪ ونگ ھڪ فوجي اسٽيشن جي نگراني ڪندي آھي. ان حساب سان اڍائي ريجيمينٽون سڀني اھم فوجي ٺڪاڻن جي ذميواريءَ جون ذميوار ھونديون آھن. تنھن ڪري گولا بارود جو ھر گدام بلڪل مضبوط آھي ۽ باغن جو انھيءَ ماڳ تائين پھچڻ ناممڪن آھي. ان ڪري انگريز جو وڏو تعداد آزاديءَ ۽ آرام سان جيڏانھن وڻندو موڪلي سگھبو آھي. پر رستا واھن ۽ شڪار گاھن ڪري ڪٽيل آھن. جيڪي فوجي مقصدن لاءِ ٺھيل ڪونھ آھن.

ھيءَ حقيقت مٿي بھ بيان ڪئي وئي آھي تھ ڪھڙي ريت پوليس ۽ اريگيولر ھارس، فوج جي چوڌاري رھنديون ۽ ڪم ڪنديون ھيون، جنھن کي ملڪ جي اندروني امن جي ذميوارين سان گڏ، ڌاڙيل قبيلن کي بھ منھن ڏيڻو پوندو ھو. ليڪن ملڪ جون حدون گھڻو پري تائين پکڙيل ھيون، تنھن ڪري نيم وحشي قبيلن جي ڦرلٽ کان آجائي ڪانھ ھئي ۽ سرڪار کي اضافي فوج رکڻ جي ضرورت ھئي. انھيءَ ڪري ھن ڏس ۾ لارڊ ايلنبرو کان اجازت يا ھدايتن وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تھ مٿي بيان ڪيل سڀ ڳالھيون ھڪ ئي وقت ٿي رھيون آھن. سر چارلس جو خيال ھو تھ جھڙيءَ ريت نيپوليئن ضرورت کي محسوس ڪندي، مصر ۾ اٺ فورس Camel force قائم ڪيو تھڙيءَ ريت ھتي بھ فوج جا اٺ سوار دستا موجود ھجن. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جنرل چارلس، سنڌ ھارس سان گڏ ھڪ ٻي ريجيمينٽ بھ تيار ڪئي ھئي، جيڪا ڪئپٽن مالڪوم Malcolm جي ماتحت رکي وئي ھئي. ھي فوجي عملدار نھايت بھادر ۽ عقلمند ماڻھو آھي. جڏھن تھ اٺ سوار فوج جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ فزيجيرالڊ Fitzgerald جي حوالي ڪئي وئي آھي. ھي پڻ ھڪ بھادر ۽ باصلاحيت فوجي عملدار آھي ۽ ڪنھن بھ وقت ھو ڏکئي معاملي کي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان سر انجام ڪري سگھندو آھي ۽ اٺ سوار فوجي دستن جي مقرريءَ جو مقصد بھ اھو آھي.
ھڪ اٺ تي ٻھ فوجي سوار ٿيندا آھن، جن مان ھڪ کي ڪئرابائين carabine ۽ تلوار ھوندي آھي. جڏھن تھ ٻيو توڙيدار بندوق ۽ بئنيت bayonet سان مسلح ھوندو آھي. اھڙيون ٽوڙيدار بندوقون ڪراچي ۾ رکيل پراڻي قسم جي ھٿيارن کي ڪپي ڪوري بڻايون وينديون آھن. ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ اٺ جي مھار ھوندي آھي ۽ پاکڙي جي پوئين کاني ۾ ويھي اٺ بھ ھلائيندو آھي تھ دشمن تي بھ حملو ڪندو آھي. جڏھن ٻيو اٺ سوار انفنٽري Infantry جي فوجي سپاھيءَ جيان ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ڌاڙيل گھاڙن ۾ ويھي مقابلو ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن ميداني علائقن ۾ ھوندا آھن تھ ڌرتيءَ ۾ چر کوٽي پوءِ مھاڏو ڏيندا آھن. تنھن ڪري انھن تائين نيزو ۽ تلوار پڄي ڪانھ سگھندي آھي. جيڪڏھن دشمن جو تعداد گھڻو ھوندو آھي تھ اٺن کي ھشائي اھڙي ريت ويھاريو ويندو آھي، جيئن سندن منھن اندرئين پاسي ھجن ۽ اٺ حفاظتي ديوار بڻجي ويندا آھن. اھا تجويز پڻ پيش ڪئي وئي ھئي تھ فوجي سپاھين کي ڏڦن سان پڻ مسلح ڪيو وڃي. پر اھڙي تجويز فزجيرالڊ جي چوڻ تي رد ڪئي وئي ھئي. جڏھن تھ اھڙي تجويز اڃا بھ موجود آھي. ليڪن نظر ائين اچي ٿو تھ جيڪڏھن ڌاڙيل گھڻا ۽ تلوارن سان مسلح آھن تھ کين انھن ڏڦن سان مات ڏئي سگھجي ٿي. اٺن ۾ اھا سھوليت آھي تھ اھي سوارن سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ ھنڌ بسترا بھ کڻي ھلندا آھن. اھڙو سامان پاکڙي جو حصو بڻجي پوندو آھي ۽ ضرورت مھل اھي فوجي ڄڻ انفنٽري فوج بڻجي پوندي آھي. ھنن وٽ نھ تنبو ھوندو آھي نھ ڪميساري يا ڪو سامان سڙو ھوندو آھي، تنھن ڪري سندن چرپر ڏاڍي آسان ھوندي آھي ۽ چوويھن ڪلاڪن دوران سٺ ميلن جي منزل ھڻي سگھندا آھن. ليڪن اھو سفر ڏٻرا ۽ ڍرا اٺ ڪري سگھندا آھن. جيڪڏھن وھٽ ڀلا ۽ تازا تڪڙا ھوندا آھن تھ چوويھن ڪلاڪن اندر اسي يا نوي ميل منزل ڪري وڃي پار پوندا آھن. تنھن ڪري ڪو ٻيو جانور ايترو تڪڙو سفر ڪري کانئن اڳتي نڪري ڪونھ سگھندو آھي. جڏھن اٺ سوار فوجي دستا تيار ڪيا ويا تھ ڪچي واري جابلو علائقي ۾ رھندڙ انگريزي فوج جي مدد لاءِ ضروري موڪليا ويندا.
سنڌ جي صورتحال اھا آھي ۽ ان جا پاڙي وارن قبيلن ۽ قومن سان ناتا رابطا اھي آھن، جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آھن. ھن کان پوءِ جن واقعن جو احوالو اوريو ويندو سو سولائيءَ سان سمجھي سگھبو.

باب چوٿون: نيپئر مصيبتن جي منھن ۾

آگبوٽ وسيلي ڪراچي ڏانھن ھاڪارڻ دوران سر چارلس جي صحت سڌري وئي ھئي. پر ڊاڪٽرن کيس آبھوا جي تبديليءَ جو مشورو ڏنو ھو. پر جنرل اھڙي ڳالھہ مڃڻ کان انڪار ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن انتظاميا جي ھڪ وڏي مشنريءَ جو بنياد رکيو ھو، جنھن کي سندس نگرانيءَ جي ضرورت ھئي. سندس خيال ھو تہ سندس حياتي، ايڏيءَ وڏيءَ عوامي خدمت برابر ٿي ڪانہ ٿي سگھي. سندس چوڻ ھو تہ ”ھن ملڪ جي انتظام ھلائڻ لاءِ ڪيترائي ڏاھا ماڻھو موجود آھن. جن جي ھٿ ھي ملڪ ڏئي سگھجي ٿو. پر انھن کي اھڙي برتري حاصل ڪانہ آھي تہ اھي ھن ملڪ جي حالتن کان چڱيءَ ريت باخبر ھجن. ھنن ماڻھن وٽ فاتح ھجڻ وارو تاثر موجود ڪونہ ھوندو. ھتان جا گھوڙا سرڪش آھن، پر کين منھنجي ڳوري ھٿ جي بہ ڄاڻ آھي. ٻيو سوار واڳون مس جھليندو تہ ھو ٻڇانگ ڏين ٿا.
ابتدائي دور ۾ تہ سنڌ جي ھيءَ انگريز سرڪار ڏاڍي سھڻي نموني سان اڳتي وڌي رھي ھئي. پر ستت ئي ھن جي اڳتي وڌڻ واري رفتار ۾ سستي اچي وئي. انھيءَ زماني ۾ ھڪ عجيب غريب مھامري شروع ٿي وئي ھئي، جنھن ساريءَ ڌرتيءَ کي ڌونڌاڙي رکيو ھو، جنھن ڪري ھر ماڻھو ۽ ھر ادارو سندس لپيٽ ۾ اچي ويو ھو. ان سال جي آڪٽوبر ۽ نومبر مھينن ۾، ڪمانڊر ان چيف کان وٺي بئنڊ باجي واري ملازم تائين پورا سترھن ھزار ماڻھو، ھن موذي مرض جي دور چڙھي ويا ھئا. فوج ۾ ڪو ھٺ سڄِي وارو ماڻھو ڪونہ ھو، جو ان لڙھي جھڙيءَ بيماريءَ بابت رپورٽ تيار ڪري سگھي. ڪي ريجيمينٽون اھڙيون بہ ھيون جن جي دوا درمل ۽ سار سنڀال لاءِ ڪو ڊاڪٽر ئي موجود ڪونہ ھو. انھيءَ بيماريءَ ھڪ ئي وقت سڀني فوجين کي متاثر ڪونہ ڪيو ھو. پھريان تہ ائين سمجھيو پئي ويو تہ اھا بيماري فوجين کي گھڻي ڪم ۽ ٿڪ توڙي بيزاريءَ ڪري ٿي آھي. پر بعد ۾ پتو پيو تہ اھا مصيبت ٿڪ جي ڪري ڪانہ آھي. ڇاڪاڻ تہ ملڪي ماڻھو تہ فوجين کان وڌيڪ متاثر ٿي رھيا ھئا.
ان بيماري ڪري پوکي راھي بہ ڏاڍي متاثر ٿي رھي ھئي، ڇاڪاڻ تہ بيمار ماڻھو زراعت جي چڱيءَ ريت پرگھور ڪري ڪونہ ٿي سگھيا. انھيءَ ڪري ٻاھران آيل ڪمي ڪاسمي، ڪاريگر ۽ رازا ڊڄ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. ھي وبائي بيماري اتر، ڏکڻ، اولھہ ۽ اوڀر ۾ پکڙجي وئي ھئي ۽ ڪنھن ڏاھي کي پتو ڪونہ ٿي پيو تہ اھا ڪھڙي بيماري آھي. ليڪن اھا موتمار ڪانہ ھئي. پر فوجي سپاھي ۽ عملدار سڀ وڃي بسترن ڀيڙا ٿيا ھئا. انھيءَ دوران ڪچي جي بلوچ قبيلن ضرور اچي شڪارپور ۽ سکر کي ڦري اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھوندو. امڪان آھي تہ ھنن اتر سنڌ کي ڪونہ بخشيو ھوندو. ڇاڪاڻ تہ انھيءَ زماني ۾ اھڙو فوجي سپاھي ڪو رھيو ئي ڪونہ ھو، جنھن کي ان بيماريءَ ليٽائي ھنڌ ۾ ھٿيڪو نہ ڪيو ھجي ۽ لاچار ڪوبہ سپاھي بلوچ ڌاڙيلن کي اٿي منھن ڏئي نہ سگھيو ھجي. ليڪن جنرل چارلس نيپئر جو ھنن مٿان اھڙو تہ ڀئھ ويٺل ھو. تنھن ڪري ھو پنھنجون ڇڙواڳ ڪاروايون ڪري ڪونہ سگھيا ھئا. پر ھن کي بہ بيماري وچڙي وئي ۽ ڏاڍو نٻل ٿي ويو ھو. پر حوصلن ۾ پوڻو ڪونہ پيو ھو. ھن ملڪي سرحدن کي ڄڻ اجيت بڻائي ڇڏيو ھو. ھن جي ٻوليءَ جا مول پاڙي جي قبيلن ۽ قومن کي ھيسائي ۽ ڪمبائي رھيا ھئا، جيڪي فتح کان بہ وڌيڪ موثر ھئا. آفيسن جي لکپڙھہ مان تہ ائين ڀائنجي رھيو ھو تہ ھن بيمار ھوندي بہ ڪم کان ڪونہ ڪيٻايو ھو. ھن جي خانگي خطن مان بہ معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھو جسماني طور ڪيترو نہ جاکوڙي ھو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڄڻ تہ سڪندو ھو. ھن کي پنھنجي منصبي فرض جو گھڻو احساس ھوندو ۽ پير پساري وھڻ جو خيال کيس اوڏو بہ ڪونہ ايندو ھو.
ھن بيماريءَ دوران ممبئي واري ڌر، بلوچ ڌاڙيلن کي بيمار فوجين مٿان حملي ڪرڻ لاءِ اتساھيو ھو تہ مٿن اوچتي ھلان ڪري کين ماري ناس ڪري ڇڏن. ”بامبي ٽائيمس“ اخبار بہ اھڙو اشارو ڏنو ھو تھ، انھن بيمار فوجين کي ماري ختم ڪرڻ جو ھاڻي سونھري وجهہ آھي. پر سندس اھڙيون ڪڌيون ڪوششون اجايون ويون ۽ چوڌاري امن امان ۽ صلح سانت لڳي پئي ھئي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ تہ وڏي تبديلي اچي چڪي ھئي. جڏھن ڪليڪٽر جو پھريدار جٿو بيماري ٿي پيو تہ ڪليڪٽر تي پھرو پاڻ بلوچن ڏنو ھو، جيڪي ويچارا ھاري ناري ھئا. انگريز عملدار چوڏس انتظامي دورن ڪرڻ ۾ مشغول ھئا. ڪڏھن وري ڌاڙيلن جي ڪڍ ھئا. ڪڏھن عام ماڻھو ھنن سان گڏ ھئا تہ ڪڏھن فوج جي ڪمپني ھنن مان ھئي. ھنن کي جيڏانھن وڻندو ھو، امن مانا سان پيا ايندا ويندا ھئا. انھيءَ زماني ممبئي جي آس پاس کليل ۽ ميداني علائقن مان سفر ڪرڻ ڏکيو ھو، پر سنڌ جي ٻيلن ۽ ويران علائقن مان سفر ڪرڻ آسان ھو. ان ھوندي بہ ممبئي واري بي شرم ڌر ھي واويلا ڪري رھي آھي تہ سنڌي ماڻھو اھڙي سونھري وجهہ جي تاڙ ۾ آھن تہ جيئنءَ ھو انگريزن کان ڪيل ظلمن جو پلاند ڪري سگھن. سنڌ وارن تہ اھو ڏٺو ھو تہ انگريز سپھہ سالار پنھنجي نسلي برتري ڪانہ ڏيکاري ھئي، ڪنھن جي توھين ڪانہ ڪئي ھئي، نہ ڪنھن کان زبردستيءَ ڪو اجايو محصول وصول ڪيو ھو. سندس رسمن ۽ رواجن جي عزت ڪئي وئي ھئي، ڍل محصول گھٽايو ويو ھو، پوکي راھيءَ جي ھمت افزائي ڪئي وئي ھئي، تجارت کي ھٿي ڏني وئي ھئي. آفيس ۾ بہ جيتري عزت جنرل چارلس جي ھئي، ايتري سندس ماتحت عملي جي ھئي. ان کان سواءِ فوج تي جيڪو بہ خرچ ٿي رھيو ھو، تنھن کي پڻ مناسب تصور ڪيو ٿي ويو. ڇاڪاڻ تہ اھو پورھيتن ۽ ڪمين ڪاسبين کان محصول جي شڪل ۾ ڪونہ اوڳاڙيو ويو ھو. تنھن ڪري انھن ويچارن کي ٻيڻ تي ڪم ڪونہ ڪرڻو پوندو ھو. اھڙو مثال ججن جي بينچ جي ھڪ ميمبر وليم ڪوبيٽ Willeam Cobbett جو آھي. جنھن ھڪ انگريز جج جي مڙھيل وڏي محصول بابت غلط سياسي فيصلي کي ٽيڪ ڏيندي، جسٽس بيلي Bailey کي جواب ۾ لکيو ھو تھ، ”محصول پورھيت ماڻھوءَ لاءِ ڏاڍو فائديمند آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي پئسا موٽي وري بہ کيس ئي معاوضي جي شل ۾ ملن ٿا.“ اھڙيءَ ريت اھو ڏاڍ ڪونہ آھي. تنھن ڪري ڪوبہ ظالم ڪونہ آھي جنھن جي خلاف بغاوت ڪجي.
ڊسمبر تائين بيماريءَ ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي، پر ان کان پوءِ چيٽ ۾ ماڪڙ آئي، جنھن فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو. ماڻھن بيماريءَ ڪري ٿوريءَ ايراضيءَ تي پوکي راھي ڪئي ھئي، جيڪا بہ ماڪڙ کائي ناس ڪري وئي. بعد ۾ وري سنڌوءَ ۾ ايڏو تہ چاڙھھ آيو جو رھندي سھندي ڪسر بہ پوري ٿي وئي. ان ئي زماني ۾ ڪي سياسي ۽ فوجي واقعا رونما ٿيا، تنھن ڪري وڌيڪ چؤڪسي ۽ وڏي تياري ڪرڻي پئجي وئي ھئي.
اصلي کري ۽ سچي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ سر چارلس سنڌوءَ جي اڀرندي ڪٺار وارو ۽ ڪراچيءَ جو اوسي وارو علائقو فتح ڪيو ھو. جو کين جي ڄام جو علائقو ڪراچي کان وٺي سيوھڻ تائين ھو. ان کان پوءِ سيوھڻ کان اتريون علائقو انھن ماڻھن جي ضابطي ھيٺ ھو جنھن جا لاڳاپيدار ۽ مائٽ قلات جي جابلو علائقن ۾ ڪڇي وارن روھن ۽ ڪوھن ۾ موجود ھئا، جيڪي اڃا انگريزن جي ضابطي ھيٺ ڪونہ آيا ھئا. ممبئي سرڪار ھنن کي انگريز حڪومت جي مطيع ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي ھئي، پر ھو انڪار ڪري رھيا ھئا ۽ بغاوتون ڪري رھيا ھئا. کين انگريزن خلاف سرڪشي ڪرڻ لاءِ مير شير محمد ۽ احمد خان لغاري اڪسائي ۽ اتساھي رھيو ھو. ٻاھريون حالتون اھڙيون ھيون جو ھي ماڻھو اڃا بہ وڌيڪ سرڪشي ڏيکاري رھيا ھئا ۽ شرارتون ڪري رھيا ھئا. ڊسمبر ۾ کين ڳجھيءَ ريت معلوم ٿي چڪو ھو تہ ڪا وڏي طاقت انگريزن کي ھندستان مان ڀڄائي رھي آھي، تنھن ڪري نظر ائين اچي رھيو ھو تہ سنڌ ۾ گواليار جھڙيون حالتون پيدا ٿي رھيون آھن ۽ انگريزن خلاف کليءَ جنگ جون تياريون ٿي رھيون آھن. ان کانسواءِ ھيءَ حقيقت بہ ضرور ياد رکڻ گھرجي تہ ھندستان جي سڀني مسلمانن تي ويساه ڪرڻ غلط ٿيندو. نيپال بہ دوست بدران دشمن وڌيڪ آھي. سک راڄ فوجي انارڪي جي ور چڙھيل آھي. تنھن ڪري اھا فوج ستلح اڪري ڪجهہ ڪرڻ واري آھي. ھن درياھہ جي کاٻي پاسي واريون سک رياستون بہ ھنن سان ملي وڃڻ لاءِ تياريون ڪري رھيون آھن. ان کان سواءِ جاسوسن جا اطلاع آھن تہ افغان، بولان لڪ کان ھيٺ لھڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن ۽ سندن اِرادو شڪارپور تي حملي ڪرڻ جو آھي.
اھڙيون ڳالھيون ھنن ماڻھن کي اتساھھ ڏئي رھيون آھن. قلات جي جبل ۾ رھندڙ ۽ ڪڇيءَ جا ماڻھو ماٺ ڪري ويھڻ وارا ڪونہ آھن. ڊومڪي ڌاڙيلن، لاڙڪاڻي ڀرسان ڌاڙي جي ھڪ ظالماڻي ڪاروائي ڪئي آھي. اھي ماڻھو قلات جي قبائلي سردارن ۽ قنڌار جي نوابن جي ھميشھ شرافت جا ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا آھن. انھن ماڻھن جي خواھش آھي تہ قلات جي نوجوان حڪمران کي تخت تان لاھين. ڇاڪاڻ تہ اھو انگريزن جو دوست آھي. تنھن ڪري خوف اھو ٿي پيو آھي تہ متان اھي جابلو ماڻھو گڏجي حملو ڪري، سنڌوءَ جون اولاھيون پاسو تباھہ نہ ڪري ڇڏين. ھنن کي شايد انگريز سپھہ سالار جا چيل لفظ ياد آھن تہ پنجاب ۽ گواليار اسان جي ڀاڪر اندر آھي. جبلن جي قبائلي بلوچ ڌاڙيلن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڪونہ آھن. جيڪي توبن جي گڙ گڙ ضرور ٻڌندا ھوندا. انھن علائقن ۾ رھندڙ سنڌ جا بلوچ جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾ آھن. جڏھن انگريز فوج بيماري ٿي پئي ھئي تہ خيرپور جو مير علي مراد بہ غدار ٿي ويو ھو.
اھڙن ڳجھن حالن احوالن ڏيڻ وارن مان ھڪ تہ ايراني آغا خان آھي، جنھن کي اميرالجوال جي لقب سان سڏيو ويندو آھي. جيڪو قديم دور جي شھيدن جو وارث آھي. ھي ماڻھو ھاڻي اھڙو خطرناڪ ڪونہ رھيو آھي. ڪڏھن تہ ھن کان وچ فوج ۾ بادشاھھ بہ ڏڪندا ھئا. چيو ويندو آھي تہ ھن کي ھڪ وڏي ڳجھي طاقت آھي. ھن جا مريد سنڌ کان وٺي ميڊيٽرانن تائين ۽ ساري ايشيا ۾ پکڙيل آھن. کيس خراج پھچايو ويندو آھي. کيس سندس مريد سچي ۽ کري معلومات بہ ڏيندا رھندا آھن. ھي آغا خان فتح کان ٿورو اڳ مختصر گھوڙيسوارن جي جٿي سان سنڌ پھتو ھو، جو اتي کيس خبر پھچي وئي ھئي تہ ٽالپر، انگريز ريزيڊنسي تي حملي ڪرڻ وارا آھن. جنھن تي ھن کين ڇنڊ پٽي ھئي. اھڙي خبر ھن ميجر آئوٽرام کي بہ ڏني ھئي. پر ان انگريز عملدار جو بندوبست نھايت ڪمزور ھو. جنگ واري زماني ۾ آغا تہ کليو کلايو انگريزن جو ساٿ ڏنو ھو ۽ سندس گھوڙيسوار بہ ميرن جي نہ پر انگريزن جي پاسي ھئا. انھيءَ خدمت عيوض ھندستان سرڪار کيس پينشن بہ ڏيندي رھندي آھي. ان کانپوءِ سندس چرپر کي شڪ جي نگاھھ سان ڏٺو ويندو ھو. جڏھن انگريز سرڪار بغداد ۾ ڪن ماڻھن کي ڦاھيءَ جون سزائون ڏنيون تہ ھن بيجا مداخلت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي، تنھن ڪري ھن کي سنڌ کان ٻاھر وڃڻ جي منع ھئي. ڳالھيون کڻي ڪيئن بہ ھجن پر ھيءُ انگريز سرڪار جو ويساه جوڳو دوست ھو. سر چارلس جو پڻ گھاٽو يار آھي، جنھن کيس ھڪ ڳجھو پيغام پھچايو آھي تہ قنڌار جا افغان ۽ قلات جا بلوچ سردار، مير شير محمد سان گڏ آھن. ان کان سواءِ سنڌوءَ جي الھندي پاسي وارن بلوچ سردارن بہ مير شير محمد کي ڳجهہ ڳوھہ ۾ يقين ڏياريو آھي تہ انگريزن خلاف اسلام جو نعرو ھڻي جنگ شروع ڪندا ۽ کيس پنھنجو تخت ۽ تاج وٺي ڏيندا. انھيءَ زماني ۾ مير علي مراد بہ افغانن ڏانھن خط لکيو ھو تہ انگريزن اٺ ھزار فوجي بيمار آھن. ٻيا وري بيماريءَ ڪري ڏٻرا ۽ نٻل آھن. جيڪڏھن رڳو ٻہ ھزار افغان فوجي بولان لڪ اڪري ھيڏانھن ايندا تہ فرنگين کي تباه ڪري ڇڏيندا. منشي علي اڪبر جو چوڻ آھي تہ اھو ھندستان جي بااختيار ماڻھن جو ھڪ طاقتور اتحاد آھي، جيڪو اڃا جوڙجڪ وارن مرحلن ۾ آھي. منجھن ڳجھا رابطا ھلي رھيا آھن. ھي اھڙو ماڻھو آھي جنھن جي دانشمنديءَ وفاداريءَ ۾ ڪنھن بہ قسم جو سڪ شبھو ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ليڪن سندس خيال آھي تہ سنڌ جي ويجھو وسندڙ قومون، جنرل سر چارلس کان ڪنبي رھيون آھن. ”بھادر جنگجو آھي“. اھي ماڻھو ھن جنرل کي انھيءَ لقب سان سڏيندا بہ آھن، پر ھي ماڻھو موقعي ملڻ تي ھڪ ٻئي کان ڌار بہ ٿي سگھن ٿا.
ھي منشي مير علي مراد بابت ٻڙڪ بہ ڪونہ ٿو ٻولي. پر ھن ٽالپر جي نيت ۾ شڪ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آھن، ان کان سواءِ آغا خان جي موڪليل رپورٽ ۾ چيل آھي تہ ھن ماڻھوءَ تي ويساھھ ڪرڻ صحيح ڪونہ ٿيندو. ھن پنھنجي وزير شيخ علي حسين کي بہ ڪڍي ڇڏيو آھي، جيڪو انگريزن جو سچو دوست ۽ تابعدار آھي. ھن مير، جنرل سر چارلس ڏانھن لکيو آھي تہ سندس اھو وزير صحيح ماڻھو ڪونہ آھي. جيڪڏھن ھن مير کي ٻئي پاسي واھر جو اوسيڙو نہ ھجي ھا تہ کيس ائين ڪرڻ جي جرئت ڪڏھن بہ ڪانہ ٿئي ھا. امڪان آھي تہ کيس گواليار، پنجاب ۽ افغانستان جي ڳجھيءَ طرح مدد حاصل آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس خبر آھي تہ اڪيلي سر بلوچ انگريزن سان پڄي نہ سگھندا.
حالتون ڏاڍيون ڏکوئيندڙ آھن، جنھن مٿان ضابطي رکڻ لاءِ بلند حوصلي جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تہ عام طور تي ائين سمجھيو پيو وڃي تہ سر چارلس نيپئر جنگين مان مس واندو ٿيو آھي ۽ اھڙي حڪومت جو بنياد رکي رھيو آھي، جنھن مان ڪيترائي فائدا ملندا ۽ ڪيترائي نسل خوش ٿيندا. پر اڻ ٻڌي ۽ اڻ ڏٺي بيماريءَ ڪري سندس فوج بيڪار ٿي رھجي وئي آھي. انھيءَ ڪري قوم جو سماجي وجود جمود جو شڪار ٿي ويو آھي. ليڪن ھنن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ کيس ٻاھرين ملڪن جي حملي جو خطرو آھي، جيڪو مير علي مراد جي غداريءَ ڪري پيدا ٿي پيو آھي. پر کيس خاص ڪري اولھہ پاسي وارن باغين مان بہ ڀئو آھي، ليڪن ان وقت جڏھن ھن جي صحت ڪري پئي آھي ۽ ھو ڏاڍو ڪمزور ۽ مايوس ٿي ويو آھي. ڪجهہ فوجي عملدار تہ چريا ٿي پيا آھن. ڪيترن جون حرڪتون ٻاراڻيون ٿي پيون آھن. چئن فوجين تہ آپگھات ڪري ڇڏيو آھي. ھن وقت سر چارلس تي مٿان سڀ مصيبتون ھڪ وقت گڏ ٿي اچي ڪڙيون آھن. ھن جي خدمت عيوض سندس حق ھو تہ کيس ھر طرح جي واھر ڪئي وڃي ھا. ان بدران ساڻس ڳجھي قسم جون دشمنيون ڪيون پيون وڃن ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالھايو پيو وڃي. اھڙين ڏکيائين ۽ مصيبتن ھوندي بہ ھو لڏيو ۽ ٻڏو ڪونہ آھي. سندس حوصلا بلند ۽ اِرادا اٽل آھن ۽ ھو بنا ڪنھن واويلا مچائڻ جي مصيبتن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي رھيو آھي. جنھن سان ھن ملڪ جا ماڻھو گڏ آھن.
ھن جون پھريون ڪوششون اِھي آھن تہ جيئنءَ جاسوسيءَ معلومات صحيح ھجي ۽ طريقي سان جنگي مھم جو آغاز ڪري سگھي. انھيءَ ڏس ۾ ھن ڀروسي جوڳا ۽ آزاد نوعيت جا طريقا ڪم آندا ھئا. ھو اتفاقي جاسوسي معلومات تي گھٽ ڀروسو ڪندو ھو. ايران سان واسطو رکندڙ آغا خان جي ڏنل معلومات بہ اتفاقي ھوندي ھئي. شيخ علي حسين ڏاڍو ذھين ۽ وڏي اثر رسوخ وارو انسان آھي، جيڪو صحيح جاسوسي معلومات جو ھڪ اھم وسيلو ھو. سندس ڏنل اطلاع اعتبار جوڳو ۽ سچو ھوندو ھو. کيس پورو يقين ھو سندس بھتر مستقبل سنڌ ۾ انگريزن جي برتريءَ سان لاڳاپيل ھو. علي مراد ھن ماڻھوءَ کي پسند ڪونہ ڪندو ھو. سنڌ جا ٻيا ٽالپر وري ھن مير کي غدار سڏيندا ھئا. ھي ماڻھو پگھارن جي معاملي ۾ پٺاڻن سان بہ سٺو ڪونہ ھلندو ھو. ڇاڪاڻ تہ اقربا پروري مٿس غالب ھوندي ھئي. ڏٺو وڃي تہ اھو ماڻھو جنھن جبل تي ويٺو آھي، تنھن کي کوٽي ناس ڪري رھيو آھي. اھي اھڙيون ڳالھيون آھن جو ھو انگريزن جو وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويو آھي. دولتمند ھندن کي جاگيرون ڏنيون ويون آھن، جيڪي پڻ انگريز سرڪار لاءِ جاسوسي ڪندا آھن. ھنن جي جاسوسي ڪرڻ جو طريقو پنھنجو ۽ وڌيڪ اعتماد جوڳو آھي. ان کان سواءِ فوجي سپاھي بہ سٺي جاسوسي ڪري رھيا آھن ۽ ھن ڪم ۾ ڏاڍا ڦڙت ۽ چالاڪ آھن. تنھن ڪري جيڪڏھن ڪا نئين ڳالھہ ٿي پئي تہ ان جي کيس اڳواٽ ئي خبر ھوندي. سر چارلس پنھنجي جرئت ۽ فوج جي بھادريءَ ڪري سنڌ ۾ ھڪ ڏھڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو آھي ۽ عام بلوچ ۽ خاص ڪري مير علي مراد جي سڀاءَ جو بہ چڱيءَ پر ڄاڻو آھي. ان ناتي ھن پھريون ڪم اھو ڪيو آھي تہ ھن شڪارپور جي ڪمانڊنگ آفيسر کي فوجي چوڪين تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. جنھن جي نگراني بہ کيس ئي ڪرڻي پوندي. اھڙي بندوبست ڪرڻ سان افغانستان جي امڪاني حملي کي ۽ ڪڇيءَ جي بلوچ ڌاڙيلن کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھجي ٿو. ھن کيس چيو ھو تہ قلعن جي مدد سان تون فقط ھڪ سؤ فوجين جي مدد سان ھزارن دشمنن کي منھن ڏئي سگھندين. پر انھيءَ لاءِ توکي خبرداري ۽ نظرداري ڪرڻي پوندي. تون انگريز فوجي سپاھين جي مدد سان قلعي اندر رھي، بلوچن ۽ افغانن کي منھن ڏيڻ سان گڏ بيمار فوجين جي نگھباني بہ ڪري سگھين ٿو. جيڪڏھن ڪو دشمن توتي حملو ڪرڻ ۽ گھيرو ڪرڻ چاھي ٿو تہ تون اڳتي وڌي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. پر جيڪڏھن دشمن سگھارو آھي تہ ان کي شھر ڏانھن وڌڻ ڏي ۽ شھر ۾ اچڻ کان پوءِ مٿس حملو ڪر، پر جيڪڏھن دشمن کي گھڻي فوج نہ آھي تہ رات جو ان جو پيڇو ڪري ۽ باک ڦٽيءَ جو مٿس حملو ڪري ڏي. سمجھڻ اھو کپي تہ مٿس ڪھڙيءَ بہ حالت ۾ حملو ڪرڻو آھي، پر فرق رڳو اھو ڪرڻ کپي تہ جيڪڏھن دشمن سگھارو آھي تہ ان کي قلعي جي ويجھو اچڻ ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪمزور آھي تہ اڳتي وڌي مٿس حملو ڪجي ۽ جيڪڏھن دشمن جو تعداد تمام گھڻو آھي تہ پوءِ سکر جي ڪمانڊنگ آفيسر کي مدد لاءِ چيو وڃي، جنھن ڏانھن اھڙا احڪام موڪليا ويا آھن. کيس اھو بہ چيو ويو آھي تہ بکر جو بھر صورت تحفظ ڪرڻو آھي. پر ڪجهہ تعداد بکر جي بچاءَ لاءِ رکيو وڃي باقي ٻي فوج ترت شڪارپور رواني ڪئي وڃي. جڏھن تون دشمن تي توبن جي گولا باريءَ جو آواز ٻڌين تہ قلعي واريءَ ساري گئريسن فوج کي حڪم ڪيو وڃي تہ اھا قلعي کان ٻاھر نڪري ھڪ ئي وقت دشمن تي حملو ڪري ڏئي. مون کي ڪنھن بہ حملي جو خدشو ڪونہ آھي. پر مان ھي ڳالھيون اڳواٽ بچاءَ جي مقصد سان ڪري رھيو آھيان.
اھو اڳواٽ چتاءُ مير شير محمد ڪري آھي، جيڪو قنڌار جي افغانن وٽ رھي ٿو. ان کان سواءِ ھو مسلسل ڌاڙيل قبيلن سان رابطي ۾ آھي. جيڪي بولان لڪ کان ھيٺان رھندا آھن. ڪڇيءَ جا بلوچ بہ ھن سان گڏجي ويا تہ جنگ جو امڪان پيدا ٿي سگھي ٿو. اھڙو امڪان بہ آھي تہ بلوچستان جا ويھھ ھزار جنگجو ماڻھو ھن مقصد سان اڳتي وڌي سگھن ٿا. پر جيڪڏھن ھنن سان افغان ۽ مير علي مراد جا ماڻھو بہ ملي وڃن ٿا تہ حالتون نھايت ڳنڀير ٿي وينديون.
مير علي مراد جي مزاج ۽ سندس منصوبن کي اڳتي ھلي پرکيو ويندو. سر چارلس نيپئر وٽ بھادر جو قدر آھي. پر علي مراد ھڪ تہ نشي جو عادي آھي، ٻيو تہ عيش عشرت عورت بازيءَ جو شوقين آھي. پر اھڙي بغاوت کان اڳ سندس بھادري کيس ڪوٽڏيجي ۾ پنھنجي پاڻ بچائڻ کان تہ پري ڪانہ رکندي. ڇاڪاڻ تہ ڪوٽڏيجي وارو ھي قلعو ٽڪري جي ھڪ چوٽيءَ تي اڏيل آھي. بلوچ سمجھندا آھن تہ ھن قلعي کي فتح ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھي قلعو کڻي ڪيڏو بہ مضبوط ھجي، پر بمبارڊمينٽ جي آڏو تہ ڪجهہ بہ ڪونہ آھي. ان ڪري جنرل سر چارلس نيپئر، مارٽرن جو وڏو تعداد اڳواٽ ئي اوڏانھن موڪلي ڇڏيو آھي. جيڪو ھن ممبئي کان جلديءَ ۾ گھرائي ورتو آھي. جيڪو سنڌوءَ وسيلي کڄي اچي سکر پھتو آھي. جيڪو ڪوٽڏيجي کان ٽن منزلن جيترو پري آھي. ھن اھڙا قدم اھو ڏيکارڻ لاءِ کنيا آھن تہ جيئن محسوس ڪري سگھجي تہ ھو ٽالپرن جي روين کان نفرت ڪري رھيو آھي. ھن قسم جي بندوبست ٿي وڃڻ کان پوءِ، ھن بيمار فوجين کي موڪل تي روانو ڪري، تازي فوج گھرائي ورتي آھي. ھو پاڻ بہ سکر ھليو آيو. پر کيس محسوس ٿيو تہ ھن کي ٻيھر بہ بخار اچي ويو آھي، جيڪو ڏاڍو خراب ھو. جنھن سندس طاقت کي ڀڃي ڀروڙي ڇڏيو ھو. جڏھن تہ کيس ھن وقت طاقت جي بي انتھا ضرورت ھئي. حقيقت اھا آھي تہ ھي انھن ڏينھن ۾ ڏاڍو ڪمزور ھو. ان ڪري کيس پنھنجن ڊاڪٽرن ۽ دوستن سنڌ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ھو، پر سر چارلس کين ھن ريت جواب ڏنو ھو:
سنڌ ڇڏي وڃڻ سان منھنجي حياتي تہ بچي ويندي، پر ھزارن ماڻھن جي زندگي تہ بچي ڪانہ سگھندي. تنھن ڪري سنڌ ڇڏي ٻاھر ڪونہ ويندس. جيڪڏھن آئون ائين ڪندس ۽ سنڌ ڇڏي ھليو ويندس تہ ھتي وري وحشي پڻو ڪاھي پوندو. جيڪو ماڻھو اتفاقي فائدا حاصل ڪرڻ چاھيندو سو خوشگوار نتيجا ڏئي ڪونہ سگھندو. مان لارڊ ايلنبرو کي ھن سياسي سمنڊ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار ڪونہ آھيان. مان پنھنجن ساٿين کي سڃاڻان ٿو. گھوڙن جوٽڻ کان اڳ ڪو عقلمند ماڻھو ٽانگي تي سوار ڪونہ ٿيندو. سردار ۽ قبيلا منھنجي فرمانبرداري انھيءَ لاءِ ڪري رھيا آھن، ڇاڪاڻ تہ منھنجو فتحن وارو ڪردار ڪنھن نئين ماڻھوءَ کي ويجھو اچڻ ڪونہ ڏيندو. مان جيڪڏھن ھنن کي سزا بہ ڏيندس تہ ٿڌائيءَ ۽ صبر سان ڏيندس. جڏھن تہ ڪو ٻيو ماڻھو ھنن کي سزائون اکيون ٻوٽي ڏيندو. ٻي ڳالھہ تہ ھنن کيس جنگ ۾ آزمائي بہ ڪونہ ڏٺو ھوندو. مياڻيءَ جي ھڪ بلوچ ڪمانڊر ان چيف مون سان ھيٺينءَ ريت گفتگو ڪئي ھئي جيڪو ان جنگ ۾ منھنجي مد مقابل ھو:
جنرل! مون سان واعدو ڪر. تون جيڪڏھن سکن تي حملو ڪيو تہ مان توھان جي پٺيان ھوندس ۽ مون سان ڏھھ ھزار ھٿياربند ھوندا. توھان جي ڪمانڊريءَ ۾ ساري سنڌ اوھان سان گڏ ھوندي. تون منھنجو بادشاھھ آھين. مان اوھان جا رڪيب جھليندس ۽ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي ڪونہ ويندس.
ھڪ انگريز جنرل کي اھڙو تجربو نہ ڪرڻ گھرجي، پر جيڪڏھن مان ھڪ حڪمران ھجان ھا تہ سڀني بلوچن کي گڏ ڪري سکن تي حملو ڪريان ھا ۽ اھڙيون فتحون ماڻيان ھا جو ڪو عام قسم جو سرڪاري نوڪري ڪري ڪونہ سگھي ھا. فتح کي ھڪ عزت، احترام ۽ شان آھي، تنھن ڪري ھنن ماڻھن کي ھر نموني سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. پر ھڪ نئين ماڻھوءَ لاءِ معاملو مختلف ھوندو آھي. اولھہ پاسي کان مير شير محمد ۽ افغان آھن. جڏھن تہ اتر پاسي کان سک آھي. فوج بيمار آھي. جيڪڏھن اھي ماڻھو ھن وقت سنڌ تي چڙھي آيا تہ ھيءَ فوج تباه ٿي ويندي. انھيءَ صورتحال ۾ ڪو موڳو ماڻھو بہ کيس الٽي صلاح ڏئي گمراھھ ڪري سگھي ٿو. ان کانپوءِ مونجھاري کان سواءِ ڪو ٻيو نتيجو ڪونہ نڪرندو. اھڙي ڳنڀير وايو منڊل ۾ مان سنڌ، لارڊ ايلنبرو ۽ انگلينڊ جي ڪابھ خدمت ڪري ڪونہ سگھندس. ڇا مان ان حالت ۾ ھڪ گورنر جي حيثيت ۾ حڪومت جون واڳون ڇڏي ڏيندس، نامممڪن. مان ھتي رھندس، انھن ڏچن کي منھن ڏيندس ڀل کڻي زمين اٿلي پوي. ھتي ھزارن جي تعداد ۾ ائين تباھي جي ڪناري پھچي چڪا آھن. جھڙيءَ ريت مان بيماريءَ ۾ سوڪ آھيان. مان ھنن ويچارن سان گڏ آھيان. پتو نہ آھي تہ مان ھنن سان گڏجي چڪڻ مان چڙھي پار پوان يا ھنن سان گڏ ٻڏي وڃان.“
مير علي مراد جي مخالفت بعد ڪوٽڏجيءَ تي حملي جو پلان
انھن حالتن کي ڏسي سر چارلس انتظار ڪري رھيو آھي تہ ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏھن مير علي مراد ڪنھن شرارت جي ابتدا ڪئي تہ ھو بہ ڪوٽڏيجي حملي ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي. ان صورت حال ۾ ٿيندو ائين جو ھو مير علي مراد کي ختم ڪري سڀني بلوچن جي سازشن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندو ۽ بلڪل ائين ڪيو ويندو جيئن آغا خان جو مشورو آھي. جنھن تي مون ھن کي چيو ھو تہ ايڏو بھادر ڪونہ آھي جو اڪيلي سر جنگ ڪري سگھي. جيڪڏھن مان کيس ڪوٽڏيجي جھڙي قلعي اندر وڃي سوگھو ڪيو تہ ھن سان گڏ بلوچ قبيلن جا ھيانءَ ڇڄي پوندا ۽ ڪڻو ڪڻ ٿي ويندا. پر مان سمجھان تہ اھي بلوچ قبيلا ڪوٽڏيجي گھيري ڪرڻ وقت ئي علي مراد کي ڇڏي ھليا ويندا. پر جيڪڏھن ھر پنجين منٽ کان پوءِ توبن جا سورھن گولا ڇٽندا رھندا تہ سندن ٻڌيءَ ۽ ايڪي جي ڌائي مڃ ڌار ٿي ويندي ۽ ھنن جون سڀ سازشون لوڻ پاڻي ٿي وينديون.
جڏھن گولا بارود سکر پھتو تہ علي مراد جي بھادري کي آزمائڻ لاءِ کيس چيو ويو تھ، ھو شيخ علي حسين کي وزير مقرر ڪري جنھن کي ھن ڪجهہ وقت اڳ الڳ ڪري ڇڏيو ھو پر مير اھڙي ڳالھہ قبول ڪانہ ڪئي. ان کان پوءِ بمبئي ڌر جي سر جارج آرٿرGearge Arthor ۽ ڪمانڊر ان چيف جاسپر نڪولسJaspar Nicholas ھدايتون موڪلڻ شروع ڪيون، تہ جيڪڏھن مير علي مراد تي حملو ڪيو ويو تہ سڀئي ٽالپر مڇرجي پوندا. پر سر چارلس ھڪ مدبر ۽ ڏاھو ماڻھو ھو، جڏھن تہ ممبئي ڌر وارا ماڻھو کيس موڳو تصور ڪري رھيا ھئا ۽ علي مراد جي نمائندگي ڪري رھيا ھئا، جيڪو انگريزن جو غدار ھو. تنھن ڪري ھن ٽالپر حڪمران کي مجبور ڪيو تہ ھو انگريز سرڪار جي وفاداري ۽ تابعداريءَ جو کليءَ دل سان اظھار ڪري. ان کانپوءِ ھن مير، شيخ علي حسين کي وزير مقرر ڪيو ۽ چيو ھئائين تہ اِھڙي ڏاھي صلاحڪار کي ڪڍي ڇڏڻ جو ھن ڪڏھن بہ سوچيو ئي ڪونہ ھو. وڌيڪ اھو بہ چيو ھئائين تھ، گورنر جي ناراضگيءَ تہ سندس چيلھھ ئي چٻي ڪري رکي آھي. ھاڻي تہ ھو خوش آھي. تنھن ڪري خوشي کان سندس دل ائين ناچ ڪري رھي آھي. جيئن سج جا ڪرڻا پاڻي تي ناچ ڪندا آھن ۽ ٻين جون دليون مشرق جي گلن وانگي ٽڙي پيون آھن. تنھن تي جنرل چارلس رکائيءَ سان جواب ڏنو ھو تھ، ”جڏھن ڪوٽڏجي جي قلعي مٿان ھر پنجن منٽن کان پوءِ سورھن مارٽر ڪرن ھا تہ تنھنجي ڪرنگھي جي ھڏي اھڙي ڀڄي ھا جو وري سڄي ٿي ڪانہ سگھي ھا.“ ان وقت ھن اھو بہ چيس تھ، علي مراد ھڪ سست، نشئي ۽ نڪمو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنھجي حرم کان ٻاھر ئي ڪونہ ٿو نڪري، ھو ڊڄ کان پاڻ جھلي ڪونہ سگھيو. جيڪڏھن بھادر ھجي ھا تہ ھو بہ ٻين انھن ٽالپرن وانگي انگريزن جو جاني دشمن بڻجي وڃي ھا، جن کان حڪمرانيون کسيون ويون آھن. ان کان پوءِ ھو سوچي رھيو ھو تہ کيس قتل تہ ڪونہ ڪيو ويندو، پر کانئس حڪمراني ضرور کسي ويندي. تنھن ڪري انگريزن سان غداري ڪرڻ بدران نشو ڪرڻ سٺو آھي، جيڪو کيس بغاوت بدران بيڪار بڻائي ڇڏيندو ۽ اھو سٺو آھي.
سنڌ تي ٻاھران حملو ۽ بچاءَ جو بندوبست
اندروني قسم جي غداريءَ کي تہ ائين ڪري ختم ڪيو ويو. پر ٻاھرئين قسم جي غدارين ڏانھن ايڏو ڌيان ڪونہ ڏنو ويو. جنوري جي پڇاڙي تائين، جن حالتن کي مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ پڪو اِرادو ڪيو ويو، سي آسان ٿي ويون ھيون. بيمار فوجي ھاڻي تندرست ٿي چڪا ھئا. ان کان سواءِ فوج جي آرٽيلري واري حصي ۾ توبن ڇڪڻ لاءِ تازا توانا گھوڙا موجود ھئا. پوليس کي بھتر ھٿيار ۽ ڪپڙا ڏنا ويا ھئا. تنھنڪري اھا ڪھڙي بہ وڏي دشمن سان مقابلي ڪرڻ لائق بڻجي وئي ھئي. ڪرنل رابرٽس بہ ڪڇ ۾ ”اريگيولر ھارس“ کي منظم ڪري ورتو ھو. اڳي ھتي ممبئي طرفان پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ھئا، جن امن امان لاءِ ڪوششون ڪيون ھيون، پر اھي سڀ بيڪار ثابت ٿيون ھيون. ڪڇ جي دنگ سان ٿر جا راڻا ۽ راوت پاڻؤن ڄاڻئون ڌاڙ ڇڏڻ جا واعدا ڪري چڪا ھئا ۽ سنڌ ۾ اچي امن امان سان رھڻ جي ارادي جو اظھار ڪري چڪا ھئا. ھنن سڀني ماڻھن ڌاڙن ھڻڻ واريون گنديون عادتون ڇڏي ڏنيون ھيون، جنھن ڪري سر چارلس جي عزت آبرو ۾ گھڻو اضافو ٿي ويو ھو. اھڙيون ڳالھيون نھايت اھم ھيون، ڇاڪاڻ تہ ھنن ڏنگن ماڻھن سنڌ جي اوڀارين سرحد سان امن امان قائم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ھو. انھيءَ ڪري سکر مان فوج رواني ڪري، شڪارپور کي مضبوط ڪرڻ جو ھڪ سونھري وجهہ ملي ويو ھو. اھڙي ريت ٽي توبون، اريگيولر ھارس جي مڪمل ريجيمينٽ ۽ ھڪ انفنٽري موڪلي وئي ھئي. اھو بندوسبت انھيءَ مقصد سان ڪيو ويو ھو تہ جيئن افغانستان ۽ جابلو ماڻھن جي گڏيل حملي کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھجي. ان ڪري سکر جي فوجي ڇانوڻي خالي ٿي وئي ھئي. جنھن کي ڀرڻ لاءِ ڪراچي کان ريگيولر گھوڙي سوار رستا ۽ فيلڊ انفينٽري رواني ڪئي وئي، جيڪا سنڌوءَ جون اوڀاريون ڪنارو ڏئي مٿي وڌي ھئي. ھن وقت تائين فٽزجيرالڊ بہ اٺ سوار فوجي منظم ڪري چڪو ھو. ھيءَ فوج ھڪ ڏينھن اندر سٺ ميل جي رفتار سان پيش قدمي ڪري سگھندي ھئي. ھن فوجي عملدار اٺ سوار فوج جي اڳواڻي ڪري سنڌ جي خطرناڪ اولاھين سرحد وڃي سنڀالي ھئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڃي قيام ڪيو ھئائين. انھن فوجي ڇانوڻين جي وچ تي ھٿياربند آگبوٽ ھلي رھيا ھئا، جيڪي مذڪوره ڇانوڻين جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڏئي رھيا ھئا. اھڙي طريقي سان شڪارپور ۽ سکر جي ٻن اھم فوجي ٿاڪن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو ھو. اھا پنھنجي منصبي فرض کي سرانجام ڪرڻ لاءِ ڏاڍي مستعد ھئي ۽ ٽولين ۾ ورھائجي، علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھمي ڦري رھي ھئي ۽ اصلي قوت کان بہ وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط نظر اچي رھي ھئي. ان کان سواءِ ھميشھ جيان افواھھ پکيڙي، انھن جي تعداد کي گھڻو وڌائي ٻڌايو ويو ھو.
ھن قسم جي پيش قدمي پيچيده ھئي ۽ فوج جي تعداد کي بہ گھڻو وڌائي ٻڌايو ويو ھو. اھڙا افواھھ ماڻھن کي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري پکيڙيا ويا ھئا. اھڙيون سڀ ڳالھيون ماڻھن کي گمراھھ ڪرڻ جي نيت سان ڪيون ويون ھيون. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن سارو ماحول شڪن ۽ شبھن ۾ وڪوڙجي وڃي. اھڙي صورتحال الھندي پاسي وارن بلوچن جي فائدي ۾ ڪانہ ھئي، جيڪي وڏي واويلا شروع ڪندا. انھيءَ زماني 13 ريجمينٽ بہ ممبئي کان اچي ڪراچيءَ پھتي ھئي ۽ جلال آباد جي مشھور محافظ سر رابرٽ سيئل کي عارضي طور سکر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ھو. ھن سان گڏ 13 يورپين ريجمينٽ بہ گڏ ھئي، جيڪا انگلينڊ کان موٽي آئي ھئي. اھڙيءَ ريت ھڪ بھترين فوج گئريسن طور رکيو ويو ھو. نہ تہ ھن کان اڳ اندرئين ۽ ٻاھرئين حملي کي منھن ڏيڻ لاءِ بيمار فوج ھئي. ھاڻي اھڙو خوف خطرو ختم ٿي ويو ھو. پر انھيءَ زماني ۾ سر چارلس نيپئر ڪھڙي نقطئھ مطابق ڪم ڪري رھيو ھو تنھن کي سرڪاري ”ميمايرس“ جي مدد سان چڱيءَ ريت پيش ڪي سگھجي ٿو. ان مطابق کيس ھڪ تجويز پيش ڪئي وئي ھئي. ڊسمبر 1843ع ۾ يورپي ريجمينٽ کي واپس موڪليو وڃي ۽ ھن اھا تجويز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھي اھو زمانو ھو جڏھن بيماي چوٽ چڙھيل ھئي.
سنڌ جو وايو منڊل ۽ سر چارلس نيپيئر جو بيان
سندس بيان آھي تہ ”ھن وقت سنڌ ۾ امن امان آھي. پتو نہ آھي تہ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ڪھڙيون حالتون آھن. جيڪڏھن اتي جو وايو منڊل وڳوڙي آھي تہ سنڌ ۾ بہ ماٺ ڪانہ رھندي ڇاڪاڻ تہ ھاڻي تازو سنڌ ۾ مسلمانن کي شڪست ملي آھي، تنھن ھنن تي سنڌ کان ٻاھر وارين قومن جي اٿل پٿل جو ضرور اثر ٿيندو، جيڪي خود بہ مسلمان آھن. سنڌ جا ماڻھو بہ ٻين وانگر آھن. جن مٿان حڪومت ڪرڻ ڪا راز جي ڳالھہ ڪانہ ھوندي آھي. ھي ماڻھو ماٺ ڪري تڏھن ويھندا آھن، جڏھن ڏسندا آھن تہ صبر ڪرڻ سندن مفادن ۾ آھي. جڏھن سمجھندا آھن تہ بغاوت ڪرڻ ھنن جي فائدي ۾ آھي تہ سرڪشي ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آھن. بلوچ قبيلا پنھنجي پيٽ گذر لاءِ پوکي راھي ڪونہ ڪندا آھن، پر ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ھڻي گذارو ڪندا آھن. جڏھن ڏسندا آھن تہ ڪوبہ خوف خطرو نہ آھي تہ اڳتي نڪري اچي ھندن ۽ سنڌي مسلمانن کي لٽيندا آھن. جيڪڏھن پنجاب جو وايو منڊل وڳوڙي آھي تہ اسان جون فوجون سنڌو درياه الھھ طرف اڪري وڃي اتر طرف گڏ ٿين. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن بلوچستان حملو ڪيو تہ ان کي بہ چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھبو. اھڙي صورتحال دوران ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ٿر تائين وارو علائقو ڪڇ ۾ رھندڙ فوج جي ماتحت رکيو ويندو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو مان اتي پوليٽيڪل ايجنڊت بدران ڪرنل رابرٽس جھڙي ڏاھي ماڻھو کي ڪڇ ۾ رکيو آھي. سنڌ ۾ فوج جي تعداد کي گھٽائڻ وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جو سارو دارومدار پنجاب جي حالتن تي آھي. سنڌ ۾ اندروني طور تي امن امان قائم آھي. جيستائين پنجاب جي حالتن ۾ ٺاپر نہ ٿي اچي ۽ اسان جي قائم ڪيل حڪومت مضبوط نہ ٿي ٿئي، تيستائين يورپي فوج سنڌ ۾ رھندي. ھي سوال عام سياسي حالتن سان واسطو رکي ٿو. جيڪڏھن پنجاب جون حالتون وڳوڙي آھن تہ بلوچستان جا قبائلي بہ ماٺ ڪري رھڻ وارا ڪونہ آھن. تنھن ڪري سنڌ تي سختي ڪرڻ نھايت لازمي ٿي ويو آھي.“
سکن خلاف حملي جي رٿابندي
سندس اھڙو نقطئھ نظر ڊسمبر تائين ھو. پر جڏھن جنوري جي پڇاڙيءَ ۾ سر ھيوگف گواليار خلاف جنگ وڙھي، تہ ھن جي حڪمت عمليءَ ۾ وڌيڪ سختي اچي وئي ھئي، جيڪا اڳي ڪجهہ نرم ھئي. ان وقت ھن اولھہ طرف وارن بلوچي قبيلن جي من مستين ڏانھن ڪوبہ ڌان ڪونہ ڏنو. ھن ساري فوج آڻي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ گڏ ڪئي. شڪارپور ۾ رکيل فوج بہ ڪجهہ اڳتي وڌي پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھي ھئي. ھنن فوجي تيارين مان ائين لڳي رھيو ھو تہ ڄڻ پنجاب جي سکن خلاف حملي جون تياريون آھن ۽ ان وقت جي حالتن مطابق سندس نقطئھ نظر ۾ بہ ھڪ تبديلي اچي وئي ھئي. سندس خيال ھو تہ ”جيڪڏھن سکن ستلج پار ڪرڻ جي ڪوشش ئي تہ مان پنھنجي فوج جو ھڪ ھڪ نوجوان گڏ ڪري پيش قدمي ڪندس. ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر جي مون کي ڪنھن بہ قسم جي پرواھھ ڪونہ آھي. اھڙيءَ طرح مان فوجي اڳواڻي ڪري وڃي اچ وٽ پھچندس. اتان کان بھاولپور ۽ ملتان تي قبضو فقط ھڪ ڪلاڪ جو ڪم آھي. جيڪڏھن مون کي محسوس ٿيو تہ بھاولپور جو حڪمران انگريزن سان سچو آھي تہ پوءِ مان اڳتي وڌي ملتان تي قبضو ڪندس. پر مونکي جيستائين بھاولپور جي تحفظ جو يقين نہ ٿيندو تيستائين، مان ستلج پار ڪونہ اڪرندس يعني جيستائين ھو شخصي طور منھنجي فوجي ڪئمپ ۾ موجود نہ ھوندو. جيڪڏھن ائين نہ ٿيو تہ ھي ماڻھو ڏکڻ طرف کان ايندڙ فوجي سامان جي آمد رفت روڪي ڇڏيندو ۽ اسان جي پوئتي ھٽڻ وارو رستو بہ بند ڪري ڇڏيندو. ھن حملي جو ڏيکاءُ لارڊ ايلنبرو جي اتر ستلج جي حملي جي فائدي ۾ آھي. اھڙيون جنگي سرگرميون بنا ڪنھن سرڪاري حڪم جي ڪيون وينديون. اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو، جڏھن محسوس ٿيندو تہ گواليار واريون جنگيون فيصلھ ڪن ثابت ڪونہ ٿيون آھن ۽ سک ستلج پار ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن ۽ منھنجو فيروز پور ۽ آگري سان رابطو ختم ٿي ويندو.
اھو بہ چيو پيو وڃي تہ سک ستر ھزار فوج ميدان ۾ لاھي سگھن ٿا، جنھن مان چاليھھ ھزار باقاعده جنگي سکيا ورتل ماڻھو آھن ۽ چڱيءَ ريت مسلح آھن. ان کان سواءِ سندن توبخانو بہ نھايت مضبوط آھي. جيڪڏھن مان سنڌ ۾ امن امان رکڻ ۽ بھاولپور کي پنھنجي پاسي آڻڻ ۾ سوڀارو ٿي ويس تہ پوءِ منھنجي سترھن ھزار بيمار فوج گرم موسم اندر بہ سنڌ جو انتظامي بندوبست رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. مون کي اھو بہ خوف آھي تہ منھنجو خط لارڊ ايلنبرو کي پھتو آھي الائي نھ. پر جيڪڏھن مان ضروري سمجھيو تہ مان ھن جي حڪم پھچڻ کان سواءِ بہ پيش قدمي ڪندس. جيڪڏھن منھنجي پيش قدمي سندس خط جي پھچڻ کان سواءِ عمل ۾ ايندي تہ ڪو ڏوھھ ڪونہ آھي ۽ جيڪڏھن مان بھاولپور کي پاڻ شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس تہ اھا منھنجي وڏي خدمت ھوندي. پر جيڪڏھن ملتان مان سک فوج کي ڪڍي سگھيس تہ اھا بہ وڏي ڳالھہ ليکي ويندي. انومان آھي تہ ھاڻي سکن کي حملي ڪرڻ جي ڪڏھن بہ جرئت ڪانہ ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ گواليار جي شڪست جي صورت ۾ انگريزن جي ويھھ ھزار فوج ستلج ڏانھن وڌندي. پر ستلج وٽ تہ انگريزن جي فوج اڳ بہ موجود آھي. ڏٺو وڃي تہ گواليار ستلج کان گھڻو پري آھي جيڪڏھن اھا اڳتي وڌي تہ ستلج جي کاٻي ڪناري واري علائقي کي ڀينگ ڪندي ايندي. مان سمجھان ٿو اتي موجود فوج ھن درياه جو تحفظ ضرور ڪندي.
گواليار جي جنگ ۾ فتح بعد سنڌ جي صورتحال
1843ع جي پڇاڙيءَ ۾ انگريزن خلاف ھڪ مضبوط اتحاد بڻجي چڪو ھو، پر سر چارلس نيپئر جي سخت قسم جي حڪمت عملي ۽ سندس فوجي طاقت ڪري گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ تہ سڪون ۽ امن امان ھو. پر گواليار ڀرسان مھراجپور واري جنگ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ اھڙي مخالفت ختم ٿي وئي ھئي. ان کان پوءِ انگريز وارو ھندستان پنھنجي مستحڪم حيثيت ماڻي ورتي ھئي. اندروني بغاوت جو ڀئھ تہ ضرور ھو، پر ٻاھرئين حملي جو پنجاب جي سکن کان سواءِ ڪو ٻيو خوف ڪونہ ھو. سکن خلاف پيش قدمي لارڊ ايلنبرو جي فوجي حڪمت عمليءَ جو نتيجو ھئي، جيڪا وقتائتي ھئي، جنھن وسيع قسم جي سازش کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو ھو. ھو پاڻ شخصي طور جنگ ۾ حصو وٺي رھيو ھو. ھن جي شاندار فتح انگريز طاقت کي ذلتن ۽ تباھي جي پاتال مان کڻي عزت ۽ آبرو واري مقام تائين پھچايو ھو. گواليار واري انگريزن جي فتح سنڌ ۾ انگريزن جي برتريءَ لاءِ ضروري ڪانہ ھئي. افغان، قلات جا قبائلي سردار مير شير محمد ۽ غدار مير علي مراد ٽالپر وارن جو اتحاد گواليار جي شڪست کي ڪابھ ٽيڪ ۽ مدد ڪري ڪونہ ٿي ڪري سگھبا، پر وقتي طور فتنو فساد ضرور کڙو ڪري سگھن ھا. ڇاڪاڻ تہ انھيءَ زماني ۾ انگريزن جي فوج بيماريءَ وگھي وڃي بستري داخل ٿي ھئي. ماڻھن جا اھي ٽيئي نسل اھڙين حالتن ۽ سھوليتن کان چڱيءَ ريت باخبر ھئا. جيڪي انگريزن جي اچڻ ڪري کين ملي ويون ھيون. ليڪن اھي ھٿيار اھڙي تبديليءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪين ھا. ٽالپر حڪمرانن جا سردار بہ ان حڪمرانن سان گڏجي مزاحمت ڪن ھا جنھن مھاڏي ڏيڻ جي مقصد سان ھٿيار کنيا ھئا. پر ھنن ڏٺو تہ جنرل سر چارلس انگريزن لاءِ وڙھي رھيو ھو. جنھن بابت ھنن کي ڪنھن بہ قسم جي غلط فھمي ڪانہ ھئي. بلوچ ڳوٺاڻا فوج مان ڀڄي نڪتل ماڻھن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي مدد ڪري رھيا ھئا. جيڪي گرفتاري کان بچڻ خاطر لڪي رھيا ھئا. ھتي قتل جون وارداتون بہ ٿينديون ھيون. ليڪن يورپين کي قتل ڪونہ ڪيو ويندو ھو، پر اھڙو جرم عورتن خلاف ڪيو ويندو ھو. اھڙن مجرمن کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويندو ھو. اھڙا ڪم نھايت خبرداريءَ سان ٿي رھيا ھئا.
فتح بعد ناڪاميءَ جي صورت ۾
جيڪڏھن لارڊ ايلنبرو ھندستان وارو طريقھ ڪار ڪتب آڻي ھا ۽ پنھنجي ماتحت عملدارن جي ڏنل ھدايتن ۽ انھن جي اختيارن کي سرڪاري اصولن مطابق روڪي ۽ محدود ڪري ھا ۽ اھي ماڻھن جي خواھشن ۽ حالتن مطابق نہ ھجن ھا تہ سنڌ جي فتح بہ افغانستان جي فتح وانگي ناڪام ثابت ٿئي ھا. جيڪا ڳالھہ تباھيءَ ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪانہ ھئي، پر ائين ٿيڻ سان ممبئي واري ڌر جون غداريءَ جھڙيون ڪوششون ۽ اميدون پوريون ٿي وڃن ھا. ڇاڪاڻ تہ سنڌ جا معاملا وڌيڪ منجھيل ۽ پيچيده آھن. فوجي ۽ سول معاملا ڪن ماڻھن جي انتظامي بندوبست تي مدار رکن ٿا، جيڪي ڏاڍا نازڪ ۽ وقتائتا آھن. ھن قسم جون ڳالھيون فقط اھو ماڻھو ڪري سگھي ٿو، جنھن کي سنڌ جي فتح اھڙن معاملن کي اڪلائڻ لاءِ ھڪ ڪنجي ڏئي ڇڏي آھي ۽ اھو ئي ماڻھو صحيح طريقي سان ڪردارن کي چڱيءَ ريت سمجھائي سگھي ٿو. نہ تہ ٻيءَ حالت ۾ سيڪنڊ برٽش آرمي جو قتل عام ٿئي ھا. ان کان پوءِ سکن ۽ افغانن جا حملا شروع ٿي وڃن ھا. ان کان سواءِ ھندستان جا سڀئي مسلمان بغاوت جو ڦريرو ڦڙڪائن ھا ۽ اڳيان حڪمران پنھنجي ملڪن جون واڳون سنڀالي وٺن ھا. تنھن ڪري سمجھڻ کپي تہ سنڌ جي فتح ھڪ وڏي ڪاميابي آھي.
سنڌ جي اھميت سر چارلس نيپئر جي نظر ۾
ھن ملڪ جي قدر قيمت بابت سر چارلس جو بيان موجود آھي جنھن کي ”مماپرسي“ جي حوالي ھتي پيش ڪجي ٿو، جيڪو ھڪ سرڪاري سوال جي جواب ۾ لکيو ويو ھو تہ سنڌ جا ڪي قلعا تباھہ ڪيا پيا وڃن ۽ ڪن جي مرمت ڪري مضبوط ڪيو پيو وڃي. جڏھن تہ سنڌ انھن قلعن سان ائين سينگاريل ھئي، جيئن واگھھ جي کل دٻڪن سان سينگاريل ھوندي آھي.
”قلعن جي معاملن کي اوھان رھڻ ڏيو. ھتان جي آبھوا اھڙي آھي جو انھن قلعن جي تباھي تڪڙي ڪانہ ٿيندي آھي. جڏھن ڪنھن جي مرمت کي ضروري سمجھيو ويندو آھي تہ اھڙو ڪم ڪو ڏکيو ڪونہ ھوندو آھي، پر اھڙي ڪم ۾ خرچ گھڻو ۽ فائدو ٿورو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھتان جا ماڻھو اسان سان گڏ آھن ۽ وٽن ڪو توبخانو موجود ڪونہ آھي. تنھن ڪري ھي ماڻھو نہ انگريزن تي حملو ڪري سگھن ٿا، نہ وري حملي وقت پنھنجو بچاءُ ڪري سگھندا آھن.“
”ھي ھڪ سرحدي ملڪ آھي جنھن جو بچاءُ مختصر فوج ڪري سگھي ٿي. ھتي وڏيءَ فوج جي ٿوري وقت لاءِ ضرورت محسوس ڪئي ويندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن وقت پنجاب جون حالتون وڳوڙي آھن. سنڌ جي فتح بہ ھاڻي تازو ٿي آھي، جنھن جي انتظامي جوڙجڪ کي مستقل بنيادن تي قائم رکڻ جي صورت ڪانہ آھي.“
”سنڌ فوجي ۽ تجارتي نقطئھ نظر کان اتر اولھہ ھندستان لاءِ ھڪ اھم ملڪ آھي.“
”سنڌو درياه ڪري ھتان جي تجارت وڏي اھميت رکي ٿي. اتر واري تجارتي سامان جي آمد رفت ھن وھڪري وسيلي آھي. ھتي فقط ھڪ سامونڊي بندر آھي، جتي ”ڪسٽم ھائوس“ ڏاڍيءَ سولائيءَ سان ”ڪسٽم ڊيوٽي“ اڳڙي سگھجي ٿي. ھن اوڀر واري سرحد سان ٿر وارو رڻ پٽ علائقو آھي. ان ڪري غير قانوني تجارتي سامان جي آمد رفت جا امڪان گھٽ آھن. ڇاڪڻ تہ ھن علائقي وچان گذرندڙ رستا ٿورا آھن. جن تي چوڪسي رکڻ نھايت سولي آھي. جيتري قدر فوجي سرحد ھجڻ جو تعلق آھي تہ جيڪڏھن پنجن مان ڪنھن بہ ھڪ درياه وسيلي پنجاب تي حملو ڪبو تہ ھتي رھندڙ فوج پيش قدمي ڪندڙ لشڪر جي کاٻي پاسي جو بھتر بچاءُ ڪري سگھندي. اھي درياه سنڌ جي سرحدي شھر مٺڻ ڪوٽ وٽان مٿي اتر ھلندا ۽ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙبا ويندا آھن. ھنن مان ڪنھن بہ ھڪ درياه جي ڪناري کي اتر اولھہ ھندستان جي سرحد بڻائي سگھجي ٿو، جيڪا وڌيڪ واضح ھوندي. جيڪڏھن سنڌ انگريز دشمن ٽالپر حڪمرانن جي قبضي ۾ ھجي ھا تہ انھن سڀني درياھن جا کاٻا ڪنارا انگريز حڪمت عمليءَ لاءِ منفي ڪردار ادا ڪن ھا.“
”جيڪڏھن ڳجھو فوجي اصولن تي سوچيو ويچاريو تہ انگريز ھندستان جي حقيقي سرحد ستلج آھي، جيڪا بھاولپور جي اتحاد کان سواءِ ممڪن ڪانہ آھي. ھي علائقو اسان جو اتحادي فقط تڏھن رھي سگھي ٿو، جڏھن اتر کان ھن مٿان ملتان جي سانوڻ مل جو ۽ ڏکڻ کان سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو دٻاءُ ھوندو. جيڪڏھن انگريز ھندستان، ٽالپرن حڪمرانن تي حملو ڪندو تہ ٿر جو رڻ پٽ رنڊڪ ثابت ڪونہ ٿيندو. ھن بيابان کي اڪرڻ لاءِ گھڻا رستا آھن. پر ٽالپر حڪمرانن لاءِ ٿر وارو ھي علائقو وڏي رنڊڪ آھي. جيڪڏھن ھو ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگھن ھا، رڳو ٿر جي کوھن ۾ زھر ملائي ڇڏين ھا يا انھن کي ڊاھي ختم ڪري ڇڏين ھا ۽ ھن علائقي ۾ موجود قلعن ۾ فوج ويھاري انگريز فوج کي ٿوري وقت لاءِ روڪي بيھاري سگھن ھا. ھي موضوع اھڙو آھي جنھن تي ھاڻي عذر ٿي رھيو آھي، پر اھڙيون ڳالھيون فتح کان اڳ ھندستان کان ٿيندڙ حملي کي ڪنھن حد تائين روڪي ضرور سگھن ٿا. ليڪن ھاڻي ٿر وارو ھي علائقي فوجي اھميت وارو انھيءَ ڪري ڪونہ آھي، جو ھن جي ٻنھي پاسن کان انگريزن جي حڪومت قائم ٿي وئي آھي، تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ سنڌ جي فتح ستلج جي بچاءَ واري سرحد لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.“
”ان کان سواءِ سنڌ اندر فوج جي موجودگي خود سنڌ جي بچاءَ لاءِ بہ اھم آھي، جيڪا مٺن ڪوٽ کان وٺي ھيٺ پنج سو ميل ھلي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ختم ٿي وڃي ٿي.“
جيڪڏھن دشمن اتر کان ستلج وٽان حملو ڪندو تہ سندس آڏو ٿر وارو برپٽ بچاءَ لاءِ موجود آھي. ٻي ڳالھہ تحفظ واسطي انگريزي فوج ٻنھي پاسن کان موجود ھوندي. تنھن ڪري ان کي ساڄي پاسي رخ موڙڻ کان سواءِ ٻيو گس ڪونہ ھوندو ۽ جيڪڏھن نہ تہ کاٻي طرف رخ ڪندو. جيڪڏھن دشمن ساڄي طرف رخ ڪندو تہ سنڌ جي ڏکڻ پاسي واري فوج کي آڻي حيدرآباد ۾ گڏ ڪبو. ان فوج جي ھڪ پاسي قلعن جي قطارن ۾ ويٺل فوج ھوندي ۽ قلعن جو اھڙون سلسلو اچي عمرڪوٽ تائين کٽي ٿو، جڏھن تہ قلعن جي اھا قطار ڏاڍي سگھاري آھي. ھنن مان ھڪڙا قلعا مرمت ڪري بچاءَ جوڳا بڻايا ويا آھن، جڏھن تہ ٻين کي نئين سر تعمير ڪيو ويو آھي. انھن قلعن کي مضبوط ڪرڻ مان مقصد اھو ھو تہ حيدرآباد کان سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين سنڌوءَ وسيلي ھلندڙ آمد رفت کي تحفظ ڏئي سگھجي. حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل فوج لاءِ رابطي ۽ پوئتي ھٽڻ جا ڇھھ رستا آھن، جن وسيلي ۽ موسم مطابق ھندستان نئين فوج بہ پھچي سگھي ٿي. اھڙي ريت 1 ڊگري تي ڪراچي، 2 ڊگري تي سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو وڪر وارو علائقو، 3 ڊگريون اچ جي راڄڌاني ڀونگ پاڙا، 4 ڊگريون گجرات، 5 ڊگريون بيلسا ۽ 6 ڊگريون ٻاھڙ مير Balmer آھن.“
”ھنن مان ٽن ماڳن کي پنھنجا بندر آھن، جن جي حفاظت ڪرڻ نھايت ضروري آھي. ان کانسواءِ باقي ٽن وسيلي خشڪي وارو رابطو قائم رکي سگھبو آھي. عمرڪوٽ ۽ ڊسا واري خشڪي رستي سان قلعا تعمير ڪيا ويا آھن. جيڪڏھن دشمن ڏکڻ سنڌ واري فوج ڏانھن وڌندو تہ ان لاءِ بہ رابطي جا ڪيترا رستا کليل آھن. اھڙيءَ ريت ڏکڻ سنڌ جي انگريزي فوج جي ھڪ پاسي ھٿياربند آگبوٽ ھوندا، جيڪي سنڌو وسيلي ھر وقت پيا ايندا ويندا آھن. اھو اتر سنڌ ۾ سکر ۾ رھندڙ فوج لاءِ رابطي جو اھم وسيلي آھي. ان کان سواءِ ڪابھ فوج سنڌوءَ جي ڪنارن ويجھو پيش قدمي ڪري ڪانہ سگھندي آھي. انھيءَ ڪري جو ھن وھڪري مان ڪيتريون ڇاڙھن نڪرنديون آھن. ان کان سواءِ آبپاشي جي مقصد سان ھن مان واھھ بہ ڪڍيا ويندا آھن.“
”اھڙي ريت اتر واريءَ فوج جو ستلج جي ڪناري موجود انگريزي لشڪر سان رابطو ممڪن ٿي سگھي ٿو. جڏھن تہ دشمن جي ٻئي پاسي ٿر جھڙو ويران علائقوھوندو. انھيءَ صورتحال ۾ دشمن تباھہ ٿي ويندو يا وري کيس انگريز فوج جا ٻہ ٽي مضبوط ماڳ فتح ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. پر پوئين صورتحال مطابق حيدرآباد جي چوڌاري علائقو سنڌوءَ جي پراڻن ٻيٽن سان ڀريو پيو آھي ۽ ھر اڌ ميل تي سنڌوءَ جو ھڪ نہ ٻيو پراڻو وھڪرو موجود آھي. تنھن ڪري دشمن فوج جو اڳتي وڌڻ آسان ڪونہ آھي. انگريزي فوج شڪست کائڻ جي صورت ۾ ھن علائقي جي ھڪ ھڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ دشمن کي سولائي سان سمنڊ تائين پھچڻ ڪانہ ڏيندي. نہ تہ ٻيءَ حالت ۾ دشمن کي ٿر اڪري ٻئي پاسي وڃڻو پوندو يا سنڌو اڪري ڪراچي تي قبضو ڪرڻو پوندو، جيڪو فوجي سرگرمين جو ھڪ اھم مرڪز آھي، جنھن جو سمنڊ وسيلي سڌو رابطو ممبئي سان بہ آھي. اھڙو رابطو چوماسي واري رتِ دوران ڇڄي ويندو آھي. تنھن ڪري موسمي حالتن ۽ زمين جي صورتحال کي ڏسي دشمن مٺڻ ڪوٽ کان ھيٺ ۽ سامونڊي ڪناري تائين فوجي سرگرميون شروع ڪري ڪونہ سگھندو.“
”پر جيڪڏھن دشمن، سنڌوءَ جھڙو خطرناڪ درياه اڪري اتر ڏانھن وڌندو تہ ھن کي ساڳين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ تہ سکر واري فوج کي رابطي جا ٻہ رستا ۽ پوئتي ھٽڻ لاءِ جوءِ بہ جالاري آھي. فوجي سازو سامان خشڪي وسيلي بھاولپور رستي ستلج تائين پھچائي سگھبو. جيڪڏھن دشمن اتر طرف نہ ٿو وڌي تہ سکر واري انگريزي لشڪر ٿر واري ڪناري سان شاھھ ڳڙھھ واري قلعي وٽ کيس مھاڏو ڏيندو. ان وقت دشمن جي پٺئين پاسي جيسلمير ۽ ٻئي پاسي انگريزن جي فوج ھوندي. اھڙيءَ صورتحال ۾ انگريزن جو لشڪر سندس ساڄي پاسي کي تباه ڪري ڇڏيندو. جنھن ڪري دشمن فوج ڌڪجي وڃي وچ ٿر ۾ پھچندي. ان وقت حيدرآباد ۽ فيروزپور کان ايندڙ انگريزن جي فوج پاسي ۽ پٺِ تي دٻاءُ رکندي، ان ڪري دشمن کي ڪنھن بہ قسم جي کاڌ خوراڪ ۽ جنگي سامان پھچي ڪونہ سگھندو. ڇاڪاڻ تہ اھو پنھنجي رابطي جا رستا پاڻ وڃائي چڪو ھوندو.“
ھنن بيانن ۽ مشاھدن مان چڱيءَ ريت معلوم ڪري سگھجي ٿو تہ فتح کان پوءِ سنڌ ھندستان لاءِ بچاءَ واري مضبوط سرحد بڻجي وئي آھي. جيڪڏھن سنڌ ٽالپر حڪمرانن جي ھٿ ۾ ھجي ھا تہ ھندستان جي وڏي فوج کي گھڻو پري اوڀر پاسي تي موجود ھجڻ لاءِ مجبور ڪري ھا. ان سان گڏ اھا ھندستان جي ھڪ ڪمزور سرحد جي صورت ۾ ھجي ٿي. اھا سرحد تہ مستقل بہ ڪانہ ھجي ھا، پر اتي رھڻ واري فوج تي خرچ بہ گھڻو ٿئي ھا. سنڌ جي فتح سان ھن ملڪ جو اندروني مضبوط نظام ختم ٿي ويو، جيڪو انگريزن جو جاني دشمن ھو، اھو ڪھڙي وقت بہ ٿر وارو رڻ پٽ اڪري ھندستان جي حڪومت تي حملو ڪري پئي سگھيو. ٽالپر حڪمرانيءَ جي ھندستان سرڪار سان ملندڙ سرحد بہ گھڻي ڊگھي ھئي، جنھن کي حوالي ڪرڻ بہ ايڏو آسان ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻھو سنڌ جي آبپاشيءَ تي ڪمانڊ رکندو آھي، سو ٿر جي رڻ پٽ علائقي جو مالڪ ھوندي آھي. تنھن ڪري سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ ھن کان پوءِ سنڌ جي بچاءَ واسطي مختصر ريگيولر فوج ڪافي ثابت ٿيندي. اھا ايتري ٿوري فوج آھي جو اتر ستلج جي سرحد واري فوج کي ڪو سھارو ۽ ٽيڪ ڏيئي ڪانہ ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تہ انھن جو تعداد بلڪل ٿورو ھوندو.
ڪراچيءَ جو آئيندو
”ڪراچي بچاءَ جي نقطئھ نظر کان ھڪ اھم جڳھھ آھي. اھو وقت پري ڪونہ آھي جو ھي شھر سکيو ستابو ۽ شاھوڪار بڻجي ويندو، جو جابلو ماڻھو انکي ڦري ڀينگ ڪرڻ لاءِ ڌاڙن ھڻڻ لاءِ پھچي ويندا. تنھن ڪري ھن شھر جي چوڌاري ڪوٽ ڦيرائڻو آھي.“
ٿاڻو احمد خان جي صحت بخش آبھوا
احمد خان ھالا جبل اندر موجود آھي. ھن شھر جي چوڌاري بہ قلعو اڏڻ گھرجي. جيڪڏھن ھيءَ جوءِ صحت بخش آھي تہ اتي سئنيٽوريم بہ تعمير ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تہ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ھيءَ جوءِ ڏاڍي صحت بخش آھي، پر ھن جي آبھوا کي سياري جي رتِ ۾ جاچيو پرکيو ويو آھي. پر ھن ماڳ کي جون جي گرم مھيني ۾ بہ جاچي پرکي ڏٺو وڃي. ھن ٿاڪ جي جاءِ وقوع بہ بھتر آھي ۽ ڪراچي کان اتر ويندڙ ان رستي تي آھي، جيڪو سيوھڻ ڏانھن ويندو آھي ۽ ٽڪرين جو ترو ڏئي اڳتي ويندو آھي. ھنن ٽڪرين وچ ۾ گذرگاھھ ۽ لڪ بہ گھڻا آھن. ماڻھن جون وسنديون بہ ورلي ڏسڻ ۾ اينديون. ليڪن ھن رستي آمد رفت تمام گھڻي رھندي آھي. احمد خان جو ھي ماڳ اھڙو تہ صحت بخش آھي جو ھتي بيمار ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪونہ ايندو آھي.“
سنڌ جي قلعن جو مستقبل آئيندو
”ھتان جي قلعن کي برقرار رکڻ يا ڊاھي پٽ ڪرڻ جو سوال بہ غير ضروري آھي. پر حالتن مان ائين محسوس ٿي رھيو آھي تہ جيڪڏھن اھم ماڳن وارن قلعن ۾ ھڪ طاقتور فوج رکبي ۽ قلعن جي مرمت ڪري وڌيڪ سگھارو ڪبو تہ اھم ڪم سرانجام ڪري سگھجي ٿو ۽ مختصر ماڻھو بہ وڏي بچاءُ جو ڪم ڪري سگھن ٿا. ان کان سواءِ قلعي اندر رھيل فوج ھنگامي حالتن ۾ جٿن جي صورت ۾ نڪري بغاوتن کي ٻنجو ڏئي سگھي ٿي. اھو بہ ممڪن آھي تہ سنڌ اندر موجود سڀني قلعن جي مرمت ڪري استعمال لائق بنايا ويا تہ منجھن تمام گھڻي فوج رھائي سگھجي ٿي. جنھن کي وقت جي ضرورت مطابق جٿن جي صورت ۾ ھنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيڏانھن بہ موڪلي سگھجي ٿو ۽ منصوبھ بندي مطابق تيار ڪيل بغاوت جي سرگرمين کي ختم ڪري سگھجي ٿو. موثر ۽ وقتائتن فوجي سرگرمين لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آھي. ائين ڪرڻ سان ساڙيندڙ سج جي گرميءَ کي بہ منھن ڏئي سگھجي ٿو. انھيءَ ٻن ٽن مھينن لاءِ کاڌ خوراڪ محفوظ ڪري رکڻي پوندي. جيڪڏھن دشمن حملو ڪيو تہ کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي تہ فوج بکي مري سندس آڏو آڻ مڃي بيھي رھندي. ان ڪري خرچ ضرور وڌي ويندو. کاڌ خوراڪ جي جام ھجڻ سان قلعي اندر رھڻ واري فوج ٻاھر نڪري دشمن کي سختيءَ سان مھاڏو ڏئي سگھي ٿي. پر گھڻو اڳتي نڪري وڳوڙي وايو منڊل کي منھن ڏئي ڪانہ سگھندي. ڪيترائي قلعا پاڻيءَ جي سھوليت کي ڏسي تعمير ڪيا ويا آھن، جيڪي ھيٺ تراين ۾ آھن. جتي اڻيھئي پاڻيءَ جي ڇر لڳي بيٺي ھوندي آھي. اھڙيون جڳھون صحت بخش ڪونہ ھونديون آھن.“
”منصوبو ھن ريت تبار ڪيو ويو آھي تہ جينءَ فوج کي ھڪ جاءِ تي گڏ رکيو وڃي. کين ڪھڙي بہ وقت، ڪيڏانھن بہ ۽ ترت موڪلي سگھجي. ائين ڪرڻ سان اندروني دشمن تي فوج جو ڏھڪاءُ ويھي ويندو. جڏھن تہ ٻاھرئين دشمن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ سنڌ جي فوج حيدرآباد ۽ اتر سنڌ واري فوج سکر ۾ رکي ويندي. جيڪا سنڌءَ جي ڪناري تي رھائي ويندي. پر جيڪڏھن دشمن گيڊروشيا جي رڻ پٽ نزديڪ سون مياڻيءَ وٽان سامونڊي ڪنارو اڳتي وڌڻ چاھي ٿو تہ پوءِ حيدرآباد ۽ سکر بدران فوج کي آڻي ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪبو. حب ندي arabis جي اوسي پاسي بہ ڪجهہ قلعا آھن جن کي استعمال ڪرڻ جاچي پرکي ڏٺو ويو آھي. امڪان آھي تہ دشمن سنڌوءَ درياه ڏانھن وڌڻ کان اڳ ڪراچي تي ضرور گھيرو ڪندو. پر سنڌوءَ وٽ پھچي کيس ڏاڍي مايوسي ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ پار اڪرڻ لاءِ نہ اتي پتڻ ھوندا، نہ وري پاتڻي ٻيڙيون ھونديون، پر ھن جي استقبال لاءِ طاقتور ۽ مسلح انگريزي فوج موجود ھوندي تہ جيئن دشمن سنڌو پار اڪري نہ سگھي. ان جاءِ وٽ دشمن کي کڻي مھاڏو نہ بہ ڏجي، تہ بہ ان فوج لاءِ اڳتي وڌڻ وڏي ڏچي کان خالي ڪونہ ھوندو. پر اھڙي فوج ھوندي ڪھڙي، جو گھيري سان لاڳاپيل فوجي سامان بلوچستان جھڙي جابلو علائقي مان کڻي اچي ڪراچي تي گھيرو ڪندي؟
موجوده صورتحال ۽ سنڌ جو انتظام
”ھتان جي موجوده حالتن کي ھن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو تہ اسان سنڌ تي انتظامي گرفت اڃا ھاڻي تازو رکي آھي ۽ فوج کي ھڪ اگري بيماري وڪوڙي وئي آھي، جنھن مان پوري ريت جان آجي ڪانہ ٿي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتي ايترا ڊاڪٽر موجود ڪونہ آھن. اسان جي حالت اھا آھي جيڪا فتح کان اڳ ھئي. ھن وقت تائين اسان سنڌ کان چڱيءَ ريت واقف ٿي ڪونہ سگھيا آھيون. اسان ھن وقت نسل پرست بلوچن سان منھن ڏئي رھيا آھيون. جيڪي ساڙ ۽ حسد سان ڀريل آھن. ان کان سواءِ ھندستان جي گھڻن اسان خلاف ڦيڪاري لائي ڏني آھي، جنھن ڪري معزز عملدارن جي عزت نفس مجروح ٿي رھي آھي. ھنن ماڻھن جي ڪوشش اھا آھي تہ جيئن عام ماڻھو فوجي سپاھي خلاف اٿي کڙا ٿين. اھڙن ماڻھن فوج جي بيماريءَ دوران بلوچن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪايو ھو. پر اھڙين حالتن مٿان غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سنڌ کي ضابطي ھيٺ رکيو.
”ابتدا کان وٺي مٿي بيان منصوبي ڏاڍي سختيءَ سان عمل ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي آڏو وسيع نظريي وارو پس منظر موجود ھو. جتي وقت ۽ پئسي نہ ھئڻ ڪري قلعا ٺھرائي ڪونہ سگھيا آھيون، تہ اتي اسان گھرن ۾ مادا ٺھرايا آھن. ٿوري وقت کان پوءِ اھڙي ڪم کي ھڪ مستقل شڪل ڏني وئي آھي. پر اھڙين ڳالھين کي موثر طاقت آھي. اھا ھڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور آھي، پر ھڪ وڏي منصوبي جو حصو آھي، جنھن جو واسطو ھڪ مخصوص طريقي سان آھي. سنڌ تي فتح ھاڻي ۽ اڳتي ھلي اتر اولھہ ھندستان جي سرحد جي مضبوطي ۽ حفاظت لاءِ ڏاڍي مددگار ثابت ٿيندي. ان کان سواءِ ھي ملڪ ڏکڻ اولھہ واري سرحد سان بہ واقع آھي. جيتري قدر ھن ملڪ جي خرچ پکي جو تعلق آھي تہ اھو اڃا ھندستان سرڪار تي بار آھي. توقع آھي تہ اھي ھاڻي گھٽجي ويندا ۽ ڪمپني ھتان گھڻي پيداوار ٿيندي. ٽالپر جي حڪمرانيءَ جي ختم ٿي وڃڻ ڪري نہ رڳو پيداوار خرچ کان وڌي ويندي، پر ستلج بلڪ فيروز پور کان وٺي ڪڇ تائين جيڪا فوج رکي ويندي، ان جي بہ ھاڻي ضرورت محسوس ڪانہ ٿيندي ۽ ان تي ايندڙ خرچ گھٽجي ويندو.
انگريزن جي ستلج واري فوج جي حالت ان ماحول ۾ وڌيڪ خطرناڪ ھجي ھا جڏھن سنڌ، گواليار، نيپال ۽ پنجاب متحد ۽ انگريزن جا گڏيل دشمن ھجن ھا. ان کان سواءِ ڪابل جي فتح کان پوءِ اھڙي اتحاد جو امڪان وڌي ويو آھي. اھڙن ملڪن جا حڪمران پنھنجا خفيھ نمائندا موڪلي، زباني طور معاھدا ڪري، متحد ٿي سگھن ٿا. انھن اھڙن ڳجھن ٺاھن جو ڪنھن کي بہ پتو پئجي ڪونہ سگھندو. جيڪڏھن ھنن ماڻھن کي سازش ڪرڻ جيتري وٿي ملي تہ بغاوت جو وڏو ٻارڻ ٻري سگھي ٿو. اھڙو خطرو بہ اڻيھئي رھندو ايندو، جڏھن اھي حڪمران اقتدار جي مسند تي ويٺل ھوندا. پيڙيل عام ماڻھو تہ اسان سان گڏ آھي، پر جڏھن سندن حڪمران ھنن مٿان ڏاڍ ڪندا تہ ھنن جو طرف وٺي ويندا. ظلم آڏو زاري آھي. ڇاڪاڻ تہ اھي ماڻھو مھذب ڪونہ آھن، تنھنڪري اھي پنھنجي ڀلي لاءِ ڪونہ سوچيندا.
”انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وسيع علائقن جي والار ڪرڻ ضروري آھي. اتر ستلج واري سرحد اتر سنڌ واري سرحد کان وڌيڪ بھتر آھي. اڳتي ھلي پنجاب جي فتح لاءِ بہ اسان کي مجبور ڪيو ويندو. پر ائين ڪرڻ مناسب آھي يا نہ آھي. پر پنجاب جي فتح کان اڳ بھاولپور جي فتح وڌيڪ مناسب آھي. سنڌ جي فتح اتر اوڀر واري سرحد جي حفاظت لاءِ نھايت ضروري ھئي. ھن فتح تي ڪن ماڻھن وٺي ھاءِ گھوڙا شروع ڪئي ھئي جيڪا ائين منجھيل ھئي، جيئن انھن ماڻھن جا ڄاڻيل سبب منجھيل آھن. ائين ٿيو تہ آڱريرن تي کڻڻ جيترن غدار حڪمرانن ڪري ڪروڙن ماڻھن جي حفاظت ۽ ڀلائي جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويندا. انھن حڪمران حقن جو تحفظ ماڻھن تي ظلم جي مفادن تي رکيو ويو آھي ۽ اھي جديد دور جي تقاضائن جا دشمن آھن.
بھاولپور تي قبضو
”اسان بھاولپور تي قبضو ڪري ڪونہ سگھنداسون. ان لاءِ بھتر اھو آھي تہ نواب کي پنھنجو دوست ۽ ھڪ مضبوط حڪمران بڻايون. جيڪڏھن ھو اسان ۾ بدگمانيون ۽ شڪ شبھا ڪندو تہ کيس گھڻو نقصان پئجي سگھي ٿو، پر کيس تخت تان لاھڻ کان پوءِ اسان کي ستلج جي آبي ذريعن کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين ھڪ ڊگھي ۽ مضبوط سرحد ملي ويندي. اھڙيءَ ريت دررياه کي سرحد بنائڻ ۾ آساني ٿي پوندي، جيڪا ھڪ مستقل سرحد ھودني. انھيءَ وھڪري جي ڪنارن تي آباد ماڻھو ھڪ ٻئي کان الڳ ٿي ڪونہ سگھندا. ڇاڪاڻ تہ اھي اڳ ۾ ئي پاڻ ۾ رليل مليل آھن. جيڪڏھن تھذيب اڃان بہ ترقي ڪئي تہ اھي رھندو بہ پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويندا. ليڪن جابلو سرحد جي ڪري ماڻھن جو ميل ميلاپ ختم ٿي ويندو آھي ۽ ھر ڪو پنھنجي پاسي رھجي ويندو آھي. ڦرلٽ جي سھوليت جي عدم موجودگيءَ ڪري ھي بلوچ قبيلا ھڪ ٻئي جي ڦرلٽ ڪري گذر سفر ڪندا آھن. مھذب ماڻھن کي لٽڻ جي کين سھولت ڪانہ ھوندي آھي، تنھن ڪري ھڪ ٻئي کان نفرت ڪندا آھن ۽ ھڪ ٻئي تي اڳرايون ڪندا آھن.
”ٽالپرن جي حڪمراني دوران سنڌ جي الھندي سرحد حب ندي arabis تائين ھئي، جيڪا ھڪ سو ٽيھھ ميل ڊگھي ھئي. ان کان پوءِ ھالا جبل جو سلسلو آھي. انکان پوءِ وري ھڪ سو ٽيھھ ميل ڊگھي سرحدي پٽي آھي، جيڪا اڳتي ھلي چانڊين جي علائقي تائين پھچي ٿي. چانڊين جي علائقي واري ھڪ سو چاليھھ ميل سرحد غير واضح آھي، جيڪا اوڀر اتر پاسي ڏانھن وڌندي ڏسجي ٿي. ھيءَ سرحد سنڌوءَ سان پور وڇوٽي تي ھلندي آھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ سراسري فاصلو چاليھھ ميل کن ھوندو آھي ۽ اڳتي وڌي ڪڇي واري جابلو جوءِ سان وڃي ملندي آھي. اھا سرحد سنڌو درياه، جابلو علائقي ۾ وارياسي برپٽ ڪري ڏاڍي واضح آھي. ھن سرحد کان ھر ڪو واقف آھي. ھتان کان پوءِ ڪشمور ڏانھن رخ ڪري ٿي ۽ ھن سرحد کي صحيح نموني سان محفوظ بہ ڪري سگھجي ٿو. ھن جي ھيٺئين ۽ مٿئين پاسي جي بچاءَ لاءِ ذريعا بہ گھڻا آھن. ھالا جبل کي فقط ھڪ جبل طور ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو تہ ھن جبل ۾ عام رواجي قسم جا لڪ passes آھن، جن کي ضرورت وقت پار بہ ڪري سگھجي ٿو.
سنڌ جا ٻاھرين ملڪن سان رشتا ناتا تہ اھي آھن، پر ھنن ملڪ جي اندروني حالتن ۽ سندس اصلي قيمت ۽ قدر جو ذڪر ڪنھن مناسب جڳھھ تي اڳتي ايندو.

باب پنجون: سنڌ جا ھنر، ھنرمند، زرعي ۽ معدني ذريعا ۽ انھن جي سنڀال

وبائي بيماريءَ ڪري سول انتظاميھ بدنظميءَ جو شڪار ٿي وئي ھئي. اھڙو ذڪر گذريل باب ۾ اچي چڪو آھي. پر عوام جي ڀلائي ۾ ڪنھن بہ قسم جي سستي ڪانہ ڏيکاري وئي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ڏوھن جو انگ بہ تمام گھڻو وڌي ويو ھو. تنھن ڪري سرڪار لاءِ بہ طاقت جو استعمال لازمي ٿي پيو ھو. اھو ئي دور ھو جو انساني ھنرن ۽ قدرتي پيداوار جي جاچ پڙتال بہ ڪئي وئي ھئي. اھڙي جاچ مان ھي معلومات ملي تہ ٺڪر جي ٿانون جي ڪاريگريءَ ۾ سنڌي ڏات ڌڻي آھن. ان کان سواءِ اھو پڻ سوچيو ويو ھو تہ ٺٽي جي صنعت کي نئين سر جيارجي. جيتري قدر قدرتي پيداوار جو تعلق آھي تہ ھيءَ ڌرتي ان معاملي ۾ ڏاڍي شاھوڪار آھي ۽ اھڙي پيداوار ھتي تہ وڌ ۾ وڌ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھن ملڪ ۾ مختلف قسمن جا اناج ٿيندا آھن. کنڊ، ڦٽڪي، نير، آفيم، سوڍا کار، تماڪ بہ گھڻو حاصل ٿيندو. ھالا جبل مان لوھھ ملي ٿو. ڀرسان ئي گندرف بہ ملندو آھي،جيڪو ڏاڍي اوچي قسم جو ھوندو آھي. ھتي قلمي شورو saltpeter بہ جھجھو ملندو آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان خالص قسم جو لوڻ ملندو آھي، جنھن جا چوڏھن فوٽ اونھان تھھ ھوندا آھن. سنڌوءَ جي ڪٺار تي عمارتي ڪاٺ جا گھاٽا ٻيلا موجود آھن. ھن ڌرتيءَ لاءِ چيو ويندو آھي تہ منجھنس ڪي پيداواري وسيلا ڪونہ آھن، تنھن ڪري ھي ملڪ ماڻھن جي وڏي تعداد کي ضرورت جون شيون مھيا ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. پر ھن قسم جي پيداوار ڪري معلوم ٿئي ٿو تہ مٿي چيل ڳالھہ غلط آھي. ڪپھھ، نير ۽ ڪمند لاءِ سڌريل طريقا ڪم آندا ويا تہ ھتان جي اھڙي پيداوار ھندستان جي ٻين ملڪن کان وڌي ويندي. سر چارلس جي خواھش ھتي تہ ڪمند جي پوکيءَ لاءِ ٻيجو مصر مان ۽ اولھہ ھندستان جي علائقن کان آڻي متعارف ڪرائجي. اھڙي ڪوشش ڪئي بہ وئي ھئي، پر ممبئي جي ڪامورا شاھي ٻاھران گھرايل پوکڻ لاءِ ڪمند ايتري وقت تائين روڪرائي ڇڏبو جو اھو سڪي ويو.
ھاڻي تازو پوليس انتظاميھ جو بہ جوڙجڪ ڪيو ويو آھي. ھن کاتي جا ماڻھو امن امان قائم ڪرڻ جي مقصد سان ٻھراڙي ۾ بہ وڃي رھيا آھن ۽ پنھنجي اختيارين کي ھوريان ھوريان قائم ڪري رھيا آھن. تنھن ڪري ضلعن جا ڪليڪٽر عدالتي نظام کي متعارف ڪرڻ جي لائق بڻجي ويا آھن. اھڙي ريت کين خاص قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ جي آساني بہ حاصل ٿي وئي آھي. ڍل جي اوڳاڙي بہ سولائيءَ سان ٿي وڃي ٿي جنھن ۾ انصاف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ھتي اونھاري وارا فصل اھم ھوندا آھن. فصل لھڻ کان پوءِ ان فصل جي پيداوار کي حفاظت سان آڻي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن فصل تي تمام گھڻي سرڪاري ڍل وصول ٿيندي آھي، پر صحت بخش جڳھھ اڃا تائين ملي ڪانہ سگھي آھي ۽ فوجين لاءِ اھڙيون صحت بخش بئرڪون بہ تعمير ٿي ڪونہ سگھيون آھن. ڇاڪاڻ تہ ھتي رازن جي اڳئي کوٽ ھئي، پر ھن وچڙندڙ بيماريءَ ڪري تہ رھندو بہ انھن جي اڻاٺ ٿي وئي آھي. پھرين ڪوشش ڪئي وئي تہ احمد خان ۾ صحت بخش مقام جي تعمير ڪجي، جيڪو سلطان احمد خان جي دل پسند جڳھھ آھي. پر اھا مناسب ڪانہ لڳي. ڇاڪاڻ تہ اتي جڳھن جي ڇت کي ڍڪڻ لاءِ ڪو سامان دستياب ٿي ڪونہ سگھيو. تنھن ڪري اھڙيون بئرڪون جلدي ۾ تعمير ٿي ڪونہ سگھيون. انڪري رازا بہ موٽي آيا ۽ خرچ بہ گھڻو ٿي ويو. ھن کان علاوه ٻئي ڪنھن بھتر ماڳ جي چونڊ بہ ڪانہ ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ فوج کي مختلف ماڳن تي ننڍن گھرن ۾ رھايو ويو ۽ ضرورت مطابق کين ٻاھر بہ موڪليو ويندو ھو. پر انھن موسم ڏسي پوءِ چرپر عمل ۾ آندي ھئي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن سندن صحت تي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو اثر نہ ٿئي. پر سندن اھڙو خيال ڪرڻ ڏاڍو مشڪل بہ ھو، ڇاڪاڻ تہ چوماسي جي رتِ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي اٿل ڪري چوڌاري پکڙجي ويندو آھي ۽ جيڏانھن بہ ھي فوجي ويندا تہ سنڌوءَ جو پاڻي وٽن اچي نڪرندو ھنن کي جابلو علائقي ۾ تہ کڻي رھائجي ھا، پر اتي وري پاڻي جو ملڻ مشڪل مسئلو آھي. ان کان سواءِ اچڻ وڃڻ لاءِ رستا بہ ڪونہ آھن. جن وسيلي تعمير جو سامان آساني سان موڪلي سگھجي. ٻي مصيبت اھا ھئي تہ ان وچڙندڙ بيماريءَ ڪري عام ماڻھو اگھا لڳا پيا ھئا. ھتان جي سياري واري موسم بہ ڇتيءَ گرميءَ وانگي ھڪ مصيبت ھوندي آھي، تنھن ڪري سرڪاري انتظاميھ بہ سست ٿي وئي ھئي.
ھنن سڀني آپدائن کان وڏي آپدا ڪامورا شاھي آھي، جيڪا ھر ڪم ڪار کي روڪڻ لاءِ ڄڻ تہ رستي جو پٿر بڻيل آھي. جنھن کي ڌڙابندي ۽حسد وارا اڌ مان اڳتي ڌڪي رھيا آھن. پر ڪي ماڻھو اھڙا بہ آھن جيڪي سر چارلس کي ھڪ ايماندار ۽ شريف انسان سمجھندا آھن. ڪي وري ذھني طور ننڍڙا ماڻھو جيڪي سمجھندا آھن تہ سنڌ جي ھن گورنر کي ڦاھيءَ تي لڙڪايو وڃي ۽ سندس قتل انھن ماڻھن لاءِ مثال ھجي، جيڪي اھم تبديليءَ جا خواھشمند ھوندا آھن. ھن قسم جي ڪامورا شاھي کيس پنھنجي حسد واري سياھيءَ سان ائين سلھاڙي سڪ ڪري ڇڏيو آھي، جيئن للي پوٽينس Lilli potians گليور Gulliver کي جڪڙي ڇڏيو ھو. جڏھن سر چارلس انھن کي ٿورو ڍري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تہ وھھ ۾ وھاٽيل پيغام اچي پھچندا آھن. سندس سارو وقت ۽ قوت تہ سنڌ جي امن امان ۽ فوج لاءِ وقت ھجڻ گھرجي پر اھڙي اھم وقت دوران ممبئي سرڪار جي سول ۽ فوجي ڪامورن وٽان سوين خط چوطرف روانا ٿي ويندا آھن. معمولي ڪمن سان لاڳاپيل کيس ڏھاڙي ٽي چار خط ملي ويندا آھن. جڏھن تہ اھم ڪمن سان لاڳاپيل خطن کي ڄاڻي واڻي ڪري دير ڪرائي ويندي آھي ۽ ھي غير ضروري وڏو پورھيو مٿس مڙھيو ويندو آھي تہ ھو سنڌ جا ٻيا اھم ڪم ڪار پاسي تي رکي ساه ٻوساٽيندڙ گرميءَ ۾ ويھي انھن خطن جا جواب لکي، جيڪا يورپي ماڻھن لاءِ ڄڻ موت جو پيغام ھوندي آھي. دشمنيءَ جون اھڙيون ڳالھيون سندس زندگي تباھہ ڪرڻ جي نيت سان ڪيون وينديون آھن.
ھن ڏکوئيندڙ ماحول ۾ سنڌوءَ جي اولھہ پاسي اتر سنڌ وارو علائقو جابلو ماڻھن جي حملن جي ضد ۾ ھو ۽ اھا ھڪ ڳڻتيءَ واري ڳالھہ ھئي. اتان جا گھڻا سردار سلام تي ڪونہ آيا ھئا، جن مان ٻن سردارن تہ ھٿيار سنڀالي ورتا ھئا ۽ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا اٿن. ٻيا سردار وري ڦرلٽ جي مال تي وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي پيا آھن. کين سياسي نقطئھ نظر جي تحفظ جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ آھي. بلوچ سردارن اھڙن ڪرتوتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ”اريگيولر ھارس“ جا جٿا روانا ڪيا ويا آھن ۽ اھڙي وڳوڙي سرحد جي بچاءَ واسطي ۽ ڌاڙيلن جي قھري ڪاررواين کي ختم ڪرڻ لاءِ سختي سان پيش اچڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي. ھن وقت نہ رڳو قلات جي قبائلي سردارن جي اڀار جو خطرو آھي، پر سنڌ جي ھالا جبل جي سردارن مان بہ سرڪشي ڪرڻ جو ڀئھ آھي. ڌاڙن جي ھنن ڪاررواين کي سختيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ فزجيرالڊ جي اٺ سوار فوج لاڙڪاڻي ۾ وانڍ ھنيون ويٺي آھي. کيس حڪم ڪيو ويو آھي تہ اتي ھڪ مضبوط قلعو قائم ڪري وٺي. انھيءَ لاءِ تہ جيئن ان کي مرڪز بڻائي فوجي ڪارروائي جي ابتدا ڪري. ھتي پھچڻ کان ٿورو وقت پوءِ ھن چوويھن ڪلاڪن ۾ ھڪ سو ميل پنڌ ھڻي، ھڪ قبيلي جي وچ مان، ھڪ اھم مجرم جھلي کڻي آيو آھي، جنھن سنڌ جي ٻين سردارن کي مطيع ڪري ڇڏيو ھو، جيڪي سندس سلام ڀريندا ھئا. ھن جي ڏاڍين ڪري چوڏس ڏھڪاءُ ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ھئي. ھن جي گرفتاري ڪري غريب ماڻھن کي اندر جو آٿت ۽ جيءَ کي جپ ملي وئي ھئي.
انھيءَ زماني ۾ مير شير محمد لاءِ افغانن جو بلوچن کي ڀڙڪائڻ وارو ڀئھ ختم ٿي ويو ھو. سنڌ جو ھي اڳوڻو ٽالپر حڪمران افغانن کان مدد وٺڻ لاءِ وٽن لنگھي ويو ھو. پر دغاباز وحشي افغانن ساڻس اھڙو سلوڪ ڪيو ،جھڙو مير شير محمد پاڻ دغاباز ھو. کيس افغانن مان اھڙو خدشو ڪرڻو ھو، پر ھن نہ ڪيو. سر چارلس ھڪ ڀيري ھن لاءِ چيو ھو تھ، ”ھي اھڙو حڪمران آھي جيڪو پنھنجي لاءِ پاڻ سفير بہ آھي.“ افغانن ٺڳي ڪري کانئس سڀئي دولت کسي ورتي ۽ رات جو سندس نوڪرن کي چيو ويو تہ ھو ڀڄي پنھنجي جان بچائن، ڇاڪاڻ تہ سندن سردار (مير شير محمد) کي اڍائي لکن عيوض ”بھادر جنگ“ کي وڪرو ڪري ڏنو ويو آھي. جڏھن شير محمد کي پٺاڻن جي پرڪارن جو پتو پيو تہ گھوڙي لانگ ورائي وٺي ڀڳو ۽ ساه اچي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ پٽيائين. ھتان جي ماڻھن سندس وڏي آجيان ڪئي. ھن ھتي ويھي سنڌ ۾ بغاوت جي باه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. ھي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ اچي بگٽين وٽ رھيو ھو. ھن قبيلي ۽ مرين جا پاڻ ۾ تر سنوان ڪونہ ھئا. شير محمد جي بگٽين وٽ رھڻ ڪري، مري قبيلي سندس واھر ڪرڻ کان پوئتي ھٽي ويو. تنھن ڪري سٽيل منصوبو ناڪام ٿي ويو. ائين ٿيڻ ڪري ممبئي واري ڌر جون آسون اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون. ان کانپوءِ سنڌوءَ جي اولھہ ڪناري وارين بلوچ قبيلن ھڪ ئي وقت انگريز سرڪار سان وفاداري ۽ تابعداري قبول ڪري، انھن ماڻھن جون سياسي اڳڪٿيون غلط ثابت ڪري ڇڏيون تہ اجھا ٿي بغاوت جي باه ٻري اٿي. انھن قبيلا فزجيرالڊ جي ترت ڪارواين کان متاثر ٿي، انگريزن جي تابعداري قبول ڪئي ھئي، جيڪي اڳي انگريزن جي پاڇي کان بہ وئنءُ ويندا ھئا. اٽڪل ھڪ سؤ پندرھن سردار پنھنجي نوڪرن چاڪرن ۽ ھٿياربندن سان گڏجي ڪراچي روانا ٿيا ھئا. جڏھن اھي ايڪيھھ مارچ تي ڪراچي کان ڏھن ميلن جي فاصلي تي پھتا تہ اتي لھي منزل ڪيائون ۽ سر چارلس ڏانھن سنھيو مڪائون تہ اسين پھتان آھيون. ان وقت ھنن بلوچن جواب ڏياري موڪليو تہ ھتي ڪنھن بہ قسم جو خوف خطرو ڪونہ آھي، تنھن ڪري ھٿياربندن جي ڪابھ ضرورت ڪانہ آھي. تنھن ڪري اھي بنا ڪنھن ھٿيار پنھوار جي اچي چارلس جي پيش پيا. سر نيپئر ھنن جي آجيان تہ ڪئي، پر سندس مزاج ۾ رکائي موجود ھئي. کين چيو ويو تہ ھو ھن کان اڳ پيش ڇو نہ پيا؟ تنھن تي بلوچ سردارن چيو تھ، اسان تنھنجي روبرو ٿيڻ کان ڊڄي رھيا ھئاسون.
”توھان آخر ڊڄي ڇو رھيا ھئا؟“
پتو نہ آھي تہ اسان ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون؟ ھاڻي اسان اوھان کي پيرين پوڻ آيا آھيون. تون اسان جو بادشاھھ آھين ۽ توکي معاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري رھيا آھيون.“
”سردارؤ! اوھان مون کي ھن سوال جو جواب ڏيو تھ، مان جنگ جي ميدان کان سواءِ ڪنھن سان ظلم ڪيو آھي؟
”نھ! ھر ماڻھو چئي رھيو آھي تہ اوھان رحمدل انسان آھيو.“
”تھ پوءِ اوھان ڇو ڊڄي رھيا ھئا؟“
”اسان کي خبر نہ آھي ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون. تون اسان جو بادشاھھ آھين. اسان کي معاف ڪري ڇڏ. اسان واعدو ڪري رھيا آھيون تھ، اسان ھن ملڪ کي تنھنجي دشمنن کان بچائينداسون.“
”مان ڪونہ ٿو چاھيان تہ اوھان ڪنھن جي پھريداري ڪريو. توھان منھنجي اٺ سوار فوج ڏٺي ھوندي، مان ايتريون ريجمنٽون موڪلي سگھان ٿو جيترو تعداد اوھان اٺن جو ڏٺو ھوندو. مان سنڌ جو بچاءُ پاڻ ڪري سگھان ٿو، مان اھو ڪونہ ٿو چاھيان تہ اوھان ان جو تحفظ ڪريو. اوھان فقط راڻيءَ جا وفادار رھو، جيڪا منھنجي مالڪياڻي آھي. جيڪڏھن اوھان ان جا وفادار ۽ تابعدار آھيو تہ ان جي تصوير جو اچي سلام ڪريو!“
ان کان پوءِ ھنن اڳتي وڌي راڻيءَ جي تصوير جو سلام ڪيو. جنھن کان پوءِ سر چارلس نيپئر کين ھن ريت مخاطب ڪيو:
”اسان سڀني وچ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آھي. ھاڻي ساري سنڌ تي حڪمراني آھي. ھن کان پوءِ اسان سڀ ان راڻيءَ جا رعيتي آھيون، پر مان ھتي امن امان قائم ڪرڻ آيو آھيان. اوھان ھن اطاعت جي قبول ڪرڻ کان پوءِ بہ جيڪڏھن ڦرڻ لٽڻ ۽ ڌاڙن ھڻڻ جي ڪوشس ڪئي تہ مان اوھان جي علائقن ۾ اچي ساري قبيلي کي ماري ناس ڪري ڇڏيندس.“
”سردارؤ! اوھان کي اھا پوري خبر آھي تہ مان جنگيون کٽي ورتيون آھن. ان وقت مون وٽ فقط پنج ھزار فوج ھئي. ھاڻي مون وٽ ٻارھن ھزار فوج آھي. منھنجي حڪم تي ھڪ لک فوج پھچي ويندي. اوھان کي سمجھڻ کپي تہ اھا منھنجي سکڻي ڌمڪي ڪانہ آھي. پر اسان جي وچ ۾ امن امان ھجڻ گھرجي. مان اوھان کي اھي ساڳيون جاگيرون واپس ڪري رھيو آھيان جيڪي ٽالپر دور ۾ اوھان جي قبضي ۾ ھيون. ان تي ھنن سڀني وڏي آواز ۾ چيو تھ، تون اسان جو بادشاھھ آھين. جيڪو تون چئي رھيو آھين سچ آھي. ائين ئي ٿيندو جيئن اوھان چئي رھيا آھيو. اسان سڀ تنھنجا غلام آھيون.
ان کان پوءِ ٺاھھ جا شرط طئي ٿيا ۽ کين چيو ويو تھ، ”اھي انگريز فوج کي جنگ واري نقشي مطابق ڏسين تہ ان جنگ جي ميدان ۾ ڪھڙي ترتيب سان بيھاريو ويندو آھي. پر ھنن اھا ڳالھہ پسند ڪانہ ڪئي. ھنن مان ڪيترن تہ اڳ يورپي ڏٺا ئي ڪونہ ھئا. انھن مان گھڻن کي اھا بہ خبر ڪانہ ھئي تہ تھذيب سان لاڳاپيل روايتون ڪھڙيون آھن ۽ ڊڄ ۾ ٿڙڪي رھيا ھئا تہ اھي سڀ ڳالھيون کين قتل ڪرڻ خاطر ڪيون پيون وڃن، جيڪي گڏجاڻي دوران ٿي رھيون ھيون. اھڙين ڳالھين ٻولھين جو وقت بہ گھڻو وڌي ويو ھو. جنرل چارلس ھنن سان ڏاڍي آزاد ماحول ۾ ڳالھہ ٻولھھ ڪري رھيو ھو ۽ اندازو ڪري رھيو ھو تہ انھن مان اھڙو ڪير ھو جنھن جنگين ۾ حصو ورتو ھو. انھن ساڳين ماڻھن کي اکين سان ڏسي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھن ساڻن ڀوڳن چرچن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کانئن سوال پڇيو تہ دٻي واري جنگ ۾ جڏھن انگريز فوج جي گھوڙي سوار مٿن حملو ڪيو تہ ھنن ڀڄي جان ڇو بچائي ھئي.
”ڇاڪاڻ تہ اسان ڊڄي ويا ھئاسون.“ نھايت سادگيءَ سان ھڪ جواب ڏنو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو مان اوھان سان ملاقات ڪرڻ ڪانہ ٿي چاھي. ڇاڪاڻ تہ مون کي ڄاڻ ھئي تہ اوھان انھن ماڻھن کي پسند ڪندا آھيو، جن اوھان سان سر ترين تي رکي مقابلو ڪيو. پر بزدل ۽ ڀاڄوڪڙن کان بڇان ڪندا آھيو. مان جنگ دوران مڙس ٿي مقابلو ڪونہ ڪيو، پر ڀڄي جند ڇڏائي ھئي. ھڪ جھونڙي بلوچ سردار کان پڇيو ويو تہ مياڻي واري جنگ جي ڏينھن ۾ تون گاج جي پٺ واري حصي ۾ موجود ھئين ۽ توسان ڏھھ ھزار فوج ھئي تہ ھن ھڪدم وراڻيو: ”نھ! مون سان گڏ اٺ ھزار فوج ھئي. ان کانپوءِ ھن انھن قبيلن جا نالا ٻڌايا جيڪي ھن جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌي رھيا ھئا، پر وقت تي پھچي ڪونہ سگھيا ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ جيڪڏھن جنگ ٿورو وقت دير سان لڳي ھا تہ اسي ھزار ويڙھاڪ اچي پڙ تي پھچن ھا. سندس بيان ڪيل حقيقتون اسان جي جاسوسن جي ڏنل رپورٽن سان ھڪجھڙائي رکي رھيون ھيون، تنھن ڪري سندس بيان کي سچو سمجھي اعتبار ڪيو ويو ھو.
ھن گفتگو دوران چرچا گھٻا بہ ٿي رھيا ھئا. پر جنرل چارلس جون ڳالھيون توريل تڪيل ۽ وزنائتيون ھيون. اتي ويٺل ڪي ماڻھو اھڙا بہ ھئا جيڪي انھن ڀوڳن چرچن دوران سنجيده لڳا ويٺا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا تہ جيڪڏھن کين وجهہ ملي ويو تہ ھو ٻارڻ ٻاري ڇڏيندا. پر حالتن کين جھڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري جنرل جي مرضي ھئي تہ ھنن کي جنگ جھڙي فوجي ترتيب ڏيکاري، کين اھو سمجھائي سگھي تہ يورپ وارا جنگ ڪھڙي طريقي سان وڙھندا آھن. تنھن ڪري ھن ٻن يورپي ريجمينٽن، ٻن پيادل فوج جي ريجمينٽن، پنھنجي پھريدار دستي، سنڌي گھوڙي سوار فوج ۽ ڇھن توبن کي جنگي ترتيب ۾ بيھڻ جو حڪم ڪيو، جن ۾ سگھا متارا گھوڙا جوٽيل ھئا. پر نظر ائين اچي رھيو ھو تہ بلوچ سردار فوجي جنگي ترتيب کي ڏسڻ لاءِ بي دلا ھئا، جيڪي مقرر وقت تي گھوڙن تي چڙھي اچي سر چارلس جي رھائشگاھھ جي دروازي وٽ پھتا ھئا. پر اھي سايو ڪري ڪجهہ دير سان پھتا ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ گھوڙن تي سوار ٿي ميدان تي آيا. ان وقت فوج ”مارچ پاسٽ“ ڪري رھي ھئي ۽ جنگي ڪرتب ڏيکاري رھي ھئي، جنھن ھي بلوچ سردار گھٽ متاثر ٿيا ھئا. پر جڏھن فوجي قطارون اڳتي وڌيون تہ ھنن جو تصور ئي تبديل ٿي ويو ھو. اھو ڏسي ھڪ لغاري قبائلي سردار رڙ ڪري چيو ھو تہ اوھان دٻي واري جنگ دوران ائين وڌي حملا ڪيا ھئا! ٻين سردارن بہ وڏي آواز سان چيو ھو تہ ”الله جو قسم! اھا ھڪ انساني ديوار آھي، ھڪ چرندڙ ڦرندڙ ديوار. ھن جو تہ ڪير بہ مقابلو ڪري ڪونہ سگھندو. اي اسان جا بادشاھھ! اوھان ساري دنيا جا مالڪ آھيو.“ ان کان توبن گولا باري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سارو ميدان گولن ڇٽڻ جي گجگوڙن سان ٻري اٿيو. ايتري قدر جو ھو ھڪ ٻئي جو آواز بہ ٻڌي ڪونہ ٿي سگھيا. بعد ۾ گولاباري ھڪدم بند ٿي وئي ۽ پيادل ۽ گھوڙيسوار فوج نعرا ھڻي حملا شروع ڪري ڏنا. ھنن بلوچ سردارن کي جنگي مشقن مان ٻن ڳالھين گھڻو متاثر ڪيو. ھنن ٻڌو ھو تہ انگريزي فوج توڙيدار بندوقن سان ڏاڍي تبري فائر ڪري سگھندي آھي. پر کين اھڙي ڳالھہ تي اعتبار ڪونہ ايندو ھو. ان کان پوءِ ھم چورس دائرن ۾ بيھي وئي. انھيءَ وقت سج لھي رھيو ھو. ڀرسان ئي جابلو علائقي ۾ توبون ڌوڙ اڏائينديون تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رھيون ۽ سج جي ھلڪي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ لوھھ جا اھي ذرا ڌنڌاٽيل ڏسجي رھيا ھئا. اھو منظر ڏسي ھي بلوچ سردار ڏاڍا خوش ٿيا ھئا. سر چارلس سندن جذبن کي محسوس ڪري ورتو ھو ۽ کين ان وقت رخصت ڪيو ھئائين ۽ ھنن کي چيو ھئائين تہ ھنن کي ڄڻ يورپ جي بادشاھن جيتري عزت ڏني وئي آھي. جنرل جا اھي لفظ ٻڌي بلوچ ڏاڍا خوش ٿيا ھئا. ھي انگريز ڪمانڊر ھنن کي ڊنل ڏسي ڏاڍو خوش ھو. کيس اطمينان ٿي ويو ھو تہ ھو مستقبل ۾ ڪنھن بہ قسم جي شرارت ڪانہ ڪندا. اھي ماڻھو ان وقت انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار رھندا، جيستائين انگريزن کي برتري حاصل آھي.
ھن وقت سر چارلس سنڌ جو مالڪ ۽ فاتح ھو، جنھن سنڌ کي قانون بہ ڏنو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن بلوچن سندس رضاڪارانھ فرمانبرداري ڪئي ھئي ۽ اطاعت قبول ڪئي ھئي. ھن کان پوءِ ڳوٺاڻا ٻروچ پوليس جي مدد ڪرڻ لڳا ھئا. جيڪي ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن خلاف ڪارروايون ڪندا ھئا. ھو انگريزن جي انتظاميھ کي صدق دل سان تسليم ڪري چڪا ھئا ۽ پرامن ٿي ويا ھئا. ھڪ اھڙو مثال بہ موجود آھي تہ اتان جي ھڪ ڏيھي سرڪاري عملدار ھڪ ڳوٺاڻي کي مشرقي انداز ۾ ڦريو ۽ کيس لڪڻ بہ ھنيا. انھيءَ ڪري سندس پنھنجن ماڻھن ھن کي وٺي ان جاءِ تي رکيو جتي ھن ڳوٺاڻي کي پنھنجي ظلم جو نشانو بڻايو ھو. ھن مجبورن زوريءَ ورتل رقم اصلي مالڪ کي موٽائي ڏئي. کانئس سرڪاري ڪپڙا لاٿا ويا ۽ کيس ايترا لڪڻ ھنيا ويا جيترا ھن ڳوٺاڻي کي ھنيا ھئا. ٻيو مثال ھڪ ڪاردار جو آھي، جيڪو وڏي اثر رسوخ جو مالڪ ۽ پنج ھزار ايڪڙن جو جاگيردار ھو. ھن سرڪاري پئسي ۾ خردبرد ڪئي ھئي ۽ غريبن تي ظلم ڪندو ھو. انھن ڏوھن جي عيوض کانئس جاگير کسي وئي ۽ ھن تي پنج سو پائوندن جو ڏنڊ پڻ رکيو ويو ھو. ان کانسواءِ کيس زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ انھن مزدورن سان گڏجي ڪم ڪري، جيڪي رستي ٺاھڻ جو ڪم ڪري رھيا ھئا. ھي اھڙا مثال ھئا، جيڪي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا ھئا. ماڻھو رڙيون ڪري چوندا ھئا تھ، ”اھو آھي انصاف. اڳي ڪنھن اھو ٻڌو سڻيو تہ ڪنھن سرڪاري ملازم کي، ھڪ غريب ماڻھوءَ کي مارڻ عيوض سزا ڏني وئي ھجي. ھي ھڪ وڏو بادشاھھ آھي جيڪو ڏاڍو انصاف پسند آھي.“
اپريل مھيني تائين ٻارھن ھزار بيمار فوجي سڀ چاڪ چڱا ڀلا ٿي ويا ھئا. پر اڃا نو سو ماڻھو بيمار ھئا. ان وقت تائين رستن، واھن جي ليول جو ڪم، زمينن جي عام سروي، بئرڪن جو ڪم ھٿرادو بند تعمير ڪرڻ جو ڪم زور شور سان ھلي رھيو ھو. تنھن ڪري سر چارلس جي سنڌ سرڪار ڏاڍي مشھور ٿي وئي ھئي. ان کان سواءِ سنڌ جي بلوچن کي فوج ۾ ڀرتي ڪري، انھن جون ٻہ بٽالون جوڙيون ويون ھيون. ائين ڪرڻ سان ريگيولر فوج جو سنڌ ۾ تعداد گھٽايو ويو ھو. جنرل کي اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي تہ ھنن بٽالين ۾ اھڙا ماڻھو بہ ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ ھئا. انھيءَ ڪري امڪان ھو تہ متان اھي سکن جا ھمدرد ھجن. پر جيڪڏھن ھنن ماڻھن بغاوت ڪئي ۽ انگريز سرڪار جي فوجي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويا تہ ڪوبہ فرق ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ ھنن ماڻھن کي ھٿيار مختصر ڏنا ويا آھن. اھڙي ريت جنرل کي ڪنھن بہ بغاوت جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ ھئي. ھن فوج جون ٻہ ريجمينٽون ممبئي سرڪار ڏانھن موٽائي موڪليون ھيون. کيس يقين ھو تہ جيڪڏھن پنجاب جون حالتون پرسڪون رھيون تہ سنڌ ۾ بہ امن امان رھندو. پنجاب جي وڳوڙري وايو منڊل ڪري، ڀرپاسي وارن قومن ۾ بيچيني ڪاھي پئي ھئي. انھيءَ ڪري ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ بيچيني ڪاھي پئي ھئي. سکر جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪڇيءَ جون حالتون ڏسي ڪجهہ ڇرڪي ويو ھو.
جنرل سيل Sale بہ انگلينڊ ويندي اچي ڪراچي پھتو. ھن جي غير حاضري ۾ ٿوري وقت لاءِ سندس ھڪ جانشين رکيو ويو ھو. جنھن تي خيالي قسم جو دشمنن جو خوف ويٺل ھو. مٿس اھو بہ ڀئھ ويٺل ھو تہ سرڪار وٽان امدادي فوج پھچڻ کان اڳ، جابلو علائقي جا ٻارھن ھزار باغي، کيس قتل ڪري ڇڏيندا. افغانستان ۾ انگريزن جو وڏو قتل عام ٿيو ھو. جنھن ڪري ھندستان ۾ انگريز ڏاڍو ڊڄي ويا ھئا. سندن دلين مان افغانستان جو خوف اڃا ٻاھر ڪونہ نڪتو ھو. نيپولين بوناپارٽ ھڪ اھڙو ڪمانڊر ھو جيڪو جنگ ۾ گھڻا فوجي استعمال ڪندو ھو، ان ڪري سندس فوج جا حوصلا سدائين بلند رھندا ھئا. سر چارلس آڏو نيپولين جو مثال ھو. ھن جي ھڪ ماتحت فوجي عملدار تي افغانستان جو خوف ويٺل ھو. تنھن ڪري ھن برگيڊيئر سمپسن Sumpson کي اتر سنڌ جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪري موڪليو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڪڻڪ جا لابارا ھئا. ھڪ سو پندرھن بلوچ سردار بہ انھيءَ زماني ۾ اچي سر چارلس جي پيش پيا ھئا. گذريل سال ھن لارڊ ايلنبرو ماتحت فوج کي مدد ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو، پر سندس فوج ۾ اوچتو بيماري اچي پئي ھئي. ان کان سواءِ ڪي ٻيا سبب بہ پيدا ٿي پيا ھئا، تنھن ڪري کيس ائين ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي ھئي. ھن انھيءَ سال سنڌ جي بلوچ سردارن ڏانھن اطلاع روانو ڪيو ھو تہ ھو حيدرآباد جي درٻار ھال م اچن ۽ راڻيءَ جي سالگره واري ڏينھن تي اچي سندس تصوير جو سلام ڪن.
اھڙو وڏو ڏڻ ملھائڻو تہ ضرور ھو، ڇاڪاڻ تہ اھڙي ڳالھہ لازم بہ ھئي. انھيءَ ڪري جو بلوچ سردارن جي فرمانبرداري جي آزمائش وٺڻي ھئي تہ اھي راڻيءَ جي تصوير آڏو جھڪي کيس سلام ڪن ٿا يا نھ. ٻيو تہ آس پاس وارن قبيلن ۽ قومن کي چتاءُ ڏيڻو ھو تہ سنڌ تي ھاڻي برطانيھ سرڪار جي حڪومت آھي، جنھن کي ھتان جا ماڻھو دل ۽ جان سان قبول ڪري چڪا آھن. جڏھن لارڊ ايلنبرو اھڙي رسم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سر چارلس نيپئر اھڙي ڏينھن ملھائڻ جي بندوبست ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ کين توقع ھئي تہ ھڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻہ ٽي ھزار بلوچ سردار تصوير جو سلام ڪرڻ مس ايندا، جن سان گڏ نوڪر چاڪر ھوندا. پر ان مقرر ڏينھن تي ھشام بلوچن جا اچي لٿا، جن جو تعداد ويھن ٽيھن ھزارن کان بہ مٿي ھو. اھا ڄڻ درٻار منعقد ڪانہ ٿي ھئي، پر ڄڻ ھڪ وڏي فوج اچي لٿي ھئي، جيڪا ھڪ وڏي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي انگ جي انتظام ڪرڻ کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھو. وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو. حڪمت عملي اھڙي ڪرڻي ھئي جو تصوير کي سلام ڪرڻ واري رسم خير عايت سان گذري وڃي. پر سر چارلس ڏاڍو مطمئن ھو. کيس يقين ھو تہ سندس ھڪ دڙڪو ھنن اڻ ڪوٺيل ۽ اڻ وڻندڙ ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. ان جي خلاف ممبئي ۽ انگلينڊ ۾ ڪن ماڻھن جي اھا واويلا ھئي تہ سنڌ جي بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ وڏيءَ انگريزي فوج جي ضرورت آھي.
اھا حقيقت آھي تہ جڏھن ماڻھن جا ايڏا وڏا انبوھھ گڏ ٿيندا آھن تہ دنگو فساد ٿي پوندو آھي. اھڙو خوف بہ موجود ھو. اھڙو ڪو بلوچ قبيلو رھيل ئي ڪونہ ھو، جنھن مياڻيءَ ۾ مري ويندڙن جو اوسيس نہ ڪيو ھجي. ھڪڙي جھونڙي جو تہ ھنن جنگين ۾ سارو قبيلو ئي ڪسي ويو ھو ۽ فقط ھو اڪيلو وڃي بچيو ھو. پر پوءِ بہ ھو سر چارلس نيپئر کي ڏسڻ آيو ھو، جنھن کيس سوکڙيون پاکڙيون بہ ڏنيون، جيڪي ھن جھونڙي خوشيءَ سان ورتيون ھيون. سر چارلس ساڻس ھمدردي ڪندو ھو. جھونڙو ڏکن سورن جو ستايل ھو. پر ڪڏھن بہ ڪاوڙ جو اظھار ڪونہ ڪيو ھئائين. پر ان ھوندي بہ اھو انبوھھ غيرتمند بلوچ سردارن جو انبوھھ ھو، جن جا پلاند ڪڏھن پراڻا ڪونہ ٿيندا آھن. ٽالپر بلوچ نسل جي زوال ڪري اھي ڄڻ سودائجي پيا ھئا. ھنن جو قتل تہ ڄڻ ڪو ڏوھھ ئي ڪونہ ھو. ھنن جو مقدر تي ويساھ ھو، تنھن ڪري حياتيءَ جو ڪو خيال ئي ڪونہ ڪندا ھئا. انھن مان ڪي پر جوش مھمان ھئا. تنھن ڪري خوف ھو تہ متان ڪو موت جو واقعو نہ رونما ٿي پوي، جنھن جي نتيجي ۾ وڏي فساد ٿيڻ جو خدشو ھو ۽ اھڙو وڏو امڪان بہ موجود ھو. پر اھڙيءَ ڳالھہ جو ڪو اڳواٽ منصوبو جوڙيو ڪونہ ويو ھو. اھڙن خطرن وقت سر چارلس جي دل ڏاڍي مطمئن ھوندي ھئي. ائين جيئن جنگ دوران ھوندو آھي. ھو جڏھن ڪنھن بہ بغاوت جو ٻڌندو ھو تہ سندس خاص رڳ سسي سوڙھي ڪانہ ٿي ويندي ھئي. ماضيءَ جي واقعي مان بہ پتو پوي ٿو تہ ڪنھن خوف وقت سندس رڳ سسندي ڪانہ ھئي.
قصو ھن ريت آھي تہ ھندستان جي ھڪ تلوار باز خوشيءَ جي موقعي تي ھڪ وڏي ميڙاڪي ۾ اعلان ڪيو ھو تہ ھو پنھنجي تلوار جي تيز ڌار سان ماڻھوءَ جي ھٿ جي تريءَ تي اھڙي ليڪ ڪڍي سگھي ٿو، جنھن جو ماڻھو کي زخم بہ ڪونہ ٿيندو. جنرل چارلس اھا ڳالھہ ٻڌي، ھن ڏانھن ساڄو ھٿ وڌايو. تلوار باز سندس وڏو فوجي عھدو ڏسي ڊڄي ويو ۽ ھڪ ميووي کي سڌيءَ ليڪ ۾ ڪٽ ڏنائين. جڏھن مٿس چيل لفظن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو تہ ھن چيو ھي اھڙو ھٿ نہ آھي، جنھن جي تريءَ کي تلوار سان ليڪ ڪڍجي. تنھن ڪري ھن انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جنرل ڏانھنس کاٻو ھٿ وڌايو، جنھن کي ڏسي تلوار باز چيو تہ ھن ھٿ جي تريءَ تي نشان ڪڍڻ صحيح ٿيندو. پر پوءِ بہ تلوار سان ليڪ ڪڍڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رھيو. زور ڀرڻ کان پوءِ ھن تلوار کي ائين اولاريو ڄڻ تہ اھا ھٿ تي ھڻندو ھجي. اھڙيءَ ريت ھن تلوار اولاري ٻہ ڀيرا ڌڪ کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ کيس اھڙي ڪاميابيءَ جو يقين ڪونہ آھي. وري بہ کيس اھڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ھن تلوار ھئين ۽ ھٿ تي تلوار سان ليڪ ٺھي پئي ۽ اتان کلي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ۽ تلوار جي تيز ڌار پنھنجو نشان ڪري وئي. پر ان سان زخم ٿيو نہ ئي رت جي ٺنڀ اڙھي ھئي.
ماڻھن جي ان ڏينھن واري وڏي انبوھھ ۾ ھڪ سياسي مفاد بہ لڪل ھو. جنھن شخص (نيپئر) خوف ۽ خطري جي تہ ڳالھہ ڪانہ ھئي، پر ان جو مقصد انتظام رکڻ ۾ ڦڙتائي ۽ چالاڪيءَ جو مظاھرو ڪرڻ ھو. اھڙي ڳالھہ اڳ ڪاٿي بہ بيان ڪئي وئي آھي. پھرين ڳالھہ اھا ڪئي وئي ھئي تہ سردارن کي بچائڻ جي بھاني اتر سنڌ ڏانھن ويو ھو ۽ جنرل سمپسن سان وڃي مليو ھو. ائين ڪري ھن سردارن جي وڏي حصي کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. حيدرآباد ۾ بلوچ سردارن سان ملڻ واسطي ڦليلي ۽ سنڌوءَ جي وچ واري علائقي جي چونڊ ڪئي وئي ھئي، جيڪو ڦليليءَ جي ساڄي پاسي ۽ خندن واري فوجي وانڍ (ڪئمپ) جي سامھون ۽ سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ھو. بلوچ سردارن سان ملاقات وقت ھٿياربند آگبوٽ ٻنھي وھڪرن ۾ آمد رفت ڪري رھيا ھئا. اھڙي ريت آگبوٽن جا ٻئي سلسلا انگريزي فوج کي تحفظ فراھم ڪري رھيا ھئا.
ھن قسم جو مخصوص بندوبست انھيءَ مقصد سان ڪيو ويو ھو تھ، جيئن ھنگامي حالتن تي ضابطي رکڻ کان انگريز فوج وڏي تعداد کي بچائي وٺجي. ائين ڪرڻ ضروري بہ ھو، ڇاڪاڻ تہ گرمي بہ ھئي. ٻيو ڪارڻ اھو بہ ھو تہ خوف ڪري بلوچ سردارن جي اشتعال ۾ اچي وڃڻ جو بہ اڊڪو ھو. ان کان سواءِ بلوچ سردار بحث بہ اھڙي طريقي سان ڪري رھيا ھئا. جيڪو سندن روايتي طريقو آھي. اھو بہ نظر اچي رھيو ھو تہ ھو شڪن شبھن ۾ ورتل ھئا تہ جنرل سر چارلس سندن قتل عام جو ارادو ڪري چڪو آھي. بلوچن جي متوقع ميڙاڪي جي انتظام رکڻ لاءِ چار ھزار فوج، سورھن توبون ھيون، جن کي قلعي واري فوج جي مدد حاصل ھئي. ان کان سواءِ ملاقات واري جاءِ ٻن درياھن جي وچ تي ۽ خندقن واري فوجي ڪئمپ جي سامھون ويجھو ئي ھئي. ھٿياربند آگبوٽن جي آمد رفت جاري ھئي. درياه جي ڪناري تي بيھي قبيلي جي سردار کي سڏ ڪيو ٿي ويو. سڏ ڪرڻ کان سواءِ ڪوبہ سردار درياه پار ڪري ڪونہ ٿي سگھيو. جڏھن تہ سردار ٻنھي درياھن جي ڪنارن سان سڏ جي اوسيئڙ ۾ بيٺا رھيا. اھو بہ اعلان ڪيو ويو ھو تہ فقط سردار کي ھٿيار کڻي اچڻ جي موڪل ھوندي. جنرل سر چارلس ھوڏي ۽ ھٺيلو ھو ۽ سندس آواز بہ رکو ھو، جيڪو ٻين مٿان ڇائنجي ويندو ھو. سندس سوچ ھئي ھنن جھنگلي قسم جي جھيڙاڪن مٿان خوف مسلط ڪجي جن مان ڪيترا کيس فقط جنگ ڪري سڃاڻيندا ھئا، پر ھن کي اڳ ڏٺو ڪونہ ھئائون. سندس خواھش ھئي تہ سندن مزاج کي بہ پرکي ڏسجي تہ ھو بغاوت ڪرڻ واسطي تيار آھن يا نھ.
اھڙي درٻار مئي مھيني ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ سوچيو ويو ھو. ھڪ ڏينھن سر چارلس پاڻ سان سٺ اريگيولر ھارس جا فوجي سپاھي ساڻ گڏ کڻي نڪتو ۽ جوکين واريءَ ايراضيءَ وچان غير معروف رستن سان سفر ڪندو، حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو. کيس سختيءَ سان مشورو ڏنو ويو ھو تہ ھو ائين نہ ڪري. ھن اھو بہ ٻڌو ھو تہ اھڙن رستن سان سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ليڪن ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيون. پر جڏھن ھو اتان گذريو تہ ڏٺائين تہ اھو علائقو ڏاڍو سرسبز ۽ آباد ھو. جابلو علائقو تہ ھو پر ٽڪرن جون چوٽيون ننڍڙيون ھيون، جن وچان گذرڻ لاءِ سولا لڪ ھئا. ھي اھي ٽڪريون ھيون جن بابت کيس ٻڌايو ويو ھو تہ ڏاڍيون ڏکيون آھن ۽ انھن وچان سفر ڪرڻ ۾ ڏاڍو اھنجو آھي. انھن ٽڪرين منجھان ھڪ ڏانھن سندس ڌيان ڇڪجي ويو. ڇاڪاڻ تہ ان جي پٿرن جو وزن ۽ رنگ مختلف ھو. جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ان ۾ لوھھ موجود آھي. ھڪ بلوچ سردار کيس ٻڌايو تہ ھتان لوھھ ھٿ ڪري ھٿيارن ٺاھڻ ۾ ڪم آندو ويندو آھي. حيدرآباد ۾ رھڻ دوران ھو مياڻيءَ وارو جنگي ميدان بہ ڏسڻ ويو، جتي بلوچ سردارن مير جان محمد جي قبر مٿان مقبرو جوڙايو ھو. ھو سردار، ڪئپٽن مڪمرڊو McMurdo سان مقابلو ڪندي مارجي ويو ھو. ٻيو مقبرو ھڪ بھادر تلوار باز فوجي سپاھيءَ جي قبر مٿان جوڙايو ويو ھو. جنھن ڪئپٽن مارسٽن Marston سان مقابلو ڪندي جان ڏني ھئي. ھي مقبرو ان جاءِ تي تعمير ڪيو ويو ھو جتي اھو فوجي ڪريو ھو. جان محمد جو مقبرو انھيءَ جاءِ تي ھو جتي يورپي فوجي وڙھي رھيا ھئا. ھن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي بھادر يورپي فوجين جي قطارن کي چيري اڳتي نڪري ويو ھو. سر چارلس ھن وقت قانون ڏيندڙ ڪو فوجي ڪونہ ھو، پر پوءِ ھن بھادر انسان جي مقبري ڏانھن فوجي انداز سان ڏٺو جيڪو عزت ۽ احترام وارو ھو. سندس نظرن ۾ بلوچ نسل جي بھادري ۽ مھانتا موجود ھئي. ھن جي دلي خواھش ھئي جيڪر ھيءُ بھادر نسل سندس حڪومت ۾ سھڪار ڪري تہ ڏاڍو چڱو ٿي پوي.
جڏھن اھو ڪم پورو ٿيو جنھن لاءِ ھو حيدرآباد آيو ھو تہ وري ٻئي رستي سان ڪراچيءَ ڏانھن موٽيو ھو ۽ اھي ڳالھيون نوٽ ڪندو آيو ھو، جيڪي ھن ملڪ جي مستقبل جي ڀلي لاءِ ھيون. ھي جنرل سنڌ جي ترقيءَ وارين ڳالھين ۾ مشغول ھو جو کيس بگٽين، جکراڻين ۽ ڊومبڪين جي بغاوت جو اطلاع مليو، جن مير شير محمد جي اڀارڻ تي اھو ڪم ڪيو ھو. بلوچن لاءِ اھا ھڪ عام ڳالھہ ھوندي ھئي تہ ھو قبائلي ويڙھھ ۾ عورتن جي بي حرمتي ڪونہ ڪندا ھئا، نہ وري ٻارن کي ايذائيندا ھئا. پر ھنن جڏھن ميان جي ڪوٽ نالي ڳوٺ تي حملو ڪيو تہ چاليھھ مرد ۽ عورتون ڪھي وڃي پار پيا. ان کان سواءِ سولائيءَ سان چوڙين ھٿ ڪرڻ جي غرض سان ننڍڙين ڇوڪرين جي ٻانھن ڪپڻ کان بہ ڪونہ مڙيا. سنڌ جي سرحد سان اھڙا ماڻھو آباد ھئا، جيڪي عام انسانن مٿان ايڏا ڇرڪائيندڙ ظلم ڪندا ھئا ۽ سندن ملڪيتون بہ لٽي ڦري ھليا ويندا ھئا. تنھن ڪري ھن پڪو پھھ ڪيو تہ ھو پاڙي وارن سان اھڙي کئونس ڪرڻ ڇڏي ڏين. سر چارلس ان جا ٻہ طريقا سوچيا ھئا. ھڪ تہ انھن مظلوم ماڻھن جي مدد ڪجي تہ اھي ھنن ظالمن سان پاڻ مقابلو ڪن. ٻيو طريقو ھن خلاف اريگيولر فوج کي ڪتب آڻجي ۽ کين جابلو علائقن مان ھميشھ لاءِ تڙي ڪڍي ڇڏجي. پھرئين طريقي مان کيس اميد ھئي تہ بلوچ قبيلا سنڌ جي سرحد کان گھڻو پري ھليا ويندا. سندس مرضي بہ ائين ڪرڻ جي ھئي، پر ھن سوچيو تہ ٻئي طريقي کي استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آھن، پر ھنن ٻنھي مان ھڪ نہ تہ ٻيو طريقو تہ لازمي ڪتب آڻڻو ھو. اھڙو ظلم تہ سھڻ جھڙو بہ ڪونہ ھو. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين کي ڍر ڏبي تہ اڳتي ھلي آزار بڻجي پونديون. سندن اھڙن ظلمن ڪري سنڌ ڪڇيءَ ۽ گنداوا وارو علائقو ۽ پنھنجا اباڻا تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا ھئا ۽ سارو علائقو خالي ٿي ويو ھو ۽ حالتون رحم جوڳيون ھيون. ان کان سواءِ شڪارپور ۽ ڦلجيءَ وارو علائقو بہ ڀڙڀانگ ٿي ويو، جتي فقط ٻہ چار سنڌين جا ڳوٺ وڃي رھيا ھئا. ان علائقي ۾ پوکي راھي ڪرڻ لاءِ تہ وانگي بہ ڪونہ رھيو ھو. انھيءَ علائقي ۾ بيجار Bejar ڊومڪي جون قھري ڪارروايون جاري ھيون، جيڪو ٻہ چار رولو ماڻھو ساڻ ڪري وڃي سنڌين جا ڳوٺ ڦريندو لٽيندو ھو. انھيءَ ڪري ان جوءِ ۾ جيڪي بہ چار ڳوٺ ھئا، سي بہ لڏي پٽڻ لاءِ آتا ويٺا ھئا. بجار خان ڊومڪي ھمت ۽ بھادريءَ ڪري ڏاڍو مشھور ھو، جيڪو انگريزن کان نفرت ڪندو ھو. کيس افغان جنگ دوران ڪئپٽن پوسٽن دغا سان پڪڙي ورتو ھو. جيڪو انھيءَ زماني ۾ سب پوليٽيڪل ايجنٽ ھو. ھن ڊومڪي ڌاڙيل جون ڳالھيون بيان نہ ٿيون ڪري سگھجن، ڇاڪاڻ تہ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھو انگريزن جو وفادار ۽ تابعدار ٿي ويو ھو ۽ اھڙو معاھدو بہ ڪيو ھئائين. ھي ماڻھو قلات جو رعيتي ۽ انگريزن جو اتحادي آھي. پر پوءِ بہ سنڌ جو ھڪ حصو ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو اٿائين. سر چارلس نيپئر قلات جي خان کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجو ڪري ڇڏيو آھي. پر پوءِ بہ ھو افغانستان جي سردارن جي چنبي ۾ آھي، جيڪي کيس پنھنجي مرضيءَ موجب ھلائيندا رھندا آھن. ھي اڃا ٻار آھي. سندس مڃوتي بہ گھٽ آھي. تنھن ڪري پنھنجي درٻاري ماڻھن تي ضابطو رکي ڪونہ ٿو سگھي. بجار ڊومڪي بہ سندس چئي آکئي ۾ ڪونہ آھي. ان کان سواءِ ھن کي قلات جي سردارن جي ڳجھي مدد حاصل آھي.
ھي وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو، جنھن ڪري ڏاڍي بيچيني پيدا ٿي وئي ھئي. بلوچ ڌاڙيلن ڪري سنڌ جو ھي سرحدي علائقو ھوريان ھوريان خالي ٿي رھيو ھو. جيڪڏھن سر چارلس ھن ڏاڍ ۽ ڏچي کي منھن نہ ٿي ڏنو تہ ڀر وارن علائقن جي ماڻھن جي دلين مان سندس عزت ۽ وقار گھٽجي وڃڻ جو امڪان ھو. ھي فوجي ڪارروائيءَ جھڙيون ڳالھيون ھيون، جن کان لنوائڻ بربادي کي سڏڻ برابر ھو، اھڙين حالتن کي نظر ۾ رکي ”اريگيولر ھارس“ جي فوجي دستن کي سنڌ جي سرحد سان مقرر ڪيو ويو، جنھن ڪري ڌاڙن ڦرين جي واقعن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. کين جيڪو بہ ڌاڙيل ھٿ اچي ويندو سو سزا کان بچي ڪونہ سگھندو ھو. ھي ڌاڙيلن جي ننڍين ٽولين خلاف انفرادي ڪارروايون ھيون، جن جا نتيجا ڏاڍا سٺا نڪتا ھئا. پر گرميون ويجھو اچي رھيون ھيون. ان ڇتيءَ موسم ۾ فوج جو اتي رھڻ ڪنھن جوکي کان گھٽ ڪونہ ھو ۽ سندن زندگين کي نقصان رسڻ جو امڪان ھو. اڳئين سال بہ ڏاڍيون گرميون ٿيون ھيون. ان دور ۾ مير شير محمد کي منھن ڏيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ويون ھيون. انھيءَ لاءِ تہ جيئن سنڌ جي اوچتي فتح کي وڌيڪ موثر بڻائي سگھجي. اھو مقصد ھن جنگي ڪارواين کي جواز ڏيڻ لاءِ مناسب بہ ھو. پر ڌاڙيلن کي ملندڙ اھڙيون سزائون نظر ايندڙ خطرن کان وزن ۾ گھٽ ھيون. تنھن ٿڌي موسم جي اچڻ تائين فوجي ڪاررواين کي مھمل ڪيو ويو ھو.
سوچيو ويو ھو تہ ھنن نيم وحشي ماڻھن کي مھذب ۽ بااخلاق بڻائڻ لاءِ تشدد کان ڪم نہ وٺجي، پر کين اھڙيون ڳالھيون نرميءَ ۽ اخلاق سان سمجھايون وڃن. اھڙيون ڳالھيون سوچي ويچاري ھن چيو ويو تہ جيڪڏھن ھاڻي ڌاڙا ڦريون ڇڏي ڏيندا تہ کين اڳيان ڪيل جرم معاف ڪيا ويندا. پر جيڪڏھن ھو نہ مڙيا تہ سندن علائقن کي صفا تباھہ ڪيو ويندو. اھڙيون ڳالھيون اڃا ھليون پئي جو ظلم جو ھڪ واقعو رونما ٿيو، جنھن مان سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو تہ فوجي ڪارروائي کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونہ رھيو آھي. سر چارلس جو خيال ھو تہ بجار ڊومڪيءَ تي اوچتو حملو ڪري، کيس گرفتار ڪيو وڃي، جو انھن ڏينھن ۾ ڦلجي شھر ۾ موجود ھو. اٺ سوار فوج جو ڪمانڊر فزجيرالڊ بہ ڪنھن زماني ۾ ھن شھر ۾ رھندو ھو. سمجھيو پئي ويو تہ کيس اتان جي ھر جڳھھ جي خبر ھوندي ۽ اھو کيس ننڊ پئي گرفتار ڪري وٺندو. اھڙيون ڳالھيون جنرل جي خيال مطابق مناسب ھيون، پر کيس اھو ڪونہ ٻڌايو ويو تہ ھو ڦلجي شھر جي چوڌاري اوچو ڪوٽ ڏنل آھي. جيڪڏھن کيس اھڙي خبر ھجي ھا تہ ھو ھر گز ائين ڪرڻ جو حڪم ڪونہ ڏئي ھا. جنرل کي پتو ھو تہ بجار ڊومڪي ڏاڍو سچيت آھي، جنھن کي فوجي ڪارروائي وسيلي گرفتار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. جيڪڏھن سندس گرفتاريءَ ۾ ناڪامي ٿي تہ اھا سياسي ساک لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ ڪندڙ فوج لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي. تنھن ڪري ھن مذڪوره ڪارروائي کي نھايت ڳجھو رکيو ۽ حڪم ڪيو تہ سندس ھيٺ بيان ڪيل ڳالھين تي عمل ڪيو وڃي:
اٺ سوار رستا سٺ ميل في ڏينھن جي رفتار سان ڦلجي پھچي وڃڻ گھرجن. اريگيولر ھارس ھنن جي مدد واسطي سندن پٺيان سفر ڪن. ھنن جي سھائتا لاءِ انفنٽري کي بہ اڳتي وڌڻ گھرجي. جيڪا بندوقن سان مسلح ھجي. ھن ڪاررواين جي ڪمانڊ ڪنھن نوجوان آفيسر جي سپرد نہ ڪئي وڃي، نہ وري سکر ۽ شڪارپور جي عارضي ڪمانڊرن حوالي ڪئي وڃي ۽ تيستائين ڪابھ پيش رفت نہ ٿيڻ گھرجي، جيستائين جنرل سمپسن اتي پھچي وڃي، جنھن کي اتر سنڌ جو چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آھي ۽ جنھن کي ھن خاص ڪارروائي جي ھدايتون بہ ڏنيون ويون آھن. ھن جي اھڙن اڳواٽ قدمن کڻڻ ڪري، کيس ڪاميابيءَ جي پڪ ھئي. پر اھڙيون ڪارروايون، وقت، حالتن ۽ شخصيتن تي مدار رکنديون آھن. پر جلد بازيءَ کان ڪم ورتو ويو. جنرل سمپسن جي اچڻ تائين انتظار ڪونہ ڪيو ويو، ھڪ ٻئي سان سھائتا ڪرڻ واري ڳالھہ ڏانھن بہ توجھھ ڪونہ ڏنو ويو ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ کي ڳجھو بہ ڪونہ رکيو ويو.
ڪئپٽن ٽئٽ Tait ھيٺيان پنج سؤ گھوڙي سوار ۽ قد ڪاٺ جي ڪري سڃاپرو ھو ۽ قلعي جي ديوار تي چڙھي بيٺل بندوقبازن بہ کيس سڃاڻي ورتو ھو. پر ھو بنا زخم کائڻ جي سلامتيءَ سان موٽي آيو ھو. ھو جوابي حملي ڪري ناڪام ٿي موٽي آيو ھو تہ ھي ردعمل طور ھڪ خطرناڪ قسم جو حملو ڪري ھا. پر ڪئپٽن ٽئٽ فوج کي پوئتي ھٽڻ جو حڪم ڏنو. سلامتيءَ سان پوئتي موٽي پھچڻ جو ڪو امڪان بہ ڪونہ ھو. پر وچ برپٽ ۾ ھڪ ڦٽل ڳوٺ ڀرسان پاڻي ملي ويو ھو. جنھن جو نالو چوٽار Chuttar ھو. اتفاق جي ڳالھہ اھا ٿي ھئي جو دشمن کان ھي کوھھ پورڻ وسري ويو ھو. جنھن جو مقصد انگريز جي پيش قدمي کي روڪڻ ھو. فوج چوٽار کان ھلي خانڳڙھھ پھتي ھئي. ھيءُ ويجھي ۾ ويجھو ماڳ ھو، جيڪو سنڌ جي حدن اندر ھو. گرمي بہ سخت ھئي. فوج بہ لڳاتار سفر ڪندي پنجھتر ميل پنڌ ھڻي، ھن ماڳ تي پھتي ھئي. ايڏي ڪشٽ ڪشالي کانپوءِ بہ فوج ھيڻي ڪانہ ٻولي ھئي. سفر دوران فزجيرالڊ ھيٺان ٻہ سو اٺ سوار ھئا جيڪي رڻ پٽ ڏانھن تيزيءَ سان پيش ڪندا رھيا. پر رستو وڃائي ويٺا ۽ صبح جو اٺين وڳي اچي ھڪ قلعي وٽ بيٺا، جيڪي ڏاڍا ٿڪل ۽ بيحال ھئا. قلعي اندر بيجار ڊومڪي جا سوين بندوقباز ويٺا ھئا. ھن ماڻھوءَ کي اھڙي فوجي ڪارروائي جي اڳواٽ ئي معلومات ملي وئي ھئي. فزجيرالڊ نھايت تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي ماڻھن سان گڏجي اچي قلعي جي ڦاٽڪ وٽ رسيو. ھنن پائوڊر وسيلي ان ڦاٽڪ کي اڏائڻ جي ائين ڪوشش ڪئي، جيئن افغان جنگ دوران لارڊ ڪين Kean غزنيءَ جي قلعي جي دروازي کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. پر بگٽين ھڪ بھادر فوجي عملدار ۽ ٻين نون فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ايڪيھھ ماڻھو گھائل ٿي پيا ھئا. پتو نہ آھي تہ فزجيرالڊ ڪيئن بچي ويو. قلعي تي حملي ڪرڻ وارن ماڻھن ۾ طاقت، بھادريءَ وارو جذبو ھو. فقط ھڪ فوجي سپاھي ٿڪي ساڻو ٿي پيو ۽ ھلڻ کان لاچار ھو، جنھن کي پٺيان ايندڙ ھڪ جکراڻيءَ قتل ڪري ڇڏيو. ان قتل جي انتقام جو موقعو بہ جلد ئي ملي ويو ھو. اھو ساڳيو جکراڻي جاسوسي ڪرڻ جي مقصد سان ھڪ ڳوٺ ۾ اچي رھيو ھو. جنھن کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪري انگريز انتظاميھ جي حوالي ڪري ڇڏيو. اھو جکراڻي ڪو مشھور ڌاڙيل ھو، جنھن کي جلد ئي ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويو. پوئتي ھٽڻ واري معاملي ۾ فوج ڏاڍي بھادريءَ ۽ سھپ جو مظاھرو ڪيو ھو. ٻن نوجوان فوجي عملدارن کي طيش اچي ويو ھو. حملي ۾ ھنن وڏي بھادري ۽ سھپ ڏيکاري ھئي ۽ پوئتي ھٽڻ ۾ بہ ھنن دليري ۽ برداشت جو مظاھرو ڪيو ھو. اھڙي قسم جي ڳنڀير صورتحال ڏسي، سر چارلس کان تہ پنھنجي تڪليف وسري وئي ھئي. پھريائين تہ ھن ارادو ڪيو ھو تہ جھڙي تھڙي حال سان سکر ھليو وڃي. پر کيس ھن ڳالھہ روڪي ورتو، ڇاڪاڻ تہ ھن جنگين وقت پنھنجي دلي قوت ۽ جسماني طاقت جو وڏو مظاھرو ڪيو ھو ۽ سندس بھادريءَ جي ڳالھہ بيھي وئي ھئي. ان وقت سندس حيثيت ڪمانڊر ۽ فاتح جي ھئي، تنھن ڪري ھن سوچيو تہ ھو ان جاءِ تي پھچي ڇا ڪري سگھندو جتي سندس طاقت ڀرپور حملي ڪرڻ جھڙي ڪانہ رھي آھي. اھو جيڪڏھن بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ دوران اتي پھچندو تہ سندس فاتح ۽ ڪمانڊر واري عزت ۽ وقار اھو ساڳيو ڪونہ رھندو. ھن دٻي واري جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سمجھيو ھو تہ عمرڪوٽ جو قلعو اھڙو آھي، جنھن کي مير شير محمد مزاحمت لاءِ ڪتب آڻي سگھي ٿو. پر سمجھيو ھئائين تہ وٽس ايترو وقت ڪونہ آھي جو ھو پاڻ عمرڪوٽ تي وڃي گھيرو ڪري. ساڳيءَ ريت ھن وقت بہ ھو شخصي طور وڃڻ لاءِ تيار ڪونہ ھو ۽ سوچيو ھئائين تہ جڏھن موسم صحيح ھوندي تہ انھيءَ جنگي مھم جي پاڻ اڳواڻي ڪندو.
پر ھو سوچي چڪو ھو تہ انگريزي فوج جي ھن ناڪاميءَ ڪري ڪھڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ ان لاءِ اڳواٽ ڇا ڪرڻ گھرجي. پر چانڊيا ۽ مزاري قبيلن جي سردارن اھڙو موقعو پاڻ پيدا ڪري ورتو، جنھن وسيلي باغي بلوچ قبيلن کي مات ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو. چانڊين جو تہ سنڌي بلوچ قبيلو ھو. جڏھن تہ مزاري سردار جو تعلق قلات سان ھو. جڏھن ھنن ٻنھي ڄڻن ڦلجي واري ناڪاميءَ جو ٻڌو تہ ھنن پاڻ مرادو بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ تلوارون کنيون ھيون. ان کان سواءِ ھنن شير محمد خلاف وڙھڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو سندن اڳيون حڪمران ھو. چانڊين جو سردار ولي ھو، جنھن وفاداري جو مظاھرو ڪندي پنھنجون خدمتون انگريز سرڪري جي حوالي ڪري ڇڏيون ھيون. سندس اھڙيون خدمتون اکيون ٻوٽي قبول ڪيون ويون ھيون. ڇاڪاڻ تہ گرمي جي موسم دوران ڌاڙيلن جو اھڙي طريقي سان ڌيان ڇڪائڻ ضروري بہ ھو. ٿڌي موسم دوران ٻنھي ڌرين جو اتحاد وڌيڪ فائدي وارو ثابت ٿي سگھي ٿو. جھونڙو چانڊيو سردار پنھنجي ڏنل وچن کي پاڻي ڏيڻ ۾ سست ۽ ڍرو ڪونہ ھو. ھن 15 مئي کان اڳ چاليھھ جکراڻين کي قتل ڪري، سندن پنج سو کان وڌيڪ ڍور ڪاھي اسان ڏانھن موڪلي ڏنا.
مير شير محمد جي چوڻ تي فقط بجار ڌاڙن جون ڪارروايون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ٽالپر حڪمرانن جا اڳوڻا قبائلي سردار سندن پاسو ڇڏي ويا ھئا. ڪوبہ ماڻھو ھنن لاءِ ھٿيار کڻڻ لاءِ تيار ڪونہ ھو. نہ وري ڪٿان ڪنھن بغاوت بابت ٻڌجي رھيو ھو. ان کان سواءِ ٻہ وڏا ۽ اھم قبيلا رضاڪارانھ ھڪ ڌاڙيل جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ لاءِ تلوارون کڻي نڪري پيا ھئا. دراصل بجار ھو تہ ڌاڙيل ۽ وارداتون بہ ڌاڙيل وانگي ڪندو ھو، پر ساري ايشيا ۾ مشھور ٿي ويو ھو ۽ سمجھيو ويندو ھو تہ ھي سردار آھي، جيڪو فرنگين جي پاڙ پٽي سگھي ٿو. تنھن ڪري ھن جو جتي ڪٿي وڏو احترام ڪيو ويندو ھو. پر ھتي اھڙو ماڻھو ڪونہ ھو جيڪو ٽالپرن لاءِ تلوار تاڻي سگھي ۽ ڪو سندن واپس اچڻ جو خواھشمند ڪونہ ھو. پر ان ھوندي بمبئي واري ڌر ھن حالتن دوران اعلان ڪيو ھو تہ ”اھڙي فرمانبرداري ۽ تابعداري ائين آھي جيئن گھٽي بگھڙجي تابعداري قبول ڪئي ھئي. پر وقت اچڻ تي اھي ساڳيا بلوچ قبيلا بغاوت جو جھنڊو جھولائيندا.“
انھيءَ وقت سنڌ جون حالتون ڏاڍيون پرامن ھونديون ھيون. پر ڪڏھن ڪڏھن بلوچ خاندان ۾ عورتن جي قتل جون خبرون ٻڌبيون ھيون ۽ ڪڏھن وري ڌاڙن جي وارداتن جا اطلاع ملندا ھئا. سر چارلس بہ پڪو پھھ ڪيو ھو تہ عورتن جي قتل ۽ ڌاڙن جي وارداتن کي ختم ڪري ساھھ پٽيندو. ان مقصد لاءِ ھن پنھنجي خيال جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، ”مان اھو ڪڏھن بہ ڪونہ چاھيندس تہ عورت ائين بي گناھھ قتل ٿئي. مان چاھيان ٿو واپاري امن امان سان تجارت ڪري. مان عورتن جي ٻارھن قاتلن کي ڦاھي تي لڙڪايو آھي. جيڪڏھن ضرورت پئي تہ ٻارھن سون کي ڦاھي تي لڙڪائيندس. جيتري قدر ڌاڙيلن جو تعلق آھي تہ جيستائين ھي ڌاڙا ھڻڻ بند نہ ڪندا ۽ سٺي چال چلت جي ضمانت نہ ڏيندا تہ مان فوج وٺي سندن علائقا اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيندس. جيڪڏھن اھي اسان جي حدن ۾ تلوارون ۽ بندوقن سان ايندا تہ ان جي عيوض اسان بہ سندن آجيان تلوارن ۽ بندوقن سان ڪنداسون. اھي ماڻھو اسان جي حدن ۾ اچي عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪري ھليا ٿا وڃن، پر اسان سندن عورتن ۽ ننڍن ٻارڙن کي قتل ڪونہ ڪنداسون.“ ھن ان موضوع تي بہ ڳالھايو ھو، جنھن کان ھو بيچين رھندو ھو:
”سک ۽ ملتاني ڌاڙن ھڻڻ جي مقصد سان وڃي جابلو علائقي ۾ لڪا آھن. اھڙين علامتن مان محسوس ائين ٿي رھيو آھي تہ سک حڪمران جي فوج، ستلج جي ساڄي ڪٺار سان بيھي وئي آھي. پر ائين ڪرڻ سان پنجابي فوج ڇا ڪري سگھندا. ان ملڪ جي فوج پاڻ لاقانونيت ۾ ڪاھي پئي آھي تہ ان کي حدن اندر رکڻ لاءِ جنگ ناگزير آھي. ھندستان جي انگريز سرڪار اھو ڪونہ چاھيندي تہ ستر ھزار ھٿياربند ڌاڙيلن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي، جيڪي سندس سرحد تي آھن. پنجاب جي فوج جي خواھش آھي تہ بنا ڪنھن اعلان ڪرڻ جي درياھہ اڪري اتر- اولھہ وارن علائقن کي ڦري لٽي تباھہ ڪري ڇڏي. ھندستان سرڪار وٽ ايترو پئسو بہ ڪونہ آھي جو پنھنجي سرحد جي بچاءَ لاءِ ستلج تي فوج بيھاري ۽ سنڌ ۾ رھيل فوج جو خرچ بہ ڀري. سنڌ ۽ ملتان جون سرحدون ھڪ ٻئي سان دنگئي آھن. مان اھو ڪڏھن بہ برداشت ڪري ڪونہ سگھندس تہ ملتان جو حڪمران سانوڻ مل سنڌ جي سرحد سان کئونس ڪري. ھو تہ دوستيءَ جي دعوى ڪري رھيو آھي. پتو نہ آھي تہ ھو دوستيءَ جو ڀرم رکندو يا نھ. پر مان تہ دعاگو آھيان تہ ھو مون کي ڪنھن بہ قسم جو اشتعال نہ ڏياري، پر جيڪڏھن ائين ٿيو تہ جنگ جو ٻارڻ ٻري پوندو. مان جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ تہ جنگ تہ ھر شڪل ۾ خطرناڪ ھوندي اھي. جيڪا مون کي ھٿيارن کڻڻ لاءِ آماده ڪندي. پر مون کي يقين آھي تہ جيڪڏھن پنجاب فتح ٿي ويو تہ اھا انسان ذات لاءِ فائدي جي ڳالھہ ھوندي. سنڌ جي فتح مان بہ انسان ذات کي ڪيترو نہ فائدو مليو آھي، مونکي خوشي انھيءَ ڳالھہ ڪري بہ ٿي رھي آھي تہ منھنجا فوجي سپاھي سخت گرميءَ ۽ بخار ھوندي بہ وڏيءَ بھادريءَ جو مظاھرو ڪري رھيا آھن ۽ گرم آبھوا کي ڪجهہ بہ سمجھندي، عام ماڻھوءَ کي انصاف مھيا ڪري رھيا آھن. مون کي يقين آھي تہ اھي ماڻھو عقلمند آھن ۽ اسان جي فوجن جا شڪرگذار آھن. ڇاڪاڻ تہ اسان جتي بہ پھچون ٿا تہ ماڻھو اسان جي دل سان عزت ڪن ٿا ۽ پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪن ٿا.
ھاڻي درٻار منعقد ڪرڻ جو وقت ويجھو اچي ويو ھو ۽ سر چارلس حيدرآباد وڃڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو ۽ اھڙي ڌرتتيءَ ۾ سفر ڪري رھيو ھو، جو سج جا ڪرڻا آڳ جا الا بڻجي ويا ھئا. قلعي واري ايراضي محدود ھئي، جنھن ۾ ايترن گھڻن ماڻھن جو ماپڻ مشڪل ھو، پر اھو ڀئھ بہ ھو تہ جيڪڏھن قلعي واري ايراضي جنگجو ماڻھن سان ڀرجي وڃي تہ متان ڪجهہ ٿي پوي. ليڪن ھاڻي بلوچن وٽ اھڙي ڪابھ ڳالھہ ڪانہ رھي ھئي، پر اھڙو اڳواٽ اڊڪو ھئڻ ضروري بہ آھي. سردارن ۽ انھن سان گڏ آيل سندن اٽالي کي اصول مطابق واري سان سڏ ڪري گھرايو ٿي ويو. اھڙو احوال مٿي بہ اچي چڪو آھي. ھنن سردارن مان ھڪ ھزار اھي قبائلي سردار بہ ھئا، جيڪي خوف ۽ بي اعتباري کان اطاعت قبول نہ ڪري رھيا ھئا. پر ھنن ھاڻي اچي سلام ڪيو ھو، تنھن ڪري کين معاف ڪيو ويو ھو. اھو ڏاڍو دلچسپ ۽ عاليشان منظر ھو. ٻنھي درياھن (ڦليليءَ ۽ سنڌوءَ) جي ڪنارن سان ويھھ ھزار سردار اچي ڳاھٽ ٿيا ھئا. ڪي گھوڙن تي سوار ٿي تہ ڪي پيادل اچي ھتي پھتا ھئا. آسمان بہ شفاف ھو. ھي مختلف رنگن جو انساني اجتماع ھو. ھر قبيلي کي ھٿ ۾ پنھنجو الڳ جھنڊو ھو. اھڙي ريت ھر قبيلو قطار ڪيون ڪناري سان بيٺو ھو. نعرن جو شور ھو. سلاميءَ لاءِ توبون گجي رھيون ھيون. ھي بلوچ سردار انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ھئا ۽ سڀئي سختيءَ سان انتظار ڪري رھيا ھئا تہ جيئن ھو بنا ڪنھن دير جي وڃي سرچارلس جي سامھون پنھنجي سچيءَ وفاداريءَ جو عھد ڪن، جيڪو کانئن فقط ٻہ ٽي ميل پري موجود ھو. جنھن فقط چوڏھن مھينا اڳ پنھنجي ويجھن مائٽن ۽ عزيزن کي قتل ڪري، سارو جنگي ميدان لاشن سان ڀري ڇڏيو ھو. ھي کين پاڻ وٽ ضرور گھرائيندو ھو، سردارن وچ ۾ پيو گھمندو ڦرندو ھو. سون جي تعداد ۾ اھي ھن جي چوڌاري گھيرو ڪيو بيٺا ھوندا ھئا. پر انھن مان ڪنھن کي انتقام وٺڻ جو خيال ڪونہ آيو. نہ وري ڪنھن تلوار کڻي نفرت جو اظھار ڪيو ھو. ٻئي جنگيون بہ زور سان لڳيون. ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي جا تلوارن جا ڌڪ بہ سٺا. پر ان ھوندي بہ ھي بلوچ سردار سر چارلس جا شڪر گذار ھئا، جنھن ڪوشش ڪئي ھئي تہ کانئن تلوارن جا زخم وسري وڃن. ان جي بدلي ھن کين قانون ڏنو ھو. سڌارن جون ڳالھيون مشرقي خوشامد سان ڀريل ھيون. ھن مان سچي وفاداري ۽ تابعداري جھلڪي رھي ھئي. ھن کان پوءِ سردارن جيڪي عملي سرگرميون ڏيکاريون تن مان محسوس ٿي رھيو ھو تہ ھيءَ انگريز سرڪار سان سندن سچيءَ دل واري وفاداري آھي. سندن اھڙا احساس بہ ھئا جن کي غلطي تصور ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھڪ جھونڙي سردار زوريءَ اڳتي وڃي جنرل سر چارلس سان ملڻ پئي چاھيو. پر پھريدارن کيس پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پر ھو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش بہ ڪري رھيو ھو ۽ رڙيون بہ ڪري رھيو ھو ۽ وڏي آواز سان چئي رھيو ھو تہ مان ھن کي ڏسڻ لاءِ ٻہ سو ميل پنڌ ڪري آيو آھيان. مان ساڻس ضرور ملندس. مون کي وڃڻ ڏيو.
وفاداريءَ جي ھيءَ رسم ٽن ڏينھن تائين ھلندي رھي. لک جي گرم گھاڙ ھلي رھي ھئي، جنن ڪري چوڏھن يورپي فوجي سپاھي مري ويا. سر چارلس 86 ريجمينٽ مان ھو تنھن ڪري ھيءَ ريجمينٽ ڊگھي وقت واري ھن رسم کان بيزار ٿي پئي. اھا ھڪ وڏي مصيبت ھئي. ممبئي واريءَ ڌر بہ ھنن موتن تي واويلا ڪرڻ ۾ گھٽ ڪانہ ڪئي. سندن الزام ھو تہ فوجن کي سر چارلس کي بچائڻ خاطر بيھاريو ويو ھو ۽ فوجين جو ايترو تعداد جنرل جي ”گارڊ آف آنر“ لاءِ ڪونہ بيھاريو يو ھو. اھي ”گارڊ آف سيفٽي“ ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي جنرل جي ڀرسان ڪونہ بيٺا ھئا. اھڙن ماڻھن کي پڪ ھئي تہ قتل جي انھيءَ خنجر جي نوڪ جنرل جي نوڪريءَ ۽ زندگيءَ کي ضروري متاثر ڪندي. پر ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيو، تنھن ڪري ھو مايوس ٿي ويا. ڇاڪاڻ تہ گورنر جنرل طرفان کيس اھڙو حڪم مليل ھو تہ وفاداريءَ جي اھا رسم انھيءَ گرم موسم دوران منعقد ڪئي وڃي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن مير شير محمد کي ماٺ ڪري ويھڻ لاءِ مجبور ڪري سگھجي. اڳئين سال بہ ساڳي قسم جي گرم موسم دوران حملي ڪرڻ جو کيس حڪم ڏنو ويو ھو. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ ھن عملي سرگرميءَ وسيلي، دير سان نڪرندڙ نتيجا جلديءَ ۾ ظاھر ٿي پيا ھئا. پر اھڙا تجربا پنھنجي نوعيت ۾ ڏاڍا سخت ھئا. ممبئي واريءَ ڌر جيڪا قتل خلاف ھاءِ گھوڙا ڪئي ھئي، سا فقط ڪاوڙ جي اظھار جو ھڪ نمونو ھو.
ھن شاندار درٻار جاگيرن جي قبضي جي بنياد بابت فيصلو بہ ڪيو ھو جيڪو ھر حڪومت جو بنيادي مسئلو ھوندو آھي. ٽالپر دور ۾ جاگيرون سدائين پيون مختلف ماڻھن جي نالي منتقل ٿينديون ھيون ۽ جاگيردارن کي ڪنھن بہ قسم جو تحفظ حاصل ڪونہ ھوندو ھو. ڪي وڏيون جاگيرون فوجي خدمت عيوض ڪن ماڻھن کي ڏنيون وينديون ھيون. جن جي ايراضي سٺ ھمچورس ميل ھوندي ھئي. اھي جاگيردار ڄڻ آبادگار ھوندا ھئا ۽ ٽالپر حڪمران جي جڏھن بہ مرضي پوندي ھئي تہ اھا جاگير کسي بہ وٺندو ھو ۽ جاگيرداريءَ جي ھن طريقي تي ڪنھن بہ قسم جو اعتبار ڪونہ ھوندو ھو ۽ جاگيرون ڄڻ ڌاڙيلن جي ھڪ اھڙي معاشري کي ڏنيون ويون ھيون، جن جي حيثيت قانوني مڃتا مليل ھئي. سر چارلس نيپئر جاگيردار کي تلوار ۽ ڍل بدران چنجور ۽ ڪوڏر ڏني ھئي ۽ کيس چيو ويو ھو تہ ھو جنگي ميدان تي اچڻ بدران پوکي راھيءَ کي منھن ڏئي ۽ سرڪار کي عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ پنھنجا ماڻھو ڏئي. ھاڻي ھن انھن جاگيردارن جي پٽن کي سندن پيئرن جون جاگيرون ڏنيون آھن، جيڪي مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ ماريا ويا ھئا. ٻين ماڻھن کي بہ جاگيرون لاپي تي ڏنيون آھن. پر کين انھن جاگيرن عيوض سرڪاري نوڪري ڪرڻي ڪانہ پوندي.
ھاڻي جاگير جو لاپو ھٿ ۾ جھليل تلوار ڪانہ ھوندي. ڇاڪاڻ تہ زمين ڀاڳر طرفان مليل ھڪ سوکڙي ھوندي آھي. جيڪي محنت ۾ قيمت سان توري ڪونہ ڏنيون وينديون آھن. اھڙيون جاگيرون فوجي نوڪريءَ واري خرچ کي ڏنيون وينديون ھيون. ائين سمجھڻ کپي تہ اھي جاگيرون فوجي نوڪريءَ سان سلھاڙيل ھيون. پر جيڪڏھن جاگيردار چوندو ھو تہ ھو زمين جو لاپو ڏئي ڪونہ ٿو سگھي تہ اھا جاگير کيس سندس زندگي تائين، بلڪ سندس وارث کي بہ ملي ويندي ھئي. پر اھڙيءَ صورت ۾ جاگير جو ڪجهہ سرڪار کي ڏيڻو پوندو ھو. انھيءَ طريقي مطابق جاگير تي سندس زندگي لاءِ حق محفوظ ٿي ويندو ھو. جڏھن ھنن جاگيردارن کي چيو ويو تہ توھان پنھنجي پوئلڳن جو ماھوار خرچ ٻڌايو، جيڪي اوھان ضرورت وقت پيش ڪندا ۽ حساب ڪتاب بہ انھن جي تعداد مطابق ڪيو ويندو. انھن جواب ۾ چيو تہ ”اسان فقط جنگ دوران پنھنجا ماڻھو آڻي سگھندا آھيون. ڇاڪاڻ تہ انھن کي مال غنيمت جو آسرو ھوندو آھي. پر جنرل ھوموجين تہ ڪنھن سان جنگ تہ ڪونہ ڪندو، نھ! سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ماڻھو آڻينداسون.“ پر فرض ڪيو تہ خرچ اسي روپيا آھي تہ سرڪار انھيءَ رقم ۾ اوھان کي ھر مھيني ڪانہ گھرائيندي. پر ان جي اڌ جيتري رقم عيوض اوھان کي سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو گھرايو ويندو. اسان کيس چيو ھو.
ھن قسم جي طريقي تي گھڻا جاگيردار راضي ٿي ويا ھئا. اھڙين ڳالھين ٻولھين کان پوءِ جاگيردارن جيڪي زمينون ڇڏيون، سي ڪن شرطن تي رعيتي ماڻھن کي ڏنيون ويون ھيون. جن جو بيان بعد ۾ ڪيو ويندو. ھنن ماڻھن ڏنل زمين جو لاپو ھڪ ئي وقت ادا ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ايراضي بہ آباد ڪري ڇڏي. اھڙيءَ ريت وڏا جاگيردار زمينن جا مالڪ ٿي ويا ۽ ننڍا جاگيردار ھر ھاري ٿي ويا ھئا. اھي ماڻھو زمين جي قدر قيمت ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رھيا ھئا. تنھن ڪري وحشي، جنگجو ۽ رولو قسم جي ڌاڙيلن واري زندگي کان نفرت ڪرڻ لڳا ھئا. ھن کان اڳ حڪمرانن کي چرچ ڏئي جنگيون ڪرائيندا ھئا تہ جيئنءَ کين مال غنيمت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي پوي. سر چارلس نيپئر کي جڏھن اھڙو مشورو ڏنو ويندو تہ ان بابت ڪجهہ وقت سوچيندو ھو ۽ وڌ کان وڌ منصوبھ بندي ڪندو ھو. پر نيپئر سرڪار، ھنن بلوچ سردارن کان ڪڏھن جنگي خدمت ڪانہ ورتي، نہ وري کيس اھڙي ڪا ضرورت بہ ھئي. ٻئي طرف جاگيردارن جا جاگيرن تي حق محفوظ ٿي ويا ھئا. ٻن ڌرين وچ ۾ ھشيون ڏئي جنگ ڪرائڻ جي ضرورت بہ محسوس ڪانہ ٿيندي ھئي. پر رعيتي ماڻھن جي ڀلي ۾ سوچڻ لڳا ھئا، جيڪي ٻنيون آباد ڪندا ھئا. کيس اھا بہ توقع ھئي تہ سرڪاري زمين چڱيءَ ريت آباد ڪرڻ سان ھاريءَ کي وڏو فائدو ٿيندو. اھو ڏسي اھي بلوچ بہ پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا، جيڪي رات ڏينھن چورين ۽ ڌاڙن جي ڪرت کي لڳا پيا آھن. اھڙو فائدو ڏسي گھڻا جاگيردار سرڪار جا پيش ڪيل شرط قبول ڪري چڪا ھئا. غريب بلوچ زرعي جنسن جي ڍوئيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ھئا ۽ رعيتي سرڪاري طرفان ملندڙ زمين جي گرانٽ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا ھئا. اھو ڏسي سر چارلس ھن سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ھو تہ پيداوار جي وڌڻ سان، عام ماڻھو جي ڪردار ۾ گھڻو فرق اچي سگھي ٿو ۽ سنڌ مشرق جو ھڪ شاھوڪار ترين علائقو بڻجي سگھي ٿو. ھن کان پوءِ سر چارلس سوچيو ھو تہ ڪھڙي طريقي سان جاگيردارن کان جاگيرون کسي، سرڪاري ملڪيت بڻائي سگھجن ٿيون. کيس محسوس ٿيو تہ اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو جڏھن جاگيردار شرط پورا ڪري نہ سگھي. پر بعد ۾ سوچيائين تہ جاگيرن کي اھڙي ريت حصيداريءَ مطابق نيڪال ڪجي، جو ھاريءَ کي گھڻو فائدو ٿئي ۽ انھن جاگيرداري جي وڏي جاگيردار ھئڻ ناتي اھميت گھٽجي وڃي. جن کي زمين گھڻي ھوندي پر پيداوار گھٽ ھوندي. ان ڪري ھن وڏن جاگيردارن کان محصول مڙھڻ جا حق کسي ورتا. کانئن اھڙا اختيار بہ کسيا ويا جن وسيلي ھو ڪنھن کي موت جي سزا ڏئي سگھندا ھئا.
بعد ۾ ھن جاگيردارن سان صلاح مشورو ڪري، لاپي وٺڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھو ڪنھن تي بہ پنھنجي مرضي ڪونہ مڙھيندو ھو. ھي ڪجهہ وقت لاءِ باقاعده ادائگي کان بہ لاپرواھھ رھيو. ڇاڪاڻ تہ ھو ڍل جي رقم کان وڌيڪ ھن ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڏيندو ھو تہ پوکي راھيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ وڌ کان وڌ اضافو ٿئي. کيس اھو اڳواٽ ئي معلوم ٿي ويو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو سندس شرطن مطابق ۽ مختلف معيادن واريون جاگيرون وٺندو تہ گھڻو فائدو ٿيندو. ڇاڪاڻ تہ ھو انھيءَ طريقي سان ھڪ طرف تہ پنھنجي زندگيءَ تائين ان جاگير جو ھاري بڻجي ويندو ۽ قانون بہ سندس پاسي ھوندو ۽ کيس سڀ حق ملي ويندا. ٻئي طرف سرڪار جي خواھش مطابق کيس ھاريءَ جو حق ملي ويندو. پر ڪيترين ڳالھين ۾ ان جاگير جي قيمت بہ وڌيڪ ادا ڪرڻي پوندس. ڇاڪاڻ تہ اھڙي جاگيردار کي عوامي ڪمن ڪارين لاءِ مزدور ڏيڻا پوندا. جڏھن تہ ڪن جاگيردارن کان ڪو لاپو ڪونہ ورتو ويندو. ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي معيادن ۾ فرق موجود آھي ۽ ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي موجودگي ڪري، جاگيرون ڏيڻ واسطي ڪي نوان قانوني اصول پيدا ٿي پوندا. انھيءَ طريقي سان جاگيردارن جو ھڪ وڏو طبقو ٿي ويندو، جيڪي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ بہ ذميوار ھوندا. پر جيڪڏھن جاگيرن ڏيڻ جو ٽالپرن وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ھا تہ جاگيرن جو مٿيون طبقو سرڪار کي ڍل ڪونہ ڏئي ھا. ان کان سواءِ ھن وٽ ھٿيار بند ماڻھن جو وڏو تعداد موجود ھجي ھا، جن مٿان ضابطي رکڻ واسطي سرڪار کي وڏي فوج رکڻي پوي ھا. ٻئي طرف اھو ٿئي ھا جو سرڪار ھنن وڏن جاگيردارن ۽ ٻن ٽن سون پوليس وارن جي مدد سان ملڪي انتظام رکڻ ۾ سوڀاري ٿي وڃي ھا.
سرڪاري عملدارن جي رپورٽن ۾ ھن قسم جا ۽ ٻيا انتظامي قدم بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي سرڪار کي کڻڻ گھرجن. جڏھن اھڙيون رپورٽون سر رابرٽ پيل جي آڏو رکيون ويون تہ ھن کان تعجب وچان رڙ نڪري وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ انھن ۾ سرڪار جو وسيع قسم جو نقطھ نظر موجود ھو. ھن چيو ھو تہ ”سر چارلس نيپئر جي فوجي اختيارين بابت تہ ڪنھن بہ قسم جو شڪ شبھو ڪونہ آھي. پر سندس ٻيو ڪردار ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو آھي تہ ھي سول انتظاميھ جي معاملن ۾ بہ ايڏو ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي آھي.“ تنھن ڪري اھو چئي ڪونہ ٿو سگھجي تہ سر رابرٽ پيل جو سر چارلس جي فوجي ذھانت بابت تعجب کائڻ انگريزي روايت نہ آھي تہ ھر ڪنھن فوجي عملدار کي ھروڀرو بہ ذھين سمجھيو وڃي. سر رابرٽ ڪئپٽن کان وٺي جنرل جي عھدي تي پھتو آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ھڪ فوجيءَ طور رھيو آھي. ڪيتريون حڪومتون انھن جا رکيل انتظام سندس نظر مان گذريا ھوندا. تنھن ڪري ھن ماڻھو جو نقطئھ نظر بہ اعلى ۽ اوچو ھئڻ گھرجي. ھو سمجھي ٿو تہ سر چارلس جو اختيار ڪيل طريقي جو منصوبو ھندستان جي ٻين حڪومت جي انتظامي منصوبن کان وڌيڪ اعلى ۽ اوچو آھي. سر رابرٽ ھن حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف ھو تہ سر چارلس جو طريقو ٻين جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف ھو. سر چارلس جو خيال ھو تہ ”سنڌ جي سول انتظاميا جي مددگار عملدارن منجھيل پس منظر ۾ رکيو وڃي ھا ۽ اھڙي مونجھاري کي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ برداشت ڪيو وڃي ھا.
سنڌ جي انتظاميھ بابت گھڻا قدم ڪلڪتي جي صلاح سواءِ کنيا ويا ھئا، ڇاڪاڻ تہ ڪلڪتو تمام پري ھو. ٻيو سنڌ ۾ گرميون تمام گھڻيون ٿينديون آھن، تنھن ڪري انتظامي سرگرميون ٿورو وقت ھلي سگھنديون آھن. اھڙيون ڳالھيون لارڊ ايلنبرو جلد ئي قبول ڪري وٺندو ھو. سال جا ڇھھ مھينا تہ ڇتيءَ گرميءَ ڪري ڪم ٿي ڪونہ سگھندو ھو. اھڙو سربراھھ مٿان جي ظالم لکپڙھہ ۽ ذميوارين جي ڀو ڀولي کان آزاد ٿي ويندو ھو. جنھن جي ڪم ڪار بابت لارڊ ايلنبرو کي چڱيءَ ريت ڄاڻ ھئي. پر اھڙيون مھربانيون انھن ماڻھن مٿان ڪونہ ٿينديون ھيون، جن جي ھٿ ھيٺ ٻن پريزيڊنسيزPresidencies جي فوجي ڪمانڊ ھئي. پر اھڙين شخصيتن کي بہ لارڊ ايلنبرو جي صلاح مشوري جي محتاجي ھوندي ھئي. ھنن ٻنھي شخصيتن جي وچ تي ھڪ “Secret Comity” موجود ھوندي ھئي. جنھن کي سدائين ڪا نہ ڪا چنتا لڳي پئي ھوندي ھئي. تنھن ڪري ان کي اھو اعلان ڪرڻو پيو ھو تہ ”مان فوج جي انتظام رکڻ جو ذميوار ڪونہ آھيان. اھڙيون پيچيدگيون ڪورٽ مارشل جي سزائن ڪري بہ ڪجهہ وڌي ويون ھيون، جنھن مطابق ڪن عملدارن سان نرمي اختيار ڪئي ويندي ھئي. سر چارلس ھڪ ڪمانڊر ان چيف ھئڻ ناتي، ڪورٽ مارشل جي قانون ۾ ڪي سڌارا آندا ھئا. پر ان وقت تائين ان ۾ ڪئي خاميون موجود ھيون. اھڙو مثال ٻن سرجن ڊاڪٽرن جو آھي جيڪي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ اسپتال ۾ رھندا ھئا، پر مستقل نشي ۾ رھندا ھئا. پر پوءِ بہ کين نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ھو. جيڪي بيمار فوجي سپاھين لاءِ دھشت، ذھني سزا ۽ موت جو ڪارڻ بڻبا ھئا.
ان کان پوءِ ٻيو واقعو رونما ٿيو ھو، جنھن ڪري سڀني ماڻھن کي اچرج ٿيو ھو، پر ان ماڻھوءَ کي اچرج ڪونہ ٿيو، جنھن کي ان واقعي گھڻو متاثر بہ ڪيو ھو. سر چارلس کي ان بي لوث خدمت تمام گھڻو متاثر ڪيو ھو ۽ جنھن جي ادا ڪرڻ جي کيس مناسب آزادي بہ مليل ڪانہ ھئي. ان وقت لارڊ ايلنبرو بہ ڏاڍو ياد آيو. ھن لاءِ اھا ڳالھہ ڪا اوچتو ڪانہ ٿي ھئي. کيس خبر ھئي تہ سندس حڪومت ھندستان ۾ رھندڙ ھزارن انگريزن جي خوف ۽ نفرت جي جذبي کي جاڳائي وڌو ھو ۽ ڊئريڪٽرن جي خطرناڪ اقربا پروري کي جھنجھوڙيو ھو. ردعمل ظاھر ڪندڙ جذباتي ماڻھن لاءِ اھا ڳالھہ غلط ۽ اچرج جھڙي ھئي. جنھن ماڻھوءَ ڪابل جي شڪست جي گھائن جو ازالو ڪيو، تنھن سان ايترو ڪلور ڇو ڪيو ويو ۽ اھا ويڌين انھن ماڻھن پاڻ ڪئي، جن جي شھنشاھيت کي ھن ماڻھوءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. اھو بہ معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھن گورنر جي خدمتن کان انگلينڊ ۽ ھندستان کي ان وقت محروم ڪيو ويو آھي، جڏھن اتان جون حالتون نھايت ڳنڀير ۽ خطرناڪ آھن. اھڙو ڏاڍ ڪري انھن ماڻھن جي دلين کي خوش ڪيو ويو آھي، جن جون دليون قومپرستيءَ جي نيڪ جذبن کان بنھھ خالي آھن ۽ ڪاوڙ ۾ ڄڻ چريا ٿي پيا آھن. سر چارلس پنھنجي ملڪ سان گھڻي محبت ڪندو آھي، جيڪو ان موقعي تي خاموش رھيو پر ھن لارڊ رپن ڏانھن ھڪ خط ضرور لکيو ھو، جنھن ۾ ھن انھن ماڻھن کي لويو ھو، جيڪي ھن خلاف ھميشھ نفرت جو اظھار ڪندا رھندا ھئا. سندس خط جو ڪجهہ حصو ھيٺ ڏجي ٿو:
لارڊ ايلنبرو بي انصافيءَ ۽ خردبرد جو سخت دشمن ھو. پر پوءِ بہ بي ايماني ۽ چريائي وارو ڪم ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي. اھا ڪا نئين ڳالھہ بہ ڪانہ آھي ۽ انساني تاريخ ۾ ائين ٿيندو بہ آيو آھي. جنھن ڪري مونکي ھن ڳالھہ تي ڪو اچرج بہ ڪونہ ٿيو آھي. نظر ائين اچي رھيو آھي تہ فتح کان وڌيڪ ڪابل جي عام کي اھميت ڏني وئي آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ڪابل جي رتوڇاڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. ليڪن ھندستان کي بچائڻ ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ ھنن کي پسند ڪونہ آھي. لارڊ ايلنبرو جا کنيل انتظامي قدم عام قسم جي سياسي حڪمت عملي مطابق ھئا ۽ ھڪ اھڙي وسيع منصوبي سان لاڳاپيل ھئا، جن جو تعلق ھندستان جي سياسي انتظام کي مستحڪم بڻائڻ ھو. اھي منفرد معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط خيالي خواھشون ڪونہ ھيون. مھاراجپور جي فتح سنڌ جي فتح کي سگھارو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ سنڌ جي فتح ھندستان جي اتر اولھہ واري صوبائي سرحد کي نھايت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿي آھي. ساڳيءَ ريت ستلج واري سرحدي پٽي جي تحفظ لاءِ بہ سنڌ جي فتح وڏي اھميت رکي ٿي. اھو سارو معاملو ھڪ بنيادي دشمن اتحاد لاءِ ھڪ وڏو تحرڪ ھو، جيڪو افغانستان جي شڪل ۾ موجود ھو، جنھن ھٿان ھندستان جي انگريز سرڪار شڪست کاڌي آھي. اھو ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ ھاڻي بہ خطرو آھي ۽ مستقبل ۾ بہ خطرو رھندو.
اھي بچاءَ واريون فوجي سرگرميون ھيون جن ۾ لارڊ ايلنبرو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو. اھڙيون ڪوششون اڃان ھلي رھيون آھن ۽ ختم ناھن ٿيون، نہ وري ختم ٿينديون. سکن جي فوج تي اڃان بہ ضابطو ناھي رکيو ويو. مان سمجھان ٿو جنگ واري انھيءَ خوفناڪ ماحول ۾ فقط طاقتور فوج ئي حصي وٺڻ لائق آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس بہ ھن بابت صحيح سوچي رھي آھي. ان سان گڏ لارڊ ھوويڪHowick جي سوچ بہ ساڳي آھي. ”پر انھن سڀني ڳالھين جي امڪانن ۾ اڃا بہ وقت پيو آھي“، اھا ڳالھہ ھڪ ڏاھي ماڻھوءَ چئي آھي. مون کي يقين آھي تہ جڏھن ستر ھزار پنجابي فوج سرحد سان بيٺي ھجي تہ گورنر جنرل تبديل ٿيڻ گھرجي.
مون کي يقين آھي ڪمپني پنجاب جي فتح ڪانہ ٿي چاھي. مان سمجھان ٿو تہ اسان لاءِ اتر سنڌ واري سرحد کان اتر ستلج واري سرحد بھتر آھي، جيڪا ھاڻي سنڌ جيان مضبوط بہ آھي. اسان وٽ ھاڻي حد کان وڌيڪ ملڪ قبضي ھيٺ آھي. پر مان سمجھان ٿو تہ پنجاب بہ ھندستان جي انگريز شھنشاھت جو حصو بڻجڻ گھرجي. ان ڪري ساري ھندستان تي دعوى ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن ان کي فتح نہ ڪيو ويو تہ ھو اسان جي بھترين علائقن تي حملا ڪندو رھندو يا وري ان کي روڪڻ لاءِ ستلج وٽ ھڪ وڏي فوج رکڻ جي ضرورت آھي. اسان جي فوج اندر سک بہ ڀرتي ٿيل آھن، جيڪي بغاوت بہ ڪري سگھن ٿا، جيڪا پنجابي سکن لاءِ فائدي جي ڳالھہ ٿيندي. ٻي اھم ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ اسان جنھن ماڻھوءَ کي فوج مان ڪڍي ڇڏيندا آھيون، تنھن کي سک حڪمران پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيندو آھي. جيڪي وري اسان جي فوجي سپاھين کي خط پٽ لکندا رھندا آھن، اسان ھر ڏوھھ تي ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ختم ڪري، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي سزا ڏيندا آھيون. ائين ڪرڻ سان سکيا يافتھ فوجي نوڪريءَ ڪڍي تہ ڇڏيندا آھيون، پر اھي وڃي اسان جي دشمن سک حڪمران جي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا آھن. معلوم ٿئي ٿو اسان پاڻ سک حڪمران جي فوج کي مضبوط ڪري رھيا آھيون. اھڙيءَ طرح اسان جا تمام گھڻا فوجي اسان وٽان نڪري وڃي پنجابي فوج سان شامل ٿيا آھن. اسان اھا ڳالھہ دانشمنديءَ واري نہ ڪري رھيا آھيون. ھن وقت اسان جي آڏو فقط ھي سوال آھي يا نہ اسان وڌيڪ ملڪ فتح ڪريون يا ھندستان اندر پنھنجي موجوده حيثيت کي مضبوط ڪريون يا دشمن اسان کي ماريندو ڪٽيندو وڃي سمنڊ تائين پھچائي.
سک فوج کي ختم ڪرڻ ايڏو سولو ڪونہ آھي، جيڏو عام ماڻھو سمجھندا آھن. جيڪڏھن اسان کي ائين ستلج وٽان بہ پوئتي ھٽايو ويو، جيئن افغانستان مان شڪست ڏئي سنڌوءَ کان پوئتي ھٽايو ويو، تہ پوءِ اھو ھندستان لاءِ وڏو خطرو ھوندو. جيتريقدر مان سمجھي رھيو آھيان، تہ اھا اسان جي غلط حڪمت عملي آھي تہ اسان جي حڪمرانيءَ جي سرحدن اندر يا انھيءَ جي سرحدن ڀرسان ڪوبہ ڏيھي حڪمران موجود ھجي، اڳي انھيءَ حڪمت عملي کي فائديمند ۽ خطرن کان خالي سمجھيو ويندو ھو، پر ھاڻي اھڙيون ڳالھيون خطرن کان خالي ڪونہ آھن، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وسيع حڪومت جي تقاضا ھيءَ آھي تہ اسان جي فوج ان وسيع ايراضي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ھجي.
ھاڻي اسان موٽي سنڌ جي معاملن بابت ڳالھائينداسون. اسان کي اھو بہ خطرو آھي تہ متان ملتان جا پنجابي اسان کي اتر واري سرحد سان کئونس ڪن. ڇاڪاڻ تہ ان جو ڪجهہ حصو سانوڻ مل جي حڪمراني واريءَ سرحد اندر ھليو وڃي ٿو. جيڪڏھن حقيقت ائين آھي تہ مان مھاڏي ڏيڻ جو تعين ڪيو آھي. مون کي قوي اميد اھي تہ ھندستان سرڪار بہ ھن ڳالھہ ۾ منھنجي مدد ڪندي. ڇاڪاڻ تہ اسان جنھن کي پنھنجي عزت جي توھين سمجھون ٿا ان خلاف ھٿيار کڻون. مان سمجھان ٿو تہ ائين ڪرڻ سان جيڪڏھن سانوڻ مل ۽ سنڌ جي بلوچن جو اسان خلاف مقابلي ڪرڻ لاءِ اتحاد ٺھيل ھوندو، سو بہ ٽٽي سگھي ٿو. مان اھو بہ سمجھان ٿو تہ مون کي جنگ ڪرڻ وارو گنھگار سمجھيو ويندو، پر اھا ڳالھہ غلط ھوندي. مان تہ گھڻيون جنگيون ڏسي چڪو آھيان. مان عيسائي ۽ انسان ھئڻ ناتي اصولي طور جنگين جي خلاف آھيان. مان ڪراڙو بہ ٿي ويو آھيان، تنھن ڪري مان جنگين جي تڪليف سھڻ جھڙو ڪونہ رھيو آھيان. جڏھن تہ گرمي بہ نہ سھڻ جوڳي آھي. مان ھاڻي آرام ڪرڻ چاھيان ٿو. پر مان اھو ڪونہ چاھيندس تہ مھاراڻيءَ ۽ ڪمپنيءَ جي فوج جي ڪير توھين ڪري ۽ دشمن پنھنجا ماڻھو مون تي حملي ڪرڻ جي نيت سان گڏ ڪندو وتي ۽ مان پير پساري ويٺو ھجان ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪريان. ان لاءِ مان تياري ڪندس. امڪاني حد تائين ھٿ پير ھلائيندس، پر ويھن ئي ننھن جيان زور لائي فوجي تياري ڪندس. انھيءَ لاءِ نہ تہ جنگ سان پيار ڪريان ٿو پر انھيءَ لاءِ تہ مان اھو ڪونہ چاھيندس تہ ڪير اچي منھنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪري. اھا نٽائڻ واري ڊپلوميسي نيم جنگلي ماڻھن جو ڪم آھي، جيڪو ماڻھو اکيون ٻوٽي اھڙين ڳالھين تي اعتبار ڪندو تنھن شڪست کان سواءِ مقدر ۾ تہ ڪجهہ لکيل ئي ڪونہ آھي. ”مري ۽ بگٽي جابلو ايراضين ۾ مير شير محمد کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو سنڌ اندر گڏجي بغاوت ڪري سگھن. تنھن ڪري انھن کي بہ چيڀاٽڻو آھي. ڇاڪاڻ تہ مناسب موسم اچڻ سان ھو کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. جيڪڏھن گرميون آيون تہ جنگ ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاھر ٿي ويندي. جيڪڏھن مان ھنن سان جنگ ڪندس تہ سياري جي موسم ۾ ڪندس. پر مان سمجھان ٿو تہ اھا ڏکي شيءِ آھي. مان ھاڻي سوچيو آھي تہ ھنن کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجي پاسي ڪجي ۽ شريفاڻي طريقي سان پاڻ ڏانھن وٺي اچجي. ان لاءِ مان سمجھان ٿو تہ ھندستان سرڪار ايتري پئسي خرچ ڪرڻ جي موڪل ڪانہ ڏيندي. ليڪن ھنن ٻنھي مان ڪو ھڪ طريقو ضرور اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن اھي ٻئي ڳالھيون قبول نہ ڪيون ويون تہ ھڪ طاقتور فوج شڪارپور ۾ رکي وڃي. اھو بہ امڪان آھي تہ جيڪڏھن اسان ھنن بلوچن خلاف جنگي ڪارروائي ڪئي تہ پنجاب کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. پر مون کي سنڌ جي اتر واري سرحد لاءِ ڏھاڙي ڪا نہ ڪا چنتا ضرور ٿئي ٿي. مان صحيح طريقي اڳڪٿي ڪري، اھو ڪونہ ٿو ٻڌائي سگھان تہ ھي سرحد ويڙھھ ڪيترو وقت ھلندي. پر ايترو يقين ضرور آھي تہ ھيءَ جنگ نھايت ڏکي ھوندي ليڪن سنڌ ۾ اڄ امن امان قائم آھي.
جڏھن ڏکئي وقت ۾ لارڊ ايلنبرو کي واھر ڪرڻ لاءِ چيو ٿي ويو ۽ ھن سمجھيو ٿي تہ ڪا ھٺيلي ۽ ڪمزور قوم ھروڀرو ٽاڏر ڪيون، ڊيوڪ آف ويلنگٽن وانگي مقابلي لاءِ بيٺي آھي تہ ھو خاموشيءَ وارو طريقو اختيار ڪندي ۽ غلط ۽ صحيح کي سمجھي ويندو آھي ۽ اھڙو ڪم ڪندو آھي، جيڪو عوام جي ڀلائيءَ ۾ ھوندو آھي. پر ھتي ھڪ ناني ويڙھو بہ آھي، جن کان ھميشھ غلطيون ٿيون آھن ۽ ھميشھ اھڙين غلطين سان چنبڙيا رھيا آھن. انھن جو ھندستان ۽ انگلينڊ ۾ ڪردار بي شرميءَ ۽ ناشڪرگذاري وارو رھيو آھي. ھنن ماڻھن اھڙي فوجي جنرل تي نازيب حملا ڪيا آھن جنھن فتحن ۽ انتظامي صلاحيتن جي حڪمت عملي کي مضبوط ڪيو آھي ۽ جنھن جي ڪوشس وسيلي ھڪ اعلى رتبي جي انسان ھنن جي لڏندڙ شھنشاھت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن غلط ماڻھن ھر طريقي سان ان فوجي جنرل تي اخلاق سوز حملا ڪري ھروڀرو بدنام ڪيو ۽ ثابت ڪيو تہ اٿن اھي نيچ آھي ۽ ھر قسم جا غير اخلاقي فائدا حاصل ڪيا اٿن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرن مان ڪي اھڙا معزز ماڻھو بہ ھئا، جيڪي اھڙين شرمناڪ ڳالھين ڪري ناراض ھئا. پر ھڪ اداري جي حيثيت ۾ ھنن نقصانڪار جراثيمن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ سر چارلس تي اھڙا اخلاق سوز حملا ڪيا، جيڪي فقط اھڙن گندن ماڻھن ئي جڳائيندا آھن. ھنن جون اھڙيون ڪھٽيون ڳالھيون دشمنيءَ تائين محدود ڪونہ ھيون، پر انھن سان گڏ ڪوڙا بھتان ۽ بي جا تھمتون بہ ھيون. ليڪن ڪمينائپ کي پنھنجو دور آھي، فتح ۽ ڪاميابيءَ کي پنھنجو مقام. ڪو دور وري انتقام وٺڻ جو بہ ھوندو آھي ۽ اھو دور اچي چڪو آھي. خوف ۽ تذليل واري جھڪڻ جو زمانو. اھي ساڳيا تجارتي ناني ويڙھي وارا ماڻھو جيڪي قوم جي آواز کان مجبور ٿي، ساڳي ئي فوجي ڪمانڊر کي ليلائي چئي رھيا آھن تہ ھنن ساڻس وڏو ظلم ڪيو آھي. سندسن ڏوھھ معاف ڪر ۽ وسيع اختيار قبول ڪر ۽ انھن کي وڏ ۽ تباھي کان بچاءِ. خدا تعالى انصاف وارو آھي.

باب ڇھون: ڦليجي واري واقعي کان پوءِ جي صورتحال ۽ سردار ولي چانڊئي جو ڪردار

ڦلجيءَ وارو ڏاڍو ڏکوئيندڙ واقعو ھو. فوج بہ ڏاڍي تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رھي ھئي. سخت گرميءَ جي موسم ھئي، جنھن ۾ حملا ڪونہ ڪيا ويندا آھن. تنھن ڪري ھي جابلو ماڻھو خوف کان ڄڻ سراپجي ويا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا تہ ڇا اھڙي فوجي ڪمانڊر کي مھاڏو ڏئي سگھجي ٿو؟ ھو ٻہ - چتا ٿي پيا ھئا تہ ساڻس مقابلو ڪجي يا پاسو ڏئي نڪتو ھليو وڃجي. سندن ھيءَ بہ سوچ ھئي تہ ھو اڳنا واسطي بغاوت ڪري ڪانہ سگھندا. ولي چانڊئي سان سندن دشمني گھڻي زماني کان ھلي رھي ھئي. ھي وڏي طاقتور قبيلي جو سردار ھو. ان کان سواءِ کيس جنگ ڪرڻ جو فن بہ ايندو ھو ۽ ھن قسم جي جنگين جو ماھر پڻ ھو. ڊومڪين جو رت پياڪ ويري ھو، جنھن ڪري ھو پلاند چڪائڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. ھن قبائلي سردار جو صدر مقام لاڙڪاڻي کان اولھہ طرف ٽيھھ ميل پري آھي. ھي ايترو طاقتور آھي جو ھنن جابلو دشمن جي مقابلي لاءِ ھزارين ماڻھو قطاري سگھي ٿو، جن ۾ مري قبيلي جا ماڻھو ھن سردار جا اتحادي آھن. ھن ڦلجيءَ واري واقعي کان اڳ اھڙيون ڪي چڱيون ڳالھيون ڪيون ھيون، جو درٻار واري ڏينھن سر چارلس ھن کي کلئي عام اعزازي تلوار ڏني ھئي ۽ ھن پنھنجي ھٿن سان سندس چيلھھ سان ٻڌي ھئي. ان درٻار ۾ نواب ۽ قبائلي سردار موجود ھئا، جن سڀني سندس اھڙي اعزاز کي اکين سان ڏٺو ھو. ان بدلي بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. اھڙي فوجي پيش قدمي ھو نھايت بھادريءَ سان ڪري ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ تہ ھن لاءِ پنھنجا قلعا ۽ انگريز سرڪار جي فوجون چوڪيون بہ ھيون، جيڪي ھن جي فوج جي پوئتي ھٽڻ لاءِ مددگار ھيون. جاسوس جو بيان ھو تہ ڦلجيءَ ۾ جن قبيلن انگريزي فوج کي شڪست ڏني، سي وري ڦلجيءَ ۾ گڏ ٿي رھيا آھن. ھنن جو مقصد آھي تہ مير شير محمد کي سنڌ وٺي وڃجي. پر جنرل چارلس کي اھڙين چالبازين وسيلي ٺڳڻ سولو ڪونہ ھو. ھو سمجھي رھيو ھو تہ ھو بغاوت ڪرڻ جا منصوبا بڻائي رھيا آھن، پر ھو سمجھي ويو ھو تہ ھن وقت گڏجڻ سندن بچاءَ واسطي آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي برپٽ واري علائقي ۾ موجود کوھن کي پوري رھيا ھئا. جڏھن تہ مري قبيلو ڊومڪين ۽ بگٽين جو دشمن ھو ۽ انھن سان جنگ ڪرڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال کي ڏسي ڳوٺاڻا بہ دلير ٿي ويا ھئا ۽ ڌاڙيلن کي پوئتي ھٽائڻ ۾ چانڊئي سردارن سان ساٿ ڏيڻ لڳا ھئا. ان کان سواءِ ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن سان مقابلو بہ ڪري رھيا ھئا. اھڙيءَ طرح ھنن ڪيترن ئي ڌاڙيلن کي گرفتار بہ ڪري ورتو ھو ۽ قيد ڪري رکي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ مير علي مراد جي ھڪ ملازم پنج بڙدي سردار گرفتار ڪيا ھئا. جيڪي ڌاڙيل ھئا ۽ سندس حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھندا ھئا. جن سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع سنڌين جي ڳوٺن کي ڦريو ھو. درحقيقت ھي ماڻھو بہ ٻين جابلو ماڻھن جيان ڌاڙيل ھئا. اھڙن ٿورن ٿڪن واقعن ھوندي بہ سنڌ جون حالتون پرسڪون ھيون. اھڙين پرامن حالتن دوران نظرداري کان ڪم وٺڻ نھايت ضروري ھو. ڇاڪاڻ تہ مير شير محمد شڪارپور جي اوسي پاسي لامارو ڏيندو ٿي وتيو، جنھن سان سندس گھوڙيسوار بہ گڏ ھئا. ان وقت علي مراد ڪن پٺاڻن کي ملازمت مان ڪڍي انگريزن سان ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي ۽ پنھنجي چئن ٽالپر مائٽن کي پنھنجي حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھڻ جي موڪل ڏني ھئي، جن کي انگريز سرڪار ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي. مذڪوره ٽالپر سندس سوٽ ۽ ڀائٽيا ھئا. ھي اھو زمانو ھو جڏھن وڏي درٻار منعقد ٿي رھي ھئي. سر چارلس نيپئر سوچيو ھو تہ ويھن ھزارن بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي ميڙ ۾ سندن مطالبن کي نہ مڃڻ ڏکيو مامرو ھو. جن مان سندن پھريون مطالبو اھو ھوندو تہ کين پنھنجون جاگيرون واپس ڪيون وڃن ۽ سنڌ ۾ رھڻ جو حق ڏنو وڃي. اھڙي ريت علي مراد کي حڪم ڪيو ويو تہ ڪن سردار کي بنا دير گرفتار ڪري. ان کان پوءِ مير شير محمد کان سواءِ ٻيا ڪيترا حڪمران ملڪ کان ٻاھر موجود ھئا. ليڪن سنڌ اندر رھندڙ ڪيترن ٽالپر شھزادن کي ھندستان سرڪار طرفان مير علي مراد جي درٻار ۾ رھڻ جو چيو ويو ھو. پر اھڙي قدم کڻڻ ڪري ھڪ وڏو مونجھارو محسوس ٿي رھيو ھو.
اھڙا معاملا جون تائين جيئن جو تيئن رھيا. ان کان پوءِ ٻہ اھم واقعا رونما ٿيا. انھن مان ھڪ واقعو اھو ھو تہ جکراڻي ۽ ڊومڪي ڌاڙو ھڻي ڪاميابيءَ سان وڃي پنھنجي ماڳن تائين پھتا ھئا. جڏھن تہ ٻيو واقعو شڪارپور ۾ فوجي سپاھين جي بغاوت ھئي. اھي ٻئي واقعا انتظامي بدنظمي جو نتيجو ھئا ۽ جنھن ڪري ڏاڍو ڳنڀير وايو منڊل پيدا ٿي پيو ھو. قصو ھي ھو جو ھندستان جي اتر اوڀر وارن علائقن مان ڪن بنگال ريجمينٽس کي اتر سنڌ جي سرحد ڏانھن موڪليو ويو ھو. جنھن تي انھن انڪار ڪيو ۽ چيائون تہ جيستائين وڏا الائونس نہ ملندا، تيستائين اوڏانھن ڪونہ وينداسون. ٿوري چؤ چواءَ کان 64 ريجمينٽ کي راضي ڪري سکر ۽ شڪارپور ڏانھن روانو ڪيو ويو. انھيءَ ڪري سندن تعريف بہ ڪئي وئي ۽ کين ڪجهہ انعام بہ ڏنو ويو. جڏھن ھتي پھتا تہ ھنن کي سکر ۽ شڪارپور جا فوجي ڪوارٽر ٻين ماڳن جي ڪوارٽرن جي ڀيٽ ڏاڍا سٺا لڳا، نہ تہ اڳي سندن خيال ھو تہ اھي بيڪار ۽ گندا ھوندا. ھي بنگالي فوج ڪجهہ وقت لاءِ تہ ماٺ رھي، پر ھن فوج سان جيئن تہ وڏي الائونس جو واعدو ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پوءِ ڪرنل موزلي جي اڳواڻيءَ ۾ اتر سنڌ ڏانھن رواني ٿي ھئي. پر شڪارپور ۾ ھنن ٿوريءَ پگھار جو سبب ڏئي ٻيو ڀيرو فساد ڪيو.
جيڪڏھنءَ ھيءَ فوج انھيءَ وقت بغاوت ڪري، جڏھن اسان جي خلاف چوڌاري قومون ھڪ گڏيل محاذ ٺاھي رھيون ھيون، يا جڏھن ساري فوج بيمار ھئي يا جڏھن جنرل سيلSale عارضي طور ڇڏي فوج جي ڪمانڊ اھڙي ماڻھوءَ حوالي ڪري ويو ھو، جيڪو ڪابل جي قتل عام کان ڏاڍو ڊنل ھو تہ ان جو نتيجو ڏاڍو اگرو نڪري ھا. ان ھوندي وڏو خطرو موجود ھو، ڇاڪاڻ تہ ٻين بنگالي ريجمينٽس 64 ريجمينٽ سان اچي گڏجڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ھو ڇاڪاڻ تہ ان سان پھرئين بغاوت وقت ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ھئي ۽ اھي ناراض ٿي ويون ھيون. اھو ھڪ ٻئي سان وفادار رھڻ جو مضبوط معاھدو ھو، جيڪو ان وقت ختم ٿي ويو جنھن وقت پتو پيو تہ 64 ريجمينٽ سان ٺڳي ڪئي وئي آھي. ان فساد دوران ھڪ آفيسر ان ڪمانڊ مارجي ويو. جنھن جي مقرري بابت اڃا فيصلو ڪونہ ٿيو ھو. پر لارڊ ايلنبرو ان وقت ڪمپنيءَ جي ھڪ آفيسر برگيڊيئر جنرل ھنٽر کي جنرل سيل جي جڳھھ تي ڪمانڊر ڪري موڪليو، جيڪو انھيءَ وقت اچي سکر پھتو ھو. ھي ڪمانڊر ڏاڍو دانشمند ھو. ھن اچڻ سان شڪارپور واري 64 ريجمينٽ کي سکر ڏانھن بدلي ڪري ڇڏيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ان کي ٿڌو ڪري سگھجي. کيس پڪ ھئي تہ جڏھن شخصي طور کين مڃائڻ جي ڪوشس ڪندو تہ ھو پنھنجي ضد تان لھي ويندا، پر ائين ڪونہ ٿيو. جڏھن کين مڃائڻ لاءِ پھتو تہ فوجين مٿس پٿرن ۽ ڇاپڙن سان حملو ڪيو. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن سکر قلعي اندر رھندڙ سياري گئريسن فوج کي حڪم ڪيو، جن 64 بنگال ريجمينٽ جا ٽيھھ چاليھھ فوجي گرفتار ڪري ورتا ۽ ٻين کان ھٿيار کسيا ويا ۽ ڪابھ رتوڇاڻ ڪانہ ٿي. ان کانپوءِ کين حڪم ڪيو ويو تہ ھو سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري ڏانھن اڪري اچن ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪن.
ان کان پوءِ ڪرنل موزلي تي ڪيس ھلائي کيس فوجي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ 64 بنگال ريجمينٽ جي ويھن فوجين کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو، جيڪي انھيءَ بغاوت جي اڳواڻي ڪري رھيا ھئا. انھن کان سواءِ ٻين ڇھن کي بہ سزا ڏني وئي ھئي. ھنن ڳالھين ھوندي بہ 64 ريجمينٽ پنھنجي ضد تان ھيٺ ڪانہ لٿي. سر چارلس نيپئر ھن ريجمينٽ کان جھنڊو کسي ورتو. ان کان پوءِ ھن ”سيڪنڊ ڊگري“ جي فوجي ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ريجمينٽ کي چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏھن اڃا بہ بغاوت ڪئي وئي تہ ساريءَ ريجمينٽ کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو. ھن اھڙيون سزائون ڏئي ھڪ مثال قائم ڪرڻ پئي چاھيو. پر ھن اھڙيون سزائون بي دليون ڏنيون ھيون، ڇاڪاڻ تہ سمجھيائين تہ اھڙو ڪم مناسب نہ آھي ۽ اھڙو عمل ھندستاني فوج لاءِ انصاف تصور ڪونہ ڪيو ويندو. سندس چوڻ ھو تہ ھن کان اڳ ھي فوجي سپاھي 64 بنگال ريجمينٽ کي پنھنجو گھر تصور ڪندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ننڍڙي ڏوھھ جي سزا ۾ نوڪرين مان ڪڍيو ويو تہ يا ھڪ جوشيلي فوجي سپاھيءَ جي چوڻ تي اھڙي سزا ڏني وئي تہ فوجين جي دل کڄي ويندي. ھن ئي فوج ڪري ھندستان سرڪار جي عزم ۽ ارادن کي ھڪ ٽيڪ ملي ويندي آھي.
ھن واقعي ڪري جنرل ھنٽر سان بہ بي انصافي ڪئي وئي ھئي. پر ھن جي فوجي خدمتن کي نيٺ وڃي تسليم ڪيو ويو ھو، پر سندس خدمتن جي تعريف تہ بروقت ڪرڻ گھربي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن وڏيون فوجي خدمتون سرانجام ڪيون ھيون ۽ اڃا تائين ڪري رھيو آھي. انھيءَ رواجي بغاوت دوران مير شير محمد ۽ احمد خان لغاري شڪارپور کان گھڻو پرري ڪونہ ھئا، جن سان ڪڇي واري جابلو علائقن جا گھوڙي سوار بہ گڏ ھئا. ان کان سواءِ چوڏھن پندرھن ٽالپر شھزادا مير علي مراد جي درٻار ۾ بہ موجود ھئا جيڪي ڏينھن جي سفر جيترو پري ھئا. ھنن مان ڪجهہ اھڙا ماڻھو بہ ھئا، جيڪي جنگ ڪرڻ لاءِ اتامرا ھئا. سندن مرضي ھئي تہ جنگ اڄ لڳي تہ سڀاڻي ٻيو ڏينھن ٿئي. ھي اھي ماڻھو ھئا جن جي جلد بازيءَ ڪري مياڻي واري جنگ بہ لڳي ھئي. اھي ساڳيا ماڻھو وري بہ جنگ لاءِ ور کنجيون بيٺا ھئا. شڪارپور ۽ سکر ۾ فوج سان گڏ تمام گھڻو فوجي سامان موجود ھو. جڏھن تہ سکر ۾ انھيءَ سامان سان گڏ سرڪاري خزانو بہ موجود ھو. سڀئي يورپي اعلى فوجي عملدار بہ ھتي ھئا. سندن گھرواريون ٻار ٻچا بہ ان فوج جي بچاءَ جي آسري تي ھئا، جنھن ھاڻي بغاوت ڪئي ھئي. ھنن سڀني ريجيمينٽن ۾ فقط 13 ريجمينٽ يورپي ھئي، جيڪا بيمار ھئي ۽ مزاحمت جي لائق ڪانہ ھئي. باقي ٻِيون پنج ڇھھ ريجيمينٽون باغي بڻجي ويون ھيون. امڪان ھو تہ متان آرٽلري ۽ فوجي سامان ڦريو لٽيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ شڪارپور جو وڳوڙي ماحول بلڪل اھڙو ھو. اھو بہ امڪان ھو تہ متان ھن شھر کي ڦريو لٽيو ۽ يورپين کي قتل ڪيو وڃي ۽ جابلو جوءِ جا ڌاڙيل بہ ھن ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي وڃن ۽ اھا باغي فوج وري سکر شھر تي حملو ڪري. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تہ سرڪاري خزانو، توپون، فوجي سامان ڦرجي وڃن ھا ۽ يورپي ماڻھن جون حياتيون بہ تباھہ ٿي وڃن ھا. ان کانپوءِ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جا جھنڊا جھولن ھا. ان وقت خيرپور جو علي مراد بہ مجبور ٿي ھنن سان گڏجي وڃي ھا. اھڙي خطرناڪ قسم جو ماحول جنرل ھنٽر اچي ختم ڪيو ھو. اھڙي اھم خدمت جي سرانجام ڪرڻ کان پوءِ کيس تنبيھھ ڪئي وئي ھئي.
سر چارلس نيپئر ھن ساري فتني کي لارڊ ايلنبرو خلاف سازش جو پوتاميل سمجھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ جنرل ھنٽر کي ھن ئي مقرر ڪيو ھو. ھن سازش ۾ بنگالي فوج جو حسد بہ شامل ڪري سگھجي ٿو، جنھن فوجي سرگرمين کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ھنن فوجين جي مرضي ھئي تہ سر ھيوگف Hugh gough کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو وڃي، جنھن کي ھو گرانڊ لاما ڪري سڏيندا ھئا. سر ھيوگ، معزز، ايماندار، سچو، کرو ۽ مزاج ۾ سخي ھو ۽ سازش کان ڪوھين ڏور ھو پر ائڊجوٽنٽ جنرل ليومليlumely ۽ جج ائڊووڪيٽ جنرل برج، جنرل ھنٽر کي روانو ڪري ڇڏيو ھو. اھا صورتحال ان وقت تائين منجھيل رھي جيستائين سر چارلس گورنر جنرل سر ھينري ھارڊنج کي چئي، اھڙي غلطيءَ جي اصلاح نہ ڪرائي ھئي. اھڙيءَ ربت ممبئيءَ واريءَ ڌر کي لڙ بکيڙي مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. جنرل ھنٽر جون خدمتون تعريف لائق ھيون، جيڪو سر چارلس جي نمائندگي ڪري رھو ھو. جنھن کيس بچائڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لاتا ھئا، جڏھن ھڪ ھڪ بااختيار قوت ھن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِڪانبو ٻڌي، ھن جي ڪڍ لڳي پئي ھئي.
ٻيو واقعو بہ ڄڻ فوجي بغاوت جھڙو تباھہ ڪن ھو. ڪئپٽن مئڪنزي جو تعلق اريگولر گھوڙي سوار فوج سان ھو. ھن گاھھ لڻڻ لاءِ گاھين جو ھڪ جٿو روانو ڪيو، جنھن سان گڏ ڏيھي فوجي عملدار جي نگرانيءَ ۾ پھريدار بہ موڪلي ڏنا ھئا. ھي ماڻھو خانڳڙھھ کان يارھن ميل پري وڃي گاھھ لڻڻ لڳا ھئا. انھن کي ڪنھن بہ دشمن جي حملي جو کٽڪو ڪونہ ھو، تنھن ڪري بنا ڪنھن چنتا جي گاھھ لڻڻ لڳي ويا. اتفاق اھو ٿيو جو ان ڏينھن بجار ڊومڪي پنھنجي ٻين ڌاڙيلن سان گڏ ڪنھن واردات ڪرڻ جي ارادي سان ڍومائون کائي رھيو ھو. ھنن جي گاھين تي نظر پوڻ سان مٿن حملي ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٻہ سؤ گاھي ڪھي ھليو ويو ۽ پنجاھھ ڦٽي پھريدار وڃي ڪئپٽن ميڪنزي وٽ پھتا، جنھن سندس ڪڍ ڊاڊا ڊوڙايا، پر ھو اھا ڏکوئيندڙ واردات ڪرڻ کان پوءِ واچ مينھن ٿي نڪتو ھليو ويو، ۽ ”اريگيولر ڪئولري“ جا گھوڙيسوار دستا اجائي جک ماري موٽي آيا. جڏھن ھيءَ خبر جنرل چارلس کي پھتي تہ ڪاوڙ ۾ تپي ٽانڊا ٿي ويو ۽ ھن اھڙو اظھار سرڪاري طور ڪيو ھو.
ان جو ڪارڻ اھو تہ ڪپئٽن مڪنزي سندس سڱڻيو ھو. گاھھ لڻڻ جي مقصد سان، گاھين کي ايتري ڏوراھن پنڌ تي موڪلڻو ڪونہ ھو، پر جيڪڏھن موڪليو ويو ھو تہ انھن جي بچاءَ جو چڱيءَ ريت بندوبست ڪيو وڃي ھا. جڏھن فوجي خدمتن سان لاڳاپيل ماڻھو پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ فوج ڇانوڻيءَ کان ٻاھر وڃن ٿا تہ نگران فوجي عملدار جو ڪم آھي تہ ھو گھوڙي جي ھني تان ھيٺ نہ لھي ۽ رات ڏينھن سندس اکيون کليل رھڻ گھرجن ۽ سندس کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ بہ گھوڙي جي ھني تي ڪرڻ گھرجي ۽ تلوار کيس ھٿن ۾ ھجي. فوجي چوڪيءَ جي نگران فوجي عملدار کي تيستائين آرام ڪرڻو نہ آھي، جيستائين سڀ خير نہ ھجي. جڏھن کيس اھو پتو ھجي تہ ھڪ جابلو ڌاڙيل جوءِ ۾ موجود آھي تہ کيس اٺ ئي پھر خبردار رھڻ گھرجي. اھو بہ غلط آھي تہ واردات ڪرڻ کان پوءِ ڌاڙيل جي ڪڍ لڳي پئجي. ائين ڪرڻ عام ماڻھن ۾ حيراس پيدا ڪرڻ ۽ فوجين ۾ ٿرٿلو پيدا ڪرڻ ھوندو آھي. اھڙي اٻھرائي مان پتو پوندو آھي تہ فوجي اڳواڻ کي تجربو ڪونہ آھي. اھو بہ سمجھڻ کپي تہ ڌاڙيل سان ڪا راند کيڏي ڪانہ ھوندي آھي.
انھيءَ ڪارروائيءَ کي بلوچ قبيلا وڏي فتح تصور ڪري رھيا ھئا، جڏھن تہ ھنن بي ھٿيار گاھين کي گاھھ لڻندي ڪھڻ وارو ڪارنامو ئي انجام ڏنو ھو. گاھين جي قتل عام جون خبرون وڃي ڪابل ۽ قنڌار تائين پھتيون ۽ ائين تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ويو ھو. جتي ڪٿي ڌاڙيل جي بھادريءَ جون تعريفون ھلي رھيون ھيون. اھڙي رت گاھين جي فاتحن جا حوصلا بلند ۽ ارادا اٽل ٿي رھيا ھئا. بمبئي واريءَ ڌر کي ممڻ مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ جنھن اخبارن وسيلي ھن واقعي کي کڻي مٿي کنيو. ان کان پوءِ بجار ۽ ساڻس ٻٽ ٻيا ٽولا ڇڙواڳ ٿي ويا ھئا. آڪرائي ڏسي فوج بہ ڊڄي وئي ھئي. غريب ماڻھن جون آھون ۽ دانھون ڪير بہ ٻڌڻ وارو ڪونہ ھو. ھنن لاءِ بچاءَ جا سڀ گس بند ھئا. ڪئپٽن مڪنزي جاچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر ڪنھن بہ اھڙي ڪم ڪرڻ جي حامي ڪانہ ڀري. ھي نھايت سياڻو ۽ سچيت فوجي عملدار ھو، جنھن ھڪ ٻئي طريقي سان پنھنجي عزت ۽ وقار کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڌاڙيلن تي گرميءَ جي موسم ۾ حملو ڪيو ھو، پر شڪست کاڌي ھئائين. ان کان پوءِ ھو لڳاتار ھنن جي چرپر تي نظر رکندو رھيو، انھيءَ مقصد سان تہ جولاءِ جي مھيني ۾ جابلو قلعي تي حملو ڪري سگھجي. کيس آگسٽ مھيني ۾ پتو پيو تہ شڪارپور کان سورھن ميل پري پنج سؤ ڌاڙيل موجود آھن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ ڪيا پيادا آھن. اھو ٻڌي ھو پنھنجي فوج وٺي چاليھن ميلن جي رفتار سان مٿن وڃي اوچتو ڪڙڪيو. ھن پيادن کي ماري لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا. جنگ دوران گھوڙيسوار اک وٺي ڊڊا ڊوڙائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھن مقابلي ۾ ٻہ سؤ ڌاڙيل مارجي ويا. تڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي اخباري ھاءِ گھوڙا مس وڃي ھپاڻي ھئي. جڏھن گاھين جي ڪوس جي خبر ممبئي واريءَ ڌر کي ملي ھئي تہ انھن ماڻھن اخبارن ۾ ڪئپٽن مڪنيزي خلاف باھھ ٻاري ڏني ھئي ۽ پئسا وٺي ليک لکڻ شروع ڪيا ھئائون تہ سر چارلس ساڻس ڏاڍي جٺ ڪئي آھي. اھڙي ريت کيس عوام ۾ ڏاڍو بدنام ڪيو ويو ھو. وري جڏھن وٽن ھيءَ خبر پھتي تہ ڪئپٽن مڪنزي ٻہ سؤ ڌاڙيل ماري ڇڏيا آھن تہ ھنن وري لکڻ شروع ڪيو تہ اھي ماڻھوءَ معصوم ۽ شريف شھري ھئا، جن کي ھن ڪئپٽن پلاند خاطر ماريو آھي، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو اڳئين شڪست جو ازالو ڪري سگھي ۽ بدناميءَ جو ٽڪو لاھي سگھي.
ھن مامري ۾ سر چارلس جاچ ڪرائي ھئي تہ واقعي شريف شھري تہ ڪونہ ماريا ويا آھن، پر کيس پتو پيو تہ اھي شريف شھري نہ پر ڌاڙيل ھئا ۽ جن ماڻھن لاءِ شھري ھجڻ وري دعوى ڪئي پئي وڃي، سي علي مراد جي حڪمرانيءَ جي حد جا ماڻھو ھئا،. جن جا ھٿيار ۽ ڪپڙا بہ ڌاڙيلن جي ھٿيارن ۽ ڪپڙن جھڙا ھئا ۽ ٻاھران آيل ڌاڙيلن سان گڏجي ڌاڙي ھڻڻ جون تياريون ڪري رھيا ھئا. اھي ماڻھو ذات جا بڙدي ۽ بڙديڪا جا رھاڪو ھئا. ان کان سواءِ اھم ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ ھنن علي مراد جي منع ڪرڻ باوجود بہ ڌاڙيلن سان ٻيلھھ ٻڌي ھئي. حقيقت اھا ھئي تہ ڦلجي جي شڪست کان پوءِ گاھين جو ڪوس ٿيو ھو. اھي واقعا ھڪ ٻئي پٺيان رونما ٿيا ھئا، ان ڪري ڌاڙيلن سمجھيو ھو تہ انگريزن کي تباھہ ڪرڻ جو مناسب وقت اچي ويو آھي، تنھن ڪري ھنن وڏي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ، مير علي مراد جي ملڪي سرحدن اندر ڌاڙي جي ھڪ ڪارروائي ڪرڻ پئي چاھي. اھو پورو پتو ھو تہ سندن ارادا ڪھڙا آھن. بڙديڪا جا بڙدي بہ ڌاڙي جي ارادي سان ھٿيار کسي اچي ھنن سان گڏيا ھئا. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن کانئن ڌاڙيل جي مال حصو پتي وٺي سگھن. اھي ماڻھو ڏاڍيءَ دليريءَ سان وڙھيا ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو ھنن علائقن ۾ ڏاڍي دليري جو مظاھرو ڪندا آھن ۽ سکيا ستابا شھر ۽ ڳوٺ سر سبز ۽ آباد جوءِ ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن جون اھڙيون قھري ڪاروايون سنڌين جي ڳوٺن خلاف ھونديون ھيون. ھتان جا ڳوٺاڻا پنھنجي قتل عام کان ڊڄي ڪيڏانھن ھليا ويا ھئا. جيڪي ھن واقي کان کان پوءِ پنھنجن پڊن تي نظر اچڻ لڳا ھئا، ۽ گاھين کي گاھھ لڻڻ ۾ مدد ڪري رھيا ھئا، جن جو ڪم فوجي گھوڙن کي گاھھ پھچائڻ ھو. ھن واقعي کان پوءِ جنرل چارلس جي خواھش ھئي تہ بگٽين، ڊومڪين ۽ جکراڻين جون زمينون چانڊين ۽ مري قبيلي ۾ ورھائي، پر ھن شرط سان تہ اھي ھنن قبيلن کي سنڌ جي سرحد کان گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندا. ھن ڳالھہ مان سندس مقصد ھو تہ جيئن ھنن بلوچ قبيلن اندر ويڙھھ ھلي. جنرل جي ھن آڇ جو نتيجو ڇا نڪتو تنھن جو ذڪر بعد ۾ ايندو. پر انھيءَ وقت ڌاران ڌاڙن ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي ۽ نہ ڪنھن فوجي پيش قدميءَ جي ضرورت محسوس ٿي ھئي. ان کان پوءِ سارو ڌيان انتظامي معاملن ڏانھن ڏنو ويو.
اھڙيءَ ريت عدالتي کاتي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جو ڌيان سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪرڻ ۽ ماڻھن کي انصاف ڏيڻ ڪري عام ماڻھو ڏاڍو خوش ھو. ان ڪري پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ دلير بڻجي ويا ھئا. عورتون بہ وڏي آواز ھن نئين سماجي نظام جي تائيد ڪري رھيون ھيون. اھي تہ ظاھر ظھور چئي رھيون ھيون تہ اڳي ملڪ ۾ انڌ ڌنڌ لڳو پيو ھو ۽ امن امان تہ ھوندو ئي ڪونہ ھو. دشمنين ۽ خانداني جھڳڙن زندگي زھر ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي اھڙي مجرم کي ڦاھيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي ۽ تنھن ڪري اھڙو تصور اڀري رھيو ھو تہ عورت کي قتل ڪرڻ جرم آھي. ھي ۽ ٻيون بہ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي عورت ذات جي فائدي ۾ ھيون. سر چارلس انساني ڀلائيءَ لاءِ تہ اھڙا بھترين ڪم ڪيا ھئا، پر سرڪار ناشڪري ھئي.
ھن کان سواءِ ھت ٻيا بہ الائي ڪيترا جرم ٿيندا ھئا، جيڪي عام ۽ نھايت خطرناڪ ھئا. راھھ ويندن واپارين ۽ مسافرن کي بہ لٽيو ڦريو ويو ھو. اھڙا جرم صفا ختم ٿي ڪونہ سگھيا ھئا، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقو ويجھو ھو. پر پوليس جي مدد سان اھڙن ڏوھن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري پوليس جو ھڪ آجو ۽ نجو کاتو بڻايو ويو آھي. ان کان سواءِ فوج جون بلوچ بٽالنون نھايت مقدم طريقي سان پنھنجو منصبي فرض کي ادا ڪري رھيون آھن. گھڻا بلوچ سردار جن ٽالپرن جي طرف کان مياڻيءَ م اسان جو مقابلو ڪيو ھو، تن بہ ھاڻي اسان جي ملازمت اختيار ڪئي آھي ۽ فوجي سپاھيءَ طور انگريز جي نمايان خدمت سرانجام ڏئي رھيا آھن.
صنعت کي بہ نئين سر جياريو ويو آھي. ھاڻ سنڌ تحفظ جي معاملي چوڏس مشھور ٿي وئي آھي. تنھن ڪري ٻين ملڪن جا شاھوڪار، سيٺيا ۽ ھاري ناري سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. اھڙو سلسلو مستقل طور جاري آھي. اھڙيءَ ريت شڪارپور کي آدمشماري ڪراچي کان بہ گھڻي آھي، جيڪا ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. نہ رڳو اھو پر انگريز ۽ پارسي بہ ھتي ويھي،وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن. اخباري ڌر وارا ماڻھو امن امان جي اھڙن ڳالھين کي اڃا بہ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونہ آھن ۽ اھڙا اعلان ڪري رھيا آھن تہ اتان جي ماڻھن جون دليون نفرت سان ڀريون پيون آھن. جيڪي انتقام وٺڻ لاءِ تيار بيٺا آھن. پر ڪوڙ ان وقت ڏاڍو خطرناڪ بڻجي ويو، جڏھن ممبئي سرڪار سنڌ ۾ بغاوتن ھجڻ جو چئي ذھني عذاب ڏنو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ اھو ظلمن جو نتيجو آھي. ان ڪري مجبور ڪيو ويو ھو تہ سنڌ مان فوجون واپس ڪيون وڃن. انھيءَ مقصد سان تہ ھو پاڻ بندوق ۽ تلوار جي مدد سان پنھنجي اختيارن کي قائم ڪري سگھن.
سنڌ ھاڻي تازو فتح ٿي آھي. فتح کان جلد ئي پوءِ ڪيترن وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي. اھا بہ حقيقت آھي تہ پيداوار جي مقابلي ۾ خرچ تمام گھڻو ڪري آھي، پر مستقبل ۾ تمام گھڻيءَ پيداوار جا امڪان موجود آھن. اھڙي ريت پيداوار جي ذريعن بابت اندازي لڳائڻ دوران بہ ڪيتريون دشواريون موجود آھن. ان کان ٽالپر جي دور واري محصول جي وصولي جي طريقي کي سمجھڻ ۾ وقت جي ضرورت آھي. ھتان جي ماڻھن جون عادتون رسم ۽ رواج مختلف آھن. تنھن ڪري ھتي نئين قسم جو قانون نافذ ڪرڻ ۾ بہ وقت لڳي ويندو. ان کان سواءِ ھيتري ساري وسيع علائقي ۾ محصول جي وصوليءَ لاءِ ھڪ منظم طريقو نافذ ڪرڻ بہ ايترو سولو ڪونہ آھي. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ سماجي ۽ انتظامي نوعيت جي قائدن ۽ قانون بابت ڌوڪا بہ ڪيا ويا آھن ۽ رسمن رواجن جي ناتي ٺڳيون بہ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ ماڪڙ اوچتو آئي ۽ سارا فصل کائي چٽ ڪري وئي. ان ڪري سنڌ جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. ان ئي زماني ۾ ماڻھن ۾ وچڙندڙ بيماري ڪاھي پئي ھئي ۽ سرڪاري ملازم بہ ان جي ور چڙھي ويا. تنھن ڪري صحيح معنى سان آباد زمين جي داخلا ٿي ڪانہ سگھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو جو اوڳاڙي گھٽ ٿي. ڍل بہ جنس جي شڪل ۾ ادا ڪئي وئي. رٿبورنRath borne ، پوپPope ۽ گاڊنيgoddnney ڪليڪٽر ھئا، پر دراصل فوجي ھئا، جيڪي ھوشيار ۽ ايماندار عملدار ھئا. ھنن ماڻھن پنھنجي عقلمندي سان ڍل جي اوڳاڙي ڪري سرڪار کي ايترو پئسو ڏنو، جو سنڌ جي ساريءَ انتظاميھ جو خرچ بہ نڪتو جھڙوڪ گورنر کان وٺي ننڍي سرڪاري ملازم جي پگھار شامل سمجھڻ گھرجي، ان کان سواءِ اٺ سوار فوج ۾ ٻہ ھزار پوليس وارن جون پگھارون بہ ھيون، جن مان اٺ سؤ تہ گھوڙي سوار ھئا. اھڙي ريت ستھٺ ھزار اسٽرنگ پائونڊ بچت بہ ٿي ھئي، جيڪا آگسٽ مھيني ۾ جنرل ٽريزري ۾ رکي وئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن فوج ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرڪار جي مدد ڪري سگھجي. فوجين جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمير تي خرچ اڳئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي ڪيو ويو ھو. اھڙي ڪم کي اڪلائڻ واسطي سنڌ جي اقتصادي ڳالھين کي نظرانداز ڪيو ويو ھو. ترقيءَ ڏانھن ھي پھريون قدم ھو جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ اڳتي وڌڻ لاءِ سھوليتون موجود آھن، جن کي آڏو رکي ڪليڪٽرن کي ملڪ جي پيداواري ذريعن کي ڳولي لھڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي ھئي. اھو بہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ جي انتظاميھ تي تمام ٿورو خرچ اچي رھيو ھو، جيڪو ٻہ لک اسٽرنگ پائونڊن کان وڌيڪ ڪونہ ھو. اھو بہ امڪان آھي تہ سنڌ جي پيداوار ھڪ ملين اسٽرلنگ پائونڊ ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي وصوليءَ عام ماڻھوءَ تي ڪنھن بہ قسم جو اضافي بوج ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ ماڻھن کان زبردستي محصول وصول ڪرڻ سر چارلس جي حڪومت جي اصولن جي خلاف آھي.
سندس تازو بيان ھن ريت آھي: ”ڍل محصول اڃان بہ گھڻو اوڳاڙيو پيو وڃي، پر ان جي گھٽ وصوليءَ لاءِ بندوبست بہ اھڙو ڪيو وڃي. محصولن جي وصولي جو طريقو بہ صفا بيڪار آھي. جيڪڏھن ڍل جي سٺي طريقي جي نفاذ کان اڳ ۾ وصولي جي جڏي سڏي طريقي کي ختم ڪري ڇڏبو تہ اوڳاڙي ڪري ڪانہ سگھبي ۽ پيداوار گھٽ ملندي، پر ائين ڪرڻ کان اڳ وصوليءَ جي طريقي تي نظرثاني ڪرڻ ضروري آھي. اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو، جڏھن اسان سياسي طور مستحڪم ٿي وڃون. تنھن ڪري حالتن کي ھينءَ چوڻ لاءِ مجبور آھيان تہ اوڳاڙي جي ھلندڙ طريقي کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏجي. پر غريب رعيتي ماڻھن بابت ضرور سوچڻ گھرجي، جيڪي پنھنجي زمين جي پيداوار جو سراسري اڌ ڍل طور ڏئي رھيا آھن، پر کانئن اڌ بدران پيداوار جو ٽيون حصو ڍل طور وٺڻ مناسب ٿيندو. پر جيڪڏھن سھولتون وڌائبيون تہ ماڻھو محنت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ ڍل محصول وڌي ويندو. جڏھن اسان ابتدا ۾ مزدور رکيا ھئا تہ ڏاڍا مھانگا ھئا. ڪم ڪرڻ ۾ بہ ڏاڍا سست ھئا. جيڪڏھن سندس ڪم جي جاچ پڙتال ڪبي ھئي تہ ڪم ڇڏي ھليا ويندا ھئا. پر ھاڻي کين ڪم جو تجربو آھي، کين سھوليتون بہ ڏنيون ويون آھن. اجورو بہ گھڻو ڏنو پيو وڃي. ھاڻي جيڪڏھن ھنن کي سزا ڏني وڃي ٿي تہ اھا قبول ڪن ٿا، پر پورھيو ڪرڻ ڪونہ ٿا ڇڏن. ڪيترائي ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائي رھيا آھن. مون کي پورو يقين آھي تہ ايتري وڌيڪ ڪمائي ۽ سھوليتن ڪري، ٽالپرن جي حڪومت جي مزاحمت ڪندا ۽ اھو سوچيندا تہ ڇا انگريز سرڪار چري ٿي آھي ڇا جو ٽالپر حڪومت کي آڻي رھي آھي.
بمبئي واريءَ ڌر جو ھاڻي اھم مقصد اھو ٿي پيو آھي تہ سنڌ ۾ ٽالپر حڪمرانيءَ کي ٻيھر قائم ڪجي، پر ھاڻي تہ سنڌ کي ڦرڻ لٽڻ تہ ممڪن ئي ڪونہ رھيو آھي. شايد اھي سنڌ انھيءَ ڪري ٽالپرن جي حوالي ڪري رھيا آھن تہ اھي سنڌ کي سھڻي طريقي سان ھلائي ڪونہ سگھندا ۽ نئين فتح لاءِ انگريز سرڪار کي اڪسائيندا ۽ اتساھيندا. ڇاڪاڻ تہ ھنن جا سرڪاري عملدار سرڪاري پئسن ۾ ٺڳيون ڪندا ۽ ٽالپر اقربا پروريءَ کان ڪم وٺندا. اھڙيءَ ريت ڪي درخواستون ۽ يادداشت ناما آھن، جيڪي مير رستم ۽ ٻين ميرن جي نالن تي آھن، جن ۾ سر چارلس تي ڪيترائي الزام ھنيا ويا آھن. پر حقيقت اھا آھي تہ اھي سڀ ڳالھيون ممبئي ۾ تيار ڪري انگلينڊ ڏانھن موڪليون پيون وڃن. انھن درخواستن کي ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اڳتي وڌائي رھيا آھن، پارليامينٽ جا ڪجهہ ميمبر وري ان ڪم کي ظاھر ظھور لڳيا پيا آھن. انھيءَ لاءِ جيئن ھو ساري سياسي ماحول کي سر چارلس خلاف بڻائي سگھن. پر اتفاق سان اھي ماڻھو ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ سگھيا آھن. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت سر چارلس بدران ٽالپرن جي ھٿ ۾ ھجي ھا تہ موندارج جي سربراھي ۾ ٿيندڙ ملتان واري بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ فوج سنڌ مان نہ وڃي ھا، بلڪ ان بغاوت کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ لاءِ ھزارين بلوچ وڃي ملتان پھچن ھا ۽ انگريز لاءِ ڏچو پيدا ٿي وڃي ھا. ان حالت ۾ بھاولپور جي فوج ۾ ملتان جي مدد ڪن ھا.
ھيءَ حقيقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تہ ھندستان سرڪار پنھنجي فوج جو تعداد سنڌ جي فتح جي مقصد سان يا ان فتح کي برقرار رکڻ جي ارادي سان ڪونہ وڌايو آھي، پر اتي گڏ ٿيل فوج پنجاب جي رياست ۽ شھنشاھت جي مفادن کي تباھہ ڪرڻ جي غرض سان گڏ ٿي آھي. سنڌ اندر فقط ايتريءَ فوج رکڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن ھتان جا ماڻھو نئين حڪومت ۾ آرام ۽ سڪون سان گذاري سگھن. ھاڻي اھي پيٽ ڀري تہ ماني کائن ٿا. ھنن ماڻھن کي ملندڙ جسماني عذاب ڪري، سندن روح ھنن کان ڄڻ تہ جدا ٿي ويا ھئا. ٽالپر حڪمرانن وٽ تربيت يافتھ ولايتي فوج ڪانہ آھي. جيڪڏھن کين ھاڻي حڪومت واپس ڪئي بہ وئي تہ ھتان جي رعيت کين ڊوڙائي، ملڪ مان ئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندي. اھڙين ڳالھين ھوندي انگلينڊ ۽ ھندستان ۾ ھن موضوع تي سنجيدگيءَ سان سوچيو پيو وڃي تہ سنڌ جي حڪومت ٽالپر حڪمرانن کي واپس ڪئي وڃي ۽ اھو ڪم ممبئي واريءَ ڌر جي ارادن مطابق ڪيو پيو وڃي، جنھن جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ”اھا لارڊ ايلنبرو جي وڏي شڪست ھوندي.“ ھنن ماڻھن جو اھو چوڻ بلڪل صحيح آھي تہ ھو ائين ڪري لارڊ ايلنبرو کي مات ڪري ڇڏيندا، پر انھيءَ سان گڏ اھو بہ سمجھڻ گھرجي تہ اھا ڌر ائين ڪري ڄڻ انگلينڊ کي بلڪ انسانذات کي شڪست ڏيڻ چاھي ٿي.
عوامي ڀلائي جا ھلندڙ ڪم ٻن ڌرين جي ھٿن ۾ آھن، جن مان ھڪ سول ۽ ٻي فوج آھي. پھرين ڌر غورفڪر سان حساب ڪتاب ڪري، اھڙن ڪمن جو بنياد رکيو آھي، جن مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فائدو آھي. جڏھن تہ ٻي ڌر اھي ڪم ھٿ ۾ کنيا آھن، جيڪي انگلينڊ لاءِ فائديمند آھن. ھن ڌر جو مکيھ ڪم اھو آھي تہ فوجين جي رھڻ لاءِ سٺيون بئرڪون تعمير ڪري ۽ ٻي ڳالھہ اھا انگريز ھندستان جي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بہ سگھاريون جڳھون جوڙي تيار ڪري رھي آھي. پر جيڪڏھن ھنن ڳالھين کي تجارتي نقطھ نظر سان ڏٺو وڃي تہ بہ اھي وڏي فائدي واريون آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس نيپئر جو مقصد آھي. اھڙين تعميرات جا بنياد نھايت سگھارا ھجڻ گھرجن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن عظيم معاشري جو بنيادن کان مٿان واري جوڙجڪ پڻ سگھاري ھجي، تنھن ڪري ھي جنرل اھڙي تعمير پنھنجي اخلاقي قوت کي ڏسي قائم ڪري رھيو آھي، جنھن جو واسطو سنڌوءَ جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ سان آھي. ھي ھڪ وڏو منصوبو آھي جيڪو لارڊ ايلنبرو جي ذھين قيادت جي نگرانيءَ ھيٺ، مختلف حصن ۽ مرحلن ۾ تيار ٿيڻ وارو آھي. پر اڳتي ھلي ھن ڪم جي اھم حصن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو ھو. اھو ھندستان سرڪار جي اھم قوت جي لاپرواھي ۽ ھروڀرو دخل اندازي ڪري اڌ ۾ روڪيو ويو ھو. مان ھتي اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تہ ان منصوبي مطابق ٿيندڙ ڪمن پويان ارادو ۽ مقصد ڪھڙو ھو.
جڏھن سج، درياه ۽ ڌاڙيلن تي ضابطو رکڻو آھي تہ پوءِ ھتان جا ماڻھو ھن ملڪ کي شاھوڪار بڻائڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جو زور لائيندا، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال لڳو پيو آھي. انھيءَ سان نہ رڳو اھي سکيا ستابا ۽ دولتمند ٿي ويندا، پر سرڪار کي بہ گھڻي دل ۽ محصول وصول ٿيندو. اھو مشاھدو جنرل سر چارلس نيپئر جو ھو، جنھن جي آڌار تي ھن ھڪ عظيم منصوبو جوڙيو ھو. پر ان سان اھو بہ ضرور ڏٺو وڃي تہ ان دور ۾ ھن ماڻھوءَ جي آڏو ڪھڙيون مشڪلاتون موجود ھيون. اھڙيءَ صورتحال لاءِ سندس بيان ھن ريت آھي: ”ھتي انجنيئر حاصل ڪرڻ نھايت مشڪل مسئلو آھي. ھندستان اندر سول بيورو ڪريسي موجود آھي، جنھن جون پگھارون بہ وڏيون آھن. پر ڪنھن کاتي لاءِ عملدارن جي مقرر ڪرڻ واري ڪم ڏانھن تہ ڌيان ئي ڪونہ ٿو ڏنو وڃي. تنھن ڪري ھر کاتي ۾ ٻين عملدارن سان گڏ انجنيئرن جي بہ ڏاڍي کوٽ آھي.“ سنڌ ۾ ترقي جي ڪمن لاءِ ڏاڍيون ڳنڀير رنڊڪون موجود ھيون. سڀ کان پھرين ڳالھہ اھا ھئي تہ سنڌ، بلوچ جاگيردارن جو ملڪ آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو فتح وقت ھتان جي فوج ائين ڪانہ ھئي، جيئن مھذب قومن جي ھوندي آھي. سندس چوڻ آھي تہ ”اسان مھذب معاشري ۾ موجود ھڪ بيابان ۾ ڄڻ ھڪ بيٺڪي راڄ آھيون.“ ھي لفظ سندس تڪيھ ڪلام ھوندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو اسان ھر چيز نئين ٺاھي ھئي، پر ڳالھہ ڪنھن ڪرامت کان خالي ڪانہ ھئي، جو اسان نھايت مختصر عرصي اندر ھڪ قابل قبول ۽ بھتر انتظاميھ قائم ڪري ورتي ھئي. اھو اڻ کٽ محنت ۽ ڏکن ڏاکڙن قبول ڪرڻ جو نتيجو ھو، جنھن ڪري اھڙا بھتر نتيجا مليا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھن وڏيءَ مشين جا اسپرنگ ۽ ڦيٿا ھڪ ئي وقت ۽ مناسب جاين تي ائين ڪونہ ڪريا ھئا، جيئن نوبت وڄڻ تي فوج ھڪ ئي وقت تيار ٿي ويندي آھي ۽ مناسب جڳھن تي اچي بيھندي آھي. حقيقت بہ اھا آھي تہ فوج جي نوبت جو آواز ساري ملڪ ۾ ھڪ گونج جي شڪل ۾ ٻڌو ويو ھو. پر اتي ھڪ ڪمانڊنگ ھٿ بہ موجود ھو، جيڪو سگھارو ۽ ڏاھو ھو، جنھن انتظاميھ جو بنياد رکيو ھو ۽ جنھن ڪم کي اڳتي ڌڪڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ھتي پيداوار ۽ پئسي جي ڏاڍي اڻاٺ ھئي. تنھن ڪري اھڙين مشڪل حالتن ۾ مٿي اڀرڻ ھڪ ڏکي ڳالھہ ھئي. ان زماني ۾ ھتي ڪي اھڙيون ڪشاديون ۽ وڏيون جڳھون ڪونہ ھيو، جتي فوج کي رھايو وڃي. اھڙيءَ ريت بئرڪن جي تعمير بہ ملڪي ضرورتن کان پوءِ واري بچت جي پئسي مان ٿيندي آھي. ليڪن ھتان جي پيداوار تہ مناسب ئي ڪانہ ھئي. صورتحال اھڙي ھئي جو ھتڙي ڏھاڙي ھڪ يا ٻہ فوجي ضرور مرندا ھئا ۽ ڪا خاص صحت بخش جوءِ ڪانہ ھئي، جنھن کي بئرڪن جي تعمير لاءِ چونڊجي. ان کان سواءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو طريقو اھو ھو تہ حڪمران اھڙو ھجي جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو ماھر ھجي، پر انجنيئر اصل نہ ھجي. ليڪن ڪمپني جو اھو نمونو ڪجهہ عيبن وارو ۽ گھڻ - خرچائو ھو ۽ ھاڻي بہ منجھس ڪئي اوڻايون آھن ۽ خرچ بہ ڏاڍو ڪيو پيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ فوج جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمر جي شروعات انھيءَ زماني ۾ ڪئي وئي، جڏھن افغانستان تي حملي ڪرڻ دوران ھن شھر تي قبضو ڪيو ويو ھو. پر ھنن بئرڪن جي تعمير نھايت خراب ھئي. اھڙي گندي تعمير انھيءَ ڪري ٿي ھئي جو فوجي عملدار عام فوجي سپاھيءَ کي گھٽ نظر سان ڏسندا ھئا. اھي بئرڪون ممبئي مان موڪليل ڪاٺ وسيلي جوڙيون ويون ھيون. پر اھو ڪاٺ اڳ ۾ ئي استعمال ٿيل ھو، جيڪو ٻئي ڪم ۾ اچڻ لائق ڪونہ ھو. ان کان سواءِ ٻيون رنڊڪون بہ ھيون، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ نومبر 1843ع ۾ ويچاريو ويو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ ”عوامي ڀلائيءَ جا ڪم نھايت سست رفتاري سان ٿي رھيا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتان جا ماڻھو سست آھن. آبھوا بہ صحت بخش نہ آھي. جڳھن ۾ ڪم ايندڙ شيون پري کان ۽ مشڪلاتن سان ھتي آنديون وڃن ٿيون. ڪم لاءِ ملندڙ ڪلارڪ ٿورا آھن. ھر شيءِ انجنيئر جي خلاف آھي، پوءِ کڻي ھو تندرست بہ ڇو نہ ھجي. ھن وقت تائين تہ بيماريءَ اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. بيماريءَ کان اڳ جتي ھڪ انجنيئر وٽ چار سو مزدور ڪم ڪندا ھئا بيماريءَ کان پوءِ پنجاھھ مزدو ر بہ ڪونہ ٿا ملن. پر ھتان جا ڏيھي ماڻھو تہ بيمار فوجيءَ کان بہ وڌيڪ بيمار آھن. جيستائين ھيءَ بيماري ختم نہ ٿيندي، تيستائين ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ ٿو سگھجي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آھي. ان شھر جي چوڌاري مضبوط قلعو اڏي ايترو سگھارو ڪرڻو آھي، جو ڪنھن بہ وچ ايشيائي طاقت جو مٿس حملو ڪامياب ٿي نہ سگھي. پر اھو بہ ڏسڻو پوندو تہ ان شھر جي چوڌاري وڌڻ واري صلاحيت کي روڪڻو بہ نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ ۽ ان جي اھم ڀرتي ڪندڙ شاخن مان آباد علائقن جي واپار ڪري، ھي شھر تجارتي مرڪز بڻجڻو آھي. تنھن ڪري ھن شھر لاءِ زمين جي وڏيءَ ايراضي جي ضرورت آھي. جنھن ۾ شھر جي وسعت ۽ فوجي ڇانوڻي ۽ بندرگاھھ تعمير ٿيڻ جيتري گنجائش ھجڻ ضروري آھي. انھيءَ ڪري پٻ ۽ گذري وارو جابلو علائقو بہ ھن شھر واريءَ ايراضي ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿيندو. ان کان سواءِ ملير ندي بہ ڪراچي شھري ايراضيءَ ۾ شامل ھئڻ کپي. شھر جي منصوبھ بندي ۾ اھو بہ شامل آھي تہ چين جي ماڻھن کي ڪراچي جي چوڌاري باغ پوکڻ جو ڪم حوالي ڪجي. ساڳيءَ ريت ڏيھي ماڻھن جي بہ ھن ڪم ۾ ھمت افزائي ڪجي. ھي نھايت بھترين منصوبو آھي. جنھن تي اھڙا ماڻھو تنقيد ڪري رھيا آھن، جن کي نہ اھڙن ڪمن ڪرڻ جي طاقت آھي، نہ وري اھڙي سٺي ڪم جي شروع ڪرڻ کان پوءِ ان کي سمجھڻ جي صلاحيت. اھو بہ چوندا آھن تہ سنڌين ۾ سکڻ جيتري بہ صلاحيت ڪانہ آھي. اھي فقط پنھنجي من ۾ مست ھوندا آھن ۽ کين لٿيءَ اڀريءَ جي خبر ئي ڪانہ ھوندي آھي. اھڙو جواب کين ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ويو ھو تہ ھتان جا ماڻھو ھر شيءِ جلدي سکي وٺندا آھن ۽ ڀاڄين پوکڻ ۽ انھن جي سيوا ڪرڻ جا ڪويسر آھن ۽ ھتان جون تازيون سايون ڀڄيون کائڻ ڪنھن عياشيءَ کان گھٽ نہ ھوندو آھي.
ھتان جو سامونڊي بندر ڏاڍو ڏکيو آھي. بندر کي ڀيٽيندڙ جھاز پري کلئي سمنڊ ۾ اچي بيھندا آھن، جتان تجارتي مال ۽ فوج کليل ٻيڙين وسيلي کاڙي اڪري اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن تہ وري اھڙي حالت ٿي ويندي آھي جو فوج يا تجارتي سامان ساري رات سمنڊ ۾ بيٺل جھاز ۾ ترسيل ھوندو آھي. عام طور تي اھو بہ ڏسڻ ۾ آيو آھي تہ فوجي جھاز تان لھي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي جھاڳي، اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن کين گپ مان بہ جھاڳڻو پوندو آھي، جيڪو صحت لاءِ سخت ھاڃيڪار آھي. انھيءَ تڪليف کان بچڻ لاءِ سمنڊ وچان ھڪ دمدمو ٺھرايو ويو آھي، جيڪو ڪناري کان ان جاءِ تي پھچندو آھي، جتي سمنڊ ۾ جھاز اچي بيھندو ۽ جنھن مان فوجي لھي دمدمي وسيلي اچي ڪناري تي پھچندا آھن. دمدمي وارو اھو رستو چوويھھ ئي ڪلاڪ کليل رھندو آھي، جيڪو سمنڊ جي کاڙي ۽ گپ اڪري سلامتي سان اچي ڪناري پھچي ٿو. ھن سھوليت جي ڪري چوويھھ ئي ڪلاڪ جھازن مان سامان لھندو ۽ چڙھندو آھي. سال جي ابتدائي حصي ۾ ھتي ڪي مختصر ڪاريگر موجود ھئا. اھو گھٽ تعداد بيماريءَ ڪري ھو، پر اھڙيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ممبئي مان چار سو ڄاڻو ماڻھو گھرايا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھو تعميراتي ڪم ٻہ ميل ڊگھو ھو، جيڪو سامونڊي پاڻيءَ ۾ گپ وچان ٺاھڻو ھو ۽ ھن شھر جي اوسر ۽ ترقي لاءِ نھايت اھم ھو. ھندستان سرڪار بہ ھيءَ رٿ پيش ڪئي ھئي تہ اتر ستلج واري سرحد کي محفوظ رکڻ لاءِ اضافي فوج موڪلي ويندي، جيڪا سنڌ کان ٿيندي مٿي ويندي. اھو بحث جو ھڪ اھم نڪتو آھي تہ فتح کان پوءِ ھي سنڌ ملڪ ھندستان سرڪار جي مضبوط سرحد بڻجي ويو آھي.
ڪراچيءَ جي بندر کي سنڌو درياه جي اھم ۽ ويجھي ڀرتي ڪندڙ شاخ ملائڻ ضروري آھي. انھيءَ لاءِ جيئن ان کي تجارت جي شھھ رڳ بڻائي سگھجي. انھيءَ دور ۾ صورتحال ائين ڪونہ ھئي. ان زماني ۾ وڌ ۾ وڌ تجارتي قافلا سيوھڻ کان ايندا ھئا، جيڪي ٿاڻي احمد خان کان ٿيندا، ڪراچي پھچندا ھئا. اھو رستو ھالا جبل جو ترو ڏئي ھلندو ھو. تنھن ڪري ھن عظيم درياه کي تجارتي اھميت ڏيڻي ھئي. گھاري جي نالي سان سنڌوءَ جي ڦاٽ جو پراڻو وھڪرو آھي، جيڪو ھاڻي لٽجي ۽ پورجي ويو آھي. ڦاٽ جو پراڻو پيٽ ڪراچيءَ ويجھو گذري کاڙي کان ھلي، وڃي سنڌوءَ سان ملي ٿو، جنھن جي ھاڻي سروي بہ ٿي چڪي آھي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن ھنڌ آگبوٽن واري آمدرفت شروع ڪري سگھجي. ھي پراڻو وھڪرو جھرڪ شھر ڀرسان سنڌوءَ سان ملي ٿو. تنھن ڪري آگبوٽن جي پھرين اسٽيشن بہ انھيءَ ماڳ وٽ ٺاھي ويندي. ساڳيءَ ريت حيدرآباد سان فوجي رابطو بہ ٺٽي وسيلي رھندو، جتان فوجي آگبوٽ، گھاري کان سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندا. پر ھن آبي رستي سان مشڪلاتون تمام گھڻيون آھن، ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ وسيلي آمدرفت ۽ تجارتي مال چاڙھڻ لاھڻ ڏکيو ٿي ويندو آھي، ڇاڪاڻ تہ سامونڊي ڪناري ڀرسان پاڻي گھڻو اونھون ٿي ويندو آھي. صبح جو وري سامونڊي پاڻي لٿل ھوندو آھي. سنڌوءَ جي وھڪري جي سامھون وڪرsand back ظاھر ٿي پوندي آھي اھڙيءَ ريت حيدرآباد پھچڻ ۾ ٽي ڏينھن لڳي ويندا آھن. ڇاڪاڻ تہ جڏھن لھرون طاقتور ۽ تيز ھونديون آھن تہ ٺٽي جھڙي غير صحت بخش ماڳ وٽ ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات ترسڻي پوندي آھي.
اھڙن ڏچن کان لنوائڻ لاءِ خشڪيءَ وسيلي سفر ڪرڻ لاءِ ھڪ رستو سوچيو ويو آھي، جيڪو ڪراچيءَ کان نڪرندو ۽ گھاري جو اتر ڏئي ڪوٽڙيءَ پھچندو. ھي ماڳ حيدرآباد جي آمھون سامھون آھي. انھيءَ رستي سان سفر ٽيھھ ميل وڌي تہ ويندو پر فوج، پاڻيءَ واري سفر کان جلدي پنھنجي منزل تي پھچي ويندي. باقي ٻيو سفر ٻن ڏينھن اندر طئي ڪري سگھندي. جيڪڏھن رفتار تيز آھي تہ فقط ھڪ ڏينھن لڳي سگھي ٿو. اھو بہ سوچيو ويو آھي تہ ھن رستي مان ھڪ ماڳ جھرڪ ڏانھن وڃڻ لاءِ بہ تيار ٿيڻ گھرجي. ھن ماڳ وٽ درياھہ جا ڪنارا جابلو آھن. تنھن ڪري لھڻ ۽ چڙھڻ سولو ٿيندو. ھي رستو ھڪ سؤ ميل ڊگھو ٿيندو. جنھن سان ڇانو جو بندوبست ڪيو ويندو. جنھن ۾ ريجمينٽ جي ھڪ ونگ خوشيءَ سان ماپي سگھندي. ھي اھڙو نشان ھوندو جنھن ۾ سفر ڪندڙ فوج سولائيءَ سان سمجھي سگھندي تہ اھا منزل ڪرڻ واري جڳھھ آھي. ھنن جڳھن جي تعمير ڪري مزدوري بچي پوندي. تنبن کوڙڻ ۽ اکوڙڻ تي وقت جو زيان ڪونہ ٿيندو. ان کان سواءِ اھڙي سامان جي لاھڻ چاڙھڻ جي سيڙپ بہ ڪانہ ٿيندي. ليڪن فوج جو سفر ٿڌيءَ رت ۾ ٿيندو آھي. اھڙيون سھولتون فقط اھڙا ماڻھو محسوس ڪري سگھندا، جن کي خبر آھي تہ اوڀر واري ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ايندڙ فوج بي پھچ، لاچار ۽ جسماني طور ڪمزور ھوندي آھي.
اھڙن رستن ۽ سھوليتن جي تجويز فقط ان علائقي لاءِ ھئي، جنھن جو مرڪز ڪراچي شھر آھي. اھڙين سھوليتن جو استعمال بہ جلد ٿيندو. اھڙيون سھوليتون نہ رڳو اڄ واري معاشري لاءِ ھونديون،پر مستقبل جو معاشرو بہ انھن سھوليتن مان فائدو حاصل ڪندو. ھن کان سواءِ ڪي ٻيا بہ اھڙا منصوبا ھئا، جيڪي سر چارلس جي سرڪار انھيءَ ڪري ختم ڪري ڇڏيا ھئا تہ بار بار لکپڙھہ ڪرڻ باوجود ضروري قدم ڪونہ ٿي کنيا ويا يا وري اھڙن خطن جو جواب ضروري تصور ڪونہ ٿي ڪيو ويو.
ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد تجارت جو اھم مرڪز آھي، جنھن جي حال ۽ مستقبل جي ترقي لاءِ وڏا منصوبا تيار ڪيا ويا ھئا.
فوجين لاءِ بئرڪون پڪسريون ٺاھيون پيون وڃن، جن ۾ ڪمرا ڪشادا ۽ اتانھا ھوندا. اھڙيون جڳھيون پھاڙ تي ھونديون، روشنيءَ ۽ ھوا جو بھتر بندوبست ھوندو. ھيٺينءَ جڳھھ کي رات جو زمين مان نڪرندڙ بخارن کي روڪيو ويندو.
حيدرآباد جي قلعن جي مرمت ڪرڻ، انھن کي مضبوط ڪرڻ ۽ صفائي بندوبست رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونہ آھي، پر اھو ڪم ھاڻي مڪمل ٿي چڪو آھي. ٽالپرن جي جوڙايل قلعن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي ھاڻي مضبوط ڪيا ويا آھن. جيڪي ناقابل شڪست آھي. انھن تي جيڪڏھن اونھاري يا سياري ۾ گھيرو ڪبو تہ دشمن فوج کي مليريا چنبڙي ويندي. ڇاڪاڻ تہ اھي اترين جابلو چوٽين تي جوڙيا ويا آھن، جيڪي پندرھن فوٽ مٿي آھي. قلعي کي مٿان پٽي اندر اچي سگھجي ٿو. قلعي جي تعمير ۾ ڪتب آيل پڪيون سرون ڏاڍيون لسيون آھن،تنھن ڪري ائين ڪرڻ بہ ڏاڍو ڏکيو ھوندو. جيڪڏھن ڦاٽڪ وسيلي قلعي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي تہ بہ ڪاميابي ڏاڍي مشڪل آھي. قلعي اندر ست کوھھ آھن، جيڪي ٽالپر حڪمران لٽرائي ڇڏيا آھن، جن کي ھاڻي برطانيھ جي فوج صاف ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن جو پاڻي مٺو ۽ سٺو آھي. ھن قلعي کي اڳ ۾ ھڪ ڦاٽڪ ھو، پر ھاڻي ٻيو بہ تعمير ڪيو ويو آھي. جنھن لاءِ اترئين پاسي کان گول ڀت ڏني وئي آھي. جڏھن تہ ٻيون ڪيتريون جايون ڊاھي پٽ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ قلعي ۽ فوجي ڪئمپ جي وچ وارو رستو بہ ساڳي ريت ڪي جڳھون ڊاھي بڻايو ويو آھي. ليڪن فوجي ڪئمپ ۾ قلعي جي رابطي لاءِ چبوترن ٺاھڻ جي موڪل ڪانہ ڏني وئي ھئي.
ھنن سڀني تعميراتن پويان فوجي مقصد ھئا، جن جي ابتدا تھذيب جي واڌاري ۽ ترقيءَ واسطي ڪئي وئي ھئي. ۽ انھن جي ضرورت بہ ھئي. ابتدا بہ فوجي قسم جي تعميراتن کان ڪئي وئي آھي. شھر جي چوڌاري پاڻيءَ جا تلاءَ موجود ھئا، جن کي پورائي ختم ڪيو ويو آھي. جن جي بدران پٿرن جي فرشبندي ڪري وڏا تلاءَ ٺھرايا ويا آھن. حيدرآباد شھر کي ھنن تلائن مان پاڻي ملندو ھو، جيڪي ھر سال سنڌوءَ جي چاڙھھ ڪري ڀرجي تار ٿي ويندا ھئا ۽ ڌرتتيءَ ڪري گندا بہ ٿي ويندا ھئا. ان کان پوءِ ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جي وچ واري رستي جي تعمير ھئي، جنھن جو فاصلو نوي ميل ھو. رستي ۾ ڪيترن ننڍن وڏن واھن تي پليون ٺاھيون ويون ھيون. سڀني کان وڏي پل ڦليليءَ مٿان ٺاھي وئي ھئي، جنھن جو اھم مقصد فوجي رابطو ھو. پر اھڙن رستن ۽ پلين ٺاھڻ جو ٻيو مقصد اھو ھو تہ جيئن وچ سنڌ جي راڄڌانيءَ کي زراعتي تجارت جو مرڪز بڻائي سگھجي. ٽين ڳالھہ تہ حيدرآباد ۽ ڪڇ جي وچ تي ھڪ سو ميل ڊگھو رستو جوڙيو ويو ھو. جنھن جو مقصد انتظامي ۽ فوجي ھو. انھيءَ رستي وسيلي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي کي کولڻو ھو، جيڪو سنڌ جو وڌ ۾ وڌ سکيو ستابو ۽ شاھوڪار علائقو آھي. ان سان گڏ ھي نھايت خطرناڪ علائقو بہ آھي، جيڪو باغي ماڻھن جي ور چڙھي ويو آھي.
ھن علائقي کي سھوليتون ڏيڻيون آھن ۽ ان جي خبرداريءَ سان نظرداري بہ ڪرڻي آھي. ھتي ھندو تمام گھڻا رھندا آھن، جن مٿان بلوچ نسل جي ماڻھن ڪيس ۽ ڪلور جا دنگ ڪري ڇڏيا آھن. بلوچن جو ڏاڍ ڏمر تہ سنڌ جي ھر علائقي تي گھڻو رھيو آھي، پر ڇوڙ واري علاٰئقي ۾ ظلم ۽ زوراوريءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا آھن. چوٿين ڳالھھ، اتر ويندڙ رستيءَ لاءِ مياڻيءَ ڀرسان ٻيءَ پل جي تعمير ھئي. ھن پل جي تعمير سان ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ فوجي رابطي کي مڪمل ۽ سولو ڪرڻ ھو. اھڙن رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ارادي سان مارڻ سان گھر يا چبوترا تعيمر ڪرڻا آھن جن ۾ ٻہ ٽي فوجي رکيا ويندا. اھڙي اسٽيشن وڏي ٻيلي ڀرسان ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان ھوندي،جنھن جو مقصد اتي رھندڙ ايجنٽ جو تحفظ، ٻيلي جو بچاءُ ۽ آگبوٽن جي آمدرفت جي نظرداري ھوندي، تہ متان ڌاڙيل اچي انھن کي ڦري لٽي نہ وڃن. ان سان گڏ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري سان رھندڙ ماڻھن کي احساس ڏياريو ويندو تہ اھڙيون ھشيون وڏي اھميت رکن ٿيون جيڪي غريب ۽ نيم وحشي آھن. سر چارلس جو سنڌو درياھہ جي اٿل پٿل ڏانھن خيال آھي. سر چارلس نيپئر دانشمنديءَ سان فوجي سرگرمين کي نظر ۾ رکيو ھو ۽ ڏاڍي جرئتمنديءَ کان ڪم ورتو ھئائين. اھا بہ سندس جرئتمندي ھئي جو سيزر (قيصر) Casar جي ٺھرايل پل جي نموني کان بہ وڏي پل جوڙائي ھئائين. انجنيئرن ۽ ڪاريگرن کي ھن جي مزاج جي پوري خبر ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن کي سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ جو احساس ھو تہ جيئن حملي دوران فوجي پيشقدمين کي چڱيءَ ريت منظم ڪري سگھجي. پل جي تعمير جي اھڙي چونڊ ڪرڻ بہ سندس عقلمندي جي ثابتي آھي. ڇاڪاڻ تہ سنڌو ھڪ پورالو درياھہ آھي، جيڪو سدائين پيو پنھنجا ٻيٽ مٽائيندو آھي ۽ امڪان ھو تہ پل کي بہ ڇڏي وڃي. ان صورت ۾ پل کي ٽڪرا ڪري ڪنھن ٻئي مناسب ھنڌ تي تعمير ڪرڻ ممڪن ھو، جتي سنڌوءَ پنھنجو نئون وھڪرو ٺاھي ورتو ھوندو.
سيوھڻ جو اھم ماڳ سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آھي، ھالا جبل بہ ان جي ويجھو آھي، تنھن ڪري ھتي جابلو ماڻھن جي حملي ڪرڻ جو امڪان آھي. ان جي امڪاني جواب لاءِ بچاءُ بہ ڪرڻو آھي. اھو بہ امڪان آھي تہ متان دشمن فوج جبل تان لھي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي تي حملو ڪري. اھو ئي ڪارڻ آھي تہ سر چارلس اتي ھڪ فوجي ڇانوڻي تعمير ڪرائڻ پئي چاھي. پر اتفاقي صورتحال اھڙي پيدا ٿي پئي جو اھڙي ارادي کي ترڪ ڪيو ويو ھو.
اھڙي ريت شڪارپور، بکر ۽ سکر جي چوڌاري سر ڏيڻ جو منصوبو ھو. انھيءَ لاءِ تہ جيئن سنڌوءَ جو پاڻي چاڙھھ جي رت ۾ شھرن ڏانھن وڌي نہ اچي. بئرڪن، سراين جي تعمير ھلي رھي آھي. درياھي بندر، ڊاڪ ۽ فوجي سامان لاءِ جڳھون تيار ٿي چڪيون آھن يا تعمير شروع ٿيڻ واريون ھونديون. ڪم ڏاڍيءَ سست رفتاريءَ سان ھلي رھيو آھي. ان جو ڪارڻ 1843ع واري وچڙندڙ بيماري آھي. جٿي ڪٿي حال ساڳيو آھي. انجنيئر تہ بيمار آھن، پر ڪاريگر بہ بسترن اندر پيا آھن. افغانستان جي جنگ دوران بکر کان مٿان سنڌوءَ تي پل تعمير ڪئي وئي ھئي جيڪا پوءِ ختم ڪئي وئي ھئي. ھاڻي سنڌوءَ کي ٻيڙين وسيلي پتڻ تان پار ڪيو ويندو آھي. اھو طريقو ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ چاڙھھ وقت تہ پار وڃڻ ممڪن ڪونہ رھندو آھي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر سوچي رھيو آھي تہ جڏھن سکر ۽ روھڙي جا شھر ترقي ڪري وڏا ٿيندا تہ وڏيون پليون جوڙي، ھنن ٻنھي شھرن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو، جيڪي بکر جي ٻنھي پاسن کان ھونديون. کيس پل ٺاھڻ واري ڪاميابي تي پورو ويساھھ ھو، پر ھاڻي سڌوءَ تي ھڪ پتڻ جي تعمير جون تياريون ڪري رھيو آھي. ان کانسواءِ ھاڻي عام قسم جي سروي جو ڪم ھلي رھيو آھي، جيڪو نھايت تيز فتاري سان اڳتي وڌي رھيو آھي. ھن سان گڏ شڪار گاھن کي قانوني شڪل ڏئي، کين ٻيلن جي حيثيت ڏني وئي آھي ۽ اھو ڪم بہ مڪمل ٿيڻ وارو آھي. اھڙي ريت ھزارين رعيتي ماڻھن کي سرڪاري زمينن تي آباد ڪيو ويو آھي. ڪيترائي ننڍا وڏا واھھ کوٽايا ويا آھن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ دروازا کلي رھيا آھن. اھڙي ريت سائنٽفڪ آبپاشي نظام جي تڪميل ٿي چڪي آھي. جڏھن 1844ع واري سال لاءِ ڪيترن ئي جيلن خانن جي تعمير جو منصوبو آھي.
ھنن منصوبن واسطي تمام گھڻي لکپڙھہ ڪئي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي بہ ڪيو ويو آھي، پر انھن بابت نہ ڪو ماڻھو پھتو آھي، نہ وري ڪا ڳالھہ ٻولھھ ٿي آھي. اھا طاقت جيڪا کين ائين ڪرڻ لاءِ ھٿي ڏئي رھي آھي، سا ان نوجوان ماڻھوءَ خلاف بہ ساڳي ڪن لاٽار ڪري، جيڪو سخت گرمي دوران ترقياتي سرگرمين ۾ رڌل ھجي ھا. ليڪن ڏٺو وڃي تہ ھتان جون ترقياتي سرگرميون ھڪ خطرناڪ جنگ کان بہ وڌيڪ ڀوائتيون آھن. ھن قسم جي حڪمت عملي ڏاڍي پيچيده آھي، جنھن ۾ مدد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙا اھم ڪم ڏاڍي مشڪلات سان سرانجام ڪيا پيا وڃن. انھيءَ جي مخالفت بہ شروع ٿي چڪي آھي. تھمتن ۽ الزامن جا ڍير لڳي ويا آھن. گارين جي بہ گھٽتائي نہ آھي. اھي ھندستان جي پريس جي دروغگومن مان راضي ڪونہ آھن. سندن مرضي آھي انھن ۾ اڃا بہ اضافو ڪيو وڃي. ھن پريس سان ھاڻي انگلينڊ جي صحافت بہ شامل ٿي وئي آھي، جيڪا ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي بدنام ڪرڻ ۾ فرانس جي پريس کان بہ ٻہ رتيون ڪسر آھي. بدنامي سان لاڳاپيل مواد ھنن کي ھندستان مان ملندو آھي. ’نيشنل‘ نالي واريءَ اخبار ۾ بہ اھڙو گندو مواد شايع ٿيندو آھي، جيڪو ان اخبار کي ”ڪميٽي آف ھائوس آف ڪامنس“ وٽان ملندو آھي. مذڪوره ڪميٽي ڪنھن ڳالھہ تي غور ڪرڻ وارو ڪڏھن ويھي ڪو ڪم ئي ڪونہ ڪيو آھي. پر لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر جي مذمت ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندي آھي تہ ھنن ڏاڍا ظلم ڪيا آھن، ڄڻ ھنن ٻنھي ڄڻن دارا وارن غارن فرينچن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ھجي.
ممبئي ۾ جڏھن لارڊ ايلنبرو جو خوف ختم ٿي ويو، تہ بہ بدنام ڪرڻ واري ظالماڻي مھم ختم ڪانہ ٿي ھئي، پر رھندو بہ وڌي وئي ھئي. لارڊ ايلنبرو جي زماني ۾ دور آگبوٽ ايندو ھو، جنھن ۾ سنڌ لاءِ لکپڙھہ موجود ھوندي ھئي ۽ ھڪ مسلسل رابطي جو اھو سلسلو ۽ آگبوٽ جو ھلڻ بہ بند ٿي ويو. اھم سرڪاري خط دير سان پھچڻ لڳا ھئا ۽ جڏھن بہ ايندا ھئا تہ ھڪ وقت ڍير خطن جو اچي پھچندو ھو، جنھن جو جواب ڏيڻ ئي ھڪ مشڪل مسئلو ھو. جيتري قدر خاندگي خطن جو تعلق آھي تہ اھي کيس ڪونہ ملندا ھئا. باقي ”ٽائيمس“ اخبار تہ ممبئي ڌر وارن جو پڪو ساٿ ڏئي رھي ھئي، جيڪا ڪن خطن بابت اڇلون ڏئي چٿرون ڪندي ھئي. اچرج جي ڳالھہ آھي تہ اھي خط سر چارلس کي تہ پھتا ئي ڪونہ ھئا. ڪامورا شاھي جو ھن خلاف وير بہ ويرئون ويرئون وڌ ھو، جنھن مقصد ھن کي ھيسائڻ ھو. کانئس مطالبو ڪيو ويندو ھو تہ ھو آگبوٽ ۾ سفر دوران ڏھاڙي کاڌ خوراڪ جا چاليھھ اسٽرانگ پائونڊ ادا ڪري. جڏھن تہ سندس کاڌو صفا سادو ۽ بنا شراب جي ھوندو ھو. ھيءَ ان زماني جي ڳالھہ آھي جڏھن ھو سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙھي وڏي درٻار منقعد ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ويو ھو. اھو سوچي سمجھي مٿس ڪارنھن جو ٺڪر لڳايو ويو ھو. ان معمولي ڳالھہ کي ڳالھوڙو بڻائي ايتري تہ لکپڙھہ ڪئي وئي ھئي، جو ڪاڳرن جا ڍير لڳي ويا ھئا. پر ھو مڙسيءَ سان منھن ڏئي، بدناميءَ جي چڪڻ مان چڙھي پار پيو ھو. پر ھي انسان نہ سويزswiss مسافر خاني جي مالڪ جھڙو سادو ھو، جڏھن تہ اخبارن مٿس حريص ھجڻ جو الزام ھنيو ھو. ھي حرص جي گلا جو گانگھو بہ اھڙي ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌو پيو وڃي، جنھن پاڻ سرڪار کي لکيو ھو تہ سندس پگھار گھٽ ڪئي وڃي. ھن کي جيڪا بہ پگھار ملندي ھئي ٻين کي ڏئي ڇڏيندو. سندس ساري زندگي ائين رھي. ھي نھايت سادو ماڻھو ھو. ٺٺ ۽ اڊمبر سان رھڻ ھن کي ڪونہ وڻندو ھو. انھيءَ موقعي تي ھن لکيو ھو تھ، ”ھنن مون سان اھا جنگ انھيءَ ڪري جوٽي آھي، جو اھي ماڻھو لارڊ ايلنبرو جي ڪاميابين کي ڏسي سڙي رھيا آھن. تنھن ڪري ھن جي حڪمت عملين جي رستا روڪ ڪرڻ چاھين ٿا. جڏھن تہ سندس اھا حڪمت عملي نھايت شاندار آھي، جنھن جو آءٌ، ھٿ ۾ تلوار کڻي بہ تحفظ ڪندس. جڏھن مان مري وڃان تہ مون تي ۽ پنھنجي ملڪ تي افسوس ڪرڻ بدران خوشيءَ جا ڳيچ ڳائن.“
سنڌ ۾ جڏھن مستقل امن امان قائم ٿي ويو ھو تہ سندس لڱن جو ٿڪ لھي پيو ۽ کيس اندر جو آٿت ملي ويو ھو، پر اھو سمجھڻ غلط ٿيندو تہ سنڌ جو اھو امن امان ھن فقط پنھنجو سرڪاري منصبي فرض ادا ڪندي قائم ڪيو آھي. ھن تہ ان لاءِ پنھنجي شخصي نظرداريءَ کي بہ ڪتب آندو. ڇاڪاڻ تہ عام ماڻھو قانون ۽ انصاف کي ساڳي مفھوم ۾ ڏسندا آھن. ابتدائي دور ۾ قانوني معاملا مسلسل وڌندا رھيا. پوءِ اڪلائڻ کان ئي وڌي ويا. پر وڪيلن جي وڏن خرچن ۽ انھن جي مقرر اصولن سبب انھن ڪيسن يا معاملن جي تعداد جي گھڻائيءَ واري ڏچي کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ھو. ڪورٽ ۾ ھلڻ وارن انھن معاملن ۾ نہ وٺڻ جو سوال ھو، نہ ڏيڻ جو مسئلو ھو، پر اھڙيون ڳالھيون ھنن ويڙھاڪ بلوچن جي سھڻ کان وڏيون ھيون. ھنن کي عام قسم جي معاملن ۾ اھو سمجھائڻ ڏکيو ھوندو ھو تہ ڪورٽ جي جنھن فيصلي تي بادشاھھ جي صحيح نہ بہ ھوندي آھي تہ اھو ھڪ جائز ۽ قانوني فيصلو ھوندو آھي. ڪن سنجيده معاملن ۾ سياسي فرق رکڻ ضروري تصور ڪيو ويندو ھو. جيڪڏھن ٻہ ماڻھو ساڳئي قسم جو ڏوھھ ڪن ٿا تہ قانون ۽ انصاف آڏو ھڪ جھڙا مجرم آھن، پر جيڪڏھن انھن ٻنھي مان ھڪ کي ڦاسي ڏجي تہ سارو ملڪ اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ٻئي کي ڦاسي ڏبي تہ سارو ملڪ بغاوت ڪرڻ لاءِ اڀو ٿي ويندو. اھڙو مثال ھن ريت ڏئي سگھجي ٿو تہ ولي چانڊيو ۽ ھڪ ٻيو ماڻھو ساڳئي قسم جو جرم ڪن ٿا. ولي چانڊيو قبائلي سردار، عمر ۾ وڏو ۽ سفيد ريش ماڻھو ۽ ڌاڙيل بہ آھي. جيڪڏھن کيس جزم جي سزا ڏبي تہ اوڙي پاڙي جا قبائلي سردار اٿي کڙا ٿيندا ۽ ھن جي بچاءَ ۾ چاليھھ ھزار ماڻھو وٺي، جنگ شروع ڪري ڏيندا. پر جيڪڏھن ٻئي ماڻھوءَ کي سزا ڏبي تہ عام ماڻھو سرڪار جي اطاعت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. جڏھن سر چارلس سنڌ جو گورنر ھو تہ سنڌ جي اندروني حالت اجھا ائين ھئي. ان لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي بہ ھن جي پنھنجي ھئي، تنھن کان منھن موڙڻ ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو. ان کان سواءِ کيس مجبور ڪيو ويو ھو تہ سنڌ کان ٻاھر پر ويجھو قبائلي سردارن خلاف بہ فوج کي استعمال ڪري، جنھن جو ھڪ مثال ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو.
لس ٻيلي جو ڄام، ھالا جابلو سلسلي کان پري ڏکڻ – اولھہ پاسي جو حڪمران ھو. جنھن پنھنجي ماڻھن کي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي. ھي طاقتور حڪمران ھو، پر کيس جنگ ڪرڻ جيتري سگھھ ڪانہ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر خط لکي، ان ڏانھن پنھنجو منشي روانو ڪيو. جنھن سان گڏ ھڪ گھوڙيسوار دستو بہ ھو. ان منشيءَ وٽ رعيتي ماڻھن جي بيان مطابق ڦرلٽ واري رقم جو تفصيل بہ ھو. سر چارلس مذڪوره خط ۾ مطالبو ڪيو ھو تہ اھا رقم ادا ڪئي وڃي. جيڪڏھن دير ڪئي وئي تہ گورنر پاڻ ايندو، جيڪو اوھان کي مھانگو پوندو. اھا رقم ھڪدم ادا ڪئي وئي. ان رقم جي ادائگيءَ لاءِ ڄام پنھنجي تلوار بہ گروي رکي ھئي. سندس چوڻ ھو تہ انگريز سرڪار جي رعيتي ماڻھن ڦريل رقم کان دعوى گھڻي ھئي. ھن وڌيڪ چيو ھو تھ، جنرل چارلس ھڪ بادشاھ آھي ۽ بادشاھھ جيڪو ڪندو اھو صحيح ھوندو آھي. ان کان سواءِ ھن منشيءَ سان اھا بہ شڪايت ڪئي ھئي تھ، سنڌ جو سرڪاري داروغو منھنجو محصول ڦٻائي ويو آھي. ان معاملي جي جاچ پرتال کان پوءِ پتو تہ ڄام جي دعوى سچي ھئي، تنھن ڪري ان ماڻھوءَ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مجبور ڪيو ويو تہ اھا رقم لس ٻيلي جي ڄام کي ادا ڪري ڇڏي. معلوم ٿيو تہ ڄام جو محصول رعيتن جي دعوى جي رقم کان گھڻو ھو، تنھن ڪري ڄام کي نقصان بدران فائدو پيو ھو. اھڙيءَ ريت رعيتن جي دعوى واري رقم ڪٽي، باقي بچيل پئسا ڄام ڏانھن موڪليا ويا ھئا. سر چارلس ائين ڪري ڪمزوري ڪانہ ڏيکاري ھئي، پر انصاف پسند ھئڻ جو مظاھرو ڪيو ھو، جنھن اھا رقم ھڪ فوجي عملدار کي ڏئي ۽ ھڪ گھوڙي سوار دستي سان ڄام ڏانھن موڪليو ھو. ان عملدار ڄام کي وڃي رقم ڏني ھئي ۽ سر چارلس جو ھي پيغام پھچايو ھو تھ، ”ھن کي ڄام جي دوستي ھن رقم کان وڌيڪ عزيز آھي، جنھن کيس ٻيلي تي حملو ڪرڻ ۽ ان علائقي کي ڦرڻ لٽڻ کان بچائي ورتو آھي.“ ساڻس اھو بہ واعدو ڪيو ھئائين تہ جيڪڏھن سندس ڪو دشمن سنڌ ايندو تہ ان تي حملو ڪيو ويندو. ائين ڪري جنرل چارلس کيس ھڪ اڻ سڌي طريقي سان تحفظ جي اميد رکڻ جو آسرو ڏنو ھو.
ڄام سان ٺاھھ ڪرڻ کان پوءِ ٻيلي جي علائقي جي جاچ پڙتال ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ حڪمران جي صحيح حيثيت جي بہ معلومات ملي وئي ھئي. ھي ڄام ڏکڻ بلوچستان جو ھڪ طاقتور سردار ھو، جيڪو رعيت تہ قلات جي خان جي ھو، پر پاڻ ھڪ آزاد ۽ مطلق العنان حڪمران ھو ۽ رعيت تي ھن جو رعب ۽ تاب ڇانيل ھو. سندس ملڪ سمنڊ جي ڪناري سان پکڙيل ھو ۽ سون مياڻي ان جو بندر ھو، جيڪو ان زماني ۾ ڪراچي کان وڏو بندر ھو. ھن بندر وسيلي سمگلنگ جو وڏو ڪاروبار ھلندو ھو. جيڪو خود ڄام، سنڌ ۽ بمبئي سرڪار کي نقصان پھچائي رھيو ھو. تنھن ڪري ھندستان سرڪار سر چارلس کي چيو ھو تہ سون مياڻيءَ وارو بندر خريد ڪيو وڃي ۽ سمجھيو پئي ويو تہ ڄام اھو بندر سولائيءَ سان وڪرو ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ تہ سمگلنگ ڪري کيس محصول جو نقصان ٿي رھيو ھو. جنرل سر چارلس جي خواھش ھئي تہ ھن بندر وسيلي ٻاھران ايندڙ تجارتي سامان جي بي قانوني ڏيتي ليتيءَ کي بند ڪجي. ان کان قلات ۽ وڍ جي ميداني علائقي وسيلي وچ ايشيا جو تجارتي مال ھالا جبل جو الھندو پاسو ڏئي، سڌو اچي سون مياڻيءَ وٽ لھي ۽ بولان لڪ جي ڏکين رستن ۽ قبائلي سردارن جي ڌاڙن کان بچي وڃي، جيڪي سنڌ جي دنگ تائين آباد آھن. ھن باري ۾ سندس بيان ھو تہ اھڙيون ڳالھيون اجايا پھھ پچائڻ ۽ ھوا ۾ قلعا تعمير ڪرڻ آھي. پر جيڪڏھن انھن قلعن جي ھيٺان حقيقي ۽ مضبوط بنياد اڏيا تہ اھي قلعا حقيقي وجود ڌاري بيھندا. ان کان پوءِ قومن کي محسوس ٿيندو تہ منھنجون جنگيون، سگھارو متبادل آھن. جن غلاميءَ بدران آزادي ڏني آھي ۽ ڌاڙن بدران امن امان ڏنو آھي.
جيتوڻيڪ سڀئي بلوچ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ٿي ويا آھن. ان ھوندي بہ اھو يقين ڪونہ آھي تہ اھي اسان جون سڀ ڳالھيون فرمانبرداريءَ سان مڃيندا. ھنن معاملن ۾ سر چارلس نھايت ڏاھو ماڻھو آھي، جنھن پنھنجي حڪمت عمليءَ سان ڊيڄاري، پتو پاڻي ڪري کانئن وفاداري ۽ تابعداري مڃرائي ھئي. اھو سڀ سندس حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي. کيس اھا بہ پروڙ آھي تہ ھي نسل اڃان بہ ھٿياربند آھي. سندس مرضي آھي تہ اھي ڀلي ھٿياربند ھجن، پر جيڪڏھن اھي سندس چئي آکئي ۾ آھن، تہ سندن اھڙيون ڳالھيون انگريز اختيارين آڏو بہ لڪائي سگھندو. رعيتي ماڻھو، ٽالپرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي چڪا آھن ۽ سندن ھر حڪم مڃڻ لاءِ بہ تيار ڪونہ آھن. پر ڪن ٽالپر گھراڻن جي حرمن ۾ سندن عورتون موجود آھن، جتي سندن حيثيت ٻانھين جھڙي آھي، پر ھاڻي انھن سان برتاءُ سٺو ڪيو ويندو آھي، انھيءَ خوف کان تہ متان ھليون وڃن. آزادي تہ ھڪ اخلاقي ڳالھہ آھي، جيڪا کانئن کسي وئي آھي. جڏھن سر چارلس کي ڏاڍ جي ڪا شڪايت ملندي آھي تہ ان معاملي ۾ سڌي مداخلت ڪندو آھي ۽ ھو اڻ سڌي طور ھنن عورتن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪندو رھندو آھي، جيڪي ٽالپرن جي حرمن ۾ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھونديون آھن. اھڙو احوال ڪنھن مناسب جڳھھ تي ڪيو ويندو.
جڏھن سر چارلس نيپئر سول انتظاميھ جي جوڙجڪ ۾ مصروف ھو تہ ان دوران ھڪ منصوبي تي بہ سوچي رھيو ھو تہ ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي قبائلين کي ڪھڙي طريقي سان آڻ مڃائجي. پر اھا ڳالھہ فقط تڏھن ممڪن ھئي، جڏھن موسم ٿڌي ھجي. ڇاڪاڻ تہ اھڙي رنڊڪ ڏاڍي خطرناڪ محسوس ٿي رھي ھئي. ان کان سواءِ چاڙھھ جي رت دوران فوجي پيش قدمي ڏاڍي ڏکي ھئي. انھيءَ موسم دوران درياه جو پاڻي اٿل ڪري شڪارپور ۽ سکر جي وچ وارو علائقو ٻوڙي ڇڏيندو آھي. فوجي نقل ۽ حرڪت اٿل جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگھندي آھي. پر ان موسم دوران تپاولي منھن ڪڍندي آھي ۽ شڪارپور ۾ ان جو گھڻو اثر رھندو آھي، تنھن ڪري اھڙي پڪ ڪرڻ نھايت ضروري ٿي پئي ھئي تہ اھڙي پيش قدميءَ کان اڳ اڳواٽ تدبيرن کان پوءِ بہ وري ڪا وبائي قسم جي مليريا تہ ڪانہ منھن ڪڍندي. اھڙين ڳالھين کان پوءِ بہ ھيٺ بيان ڪيل مصيبتن کي منھن ضرور ڏيڻو پوندو.
ھڪ وڏو رڻ پٽ اڪرڻو پوندو. پيش قدمي نھايت رازداريءَ ۾ رکڻي پوندي. گھڻن جنگجو ماڻھن کي منھن ڏيڻو پوندو. اھي ماڻھو اھڙا تہ بھادر آھن جو دشمن سان چريا ٿي وڙھندا آھن. ان کان سواءِ علائقو جابلو آھي. امڪان آھي تہ جنگ خطرناڪ ۽ ڊگھي ٿي وڃي. ھنن ماڻھن کي ٻين قبائلي سردارن جي بہ سھائتا حاصل ھوندي، جيڪي ھنن وانگي بھادر آھن ۽ انھن جي اِئين مدد ڪندا جيئن ھڪ ڌاڙيل ٻئي جي مدد ڪندو آھي. اھو بہ امڪان آھي تہ ھنن تضاد دوران انگريزن، سکن ۽ افغانن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي. انھيءَ رڻ پٽ جي گرمي يورپي ماڻھن لاءِ تہ موت جو پيغام آھي. اتان جي جابلو علائقن جي سردي بہ گھٽ موتمار ڪانہ ھئي. ٿڌي گھاڙ يورپي تہ خوشي سان سھي ويندا، پر ھندستاني سپاھي سيءَ ۾ سيڪاٽجي پوندا ۽ مري ويندا. شڪست انگريزي فوج لاءِ ڏاڍي ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان سان گڏ سنڌ لاءِ بہ نقصانڪار ھوندي، جيڪا فاتح بلوچن جي ور چڙھي ويندي. ان کان قلات ۽ ھالا جبل ۾ رھندڙ سڀ بلوچي قبيلا اچي سنڌ ۾ ساھھ پٽيندا. ان کان سواءِ اتر سنڌ ۾ وبائي قسم جي مليريا جو بہ خطرو آھي. جڏھن انگريزي فوج دشمن ڏانھن پيش قدميءَ جون تياريون ڪندي تہ بيماريءَ جي منھن ڪڍڻ جو کٽڪو بہ ان وقت آھي. ان کان سواءِ ھي جنگي تياريون انتھائي راز ۾ رکيون وينديون. ڇاڪاڻ تہ بلوچ قبيلن مٿان اوچتو وڃي ڪڙڪڻ فتح جي علامت آھي. جيڪڏھن ائين نہ ٿيو تہ فتح جو امڪان گھٽ آھي. اھڙيون ڳالھيون ممبئي واريءَ ڌر کان بہ ڳجھيون رکيون وينديون. جيڪو سدائين ڀنڊڻ مچائڻ جي تاڙ ۾ ويٺي ھوندي آھي. جيڪڏھن ھنن کي کڙڪ پئجي وئي تہ دشمن کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏيندا تہ توھان بہ ويڙھھ لاءِ ور ڪنجيو. ان سان گڏ کين مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيندا ۽ منصوبا ٻڌائيندا. اھڙين سڀني روڪن ۽ رنڊڪن کي ڪيئن سياڻپ ۽ سچتائيءَ سان منھن ڏنو ويو، اھو سارو احول بعد ۾ ايندو. جنگ جي شروع ٿيڻ کان منصوبن ۾ تمام گھڻين تبديليون ڪيون ويون ھيون، پر پھرين ڦير گھير ھن ريت بيان ڪجي ٿي:
مري قبيلو خطرناڪ ويڙھاڪ آھي، پر ظالم ڪونہ آھي ۽ ٻين قبائلين وانگي ڌاڙا بہ ڪونہ ھڻندو آھي، تنھن ڪري اميد ھئي تہ ٻين کان جدا ٿي بيھندو. ڪجڪ قبيلو مرين جي علائقي کان پريان ۽ اولھہ پاسي رھندو آھي، اھي پري آھن، تنھن ڪري سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ڪونہ ھڻندا آھن. ھي قبيلو قلات جي خان جو رعيتي ۽ وفادار آھي ۽ ھي حڪمران اھو چاھيندو تہ ھن جنگ ۾ اڻ ڌريو رھي. اھڙين حالتن ۾ سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ انگريز دشمن قبيلا انھن جابلو علائقن تائين محدود آھن، جيڪي ڦلجي کان وٺي سنڌوءَ جي ڪٺار سان اچي لڳن ٿا. جيڪڏھن جنگ لاءِ مناسب فوج جو تعداد روانو ڪجي، جيڪو اڳتي وڃي اولھہ پاسي واري ڪجڪ قبيلي کي الڳ ڪري، اتر پاسي وڃي مري قبيلي سان گڏجي. اھڙي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ فوج کي خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ وڃي گڏ ڪجي. پويون ماڳ ڪشمور واري رڻ پٽ ۽ سنڌ جي سرحد ويجھو آھي. اھڙي بندوبست ٿي وڃڻ کان پوءِ قلات جي خان کي درٻار ۾ اچڻ جي نينڍ ڏجي جيڪا بولان لڪ جي ڀرسان ڪوٺائي وڃي. کيس بھانو اھو ڏجي، تہ ان درٻار واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ قلات جي معاملن تي ڳالھايو ويندو. جيڪڏھن قلات جو حڪمران اچڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو تہ ٻہ ھزار چونڊ فوج اوڏانھن رواني ڪئي ويندي. جنھن سان گڏ پندرھن توبون بہ ھونديون. پر واپسيءَ تي انگريزي فوج کي ساڳي رستي سان نہ اچڻ گھرجي. نھايت تيز رفتاريءَ سان ڪڇيءَ واري ان جابلو علائقي ڏانھن وڌي، جابلو لڪن وارا گھٽ جھلي بيھي وڃڻ گھرجي، جيڪو اچي سنڌوءَ جي ڪناري سان لڳندو آھي. ان وقت خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ ترسايل فوج کي حڪم ڏجي تہ اھا ڦلجيءَ ڏانھن پيش قدمي شروع ڪري. اھو طريقو آھي جو بجار خان ڊومڪي تي اوچتو گھيرو ڪري سگھجي ٿو، جيڪو انگريزن سان جنگ ڪرڻ واسطي بلوچ قبيلن جي اتحاد جو سرواڻ آھي. پر جيڪڏھن کيس انگريز ۽ خان آف قلات جي ملاقات جو اصلي مقصد سمجھھ ۾ اچي وڃي ٿو تہ پوءِ ھو وڃي اولاھين جابلو علائقي ۾ پناھھ وٺندو. ان حالت ۾ انگريزي فوج ڦلجي، اولاجي ۽ لھڙيءَ وارن علائقن کي تباھہ ڪري، انھن کي والاري ويھي رھي. ائين ڪرڻ سان انھن علائقن جا سارا کوھھ ۽ رڻ پٽ وارو علائقو انگريز فوج جي قبضي ۾ اچي ويندو.
اھو منصوبو ۽ انھيءَ عمل ڪرڻ جو وقت جنرل سر چارلس جي سوچ فڪر سان واسطو ۽ سندس ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جي پڪي ارادي سان تعلق رکي ٿو. اھو راز بہ ڪونہ آھي تہ ھو جلد يا دير سان اھڙو قدم ضرور کڻندو. ڇاڪاڻ تہ ھن منصوبي تي نہ ممبئي واري ڌر عمل ڪندي، نہ وري بجار ڪجهہ ڪري سگھندو. ھنن جو سوچ فڪر اھڙو آھي، جيڪو ڪيترين ٻين ڪوڙين ڳالھين کي جنم ڏيندو. جيڪي اڳتي ٻنھي کي وائڙو ۽ پريشان ڪري ڇڏينديون ۽ عوامي مفادن کي وڏو ھاڃون رسائينديون. پر اھڙين ڀڏين ڳالھين کي ساريءَ دنيا ۾ وائکو ڪيو پيو وڃي ۽ منفرد شڪل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان کان سواءِ سر چارلس جي فتحن ڪري وچ ايشيا جي نيم وحشي ماڻھن تي جيڪو اثر پيو آھي، تنھن کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عام طور تي اھو بہ چيو پيو وڃي تہ اھا جنگي مھم ھڪ وڏي فتح جھڙا نتيجا ڏيندي. ھڪ انگريز سياح وولفwalf جو بہ ساڳيو خيال آھي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ بخارا ۾ بہ موجود ھو. ھن پنھنجي خط ۾ لکيو آھي تہ بخارا وارا علائقا سر چارلس جي حملن کان ڊڄي ويا آھن. سندس بيان آھي تہ ڪيترن علائقن وري خوشيءَ جو اظھار بہ ڪيو آھي، جن مان افغانستان، قنڌار ۽ ھرات جا سردار آھن. قلات جي خان جي ملڪ جون ارل ۽ ڪئپسين سمونڊ سان وڃي لڳن ٿيون. ھن حڪمران پنھنجي خاندان جو ھڪ شھزادو سنڌ جي گورنر سر چارلس ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن اتحاد جي ڳالھہ ٻولھھ ڪري سگھجي. ڪيترن ملڪن کان دوستيءَ جا پيغام سفير کڻي اچي رھيا آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس پاڻ بہ اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. سندس خواھش آھي تہ ڏکين جبلن وچان پنھنجو فوج توبخانو وٺي وڃي، ھرات ۽ خيوا جي ماڻھن آڏو توبن جا گولا ڇوڙي کين حيران ڪري ڇڏي. کين اھڙي جنگي جاکوڙ جي اڳئي خبر آھي، جيڪا ڏاڍي اھم آھي. ھي ماڻھو اوڀر پاسي کان وڏي فوج ڏسي اچرج ۾ اچي ويندا. اھا ڪرامت کان گھٽ ڳالھہ ڪانہ ھوندي ۽ اھڙي ڌاڪ ساري ايشيا تي ڇانئنجي ويندي.
آزاد قسم جي قبائلي سردارن وٽان آڇون اچي رھيون تہ اھي انگريز گھوڙي سوار فوج سان گڏجي، جنگي مھم ۾ شريڪ ٿيڻ چاھين ٿا. اھا خبر خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آھي، جنھن سان جنرل جي ھمت افزائي ٿي وڃي ٿي. پر سندس خيال آھي تہ اھا جنگي مھم ڏاڍي ڏکي آھي ۽ جيڪڏھن انگريزي فوج جي شڪست ٿي تہ اھي ساڳيا اتحادي ڦري انگريزي فوج کي ڦرڻ شروع ڪري ڏيندا. تنھن ڪري سر چارلس انھن سردارن سان جنگي اتحاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. کيس فقط پنھنجي عقل ۽ شعور تي ڀروسو آھي. ھن جو خيال آھي تہ ھو اھڙا بلڪل ٿورا ماڻھو پاڻ سان کڻندو، جن تي کيس تمام گھڻو اعتماد آھي ۽ جڏھن ھو اوڙي پاڙي جي ملڪن سان رابطا پيدا ڪندو تہ اڳئين کان بہ وڌيڪ عقل کي ڪم آڻيندو.
انھن معاملن تي اڃا غور ويچار ھلي رھيو ھو جو لارڊ ايلنبرو ڪڇ واري علائقي کي سندس ڪمانڊ مان ڪڍي، ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪري ڇڏيو. اھو سارو ڪم انگلينڊ جي ممبئيءَ لاءِ سيڪريٽ ڪميٽيءَ جو ھو. ان ڌر اھڙي ٻوليءَ ۾ الزام ھنيا ھئا، جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ اھي ھن موضوع کان بلڪل بي خبر ھئا ۽ ھروڀرو سر چارلس تي الزام ڌري رھيا ھئا. ڪڇ جي علائقي جي ڪمانڊ کانئس ان وقت ورتي وئي ھئي، جڏھن ھو تمام گھڻو مصروف ھو ۽ سر چارلس ان کان پوءِ پاڻ کي ڪنھن بار کان آجو محسوس ڪيو ھو. پر عام ماڻھوءَ لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ ھئي. ھن واقعي مان پھرين ڳالھہ اھا ٿي ھئي جو سنڌ ڪرنل رابرنٽس جي سھائتا کان محروم ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪڇ جي راءِ تي تمام گھڻو اثر ھو. ٻي ڳالھہ تہ ڪرنل رابرٽس جي وڃڻ سان ڏيھي ماڻھن تي مشتمل فوج بہ ختم ٿي ويندي، جيڪا ڇوڙ واري علائقي تي ضابطي رکڻ لاءِ منظم ڪئي وئي ھئي. ٽين ۽ نھايت اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ڪڇ سياسي ۽ فوجي نقطئھ نظر کان سنڌ جو حصو آھي ۽ ممبئيءَ سان ان جو ڪوبہ فطري لاڳاپو ڪونہ آھي. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو ۽ ان علائقي جي سرحد سان رھندڙ ڌاڙيل سنڌ سرڪار کان گھڻو ڊڄندا آھن. پر بمبئي سرڪار مٿان کلندا ۽ چٿرون ڪندا آھن ۽ اھڙا ظالم ماڻھو انگريز ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ڪونہ رھندا آھن. جيڪڏھن ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت منھن ڪڍيو تہ ان کي ڪڇ وسيلي ختم ڪرڻ نھايت آسان ھجي ھا. پر ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت ان ڪري ڪانہ ٿي سگھي آھي، جو سر چارلس نيپئر ھر پاسي کان پاڻ کي صحيح معنى ۾ فاتح ثابت ڪيو آھي. ھن ٻنھي جنگين ۾ بلوچن کي شڪست ڏني آھي. ملڪ ۾ قانون نافذ ڪري ھنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ھنن جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ ڪم ڪري سندن دليون جيتي ورتيون آھن. ليڪن ڪجهہ اوڻايون موجود آھن، پر اھي سندس اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ ڪري ڪونہ آھن. ھن جي نقطئھ نظر ۾ شعور ۽ عقل موجود نظر اچي ٿو. ھن ننڍي ننڍي ڳالھہ ۾ بہ ٿڌائي ۽ بي علمي ڏٺي آھي، تنھن ڪري ھن انھن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
سندس بيان آھي تھ، ”ڪڇ جي تاريخ ۽ اتان جي حڪمت بابت گھٽ معلومات آھي ۽ سندس منٽِ بوڪ مان تہ ائين معلوم ٿي رھيو آھي، پر 1816ع کان وٺي 1932ع تائين جيڪي معاھدا ٿيا آھن تن مان تہ ڪافي معلومات ملي وڃي ٿي.“ ڪڇ جي سول حڪومت کيس ان وقت ڏني وئي ھئي، جڏھن ھو بيمار ھو ۽ سنڌ جي حڪومت کان استعفى ڏيڻ کان کيس دور ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو ھو. ڪڇ جي جاگرافيائي صورتحال ۽ ٻيون ڳالھيون اھڙيون آھن جيڪي ان کي بمبئي کان جدا ڪري بيھارن ٿيون. سندس منٽ بوڪ ۾ بہ ائين لکيل آھي. ان جي برخلاف ڪڇ جو علائقو جاگرافيائي نقطئھ نظر کان سنڌ سان ڳنڍيل آھي. ڪڇ جي رڻ مان بہ معلوم ٿئي ٿو تہ ڪڇ ھڪ نارgulf آھي. ساڳيءَ ريت رڻ بہ ائين نظر اچي رھيو آھي تہ ھي ملڪ نہ ممبئيءَ سان تعلق ٿو رکي، نہ وري سندس واسطو گجرات سان آھي، پر جيڪڏھن سندس واسطو آھي تہ اھو فقط سنڌ سان آھي.
جيتري قدر انھن جي اخلاقي حيثيت جو تعلق آھي تہ جيڪڏھن ٻہ ملڪ مختلف حڪمرانن وچ ۾ مخصوص قسم جي فطري خوبين ڪري پاڻ ۾ ورھايل آھن ۽ جيڪڏھن اھي اتفاقي حالتن ۽ غير طبعي صورتحال ۾ گڏجي وڃن ٿا تہ گھڻو وقت ائين متحد ٿي رھي ڪونہ سگھندا. ھن جي سرڪاري لکپڙھہ ۾ ڪڇ ۽ گجرات جي گڏيل سماجي رشتن جو حوالو ئي موجود ڪونہ آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ ڪڇ جي راءِ جا گجرات جا گائڪواڙ سان تِـر سنوان ڪونہ آھن. ان کان سواءِ انھن ٻنھي وچ ۾ ٿيل معاھدن مان بہ لڳي ٿو تہ سندن تعلقات ڪشيده ھئا، جڏھن تہ ممبئي حڪومت کي اھڙيون ڳالھيون ڪونہ وڻنديون ھيون.
اھو ڇو پيو سمجھيو وڃي تہ ڪڇ جي راءِ جو سنڌ سرڪار کان بمبئي حڪومت ۾ وڌيڪ اعتماد آھي؟ اھا ڳالھہ حقيقت جي بلڪل خلاف آھي. ڪڇ جو راءِ، گجرات ۽ بمبئي سرڪار سان تعلقاتن رکڻ جو خواھشمند آھي. جيڪڏھن ائين سمجھيو پيو وڃي ٿو تہ اھا اچرج جھڙي ڳالھہ آھي.
حالتن مان ائين معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھن راءِ جو وڌ ۾ وڌ اعتماد ڪرنل رابرٽس ۾ ھو، جنھن کيس سنڌ جي گورنر ۾ اعتماد رکڻ جي صلاح ڏني ھئي ۽ کيس قائل بہ ڪري ورتو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن جنرل ڪنھن جي اعتماد کي ڇيھو ڪونہ رسايو آھي. امڪان آھي تہ سنڌ جي فتح کان اڳ ڪڇ جا حڪمران ۽ ڪڇ جو راءِ وڙھيا ڍانگو ۽ ڍانگ لڳا پيا ھئا. پر راءِ جي ممبئيءَ سان دوستي ھئي. ڏٺو وڃي تہ ڪڇ سان ٽالپرن جي کئونس ھئي، پر سنڌي ماڻھن جا ڪڇ سان سماجي، تجارتي ۽ مذھبي لاڳاپا ھئا. ھنن ٻنھي ڌرين جون ھڪ ٻئي مان شاديون بہ ٿيل ھيون. جڏھن ڏوھن خلاف واعدي مطابق ڪارروايون ٿينديون ھيون، تہ بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ رشتا ناتا موجود ھوندا ھئا.
جيڪڏن فوجي گورنر کي ھنن ٻنھي ملڪن ۾ سٺن تعلقاتن پيدا ڪرڻ جي سھوليت مليل ڪانہ آھي، تہ بہ سمجھڻو کپي تہ انھن ٻنھي وچ ۾ ڪڏھن سٺا تعلقات قائم ھئا ۽ اھڙن تعلقاتن نہ ھجڻ جو سوال ئي پيدا ڪونہ ٿو ٿئي، جنھن کي سھوليتون مليل آھن. جن مان ھڪ سھوليت ھيءَ آھي تہ کيس ان جي ساري خبر آھي، جيڪو ماضيءَ ٿي گذريو آھي. ھن کي اھا بہ ڄاڻ آھي تہ سول حڪومت ڪھڙيون شيون جذب ٿي وينديون آھن يا مختلف کاتن ۾ ورھائجي وينديون آھن. تنھن ڪري ھو ھن چوڻ جي لائق ٿي پيو آھي تہ جيڪڏھن ٽالپرن ۽ راءِ جي دشمني، ٻنھي ملڪن جي ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪانہ سگھي آھي تہ ھاڻي جڏھن دوستاڻا تعلقات پيدا ٿيا آھن تہ اھي ڏينھون ڏينھن وڌندا رھندا ۽ منجھن اخلاقي ھڪ جھڙائي ۽ جاگرافيائي رابطا بہ وڌندا رھندا.
انتظامي نقطئھ نظر کان بہ ھڪ ڳالھہ آھي، جنھن تي سوچڻ جي ضرورت آھي تہ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ سنڌي ڌاڙيل رھندا آھن، جيڪو ڪڇ جي سرحد سان واقع آھي. جيڪي ٽالپرن حڪمران، ڪڇ جي راءِ ۽ گائڪواڙ جي چئي آکئي ۾ ڪونہ آھن. پر اھي ڏوھھ ڪري ھن ملڪ ۾ پنھنجي دوستن وٽ اچي لڪندا آھن. لارڊ ايلنبرو ھنن سڀني ڳالھين کان چڱيءَ ريت واقف آھي. تنھن ڪري ھن انھن ڌاڙيلن سان ٺاھھ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن ڪڇ واري علائقي ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھو کانئن چڱيءَ ريت باخبر آھي. اھي ماڻھو ٽالپرن جي ڏاڍ کان تنگ ٿي ڌاڙيل بڻيا آھن ۽ ڌاڙا ھڻي ڪڇ ۽ ٻين علائقن ڏانھن نڪري ايندا آھن، جيڪي ٽالپرن جا رعيتي ٿي مستند ۾ گذارڻ چاھيندا آھن. ھنن نيم وحشي ٽالپرن ھتي گھڻي عرصي تائين حڪومت ڪئي آھي. انھن ھميشھ بمبئي سرڪار جي خلاف ڪم ڪيا آھن. ھنن نہ تہ ان جي آڇيل تحفظ کي قبول ڪيو آھي ۽ نہ وري انھيءَ سرڪار جي ڪاوڙ کان ڊڳا آھن. پر ھي ماڻھو سنڌ جي فوجيءَ کان ڏاڍو ڊڄندا آھن. ھو اھو چڱيءَ ريت سمجھي چڪا آھن تہ ھو ھٿيارن سان گڏ اسان جي وچ ۾ ويٺو آھي، جيڪڏھن اسان ھن جي حڪمن جي خلاف وينداسون تہ سندس فوج اچي اسان وٽ ڪڙڪندي ۽ ٻچائي ٻير تي چاڙھي ڇڏيندي. اھي ماڻھو بنا ڪنھن شڪ شبھي جي جنگجو آھن، جيڪي سر چارلس جي سول حڪومت کان نفرت ڪندا آھن. پر اھو معلوم ضرور ھئڻ گھرجي تہ جيڪو بہ حڪمران حيدرآباد رھندو، سو ئي کين وفادار ۽ تابعدار بڻائي سگھندو، پوءِ ڀلي ھو ڪيڏو بہ ڪمزور ڇو نہ ھجي. ليڪن جيڪڏھن گورنر جنرل پاڻ ممبئيءَ ۾ ويھي حڪومت ڪندو تہ اھو کين ضابطي ھيٺ رکي ڪونہ سگھندو. ھتان جا بلوچ ان ڏينھن کان وٺي سر چارلس جا تابعدار ۽ وفادار آھن، جنھن ڏينھن ھن حيدرآباد واري جنگ فتح ڪئي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن انھيءَ ڏينھن کين ٻڌائي ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ھو سندس وفادار ۽ تابعدار نہ رھند تہ جنرل سندن پاڙون پٽي ڦٽيون ڪندو. پر ھن جنگ کان اڳ ھي ماڻھو ممبئيءَ واريءَ انگريز سرڪار کان ڏاڍي نفرت ڪندا ھئا.
ھنن کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪرنل رابرٽس جو سنڌ حڪومت ۾ ڪيترو اثر آھي، ھن ماڻھوءَ جيڪي بہ فيصلا ڪيا آھن، سي قانون ۽ انصاف مطابق ڪيا آھن ۽ ڪنھن کي فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي آھي. تنھن ڪري ڪڇ جي راءِ جو سنڌ جي حڪمران ۾ اعتماد ويھي ويو آھي. ڪڇ جو راءِ سنڌ جي طاقت ڏسي چڪو آھي ۽ سمجھي چڪو آھي تہ اھا انصاف جي عظمت ۾ سمايل آھي. انھيءَ وسيلي سنڌ سرڪار نہ رڳو راءِ جو تحفظ ڪري رھي آھي، پر ڪڇ جي عام ماڻھوءَ جو بہ بچاءُ ڪري رھي آھي. سندس خيال آھي تہ سنڌ جو گورنر ھڪ سٺو ۽ انصاف پسند شخص آھي. تنھن ڪري راءِ خوش آھي ۽ سنڌ جي گورنر تي کيس وڏو ويساھھ آھي، پر سندس ايڏو اعتماد ممبئيءَ جي گورنر ۾ ڪونہ آھي. جيتري قدر انتظاميھ جي قاعدي ۽ قانون جو تعلق آھي تہ اھو بہ حوالن ۽ رابطن جي نقطئھ نظر کان ڪڇ کي ويجھو آھي.
جيتري قدر مذھب جو سوال آھي تہ ھن معاملي تي بہ باريڪ بينيءَ سان سوچيو آھي تہ سنڌ پر خاص ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ھندن جو تعداد تمام گھڻو آھي. ان کان سواءِ مذھبي پابندي ڪانہ ھئي ۽ ھندو ڌرم سان لاڳاپيل ماڻھو ريل ڇيل پيا ڪڇ ۽ سنڌ ايندا ويندا ھئا. اھو بہ ڏٺو ويو تہ ٽالپرن جي زوال کان پوءِ لاتعدا ڪاريگر ڪڇ ڇڏي اچي سنڌ پھتا آھن.
جيتري قدر فوجي نقطئھ نظر جو تعلق آھي تہ بہ سياڻو سياسي طور سچيت ماڻھو نئينءَ فتح کي پرامن ڪونہ سمجھندو. سنڌ جي امن امان مان جيترو خوش سر چارلس نيپئر آھي، ايترو خوش ڪو ٻيو ڪونہ آھي. ڇاڪاڻ تہ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر اھو ذميوار ھو. ھن امن جي مستقل موجود ھجڻ ۾ جيترو ھي پر اميد آھي ايترو ڪو ٻيو ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪونہ ايندو. پر ھن اھڙي حقيقيت کان اک ٻوٽي ڪانہ ڇڏي آھي تہ ڪنھن اوچتي آپدا ڪري، اھو امن امان نھوڙجي ناس ٿي ڪونہ سگھندو. ھن ماڻھوءَ بلوچ قبائلن سان مان ۽ مرجاتا وارو ھٿ وڌايو آھي، پر انھن جا ھٿ رت ۾ ريٽا ھئا. سنڌ ۾ اھو ڪو گھر واندو ڪونہ ھوندو، جنھن ۾ ھنن ماڻھن جي ڪيس ۽ قھر کان ڳل تان ڳوڙھو نہ وھايو ھوندو: اھي حقيقتون ميسارجڻ جھڙيون ڪونہ آھن. پر ھن ماڻھوءَ کين سڀ بديون بخشي ڇڏيون. ڇاڪاڻ تہ بلوچ سردار مياڻيءَ جي جنگ ۾ مري ويل پنھنجي مائٽن جي بھادري تي ڏاڍا خوش ھوندا آھن. ان کان سواءِ ٻي ھيءَ ڳالھہ بہ آھي تہ سر چارلس کين اھي سڀ جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن، جيڪي وٽن ٽالپر دور ۾ ھيون. کين کان وڌيڪ فائدو پيو آھي. ان کان سواءِ غريبن کي بہ گھڻو فائدو ٿيو آھي.
ھڪ جھونڙي بلوچ سردار سندس تابعداري قبول ڪرڻ کان پوءِ کيس ھٿ کان جھلي چيو: ”مان توکي پنھنجو سردار تسليم ڪريان ٿو. مان مياڻيءَ جي جنگ وڙھيو آھيان ۽ منھنجا اسي ماڻھو انھيءَ جنگ ۾ مارجي ويا آھن، ليڪن ھاڻي مان توسان گڏ آھيان ۽ پنھنجي جھنڊي ھيٺان بيھي تنھنجي دشمن سان وڙھندس.“ بلوچ سردارن جا انگريز لاءِ جنگي جذبا تہ اھي ھئا، پر ھيءَ حقيقت بہ ياد رکڻ گھرجي تہ اھو ساڳيو جھونڙو بلوچ جڏھن سمجھندو تہ فتح ٽالپرن جي ٿيڻي آھي تہ اھا ساڳي تلوار سر چارلس خلاف کڻي بيھي رھندو. اھڙا ماڻھو سھوليتن کي آڏو رکي رعيتي بڻبا آھن. اھڙيءَ ريت ڪجهہ عرصي تائين ڪنھن بہ شيءِ جي توقع ڪري ڪانہ ٿي سگھجي ۽ اھڙا ماڻھن جي وفاداريءَ ۽ تابعداري جي آڌار تي قانون سازي ڪرڻ ۽ انتظاميھ جي جوڙڪ ڪرڻ وڏي غلطي آھي. ھي جھونڙو ماڻھو جنرل سر چارلس کي جھڪيءَ ان ڪري مليو ھو جو ھن کيس پنھنجي اھا ساري جاگير واپس ڪئي ھئي، جيڪا کيس ٽالپر دور ۾ ملي ھئي. ڀلي اوھان سر چارلس بدران سول حڪومت آڻيو ۽ ملازم بہ سول رکو، پر اھو نئون حاڪم بہ ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي بنا ڪنھن دير جي وڃي تلوار جي مٺيي ۾ ھٿ وجھندو. پر ان سان توھان جو رويو ائين رکو ڪونہ ھوندو جھڙو اوھان جو جنرل سر چارلس سان آھي، ان کان سواءِ ھيءَ حقيقت بہ سوچڻ جھڙي آھي تہ سنڌ ۾ امن امان جي قائم ٿيڻ جي معنى اھا ڪانہ آھي تہ ڪڇ وارو علائقو ممبئي سان ملائي ڇڏجي.
ھن تازو ممبئي سرڪار کي مدد بہ ڪئي آھي. ھن اھا مدد انھيءَ ڪري ڪانہ ڪئي تہ کيس ان احسان بدلي اضافي فوج ڏني وڃي. پر ھن اھا واھر انھيءَ ڪري ڪئي ھئي تہ ھتان ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ”بامبي ٽائيمس“ جو ڊاڪٽر بيورسٽBurist کي جابلو ڌاڙيلن کي سنڌ ڏانھن وڌي اچڻ جي دعوت نہ ڏئي. اھو ماڻھو ائين چوڻ ۾ اصل دير ڪونہ ڪندو تہ فوج ڪمزور آھي، تنھن ڪري ھاڻي اوھان کي انگريزن کي تباھہ ڪرڻ جون سونھري وجهہ ملي ويو آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو پاڻيءَ جي دٻن، تلائن، جھنگل ۽ ڀٽن سان ڀريو پيو آھي، جيڪو وڃي ٿر سان ملندو آھي. جنھن جي لڳ ڀڳ ٻئي پاسي ڪڇ جو علائقو موجود آھي. جيڪڏھن انھيءَ علائقي ۾ بغاوت ڪر کڻندي تہ امن امان بحال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. پر جيڪڏھن ڪڇ وارو علائقو ڪرنل رابرٽس جھڙن مضبوط ھٿن ۾ ھوندو تہ اھو ڪراچي، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ جي فوج ھٿان ڀرپور سھائتا ڪندو. اھڙيءَ ريت باغين تي چوڌاري حملا ٿي سگھن ٿا ۽ ان ڪري شڪست انھن جو مقدر ھوندي. اھڙن ماڻھن کي اھڙيءَ صورتحال جي چڱيءَ ريت خبر ھئي. تنھن ڪري ھو بيوس ٿي ماٺ ڪيو ويٺا ھئا. جيڪڏھن ڪڇ واري علائقي کي ممبئي جي ماتحت رکيو ويو ۽ فوجي عملدار بدران اتي پوليٽيڪل ايجنٽ رکيو ويو تہ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو انتظامي طور ڪمزور ٿي ويندو. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو بہ اھو سمجھي ڪونہ سگھندا تہ اھي سول حڪومت جي ماتحت آھن يا فوجي حڪومت مٿن راڄ ڪري رھي آھي.
اھڙن ملڪن جو انتظام سول گورنرن جي مقرري سان ھلائي ڪونہ ٿو سگھجي، پر ٿوري وقت لاءِ گورنر ضرور فوجي ھجڻ گھرجي، جنھن جا قبائلي سردارن سان بہ تعلقات ھجڻ کپن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن انھن جي اصلي ڪردار کان واقف ٿيندو رھجي. ساڳيءَ ريت قبائلي سردار بہ گورنر جي ڪردار کان واقف رھندا اچن. انھيءَ طريقي سان جھنگلي قسم جي انسان ۽ فوجي گورنر جي مزاج جو صحيح نموني سان اندازو ڪري سگھبو تہ اھي نيم وحشي قسم جي ماڻھن سان ڪيئن ھلي چلي رھيا آھن. ھن وقت سول حڪومت جي جوڙجڪ تھذيب جي ترقيءَ لاءِ فائديمند ڪونہ ٿيندي. پر ھنن جي ساڙ ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ سان ائين ڪري سگھبو ۽ فوجي سپاھيءَ جي موجودگي کي ڏسي ھو وفادار ۽ تابعدار رھي سگھن ٿا.
جيڪڏھن ڪرنل رابرٽس جي ڪڇ ملڪ جي رکيل انتظام ۽ ممبئي سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽن جي رکيل انتظام جو اڀياس ڪبو تہ ڪرنل رابرٽس جو ڪڇ ۾ رکيل انتظام وڌيڪ سھڻو آھي. ھن مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ لارڊ ايلنبرو جو رکيل انتظامي جوڙجڪ بھتر ھو. ڪرنل رابرٽس کي اھا چڱي ريت خبر ھئي تہ ڪڇ جي تاريخ ۽ ان سان ڪيل معاھدا ڪھڙا آھن ۽ ان جو مخصوص حالتون ڪھڙين ڳالھين جون گھرجائو آھن. پر اھڙي ڄاڻ ٻئي ڪنھن بہ انتظامي سربراھھ کي ڪانہ آھي، کيس اھڙي ڄاڻ ان ڪري ھئي جو ھو ڪڇ ۾ گھڻو وقت رھيو ھو. سرڪاري ڪاغذن مطابق سنڌ ۽ ممبئي سرڪار جي حيثيت ھڪ جھڙي ھئي ۽ ٻئي ھندستان سرڪار جي ماتحت ھئا. جيڪڏھن ڪڇ سنڌ جي ماتحت ھجي يا ممبئي جي ھيٺان ھجي، سندس حيثيت ڪنھن بہ قسم جو فرق ڪونہ ھو، پر تفصيل جي ڪن حوالن کان ڪجهہ فرق ھو، جيڪي بلڪل ئي غير ضروري ھئا.
اھڙيءَ ريت منٽس ۾ اھو بہ لکيو ويو ھو تہ سنڌ جو گورنر اڳئين مخصوص صورتحال کان بلڪل ئي بي خبر ھو ۽ جيڪو ڪجهہ ڪيو ويو ھو، ان جي بہ کيس ڪابھ خبر ڪانہ ھئي. ان کان سواءِ کيس ملڪ جي مخصوص قسم جي حالتن جي تہ صفا ڄاڻ ڪانہ آھي. سرڪاري خط ۾ ھن لاءِ چيل لفظ ”مخصوص صورتحال کان بي خبر ھو“ لکيل آھن، جيڪي مناسب ۽ سھڻ جوڳا آھن. پر ھي لفظ ”مخصوص قسم جي حالتن جي تہ کيس ڪابھ ڄاڻ ڪانہ ھئي.“ نامناسب ۽ سھڻ جھڙا ڪونہ آھن. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن ماڻھوءَ ۾ سمجھھ جي ٿوري قوت آھي تہ پڙھڻ سان پتو پئجي سگھي ٿو تہ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو ھو ۽ پيدا ٿيندڙ مخصوص حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪري سگھجي ٿو. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪڇ جي حالتن کان چڱي ريت باخبر آھي يا بلڪل ئي بي خبر آھي،پر ملڪ جي حڪمران ۽ ماڻھن جي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ تہ کيس ضرور ڪجهہ وقت لڳي ويندو. جيڪڏھن اھو ملڪ ممبئي سرڪار جي ماتحت ھوندو تہ بہ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ساڳيو وقت لڳي ويو ھوندو. سر چارلس بہ پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو آھي تہ ڪڇ ڀلي سندس حڪمرانيءَ کان ٻاھر رکيو وڃي. پر ھن فقط پنھنجي راءِ جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي تہ ممبئي سرڪار ۾ بغاوت جاري آھي. جنھن مان اھو ثابت ڪري ڪونہ ٿو سگھجي تہ ان علائقي جي ممبئي سان گڏجي رھڻ ڪري ان جو منجھس اعتماد پيدا ٿي ويو ھو.
جيڪڏھن ڪڇ سنڌ سان شامل نہ رھندو تہ ان علائقي ۾ رھندڙ فوج جو ڪمانڊر سنڌ جو ٿي ڪونہ سگھندو. امن امان جي صورتحال دوران تہ ڪوبہ فرق ڪونہ ايندو ۽ ان فوج کي پنھنجي ممبئي سرڪار کان الڳ بيڪار ثابت ٿيندو. پر سيڪريٽ ڪميٽيءَ جي منٽ ۾ نہ لکيل آھي تہ ڪڇ سنڌ ۾ شامل رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اھي ملڪ جاگرافيائي طور پاڻ ۾ گڏيل آھن. ان کان سواءِ ھن ٻنھي ملڪن ۾ مذھبي، تجارتي، فوجي ۽ سماجي لاڳاپا موجود آھن. ڪڇ جي اندروني جوڙجڪ کي ڏسي، ان کي سوچي سمجھي ممبئي کان جدا ڪري سنڌ سان ملايو ويو ھو. ٻين سان گڏ ان جو ھڪ ڪارڻ اھو بہ ھو تہ خود ڪڇ جي راءِ جي بہ مرضي آھي تہ کيس ممبئي پريزيڊنسي سان شامل نہ ڪيو وڃي.
اھڙين حقيقتن ممبئي سرڪار کي لاجواب ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھڙو جواب ھن پنھنجي طاقت ۽ اختيارن جي اظھار سان ڏنو ھو. ان وقت ممبئي سرڪار کي سب ڪليڪٽر جي ھڪ درخواست ملي ھئي، جنھن سان ڪڇ جي ماڻھن جو سوين درخواستون شامل ھيون. جن ۾ چيو ويو ھو تہ ھنن جون سنڌ ۾ زمينون آھن. درخواستن سان گڏ ضروري سرٽيفڪيٽ بہ ھئا. ھنن ماڻھن جو چوڻ ھو تہ اھي ڌاڙيل نہ پر محنتي ھاري آھن. پر اھڙين ڳالھين ھوندي بہ ڪڇ کي وري ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪيو ويو ھو. اھڙو توھين جوڳو منٽ وقت جي گورنر جنرل لارڊ رپن ڏانھن موڪليو ويو ھو ۽ جنھن ان کي رد ڪرڻ بدران تعميل ڪرڻ لاءِ جاري ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪم ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان ڊڄي ۽ کين خوش ڪرڻ خاطر ڪيو ھو. جڏھن تہ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ذاتي غرض، تعصب ۽ تنگ نظريءَ کان ڪم وٺي اھڙي گٿي ڳالھہ ڪئي ھئي. دنيا جون حڪومتون انھيءَ اڍنگي طريقي سبب ئي بدنظميءَ جو شڪار ٿينديون آھن.

باب ستون: ڪڇيءَ خلاف جنگي مھم

آڪٽوبر ۾ يورپ سان تعلق رکندڙ 13 ريجمينٽ سنڌوءَ وسيلي ھاري انگلينڊ وڃڻ لاءِ ڪراچي پھتي ھئي ۽ روايت طور ٻين فوجين لاءِ ڪي رضاڪار بہ ڇڏي وئي ھئي. ھن ريجمينٽ سان لاڳاپيل ڪي اھڙا فوجي بہ ھئا، جيڪي پنھنجي دليريءَ جا اڻمٽ نشان ائين ڇڏي ويا ھئا، جيئن روم جا جانباز فوجي سپاھي مري پنھنجي پٺيان بھادريءَ جا اھڙا نشان ڇڏي ويا آھن، جيڪي ميسارجڻ جھڙا نہ آھن. اھڙيءَ ريت 13 ريجمينٽ جي جاءِ ڀرڻ لاءِ 78 ريجمينٽ کي سکر موڪليو ويو ھو. ھيءَ فوج انگلينڊ جي جابلو جوانن تي مشمل ھئي، جن کي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ پنھنجا جنگي جوھر ڏيکارڻا ھئا. پر ھڪ وڏي طاقت اھو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ھو تہ ھڪ اڻموٽ آپدا ھنن آسن ۽ اميدن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيندي. عين ان وقت سر چارلس ممبئي ڌر لاءِ ايندڙ اوچتي آپدا کي اڳتي وڌي جواب ڏنو ھو، جنھن ڪري سنڌ جا ماڻھو بي چين ٿي ويا ھئا. ھو سنڌ جي سرحد کان ٿورو اتر طرف ھڪ جنگي مھم جي ابتدا ڪري رھيو ھو، جو کيس ممبئي سرڪار نماڻائيءَ سان واھر ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو ھو. ان ڪري ھن يورپين تي مشتمل ھڪ ريجمينٽ ۽ ڏيھي ماڻھن جي ٻي ريجمينٽ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ممبئي پريزيڊنسي موڪلي ڏني ھئي. موٽ ۾ ھن ممبئي سرڪار کان ڪنھن بہ قسم جي تقاضا ڪانہ ڪئي ھئي. اھڙيءَ ريت ھن ٻن ريجمينٽن جي کوٽ کي بلوچ بٽالين سان پورو ڪري ورتو ھو. ھي اھي ماڻھو ھئا جن کي سر چارلس جا دشمن سڏيو ويندو آھي.
چاڙھھ جي پاڻيءَ جي لھي وڃڻ کان پوءِ نومبر مھيني ۾ تپاولي ايتري گھڻي ڪانہ ٿي جيتريءَ جو ڀؤ ھو. ڪيترا علائقا اھڙا بہ ھئا جتي ھڪ بہ ماڻھوءَ کي مليريا جو بخار ڪونہ ٿيو ھو. تنھن ڪري سر چارلس سکر ڏانھن اسھڻ جو پڪو پھھ ڪيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ڪچيءَ جي جابلو علائقي جي بلوچ سردارن خلاف فوجي جنگي منصوبي مطابق ڪارروائي ڪري سگھي. اتر اولھہ واري سنڌ جي علائقي کي ھن فتح ڪونہ ڪيو ھو، پر ڳالھيون ٻولھيون ڪري ھنن ماڻھن کي پنھنجو دوست بڻائي وڌو ھئائين، پر ڪڏھن بہ اوڏانھن ويو ڪونہ ھو. انھيءَ ڪري اھو پاسو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳو ھو. سندس اھا پيش قدمي ھڪ قسم جي ملڪي جائزو وٺڻ بہ ھو تہ جيئن ھو سڌارا آڻي ڪي انتظامي سرگرميون شروع ڪري سگھي. ھن 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن کي پاڻ سان کنيو ھو جيڪي سندس پھريدارن جي صورت ۾ ھن سان گڏ ھئا. ھنن سان گڏ ڏيھي اريگيولر گھوڙي سوار دستا بہ ھئا،جن کي ھتان جا ماڻھو مغلن جا گھوڙيسوار دستا سڏيندا ھئا. اڳتي بہ ھنن جي سڃاڻپ لاءِ اھو نالو ڪتب آندو ويندو. اھي ماڻھو پنھنجي دين ايمان ۽ ھلڻ چلڻ ۾ ايماندار ۽ سچا ھئا، جن ۾ ملڪ جي ھر علائقي جا بھادر ماڻھو شامل ھئا. جنگ ۾ ڏاڍا خطرناڪ ھئا ۽ سر ترين تي رکي دشمن سان وڙھندا ھئا. ھر ڳالھہ ۾ سچا ۽ ايماندار ھئا. ھنن اھڙي بھادري ۽ سچائي گجرات ۾ دنيا کي ڏيکاري ھئي، جتي ھن سنڌ مغل فوج پنھنجي بھادريءَ ۽ سچائيءَ جا جوھر ڏيکاري دوست دشمن کي حيران ڪري ڇڏيو ھو، جيڪا جنگ ڏاڍي منظم طريقي سان وڙھي وئي ھئي.
ھن سفر تي تيار ٿيڻ وقت ھڪ فوجي حصي کي چيو ويو تہ اھو حيدرآباد کان احمد خان پھچي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن ماڳ کي جاچي ڏسجي تہ اھو صحت بخش آھي يا نھ. پر ھن ماڳ تي ھڪ وڏي سھوليت موجود ھئي. ھتان جو پاڻي ڏاڍو ڀلو ھو، جيڪو گھڻو ۽ خالص بہ ھو. ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي زمين اندر لوڻ تمام گھڻو آھي، تنھن ڪري سٺو پاڻي ڏاڍو گھٽ ملندو ھو.
ھن ڀيري اھو آزمائي ڏسڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وئي تہ جيئن ڪڇي واري جابلو علائقي وارن بلوچ سردارن کي فوج کي وڌائي ڏيکاريو وڃي ۽ کين خوف ڏياريو وڃي. ڇاڪاڻ تہ فوج جو ھڪ حصو اولھہ ڏانھن پيش قدمي ڪري رھيو. جڏھن 78 ريجمينٽ سنڌو درياھہ وسيلي اتر ھاڪاري رھي ھئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سر چارلس اتر اولھہ جابلو علائقي وچان پنھنجي رھبر ۽ پھريدار فوجي دستن سان اڳتي وڌي رھيو ھو. اھو بہ نظر اچي، ھو تہ صحت بخش ماڳ کي چونڊ ڪرڻ ناتي احمد خان کي ڇڏيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ ڪلفٽن ۽ منھوڙي وارا ماڳ ملي ويا ھئا، جن جي آبھوا ڏاڍي صحت بخش ھئي. ان کان سواءِ ڪراچي جي ويجھو بہ ھئا، جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ھئي. ان جي ڀيٽ ۾ احمد خان پري ھو ۽ وچ وارو علائقو بہ اوپرو ھو، جنھن کي سر چارلس ڳولي لڌو ھو.
ھي علائقو سنون سڌن پٽن جو ھڪ سلسلو ھو، جن جي ويڪرائي پنج، پندرھن ۽ ويھھ ميل ھئي ۽ ڊگھائي پندرھن ۽ ھڪ سو ميل ھئي، جن جي چوڌاري ٽڪريون ھيون، جيڪي ڏکڻ کان سڌو اتر وڃي رھيون ھيون. ھنن جي اوچائي ٽن ھزارن فوٽن کان وٺي پنج ھزار فوٽ ھئي، جيڪي صفا اڀڪپريون ھيون. سندن ترا مختلف شڪلين جھڙوڪ ڪٿي اڀڪپرا، ڪٿي پاسيرا، ڪي سڌيءَ سنوت ۾ تہ ڪي وري آڏا ترڇا ۽ ڪٿي وري گول ھئا، پر ٽڪريءَ جو پاسو ڀت وانگر اڀڪپرو ھو. جڏھن تہ ھنن ٽڪرين جون چوٽيون چبوترن جيان ڏسجي رھيون ھيون. نہ تہ سندن چوٽيون سڌيءَ سنوت ۾ ھيون. ھنن ٽڪرين وچان پاڻيءَ جا لنگھھ بہ ھئا،جيڪي اسيءَ کان ھڪ سؤ فوٽ ويڪرا ھئا. بيمار ماڻھو ھن سنئين سڌي علائقي مان انھيءَ ڪري ڪونہ ٿو اڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ وچ وچ تي ڀٽون آھن. ڀٽون سنڌ ۾ تہ جام ڏسجن ٿيون، پر ھتي ڪجهہ وڌيڪ آھن. ھڪ فوجي منزل ڀرسان اھڙي ڀٽ ڏسڻ ۾ آئي جنھن جھڙي انساني نظر مان تہ گذري ئي ڪانہ ھوندي. ھوا سانتيڪي ھئي، پر اوچتو تيز ھواءِ جو جھوٽو گھلي ٿي ويو ۽ ھر گھڙي، ھر شيءِ مرده ۽ زنده معلوم ٿي رھي ھئي. واري اڏامي گھوڙن جي اکين ۾ پئجي رھي ھئي، جيڪي ويچارا ذري گھٽ انڌا ٿي رھيا ھئا. ماڻھن جا وار اڀا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ڄڻ باه وچان گذري رھيا آھيون ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ڄڻ بيھڻ واري ھئي. مگر ٿوري وقت کان پوءِ اھو ڏکيو مرحلو گذري ويو. ويچارو بيمار ماڻھو ھن قسم جي آبھوا ۾ تہ زندھھ رھي ڪونہ سگھندو. ھن جابلو علائقي ۾ نہ پاڻي ڦڙو نظر آيو، نہ وري ماڻھوءَ بوءِ موجود ھئي. ھيءَ جوءِ خشڪ ۽ ويران ھئي. ڳولڻ سان پاڻيءَ ڦڙو ملڻ مشڪل ھو. علائقو ڏکيو ھو. جيڪڏھن رستو جوڙبو تہ ڏاڍو مھانگو پوندو. ھنن قدرتي ڀتين مان وڏو فائدو بہ آھي. جنھن کي ٿڌي موسم تبديل ڪري ڪانہ ٿي سگھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ساري مشرق ۽ ڪلفٽن وارو علائقو وڌيڪ صحت بخش آھي.
سيوھڻ کان اتر واري علائقي ۾ سر چارلس کي رنRins قبيلي جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي غير بلوچ ھئا ۽ سنڌي ھئا. انھن جي حالت ڏاڍي خراب ھئي. ھي اصل سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جا رھواسي ھئا، جن کي ٽالپرن انھيءَ ڪري اتان ڪڍي ڇڏيو ھو جو اھي ڪلھوڙن جا وفادار ھئا. ھاڻي ھي ماڻھو اولھہ وارن جابلو علائقن ۾ ڌاڙا ھڻي گذر سفر ڪندا آھن. بلوچ قبيلا بہ ھنن مٿان حملا ڪندا آھن. ھنن ماڻھن کي آڻي جھرڪ جي اوسي پاسي سنڌوءَ سان آباد ڪيو ويو آھي. ھتي ڏاڍي سچائيءَ ايمانداري سان پوکي راھي ڪندا آھن ۽ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار آھن. ھي پھرئين قسم جا سڌارا آھن، جن جي سنڌ جي ھن علائقي کي وڏي ضرورت آھي. ھتي قانون جون ڀڃڪڙيون بہ گھڻيون ٿينديون آھن. تن جي اصلاح ڪرڻ بہ ضروري آھي. ھتي منتظمين وسيلي ھڪ ڪوڙي سياسي معاشيات کي نافذ ڪيو پيو وڃي، جنھن کي ختم ڪرڻو آھي. اھو ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي. پر انھن ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪليڪٽرن، سب ڪليڪٽرن ۽ فوجي مئجسٽريٽن کي چيو ويو آھي تہ سرڪاري طور ڪارڪردگيءَ جي ھڪ ڊائري رکي وڃي. ان کان سواءِ ٻين سڌارن آڻڻ لاءِ سوچ فڪر جاري آھي. سر چارلس نيپئر بہ غلط فيصلن بابت جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ انھن جي سخت نگراني ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اسان کي ھر جڳھھ تي انگريز سرڪار جي وفادار ۽ تابعدار ماڻھن جي اڪثريت ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي گھڻائي ڏسڻ ۾ آئي، پر سنڌ جي انتظاميھ ڏاڍي مايوس ھئي. ڇاڪاڻ تہ 1843 وارن بخارن ڪري نہ چيف ڪليڪٽر، نہ وري سب ڪليڪٽر پنھنجن جاين تي موجود ھئا، جيڪي پنھنجي صحت جي بچاءَ واسطي ٻين ملڪن ڏانھن ھليا ويا ھئا. ھنن ماڻھن جي غير حاضريءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوھھ، ٺڳيون، بي قاعدگيون ۽ ظلم ٿيا ھئا. ھن قسم جي ملڪ ۾ اھڙيون ڳالھيون غير متوقع بہ ڪونہ ھيون، جنھن جي اڳوڻيءَ حڪومت ۾ بہ اھڙيون شڪايتون ڏھاڙيءَ جون معمولي ڳالھيون ھيون. ان حڪومت جو ٻين ڏوھن کان سواءِ ھي جرم بہ ھو تہ ھن سنڌ جي ھڪ حصي ۾ موجود وڏيءَ ڍنڍ جي مھاڻن مٿان وڏو محصول مڙھي ڇڏيو ھو ۽ بھانو اھو ڏنو ويندو ھو تہ سرڪار جي پيداوار کي وڌايو پيو وڃي. ساڳيءَ ريت زمين جي پيداوار جو پورو اڌ حصو ڍل طور سرڪار وصول ڪندي ھئي. اھڙو ڏاڍ ھڪدم ختم ڪيو ويو ھو. جنھن ڪري اسان مٿان چٿرون بہ ڪيون ويون ھيون ۽ طعنا تنڪا بہ ڏنا ويا ھئا. پر اھو اخلاقي طور بہ ڏوھھ ھو. ھن سرڪار جي انتظام اندر گھڻي کوٽ آھي، جنھن ڏانھن عام طور تي ڌيان ڪونہ ڏنو ويندو آھي.
اھڙيون خامون گھڻيون آھن جن تي تعجب بہ ڪرڻ گھرجي. پر پاڻ ھڪ جرم ڏسي وائـڙو ٿي ويو ھو. ھن غلامن جو ڪجهہ تعداد ڏٺو، جيڪي کيس آزاديءَ لاءِ التجائون ڪري رھيا ھئا. غلام رکندڙ ماڻھن کي قانوني طور سزا ڏيڻ لاءِ اڃان تائين ڪو قدم ڪونہ کنيو ويو ھو. اھو ڏسي، انھن ٻارھن تيرھن ماڻھن کي ھٿڪڙيون ھڻائي پنھنجي فوجي پيش قدميءَ دوران پاڻ سان گڏ وٺي ويو. جن غريب ماڻھن کي پنھنجو غلام بڻائي ڇڏيو ھو. اھڙي قسم جي ڏوھن خلاف ھن عقل ڀريو قدم کنيو ھو، جنھن جو ذڪر مناسب جڳھھ تي اڳتي ڪيو ويندو. ھڪ جڳھھ تي ڪيترن ماڻھن اچي کيس گذارش ڪئي، تہ کين ڌاڙيلن جي آزار کان نجات ڏياري وڃي. سر چارلس انھن ڌاڙيلن کي گھڻي وقت کان وٺي ڳولي رھيو ھو، جن جا نالا ھنن ماڻھن ٻڌايا ھئا ۽ انھن ڌاڙيلن کي ڪوشش ڪري جلد ئي گرفتار ڪيو ويو. سووت گڊيSawat guddee نالي ھڪ ڌاڙيل کي فزجيرالڊ گرفتار ڪري ورتو ھو. ھن فوجي عملدار کي اڳواٽ ئي کڙڪ پئجي وئي ھئي تہ ڌاڙيلن جو ڪجهہ تعداد سٽ ھڻڻ لاءِ تيار ويٺو آھي. ھن فوجين مان چاليھھ ڄڻا سر چارلس جي پھري لاءِ اتي بيھاري ۽ باقي ٻي فوج ۽ اٺ سوار دستا پنجھتر ميل جو پنڌ ھڻي، ڌاڙيلن تي وڃي اوچتو حملو ڪيو، جيڪي جبل جي تري ۾ وانڍ ھنيون ويٺا ھئا. اتفاق سان گڊي ڀڄي نڪري ويو. فزجيرالڊ اھو ڏسي سندس ڪڍ فوجي سوار لڳايا، جن ھن کي، سندس پٽ ۽ ٻن ڀائٽن کي گرفتار ڪري ورتو ھو. ليفٽيننٽ جيمس جو تعلق پوليس سان ھو، جنھن ھنن کي سندن ئي ٻوليءَ ۾ پيش پوڻ جو چيو. انھن جو تعداد چار ھو، جيڪي ٻين کان ڌار بيٺا ھئا. ھن کين چيو تہ جيڪڏھن آڻ مڃيندا تہ ھنن جو وار بہ ونگو ڪونہ ٿيندو. انھن مان ھڪ ماڻھو اچي پيش پيو. جيمس ان ماڻھو کي تحفظ ڏنو. ان کان پوءِ ٻين کي چيائين ڏسو مان ھن کي ڪو ھاڃو ڪونہ پھچايو آھي. توھان بہ پيش پئو تہ اوھان کي بہ تحفظ ڏنو ويندو. تنھن تي ھنن وراڻيو تہ اسان پيش ڪونہ پونداسون. ڇاڪاڻ تہ اسان گڊي آھيون ۽ سووت (ٿي سگھي ٿو تہ نالو صحبت ھجي. مترجم) جا ڀائٽيا ۽ ھڪ سندس پٽ آھي. اسان ڪڏھن بہ پيش ڪونہ پونداسون. پوليس ۾ الف خان نالي ھڪ پٺاڻ ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ماڻھو ھو. جنھن جي پٽ شير محمد جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو ھو. جيڪو لاسراٽ ھو ۽ پيءُ وانگي طاقتور ۽ دلير ھو. ھن پنھنجي ھڪ ساٿي سان گڏجي بلوچن سان مقابلو ڪيو، جن وٽ تلوارون ۽ ڍالون ھيون. پر الف خان جي پٽ ۽ سندس دوست وٽ فقط تلوارون ھيون. ان ھوندي بہ ھنن ٽن بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ الف خان گھوڙي تي چڙھي وڃي ھڪ گڊي کي چيو تہ ھٿيار ڦٽا ڪر، نہ تہ توکي قتل ڪري ڇڏيندس. ان وقت گڊي رڙ ڪري کيس چيو: ڇا تون الف خان آھين؟ الف خان کيس چيو: ھائو. اھو ٻڌي ھن ھٿيار ڦٽا ڪيا. اوڀر جا ھٿياربند ماڻھو ھڪ ٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندا آھن. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ الف خان کان وڌيڪ ڪوبہ ھٿيار بند خطرناڪ ڪونہ ھو. جنرل چارلس کي جڏھن پتو پيو، سووت جو پٽ ۽ سندس ڀائٽيا قتل ٿي ويا آھن تہ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انھن کي مزاحمت ڪرڻ ڪري قتل ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھا ڌر آپي کان نڪري وئي ھئي. ھنن آڻ ڪانہ ٿي مڃي ۽ مھاڏي ڏيڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھيا ھئا ۽ جيڪو ماڻھو جيمس جي پيش پيو ھو، تنھن بہ ٿوريءَ دير کان مٿس حملو ڪري ڏنو ھو.
نوبت خان، ڌاڙيلن جو ھڪ ٻيو سردار ھو، جيڪو ڏاڍو سگھارو متارو ۽ وحشي ھو. ھن تازو سنڌ جي حدن اندر ايران جي ھڪ واپاري قافلي کي لٽيو ھو ۽ ڇھن غريب جتن کي ڪھي ڇڏيو ھو. ھن سان گڏ ٻيا بہ پنج سو ڌاڙيل ھئا. ھن پنھنجي قھري ڪاررواين سان اتر سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو ھو.
سر چارلس ھن جي گرفتاريءَ لاءِ ھڪ ھزار روپيا چانڊين کي ڏنا ھئا. ولي چانڊئي جو واعدو پٿر تي ليڪو ھوندو ھو. کيس ھڪ ڏينھن پڪڙي، جنرل آڏو پيش ڪيو ويو، جنھن لاڙڪاڻي واري درٻار ۾ ٻين سردارن جي سامھون کيس ھزار روپيا انعام طور ڏنا. ان کان سواءِ کيس نوبت جي تلوار بہ ڏني، جنھن تي سون جي اکرن ۾ ڌاڙيل جو نالو لکيل ھو. کيس اھا تلوار ماڻھن جي ميڙ ۾ ڏني وئي ھئي. ان جو مطلب اھو ھو تہ انھن ٻنھي قبيلين وچ ۾ وير جو وڻ پوکجي چڪو ھو ۽ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي جي قبيلي جي سردار جي سر کڻڻ لاءِ سندرو ٻڌي،ھڪ ٻئي جي سامھون بيھي رھيون ھيون.
ھن لاڙڪاڻي واريءَ درٻار ۾ قبائلي سردارن کي مختصر ۽ سخت لفظن ۾ خطاب ڪيو ھو ۽ غلام رکڻ خلاف بہ ڳالھايو ھو. اھڙيءَ ريت ھن مٿئين طبقي جي ماڻھن کي اڻ سڌيءَ ريت ٻڌايو ھو تہ ھن جيڪي ماڻھو گرفتار ڪيا آھن تن نہ رڳو قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، پر اھي ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڌاڙن ھڻڻ جو بہ سوچي رھيا ھئا. ان خطاب ۾ ھن نوبت ۽ ٻين گڊي ماڻھن جي مقدر بابت پڻ ڳالھايو ھو، جن کي موت جي سزا ملڻ واري ھئي. جنھن مان سندس طاقت جو احساس ۽ اختيارن جي وسعت جو اندازو ڪرڻ سولو ھو. ھن ڦاسيءَ جي ڏوريءَ کي ڍري ڪرڻ بدران وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ جيستائين ڪڇي جي جابلو علائقن جي ھڪ ھڪ ڌاڙيل کي ڦاسي نہ ڏنائين، تيستائين ڦاھي جي ڏوريءَ کي ڍر ڪانہ ملي. اھڙيءَ سخت ڪارروائي ڪر درٻار ۾ ويٺل بلوچ قبائلي سردارن مٿان سر چارلس جي دھشت ويھي وئي. تنھن ڪري انھن رضاڪارانھ جنرل سان واعدو ڪيو تہ اڳنا واسطي ھنن جا ماڻھو ڪڏھن ڌاڙا ڪونہ ھڻندا. ان کان پوءِ ھنن پنھنجا ڪيل واعدا پاڙيا. درٻار واري موقعي تي ھن وڏي افسوس جو اظھار ڪيو ھو تہ کيس بلوچي زبان ڪانہ ٿي اچي ۽ جيڪڏھن کيس اھا اچي ھا تہ اھا ٻولي ھڪ ھزار فوجي سپاھين جيتري طاقت ڏئي ھا. پر ھن اھڙي کوٽ جي پورائي، فوجي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو ھو. اھڙين ڳالھين تي عمل ڪندي، انھن دولتمند بلوچ سردارن کي زنجيرن سان ٻڌي، پاڻ سان کنيون وتندو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن بلوچ سردارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري غلام رکيا ھئا.
درٻار ۾ حاضر ڪيترن سردارن کي اھڙي خبر ھئي تہ ڪھڙن سردارن اھڙي قانوني ڀڃڪڙي ڪئي آھي. تن ھنن لاءِ سر چارلس کي گذارش تہ کين بخشيو وڃي. تنھن تي ھن اھڙن ماڻھن جا زنجير ڪڍرايا، جن جو گھٽ جرم ھو باقي ٻين کي ھن معاف ڪونہ ڪيو، جيڪي زنجيرن ۾ ٻڌل رھيا، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو ٻين لاءِ مثال ھجن. ھتي اسان کي بي انصافي ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو ھڪ جھڙي جرم جا ھڪڙا ڏوھي معاف ڪيا ٿا وڃن ۽ ٻين کي معاف نہ ڪري زنجيرن ۾ ٻڌل رکيو ٿو وڃي. پر ھن پنھنجي ان حڪمت عمليءَ بابت ھن ريت سمجھايو ھو. سندس چوڻ ھو تہ ”ولي ۾ حاجي ٻئي وڏا قبائلي سردار آھن ۽ ٻنھي ساڳيو جرم ڪيو آھي. پر ھو ٻئي پنھنجي غلامن سان ڏاڍو شريفاڻو ورتاءُ ڪندا آھن. جيڪڏھن مان انھن مان ڪنھن بہ ھڪ کي گرفتار ڪندس تہ چاليھھ ھزار جابلو ويڙھاڪ اچي جنگ لاءِ سامھون بيھندا. مان سمجھان ٿو تہ غلامن رکڻ جا ڏوھھ ٿي رھيا آھن. پر مان ھڪ اڻ سڌي حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي، جنھن وسيلي مان غلاميءَ واري جرم کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيندس. ھنن جھنگلي بلوچ سردارن سان فقط اھڙي طريقي سان ڪاروھنوار جاري رکندو ايندس. ھنن ڳالھين سان گڏوگڏ مان نوان قلعا تعمير ڪرائي رھيو آھيان. فوجن لاءِ بئرڪن جي تعمير ٿي رھي آھي. ان کان سواءِ پوليس جو ھڪ الڳ کاتو ٺھي رھيو آھي. ان کان پوءِ مسڪين ماڻھن جي ھمت افزائي ڪئي ويندي تہ جيئن قبائلي سردارن جي اطاعت نہ ڪن. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي منھنجي حڪمت عمليءَ بابت ڪا ڄاڻ ڪانہ آھي. اھڙيون ڳالھيون ماڻھن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ظاھر ڪري ڇڏيندو آھيان. ظاھر ۾ تہ ائين لڳندو آھي تہ ڄڻ مان انھن ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪيو ئي ڪونہ آھي ۽ انھن جو اظھار بہ مرحلي وار ڪندو آھيان. جيڪڏھن پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت اڳواٽ ڄاڻ ڏيندس تہ اھا پنھنجو اثر وڃائي ويھندي. اھڙي ريت منھنجي حڪمت عملي ڪنھن کي سمجھھ ۾ بہ ڪانہ ايندي آھي. منھنجي اھا بہ ڪوشش رھي آھي تہ منھنجا اعلى عملدار، ولي چانڊئي کي ڌاڙيل سڏي ڪاوڙائڻ جي ڳالھہ نہ ڪن. اھو ڄڻ ائين آھي تہ مان ھتان جي ماڻھن کي ھڪ جھڙو سمجھي رھيو آھيان، ائين نہ آھي. اھي ماڻھو پنھنجي مزاج، طاقت ۽ عادتن ۾ بلڪل ڌار آھن. ولي چانڊيو ۽ ٻيا بلوچ سردار پوکي راھي يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪونہ ڪندا آھن ۽ ڌاڙا ڦريون ڪري پيٽ گذر ڪندا آھن. انھن جو خيال آھي تہ ٻين ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ عزت آبرو وارو ڌنڌو آھي. تنھن ڪري مان اھو چئي ڪنھن کي سزا ڪونہ ڏيندو آھيان تہ تون ڌاڙيل آھين، تون قاتل آھين يا تون بداخلاق آھين. مان کين فقط ھي چوندو آھيان تہ تو منھنجا حڪم ڪونہ مڃيا آھن، جن ۾ چيو ويو ھو تہ ڌاڙا بند ڪريو، قتل نہ ڪريو ۽ پاڻ وٽ غلام نہ رکو. ھي ماڻھو منھنجون اھڙيون ڳالھيون سمجھي وٺندا آھن تہ بادشاھھ جي مرضي اھا آھي، جيڪڏھن ھن جو چوڻ نہ مڃيو ويو تہ ھو ضرور سزا ڏيندو. اھي ماڻھو اھو ڪونہ سمجھي سگھندا آھن تہ اسان جي نظر ۾ عزت ۽ اخلاق ڇا ھوندو آھي. بلوچ سردار سمجھندا آھن تہ مان سارو وقت ھار سينگار ۽ وارن کي درست ڪرڻ ۾ گذاريندو آھيان ۽ ڌن دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھوندو آھيان. پر جڏھن مان ساڻن جنگ جوٽيندو آھيان تہ مون کي مھاڏو ڏيڻ کان لنوائيندا آھن، پر عام ماڻھو مون کي پنھنجو دوست تصور ڪندا آھن ۽ ڏاڍو خوش گذاريندا آھن. ٿوري وقت کان پوءِ منجھن ايتري سجاڳي ايندي جو ھو قبائلي سردار جو چيو ڪونہ مڃيندا ۽ غلاميءَ جي زنجيرن کي ڀڃي ڀروڙي ڇڏيندا. پر ھاڻي بہ جيڪڏھن سنڌ جي حڪمراني ٽالپرن حوالي ڪئي بہ وڃي تہ يقين سان چوان ٿو تہ مان فوج کان سواءِ ھنن غريب ماڻھن سان گڏجي کين سولائيءَ سان شڪست ڏئي سگھندس ۽ کين سنڌ کان ٻاھر ڀڄائي ڦٽو ڪندس.
مان نوبت خان ڌاڙيلن جي تلوار چانڊئي سردار ولي کي ڏني ھئي، ان ڪري ھي چانڊيو سردار ان جي باقي رھيل ڌاڙيلن جي ٽولي جي ڪڍ لڳي پيو ھو. انھيءَ خوف کان تہ متان اھي کيس قتل ڪري ڇڏن. ھن ماڻھوءَ قبيلي جي ٻين سردارن کي ھيءَ ڳالھہ مڃائي ھئي تہ ھو درياھہ جي ساڄي ڪناري تائين ڌاڙو ڪونہ ھڻندا، جيستائين سر چارلس ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن سان ويڙھھ ۾ رڌل آھي. ولي چانڊئي نوبت واري تلوار وٺڻ کان انڪار ڪونہ ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تہ اھا کيس اعزاز طور ملي رھي ھئي ۽ ڌاڙيلن جي دشمنيءَ کان ڪونہ ڊڳو ھو. کيس اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي تہ جيڪڏھن نوبت ڀڄي نڪتو تہ کيس قتل ڪرڻ کان ڪونہ مڙندو. جڏھن ھو نوبت واري تلوار وٺي واپس ٿي رھيو ھو تہ سر چارلس کيس سرٻاٽ ڪندي چيو ھو تھ، تون نوبت کي قتل ڪندين نھ! تہ ولي کيس وراڻيو ھو: ھائو، آءٌ کيس ضرور قتل ڪندس. ان کان پوءِ ھي جھونڙو سندس تنبوءَ مان ٻاھر نڪري ھليو ويو ھو. نوبت ۽ ٻين عام رواجي ڌاڙيلن جو قتل ڪا اڪ جي ماکي ڪانہ ھئي. اھڙي جاکوڙ بہ مٿي جو سور ھئي، جنھن کي ھن ريت بيان ڪجي ٿو.
”مان جيڪي بہ ماڻھو قيد ڪيا آھن، تن کي ضرور ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. انھيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو گس بہ ڪونہ آھي. جيڪڏھن آءُ ائين نہ ڪندس تہ سنڌ ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي رھندي. ماڻھو ميڙاڪن جي صورت ۾ مون وٽ اچي رھيا آھن ۽ ٻاڏائي رھيا آھن تہ ملڪ بلوچ ڌاڙيلن ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. سکيا ستابا علائقا ويران ٿي ويا آھن. ماڻھو سندن ظلم ۽ ڏاڍ کان ڊڄي پنھنجا اباڻا تر ۽ تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن جو ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا آھن. اھي ڌاڙيل ڪڇيءَ واري جابلو جوءِ ۾ وڃي گڏ ٿيا آھن ۽ پاڻ ۾ ايڪو ڪري رھيا آھن. سندن اھو اتحاد غريب ماڻھن جي قتل عام جي مقصد لاءِ آھي. ان کان پوءِ سنڌين جون عورتون قتل ٿيون. معصوم ڇوڪرين جي ٻانھن ۾ پاتل قيمتي چوڙين کي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کي لاھڻ بدران سندن ٻانھون ڪپيون ويون تہ متان دير ٿئي ۽ ٻيو ڌاڙيل وڌيڪ چوڙيون ھٿ ڪري وڃي. اٺن جا وڳ چاريندڙ جتن کي بہ قتل ڪيو ويو، جن وٽ بچاءَ لاءِ ڪي ھٿيار بہ ڪونہ ھئا. ھڪ وسيع سکيو ستابو علائقو اک ڇنڀ ۾ ويران ٿي ويو. پنجويھھ ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪيا ويا. اھڙا ماڻھو جيڪڏھن گرفتار ڪيا ويا تہ انھن تي ڪورٽن ۾ ڪيس ھلايا ويندا ۽ انصاف ڪيو ويندو. جيڪڏھن ڏٺو ويو تہ اھي قانون ۽ انصاف مطابق قاتل آھن تہ انھن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. ھنن ماڻھن اھي قتل بي پھچ انسانن جا ۽ ڄاڻي ٻجھي ڪيا آھن. جيڪڏھن مان انصاف نہ ڪندس تہ سمجھيو ويندو تہ مان ڪمزور آھيان ۽ اھڙن ظالم ماڻھن کي ھٿ لائي ڪونہ ٿو سگھان ۽ پوءِ سارو ملڪ وڳوڙن جي ور چڙھي ويندو ۽ ان ڪارنھن جو لينگھو مون تي لڳندو تہ مان ھن ملڪ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ سوڀارو ثابت ڪونہ ٿيو آھيان. عام ماڻھو ڏاڍا خوش آھن تہ ظالمن کي سوگھو ڪيو ٿو وڃي. جيڪڏھن ڪو شريف ماڻھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تہ اھو بہ ھن ڪم کي اھڙيءَ ئي مڙسيءَ سان منھن ڏئي ھا جيئن مان ڏنو آھي، پر مون کي ڏک فقط انھيءَ ڳالھہ جو آھي تہ ڪاش! مان جيڪر انھيءَ مامري ۾ تلوار کان ڪم نہ وٺان ھا. پر پوءِ مون کي تہ ملڪ جي سڌاري لاءِ ڪوڏر کان ڪم وٺڻو ھجي ھا. خير! مان خدا کي ٻاڏايان ٿو تہ اھو مون کي فيصلي ڪرڻ ۾ انصاف ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ جنھن ڪم ڪرڻ جو، ارادو ڪريان تہ اھو ڪري بہ ڏيکاريان،جيڪڏھن سماجي قانون کي زنده رکڻو آھي تہ اھڙي ماڻھو جي نڙيءَ تي ضرور ننھن رکڻو پوندو، جنھنجي ھٿ ۾ ٻئي کي ڪھڻ لاءِ ڪات آھي ۽ پنھنجي تحفظ لاءِ اھا اجازت ضروري ڏيڻي پوندي. پر جيڪڏھن مون کي محسوس ٿيو تہ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان.، سو انصاف آھي يا انصاف مطابق آھي تہ منھنجي زندگيءَ جي جاکوڙ اھا ھوندي تہ مان انھن قاتلن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو رھان.
ڪيترا ماڻھو سمجھي رھيا آھن تہ جيڪو ڪجهہ آءٌ ڪري رھيو آھيان، سو عيسائي مذھب جي اصولن جي خلاف آھي، اھي ماڻھو شايد سچ ٿا ڳالھائن. جيڪڏھن ائين آھي تہ پوءِ حڪومت ختم ھجڻ گھرجي. پوءِ ھتي جيڪو ماڻھو سڀني کان وڏو ڌاڙيل آھي، اھو سڀني کان مٿاھون ۽ اعلى طبقي جو ماڻھو سمجھڻ کپي ۽ انساني فطرت انسانيت کان گھڻو ڏور ڪونہ ويندي. مون کي يقين آھي تہ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان سو بلڪل صحيح آھي ۽ مان ان تي اٽل آھيان. منھنجي دل گندن احساسن کان پري آھي. مان تہ اھي ڪم ڪري رھيو آھيان، جيڪي سماج جي ضرورت آھن ۽ اھا ھيءَ آھي تہ ڌاڙا سنڌ ۾ ختم ٿيڻ گھرجن. مان سڀ کان پھريان اھا ئي ڳالھہ چئي ھئي ۽ مان ائين ڪري ڏيکاريو آھي ۽ ائين ڪندو رھندس، پوءِ ڀل ٻيا ٽي مھينا گذري وڃن. پر جيڪڏھن خدا جي مرضي ھوندي تہ ھتي ڌاڙيل ھجڻ گھرجن تہ پوءِ يقين ڪريو تہ مان ڪڏھن بہ ڪامياب ڪونہ ٿيندس. پر ھن ٽالپر حڪمرانن مٿان زوال نازل ڪري ڄڻ اھا ڳالھہ منظور ڪرڻ فرمائي آھي، جيڪا مان ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھنن ڌاڙن، ڦرين لٽين ڏانھن ڌيان نہ ڏيندس ۽ انتظاميھ رکي ڪونہ سگھندس تہ ساڳيا ماڻھو منھنجي تعريف ڪندا، پر ان جو مطلب اھو ٿيندو تہ مان سنڌ کي خوشحال ڏسڻ ڪونہ ٿو چاھيان ۽ ائين ڪرڻ سان منھنجو ضمير گھائجي پوندو. ھاڻ دل جي آٿت سان ننڍ ڪريان ٿو. انھيءَ ڪري جو مان سنڌ جي وڳوڙي وايو منڊل کي منھن ڏيڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھيان. پر ان کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون مان خوش نہ آھي. مون کي اھڙي پرواھھ بہ ڪانہ آھي. اھي ماڻھو چالاڪ ۽ بيوقوف آھن. جڏھن تہ مان اھو ماڻھو آھيان، جنھن جو ڏھاڙيءَ جو ڪم ماڻھن جون زندگيون بچائڻ آھي. جيڪڏھن مان ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچيندس نہ تہ مون کي تہ قاتل سڏيو ويندو. مون کي اھا خبر ڪانہ آھي تہ ھندستان جي حڪومت ڪير ھلائي رھيو آھي. اھي ڀلي حڪومت ھلائڻ ڇڏي ڏين. مان تہ ڏينھن ۽ رات بلڪ ھڪ ھڪ ڪلاڪ ۾ خدا در دعا گھرندو آھيان تہ يا خدا مون کي صحيح ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ مون کي پورو يقين آھي تہ آءٌ خدا کي حاضر ناظر سمجھي صحيح ڪم ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ائين نہ ڪندس تہ مان گنھگار آھيان. جيڪڏھن حڪمران انصاف نہ ڪري سگھندو آھي تہ وڏو مجرم ھوندو آھي. اھڙيون قومون ڪڏھن ناڪامي ڪونہ ڏسنديون آھن، جيڪي خود ڪفيل ھونديون ۽ سندن زندگيون سجايون ھونديون آھن.“
ھن سفر دوران سر چارلس کي ھن سمجھڻ جو موقعو ملي ويو ھو تہ سنڌ کي Young Egypt سڏڻ جو ڪھڙو ڪارڻ آھي يا اھڙي تشبيھھ غلط آھي؟ پر حقيقت اھا آھي تہ ٻنھي ملڪن ۾ ساڳيائپ تمام گھڻي آھي. ھنن جا ميدان، خوشحالي، رڻ پٽ، جبل، ھڪ درياھھ، ساليانو چاڙھھ، سامونڊي بندرن جي ٿورائي، حڪمرانن جي تڪڙي تڪڙي تبديلي، ٽي نسل جھڙوڪ: ڪوپٽCopts ، عرب جن مان مصر جي مملوڪ تلوار بازن جو تسلط – سنڌ ۾ سنڌي ھندو ۽ سنڌي مسلمان جن مٿان بلوچ جو تسلط. ٻنھي ملڪن جو ماضي شاندار ھو پر خراب حڪومتن ڪري تباھہ ٿي ويا آھن. پر ھاڻي کين وري زندھھ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو آھي. ڏٺو وڃي تہ ٻنھي جي ھڪجھڙائي مڪمل آھي. ان کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ بہ تعجب جھڙي آھي تہ سنڌوءَ جي اولھہ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ بہ ائين آھن جيئن نيل جي اولھہ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ آھن.
سنڌ ۾ کليل ميدان آھن،جن جي زمين ڏاڍي ڀلي آھي، پر علائقا ويران آھن. منجھن ماڻھوءَ جي بوءِ بہ ڏسڻ ۾ ڪانہ ايندي. پر ھتي اھڙا قديم ماڳ ھن جن مان پتو پوي ٿو تہ قديم زماني ۾ سنڌ ڏاڍي خوشحال ھئي. چيو بہ ائين ويندو آھي تہ پراڻي دور ۾ سنڌ ھڪ شاندار ملڪ ھو. ان ڳالھہ ۾ وڌاءُ بہ ڪونہ آھي. ھاڻي اھو ساڳيو رستو ورتو ويو آھي، جنھن وسيلي سنڌ ساڳي اوج تي پھچي سگھي ٿي. ھن ملڪ جو ھڪ قديم ۽ اھم ماڳ اڄ بہ نمايان آھي. نقشي ۾ ان کي موھن ڪوٽMohan Kot لکيو ويو آھي. سر اليگزينڊر برنس لکيو آھي تہ ھڪ ٽڪريءَ جي چوڌاري قلعو جوڙيو ويو آھي. پر ھتان جا ماڻھو ھن ماڳ کي رني ڪوٽ سڏن ٿا. ھن قلعي جون ڀتيون پٿرن ۽ گچ سان ٺھيل آھن. قلعو بہ ھڪ ٽڪريءَ جي نھ، پر ٽڪرين جي چوڌاري ڦيريو ويو آھي. چيو ويندو آھي تہ ھن قلعي جي پکيڙي پندرھن ميل آھي. ان جي وچان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ھڪ ڪارنر وھندي آھي جيڪا جبل وچان بڙڪو کائي ٻاھي نڪرندي آھي. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ اھو قلعو يونانين ٺھرايو ھو. پر ڪاريگري مان لڳي ٿو تہ اھو قلعو يونانين ڪونہ ٺھرايو ھو. ٽالپر حڪمرانن ھن قلعي جي ڀتين جي مرمت ڪرائي ھئي. ڪاش! ھي قلعو جيڪر ٽالپر حڪمران جوڙائين ھا.
سڪندر جي جاگرافيدانن جي بيان مطابق، ھي قلعو سڪندر جي سفر واري رستي ۾ ڏسجي ٿو. پر سر چارلس کي ھن ڳالھہ تي اعتبار ڪونہ آيو ھو. ان کان پوءِ ھن سيوھڻ جو ماڳ ڏٺو ھو، جيڪو سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ھو، جتي ھن ڪيترا دڙا ڏٺا ھئا. قلعو تمام پراڻو ھو، پر ان تعمير جو نمونو ڏسي چيو ھئائين تھ، قلعو پراڻو ضرور آھي،پر سڪندر جي تعمير نہ آھي. سندس خيال آھي تہ سڪندر جي مورخن سندس فوجي پيش قدميءَ واري جنھن رستي جو بيان ڪيو آھي، سو بہ وسھڻ جوڳو ڪونہ آھي. اھو فقط تڏھن ممڪن ھجي، جڏھن سنڌ سندن بيان واري سنڌ کان وڌيڪ سڌريل ۽ مھذب ھجي ھا. ماضيءَ واري سنڌ موجوده دور واري سنڌ کان گھڻي سڌريل ۽ مھذب ھئي. اھڙيءَ ريت سڪندر جي دور واري سنڌ بہ ڪا گھٽ سڌريل ڪانہ ھئي. ان دور جي مورخن لکيو آھي تہ فلپ جي پٽ (سڪندر) جي فوج سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان سفر ڪري رھي ھئي. پر اھا فوج ھڪ سؤ ھجي يا ويھھ ھزار سنڌوءَ جي ڪنارن سفر ڪري ڪانہ ٿي سگھي. ليڪن انھيءَ فوج سنڌوءَ جي وھڪري کان ڏھن کان سورھن ميل پري سفر ڪيو ھوندو. ڇاڪاڻ تہ آبپاشي جي مقصد سان سنڌو مان ڪيترا ننڍا ۽ وڏا واھھ کوٽيا ويا ھوندا. تنھن ڪري اھڙي پيش قدمي ھنڌين ماڳھين رڪجي وئي ھوندي. پر جيڪڏھن ننڍن وڏن واھن ۽ واھڙن تي پليون ٺاھيون وڃن ھا تہ اھڙي پيش قدمي جو تسلسل ممڪن ھو. جيڪڏھن پليون بہ ٻڌرايون وڃن ھا، پر پوءِ بہ معلوم ٿئي ھا تہ سنڌ ان وقت بہ سڌريل ۽ مھذب ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھڙآ آبي وھڪرا آبپاشي جي مقصدن واسطي کوٽي تيار ڪيا ويا ھئا. اھڙيون شيون تہ ماضيءَ جو داستان آھن. پر ھن وقت سندس سوچ ھئي تہ سندس جوڙيل انتظاميھ عام ماڻھوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترو موثر ثابت ٿي سگھي آھي.
پر کيس ڍل جي وڌيڪ اوڳاڙي جي باري ۾ ترميم بہ ڪرڻي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھڪ ڪليڪٽر مسٽر پريڊي پيداوار جي وڌائڻ خاطر پنھنجي ضلعي ۾ وڌيڪ ڍل مڙھي ھئي. اھو غلط قسم جو نقطئھ نظر ھو جنھن کيس ڪاوڙائي ڇڏيو ھو. کيس اھو ڏسي بہ ڏک ٿيو ھو تہ ساڳئي ڪليڪٽر منڇر جي مھاڻن تي تيرھن فيصد (چاليھھ وڌيڪ) محصول مڙھيو ھو. ھن ساڳئي ڪليڪٽر موتين وارين سپن ڦاسائڻ تي بہ ڳرو محصول مڙھيو ھو، جنھن تي ھو وسوڙجي ويو ھو. تنھن تي ھن حضرت عيسى عليھ السلام جو نالو وٺي تعجب ڪندي چيو ھو تھ، ڪھڙا نہ ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪڌا ڪم ڪري رھيا آھن. ھن ضلعي جو چيف ڪليڪٽر پوپ ھو، جيڪو بيماريءَ ڪري غير موجود رھيو، ان جي ھلئي وڃڻ ڪري ڪيتريون ئي ڏاڍ ڏمر جھڙيون غلط ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ھيون. ابتدائي دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ تہ تمام گھڻو وڌي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ يورپي ڪليڪٽر ۽ انھن جو ماتحت عملو ۽ فوج، ملڪي جاگيرن جي پيداور جي حساب ڪتاب ۾ لڳي وئي ھئي. ڍل جي شرح بہ مختلف ھئي، ڍل جي اوڳاڙي لاءِ مقرر عملي ڪاردارن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن تي مشتمل ھو، جيڪو وڍي (رشوت) وٺڻ تي ھريل ھو. سرڪاري آفيسن ۾ بہ اڳيون طريقو ڪم اچي رھيو ھو ۽ ھر معاملي بابت ھوريان ھوريان ڄاڻ ملي رھي ھئي. اھڙيءَ ريت معلوم ٿي رھيو ھو تہ مستقبل جي ساريءَ خوشحاليءَ جو دارومدار سرڪار جي خبرچاريءَ ۽ تيز نظرداريءَ تي ھو.
ان سفر جي شروع ٿيڻ سان جاسوسن کي چوطرف روانو ڪيو ويو ھو. جن جي ڏنل معلومات مطابق سڀئي ڌاڙيل قبيلا قلات جي خان جي مدد لاءِ ھڪ جاءِ تي گڏ ٿي رھيا ھئا. اھڙي صورحال ان ڪري ٿي وئي ھئي جو سر چارلس نيپئر ۽ قلات جي خان وچ ۾ ملاقات مقرر ٿي چڪي ھئي. جنرل کي خوف ٿي پيو ھو تہ متان اھي ڌاڙيل قبيلا وڃڻ يا واپس ٿيڻ وقت مٿس حملو ڪن. تنھن ڪري ھن سوچيو ھو تہ وٽس ايتري گھڻي فوج ھجي، جو اھڙي امڪاني حملي دوران دشمن کي شڪست ڏئي سگھجي. پر اھي پاڻ ۾ وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي ويا ھئا. مرين اڪيلي سر وڃي بگٽين سان جھيڙو جوٽيو. ٻنھي ڌرين ۾ ٻہ پاڻي ٿيا ۽ ٻنھي مان ھار مرين جي ٿي ھئي. بعد ۾ مرين ۽ چانڊين ٻانڌو ٻڌي ڦلجي تي حملي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشس ڪئي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ چانڊين ۽ مرين سان واعدو ڪيو ويو ھو تہ جيڪڏھن ھو جکراڻين، بگٽين ۽ ڊومڪين کي سنڌ جي سرحد کان پري ڌڪي ويا تہ کين سندن زمينون ڏنيون وينديون. پر اھي ٻئي ڌريون ائين ڪري ڪونہ سگھيون ھيون. اھڙيءَ منڌل صورتحال ڪري اھا ڳالھہ واضح ٿي چڪي ھئي تہ سڀئي ڌريون متحد ٿي ۽ انگريزي فوج سان گڏجي ھنن جابلو ماڻھن جو مقابلو ڪنديون تہ کين شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي. پر اھا ڳالھہ تہ پوءِ مشڪل ھئي ۽ ڏينھون ڏينھن مشڪل ٿيندي پئي وئي. جنرل پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت فيصلو ڪري چڪو ھو. پر ان وقت ھڪ نئون ڏچو پيدا ٿي چڪو ھو، جيڪو ھن فوجي مھم لاءِ رنڊڪ بڻجي ويو ھو، ان ڪري جنگ مھم ۾ سستي اچي وئي ھئي.
سر چارلس جي اھا پيش قدمي ڏاڍي مشھور ٿي ھئي ۽ اڳتي وڌڻ جي حڪمت عملي ڏاڍي خطرناڪ ھئي. جنھن کي ڏسي بجار خان ڊومڪيءَ جون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون ھيون. ھن ٻي ڪا واھھ نہ ڏسي، پنھنجي ٻن پٽن کي جنرل ھنٽر ڏانھن سلام ڀرڻ لاءِ موڪليو. پر بجار جي تازي حملي، عورتن جي قتل عام ۽ ٻارن جي ٻانھن ڪپڻ جو واقعو تازو ٿي گذريو ھو. ان کان سواءِ ھن بي ھٿيار گاھين کي قتل ڪيو ھو. اھي جنگ ڪرڻ جھڙا واقعا ھئا. ھن اھڙو ظلم ڪيو جيڪو معاف ڪرڻ جھڙو ڪونہ ھو. تنھن ڪري جنرل ھنٽر کي چيو ويو ھو تہ بجار جي پٽن کي واپس وڃڻ جو موقعو ڏئي. جيڪڏھن ھو واپس وڃڻ نہ چاھين تہ انھن کي ڦاھي ڏني وڃي. ان کان سواءِ بجار خان ڏانھن بہ نياپو موڪليو ويو تہ جيڪڏھن ھو بہ ھٿ اچي ويو تہ کيس بہ ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويندو. جڏھن بيجار خان کي اھي خبرون مليون تہ ھڪدم اعلان ڪيائين تہ ھو الله جو غازي آھي ۽ دين خاطر ھر قرباني ڏيندو ۽ جيستائين ھڪ بہ ڪافر ملڪ ۾ آھي، ھو آرام سان ڪونہ ويھندو. جڏھن بجار جھڙا ماڻھو غازي ٿيڻ جو اعلان ڪندا آھن تہ ڏاڍا جنوني جنگجو بڻجي ويندا آھن ۽ قتل ٿيڻ تائين ٻين کي قتل ڪندا رھندا آھن.
بجار ڪو ھڪڙو ماڻھو ڪونہ ھو، جنھن کي قتل ڪري ماٺ ڪري ويھڻو ھو. پر شير محمد بہ ھنن بلوچ سردارن سان گڏ ھو ۽کين سون ڏئي پيو ويڙھائيندو ھو. ان کان سواءِ ساڻن واعدا بہ وڏا ڪندو ھو تہ جيڪڏھن ھو سنڌ جو حڪمران ٿيو تہ کين اڏي ڇڏيندو. ڪڏھن ھو پاڻ گھوڙيسوار دستن کي ساڻ ڪري اچي سنڌ جي سرحد وٽ بيھندو ھو. ان کان پوءِ سر چارلس ان ڏانھن ھن طرح جو پيغام موڪليو ھو.
مير، مان ھن وقت تائين تنھنجي عزت ڪئي آھي ۽ ھڪ بھادر دشمن سمجھي تنھنجو کليءَ دل سان احترام ڪيو آھي، پر ھاڻي تون ظالمن ڌاڙيلن سان گڏجي ويو آھين، جيڪي عورتن، ٻارڙن ۽ بي پھچ ماڻھن جا قاتل آھن. جيڪڏھن تون بہ قاتل ۽ ڌاڙيل آھين تہ مان بہ توکي قاتل ۽ ڌاڙيل سمجھي، توسان ساڳي ڪارروائي ڪندس. ان کان جلد ئي پوءِ ھي ٽالپر پنجاب ھليو ويو.
اھڙي ريت سر چارلس پنھنجي جنگي مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لڳاتار پيش قدمي ڪندو 18 ڊسمبر تي اچي سکر پھتو ھو. کيس سکر کي ڇڏي پورا ٻہ سال گذري چڪا ھئا. مياڻيءَ واري فتح کان اڳ جنرل ھتان نڪتو ھو ۽ ان جنگي واقعي کان پوءِ سنڌ انگلينڊ جي ماتحت بڻجي وئي ھئي. ھن جي سکر پھچڻ وقت سندس سٺي آجيان ڪانہ ٿي ھئي. ھتي تپاولي چوٽ چڙھيل ھئي. يورپي توبخانو مفلوج ٿي ويو ھو. 78 ريجمينٽ جا ٻہ سو فوجي مري ويا ھئا. ان کان سواءِ دفن ٿيڻ لاءِ ڏھاڙي ھڪ نہ ٻيو لاش موجود ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو ڄڻ ھيءَ بيماري سڀني کي ڳيت ڏئي ڳھي پوءِ ساھھ پٽيندي. اھڙو ڳنڀير وايو منڊل ڏسي، باقي فوجين کي حيدرآباد ڏانھن موڪڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ھو. نہ تہ اڳي کيس اميد ھئي تہ اھا ساري فوج وٺي وڃي بلوچ ڌاڙيلن سان جھيڙو ڳنڍيندو ۽ شاندار فتح حاصل ڪندو جيڪڏھن فوج جو تحفظ نہ ڪيو ويو تہ بيماريءَ جي ختم ٿي وڃڻ تائين انھن مان ھڪ بہ ڪونہ بچندو.
اھا خبر جڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي ڪنين پئي تہ ھنن وٺي ھاءِ گھوڙا شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳا تہ اھو سارو نقصان سر چارلس جي لاپرواھيءَ ڪري ٿيو آھي. جڏھن ھن انھيءَ موسم ڌاران جابلو ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھو تہ کيس اھا خبر بہ ھجڻ گھرجي ھا تہ اھڙيءَ موسم دوران ھر سال بيماري ٿيندي آھي. ان کان کيس سواءِ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي ھا. ھن بيماريءَ جي موسم دوران حملي جون تياريون ڪيون، جڏھن 78 ريجمينٽ کي بيماري وچڙي وئي ھئي. ان کان سواءِ فوجين جا جيڪي بہ موت واقعي ٿيا آھن، تنھن جي ساري ذميواري سر چارلس تي آھي ۽ فوج جا اھڙا خوفناڪ خون بہ ھن ڪيا آھن. ھي ماڻھو فقط ھندستان ۾ ھاءِ گھوڙا ڪري سر چارلس کي بدنام ڪرڻ تي راضي ڪونہ ھئا. تنھن ڪري ھنن وھھ ۾ وھاٽيل بيان اسڪاٽلينڊ ڏانھن بہ موڪلي ڇڏيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ 78 ريجمينٽ جو تعلق ان علائقي سان ھو. ھن ڌر کي پتو ھو تہ انھن مرحوم فوجين جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اتي آھن ۽ اوڏانھن اھڙا بيان موڪلي اتان جي ماڻھن جي احساسن کي اڀاري سگھندا ۽ انھن ماڻھن جي دلين ۾ سر چارلس خلاف نفرت جي باه ٻري پوندي. پر ھن ماڻھوءَ کي انھن اجاين الزامن جي کـڙڪ پئجي وئي ھئي. ان ڪري ھن نھايت خبرداريءَ سان سوچڻ ويچارڻ شروع ڪيو ھو ۽ فوجين جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ واري ھر سوال تي غور ڪيو ھو.
ھن چيو ھو تھ، ”مون تي اخبارن وسيلي حملا ڪيا ويا آھن. جيڪي مون کي ھاڃو رسائي ڪونہ ٿا سگھن. پر منھنجي دل کي فوجين جي اوچتي موت گھائي رکيو آھي. اھڙا الزام مٿس بيھي ڪونہ سگھيا ھئا. پاڻيءَ جي چاڙھھ کان پوءِ سکر ۾ اھڙي بيماري سيپٽمبر ۾ شروع ٿي ھئي، جيڪا آڪٽوبر جي اڌ تائين ھلي ھئي. ان کان پوءِ ڪي ٿورا فوجي بيمار ٿيا ھئا. پر ابتدائي مرحلي ۾ انھيءَ بيماريءَ ھاڃو ڪري ڇڏيو ھو. ھندستان سرڪار وٽان کيس حڪم پھتو ھو تہ 13 ريجمينٽ کي سکر مان ڪراچي ۽ 78 ريجمينٽ کي ڪراچي مان سکر موڪليو وڃي. مٿينءَ سرڪار جي حڪم تي عمل نھايت خبرداري سان ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ 13 ريجمينٽ تي بيماري اڳئي حملو ڪري چڪي ھئي. ان جو ٻيو جھٽڪو بہ شروع ٿيڻ وارو ھو. سوچيو اھو ويو ھو تہ بيماري جي ٻئي جھٽڪي شروع ٿيڻ کان اڳ 13 ريجمنٽ سکر ڇڏي ڪراچي ھلي وڃي ۽ ڪراچي کان 78 ريجمينٽ ان وقت سکر پھچي، جنھن وقت بيماري ختم ٿي وڃي. کيس اميد ھئي تہ ھو ائين ڪري فوج کي بيماريءَ جي ٻئي حملي يا جھٽڪي کان بچائي سگھي ٿو. ڊاڪٽرن جو مشورو ھو تہ انھيءَ رت ۾ فوج کي پيش قدمي فائدي واري ٿيندي. ان ڪري 86 ريجمينٽ کي حيدرآباد کان پيش قدمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڻ 78 ريجمينٽ جيترو رھبر فوجي دستو ساڻ ڪري مٿي روانو ٿو. ان کان سواءِ ٻيءَ فوج کي احمد خان ڏانھن وڃڻ جو چيو ويو ھو. اھڙيءَ چرپر ڪري فوج بيماريءَ کان بچي وئي ۽ ڊاڪٽرن جو مشورو صحيح ثابت ٿيو ھو.
13 ريجمينٽ بيماريءَ جي ٻئي جھٽڪي کان بچي وئي ۽ وڃي ڪراچي پھتي ۽ چڱي ڀلي ٿي انگلينڊ رواني ٿي وئي. انھيءَ بدران رضاڪار مقرر ڪيا ويا ھئا، جن جو تعداد ٻہ سو ھو، جيڪي پيش قدمي دوران ھن سان گڏ رھيا ھئا. ھي خطرناڪ قسم جي پيش قدمي، ٻن طرفن کان شروع ڪئي وئي ھئي ۽ ان وقت فوج صحتمند بہ ھئي. 78 ريجمينٽ صحتمند حالت ۾ 25 آڪٽوبر تي سکر پھتي ۽ نومبر جي شروع تائين صحتمند رھي. ان کان پوءِ بيماريءَ ڏاڍيءَ شدت سان حملو ڪيو، جيڪو سال جي ابتدا تائين لڳاتار ھلندو رھيو.
اھا حقيقت آھي تہ 18 ۽ 78 ريجمينٽ جي پيش قدمي بيماري واري ساري موسم معطل رھي ھئي. اھڙيءَ بيماريءَ جي اڳواٽ چنتا ڪري بہ ھن فوج کي اتي رھايو وڃي ھا. اھڙي دير پوئين عرصي واريءَ بيماريءَ ڪري ڪانہ ٿي ھئي. دراصل اھو منصوبو ائين ڪونہ ھو پر بيماريءَ ڪري ان ۾ تبديلي آندي وئي ھئي. ڪراچيءَ واري فوجي ڇانوڻي، حيدرآباد جي خندقن واري فوجي ڪئمپ، ڪوٽڙيءَ واري آگبوٽن واريءَ اسٽيشن ۽ سکر واري فوجي ڪئمپ ۾ ان وقت اھڙي بيماري کان آجي ھئي، پر شڪارپور واري فوجي ڇانوڻيءَ ۾ انھيءَ وقت بيماري پکڙيل ھئي، جيڪا فقط فوجي ڇانوڻيءَ تائين محدود ۽ اتفاقي ھئي، پر اھڙيون ڳالھيون ھن ساري موضوع تي ڇائنجي ڪونہ ٿي سگھيون. پر ھتي بنگالين بغاوت دوران پنھنجي عملدار فوجين کي قتل ڪرڻ جا نعرا ھنيا ھئا. ھنن باغي فوجين کي جنرل ھنٽر ٿڌيون مٺيون ڳالھيون ڪري مڃائي ورتو ھو. انھيءَ زماني ۾ شير محمد جابلو ڌاڙيلن کي ساڻ ڪري ڪراچي سنڌ جي سرحد وٽ بيٺو ھو. ان کان سواءِ پندرنھن باغي ٽالپر، علي مراد جي درٻار ۾ موجود ھئا، جيڪا ھتان گھڻو پري ڪانہ ھئي. ڇا ان وقت اھو صحيح ھو تہ اھڙي نازڪ موقعي تي جنرل ھنٽر کي اڪيلو ڇڏجي ۽ وٽس ڪابھ يورپي فوج نہ ھجي؟ فرض ڪريو تہ بنگالي فوج ٻيھر بغاوت ٿي ڪري؟ 64 ريجمينٽ ٻہ چئن مھينن اندر ٻہ ڀيرا اڳ بغاوت جو جھنڊو جھولايو ھو. پر جيڪڏھن ٽيون ڀيرو ائين ڪري ھا تہ ان جو نتيجو ڇا نڪري ھا! ۽ جيڪڏھن اھي بغاوت دوران يورپين کي ائين ڪھن ھا جيئن ويلورVellore ۾ ڪٺو ويو ھو تہ ڇا ٿي چڪو ھجي ھا. جيڪڏھن اھي بکر ۾ موجود فوجي سامان لٽي ڦري ۽ سارو سرڪاري خزانو کڻي، وڃي جابلو علائقي ۾ شير محمد سان ملن ھا يا سکن سان ملتان وڃي ملن ھا، جن وٽ ھنن جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اڳئي موجود ھئا.
اھڙيون ڳالھيون ٿي ڪونہ سگھن ھا،پر اھڙو امڪان ضرور ھو. 34 بنگال ريجمينٽ بغاوت ڪئي ھئي ۽ جن کي فوجي ملازمت مان ڪڍيو ويو ھو، تن ھتان نڪري وڃي سکن جي ملازمت اختيار ڪئي ھئي. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا ۽ باغي فوج جنرل ھنٽر کي قتل ڪري ڇڏي ھا تہ وري بہ ڪارنھن جو لينگھو جنرل سر چارلس نيپئر تي لڳي ھا ۽ چيو وڃي ھا تہ اھو يورپي فوجي وٺي ھليو ويو ۽ جنرل ھنٽر کي ھٿ سان ڪھرايائين. نہ تہ کيس اھڙي اڳواٽ چنتا ضرور ڪرڻي ھئي ۽ اھڙين حالتن ڪري ڪو ممڻ تہ ضرور مچندو. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تہ سوال جو جواب ڪير ڏئي ھا. اھڙين ڳالھين جو ڪو جواز بہ ڪونہ ھو. کيس اھڙين امڪاني غلطين جو احساس بہ ھو ۽ جيڪڏھن اتفاق سان ائين ٿي بہ وڃي ھا تہ ھو پنھنجي باقي ساري زندگي شرم ۽ پڇتاءَ ۾ گذاري ڇڏي ھا. ھن کي 78 ريجمينٽ جي فوجين جي موت تي تمام گھڻو ڏک ٿيو ھو، پر ائين سندس غلطيءَ ڪري ڪونہ ٿيو ھو.
اسان وٽ اھڙيون ڪيتريون ثابتيون آھن. 78 ريجمينٽ تي پيش قدميءَ سبب بيماريءَ اثر ڪونہ ڪيو ھو. ھيءَ ريجمينٽ ان وقت بيمار ضرور ٿي ھئي، جنھن وقت فوجي ڇانوڻي ۾ رھيل ھئي. ائين تہ اتر سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين اندر رھندڙ سڀ فوج بيمار ٿي پئي ھئي. ھن سان گڏ توبخاني وارا يورپي فوجي دستا بہ تہ سخت بيمار ٿي پيا ھئا. اوسي پاسي واريءَ ٻيءَ فوج کي بہ اھا بيماري ڪانہ وچڙي ھئي. آگبوٽن وارا فوجي دستا جيڪي 78 ريجمينٽ کي ڪراچي کان سکر کڻي آيا ھئا، تن کي پڻ بيماري ڪانہ لڳي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ممبئي ڌر جيڪا سر چارلس خلاف الزامن جي ڌم ڌڙي لائي ڏني ھئي، تنھن جو ڪارڻ اھو ھو تھ، ھنن جا سر چارلس لاءِ اندر ڪارا ھئا ۽ ساڙ کان چريا ٿي پيا ھئا.
ڪيترن ماڻھن جو خيال ھو تہ اھا بيماري واھن جي پاڻيءَ وسيلي پکڙي ھئي، جيڪا عام طور سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ سبب ھوندي آھي. پاڻي جي گھٽجي وڃڻ ڪري ملڪ سائو ٿي ويو، پر اھڙي ساوڪ وقت کان اڳي ٿي ھئي. پاڻيءَ جي وقت کان اڳ لھڻ وڃڻ ڪري اوڀڙ تہ اڀري ھئي، سج جي تپش ڪري اھا وقت کان اڳي ئي سڙي سڪي وئي ھئي. اھڙيءَ موسم ڪري سنڌ ۾ اڻيھئي مليريا ٿيندي رھندي آھي. پر ان جو زور شڪارپور ۽ سکر ۾ تمام گھڻو ھوندو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ درياھہ جي چاڙھھ جو پاڻي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ ۾ تلاءَ ڪري بيھي ويندو آھي. سنڌ کي اٿل جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بندن جي تعمير ھاڻي تازو شروع ڪئي وئي آھي. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ انھيءَ موسم دوران ھوا شڪارپور ڏانھن ويندي آھي ۽ بيماري بہ اتي گھڻي ٿيندي آھي. جڏھن وري ھوا سکر ڏانھن گھلڻ شروع ڪندي آھي تہ بيماري شڪارپور ۾ گھٽجي ويندي آھي ۽ سکر ۾ وڌي ويندي آھي.
بنگال سروس جي ڊاڪٽر ڪرڪ ھن موضوع تي گھڻو سوچيو آھي. ان جو خيال آھي تہ اھو بخار جابلو تپش ڪري ٿئي ٿو، جن تي فوجي بئرڪون جوڙيون ويون آھن. پر منھنجو خيال آھي تہ اھي بخار جابلو تپش ۽ چاڙھھ واري پاڻيءَ جي تلائن ڪري بہ آھن. سنڌ ۾ ٻن ٽن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ڪا نہ ڪا مھامري پيدا ٿي پوندي آھي. مان سمجھان ٿو تہ اھا ٻرندڙ جبلن جي ڪري ٿيندي آھي. سنڌ ھڪ ميداني علائقو آھي، جتي سدائين ڌرتيءَ ڌڏڻ جا واقعا ٿيندا رھندا آھن. 1819ع ۾ ڌرتي ڌڏي ھئي، جنھن ڪري ڪڇ جو سارو مٿاڇرو مٽجي ويو ھو. اھڙيءَ ريت ڌرتي ڌڏڻ جا اڻ لکا جھٽڪا بہ ايندا رھندا آھن، جنھن ڪري سنڌ جي مٿاڇري ۾ کڏا ۽ گھارا پئجي ويندا آھن. اھڙي ريگ گئس پيدا ٿي پوندي آھي، ان ڪري ٿوريءَ وٿيءَ کان پوءِ وچڙندڙ بيماري پيدا ٿي پوندي آھي. اھا بيماري ايتري قدر خطرناڪ ھوندي آھي، جيتري قدر ڌرتي اندروني طور اٿل پٿل جو شڪار ٿيندي آھي. پر انھن بيمارين جو ڪارڻ اٿل واري پاڻيءَ جا تلاءَ ھجن يا ڌرتيءَ جي اندروني اٿل پٿل ڪري پيدا ٿيل گئسن ڪري ھجي، ليڪن يورپي فوجين لاءِ اھڙيون بيماريون ڏاڍو ڏچو پيدا ڪنديون آھن. ھندستان اندر فوجي بيئر ۽ برانڊي پيئندا آھن، جيڪو چانورن ۽ ٻين شين مان ٺاھيو ويندو آھي. ڪي شراب کارڪن مان بہ جوڙيا ويندا آھن. ڪي فوجي مانيءَ سان گڏ شراب پيئندا آھن ۽ ڪجهہ شراب کان سواءِ ماني کائيندا آھن. پر ماني سان گڏ شراب واپرائڻ ڪري وچڙندڙ بيماري ڪانہ ٿيندي آھي. ليڪن ائين ڪرڻ ڪري معدي يا آنڊي ۾ زخم ٿي پوندا آھن ۽ اھڙا زخم موتمار ڪونہ ھوندا آھن.
ڊاڪٽر رابرٽسن جو تعلق 18 ريجمينٽ سان آھي، جيڪو ھندستان ۾ ڦٽي نڪرندڙ سڀني بيمارين جي چڱيءَ ريت ڄاڻ رکي ٿو. سندس چوڻ آھي تہ جلال آباد جي گھيري دوران فوجي سپاھين کي ڪا بيماري انھيءَ ڪري ڪانہ ٿي ھئي، جو ھنن شراب جو استعمال ڪونہ ڪيو ھو.
سر چارلس ھن وقت سکر پھچي چڪو ھو. سندس اھو سفر ائين ھو ڄڻ ھن سکر کان حيدرآباد جو سفر ڪيو ھجي، جيڪو ھن سنڌ جي فتح دوران ڪيو ھو. ھي سندس ٻيو ڀيرو سکر اچڻ ھو ۽ ھن جي پيش قدمي واري محنت اجائي وڃڻي ڪانہ آھي. کيس ھن شھر کان وئي ٻہ سال ٿي ويا ھئا. ان وقت ھو سکر کان ميرن سان جنگ جي ارادي سان نڪتو ھو. ان زماني ۾ ھو امامڳڙھھ نالي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿر ڏانھن ويو ھو. ان کان پوءِ ھن ٻہ جنگيون کٽي ورتيون ھيون. ان کان سواءِ ھن چار وڏا قلعي بہ فتح ڪري ورتا ھئا. اھڙيءَ ريت ھن ڪيترائي ننڍا قلعا بہ ھٿ ڪري ورتا ھئا. ھتان جي ڇھن حڪمرانن کي شڪست ڏني ۽ ھڪ وڏي بادشاھھ کي مطيح ڪيو ھو. ھن سول انتظاميا کي تليقن ڪئي ۽ ان کي تحرڪ ۾ آندو، جنھن کي ھن ڪيترين ئي شاخن ۾ ورھايو. سنڌ جي مختلف نسلن سان بھتر تعلقات قائم ڪيا. ٻاھرين ملڪن سان پنھنجي خاص حڪمت عمليءَ جي ابتدا ڪئي. فوجي ۽ عوامي ڀلائي جي ڪيترن ئي ڪمن جي ابتدا ڪئي ھئي. ڪيترائي وڏا منصوبا بڻايا، جيڪي نہ رڳو وقت جي اھم ضرورت ھئا، پر ھن اڳيان انھن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو بہ مقصد ھو. اھڙن منصوبن کي پوري ڪرڻ جي اِرادي سان ھن فو جي اڳواڻي ڪندي، اٺن ۽ گھوڙن جي سواري ڪئي ۽ ٻہ ھزار ميل سر ڪيا، چئن کان پنجن ھزارن جي وچ تي سرڪاري خط لکيا ۽ رپورٽون تيار ڪيون، جن مان گھڻيون تہ نھايت شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن خانگي لکپڙھہ بہ ڪئي، جيڪا تمام گھڻي ھئي. ھو ھر ماڻھوءَ کي جواب ڏيندو ھو، پوءِ اھو وڏو ماڻھو ھجي يا ننڍو، سندس خط اھم ھجي يا غير اھم. ھو ڪابھ شيءِ تڪڙ ۾ ڪونہ پڙھندو ھو، پر ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان مطالعو ڪندو ھو. ڦاسي يا ٻين سخت سزائن تي ملندڙ شاھدين جو بہ ڏاڍي غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪندو ھو. ان کان سواءِ اھي فوجي منصبي فرض بہ ادا ڪندو ھو جيڪي انگلينڊ، ڪلڪتي، ممبئي ۽ مدراس ۾ رھندڙ سينيئر فوجي عملدار کيس چوندا ھئا. سخت بيمار ھوندي بہ ھن منصبي فرضن کان منھن ڪونہ موڙيو ھو. سندس عمر ٽيھٺ سال ھئي ۽ ھن جو سارو جسم زخمن جي گھائن سا پر ھو. اھڙي سخت گرم آبھوا ۾ بہ ڪم ڪندو رھندو ھو، جو اونھاري ۾ گرمي جو درجو 132 ھوندو ھو. اھڙين چوٽ گرمين دوران پنھنجي تنبوءَ کي ھٿرادو طريقي سان ٿڌو ڪري، گرمي گھٽ ڪندو رھندو ھو. ھن گرميءَ جو بھانو ڏئي ڪم کان ڪڏھن بہ ڪونہ گھٻرايو. اھڙي لکپڙھہ وھاٽيل وايو منڊل ۾ ڪندو رھندو ھو ۽ ان دوران ممبئي ڌر وارن جي ھاءِ گھوڙا بہ جاري رھندي ھئي. ھن خلاف ڪيئي سازشون بہ پيون ھلنديون ھيون، پر ھو اھڙين ڀڏين ڳالھين ھوندي بہ نہ ماندو ٿيو، نہ وري ڪا آس پليائين. اھڙين ڳالھين جو احساس سوڙھي دل وارا ماڻھو ڪندا آھن. کيس ھندستان سرڪار طرفان سھائتا ملڻ جو اوسيئڙو رھندو ھو. پر اھا بي شڪري ھئي، جنھن وٽ درگذر ڪرڻ ۽ شڪرگذار رھڻ جي ڪا ڳالھہ ئي ڪانہ ھئي.

باب اٺون: جابلو ماڻھن جي ملي مٺ ٿي وڙھڻ خلاف رٿابندي

جابلو ڌاڙيلن کي سبق سيکارڻ نھايت ضروري ٿي پيو ھو. ڇاڪاڻ تہ بيجار خان ڪامياب ڌاڙن ڪري تمام گھڻو مشھور ٿي ويو آھي ۽ اوسي پاسي وارا ماڻھو ھن جي وڏي عزت ڪري رھيا آھن، اڳتي ھلي جنھن جا نتيجا خراب نڪري سگھن ٿا. بلوچ سردارن جو اھو اتحاد ڏاڍو طاقتور ٿي ويو آھي. جيڪڏھن اولھہ پاسي وارا قبائلي ھنن سان گڏ نہ بہ اچن تہ بہ ھو ويھھ ھزار بھادر جوان جنگ لاءِ قطاري سگھي ٿو. جيڪي ايشيا جا دلير جوان ٿي سگھن ٿا. ھنن ماڻھن جي مدد لاءِ ھزارين ماڻھو ٻيا بہ موجود آھن. جيڪڏھن جابلو قبائلي سردار ڌاڙن ھڻڻ ۾ لڳاتار سوڀارا ٿيندا رھيا ۽ انگريز حڪومت انھن کي روڪي نہ سگھي تہ سنڌ ۾ رھندڙ بلوچ قبائلي سردار بہ انھن جو ساٿ ڏيندا ۽ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ڪونہ رھي سگھندا. جيڪڏھن ھنن کي ٿوري بہ ڍر ڏني وئي ڀنڊاري ڌاڙيلن جھڙا خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. اھي ڀنڊاري تعداد ۾ تہ رڳو ويھارو کن ھزار ھئا، پر خطرناڪ ايڏا ھئا جو مارڪئس آف ھيٽنگس کي ھنن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسي ھزار فوج آڻڻي پئجي وئي ھئي. ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان پوءِ بہ ھو ڌاڙن ھڻڻ کان باز ڪونہ آيا ھئا توڙي جو جابلو ٿاڪ سندن ھٿن مان نڪري ويا، جيڪي سندن تحفظ بيٺل ھئا. ھنن ڪڏھن بہ سک فوج کان سھائتا ڪانہ گھري. ھو ڪڻو ڪڻو ٿي رھندا ھئا. ڌاڙن ھڻڻ ويل مڙي مٺِ ٿي ويندا ھئا. ھنن جابلو ماڻھون جي ٻولي ھڪڙي آھي جن جو تعلق بھادر نسل سان آھي. سندن علائقو جابلو آھي ۽ اھڙو ڏکيو آھي جنھن جو مثال ساري ايشيا ۾ ڪونہ ملندو.
اھي ماڻھو ٻٽاڪي بہ آھن ۽ چوندا آھن ڪو بہ بادشاھھ ڇھن سون سالن کان سندن جبلن جو پھريون لڪ لتاڙي اڳتي ڪونہ وڌيو آھي. ڪيترن بادشاھن ھڪ لک فوج سان گڏ اھڙيون ڪوششون بہ ڪيون آھن. اھڙن لڪن مان لنگھڻ لاءِ انگريز سرڪار جون فوجون بہ ناڪام ٿي واپس آيون آھن. اھڙن لڪن ۾ ڪليبورن بہ شڪست کاڌي ھئي. ۽ ڪلئرڪ بہ ناڪام ٿي موٽي آيو ھو. ھنن کان سواءِ ٻيا ماڻھو بہ ناڪام ٿي موٽيا ھئا. برائون جھڙن بھادرن بہ مس پنھنجي فوج بچائي ھئي. جڏھن تہ ھن جو مقابلو فقط ھڪ مري قبيلي سان ھو. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي ڍر ڏبي تہ ڇينگ چڙھي ويندا ۽ ھوريان ھوريان ڪي آسرا ۽ اميدون رکندا ويندا. اھڙي ريت قلات ۽ سنڌ جي جابلو علائقن جي بلوچ قبائلي سردارن جا بہ حوصلا بلند ٿي ويندا ۽ جھيڙي ڳنڍڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. انھيءَ طريقي سان لکين ماڻھو گڏجي ميداني علائقن ڏانھن رخ رکندا. جڏھن تہ سک حڪمران (رنجيت سنگھھ ڏانھن اشارو) بہ وڏي فوج گڏ ڪري رھيو آھي سندس منھن بہ جھيڙي ۾ آھي. جيڪڏھن ائين ڪندو تہ اھا سندس چريائي ھوندي. ليڪن انھن کي منھن ڏيڻ خطري کان خالي بہ ڪونہ آھي. پر اھڙو مامرو وڏي کان وڏي فوجي جنرل کي ڇرڪائي ڇڏيندو. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين ۾ ناڪامي ٿي تہ خوف خطرا ڪؤڙي ۽ ول جيان وڌي وگھري ويندا، جن کي ٽارڻ نھايت ضروري ٿيندو. اسان ھنن کي ڌاڙيل تہ سڏيندا آھيون پر حقيقت اھا آھي تہ ھنن جابلو ماڻھن لاءِ يورپ ۾ اھڙو لفظ ڪونہ ھو جيڪو ھن لفظ جي پوري معنى مفھوم ڏيکاري سگھي. جيڪڏھن ھنن ماڻھن لاءِ اھو لفظ استعمال ڪبو بہ تہ انھن جي توھين ڪانہ ٿيندي، نہ وري انھن جي عزت نفس کي ڪو ھاڃو رسندو. يونان وارا بہ پاڻ کي ڪليپٽ سڏائيندي ڏاڍا خوش ٿيندا آھن. جڏھن تہ ھنن لاءِ ٻيا ماڻھو سمجھندا آھن تہ اھي دلير نسل سان تعلق رکن ٿا. جيڪي ڪنھن ماڻھو کي بنا محصول وٺڻ جي اڳتي وڃڻ ڪونہ ڏيندا آھن. ھنن ماڻھن جي رسمن رواجن ۽جنگ ڪرڻ بابت بيان ھيٺ ڏجي ٿو.
ڪشمور وارو رڻ پٽ چانڊين جي صدر مقام کان شروع ٿئي، جيڪو ھالار جبل جي وٽ سان تري ۾ آھي. جنھن کان سنڌو درياھہ اتر- اوڀر پاسي ٿيندو. ان علائقي جو اتريون پاسو وڃي ڪڇيءَ جي جابلو علائقي سان ملي ٿو. رڻ پٽ وارو ھي علائقو اسي ميل آھي، جيڪو صفا ٽاڪ وارو پٽ آھي. ڪٿي ڪٿي لئي جو وڻ ڏسبو نہ تہ ٻيو مڙوئي خير. ڪٿي پاڻيءَ جو ڦڙو بہ نظر ڪونہ ايندو. جتي بہ پاڻي ڏسبو آھي تہ ان جي چوڌاري تڏن سان ڇانيل جھوپڙيون ڏسبيون آھن. ڪٿي وري ڪچا قلعا ڏسبا آھن. جن جي ديوارن سان گول چبوترا ٺھيل ڏسڻ ۾ ايندا آھن. جيڪي نظر تہ نفرت جھڙا ايندا، پر صورتحال ڪري ڏاڍا خوفناڪ آھن. اونھاري جو ھتي سخت گرمي ھوندي آھي تنھن ڪري حملو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آھي. ڇاڪاڻ تہ فوج کي پاڻي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻو پوندو آھي. تنھن ڪري مقرر وقت کان وڌيڪ اتي رھي ڪونہ ٿو سگھجي. جيڪڏھن سياري جو حملو ڪبو تہ نقصان کان سواءِ ڪو ٻيو نتيجو ڪونہ نڪرندو. ڇاڪاڻ تہ ھتان جا ماڻھو نيم وحشي ۽ نيم منظم جنگجو ويڙھھ جا ڪوسير ھوندا آھن ۽ پنھنجو تحفظ ڪري ڄاڻندا آھن. بھادر بہ آھن، بندوق بہ ھلائي ڄاڻندا آھن، ھٿ جا بہ سڌا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ اھي سدائين بندوقبازيءَ جي مشق ڪندا رھندا آھن وٽن توڙيدار بندوقون ھونديون آھن جيڪي تپڪ يا تفنگ کان ساديون ھونديون آھن. انھن جو نشانو بہ دير سان وٺي سگھبو آھي ۽ انھن کي ڇوڙڻ لاءِ اضافي قوت جي ضرورت بہ ٿيندي آھي. ھن قسم جي ڪچن قلعن تي حملو ڪرڻ خطري کان خالي ڪونہ آھي. ڇاڪاڻ تہ انھن جي ڪچي ڀت سڪي وڃڻ کان پوءِ لچڪدار بڻجي وڃي ٿي. ھي تہ بندوق آھي پر توپ جو گولو بہ ان مان پار تہ ٿي ويندو، پر ان ۾ سوراخ ڪرڻ کان ان کي لوڏي ڪيري ڪونہ سگھندو. ان ۾ سوراخ بہ ايترو ويڪرو ٿيندو، جيتري ويڪر گولي جي ھوندي آھي. ھي ماڻھو خوفناڪ ويڙھاڪ بہ ائين آھن جيئن سندن قلعا خطرناڪ آھن. ڏسڻ ۾ ڀوائتا، ھٿيارن ھلائڻ ۾ ماھر تيز ۽ تڪڙا ۽ جھيڙي ۾ جھونجھار. صورتحال مان چڱيءَ ريت فائدو وٺي سگھندا آھن. ھنن جا گھوڙا بہ ھنن جيان جنگ جي فن مان واقف آھن ۽ جنگ جي ميدان ۾ ھڪ ھنڌ ٽڪي بيھي ڪونہ ويندا آھن. ھي بلوچ ڌاڙيل پيادا جبلن يا گھوڙن تي سوار ھوندي، پنھنجي ھر دشمن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪري سگھندا آھن. اھڙا خطرناڪ ڄڻ بروس ۾ اسڪاٽ لينڊ وارا مقابلي وقت. ڦريندا بہ ائين آھن جيئن گھوڙي سوار فوجي حملا ڪندا آھن. گھوڙن بدران گھوڙين تي سواري ڪندا آھن جيڪي قد جون لاٺيريون پر رفتار ۾ ڏاڍيون تيز ھونديون آھن. اک ڇنب ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پڄنديون، ڄڻ ڪرامت جي زور تي وڃي اتي پڳيون آھن. ھنن وھٽن کي تيز رفتار پنڌ انھيءَ ڪري سيکاريو ويندو آھي تہ جيئن ھو پوئتي ھٽندڙ انگريزي فوج مٿان وڃي اوچتو ڪڙڪن يا انھن جي ڪڍ لڳي مٿن وڃي اوچتو حملو ڪن. اھي جانور انگريزي فوج ريگيولر يا اريگيولر جي گھوڙيسوارن جي گھوڙن کان رفتار ۾ وڌيڪ تيز ھوندا آھن جيڪي پٺيان وڃي کين پھچي ڪونہ سگھندا آھن پر کين جھلڻ لاءِ حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندا آھن. کين سيکاريو ويندو آھي تہ فقط منزل تي پاڻي پين. ان کان سواءِ ھنن کي سڪل گوشت بہ کارايو ويندو آھي،انھيءَ مقصد سان تہ جيئن اھي گھڻو پنڌ ھلي سگھن. انھيءَ ڪري گھوڙين کي اڃ بہ گھٽ لڳندي آھي.
جڏھن پيل پٽ ۾ ڌاڙي ھڻڻ جو منصوبو جوڙيو ويندو آھي تہ گھوڙيءَ جو چارو سندس پيٽ سان ٻڌو ويندو آھي. سوار پاڻ سان پڪل تلھرون ۽ ڪڏھن چانورن ۽ کارڪن جو عرق کڻندو آھي. جيڪي ڏھن ٻارھن ڏينھن جي پورت ھوندا آھن ۽ اھو کاڌو ضرورت وقت ڪم آندو ويندو آھي. ڌاڙي ھڻڻ وقت اڳ ۾ پنھنجي کاڌ خوراڪ ڏانھن واجھائيندا آھن. ھر ھڪ ڌاڙيل وٽ ھڪ تلوار ھوندي آھي. ڪن وٽ وري ٻہ ھونديون آھن. اھي تيز بہ ايتريون ھونديون آھن. انھن سان قلم بہ گھڙي سگھبو آھي. سراڻ وارا بہ سوائين ڌاڙي جي وارداتن وارين جاين تي پيا ڦرندا آھن. ھنن جون تلوارون ويڪريون ننڍڙيون، پريل ۽ وزن ۾ ھلڪيون ٿينديون آھن. جيڪي گھڻو ڪري دمشق جي رڪ جون ٺھيل ھونديون آھن. ڪجهہ ڪڇيءَ جي ڪاريگرن جون ٺھيل آھن جيڪي ڏاڍيون شاندار آھن. بندوق توڙيدار ڪتب آڻيندا آھن. جيڪي تفنگ کان وڙ وجهہ ۾ گھٽ ھونديون آھن. سر چارلس چوندو آھي تہ اھي بندوقون جلدي مغرب جيان مشرق ۾ بيڪار سمجھيون وينديون ۽ جڏھن اھڙي تبديلي آئي تہ ڏاڍي خطرناڪ ھوندي. ھنن بندوقن جو استعمال بہ عام آھي جيڪي ساڳئي قسم جي انھن بندوقن کان گھٽ آھن، جيڪي انگلينڊ ڏانھن موڪليون وينديون آھن. انھن ٻنھي ۾ ايترو فرق ھوندو آھي جيترو عام ۽ شڪار واري لنڊن جي رائيفل ۾ ھوندو آھي.
ڌاڙيل بندوقن ۾ ڪم ايندڙ دارون ٿانو ۾ وجھي ڪلي سان ٻڌي ڇڏيندا آھن. انھن مان ڪيترن وٽ وري ڪن وٽ خوبصورت چٽن واريون ڍالون، وڏا چاقو، خنجر، ڏڦا، حقيقي پٿر ۽ رڪ بہ ساڻ ھوندو ھو. انھن جو مقدر ۾ گھڻو ويساھھ ھوندو ھو ۽ ھر واقعي کي لکئي جو ليک سمجھندا ھئا. ھر جرم ڪندا ھئا. ڪنھن کي معاف ڪرڻ تہ کين ڏانءَ ئي ڪونہ ايندو ھو نہ وري ڪنھن جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪندا ھئا. ڌاڙي ۾ ھنيل چوپائي مال کي وڳ سڏيندا آھن. جڏھن تہ پاڻ کي لوٽو ڪوٺيندا آھن. ھي لفظ ڌاڙيلن بدران بدمعاشيءَ جو مفھوم ڏيکاري ٿو. ھي ڦورو ٽولو ۽ ڌاڙيل تہ آھن پر منجھن ڪي شاندار روايتون بہ موجود ھونديون آھن. عورتن ۽ ٻارن کي نقصان ڪونہ پھچائيندا آھن. ھنن تازو عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو، پر ھنن جي اھڙين ڳالھين کي ننديو ويو ھو. ھنن ۾ يورپ جي ماڻھوءَ جيان قومپرستي موجود ڪانہ آھي. پر ھنن جي مذھب يعني اسلام سان ڏاڍي وابستگي آھي. ان کان سواءِ پنھنجي ڪٽنب ۽ قبيلي جي تمام گھڻي عزت ڪندا آھن. ھنن ۾ قبائلي دشمنيون بہ چوٽ تي چڙھيل ھونديون آھن، پر جيڪڏھن ڌاريو دشمن ھنن مٿان ڪاھھ ڪندو آھي تہ پنھنجا ٻار ٻچا ۽ نياڻيون سياڻيون پنھنجي قبائلي دشمن ڏانھن موڪلي سندس آڻ مڃيندا آھن. ان کان پوءِ جھيڙو پڄاڻيءَ تي پھچندو آھي ۽ ميڙ ٿي آيل نياڻين کي سام سمجھي وڏو مان مرجاتا ڏنو ويندو آھي. جڏھن ھو سمجھندا آھن تہ ڌاريو دشمن کين شڪست ڏيندو تہ ان لاءِ ھنن وٽ ھڪ سخت قسم جي روايت موجود آھي. ھو تہ ٻاھر نڪري وڃي پنھنجي دشمن کي مھاڏو ڏيندا آھن ۽ ھڪ اعتبار جوڳي ماڻھوءَ کي پوئتي عورتن ۽ ٻارن ۾ ڇڏي ويندا آھن. جڏھن ھار جي پڪ ٿي ويندي آھي تہ اھو ماڻھو عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيندو آھي. ھيءَ ھڪ خطرناڪ رسم آھي جنھن سر چارلس نيپئر کي ڏاڍو متاثر ڪيو ھو.
جڏھن جابلو ڌاڙيل ڪنھن ڌاڙي ھڻڻ جو منصوبو جوڙيندا ھئا تہ ڪنھن پاڻي جي تلاءَ وٽ منزل ڪندا آھن ۽ اتان پاڻيءَ جون کليون ڀري وڃي ڪنھن ڳوٺ کي ڦريندا آھن. واپسي تي اھڙو چپ ۽ تيز ورندا آھن جو ڪنھن فوجي چوڪيءَ کي پتو پئجي ڪونہ سگھندو آھي. ھن رڻ پٽ علائقي جي اپريل کان آڪٽوبر تائين ايتري گھڻي گرمي ٿيندي آھي جو ڪوبہ يورپي فوجي انھن جي ڪپ تي وڃي ڪونہ سگھندو آھي. يورپي تہ ٺھيو پرڏيھي فوجي سپاھي يا اٺن جا جت بہ اھا گرمي سھي ڪونہ سگھندا آھن. اھڙي گرم موسم ۾ فوج کي ڪنھن بہ قسم جو تحفظ ڏئي ڪونہ سگھبو آھي پر ڪڏھن ڪئپٽن متڪنزي جيان مٿن اوچتو وڃي ڪڙڪبو آھي.
ھن مھم دوران اھا بہ معلومات ملي وئي ھئي تہ اھي قبائلي سردار اسي ھزار اٺ سو ويڙھاڪن سان پڙ تي پڄي سگھن ٿا. انھيءَ کان سواءِ پنھنجا ھٿيار بند نوڪر چاڪر بہ آڻي سگھن ٿا، جنھن جو تعداد بہ ڪو ٿورو ڪونہ ھوندو. اھو بہ امڪان آھي تہ ھنن سان لس ٻيلي ۽جوکين جا ڄام بہ اچي گڏجن. انھيءَ اتحاد سان پوري لک فوج اسان جي مقابلي لاءِ اچي سامھون بيھندي، جنھن جي وڙھڻ جو طريقو ڏاڍو خطرناڪ آھي. ان بابت سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي: ھر ماڻھو ھٿياربند ھوندو آھي. جيڪو پنھنجي ھٿيار کي ڏاڍي مھارت سان ھلائي سگھندو آھي. ھي ماڻھو ھز مئجسٽيءَ جي پھريدارن جيان جنگي قانون ۽ قاعدي مطابق ڪونہ وڙھندا آھن. ھنن جو ورتل نشانو ڪڏھن بہ گسندو ڪونہ آھي. جھيڙي دوران سندن جنگي چال بہ مضبوط ھوندي آھي. جنھن جي وڏي عقلمنديءَ سان جوڙجڪ ڪري سگھندا آھن. دشمن تي تلوارون ۽ ڍالن سان ڪاھي پوندا آھن. سندن ھٿيار پاڪيءَ جھڙا تيز تکا ھوندا آھن. جنھن کي ۽ جتي بہ ھڻند آھن تہ ھر شيءِ کي اڌ ڪري وڃي پار پھچندا آھن.“
ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ موجود ويڙھاڪن سان گڏ اگزينٿ تي ڪاوڙل ايشيا جو ھڪ ماڻھو ملازمت حاصل ڪري شريڪ ٿيو. معلوم ائين ٿيندو آھي تہ ھتي اھو ماڻھو اچي ملازم ٿيندو آھي، جنھن وٽ پئسو ھوندو آھي يا اھو تلوار کڻڻ جھڙو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تہ اھڙن ملڪن اندر ڌاڙيل قبيلا ھڪ اداري جيان ڪم ڪندا آھن. ان کان سواءِ اتي اھڙن ماڻھن جو طبقو ھوندو آھي جنھن سان گڏ چئن سون کان ھڪ سو ھٿياربند ھوندا آھن. اھي ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ اچي ڪنھن نہ ڪنھن گروھھ جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ قبائلي جھيڙن ۾ جنبي ويندا آھن جيڪي اتحادي قبيلي کان سواءِ ٻئي ھر قبيلي کي ڦري لٽي پيٽ گذر ڪندا آھن. بجار خان ڌاڙا ڦريون ڪري ڏاڍو مشھور ٿي ويو آھي ۽ ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو وڌيڪ مشھور ٿيندو. ٻئي سال ھو اھڙا ماڻھو پاڻ سان ملائي سگھندو جيڪي ڦرلٽ جي مقصد سان وتندا آھن جھنگ جھر ۾ جھوتون ھڻندا ۽ اوچتين سٽن ۽ جھٽ لاءِ وتندا آھن لؤڻا ھڻندا. جيڪڏھن شڪارپور ۾ موسمي تپاولي ٿي وئي ۽ فوجي بيمار ٿي پيا تہ بيجار ڊومڪي اچي انھيءَ ماڳ تي حملو ڪري سگھي ٿو ۽ اتي رھندڙ فوج قتل عام ڪري سگھي ٿو. ان کان سواءِ انھن جابلو علائقن ۾ انگريزي فوج جون چار توپون آھن جيڪي ھنن جي شڪست دوران اتي رھجي ويون ھيون. اھي پنھنجن ماڻھن کي ڏيکاري فخر محسوس ڪندا آھن.
قلات جو حڪمران نوجوان آھي. ڌاڙيل سندس تابعداري ڪونہ ڪندا آھن، پر جيڪڏھن ھو ڪنھن سان جھيڙو ڳنڍيندو آھي تہ مال غنيمت جي آسري سڀئي بلوچ سردار ھڪدم سندس وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويندا آھن. قلات جو ھي نوجوان حڪمران شخصي طور انگريزن سان دوستي ڳنڍڻ جو خواھشمند آھي پر سندس درٻار جا نواب ۽ سردار ھن ڳالھہ ۾ سندس مخالف آھن، تنھن ڪري اھو سوچڻ بہ لازمي آھي تہ ھي نوجوان حڪمران انھن انگريزن سان ڪيتري حد تائين گھڻگھرو ٿي سگھي ٿو، جن افغان جنگ دوران سندس پيءُ کي قتل ڪيو ھجي، راڄڌاني کي ڦري لٽي ڀنگ ڪيو ھجي ۽ سندس ملڪ جي خزاني تي دنگو ڄمايو ھجي. جڏھن ملڪي حڪمراني جو انتظام ھن ننڍڙي شھزادي کي سونپيو ويو ھو تہ سندس عمر ايتري ڪانہ ھئي، جو ملڪي انتظام سنڀالي سگھي. تنھن ڪري انگريز سرڪار سندس ئي خاندان جي ھڪ ماڻھو کي مقرر ڪيو جيڪو ھن ننڍڙي حڪمران جي نالي راڄ ڪندو ھو جنھن جو خيال ھو تہ جيستائين ھي ٻار وڏو ٿي حڪمراني سنڀالڻ جھڙو ٿئي، تيستائين انگريزن جي مدد حاصل ڪرڻ ضروري آھي. پر شاھي درٻار جا سردار ۽ نواب ڳجهہ ڳوھہ ۾ مٿي بيان ڪيل انگريز دوستي کان نفرت ڪندا ھئا. انھن جو تصور ھو تہ انگريزن کان محراب خان جي قتل جو پلاند ڪيو وڃي جيڪو ھن ننڍڙي حڪمران جو پيءُ ھو. سر چارلس جي سنڌ پھچڻ کان اڳ قلات درٻار جي نوابن ۽ سردارن ميجر آئوٽرام کي ڪڍي ڇڏيو ھو، جيڪو قلات درٻار ۾ انگريز سرڪار جو پوليٽيڪل ايجنٽ ھو. ڪجهہ وقت اڳ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران بہ ساڳي ريت کيس پنھنجي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو ھو.
اھي سڀ حقيقتون ڌيان ۾ ڌري سر چارلس پيش قدمي شروع ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھن ڏاڍي خبرداريءَ کان ڪم ورتو ھو. سندس خيال مطابق پھرين اھم ڳالھہ اھا ھئي تہ ھو پنھنجي ان جنگ کي ڪامياب ڪري جنھن لاءِ ھن پنھنجي عقل، شعور، اعلى قسم جي حڪمت عملي ۽ پنھنجي بھادر فوج کي ڪتب آڻي رھيو ھو. ان جو سارو دارومدار سندس عقل ۽ فوجي انتظام تي ھو. ان ناتي ھن علي مراد کي چڱي اک ڏيکاري ھئي جنھن پنھنجي دربار ۾ سنڌ جي اولھہ پاسي وارا سردار آڻي ترسايا ھئا. ان کان سواءِ ھن لس ٻيلي جي ڄام ۽ جوکين جي ڄام سان بہ سختي ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي قلات جي خان جي درٻار سان سچا ڪونہ ھئا. ان کان سواءِ ھن قنڌار جي حڪمران کي پڻ ڊيڄاريو ڌمڪايو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن وچ ايشيا تائين پنھنجي فوجي ڌاڪ ويھاري ڇڏي ھئي. ان ناتي ھن سنڌ ۾ ئي مختلف قسم جون فوجي پيش قدميون شروع ڪيون ھيون. ان لاءِ ھن اٺ سوار فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏئي، اولھہ واري جابلو علائقي جي سردارن کي ڊيڄاري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ھو ڪو آڏو ابتو پير کڻندا تہ سندن سرن جو خير نہ ھوندو. اھڙيءَ ريت ولي چانڊئي کي نوبت جي تلوار بہ ساڳئي مقصد سان ڏني وئي ھئي. ھن ٻيو ڪم اھو بہ ڪيو جو ھن (ولي چانڊئي) ماڻھو پگھار تي پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪيا ھئا. ھن سان گڏ ولي چانڊئي کي سردار طور ڪجهہ رقم ڏني ھئي ۽ ساڻس ۽ بروھين سان واعدو ڪيو ھئائين تہ کين ڊومڪين ۽ بگٽين جي زمين بہ ڏيندو.
اھا سندس بھترين حڪمت عملي ھئي ھن سان گڏ سنڌ جا ماڻھو بہ موجود ھئا. ھن پيش قدمي کان ٿورو اڳ ھڪ سو پندرھن قبائلي سردارن ڪراچيءَ اچي سندس سلام ڪيو ھو پر ھنن قبائلي سردارن جي وفاداري ۽ تابعداري بابت ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ڪيئي ڪوڙيون ڳالھيون لکيون ھيون. ھيءَ اخبار لڳاتار اعلان ڪري رھي ھئي تھ، سنڌ جي ساڳين ٽالپرن ۽ سردارن جا حوصلا بلند ٿي ويا ھئا. ان ڪري سنڌ جا جاگيردار ۽ ’نوبت‘ ۽ ’گڊو‘ وفاداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ کان مسلسل انڪار ڪري رھيا ھئا. ھنن ٻنھي مان نوبت تہ قيد ۾ ئي وفات ڪري ويو جڏھن تہ ٻئي کي ڦاھي تي لڙڪايو ويو ھو. اھي ماڻھو ڌاڙن جا مجرم ھئا پر ڊاڪٽر بيورسٽ ۽ ’بامبئي ٽائيمس‘ اخبار جي ٻئي عملي جي اجاين اعلانن ڪري ھنن جي دلين ۾ اجايون خواھشيون پيدا ٿي چڪيون ھيون. نوبت ۽ گڊي کي ھن کان گھڻو وقت اڳ ئي گرفتار ڪيو وڃي ھا پر کين سوچي سمجھي ڍر ڏني وئي ھئي. ن جو ھڪ ڪارڻ تہ اھو ھو تہ متان ھو انگريز جي وفاداري قبول ڪن. ٻي ڳالھہ اھا ھئي تہ جنرل سر چارلس جي مرضي ھئي تہ ھنن کي سندن ملڪ ۾ وڃي گرفتار ڪجي. انھيءَ مقصد لاءِ تہ جين اوڙي پاڙي جي ڌاڙيلن تي ڏھڪاءُ ويھي وڃي ۽ امن امان ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تہ انھيءَ زماني ۾ انگريز فوج سرحدن کان پري ھئي.
فوجي پيش قدميءَ دوران موڪليل جاسوسن، ڌاڙيل قبيلن بابت مختلف اطلاع موڪليا ھئا. ان سان قلات جي خان لاءِ ڪيئي اطلاع موڪليا ويا ھئا ۽ چيو ويو ھو تہ ننڍڙو حڪمران مستقل مزاج ڪونہ آھي ۽ سندس حڪمت عملي ڪڏھن ڪيئن تہ ڪڏھن ڪيئن آھي. ان کان سواءِ ڍاڍر ۾ سر چارلس سان ھلڻ کان لھرائي رھيو ھو. ان کان سواءِ ملڻ کان انڪار ڪرڻ کان بہ ڊڄي رھيو آھي. ان لاءِ ھن وچٿرو رستو اختيار ڪيو آھي.
اھڙيءَ ريت ھو سر چارلس جي ھلڻ کان بہ لھرائي رھيو آھي تہ ساڻس نہ ملڻ جي نتيجن کان بہ گھٻرائي رھيو آھي. ھن بجار کي ڦلجيءَ مان ڪڍڻ جو بھانو ڏئي فوج کي گڏ ڪري ورتو آھي. سندس اھڙيون تياريون بلڪل واضح ھيون، اھو ڏسي سر چارلس پنھنجي پيش قدمي جي رفتار کي ڍورو ڪري ڇڏيو. ان وقت قلات جي خان ڏانھن بجار موڪلي چيو ويو تہ ھو ڦلجيءَ ۾ پاڻي نہ ھئڻ جو سبب ڏئي اوڏانھن نہ وڌي. ھتي اھو معلوم ڪرڻو ھو تہ جيڪڏھن بجار ھن سازش کي نہ سمجھي سگھيو تہ ھو موٽڻ ۾ دير نہ ڪندو. پر اھڙيون سرگرميون مايوسڪن ھيون. ڇاڪاڻ تہ منصوبي مطابق سندس اوچتي گرفتاري لاءِ بجار کي ڦلجي ۾ موجود ھجڻ گھرجي. ھن جي واپس اچي ڦلجي رھڻ کان سواءِ سادو منصوبو بيڪار ثابت ٿي رھيو ھو. ان زماني فزجيرالڊ لاڙڪاڻي ۾ رھندو ھو، جنھن اھڙي معلومات ڏني ھئي. جنھن ڪري اصلي منصوبي ۾ ترميم ڪرڻ ضروري ھئي. نئون منصوبو ڳجھو ۽ پيچيده ھو جنھن کي سمجھڻ بہ سولو ڪونہ ھو. پر جيڪڏھن اھو ڪامياب نہ ٿيو تہ اھڙي منصوبي جو راز ظاھر ٿيڻ جو امڪان ھو. ان کان پوءِ ان کي سمجھڻ بہ سولو ھو.
لارڊ ايلنبرو ۽ سر ھينري ھارڊنج بہ ھن منصوبي جي منظوري ڏئي چڪا ھئا. ٻنھي ڄڻن ضروري اختيار سر چارلس جي حوالي ڪري ڇڏيا ھئا. پر دارو لپن جي گورنر جنرل بڻجي اچڻ کان پوءِ جڏھن کيس ھن منصوبي جي آگاھي ڏني وئي تہ ذاتي انا ۽ ھٺ ڌرمي وارو وايو منڊل پيدا ٿي پيو. سر چارلس کيس پيرائتو احوال ٻڌايو ھو ۽ چيو ھئائين تہ ھنن جابلو ڌاڙيلن اوڙي پاڙي وارن علائقن ۾ ڌاڙا ھڻي ٽڪري تپائي ڇڏي آھي. اھي نہ رڳو چوپائو مال ھڻي تہ وڃن پر ماڻھن جو قتل عام بہ ڪيون ٿا وڃن. ھن کيس اھو بہ ٻڌايو ھو تہ ھنن بي رحم ماڻھن فوج ۽ ان سان گڏ ھلندڙ رسدگاھھ جي ماڻھن کي قتل ڪيو آھي، جن جو تعداد ٽي سو ٿيندو. ھن کيس اھو بہ ٻڌايو انھن ڪيترا ئي ڳوٺ ساڙي رک ڪري ڇڏيا آھن. ڪيترا علائقا ماڻھن کان خالي ٿي ويا آھن. سون جي تعداد ۾ بي گناھھ عورتون ڪٺيون ويون آھن ۽ ڪيترن ئي ٻارن جا ھٿ وڍي کين معذور ڪيو ويو آھي. ھن کيس اھڙين امڪاني ڳالھين کان بہ آگاھھ ڪيو جيڪي ٿيڻ واريون آھن جيڪي نہ رڳو سنڌ کي پر ساري ھندستان کي متاثر ڪري سگھن ٿيون. کيس اھا بہ معلومات ڏني وئي ھئي تہ انھن ڌاڙيلن جو تعداد ارڙھن ھزار آھي ۽ انھن سردارن جا نوڪر چاڪر بہ ھٿياربند آھن جيڪي اڳتي ھلي ھڪ فوج جي شڪل اختيار ڪري سگھن ٿا. ان ڪري ھندستان سرڪار کي ٻن ڳالھين مان ھڪ جي چوند ڪرڻي آھي تہ يا سنڌ، سنڌو درياھہ ۾ ھلندڙ آگبوٽن جي آمدرفت، ھلندڙ تجارت ۽ فوجي سھوليتن مان ھٿ کڻڻو پوندو يا وڏو خرچ ڀري سنڌ ۾ فوج جي تعداد کي گھڻو وڌائڻو پوندو. تنھن تي لارڊ رپن کيس جواب ۾ لکيو ھو تہ ”تو غير اھم معاملن کي وڌائي اينگھائي، اھم ڪري پيش ڪيو آھي.“
اھا اجائي ھوڏ ۽ ھٺ ھو. جيڪو تاريخ کي سرحدن کان ٻاھر ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيندو آھي. باقي لارڊ رپن تہ عيش ۽ آرام جو ڪوڏيو ھو. باقي ٻين حوالدار ۽ فوجي سپاھي لاءِ تہ اڻ کٽ ڪم ھوندو آھي. جيڪي جھنم جھڙ سج تي تتل گولي ھيٺان پيا ڳھندا ۽ ڳرندا آھن. جنھن ڪري سندن ميڄالو ۽ ڪرنگھي جي مک ائين سڙي ڪارا ٿي ويندا آھن جيئن ڪاڳرن جو ويڙھو باھھ جي تو تي سڙي ڪارو ٿي ويندو آھي. سر چارلس پنھنجي اکين سان ڏسي رھو ھو تہ ھو ڪيئن پنھنجون زندگيون ارپي رھيا آھن ۽ سندن حياتيون ڪھڙيون سستي طريقي سان تباھہ ٿي رھيون آھن. ھن جي اکين آڏو ڀينگ ٿيل ويران علائقا، ساڙيل ڳوٺن جون بي وسيون، مرندڙ عورتن جون رڙيون، معذور ٿيل ٻارڙن جون ڪيھون پنھنجن ترن تڏن کان وڇڙيل بيوس ماڻھن جون اِلاھون ۽ مري ويلن جي مائٽن جي زار زار رئڻ جا آواز ٻري رھيا ھئا ۽ ٽنڊن ۽ ٺوٺن ٻارن جا رت ۾ وھتل جسم چريون ٿي ويل مائرن جي جان سان چنبڙيل ھئا. اھي سڀ قھري ڪاروايون ڌاڙيل بلوچ قبيلن جون ھيون، جن ھزارن کي پنھنجن گھرن مان ڪڍي دربدر ڪري ڇڏيو ھو. اھڙيون ساھھ سڪائيندڙ ڳالھيون لارڊ رپن لاءِ غير اھم ھيون. ائين چئي وسيع سوچ جي مالڪ دلين جي توھين ڪئي وئي ھئي. ٿوري وقت کان پوءِ لارڊ رپن لاءِ اھڙي ڌڪار گھٽجي وئي ھئي. ان کان پوءِ کيس اھڙو ماڻھو سمجھيو ويو جيڪو انساني احساسن کان خالي ۽ ٻاجھھ ۽ جھٻي کان وانجھيل ھو. تنھن ڪري سندس واھر ۽ سھائتا کان سواءِ ڌاڙيلن خلاف شروع ڪيل مھم جاري رھندي آئي.
ممبئي ۾ ڌاڙيلن جابلو قبيلن خلاف ھن مھم تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون ھيون. چيو پئي ويو تہ سر چارلس اجائي ھام ھڻي رھيو آھي. کيس ڪاوڙ سدائين ڪنڊي تي آھي. جيڪڏھن اھو ٽانڊي تپڻو ماڻھو ڦلجي پھتو تہ اھو ماڳ ڀيلي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيندو. ھو بہ بجار کي ائين پڪڙيندو جيئنءَ ٻار پکين کي پڪڙڻ سکندا آھن جڏھن انھن ماڻھن کي پڪ ٿي تہ ڌاڙيلن خلاف مھم ضرور شروع ڪئي ويندي ۽ سر چارلس پنھنجي ڳالھہ کي ڳنڍ ٻڌي بيھي ويو آھي تہ نہ رڳو ممبئي ٽائيمس پر ھندستان جي سڀني اخبا، جي وڏي غلطي ھوندي ۽ ان ڪيمرا سڏبو ھو. ھنن پنھنجي طاقت جو وت کان وڌيڪ زور لاتو ھو. پر ”آگرا اخبار“ ۽ ”بامبي جينٽل مينرس گزيٽ“ ھن موقعي تي پاڻ ملھايو ھو ۽ سچ ۽ شرافت جو مظاھرو ڪيو ھو. ھي ڪو پھريون موقعو ڪونہ ھو. ليڪن اھڙو وايو منڊل تہ اڻھين ھوندو ھو پر پوين ٻنھي اخبارن کي جنرل جو لحاظ ھوندو ھو. باقي ٻيون اخبارون زھر اوڳاڇڻ ۾ اڳئين کان بہ اڳريون ھونديون ھيون. انگلينڊ ۾ موجود ماڻھن کي اتي رھندڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڇاڙتن غلط ڳالھيون ٻڌائي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ھو تہ سر چارلس کي اھا ڪل ئي ڪانھي تہ جبل جي ڌاڙيلن سان جھيڙو ڪھڙي طريقي سان ڳنڍبو آھي. ان کان سواءِ اھو بہ چيو پئي ويو تہ ھن جي فوج بہ ڌاڙيلن سان وڙھڻ ۾ سوڀاري ڪانہ ٿيندي. ٻيو تہ ٺھيو پر ھندستان جي اعلى ۽ تجربيڪار عملدارن بہ چوڻ شروع ڪيو ھو تہ سر چارلس جي اھا فوجي مھم ڪامياب ڪانہ ٿيندي. اھو بہ چوڻ لڳا تھ، سر چارلس کي پنھنجي اڳين فتحن ڪري پاڻتي وڏو ويساھھ آھي. کيس اھا خبر ئي ڪانھي تہ اھي جابلو ڌاڙيل ڪيڏا نہ خطرناڪ ۽ تيز رفتار آھن.“ خود فوج کي بہ بلوچ ڌاڙيلن جو ڀئھ ويٺل ھو جيڪا ھنن ڌاڙيلن سان ٻہ پاڻي ڪرڻ واري ھئي. اھا دلير ۽ بھادر تہ ھئي پر ھر ننڍي ۽ وڏي فوجي عملدار کي ڪاميابيءَ جي پڪ ڪانہ ھئي. سر چارلس بہ ھن موضوع تي ڪونہ ڳالھائيندو ھو. ليڪن پنھنجي ماتحت عملي سان ضرور ويچار ونڊيندو ھو، جيڪي جنگي مھم جي تيارين ۾ ساڻس ھر وقت گڏ رھندا ھئا. وايو منڊل ڪجهہ منڌل ھو، تنھن ڪري سندس اندر کي بہ آٿت ڪونہ ھو. ھو نھايت بھادر انسان ھو. سندس طاقت آڏو ھر شي ڀڄي ڀور ٿي پوندي ھئي. جڏھن ھو ڏسندو ھو تہ عوامي مفادن کي نقصان پھچي رھيو آھي تہ ھو پنھنجي جان کي جوکي ۾ وجھي بہ اھڙي ڪم کي روڪيندو ھو. سندس خيال ھو تہ جيڪڏھن ھن جنگي مھم دوران ھو مري بہ ويو تہ سمجھندو تہ ھي مھم پاڻ ئي تڪميل کي پھچي چڪي آھي. کيس اھا بہ پڪ ھئي تہ ھن جي مرڻ کان پوءِ سندس اھڙو جانشين ڪونہ ھوندو جيڪو ھن مھم کي اڳڀرو ڪري مڪمل ڪندو يا ان کي ممڪن سمجھي ڪامياب ڪندو. ھن سان گڏ پيش قدمي ڪندڙ فوج کي بہ سڀ ڳالھيون ساريون پيون ھيون. ڌاڙيل دشمنن سان مقابلو سخت ھوندو. کين اڳئين جيان اھو ويساھھ بہ ويھي ويو ھو تہ ھن مھم ۾ سوڀ جو آسرو گھٽ آھي ۽ ننڍين ننڍين شڪستن ڪري مايوسي پيدا ٿيندي. پر جيئن تہ ڌاڙيلن وٽ چوپائي مال جا وڏا ڌڻ ھوندا ھئا، تنھن ڪري جيڪڏھن انھن جو پيڇو ڪبو بہ تہ انھن وٽ مھاڏي ڏيڻ جيتري سگھھ ڪانہ ھوندي. تنھن ڪري کين پڪ ھئي تہ گھڻو مال غنيمت ملي ويندو. ھنن جي دلين ۾ اھڙي خواھش سان گڏ جھيڙي ڳنڍڻ وارو جذبو بہ موجود ھو ۽ اھڙي ريت ھو اڳتي وڌندا رھيا.
سر چارلس کي ھڪ ٻي بہ ڳڻتي ھئي، جيڪا سندس جان جنجھوڙي رھي ھئي. کيس ھٽڪٽو لڳل ھو تہ متان شڪارپور ۾ رھيل بنگالي فوج وري نہ بغاوت ڪري وجھي. اھڙي بلوي جو ڪارڻ بي انصافي ھئي جنھن جو اٿندي ازالو ڪيو ويو ھو. ڪرنل موزلي کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ ۾، ڪيترن کي ڦاھي تي چاڙھڻ کان پوءِ وايو منڊل ڳڻتي جوڳو ۽ ڳنڀير ھو. تنھنڪري ناراض فوج سان گڏجي دشمن خلاف پيش قدمي ڪرڻ خطري کان خالي ڪانہ ھئي. مناسب اھو ھو تہ بنگالي فوج کي ڏکڻ سنڌ ۾ ممبئي ريجمينٽ کي ھن جنگلي مھم لاءِ موڪليو وڃي ھا پر انھيءَ ڪري ڪجهہ دير ٿي وڃي ھا. بنگالي فوجين کي سزا ڏيڻ ان فوجي جنرل جي توھين ھئي، جنھن ھنن (بنگالي فوجين) سان گڏجي جنگيون وڙھيون ھيون. ھو باغي بنگالي فوجين کي سزا ڏين کان بہ لھرائي رھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ کيس خبر ھئي تہ کين گمراھھ ڪيو ويو آھي ۽ ساڻن بي انصافي بہ ٿي آھي. تنھن ڪري ھن کين ھن جنگي مھم ۾ شريڪ ڪرڻ جو خطرو سرتي کنيو ھو. 78 ريجمينٽ کي مٿي آڻڻ جو حڪم بہ امڪاني خدشي کي منھن ڏيڻ لاءِ ھو ۽ توقع ھئي اھا امڪاني خطري کي ضرور منھن ڏئي سگھندي. سندس کليءَ دل جي ھن مظاھري جو ڏاڍو سٺو اثر ٿيو ھو ۽ فوجي ڏاڍا متاثر ٿيا ھئا. 64 بنگال ريجمينٽ ھاڻي تازو بغاوت ڪئي ھئي ۽ سندن اڳواڻن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو ھو. ان ريجمينٽ کان جھنڊا وغيره کسيا ويا ھئا. پر اھي سر چارلس نيپيئر جي ڪمانڊ ھيٺ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويا ھئا، ايتري قدر جو اسپتالن ۾ داخل فوجن درخواستون ڏنيون ھيون تہ سر چارلس جي ڪمانڊريءَ ۾ جنگي مھم لاءِ پيش قدمي ڪندڙ فوج سان کين بہ شامل ڪيو وڃي.
ان وقت ممبئي جي ڌر کي اچي ونڌڪو لڳو ھو ۽ اھي ماڻھو ان سنڌ جي باغين کي بغاوت ڪرڻ لاءِ ھشيون ڏئي رھيا آھن جڏھن فوج سنڌ جي حدن کان ٻاھر ھوندي تہ ھنن باغين کي اڃا بہ وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو، جيڪو پريشانيءَ جو ٻيو ڪارڻ ھو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن جابلو علائقي ۾ فوج ٿوري بہ ناڪام ٿيندي تہ ھو باغين کي بغاوت ڪرڻ جي تلقين ڪندا. مخالفن واسطي جنرل چارلس پنھنجي پراڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي ھئي. ان کان ھن کي سواءِ عام ماڻھوءَ جو اعتماد بہ حاصل ھو. ھن لاءِ تڪليفون ڏک ۽ ڏچا تمام گھڻا ھئا پر اھي موسمي تپائلي ڪري ٿيندڙ تباھي کان گھڻو گھٽ ھئا. ان وچڙندڙ بيماري ڪري ھو ڏاڍو ڪمزور ٿي پيو ۽ ڪنھن دشمن کي منھن ڏئي سگھڻ جھڙو ڪونہ رھيو ھو. انھيءَ ڪري کيس اھو ھٽڪٽو لڳل ھوندو ھو تہ متان ڪو دشمن مٿس ڪاھي نہ اچي. ھيءُ دل جو بھادر آھي ۽ اھڙيون روڪون ۽ رنڊڪون تہ رھندو بہ کيس منصبي فرض جي ادائگي لاءِ اتساھينديون آھن. اھو ڪڏھن بہ محسوس ڪونہ ٿيندو ھو تہ ھو ڪنھن وڏي طاقت کان گھٻرائي رھيو آھي. انھيءَ زماني ۾ 78 ريجمينٽ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي وئي ھئي. توبخاني ۽ جاسوسي کاتي جي ماڻھن جي حالت بہ تشويشناڪ ھئي. 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن کي بہ لاڙڪاڻي ۾ ترسايو ويو ھو. انھيءَ خوف کان متان ھي بہ موسومي تپائلي جي ور چڙھي نہ وڃن، ان کان سواءِ ھن توبخاني جي يورپي فوجين کي بہ اوڏانھن موڪلي ڇڏيو ھو ۽ اھي بنا گھوڙن ۽ توبن جي روانا ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي ماڻھو ايترا ڪمزور ٿي ويا ھئا جو پاڻ سان توبون کڻي وڃي ڪونہ ٿي سگھيا. وايو منڊل ايترو ڳنڀير ٿي ويو ھو جو ھن وٽ ٻہ سو چاڪ چوبند ھٿياربند مس موجود ھئا. ليڪن اھي بہ ڪڏھن بيمار ھئا، جيڪي ھاڻي چڪڻ مان چڙھي وڃي پار پيا آھن. پر ھن قسم جي ڏچن ۽ ڏوجھرن ڪري ھيڻي ڪانہ ٻولي ھئائين ۽ سندس ارادا اٽل ۽ حوصلا بلندا ھئا. انھيءَ وقت کيس ايسٽ اينڊيا ڪمپني طرفان ٻہ يورپي ريجمينٽ ۽ بندي لکنڊ جي ھٿياربند فوج، مدد طور اچي پھتي ھئي جيڪا اڳ ۾ اتر ستلج وٽ موجود ھئي. ان کان پوءِ سر چارلس ھن قسم جو بندوبست ڪيو ھو جيڪو ھيٺ ڏجي ٿو.
ستلج کان آيل فوج کي ھن بکر کان مٿان ۽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان ترسائي ڇڏيو ھو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئنءَ ھو ان فوج کي پنھنجي لشڪر جو ساڄو پاسو بڻائي سگھي.
جڏھن تہ اٺ سوار فوج، 13 ريجمينٽ جا رضاڪار، سنڌ گھوڙيسوار فوج، لاڙڪاڻي ۾ ھن ارادي سان ترسائي وئي تہ جيئن ان کي لشڪر جي کاٻي پاسي رکي سگھجي.
اريگيولر گھوڙيسوار دستا، توبخانو، انجنيئر، رسدگاھھ، قلعن ۾ کاٽ ھڻن وارن، 4 ۽ 64 ريجمينٽ تي مشتمل رزرو 69 ڏيھي ريجمينٽ جي حصن کي سکر، شڪارپور ۽ خانڳڙھھ ۾ ترسايو ويو ھو جيڪو ھن جي لشڪر جو مرڪزي حصو ھو.
ولي چانڊيو ۽ احمد خان مگزي (مگسي) قلات جي حڪمران جا رعيتي ھئا پر جابلو ماڻھن سان جھيڙي ۾ انگريزن جا ساٿي ھئا، پر مري شامل ڪونہ ھئا. باقي مٿين ٻنھي قبيلن جا مرين سان سٺا ناتا رابطا ھئا. سر چارلس نيپئر جا بہ مرين سان دوستاڻا تعلقات ھئا. ولي چانڊئي کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي ۽ ان کي لشڪر جي کاٻي پاسي رکيو ويو ھو. پر کيس ھن جنگي مھم جي منصوبي کان واقف ڪونہ ڪيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت کيس ٻڌايو ويو ھو تہ جابلو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال لاءِ ڪانہ شروع ڪئي ويندي.
ھن منصوبي مطابق علي مراد کي لشڪر جي ساڄي پاسي رکيو ويو ھو. جنھن کي پڻ فوج ڏيڻ جو چيو ويو ھو. ھن ماڻھوءَ کي ڪا مرڪزي حيثيت حاصل ڪانہ ھئي. پر چنتا ھئي تہ متان فوجي مھم دوران ھو بغاوت جو اعلان نہ ڪري وٺي. ان ڪري ڪئپٽن مئليٽ کي سندس درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت ان ڪئپٽن کي چيو ويو ھو تہ ھن مھم دوران علي مراد سان گڏ ھجي. علي مراد واعدو ڪيو ھو تہ ھو انھيءَ مھم ۾ پنھنجا پنج ھزار ماڻھو ڏيندي. ليڪن ڏنا فقط ٻہ ھزار ماڻھو ھئائين.
انگريزن جي گھوڙيسوار فوج ۾ سنڌ مغل 6 – اريگيولر، 9 – اريگيولر ۽ بنديل کنڊ ليجن جا گھوڙيسوار شامل ھئا جن جو تعداد ٻہ ھزار ھو.
پيادل فوج ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي 2 ريجمينٽ، ٻہ بٽالين ڏيھي، بنديل کنڊ ليجن جي پيادل، اٺ سوار فوجي دستا ھئا. انھن جو ڪل تعداد ٻہ ھزار پنج سو ھو. ان کان سواءِ يارھن سون تي مشتمل پيادل فوج ھئي جيڪا بيماريءَ مان تازي چاڪ ٿي ھئي ۽ فوجي چوڪين جي گھوڙيسوارن کي شڪارپور ۽ رڻ پٽ واري سرحدي بچاءَ لاءِ اتي ئي رکيو ويو ھو. ان فوج کي اتي بيھارڻ جو ٻيو مقصد اھو بہ ھو تہ جنگي سرگرمين جي شروع ٿيڻ کان پوءِ متان ڌاڙيل شڪارپور ۽ رڻ پٽ جي وچ وارو رستو ڏئي پٺيان ڦري جوابي حملو نہ ڪن.
قلعن تي گھيري رکڻ جي مقصد سان ايڪيھھ توبون ھيون جن مان تيرھن مارٽرس يا ھائوزر ھيون. توبخانو سورھن توبن تي مشمل ھو جن مان نو ھائوزرس جابلو علائقن ۾ توبزني ڪرڻ لاءِ خاص توبون ٽي ھيون جيڪي سڪس پائونڊس ھيون.
افغان جنگ دوران ھنن ڌاڙيل قبيلن تي حملو ضرور ڪيو ويو ھو جيڪو ناڪام ثابت ٿيو ھو. انھيءَ دور ۾ مذڪوره قبيلا انگريز فوج سان حليف ھئا. پر ھن وقت اھي قلات افغانستان ۽ پنجاب ڏانھن لڙيل آھن. تنھن ڪري مڪمل فتح جو آسرو گھٽ آھي. پر مٿن جيڪڏھن اوچتو حملو ڪبو تہ حالتون تبديل ٿي سگھن ٿيون. جيڪڏھن مٿن اوچتو حملو نہ ڪبو تہ ھڪ وڏي جنگ شروع ٿي سگھي ٿي ۽ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ انھن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري سندن جابلو جوءِ تائين پھچي ڪونہ سگھبو. اھا ھڪ وڏي رنڊڪ آھي پر انھيءَ کي ممبئي واري ڌر اجايو اينگھائي ۽ وڌائي پيش ڪيو آھي. ھيٺ English leader journal جا اقتباس ڏئي رھيو آھيان، جن جو واسطو جنگي سرگرمين سان آھي. ھنن مان چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي سگھي ٿي تہ ھن ڪيتريءَ ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ھن موضوع بابت سوچيو ۽ سمجھيو آھي. ان سان گڏ اھا بہ معلومات ملي وڃي ٿي تہ کيس ممبئي واري ڌر کان بہ وڌيڪ معلومات آھي جنھن جو چوڻ آھي تہ سر چارلس کي انھن جابلو قبيلن ۽ پيداواري ذريعن جي ڪا ڄاڻ ڪانہ آھي. اھڙن ماڻھن اڳڪٿي ڪئي آھي تہ سر چارلس جي فوج ڪشي نہ بہ وئي تہ بک ۾ مري ناس ضرور ٿي ويندي.
ھنن نيم وحشي جابلو ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ جو اصول ھن ڳالھہ جي خلاف آھي تہ عوامي قوت پاڻ سان شامل ڪيو. دشمن کي ورھايو. پر ھتي سڀني جابلو ڌاڙيلن کي ھڪ ئي وقت ڀڄائڻ آھي. ھن جنگ جو اھم اصول انھن سان جنگ ڪرڻ کان پاسو ۽ مٿن اوچتو وڃي حملو ڪرڻ آھي. ان جي نتيجي ۾ ھو جوابي حملو ڪندا ۽ بچاءَ واري جنگ شروع ڪندا. سڀ تاريخون ھن حقيقت ڏانھن اشارو ڪن ٿيون تہ مختلف قبيلن يا قومن پوءِ اھي نيم وحشي ھجن يا مھذب، گڏيل دشمن جي حملي دوران پنھنجا ويڇا وساري مڙي مٺِ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر ڪڇي واري جابلو علائقي جا ماڻھو انگريزن جي حملي دوران پنھنجون دشمنيون وساري متحد ٿي ڪونہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ ھر قبيلو ٻئي خلاف ذاتي مفادن ڪري ڪات ڪھاڙا کنيون بيٺو آھي. ٻي ڳالھہ اھا بہ آھي تہ ھنن وٽ بيشمار چوپايو مال آھي. انھن لاءِ موثر جنگي سرگرمي اھا ھوندي تہ انھن کي اھڙن علائقن ڏانھن ڊوڙائي ڪڍي ڇڏبو جتي پاڻي جي اڻ ھوند ھوندي. تنھن ڪري اھڙا جابلو ماڻھو اسان کي بک مارڻ کان اڳ پاڻ ئي بک مري ناس ٿي ويندا. پر اسان جي فوج انھن ماڻھن کي ڦري لٽي دلير بڻجي ويندي. جيڪڏھن ھنن کان چوپايو مال ڦريو تہ وٽن ڪجهہ بہ ڪونہ رھندو. اھڙي ريت اسان کي کاڌ خوراڪ بہ ملي تہ پاڻي بہ ميسر ٿي ويندو. پاڻي تہ گھڻو ھٿ اچي ڪونہ سگھندو، پر ايترو ضرور ملندو جنھن سان جنگي مھم دوران زندھھ رھي سگھجي. ھي قبيلا عام ماڻھو بہ ھوندا آھن تہ فوجي بہ ھوندا آھن. جڏھن ھو ڌاڙن ھڻڻ لاءِ ڪيڏانھن نڪرندا آھن تہ ھنن سان سارو خاندان ۽ گھر جو مال مڏي بہ ساڻ ھوندي آھي جڏھن قبائلي بلوچ سنڌ ۾ ڌاڙا ھڻندا آھن تہ واردات ڪرڻ کان پوءِ ھو پنھنجي مدرين ۽ تيز رفتار گھوڙين تي چڙھي واچ مينھن ڪونہ ٿي ويندا آھن، بلڪ آبادين وچان سفر ڪري اڳتي وڌندا آھن. کين کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي ايتري ڏکيائي ھوندي آھي جيتري جابلو علائقي ۾ انگريزن جي فوج لاءِ ھوندي آھي.
اھڙي ريت کيس پڪ ھئي تہ ڌيان گيان ۽ تحمل ۽ ڌيرج سان ڏونگر جي ڏکيائين کي منھن ڏئي سگھي ٿو جن تي جابلو ماڻھو جو ڏڍ ھو ۽ جڏھن ھو مٿن ھلان ڪري وڃي پھچندو تہ ھنن جون متيون منجھي وينديون ۽ جنھن تيز رفتاريءَ تي کين ھٺ ۽ گھمنڊ آھي سا سندن ڪنھن ڪم جي ڪانہ رھندي. انھن ڳالھين ھوندي بہ ھڪ ڏچو اڃا بہ موجود آھي جنھن جو اشارو مٿي بہ ڪيو ويو آھي ۽ اھو ڏچو ساري فوجي سرگرميءَ دوران پريشان ڪندو رھندو. جڏھن انگريز جي فوج جو مٿن دٻاءُ پوندو ۽ سندن بچڻ جون سڀ واھون بند ٿي وينديون تہ ھو ڇتا ٿي پوندا. ان کان پوءِ پنھنجن زالن ۽ ٻارن جا سر ڌڙن کان ڌار ڪري سڀئي اوکا پوکا پلي پوءِ انگريزن جي فوج مٿان حملا ڪندا جيڪا مختلف حصن ۾ ورھايل آھي. تنھن ڪري اھڙن ڏکوئيندڙ واقعن کان لنوائڻ لاءِ نھايت خبرداري کان ڪم وٺڻو پوندو. ان لاءِ فوج جي ھر حصي کي مڪمل طور ھٿياربند ڪرڻو پوندو. کين منع ڪئي ويندي تہ دشمن ڏانھن وڌڻ کان اڳ انھن فوجي دستا روانا نہ ڪن. پر معلومات لاءِ ڪڏھن ناڪابندي کان ڪم وٺن. ان کان سواءِ جاسوس بہ موڪليا وڃن تہ گھڻي تعداد ۾ دشمن ڪھڙي جڳھھ تي موجود آھي. جيڪڏھن ڌاڙيل ٿوري تعداد ۾ ھوندا تہ رات يا ڏينھن جو پيش قدمي ڪندڙ فوج جي قطارن ۾ موجود وڏي وٿيءَ مان نڪري ڪيڏانھن بہ وڃي سگھن ٿا ۽ اسان لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگھن ٿا. پر جيڪڏھن ڌاڙيلن جو تعداد وڏو آھي تہ پوءِ ائين ڪري ڪونہ سگھندا. ان ڪري تصور اھڙو ڪرڻو آھي تہ اسان جي آڏو ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون اچي سگھن ٿيون. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سر چارلس نيپئر فوجي سرگرمين سان لاڳاپيل ۽ مختصر منصوبو جوڙي ورتو آھي.
سڀني مردن عورتن، ٻارن ۽ سندن چوپائي مال کي ھڪ ئي وقت ڌڪڻو پوندو. ائين ٿيڻ ڪري جدا بہ گذرندا پير چارا جڙي پوندو جيڪي اسان جي رھبري ڪندا. اھڙيءَ ريت اسان ھنن جي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي بند ڪري سگھنداسون. اھڙيءَ صورتحال ۾ ھو چيڙاڪ ٿي پوندا ۽ ھڪ ٻئي تي تلوارون اڀيون ڪندا. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ يا تہ ھو جنگ لاءِ تيار ٿي ويندا يا پيش پوندا. جيڪڏھن جنگ ميدان کليل آھي ھو انگريز فوج آڏو ڪڏھن بہ بيھي ڪونہ سگھندا. ويڙھاڪن جو تعداد وڌ ۾ وڌ ارڙھن يا ويھھ ھزار ھوندو ۽ مھاڏي ڏيڻ لاءِ پنج يا ڇھھ ھزار مس ھوندا. تنھن ڪري جھيڙي جي نتيجي لاءِ ڪنھن بہ شڪ شبھي جي تہ گنجائش ئي ڪانہ آھي. جڏھن ٻار ۽ عورتون جنگي ميدان ڀرسان ھونديون تہ مان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪونہ ڏيندس. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اھي زندگيون اجايو تلف ٿي وينديون.
ھي ڪا اتفاقي جنگي ڪارروائي ڪانہ ھوندي پر سوچيل سمجھيل ھوندي ۽ ڊگھي جابلو سلسلي جي لڪن ۽ گھٽن کي گھاڙي فوج کي ويھاري ڇڏبو ۽ ڪارروائي ھڪ ئي وقت شروع ڪئي ويندي. تنھن ڪري فوج جي تعداد جو اڳئي تعين ڪيو ويو آھي. اھي گھٽ ۽ لڪ ڏاڍا سگھارا آھن ۽ توقع آھي تہ ھي ڌاڙيل پنھنجو بچاءُ بہ ھنن جابلو لڪن وسيلي ائين ڪندا جيئن اڳي ڪندا آيا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو توبخاني کي مارٽرن ۽ ھائوزر سان منظم ڪيو ويو آھي. انھيءَ طريقي سان اسان توڙيدار بندوقبازن کي جابلو چوٽين تان ھيٺ لاھي سگھنداسون. ڇاڪاڻ تہ توب جو گولو توڙيدار بندوق جي گوليءَ کان پري پنڌ تائين مار ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن اسان پري مار ڪرڻ وارو جنگي طريقو ڪتب آڻينداسون تہ اسان جي فوج جو نقصان ڪونہ ٿيندو. ساڳيءَ ريت ھي ڇتا ڌاڙيل پنھنجي زالن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪونہ ٿيندا. جيڪڏھن ان ۾ ٿوري بہ غلطي ڪئي وئي ان جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا. تنھن ڪري ھر ذريعي کي ڪتب آندو ويو آھي جيڪو ھڪ بھادر ۽ عقلمند انسان کي استعمال ڪرڻ گھرجي.
ھي منصوبو ڊسمبر جي وچ ڌاران بڪل ٿي ويندو. ان وقت قلات جو خان پنھنجي فوج سان گڏ ڦلجي ۾ موجود رھندو. اھڙيءَ ريت انگريز فوج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ھتان جا ڏيھي حڪمران ھوندا. پر جيڪڏھن انگريز فوج شڪست کاڌي تہ ان کي تباھہ بہ اھي ٻئي حڪمران ڪندا. اھو بہ امڪان آھي تہ ھار جي صورت ۾ انگريزن فوج کي کڻي تباھہ نہ بہ ڪن پر پوئتي ڀاڄ ڪرڻ ۾ دير اصل ڪونہ ڪندا.
سر چارلس کي ھٽڪٽو آھي تہ لشڪر جي ساڄي پاسي ضرور شرارت ٿيندي. پر اھڙين ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪئپٽن مئليٽ کي مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو مير علي مراد جي درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر آھي پر وڌيڪ ڀروسو مسٽر ڪرلنگ تي آھي. جيڪو ھڪ بھادر انسان آھي. ھي مير جو سڱيڻو مائٽ آھي ۽ سندس ملازم بہ رھيو آھي ۽ اھو ماڻھو مير علي مراد جي فوج جو ڪمانڊر آھي. انھيءَ جابلو علائقي ۾ تحفظ بہ ھڪ اھم مسئلو آھي. ان ڪري سر چارلس، علي مراد کي سوئرن جي شڪار جي موڪل ڏئي ڇڏي آھي تہ جڏھن جو آزاد طريقي سان جھنگلي سوئر جو پيڇو ڪندو تہ ھو تمام گھڻو اڳتي نڪري ويندو انھيءَ وسيلي سندس اصلي نيت ۽ ارادي جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھندو. ھي مير خوش مزاج ۽ ٽھڪڻو ۽ ڦھڪڻو ماڻھو تہ ھو، پر ايڏو عقلمند ڪونہ ھو جيڏو کيس پھريائين سمجھيو پئي ويو. اھڙيءَ ريت دغا بازي بہ لڪل ڪانہ ھئي. جڏھن سر ھينري ھارڊنج پھريون ڀيرو ھندستان آيو ھو تہ ھن پنھنجي طرفان وڪيل موڪلي شڪايتون ڪيون ھيون. ڇاڪاڻ تہ کيس پڪ ھئي تہ ھو لارڊ ايلنبرو جي مقرر ڪيل ھر شيءِ کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيندو جيڪي ڳالھيون مشرق جي ملڪن ۾ عام آھن. اھي ساڳيون شڪايتون جڏھن سر چارلس ڏانھن موڪليون ويون ھيون ۽ سندس وڪيل کي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئي تہ علي مراد ڏاڍو ڊڄي ويو ھو. سر چارلس مير سان ان وقت وڃي مليو جڏھن ھو سوئر جو پيڇو ڪري رھيو ھو. احوالن جي ڏي وٺ کان پوءِ کين معلوم ٿيو تہ علي مراد باغي يا اندر ۾ ڪارو نہ پر ڏاڍو ڊڄڻو آھي.
لشڪر جي کاٻي پاسي امڪاني غداري کي روڪڻ لاءِ نھايت عقلمنديءَ سان بندوبست ڪيو ويو ھو. قلات جو خان ڦلجي ڏانھن پيش قدمي ڪري رھيو ھو. تنھن جي چرپر تي تکي تاڙ رکي ٿي وئي. کيس اھڙي ريت گھاڙيو ٿي ويو ڄڻ ان جا بجار سان ڳجھا ناتا ھجن. سر چارلس جي خواھش ھئي تہ خان کي پري صفا ڏکڻ ھجڻ گھرجي انھيءَ لاءِ تہ جيئن ڌاڙيلن جي وڏي سردار بجار سان سولو رابطو پيدا ٿي نہ سگھي ۽ سوچيل سمجھيل منصوبو ناڪام نہ ٿي وڃي. تنھن ڪري ھن اھڙي ڳالھہ سوچي قلات جي خان ڏانھن خط لکيو تہ ٻنھي ڌرين وچ ۾ ملاقات گنداوا ۾ ٿيڻ گھرجي جيڪا اڳي ڍاڍر ۾ منعقد ڪرڻ جو سوچيو ويو ھو. اھڙيءَ تبديليءَ جو ڪارڻ اھو ٻڌايو ويو ھو تہ جنرل سر چارلس ھاڻي ٻڍڙو ٿي ويو آھي. ان کان سواءِ ڪمزور بہ آھي، تنھن ڪري کيس ايڏي وڏي سفر جي تڪليف کان بچايو وڃي. خط ۾ اھو بہ لکيو ويو ھو تہ سندس فوج موسمي بيماري کان ھاڻي چڙھي آھي ۽ اھا بہ ڏٻري ۽ ايتري ڊگھي سفر ڪرڻ جھڙي ڪانہ آھي. ٻي فوج بيماري ڪري مري رھي آھي. جنھن ڪري جابلو ڌاڙيلن خلاف ھن سال ڪنھن بہ جنگي ڪاروائيءَ ۾ حصو وٺي ڪونہ سگھندس. پر انھيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ فقط ولي چانڊئي ۽ علي مراد کي روانو ڪيو ويندو ۽ سر چارلس ان ۾ حصو وٺي ڪونہ سگھندو.
اھو خط منشي علي اڪبر کڻي ويو ھو. کيس تاڪيد ڪيو ويو ھو تہ يا تہ کيس اڃا بہ ڏکڻ پاسي ھٽي گنداوا ڏانھن پيش قدمي ڪري يا کيس مجبور ڪيو وڃي تہ سندس اصل ارادو ڪھڙو آھي. اھا بہ پڪ ھئي خان ڏانھن لکيل خط ۾ تحرير ٿيل حقيقتون ضرور سندس سردار بيجار کي ٻڌائيندا تہ سر چارلس جھونو ۽ ڪمزور ٿي ويو آھي، تنھن ڪري ھو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم لاءِ تيار ڪونہ آھي. اھڙيون ڳالھيون بجار کي گمراھھ ڪرڻ لاءِ لکيون ويون ھيون. قلات جي خان ڏانھن لکيل خط جھڙو ٻيو خط ھڪ جدا رستي سان بہ موڪليو ويو ھو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن اھو بجار کي ھٿ اچي وڃي. جڏھن قلات جي خان جي درٻار ۾ ويٺل سندس دوست کيس اھي ساڳيون ڳالھيون ٻڌائيندي جيڪي کيس اتفاقي ھٿ لڳل خط ۾ لکيل آھن تہ اھڙين ڳالھين تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري ويندو ۽ سمجھندو تہ جنگي مھم لاءِ سکر ۾ ٺاھيل منصوبي واريون ھليل ڳالھيون ڪوڙيون آھن. تنھن ڪري ھو مذڪور جنگي مھم خلاف پنھنجون تياريون ڪونہ ڪندو.
منشي علي اڪبر تي ڪم اھو رکيو ويو ھو تہ جيڪڏھن قلات جو خان سر چارلس سان ملاقات ڪرڻ نہ ٿو چاھي تہ ان جو ڪارڻ معلوم ڪري ۽ ڳجهہ ڳوھہ ۾ خان جي انھن سردارن کان پڇي تہ خان جا اصل ارادا ڪھڙا آھن جن جي ھٿن ۾ ھو گڏيءَ جيان کيڏي رھيو آھي. ھنن سردارن جي انگريز سرڪار خلاف دشمني ڍڪيل ڇپيل ڪانہ ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھاڻي تازو ھنن سردارن، خان کي چيو ھو تہ ھو ولي چانڊيئي کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري. تنھن کي چانڊين جي ھن جھونڙي سردار کيس وراڻيو ھو تہ ھن سر چارلس سان وفادار رھڻ جو قسم کنيو آھي. تنھن ڪري ھو ان انگريز سردار خلاف پنھنجي تلوار مياڻ مان ڪونہ ڪڍندو. ان کان جلد ئي پوءِ منشي علي اڪبر قلات جي خان سان ھڪ خانگي ملاقات ڪري ورتي ھئي. جيڪو اھڙن معاملن ۾ ڏاڍو ذھين ۽ ڦڙت ھو. اھڙيءَ ريت منشي کي معلوم ٿي ويو ھو تہ خان جي درٻار ۾ وڏن سردارن جون ٻہ ڌريون آھن. پر طاقتور سردار جي ڌر انگريز دشمن آھي. ٻيءَ ڌر تي بہ خان جو اعتماد آھي جيڪا کيس صلاحون مشورا ڏئي رھي آھي تہ ھيءُ انگريزن سان اتحاد ٽوڙڻ جو مناسب وقت ڪونہ آھي. ان کان سواءِ کيس اھا بہ صلاح ڏيندا ھئا تہ ھو اڃا ننڍو ٻار آھي تنھن ڪري کيس پنھنجي حڪمت عمليءَ جو کليو اظھار نہ ڪرڻ گھرجي ۽ چيو ھئائوس تہ بجار ڌاڙيلن کي سٽيل حملو ضرور ٿيڻ گھرجي. جڏھن تہ ھن حڪمران جي درٻار جي ٻي طاقتور ڌر ڌاڙيل بيجار جي فائدي ۾ ھئي جنھن کان اوڙي پاڙي جا سڀ ماڻھو ڊڄي رھيا ھئا. جنرل سر چارلس کي انھن ٻنھي ڌرين وچ ۾ دوستاڻن تعلقاتن جو شڪ ھو. درٻار جي ان ڌر جي اھم سردار کي انگريزءَ ۾ Devils psther سڏيندو ھو. انھيءَ زماني ۾ انگريزن ۾ ڏيھي ماڻھن جو خيال ھو تہ بجار انگريزن جي آڻ ڪونہ مڃيندو. تنھن ڪري سرڪاري جاسوس ۽ سنڌي ماڻھو ڊڄ کان اھو ٻڌائي ڪونہ سگھندا ھئا تہ جنھن علائقي ۾ ھو رھي ٿو ان جي صورتحال ڪھڙو آھي ۽ سندس چرپر ڪھڙي آھي.
قلات جي خان خانگي طور سر چارلس سان ملاقات نہ ڪرڻ جا ڪجهہ ڪارڻ ٻڌايا ھئا جيڪي حتمي ھئا. ڇاڪاڻ تہ سندس درٻار جي اھم سردار وارو ڌڙو کيس ائين ڪرڻ لاءِ زور ڀري رھيو ھو. ٻيو سبب اھو ھو تہ قنڌار جي حڪمرانن جي بہ اھائي مرضي ھئي. ھنن ماڻھن سر چارلس کي سمجھايو ھو تہ جيڪڏھن فوجي سرگرمين دوران ڪٿي بہ ناڪام ويو تہ ڪڇيءَ جي جابلو علائقي جا ماڻھو ڪجڪ قبيلي وارا، قلات، سبي، بولان لڪ وارا ماڻھو ۽ افغانستان جي قنڌار علائقي جا قبائلي سردار تيز طوفاني رفتار سان اچي مٿس ڪڙڪندا. قنڌار جو سردار ڪنھن بھاني جي اوسيئڙي ويٺو ھو تہ من ڪو اھڙو سبب ملي پوي ۽ فرنگيءَ سان ملاقات ٿئي تہ ھو پنھنجي فوج سان اڳتي وڌي قلات واري ملڪ تي حملو ڪري شال واري علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏي جيڪو قلات جي اولھہ پاسي ھو. جڏھن تہ بجار ڪڇ ۽ گنداوا واري علائقي کان محروم ڪري ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ان کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھئائين.
پاڻيءَ ڏگاھي ڪري خان پوئتي ھٽي وڃي باغ واري علائقي ۾ کيما کوڙيا ھئا ۽ بجار بہ موٽي وڃي ڦلجي پھتو ھو. انھيءَ وقت انگريزي فوج بہ حملي لاءِ تيار بيٺي ھئي پر وڌيڪ مناسب اھو سمجھيو ويو ھو تہ خان سان ڳالھہ ٻولھھ ڪري کيس اڃا بہ پوئتي ھٽي علائقي جي مرڪزي جوءِ ۾ رھڻ لاءِ گذارش ڪجي. ڇاڪاڻ تہ سر چارلس کي اھو ھٽڪٽو ھو تہ جيڪڏھن نيم وحشي ڌاڙيلن تي حملو ڪيو ويو تہ اھي کيس انگريز سرڪار خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا. خان کي اھو مشورو ڏنو ويو تہ اڃا بہ پوئتي ھٽي ان اھم جڳھھ تي وڃي رھي جتان افغانستان کي چڱي ريت مھاڏو ڏئي سگھي ٿو. جيڪو سندس ملڪ تي حملي ڪرڻ جي خواھش ڪري رھيو آھي. پر جيڪڏھن ھن قلات تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انگريز ھن سان گڏجي افغانستان جي مزاحمت ڪندا. کيس پوئتي ھٽائڻ جو مقصد اھو ھو تہ جيئن ھو علي مراد جي جنگي سرگرمين جي سامھون واري پٽيءَ کان گھڻو پري ھليو وڃي. ڇاڪاڻ تہ ھنن ٻنھي ماڻھن جي متحد ٿي وڃڻ جو ڊڄ ھو ۽ اھو بہ امڪان ھو تہ متان ھو ٻئي گڏجي انگريز فوج جي پٺئين پاسي کان حملو ڪن. ائين ٿيڻ جو امڪان ڪونہ ھو پر سر چارلس اڳواٽ ئي اھڙين امڪانن جو ازالو ڪري ڇڏيندو ھو. ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ نہ ھجڻ جھڙيون ڳالھيون بہ ٿي پونديون آھن. ھن منشي علي اڪبر جي ڪوشش ۽ پنھنجي سوچ فڪر کي گڏي ھڪ عجيب قسم جي فوجي چال کي مرتب ڪري ورتو ھو جنھن ڪري نہ رڳو بجار پر قلات جي خان جي درٻار ۾ رھندڙ سندس دوست وائڙا ٿي وڃڻا ھئا. ھن ڳالھہ ۽ ٻين اھم حقيقتن کي دل ۾ رکي ھن سنڌ سرڪار جي سيڪريٽري مسٽر برائون کي 27 ڊسمبر تي قلات جي خان ڏانھن موڪليو جيڪو خان جو اعتماد جوڳو دوست ھو. اھو ھڪ سرڪاري ڪم ھو جنھن مطابق خان کان سندس ملڪ اندر انگريزي فوج جي داخل ٿيڻ جي لکت ۾ اجازت وٺڻي ھئي تہ جيئن بجار ۽ سندس اتحادين خلاف فوجي ڪاروائي ڪري سگھجي. خان مسٽر برائون کي لکت ۾ موڪل ڏئي ڇڏي پر ھيءُ واپسي وقت بجار جي حملي کان وار جي وٿي تان بچي ويو جيڪو سندس قتل لاءِ رستي ۾ ڪٿي لڪو ويٺو ھو. ھن تيز رفتاريءَ سان اسي ميل سفر ڪري اچي ھڪ ھنڌ منزل ڪئي ھئي. مسٽر برائون کي پٺاڻ فوجي سپاھي الف خان جي عقلمنديءَ بچائي ورتو ھو جيڪو سندس رھبر دستي سان گڏ ھو.
جنوري 1845ع تائين جنگي مھم جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون ھيون ۽ سر چارلس جکراڻين، ڊومڪين ۽ بگٽين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ھو. ھن سندن ڪيل جرمن بابت انگ اکر ٻڌايا ھئا ۽ اھو بہ چيو ھئائين تہ قلات جي خان ۽ انگريز سرڪار وچ ۾ ٿيل معاھدي خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. ان کان پوءِ خان سان ملڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو ھو. ان اعلان ۾ اھي مناسب ڳالھيون بہ ٻڌايون ويون ھيون جنھن ڪري قلات جي خان ھنن کان بيزاريءَ جو اظھار ڪيو ھو. مذڪوره اعلان ۾ خان طرفان اھو بہ واضح طور چيو ويو ھو تہ ھنن قبيلن سنڌ ۾ وڃي ڌاڙا ھڻي قتل ڪري اتان جي ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آھي. ھاڻي سر چارلس کانئن پاند ڇڪائڻ ۽ وير وٺڻ لاءِ فوج وٺي آيو آھي. کيس قلات ملڪ اندر داخل ٿي ھنن قبيلن جي جابلو علائقن ۾ وڃي کين جوڳي سزا جي موڪل ڏني وئي آھي. ان سان گڏ جنگ جي ڪارڻن ۽ جنگ لنوائڻ جا تفصيل بيان ڪيا ويا ھئا. پر جڏھن جنگ پاسي رھڻ واريون ڳالھيون ناڪام ٿيون تہ سمجھيو ويو تہ جنگي ڪاررواين وسيلي انصاف ڪري سگھجي ٿو. ان کان پوءِ نھايت واضح طريقي سان جنگي مھم جي ابتدا ڪئي وئي جيڪا وڏي طاقتور ھئي. جنھن ڪري بجار ۽ سندس ٻٽ ۽ جھٽ ماڻھن لاءِ ڇتو ٿي جنگ ڪرڻ يا تيز رفتاريءَ سان ڀڄي نڪرڻ کان سواءِ ڪا ٻي واھھ ڪانہ رھي ھئي. ھن سان گڏ اھو بہ اعلان ڪيو ويو ھو تہ جن بلوچ قبيلن مياڻي واري جنگ ۾ انگريزن سان جنگ ڪئي ھئي سي ھاڻي انگريزن جا ساٿي آھن ۽ بجار ۽ سندس اتحادين سان وڙھي رھيا آھن. سر چارلس ھن ڳالھہ جو امڪان سمجھيو ھو تہ متان ھو حملي کان سک ۽ دور دراز قبيلا ڊڄي وڃن. تنھن ڪري ھن اھو بہ اعلان ڪيو ھو تہ ھو ڌاڙيلن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سڌو سنڌ موٽي ويندو.
ھن اھم دستاويز جي اظھار کان اڳ ۾ بنديل کنڊ ليجين ۽ بنگال جي فوج کي فيروز پور مان روانو ڪيو ويو ھو ۽ کين سبزل ڪوٽ وٽ ڪئمپ ڪرڻ جو حڪم ڪوي ويو ھو. اتي جي صورتحال کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڳجهہ ڳوھہ ۾ جنرل سمپسن ۽ توبخاني جو ڪمانڊنٽ ڪرنل گيڊس اچي پھتا ھئا. ڇاڪاڻ تہ سر چارلس فوجي طاقت جي مظاھري جو مخالف ھو. جنھن جو مقصد دشمن کي گمراھھ ڪرڻو ھو. بجار کي ٻن خطن وسيلي حقيقتون معلوم ٿي ويون ھيون تہ جنرل سر چارلس نھايت ڪمزور آھي، جيڪو جنگي سرگرمين کان پاسو ڪري رھيو آھي. ان وقت ھن سک درٻار ۾ رھندڙ پوليٽيڪل ريزيڊنٽ ميجر براڊ فوٽ ڏانھن خط لکيو ھو جنھن ۾ کيس چيو ويو ھو تہ سک حڪمران کي اڻ ڌريو ٿي رھڻ لاءِ زور ڀري. ان کان سواءِ ڌاڙيل قبيلن کي پنجاب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملڻ نہ گھرجي. پر جيڪڏھن انھن کي داخل ٿيڻ جي موڪل ملي ٿي تہ پوءِ انگريزي فوج کي بہ بھاولپور جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ملڻ گھرجي ۽ اھڙا حڪم ملتان جي ديوان ڏانھن روانا ڪيا وڃن. اھڙا شرط انھيءَ ڪري رکيا ويا ھئا ڇاڪاڻ تہ انھيءَ زماني ۾ بنگالي فوج ڏاڍي خوش ھئي. ان ڪري سر چارلس جي مرضي ھئي تہ فوج جي ڪمانڊر جنرل سمپسن جي ھٿ ۾ ڏني وڃي جيڪو سبزڪوٽ مٿان سنڌو درياھہ پار ڪري ملتان واري علائقي مان اڪري ڪچيءَ واري جابلو علائقي تي اوڀر پاسي کان حملو ڪري ۽ ساڳئي علائقي تي ڏکڻ طرف کان ٿيندڙ حملي کي واھر ڪري. پر انھيءَ زماني ۾ ھيرا سنگھھ لاھور ۾ وفات ڪري ويو ھو ۽ سارو پنجاب سياسي وڳوڙ جي ور چڙھي ويو ھو. تنھن ڪري سوچيل سمجھيل اھم منصوبي ۾ ان وقت تبديلي ڪرڻي پئجي وئي ھئي جنھن وقت انھيءَ تي عمل ڪرڻ جي ابتدا ٿي رھي ھئي. سر چارلس سمجھي رھيو ھو تہ اھڙي صورتحال اندر جيڪڏھن اجازت ملڻ کان پوءِ بہ پنجاب مان اڪري وڃبو تہ مشڪلاتون پيدا ٿي سگھن ٿيون ۽ گورنر جنرل بہ پريشان ٿي ويندو ۽ جھيڙي جو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو. ھن اڳواٽ ئي سمجھي ورتو ھو تہ سک – انگريز جنگ تہ ھر حال ۾ لڳڻي آھي، پر ھن پڪو پھھ ڪيو تہ ان جنگ جو ڪارڻ شخصي طور ھوڪر نہ بڻبو. ان کان پوءِ ھن جنرل سمپسن کي پاڻ وٽ گھرائي طئي ڪيو تہ ٻئي فوجون رڻ پٽ جي ڪناري وٽ اچي پاڻ ۾ ملن.
ھن کان ٿورو اڳ مرين ۽ بگٽين وچ ۾ جھيڙو شروع ٿي ويو جنھن ۾ مري سوڀارا ٿا ھئا جن انگريزن کي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. تنھن ڪري منصوبي جي ڪن ڳالھين ۾ تبديلي آندي وئي ھئي.
ڪڇيءَ جي جابلو علائقي تي اوڀر کان حملي ڪرڻ جي نيت سان فوج اچي سنڌوءَ ڪنار سان بيٺي ھئي جنھن جي اتر – اولھہ پاسي واري سليمان جبل قلات جي جبلن سان ملي رھيو ھو. اتر واري پاسي کان ملتان جو علائقو ويجھو ھو جنھن ۾ سنڌوءَ جي وچ تي ھڪ سوڙھي پٽي ھئي جيڪا مزارين جي ھئي جن جو واسطو ملتان سرڪار سان ھو. ھن جي ڏکڻ ۾ ڪشمور وارو ويران علائقو ھو. ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ وڃڻ لاءِ ڏکين جابلو لڪن مان لنگھڻو ھو. اھو جابلو سلسلو ڊگھو ضرور ھو پر سوڙھو بہ ھو. جيڪڏھن فوج ھن رڻ پٽ علائقي ۾ چپ چاپ ۾ کسڪي جابلو لڪن تي وڇي اوچتو قبضو ڪندي ۽ لشڪر جي کاٻي پاسي واري فوج اڳتي نڪري وڃي جبلن جي وچ وارن اونھن گھارن جي گھٽن تي قبضو ڪري وڃي تہ ھي جابلو علائقي جا ماڻھو اولھہ وارن جابلو علائقن کان ڪٽجي ويندا. ان کان پوءِ ھنن ڌاڙيلن لاءِ ٽي رستا ھوندا: ھڪ تہ وڙھندا، ٻيو تہ ھو ملتان جي حدن ڏانھن ھليا ويندا ۽ ٽيون تہ ھو سنڌوءَ جو ڪنارو وٺي اتر طرف ھليا ويندا. پر جيئن تہ مري ھنن جي اترين وٽِ جھليون بيٺا ھوندا، تنھن ڪري انگريز فوج جي کاٻي پاسي لاءِ لازمي ھوندو اھا اڳتي وڌي وڃي مرين سان ملي ۽ جابلو علائقي وچان اڳتي وڌي سنڌو درياھہ جي ڪٺار سان ھلي.
نئين صورتحال کي نظر ۾ رکي ولي چانڊئي ۽ احمد خان مگسي کي اوچتو حڪم ڪيو ويو تہ ھو مقرر ڏينھن تي رڻ پٽ اڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انھيءَ لاءِ تہ جينءَ ھو ڦلجيءَ جھونجھڪڙي پھچي وڃن. اندازو ڪيو ويو ھو تہ اھي ٻئي بجار وٽ انھيءَ وقت ڌاران پھچي ويندا جيڪو پير پساربو ڏاڍي آرام سان ڦلجي ويٺو ھوندو. کيس ٻن خطن ۾ لکيل احوال ڪري اندر کي آٿت ھو تہ جنرل سر چارلس مٿس حملو ڪونہ ڪندو. مٿس حملي ڪري چانڊيا ۽ مگسي ٿورو گھٻرايا ضرور ھئا. پر باک ڦٽيءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھئا جنھن کان پوءِ کين بيجار تي حملو ڪرڻو ھو. ولي چانڊئي کي سفر ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. کيس حڪم ھو تہ ھن کان اڳيان ھلندڙ جاسوسن کي پاڻ سان وٺيون اچي. فزجيرالڊ بہ مناسب وقت تي لاڙڪاڻي کان اٺ سوار فوج سان گڏ روانو ٿي چڪو ھو، جنھن ۾ 13 ريجمينٽ جا ٻہ سئو رضاڪار بہ شامل ھئا. اھڙيءَ ريت ساڳيءَ جاءِ کان جئڪب جا پنج سئو مخل گھوڙيسوار بہ ساڻ ٿيا ھئا. توقع ھئي اھا انگريزي فوج لڪي ڇپي اڳتي وڌندي ۽ جڏھن صبح جو سويل بجار چانڊين کي منھن ڏيڻ لاءِ نڪرندو تہ ٻن پاھين وچ ۾ ڦاسي پوندو. سکر وارو فوجي ھيڊڪوارٽر ساڳي ئي ڏينھن تي پيش قدمي شروع ڪئي ھئي، جئڪب بہ لاڙڪاڻي کي ساڳئي ڏينھن تي ڇڏيو ھو. ھنن ٻنھي کي سنڌ جي سرحد تي ساڳئي وقت پھچڻو ھو. ساڳي ريت ولي ۽ فزجيرالڊ جي پيش قدمي سان بجار ۽ سندس جاسوسن جو رابطو ڪٽجي ويو ھو. امڪاني حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ کاڌ خوراڪ، فوجي سازو سامان جي پھچائڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪيو ويو ھو. اھو بہ فڪر ھو تہ متان دشمن کوھن جي پاڻيءَ ۾ زھر ملائي ڇڏيو ھجي. تنھن ڪري پاڻي پھچائڻ جو پڻ انتظام ڪيو ويو ھو. اھڙيون سڀ ڳالھيون فوج جي پيش قدميءَ سان گڏ اڳتي وڌي رھيون ھيون. اھڙا ڪاريگر بہ فوج سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، جيڪي توب گاڏن جي ضرورت وقت مرمت ڪري رھيا ھئا. جيڪڏھن ڪٿي رستي ٺاھڻ جي ضرورت درپيش ھئي تہ رستن ٺاھڻ وارا ڪاريگر بہ گڏ ھئا. ان کان سواءِ پاڻي جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ کوھن ٺاھڻ وارا ڪاريگر بہ ساڻ ھئا. اھڙن ڪاريگرن وٽ لوھھ ۽ رڪ جا ڏنڊا ھئا ۽ تنھن ڪري جبلن کي ڊاھڻ لاءِ دارونءَ جي ضرورت ڪانہ ٿي پئي. اھڙي ريت فوج سان گڏ ڪھيري ذات جا ماڻھو بہ ھئا، جن کي بلوچ قبيلن ڦلجي مان ڪڍي ڇڏيو ھو. ھي ڦلجيءَ جا اصلي رھواسي ھئا. ھنن کي ڦلجيءَ تي بجار جي قبضي کان ڏھھ سال اڳ اتان زوريءَ ڪڍيو ويو ھو. ھن وقت اھي ماڻھو فوج جي رھبر ڪري رھيا ھئا. انگريز سرڪار ھنن سان واعدو ڪيو ويو ھو تہ ھنن کي اباڻيون زمينون موٽائي ڏنيون وينديون. جن تي بلوچ قبيلا قبضو ڪري ويھي رھيا ھئا. ڌاڙيلن خلاف مھم جي ابتدا ٿي چڪي ھئي، جيڪا لازمي بہ ھئي. ان کي ڏاڍو خفيھ رکيو ويو ھو. انھيءَ لاءِ جينءَ بجار کي يقين ٿي وڃي تہ ھن خلاف جنگي مھم ڪانہ شروع ڪئي ويندي. اھڙي ريت اوڻاين کي ختم ڪرڻ لاءِ جنرل سر چارلس اخلاقي اثر کي وڌيڪ اھميت ڏني ھئي. تنھن ڪري کيس ڪنھن بہ ٺڳڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي ھئي، ڪن اھڃاڻن ڪري کيس ٻاٻور پئجي وئي ھئي تہ فتح سندس ٿيڻي آھي. اھڙي ڳالھہ ان وقت بہ ٿي ھئي جڏھن کيس زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو فوجي ڪمانڊ سونپي وئي ھئي، ڇاڪاڻ ھي وڏن فوجي ڪمانڊرن وانگي ڪن قدرتي واقعن مان سٺي سوڻ کي سمجھي وٺندو ھو.
کيس 16 جنوري 1809ع تي اسپين ۾ سخت زخمي ڪري جنگي قيدي بڻايو ويو ھو. ھن 1843ع جي 16 جنوري تي سنڌ سرحد اڪري اچي ٽالپرن سان جنگ جوٽي ھئي. جڏھن ولي چانڊئي سندس لشڪر پٺيان اچي دمبالي تي حملو ڪيو تہ شھاب ثاقب وڏي روشني سان کڙيو ھو. ساڳي ريت 1845ع جي 16 جنوري تي سنڌ جي سرحد پار اڪري دشمن جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو ھو. اڳي ولي چانڊيو سندس فوج جي دمبالي (پٺ يا rear) تي حملا ڪري رھيو ھو، پر ھاڻي اھو سندس فوج جي ھر اول دستي جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو. ان وقت بہ شھاب ثاقب وڏي روشنيءَ آسمان تي کڙي پيو ھو. ان وقت سر چارلس جي زبان مان ھي لفظ نڪري ويا ھئا: ”اھڙيون شيون انسان جي دماغ تي ڪھڙو عجيب اثر ڇڏينديون آھن ۽ اھي ڄڻ تہ منھنجي چڱائي لاءِ ٿي رھيون آھن. اھڙيون ڳالھيون مون کي متاثر تہ ڪونہ ٿيون ڪن، پر انھن کي ٿورو ٿڪو اثر ضرور آھي. اھي ڪھاوتون بہ آھن. چڱو خدا جيئن چاھيندو تين ٿيندو. پوءِ اھڙيون نشانيون ظاھر ٿين يا نھ. اھو منھنجو منصبي فرض آھي، جنھن کي سرانجام ڪرڻ کپي. پوءِ ان جو نتيجو ڇا بہ ٿئي.“ ان وقت سندس احساس اھڙا ھئا ۽ سمجھي رھيو ھو تہ ھو اھو ڪم انصاف جي تقاضائن موجب ڪري رھيو آھي. اھڙي ريت ھن ڌاڙيلن خلاف جنگ جي ابتدا ڪئي ھئي.

باب نائون: جابلو علائقن ۾ داخل ٿيڻ جا گهٽ جهلڻ ۽ حملي لاءِ رٿابندي

ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رڻ پٽ واري پاسي ڪيئي گھٽ آھن، انھن ۾ پنج تہ اھڙا ھئا، جن وسيلي جنگي سرگرمين جي سولائيءَ سان ابتدا ڪرڻ ممڪن ھئي. اھي پنج ماڳ ڦلجي، تونگ، زرڪشتا، يا زورانس، گندوئي ۽ سيبري ھئا. اھي ماڳ انگريزي فوج جي بلڪل سامھون ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي ھئا. تلر کان پرئين پاسي تونگ تونگ وارو لڪ ۽ زرڪشتا کان پرئين پاسي للي ۽ جمڪ نالي ٻہ لڪ موجود ھئا.
ھنن گھٽن جي بلڪل سامھون ھن رڻ پٽ جون پاڻيءَ واريون جايون آھن جيڪي پاڻ ۾ پور وڇوٽ تي آھن. چتر اولھہ پاسي آھي جتان کان ڦلجي ڏانھن وڃبو آھي. اچ گھڻو اوڀر پاسي واقع آھي جتان زرڪشتا ڏانھن وڃي سگھجي ٿو. شاھپور ھنن ٻنھي ماڳن جي وچ تي آھي. ھن ڳوٺ جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آھي، ھتان ڦلجي يا تلر تي حملو ڪري سگھجي ٿو.
روجھاڻ ۽ خانڳڙھھ جا ماڳ رڻ پٽ جي اولھين پاسي سان واقع آھن جتان سنڌ جي سرحد ويجھي آھي. ھنن ٻنھي ماڳن تي انگريزن جا فوجي گھوڙيسوار رستا رھندا آھن. ھنن چيڪ پوسٽن جا منھن ڦلجي، اچ ۽ خانڳڙھھ ڏانھن آھن. ھنن ماڳن جي وچ تي وسيع رڻ پٽ موجود آھي.
روجھاڻ جي پرئين پاسي لاڙڪاڻو جھل جا ماڳ آھن جتان کان فٽزجيرالڊ، جئڪن، چانڊيا ۽ مري ڦلجي تي اوچتو حملي ڪرڻ وارا آھن.
خانڳڙھھ جي پرئين پاسي شڪارپور ۽ سکر آھي جتان فوجي ھيڊڪوارٽر جي فوج ۽ علي مراد جي ماڻھن جابلو علائقن تي ڪاھيو آھي. ھن فوج سنڌ جي سرحد 16 جنوري کان اڳ پار تہ ڪئي ھئي. ھن جنگي مھم جي ابتدا 13 ريجمينٽ جي گھوڙيسوار دستن ڪئي ھئي. جنھن سان گڏ توبون بہ ھيون جنھن جي ڪمانڊ ھڪ فوجي جنرل ڪري رھيو ھو جيڪو سکر کان شڪارپور ڏانھن وڌي رھيو ھو جن جي وچ وارو فاصلو ڇوويھھ ميل آھي. ڪرنل گيڊبس تہ اڳ ۾ ئي توبن بيھارڻ جو ميدان تيار ڪرائي ڇڏيو ھو. مرمت ڪرڻ وارا ڪاريگر بہ ان ميدان ڀرسان رھايا ويا ھئا. ان جاءِ وٽان ھن قلعن کي کاٽ ھڻڻ ۽ قلعن ھيٺان سرنگھن ھڻڻ ۽ کوھن کوٽڻ وارن ڪاريگرن کي خانڳڙھھ ڏانھن روانو ڪيو ويو. ھنن سان گڏ بنگال ريجمينٽ جو عقلمند انجنيئر ليفٽيننٽ مئڪسويل موڪليو ويو ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ڏک سور سھڻ وارو دماغي ۽ جسماني طور مضبوط ماڻھو ھو. پيادل فوج، توبخانو ۽ رسد گاھھ برگيڊيئر ھنٽر ۽ سمپسن جي ماتحت رکيو ويو ھو. کين ھدايتون ڏنيون ويون ھيون تہ مقرر مقت تي روانا ٿين. ٿوري وقت کا پوءِ سندن ڪڍ علي مراد لڳو اچي. ان کان سواءِ جئڪب، فٽزجيرالڊ، چانڊين ۽ مگسين کي چيو ويو ھو تہ 13 تاريخ تي پيش قدمي شروع ڪن ۽ ڦلجيءَ تي اوچتو وڃي ڪڙڪن اھڙيءَ ريت ساري فوج کي مقرر وقت تي اوچتي ۽ تڪڙي پيش قدمي جا حڪم مليل ھئا. کيس اھو بہ تاڪيد ڪيل ھو تہ کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري فوج پنھنجي مقرر جاين مطابق اڳتي وڌي.
تيرھن ميلن جي پيش قدمي کان پوءِ جنرل سرچارلس پنھنجي ھر اول گھوڙيسوار دستن سان اچي 14 تاريخ تي جاغر پھتو ھو. ھن سان گڏ توبون بہ ھيون جن کي گھوڙا ڇڪي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن ھو سورھن ميل پنڌ ڪري اچي خانڳڙھھ پھتو ھو جئڪب بہ ساڳئي ڏينھن 15 تاريخ تي روجھاڻ ۾ اچي منزل ڪئي ھئي. جيڪو خانڳڙھھ کان چوڏھن ميل اولھہ پاسي ھو. ھن رڻ پٽ علائقي وچان ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان پيشقدمي ڪئي ھئي. گھوڙا بہ ٿڪ ۽ اڃ ڪري بي ستا ٿي ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اٺ سوار فوج کانئس اڳيان ھلي رھي ھئي. جنھن رڻ پٽ ۾ موجود کوھن جو پاڻي استعمال ڪري کپائي ڇڏيو ھو. ڪيترا گھوڙا تہ اڃ وگھي مري ويا ھئا.
سر چارلس خانڳڙھھ ۾ ھو جو جاسوس اچي کيس اطلاع ڏنو ھو تہ بجار خان ان خط تي اعتبار ڪري ھٿ ھٿ تي رکيو آرام سان ويٺو آھي جيڪو کيس ھڪ اوٺي کان ھٿ لڳي ويو ھو ۽ کيس انگريز حملي جو ڪو چنتو ئي ڪونہ آھي. نہ وري کيس انگريز فوج جي پيش قدمي جا ڪا خبر ھئي. ان وقت سندس فوج شاھپور ۾ ھئي جيڪو ڦلجيءَ کان پنجٽيھھ ميل پري ھو. جئڪب جي فوج جي گھوڙن سان پيش آيل واقعي جي ڄاڻ پئجي وئي ھئي، تنھن ڪري ڦلجيءَ تي اوچتي ڪڙڪڻ وارو منصوبو ڪامياب ٿي ڪونہ سگھيو. سر چارلس ھڪ ذھين فوجي ڪمانڊر ھو جنھن پنھنجي منصوبي کي ڏاڍي تيزي سان تعميل ڪري ورتو. جنھن لاءِ ھو لکي ٿو تہ ”جيڪڏھن ولي چانڊيو نيت جو سچو آھي تہ ھو ان رات ڦلجيءَ تي حملي ڪري ڏيندو. جيڪڏھن جئڪب جا گھوڙيسوار دستا صبح جو جو ڦلجي نہ ٿا پچھي سگھن تہ اھي شاھپور تي ڪاھي وڃن. ولي چانڊيو بہ ڦلجي ڀرسان منزل ڪيون ويٺو آھي. تنھن کي اڳتي شاھپور ڏانھن وڌڻ گھرجي. ائين ڪري ھو ھنن جابلو ماڻھن کي اوڀر ڏانھن ڊوڙائي ڇڏيندا. جن جو اولھہ وارن جابلو علائقن سان رابطو ڪٽي ويندو. ھن جنگي مھم جو پھريون اھم مقصد بہ اھو آھي. اچ بہ پاڻي وارو ٿاڪ آھي جيڪو شاھپور کان اوڀر ۾ ۽ سورھن ميل پري آھي. تنھن ڪري دشمن وڃي اچ وٽ منزل ڪندو. جئڪب کي شڪست ڏيڻ تائين اتي جھلجي پوندو. اھڙي ريت بجار ڦلجي مان نڪري ڪيڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ رستي ۾ پڪڙجي پوندو. ان وقت تائين ھيڊ ڪوارٽر واري فوج سورھن ميل پنڌ ڪري چڪي ھوندي. پر اچ تائين فاصلو چاليھھ ميل آھي ۽ وچ وارو علائقو وارياسو آھي. جيڪڏھن ان علائقي ۾ مينھن جون چار ڪڻيون وسيون تہ پير چارن جا نشان ئي گم ٿي ويندا ۽ پوءِ ڏاھن ماڻھن جون متيون بہ منجھي وينديون جا ملي ۽ وچ واري وارياسي مان تہ نظر اچي رھيو ھو تہ سارو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾ وڃڻو ھو. پر ڪئپٽن سالٽر جي ماتحت خانڳڙھھ ۾ اريگيولر ھارس جي مستقل چوڪي ھئي. ان کان سواءِ ٻہ توبون ھيون جيڪي فقط جبلن ۾ ڪم اينديون آھن، جيڪي ليفٽيننٽ پلمين جي ماتحت ھيون. ھن ساريءَ فوج کي اچ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو ھو. جڏھن تہ جئڪب کي شاھپور تي حملي ڪرڻ جا احڪام مليا ھئا. پر ڪئپٽن جي روانگي کان اڳ کيس جاسوسن ٻڌايو تہ ڪيترا قبائلي سردار اچ ۽ شاھپور ۾ موجود آھن ۽ ھنن ٻنھي شھرن تي انھن جو قبضو آھي. جڏھن اھا خبر جنرل وٽ پھتي تہ ھو بہ ڊڄي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن ڪئپٽن سالٽر کي ڪڏھن آزمائي ڪونہ ڏٺو ھو تہ جنگي سرگرمين ۾ سندس ارادي جي قوت ڪيتري مضبوط آھي. تنھن ڪري کيس ھورا کورا ٿي پئي تہ متان کيس ڪو ھاڃو رسي. سندس خيال مطابق ھو پيش قدمي تہ ڪري چڪو ھوندو پر اچ جو فاصلو بہ گھڻو ھو. اھو بہ امڪان ھو تہ متان کانئس رستو وڃائجي وڃي. ھن سان رھبر طور ٻہ ڪھيري سردار موجود آھن، پر انھن ڪھيري سردارن جي عقلمنديءَ تي کيس ڪو ويساھھ ڪونہ ھو. تنھن ڪري ھو 6 اريگيولر ھارس جا ٻہ سؤ گھوڙيسوار ۽ ٻہ توبون ساڻ ڪري روانو ٿيو. ھي فوجي حصو ڪئپٽن موواٽ جي ماتحت ھو. ھن فوج جا سر چارلس جي بھادري کي ڏسي حوصلا وڌي ويا ھئا. فاصلو تہ چاليھھ ميل ھو پر پنڌ واريءَ جو ھو. پوءِ بہ اھو پنڌ چوويھن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ويو ھو.
18 تاريخ جو، سج لھڻ ڌاران ھي فوجي قافلو اچ جي ويجھو وڃي پھتو ھو. جنرل سر چارلس ڇھويھھ ڪلاڪ مسلسل گھوڙي سواري ڪئي ھئي. تنھن ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ کيس گھوڙي جي ھني تي ويٺي ۽ سفر ڪندي ننڊ اچي وئي ھئي. جڏھن سڀ کان اڳ ۾ ھلندڙ گھوڙي سوار پيش قدمي ڪندي اوچتو بيھي رھيا تہ کيس سجاڳي ٿي وئي. ان وقت روشني نظر اچي رھي ھئي جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ دشمن گھڻو پري ڪونہ آھي. ساري پنڌ دوران ڪئپٽن سالٽر جي رندن جو ڪو نشان بہ ڪونہ مليو ھو. تنھن ڪري ھن سوچيو تہ رات اتي منزل ڪري، صبح جو سويل تيز رفتاريءَ سان ھلي مٿن اوچتو حملو ڪجي، جيڪي سندس خيال موجب دشمن ھئا. کيس رستي ۾ گھوڙيسواريءَ دوران ٿوري گھل اچي وئي ھئي. ان دوران فوج جو ھڪ ڪالم ۽ توبون پنھنجو رستو وڃائي ڪيڏانھن گم ٿي ويون ھيون، ھن سان فقط پنجاھھ گھوڙيسوار ھئا جن جا گھوڙا ٿڪل ھئا ۽ خطرنڪا دشمن ھن اکين آڏو بيٺو ھو.
باک ڦٽيءَ جو ڪئپٽن مئڪمرڊو وڏي پٽ چڙھي ھيڏي ھوڏي ڏسي جھٽ موٽي اچي اطلاع ڏنو تہ ڀٽ جي پرئين پاسي ميدان ۾ بندوقن جي فائرنگ ھلي رھي آھي. اھا خبر ٻڌي جنرل چارلس پريشان ٿي ويو. ڇاڪاڻ تہ ھن سان گڏ ڏيھي گھوڙيسوار فوج ھئي، جنھن تي ھن جو ڪو ويساھھ ڪونہ ھو تہ ھن نازڪ موقعي تي سندن ڪردار ڇا ھوندو. تنھن ڪري ھن حڪم ڪيو ھو تہ ھن ڀٽ کان ايترو پري ھٽي منزل ڪجي جو توڙيدار بندوقن جون گوليون پھچي نہ سگھن. ان کان پوءِ ھر ڪو ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي جي انتظار ۾ اکيون ڦاڙي ويٺو رھيو. ان وقت اوچتو توبون ۽ گھوڙيسوار دستا ظاھر ٿيا جيڪي پنھنجو رستو وڃائي ڪيڏاھن گم ٿي ويا ھئا ۽ ان وقت اھي پٺئين پاسي واري ڀٽ تان ھيٺ لھي رھيا ھئا. اھا جنرل لاءِ ھڪ ازغيبي مدد ھئي. ان ڪري پيش قدمي ڪرڻ لاءِ سندس حوصلا بلند ٿي ويا ھئا. بعد ۾ ھن انھيءَ جاءِ ڏانھن پنھنجا جاسوس موڪليا، ڪئپٽن مئڪمرڊو جي بيان مطابق جتان بندوقن جي فائرنگ جا آواز اچي رھيا ھئا. ھنن جاسوسن اچي جنرل کي خوشخبري ٻڌائي تہ اسان جي آڏو دشمن نھ، پر ڪئپٽن سالٽر منزل ڪيون ويٺو آھي. ھن، رات ست سؤ جابلو ماڻھن تي حملو ڪري کين شڪست ڏئي ڇڏي آھي. بندوقن جا مذڪوره آواز بہ انھيءَ فوج جا ھئا. انھيءَ مقصد سان تہ متان ڪي ماڻھو مال غنيمت کڻي ھليا وڃن. ڌاڙيلن جي ٽولي جي اڳواڻي دريا خان جکراڻي ڪري رھيو ھو. ھن جو مورچو نھايت مضبوط ھو. جنھن جي ٽن پاسن کان جبل ھو ۽ چوٿين کليل پاسي کان ھن سخت مقابلو ڪيو ھو. پھريائين تہ اونداھي ڪري کيس اھو پتو ڪونہ ھو تہ دشمن فوج جو رخ ڪھڙي پاسي آھي ۽ دشمن جي فوج اندر ڌوڪي ڪاھي پوڻ بدران ان جي سامھون اچي ويو، پر جڏھن کيس جنگي صورتحال جو صحيح پتو پيو تہ مٿن ڪڙڪي پيو. انگريز گھوڙيسوارن جي سخت حملي ڪري دشمن منتشر ٿي ويو ۽ پٺيان لاشن جا ڍير ڇڏي ويو. ڪيترن کي جنگي قيدي بڻايو ويو آھي ۽ چوپائي مال جا ٽي ھزار جانور بہ ھٿ لڳي ويا آھن. اھو چوپايو مال اڃا بہ ٻيڻ تي ھٿ ڪري سگھجي ھا، پر فوجي ۽ گھوڙا ٿڪجي پيا ھئا ۽ چوپايو مال بہ ڀروارين ٽڪرين جي چوٽين تي ويٺو ھو.
جڏھن ٻيءَ منزل تي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي تہ ڌاڙيلن جي خطري ڪري سر چارلس حڪم ڪيو ھو تہ فوجي مقرر ايراضي کان ٻاھر نہ وڃي پر عام طور تي ڏٺو ويو آھي تہ ماڻھو خطرن ھوندي بہ پنھنجي شخصي بچاءَ ڏانھن ڌيان ڪونہ ڌريندا آھن. اھڙن لاپرواھھ ماڻھن ۾ انگريزن جي فوج ۽ عملدارن کي بہ ڳڻي سگھجي ٿو. سندس ڀائٽيو جان نيپيئر، سندس ناٺي ڪئپٽن ممڪمرڊو ۽ سندس ائڊ ڊي ڪئمپ ليفٽيننٽ بائگ ڪن جابلو ماڻھن کي ڏٺو جيڪي جبلن جي چوٽين تي گڏ ٿي رھيا ھئا. جن جو مقصد پري بيٺل چوپائي مال کي ڏسڻ وائسڻ ھو. تنھن ڪري ھي ٽئي ڄڻا اڳتي اچي وٽن پھتا. ويجھي اچڻ تي کين شڪ ٿيو تہ متان اھي ڌاڙيل اوچتو حملو ڪن، تنھن ڪري بائينگ ڪنھن گوڙيسوار فوجي دستي کي وٺي اچڻ لاءِ پوئتي ويو. باقي ٻہ ڄڻا اتي بيٺا رھيا. جن جي سردار کي انھن جي کڙڪ پئجي وئي جيڪو قد جي ھڪ لاٺيري گھوڙي تي سوار ھو. کيس ھڪ ٽوڙيدار بندوق ۽ ٻہ تلوارون ھيون. معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھو ڏاڍو بھادر ھو، جو انگريزي فوجي ڪئمپ جي ڀرسان گھمي ڦري رھيو ھو ۽ تازيءَ شڪست کان پوءِ بہ ھن کي اھڙا ھٿيار ھئا.
مئڪمرڊو ھٿ ۾ تلوار جھلي مٿس ڌوڪي ڪاھي ويو. ڪڏھن جھيڙي دوران گول ڦري رھيا ھئا. ڪڏھن ھڪ ٻئي جي بلڪل ويجھو اچي رھيا ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي ڌڪ کان گسائي رھيا ھئا. ان جھيڙي دوران ٻيو تہ ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيو، پر گھوڙي گھائجي پئي ھئي. نيپيئر ھڪ بھادر انسان جيان ٻنھي کي وڙھندي تڪي ۽ تاڙي رھيو ھو ۽ جھيڙي ۾ گھڙي پوڻ لاءِ تيار ٿي رھيو ھو ان وقت مئڪمرڊو رڙ ڪري نيپيئر کي چيو تہ ھن گھوڙي تي سٺ ميل سفر ڪري نہ رڳو مان ٿڪجي پيو آھيان پر گھوڙو بہ ھڦجي پيو آھي. تنھن ڪري اچ ۽ ھن سان مقابلو ڪر. جان نيپيئر سنھڙو سيپڪڙو جوان ھو، پر سچو انگريز ھو سو بہ دشمن تي وھي پيو. پوءِ ٽنھي ڄڻن ۾ ويڙھھ شروع ٿي وئي. ٿوري دير کان پوءِ بلوچ ڀڄڻ بہ لڳو ۽ وڙھڻ بہ لڳو. ٿورو اڳتي ھلي ھن گھوڙيءَ جي ھني تي ويٺي ڪنڌ ورائي توڙيدار بندوق جو فائر ڪيو. ٻنھي جي وچ گھوڙي جي ڊيگھھ جي ماپ جيتري وٿي ھئي، پر گولي گسي وئي. اھو ڏسي نيپيئر پسٽول جي گولي ڇوڙي. مئڪمرڊو جڏھن دشمن سان مقابلو ڪندو آھي تہ کيس ڪو ھوش ڪونہ رھندو آھي ۽ سمجھو ويو تہ اھو فائر توڙيدار بندوق مان ٿيو، تنھن ڪري ھو سٽ ڏئي نيپئر کان پستول کسي بلوچ تي فائر ڪرڻ لڳو، جنھن تي جان نيپئر کيس رڙ ڪري چيو تہ ھن کي نہ مار، پر ھن انھيءَ بھادر بلوچ تي ان وقت فائر ڪيو، جڏھن ھو حملي لاءِ ٻيءَ کي ڇوڙي رھيو ھو. ان کانپوءِ ھڪ بي مثال بھادري جو مثال نظر آيو. مئڪمرڊو ۽ جان نيپئر گھوڙن تان لھي پيا ۽ دشمن جي جسم مان وھندڙ رت کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. جنھن شڪست قبول ڪانہ ڪئي ھئي. ھن دشمنن کي مارڻ لاءِ تلوار جي مٺئي ۾ مضبوطيءَ سان ھٿ وجھي سٽ ڏني. پر ھو ائين ڪري نہ سگھيو ۽ مري ويو.
فوجي ڪئمپ مان بہ مدد اچي پھتي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ٻہ فوجي عملدار خطري ۾ ھئا، جيڪي مئل ماڻھوءَ جي دوستن ڀرسان بيٺا ھئا. بھادر بلوچ مري تہ ويو ھو پر پوءِ بہ سندس لاش ڏسڻ وٽان ھو. ڇا تہ جوان ھو. خود جنرل چارلس بہ سندس لاش ڏسڻ جي خواھش ڏيکاري ھئي ۽ ھن فوج جي وڏي عھدي تي ھوندي بہ اچي سندس لاش ڏٺو ھو. بلوچ جي اھڙي قتل مان ھن سمجھيو تہ اھو سٺو سوڻ آھي. پر آخر ۾ ھن ويڙھھ تي ناراضگي جو اظھار ڪيو ھو ڇاڪاڻ تہ اھو قتل فوجي، عقل دانشمنديءَ ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف ھو. سندس خيال ھو تہ جنگ دوران فتح خاطر بہ اھڙو قتل ضروري ڪونہ ھوندو آھي. ھن سان گڏ ھڪ ٻيو دک دار واقعو بہ ٿي گذريو ھو. ھن جنرل 6 اريگيولر گھوڙيسوار فوج جو ھڪ ڏيھي عملدار گھايل ڏٺو جنھن جو نالو عظيم بيگ ھو. جيڪو زمين تي ليٽيو پيو ھو. کيس زخم اھڙا تہ گھائو ھئا جو جيئري رھڻ جو آسرو ڪونہ ھو. ھن زخميءَ کي ڏسي جنرل سر چارلس گھوڙي تان لھي پيو ۽ ساڻس ھمدردي ڪرڻ ۽ کيس آٿت ڏيڻ لڳو.
تنھن تي مرندڙ بھادر انسان جنرل کي وراڻيو تہ ”مان خوش آھيان. مون کي ڪنھن بہ قسم جو سور ڪونہ آھي. مان پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي. مان فوجي سپاھي آھيان. جيڪڏھن مقرر منھنجي زندگي جي تقاضا ڪري ٿو تہ منھنجو ھن کان بھتر ٻيو موت ٿي ڪونہ ٿو سگھي. توھان مون وٽ لڙي آيا آھيو، اھا منھنجي وڏي عزت آھي.“ ائين چئي ھن دم ڏنو. ھن ڏکوئيندڙ واقعي کي جنرل چارلس پنھنجي ڊائري ۾ لکيو آھي تہ ھي اھڙيون شيون آھن جيڪي فوج جي ڪمانڊر جي دل کي لوڏي ۽ ڌوڏي ٿيون ڇڏن. ھن لارڊ ھووڪ ۽ سندس ساٿين جو حوالو ڏيندي ڊائري ۾ لکپو آھي تہ ھنن ماڻھن منھنجي خلاف ھائوس آف ڪامنس ۾ زھر اوڳاڇيو ھو. جنھن جي جواب ۾ جنرل پنھنجي ڊائري ۾ لکيو آھي تھ، ”اھي ماڻھو لعنت جا حقدار آھن جن ھائوس آف ڪامنس ۾ چيو آھي تہ مان جنگ شروع ڪرڻ ۾ جنوني آھيان.“ اھڙا ڪنھن ٻئي تي ملامت ڪري ڪونہ ٿا سگھن. انھن ماڻھن جي لڳايل تھمتن کي ٻڌندڙ ماڻھن ابتدا ۾ نفرت آميز لھجي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آھي. ڏپھري تائين فوجي ڪئمپ جا تنبو کپي چڪا ھئا. ان وقت ھڪ گھوڙيسوار جئڪب وٽان پيغام کڻي آيو تہ ھن بہ جابلو ڌاڙيلن تي اوچتو وڃي حملو ڪيو جيڪي بجار خان جي پٽ وزير خان جي ماتحت وڙھي رھيا ھئا. اھا ڳالھہ ٻڌي ھو ھڪدم شاھپور روانو ٿيو، توڙي جو ھو ڏاڍو ٿڪل ھو. ھن اتي وڃي ڏٺو تہ ھتي بہ دشمن ائين آرامي آھي، جيئن اچ ۾ بي گوندرو ٿيو ويٺو ھو جيڪو قلات جي خان ڏانھن لکيل خط تي اعتبار ڪري بي ڦلڪو ٿيو ويٺو ۽ سندس جون بہ ننڊ ۾ ھئي. پھريائين تہ ھن سمجھيو ھو تہ رات جو حملو ڪندڙ چانڊيا مگسي قبيلا آھن ۽ اھو سمجھي کين ڏاڍو مھاڏو ڏنائين. پر پوءِ جنگ جي طريقي مان سمجھي ويا ھئا تہ ھنن مذڪوره خط تي اعتبار ڪري وڏي غلطي ڪئي آھي. پوءِ ھنن ور کنجي وٺي گوڏن تي زور رکيو. اھو حال ڏسي جئڪب مغل گھوڙيساورن کي کڻي سندن ڪڍ لاتو. پر جنھن ماڻھوءَ ھٿيار ڦٽا ڪيا ۽ پيش پيو تنھن جو وار بہ ونگو ڪونہ ٿيو. ھنن مغل گھوڙيسوارن تيز رفتاري سان وڃي ھڪ گھر تي حملو ڪيو، جنھن جي بچاءَ لاءِ سٺ ڌاڙيل پھرو ڏئي رھيا ھئا. انھن ڇھن ماڻھن جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ھنن ھٿيار ڦٽا ڪيا. ان کانپوءِ گھر جو دروازو ڀڃي کوليو ويو ھو ۽ اھو انتظام جو ھڪ بھترين نمونو ھو.
سنڌ جي ھن جنگ ۾ ٻہ سردار ۽ سندس اسي ماڻھو گرفتار ڪيا ويا ھئا. ھن وقت تائين مقابلن ۾ ٻنھي طرفن کان ماڻھو ماريا ويا ھئا. جڏھن ٻين ٻن حملن ۾ ڇھھ سردار ۽ ھڪ سو ماڻھو ماريا ۽ ڦٽيا ويا ھئا. جڏھن تہ انگريز جي فوج جي فقط ارڙھن ماڻھن زندگيون وڃايون ھيون. اھي بہ اطلاع آھن تہ جيستائين اوچ تي حملو ٿي رھيو ھو، تيستائين ڌاڙيل پڪ سمجھي رھيا ھئا تہ انھن کي ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيندو. پر جڏھن سالٽر جي توبخاني جي گولن ڇٽڻ جو آواز سندن ڪنن تي پيو تہ رڙ ڪري چيو ھئائون تہ ”انھيءَ جنگ ۾ تہ شيطان جو ڀاءُ خود پاڻ موجود آھي.“ ائين چئي وٺي گوڏن تي زور رکيائون. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ سر چارلس نيپئر جو ھنن ڌاڙيلن مٿان خوف ويھي ويو ھو. اھڙي ريت سوچيل سمجھيل منصوبي ۽ ان کان پوءِ وقت سر ڪيل ان ۾ تبديليءَ ھن رڻ پٽ ۾ جنگي مھم کي ڪاميابي سان ھمڪنار ڪري ڇڏيو ھو. اڳئين منصوبي ۾ تڪڙي تبديلي ڪري وڏيءَ طاقت سان حملو ڪيو ويو ھو. فوج بہ ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو ھو. ھن فوج جي طاقت جي جديد ۽ قديم دور نھايت بھادر ۽ دلير فوج جي قوت سان مشابھت ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ تہ جنرل چارلس سان گڏ پيش قدمي ڪندڙ فوج ڇاونجاھھ ميل مسلسل سفر ڪيو ھو. جڏھن تہ جئڪب سان گڏ واري فوج ڇاونجاھھ ۽ سالٽر سان ھلندڙ فوج واريءَ وچان چاليھھ ميل لڳاتار سفر ڪري منزل ڪئي ھئي. ان سان گڏ جئڪب جي گھوڙيسوار فوج جي پٺيان پيادل پوليس بہ ان رڻ پٽ وچان چاليھھ ميل لڳاتار سفر ڪيو ھو، جنھن جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ سمال بيچ ھو. جنھن وقت ھي بھادر فوج مذڪوره رڻ پٽ وچان سفر ڪري رھي ھئي تہ ھن فوج جي ڪمانڊر جنرل چارلس ٽيھھ ڪلاڪ مسلسل گھوڙي جي ھني تي ويھي سفر ڪيو ھو. جڏھن تہ ھن خشڪيءَ جو ٻاھتر ميل سفر ڪيو ھو. پويان سورھن ميل تہ ھو وارري جي سخت طوفان وچان گذريو ھو. جنھن ماڻھن ۽ گھوڙن کي ٿڪائي ماري وڌو ھو. ھو ترسيو وڃي شاھپور وٽ ھو، جتي ويھي ھن لکپڙھہ بہ ڪئي ۽ توبخاني ۽ پيادل فوج ڏانھن احڪام بہ جاري ڪيا ھئا تہ اھي ھڪ جڳھھ تي منزل ڪن. ڇاڪاڻ انھن ٻنھي کي ھن سان گڏجي ڪم ڪرڻو ھو. ھن قسم ڪم اڪلائي جنرل پوءِ آرام ڪيو ھو.
اھا ٽيڻي ڪاميابي ھئي ڇاڪاڻ تہ سچار ۽ بھادر چانڊين ڦلجي تي قبضو ڪري ورتو ھو. ان کان پوءِ جنگي سرگرمين جي منصوبي ۾ تبديلي آندي وئي ھئي. دشمن بہ پنھنجي مرضيءَ سان اڳتي وڌي وڃي اوڀر واري جابلو علائقي ۾ پاڻ کي مضبوط ڪيو ھو. پھريون منصوبو ھو تہ اڳ ۾ ڦلجي تي قبضو ڪيو ويندو ۽ لشڪر جي کاٻي پاسي کان مري بلوچ اڳتي وڌندا. بعد ۾ ان منصوبي کي ڇڏيو ويو ھو. پر نئين منصوبي ۾ بہ اھا ڳالھہ شامل ڪئي وئي ھئي تہ ڌاڙيلن جو الھندي جابلو علائقي سان رابطو ڪٽيو ويندو ۽ کين ڊگھن گھارن کان بہ مٿي ڌڪيو ويندو، پر ڌاڙيل پاڻ ئي نڪري اوڀر واري جابلو علائقي ڏانھن ھليا ويا ھئا ۽ گھارن واريءَ جوءِ کان بہ نڪري ويا ھئا. تنھن منصوبي ۾ بيان ڪيل ڳالھيون پاڻ ھرتيون ٿي ويون ھيون ۽ وڌيڪ سولائي ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سالٽر کي اچ ۾ رھڻو پيو ھو. جئڪب جي ڪجهہ گھوڙيسوار فوج ڦلجي ۾ ۽ ڪجهہ لھڙي ۾ رھائي وئي ھئي. کيس چيو ويو و تہ ھو چانڊين سان گڏجي انھن ماڳن تي قبضو ڪري انھيءَ مقصد سان تہ جيئن قلات جي قبائلي سردارن کي ڌمڪائي سگھجي. اھڙي ريت پيادل فوج، توبخانو ۽ رسدگاھھ کي شاھپور ڏانھن اچڻ جو چيو ويو ھو جتي چوڏھن ڏينھن جي کپت جي پورائي لاءِ، جنگي سامان گڏ ڪري رکيو ويو ھو. جيڪڏھن بجار خان ۽ سندس اتحادي بلوچ سردارن سان خط واري ٺڳي نہ ڪئي وڃي ھا تہ فوجي سرگرميون وڌيڪ اينگھجي وڃن ھا ۽ فوجي سامان بہ ٻيڻ تي خرچ ٿي وڃي ھا.
جئڪب جي گھوڙيسوار فوج ۽ چانڊڪن کي جبلن جي پرئين پاسي مرين وارري علائقي ڏانھن موڪليو ويو ھو. اھڙيءَ طرح انگريز فوج ھڪ ھمچورس دائري جا ٻہ پاسا والاري ورتا ھئا. جن مان ھڪ پاسو تہ رڻ پٽ ڏکڻ ۾ ھو. جنھن ڪري ان طرف وارن جابلو گھٽن تي انگريز فوج جا جٿا قبضو ڪري ويھي رھيا ھئا. جڏھن تہ ٻيو گھارن وارو اولاھيون پاسو ھو. اھي گھارا ڊگھا ۽ پور وڇوٽ تي ھئا جن انھن ٽڪرين کي ڊگھائي پاسي کان جدا ڪري ڇڏيو ھو، جيڪي ھلنديون اچي سنڌو درياھہ وٽ پچن ٿيون.
جيڪڏھن ڦلجيءَ وٽان بيھي اوڀر ڏسبو تہ اھي گھارا ھن ريت ڏسڻ ۾ ايندا: ”ساڄي ھٿ واري پاسي تي تونگ نالي ھڪ گھارو آھي،جيڪو اوڀر ڏانھن ھلندو ٿو وڃي ۽ اڳتي ھلي مزاري قبيلي جي جابلو علائقي واريءَ جوءِ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع آھي. ھن گھاري ۾ زورانس، گونڊئي ۽ سيبري وٽان داخل ٿي سگھجي ٿو. جتان ھن گھاري ۾ گھڙڻ لاءِ سامھون واري پاسي وٽ بہ گھاٽ آھي، جنھن جي پاسي ھڪ اڀڪپري ٽڪري ھلندي وڃي ٿي.
تونگ وارري گھاري سان گڏ الياسي ندي وارو گھارو آھي جيڪو تياگا نالي واري گھاري سان پور وڇوٽ تي ھلندو وڃي ٿو. ھن جي وچ واري حصي تومب جي وادي سڏيو ويندو آھي. ھن کان پري ۽ اوڀر پاسي ديرا جي وادي آھي. تيگا جي ھن کاريءَ ۾ ھڪ سوڙھو گھٽ آھي، جنھن وسيلي سنگسيلا نئئنءِ جو پاڻي اچي ھن ۾ ڇوڙ ڪندو آھي. جيڪا اوڀر اتر پاسي کان وھي ايندي آھي.جڏھن تہ تيگا گھاري جو وھڪرو الھندي طرف وھندو آھي. جيڪو ھڪ مستقل آبي وھڪرو آھي. ليڪن ديرا وٽ ان جي ويڪرائي ھڪ گز مس ٿيندي، نہ تہ ٻيو سارو علائقو خشڪ ۽ ويران لڳو پيو آھي.
ھنن سڀني گھارن کان اتر طرف ھڪ جابلو سلسلو آھي، جيڪو مرين کي ٻين قبيلين کان ڌار ڪري ڇڏيندو آھي. پر ان ۾ سرتوف ۽ نفوسڪ نالي ٻہ لڪ آھن. ھن رڻ پٽ ۽ خشڪ علائقي جي پرئين پاسي جي سامھون ننڍيون اڀڪپريون جابلو چوٽيون آھن جيڪي پڻ ھن رڻ پٽ علائقي جيان ويران ۽ بُٺ آھن.
ھتي انگريز جنرل ڏاڍي بي صبريءَ سان پيادل فوج جو انتظار ڪري رھيو ھو. سندس توبون ۽ فوجي سامان جي ترتيب مان پتو پئجي چڪو ھو تہ 18 جنوري تي سندس پيش قدمي جو رخ ڪھڙي طرف آھي.
”سڀاڻي گھوڙيسوار فوج سڀئي جابلو لڪ ۽ لانگھا جھلي بيھي ويندي. توقع آھي تہ بجار خان جابلو سلسلي جي ان پاسي آھي. انھيءَ جون جابلو ٽڪريون ننڍيون آھن. بجار خان نظر تہ ڪونہ ٿو اچي. پر موجود انھيءَ علائقي ۾ آھي. اتر پاسي ھڪ اتاھو جابلو سلسلو آھي. مان پنھنجي رھبر يارو کوسي کان پڇيو آھي تہ جنھن ٻڌايو آھي تہ تلي وٽ پاڻي تمام گھڻو آھي. جڏھن ان جي پيٽ ۾ تونگ وٽ گھٽ آھي. پر زورانس وٽ ھ پاڻي نہ رڳو گھڻو آھي پر تمام سٺو بہ آھي. مان سمجھان ٿو تہ تلر ۽ زرانس پاڻي گھڻو ڪونہ ھوندو.
تونگ وٽ تہ پاڻي گھٽ بہ ھوندو تہ گندو بہ ھوندو. تنھن ڪري مان سمجھان ٿو تہ يارو کوسو بجار جو ماڻھو آھي. اھو بہ سمجھان ٿو تہ بجار خان تونگ وٽ موجود آھي. ليڪن مان ۽ ياروءَ ھن ڳالھہ تي اتفاق ڪيو آھي تہ اسان تونگ ڏانھن ڪونھن وينداسون.“
يارو کوسو ٻٽو ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. ساڌن سان بہ سچو تہ پئنچن سان بہ پورو. ان کان پوءِ جئڪب کي چيو ويو ھو تہ ھو گھوڙيسوار فوج کي انھن نئين جي منھن وٽ وڃي بيھاري جيڪي لھڙي ۾ ڦلجي ڏانھن وھنديون آھن. جيڪو ڇھھ سو گھوڙيسوارن ۽ ٻن توبن کي ساڻ ڪري اوڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن تہ احمد خان مگسي کي تومب گھاري جي تيگا نئھ وٽ بيھڻ لاءِ موڪليو ويو. ولي چانڊئي کي تونگ موڪليو ويو ھو. جنرل چارلس مطابق چانڊيا صورتحال کي جلدي ۾ سمجھي ويندا ھئا. جڏھن تہ جنرل پاڻ اچ کان ٿيندو زورانس لڪ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو. ھن علي مراد کي گنڊئي وٽ بيھڻ جو چيو. کيس ان وقت تائين اتي بيھڻ جو چيو ويو ھو جيستائين دشمن اتر ڏانھن ڀڄي نڪري وڃي. سندس ھن قسم جي بندوبست مان نظر ائين اچي رھيو ھو تہ ھو الھندي پاسي وارن جبلن جي لڪن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي رھيو ھو. ان سان گڏ رڻ وٽ واري علائقي جي ڏکڻ پاسي وارن گھٽن ۽ گذرگاھن کي پڻ مضبوط ڪري رھيو ھو. انھيءَ وقت چانڊين ۽ مگسين چپو چپو ڪري ٻہ گھارا جاچي ورتا ھئا ۽ جابلو ماڻھن جي امڪاني موجودگي کي ڏسي ورتو ھئائون. جنرل جي مرضي ھئي تہ پاڻي جي جاين تي قبضو ڪري، ھنن ماڻھن کان چوپايو مال ڦري کين گذر سفر کان محتاج ۽ لاچار ڪري سگھجي ٿو. ھن جنرل چانڊين ۽ مگسين کي ايترو پري ۽ اڪيلو موڪلي ڪنھن بہ قسم جو خطرو محسوس ڪونہ ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھي ٻئي قبيلا ڌاڙيل قبيلن مٿان اوچتو وڃي ڪڙڪيا ھئا. تنھن ڪري ھنن جي وڃڻ ڪري ڌاڙيل قبيلا سمجھي ويندا تہ انگريزي فوج انھن جي پويان اچي ويھي رھي آھي، پر غلطيءَ يا لاپرواھيءَ ڪري پيادل فوج، توبخانو ۽ رسدگاھھ مقرر وقت تي مٿي وڃي ڪونہ سگھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ انھن جابلو علائقن ۾ پيادل فوج کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ سگھبو آھي. تاريخ 20 جنوري تي قيدين سان گھر ڀاتين کي ملڻ ۽ انھن سان گڏجي ھلڻ جي موڪل ملي وئي ھئي ۽ انسانذات جي ناتي ھنن لاءِ اھڙو کليءَ دل سان بندوبست ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ جنرل اچ ڏانھن پيش قدمي ڪرڻ شروع ڪئي. سندس خواھش ھئي تہ ڏکڻ واري محاذ جي لڪ تي بنا ڪنھن دير جي فوج ويھاري وڃي. ھن جنگي مھم ۾ بنا دير جي اھڙو ڪم ڪري، ھڪ سياڻي ۽ سچيت فوجي ڪمانڊر ھئڻ جو ثبوت ڏنو ھو. ھن علائقن جا نقشا بہ ڪونہ ھئا. علائقو بہ ڏاڍو پيچيده ۽ خشڪ ۽ ويران ھو. فوجي پيش قدمي بہ پاڻي جي لپي پوڻ ڪري ھلي رھي ھئي. جاسوس ۽ رھبر بہ بيجار خان کان ڇرڪي رھيا ھئا، جيڪي دراصل ان جا ماڻھو ھئا. ھر نئون ڏينھن نئون ڏچو بڻجي ڏائڻ وانگي ڏند ڪرٽي رھيو ھو. ڪونہ ڪو جاسوس ڏھاڙي نئون اطلاع ڏيندو ھو. تنھن ڪري فوجي سرگرمين جي منصوبن ۾ نيون تبديليون ٿي رھيون ھيون. ان ڪري مشڪلاتون ۽ مايوسيون پيدا ٿي ويون ھيون. اھڙو اشارو مٿي بہ ڪيو ويو آھي. اسان ڌاڙيلن کي مجبور ڪري سندن ئي خاندانن ڀرسان جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رھيا ھئاسون. اھڙي طرح اسان کين موقعو ڏئي رھيا ھئاسون تہ جڏھن سمجھن تہ سندن ھار يقيني آھي تہ پنھنجي عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي ڪھي پوءِ سر ترين تي رکي چريا ٿي جنگ وڙھن. اھڙي ظلم کان سر چارلس بہ ڏاڍو ڊڄي رھيو ھو. ھو 20 ۽ 22 تاريخ جي وچ واري وقت ۾ ٻہ ڀيرا بجار خان کي قتل ڪرڻ واري ڳالھہ تان ھٽي ويو ھو. اھو سندس انسان دوستيءَ جو ثبوت ھو. توڙي جو بجار خان انگريز سرڪار جي ملڪي حدن مان بہ گذريو ھو. ڇاڪاڻ تہ ان وقت ھن سان گڏ پنھنجا ٻار ٻچا، سندس پٽ جي زال ۽ ننڍڙا ٻارڙا ۽ ٻين قبائلي سردارن جا گھر ڀاتي ساڻ ھئا.
اچ وٽ کين جاسوسن ٻڌايو تہ تونگ وارو علائقو ڏاڍو شاندار ۽ وسيع آھي، جنھن جي چوڌاري اھڙا اوچا جبل، جيڪي ٻاھرئين پاسي کان اڀڪپرا ۽ اندرئين پاسي کان لھنوارا آھن. جن تي اندرئي پاسي کان سولائيءَ سان چڙھي سگھجي ٿو. ڊومڪي بہ ھن علائقي ۾ اچي پيش پيا ھئا. انھيءَ جابلو سلسلو ۾ ھڪ رستو آھي جنھن وچان مٺي پاڻيءَ جي ڪاريز وھندي آھي، جيڪا اتاھن جبلن کان وھي ھيٺ ايندي آھي. ھتان جي ماڻھن انھيءَ جبل وچان ھڪ سرنگھھ ٺاھي ڇڏي آھي، جيڪا کين ان ڪاريز جي رستي وسيلي تونگ واريءَ جوءِ ۾ پھچڻ لاءِ چوڏھن ميلن جي وڏي وڪڙ کان بچائي وجھندي آھي. اھڙي ريت حملھ آورن جي پٺيان ھڪ وسيع رڻ پٽ ھوندو آھي، تنھن ڪري اڃ کان تنگ ٿي پوئتي وارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. پر ھن انگريز جنرل کي بيشمار کليون ملي ويون ھيون ۽ کوھن کوٽڻ وارا ڪاريگر بہ ھن سان گڏ ھئا جيڪي ھن خاص اھڙن موقعن لاءِ ساڻ کنيا ھئا. ھن سوچيو تہ ڇو نہ اھا سرنگھھ بند ڪري مزاحمت ڪرڻ وارن کي ماري ختم ڪري ڇڏجي. انھيءَ وقت ولي چانڊئي تونگ تائين ٻاھريون علائقو فتح ڪري ورتو ھو. ان سواءِ ھن بگٽين جو وڏو تعداد قتل ڪري سندن بيشمار ٻڪريون ڪاھي آيو ھو. اھڙي قسم جي پيش قدمين ڪري بجار خان ڊڄي ويو ھو. ان ڪري ھو اچ واريءَ فوج جي سامھون گذري زورالنس ڏانھن وڃڻ لڳو ھو. ھو پنھنجي گرفتاريءَ کان ڊڄي رھيو ھو ڇاڪاڻ تہ کيس اھا پوري ڄاڻ ھئي تہ سندس دشمن ھن جي عورتن ۽ گھر ڀاتين تي ھن کان وڌيڪ رحم ڪري رھيو آھي ۽ جيستائين سندس گھر ڀاتي ھن سان گڏ ھوندا، تيستائين اھو رحمدل انگريز جنرل کيس ڪڏھن بہ قتل ڪونہ ڪندو. ڀاڄ دوان سندس ڪيترا دوست ۽ قبائلي سردار کيس ڇڏي، لھڙيءَجي بلوچ خان سان وڃي مليا ھئا، جيڪو پاڻ کي انگريزن جو دوست سڏائيندو ھو، پر جنرل سر چارلس کي ھن ڊومبڪي سردار تي شڪ ھو. تنھن ڪري ھن جئڪب کي حڪم ڪيو ھو تہ ھو بلوچ خان سان رکو پيش اچي ۽ جيڪڏھن ضروري سمجھي تہ ان کي گرفتار ڪري، ھيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏي. ھي انگريز جنرل سمجھي رھيو ھو تہ ھي ڊومبڪي سردار ماڻھو گڏ ڪري انگريزن خلاف محاذ جوڙي رھيو آھي.
چانڊين کي ھڪ اسڪاڊرن گھوڙيسوار ڏئي تلر ۾ رکيو ويو ھو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن تونگ تي نظر رکندو رھي. ڇاڪاڻ تہ اھو ماڳ گھڻي ۽ سٺي پاڻي ڪري اھم ھو. پر يارو کوسي ڪوڙ ڳالھايو ھو. پاڻيءَ بابت اھم معلومات نہ ملي ھئي. نہ ئي اھو ٻڌايو ويو ھو تہ بچاءَ جي مقصد لاءِ بہ اھو ھڪ اھم ماڳ آھي ۽ ڪوبہ حملھ آور آسانيءَ سان ان تي قبضو ڪونہ ڄمائي سگھندو آھي. ڪرنل گپڊيس کي فوج جو ھڪ ڪالم ڏئي زرمي ڪشتا ڏانھن موڪليو ويو ھو جيڪو زورالنس لڪ جي سامھون ھڪ اھم ماڳ آھي. اتي پھچي فوج جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ھئي. پر ھيڊ ڪوارٽر جي پيش قدمي جو رستو تبديل ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ صورتحال ڏھاڙي تبديل ٿي رھيو ھو. تنھن ڪري فوجي سرگرمين ۾ بہ ڦير گھير ٿي رھي ھئي. فوجي سرگرمين جي ڊائري ۾ 21 مارچ تي جنرل چارلس لکيو ھو تہ تڪڙ ڪرڻ جي ڪابھ ضرورت ڪانہ آھي. مان ڏھاڙي صورتحال جي جاچ پڙتال ڪري رھيو آھيان ۽ ضرورت مطابق مان منصوبي ۾ ترميم ڪري رھيو آھيان جيڪو اوچتي حملي واري پروگرام کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رھيو آھي. منھنجي فوج، دشمن کي ڏکڻ ۽ اولھہ پاسي کان ڪڙو چاڙھي ڇڏيو آھي. جڏھن تہ مري ان کي اتر پاسي کان ڪڙي چاڙھڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. علي مراد گنڊوئي وارن جابلو لڪن تي نظر رکيون ويٺو آھي. انھيءَ ڪري دشمن جي کاڌ خوراڪ کٽي وئي آھي. اسان جي طرف جي کاڌ خوراڪ وڌي رھي آھي. ڇاڪاڻ تہ کاڌ خواڪ جو سيڌو سامان روزانو پھچي رھيو آھي. ان کان سواءِ ٻاڪرو ۽ ٻيو چوپايو مال بہ بيشمار ھٿ لڳي ويو آھي. نوجوان فوجي جنگ ڪرڻ لاءِ تہ ھٿن مان نڪري رھيا آھن، پر مان کين اھو چئي ٿڌو ڪري رھيو آھيان تہ بجار خان کي زورالنس تائين وڃڻ ڏيو. مان اتان جي ھر لڪ ۽ لنگھھ تي فوج بيھارڻ ٿو چاھيان، ڇاڪاڻ تہ فوج جي ھر سپاھيءَ جي زندگي مون کي ايتري پياري آھي جيتري پنھنجي. تنھن ڪري مان فوج کي جنگ ڪرڻ ۾ ھرگز ڇڙواڳ ڪونہ ڇڏيندس تہ ٿوري تعداد ھوندي بہ اکيون ٻوٽي وڃي دشمن تي ڪڙڪي، انھيءَ لاءِ تہ کين سوڀ جا تڪڙا نتيجا ملي سگھن. پر منھنجو فوجي قدم مختلف آھي. مون کي يقين آھي تہ اسان کي حتمي سوڀ حاصل ٿيندي.
اھڙيون ڳالھيون سوچي ويچاري ھو 25 جنوري تائين اچ ۾ ترسي پيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ڌيرج ۽ سچيتائي سان ڪم ڪري، زندگيون بچائي سگھجن. کيس اھو خوف ھو تہ مناساب وقت کان اڳ پيش قدمي ڪبي. ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويندو. ٻي ڳالھہ اھا بہ آھي تہ انھن سان سندن ٻار ٻچا بہ گڏ آھن، پر جيڪڏھن انھن کي يقين ٿيو تہ سندسن شڪست ٿيڻ واري آھي تہ پنھنجن عورتن ۽ ٻارن کي ڪھي ڇڏيندا. تنھن ڪري ھو ڏاڍو ڊڄي ويو ھو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن جي پيش قدمي رڪجي ويندي ھئي ۽ ڏٺيون وائٺيون جنگي سھولتيون کيس ڇڏڻيون پئجي وينديون ھيون. ھن جي اڏول ارادن کي ڪير بہ لوڏي ڪونہ سگھندو ھو. ھن جي ھٿان بي گناھھ عورتن ۽ معصوم ٻارن جي قتل ٿيڻ سبب رت جو ڳاڙھو درياھہ تہ وھائڻو ڪونہ ھو، ڇاڪاڻ تہ ھن کي تہ ڌاڙيلن جي ڪيس ۽ قھر ھنن خلاف بندوقن کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. ھن خوفناڪ منظر کان لنوائڻ واسطي ھن پنھنجي اخلاق ۽ شرافت جي دامن کي ڪونہ ڇڏيو ھو. سالٽر جي حملي کان پوءِ کيس ھڪ غار اندر يارھن مرد ۽ سورھن عورتون ھٿ لڳي ويون ھيون، جن مان ھڪ دريا خان جکراڻيءَ جي ماءُ ۽ ھڪ ترڪ عليءَ جي گھرواري ھئي. ھنن سڀني کي نھايت عزت ۽ احترام سان وٺي، ھڪ سيد جي حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن کي سرڪار طرفان ھن غرض سان جاگير ڏني وئي تہ ھو غريبن جي مدد ڪندو رھندو. ھتان جي مسلمانن ۾ اھڙين جاگيرن جي پيداوار کي ڪن ڀڏن ڪمن ۾ خرچ ڪونہ ڪيو ويندو آھي. انگريز جنرل جي اھڙي وسعت دلي کان اھو سيد ڏاڍو متاثر ٿيو ھو. ھن ساڳئي انگريز فوجي سپھہ سالار شاھپور ۾ ساڳي سخاوت، انسان دوستي ۽ رحمدليءَ جو مظاھرو ڪيو ھو. جڏھن اھڙيون ڳالھيون جابلو ماڻھن ٻڌيون تہ سندن خوف گھٽجي ويو. ڇاڪاڻ تہ ھنن جون عورتون ھن ڪافر وٽ محفوظ ھيون، جيڪو ھنن جو دشمن بہ ھو. جڏھن تہ دريا خان ۽ ترڪ علي پنھنجي گھر ڀاتين ڪري اچي سر چارلس وٽ پيش پيا.
حڪم مطابق علي مراد کي گونڊئي جي لڪن وٽ 18 تاريخ جو پھچڻو ھو، پر محرم جو مھينو اچي ويو، ان ڪري ھو 31 تاريخ تي پھتو ھو. اھا سندس وڏي غلطي ھئي جنھن جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪتا. اھڙو احوال اڳتي بيان ڪيو ويندو.
23 تاريخ تي وڏ ڦڙي جو وسڪارو ٿي ويو. تل ۽ ترايو پلر جي پالوٽ سان پر ٿي ويون ۽ خالي کوھھ بہ ھن پاڻي سان ڀرجي ويا. پر گپ چڪ جي ڪري اڳتي وڌڻ ۽ جنگي سرگرميون جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو ھو. ان ڏينھن ھنٽر اچ پھتو ھو، جنھن جاسوسن جي بٽالين گڏ ھئي. ان کان سواءِ ھو 2 ريجمينٽ يورپي بنگال بہ پاڻ سان وٺي آيو ھو. ھيءَ بنگال جي يورپي ريجمينٽ ڏاڍي دلير ھئي. ھن جو تعداد تہ گھڻو ڪونہ ھو پر ھيءَ جرئت ۽ دليريءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. ھي فوجي سر چارلس جي تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا. پر کيس ڏٺو پھريون ڀيرو ھاڻي ھئائون. ساڳئي وقت سمپسن بہ اچي شاھپور پھتو ھو، جنھن سان گڏ بنديل کنڊ ليجين ۽ جاسوسن جي بٽالين ھئي. ھي ساري فوج رڻ پٽ جي اترئين پاسي اچي گڏ ٿي ھئي. ان کان سواءِ فوجي سامان بہ ايترو گڏ ٿي ويو ھو جو ٻن مھينن لاءِ ڪافي ھو.
جنرل سر چارلس کي 25 تاريخ تي اھو پتو پئجي ڪونہ سگھيو تہ دشمن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ ان جي جنگي صلاحيت ڪيتري آھي، پر معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ھو زورالنس ۽ گنڊوئي وارن لڪن کي بچائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن. جنرل پھريائين زورالنس ڏانھن انھيءَ مقصد سان پيش قدمي ڪئي تہ جيئن دشمن جو صحيح تعداد معلوم ڪري سگھجي ۽ ان کان پوءِ مٿن حملو ڪجي. ان وقت سمپسن کي حڪم ڪيو ويو تہ ھو فوج جو ڪالم ۽ ھر قسم جي ھٿيارن سان شاھپور کان ٿيندو ڦلجي پھچي. ان کان پوءِ کيس تومب جي واديءَ واري ديراه وٽ پڄڻو ھو جيڪو ستن منزلن جيترو فاصلو ھو. کيس لولي ۽ جمڪ جا لنگھھ لتاڙي، دشمن جي پٺئين پاسي کان اچڻو ھو. جڏھن تہ باقي وڏي فوج دشمنن جي سامھون واري پاسي کان حملو ڪندي. ان مقصد کي آڏو رکي فوج کي مختلف ڪالمن ۾ ائين تقسيم ڪيو ويو ھو جيئن جنگي نقشي مطابق اڳئي سوچيو ويو ھو. فوج جي ھر ڪالم جي سوچي سمجھي جوڙجڪ ڪئي وئي ھئي تہ وڌ کان وڌ مضبوط ھجي. دشمن اچ ۽ شاھپور جي اوچن حملن کان ڏاڍو ڊڳل ھو. تنھن ڪري منجھائن جوابي حملي جو ڪنھن بہ قسم جو خوف ڪونہ ھو. ان کان سواءِ ھڪ افواھھ بہ پکيڙيو ويو جنھن مطابق سمپسن جي فوج جي تعداد گھڻو وڌائي پيش ڪيو ويو ھو. ھر فوج پنھنجي پيش قدمي اھڙي ريت جاري رکي ھئي، جو سندس رابطو ٻيءَ فوج سان رھندو پئي آيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن دشمن ڪو وڏو نقصان نہ پھچائي سگھي. سمپسن جي فوج تياگا ڏانھن رواني ٿي تہ ھن جي پٺيان جئڪب کي موڪليو ويو جنھن سان گھوڙيسوار فوج ۽ توبخانو ھو. کين ھدايت ڪئي وئي ھئي تہ تيگا کان پوءِ موٽي لولي ۽ ڦلجي تي حملو ڪن. چانڊڪا وارن سان ھڪ اسڪئاڊرن گھوڙي سوار بہ ھئا. اھي جڏھن تلر ۾ موجود ھئا تہ کين شاھپور وٽان مدد ملندي ھئي، جتي ڪئپٽن جاميسن جي ھٿ ھيٺ ھر قسم جي ھٿيارن سان گئريسن فوج موجود ھئي ۽ فوجي سامان بہ سندن نگراني ھيٺ رکيو ويو ھو. انھيءَ ڪري جو شاھپور ھڪ مرڪزي ماڳ ھو. تنھن ڪري ڪئپٽن جاميسن چانڊڪا وارن ۽ سمپسن کي ھڪ جھڙي مدد ڪري رھيو ھو ۽ ساري فوج کي پيش قدمي ۽ سرگرمين لاءِ ھٿيار پنھوار ھتان ملي رھيا ھئا.
ھن وقت تائين علي مراد ڪنھن بہ حساب ڪتاب ۾ ڪونہ ھو. جنرل جي مرضي ھئي تہ ھو زري ڪوشقا وٽ پھچي وڃي. ڇاڪاڻ تہ حملن ڪرڻ واسطي اھو ماڳ ڏاڍو مناسب ھو. تنھن ڪري ھن پنھنجي منصوبي کي عملي جامو 26 تاريخ تي پارايو. ان ڪري ھن ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان پيش قدمي ڪئي ۽ ڪيترائي لاڏو اٺ مري ويا ھئا.
سيءُ بہ چوي تہ اڄ نہ پوان تہ ڪڏھن پوان. فوجي سپاھي تہ سيءَ ۾ پپر جي پن وانگي ٿڙڪي رھيا ھئا. اھڙي سيءَ جي سٽ نہ سھي ٽي تہ مري بہ ويا. پر يورپي فوجي اھڙيءَ ٿڌ تي اڃا بہ وڌ ھئا. زري ڪوشتا ۾ پھچڻ کان پوءِ پتو پيو تہ بجار خان لولي لڪ مان نڪري ھليو ويو آھي ۽ بگٽين ۽ جکراڻين سان وڃي مليو آھي ۽ انگريزي فوج کي مھاڏي ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي ۽ جنھن ماڳ تي جنگ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو سو بہ ڏاڍو مضبوط آھي. تنھن ڪري کين عورتن ۽ ٻارن کي ڪنھن محفوظ ماڳ تائين پھچائڻ جو گھڻو وقت ملي ويو ھو. ساڳيءَ طرح انگريز جنرل بہ حملي ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. ھو پنھنجي اڳئين تيار ڪيل منصوبي تي عمل ڪري رھيو ھو. سندس خواھش ھئي تہ پنھنجي دشمن کي مارٽر ۽ مائوزرس وسيلي بي دخل ڪري ۽ پيادل فوج کي جنگ ڪرڻ کان بچائي. ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ڪرڻ سندس فوج لاءِ نقصانڪار ھو.
28 تاريخ تي فوج رواني ٿي پر مقابلي لاءِ دشمن موجود ئي ڪونہ ھو. سمپسن جي فوج اڳتي رواني ٿي چڪي ھئي. ڌاڙيلن سمجھيو تہ ھن جي پٺيان ضرور وڏي فوج ايندي. تنھن ڪري ھو ڊڄ نہ جھلي سگھيا ھئا ۽ وٺي کڙين تي زور رکيو ھئائون. لولي ۽ جمڪ وارا لڪ بہ خالي ڪري ھليا ويا ھئا. جڏھن تہ سمپسن اڃا ٽي منزلون مس ڪيون ھيون. انھن مان ھڪ منزل ڏکئي جابلو علائقي ۾ ڪئي وئي ھئي، جيڪا فقط چئن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪئي وئي ھئي. انگريزي فوج اڳتي وڌي پنھنجي ڪئمپ وڃي لولي ۽ جمڪ لڪن جي وچ تي ڪئي ھئي جتان کان ھي ٻئي لڪ پنج پنج ميل پري ھئا. ھن جاءِ جو پاڻي تي ڏاڍو سٺو ۽ شفاف ھو. پر ايتري گھڻي فوج جي پورت جوڳو ڪونہ ھو. پر بعد ۾ جمڪ جبل جي گھاٽ وٽ تمام گھڻو پاڻي ھٿ لڳي ويو، جيڪو سٺو ۽ شفاف ھو. ھي ٻئي نھايت اھم لڪ ھئا. ھنن لڪن جي حفاظت واسطي مناسب ڪم ڪيو ويو ھو. ھنن لڪن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ھڪ ويساھھ جوڳو قاصد سمپسن ڏانھن مڪو ويو، جنھن ھٿ ڏانھن حڪم ھو تہ ھو پيش قدمي ڪندو ريراه وٽ منزل ڪري. اتي رھڻ ڪري سندس مکيھ فوج سان رابطو رھي سگھندو. اھڙي ريت جنرل جي ھيءَ بہ پيش قدمي بہ اڳئين جيان نھايت ڪامياب رھي. ڇاڪاڻ تہ ھن جابلو ڏکين علائقن کي بہ سولائيءَ سان پنھنجي قبضي ھيٺ ڪيو ويو ھو ۽ ڪوبہ نقصان ڪونہ پھتو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ انگريزن جي فوج جو قبضو ھنن پور وڇوٽ گھاڙين يا کاھين جي پرئين پاسي ھو، جنھن جي سرحد سڌي نہ پر اڙونگڙ ھئي. جنھن ڪري اولھہ پاسي وارا سڀ گھٽ ۽ گھاٽ بند ٿي ويا ھئا. اھڙيءَ ريت فوج جو الھندو پاسو وڃي مرين سان مليو ھو. پر بلوچ قبيلا ھي سڀ اڙانگا لڪ ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. ھن مان معلوم ٿئي ٿو اھي ماڻھو جنگي حڪمت عملين کان قطعا بي خبر ھئا. ھنن ڌاڙيلن جا ڪجهہ ٽولا فوجي ڪئمپ جي اوسي پاسي ھن مقصد سان ڦري رھيا ھئا تہ جيئن کين وجهہ ملي تہ قتل ۽ غارتگري ڪري سگھن.
رسد گاھھ جا اھي ماڻھو تہ نھايت بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا ھئا جيڪي بيٺل پھريدارن کان گھڻو پري نڪري ويا ھئا. اھڙي حڪم جو بہ ڪو فائدو ڪونہ ھو تہ ڪوبہ ماڻھو مقرر حد کان ٻاھر نہ وڃي. پر ماڻھو اھڙن حڪمن مڃڻ لاءِ تيار ڪونہ ھئا. تنھن ڪري روزانو ڪا نہ ڪا زندگي ضايع ٿي ويندي ھئي.
ھاڻي دشمن جي ڀڄڻ واري رستي کي سمجھڻ اھم موضوع ھو. چيو پئي ويو تہ ان جو وڌ ۾ وڌ مرڪزي اھم ماڳ تروڪي آھي. ھي ساري ايشيا اندر ڏکئي ۾ ڏکيو ماڳ آھي جنھن جي اصلي صورتحال کي سمجھڻ، ڪنھن راز کان گھٽ ڪونہ ھو جنھن جي رھبرن کي پوري ڄاڻ ھئي نہ جاسوسن کي ئي پورو پتو ھو. ھي سڀ ماڻھو بجار خان جا خطرناڪ حامي ھئا ۽ ھن سان ڪيل ظلمن جي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا ھئا. تنھن ڪري ھو صحيح صورتحال جو سچو ۽ کرو احوال ڏيڻ لاءِ تيار ڪونہ ھئا. کين اھا بہ پڪ ھئي تہ انگريز ڀلي ننھن چوٽيءَ جا زور لائين پر سوڀ بجار خان جي آھي. تروڪي جمڪ لڪ کان گھڻو پري ڪانہ ھئي ۽ اھا ان جابلو سلسلي ۾ موجود ھئي جيڪو ريراه واري ماٿري کي سنگسيلا واري گھاري کان الڳ ڪندو آھي. انھيءَ ڪري ھيٺين سوالن تي ضرور ويچار ڪرڻو ھو. ڇا اھي ڌاڙي تروڪيءَ ۾ اچي انگريزي فوج سان خونخوار جنگ ڪندا، جيڪا ھڪ خوفناڪ جابلو جوءِ آھي؟ يا ھو جئڪب ۽ سپمسن جي فوجن وچان گذري يا انھن کان پاسو ڪري، قلات جي جبلن ڏانھن ھليا ويندا؟ ڇا انھن جو پيڇو ڪرڻ ممڪن نہ آھي؟ پر معلوم ٿئي تہ انھن جو پيڇو ڪرڻ ممڪن آھي. ھنن جابلو ماڻھن جو تعداد تمام گھڻو آھي. ھنن سان گڏ زالون ۽ ٻار ٻچا بہ آھن جيڪي ھنن لاءِ وڏو بار آھن. نہ رڳو ايترو پر ھنن سان چوپايو مال ۽ گھرو سامان بہ سفر ۾ گڏ آھي تنھن ڪري اھي فوجي ڪالمن وچان گذري نہ ويندا. جيڪڏھن اھي تونگ وارو رستو اختيار ڪندا تہ اتي چانڊيا ۽ مري بيٺا آھن. جيڪڏھن الياسي نئين کان ويندا تہ اتي جئڪب فوج موجود آھي. پر جيڪڏھن تياگا گھاري جو پاسو ڏيندا تہ اتي سمپسن جي فوج سندن سامھون ھوندي. جڏھن تہ سرتوف وٽ مري موجود آھن. ڌاڙيلن جو تعداد تمام گھڻو آھي ۽ حصن ۾ ورھايل ڪونہ آھي، پر ڌرتي جو مٿاڇرو ڏاڍو اويڙو آھي جيڪو ھنن جو مضبوط بچاءُ آھي.
تروڪي جي معلومات ٿوري وقت لاءِ تہ ملي ڪانہ سگھي. ليڪن پوءِ پتو پيو تہ سمپسن جي فوجي ڪالم ھنن کي ڊيڄاري، جمڪ مان ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو ھو. اھڙي ريت ھن کين تومب واري گھاري مان گذرڻ کان بہ ڊيڄاري ڇڏيو ھو. ھي گھارو ريراه ڀرسان ويڪرو ٿي ھڪ ماٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو. تنھن ڪري دشمن تروڪي واري ماڳ ڏانھن وڃي ڪونہ سگھندو، پر ھنن لاءِ ھڪ ٻٽو رستو کليل آھي تہ ھو اوڀر وڃي مزاري جابلو علائقي ۾ داخل ٿيندا جيڪو چئن ئي طرفن کان پھچ جوڳو ڪونہ آھي ۽ اتاھان ۽ اڀڪپرا جبل آھن. ھنن ماڻھن ھي علائقو ھاڻي تازو خالي ڪيو ھو. جنرل سر چارلس جي بہ مرضي اھا آھي تہ کين ڊوڙائي اوڏانھن ڪڍي ڇڏجي جنھن جا سبب ھي آھن تہ ھنن جھنگلي ماڻھن وٽ کاڌ خوراڪ جو سامان تہ موجود ئي ڪونہ آھي ۽ پنھنجي ويجھن ساٿين ۾ سندن ويساھھ ڪونہ رھيو آھي. ھي رولو قبيلا آھن جن جو تھذيب سان ڪو واسطو ڪونہ آھي. ان کان سواءِ ڊومڪين ۽ جکراڻين کي ڊوڙائي بگٽين واري علائقي ۾ ڇڏي ڏيو، جيڪي اڳئي خوفناڪ ڏڪار جي ور چڙھيل آھن. قومي امڪان آھي تہ اھي پاڻ ۾ وڙھي بہ پون. جيڪڏھن ھي ٻئي قبيلا بگٽين جي علائقي ۾ داخل ٿيا تہ ھنن جو دلي آجياڻو ڪونہ ڪيو ويندو. تنھن ڪري اھي ٽئي گڏجي اچي پيش پوندا. جيڪڏھن پيش نہ پيا تہ کين ملتان ڏانھن ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو. ان وقت اھي بکيا، بدحال ۽ ڇتا ھوندا. جيڪڏھن اوڏانھن ويا تہ کيتران واري علائقي ڏي ڀڄي ويندا. جيڪو مرين جي جابلو علائقي جي اوڀر پاسي آھي.
ھنن ڌاڙيل قبيلن جي ڀاڄ واري رستي جو اندازو ڪرڻ نھايت ضروري ٿي پيو ھو. ھڪ سوڙھي گاري ۾ فوجي ڪئمپ ھئي، جنھن 29 تاريخ تي اڳتي وڃي جاچ پڙتال ڪئي وئي ھئي. معلوم ٿيو تہ ھڪ ھنڌ تازيءَ منزل جا نشان ھئا. ٻاريل باھھ جو دونھون اڃا بہ دکي رھيو ھو. عورتن جي سواريءَ لاءِ اٺن جا ڪجاوا بہ اتي موجود ھئا. اھا ثابتي ڪافي ھئي تہ اھي ٻئي قبائلي سردار پنھنجي ٻارن ٻچن سان ٿورو وقت اڳ ھتي موجود ھئا. ان کانپوءِ انگريزي فوج جو اھو ڪالم موٽي آيو ھو.
ھي علائقو جابلو ۽ ويران ھو جتي فوجي مقصدن لاءِ لشڪر اچي گڏ ٿيو ھو. فوجي ڪالم جنھن گھاري سان مٿي وڃي بلوچن جي تازي منزل جا نشان دريافت ڪيا ھئا سو ٻن جابلو سلسلن ڪري ٺھي پيو. جن مان ھڪ جابلو سلسلو اوڀر ڏانھن ۽ ٻيو اولھہ ڏانھن وڃي رھيو ھو. وچ وارو علائقو گاھھ ۾ سائو لڳو پيو ھو پر پوکيءَ راھيءَ جا نشان ڪونہ ھئا. اتر وارو جابلو سلسلو اچي جمڪ واري لڪ سان لڳو ھو. ھن سلسلي جا جبل اتاھان ويڪرا ۽ ھيٺ مٿي ھئا. پر ڏکڻ واري جابلو سلسلي کان گھٽ آھي. جنھن ۾ لولي وارو لڪ آھي، ڇاڪاڻ تہ پويون جابلو سلسلو تونگ کان وٺي مزارين واري جابلو علائقي تائين ھليو وڃي ٿو ۽ ھن نالي واري جابلو سلسلي سان رلجي ملجي وڃي ٿو. جبلن وٽ ڪوره قطار ائين نظر ايندي آھي ڄڻ ڪنھن قلعي جي چبوترن واري ديوار ھجي جنھن جي اوچائي ھڪ سو فوٽ ٿيندي. ھن جابلو سلسلي ۾ ڪيترائي سوڙھا گھٽ يا لڪ آھن، جن کي کاھيون بہ سڏي سگھجي ٿو. جن جي ويڪر ٽيھھ گز مس ٿيندي. انھن جا پاسا اڀڪپرا آھن جيڪي اسي کان نوي فوٽ اوچا ٿيندا. تنھن ڪري پاسي واري فوج کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏئي نہ ٿو سگھجي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪريون اتاھيون ۽ اڀڪپريون آھن. جيئن تہ ٽڪرين جي تري واريون کاھيون ھيٺ اونھيون آھن ۽ ايتريون سوڙھيون آھن جو ھيٺ اونداھي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ان کان سواءِ گاھن ٻوٽن سان ڇانيل ڏسبيون آھن. ھي غير آباد، ويران ۽ خطرناڪ علائقو آھي ۽ جيڪو فوجي آباد علائقي جو رھواسي ھوندو، سو ھن جوءِ کي ڏسي ھڪدم رڙ ڪندي چوندو: ”ياخدا جڏھن ھيءَ دنيا جوڙي ھئي تہ سارو گند ڪچرو آڻي ھتي ڦٽو ڪيو ھئي.
فوجي ڪئمپ لولي ۽ جمڪ جي وچ تي قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ائين ڪرڻ ضروري بہ ھو. ھي خطرناڪ جڳھھ ھئي پر دشمن وٽ توبون ڪونہ ھيون. پر جاءِ اھڙيءَ تي ھئي جتي ويھي ٻنھي لڪن تي قبضو ڪرڻ سولو ھو. ان کانسواءِ ھن ٿاڪ وسيلي پٺئين پاسي وارن انھن ميداني علائقين تي پڻ نظر پئجي رھي ھئي، جتي ٻين لڪن وسيلي ٿيندڙ حملن بابت بيٺل گھوڙيسوار دستا ترت اطلاع ڏئي سگھيا پئي. اھڙي ريت جاسوسن جي مليل اطلاعن ۽ امڪاني ڳالھين جي گڏيل مطالبي مان پتو پئجي ويو ھوتھ سمپسن جي فوج جڏھن جمڪ جابلو سلسلي وٽان گذري ھئي تہ ڌاڙيلن جي اتحاد وارا قبائلي سردار گھارو وٺي اوڀر روانا ٿي ويا ھئا ۽ وڃي صفا آخر تائين پھتا ھئا. ان کان پوءِ گونڊئي واري لڪ کان گذري مٺ(Muth) واري ميداني علائقي ۾ وڃي نڪتا ھئا. بعد ۾ رڻ پٽ علائقي جي وٽ وٺي دوش ڪوشتا واري جابلو سلسلي ۾ ساھھ پٽيو ھئائون. جيڪو صفا اوڀاريون جابلو لڪ آھي. جيڪڏھن علي مراد نيت جو سچو ھجي ھا ۽ وقت سر ان لڪ وٽ پھچي ھا تہ اھي ڌاڙيل سردار انھيءَ طرف ڪونہ وڌن ھا. اھو جنگي صورتحال مطابق اھم واقعو ھو. اھڙيءَ غلطيءَ ڪري بھترين جوڙيل جنگي منصوبو ناڪام ٿي ويو ھو. جيڪڏھن ائين نہ ٿئي ھا تہ منصوبي مطابق جنگ ھتي پھچي ختم ٿي چڪي ھجي ھا. ان ڪري جنگي سرگرميون اصل وقت کان گھڻيون وڌي ويون ھيون ۽ سندس وفاداريءَ ۾ بہ شڪ پئجي ويو ھو. ساڳي ريت بجار خان بہ مزارين واري جابلو علائقي وسيلي مٺ واري ميداني علائقي ڏانھن وڌڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو. ڪئپٽن مئڪسوڊو کي ھڪ اسڪئاڊرن فوج ۽ ٻہ توبون ڏئي سمپسن کي ڳولي لھڻ لاءِ موڪليو ويو ھو. ان کانسواءِ کيس اھو بہ چيو ويو ھو تہ اھو بہ جاچي ڏسي تہ بگٽين جي شھر ۽ ديراه جي حفاظت واسطي ڪا پھر موجود آھي يا نھ. پر سمپسن ھڪ ڏاھو فوجي عملدار ھو، جنھن سر چارلس جي چوڻ تي عمل ڪيو ھو ۽ انھن جڳھن کي خالي ڏسي قبضو ڪري ورتو ھئائين. تنھن ڪري ڪئپٽن مئڪمرڊو موٽي اچي فوجي ڪئمپ پھتو ھو. ڪئپٽن سالٽر جا گھوڙيسوار دستا سڀني کان اڳيان انھيءَ ڪري ھلي رھيا ھئا تہ جيئن سمپسن ۽ مکيھ فوج وچ ۾ رابطو رھندو اچي. فوج جي پٺئين حصي يا دمبالي وارو شاھپور ۽ لولي لڪ وارو رابطو ليفٽيننٽ سمال پيج ۽ پوليس جي معرفت قائم ھو. اھڙي صورتحال ۾ بہ ڪي رولو قسم جا ڌاڙيل جھٽ ھڻڻ لاءِ ٻنھي فوجي ڪئمپن جي اوسي ناسون ھڻي رھيا ھئا. ڪڏھن تہ لشڪر جي دمبالي ۾ اچي حملو ڪندا ھئا ۽ ڪن سست رفتار ماڻھن کي قتل ڪري اٺ يا وھٽ ڪاھي ھليا ويندا ھئا.
جنرل چارلس ھن نڪتي تي گھڻو سوچيو ھو ۽ آخر ھن نتيجي تي پھتو تہ اڳين پيش قدمين دوران ڪيترا ڌاڙيل ٽولا ۽ ڪيترو ئي چوپايو مال اڳيان گذريو ھو، پر انھن کي ڪجهہ ڪونہ چيو ويو ھو. پر انھن پيش قدمين جو اھم اصول اھو ھو تہ اھو چوپايو مال ڌاڙيلن کان کسجي کين غير آباد ۽ ويران علائقن ڏانھن ڊوڙائي ڇڏجي. اھڙي مقصد سان ھن جان نيپئر کي اٺ سوار فوج ۽ 13 ريجمينٽ رضاڪار حوالي ڪري، تونگ واري گھاري جي نگرانيءَ لاءِ موڪليو ھو. ان کان سواءِ زري ڪوشتا وٽ ترسيل گھوڙيسوار اسڪئاڊرن کي بہ سندس مدد ڪرڻ جو چيو ويو جنھن ساڳئي مقصد سان وڃي جبل جي وٽ جھلي ھئي. سندس چوڻ ھو تہ چوپايو مال ضرور پاڻي پيئڻ ايندو ۽ ھن اھو صحيح چيو ھو. جان نيپئر ھڪ پرجوش ۽ ذھين فوجي سپاھي ۽ اٽل ارادن جو مالڪ ھو. جيڪو 31 تاريخ تي واپس آيو ھو. پاڻ سان ٻہ ھزار کن چوپايو مال ڪاھي آيو ھو. فوجي ڪئمپ ۾ اھا چئون پچئون ھئي تہ ھيءَ فوجي مھم ناڪام ٿي ويندي. اھو بہ چوٻول ٻڌجي رھيو ھو تہ ھن ساري مھم دوران ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ جنگي واقعو ٿيو آھي ۽ ھنن ٻن ٽن واقعن کي جنگي مھم جو نتيجو سڏي ڪونہ ٿو سگھجي. سر چارلس نيپئر کي چٿرن جو نشانو بڻايو ويو ۽ جنھن لاءِ ناڪاميءَ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن. ھن مٿان مشڪلاتن جي صحيح اندازن نہ ڪرڻ جا الزام گھڙجي رھيا آھن، جيڪي سڀ بي بنياد آھن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ڪونہ آھي. ھن مٿان ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندي چيو ويو ھو تہ ھو بجار ڊومبڪي کان بہ ٻہ رتيون وڌيڪ ڌاڙيل آھي. ھن کائنس ڇھھ ٻڪريون ڦريون ۽ سندس ماڻھو قتل ڪيا آھن اناج ڦريو آھي. ڪيترن ماڻھن کي ويران علائقن ڏانھن ڀڄي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي جن کي کاڌ خوراڪ ڪونہ ملندو ۽ مري ناس ٿي ويندا.“ علي مراد بہ انھيءَ ووڙ اچي زري ڪوشتا وٽ پھتو ھو جنھن سان ٻہ ھزار فوج ۽ ڏھھ توبون ھيون جيڪو فوجي ڪئمپ جي دمبالي ۾ منزل ڪري ويٺو ھو. پر منصوبي مطابق ھن کي ڏھھ ڏينھن اڳ گونڊئي ۾ ھجڻ گھربو ھو ۽ اتحادين کي نڪري وڃڻ کان روڪڻ لاءِ کيس لڪن وارا گھٽ جھلي بيھڻا ھئا. انھن ماڻھن لاءِ گھيري ۾ ھجڻ ڪري پيش پوڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس ڪونہ ھجي ھا.
ھن فوجي مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ساري فوج موجود ھئي ۽ فوج جي تہ جون بہ ننڊ ھئي. ٻئي پاسي کان جابلو ماڻھن جوابي حملا شروع ڪري ڏنا ھئا ۽ فوج جي موجودگي کي ڪجهہ سمجھندا ئي ڪونہ ھئا. ڌاڙيلن جي ڪن ماڻھن انگريز فوج جي دمبالي واري حصي تي حملا بہ ڪيا ھئا. اھڙيون حقيقتون دھلي گزيٽ ۽ بامبي ٽائيمس اخبارن ۾ بہ اچڻ لڳيون ھيو. جن سر چارلس جي ھن جنگي مھم کي سخت غلطي ۽ خطرو قرار ڏنو ھو. سندن اھو بہ چوڻ ھو تہ اھڙي ڳنڀير وايومنڊل ڪري خوف پکڙجي ويو آھي. ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ھن مٿان کلي رھي ھئي تہ بجار ڪڏھن بہ شڪست ڪونہ کائيندو. فوج جو ڪمانڊر پنھنجي ساري فوج سميت اڃ بک مري ناس ٿي ويندو. ڌاڙيلن جون تراريون کين ڪپي ذرا پرزا ڪري ڇڏينديون ۽ جابلو ماڻھو ناقابل شڪست قوت آھي. . . .“ انھن اخبارن جي ڇاڙتن وري اھو بہ چوڻ شروع ڪيو ھو تہ سر چارلس جو جانشين شڪارپور جو بہ تحفظ ڪري ڪونہ سگھندو. ڇاڪاڻ تہ ھن جنرل حالتون ئي اھڙيون پيدا ڪيون آھن. ھنن ماڻھن اھڙو سبق ”بامبي ٽائيمس“ جي سربراھھ بسٽ وٽان سکيو ھو، جيڪو لڳاتار چئي رھيو ھو تہ سر چارلس شڪارپور جو شھر سنڀالي ڪونہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ بجار جا اتحادي ھن شھر تي حملو ڪندا ۽ ھن کان سندس پلاند وٺندا. ان سان گڏ اھڙن ماڻھن کان انتقام ورتو ويندو جيڪي جابلو ماڻھن جي قتل ڪرڻ ۾ ھن جنرل جا ساٿي ھئا.
ڌاڙيلن جي اھڙن حملن ڪري جتن، شاھپور وٽان گذرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تہ سندن اٺن تي کاڌ خوراڪ جو سامان لڏيل ھو. ٻي رات اھي پنھنجا اٺ ڪاھي کسڪي ھليا ويا. انھن ماڻھن جو تعداد پنج سؤ ھو. سنڌي ٺيڪيدار ۽ جت کاڌ خوراڪ جي سامان جي ڍوئيءَ تان ڦري ويا ۽ ورتل ٺيڪن تان بہ ھٿ کڻي ويا. جتن تہ پنھنجي ڏاگھن کي سرڪاري ماڻھن کان لڪائي ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تہ کين پڪ ھئي تہ انگريزي فوج ڀڄي ايندي، جيڪا بيجار خان جي حملي جي سٽ سھي ڪانہ سگھندي. فوج کان بار ڍوئيندڙ جانور اوچتو نڪري ويا ھئا. تڪڙين منزلن ڪرڻ ڪري رسدگاھھ جا اٺ بہ ڏٻرا ٿي ويا ھئا. ڏٻرو اٺ جلد پاڻڀرو ٿي ڪونہ سگھندو آھي. فوج اندر اڳ جيڪي ڳالھيون سرٻاٽن ۾ ٿينديون ھيون سي ھاڻي وڏي واڪ ٿيڻ لڳيون ھيون. فوجي بہ چوڻ لڳا ھئا تہ بجار خان کي مارڻ مشڪل آھي. ساڳئي وقت انگريزي فوج جي رابطن تي بہ حملا ٿيڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ ايندڙ ويندڙ سرڪاري خطن کي ڏينھن ۾ ٻہ ڀيرا روڪيو ويندو ھو. مقرر ٿيل اھڙن سرڪاري ملازمن کي قتل ڪيو ويندو ھو جيڪي سرڪاري خط آڻيندا ۽ کڻي ويندا ھئا. اھڙي ريت ڌاڙيلن رسدگاھھ جا سورھن اٺ بہ ڦري ورتا ھئا. فوجي ڪئمپ تي اڳئين کان وڌيڪ حملا ٿي رھيا ھئا. ان کان پوءِ رسدگاھھ جا سٺ اٺ ڦريا ويا ھئا ۽ جتن کي قتل ڪيو ويو ھو.
اھڙين ڪاررواين جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو سڀ بارکيون فوجي مھم کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. تنھن ڪري خوف ٿي پيو ھو تہ متان اھا مھم رڪجي نہ وڃي. اوڙي پاڙري وارا قبيلا بہ سمجھي رھيا ھئا، ھيءَ فوجي مھم ناڪام ٿي وئي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن کان اڳ انگريزي فوج کي پنج ڀيرا ناڪاميون نصيب ٿيون ھيون ۽ ڌاڙيلن کي شڪست ملي ڪانہ سگھي ھئي. ان ڪري ھر ڪو سمجھي رھيو ھو تہ انھن سان جيھڙو ڪري ئي ڪونہ ٿو سگھجي. اھڙي صورتحال کي محسوس ڪندي، قلات جا مري ۽ بروھي قبيلا بہ انگريزي فوج کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ سوچي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن تي بہ بلوچن جي باغيانھ ڪاررواين جو اثر ٿي رھيو ھو ۽ ائين ڪرڻ لاءِ سوچي بہ رھيا ھئا. انھيءَ ڪري ڏاڍي رتو ڇاڻ ٿئي ھا. پر جنرل چارلس اھڙن واقعن کي ٽارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھي ماڻھو ڏاڍو دلير ھو جيڪو مشڪل حالتن ھوندي بہ مايوس ڪونہ ٿيو ھو.
سرڪاري اٺن لاءِ رڻ ۾ ننڍيون وڏيون ٻوٽيون جام ھيون، جن ۾ وڳ پيا چوڏس وڙڪندا ھئا. رڻ جي وٽ پاسي گاھھ جا ٿٻا موجود ھئا، جتي سرڪاري گھوڙا پيا چارئي پھر چرندا ھئا.
ان کان سواءِ جمڪ گھاٽ ڀرسان بہ جام گاھھ بيٺو ھو پاڻي لاءِ کوھھ کوٽي ڇڏيا ھئائون. جتن جي ڀڄي وڃڻ کان ٻہ مھينا اڳ ٻن مھينن جو فوجي سامان ۽ پندرھن ڏينھن جي کاڌ خوراڪ موجود ھئي. ڪجهہ وقت کان پوءِ اھڙيون شڪايتون اچڻ لڳيون ھيون تہ پاڻي موجود ڪونہ آھي. تنھن ڪري ھن کوھن کوٽڻ لاءِ ڪي ڏاھا ڪاريگر روانا ڪيا ويا، جن موٽي اچي کيس ٻڌايو تہ پاڻي تہ جام آھي، پر ان ۾ گندرف موجود آھي. اھا ڳالھہ ٻڌي جنرل چيو ان پاڻيءَ کي اوٻاري استعمال ڪيو وڃي. کانئس پڇيو ويو تہ جيڪڏھن ڏڪار ڪاھي پيو تہ پوءِ ڇا ڪيو ويندو. تنھن تي جنرل وراڻيو ھو تہ فوجي سپاھيءَ کي ھر قسم جا ڏچا ۽ ڏک سھڻا ھوندا آھن ۽ ائين ڪرڻ سندن فرض ۾ شامل ھوندو آھي. ھن جنرل ايترن ڏکن ڏوجھرن ھوندي ھيڻي ڪانہ ٻولي ھئي. ھڪ ڀيري چيو ھئائين تہ جيڪڏھن ڪار ڪري مون کي گھوڙا ڪھي کائڻا پيا تہ ائين بہ ڪندس پر بجار ڌاڙيل کي ڪونہ ڇڏيندس. کيس پڪڙي سک جو ساھھ کڻندس. مان انھن ماڻھن جي ڳالھين ڀئھ بہ ڪونہ ٿو ڊڄان جيڪي ھروڀرو پيا ڄاڙي ھڻندا آھن. کين ھن ڳالھہ جي ڳوت ئي ڪانہ آھي تہ ھيءَ فوجي مھم ڪيڏي اھم آھي. مان سمجھان ٿو تہ اھو ھڪ نھايت ڳنڀير مامرو آھي. مون وٽ ڪنھن بہ وسيلي جي کوٽ ڪانہ آھي. سرڪاري اٺن ۾ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ اڃا بہ ڏيل ۽ ڏپ آھي. گھوڙيسوار فوجين کي چئبو تہ پيادل ھلن ۽ وھٽن کي لڏ کڻڻ لاءِ ڪم آڻن. اٺ سوار فوج بہ تہ ائين ڪري سگھي ٿي. اھي فوجي ڏاڍي ڌيرج سان اھو ڪم ڪندا ۽ ڪنھن بہ قسم جو اعتراض ڪونہ ڪندا. اھي جيڪي سرٻاٽ ٿي رھيا آھن سي منھنجو ھيانءُ ھيڻو ڪري ڪونہ سگھندا. ائين تہ ويتر منھنجا پير مضبوطيءَ سان ڌرتيءَ تي کپي رھيا آھن ۽ ڪڏھن بہ پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار ڪونہ آھيان. ديراھھ جو شھر ڦلجي سميت منھنجي ھٿن ۾ آھي. ھيءُ ھڪ مرڪزي ماڳ آھي، جتان فوج ڪيڏانھن بہ وڌي سگھي ٿي ۽ ھوريان ھوريان انھن جڳھن کي حاصل ڪري رھي آھي، جن تي دشمنن جو قبضو آھي. مرين بہ جاکوڙ ڪري ڌاڙيلن کي اتر تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ ڏکڻ واري جابلو علائقي وٽ بيھي علي مراد ۽ انگريز سرڪار جا گھوڙيسوار انھن تي نظر رکي رھيا آھن. مان جنھن انداز ۾ ملتان جي حڪمران سان ڳالھايو آھي، تنھن سک حڪمران کي لوڏي ڇڏيو آھي. ھڪ پاسي ميجر براڊ فوٽ جي سياسي حڪمت عملي ڪم ڪري رھي آھي تہ ٻئي طرف اسان بک کان بدحال ٿيل ٽي قبيلا سندس ملڪ کي بڇي ڇڏيا آھن. جن جي ڪڍ انگريزن جي فاتح فوج لڳل آھي. تنھن ڪري پڪ آھي تہ سک حڪمران ٻنھي مان ڪنھن جو پاسو بہ ڪونہ وٺندو. ساڳي ريت ڌاڙيل کيتران واري پاسي کان بہ اڳتي وڌڻ کان روڪيا ويا آھن. ڇاڪاڻ تہ جاسوسن جو چوڻ آھي تہ پنھنجي قبيلي جي خان، حاجيءَ پنھنجي ناٺيءَ سلام بگٽيءَ کي چيو آھي تہ جيڪڏھن ھو انگريز فوج جي دٻاءَ ڪري ھيڏانھن ايندو تہ سندس ضرور آجيان ڪئي ويندي، پر ان جي ساٿين کي ھتي رھڻ ڪونہ ڏنو ويندو. تنھن ڪري ھو ڊومڪين ۽ جکراڻين کي پاڻ وٽ ھرڻ ڪونہ ڏيندو.
پر لاڏو جانورن جي تمام گھڻي ضرورت ھئي. اھا اھڙي پريشاني ھئي جنھن ڪري ماڻھو وائڙا ٿي پيا ھئا، جنھنجا نتيجا بہ ڏاڍا ڳنڀير نڪري سگھن ٿا. اھڙي ماحول ۾ جڏھن سوڀ اچي سڻائي پوندي آھي تہ لاڏو وھٽن جي نہ ھئڻ ڪري فوج محتاج ٿي رھجي ويندي آھي. ھي وقت اھڙو آھي جو بجار جي ڪڍ تيز رفتاريءَ سان پيڇو ڪرڻ لازمي آھي. جيڪڏھن اسان ان کي ختم نہ بہ ڪري سگھياسون تہ کيس وڏو ھاڃو تہ پھچائي سگھنداسون. ھاڻي تہ ڪئمپ ۾ فقط ٻارھن ڏينھن جو کاڌ خوراڪ موجود آھي. پر ان کان پوءِ فوج شاھپور کان پوئتي ھٽڻ شروع ڪندي. بعد ۾ بجار جي فتح جا ھل ھلي ويندا. ھڪ قبيلو فتح جي خبر ٻئي کي ٻڌائيندو. اھڙي ريت ساري جابلو جوءِ ۾ سوڀ جا راماڻا مچي ويندا. اھڙو چوٻول وڃي بولان لڪ تائين دنگ ڪندو. انھن چوٻولن جو پڙاڏو ھالار جبل ۽ سيوھڻ تائين بہ وڃي پڄندو. ان کان پوءِ بلوچ قبيلا تلوارون، ڍالون ۽ توڙيدار بندوقون کڻي سنڌ جي سکين ستابن ۽ آباد ميداني علائقن ڏانھن ورڻ شروع ڪندا جيڪو وحشت ۽ بي رحميءَ جو ھڪ زوردار طوفان ھوندو. جاسوسن وسيلي اطلاع مليو آھي تہ کيتران جو سردار انگريز سرڪار جو سچو ۽ کرو ساٿي آھي، پر جيڪڏھن ھو انگريز فوج خلاف اھڙيون ڪوڙيون خبرون ٻڌندو تہ سندس ارادو تبديل ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن لاڏو اٺ ھٿ ڪري بہ سگھجن، تہ بہ فوجي پيش قدمي متاثر ٿي سگھي ٿي. مارچ مھيني تائين ھن رڻ پٽ ۾ سخت گرمي جي موسم اچي ويندي. تنھن ڪري انگريزي فوج ھتي پير ڄمائي ويھي ڪانہ سگھندي. ان وقت فوج تہ وڙھڻ لاءِ تيار ھوندي پر کين اھو ويساھھ ويھي ويو آھي تہ سوڀ حاصل ڪري ڪانہ سگھبي، پر سڀ فوجي انگريز ڪونہ آھن. ڇا اھڙا فوجي ھر منزل تي اڌ خوراڪ تي راضي ٿي سگھن ٿا؟ ڇا جيڪڏھن فوج ھڪ جڳھھ تي کپ کوڙي ويھي رھندي تہ بيزاري تہ ڪانہ ٿي پوندي؟ پر بي چيني پيدا ٿي پوندي. ان کان سواءِ قتل ۽ چورين جي واقعن بہ ڪئمپ کي وائڙو ڪري ڇڏيو آھي؟ جت قتل پيا ٿين ۽ لاڏو جانور چورايا پيا وڃن، ڇا ھنن ڳالھين جو ڪو اثر ڪونہ ٿيندو؟ ھن فوجي ڪئمپ جي سامھون آڏيون ۽ اڀڪپريون ٽڪريون ڏسجي رھيون آھن انھيءَ جابلو علائقي ۾ تہ سڃ پئي ٿي واڪا ڪري. انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو تہ وايو منڊل ڏاڍو اڻانگو آھي. اھڙي ماحول ۾ خود فوجي اھڙيون ڳالھيون ڪري رھيا آھن جن مان معلوم ٿي رھيو آھي تہ بجار سان جھيڙو ڳنڍڻ مشڪل ڪم آھي.
انھيءَ زماني ۾ گھڻو ڪري ھر ڪنھن جي سوچ اھڙي ھئي. ھڪ وڏي مصيبت کي تہ اڳئي عقلمندي سان ٽاريو ويو ھو. جيڪڏھن انھيءَ زماني ۾ جمڪ جي اوسي پاسي، قبائلي سردارن جو تيز رفتاريءَ سان پيڇو ڪجي ھا جنھن وقت فوج اڃا پھريون ڀيرو ھن ماٿريءَ ۾ قدم رکيو ھو تہ ڏاڍو چڱو ٿي وڃي ھا. ان وقت اھي جت بہ فوج سان جمڪ لڪ تائين گڏ ھلن ھا جيڪي پوءِ ڊڄ کان ڀڄي ھليا ويا ھئا. جڏھن فوج جمڪ لڪ وٽ پھچي وري کاڌ خوراڪ لاءِ پوئتي موٽي وڃي ۽ وري واپس اچي ھا تہ بجار ۽ سندس اتحادي تيستائين فوج جي غير حاضريءَ دوران لڪن تي قبضو ڪري وٺي ھا تہ انھن کي پڪڙڻ اڪ جي ماکي جيان سولو ھجي ھا. پر پوءِ پتو پيو تہ ھي بلوچ ڌاڙيل گھارو وٺي گنڊوئي طرف ھليا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ کين محسوس ٿيو ھوندو تہ سر چارلس جمڪ لڪ کان نڪري اڳتي وڌندو ۽ پنھنجي پٺيان سڀني لڪن کي ھنن بلوچ سردارن لاءِ کليو ڇڏي ڏيندو. انھيءَ لاءِ جيئن اھي مٿن قبضو ڪري وٺن. اھو جنگي منصوبو خطرناڪ ۽ مشڪل ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن انگريز جنرل کي ھن بھادر ويڙھاڪن سان ھن ويران رڻ پٽ، خشڪ ۽ خوفناڪ جابلو علائقي ۾ جھيڙو ڳنڍڻو ھو، جيڪي سندن چوڌاري ڪاريھر نانگن وانگي ڦري رھيا ھئا ۽ وڙھندا ھئا تہ شينھن وانگي حملا ڪندا ھئا. ڀاڳ جي ڳالھہ اھا ھئي جو جنگ جو فيصلو ڪندڙ مھان شڪتي جنرل چارلس خلاف ڪانہ ھئي. ھن نازڪ صورتحال دوران قلات جي خان جو وڪيل اچي ھن وٽ پھتو ھو. جنھن اچي جنرل کي ٻڌايو تہ ھو خان طرفان وفاداري ۽ دوستي جو پيغام کڻي پھتو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ انگريز فوج جي اچ ۽ شاھپور تي ڪيل اوچتن حملن قلات جي شاھي درٻار کي ڇرڪائي ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ قلات جي وزيراعظم بہ شخصي طور انگريز دوستيءَ جي کلي حمايت ڪئي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو جو سندس ڀاءُ دريا خان ڏانھن خط لکيا ھئا، جي انگريزن خلاف ھئا ۽ اھي وچ ۾ پڪڙجي پيا ھئا. تنھن تي سر چارلس ھن ڏانھن پيغام موڪليو ھو تہ جيڪڏھن غداري جون اھي سرگرميون بند نہ ٿيون تہ توھان ٻنھي ڀائرن کي قتل ڪيو ويندو، ڀلي پوءِ اوھان بخارا ڏانھن ڀڄي وڃو. ظاھر ۾ تہ ھي وڪيل قلات جي خان جي طرفان دوستيءَ جو پيغام کڻي آيو پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ وزيراعظم جي خطا کي معاف ڪرائڻ آيو ھو. ھن، انگريزجنرل کي بولان لڪ جي اوسي پاسي وارن قلعن کي ڪتب آڻڻ جو اشارو ڏنو ھو. ان بابت خان کي يقين ڏياريو ويو ھو تہ جنرل ھن جابلو علائقي ۾ فقط ڇھھ مھينا رھي ھليو ويندو. باقي ان علائقي ۾ نون قلعن جي تعمير انھيءَ مقصد سان ٿيندي تہ انھن ۾ انگريز فوج مستقل طور رھندي. ھن کان پوءِ منشي علي اڪبر کي قلات موڪليو ويو ھو تہ جيئن خان انگريز فوج لاءِ اٺن جي امداد ڏئي. ان کان سواءِ منشيءَ قلات جي وزيراعظم خانگي طور اھو ٻڌايو ھو تہ جنرل ھن شرط تي اوھان ٻنھي ڀائرن کي معاف ڪندو ۽ ھن شرط سان انگريز سرڪار اوھان کي پنھنجو وفادار دوست تسليم ڪندي جيڪڏھن اوھان وفادار رھڻ جو واعدو ڪندا. پر جيڪڏھن اوھان ھن وقت اٺ مھيا ڪيا تہ توکي سنڌ ۾ جاگير بہ عطا ڪئي ويندي. پر اھم شرط وفاداري ھوندو. اٺن حاصل ڪرڻ لاءِ اھا حڪمت عملي ڏاڍي سٺي ھئي، پر انھيءَ طريقي سان قلات جي قبائلي سردارن کي ھن مشڪل دور ۾ بغاوت ڪرڻ کان بہ روڪيو ويو ھو.
ھن وقت علي علي کي چيو ويو ھو تہ گنڊوئي لڪ ڏانھن وڌي. ھو جڏھن زري ڪوشتا ۾ موجود ھو تہ شاھپور سان رابطي جو ڪم ڏيندو ھو. پر سندس ماڻھو ڳجهہ ڳوھہ ۾ ھن علائقي ۾ گھمندڙ ڦرندڙ ڌاڙيلن سان ٻڌل ھئا. ھي ٽالپر حڪمران جنرل جي چوڻ تي اڳتي روانو ٿيو. ان کان پوءِ سر چارلس انگريز گھوڙيسوار دستن کي پاڻيءَ وارين جڳھن تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو. پر جيڪڏھن جت ڇڏي نہ وڃن ھا تہ ھنن گھوڙيسوار دستن کي اھو ڪم ڪرڻو نہ پوي ھا. بعد ۾ ھن مري سردار کي دوستي ۾ وڌيڪ سوگھي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي، ڇاڪاڻ تہ سر چارلس کي شڪ ٿيو تہ سندس نيت ۾ کوٽ پيدا ٿي رھيو آھي. اھڙي ريت کيس پنج ھزار رپيا انھيءَ مقصد سان ڏنا ويا ھئا تہ ھو بجار کي پڪڙي انگريزن جي حوالي ڪري. ان معاملي جي طئي ٿي وڃڻ کان پوءِ ھن جئڪب کي چيو تہ چانڊڪين ۽ مرين کي ڇڏي ڏئي تہ ھو ڀلي پنھنجن علائقن ڏانھن ھليا وڃن. ڇاڪاڻ تہ ھنن پنھنجي فرض جي ادائگي پوري ڪري ڇڏي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس محسوس ٿيو ھو تہ ھنن نازڪ حالتن دوران فوجي ڪئمپ ڀرسان ٿورا بلوچ سردار ھجڻ گھرجن. ھن جنرل، بجار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اھا حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا ھو اڳي بہ استعمال ڪري چڪو ھو. ھن جئڪب کي چيو تہ ھو ھن ريت خط لکي تہ ”تازه دم فوجون اچي رھيون آھن. انھيءَ ڪري جمڪ لڪ وٽ موجود قلعن جي مرمت ڪري مضبوط ڪيو وڃي. اھا فوج بجار جي قتل ٿيڻ تائين اتي رھندي پر جنرل جي خواھش کيس قتل ڪرڻ جي نہ پر قيد ڪرڻ جي آھي ۽ جنرل ان سردار يا قبيلي کي وڏو انعام ڏيندو، جيڪو بجار کي زنده پڪڙي سندس حوالي ڪندو.“ کيس اھا بہ ھدايت ڪئي وئي ھئي تہ اھو اھڙي طريقي ۽ اھڙي رستي سان موڪليو وڃي جو وچ تي بگٽين کي ھٿ لڳي وڃي.“
اھڙي ڪم کان پوءِ ھو سارو ڌيان فوجي ڪم ڪار ڏانھن ڏيڻ لڳو ۽ ڪئمپ ۾ رھيل فوج کي سرگرم ڪري ڇڏيائين. اھو بہ حڪم ڪيائين تہ فوجي ڪئمپ جي اوسي پاسي واري علائقي جي صفائي ڪئي وڃي. ھن ھنٽر کي فوجي ڪالم ڏئي اڳتي روانو ڪيو تہ جيئن ھو ڀروارن گھارن ۽ ٽڪرين تي وڃي قبضو ڪري وٺي. انھيءَ وقت ڌاڙيل بہ دلير ٿي ويا ھئا، جيڪي رات جو فوجي چوڪين ڀرسان اچي گذرندا ھئا. ھڪ رات انھن مان پنجن ڌاڙيلن ان تنبوءَ ڀرسان ٻن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن ۾ ھيڊ ڪوارٽر قائم ٿيل ھو. ھنٽر انھن ماڻھن کي قتل تہ ڪري ڇڏيو پر ھنن انگريز فوج سان ڏاڍي بھادري سان ويڙھھ ڪئي وئي ھئي. انھن مان ھڪ جي جڏھن سيني ۾ بئنيٽ کپي وئي، تہ بہ ھن پنھنجي دشمن تي قاتلانھ حملو ڪيو. انگريز فوجي ٻي واھھ نہ ڏسي مٿس تفنگ جو فائر ڪري ھن مان جان ڇڏائي ۽ پوءِ بہ بئنيٽ ڌاڙيل جي سيني ۾ ٽنبيل رھي. ساڳئي وقت سمال پنج جي ماتحت پوليس ٽڪرين جي ڏکڻ پاسي کان تمام گھڻو چوپايو مال ھٿ ڪيو ھو. ان ئي وقت علي مراد کان بہ خط اچي پھتو ھو، جنھن ۾ ٻڌايو ويو ھو تہ ٿوري مقابلي کان پوءِ کيس ڇھھ اٺ ۽ چوپائي مال جا ٽي سؤ کن ڍور ھٿ لڳي ويا آھن.
ان موقعي تي ھڪ ڪھيري جاسوس خبر آندي تہ اتحادي سردار ھڪ مضبوط جاءِ وٽ موجود آھي. جيڪا ھتان ويھارو کن ميل پري ٿيندي. اھي سردار بک ۾ پاھھ ٿي مري رھيا آھن. ٻئي ڏينھن ڪئپٽن مئليٽ، علي مراد وٽان آيو، جنھن ٻڌايو تہ بيجار پيش پوڻ چاھي ٿو. ھتي تہ انگريز فوج جي صورتحال ڏاڍي نازڪ ھئي. جيڪا ھوريان ھوريان سڌري رھي ھئي ۽ کيس عزت ۽ وقات نصيب ٿي رھيو ھو. پر اھڙي خطرناڪ صورتحال ھوندي بہ ھن دلير جنرل ڪڏھن بہ گھٻرايو ڪونھ. پر موقعي تي جنگ کي ھڪدم بند ڪرڻ خطرناڪ ھو. تنھن ڪري ھن وراڻيو ھو تہ بجار خان اچي ۽ پنھنجا ھٿيار اچي منھنجي قدمن اڳيان رکي. ان کان پوءِ پنھنجن ماڻھن سان گڏ درياھہ جي کاٻي ڪناري ان علائقي ۾ رھندو، جيڪو مان چوندس. ان کان پوءِ کيس معاف ڪيو ويندو. پر جيڪڏھن ھن اھي شرط قبول نہ ڪيا تہ کيس قتل ڪيو ويندو ۽ مون وٽ جي ھڪ سؤ ڊومڪي قيدي آھن تن کي بہ ڦاسي ڏني ويندي.
انھن قيدين کي قتل ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونہ ھو، پر اھو کيس دھمان ٻڌڻ لاءِ ائين چيو ويو ھو، پر ھتان نڪري وڃڻ وارو شرط صحيح ۽ سچو ھو. پامپي بہ جڏھن سلسليءَ جي سامونڊي ڌاڙيلن کي ڪڍيو ھو تہ ھنن بہ اھڙا ساڳيا شرط رکيا ھئا. سر چارلس نيپئر جي سوچ ھئي تہ جيڪڏھن ھنن ڌاڙيلن کي ان علائقي مان ڪڍي ڇڏي، جنھن ۾ ھو ڦرلٽ جون ڪارروايون ڪندا آھن ۽ انھن کي پوکي راھي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪبو تہ اھي پنھنجون اھي گنديون عادتون ڇڏي ڏيندا. ھي سمجھي رھيو ھو تہ اھي ڌاڙيل ضرور ھئا پر بھادر بہ ھئا. کين ڪوشش ڪري شريف بڻائي سگھجي ٿو. ھي ماڻھو ڌاڙيل ضرورت ۽ جھالت ڪري ٿيا آھن. ھاڻي اھي پنھنجي ھن ڌنڌي کان خوش ناھن. سندس مرضي ھئي تہ ھنن کي ڪوشش ڪري شريف بڻائجي پر قتل نہ ڪجي.
تاريخ 5 فيبروري تي ھڪ فوجي دستي گشت ڪندي ڪيترن ھٿياربندن کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي لڪن ڀرسان گھمي رھيا ھئا. ان کان فوج جي دمبالي ٽي سؤ فوجي ڪڍي، سمپسن جي حوالي ڪيا، جنھن ديراھھ واري علائقي ۾ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڏڪار بہ ويھون وڄائي ڇڏيون ھيون، جنھن فوج کي وائڙو ڪري ڇڏيو ھو. ھٿ ايندڙ چوپايو مال ڪئمپ کي واڪ تي وڪرو ڪيو ويندو ھو. جيڪو کاڌ خوراڪ جو ھڪ وسيلو بڻجي ويو ھو. ھيءَ ھندستاني فوج جا ھر ٽي فوجي ساٿي گڏ ھوندا ھئا. تنھن ڪري اھڙي کاڌ خوراڪ گھڻو وقت ھلي ڪانہ سگھندي ھئي. لاڏو اٺ بہ ھن وقت تائين ھٿ اچي ڪونہ سگھيا ھئا. تنھن ڪري جنرل چارلس ڏاڍو مجبور ٿي پيو ھو. تنھن ڪري ھن فزجيرالڊ جي اٺ سوار فوج کي کاڌ خوراڪ کڻي اچڻ لاءِ شاھپور موڪليو. کيس اھو بہ حڪم ڏنو ويو ھو تہ اھڙي پيش قدمي دوران تونگ واري گھاري وٽ بيٺل فوج جي پڻ مدد ڪري. جيڪڏھن انھيءَ ماڳ جي اوسي پاسي کيس ڪو دشمن نظر اچي تہ مٿس حملو ڪري ان کان سواءِ ھن اٺ سوار فوج جي بھادريءَ جي پڻ نمائش ڪرڻي ھئي تہ اھا فوج پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ سڀني کان اعلى ۽ اوچي آھي. ڀاڙي تي ھلندڙ لاڏو اٺ اھو سفر ڇھن ڏينھن ۽ ڇھن راتين ۾ سر ڪري سگھن ھا. اٺن جي ان قافلي جي سلامتي لاءِ پھريدار فوج بہ مقرر ڪئي وڃي ھا. پر فزجيرالڊ جي اٺ سوار دستي اھا پنھنجي مدد پاڻ ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھا پاڻ بہ فوج ھئي. ھن فوج حڪم موجب گھاري واري فوج کي بہ مدد ڪئي ۽ شاھپور تائين سفر ۾ فقط ھڪ ڏينھن ھڪ رات وتي ھئي ۽ پنجاھھ ميل پنڌ ڪري منزل کي پھتي ھئي. ان کان پوءِ اٺن تي پنجيتاليھھ ھزار پائونڊ اٽو کڻي، 8 تاريخ جي صبح جو اچي فوجي ڪئمپ پھتا ھئا. ھن فوج اوٽ موٽ جي ساري سفر ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٻہ راتيون ورتيون ھيون. ان ساڳئي ڏينھن علي مراد وٽان پيغام پھتو تہ نہ رڳو بجار خان پر ٻيا سردار بہ پيش پوڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. اھڙين مثبت ڳالھين جي واقع ٿيڻ مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ اھو چارلس جي سوچ فڪر جو نتيجو آھي. ھن جنرل جي خواھش ھئي تہ اھڙي سونھري وجهہ مان ترت لاڀ پرائڻ گھرجي. تنھن ڪري ھن فزجيرالڊ جي واپس اچڻ کان ٻہ ٽي ڪلاڪ پوءِ سيبري لڪ ڏانھن روانو ٿيو، جيڪو علي مراد جي فوجي ڪئمپ کان اوڀر پاسي ھو. ھن ھنٽر کي مختصر فوج سان جمڪ لڪ وٽ ڇڏيو ھو. کيس چيو ويو ھو تہ ھو جمڪ ۽ لولي واري لڪن تي نظر رکندو رھي. سندس ھن پيش قدميءَ جو مقصد پيش پوندڙ سردارن مٿان دٻاءُ وجھڻ ھو تہ جيئن ھو پيش پوڻ ۾ دير نہ ڪن. جنرل جڏھن علي مراد جي ڪئمپ وٽان گذريو تہ ھن کيس ايلاز منٿون ڪيون تہ ھو سيبري لڪ کان اڳتي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ سندس اڳتي وڌڻ سان سردار ڊڄي وٺي گوڏن تي زور رکندا ۽ پيش پوڻ جو ارادو تبديل ڪري ڇڏيندا. جنرل سندس چوڻ تي عمل ڪيو ۽ گھڻي رتو ڇاڻ ڪرڻ کان بچي ويو ۽ سيبري لڪ وٽ 4 تاريخ تائين ويٺو رھيو. ان کان پوءِ کيس شڪ ٿيو تہ بلوچ سردار بغاوت ڪرڻ لاءِ مھلت وٺي رھيا آھن. انھيءَ وقت ھن چيو ھو تہ ”مان ھنن رڻ پٽ جي نانگن تي ويساھھ ڪري ڪونہ ٿو سگھان، ٻئي ڏينھن تي سندس ڊاڪ يا سرڪاري خط آڻيندڙ عملي تي بہ سؤ جکراڻين حملو ڪيو. جنھن جي نتيجي ۾ انگريز جنرل جا ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ھئا. انھن جکراڻين بھانو ڪيو ھو تہ ھو انگريز فوج جي اريگيولر گھوڙيسوار فوج سان تعلق رکن ٿا ۽ سرڪاري خط آڻيندڙ سرڪاري ماڻھن سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ لڳا ھئا. ان کان پوءِ اوچتو وار ڪري، جکراڻين ان ماڻھوءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن سان ھو ڳالھائي رھيو ھو. انھن مقتولن مان ھڪ ماڻھو ان صوبيدار جو پٽ ھو جنھن اچ ۾ بھادريءَ سان مقابلو ڪندي پنھنجي جان قربان ڪئي ھئي.
ھن واقعي کان ڊڄي ڪري ڪئپٽن کي مئڪمرڊو کي سيبري لڪ کان پرئين پاسي موڪليو ويو ھو تہ جيئن اتان جو واءُ سواءُ لھي سگھجي. ان کان ستت ئي پوءِ جنرل پاڻ سندس واھر لاءِ نڪري پيو ھو. ھو اڃان ٿورو اڳتي وڌيو تہ کيس چوپائي مال سان گڏ واپس ايندو ڏٺو ھئائين. لڪ وچان لنگھندي مئڪمرڊو مٿان توڙيدار بندوق وسيلي فائر ڪيو ويو ھو. ان ھوندي بہ ھو بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي چوپائي مال جي ڌڻ کي لڪ وچان ھنيون آيو، پر ڊڄي ڌڻ مان ھٿ ڪونہ ڪڍيا ھئائين. ان کان پوءِ ھو دشمن جي پٺيان ڦري آيو. تنھن ڪري دشمن لڪ واري ٽڪريءَ تان ھيٺ لھي ويو. ان کان پوءِ ڪئپٽن اتي ويٺو رھيو تہ متان ڪو نئون ڌاڙيل ٽولو سندس فوج جي دمبالي تي حملو ڪري، ھن سان گڏ مغل سوار ھئا. ھن مٿان جڏھن بندوق جو پھريون فائر ٿيو ھو تہ اھي ڇرڪي ويا ھئا. پر مئڪمرڊو جي بھادري ڏسي ھو بہ دلير ٿي ويا ھئا ۽ ھمت ڪري ڌاڙيلن کي ڊوڙائي، سندن جبلن ۾ ڇڏي آيا ھئا. جتي اھي ڪئربائين جي فائرن ڪري کين گھڻو نقصان پھتو ھو. ھن واقعي کان پوءِ مئڪمرڊو نھايت احتياط سان لڪ اڪري پار پيو ھو. اھو واقعو اھڙو ھو جنھن وسيلي ڪئپٽن مئڪمرڊو جي عقلمندي ۽ بھادري نمايان ھئي. ڪئمپ تي پھچڻ کان پوءِ فوجين کي ايترو انعام ڏنو ويو، جيتري چوپائي مال جي قيمت ھئي.
اھو واقعو نائين تاريخ تي ٿيو ھو. تاريخ 10 تي ڪئپٽن سالٽر جي گھوڙيسوارن کي الڳ ڪري سمپسن ڏانھن موڪليو ويو ھو. 11 تاريخ تي ائڊجوائنٽ جنرل ميجر گرين کي ھڪ ڪالم فوج ڏئي ديراھ واري جابلو علائقي ڏانھن موڪليو ويو ھو جنھن لاءِ پھريدار دستن کي ھنٽر جي ڪئمپ مان چونڊيو ويو ھو. انھن ڪجهہ ڌاڙيلن کي قتل ڪري، چوپائي مال جا اٺ سو ڪن پاڻ سان آندا ھئا. ساڳئي ڏينھن پيراڍن يا ڀاڳين کي پگھار تي مقرر ڪيو ويو ھو تہ جيئن انھن ڌاڙيلن جا پيرا کڻي سگھجن جن ڊاڪ يا سرڪاري خط ڦريا ۽ سرڪاري ماڻھو ماريا ھئا. شڪ ھو تہ اھڙي واقعي جا مجرم علي مراد جا ماڻھو ھئا،جيڪي پاڻ بہ بلوچ ھئا ۽ جن جي گھوڙيسوار دستن سان دشمني ھئي. ڇاڪاڻ تہ مئڪنزي جي فوجي ڪارروائي ۾ سندن ذات جي بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري ھنن پلاند ۾ ڊاڪ ڦري ھئي ۽ ماڻھو بہ قتل ڪيا ھئا. انھن مجرمن جا پيرا جابلو علائقن ڏانھن ويا ھئا. مير کي اڳينءَ ڪوتاھيءَ ڪري ڇنڊ پٽي وئي ھئي. جڏھن کيس چيو ويو تہ ھن بہ غداري ڪئي آھي ۽ ھو اچي ويو. کيس چتاءُ ڏنو ويو تہ جيڪڏھن سندس غداريءَ جو ثبوت مليو تہ ڪئپٽن مئليٽ ۽ ڪئپٽن ڪرلنگ ھن جي فوج مٿان توبخاني وسيلي گولاباري ڪندا.
جنرل چارلس 12 تاريخ تائين بجار خان ۽ ٻين سردارن جي اوسيئڙري ۾ ويٺو رھيو پر اھي نہ اوري نہ اڳي. تنھن ڪري کيس علي مراد جي نيت ۾ کوٽ ڏسڻ ۾ آيو. کيس پرون پيا تہ علي مراد جيڪا بجار ۽ ٻين سردارن جي پيش پوڻ جي ڳالھہ ڪئي ھئي سا دراصل ھنن کي سک فوج سان ملڻ جي مھلت درڪار ھئي. ان وقت ھن سوچيو ھو تہ وٽس تيرھن سؤ پيادل فوج، ڏھھ توبون ۽ ڇھھ سؤ گھوڙيسوار آھن. ان کان سواءِ ھن وٽ ٻہ ھزار رزرو فوج شاھپور ۾ بہ موجود آھي، جيڪا ساڻس مھل سر واھر ڪري سگھندي پر بعد ۾ ھن سمجھي ورتو تہ علي مراد ڪنھن بہ قسم جي غداري ڪانہ ڪئي آھي نہ وري کيس اھڙي جرئت آھي. جيڪڏھن سچ پچ ۾ بجار ۽ سندس نوان اتحادي سکن کي وٺي اچڻ ۾ سوڀارا ٿيا تہ بہ کيس ڪا پرواھھ ڪانہ آھي، پر ھو ڏاڍو سچيت رھندو ھو. ھن ھنٽر کي ۽ سندس فوج ڪالم کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو ۽ جمڪ واري لڪ تي بيھڻ لاءِ فزجيرالڊ جي اٺ سوار دستن کي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جي نگراني اڳ ھنٽر جي حوالي ھئي. ان کانپوءِ ھن مزارين ڏانھن ھڪ خط لکيو ھو، جنھن ۾ ڌمڪيون ڏنل ھيون تہ جيڪڏھن بجار ۽ ٻين سردارن کي سھائتا ڏيندؤ تہ توھان جو خير نہ ھوندو. بعد ۾ ھن اھڙي موزون جڳھھ جي چونڊ ڪئي، جنھن وٽ منزل ڪري ويھھ ھزارن دشمنن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي سگھجي.
13 تاريخ تي ھنٽر اچي فوجي ڪئمپ تي پھتو. ان ساڳئي ڏينھن تي اتحادي سردارن جا مائٽ علي مراد وٽ آيا ھئا ۽ کيس چيو ھئائون تہ جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي. جيڪڏھن انگريز ڪمانڊر اسان جي قيدي مائٽن کي قتل ڪيو تہ جنگ جو سلسلو اڻ کٽ ٿي ويندو. اھو پڻ اطلاع ڏنو ويو ھو تہ ھنن مان شير محمد بہ پنھنجي پنج ھزار ساٿين سان گڏ ھوندو.
جنرل چارلس بہ فولاد جو ٺھيل ھو، جنھن وراڻيو اھو اوھان جي مٿان آھي تہ قيدي وٺو يا نہ وٺو. اھڙي چونڊ اوھان کي ڪرڻي آھي. 14 تاريخ تي ھنن ھڪ ڏينھن جي مھلت ورتي. تنھن تي ھن چيو تہ ھڪ ڏينھن تہ ڇا مان ھڪ ڪلاڪ بہ مھلت ڏئي ڪونہ ٿو سگھان. جيڪڏھن اھي سڀ سردار منھنجي فوجي ڪئمپ ۾ اڄ نہ ٿا اچي سگھن تہ مان پنھنجي فوج سميت سندن جابلو علائقي ۾ ھنن جو مھمان ھوندس. پر سارو رحم ۽ ٻاجھھ ٻئي سامان سان گڏ شاھپور موڪليو ويندو. جيڪڏھن اوھان سان گڏ شير محمد اچي ٿو تہ اھا معزز شخصيت آھي. آءٌ ان جي شاندار آجيان ڪندس. مون وٽ ايتري فوج آھي جيتري دٻي واري جنگ جي ميدان تي ھئي. پر جيڪڏھن ساڻس دٻي واري فوج کان گھٽ ماڻھو ھوندا تہ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو.
سر چارلس جي سخت ۽ رکي رويي کان متاثر ٿي قيدي بلوچن سان ۽ مائٽ علي مراد سان ڳالھائڻ بدران تاريخ 15 تي سڌو فوجي ڪئمپ اچي ھن سان مليا ھئا. سندن اچڻ ڄڻ تہ مائٽن جي سفيرن وانگي ھو، ھنن ٻڌايو تہ بجار خان جي گھرواري وفات ڪري وئي آھي. تنھن ڪري کين پيش پوڻ ۾ دير ٿي وئي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اھي 19 تاريخ تائين پھچي ڪونہ سگھندا. اھو وقت کيس ڪفن دفن جي رسمن رواجن کي پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويندو. سر چارلس نيپئر بجار جي پيش پوڻ جا شرط اھي رکيا جيڪي کين چئي ڇڏيا ھئا. باقي ٻين لاءِ ھن نوان شرط رکيا. سلام خان بگٽي قسم کڻندو تہ ھو اڳنان واسطي انگريز سرڪار جي علائقن تي حملا نہ ڪندو. ان کان سواءِ قلات جي خان جي سلام تي بہ ويندو جيڪو ھن جو قانوني حڪمران آھي. دريا خان جکراڻي لاءِ ھي شرط آھي تہ ھو لڏي ھلي سنڌ وھندو. ان سان گڏ ھو سندس وفاداري جي ساک اسلام خان بگٽي کان وٺندو، جيڪو ھن ساري قبيلي جو صفا مٽ ھوندو. جيڪڏھن اسلام خان ائين نہ ڪندو تہ دريا خان کي سنڌ ۾ وھڻو پوندو، باقي ھن جي قبيلي سان جنگ جاري رھندي. ننڍن سردارن لاءِ بہ شرط اھي ساڳيا ھوندا پر جيڪڏھن کيس اھا خبر ھجي ھا تہ ھنن جا ٻيا اتحادي ڌاڙيل ڪٿي آھن تہ ھو ھن قسم جي ٺاھھ جي ڳالھين ھوندي مٿن وڃي اوچتو ڪڙڪي ھا. جنرل ٺاھھ ۾ کليءَ دل جو مظاھرو ٻن ڳالھين ڪري ڪيو ھو. ھڪ تہ وٽس اٺ ڪونہ ھئا، ٻيو تہ کيس اھو خوف ھو تہ متان اھي سردار ملتان جي حڪمران وٽ نہ پناھھ وٺن. پر ھن جا ڪي اصول مقرر ھئا تہ ھو ڪڏھن بہ گھٻرائيندو ڪونہ ھو، نہ وري پنھنجي گھٻراھٽ کي محسوس ٿيڻ ڏيندو ھو. ٻيو تہ ھو بلوچ سردارن سان نہ جنگ جي ميدان ۾، نہ وري ٺاھھ جي ڳالھہ ٻولھھ ۾ پوئتي پوندو ھو. تنھن ڪري ھن پنھنجي اعلان کي ورجائيندي چيو ھو تہ انشاءَ الله آءٌ 16 تاريخ تي دوز ڪوشتا پھچندس ۽ بجار خان جي گھرواري جي وفات ڪري اتي 19 تاريخ تائين ترسندس ليڪن 15 تاريخ واري رات جو مينھن وسي پيو. ان ڪري اٺن لاءِ تنبو کڻڻ مشڪل ھو. ان ھوندي بہ ھن ڏنل تاريخ ۾ توسيع ڪانہ ڪئي ھئي ۽ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي جيئن جو تيئن رکيو ھو ۽ سفيرن کي ٻڌائي ڇڏيو ھئائين تہ ھيءَ قدرتي روڪ ۽ رنڊڪ ھڪ فطري حدبندي ھوندي آھي، پر ھو پنھنجي طرفان ڪابھ لچڪ ڪونہ ڏيکاريندو، ڀلي اھا خدا جي مرضي نہ بہ ھجي. مشرق جي رسم ۽ رواج مطابق وقت جي پابند نہ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ھا، جھڙوڪ گورنر جنرل جا حڪم ڪونہ مليا آھن يا علي مراد جي طاقت جي خوف جو بھانو بہ ڏنو وڃي ھا. پوئين ڳالھہ ۾ تہ ڪابھ سچائي ڪانہ ھئي، ڇاڪاڻ تہ ھو پنھنجي ماڻھن وسيلي جابلو ماڻھن سان واسطي ۾ ھو ۽ ڪنھن وڏي واقعي ۾ آسرو رکيون ويٺو ھو. ھن اھو بہ اعلان ڪري ڇڏيو ھو دوز ڪوشتا ڏانھن وڌندو توڙي جو کيس رڻ پٽ جي وٽ ھيرڻ ڏانھن وڌڻ جو حڪم ملندو. ھن جي پھرينءَ گس ڪري دشمن نڪري گنڊوئي ڏانھن نڪري ھليو ويو ھو. جيڪڏھن ھو اھڙي بيگوندرائي نہ ڪري ھا تہ جنگ تہ ان وقت تي ختم ٿي چڪي ھجي ھا ۽ ھن ڍر ڪري ھرڀر گنگڻ ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو ھو. جڏھن ھن کي سر چارلس طرفان پيش قدميءَ جو حڪم مليو ھو تہ ھن ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھو ۽ پاڻ کي اھڙن حڪمن کان آزاد سمجھيو ھئائين. جيڪڏھن ھو ائين ڪري ھا تہ وڏو ھاڃو ٿي گذري ھا. پر جلد ئي کيس اھڙو ٻيو سبق سيکاريو ويو ھو. پر جنرل چارلس کيس اڳواٽ ئي حڪم ڏنو ھو تہ ھو دوز ڪوشتا ڏانھن نہ وڃي. ان حڪم سان گڏ کيس ھي پيغام بہ ڏنو ويو ھو تہ جيڪڏھن تو وڃي پاڻيءَ واري انھيءَ جڳھھ تي قبضو ڪيو تہ توب جو ھڪ گولو ڇوڙيو ويندو جيڪو تنھنجي انھيءَ شاھي تنبوءَ مان پار نڪري وڃي ٻئي پاسي پوندو اھو ڄڻ ھڪ اشارو ھوندو تہ پنھنجي ڪئمپ پٽي ھتان ٽري وڃ.
16 تاريخ شام جو سيبري جا کوھھ خالي ھئا توڙي جو اڳئين شام جو مينھن بہ وسيو ھو ۽ فوج پاڻيءَ ڦڙي ڦڙي لاءِ ٻاٿون کائي رھي ھئي. پر اوچتو ئي سامھون واري جابلو علائقي مان ھڪ نئين وھي آئي، جيڪا سٺ گز ويڪري ۽ ٻہ فوٽ اونھي ھئي جيڪا وھندي اچي وچ ڪئمپ ۾ ڪاھي پئي. فوجي اھا اوچتي رحمت ڏسي اچرج ۾ اچي ويا ۽ ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا ھئا ۽ پاڻيءَ جي ڏوگاھي کان ڇٽي پيا ھئا ۽ سمجھي رھيا ھئا تہ اھو خدا طرفان رحمت جو ريلو آھي. جنرل چارلس کي جابلو علائقن جي ڄاڻ ھئي ۽ کيس اڳواٽ پتو پئجي ويو ھو تہ جابلو نئين ضرور وھي ايندي. ھن اھڙي حقيقت پنھنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏي ھئي. ھنن ملڪن اندر مختلف قسمن جا ماحول ھوندا آھن، جن بابت اڳڪٿي بہ ڪري سگھجي ٿي ۽ انھن کي سوچي ويچاري تبديل بہ ڪري سگھجي ٿو. ھنن روھن ۽ ڪوھن مان وھي ايندڙ نئين بہ اھڙي آھي جنھن بابت بہ اڳڪٿي ڪري سگھجي ھا ۽ ان کي پنھنجي سھوليت لاءِ بہ ڪتب آڻي سگھجي ھا. اھڙيون اڳڪٿيون ڪرامت ڪري سمجھيون وينديون آھن. جڏھن اسان شاھپور ڏانھن وڌي رھيا ھئاسين تہ پيش قدمي دوران رڻ پٽ ۾ ”مڻ“ ھٿ اچي ويو ھو. ھڪ فوجي سپاھي جيڪو پھريون ڀيرو مون وٽ اھا شيءِ کڻي آيو سو چوڻ لڳو ”سائين ھي تہ ڪرامت آھي ۽ اھا ٻوٽن تي پئي آھي جيڪا کاڌ خوراڪ آھي ۽ کائي بہ سگھجي ٿي. اھا شيءِ تہ خدا طرفان موڪلي ويندي آھي، اھا بھشت مان ايندي آھي، اھا بلڪل ئي ڪرامت آھي.“
سر چارلس نيپئر کي ڀت وانگر انھن اڀين ٽڪرين ۾ موجود لڪن مان گذرڻ وقت ڪنھن بہ جابلو ماڻھو ڪونہ روڪيو جيڪي لولي لڪ کان مٿي ھليون ويون ھيون. ھنن ٽڪرين ۽ موجود اھڙن لڪن جو ذڪر اڳي بہ ڪيو ويو آھي. مذڪوره ٽڪريون ھت پھچي مزارين واري علائقي ٽڪرين سان ملي وينديون آھن. روز ڪوشتا پھچڻ تائين سفر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. ان ماڳ تي 17 فيبروري تي پھتا ھئاسين. رستي ۾ ڪنھن بہ ماڻھو مقابلو ڪونہ ڪيو ھو. علي مراد ھيڏانھن اچڻ جي جرئت نہ ڪري سگھيو ھو. ڪئمپ جي تنبن لڳي وڃڻ کان پوءِ سر چارلس وڃي پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ۽ ساري ڏينھن جي ڪارگذاري پنھنجي ڊائري ۾ قلمبند ڪرڻ کي لڳي ويو ھو. ان کان سواءِ ھن پنھنجا ذاتي احساس بہ ان ڊائري ۾ لکي ڇڏيا ھئا تہ اڄ مياڻي جي جنگ جي ٻي سالگرھھ آھي ۽ اڄ بہ مان جنگ جي ميدان ۾ آھيان. ڇا منھنجو اھو مقدر آھي ڇا تہ مان سدائين جنگ جي ميدان تي ھجان ۽ ھميشه انساني رتو ڇاڻ ڪندو وتان! پر ھيءَ صحيح مقصدن واسطي ھڪ جنگ آھي. اھڙي طرح مياڻيءَ واري جنگ بہ صحيح مقصدن لاءِ ھئي، جيڪا مان ٽالپرن خلاف وڙھي ھئي. ان جنگ کي اڄوڪي ڏينھن تي پورا ٻہ سال گذري ويا آھن. ان ڏينھن منھنجي چوڌاري لاشن جا ڍير لڳا پيا ھئا. منھنجا بيشمار دوست بہ مري رھيا ھئا، اسپتال واري تنبوءَ مان ريھون ۽ رڙيون اچي رھيون ھيون. ڇاڪاڻ تہ انھن جا عضوا وڍي جسم کان جدا ڪيا ٿي ويا. خدا تعالى مٿن شال رحم ڪري. ھنن ماڻھن جي ھلت چلت مان ۽ شان واري ھوندي ھئي. جيڪي مري ويا انھن تي رحمت ۽ جيڪي بچي ويا تن کي شال صبر ملي. پر جنگ ڏاڍي خطرناڪ ھئي. مان ھتي دوز ڪوشتا ۾ ھن مقصد سان اچي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي آھي تہ جيئن ڌاڙيل سردار اچي پيش پون. دوز ڪوشتا جي معنى آھي، ’چورن جو موت‘. ھي عجيب قسم جون ھڪ جھڙايون آھن.

باب ڏھون: بجار ۽ ٻين جابلو سردارن جي پيش نہ پوڻ ڪري نوان خدشا

سر چارلس جي روز ڪوشتا ۾ فوجي ڪئمپ 19 تاريخ تائين قائم رھي. ڇاڪاڻ تہ کيس چيو ويو ھو تہ ان تاريخ تي بيجار ڊومڪي سر چارلس نيپئر جي آڏو پيش پوندو. پر ھو سردارن سميت ان تاريخ تي ڪونہ آيو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ھنن سردارن علي مراد سان ٺڳي ڪئي ھئي ۽ مير علي مراد جا صلاحڪار بيجار ۽ ٻين سردارن سان ٻڌل ھئا. ان کان سواءِ سر چارلس سان ڪيل ٺاھھ جون ڳالھيون بہ انھيءَ ڪري ڪيون ويون ھيون تہ جيئن انھن کي ٿورو وقت ملي وڃي. ھنن ڌاڙيلن وٽ جاسوس ۽ سفارتڪار ھئا جيڪي ھنڌين ماڳين پکڙيل ھئا. کين انگريز فوج جي چرپر بابت ھر قسم جي معلومات موجود ھئي پر سر چارلس نيپئر لاءِ اھو معلوم ڪرڻ ڏکيو ھو تہ بيجار ۽ سندس اتحادين جي ويڙھاڪن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ انھن ويڙھھ بابت ڪھڙا منصوبا آھن. ھڪ ھندو بيجار جو سيڪريٽري ھو جيڪو ساڻس سالن جا سال گڏ رھيو ھو. ھن ان ھندو جي روبرو پنھنجي نوڪر سان ڳالھايو ھو. پر اھو ھندو سندس ٻولي سمجھي ڪونہ سگھيو ھو. پر ممبئي جي اخبارن ۾ اھڙيون تحريرون ڏسڻ ۾ اينديون جن مان ڀاسبو ھو تہ اھي ماڻھو ھنن بلوچ ڌاڙيل سردارن سان گڏ ھئا ۽ انھن جي ھشيءَ تي اھو سڀ ڪجهہ ڪري رھيا ھئا.
تاريخ 19 تي جنگي مھم جي نئين سر ابتدا ٿي چڪي ھئي. اھڙي پيش قدمي کان اڳ انگريزي فوج جي تعداد ۽ طاقت جو وچور ڏيڻ لازمي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن وقت جنگ جي ميدان جو طرف تبديل ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ اڳ ۾ پيش قدميءَ جو رخ اتر طرف ھو ۽ ھاڻي ڦري اوڀر طرف ٿي ويو ھو.
سمپسن ديراھھ ۾ موجود ھو جنھن اٺن جو وڳ جھلي ورتو ھو. ھي فوجي حصو انگريزن جي فوج جو کاٻو پاسو ھو. ان جي اولھہ پاسي لشڪر جي دمباليrear ۾ تومب واري فوج ڇوڪي ھئي جتي گھوڙيسوار رھندا ھئا. ھتي پيئڻ جوڳو پاڻي تمام گھڻو ھو. ھتي جي گشتي فوج جو مرين سان رابطو رھندو ھو. اھڙو رابطو سرتوف لڪ ۽ سنگسيلا گھاري معرف قائم رھندو ھو.
تومبTomb جي ڏکڻ واري پاسي تي فٽزجيرالڊ اٺ سوار فوج گشت ڪندي ھئي جيڪا جمڪ لڪ وٽ بيٺل ھئي. اھي ٻئي فوجي چوڪيون مسلسل جئڪب سان رابطي ۾ ھيون جيڪو ڦلجي ۾ موجود ھو. اھڙيءَ تونگ، الياسي ۽ تياگا وارن گھارن تي فوجي گشت جاري رھندو ھو ۽ سنگسيلاتي پڻ نظر رکي ويندي ھئي. ان کانسواءِ شاھپور ۾ سگھاري گئريسن فوج رھندي ھئي ۽ فوجي سامان جو وڏو ڊيپو بہ اتي قائم ڪيو ويو ھو.
فوجي ھيڊ ڪوارٽر بہ مٿي بيان ڪيل پھرئين رابطي جي رستي ۾ قائم ڪيو ويو ھو. علي مراد جي فوجي لشڪر جو ساڄو پاسو ھو جيڪو ھيرڻ ۾ موجود ھو. ھي ماڳ مزاري علائقي جي سرحدي پٽي ويجھو واقع آھي. ھنن ٻنھي اھم ماڳن جي وچ تي گھوڙيسوار فوج ۽ پوليس گشت ڪندي ھئي ۽ ٻنھي ماڳن وچ رابطو رکندي ھئي.
انگريزي فوج کي سوچي سمجھي ويران علائقي جي اھڙن اھم ھنڌن تي رکيو ويو ھو جو جابلو ماڻھو ان علائقي جي اتر – اوڀر واري اڌ تائين محدود ٿي رھجي ويا ھئا. انھن جو وڌ ۾ وڌ مضبوط بچاءُ روھن ۽ ڪوھن واري ويران جوءِ ھئي جيڪي دٻاءَ پوڻ تي لاچار ٿي ملتان جي حدن ڏانھن وڃي سگھيا پئي. پر اھو بہ تڏھن جڏھن ملتان جو ديوان انگريزن جو وفادار نہ ھجي، ان لاءِ انگريز ڪمانڊر ڏاڍي ڪوشش ڪئي ھئي تہ جيئن اھي ملتان ڏانھن نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ ائين ٿيڻ ڪري ھنن ٻنھي ڌرين جو اتحاد بڻجي وڃي ھا. اھڙي ريت جوابي حملي جو وڌيڪ امڪان ھو.
اولھھ پاسي جئڪب ڦلجي، اولاجيOolagee ۽ لھڙي تي قبضو ڪيون ويٺو ھو. مٿس حملو ڪرڻ سولو ڪونہ ھو. ھن جي گھوڙيسوار فوج ۽ توبن بولان لڪ جي جابلو ماڻھن ڊيڄاري پتو پاڻي ڪري ڇڏيو ھو جيڪي ڳجهہ ڳوھہ ۾ انگريزن خلاف واھو ڦڪيون ويٺا ھئا. کين جيڪڏھن ٿورو بہ وجهہ ملندو تہ جنگ جا آڙاھھ ٻاري ڇڏيندا ۽ اھڙو سلسلو وڃي سيوھڻ تائين پڄندو.
سمپسن ريراھھ جي ڦلجي ۾ ديرو دمايون ويٺو ھو جنھن کي بلوچن جي حملي جو ڪو خوف خطرو ڪونہ ھو. ھن ماڳ کي ھڪ مرڪزي حشت حاصل ھئي. ھن ماڳ وٽان مکيھ فوج کي جيڏانھن ڪيڏانھن حملن ڪرڻ جي سھوليت حاصل ھئي. اھڙي ريت ھن ھڪ اھم ماٿري تي قبضو ڪري ورتو ھو. جنھن جو تومب جي گھوڙيسواري فوجي چوڪي جمڪ واري اٺ سوار فوج ۽ جئڪب سان بہ رابطو ھو جيڪو ڦلجي ۾ موجود ھو.
علي مراد ھيرڻ ۾ ويھي مزارين جي نگراني ڪري رھيو ھو، جيڪو ھيڊڪوارٽر کان سڏ پنڌ پري ھو جنھن کي ضرورت وقت سڏ ڪرڻ بہ سولو ھو. ھي علائقو کليل ھو، جتي گھوڙيسوارن جون جنگي سرگرميون سوليون ھيون. تنھن ڪري علي مراد کي غداري جو موقعو ملڻ مشڪل ھو. اھڙي ريت سر چارلس جي ھٿ ھيٺ رھندڙ مکيھ فوج کي ھر پاسي ڏانھن حملي ڪرڻ لاءِ جاءِ کليل ھئي.
ھن صورتحال دوران فوج جي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي ھئي. سرڪاري ڀانڊن ۾ ڪابھ شيءِ بچت ڪانہ ھئي ۽ ايندي ھئي سا چڙھندي ھئي. سندن گذارو انھيءَ چوپائي مال تي ھو جيڪو ھو ڌنارن کان ڦري آڻيندا ھئا. اھڙي ريت ھي جنگي مھم ڏڪار جو شڪار ۽ ٿڪ ۾ ھٿجي مري پئي ھئي. پر جابلو ماڻھن جي حالت تہ ھن کان بہ ٻہ ٽڪا وڌيڪ خراب ھئي. ھنن جا اناج جا ڀانڊا ڦلجي، شاھپور ۽ اوچ ۾ موجود ھئا، جيڪي کانئن ڦرجي ويا ھئا. تنھن ڪري ھنن جو گذر سفر بہ گوشت تي ٻين اھڙين شين تي ھو جن مان کين ڪيئي بيماريون وچڙي ويون ھيون ۽ ان بيماري وگھي ڪيترا مري بہ ويا ھئا. اھي ماڻھو کاڌي پيتي جو ڪجهہ شيون مزارين جي روجھاڻ مان بہ وٺندا ھئا. جيڪا سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع ھئي. پر اھي شيون کين ڏاڍيون مھانگيون ملنديون ھيون. ھتي اھو سمجھائڻ ضروري آھي تہ مزارين جا ٻہ پاڙا آھن جن مان ھڪ پاڙو درياھہ سان رھندو آھي ۽ سکن جو رعيتي آھي ۽ ٻيو جبلن ۾ رھندو آھي. ڌاڙيلن کي ھنن ٻنھي قبيلن مان مدد جي اميد ھئي. سر چارلس نيپئر ملتان جي ديوان ڏانھن خط لکيا ھئا. جيڪي بي اثر ثابت ڪونہ ٿيا ھئا. ديوان جواب ۾ لکيو ھو تہ سنڌوءَ جي ڪٺار وارن مزارين کي روڪيو ويو آھي. بلوچستان آيل ماڻھن کي پنھنجي علائقي ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏين. ان کان سواءِ کين چيو ويو آھي تہ انگريزي فوج کي کاڌي پيتي جون شيون ڏين. ليڪن جابلو مزاري سکن جا دشمن ھئا. ملتان جي ديوان جي مرضي ھئي تہ ھت ھنن مزارين کي ماري تباھہ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ اھي بہ بيجا وانگر ڌاڙيل آھن ۽ ڌاڙن جي اڌ رقم بيجار کي پھچائيندا آھن.
سر چارلس جي مرضي ھئي تہ ھتي جابلو مزارين سان دوستاڻا تعلقات پيدا ڪجن. ڇاڪاڻ تہ سندن علائقو ڄاتل سڃاتل آھي. جيڪڏھن ھن کي ان علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي خوشيءَ سان موڪل ملي وئي تہ ھو پنھنجي فوجي سرگرمين کي گھڻيءَ حد تائين وڌائي سگھي ٿو. ان وقت ڀاڳ کيس ڀڙايو. بگٽين ھن فوجي سرگرميءَ کان ٿورو اڳ ڪن مزارين کي ڦريو ھو. بگٽين جي اھڙي ڏاڍ ۽ سر چارلس جي دوستاڻي رويي ڪري ھو نرم ٿي پيا ھئا. تنھن ڪري ھنن ڪجهہ سردار ۽ ٽي ٽي سو ماڻھو موڪليا ھئا. جيڪي رضاڪار طور سر چارلس جي فوج ۾ شريڪ ٿيڻ آيا ھئا. پر ھو پھريائين علي مراد وٽ پھتا ھئا جن کين چيو تہ ھو سر چارلس کان بہ وڏو آھي. تنھن ڪري اھي ماڻھو سندس ڪئمپ ۾ رھي پيا. ھن علي مراد جي اھڙي گستاخيءَ ڏانھن ڪونہ ڏٺو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھو وڏين اختيارين جو مالڪ ھو ۽ سمجھيو ھئائين تہ جابلو ماڻھن جي نظر ۾ علي مراد ڀلي وڏو ماڻھو ھجي. پر جڏھن کين علي مراد جي اصلي حيثيت جي خبر پوندي تہ پوءِ ھو سر چارلس نيپئر جي آڏو جھڪندا.
18 تاريخ تي ڪئپٽن سالٽر ديراھھ کان آيو ۽ اطلاع ڏنائين تہ جابلو ماڻھن گجرو Goojroo اچي منزل ڪئي آھي. ھي ماڳ دوز ڪوشتا جي سامھون ايڪيھھ يا چوويھھ ميل پري آھي. سندن تعداد اٺ ھزار کن ٿيندو. جيڪي نوجوان ۽ سگھارا متارا آھن ۽ اھا منزل مزارين واري ٽڪرين سان لڳو لڳ آھي. ھنن اتان ٽپڻ کان منع ڪئي وئي آھي. اھو پتو ڪونہ آھي سندن نيت انگريزن جي فوج سان وڙھڻ جي آھي يا اھي پيش پوڻ چاھين ٿا. ھن قسم جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ايندڙ نئين صورتحال بابت غور فڪر ڪرڻو ھو تہ جيڪڏھن ھنن بلوچ ماڻھن تي دٻاءُ پوندو تہ ھو سکن جي ملڪي حدن ۾ داخل ٿيندا ڇا؟ ڇا انھن جو پيڇو ڪرڻ مناسب ھوندو؟ پر مناسب اھو نظريو تہ انھن بلوچن جو پيڇو ڪرڻ ضروري تہ ڏسجي تہ ھو ڪھڙي ارادي سان اچي ھتي گڏ ٿيا آھن. اھو بہ سوچيو ويو تہ جيڪڏھن اھي بلوچ سکن جي حدن ۾ داخل ٿين تہ اھڙي کين ڳجھيءَ ريت اجازت ڏني وئي ھوندي. جيڪڏھن کين اھڙي اجازت مليل نہ ھوندي تہ پوءِ ھو ملتان جي اڻ ڌرئي ھئڻ واري حيثيت کي مجروح ڪري رھيا آھن. ان کان سواءِ ملتان جي سرحد جابلو علائقي ھئڻ ڪري غير واضح آھي. ليڪن ڀاڄوڪڙ دشمن جو پيڇو ڪرڻ بہ بھادرن لاءِ عيب ھوندو آھي. علي مراد تي ويساھھ ڪري ۽ ھن جي ڪوڙن بدوڙن تي اعتبار ڪري ڇھھ ڏينھن اڳئين زيان ٿي ويا آھن. نازڪ حالتن وقت جو ايترو گھڻو زيان وڏو نقصان ھوندو آھي. جنگ جي مقصد کي وڌيڪ خوفناڪ بنائڻ صحيح ڪونہ آھي. انھيءَ ڪري قومي حقن کي وڏو ھاڃو رسندو جن لاءِ دشمن کي ڪنھن بہ قسم جي عزت ڪانہ آھي. سک حڪمران تہ يقين ڏياريو آھي نہ ھن بلوچ قبيلن سندس علاقائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏني آھي نہ وري ڏيندو. تنھن ڪري انھن جو پيڇو ڪرڻ لازمي ٿيندو. ائين ڪرڻ سان سمجھي وٺبو تہ سندن واعدو ڪوڙو يا وري جيڪڏھن ھو واعدي وفائي ۾ سچو آھي تہ پوءِ ھي بلوچ ديوان جي حدن ۾ داخل ڪونہ ٿيندا.
نئين صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ سوچون ۽ ويچار اھي ھئا. بيجار خان پنھنجي واعدي پاڙڻ ۾ دير ڪئي ھئي. تنھن 19 تاريخ تي فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڪيو ويو. پر اھڙي پيش قدميءَ کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.انھيءَ مقصد سان تہ جيئن اوچتو وڃي مٿس ڪڙڪو ڪجي. اٺ سوار فوج کي خانگي طور گھرايو ويو ھو. اھڙيءَ ريت علي مراد ڏانھن بہ نياپو موڪليو ويو تہ ھو بہ اڳتي وڌي. ڇاڪاڻ تہ ھڪ وڏي جنگي محاذ کي منھن ڏيڻو آھي.
گجرو يا شور واري جوءِ ڏانھن ويندڙ رستو لوٽي وارن لڪن مان گذرندو آھي. ھي جابلو علائقو ڊگھو ھيٺ مٿي ۽ ڏکيو آھي. رات جي وڳڙي ۾ اھڙي ڏکئي لڪ مان لنگھڻ خطرناڪ ھو. پر انگريزي فوج جو جوڙجڪ اھڙو شاندار ڪيو ويو ھو جو دشمن جي اوچتو وڃي مٿان ڪڙڪڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونہ ھو. رستي جي اھڙي اوڻائي ڪري فوج جو ڪوبہ وڏو ڪمانڊر فوج جي بھترين جوڙجڪ کي ائين وڃائي ڪونہ ڇڏيندو آھي ۽ فتح ڀاڳ جي سوکڙي ناھي ٿيندي. فوج رات جو ۽ ڏاڍي خاموشيءَ سان اڳتي وڌي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ماٺ رھڻ جا حڪم نھايت سختيءَ سان جاري ڪيا ويا ھئا، پر رسد گاھھ جي ڪن ماڻھن غلط ڪري باھھ ٻاري ھئي جيڪا بجار خان جي جاسوسن ڏسي ورتي ھئي. تنھن ڪري ھي سردار پنھنجي منزل واري جاءِ تان ڪن ٻوساٽي وٺي ڀڳو ھو. سر چارلس نيپئر ٻاويھھ ڪلاڪ سانده گھوڙيسواري ڪئي ھئي ۽ فوج 20 تاريخ شام جو اچي شور نالي جوءِ ۾ منزل ڪئي ھئي. پر جنرل اوچتو سفر ڪري دشمن جون وايون ولھرٿو ڪري ڇڏيون ھيون. جيڪو اناج ۽ ڏيڍ سؤ اٺن جي بار جيترو ٻيو سامان ڇڏي ڀڄي ھليو ويو ھو ۽ اھو ڪناري وٽ انگريزن جي فوج کي ھٿ لڳي ويو. بلوچن جون ڇڏيل اھو سامان انعام طور فوجي سپاھين ۾ ورھايو ويو ھو. اھو اناج روجھاڻ مزاري جا واڻيا وڏين آسن ۽ اميدن سان ھتي کڻي آيا ھئا. پر انھن اناج سان گڏ پنھنجون حياتيون بہ وڃائي ڇڏيون. ھنن واپارين ۽ ساڻن گڏ آيل ماڻھن ڏاڍو مقابلو ڪيو ھو. پر مارجي ويا ھئا ۽ ڪجهہ قيد ۾ ٿيا ھئا. پڇڻ تي قيدين ٻڌايو تہ اھي بلوچ عام ماڻھو ھئا پر جنگجو ڪونہ ھئا. ھنن وڌيڪ اھو بہ چيو تہ جيڪڏھن انگريز ھنن جي چوڌاري ڪڙو چاڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي تہ انھن کي سولائي سان ناس ڪري سگھندي.
21 تاريخ تي علي مراد بہ پھتو جنھن سان بھادر، طاقتور ۽ جھنگلي قسم جي فوج گڏ ھئي. ان ڏينھن ھڪ قبائلي سردار علي شير کوسو آيو ۽ اچي سلام ڪيائين. ھي نوجوان ھو ۽ ڌاڙيل زندگيءَ کان بيزار ھو. پر سندس زمين جي چوڌاري ٻين سردارن جون زمينون ھيون. تنھنڪري کيس اچڻ جي وٿي ڪانہ ملندي ھئي ۽ نڪري اچڻ جو کيس ان ڏينھن موقعو مليو ھو. اھو ڏسي سر چارلس کيس سرڪاري ملازمت ڏني. سندس چوڻ تہ ڌاڙيلن سان وڙھڻ سندس اڌ مقصد آھي پر انھن کي سڌارڻ ۽ شريف بڻائڻ ھن جو مڪمل مقصد آھي. پر دنيا جو عام نقطئھ نظر سندس خيال جي خلاف ھو. ھن اھو اندازو ڪري ورتو ھوتھ ائين ڪري سگھجي ٿو ۽ پنھنجي ان خيال کي آزمائي پڪو پھھ ڪيو ھئائين. کيس اھا اميد ان ڪري ھئي ڇاڪاڻ تھ، ھن کي انسان ذات جي مزاج سڃاڻڻ جو وسيع تجربو ھو. ھن امن ڏٺو ھو ۽ جنگيون ڏٺيون ھيون. ھنن گھڻن قومن جھڙوڪ، برطانيھ، آئرلينڊ، آمريڪا، اٽلي، فرانس، جرمني، يونانين، ترڪن ۾ ھندستانين سان جنگيون ڪيون ھيون جن ۾ ھندو ۽ بلوچ بہ شامل سمجھيا وڃن. سندس خيال آھي تہ ھر فوجي شخصيت جو مٿي بيان ڪيل ملڪن جي فوجين ۽ ھارين نارين سان واسطو پيو ھوندو تہ انھن اھو مشاھدو ضرور ڪيو ھوندو تہ ھر ماڻھوءَ جي فطرت ھڪ جھڙي ٿيندي آھي. ھر ملڪ جو ھاري ناري پنھنجي آزاد مرضيءَ جو مالڪ آھي. کيس جيڪو وڻندو آھي ڪندو آھي ۽ ان فوج کان ڪو لڪ لڪاءُ ڪونہ ڪندو آھي. جيڪا ساڻس دشمني ڪانہ ڪندي آھي. سڀني ملڪن ۾ فوجي قانون ھڪ جھڙو ھوندو آھي. پر عام قسم جي ڪن ڳالھين ۾ فرق ضرور ھوندو آھي. انھن ڪن خاص ڳالھين جو تعلق مذھب ۽ رسمن ۽ رواجن جو ھوندو آھي. اھڙيون ڳالھيون مشاھدي ڪندڙ عملدار کي ضرور محسوس ٿينديون آھن. فوجي زندگي ڪنھن جي خوبين ۽ خاصيتن جو مشاھدو ڪري ٿو جنھن جو سندس دل تي اثر بہ ٿيندوآھي. ھر فوجي پوءِ سپاھي ھجي يا عملدار پنھنجي ماتحت ۽ پاڻ کان وڏي عملدار جي ھلت چلت ۽ خاصيتن خوبين ۽ اخلاق جو مشاھدو ڪندو آھي. مشرق جو ھر وڏو فوجي عملدار حڪمران جو درباري ھوندي آھي ۽ ماڻھو خوبين خاصيتن کي جاچڻ پرکڻ ۾ ڏاڍو حساس ٿيندو آھي پر مشرق جو ھر درٻاري پنھنجي اصلي خوبي ۽ اخلاق کي ٻين قومن جي ڀيٽ لڪائڻ جو ماھر آھي. اھڙي ريت خوبي ٻي خوبيءَ کي جنم ڏيندي آھي.
سر چارلس جو چوڻ آھي تہ ماڻھو عام طور تي ائين سمجھندا آھن تہ کين ھندستان ۾ حڪومت ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ مھارت حاصل آھي ۽ ھندستاني ماڻھن جي مزاج اندر ھڪ نمايان خوبي موجود ڏسبي آھي. جيڪا وڌيڪ پراسرار آھي. پر ھر انسان جو منفرد مزاج ٻين جھڙو ھوندو آھي ۽ اھڙو ساڳيو مزاج ۽ خاصيت ان ماڻھوءَ جي ھوندي آھي. جنھن جو جسم فوجي ورديءَ سان ڍڪيل ھوندو آھي. ليڪن انھن ۾ بہ ترميم ڪئي وئي آھي. جنھن جو اظھار ھتي ڪرڻ ضروري آھي. پر روايتي ڪارڻن ڪري انھن کي سولائيءَ سان ڳولي بہ سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ تہ انھن جي عام خوبي ھڪ جھڙي ٿيندي آھي. مثال طور فوجي سپاھي سنجيده ۽ اھڙو صاف ۽ سٺو ھوندو آھي ڄڻ وضو ساريون پيو گھمي. پر يورپي سپاھي ائين ڪونہ ھوندو. اھڙي ڳالھہ مذھب ۾ بہ ٿيندي آھي. اھڙي ريت پوئين ڳالھہ پيءُ جي پھرين ڳالھہ پٽ جي حيثيت رکندي آھي. ليڪن نئون فوجي سپاھي جنگ لاءِ جنوني ٿيندو آھي، يورپي سپاھي جو مزاج بلڪل ساڳيو ٿيندو آھي. ساڳي ھند سپاھيءَ جي خواھش ھوندي آھي ھو فوجي وردي ۾ خوبصورت، ڦڙت ۽ چالاڪ لڳي ۽ ان جو مزاج ۽ شان بہ فوجي ھجي کيس فوجي ھجڻ ڪري فخر جو احساس ٿيندو آھي. جيڪڏھن سندس مزاج ۾ نظم ۽ ضبط واري خوبي نہ ھوندي آھي تہ خوف ۾ پيو ڏڪندو آھي. يورپي فوجيءَ جو ساڳيو مزاج ھوندو آھي. فوجي ڊرلDril ۾ ٻئي ھڪ جھڙا خطرناڪ ڏسبا آھن. ھندستاني ماڻھو صدين کان وٺي غلام رھيو آھي. تنھن ڪري ڪوڙ گھڻو ڳالھائيندو آھي. يورپ جو غلام ماڻھو بہ ساڳيءَ مزاج جو ٿيندو آھي. يورپ وانگي ھندستان جو ماڻھو جين مھذب ۽ آزاد ٿيندو. ٻيو وڃي تين منجھس سچ ڳالھائڻ جون عادتون داخل ٿينديون پيون وڃن. اھڙيون ڳالھيون موجوده دور ۾ نظر ايندڙ خوبين ۽ خاصيتن مان ورتيون ويون آھن. جھونو فوجي رنگروٽ فوجي کان وڌيڪ سچار ٿيندو آھي. انگريز سرڪار جو ھيٺئين عھدي جو عملدار علي مراد سرڪار جي وڏي رتبي جي عملدار کان وڌيڪ سچار ھوندو آھي. اھڙي ريت، خوف، فخر، ھمت، دليري، احترام جي تقاضا، نريش ۽ عزت نفس جھڙيون خاصيتون ٻنھي نسلن اندر ھڪ جھڙيون ٿينديون آھن. سر چارلس نيپئر کي معلوم ٿيو ھو تہ مشرق ۽ مغرب جي نسلن اندر موجود حرس، لالچ، وسعت، دلي، سخا ۽ قابل اڳواڻ ھجڻ جو احساس بلڪل ھڪ جھڙو آھي. تنھن ڪري ھن بلوچ نسل کي ماري مڃائڻ بدران انھن کي شريف بڻائڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو. جيڪي ھاڻي سندس خلاف ھٿيار کنيون مقابلي لاءِ تيار بيٺا آھن. کيس اھو احساس ھو تہ ڌاڙيلن ۽ قاتلن جون زندگيون سدائين خطري ۾ ھونديون آھن. اھڙيون ڳالھيون ماڻھو خوشيءَ سان ڪونہ چونڊيندو آھي.
شور ۽ گجرو ڏانھن پيش قدمي کي منفرد حيثيت حاصل ھئي. ڇاڪاڻ تہ فوج يا ھڪ وڏي جنگ لاءِ اڳتي وڌي رھي ھئي يا انھيءَ پيش قدميءَ جو نتيجو بلوچ سردارن جو پيش پوڻ ھو. ھن جن کي مھم ۾ شريڪ ٿيڻ سمپسن کي بہ گھرايو ويو جيڪو پنھنجي فوج سميت 20 تاريخ شام جو اچي فوجي ڪئمپ ۾ پھتو ھو ۽ گئريسن فوج کي ديراھھ جي قلعي ۾ ڇڏيون آيو ھو. اھڙي ريت ساري فوج اچي ھن جڳھھ وٽ ڪٺي ٿي ھئي. پھريائين بلوچ سردارن جي پيڇي ڪرڻ واري سوال تي سوچيو ويچاريو ويو ھو. پر فوج وڏو سفر ڪري ھت پھتي ھئي. تنھن ڪري دشمن جو پيڇو ڪرڻ مناسب ڪونہ سمجھيو ويو ھو. فوج جو مکيھ عالم ٻاويھھ ڪلاڪ ساندھھ سفر ڪيو جنھن سان گڏ ھٿيارن جو بار ھو. جنرل سمپسن جي عالم اڻويھن ڪلاڪن جو سفر ڪيو ھو جن مان ست ڪلاڪ تہ ھڪ گھاٽ وٽ کين لھڻ ۾ لڳي ويا ھئا. تنھن ڪري اھميت آرام ڪرڻ کي ڏني ڏئي ھئي. ٻئي ڏينھن تي فوج ھڪ وڏو حصو گجرو لڪ جي معائني لاءِ ھليو ويو جيڪو سامھون ھو. اتي پھچڻ کان پوءِ کين دشمن ڏسڻ ۾ آيو جيڪو گھڻو پري ڪونہ ھو. ٿوري مقابلي دوراندشمن جا ڪجهہ ماڻھو ماري ويا. ٻڌو ھئوسون تہ ھي جابلو علائقو ڏاڍو اڻانگو آھي. ڏسڻ کان پوءِ ويساھھ ٿي ويو ھو تہ اھو سچ پچ ڏاڍو اوکو ھو. گجرو لڪ جي ٻنھي پاسن کان اوچيون ۽ اڀڪپريون ٽڪريون ھيون جن کي اسان ٽپي اڳتي وڌياسيون. پر ان جو پريون پاسو بہ ويران ۽ ڀڙڀانگ ھو جنھن وچان گذرڻ بہ ڏکيو ھو. ان لڪ مان ميل کن اڳتي وياسون پر اھو بہ ڏاڍو اوکو ھو. ان علائقي مان فقط گھوڙيسوارن جي گذرڻ جو امڪان ھو. رھبرن ٻڌايو اھڙو سفر چوويھھ ميل ڊگھو آھي ۽ اھو ھڪ جھڙو ئي ڏکيو آھي. جيڪو پنجاھھ فوٽ ويڪرو ۽ وڏن ڏنگن ڦڏن پٿرن سان ڇانيو پيو ھو. پاسن کان اڀڪپريون ٽڪريون جن جي اوچائي ٻہ ٽي سو فوٽ ھئي. لڪ مان لنگھڻ کان رستي ۾ پاڻي جي ڦڙي ملڻ جو ڪو اوسيئڙو ڪونہ ھو مکيھ لشڪر جي پاسن واري فوج بہ لڪ وسيلي ھيٺ لٿي. پر ان سان بہ ڏک ۽ ڏچا ساڳيا ھئا. ٽڪرين جي چوٽين تان ھنن اتحادي بلوچ سردارن جا دونھان دکندي ڏٺا ھئا جيڪي ٻارھن ميل پري ھئا ھي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ويٺا ھئا، تہ جينءَ انگريزن جي فوج اھو ڏکيو لڪ لتاڙي اڳتي وڌندي تيئن ھو ٻاھر ويندڙ سڀ گتا بند ڪري ڇڏيندي. ھنن کي ٻين متبادل رستن جي ڄاڻ ھئي جن کي ھنن بند ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ کان پوءِ ھنن لاءِ انگريزن جي لشڪر جي ھڪ ھڪ سپاھي کي قتل ڪرڻ نھايت آسان ٿي پوندو.
ھنن نئين ۽ خراب صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ فوجي جوڙجڪ ۾ تبديلي ڪرڻي پئجي وئي ھئي ۽ ھنن حالتن ۾ نھايت خبردار رھڻو ھو. ڳولھا ڦولھا ڪندي مس دشمن ڏسڻ ۾ آيو ھو. پر اھڙي ڏکي جاءِ منزل ڪيون ويٺو ھو، جنھن تي حملو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونہ ھو. جنھن کي تبديل ڪجي تہ صحيح ٿيندو. ھن جي پٺئين پاسي سکن جو علائقو ھو. جيڪڏھن سک حڪمران کي اڻ ڌريو رھڻو ھو تہ ھن دشمن کي اوڏانھن وڃڻ لاءِ ڪو رستو ئي ڪونہ ھو. ان کان سواءِ انھيءَ جڳھھ تي ڊگھي عرصي لاءِ بہ رھي ڪونہ سگھيو. ڇاڪاڻ تہ اتي کاڌي پيتي ملڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونہ ھو. ليڪن اھو مسئلو بہ حل ڪرڻو ھو تہ کيس ھن کان پوءِ ڪيڏانھن نڪري وڃڻو آھي ۽ ڏاڍي گھرائيءَ سان سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ تہ دشمن جي اڳتي وڌڻ جي اڳئين مرحلي سان جنگ جي فتح جو تعلقات ھو. امڪان ھن ڳالھہ جو نظر اچي رھيو ھو تہ بيجار اوچتو ئي ديراھھ ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو جنھن کان اڳتي ھلي تروڪيءَ ڏانھن ھليو ويندو. انگريزن جي فوج ۾ تروڪي جو نالو ڏاڍو مشھور ھو. پر ڪنھن جاسوس يا رھبر کي اھا ڄاڻ ڪانہ ھئي تہ اھا تروڪي ڪٿي آھي.
ھن قسم جي شڪ ڪري سر چارلس نيپئر کي فوجي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻي پئجي وئي ھئي، جنھن سان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھو جنگ جي فن ۾ ماھر ھو. اھڙي ريت بنديل کنڊ جي ليجين کي چيو ويو ھو تہ شور جي ماڳ وٽ رھي جنھن جو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر بيٽسن ھو. جيڪو ھڪ لھاد فوجي سپاھي ھو. علي مراد کي چيو ويو ھو تہ ھو موٽي وڃي لوٽي لڪ وٽ پنھنجي منزل وڃي ڪري. ھنٽر کي چيو ويو ھو تہ وڃي جمڪ لڪ وٽ ويھي. جنرل چارلس ۽ جنرل سمپسن پنھنجي فوج وٺي وڃي ديراھھ پھتا ھئا. ھن قسم جي فوجي جوڙجڪ ڪري فوجي سامان جو ڊپو ويجھو ٿي ويو ۽ پوئتي ھٽي ان تائين پھچڻ جي ضرورت ڪانہ ھئي. جيڪڏھن فوج مزاري روجھاڻ جي واڻين جي ڪڻڪ ھٿ نہ اچي ھا تہ اھو فوجي جوڙجڪ ممڪن ڪونہ ھو. ھن فوجي مھم ۾ کاڌي پيتي جي ڏاڍي کوٽ ھئي. پر ھاڻي فوج کاڌو خوراڪ دشمن کان ڦريندي ۽ کوھھ کوٽي پاڻي جو بندوبت ڪندي. اھڙي منصوبو فوج جي ڪمانڊر جي ذھانت جي ثابتي ھئي تہ ھو پننجي فوجي سرگرمين کي حالتون ڏسي تبديل ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھي علائقو ۽ اتفاقي حالتون ئي اھڙيون ھيون.
ھن وقت دشمن لاءِ ٻہ رستا ھئا. ھڪ اھو ھو تہ ھو انگريزي فوج جي کاٻي پاسي کان ڦري اھو لڪ اڪري جنھن جو رستو لوٽي لڪ ڏانھن ويندو آھي. اتان ديراھھ ڏانھن وڃي جمڪ لڪ مان نڪري موٽي وڃي، تونگ تي قبضو ڪري. ھن لاءِ ٻيو رستو ھي ھو تہ جمڪ لڪ کان پاسو ڪري، ديراھھ لڪ مان لنگھي مارواڙ وٽان گذري، تومب واري کاھي يا گھارو وٺي وڃي جئڪب جي فوجي چوڪين وٽان لنگھي، ڪجڪ ۽ بولان واري علائقي ڏانھن ھليو وڃي. اھي ٻئي رستا ڏاڍا ڏکيا ھئا. پر ھنن کي ٻيو چارو بہ ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن لاءِ وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو. کين ھنن ٻنھي ڏکين رستن کان سواءِ ڪا ٻي ڀيڻي ڪانہ ھئي.
جيڪڏھن دشمن ھنن ٻنھي مان ڪوبہ رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي تہ پوءِ ھن کي چئن جنگي محاذن کي منھن ڏيڻو ھو. ھڪ تہ کين انھيءَ سوڙھي ميدان ۾ انگريزي فوج کي منھن ڏيڻو ھو، جيڪو سندن منزل کان پٺئين پاسي واقع ھو، جنھن لاءِ ھن فوج کي ديراھھ کان ڦري، سکن جي علائقي وٽان ھنن تي حملي ڪرڻ لاءِ، جابلو علائقي تان ھيٺ لھي اچڻو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو، تہ ھنن جي کاڌي پيتي کٽي وڃڻ کان پوءِ پيش پوڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ وٽن ڪا اضافي کاڌ خوراڪ موجود ڪانہ ھئي. نہ ھجڻ جي صورت ۾ تروڪي سندن بچاءَ جي جاءِ ھئي. ھنن کي انگريزن کي مھاڏو ڏيڻ ڏکيو پلئھ پوي ھا، پر جيڪڏھن گجرو جي اوسي ڪي ڳجھا لڪ ھوندا تہ انھن وسيلي نڪري ڪيڏانھن بہ وڃي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ تہ انگريزي فوج جي رھبرن ۽ جاسون کي اھڙن ڳجھن لڪن جي ڪابھ خبر ڪانہ ھئي. ان ڪري اھو بہ امڪان ٿي سگھي ٿو تہ انھن ڳجھن لڪن مان لنگھي ميجر بيٽسن تي حملو ڪري سگھن ٿا، جيڪو پنھنجي فوج سان شور وٽ ويٺو ھو. ھن وقت انگريزن لاءِ جنگ ھڪ مسئلو بڻجي چڪي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي مسئلا ڏاڍو پيچيده ٿي ويا ھئا. جھڙوڪ:
1) انگريزي فوج جي رابطي جو اھم ماڳ شاھپور ھو جيڪو ھتان کان ھڪ سو ميل پري ھو جنھن جي وچ تي ڏاڍا ڏکيا لڪ موجود ھئا.
2) ھن کان سواءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو مسئلو ھو، ڇاڪاڻ تہ کوھن ۽ تلاون ۾ زھر اڇلائڻ جي جابلو ماڻھن جي عادت ھئي.
3) فوجي قافلن جي چرپر لاءِ فوجي پھريدارن جي موجودگي ضروري ھئي، ڇاڪاڻ تہ ننڍين کاھين ۽ گھارن ۾ ماھر گھوڙيسوار ڌاڙيل موجود ھوندا ھئا، ۽ انھن جي اوچتن حملن جو وڏو امڪان ھوندو ھو. جيڪي فوج جي دمبالي تي حملو ڪري مال غنيمت ھٿ ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھوندا ھئا.
4) کاڌي پيتي جي تہ اڳئي کوٽ ھئي، سرڪاري اٺ بہ ھلي ھلي ٿڪجي پيا ھئا. ان ڪري فوجين کي اڌ ورءُ ملندو ھو. شور ۾ بہ باقي ٻن ڏينھن جي کاڌ خوراڪ وڃي بچي ھئي. جنگ جي ميدان تي موجود جنگي سامان جي ڀانڊي ۾ بہ ٻن ڏينھن جو بارود رکيل ھو. ھنٽر کي جمڪ ڏانھن بہ انھيءَ مقصد سان موڪليو ويو ھو، تہ جيئن اھو شاھپور واري رابطي مختصر ڪري سگھجي ۽ فوجي قافلن کي سيبري ۽ روز ڪشتا ڏانھن وڃڻ بدران، جمڪ وارو لڪ پار ڪن.
ٿڪل اٺن لاءِ گاھھ چاري جو بندوبت ديراھھ واري علائقي مان ڪرڻو ھو. ان لاءِ اڳرائي ڪرڻ واريون فوجي سرگرميون شروع ڪرڻيون ھيون. پر ان لاءِ جوابي حملن جون سٽون بہ ضرور سوچڻيون ھيون. تنھن ڪري فوجي جوڙجڪ ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي ھئي.
جيڪڏھن دشمن کي پنھنجي جاسوسن يا سفارتڪارن وسيلي ھي معلومات ملي وئي، تہ انگريز فوج ڪھڙن ڏچن جي ور چڙھي وئي آھي، تہ پنھنجي فوج جو ھڪ عالم ديراھھ ڏانھن موڪلي بيٽسن واري فوج کي ناس ڪرڻ کان پوءِ ان علي مراد تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويندو، جيڪو لوٽي واري لڪ وٽ منزل ڪيون ويٺو آھي. ان وقت ھنٽر جو ڪالم پيش قدميءَ ۾ مصروف ھوندو. تنھن ڪري امڪان آھي تہ اھو سندن واھر ڪري سگھي ٿو.
جيڪڏھن لوٽيءَ وٽ فوج جي اجتماع ڪري، تہ پوءِ دشمن شور کان ديراھھ ويندو جتي فوج جو ھيڊڪوارٽر قائم آھي. اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي، بيٽسن ۽ علي مراد کي چيو ويو آھي تہ ٻئي پنھنجن فوجن کي لشڪر جي دمبالي وٽ گڏ ڪري منزل ڪن، ۽ ٻنھي طرفن کان باھيون ٻاريون وڃن. اھڙيءَ ريت ھنٽر کي بہ چيو ويو آھي تہ پنھنجي پيش قدمي جو رستو تبديل ڪري ۽ دشتِ گھرام وارو رستو ڏئي ائين ڪرڻ سان دشمن جي چوڌاري، ھن قسم جي جوڙجڪ ڪرڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر گجرو کان روانو ٿيو ۽ 22 تاريخ تي ديراھھ پھتو. کيس بيٽسن تي حملي جو خطرو ھو. کيس اھو بہ اوسيئڙو ھو تہ ھنٽر تاريخ 25 تي جمڪ وٽ پھچڻ گھرجي. انھيءَ ڪري نہ تہ ھو شاھپور واري رابطي جي ھڪ مختصر رستي کي قائم ڪري وٺي پر فوجي قافلن کي انھيءَ رستي سان اڳتي وڌڻ جو مشورو ڏئي. ان کان سواءِ ھو تومب ۾ رھيل گھوڙيسوارن جي پڻ مدد ڪري. اھو ڪم نھايت اھم ھو. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن دشمن مرو واري ميداني علائقي کان ڦري ديراھھ تي حملو ڪندو تہ ان کي چڱيءَ ريت مھاڏو ڏئي سگھبو. پر جيڪڏھن دشمن سنگسيلا وارو گھارو ڏئي تومب تي حملو ڪندو تہ بہ وسلين ڪونہ ويھندو.
جيڪڏھن دشمن مرو جي ميداني علائقي وسيلي ديراھھ تي حملو ڪيو تہ جنرل چارلس جو فوجي عالم پھريائين، تسو کان ٿيندو ديراھھ پھچندو ۽ انھن ماڻھن کان وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو، جن سان چوپائي مال جا ڌڻ، زالون ۽ ٻار ٻچا گڏ آھن. ھيءُ لڪ ھيٺ مٿي ۽ ھڪ جابلو علائقي مان گذري رھيو ھو ۽ ان جو رستو جيڪو مروءَ واري پٽ جو پاسو ديراھھ ڏانھن ويندو ھو، سو بہ بند ٿي سگھيو پئي. جيڪڏھن ھي جابلو ماڻھو پھريائين ديراھھ واري پٽ ۾ پھچندا، تہ انگريزن جي گڏيل فوج جو شڪار بڻجي ويندا ۽ لڪن منجھان اڪر پار ٿيڻ سان ھنن مٿان حملو ٿي ويندو. ٻيءَ حالت ۾ ٽرمپ واري جوءِ ۾ ھنٽر جي فوج جي مدد جي ضرورت پوندي. ھن عملدار روز ڪوشتا ۾ ھڪ ڏينھن جي منزل ڪئي ھئي. اھڙي ريت فوجي جوڙجڪ جو مقصد تہ ڊانوانڊول ٿي ويو ھو، پر ان نتيجو خراب ڪونہ نڪتو ھو. ڇاڪاڻ تہ دشمن ڪنھن بہ قسم جي فوجي سرگرمي ڪانہ ڏيکاري ھئي جنھن جي خلاف جوابي ڪارروائي ڪري سگھجي ھا.
ديراھھ ۾ فوجي ھيڊ ڪوارٽر 23 تاريخ تائين پھچي چڪو ھو، جيڪو اھڙي مشڪل علائقي مان گذريو ھو جتي رسدگاھھ جا ماڻھو فوج جي لاءِ آزار بڻجي ويا ھئا. جن سان گڏ تمام گھڻو سامان ھو. ديراھھ جو ماڳ سکي ستابي ۽ سائي ڍائيءَ جوءِ ۾ واقع ھو، انھيءَ رت ۾ ڪا پولي راھي تہ ڪانہ ھئي. پر انھيءَ وچان پاڻيءَ جو ھڪ وڏو وھڪرو وھي رھيو ھو. ھيڊ ڪوارٽر ڪجهہ وقت لاءِ اتي منزل ڪئي ھئي، جنھن دوران مرين طرفان موڪليل وڪيل واچي پھتا ھئا. جيڪي سر چارلس جو سلام ڪرڻ آيا ھئا. ھن قبيلي سان اڳي تہ سٺا رابطا ھئا پر سندن ھاڻوڪو رويو ڪنھن شڪ کان خالي ڪونہ ھو.
ھنٽر پنھنجي فوج جي ڪالم سان تاريخ 25 تي وڃي جمڪ پھتو ھو. اھڙي ريت فوج جي نئين ترتيب مطابق جوڙجڪ ڪيو ويو ھو.
جيڪڏھن دشمن فوج بيٽسن کي مجبور ڪندي تہ اھو مليل ھدايتن مطابق اڳتي سرڪي لوٽيءَ وٽ وڃي، علي مراد جي فوج سان گڏجي منزل ڪندو. ھن ماڳ تي ويٺل اھا گڏيل فوج دشمن جي چرپر تي چڱي نظر رکي سگھندي. ان کان پوءِ جلد ئي ديراھھ واري مکيھ فوج بہ ھتي اچي پھچندي، جنھن کي فقط پندرھن ميلن واري منزل ڪرڻي ھئي ۽ گڏيل فوج جو ھڪ پاسو بڻجي ويندي. ھنٽر بہ جمڪ کان اڳتي وڌي لوٽيءَ واري گڏيل فوج جي مدد ڪري سگھندو. جيڪڏھن بيجار بيٽسن کي ڊوڙائي ڪڍڻ کان پوءِ، لوٽيءَ تي حملي ڪرڻ بدران ديراھھ تي ڪاھي وڃي ٿو تہ ان جنگي محاذ تي جنرل چارلس جو ڪالم کيس مھاڏي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو ھو. انھيءَ حالت ۾ بيٽسن ۽ علي مراد جون فوجون بيجار خان جي پٺيان انھن سڀني لڪن تي قبضو ڪري وٺنديون، جن وچان لنگھي ھو ديراھھ پھتو ھوندو. جيڪڏھن ھو مرو وارو پٽ لتاڙي اتر طرف وڌندو تہ کيس ڪنھن بہ قسم جو فائدو ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ ان کي سنگسيلا واري گھاري وٺي وڃڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونہ ملندو، جيڪو وٺي وڃي تومب پھچندو جتي انگريزي فوج جا گھوڙيسوا دستا بيٺا ھوندا، جيڪي بندوقن جي گولين سان سندس آجيان ڪندا. تومب وٽ بيٺل گھوڙيسوارن کي جمڪ وٽان ڏاڍي سولائي سان فوجي مدد ملي سگھندي. جيڪو ھن ماڳ کان رڳو تيرھن ميل پري آھي. ديراھھ جي فوجي واھن ۾ ويھھ ڪانہ پوندي ڇاڪاڻ تہ اھو بہ گھڻو پري ڪونہ آھي. پر ھڪ ڏکيائي موجود ھئي. سر چارلس ھن کان ٻہ ڀيرا اڳ بيجار کي پنھنجي فوج اڳيان گذرڻ ڏنو ھو ۽ مٿس حملو ڪونہ ڪيو ھئائين. ڇاڪاڻ تہ ھن سان ان وقت گڏ ٻن ٽن قبيلن جا ٻار ٻچا زالون ھيون. جيڪڏھن مٿس حملو ڪيو وڃي ھا تہ بيجار خان جوابي حملي ڪرڻ کان اڳ سڀني زالن ۽ ٻارن ٻچن کي قتل ڪري ڇڏي ھئا، ھن جي سڀني فوجي سرگرمين مٿس اھڙو احساس غالب آھي. کيس ديراھھ واري جوءِ ۾ داخل ٿيڻ ھڪ دکدائڪ تجربو ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تہ سندس فوج جڏھن اتي پھتي تہ رھندڙ بلوچ قبيلن اوپري لشڪر تي نظر پوڻ سان وٺي جو وھايا ھئا ۽ پنھنجون زالون ۽ ٻار ٻچا ويرانيءَ ۾ نڌڻڪا ڇڏي ھليا ويا ھئا. جڏھن سر چارلس نيپئر پھتو تہ انھن جو بک ۽ اڃ کان باقي لڪيءَ ۾ ساھھ ھو. ھنن جي سار سنڀال بہ انگريزن جي فوج ڪئي ھئي. گھڻي وقت کان پوءِ بہ سندن ڪو ڌڻي سائين پيدا ڪونہ ٿيو. تنھن ڪري قتل ڪري منجھائن جان ڇڏايائون. ھن واقعي مان ئي سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ اھي قبيلا احساسن ۾ اوڻا پوڻا ۽ ظالم ھئا. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھيءُ انگريز ڪمانڊر ھنن سان جنگ ڪرڻ کان لنوائيندو رھندو ھو. سندن خواھش ھوندي ھئي تہ کين چوطرف گھيرو ڪجي جنھن ڪري ھنن کي کاڌو پيتو ملي ڪونہ سگھندو ۽ پيش پوڻ کان سواءِ ھنن لاءِ ڪو ٻيو گس ڪونہ ھوندو. تنھن ڪري سندن زالون ۽ ٻار ٻچا قتل ٿيڻ کان بچي ويندا. ان ھوندي بہ ھن پنھنجي فتح تان ھٿ ڪونہ کنيو ھو ۽ سوچي رھيو ھو تہ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪھڙو مناسب قدم کڻڻو آھي.
ھاڻي تازو اھي بلوچ قبيلا گجرو وارن لڪن مان گھيلي مرو پٽ جي اتر ۾ واقع پاتر پاٽ واريءَ جوءِ ۾ پھتا ھئا جيڪو کيتران جي سرحد کان ويجھو ھو. پر ھنن جي مقابلي لاءِ تروڪي مان فوج ڪڍڻ مناسب ڪونہ ٿي لڳو. جڏھن تہ ھي ماڳ بلوچ قبيلن جي منزل کان پري ڪونہ ھو جنھن بابت ھن کان سواءِ ڪا ٻي معلومات ڪانہ ملي ھئي تہ اھو ماڳ پري ڪونہ آھي ۽ جابلو جوءِ آھي جتان کان ھڪ سوڙھي کاھي اتر طرف ويندي آھي ۽ ديراھھ کان ٿيندي مروءَ جي ميداني علائقي جو رخ ڪندي آھي. بلوچ قبيلا ھن ماڳ وٽ منزل ڪري ويھي رھيا آھن. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تہ کيتران وارن کين اچڻ کا روڪي ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ ھنن کي سک حڪمران جي حدن اندر داخل ٿيڻ جي بہ موڪل ڪانہ ملي آھي. تنھن ڪري لاچار کين انگريزن جي جنگي سرگرمين کي ضرور منھن ڏيڻو پوندو. موجوده حالتن تي سوچي ويچاري فوجي جوڙجڪ ۾ تبديليون ڪيون ويون ھيون. سر چارلس نيپئر پڪو پھھ ڪيو ھو تہ بيٽسن کي مرڪز کان ساڄي پاسي رکيو وڃي. ان کان پوءِ کيس چيو ويندو تہ ھو پنھنجي کاٻي تي مرڪزي لشڪر کي ڦري اچي. ڪجهہ وقت اڳ ھن پنھنجي ساڄي پاسي چڪر ڏئي مرڪزي حصي کي ڦيرو ڏنو ھو. جيڪڏھن حالتن جي تقاضا آھي تہ ھو ڌاڙريلن جي پاسي کان ڪڙو چاڙھي وٺي. ھو ائين ڪرڻ جي لاءِ فوجي ڪنواءِ جي اوسيئڙي ۾ واٽن ۾ اکيون وجھي ويھي رھيو ھو، جيڪو ڀاڙي وارن اٺن جي نہ ھجڻ ڪري ڏاڍو آھستي سفر ڪري رھيو ھو. ڪجهہ وقت اڳ جت پنھنجا اٺ ڪاھي ھليا ويا ھئا تنھن ڪري بارگير وھٽن اڃا پورائو ٿي ڪونہ سگھيو ھو. ان کان سواءِ فوج ڪافي عرصي کان وٺي اڌ راشن تي گذارو ڪري رھي ھئي.
28 تاريخ تي نئين فوجي پيش قدمي جي تياري ٿي رھي ھئي. پر سر چارلس کي ڳجھو اطلاع مليو، تہ بلوچن لاءِ تروڪي وارو دڳ بند آھي جيڪو اتر – اولھہ طرف ويندو آھي پر جبلن وچان ڪونہ گذرندو آھي، جنھن بابت اڳ ۾ بہ اشارو ڏنو ويو آھي. ان ڪري کيس پڪو آسرو ھو تہ ڪڏھن نہ ڪڏھن اڳتي وڌي ھنن تي حملو ڪندو جيڪي بچاءَ جي لحاظ کان مضبوط ماڳ تي موجود آھن. تنھن ڪري ھن منع ڪري ڇڏي ھئي تہ جاچ پڙتال جي مقصد سان ڪير بہ اوڏانھن نہ وڃي. انھيءَ مقصد سان تہ متان بلوچ شڪ ڪن ۽ انھيءَ ماڳ ڏانھن نہ وڃن. تنھن ڪري کيس پڪ ھئي، تہ جيڪڏھن بلوچ قبيلا انھيءَ ماڳ وٽ پھتا تہ سندن چوڌاري ڪڙو چاڙھي ھنن جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏبو تہ لاچار ٿي پوندا. ان کان پوءِ فوج جو ڪٽڪ مٿن چاڙھي وڃبو تہ ھو پاڻي اچي مٿو ٽيڪيندا. ھو اھڙي سوچ ويچار ۾ ٽٻ ھو جو ڪئمپ ۾ ڪجهہ گھوڙيسوار ڊوڙائيندا اچي پھتا ۽ اچي اطلاع ڏنائون تہ جيئن ئي فوجي ڪنواءِConvoy ختلف جاين تي سامان ڏئي پوئتي اچي رھيو ھو تہ بلوچن مٿن حملو ڪري ڏنو آھي. ويڙھھ جاري آھي. اھو جھيڙي وارو ماڳ ٽي چار ميل مس پري ٿيندو. اھا ڳالھہ ٻڌي سر چارلس لانگ ورائي وٺي گھوڙي کي ٻٽيو، ۽ سندس واڳون ان ماڳ ڏانھن واريون جتي جھونجھارڪو جھيڙو متل ھو. ھن پھريدار طو مخل گھوڙيسوار کنيا ھئا. ويندي وقت حڪم جاري ڪيو ھئائين تہ ”اريگيولر ھارس“ ھن جي ڪڍ لڳا اچن. بلوچن ھن جي فوجي ڪئمپ ڀرسان حملي ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھئي. ان جو مطلب ھو تہ دشمن کي پناھھ واري جڳھھ ويجھو ھئي. ھو ھڪدم سمجھي ويو ھو تہ سندن اھو بچاءُ تروڪي آھي.
اھڙا خيال ڪندو ھو جھيڙي واري پڙ تي پھتو. سندس تصور ھو تہ دشمن جھيڙو جاري رکي تہ سٺو. پر سندس ماتحت فوج جڏھن ڏٺو، تہ دشمن جو ٽولو پنجاھھ گھوڙيسوارن تي مشتمل آھي تہ ھنن بہ وٺي مٿن جلھھ لاءِ گھوڙن کي ڊيھڙ ڏنو. مخالف ڌر جڏھن ڏٺو تہ پڄڻ جي ڀيڻي ڪانھي تہ وٺي پويان پير ڪيا. سندس گھوڙيسوارن جو اھو قدم غير فوجي ۽ چڙ ڏياريندڙ ھو. ھن جلدي ۾ ھڪ ٻي ترڪيب سوچي ورتي. ھن ڏٺو تہ اھي دشمن گھوڙيسوار پنھنجا جدا ڊوڙائي جابلو جوءِ ۾ گم ٿي ويا. ھڪ رھبر سندس ڀر ۾ بيٺو ھو جنھن رڙ ڪري چيو تہ اھي تروڪي ويا. ھن اڳئي ڏينھن شام جو چيو ھو، تہ تروڪي ٻن منزلن جي پنڌ جيتري پري آھي. سندس ھن ڳالھہ سان گڏ اھو بہ ڏٺو ويو ھو تہ بلوچ گھوڙيسوارن ان طرف رخ اختيار ڪيو ھو جنھن طرف تروڪي ھئي. ھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھاڻي اھو قلعو بہ لڀي پوندو، جيڪو گھڻي وقت جي ڳولا کان پوءِ بہ ملي ڪونہ سگھيو ھو ۽ سر چارلس کي اھو بہ يقين ٿي ويو ھو تہ دشمن سان ھاڻي ھڪ ھڪاڻي ضرور ٿيندي. ان کان پوءِ اريگيولر گھوڙيسوارن کي چيو تہ ان شگاف کي اک ۾ رکي ھتي منزل ڪن جنھن وسيلي دشمن گھوڙيسوار جابلو علائقي ۾ ھليا ويا آھن. ان کان پوءِ سر چارلس خوش خوش فوجي ڪئمپ ۾ اچي پھتو. انھيءَ وقت اونداھي ڇائنجي وئي ھئي ۽ فوج کي چتاءُ ڏنو ويو تہ جڏھن خطري جو خاص آواز ٻڌن، تہ تيز رفتاري سان اڳتي وڌي وڃي گھوڙيسوار دستن جي مدد ڪن. سج اڀرڻ کان پوءِ پيادل ۽ توبخانو اڳتي وڌيو ۽ اھو لڪ ڳولي لڌو جيڪو تروڪي ڏانھن وڃي ٿو، پر ڏٺائون تہ اھو بند لڳو پيو ھو.
جنرل چارلس ان وقت تنبوءَ ۾ ويٺو ھو، جو وٽس ھڪ جاسوس لنگھي آيو، جنھن اچي کيس ٻڌايو تہ سڀئي اتحادي سردار پارتر مان ٽپي تروڪي روانا ٿي چڪا آھن جن سان چار ھزار ماڻھو گڏ آھن جيڪي اٽڪل ٻہ ڏينھن ٿيندا، جو اتر پاسي وارا لڪ لنگھي تروڪي ڏانھن وڌي رھيا آھن. ھنن بلوچن پارتر مان منزل بہ تروڪي ڏانھن وڃڻ خاطر پٽي آھي. جڏھن تہ تروڪي ڏانھن وڃڻ لاءِ لڪ بہ اھي ساڳيا آھن جن تي گھوڙيسوار فوج بيٺي آھي. سندس اھڙو اطلاع ان موقعي سان ھڪ جھڙائي رکي ٿو جيڪو ھاڻي تازو رونما ٿي چڪو آھي. اھڙي ڳالھہ مرين طرفان موڪليل سفيرن بہ ڪئي ھئي. ان وقت سر چارلس کي محسوس ٿيو تہ سارو جنگي کيڏ سندس ھٿن ۾ آھي. ھن تر تڪڙ ۾ اٺ سوار فوج ۽ 13 ريجمينٽ جا رضاڪار بيٽسن ڏانھن موڪليا جيڪو شور ۾ منزل ڪيون ويٺو ھو. ان کانپوءِ اھڙو حڪم بہ موڪليو ويو ھو تہ بيٽسن ۽ علي مراد اڳتي وڌن. بيٽسن گجرو وارا لڪ لنگھي اڳتي ھلي ۽ علي مراد گجرو لڪن جو اولھہ ڏئي مرو پٽ وسيلي پنھنجي فوج وٺي ھلي. ھنن ٻنھي فوجي اڳواڻن جو ڪم بلوچ سردارن وارو رستو وٺي، سندن پيڇو ڪرڻ ھو ۽ تروڪي جا اتر وارا لڪ اچ وڃ کان بند ڪرڻ ھو. ھي فوجي مدد فقط بيٽسن لاءِ ھئي. ڇاڪاڻ تہ علي مراد سر چارلس نيپئر جي حڪمن جي گھٽ پرواھھ ڪندو ھو. سندس فوجي ڪئمپ بہ سدائين غدارن سان ڀري پئي ھوندي ھئي. پر پاڻ غدار ڪونہ ھو. سندس فوجي خدمتن کي ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي، تہ ھي وفادار ۽ ڪم جھڙو ماڻھو آھي. پر ٻٽاڪي گھڻو آھي. ان کان سواءِ ھن جا گھڻا ماڻھو دشمن لاءِ جاسوسي ڪندا رھندا آھن. مان مجبور آھيان جو ھنن ماڻھن کي پاڻ کان الڳ ڪري فوجي سرگرميون جاري رکي ڪونہ ٿو سگھان. پر اھي ماڻھو ظاھر ۾ تہ اسان سان گڏ آھن. علي مراد ھاڻي حڪمن جي تعميل ڪونہ ڪندو آھي. پر آخر ۾ ھن ۽ بيٽسن اڳتي وڌي تروڪي ڏانھن ويندڙ رستن جا لڪ 5 تاريخ صبح جو بند ڪري ڇڏيا ھئا. اھڙي ريت تروڪي جو قلعو جيڪو سر چارلس کان ھن وقت تائين لڪل رھيو، سو اوچتو ظاھر ٿي پيو ھو جنھن مٿان ٽپي فوج اندر داخل ٿي ھئي ۽ ڌاڙيلن جون ڪجهہ ٽوليون فوجي رابطي ۾ خلل وجھي رھيون ھيون جن مان گھڻن کي جھلي قيد داخل ڪيو ويو. اھو سارو جنرل سر چارلس جي ذھانت جو ڪارنامو ھو، جنھن سان گڏ سندس محنت بہ شامل ھئي. سخت قسم جي فوجي حملن جي پڄاڻي ائين ٿيندي آھي جنھن سان سچيتائي صحيح اندازو بہ شامل ھوندو آھي. سر چارلس جو اھو اوچتو حملو ڏسي سردارن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين کسڪي وئي ھئي، ۽ وائڙا ٿي رھجي ويا ھئا. سندن خيال ھو تہ تروڪي ھڪ ڏکئي علاٰئقي ۾ موجود آھي. ان سان گڏيل جابلو علائقو بہ اوڙڪ اھنجو آھي، علائقو ويران ۽ خطرناڪ آھي جيڪو ڄڻ ھڪ راز آھي. دشمن ھنن کي ڳولي پريشان ٿي ويندو. ھن قلعي ڏانھن ويندڙ رستا منجھيل ۽ پيچيده ھئا جن جي آڌار تي ھو ڦرلٽ ۽ قتل جون ڪارروايون ڪري ھتي اچي لڪندا ھئا. اھڙي ريت حملو ڪندڙ فوج ۽ انھيءَ جا ساٿي بکن ۾ مري پاھھ ٿيڻ کانپوءِ ايترا ڪمزور ٿي ويندا، جو ھنن لاءِ جنگ ۾ پير پختا ڪري وڙھڻ ممڪن ڪونہ رھندو. اھڙين غلط فھمين ۾ مبتلا ٿي پاڻ کي شھباز سڏائيندا ھئا، ۽ جبلن جي چوٽين تي ويھي پنھنجي شڪار جي تاڙ ڪندا ۽ مٿن حملا ڪندا ھئا. پر کين انگريز فوج جي شھبازن پنھنجي چنبن ۾ جھلي ورتو جيڪي انھن کي شريف بڻائڻ جا جتن ڪندا ھئا.
ان کانپوءِ ھنن ڌاڙيلن جي چوڌاري ڪڙو چاڙھيو ويو ھو، جن وٽ کاڌو پيتو گھڻو ڪونہ ھو. چوپائي مال جا ڌڻ بہ کاڄي کپي وڃي ٿورا بچيا ھئا. وٽن اناج بہ ايترو گھڻو رکيل ڪونہ ھو. ڏڪار بہ ڏائڻ وانگي وڏو وات ڦاڙيون کين ڳيت ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ ھو. انھن جا سر چارلس جي جنگي مھم خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھميشه لاءِ ختم ٿي وڃڻا ھئا. کين ملندڙ سزائون ھنن جي سوچ فڪر کان گھڻو وڌ ڪونہ ھيون. ھي فوجي پيش قدمي عام قسم جي ڪانہ ھئي. بيٽسن ۽ علي مراد ڏکين لڪن مٿان سخت پھرو بيھاري ڇڏيو ھو. پاڻ بلوچ سردارن جا رند وٺي اڳتي وڌڻ لڳا. دڳ ڏاڍو ڏکيو ھو ۽ رستي ۾ ھنڌين ماڳين وڏا ۽ نوڪدار ڀتر پيا ھئا جنھن تان لنگھڻ ئي مشڪل ھو. پر ھنن بنا ساھي پٽڻ جي لڳاتار سٺ ميل سفر ڪيو ھو ۽ کين کاڌ خوراڪ ۾ اڌ راشن ملي رھيو ھو. سڀني فوجين جا لٽا ليڙون ۽ پير اگھاڙا ھئا. گھوڙن جي نعلن جو بہ پتو ڪونہ ھو تہ الائي ڪٿي لھي ويا. جڏھن ھر نعل جي قيمت ٽيھھ شلنگ ھئي. جنرل سر چارلس نيپئر ھن کي پيش قدمي نہ پر جبلن تي چڙھڻ لکيو آھي. پر ھتان جي ھر پيش قدمي جبلن تي چڙھڻ ھو. پر بھادر فوج ٻڙڪ بہ ڪانہ ٻولي ھئي.
جڏھن بيٽسن ۽ علي مراد جي پھچڻ جون خبرون پيون تہ پيادل فوج پنھنجي منزل پٽي ڏکڻ طرف واري لنگھھ وٽ وڃي ڪئمپ ڪئي ھئي. اھڙيءَ ريت گھوڙيسوارن بہ اولھہ پاسي وڃي ڏکڻ واري لنگھھ جي ڳولا ڪئي، جنھن بابت کين اطلاع مليل ھو. جنرل سر چارلس وڏي محنت ڪري جاچ پڙتال ڪري سڀني لڪن ۽ لنگھن جو پتو لڳايو ھو، ۽ ھڪ اوچي ٽڪريءَ تان اڪري تروڪي واري قلعي جو اندروني جائزو ورتو ھو ۽ حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو ھو. ھن سوچيو ھو تہ ان منصوبي تي آخر ۾ عمل ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ تہ اھا جاءِ بھترين ھئي، نھايت شاندار ۽ اعلى. ھن جي ڊيگھھ ٻارھن ميل ۽ ويڪر پنج ميل ھئي. فطرت ھن کي ڏاڍي سھڻي طريقي سان ٺاھيو جو ھڪ پاسي ھن جو وجود ھڪ راز ھو تہ ٻئي پاسي ڏاڍو مضبوط ھو. مضبوط انھيءَ ڪري تہ اھو ھڪ جابلو پٽو ھو، جنھن جون ٽڪريون سوين فوٽ اوچيون ھيون. ڏکڻ پاسي کان نظر ايندڙ ٽڪريون اھڙيون ھيون جن تي چڙھڻ مشڪل ھو. اتر طرف کان بہ اڀڪپرو ھو. جڏھن اندر رستن پاسي کان ٽن طرفن کان اپڪپرو ھو، پر ڏکڻ پاسي کان چڙھڻ ۾ ڪجهہ سولو ھو. اھڙي ريت ھي قلعو چئن طرفن کان حملي ڪرڻ لاءِ ڏکيو ھو. وچ تي بہ گھڻيون ٽڪريون ھيون جن ۾ غار نظر اچي رھيا ھئا ۽ سڀئي اڀڪپريون ھيون.
راز انھيءَ ڪري تہ ڏکڻ پاسي ٽڪرين جي ھڪ ٻي قطار ھئي، جيڪا ھن پاسي کان ڄڻ تہ پت ڏني وئي ھئي، جيڪا ٻہ ٽي سو فوٽ مٿي ھئي ۽ تروڪي واري جابلو پٽي سان گڏ ھئي. جنھن تروڪي کي اھڙي ماٿري بڻائي ڇڏيو جنھن اندر وڃڻ مشڪل ھو. اھڙي جابلو ڀت ڪري وچ تي ھڪ گھٽيLane بڻجي وئي ھئي جنھن اندر داخل ٿيڻ لاءِ لڪ ھئا جن وٽ پھچڻ لاءِ سوڙھين کاھين جو رستو ھو. ان جابلو پٽيءَ جھڙيءَ ڀت جي پرئين پاسي ميلن ائين نوڪدار وڏن پٿرن جا وڏا ڍير ھئا جيڪي ھلندا اچي ٽڪرين جي ان ديوار سان لڳا ھئا جن مان اڪري اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ھو ھن لڪل مضبوط جڳھھ جا لنگھھ ڄڻ تباھہ ٿيل وڏا ۽ بيضوي شڪل جا ھئا جيڪي حقيقت ۾ ٽڪرين اندر پيل وڏا ڏار جن جو مٿيون حصو پاڻ ۾ مليل ھو ۽ ھيٺيون پاسو کليل ھو. تنھن ڪري اندر روشني گھٽ ھئي. قلعي جي اندرئين پاسي پاڻي جام ھو. ان کان سواءِ کاھين ۾ پاڻي بيٺو ھو جن وسيلي ڌاڙيل ڪنواءِ کي ڦرڻ کانپوءِ قلعي اندر داخل ٿي ويا ھئا. اندر گرم پاڻي جو ھڪ وڏو چشمون موجود ھو. جنھن جو پاڻي تہ پيئڻ جوڳو ھو. پر بندوقبازن فوج کي اھو پاڻي پيئڻ ڪونہ ڏنو جيڪي ڏنگي ڦڏي نوڪدار ٽڪريءَ تي چڙھيا بيٺا ھئا. ان قلعي جي اندرئين پاسي اسان کي نہ اناج جا ڀانڊا ڏسڻ ۾ آيا نہ چوپائي مال جا ڌڻ نظر آيا. ھنن ٽڪرين اندر ڪيترائي ڏار ھئا ۽ ڪيترائي لنگھھ ھوندا. اھو بہ امڪان ھو تہ ڪيترائي جنگجو ماڻھو ٻاھر ھوندا. تنھن ڪري انھن جي مزاحمت جو اندازو ڪرڻ مشڪل ھو. تنھن ڪري پھريائين اولھہ پاسي کان گھوڙيسوار فوج کي پکيڙي بيھاريو ويو جيڪي مناسب وٿيءَ تي بيھندا وڃي ”تومب“ تائين پھتا ھئا. جتي ”اريگيولر ھارس“ جي فوجي چوڪي موجود ھئي. جڏھن تہ اريگيولر ھارس تروڪيءَ جي اولھہ پاسي کان گشت ڪري رھي ھئي جيڪي بيٽسن ۽ علي مراد وچ ۾ رابطي جو وسيلو ھئا. پر جڏھن سڀني لنگھڻ جي معلومات ملي وئي ۽ فوجين کي بيھاري محفوظ ڪيو ويو ۽ سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا تہ سر چارلس قلعي اندر داخل ٿي ٽڪرين جي ڏارن ۾ ويٺل ڏونگري ڏينڀن سان مقابلي ڪرڻ جو ھڪ منصوبو جوڙيو ھو جيڪي انساني شڪل ۾ انگريزن جي فوج سان جنگ ۾ ڄتل ھئا. پڪ ھئي تہ ٻنھي طريقين کان انساني رتو ڇاڻ ٿيندي ۽ قتل عام ٿيندو. ڪنھن بہ ڌر کي سرسيءَ جي ڇڪ ڪانہ آھي. ڇاڪاڻ تہ قلعي نما ھن ماڳ جو جھڙو اندريون پاسو خوفناڪ ھو تھڙو اندريون پاسو ڀوائتو ھو. اتر پاسي کان بيھي اندازو ڪيو ويو تہ ڏکڻ واري پاسي کان وڌيڪ سولو ھو تنھن ان مٿان اڪري ھڪ لڪ وسيلي اڳتي نڪتا. پر اندرئين پاسي کان ھيٺ ڏنوسون تہ اھو پاسو صفا اڀڪپرو ھو ۽ ھيٺ لھڻ ڏاڍو مشڪل ھو. اتان بيھي ڏٺو ويو تہ جابلو ماڻھو ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيا ھئا. سندن اھڙري چرپر ڏاڍي ڏکي ھئي جنھن سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو تہ زمين جو مٿاڇرو ھيٺ مٿي ۽ ڏکيو ھو ڇاڪاڻ تہ اھي چوپائي مال ۽ اٺن کي رسن کان وٺي ھيٺ ۽ مٿي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. ڪٿان وري اھي ڦري غارن وچان بہ گذري رھيا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ھر سو گز تي ھڪ محفوظ ماڳ موجود ھو جيڪي سٺ ھم چورس ميلن اندر پکڙيا پيا ھئا.
سر چارلس پنھنجي حملي جي منصوبي کي عملي جامو ڪونہ پارايو ھو پر ٺاھيو ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان ويو ھو. ان تي عمل ڪرڻ ۾ بہ ھمت ۽ دليري جي ضرورت ھئي. تروڪي جي مقابلي کان پوءِ اھو منصوبو ڊيوڪ آف ويلنگٽن ڏانھن موڪليو ويو ھو جنھن کي ان ڏاڍو پسند ڪيو ھو. اھڙي منصوبي مطابق اختيار ڪيل جنگي حڪمت عمليءَ جو اختصار ھيٺ ڏجي ٿو.
ٽڪرين جي ڀت جھڙي ٻاھرين قطار ۽ تروڪي جي ٻاھران واري جابلو پٽي Belt جي وچ تي ھڪ گھٽي ھئي جنھن جي ويڪر ٽي سو گز ۽ ڊيگھھ چاليھھ ميل ھئي. ھن گھٽيءَLane جي ابتدا اولھہ کان تومب وٽان ٿئي ٿي جيڪا اوڀر پاسي ھلندي وڃي ديراھھ وٽ دنگ ڪري ٿي اھا گھٽي تروڪي جي لنگھھ وٽ گھڻي ويڪري آھي. ان لنگھھ جي سامھون پيادل فوج ۽ مارٽر بيھاريا ويا ھئا. پيادل کي لنگھھ مٿان پسندن فائرن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. جڏھن مارٽر جا گولا وڏن پٿرن جي انھن اوچن ڍيرن تي وسايا ويا ھئا جتي ڌاڙيل وڏن ڏندن جي زور سان ڳورا پٿر اٿلائي ان وقت حملھ آورن مٿان ھيٺ ڪيرائي رھيا ھئا جڏھن اھي تروڪي اندر داخل ٿيڻ لاءِ کاھيءَ وچان گذري رھيا ھئا. انھن وسندڙ گولن نہ رڳو انھن ماڻھن کي ڀڄائي ڪڍيو ھو. جيڪي ڳورن پٿرن جي وڏن ڍيرن تي بيٺا ھئا پر ٻين جابلو ماڻھن کي بہ ويجھو اچڻ ڪونہ ڏنو ھو. پٿرن جي ڍيرن ۽ پاسن تي ڦاٽندڙ گولا لڪ وٽ بيٺل تروڪي جي محافظ کي بہ پنھنجن جاين تان ڀڄائي ڇڏيو ھو. مارٽرن جي کاٻي پاسي پيادل بيھاري وئي ھئي. جن جي تفنگن جي گولين جي وسڪارن انھن ماڻھن کي ٽڪرن جي چوٽين تان لاھي ڊوڙائي ڇڏيو ھو جيڪي توڙيدار بندوقن جي گولين سان حملھ آور فوجين پوئتي ھٽڻ لاءِ مجبور ڪري رھيا ھئا پر لڪ جي کاٻي پاسي ڪوبہ ماڻھو نظر ڪونہ آيو ھو.
فوجين جو ھڪ جٿو اولھہ طرف موڪليو ويو جنھن کي حملي خاطر نہ پر ڏيکاءَ خاطر روانو ڪيو ويو ھو. ھنن فوجين کي ڪمانڊر فقط ان وقت حملي ڪرڻ جو چيو ھو. جڏھن ڏسن تہ ٽڪري چڙھڻ لاءِ ڏاڍي سولي آھي ھنن فوجين کي اھڙي قسم جي مظاھري دوران فزجيرالڊ جي ڪمانڊ ھيٺ رکيو ويو ھو ۽ ڪجهہ چوند فوجي رکيا ويا ھئا. جن کي لڪ جي کاٻي پاسي موجود جابلو چوٽيون سنڀالينديون ھيون. کين انھيءَ طرف وڌڻ جو حڪم مليل ھو جنھن پاسي اڳي جاچي پرکي ڏٺو ويو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو تہ انھن صحيح طرف ڏانھن چرپر ڪئي ھئي. اھڙي ريت چونڊ بہ اھڙن ماڻھن جي ڪئي وئي ھئي جيڪي جنگي سرگرمين ۾ تيز بھادر ۽ ارادي جا پڪا ھئا. ھن قسم جي خطرناڪ ڪم لاءِ 2 ريجمينٽ جي جوانن پاڻ کي رضاڪارانھ پيش ڪيو ھو. جنھن مان فقط ٽي سو چونڊيا ويا ھئا. ان کان سواءِ جنرل سر چارلس 6 ريجمينٽ اھڙي بھادرانھ حملي جي آڇ ڪئي ھئي تہ جيئن ان کي پنھنجو جھنڊو واپس ملي سگھي. آزمائي ڏٺو ويو تہ اھي بہ ڏاڍا بھادر ھئا. ھنن رضاڪار فوجين کي چپ رھڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ھو ۽ کين چيو ويو ھو تہ جيڪڏھن ھو گھائجي بہ پون تہ ڏندن ھيٺان ڪاٺي ڏئي بہ ماٺ رھن. ھن قسم جي فوج جو ڪمانڊ فزجيرالڊ کي مقرر ڪيو ويو ھو جيڪو پاڻ بہ بھادر ۽ عقلمند ھو. ھي اھڙا چونڊ فوجي ھئا جيڪي دشمن جي ھر مقابلي کي منھن ڏئي سگھڻ جھڙا ھئا. ٽڪريءَ تي چڙھڻ ۾ ٻہ ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. اڳتي وڌڻ لاءِ بندوبست اھڙو ڪيو ويو ھو جو نہ دشمن فوج کي ڏسي سگھيو ھو نہ وري انھن پٿرن جي ڪرڻ جو آواز دشمن جي ڪنين پيو ھو جيڪي فوجين جي ھٿوراڙيون ڏئي مٿي چڙھڻ ڪري ھيٺ ڪري رھيا ھئا.
حملي جو وقت اڳئي مقرر ڪيو ويو ھو تہ سر چارلس نيپئر، جنرل سپمسن ۽ اسٽاف آھيون ڪيتريون راتيون لڳاتار مٿي چڙھي تروڪيءَ اندر موجود ٽڪرين جو معائنو ڪيو ھو. ھنن پھرئين رات ڏٺو ھو تہ ھڪ وڏو مچ ٻري رھيو ھو ۽ جابلو ماڻھو ٽولا ڪيون ان جي چوڌاري ويٺا ھئا ۽ اھو مچ ساري رات ٻرندو رھيو ھو. ٽئين رات اھو مچ رات جو ڏھين وڳي تائين ٻرندو رھيو ۽ پوءِ وسامي ويو. معلوم ٿي رھيو ھو تہ اھي جابلو ماڻھو ٽڪرين جي چوٽين تي اھڙين چوڪين کي جاري رکڻ کان تنگ ٿي پيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي گھڻيون اوچيون ھيون ۽ سيءُ بہ ڏاڍو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو تہ رات جو ٽڪريءَ ۾ ڪنھن بہ چوٽيءَ تي مچ ٻريل ڪونہ ڏٺو ويو. ھن صورتحال مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھاڻي رات جي پھري ڏانھن ڌيان گھٽ ڏنو ٿي ويو. ان کان پوءِ حملي ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو جيڪا ترڪيب ھن ريت رکي وئي ھئي تہ سڀني وڏين توبن ۽ تفنگن کي ھڪ ئي وقت فائر ڪرڻ گھرجن اميد ھئي تہ ان ڪري ھن سوڙھي ماٿريءَ دونھون ڇائنجي ويندو. ٻيو تہ چوڌاري اوچيون ۽ اڀڪريون ٽڪريون ھيون جنھن ڪري توبن جي گجڪارن جا پڙاڏا ٻري اٿندا. ان ڪري ڌاڙيلن جو سارو ڌيان کاھيءَ واري لنگھھ تي ويندو. پر دونھين ڪري اھو لنگھھ ڏسي ڪونہ سگھبو ۽ فزجيرالڊ جي ماتحت فوج بہ ھنن کي نظر ڪانہ ايندي نہ وري ھنن کي انھن پٿرن جي ھيٺ ڪرڻ جي کڙڪو ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي فوج جي ٽڪريءَ تي مٿي چڙھڻ سرڪي اچي ھيٺ ڪرندا. اھڙيءَ ريت گولن جي گاج ڪري فزجيرالڊ حملي جي بہ کين سڌ پئجي ڪانہ سگھندي. پر جيڪڏھن ھنن کي ان فوجي چرپر جي کڙڪ پئجي بہ وئي تہ اھي ٽڪرين تي پنھنجا پير ڄمائي ۽ تيز رفتار جلھھ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن يا جيڪڏھن کين اھو پتو پيو تہ ھو جبل جي اتاھين چوٽي تي چڙھي حملي ڪرڻ لاءِ اشاري طور باھھ ٻاري رھيا آھن تہ ھو پاڻ ئي ضرور سمجھي ويندا تہ جنگ اچي مٿان بيٺي آھي.
جيڪڏھن حالتن اجازت ڏني تہ کاھي واري لنگھھ کان قلعي اندر ڪاھي پئبو ۽ جيڪڏھن سمجھيوسون تہ ائين ڪرڻ صحيح نہ ٿيندو تہ پوءِ کاھي واري لنگھھ وٽان اندر داخل نہ ٿبو. ھيءَ ساري ڳالھہ فزجيرالڊ تي مدار رکي ٿي تہ جيڪڏھن ھو مٿي ٽڪرين تي پنھنجا پير پختا ڪري ويو تہ ساري پيادل ھن جي پٺيان صفون ٻڌي بيھي ويندي. جيڪڏھن کيس شڪست ملي تہ پوءِ اھڙي شڪست کي لڪائڻ لاءِ کاھيءَ واري لنگھھ وٽان جلھھ ڪرڻي پوندي پر کاھي واري لنگھھ وسيلي حملو ڏاڍو خطرناڪ ھوندو تنھن ڪري ان کان ھٿ ڪڍي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. پر فوج پراعتماد ھئي ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھي ھئي. جنرل چارلس انھن جي ھمت ۽ بھادريءَ کان چڱيءَ ريت واقف ھو. تنھن ڪري ھن کاھي واري لنگھھ وسيلي طوفاني حملي بابت حڪم ڏيڻ کان لھرائي رھيو ھو. ھن جي مرضي ھئي رزرو فوج سندس ھٿ ھيٺ رھڻ گھرجي جنھن کي ضرورت وقت مرحليوار لنگھھ ڏي موڪليندو رھجي ڇاڪاڻ تہ ھن کي فوج جي بھادري ۽ ھمت تي تمام گھڻو اعتماد ھو جيڪي توبن جي گولن جي گجڪارن ۽ دونھين ڪري وڌيڪ مشتمل ٿي ويا ھئا ۽ لڪ ڏانھن وڃڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ڪابھ قوت سندن بھادري اڳيان بيھي ڪانہ سگھندي. سندس فوج ڪيتري پاڻيءَ ۾ ھئي جيڪا اتر واري لنگھھ وٽ بيٺي ھئي ۽ پنھنجي اھڙي بھادري جو مظاھرو ڪري چڪي ھئي. ھن فوج جي پاسن کان پٺيان بيٽس ۽ علي مراد جون فوجون بيٺل ھيون جن ان کي لنگھھ وٽان ھڪ ئي وقت طوفاني حملي ڪرڻ جو حڪم مليل ھو.
ھي ڪمانڊر ھن کان اڳ ھڪ حملي ڪرڻ جي مقصد سان گڏ ٿيا ھئا ۽ ھڪ ننڍي رستي وسيلي لڪ ۾ داخل ٿيا ھئا. پر ھڪ فوجي سرجنٽ ۽ سورھن رضاڪار غلطيءَ وچان ھڪ ننڍي غار کان داخل ٿيا جن جو تعلق 13 ريجمنٽ سان ھو ھن غار جي ٻئي پاسي دشمن ميڙاڪو ڪيون بيٺو ھو. پر اڳي ھلي اھو غار نما لنگھھ ھيٺ اونھون ٿي ويو جنھن مان گذرڻ ئي ناممڪن ھو. ان فوج جي ڪمپني ھن غار جي ٻئي پاسي ھئي جنھن سان مذڪوره سرجنٽ جو واسطو ھن ڪمپني جي عملدار جڏھن ڏٺو تہ ٽڪريءَ تي بيٺل دشمن ڏاڍو سگھارو آھي تہ ھن موٽڻ جو اشارو ڪيو. پر ان کي سرجنٽ غلط سمجھيو تہ اھو اشارو حملي ڪرڻ لاءِ آھي. تنھن ڪري ھن اڀڪپري ٽڪري تي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ڌاڙيل ان ٽڪريءَ جي اوٽ ڏيون سيني جيتري اوچي ڀت پٺيان لڪا ويٺا ھئا جيڪا ٽڪريءَ تان لھڻ واري جڳھھ جي ڀرسان ھئي. پھريائين تہ اتي يارھن ڄڻا فوجي موجود ھئا. ان کان پوءِ ھن جو نحوا وڌي ستر ٿي ويو ھو جيڪي اڳتي سرڪي اچي ڀرسان بيٺا. مٿي بيان ڪيل يارھن فوجين جي سينن تي ميڊل چمڪي رھيا ھئا. ڪن کي ٽي ميڊل بہ مليل ھئا. جيڪي بي مثال بھادري جو مظاھرو ڪري رھيا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ جنھن دليريءَ جو ھنن جلال آباد ۾ مظاھرو ڪيو ھو سو ڪو وڌاءُ ڪونہ ھو. ھنن مان ڇھھ ڄڻا تہ مري ويا باقي ٻيا سخت گھائجي پيا ھئا. جن کي ٽڪريءَ تان کسڪائي ھيٺ موڪليو ويو ھو. ھنن فوجين سترھن ڌاڙيلن ۽ سندن ڪمانڊر کي ماري پوءِ اھڙي قرباني ڏني ھئي.
ھنن جابلو ماڻھن ۾ ھي رسم ھوندي آھي تہ جڏھن ڪا معزز ۽ محترم شخصيت جنگ ۾ وفات ڪري ويندي آھي تہ غسل ڏيڻ کان پوءِ ان جي ھڪ ھٿ جي ڪارائيءَ ۾ سائو يا ڳاڙھو سڳو ٻڌندا آھن. پر اھو ضرور ڏٺو ويندو آھي تہ ان بھادر انسان جنگ ۾ وڙھندي ڪھڙي دليريءَ سان موت جي آجيان ڪئي آھي. جڏھن ڪارائيءَ ۾ ڳاڙھو سڳو ٻڌڻ وڏي اعزاز جي علامت تصور ڪيو ويندو آھي. انھيءَ رسم مطابق ھنن جنگجو ماڻھن کي وھنجاري ڪفن ڍڪايو ۽ ھر ھڪ لاش جي ٻنھي ٻانھن ۾ ڳاڙھا ڌاڳا ٻڌا ھئا. ھن کان اڳ ڪلارڪ جي ھٿن جي ڪاراين ۾ ٻہ ڳاڙھا سڳا ٻڌا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھو بھادر ھو ۽ ڏاڍي دليريءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو ھو. ھنن جي موت ڪري سيلSale شرم محسوس ڪري رھيو ھو ڇاڪاڻ تہ اھي بھادر پنھنجي دليريءَ ڌاڪ ٻرائي چڪا ھئا پر ھن جلد ئي اھڙو مٿاھون ماڳ حاصل ڪري ورتو ھو. شال ھنن جا نالا عزت ۽ احترام سان ورتا وڃن.
سر چارلس نيپئر تروڪي تي طوفاني حملي جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. اھڙي حملي جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. پر اھو تڏھن جڏھن ٻيا طريقا ناڪام ٿي ويندا ۽ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس ڪونہ ھوندو. سر چارلس پنھنجي فوجي سپاھين سان گھڻو پيار ڪندو ھو جيڪو ڪونہ چاھيندو ھو تہ اھي اھڙي قھري ڪوس جو شڪار بڻجن. ھن جي سوچ ھئي تہ ھنن جي بھادري کي آزمائي ڏسڻ جا ٻيا طريقا ختم ٿي ويندا تہ اھو آخري طريقي طور ڪتب آندو ويندو. پر آڏو دشمن بہ بھادر تہ ھو پر کين کاڌو پيتو بہ گھٽ ملي رھيو ھو. تنھن ڪري ڏاڍا ڪمزور ٿي ويا ھئا. اھو ئي ڪارڻ آھي جو بيجار جا بڻائيل بھترين جنگي منصوبا ناڪام ٿي رھيا ھئا. ان ڪري ڳالھہ ٻولھھ کان سواءِ ھنن لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونہ رھيو ھو. پر ھن جي چوڌاري سخت ڪڙو چاڙھيو ويو. تنھن ڪري ڪابھ کاڌي پيتي جي شيءِ اندر وڃي ڪانہ ٿي سگھي ۽ سوچيو پئي ويو تہ ٺاھھ جي ڳالھہ ٻولھھ ۾ دير ڪانہ ٿيندي. جنگ جي جاري رکڻ لاءِ سر چارلس کي ان ۽ پاڻي گھڻو پري کان آڻڻو پوندو ھو. سندس ويڙھاڪن جي حالت اھا ھئي جو اڃيا ۽ بکيا ھئا سندن لڱن تي ساڄي ليٿ بہ ڪانہ ھئي ۽ پير بہ اگھاڙا ھئا. ھنن سارو پنڌ جھنبارين پھڻن تان ۽ ننڍي جھنگ وچان ڪيو ھو. تنھن ڪري سندن پيرن جون لھيون لھي ويون ۽ ڪپڙا بہ ڦاٽي چيڙھون ٿي ويا ھئا. بک ۾ ھر سٺي ۽ گندي شيءِ کائڻ ڪري منجھن بيماري بہ ڪاھي بيھي پئي. جنھن ڪري اھو اھڙي ڪھٽي بيماري ۾ ڦاسي ويا جو گھڻا وير ۽ ويڙھاڪ مري کپي وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آھن. اھڙي ڪاري واريءَ بہ ھنن ٻڙڪ ڪانہ ٻولي. سندس ماڻھو بہ راضي ھئا. ھو پنڌ ڪري مرن يا سندن ڪنڌ ڪرن، بک صرف باتلوار سان وڍجن پر ھو پنھنجي ڪمانڊر جو ھر چيو اکين تي رکندا ھئا. ھڪ فوجي پنھنجي خيال جو اظھار ھن ريت ڪيو ھو تہ ”جڏھن مان ھن جھونڙي جنرل کي لڳاتار گھوڙي تي سفر ڪندو ڏسان تہ پوءِ مون جھڙي جوان کي پير پساري ڇو وھڻ گھرجي. خدا جو قسم جيڪڏھن ھو مونکي حڪم ڪندو تہ مان پاڻ توب جي منھن ۾ ڏئي سگھان ٿو.“ ھي فوجي عملدار جنگي مھم ۾ ھن سان گڏ ھو جنھن پنھنجي خيال جو ھن ريت اظھار ڪيو ھو.
اھي بھادر عملدار ۽ وسيع دل وارا فوجي سپاھي ھئا. ھاڻي ھنن جي طاقت جا ڏينھن اچڻ وارا آھن. ماضيءَ جا اڻ وڻندڙ واقعا ڄڻ سندن قوم جي ڪم نصيبي ھئي. اھي پنھنجي تنبن جي دروازن مان ڏسي رھيا آھن تہ ڪھڙييون جڳھيون آھن جتي سندن جنگي مھمون ناڪام ٿيون ھيون. نوڪدار ٽڪرين تي اھڙا نشان موجود آھن جتي ڪلارڪ ۽ دوستن جا لاش انتقام وٺڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن. جيڪڏھن جابلو ماڻھو ٿورو وقت ترسن ھا تہ کانئن ھر وقت انتقام ورتو وڃي ھا. ھن کان اڳين مھمن دوران ويچارن رسد گاھ وارن جو قتل عام ٿيو ھو جيڪي ويچارا پنھنجي سامان جي کپائڻ لاءِ فوجي پيش قدميءَ سان گڏ سفر ڪندا آھن. تنھن ڪري فوجين جون دليون ڪوسيون ھيون تہ اھڙن ماڻھن سان ٺاھھ جون ڳالھيون نہ ڪيون وڃن ۽ فيصلو تلوار ڪندي. ھن انگريز جنرل جي شخصيت ۾ ايڏو اثر ھو جو اڳي جيڪي انتقام وٺڻ لاءِ قسم کڻي چڪا ھئا سي بہ پنھنجي ضد تان لھي ويا. اھي ڌاڙيل رڳو انگريز فوجين لاءِ بي رحم ڪونہ ھئا. پر پنھنجي زالن ۽ ٻارن ٻچن لاءِ بہ ظالم ھئا. ان کان پوءِ ھنن پڪو پھھ ڪيو تہ انھن جي بي گناھھ زالن ۽ ٻارن ٻچن کي بچائڻ لاءِ ساڻن ٺاھھ جي ڳالھہ ٻولھھ ضرور ڪئي ويندي.
خوشقسمتي جي ڳالھہ اھا ھئي جو بي گناھھ عورتن ۽ ٻارن ٻچن جي قتل عام کان پاسو ڪيو ويو. 28 فيبروري تي تروڪي دريافت ٿي ھئي. 4 تاريخ مارچ تي بيجار خان، ڊومڪي، اسلام خان بگٽي، دريا خان جکراڻي ۽ ٻہ ٻيا ننڍا سردار ان وقت سر چارلس نيپئر جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيا جڏھن ھو تروڪي تي طوفاني حملي جا حڪم جاري ڪري رھيو ھو. ھنن سردارن سان مندو Mandoo خان بہ گڏ ھو جيڪو بيجار خان جو ننڍو ڀاءُ ھو. جنھن جي نالي کان انگريز ڪمانڊر اڃا تائين واقف ڪونہ ھئا. پر مڙس مڻيادار ھو. ھنن سردارن سان کورام (گھرام؟) بہ گڏ ھو.سڀئي سردار قداور ۽ سگھارا ھئا ۽ خوفناڪ جنگجو ڏسجي رھيا ھئا. پر دريا خان جکراڻي قد جو وچٿرو ھو جيڪو مزاج ۾ ڏاڍو شريف پئي لڳو. سندس قبيلو ھن جي شرافت ڪري سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو، ھي سردار اھڙي عزت لائق بہ ھو. ٻين سردارن جي خيال موجب ھي سردار قتل ڪرڻ ۽ لٽڻ ڦرڻ لائق ھو. بيجار خان وڏي عمر جو سردار ھو. پر قد ڪاٺ ۾ پانڃرو ۽ پھلوان ھو. سندس شخصيت ۾ مقناطيسي اثر ھو. طاقتور ھجڻ ڪري وڏي عزت جو مالڪ ۽ جابلو علائقن جو دلير ڌاڙيل ھو. سندس جوش ۽جذبو خطرناڪ ھو. جيڪو سندس عزت ۽ شخصيت سان بي جوڙ لڳي رھيو ھو.
ھنن اچڻ سان ٺاھھ جي شرطن ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو. جنھن تي سر چارلس کين چيو تہ پھريون شرط پيش پوڻ آھي. ٻيو تہ جنھن جوءِ آھيو اتان لڏي ويندا، ميداني علائقا ڇڏڻا پوندا، خطرناڪ جابلو علائقن کي ڇڏڻو پوندو. تنھن تي سردارن چيو تہ اسان کي پنھنجي ماڻھن سان صلاح ڪرڻ جي مھلت ڏيو.
ٻئي ڏينھن مندو خان آيو ۽ سر چارلس کي چيائين تہ شرطن ۾ ڪجهہ ترميم ڪئي وڃي، جنھن تي جنرل وراڻيو تہ شرطن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ترميم ڪانہ ٿيندي. ان کان پوءِ دريا خان جکراڻي، ترڪ علي، دينڻ، مندوئي، سليمان رنداڻي، بيجار خان جو ڀاءُ، جمال خان ڊومڪي آيا جن سان گڏ سندن قبيلن جا ماڻھو ھئا جيڪي سر چارلس جي پيرن ۾ تلوارون رکي پيش پيا. ھنن سردارن سر چارلس جو احسان مڃيندي چيو ھو تہ اسان تنھنجا ٿورائتا آھيون جو تو اوچ ۾ اسان جي عورتن ۽ ٻارن ٻچن جي عزت رکي. مردن کي لٽيو ڦريو ڪونہ ويو ھو. ھو فوج سان گڏ ائين ھلي رھيا ھئا جيئن ڪو ماڻھو قافلي سان گڏ عزت آبرو سان سفر ڪندو ھجي. ھنن سان گڏ جيڪا مال ملڪيت ھئي تنھن کي بہ ھٿ ڪونہ لاتو ويو. ھنن ٻڌايو تہ ڪئپٽن پوسٽنس بيجار خان سان توھين آميز سلوڪ ڪيو ھو. تنھن ڪري ھو ڪنھن بہ واعدي تي ويساھھ ڪونہ ٿو ڪري. ان کان پوءِ جنرل سمپسن ڳالھايو جنھن کي تروڪي ۾ ڪڍي موڪليو ويو ھو. سر چارلس پنھنجي خيالن ۾ بلڪل صحيح ھو. بعد ۾ اتي ويٺل سردارن پنھنجي ڪاراين ۽ مرن ڏانھن اشارو ڪري ڪئپٽن پوسٽنس جي نالي کي دھرايو، جنھن جو مطلب ھو تہ ان ڪئپٽن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھو ڏسي انگريز جنرل ناراض ٿي ويو ۽ نئين سر جنگي سرگرمين جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٽن سون تي مشتمل فوجي ڪالم کي حڪم ڪيائين تہ ھو وڃي علي مراد ۽ بيٽسن سان رابطو ڪن جيڪي تروڪي جي اولھہ پاسي موجود آھن. بلوچ سردارن پيش پوڻ وقت تروڪي جي ڏکڻ پاسي وارن لنگھن کي سر چارلس جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري فوج ننڍن ڪالمن ۾ ورھائي تروڪي اندر موڪليو تہ جيئن ان جڳھن جي اندروني حصن تي قبضو ڪري وٺن. کين اھو بہ حڪم ڪيو ويو ھو تہ جنھن کي بہ ڏسن تہ ان خلاف بندوق ۽ تلوار کي استعمال ڪن. پر کين تاڪيد ڪيو ويو ھو تہ عورتن ۽ ٻارڙن جي عزت رکي وڃي. اھڙا حڪم 7 تاريخ تي جاري ڪيا ويا ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ بيجار جا ٻہ ڀائر ۽ سندن ڪيپٽن کي گرفتار ڪيو ويو جن ڪنھن بہ قسم جي مخالفت ڪانہ ڪئي ھئي نہ وري ڪا رتوڇاڻ ئي ٿي ھئي بيجار بہ الائي ڪاٿي وڃي لڪو ھو. اھڙي ريت مدد ڪرڻ وارا فوجي عالم، اٺ سوار فوج، گھوڙيسوار فوجي ھيڊ ڪوارٽر ۽ ان جا پھريدار فوجي دستا ٻيا جي ڪڍ نڪري پيا ھئا. انھن سڀني کي حڪم ھو تہ بيجار کي زنده يا مرده گرفتار ڪري سر چارلس نيپئر آڏو پيش ڪيو وڃي.
گھڻي ڪوشش کان ھن سردار بجار، سندس مندو، ھڪ ڀائٽي، سندس پٽ وزير خان ۽ ھڪ ننڍي بگٽي سردار کي گرفتار ڪيو ويو. ھن سان گڏ قبيلي جا اھي ماڻھو بہ ھٿيڪا ڪيا ويا جيڪي بيجار خان جا وفادار ھئا. باقي ٻيا ماڻھو پاڻمرادو اچي پيش پيا ھئا. سر چارلس عھد ڪيو ھو تہ انھن ماڻھن جي ھر شيءِ لٽن ڦرن. پر کين چيو ويو ھو تہ عورتن ۽ ٻارن جي عزت ڪئي وڃي. تنھن ڪري فوجين جتي بہ عورت ڏٺي يا جتي بہ ٻارڙن جو آواز ٻڌو اوڏانھن ڪونہ وڌيا ۽ انھن سان جيڪا بہ ملڪيت مڏي ھئي. تنھن کي بہ ھٿ ڪونہ لاتو ويو ھو. اسلام خان بہ بگٽي ساڻ ڪري الائي ڪيڏانھن ڀڄي نڪري ويو ھو. سندس سھرو ھڪ کيتران سردار ھو جنھن جو قبيلو ڌاڙيل نہ پر پوکي راھي ڪندو ھو. تنھن ڪري ھن ھن اسلام خان ماڻھن پنھنجي علائقي ۾ اچڻ ڪونہ ڏنو. ان کان پوءِ اسلام بگٽيءَ جي ماڻھن ٻيو رستو نہ ڏسي بکر کان ڇتو ٿي وڃي مزارين کي ڦريو. پر انھن پنھنجو ڦريل مال ملڪيت کانئن کسي ورتو ۽ سندن ھڪ سو ويھھ ماڻھو بہ قتل ڪري ڇڏيا ھئائون. ان کان پوءِ باقي بچيل بگٽين وڃي مرين کي لٽيو ڦريو. ڇاڪاڻ تہ کين بک صفا ڇتو ڪري وڌو ھو. موٽ ۾ مرين ھنن جا ھڪ سو ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا. باقي رھيل بگٽي ماني گرھھ لاءِ پريشان وتندا ھئا ٽلڪندا. سندن حالت اھڙي خراب ٿي وئي جو کين واٽ الله جي ماني ڳڀو ڪونہ ڏيندو ھو. اھڙي ريت ھي جنگي مھم چوونجاھھ ڏينھن مسلسل ھلي پوري ٿي وئي.
ھن جنگي مھم بابت سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي تہ ”مان ھن ڏکي جنگي مھم دوران ڏاڍو پريشان ھوس، مون کي اھا بہ پڪ ڪانہ ھئي تہ منھنجي ھن تعريف جوڳي ڪم کي ڪير ساراھيندو بہ الائي نھ. پر مان سمجھان ٿو تہ جو ڪجهہ ڪيو آھي بھتر ڪيو آھي ۽ اھا راند ھاڻي ختم آھي.“
سر ھينري ھارڊنج کان سواءِ ڪنھن ٻئي ھن جنرل جي تعريف ڪانہ ڪئي ھئي. ھن جو سر چارلس سان فوجي ڀاءُ ۽ عوامي انسان جھڙو رويو ھو. انگلينڊ جي اختيارين بہ سندس ھن جنگي مھم کي اھميت ڪانہ ڏني. اھڙين خبرن کي فقط ھندستان تائين محدود رکيو ويو ھو ۽ انگلينڊ جي ماڻھن کي پوري معلومات ئي ڪانہ ڏني وئي ھئي. جنرل چارلس جي فوجي ڏات، فوجي عملدارن جي بھادري، فوجي سپاھين جي دليري ۽ جن ماڻھن سرترين تي رکي جانين جو نذرانو ڏنو تن سڀني کان انگلينڊ جي ماڻھن کي بي خبر رکيو ويو ھو. جن ماڻھن بھادري جي ڳالھين کي دٻائڻ ۽ گھٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي تن تي فرض ھو تہ اھڙن ماڻھن کي انعام ڏين ھا ۽ بھادري جا ميڊل ڏين ھا. پر تاريخ جي وات کي بند ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. اھڙيون ڳالھيون فقط اھي ماڻھو ڪندا آھن جيڪي فطري طور گنديءَ ذھنيت جا ھوندا آھن. سندس وفات کان پوءِ ھنن ڳالھين کي اھميت نہ ملڻ گھرجي. ان کانسواءِ ھن جي اسٽاف مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي عھدي ۾ ترقي ڪانہ ملي. لارڊ رپن بہ گھڻي وقت تائين ڏانھنس لکيل خطن کي عام ماڻھوءَ کان لڪائيندو رھيو ھو. جڏھن کانئس پڇيو ويو تہ ھن ائين ڇو ڪيو؟ تہ ھن جواب ۾ چيو تہ کانئس وسري ويو ھو. ان جنگي مھم ڏونگرن جي ڏچن ھڪ ڏينھن ڇا ھڪ ڪلاڪ بہ گھوريو. پر لارڊ رپن ان کي ڪجهہ بہ ڪونہ سمجھيو. پر پنھنجي عيش عشرت واري زندگي کي گھڻو قيمتي تصور ڪيو ھو. ھن گورنر جنرل ھجڻ واري عرصي ۾ مختصر لفظن ۾ اھڙو ذڪر ڪونہ ڪيو. ائين ڪرڻ شايد عوام جي توھين ھئي!
بيجار کي گرفتار ڪرڻ واريءَ ھن ڏکي مھم دوران مرين ڊڄي پنھنجا وڪيل موڪليا ھئا. انھيءَ زماني ۾ مري قبيلي جي ھلت چلت ڪجهہ مشڪوڪ ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سر چارلس جو سندن اھڙين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇڪجي ويو ھو ۽ مري سندس رويي کان ڊڄي ويا ھئا. بيجار جي پيش پون کان پوءِ ھي انگريز جنرل ھر سرگرميءَ کان آجو ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ مرين جي شھر ڪاھون ڏانھن اھڙو دستو وڃي رھيو ھو جنھن سان آساني توبون وڃي سگھيون ٿي ۽ جنھن ڏانھن وڃڻ لاءِ سرتوف ۽ تصوسڪ جالڪ بہ کليل ھئا. اھڙي حملي جي خوف سبب مرين جا وڪيل سر چارلس سان ملڻ لاءِ سندس فوجي ڪئمپ ۾ آيا ھئا. مرين ڊڄ کان پنھنجا ڪٽنب ۽ ڌڻ چاليھھ ميل پري اتر موڪلي ڇڏيا ھئا. اھي وڪيل جنرل چارلس کي ڏاڍا وفادار ۽ تابعدار نظر آيا. تنھن ڪري ھنن مان اتحاد جو نئون ٺاھھ ڪيو ويو ھو ۽ کين بگٽين وارو ديراھھ ۽ ان جي چوڌارري آباد علائقو انھن کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر مرين جي وڪيلن سر چارلس جي اھا آڇ انھي ڪري قبول ڪانہ ڪئي تہ کين بگٽين مان ڊڄ ھو ۽ سمجھي رھيا ھئا تہ جيڪڏھن انگريز سنڌ ڇڏي ھليا ويا تہ بگٽين سان دشمني ڪري قبائلي جھيڙو شروع ٿي ويندو. ممبئي واري ڌر بہ سدائين ائين چوندي ھئي تہ مرين ۽ بگٽين ۾ جھيڙو ناگزير آھي.
ھيءَ فوجي مھم تہ ٿوري ھئي جوکو وڏو ھو. ھي مھم ختم تہ گھڻو وقت اڳي ٿي وڃي ھا پر ڀئھ ھو تہ متان ھنن بلوچ سردارن جو سکن سان اتحاد ٿي وڃي. پر جيڪڏھن اھو خوف نہ ھجي ھا تہ روجھاڻ فراري واري علائقي مان گذري ان جابلو علائقي کي اولھہ ۽ اوڀر ڪڙو چاڙھجي ھا تہ بلوچ سردارن کي گجرو جي لڪن ڏانھن وڌڻ جو ڪو موقعو ئي ڪونہ ملي ھا ۽ بنا ڪنھن دير جي کين ڊوڙائي اچي تروڪيءَ ۾ سوڙھو ڪجي ھا. جڏھن بيجار لولي ۽ جمڪ لڪن کي ڇڏي گندوئي ھليو ويو تڏھن علي مراد ھڪدم وڃي مٿن قبضو ڪري ھا تہ وڌيڪ ڏچو پيدا ڪونہ ٿئي ھا. پر ھو سچو ڪونہ ھو. جھڙيءَ ريت جابلو ماڻھو ٺڳ ۽ ھوشيار آھن. تھڙو سندن وڙھڻ جو طريقو آھي. پر انگريز جنرل جي فوجي ڏاھپ ھنن جھنگلي ماڻھن جي ويڙھھ جي فن مٿان غالب پئجي وئي ھئي. ھتي پلوٽارچ Plutarch جو فلپمين Philpopoemenلاءِ چيل ھڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو، ”ھن عظيم انسان ڪريٽCrete جي روايتن کي ڪتب آندو ھو. انھن جي فن ۽ فڪر کي استعمال ڪيو ھو. ھڪ ٻئي لڪي حملا ڪرڻ بہ انھن وٽان سکيو ھو. پر پوءِ کيس معلوم ٿي ويو تہ انھن جون سڀ حڪمت عمليون وسيع نظر جنرل جي ڀيٽ ۾ ٻاراڻيون ۽ تنگ نظريءَ جي بنياد تي بيٺل ھيون.“
سر چارلس نيپئر پنھنجي مختصر فوج سان اسي ميل جو رڻ جھاڳي وڃي پار پيو ھو جنھن جو تعداد پنج ھزار ھو. ھن اڳتي وڌي دشمن جي لڪن ۽ پاڻي وارين جڳھن تي وڃي قبضو ڪيو ھو. جيڪي مھم جي منھن ۾ ھئا. ان کان سواءِ بنا ڪنھن رتو ڇاڻ جي مضبوط لڪن تي قبضو ڪري ورتو ھئائين ۽ سندن منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو فقط چوونجاھھ ڏينھن ۾ انھن سردارن کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو ھئائين جن وٽ سندس فوج کان چوڻا ماڻھو وڌيڪ ھئا. اھا سندس فوجي حڪمت عملي ھئي جو ھو سندن پسند جي جنگي ميدان تي ڪونہ وڙھيو ھو. ھن ڪمانڊر کين انھن جڳھن تي بک ماري پاھھ ڪيو جن تي ھو کيس بکئي مارڻ لاءِ منصوبا تيار ڪري چڪا ھئا. ھن بي مثال فوجي جوڙجڪ ڪري تيز رفتاري سان پھچي ھنن سان اھڙو جھيڙو ڳنڍيو ھو جيڪو ھنن جي ويڙھھ جو من پسند طريقو ھوندو آھي ۽ ان علائقي ۾ جيڪو ھڪ سو چاليھھ ميل ڊگھو، اسي کان ھڪ سو ويھھ ميل ويڪرو ھو. ان کانسواءِ اھڙو خشڪ ويران ۽ سفر ڪرڻ ۾ ڏکيو جو ان جو مثال ساري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھن بي ڊپي ڪمانڊر بلوچ سردارن ۽ انھن جي ھزارن ماڻھن کي رڻپٽن، ڏکن جابلو علائقن پيچيده لڪن ۽ لنگھن مان ڊڪائي ڊوڙائي پيٽ ۾ سور وجھي ڇڏيو ۽ کين ساھھ پٽڻ جيتري وٿي بہ ڪانہ ڏني ھئائين. ھي اھڙو ڏکيو علائقو ھو جو ٿوري غلطي ڪري سندس ساري فوج تباھہ ٿي وڃي ھا. دشمن ٻيو ڪجهہ نہ بہ ڪري ھا پر رڳو مٿان پٿر اڇلي ھا تہ ھاڃا ڪري ڇڏي ھا. ھن کان سواءِ ڪو ٻيو حملھ آور ھن خشڪ ۽ خطرناڪ علائقي ۾ تہ داخل ئي ڪونہ ٿيو آھي تہ انھن خوفناڪ لڪن وچان گذريو آھي. اھڙا ڏکيا لڪ ساري وچ ايشيا ۾ نظر ڪونہ ايندا. سر چارلس اھڙن جنگجو ماڻھن کي شڪست ڏني آھي جن کي شڪست ڏيڻ ناممڪن ھو تنھن ڪري اوڙي پاڙي جي قومن کي سندس ڌاڪ ۽ دھشت ويھي وئي آھي. سر چارلس کي بنگال جو ھڪ جاسوس ديوتا ڪري سڏيندو ھو. ساڳيءَ ريت ڪڇي واري جابلو علائقي جا ماڻھو ھن کي شيطان ڪوٺيندا ھئا. پر ھاڻي اھي سنڌ جي رعيتي بڻجڻ لاءِ خواھشمند آھن. ان کان سواءِ سنڌ جا بلوچ قبيلا بہ ھن سان وفادار آھن. ڇاڪاڻ تہ کيس طاقتور محافظ سمجھن ٿا.
اھڙا سٺا نتيجا جلديءَ ۾ ڪونہ مليا ھوندا. ھن فاتح ڪمانڊر جو چوڻ آھي تہ ”انھن ويران علائقن ۾ جنگ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي.“ فوج لاءِ داڻو پاڻي ملڻ مشڪل، چرپر ڏکي، رستو ڳولي لھڻ ڏچو، اھڙيون ڏکيائون ۽ ڏچا ڪنھن بہ ملڪ ۾ ڪونہ آھن. ٽڪريون جبل ۾ رڻ پٽ جيڪي خطرناڪ لڪن ۽ لنگھن سان ڀريا پيا آھن. انھن سان سفر ڪرڻ تي ائين محسوس ٿيندو آھي. ڄڻ اگھاڙا پير ڪنھن نوڪدار پٿر تي کپي رھيا آھن. تنھن اٺ، گھوڙا، گڏھھ ۽ ڏاند سڀ منڊا. انھن نوڪدار پٿرن فوجي بوٽن کي کنا کيڙا ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪم ماڻھن ۽ جانورن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو. نئپولين جو چوڻ آھي تہ ”سڀني کان ڏکي جنگ رڻ پٽ جي آھي. مان بہ ان ئي نتيجي تي پھتو آھيان.“
جابلو ماڻھو بہ دلير آھن جو ھنن ڏکين ڏونگرن ۾ رھندا آھن. اھا دست بدست جنگ ھئي جنھن ۾ 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن، سرترين تي رکي جان جا نذرانا پيش ڪيا ھئا. ھڪ ڌاڙيل کي بئنٽ جي چوڪ سان قتل ڪيو ويو ھو. جنھن ان فوجيءَ جي ھٿ مان بندوق کسي بئنٽ کي پنھنجي سيني مان ڪڍي ھئي. ان کان پوءِ ساڳيءَ بندوق واري بئنٽ فوجي کي ھئي ۽ پوءِ مري ويو ھو. ھڪ ٻيو بہ واقعو آھي تہ جھونجھڙي ويل جو پنجويھن ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي ويو ھو. جڏھن تہ مغل سوارن جو تعداد ويھھ ھو. صورتحال اھڙو ٿي ويو جو مخل سوارن کين پيش پوڻجو چيو. پر جابلو ماڻھن اھا ڳالھہ قبول ڪانہ ڪئي ۽ ھڪ ھڪ ٿيندا سڀئي مري ويا.
سر چارلس ھنن جابلو ماڻھن جي ويران علائقن ۾ اندر وڃي انھن سان جھيڙو ڳنڍيو ھو. ھن پنھنجي بھادريءَ عقل ڪري ھڪ انچ بہ پوئتي ڪونہ ھٽيو ھو. اھو سندس شاندار جنگي عمل ھو. پر ڌڙابندي ڪري سندس بھادريءَ ھڪ بہ ڪم عوام جي آڏو ڪونہ اچي سگھيو ھو تہ جيئن جنرل جي ھمت افزائي ٿي سگھي. اھا ھڪ گندي ذھنيت ھئي جيڪا ڪنھن انگريز کي ڪانہ ٿي سونھين. جيڪڏھن مشڪلاتن مٿان غالب ٿي، مختصر فوج سان اڳتي وڌي، بھادري جي جنگي ڪمن کي جاچي پرکي ڏسبو تہ ھن انگريز جنرل ڪمال ڪري ڏيکاريو ھو ۽ اھا ئي ھڪ سچي ۽ ذھين فوجي ڪمانڊر جي نشاني ھوندي آھي. ھن ڏکي مھم کي ڪاميابي سان توڙ تي پھچائڻ ۾ سندس اٽل ارادن ڪرامت جو ڪم ڪري ڏيکاريو ھو. انھيءَ زماني ۾ ممبئي واري ڌر ھن خلاف اجائي واويلا مچائي ڇڏي ھئي. پر ھن جو عزم اڏول رھيو. ھنن ماڻھن جو مقصد ھو تہ ھن جنرل گڏ وڙھندڙ فوج حوصلا ھاري ويھي ۽ سوڀ کان مايوس ٿي وڃي. لارڊ جي اجائي ھٺ ۽ غرور ڪري 78 ريجمينٽ تباھہ ٿي چڪي ھئي. جيڪڏھن سوڀ حاصل نہ ٿئي ھا تہ جنرل چارلس بہ زنده رھي ڪونہ سگھي ھا. بلوچ سردارن کي ڪھڙيون سزائون مليون ان لاءِ تہ ڪجهہ بہ چئي ڪونہ ٿو سگھجي. پر ھن جنگي مھم جي ابتدائي دور ۾ قلات جي خان، ڌاڙيلن ۽ وفادار چانڊين بہ کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. علي مراد سان گڏ سندس بلوچ ماڻھن بہ بدنيتي ڏيکاري ھئي. پر ھڪدم پتو پئجي ويو. تنھن ڪري کين غداري ڪرڻ جو موقعو ڪونہ ڏنو ويو جيڪي پنھنجي بلوچ ڀائرن سان ٻٽ ھئا. اھڙين ڏکينس وايو منڊل ھوندي بہ جنرل حملي دشمن مٿان وڃي اوچتو ڪڙڪندو ھو. اھڙن معاملن ۾ جسماني سرگرمي، تيز رفتاري ۽ فوجي ترتيب ۽ ترڪيب جي ضرورت ھوندي ھئي. اوچ، ڦلجي ۽ شاھپور بہ اوچتي حملي ۾ فتح ڪيون ويون ھيون. ڌاڙيلن کي پتي پوڻ کان اڳ سندن رابطا اولاھن جابلو علائقون کان ڪٽجي ويندو ھو. کين اھا سڻس پئجي ڪانہ سگھندي ھئي تہ ڪو حملو شروع ٿي چڪو آھي. ھي اھڙيون ڳالھيون جن ڪري سندس ذھانت کان انڪار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھن لولي، جمڪ جا لڪ ۾ پنھنجي ڏاھپ وسيلي قبضي ھيٺ آندا ھئا. ان کان سواءِ ھن سمپسن کي فوجي ڪالم ڏئي مٿن ھلان ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ھو. جنھن مان ھيڊ ڪوارٽر جي فوج بہ گڏ ھئي. سندس اٽل ارادن جو پتو ھن مان بہ پئجي سگھي ٿو تہ خطرناڪ حالتن دوران بہ ھن پنھنجي ڪئمپ لڪن جي وچ تي رکي ھئي. اھو مشڪل صورتحال انوقت تائين ھليو جو اٺ سوار فوج کاڌي پيتي جي شين کڻي اچڻ لاءِ لڪ ڇپ ۾ آمد دقت شروع ڪري ڏني ھئي. جنھن ڪري ٽين وڏي فوجي پيش قدمي ممڪن ٿي سگھي جنھن وسيلي سيبري ۽ روز ڪشتا تي قبضو ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ اوچتو حملو ڪري ثور جي ولار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. پر ڪاميابي حاصل ٿي ڪانہ سگھي ھئي. پر اھا انساني وس کان ٻاھر ھئي جيڪو ھڪ فطري اتفاق ھو جنھن انساني تدبر ۽ پيش بيني روڪي ڪانہ سگھي ھا. ھي ھڪ عام جنرل ڪونہ ھو جنھن وايو منڊل کي ڏسي تيار ٿيل منصوبي ھڪدم ڇڏي ٻي ترڪيب ۽ طريقي کي ڪم آڻي ورتو ھو ۽ فوج کي ناڪامي جي مايوس مان ڪڍي ورتو ھو. ان منصوبي جي ھڪدم تبديلي ڪري دشمن کي اھڙين مشڪلاتن ۾ ڦاسائي ورتو جو ھو ڪيڏانھن ڀڄي ڪونہ سگھيو ھو.
ھتي ھاڻي اھو بہ ڏسڻو آھي تہ ھن فوجي جوڙجڪ ۾ صحت ۽ اندروني بھتري ڪھڙي ھئي ھنن جي اڳين فوجي سرگرمين دوران بلوچ سردار ڀڄي جابلو علائقي جي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي گڏ ٿيا ھئا. پر اوچتي حملي جي ڪوڙڪيءَ کان وارجي وئي تان بچي ويا ھئا ۽ لڪ جي پٺيان اھڙيءَ جاءِ تي وڃي لڪا ھئا جتي پھچڻ مشڪل ھو. مٿن نظر رکڻ تہ مشڪل ٿي پيو ھو. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي ويون ھيون ۽ فوجي سامان ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون پري ھيون. بلوچ سردارن کي ڀڄي نڪرڻ جو سونھري وجهہ ھو. ڇاڪاڻ تہ سندن ويڙھاڪن جي دمبالي Rear ۾ ھڪ لڪ موجود ھو. ائين ڪري ھو اھو ساڳيو علائقو فتح ڪري پئي سگھيا جيڪو ھنن کان انگريزي فوج فتح ڪري ورتو ھو. ان کان سواءِ ھو نئين جنگ جي ابتدا ڪري انگريزي فوج جي اڳين سوڀن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏن ھا. ھن ڏکن سورن جا سڀ سوٺا سھي بلوچن کي ناڪام ڪري ڄڻ ڏچن جي ڏونگر کي ڏاري وڌو ھو. اھڙي مشڪلات جي ڦندي ۾ ٻروچ وڃي ٻہ ڄنگھا ڦاٿا ھئا. ھو دشمن خلاف اڳرائي ڪرڻ مان ٿوري وقت ھٿ ڪڍي ويو ھو. پر اھو پوئتي ھٽڻ ڄڻ ڪرامت ٿي ويو ھو. چوندا آھن تہ ”وڏي ڇال ھڻڻ لاءِ ٿورو پوئتي ڀرڪڻو پوندو آھي.“ اھڙي ريت بلوچ اتحاد کي مجبور ڪيو ويو ھو تہ اھڙي صورتحال ۾ جنگ ڪن جيڪو سندن نقصان ۾ ھو يا اھڙي بھت رين جڳھھ کي خالي ڪري ھليا وڃن جنھن تي انگريز فوج جو حملو ڪرڻ ممڪن ڪونہ ھو. ان کان سواءِ انگريزي فوج جي اڳرائي خونخوار سٽون اھڙيءَ جڳھھ سونھن جتي سندن مقدر ۾ تباھي کان سواءِ ٻي ڪابھ ڳالھہ لکيل ڪانہ آھي. اھڙيون ڳالھيون فقط فوجن جا عظيم جنرل ڪري سگھن ٿا.
علي مراد ۽ ڪمانڊر ان چيف ھنٽر لوٽي، جمڪ ۽ ديراھھ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان پوئتي ھٽيا ھئا. پر ائين ڪرڻ سان ھنن فتح ڪيل علائقن کي ھٿ مان ڪونہ ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تہ بيٽسن اڃا بہ گجرو جي ڏکڻ پاسي وارو لڪ ڪونہ ڇڏيو ھو. سندس فوج جو گذر سفر ان اناج تي ھو جيڪو ھن دشمن کان ڦريو ھو. ان فوجي حصي کان سواءِ ٻي فوج کاڌي پيتي جي ڊيپن وٽ موجود ھئي. تنھن ڪري کاڌو پيتو موجود ھو. ان دور ھيڊ ڪوارٽر جو ھنٽر واري فوج سان رابطو فقط ٻن واسطي ٽٽل ھو. ڇاڪاڻ تہ اھو تنھن وقت ان جڳھھ تي جتان رستو موڙ کائي گجرو لڪ ڏانھن لڙندو ھو ۽ ھن دشمن اتحاد تي اتر وار ڇيڙي ۾ حملو ڪيو ھو. جڏھن تہ بيٽسن ۽ علي مراد ڏکيڻون چيڙو جھليون بيٺا ھئا. جيڪڏھن بلوچ سردار ٿورو وقت اتي ترسن ھا تہ اھا جنگ فيصلھ ڪن ثابت ٿئي ھا ۽ اھو جنگي ميدان انگريزي فوج جي فائدي ۾ ھو ۽ بلوچ اتحاد لاءِ مقدر ۾ شڪست لکيل ھئي. ڇاڪاڻ تہ سندن پٺئين ۽ کاٻي پاسي سک ملڪ جون حدون ھيون ۽ سامھون انگريزن جي فوج ھئي جيڪڏھن اھي ھيٺ لھي لڪ ڏانھن اچن ھا تہ ٻن باھمن ۾ ڦاسي وڃن ھا. پر ھنن تروڪي ۾ پھچي پنھنجي جان بچائي ھئي. ان تي بہ ھنن جنرل چارلس ڏاھپ سان کين ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ھو. ھن جي پيش قدمي بہ نھايت تيز رفتار ھئي. ھن سان گڏ ويڙھو فوج جو تعداد صفا گھٽ ھو. وٽس فقط ھندستاني فوج ھئي ۽ سارو وايو منڊل ڳنڀير لڳو پيو ھو ھن خشڪ ۽ ويران جابلو جوءِ ۾ ويھھ ھزار ماڻھو موجود ھئا جن سان گڏ بيشمار چوپايو مال ھو ۽ سڀني لاءِ چوڻي پاڻيءَ جي ضرورت ھئي.

باب يارھون: نئين سر انتظامي جوڙجڪ

سر چارلس ڌاڙيلن خلاف فوجي مھم دوران سنڌ جي انتظاميھ کي ڪونہ وساريو ھو. ھن پنھنجي ڊائري ۾ لکيو ھو تہ تروڪيءَ ۾ سردارن سان ٺاھھ جي ھلندڙ ڳالھين ٻولھين انھيءَ انتظاميھ کان ٿوري وقت لاءِ پري ڪري ڇڏيو ھو. اتان جي معاملن کي نبيرڻ لاءِ مون وٽ گھڻا ڪيس آھن، جيڪي ھڪ ٿھي جي شڪل ۾ منھنجيءَ ميز تي رکيا آھن، جنھن جي اوچائي ٻہ فوٽ ٿيندي. مان يقين سان چئي سگھان ٿو تہ ٽيھھ کن ڪيس آھن، جن سان لاڳاپيل فل اسڪيپ ڪاغذن جو تعداد پنجاھھ کان نوي تائين ھوندو. انھن مان ڪجهہ ڪيس اھڙا آھن جن جو تعلق موت ۽ زندگي سان آھي. پر ھي اھڙو ذھني پورھيو آھي جو ماڻھو جي اندر جو آٿت ڊانوانڊول ٿي وڃي ٿو. سر چارلس ھن کان اڳ پنھنجو وقت ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم کي ڏنو ھو. پر ھاڻي پنھنجو سارو ڌيان ھندستان جي اخبارن ۾ ڇپيل انھن مقالن کي سڌارڻ کسي ڏئي رھيو جيڪي جنگ متعلق ڇاپيا ويا ھئا. جڏھن ھو ڌاڙيل سردارن کي سزائن ڏيڻ لاءِ ساڻن ٺاھھ جا شرط طئھ ڪري تڏھن لس ٻيلي جي ڄام سان ميوات جي وڻن خريدڻ بابت خط ڪتابت ڪري رھيو جيڪي کيس ڪراچي ڀرسان باغ ۾ پوکڻا ھئا. کيس سائنس سان لاڳاپيل ڳالھين جو بہ اونو ھو. ان مقصد لاءِ ھن ڪئپٽن وڪري جي سواري جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ملازم ھو جنھن کي جيالاجي بابت کوجنا ڪرڻ ۽ معدنيات جي نموننن گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو. ھن پنھنجي رپورٽ ٺاھي ھڪ مماير جي شڪل ۾ ”لنڊن سوسائٽيءَ“ ڏانھن موڪلي ڇڏي ھئي. ھن سوسائٽي ھن ماڻھوءَ جي کوجنا کي بھترين جاکوڙ قرار ڏنو ھو. جيڪڏھن فوج اڃا بہ وڌيڪ عرصو جبلن ۾ رھي ھا تہ ھو انھيءَ تحقيقي جي دائري کي اڃا بہ وڌائي ھا. ھن بجار بگٽي کي گرفتار ڪرڻ سان ڊيرا کي تباھہ ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ اولاجي ۽ ڦلجي جا شھر ڪھيرين کي واپس ڏنا ويا ۽ لھڙي بلوچ خان جي حوالي ڪيو ويو ان کان جلد ئي پوءِ فوج سنڌ ڏانھن ورڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ تہ کيس سرڪار جو پئسو بچائڻو ھو. اھڙي ريت جنرل پنھنجي رھبر فوجي دستن سان شاھپور ڏانھن روانو ٿيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن قلات جي خان سان ملي سگھي. ساڻس ھي ٺاھھ ڪرڻو ھو تہ اوسي پاسي جي انھن ڌاڙيلن تي نظر رکڻ لاءِ فوج جو ڪجهہ تعداد شاھپور ۾ رکڻ جي موڪل ڏني وڃي، جيڪي تروڪيءَ مان نڪري ڀڄي ويا ھئا يا تروڪيءَ جھڙي محفوظ جاءِ اندر داخل ٿي ڪونہ ٿيا ھئا. سر چارلس ڏاڍو خوش ھو ڇاڪاڻ تہ ڌاڙيلن خلاف جھيڙو ٿوري وقت اندر پڄاڻي کي پھتو ھو ۽ رڻ پٽ واري علائقي جي گرمي يورپي فوجين لاءِ تہ ھن کان اڳ ئي نہ سھڻ جھڙي ٿي وئي ھئي.
قلات جو خان شاھپور ۾ ھن جي اوسيئڙي ۾ ويٺو ھو جيڪو ٻين حڪمرانن جيان ڏاڍو ڊنل ۽ ھيسيل ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن انگريز ڪمانڊر اھڙن سرڪش ڌاڙيلن کي شڪست ڏني ھئي جن کي ناقابل شڪست سمجھيو ويندوھو. ھي اھو ساڳيو ماڻھو ھو جيڪو ڪجهہ وقت اڳ ھن ڪمانڊر سان ملڻ کان لھرائي رھيو ھو ۽ ھاڻي وري ھن سان ملڻ لاءِ آتو ھو. ڌاڙيلن خلاف ھن مھم مان قلات جي خان کي بہ گھڻو فائدو ٿيو ھو. ھن جا باغي رعيتي ناس ٿي چڪا ھئا جن قبيلن جي صورت ۾ ڦرلٽ ڪري ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي ھئي. ھن جي درباري سردارن تي ڀئھ ڇائنجي ويو ھو جيڪي اڳي وٺ جا ئي ڪونہ ھئا. ھنن ڌاڙيلن ڦرلٽ جون قھري ڪارروايون ڪري سندس ملڪ جون سکيون ستابيون جيون اجڙي ڀينگ ڪري ڇڏيون. انھن ڌاڙيلن جي ناس ٿي وڃڻ کان لوڪ گنداوا وارو خوشحال علائقو وري ماڻھن سان ڀرجي ويندو، پوکي راھي ٿيندي ۽ امن امان ھوندو. پر خان کي قنڌار جي سردارن مان خوف ھو جنھن کانئس مدد جي طلب ڪئي ھئي. تنھنتي سر چارلس کيس وراڻيو ھو تہ تنھنجي درٻار ۾ موجود ڪجهہ سردار صحيح نہ آھن. جيڪڏھن اھڙي صورتحال ۾ تنھنجي مدد ڪئي ويندي تہ تو بدران اھي سردار طاقتور ٿي ويندا. تنھنڪري اول تون انھن سردارن جي صفائي ڪر. ان کان پوءِ قنڌار جي سردارن کي پيغام موڪل تہ مان انگريزن جو دوست آھيان. جيڪڏھن اوھان منھنجي ملڪ سان کئونس ڪندئو تہ ڀتر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو. ان کان سواءِ ھن انگريز ڪمانڊر گورنر جنرل کي مشورو ڏنو ھو تہ قلات کي فوجي طور طاقتور بڻايو وڃي ۽ اھو بہ خرچ انگلينڊ برداشت ڪري ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ قنڌار ھيسجي ويندو ۽ قلات کي ميريءَ اک سان ڪونہ ڏسندو. اھڙيءَ ريت خان جي درٻار ۾ موجود سردارن جي ونگين نيتن مان ور نڪري ويندو. سندس ھن مشوري کي اجايو سمجھي ڌيان ڪونہ ڏنو ويو ھو. ان بدران قنڌار جي سردارن کي پڪو ويساھھ ڏياريو ويو ھو تہ سندن ملڪ تي ھلان ڪانہ ٿيندي ڇاڪاڻ تہ انھن جو سر چارلس جي ڌاڙيلن خلاف قھري ڪاررواين ڪري ڊڄ کان پتو ئي پاڻي ٿي ويو ھو تہ متان انگريزن جي فوج قنڌار جي اچي ڪوٺي مھمان ٿئي. قلات جي خان بہ خوشيءَ سان موڪل ڏني تہ ڀلي انگريزن جي فوج شاھپور ۾ رھي.
ان کان پوءِ سر چارلس نيپئر اھڙا قدم کنيا تہ جيئن سنڌ جي سرحد کي بلوچ ڌاڙيلن جي ڏاڍ کان بچائي سگھجي. انھيءَ مقصد لاءِ ھن قيد رکيل جکراڻين ۽ ڊومڪي قبيلي ھلڪن ڦلڪن سردارن کي ڪشمور کان ڏکڻ واري غير آباد علائقي ۾ رھايو جتان جون زمينون ڀليون ھيون ۽ دريا خان کي سردار مقرر ڪيو. کيس چيو ويو ھو تہ جيڪو ماڻھو سرڪشي ڏيکاري تنھن کي سزا ڏئي سگھي ٿو. پر پوءِ جلد ئي اھڙن ماڻھن کي پگھارون ڏئي پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويو ھو. جن کي عوامي خدمت لاءِ علائقي جي ڏکڻ طرف موڪليو ويو ھو جتي ھو نيڪ نيتي سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھيا ھئا. ڊيرا جي ماڻھن کي پنھنجن گھرن ٺاھڻ ۽ پوکي راھي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو ۽ لابارن تائين سندن کاڌي پيتي جو بندوبست سرڪار ڪيو ھو. ھن کي گھر ۽ زمينون انھيءَ ڪري سرڪار بخشيون ھيون تہ اھي پنھنجن اڙين ٿڙين مائٽن ڌاڙيلن کان بچاءَ ڪندا. کين اھو بہ چتاءُ ڏنو ويو ھو تہ جيڪڏھن انھن پاڻ ڪنھن ماڻھوءَ کي لٽيو ڦريو يا ٻين ڌاڙيلن کي ڦرلٽ ڪرڻ کان روڪي نہ سگھيا تہ کانئن زمينون واپس ورتيون وينديون سندن سردارن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندن قبيلي جي ماڻھن کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو. ڌاڙن کي بند ڪرڻ لاءِ دريا خاب کي چونڊيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھو اصل کان ڦرلٽ ۽ ڌاڙلن جي سخت خلاف ھو ۽ ھي اھو سردار ھو جيڪو سڀني کان اڳ پيش پيو ھو. توقع اھا ڪئي پئي وئي تہ ھن جي نظرداريءَ ۾ جيڪڏھن پيءُ نہ سڌريو تہ سندس اولاد تہ شريف ٿي ويندو. حسين بگٽي ۽ سندس ڀاءُ خطرناڪ ڌاڙيل ھئا جن ڌوڪو ڏئي ڪئپٽن ڪلارڪ ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تنھن ڪري کين زنجيرن ۾ جڪڙي رستن ٺاھڻ جو ڪم ڪرايو ويندو ھو. تنھن ڪري ٻيا بہ چپ ساڌيون پيا ڪم ڪندا ھئا. نيٺ تھذيب ۽ شرافت کي سوڀ حاصل ٿي وئي ھئي.
ان کان پوءِ مئڪنزي جي گاھين جي قتل عام جي ڏوھھ ۾ بيجار کي ڦاسي جي ڏيڻ جو سوچيو ويو ھو. پر علي مراد ان کي بخشڻ جي گذارش ڪئي ھئي. بيجار بي رحم ڌاڙيل ھو جنھن جو اٿڻ ويھڻ ڌاڙيلن سان ھو ۽ فوجي مھم دوران ٺاھھ ڪرڻ جي ڳالھہ ٻولھھ ۾ کيس شريڪ ڪيو ويو ھو ۽ صلح جي اھڙين ڳالھين ڪري ھو ڄڻ ڪمزور ٿي ويو ھو. علي مراد بہ اھڙين ڳالھين کي آڏو رکي کيس بخشڻ جي سفارش ڪئي ھئي. تنھن ڪري سر چارلس ھن جھوني ڌاڙيل ۽ سندس ماڻھن کي علي مراد جي حوالي ڪيو ھو جنھن کين پنھنجي پھريدارن جي نگرانيءَ ھيٺ درياءَ جي اوڀر پاسي رکي ڇڏيو ھو. کين جکراڻين کي مليل رعايتن جھڙيون سھوليتون ڏنيون ويون ھيون. سر چارلس کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌي رحم اچي ويو ھو تہ جڏھن تروڪيءَ ۾ بلوچ ڌاڙيلن سمجھيو تہ ساڻن ھڪ ھڪاڻي ٿيڻ واري آھي تہ ھنن پنھنجي زالن ۽ ٻارن مٿان کين قتل ڪرڻ جي ارادي سان نوڪر بيھاري ڇڏيا ھئا. تنھن ڪري ھو بلوچن سان جنگ ڪرڻ کان پاسو ڪري ويو ھو. تنھن ڪري ھنن جو چوڻ ھو تہ جتي بہ اھو انگريز ڪمانڊر نظر اچي ان جي سامھون وڃي پيش پئو. جيڪو ماڻھو اسان جي عورتن جي عزت رکي ۽ ٻارن ٻچن کي بچائي سگھي ٿو، سو پڪ آھي اسان کي بہ معاف ڪري ڇڏيندو.“ بجار سان بہ دغا ڪئي وئي ھئي، جيڪا پڻ ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالھہ ھئي. ان کان پوءِ ڪئپٽن پوسٽنس بہ پنھنجي بچاءَ لاءِ ھڪ ڊگھو جواز پيش ڪيو ھو ۽ چيو ھئائين تہ ھن گورنر جنرل کي مطمئن ڪري ڇڏيو آھي. پر ھن انھن ماڻھن کي مطمئن ڪونہ ڪيو ھو جن مٿس الزام ڌريو ھو ۽ تروڪيءَ جي حالتن مان بہ محسوس ٿي رھيو ھو تہ انھن ماڻھن جو الزام غلط ڪونہ ھو.
ھنن معاملن کي اڪلائڻ کان پوءِ جنرل چارلس ڪراچي پھتو ھو. کيس ھن موسم ۾ پنج مھينا لڳي ويا ھئا، جنھن دوران ھو بلوچ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪندو ھو ۽ سنڌ جي انتظاميھ ڏانھن بہ ڌيان ڏيندو ھو. ڪم جي اھڙي دٻاءَ بابت ھن لکيو آھي تہ ايتري گھڻي ڪم مون کي گھڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. پر ماڻھو ھميشه لاءِ تہ جيئرو ڪونہ رھندو آھي.“ ھو ڪراچيءَ پھتو تہ سھين پر کيس ھڪ ٻئي جنگاڙي کي منھن ڏيڻو ھو. ھي ناشڪر ماڻھن جو اھو ٽولو ھو“ جن ھن خلاف ڀنڊڻي ٻاري ڏني ھئي جنھن اھو ڪونہ ڏٺو ھو تہ ھن ماڻھو ڪھڙي سچائيءَ ۽ ايمانداري سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪيو ھو. ابتدا ۾ نہ سندس عجيب مھم تي چٿرون ڪيون ويون تہ ان تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ڪونہ آھي. پر جڏھن ھيءَ انتھائي چوٽ تي پھتي ۽ دشمن ڌاڙيل ھن کان شڪست کائڻ لڳا ھئا تہ مٿس چڙي ٽوڪون ۽ ڌنڪون ڪيون ويون ھيون. رسد گاھھ جي ماڻھن جي قتل کان پوءِ کليو کلايو چيو وڃڻ لڳو تہ اھو واقعو سندس ناڪامي جي علامت آھي. ھن واقعي کي ممبئي ڌر وارن تيلي مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ھو. ھو وڏي واڪ اھو بہ چوڻ لڳا ھئا تہ ”سر چارلس موڳو مٽر آھي ۽ حڪومت ڪرڻ مان ٽڪو بہ نہ ڄاڻي اھو بہ چوڻ لڳا ھئا تہ ھن کان ٿو کٽا ڪري ڇڏي آھي، ڏندن ھيٺان ڪاٺي ڏئي ماٺ انھيءَ ڪري آھن جو ھن وٽ وڏي فوج آھي.“ اھڙين ٽوڪن ڌنڪن ھوندي بہ ھو مکيھ فوج پاڻ سان وٺي ويو ھو. جنھن سان گڏ ڪجهہ بلوچ بہ ھئا ۽ جنھن علائقي ۾ فوجي سرگرميون شروع ڪيون ويون ھيون سو سنڌ جي سرحد کان پورو ڏيڍ سو ميل جڏھن تہ ڪراچي کان ڇھھ سو ميل پري ھو جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ھئي. ان کان سواءِ جھيڙو انھن ماڻھن سان جاري رکيو ھئائين جيڪي سنڌ جي بلوچن جو رت ۽ سگڻيا ھئا. عام ماڻھو ھن مھم کي سٺو ڪونہ سمجھي رھيو ھو. فوج سمجھي رھي ھئي تہ ھنن جنگي سرگرمين جو نتيجو ڪونہ نڪرندو پر ھو ڀريا ٻہ مھينا ھنن بلوچ ڌاڙيلن ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي ڪڍ لڳي پيو. ان ساري عرصي دوران سنڌ ۾ بغاوت جي باھھ ڪانہ ڀڙڪي نہ ڪنھن سازش ڪئي، نہ ڪنھن ناراضپي جو اظھار ڪيو.
ھن مھم جي سوڀ کان پوءِ ممبئي جي واويلا ڪندڙ ڌر جا پير ئي نڪري ويا ھئا جنھن پنھنجي لڄ لڪائڻ لاءِ چوڻ لڳا ھئا تہ اھا مھم پاڻيءَ ولوڙ ھئي. اھو بہ چوڻ لڳا ھئا تہ سرڪاري پئسو پاڻيءَ وانگر ھاريو ويو. فوج بہ وڏي تعداد ۾ ڪم آندي وئي. پر ڪابھ ھڙ حاصل ڪانہ ٿي. بيجار خان ٻين قبيلن سان گڏجي سنڌي سرحدي پٽي سان ڌاڙآ ھڻي ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آھي.“ افسوس جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھو قيد ۾ ھو ۽ ڦاسيءَ جي سزا جي خوف ۾ ھن کائڻ پيئڻ وسري ويو ھو. سو اھڙا ھئا ممئبي ڌر وارا جيڪي ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ۾ الائي ڇا جو ڇا لکي پيا ممڻ مچائڻ جا جتن ڪندا ھئا.
ڀاڙيتو ماڻھن جي اھڙين ڀڏين ڳالھين ذريعي تاريخ جي توھين ڪئي پئي وڃي ۽ صاحب اختيار بہ اھي ڀاڙيتو ماڻھو آھن جن تي ڪڙي نظر رکڻ ضروري آھي. بامبي ٽائيمس اخبار جو بسٽ کلئي عام چئي رھيو آھي تہ کيس ڪامورا شاھيءَ جي سھائتا آھي. ان کان سواءِ ڪي وڏا ماڻھو بہ ھن جي اوٽ ۽ آڌر بڻيل آھن. پر اھڙن ماڻھن کي تاريخ ڪڏھن بہ معاف ڪانہ ڪندي ڇاڪاڻ تہ اخبارن ۾ ڇپيل سندن تحريرون جنگ ۽ امن کي ڏاڍو متاثر ڪري رھيون آھن. ھن ماڻھو پنھنجي اخبار ۾ اھو بہ اعلان ڪري ڇڏيو آھي تہ سر چارلس نيپئر گورنر جنرل کي پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رھيو آھي. ان کان سواءِ ھن ماڻھوءَ اھڙي جنگي منصوبي کي تير پتير سان ڇاپي بہ ڇڏيو آھي. ميجر ڪار مچيل سمٿ لاھور جي حڪمران خاندان تي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي جنھن ۾ ھن واضح نموني اظھار ڪيو آھي تہ دھلي گزيٽ ۾ ھڪ جعلي مضمون ڇپيو آھي جيڪو سر چارلس جي نالي سان آھي جيڪو پنجاب سان جنگ ڪرڻ جو وڏو ڪارڻ ھو. انھيءَ زماني ۾ جنرل چارلس پنجاب جي سرحد سان موجود ھو جنھن چيو ھو تہ سندس فوج جلد ئي سکن تي حملو ڪندي. سکن سمجھيو تہ اھو بھتر ٿيندو تہ انگريزن طرفان ٿيندڙ حملي کان اڳ ھو ڇو نہ انگريزن تي حملو ڪن. تنھن ڪري انھن ستلج پار ڪري انگريزن جي فوج تي حملو ڪيو ھو. اخبار ۾ ڇپيل اھڙي بيان جي تائيد ڪئپٽن ڪنگھام بہ ڪئي ھئي. ان کان سواءِ اھڙي تائيد ھڪ فرينچ ڪرنل مائوٽن بہ زباني طور ڪئي ھئي جيڪو سک حڪمران جي ملازمت ڪندو ھو. ائين ڪري گورنر جنرل جي پرامن حڪمت عملي ڊانوانڊول ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي ھئي. اھڙيءَ ستلج جي ڪناري سان ٻي جنگ شروع ٿي وئي جنھن جا ڪيترا ئي خراب نتيجا نڪتا ھئا. اھي ڪھڙيون نہ ڪھٽيون ڳالھيون ھيون جيڪي ٻن اخبارن ٻن ايڊيٽرن ڪيون ھيون جيڪي جعلي ھيون. ھيٺ ھڪ خط اقتباس پيش ڪجي ٿو جيڪو انگريز سک پھرين جنگ کان ٻہ مھينا اڳ گورنر جنرل کي لکيو ويو جنھن مان سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو تہ سر چارلس ان جنگ ڏانھن تہ ڪو ڌيان ئي ڪونہ ھو جنھن لاءِ جعلي قسم جا مقالا لکيا ويا ھئا.
”ھي ڳالھہ انھن ماڻھن لاءِ ڏاڍي ڏکي ھوندي آھي جن جي ساري زندگي فوجي ملازمت ۾ گذري ھجي ۽ اھي بنا ڪنھن منصوبھ بندي اکيون ٻوٽي جنگ ۾ وھي پون. ساڳيءَ ريت تاريخ بہ ثابت ڪيو آھي تہ ائين ڪڏھن بہ ڪونہ ٿيو آھي. اھو ڏٺو ويو آھي تہ فوجي ماڻھو صحيح ھلندا آھن ۽ سول ماڻھن کان وڌيڪ ڏاھپ سان حڪومت ڪندا آھن پر تاريخ ثابت ڪيو آھي تہ فوجي حڪمرانن سول ڪامورا شاھي جنگ ڪرڻ جي شوقين ھوندي آھي. مون کي اھو اعتبار ڪڏھن ڪونہ ايندو تہ جيڪو ماڻھو جنگ ۾ اڳيئي وچڙيل ھجي سو پنھنجي شخصي احساسن ڪري ٻيءَ جنگ جي ڀڙڪندڙ باھھ ۾ ڪڏي ٽپ ڪونہ ڏيندو. پوءِ اھو عام ماڻھو ھجي يا عيسائي. اسان کي جيڪڏھن جنگ ڪرڻي آھي تہ اسان دوستن سان گڏجي ان جنگ کي منھن ڏينداسون. جن جي نيت ۾ نيرو نانگ ھوندو سي ائين ڊڄي ڀڄي ويندا جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. ڪوبہ ماڻھو خوف خطرن سان پيار ڪونہ ڪندو آھي. پر جيڪڏھن عزت ۽ وقار جو سوال ھوندو آھي تہ ماڻھو مھڻيءَ مرڪ سان چار وکون اڳتي وڌي وڃي موت کي ڀاڪر ۾ ڀريندو آھي. انھن ماڻھن تي ڦٽڪار ھوندي آھي. جيڪي اھڙي جنگ وڙھندا آھن جنھن کي ٽاري سگھبو آھي. اھڙا ظالم ماڻھو انساني قتل عام جا شخصي طور ذميوار ھوندا آھن. مان پنھنجي زندگي جا ٻہ ڏينھن اپوتر ۽ نڀاڳا سمجھندو آھيان جن دوران مان مياڻي ۽ حيدرآباد واري جنگ ڪئي ھئي. انھيءَ لاءِ نہ تہ مان پنھنجي نقطئھ نظر ۾ صحيح ڪونہ ھوس. پر انھيءَ ڪري تہ مان پنھنجا بھادر ساٿي وڃائي چڪو ھوس. مان ھن حقيقت جو نھايت جرئت سان اظھار ڪري سگھان ٿو تہ مون کان وڌيڪ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جنگ ڪرڻ بابت پاڻ کان محنتي سان سوال ڪونہ پڇيو آھي تہ اھا جنگ پاڻ کي خطري ۾ وجھڻ لائق ھئي يا نھ. پر مان پاڻ کي ھيءَ ڳالھہ مڃائي ڪونہ سگھندو آھيان تہ ان جنگ لاءِ ڪو جواز ھو بہ يا نھ. اھڙيءَ ريت جنگ کان پوءِ اھڙا واقعا رونما ٿيندا آھن جن جو اڳواٽ ئي مون کي چنتو ھوندو آھي. عقل ۽ فھم وارو ڪوبہ ماڻھو ائين چئي ڪونہ سگھندو دشمن جي وڏي تعداد سان ٻيو اسان ائين ۽ اھڙي جرئت سان وڙھي سگھي ٿو. پر جڏھن ڪو ٻيو چارو ڪونہ ھوندو آھي تہ پوءِ جنگ ناگذري ٿي پوندي آھي.
”تنھنجي خط پھچڻ کان پوءِ ئي اھڙيون ڳالھيون ياد اچي ويون آھن. مان ھي ڳالھيون انھيءَ ڪري لکي رھيو آھيان تہ جيئن اوھان پنھنجي ملازمن کي ٻڌائي سگھو تہ فوجي ماڻھو پنھنجي ملازمت واري حرص ۽ لالچ خلاف بہ مزاحمت ڪري سگھندو آھي. جيڪڏھن کيس ضرورت کان وڌيڪ لالچ ھوندي آھي تہ اھو جرم آھي ۽ مان اھڙين ڳالھين ۾ اوھان سان سھمت آھيان. پر عام طور تي ائين سمجھيو ويندو اھي تہ فوجي اڳواٽ ئي جنگ جو اٽل ارادو ڪري چڪو ھوندو آھي. جڏھن تہ سندس اصلي ارادو امن قائم ڪرڻ جو ھوندو آھي. ليڪن ان کانپوءِ اھم ڳالھہ اھا ھوندي آھي تہ مناسب جنگي سرگرميون ڪھڙيءَ ريت جاري رکي سگھجن ٿيون. لارڊ ايلنبرو کي ڪن بي حس ماڻھن مجبور ڪيو ھو تہ گواليار جي آزاد حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي. پر ائين ڪرڻ سان ٻيءَ جنگ جي تياري ڪرڻي پوندي. مان چوان ٿو تہ اھي ماڻھو رڳو بي حس ڪونہ ھئا پر بي اصول بہ ھئا جيڪي وگس مان ساڳئي معاملي ٻِٽ ۽ ٻھٽ ٿي بيھي رھيا ھئا. جن سان پر امن اصولن وارو ھيوم بہ گڏ ھو. مان چوان ٿو تہ اھو امن گزن جي حساب سان وڪاڻو ھو پر ان وٿ جي ھڪ ھٽي ھيوم جي ھٿ ھئي.“
”منھنجي ڀاءُ جي مرضي آھي تہ ھندستان جي انگريز سرڪار جي سرحد سنڌو درياھہ ھجڻ گھرجي. مان سدنس نقطئھ نظر کي بلڪل صحيح سمجھان ٿو پر اسان اڃا ايترا لائق ڪونہ بڻيا آھيون مان اوھان جي ھن نقطئھ نظر سان بلڪل متفق آھيان تہ انگريز سرڪار جي موجوده سرحد ستيلج بلڪل صحيح آھي. اسان اڳتي سنڌو درياءَ کي پنھنجي سرحد تڏھن بڻائي سگھنداسون جڏھن اسان حڪومت جي ھن گندي ارادي مان ھٿ نہ ڪڍنداسون تہ ھتان جا ڏيھي راجائون اسان جي ملڪي حدن اندر ڀلي پنھنجي تخت ۽ تاج جا مالڪ بڻيا ويٺا ھجن. جيڪڏھن ائين ٿيندو رھيو تہ اندروني امن امان برقرار رھي ڪونہ سگھندو. منھنجو بہ واضح نقطئھ نظر اھو آھي تہ موجوده دور ۾ ھندستان سرڪار سرحد ستلج ھئڻ ضروري آھي. پر اھو بہ يقين آھي تہ اسان ھنن حدن اندر رھي سگھون اھو بہ ناممڪن آھي. موجوده صورتحال ۾ ملڪي پيداوار ھن حفاظتي سرحد جي اجازت ڪانہ ڏيندي. جيڪڏھن تون زنده ۽ گورنر جنرل جي عھدي تي فائز رھين تہ تون 1847ع ڌاران پنجاب کي فتح ڪري وٺندين. حضرت سليمان عقلمند ۽ پرامن حڪمران ھو. پر ھن جو خزانو ڀريل ھو. اھو سارو پئسو ڏوڪڙ مصو ۽ صور جا واپاري ڏيندا ھئا. جيڪڏھن اھي واپاري ھن مٿان حملو ڪن ھا تہ حضرت سليمان لاءِ خطرو پيدا ٿي وڃي ھا پر جيڪڏھن ھو ھندستان جو گورنر جنرل ھجي ھا ۽ پنجاب جي فوج جھنگلي جانورن وانگي سندس سرحد سان گور ڦرندي وتي ۽ بچاءَ لاءِ کيس سرحد تي ٽيھھ ھزار فوج رکڻي پوي ھا تہ کيس بيت المقدس جي تعمير جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي جنگ ڪرڻ جي ابتدا ڪري چڪو ھجي ھا.“
اھي لفظ اھڙي ماڻھو جا لکيل آھن جنھن لاءِ چيو ويندو آھي تہ جنگ ڪرڻ جو ڪوڏيو ھو. سندس نقطئھ نظر کڻي ڪھڙو بہ ھو پر حقن جي معاملي ۾ ھو ڏاڍو مستقل مزاج ھو. ھن جي ساري جاکوڙ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ھئي ۽ ممبئي واري ڌر کان سخت نفرت ڪندو ھو جيڪا ڌريان ئي غلط ھئي. ان غلط ڌر انھن ماڻھن کي پنھنجي رڱ ۾ رڱي ڇڏيو ھو جيڪي صاحب اقتدار ھئا يا جيڪي ملڪ جي پيداواري ذريعن جي سوچ فڪر کان بہ آجا ھئا. يا جيڪي ملڪي پيداواري ذريعن کي ترقيءَ جي مقصدن لاءِ ڪم آڻڻ لاءِ ڪي قدم ڪونہ ٿا کڻن. ڇاڪاڻ تہ زمينن ۾ باغ ڪنھن جادوءَ وسيلي پيدا ٿي ڪونہ پوندا آھن. سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو مٿاڇرو ڪنھن فائدي واري تجارت کان سواءِ واپاري ٻيڙين سان ھڪدم ڇائنجي ڪونہ سگھندو. جابلو ۽ سنڌ جا بلوچ ڌاڙا ۽ ظلم ڇڏي پاڻھن ھڪدم شريف ڪونہ ٿيا آھن. ھنن جھل ۽ بداخلاقين کي ڇڏي سائنسي انداز ۾ پوکي راھي ڪرڻ اڃا ڪانہ سکي آھي. ان کان سواءِ زرعي پيداوار جي صنعت جي بہ کين خبر ڪانہ آھي. اڳي تہ سنڌ کي بيابان سڏيو ويندو ھو ۽ سمجھيو ويندو ھو تہ ان کي آباد ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھن تعجب ڪندي پنھنجي خيال جو اظھار ڪيو ھو تہ اھڙا عقلمند ماڻھو جيڪڏھن اھي صحيح معنى ۾ عقلمند آھن تہ ڪرامتيءَ ۾ ڪيئن اعتبار ڪري سگھندا. اسان تہ مختلف رنگن، نسلن ۽ مذھبن جي ماڻھن کي پرامن رکيو آھي. ھاڻي وري سندن چوڻ آھي تہ اھي سڀ ماڻھو اک ڇنڀ ۾ مھذب بہ بڻجي وڃن. پر ھو ماڻھو سندن پھرئين سپني جي ساڀيا جتن ۽ جاکوڙ ڪئي ھئي.
ترقي ۾ پھرين وڏي رنڊڪ بلوچن جو جھنگليپڻو ۽ ڌاڙا آھن. ھنن جو مذھب بہ اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ رنڊڪ بڻيل آھي. اوڻائي اھا بہ آھي تہ اسان ھنن ماڻھن جي ٻولي سمجھي ڪونہ ٿا سگھون. ھتان جا مانھو وري ھندستاني ۽ فارسي سمجھي ڪونہ ٿا سگھن. تنھن ڪري رابطي جي بہ کوٽ محسوس ٿي رھي آھي. ھي ماڻھو مذھبي رسمن ۾ دخل اندازي ڪونہ ڪندو آھي. پر ھو ھندن جي سستي ۽ رسم جي سخت خلاف آھي جنھن ۾ عورتن کي ساڙيو ويندو آھي. مسلمانن کي مذھب مٽجڻ جو خوف خطرو ڪونہ آھي نہ وري اھي ھندن سان گڏجڻ ئي چاھيندا آھن. ڇاڪاڻ تہ اھي کين ڪافر سمجھندا آھن. سر چارلس انھن کي فقط شرافت جي اصول سان ملائي ھڪ بھتر معاشري جو بنياد رکي سگھي ٿو. سندس خواھش بہ اھا آھي. ھو ھڪ مذھب، ھڪ جھڙن سماجي فردن ۽ ھڪ ٻولي ھجڻ جو حامي ھو. عام ماڻھو ھن جي اصولن کي چڱيءَ ريت سمجھندا ھئا. ھن جي وسعت دلي، زندگي ۽ مال ملڪيت جي تحفظ ۽ انصاف جي اصولن کي سمجھڻ لاءِ ڪنھن مذھبي راھب ۽ پنڊت جي ضرورت ڪانہ ھئي. دولت مند ماڻھن کي ھو جڏھن سندن مال ملڪيت ۽ عزت جي تحفظ جو يقين ڏياريندو ھو تہ کيس سمجھڻ لاءِ ڪنھن ترجمان جي ضرورت جو احساس ڪونہ ٿيندو ھو ويچارا غريب تہ سندس ٻولي سمجھي ڪونہ سگھندا آھن پر اھو ضرور سوچيندا آھن تہ ھن کين ٽالپرن جي ظالم طريقي واري حڪومت کان نجات ڏياري آھي ۽ ڳاٽي ڀڳل ڍل محصول کان بچايو آھي.
انھيءَ زماني ۾ ھن ھتان جي اصلي رھاڪن ۽ ٻاھران ماڻھن پندرھن ۽ ويھن سالن لاءِ آبادي لاءِ ليز تي زمين ڏني ھئي پر کانئن ڍل يا لاپو ھن شرط سان ڪونہ ورتو ويندو ھو تہ ھنن جو واسطو فقط سرڪار جي ڪليڪٽرن سان ھوندو، ڪاردار ۽ زميندار سان سندن ڪنھن بہ قسم جو تعلق ڪونہ رھندو. انھيءَ زماني ۾ زمين ڏيڻ جو اھو طريقو ھو. ھن زماني ۾ نئين سر جاگير ڏيڻ جي ابتدا ڪئي ويئي ھئي، اھڙي زمين جو گھڻو ڪري واسطو ٽالپر حڪمرانن جي شڪار گاھن سان ھو. پوکي راھي جي ڌنڌي کي وڌائڻ جي مقصد سان چچ غريبن لاءِ سرڪاري قرض ڏيڻ بہ منظور ڪيا ھئا. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو ڌنڌو چڱيءَ طريقي سان شروع ڪري سگھن. ھن آبپاشي جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جو زور لڳايو ھو. سندس خيال ھو تہ تندرستي، پيداوار، کاڌ خوراڪ ۽ تھذبي جو سارو مدار سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ تي آھي.
ھن عام ماڻھو جي زندگي سڌارڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا قدم کنيا ھئا ۽ اھڙين شين بابت جاڳرتا ڏني جن کان ھو اڳي بلڪل بي خبر ھئا. ھن اٺن جي نسل کي وڌائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ اٺ فارم رکيو ھو جتي ڀلن جابلو ڏاچين وسيلي اٺن جي نسل جي افزائش ڪئي ويندي ھئي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ڀرسان ھواءِ جي زور تي ھلندڙ پن چڪين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ڪراچي جي اوسي پاسي سرڪاري طور ڀاڄين جي پوک ڪئي ويندي ھئي جنھن وسيلي ھزارن ماڻھن کي تازيون ۽ سستيون ڀاڄيون ملي وينديون ھيون جنھن مان سرڪار کي تمام گھڻو فائدو حاصل ٿيندو ھو. ھن ٻين شعبن ۾ صنعت قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي. پن چڪين وارو منصوبو انھيءَ ڪري ناڪام ٿيو ھو جو اھو ممبئي ۾ شروع ڪيو ويو ھو جنھن جي نگراني ڊاڪٽر بسٽ ڪندو ھو جيڪو زراعت جو سيڪريٽري ھو. پن چڪين جي تعمير بہ سندس نگراني ۾ ھلي رھي ھئي جن تي ڏاڍو خرچ بہ آيو. پر ڪم ڏکيو بہ ھو ان ڪري پن چڪيون ڪم ڪري ڪونہ سگھيون ھيون.
ڪسٽم جي ڪليڪٽر مسٽر ممڪلوڊ ۽ ميجر بلينڪنس گاھھ فارم قائم ڪري ورتو ھو ان سان گڏ رڍون پالڻ بہ شروع ڪيون ھئائون. جن لاءِ ھن رڍن جو ميرنوس نسل بہ حاصل ڪري ورتو ھو ۽ گيونڪا ۽ لوسڻ گاھھ بہ پوکرايا ھئائون. اھڙو گاھھ ھتي ڏاڍو ڀلو ۽ گھڻو ٿيو جو گاھھ جون سڀ ضرورتون پوريون ٿي ويون ھيون نہ تہ اڳي فوجي وھٽن لاءِ گاھھ ڪڇ مان حاصل ڪيو ويندو ھو جيڪو ڏاڍو مھانگو ھوندو ھو. مسٽر ڪولتگ مصر مان ڪمند جي بھترين جنس سنڌ ۾ پوکڻ جي مقصد سان موڪلي ھئي. ھي ماڻھو تنھن زماني ۾ مصر جي پاشا جي ھڪ پٽ جو عتاليق ھو. جڏھن ڪمند جي اھا چونڊ جنس ممبئي ۾ پھتي تہ اتان جي ڪامورا شاھي اھا سنڌ رواني ڪانہ ڪئي ۽ بندر تي رکي سڪي سڙي وئي. ھنن ماڻھن کي سنڌ جي ترقيءَ جي ڳالھہ ٻڌڻ سان ٻرو چڙھي ويندو ھو. تنھن ڪري سر چارلس سمجھيو ھو تہ سنڌ فقط اناج جي پوکي وسيلي اڳتي وڌي ۽ ترقي ڪري سگھي ٿي. پر ھتان جي ماڻھن کي پوکيءَ راھي جو صحيح پتو ڪونہ ھوندو ھو. توڙي جو اھي محنتي بہ ھوندا ھئا. ھتان جا سنڌي بلوچ ھر قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاھيندا ھئا. تنھن ڪري ھن سوچيو ھو تہ جيڪڏھن ھنن ماڻھن کي ضروري شين جي تعليم ڏني وئي تہ اھي مھذب بڻجي سگھن ٿا. اھي ماڻھو ريجمينٽ جي اسڪولن ۾ ايندا ھئا ۽ منٿون ڪندا ھئا تہ سندن ٻارن کي بہ پڙھايو وڃي. علم جي اھڙي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن لارڊ رپن کي تجويز پيش ڪئي ھئي تہ سنڌ ۾ اھڙا زرراعتي اسڪول قائم ڪيا وڃن جھڙا ڪئپٽن جان پٽ ڪينيڊي آئرلينڊ جي لوچ آش ماڳ تي قائم ڪيا ھئا. لوچ آش زراعتي اسڪول جي ڪاميابي کان پوءِ جان پٽ آئرلينڊ جي حڪمت کي چيو تہ لوچ آش جي طرز جھڙا زراعتي اسڪول ساري ملڪ اندر پکيڙيا وڃن. ھن چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ ڪونہ آھي تہ بي انتھا مخالفت ۽ سازش باوجود سندس ھي پيش ڪيل تجويز تسليم ڪئي وئي ھئي ۽ نام نھاد قومپرستن تہ چارئي چنبا کوڙي مخالفت ڪئي ھئي. انھيءَ زماني دوران ھيءَ بدنصيب ماٿري ڏڪار جي ور چڙھيل ھئي ۽ سارو ملڪ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو ھو. جيڪڏھن ھتي ھن قسم جا اسڪول کوليا ويندا تہ ڏرت ۽ ڏڪار کي صفا ختم تہ ڪري ڪونہ سگھبو پر ان جي شدت کي تہ گھٽ ڪري سگھبو. اھو وڏو ۽ فائديمند منصوبو آئرلينڊ جي غلط ماڻھن جي اثر ڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ڏانھن منتقل ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پيش ڪيل ھن تجويز کي رد ڪيو ويو ھو. اھڙي ممبئي واريءَ ڌر جي مفادن کي ڇيھو ڪونہ رسيو ھو.
اھڙن طريقن اختيار ڪرڻ سان سنڌ جو غريب طبقو اڃا بہ وڌي رھيو ھو. پر مٿئين طبقي جي ماڻھن جي اولاد کي اڃا بہ وڌيڪ سھوليتون ڏنيون ويون ھيون. سنڌ جو ھر نسل انگريزن جو متوح ھو جن کي سر چارلس نيپئر انگريز سرڪار جا رعيتي تصور ڪري رھيو ھو. ان ڪري پڪو پھھ ڪري چڪو ھو تہ بنا ڪنھن مذھبي، رنگ ۽ نسل جي ڀيد ڀاءَ جي سڀني کي ھڪ جھڙي عزت ڏني وڃي ۽ سڀني ۾ ھڪ جھڙو اعتماد پيدا ڪيو وڃي. محمد طور نالي ماڻھو ھڪ وڏو سردار ھو جنھن مياڻي جي ميدان تي انگريزن سان سخت مقابلو ڪيو ھو. ھن واقعي کان پوءِ ھن ماڻھوءَ گذارش ڪئي ھئي تہ کيس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو وڃي. سندس اھڙي گذارش کي مناسب ڄاڻي کيس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ھو. سنڌ جي بلوچ سردارن لاءِ حرص ۽ لالچ جو رستو کليو پيو ھو. پر انھن بلوچ سردارن کي حق فقط منھنجي اعلان ۾ بيان ٿيل اصولن مطابق ملي سگھندا. يعني کين اھي سرڪاري عھدا ملي سگھندا جن جي لائق ھوندا. جيڪڏھن مٿي بيان ڪيل عام مفادن جو تعلق آھي تہ اھڙن حقن جي رعايتن ماڻڻ کان اڳ اھليت کي ڏسڻ جي ضرورت ڪانہ آھي. اسان حق پھريائين ڏيندا سون. پر جيڪڏھن اھو ماڻھو لائق ثابت نہ ٿيندو تہ اھو حق واپس بہ وٺي سگھنداسون. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو کي اڻ لائق سمجھي کائنس حق واپس ورتا بہ ويا پر طبقاتي حقن کي تسليم ضرور ڪيو ويندو. جيڪڏھن ھڪ بلوچ سردار کي مئجسٽريٽ بڻايو ويو تہ ٻيا بہ پاڻ ۾ اھڙي اھليت پيدا ڪندا تہ جيئن اھي بہ مئجسٽريٽ بڻجي سگھن. اھڙيءَ ريت ھو انگريزن جي وفادار ۽ تابعدار ٿيڻ ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي ويندا. مان تہ ھن کان بہ ڪجهہ اڳتي وڃڻ چاھيان ٿو. پر ان لاءِ مون کي انھن صاحب اختيار ماڻھن کان موڪل وٺڻي پوندي. جيڪي ھندستان جي حڪومت جي طريقئھ ڪار جا خالق ۽ مالڪ آھن. مان تہ چوندس تہ سرڪار جو اھو پراڻو نظام آھي جيڪو ڌاڙيلن کي پٺي ٿو ۽ ڦرلٽ لاءِ سندن اڻ پڇيو ٻانھن ٻيلي بڻجي ويو آھي. کيس انسان ۽ انساني مزاج جي ڪابھ خبر ڪانہ آھي. مان سمجھان ٿو تہ اھي شريف ماڻھو سنڌين کي اھي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن جيڪي انگريزن کي مليل آھن. پر جيڪڏھن مان زنده ۽ سنڌ ۾ موجود رھيس تہ مان سنڌين کي انگريزن جھڙا حق ڏياريندس. بلوچ ماڻھن جون ڏاڍايون اڃا بہ ڏھھ سال جاري رھنديون. اسان ھي ملڪ فتح ڪيو آھي. تنھن ڪري اھڙن ڏھن بلوچن کي ھر قسم جي ڪيس قھر کان روڪي سگھنداسون. ھن ملڪ جي وڏن ماڻھن لاءِ ھن حڪومت جا دروازا اڻيھئي کليل آھن. اھي پنھنجي اھليت ۽ محنت مطابق پنھنجي ھر خواھش پوري ڪري سگھن ٿا. پر جيڪڏھن اھي بغاوتون ۽ شرارتون ڪندا تہ کين سبق سيکاريو ويندو. مان اھو سمجھي ڪونہ ٿو سگھان ڪھڙي شيءِ خراب آھي پر اھي ٻئي ڳالھيون تہ سرڪار پاڻ پيدا ڪري رھي آھي ۽ اھي ٻئي نفرت جوڳا ظلم آھن.
لارڊ ايلنبرو حڪمراني لاءِ ڪي اھم اصول چونڊيا ھئا جن کي آڏو رکي ھڪ معاھدي کي مرتب ڪرڻ لاءِ سر چارلس علي مراد سان ڳالھہ ٻولھھ ڪري رھيو آھي. ھن حڪمران جي بہ خواھش ھئي اھڙو معاھدو ضرور ھجڻ گھرجي. پر ان ھوندي کيس ٺاھھ جي ھڪ فقري تي اعتراض ھو جنھن ۾ لکيل ھو تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي ٻنھي ملڪن اندر رھڻ جي موڪل ھجڻ گھرجي. ان فقري ۾ اھو بہ لکيل ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھڪ علائقي مان نڪري ٻئي ۾ آباد ٿيندو تہ ڪوبہ اعتراض نہ واريو ويندو. پر جيڪڏھن ماڻھو قاتل يا غدار آھي تہ پوءِ اھڙي ماڻھو کي ٻئي ڌريون پاڻ وٽ رھڻ ڪونہ ڏينديون. اھڙري فقري تي علي مراد وٺي ھاءِ گھوڙا ڪئي ھئي تہ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ سندس علائقي ۾ ھڪ بہ ماڻھو ڪونہ رھندو ۽ سارو علائقو ويران ٿي ويندو. سر چارلس کيس وراڻيو ھو تہ جيڪڏھن ظالم ٿيندين تہ تنھنجو علائقو سچ ۾ ويران ٿي ويندو. اھو جواب ٻڌي علي مراد ماٺ ٿي ويو ھو پر سندس اھو ھٽڪٽو غلط ڪونہ ھو. نہ رڳو ھن جا رعيتي، پر قلات جي خان جا ھاري ناري، پر قنڌار جا آبادگار ۽ انگريزن جي ھندستان جي اتر – اولھہ وارن علائقن جا واپاري بہ سنڌ اچي پھتا ھئا. ڪراچيءَ جي آدشماري ايتري وڌي وئي ھئي جو ماڻھو قلعي کان ٻاھر بہ پنھنجا گھر ٺاھي ويھي رھيا ھئا ۽ قلعي جي ڦاٽڪن کان ٻاھران ڪيتريون ئي نيون گھٽيون جڙي ويون ھيون. ان کان سواءِ ڪڇ ۽ گنداوا جا ماڻھو بہ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ھئا. گيڊروشيا جي رڻ پٽ ٻہ قبيلا ھيجيسز ۽ پنجوئري بہ ھيڏانھن لڏي آيا ھئا. جيڪي ضرورت وقت پنھنجا اٺ ھزار ماڻھو ڏئي سگھيا ٿي. ھنن ماڻھن انگريزن جي رعيت ٿيڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ھيون. پر انڪار ڪرڻ تي ھو واپس ھليا ويا ھئا.
ساڳي ريت ڌاڙيلن جي شڪست ۽ سندن پيش پوڻ جي ڪري اوسي پاسي جي سڀني علائقن ۾ خوشيءَ جي لھر ڇائنجي وئي ھئي ۽ اھڙيون خبرون سوين ميل چوڌاري پکڙجي ويون ھيون. ڇاڪاڻ تہ ھنن ڌاڙيلن چوطرف ڦرلٽ جي ڌم لائي ٽِڪري تپائي ڇڏي ھئي. ھن مان سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو تہ بيجار جي ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي ڏاڍي دھشت ويٺل ھئي چيو ويندو آھي تہ اھي ڌاڙيل پنھنجي شھنشاھن جي بہ پرواھھ ڪونہ ڪندا ھئا. شھنشاھھ اڪبر، احمد شاھھ ابدالي ۽ ٻين حڪمرانن جون فوجون تونگ واري علائقي کان مٿي وڃي ڪونہ سگھيون ھيون. انگريز فوج جا موڪليل جٿا بہ پھرين لڪن تائين مس پھچي سگھيا ھئا ۽ اڳتي وڌڻ کان پھريائين سندس رابطو ڪٽجي ويندو ھو. سر چارلس جي ھن مھم کان ڪابھ وڏي فوج تروڪي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪانہ سگھي ھئي پر ھاڻي اھي سرڪش ماڻھو پيش پئجي چڪا آھن. کيس پيش پوڻ لاءِ فقط ھڪ ماڻھو مجبور ڪيو ھو جنھن کي اڳتي وڌڻ کان ڪير بہ روڪي ڪونہ سگھيو ھو. ھن ماڻھو جي بھادري جي شھرت ترڪستان تائين پھچي چڪي آھي. ھن علائقي وولف نالي ھڪ سياح موجود ھو جنھن ٻڌايو تہ وچ ايشيا جي ڌاڙيلن کي سر چارلس جي اچڻ جي توقع ھئي جيڪي چئي رھيا ھئا تہ جيڪڏھن ھو ھتي آيو ۽ مختلف ملڪن تي ڪاھي کين تباھہ ڪيائين تہ اتان جا ڌاڙيل بہ ساڻس گڏ ھوندا اھا بہ اچرج جي ڳالھہ آھي تہ ايران جي سرحد سان واقع بنپور شھر تي گھيرو ڪري شھر اندر سر چارلس نيپئر جو ھڪ جعلي موڪليو ھئائون ماڻحن پيش پوڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي ھئي. پر مشرق جي ماڻھن جو خاص ڪري ھن جي جنگ جي معاملي خيال نھايت واضح آھن ۽ سمجھيو ويندو آھي تہ جيڪڏھن ھن جي مٿان پابندي نہ ھجي ھا ۽ جنگ جي معاملن ۾ آزاد ھجي ھا تہ سر چارلس ساري ايشيا کي فتح ڪري چڪو ھجي ھا ۽ بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي اچي ميڊيٽريانين تائين پھچي چڪو ھجي ھا ۽ ھن سان گڏ پورا پنج لک خطرناڪ گھوڙيسوار فوج ھجي ھا. ايشيا جي ڌاڙيلن جو خيال آھي تہ جنھن ڪمانڊر جي فوجي انتظاميھ کي جنگي سرگرمين لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي تنھن ھاڻي ھڪ نئين قسم جي حڪمت عملي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي آھي جيڪا ڏاڍي سولي ۽ سٺي آھي ۽ ان جي مقابلي ڪرڻ وارو طريقو ھنن جي تصور کان نھايت مختلف آھي ھي ماڻھو حڪمرانن جو مخالف آھي. درحقيقت ھو دولت، شان شوڪت ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪري رھيو آھي پر ھو اھڙيون ڳالھيون جنگ، معاھدن ۽ تجارت وسيلي حاصل نہ ڪري رھيو آھي پر رحمدليءَ وسيلي. ان ڪري سڀني قومن جا ڏاڍ جا ستايل مظلوم ماڻھو سندس حڪومت واري علائقي ڏانھن اچي رھيا آھن.
ھن شاندار مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ محصول گھٽائي ڇڏي آھي. انھيءَ ڪري غريبن جي اندر کي آٿت ملي ويندو ۽ پرت سان پورھيو ڪري سگھندا پر ھن قسم جي سھوليت جي رستي وڏي رنڊڪ موجود آھي. اھا رنڊڪ ھي آھي تہ بلوچ ٿوري محصول جي خلاف آھي. ڇاڪاڻ تہ اھڙي وڏي محصول جي ھڪ روايت قائم ھئي ۽ ٿوري محصول ۽ ھلڪي ڍل جي شرح سندن عادتن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آھي. ھن نسل جا ماڻھو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جا قائل آھن جيڪي ھر قسم جي تبديلي جا مخالف آھن پوءِ اھا کيس ڪيڏي فائدي واري ھجي. مالياتي سڌارا نھايت خبرداري سان آندا پيا وڃن. سر چارلس جي خواھش آھي تہ عام ماڻھو اھڙن سڌارن کي سمجھي سگھن ٿا اھي سندن بھتري ۽ ترقي لاءِ آھن ۽ جنرل چارلس اھي سڌارا پنھنجي شھرت لاءِ ڪونہ پيو آڻي. جيتري ڍل محصول ۾ تبديلي آڻڻ جو تعلق آھي تہ ان لاءِ مستقل قانون سازي جو عمل جاري آھي پر جيتري قدر مالياتي سڌارن جو تعلق آھي اھو ٿوري وقت لاءِ يا عارضي آھي جنھن وسيلي مصر جي محمد علي پاشا جھڙن ظالم ماڻھن کي منھن ڏيڻو آھي. پر ھنن سڀني ڳالھين وسيلي عام ماڻھن جي اخلاقي حالتن کي سڌارڻو آھي ۽ انھن ۾ ھڪ قومي خوشحالي آڻڻ آھي. ان نقطئھ نظر کي آڏو رکي اوليت بلوچن جي ڏاڍ ۽ قھر جي شدت کي گھٽائڻ آھي. سندس ارادا اٽل ۽ حوصلا بلند آھن. تنھن ڪري کيس يقين آھي تہ ھو پنھنجن ارادن ۾ ضروت سوڀاو ٿيندو. ھنن کي نپوڙڻ لاءِ ھي اڳئي اھڙا قدم کڻي بہ چڪو آھي. ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي غرض سان قانون ۽ انصاف واري کاتي کي گڏايو ويو آھي. اھڙي ريت انتظامي معاملا بہ ھنن جي ھٿن ۾ ڏنا ويا آھن. جيڪڏھن انھن معاملن ۾ غلطي ٿيندي تہ زخمي ضمير جي شفا لاءِ اھڙي مرھم ڪٿي بہ ڪانہ ھئي. سندس چوڻ آھي تہ ”مان فقط قاتلن کي موت جي سزا ڏيندو آھيان. پر خاص طور انھن ماڻھن کي معاف ڪونہ ڪندو آھيان جيڪي بي پھچ عورتن ۽ بارڙن جا قاتل ھوندا آھن. مان انصاف جي معاملي تي گھڻو سوچيو ويچاريو آھي ۽ منتظم جي حيثيت ۾ ائين ڪرڻ واسطي منھنجو ضمير صاف آھي. مان ھر معاملي صحيح نڪتي تي پھچڻ لاءِ پورھيو ڪيو آھي. پيڙا ڀوڳي آھي ۽ لڳاتار جاکوڙيو آھي. ھي منصبي فرض سرانجام ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پر مان ان کان ڪڏھن بہ ھترايو ڪونہ آھي. ليڪن مان جج ٿيڻ ڪونہ پسند ڪندو آھيان ۽ پاڻ کي ھڪ خانگي ماڻھو تصور ڪندو آھيان. پر مون کي ڪجهہ اختيار مليل آھن ۽ مون کي ھڪدم انصاف جي تقاضائن مطابق ڪرڻ گھرجي. ظالم ماڻھن جي قھري ڪاررواين کي فقط طاقت جي زور سان ختم ڪري سگھجي ٿو. دريا خان جو مثال وٺجي تہ ھو ڏاڍو شريف ماڻھو ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھن پنھنجي زندگي ۾ وڏو عرصو ڦرلٽ ۽ ڌاڙن کان نفرت ڪئي آھي. منھنجون ڳالھيون بہ خوشيءَ سان مڃيندو آھي. پر پوءِ بہ ھو ڌوڪا ۽ قتل ڪندو آھي. بلوچ ڄڻ تہ گندن ۽ برن اسڪولن ۾ پلجي وڏا ٿيا آھن. اھي واندا ويٺا اوٻاسيون ڏيندا پر ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونہ ڪندا آھن، ڌاڙا ھڻڻ ۽ بي گناھن جو قتل ڪرڻ سندن عادت ٿي وئي آھي ۽ مان سندن اھا عادت ختم ڪري پوءِ ساھھ پٽيندس.“
ھن کان ڪجهہ مھينا پوءِ ڊيرا جي ھڪ سردار پنھنجي قبيلي جي ماڻھوءَ کي قتل ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھو قتل اتفاقي ھو پر فوجي ڪميشن ان سردار تي قتل جو ڪيس ھلايو ھو. جنھن تي بلوچ سردار ڊڄي ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھو ڪڏھن بہ ڪونہ ٻڌو ھو تہ ڪنھن سردار تي اڳتي ڪڏھن قال جو ڪيس ھلايو ويو ھجي. جڏھن تہ مقتول سندس پنھنجي قبيلي جو ھجي. ھن سردار چيو ھو تہ خدا عظيم ۽ برتر آھي ۽ جنھن مظلوم جو اڄ انصاف نہ ٿيو آھي تنھن جو سڀاڻي ضرور ٿيندو. يعني ھو پاڻ کي قاتل ھجڻ باوجود مظلوم سمجھي رھيو ھو. ھي لفظ ان ماڻھوءَ جا ھئا جنھن جو تعلق ھڪ ڌاڙيل نسل سان ھو، انساني رتو ڇاڻ ڪري جنھن جي دل ۾ درھڙي ڪانہ ايندي ھئي. انھيءَ ڪري اھڙن سردارن جو لاڙو حڪومت ڏانھن گھٽي ويو ھو پر غريب مظلوم ماڻھو انگريز سرڪاري جي گھڻا ويجھا ٿي ويا ھئا.
جڏھن عام ماڻھو خوشحال ٿيو تہ سرڪاري پيداوار بہ وڌي وئي ھئي ۽ سڀئي خرچ پکا ڪٽڻ کان پوءِ ھڪ لک پائونڊ اسٽرلنگ بچيا ھئا. جيڪي ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا ھئا. ھن آمدني مان فوجين لاءِ بئرڪن جي تعمير جو خرچ ڪونہ ڪٿيو ويو ھو. جيڪو ساري پيداوار جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ڪونہ ھو. پر اھو خرچ مستقل ڪونہ ھو. نين بئرڪن جي تعمير ڪري فوجين جون زندگيون محفوظ ٿي ويون ھيون. تنھن ڪري اھو ڏھوڻ تي وڌيڪ فائدي وارو ھو. ان کان وڌيڪ سٺي ڳالھہ سنڌ اندر امن امان جي قيام جي ھئي جنھن کي سر چارلس نيپئر پنج ھزار فوج جي مدد سان قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ھو. پر ھندستان سرڪار بئرڪن جي تعمير تي خرچ ڪرڻ جي موڪل ڪانہ ڏني. ڇاڪاڻ تہ سکن جي کئونس جيئن پوءِ تيئن وڌي رھي ھئي. ان جو چوڻ ھو تہ سنڌ کي نہ پر ھندستان جي مفادن لاءِ فوج جو ھجڻ ضروري آھي. انھيءَ زماني ۾ سر چارلس نيپئر رڳو پنجاب ۾ نہ پر ھندستان جي ڪنھن بہ ملڪ اندر جنگ جي خلاف ھو. ڇاڪاڻ تہ ھو عمر جي اھڙي ڏاڪي تي پھچي چڪو ھو. دوران جنگ ڪرڻ ھڪ مشڪل مسئلو آھي جابلو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم دوران ھن لڳاتار ويھھ ڪلاڪ گھوڙيسواري ڪئي ھئي. ھڪ ڀيري ھن تي ماني جي ٽڪر ۽ چانھھ جي آڌار تي مسلسل ڇھويھھ ڪلاڪ گھوڙيسواري ڪئي ھئي. ھن اھا چانھھ بہ سوڍا واٽر جي بوتل ۾ رکي ڇڏي ھئي. سندس زندگي اھڙي سادي طريقي سان گذرندي ھئي. وڏتڻ ڪري ھو ٿڪجي چور ٿي پوندو ھو ۽ ڪمزور ٿي پوندو ھو ۽ صحتمند ٿيڻ لاءِ کيس گھڻو وقت لڳي ويندو ھو. پر جنگ دوران گھوڙي جي ھني تان ھيٺ ڪونہ لھندو ھو. ھو جذبن ۾ تہ جوان ھو. پر پيريءَ ڪري گھوڙي تان لھڻ وقت ائين ڏڪندو ھو جيئن لغڙ جي پڇ ۾ ٻڌل پٿر ٿڙڪندو آھي. ھن جي سوچ ۽ جسم ڊيوڪ آف ويلنگٽن وانگي مضبوط ھو. ھن لاءِ اھي ڄڻ عام قسم جون ڳالھيون ھيون. سندس جسماني ڪمزوريءَ بابت اھڙو اظھار فقط ھن جسماني ٿڪ وقت ۽ عارضي ھوندو ھو ۽ خاص ڪري تڏھن جڏھن آبھوا صحت بخش ڪانہ ھوندي ھئي. سندس لڳاتار جنگي مھم مان لڳندو ھو. ڏک ڏاکڙا سھي وڃڻ وارو مشڪل پسند ۽ سخت جان انسان ھو. پر ھن وقت عدالتي معاملن جي وڌي وڃڻ ڪري کيس رويئن جي نظام ۾ تبديلي آڻڻي پئجي وئي ھئي ۽ جج ائڊووڪيٽ جنرل کي ڪن خاص جرمن جي فتوى ڏيڻ لاءِ اجازت ڏني ھئائين ۽ ملن کي وٽس (سر چارلس وٽ) اپيل جو حق ڏنو ويو ھو. اھڙي ريت جنوري کان جون تائين کيس گھڻو وقت ملي ويو ھو. جنھن دوران ھن چار سو فوجداري معاملا اڪلائي فتوائون ڏنيون ھيون. ھن کان سواءِ نوي فوجي معاملا بہ ھئا جيڪي ھن اڪلائي ورتا ھئا.
ھي ھڪ وڏو مٿي جو سور جنھن کان ھن وقت آجو ٿي چڪو ھو. تنھن ڪري کيس ٻين انتظامي معاملن کي اڪلائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. جن مان اھم محصول جو معاملو ھو. کيس ڪيتريون اھم شاھديون مليون ھيون تہ تازي فوجي مھم نھايت ئي ڪامياب ثابت ٿي ھئي جنھن مان ڪيترا فائدا بہ ٿيا ھئا ھن جابلو ڌاڙيلن خلاف فوجي سرگرميءَ کان اڳ سنڌ جي سرحد جي حفاظت لاءِ گھوڙيسوارن جي ٽن ريجمينٽن جي ضرورت ھئي. پر پوءِ ڌاڙيلن سان پورا پئجي ڪونہ سگھندا ھئا. ھن لکيو ھو تہ ڌاڙيل اچن ٿا ۽ ڌاڙو ھڻي اک ڇنڀ ۾ ڀڄي ھليا وڃن ٿا. آھن ۽ اسان جي فوج کين ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪجي پوندي آھي. اڳين رپورٽن جو اختصار بہ اھو ئي آھي. پر ھاڻي گھوڙيسوارن جي ھڪ ريجمينٽ ئي ڪافي آھي جنھن سان بنديل کنڊ ليجن جا ڪجهہ گھوڙيسوار گڏ ھوندا آھن ۽ ڌاڙيلن کي وارداتن ڪرڻ جي وٿي ملي ڪانہ سگھندي آھي. ان کان وڌيڪ گھوڙيسوارن کي غير ضروري سمجھيو ويندو ھو اتان جي عملدارن شڪايتون موڪليون ھيون تہ اضافي گھوڙيسوار اٺ ئي پھر واندا ويٺا آھن ۽ ڪجهہ بہ ڪونہ ڪندا آھن. ھاڻي تہ بلوچ ڌاڙيل بہ ڪونہ ايندا آھن. اڳي تہ اھي ڌاڙا ھڻي قتل ڪري سنڌين پنھنجين زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيندا ھئا جيڪي لاچا رٿي پنھنجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي ھليا ويندا ھئا. اھي ماڻھو ھن وقت موٽي اچي پنھنجن ڳوٺن ۾ آباد ٿيا آھن. ان کان سواءِ ڪڇ ۽ گنداوا واري جوءِ بہ اڳئين وانگي سائي ڍائي ٿي وئي آھي ۽ جام پوکي راھي ٿي رھي اھي. اھو شاندار نتيجو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم جو آھي. ھي مسڪين ماڻھو انھيءَ مھم کان اڳ لاچار ھئا. انڪري مڪمل تباھيءَ کان بچڻ لاءِ اھي بہ ڌاڙيلن سان گڏجي ويا ھئا. ان کان سواءِ قلات جي خان جي اڍائي لک روپيا پيداوار وڌي وئي ھئي. تنھن ڪري ھو پاڻ بہ شخصي طور امن امان ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھو.
سنڌ جي سرحدي پٽي کان گھڻو پري تائين امن امان ٿي ويو ھو. ان کان سواءِ گرفتار قبيلن جا رھيل ماڻھو بہ خوشيءَ سان پوکيءَ راھيءَ جي ڌنڌي سان لڳي ويا ھئا. ٻيو تہ ٺھيو پر خود بيجار بہ شڪايتون ڪري رھيو ھو تہ علي مراد مٿائنس ڪڙي نظرداري ڪري رھيو آھي ان طنزيھ جواب ڏنو ھو تہ ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم ۾ ھن جو گھڻو خرچ اچي ويو ھو. اھڙي ريت بيجار کي گرفتار ڪرڻ ۾ سندس ٻہ لک روپيا خرچ اچي چڪا آھن. پر جيڪڏھن ھو ڀڄي ويندو تہ کيس ان کان بہ وڌيڪ نقصان پوندو. سر چارلس جي حڪمت عملي اھا ھئي بيجار کي علي مراد جي حوالي ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ کيس پٺاڻن کان پري رکڻ جو اھو سٺو طريقو ھو جيڪي چاھيندا ھئا تہ سدائين جنگ ھجي ۽ حالتون خراب ھجن. بيجار کي گھڻي آزادي مليل ڪانہ ھئي. اھڙي پابندي کي ھو غلط طريقي سان ڪم ڪونہ آڻيندو ھو. پر ھو ھڪ ڀيرو سر چارلس نيپئر سان ڪراچي ملڻ ويو ھو.
اونھاري جي موسوم ۾ مرين ٻڌايو ھو تہ ھنن بگٽي قبيلي جي ڌاڙيلن کي ماري تباھہ ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي اسلام خان بگٽيءَ جي سربراھي ۾ اھڙيون قھري ڪارروايون ڪري رھيا ھئا. سندن ڪافي ماڻھن کي قتل ڪري بيشمار چوپايو مال ھٿ ڪري ورتو آھي. انھن کان گھڻا ھٿيار بہ کسيا ويا آھن ۽ اھو قبيلو ھاڻي ختم ٿي چڪو آھي. اھڙي تصديق انھن بگٽين کان بہ ملي ھئي جن سنڌ اندر رھندڙ بگٽين وٽ اچي پناھھ ورتي ھئي. ان کان سواءِ بگٽين جي سردار اسلام خان بہ سر چارلس ڏانھن پيش پوڻ لاءِ پيغام موڪليو پر سر چارلس کيس ساڳين شرطن مطابق پيش پوڻ لاءِ چيو ھو جيڪي وري اسلام خان قبول ڪونہ ڪيا ھئا. ان کان پوءِ اسلام خان پنھنجي قبيلي کي ساڻ ڪري جابلو علائقن ۾ وڃي پنھنجي اصلي ڪرت يعني ڦرلٽ کي لڳي ويو ھو. ھن وقت ھو ڌاڙيل کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھو ۽ انگريزن خلاف سرڪشي واري ھواءِ سندس دماغ مان نڪري وئي ھئي. انھيءَ زماني ۾ مري بہ شڪايتون ڪري رھيا ھئا تہ ڦلجي جي ڪھيرين وڃي بگٽين جو پاسو ورتو آھي. ان ڪري سر چارلس ڪھيرين کي ڇنڊ پٽي ھئي تہ ھو اھڙين ڳالھين کان باز رھن ۽ سندس غضب کي دعوت نہ ڏين. ڇاڪاڻ تہ ھن قبيلي ڌاڙا ھڻي ڦريون ڪري. اوسي پاسي ساري جوءِ تپائي ڇڏي آھي. جيڪڏھن انگريز سرڪار سندن تحفظ مان ھٿ ڪڍي وئي تہ ساڳيا لاٽو ۽ ساڳيا چگھھ ھوندا ۽ اھي ساڳيا بگٽي ڌاڙيل ڪٿي بيھڻ بہ ڪونہ ڏيندا. ڪڇيءَ جي جابلو علائقن ۾ اڄ ڌاڙيل موجود آھن. جڏھن انھن کي بک تپائيندي تہ اچي شاھپور کي ڦريندا جيڪا ھاڻي آباد ٿي چڪي آھي. امن امان لاءِ ڄڻ تہ ڌرتي اٿلائي ڇڏي ھئي. اھا بہ اميد ھئي تہ دريا خان جي سرداري ھيٺ سندس قبيلو ڌاڙا ھڻڻ ڇڏي ڏيندو ۽ ڌاڙيلن لاءِ چڱائيءَ جو مثال بڻبو. ڇاڪاڻ تہ اھي ٻين قبيلن کان خوشحال ٿي چڪا آھن ۽ اھو قبيلو ھڪ جاءِ تي ويھي ويو آھي. پر ڌاڙيل ھڪ جاءِ تي آرام سان ويھي ڪونہ سگھندا آھن.
سر چارلس پيش پوڻ وارن سردارن کي موت کان بچائي ورتو ھو ۽ کين شريف بڻائي ڇڏيو ھو. ان ڪري ھو ڏاڍو خوش ھو. جيڪڏھن ھو پنھنجو رستو اختيار ڪري ھا تہ ھو ھميشه لاءِ ڌاڙيلن جڻ ٻچو رلائي ڦٽو ڪري ھا ۽ ڊيرا کي فوجي ڪالوني بڻائي اتي فوجي ريجمينٽ ويھاري ڇڏي ھا. فوج کي رھائڻ لاءِ بگٽي قلعو ئي ڪافي ھو. ھتان جي آبھوا سٺي پاڻي صاف شفاف، ڀلو ۽ جام آھي. زمين بہ ڏاڍي زرخيز ۽ ٽڪريون بہ معدنيات سان ڀريل آھن. تروڪي تہ سفيد سگمرمر جو ھڪ وسيع خزانو آھي. ھن جي سنڌوءَ وسيلي آمد رفت بہ سولي آھي جنھن کي ٻاھر بہ موڪلي سگھجي ٿو. اھو ھڪ شاندار منصوبو ھو. مجبور ٿي ڇڏيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھا اعلى اختيارين جي مرضي ڪانہ ھئي تہ اھڙن ڪمائتن منصوبن کي ھٿ ۾ کنيو وڃي ۽ ھر عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ سر چارلس جو نالو مشھور ٿي وڃي جيڪو اھڙن چڱن ڪمن لاءِ سدائين پيو پاڻ پتوڙيندو ھو. معلوم ٿيندو تہ مٿي وينا ھئا جن جي چوڻ تي ھي پنھنجي طاقت ۽ حياتي اجائي وڃائي رھيو ھو. انھيءَ ڪري ھن ڳجهہ ڳوھہ ۾ سر ھينري ھارڊنج ڏانھن ھڪ خط لکيو ھو جنھن جي سر چارلس جي دشمنن کي ڪا خبر ڪانہ پئي ھئي. ھن کيس پنھنجي طرفان ھر مدد جو يقين ڏياريو ھو جنھن جي سر چارلس کي ضرورت بہ ھئي. کيس ھنن ماڻھن جي دشمني انھيءَ ڪري ڪانہ وڻندي ھئي جو اھا عقلمندي کان آجي ھئي ۽ انھيءَ ڪري سر چارلس جي جيءَ کي جپ ئي ڪانہ ملندي ھئي. پر ڪائونسل اعلى بورڊن جا ماڻھو ھن جي فقط مخالفت ڪندا ھئا. ان کان ڪاغذن کي دير ڪرائي ڇڏيندا ھئا ۽ ردعمل ڏيکاريندا ۽ اھم ڪاغذن کي ھٿرادو ديرلڳائي ڇڏيندا ھئا جيڪا سنڌ جي نئين سرڪار کي ڏاڍي ڏکي پوندي ھئي. ھن حڪومت نوان پيداواري وسيلا تخليق ڪري ورتا ھئا ۽ ھڪ نئين قوم جو انتظام سنڀاليو ھو.
ھن وقت ڌاڙيلن جا ڪٽنب ويھي ويا ھئا ھنن کان ڪنھن بہ قسم جو ڏر ۽ ڏھڪاءُ ڪونہ ھو. شير محمد جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ھئا. ديس پرديس جون ڍومائو کائي جاڏھون ڪاڏھون اوکا پوکا پلي ٿانيڪو ٿي ويھي رھيو ھو ۽ سر چارلس کي گذارش ڪئي ھئائين تہ کيس علي مراد وٽ رھڻ جي موڪل ڏني وڃي. جنھن تي سر چارلس کيس وراڻيو ھو تہ اول اچي پيش پؤ. پر اھا ڳالھہ ھن پنھنجي عزت ۽ وقار جي خلاف سمجھي. تنھن ڪري ھو پنجاب ھليو ويو. پر سندس دوست ۽ لغارين جو سردار احمد خان ٻيو چاڙھو نہ ڏسي پيش پوڻ جي مقصد سان سر چارلس وٽ لنگھي آيو ۽ پنھنجو سارو اندر اوڳاڇي بيھي رھيو ھو ۽ چيو ھو تہ ”مير شير محمد جي درٻار جو ماڻھو آھيان. سندس ليمڪ کاڌو ھيم. تنھن ڪري ان جو فرمانبردار رھيس. سر چارلس سندس اھا ڳالھہ قبول ڪئي ۽ کيس معاف ڪري ڇڏيائين. ان ڪري احمد خان لغاري کي سڀئي جاگيرون واپس ڪيون ويون ھيون. ان وقت تائين سنڌ جا سڀئي قبائلي سردار سر چارلس جي پيش پئي جاگيرون وٺي سڀ چنتا پلي ماٺ ڪري ويھي رھيا ھئا. پر جون مھيني ۾ مزارين سان لڳ واري علائقي ۾ سک فوج ڪاھي آئي ھئي ۽ بھانو ڏنو ھئائين تہ ھتان جا ڌاڙيل سک حڪمرانيءَ جون حدون لتاڙي ڌاڙو ھڻي آيا آھن. گورنر جنرل جي لاھور جي حڪمران سان دوستاڻي حڪمت عملي قائم ڪئي ھئي. تنھن ڪري ھن ڪوبہ عملي قدم ڪونہ کنيو ھو. پر رڳو کين ڇنڊ پٽي ھئائين ۽ ان سان گڏ ميجر ڪورسلس جي ڪمانڊري ھيٺ آگبوٽن وسيلي چار سو فوجي حيدرآباد مان روانا ڪيا ھئائين. کيس حڪم ڏنو ويو ھو تہ جيڪڏھن غير علائقي جا ماڻھو پاڻون ڄاڻئون سنڌ جي حدن کان ٻاھر نہ نڪرن تہ انھن مٿان زوردار حملو ڪيو وڃي. پر ھن اھا سختيءَ سان پارت ڪئي ھئي تہ ڪڏھن بہ انھن جو پيڇو ڪندي سک سرحد پار نہ اڪري. ھن اھڙي فوج موڪلڻ سان گڏ مزارين کي بہ سختيءَ سان ھدايت ڪئي ھئي تہ ھو اڳين واسطي سرحد ڀڃڪڙي نہ ڪن. ميجر ڪورسلس ڏاڍو ڏاھو ماڻھو ھو ۽ پھتو بہ بنا دير ھو جنھن مناسب قدم کڻي خطرناڪ معاملي کي ھيڏي ھوڏي ڪري ڇڏيو. جيڪڏھن ھو سياڻپ ۽ سچيتائي کان ڪم نہ وٺي ھا تہ پنجاب سان جنگ ڇڙي پوي ھا.
اھڙيءَ ريت سنڌ جا ترقياتي ڪم منڌل وايو منڊل مطابق سست رفتاريءَ سان ھلي رھيا ھئا. ان وايو منڊل ۾ ھڪ کوٽ انجنيئرن جي بہ ھئي. سکر ۽ شڪارپور جي وچ واري علائقي کي سنڌوءَ جي اٿل جو پاڻي ٻوڙي ڇڏيندو ھو. تنھن ڪري درياه جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ بندن ٻڌڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو ھو. اھو ڪم ڪئپٽن اسڪاٽ جي حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن اھو ڪم ھاڻي پورو ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ سال تہ سنڌوءَ ايترو وڏو چاڙھھ ڪيو ھو جو سمجھيو پئي ويو تہ اھو سارو پورھيو ئي لوڻ پاڻي ٿي ويندو. تنھن ڪري اھڙي سوچ جي سورھن آنا پڪ ڪانہ ھئي. پر پوءِ جنرل سر چارلس جي تيار ڪيل ھڪ منصوبي تي عمل ڪري ڪم کي پڄائي پورو ڪيو ويو ھو. اٽل ارادي ۽ نيت جي سچائي سان ھو روڪ ۽ رنڊ مان ڌو پار ٿي چڪا ھئاسون. ان جو نتيجو اھو نڪتو تہ اڳي ھن شھرن وچ تي پاڻي ڍنڍون تلاءَ ڪري بيھي ويندو ھو ۽ تپاولي شروع ٿي ويندي جيڪا بندن ٻڌڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي.
سر چارلس نيپئر ھن سٺي ڪم تي سنڌ جي پيداوار جو ڪجهہ حصو ڏاڍي خوشيءَ سان برداشت ڪيو ھو. پر ھو ھميشه عوامي ڀلائي جي ڪمن کي اھميت ۽ اوليت ڏيندو جيڪا سندس وسعت دليءَ جي علامت ھئي. پر ھن ساري پيداوار جا ملڪ دولتمند ماڻھو ھئا جيڪي سندس اھڙا ڪم ڏسي تپي باھھ ٿي ويا ھئا. اھي مقدر پسند ماڻھو ھئا سندن خيال ھو تہ اھي بيماريون انسان جي مقدر ۾ لکيل ھونديون آھن ۽ ويچارو انھن روڳن کي پنھنجي جتن ۽ جاکوڙ سان ٽاري ڪونہ سگھندو آھي ۽ سر چارلس جون اھڙين ڪوششن تي ڏاڍو کليا ھئا. ھن علائقي ۾ کوھھ تمام ٿورا ھوندا ھئا. پر ھي ماڻھو ڪونہ چاھيندا ھئا تہ عوامي سھوليت لاءِ ڪي کوھھ کوٽايا وڃن. آبپاشي نظام کي برقرار رکڻ جي مقصد سان تعمير ڪيل بندن ۾ در ھڻايا ويا ھئا. ان جو مقصد ھو تہ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ مان ڪجهہ فائدو حاصل ڪري سگھجي. پاڻيءَ جي گھڻي چاڙھھ ڪري بند ڪٿان ڪٿان ڀڄي پيا ھئا. پر اھڙي ڪم جي نگرانيءَ لاءِ گھوڙيسوار دستن کي رکيو ويو ھو. ان سان ٻيو ڀلو ڪم اھو ٿي ويو جو ھتان جي ماڻھن کي روزگار جو ھڪ سٺو وسيلو ملي ويو ھو. کين وڏي معاوضي کان سواءِ تپاولي مان بہ جند ڇٽي وئي ھئي جيڪا ھنن لاءِ سدا جي آپدا بڻيل ھئي. ليڪن ماڻھن کي ملندڙ اھڙو معاوضو بالا اختيارين لاءِ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي جو ڪارڻ بڻجي ويو ھو. سکر جي صفائي جو بندوبست مستقل بنيادن تي ڪيو ويو ھو. اڳي تہ تپاولي جو ورھيارو آزار ھوندو ھو جيڪو ھاڻي ختم ٿي چڪو ھو. ھاڻي اھا ڪٿي بہ موجود ڪانہ ھئي. پر جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھينن ۾ شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا جھڙي موذي مرض منھن ڪڍيو ھو. ان کان ٿورو وقت پوءِ اھا وچڙندڙ بيماري وڃي حيدرآباد ۾ بہ پھتي ھئي. ھن مھامريءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ ھتان جي حڪيمن کي مقرر ڪيو ويو ھو. ھوندا تہ نيم حڪيم ھئا پر سرڪار کين پگھارون ڏيندي ھئي. صحت جو اھڙو انتظام ھو ضلعي ۾ رکيو ويو ھو. غريبن جي علاج لاءِ کين دوائون ڏنيون ويون ھيون تہ ھدايتون بہ ڪيون وينديون ھيون. انھن حڪيمن کي ڪجهہ اختيار بہ ڏنا ويا ھئا تہ جيئن ماڻھن کان ڪي ڳالھيون حفظ ماتقدم طور زبردستيءَ ڪرايون وڃن.
سر چارلس لاءِ اڻ کٽ ڪم موجود ھئا. سندس نظر چوڌاري پئي ڦرندي گھرندي ھئي ۽ عوامي ڪم ڪندي تہ ٿڪبو ئي ڪونہ ھو. ليڪن سندس انتظاميھ ايڏي تيز رفتار ڪانہ ھوندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اعلى ڪامورا شاھي اھڙن ڪمن ۾ ڪا نہ ڪا رنڊڪ ضرور وجھندي ھئي. پر اھڙيون رڪاوٽون اھڙي فن ۽ عقلمنديءَ سان پيدا ڪيون جو شڪايت ڪرڻ لاءِ ڪو سبب ئي ڪونہ ملندو ھو. پر ھو ھروڀرو دير ڪرڻ تي شڪايت ضرور ڪندو ھو. جنھن ڪري عوامي ڀلائي جا ڪم ڏاڍي سست رفتاري سان ھلندا ھئا. ھو پورن ٻن سالن کان وٺي دانھيندو ايندو ھو تہ ملير نديءَ کي ڪراچي ڏانھن آندو وڃي. ٻيو تہ ٺھيو پر کيس اھڙن مطالبن جو ڪو جواب ئي ڪونہ ملندو ھو. اعلى سرڪاري ڪامورا سندس اھڙن مطالبن کي ھڪ ڪن کان وجھي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندا ھئا. اھڙن ماڻھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ ھن شھر کي تازي پاڻي جي ڪيڏي نہ لوڙ آھي. ان اھم منصوبي تي فقط ٻارھن ھزار پائونڊ اسٽرلنگ خرچ جو ڪاٿو ڪيو ويو ھو. ليڪن اھو خرچ پاڻيءَ تي محصول مڙھي ٿوري وقت اندر ڪڍي پئي سگھيو ويو. پر ان کان بہ گھڻي دير اٺ سوار فوج ۽ لاڏو اٺن جي منصوبي کي منظور ڪرڻ ۾ لڳائي وئي ھئي. ھي منصوبو تہ گھڻو اھم ھو. ھر ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڳت ڏيئي بيھي رھيو ھو تہ ان منصوبي کي پنجاب خلاف جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ضرور منظور ڪيو وڃي. اھو ھڪ اھم فوجي منصوبو ھو. ھن پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي وسيلي ھن تحقيق کان باخبر ٿي چڪو ھو تہ ھندستان اندر فوج سان گڏ ضروري سامان بہ سفر ڪندو آھي. ھن کان اڳ دستور اھو ھو تہ فوج جي چرپر سان خانگي واپارين جو قافلو بہ سفر ڪندوھو ۽ ضروري شيون فوج کي وڪڻندو ھو. پر اھڙي واپاري قافلي ۾ ڪي اوڻايون ھيون. ھڪ اھو وقت سر فوج سان گڏجي ھلي ڪونہ سگھندو ھو. ٻيو تہ منزل ڪرڻ وقت يا ڪڏھن بہ پنھنجي وھٽن کي گور ڪري ڇڏي ڏيندا ھئا ۽ فوجي چرپر واري رستي جي اوسي پاسي واري جوءِ ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا ھئا. تنھن ڪري سفر ۾ ھروڀرو بہ دير لڳي ويندي ھئي ۽ منصوبي مطابق منزل تي پھچڻ ممڪن ڪونہ رھندو ھو. سندس مرضي ھئي تہ اٺن جي انھيءَ خانگي قافلي کي ھڪ فوجي حصو بڻايو وڃي تہ ان جي چرپر ۾ باقاعدگي پيدا ٿي سگھي. جيڪڏھن ائين نہ ڪبو تہ بھترين فوجي ترڪيب ۽ ترتيب ناڪام ٿي سگھي ٿي. ان ڪري تمام گھڻو نقصان پھچڻ جو انديشو ھوندو آھي. ھن جي سنڌ واريءَ پھرينءَ مھم دوران بيشمار ماڻھو ۽ اٺ اچي گڏ ٿيا ھئا. سامان جو اھو قافلو ضروري سامان جي نالي سندس پيش قدمي ڪندڙ فوج سان جنڊ جي پٺ پڙن جيان گڏ ھو. ڪچي واري جابلو علائقي ۾ ضروري سامان وارو خانگي قافلو فوج لاءِ ڏاڍو خطرناڪ بڻجي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ انھيءَ قافلي ۾ ڀاڙري تي ڪيل اٺ ھئا. جيڪي فوج سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا. جتن کي جڏھن خطري جو احساس ٿيو تہ اھي جت پنھنجا اٺ ڪاھي ھليا ويا. اھڙي ريت فوج کي ھڪ جاءِ تان ٻيءَ جاءِ سامان پھچائڻ وارو ڪم بدنظميءَ جو شڪار ٿي ويو ھو. اھو نقصان فوجي نقطئھ نظر کان نہ پر انھن کان تيز ھو.
ھنن جتن غلط اندازو لڳايو ھو تہ ھي فوجي مھم ناڪام ٿي ويندي. ان ڪري ھو انگريزن جي فوج کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ کين خوف ورائي ويو ھو. ھن کان سواءِ ٻي ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ جابلو علائقي ۾ تنظيم ۽ باقاعدگي رکڻ ڏاڍو مشڪل ڪم ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تہ رستا ڏاڍا سوڙھا ھوندا آھن. جتي گھوڙيسوارن جي فوجي سرگرمي رڪجي ويندي آھي. تنھن ڪري رسدگاھھ جي ماڻھن ۽ جتن کي ڪيڏانھن وڃڻ کان روڪي ڪونہ سگھبو آھي جيڪي اٺن کي چارڻ يا مال غنيمت ھٿ ڪرڻ لاءِ منع ڪرڻ باوجود بہ ڪيڏانھن ھليا ويندا آھن. اھڙين ۾ ھو ڪڏھن ھميشه لاءِ ھليا بہ ويندا آھن. ھن ئي سبب ڪري جمڪ لڪ وٽ ڪيتريون ئي زندگيون تلف ٿي ويون. ساڳيءَ ريت فوج گجرو کان اڳتي وڌي توسو لڪ جي مکيھ جڳھھ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ سفر ڪرڻ لڳي تہ سامان واري اٺن جي قافلي فوج جو مسلسل نون ڪلاڪن تائين رستو روڪي ڇڏيو ھو ۽ حملي لاءِ مقرر ٿيل وقت بہ اھو ھو جيڪو اٺن جي سست رفتاري ۽ رستي سوڙھي ھئڻ ڪري فوج سيڙجي بيھجي رھي ھئي. ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو بہ ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ اھو ھڪ سوڙھو گھٽ ھو. سر چارلس جي چوڌاري اٺن ۽ ماڻھن جو وڏو مجموعو سفر ڪري رھيو ھو، توبن ۽ گھوڙيسوار فوج لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪا جڳھھ ئي موجود ڪانہ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر پنھنجي گھوڙيسوار فوج ۽ توبخاني ٻئي سان ھلڻ جو حڪم ڪيو جيڪو اڳ جنرل سمپسن جي فوج جي دمبالي ۾ ھو. اھو رستو ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ ھو.
ھن مان سر چارلس جو مقصد اھو ھو تہ رسدگاھھ پنھنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري جيڪو فوج لاءِ سرحدپار نہ پر واھر ۽ آڌر بڻجي. ان لاءِ ھن پورا ٻہ سال لکپڙھہ ھلائي ھئي جنھن جي منظوري کانپوءِ ان رسدگاھھ ۽ اٺن جي قافلي کي فوجي طرز تي منظم ڪيو ويو ھو. ھن منصوبي جي مطابق فوج جي کاڌي پيتي جي سامان جو بندوبست ڪرڻ سرڪاري معاملو بڻجي ويو ھو. ان جو سارو انتظام بہ ائين رکيو ويو. جيئن فوجي ريجمينٽ جو رکيو ويندو آھي. اھڙي ريت ھن فوج کي ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪيو ھو ۽ ھر حصي کي ڇھھ سو اٺ حوالي ڪيا ويا ھئا. جن جي جتن کي فوجي ورديون پارايون ويون ھيون. فوج جي ھر حصي آڏو رھبر طور ھڪ اٺ ھلندو ھو جنھن تي ڏينھن جو جھنڊو ۽ رات جو مشعل ٻريل ھوندو ھو. اھڙي ريت ھر حصي جي اٺن جا پلڻ يا پکڙا، جھنڊو، مشعل ۽ ورديون ھڪ جھڙيون ۽ فقط ان فوجي حصي جي نمائندگيون ڪنديون ھيون. اسرائيل ۾ جڏھن سينا جي رڻ پٽ مان گذريا ھئا تہ ھنن سان بہ سڀ کان اڳ ۾ ھڪ ھاٿي ھو جنھن تي ڏينھن جو وڏو جھنڊو ھو. جڏھن تہ رات جو وري ان ساڳئي ھاٿي تي وڏو مشعل رکيل ھوندو ھو. اھو ڄڻ ڪمانڊر جو حڪم جنھن کي سڀني کي مڃڻو پوندو ھو.
جتن جو نالو رجسٽر ۾ داخل ھوندو کين فوجي سپاھي جيان پگھار ملنلدي ھئي ۽ ھڪ فوجيءَ وانگي ھٿياربند بہ ھوندا ھئا. سندن ڪمانڊر بہ ريگيولر فوج جو عملدار ھوندو ھو. جنرل چارلس انساني فطرت کان چڱيءَ ريت واقف. تنھن ڪري کين اھو فوجي اعزاز ڪونہ ڏنو ويندو ھو جيڪو ھڪ بھادر فوجي کي دليري ڪري ڏنو ويندو ھو. اٺن کي طبقن ۾ ورھايو ويو ھو جن مان ھڪ سگھارو متارو ۽ ٻيو ڏٻرو طبقو ھو. ھنن جي ڳچين ۾ ھڪ ڦرھي لڙڪندي ھئي جنھن کنيل سامان جو وزن اڪريل ھوندو ھو. ان جو مقصد ھوندو ھو تہ ھنن گگدام پسن تي حد کان وڌيڪ بار نہ لڏيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ اھا ساڻن بي انصافي ھوندي. ھن کان اڳ اھا روايت ھوندي ھئي تہ ٽن اٺن لاءِ ھڪ جت مقرر ڪيو ويندو ھو. پر ھاڻي ھڪ اٺ لاءِ ھڪ جت مقرر ڪيو ويو آھي. ائين ڪرڻ سان پھريدارن رکڻ وارريون پگھارون بچي پيون آھن. اڄ بہ ٽن اٺن سان ھڪ جت ھوندو آھي. باقي ٻہ جت فوجين جيان پاسي سان ھلندا آھن. کين اھا چڱي ريت خبر ھوندي آھي تہ اٺ ڪيئن لڏجي ۽ ڪيئن سامان لاھجي.
فوجي سامان ۽ توبون ڏکئي رستي سان سفر ڪري رھيون ھيون. اھڙي مشڪلات کي منھن ڏيڻ لاءِ پنج ھاٿي رکيا ويا ھئا. اھڙيءَ ريت ھن فوج جي پيش قدمي ھڪ تجربيڪار فوجي عملدار ماتحت رکي وئي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن پيش قدميءَ باقاعدي موجود رھي. ان کان سواءِ ھي ترڪيب انھيءَ ڪري رکي وئي ھئي تہ باربرداري وارو فوج جو ثانوي حصو بہ ان ريگيولر فوج سان گڏ ھلي جيڪا جنگي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي رھي آھي. جيڪڏھن دشمنن جا گھوڙيسوار طوفاني تيز رفتاري سان فوج جي ھڪ پاسي تي حملو ڪندا تہ ان سان گڏ ھلندڙ باربردار فوج تي حملو ڪري ڏيندا. ائين ٿيڻ سان باربردار فوج جي وچ تي ھجڻ ڪري ريگيولر فوج دشمن خلاف چڱيءَ ريت جنگي مظاھرو ڪري ڪانہ سگھندي يا باربردار فوج دشمن کان ڊڄي وائڙي ٿي ويندي ۽ مدد لاءِ جنگجو ريگيولر فوج ڏانھن وڌندي. ھن صورتحال ۾ بہ ريگيولر فوج منجھي پوندي. اھڙين پريشانين کان بچڻ واسطي فوج کي ھمچورس ۾ ورھايو ويو ھو. اھڙي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ جتن کي چيو ويو تہ اٺن کي گول دائري ۾ اھڙيءَ ريت وھاريو وڃي جو سندن پٺيون ٻاھرئين ۽ ڳچيون اندرئين پاسي ھجن. ان کان سواءِ اٺن کي پاڻ ۾ سلھاڙيو وڃي. ان بندوبست ڪرڻ کان پوءِ جت اٺن وسيلي ٺھيل ان قلعي جي ٻاھران ٿي بيھي رھن ۽ ويڙھھ لاءِ ڪاربائين کڻي بيھي رھن جيڪي ويڙھھ جي مقصد لاءِ کين ڏنيون ويون آھن.
اھڙيءَ ريت ننڍڙين ننڍڙين باقاعدين تي ڌيان ڏيڻ سان فوج جي چرپر ۾ ھڪ وڏي باقاعدگي قائم ٿي وئي ھئي. اھڙي نظام رکڻ سان ھڪ تہ وھٽن جو بچاءُ ٿي ويو ٻيو تہ خرچ پکي ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. ٽين ڳالھہ اھا ٿي ھئي فوج ڏاڍي آرام ۽ آٿت سان پيش قدمي ڪري رھي ھئي. چوٿين ڳالھہ اھا ٿي جو بيماري ڪري فوج جو تعداد گھٽجي ويو ھو تنھن جو بہ ازالو ٿي ويو. ھن طريقي جي ڪم آڻن سان فوج ميدان تي بہ ڌيرج ۽ حوصلي سان جنگي فن جو مظاھرو ڪري سگھندي. ھيءَ باربردار فوج جو ھڪ نئون اضافو آھي. جنھن ڪري فوج اندر ڪنھن شيءِ جي کوٽ جو الڪو ڪونہ رھندو. حقيقت اھا آھي تہ ھي اصول ان حڪم جي فرمانبرداري ۾ ڪتب آندو ويو آھي. جنھن ۾ چيو ويو ھو تہ سردارن جي ليويز ۽ ھٿياربندن جي بي ترتيب ميڙڪن کي مڙسيءَ سان منھن ڏنو وڃي. ھن فوجي اصول جي خالق ھڪ ڀيري چيو ھو تہ اھو ئي طريقو آھي جنھن وسيلي جنگي سرگرمين ۾ تيزي آڻي سگھجي ٿي جيڪا گھڻي فوج ۽ تيز رفتار گھوڙيسوارن ۽ توبن جو نتيجو ڪانہ ھوندي آھي پر فوج ڏانھن وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ ۽ انھن جي حوصلن کي بلند ڪرڻ، انھن جي صحت جو خيال رکڻ سان ايندي آھي. اھڙي باربردار فوجي حصي جي تخليق وسيلي بہ ھنن جي ضرورتن جو خيال ڪيو ويو ھو ۽ ان جي ھئڻ ڪري کين وڏين مصيبتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھو.
جڏھن سر چارلس نيپئر باربردار فوج جو حصو قائم ڪيو ھو تہ چيو ويو ھو تہ ھن انگريز فوج کي پر ڏئي ڇڏيا آھن. توبن کي ڇڪڻ لاءِ توبخاني کي گھوڙا ڏنا ھئا جيڪي ھر قسم جي باربرداري جو ڪم ڏئي رھيا ھئا. ان کان سواءِ اٺ سوار فوج بہ بڻائي ھئي جيڪا گھڻو فاصلو طئي ڪري اوچتو وڃي دشمن مٿان ڪڙڪندي ھئي. ان سان گڏ ھن سنڌ ھارس تخليق ڪئي ھئي جنھن کي مغلي يا مغل گھوڙيسوار سڏيو ويندو ھو. ھي گھوڙيسوار بي قاعده جنگ دوران پنھنجي ڏاھپ ۽ دليريءَ جو بي مثال مظاھرو ڪندا ھئا ۽ جڏھن فوجي صفن ۾ بدنظمي اچي ويندي ھئي تہ اوچتو پھچي ويندا ھئا. ھي گھوڙيسوار سر چارلس جي اچڻ کان اڳ موجود ھئا. پر انھن ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏنو ويندو ھو. تنھن ڪري اھي بدنظميءَ جو شڪار ھئا. تنھن ڪري فوج جي ھر حصي کي ختم ڪرڻ جو حڪم بہ جاري ٿي چڪو ھو. پر سر چارلس دخل اندازي ڪري ائين ڪرڻ ڪونہ ڏنو ھو ۽ کين ڪئپٽن جئڪب جي ماتحت رکي ان جي ترتيب ۾ سڌارا آندا ويا ھئا جيڪو انھن ڏينھن ۾ توبخاني جو آفيسر ھو جنھن ھن فوج مان چونڊ ڪري ان کي نئين سر مرتب ڪيو ھو. تنھن ڪري سنڌ جي ھيءَ فوج فوجي مھم لاءِ پيش قدمي لائق ھئي. ھيءَ فوج دشمن نھايت تيز رفتاري سان حملو ڪري سگھندي ھئي ۽ حملو بہ نھايت خوفناڪ طريقي سان ڪندي ھئي. جيڪڏھن ھنن بلوچ بٽالين جي چڱيءَ ريت تنظيم ڪئي وئي تہ اھم فوجي خدمتن سرانجام ڪرڻ جي لائق بڻجي ويندي ۽ مٿي بيان ڪيل مختلف فوجي ادارن سان شامل ڪري سگھبي ان ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ سنڌ ۾ سول انتظاميھ جي جوڙجڪ سان گڏ فوجي نظام بہ قائم ٿي رھيو ھو.
جيتري قدر ممبئي واريءَ ڌر جو تعلق آھي تہ فوجي سامان جي ڍوئي جي مقصد لاءِ قائم ڪيل باربردار فوج تي ھن ڏاڍيون چٿرون ڪيون ھيون ۽ چوڻ لڳا ھئا تہ اھا گھڻي خرچ واري ھڪ غلطي آھي، بلڪ ھڪ ناڪامي آھي. سنڌ جي فتح وانگي سنڌ جي انتظامي جوڙجڪ جي شروعات ۽ جابلو علائقي واري جنگي مھم بہ وڏي غلطي ھئي. بنگال جي ڪميساري جنرل جو بہ بار بردار جي ٺاھڻ خلاف اخبارن ھڪ مقالو ڇپيو ھو جنھن ۾ ھن فوجي سامان جي کڻڻ لاءِ باربردار فوج ٺاھڻ خلاف پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ھو. ھن وڌيڪ اھو بہ چيو ھو تہ ھي ھڪ تباھي، بدنظمي، خواه مخواه خرچ ۽ ڏيھي ماڻھو تي ظلم آھي. جنھن کي ڪجهہ ماڻھو فائديمند سمجھن ٿا. ان اجائي قسم نئين فوجي جوڙجڪ ۾ ڪن فوجي عملدارن کي شامل ڪيو ويو آھي. پر جنگ اختيار ڪيل ڪامياب حڪمت عملي ۽ روشن خيال حڪومت جو قيام، اھڙيون ڳالھيون ھيون جن ۾ سر چارلس ڏاڍي اڳڀرائي حاصل ڪئي ھئي. پر ھن جي دشمنن سندس ناڪامي بابت ڪيئي اڳڪٿيون ڪيون ھيون جيڪي بلڪل غلط ثابت ٿيون. ان وقت ھندستان جي چيف جسٽس روپر اھڙي صورتحال کي ھن ريت بيان ڪيو ھو تہ اڄ واري معاشري تي پريس ڇائنجي وئي آھي. پر جينٽلمينس گزيٽ پنھنجي نالي جو ڀرم ۽ شرم رکيو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ ڪن ماڻھن لاءِ پريس آزاد ڪانہ آھي. ھي پريس آھي. جيڪا ڪن ماڻھن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ انھن ماڻھن اخبارن جي ايڊيٽرن کي يقين ڏياريو آھي تہ کين ھر قسم جو تحفظ فراھم ڪيو ويندو.“ ھي ھڪ ننڍڙو مثال آھي تہ ممبئي واري ڌر ڪھڙي طريقي سان شريف ماڻھن کي بدنام ڪرڻ جي مھم شروع ڪري ڇڏي ھئي.
ڪنھن زماني ۾ سر چارلس نيوي جي ھڪ عملدار ڏانھن خط لکيو ھو. بعد ۾ سمجھيو ھئائين تہ اھو خط عوامي مفادن ۾ ڪونہ آھي. تنھن ڪري ان کي ختم ڪري ڪاغذ پنھنجي ڊيسڪ ۾ بند ڪري ڇڏيا ھئائين. پر اھي ڪاغذ نڪري ڊاڪٽر بسٽ وٽ وڃي نڪتا ھئا جيڪو انھيءَ زماني ۾ سرڪاري دستاويز شايع ڪندو ھو. ھن ڊاڪٽر نيوي جي آفيسر ڏانھن لکيل سر چارلس جو اھو خط ڇاپي ڇڏيو جنھن ۾ ھن سامونڊي فوج ان عملدار کي ڪنھن ڳالھن تان ڇنڊ پٽي ھئي. ان کان سواءِ ھن سر چارلس جو گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط بہ ڇاپيو جيڪو جعلي ھو جنھن ۾ سر چارلس ڪنھن احسان بدلي سر ھينري ھارڊنج ڏانھن ڪي گٿا لفظ لکيا ھئا. ھنن ٻنھي ڏوھن ڪري ھندستان سرڪار ممبئي حڪومت کي سبب ڄاڻايو جو نوٽيس ڏنو ھو. اھي ٻئي ڏوھھ بدنيتي جي ارادي سان ڊاڪٽر بسٽ ڪيا ھئا ۽ لٻاڙ ھڻندو وتندو ھو تہ کيس اھڙي ڄاڻ اختيارن جي مالڪ ھڪ ڌر پھچائي آھي اھو بہ وڏي وات چوندو ھو تہ اھڙيو ڪو بہ ٿڻيءَ جو ٻار اڃا ڄائو ڪونہ آھي جيڪو سندس وار بہ ونگو ڪري سگھي. ھي ماڻھو کليو کلايو اھڙا اھڃاڻ ڏيندو ھو جنھن مان معلوم ٿي ويندو ھو تہ سرڪاري ڪائونسل جو ڪو ماڻھو ھن سان ٻٽ آھي. جيڪو سندس طرفان ھنيل الزامن جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي. ھنن ڳالھين ۾ ليفٽيننٽ آئوٽرام بہ پوئتي ڪونہ ھو. جنھن ھڪ اخبار ۾ سر چارلس تي الزام ھنيا ھئا ۽ چيو ويو تہ گورنر جنرل جي خواھش ھئي تہ سر چارلس انھن ماڻھن جي اصلاح ڪرڻ واريون ڪوششون ڇڏي ڏئي ۽ ان معاملي کي فيصلي لاءِ گورنر جنرل جي حوالي ڪري ڇڏي. پر گورنر جنرل حضور شرميءَ کان اھو معاملو گھرو کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. کيس معلوم ھو تہ اھڙن الزامن جا ڇنڊا لارڊ ايلنبرو تي پئجي رھيا ھئا جنھن سان سر ھينري ھارڊنج جا گھرو تعلقات بہ ھئا. عام رواجي ھڪ غلطي ھئي جنھن بابت سر ھينري ھارڊنج کي بہ ڄاڻ ڏني وئي ھئي. انگلينڊ جي ھڪ ڳجھي ڪميٽيءَ ڪرنل آئوٽرام کي لڪي ڇپي ڇنڊ بہ پٽي ھئي تہ سر چارلس تي سندس ھنيل الزام بلڪل غلط آھن. پر تاثر اھو ڏنو ويو ھو تہ سر چارلس ان ماڻھوءَ سان اجايو اختلاف ڪري عوامي مفادن کي ھاڃو رسائي رھيو آھي. ليڪن حقيقت اھا ھئي تہ اھو معاملو انصاف لاءِ سرڪار جي حوالي ڪيو ويو ھو. پر سرڪار اھڙي اختلاف کي ننديو ھو ۽ عملدارن طرفان داخل ڪيل اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ھو. پر ٻئي پاسي کان آئوٽرام کي اھم سول ملازمت ڏني وئي ھئي. توڙي جو غلط الزام مڙھڻ ڪري کيس ڇنڊ بہ پٽي وئي ھئي. ھن ۾ ڪنھن شڪ شبھي جي گنجائش بہ موجود ڪانہ ھئي تہ ھن کي سر چارلس مٿان ڪوڙن الزامن مڙھڻ ڪري ايترو نوازيو ويو ھو. عوامي شڪايتن کان پوءِ ھن قسم جي غلطيءَ جو ازالو بہ ڪيو ويو ھو. جنھن ڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس مجبور ٿي سر چارلس کان معافي ورتي ھئي. جنھن جي عزت کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.
ھن کان سواءِ اختيارن جو مالڪ ھڪ ٻيو ماڻھو بہ ھو جيڪو خود لارڊ رپن ھو. ھن اعلان ڪيو ھو تہ ڪرنل آئوٽرام جو موقف صحيح آھي. اختيارن جي ماڻھن مان اھائي توقع ڪئي ويندي آھي. اھڙيون ڳالھيون سر چارلس کي تپائي باھھ ڪرڻ جھڙيون ھيون. ھن مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ لارڊ رپن حملھ آور ڌر سان گڏ ھو نہ تہ سندس فرض سر چارلس کي بچائڻ ھو. لارڊ رپن کي اخلاقي ۽ اعلى عملدار ھجڻ وارو حق ھو سندس اھو ڪم ڪونہ ھو تہ ھو ھڪ ڌر جو پاسو وٺي بيھي ۽ ۽ ٻئي کي تباھہ ڪري. اھا صحيح ڳالھہ ڪانہ ھئي تہ جنگي قانون جي فقري Article of War کي ڪجهہ بہ نہ سمجھجي ۽ ھڪ مجرم کي نہ رڳو سزا نہ ڏجي پر ان جي رھندو بہ ھمت افزائي ڪجي. اھو ڪٿان جو انصاف آھي تہ بي ھودا الزام ھڻي سچائي ۽ عوامي شرافت جي توھين ڪجي، لشڪر جڏھن جنگ جي ميدان تي فوجي سرگرمين ۾ مصروف ھجي تہ ان وقت کين ٻڌايو وڃي تہ سندن ڪمانڊر جاھل مطعلق آھي ۽ کيس منصبي فرض ادا ڪرڻ جي ڪابھ خبر نہ آھي ۽ ھيءُ پنھنجي ساٿين جو قاتل آھي. سر چارلس راڻيءَ جو نمائندو آھي. سندس توھين ڪرڻ ڪانہ ٿي جڳائي ۽ اھو ڪم اھڙي ماڻھو جي اشاري ڪيو پيو وڃي جنھن تي ضابطو رکڻ لارڊ رپن جو فرض ھو.
ڊاڪٽر بسٽ نہ رڳو ڪوڙن الزامن ھڻڻ تي سندرو ٻڌي بيھي رھيو آھي ۽ وڏي واڪ لباڙ ھڻي رھيو آھي تہ کيس ھڪ وڏي ماڻھوءَ جي پٺڀرائي حاصل آھي. سندس اھڙيءَ لٻاڙ کي ڪنھن رد ڪونہ ڏنو. اھو بہ چيو پيو وڃي تہ ھي ماڻھو سيڪريٽري ولھھ بي جي ھشيءَ تي سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پار پيو آھي جيڪو ھڪ جرنل جو مالڪ آھي. ھن ماڻھوءَ اھو بہ بھتان مڙھيو ھو تہ سر چارلس جي فوجين ٽالپر حڪمران گھراڻي جي عورتن جي توھين ڪئي ھئي. ھن ڪوڙي الزام لاءِ تہ ھو سزا جو حقدار ھو. ان باوجود بہ کيس عزت ۽ احترام سان نوازيو ويو ھو. ھن کي معلومات ڏيندڙ عملدارن ٻڌايو ھو تہ جابلو علائقن ۾ ڪجهہ بہ ڪونہ پيو ٿئي. ھنن کيس اھو بہ ٻڌايو ھو تہ ڌاڙيل کيس تريءَ تيل ئي لائڻ ڪونہ ڏيندا ۽ اڳئين کان اڳرا آھن. ھنن جي وڏي تعداد کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ آباديءَ واسطي سنڌ جون ڀليون ٻنيون ڏنيون ويون آھن. اڄ بہ بجار ڌاڙيل گورڦري رھيو آھي. جنھن سان ڊومڪي قبيلو بہ گڏ آھي جنھن سنڌ جي سرحد واري ساري پٽي ٽامون بڻائي ڇڏي آھي. جڏھن سچ اھو آھي تہ اھو بيجار سر چارلس وٽ قيد آھي. سر ھينري ھارڊنج ھن مھم جي کليءَ دل سان موڪل ڏني ھئي ۽ سر چارلس جي ان ڪامياب مھم کي عوامي حلقن ۾ گھڻو ساراھيو ھو. پر اھڙين ڳالھين تي ممبئي واري ڌر جو تہ ڪن ئي ڪونہ ٿو لڏي. ان ڌر جو اھو بہ چوڻ آھي تہ ساري ھندستان جي ساري ڪئي ڪمائي سنڌ جي واڳونءَ وات آھي. جڏھن تہ حقيقت ھيءَ آھي تہ سنڌ الاھي سارو ناڻو ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي رھي آھي. ان کان سواءِ سر چارلس ھندستان سرڪار کي چيو ھو تہ سنڌ تي ضابطي رکڻ لاءِ سورھن ھزار فوج جي ضرورت آھي پر ھاڻي تہ وٽس فقط ٻارھن ھزار فوج آھي. ھن وڌيڪ ھڪ ھزار فوج جو مطالبو ڪيو آھي تہ جيئن پتاولي واري موسم دوران حالتن تي ضابطو رکي سگھجي. ڇاڪاڻ تہ ان موسم دوران فوجي تپاولي وگھي وڃي کٽون وٺندا آھن. ٻئي پاسي کان حقيقت ھي آھي تہ ھن پنھنجون ٽي ريجمينٽون ممبئي سرڪار ڏانھن موڪلي ڇڏيون آھن تہ جيئن اتان جي ”سرڪار نامدار“ جي عمل ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف اٿل پٿل کي ماٺ ڪرائي سگھجي. ھيءَ ممبئي سرڪار سر چارلس کي ھڪ ھزار امدادي فوج ڏيڻ بدران کانئس ست ھزار فوج طلب ڪري رھي آھي ۽ کيس مجبور ڪيو پيو وڃي تہ ھو سنڌ تي انتظامي ضابطي لاءِ پاڻ وٽ فقط ٽي ھزار فوج رکي.
ايتريو ڏاڍ ان ماڻھوءَ سان ڪيو پيو وڃي جنھن پنھجي ساري زندگي سچائي ۽ سچيتائي سان برطانيھ سرڪار جي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آھي جيڪا ھاڻي مٿس ڪيل الزامن جي حملن جو بچاءُ بہ ڪري ڪانہ ٿي سگھي. اتان تہ اھو آھي تہ ھيءَ ڌر مير شھداد کي شھيد سڏي رھي آھي. جنھن جا ھٿ ايونس نالي ھڪ انگريز عملدار جي خون ۾ رڱيل آھن. ھن ساڳيءَ ڌر مير نصير جي نالي سان راڻيءَ ڏانھن درخواست موڪلي آھي جيڪا جعلي آھي. ان درخواست جي راڻيءَ وٽ پھچائڻ جي ذميواري سر ھينري پاٽنجر پاڻ کئين آھي. ان درخواست جي ھڪ ھڪ سٽ ڪارو ڪوڙ آھي جن کي بمبئي واري ڌر دليئون گھڙي پيش ڪيو آھي. ھي گندي قسم جو مامرو وڃي انگلينڊ بہ پھتو جيڪو مير نصير جي درخواست جي شڪل ۾ ھو جنھن کي ھٿ ۾ لارڊ آسلي کنيو ھو. ھي ماڻھو سنڌ جي معاملن بابت ڪجهہ بہ ڪونہ ڄاڻندو ھو. ھن ھروڀرو اچي ھن معاملي ۾ ٽنگ اڙائي ھئي ۽ چارئي چنيا کوڙي ويھن ئي تنھن جا زور لاتا ھئائين. کيس اھا خبر ڪانہ ھئي تہ ھو سازشين جي چوڻ تي انگلينڊ جي مفادن ۽ سر چارلس جي مان ۽ مريادا کي مٽيءَ ۾ ملائي رھيو آھي.
ڊاڪٽر بسٽ ۽ سندن واھرو اعلى عملدار ھن معاملي کي اجايو اينگھائي سنڌ جي گورنر ۽ ان بھادر فوج کي گلا جو گھانگھو ڏئي بدنام ڪري رھيا ھئا جنھن ھڪ ملڪ فتح ڪيو ھو. ھن ماڻھن سان گڏ انگلينڊ جي اختيارين جا مالڪ بہ ٻِٽ ۽ جھٽ ھئا ۽ ٻئي ڌريون اھڙي بھادر فوج کي عزت احترام ڏيڻ بدران پنھنجي ڌرتيءَ تي نفرت جا ڪنڊا پوکي رھيا ھئا.
لارڊ رپن بہ پورن ٻن سالن تائين ھنن بھادر فوجين کي گولڊ ميڊل ڏيڻ وار مامري کي ٺوٺيون ھڻندو پوئتي ڌڪيندو رھيو ھو ۽ نظر تہ ائين اچي رھيو ھو تہ اھي ”ميڊل“ حقدارن کي ڪڏھن بہ ڪونہ ملندا. پر ڀلو ٿئي لارڊ ايلنبرو جو جنھن جتن ۽ جاکوڙ ڪري ھن معاملي کي اڳتي وڌايو ھو مياڻيءَ جي ميدان تي سر ترين تي رکي مڙسن جيان انھن گولڊ ميڊلين لاءِ ڪونہ وڙھيا ھئا تہ انھن کي سينن تي سينگاري لوڏ ۽ ڪوڏ سان ھلندا. جڏھن اھي پٽين کان سواءِ ميڊل اچي ممبئي پھتا تہ اھي اھڙن ماڻھن جي ور چڙھي ويا جيڪي بھادر فوجين کان نفرت ڪندا ھئا. جڏھن اھي ٽلڪندا ٽلڪندا سنڌ پھتا تہ انھن کي رسدگاھھ جي سامان جي ڳٺڙين وانگي ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. سنڌ جي فاتح ڪمانڊر ان چيف کي گولڊ ميڊل ھڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڏنو ھو. جنھن جي سب آلٽرن آفيسرن کي اھڙا ميڊل ان کان گھڻو اڳ ڏنا ويا ھئا.
ھن کان سواءِ ڏيھي فوج 25 ريجمينٽ کي ھروڀرو ممبئي گھرايو ويو ھو جنھن لاءِ سر چارلس جي مرضي ڪانہ ھئي. ھن فوج انگريزن جي پنج سال ملازمت ڪئي ھئي ۽ مياڻيءَ واري جنگ ۾ بہ پنھنجي بھادري جا جوھر ڏيکاري چڪي ھئي. ھن فوج ممبئي گھرائڻ جو مقصد سر چارلس کي چيڙائڻ ۽ سندس توھين ڪرڻ ھو. ممبئي پھچڻ کان پوءِ ان فوج کي نڌڻڪو سمجھي ڪک پن جيان ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. اھي ڄڻ کيپ کٽي نہ پر ڀجي پاڻ تان ڪارھن جو لينگھو لائي آيا ھئا.
ھن کان سواءِ سر چارلس نيپئر ممبئي حڪومت ڏانھن لکيو ھو تہ ڪيترن سنڌ جي گھوڙيسوارن مياڻيءَ جي جنگ دوران بھادريءَ جا بي مثال جوھر ڏيکاريا ڪن مڙسن جيان مري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو ھو. اھڙن دلير ماڻھن جون رنون زالون ۽ يتيم ٻار اڄ بہ نڌڻڪا آھن ۽ مانيءَ ڳڀي جا محتاج بڻجي ويا آھن. اھو 1843ع ھو ۽ ھاڻي 1845ع آھي. پر ھن جي واھر لاءِ ڪوبہ ٻاجھارو ھٿ اڳتي ڪونہ وڌيو آھي ۽ جڏھن تہ انھن جو پيٽ گذر خيرات پنڻ تي آھي. ان کان سواءِ ھن ممبئي سرڪار ڏانھن اھو بہ لکيو ھو تہ سرڪاري جاسوسن جا معاوضا بہ سندن خاندانن ڏانھن ڪونہ موڪليا ويا آھن. پر سندس اھڙن خطن کي جھڙو تھڙو سمجھي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. تنھن ڪري ھن مجبور ٿي ساڳيا خط گونر جنرل ڏانھن لکيا ھئا.
جڏھن تہ ممبئي سرڪار جا اھي ڪامورا ٻين ڳالھين تي ڏاڍا جذباتي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. اھو بہ ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو تہ ممبئي سرڪار جي ڪن اعلى عملدارن ھڪ ياداشت نامو تيار ڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس ڏانھن اماڻيو آھي تہ اھي سر چارلس کان پڇاڻو ڪن تہ ھن ممبئي جي ڪن اعلى عملدارن کي گدڙ ڇو سڏيو آھي. ھنن ماڻھن جي ان وقت تائين ھاءِ گھوڙا ۽ پٽ کوھھ لڳي پئي ھئي. جيستائين سر چارلس کين گدڙ سڏN جي غلطيءَ جو اعتراف نہ ڪيو ھو. ھنن کي اطلاع ڏنو ھو تہ سندن پگھارن ۽ ڪم جي رفتار کي ڏسي کين گدڙ سڏيو ھو, ھن اھو بہ چيو ھو تہ يادداشت نامي لکڻ وارن ماڻھن ۽ فوجي سپاھين جي پگھارن ۾ وڏو فرق آھي. جڏھن تہ پھريان ماڻھو وڏي پگھار وٺي عياشيون ڪندا آھن, جڏھن تہ فوجي سپاھي ٿوري پگھار وٺندو آھي ۽ پنھنجي حياتي قربان ڪري ڇڏيندو آھي. ان کان پوءِ مخالفن جي وات ۾ ماٺِ جا مڱ پئجي ويا ھئا ۽ ڪOڇي ڪونہ سگھيا ھئا. حقيقت بہ اھا ھئي تہ ھن ممبئي سرڪار جي اعلى عملدارن تي ڪا ٽوڪ ۽ چٿر ڪانہ ڪئي ھئي. ھن پنھنجي ھڪ خانگي خط بابت رڳو ايترو لکيو تہ جيڪڏھن ان کي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آھي تہ ڪا وڏي ڳالھہ ڪانہ آھي. سندس لکيل اصلي لفظ ھن ريت ھئا:
“The general opinioin was that certain civil servants were corrupt”
سر چارلس general opinioin جا لفظ ان ساڳئي انداز ۽ مفھوم ۾ چيا آھن جنھن انداز ۽ مفھوم ۾ ممبئي حڪومت جا اعلى عملدار ڪلڪتي جي اعلى عملدارن لاءِ چوندا آھن. پر اھي ساڳيا لفظ جڏھن ڪو ٻيو ممبئي جي اعلى عملدارن لاءِ چئي رھيو آھي تہ کين اچي ٽانڊي لڳي آھي ۽ چيو پيو وڃي تہ مٿن ٽوڪ ڪئي پئي وڃي.
پر جيڪڏھن اھي گٿا لفظ آھن تہ بہ سنڌ جي اعلى عملدارن طرفان اھڙو فقط ھڪ مثال آھي. پر ممبئي سرڪار جا اعلى عملدار سر چارلس کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪانبو ٻڌي سندس ڪڍ لڳي پيا ھئا ۽ ساري دنيا جا عيب مٿس مڙھي وڃي پار پيا ھئا.
اھڙي ريت اھا بہ اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي تہ سنڌوءَ جي ساڄي پاسي واري علائقي ۾ مختلف قبيلا پاڻ ۾ جھيڙو ڪندا. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ سو قبيلن جا سردار سلام لاءِ سر چارلس وٽ پھچي ويندا.
اھي بہ افواھھ اٿاريا ويا ھئا تہ بلوچ نسل جا سڀئي ماڻھو سر چارلس کان نفرت ڪري رھيا آھن. جڏھن تہ سڀئي قبائلي سردار حيدرآباد ۾ منقعد ٿيل درٻار ۾ ھلي آيا ھئا ۽ خوشي سان اچي سر چارلس جي پيش پيا ھئا.
الزام اھي ھنيا پئي ويا تہ سنڌ ۾ امن امان انھيءَ ڪري موجود آھي تہ اتي بيشمار فوج رکي وئي آھي. ان جو وڏو حصو ممبئي پريزيڊنسيءَ ۾ اٿيل بغاوتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اوڏانھن موڪليو ويو آھي. ان کان پوءِ بہ سنڌ پرامن آھي.
ھن کان سواءِ اھڙا افواھھ بہ پکيڙيا ويا ھئا تہ سنڌي ان اوسيئڙي ۾ ويٺا آھن تہ ڪڏھن ٿو سنڌ جو راڄ موٽي ٽالپر حڪمرانن کي ملي. پر جنرل سر چارلس نيپئر فوج وٺي سنڌ جي سرحدن کان الائي ڪيترو پري ھليو ويو ھو. ھن کي بغاوت ڪرڻ جو ڄڻ سونھري وجهہ ملي ويو ھو. اتي نہ فوج موجود ھئي نہ سر چارلس ھو. تڏھن بہ ھنن شير محمد يا ٻين اٺيتاليھن ٽالپرن سردارن لاءِ ڪنھن بغاوت جو اعلان ڪونہ ڪيو ھو. اھي سڀ ٽالپر آزاد ۽ سنڌ اندر موجود ھئا ۽ پنھنجي رعيتن کي واھر لاءِ سڏي رھيا ھئا. پر سندن واھر لاءِ واڪن کان پوءِ بہ انھن رعيتي ماڻھن جو تہ ڪن بہ ڪونہ لڏيو ھو.
جنھن قبائلي ويڙھھ جي اڳڪٿي ڪئي وئي سا بہ سال جي سرءُ واري رت ۾ لڳي وئي جيڪا دريا خان ۽ اسلام خان بگٽيءَ وچ ۾ شروع ٿي وئي ھئي. جڏھن سر چارلس قبائلي سردارن کي قيد ڪري سرحد ڀرسان رکيو ھو تہ سمجھيو ھئائين انھن قبيلن جا اوڦٽو ۽ رولو ماڻھو بک کان ڇتا ٿي سنڌ جي سرحدي پٽيءَ سان ڌاڙا ھڻندا. کيس اھو بہ محسوس ٿيو ھو تہ ھو پنھنجي جلھھ جو پھريون چٽڪو جکراڻين کي چکائيندا. ڇاڪاڻ تہ انھن ڌاڙيلن کي پڪ ھئي تہ اھي کين مھاڏو ڏئي ڪونہ سگھندا ۽ چوڏس چئون پچئون مچي ويندي تہ اھي ڌاڙيل ڦرلٽ واري زندگيءَءَ جي نئين سر شروعات ڪري رھيا آھن. اھڙي ريت سندس ڪيل اڳڪٿي سورھن آنا سچي نڪتي. ڌاڙيلن اڳتي وڌي جکراڻين جي دڙي دڦ ڪري ڇڏي. ھيءُ قبيلو ڦرلٽ واري ڪڌي ڪرت مان ھٿ ڪڍي ويو ھو. پر سر چارلس کي پاند ڪرڻ لاءِ گذارش ضرور ڪئي ھئائون. جنرل جي حڪمت عملي بہ اھا ھئي. جڏھن ھو پلاند ڪرڻ جي مقصد سان پٽ اڪري اڳتي ٿيا ھئا تہ ھنن سان گھوڙيسوار دستا بہ ھئا. پر جڏھن ھو جابلو علائقي ۾ پھتا تہ فوج واپس ھلي آئي. انھيءَ لاءِ تہ ڀلي قبيلا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ٻہ پاڻي ڪن.
ھن کي منجھن ڪو شڪ شبھو ڪونہ ھو تہ ھو موٽي وڃي جابلو علائقن ۾ رھندا. ڇاڪاڻ تہ ھو ھاڻي ھاري ناري بڻجي ويا ھئا ۽ پوکي راھي ڪري پيٽ گذر ڪندا ھئا. سر چارلس جو ھنن مٿان ٻٽو ضابطو قائم ٿي چڪو ھو. ھڪ تہ ھو زمينن جا مالڪ بڻجي ويا ھئا جن کي ڇڏڻ ھنن لاءِ ڏکيو ھو. ٻيو تہ منجھن دشمن کان پاند وارو ھڪ اڌمون ۽ اتساھھ موجود ھوندو ھو. ان کان سواءِ ھن قبيلي جي بااثر ۽ طاقتور ماڻھن کي سرڪاري نوڪري ۾ رکيو ھو. اھڙي دريا خان جو ڪنھن قبيلي سان جھيڙو ڳنڍڻ بہ سر چارلس جي حڪمت عمليءَ جو ھڪ حصو ھو. ھو نون مھينن اندر وٽس پيش پيا ھئا ۽ ڌاڙيلن مان ڦري شريف انسان ٿي ويا ھئا. نہ تہ ھن کان اڳ اھي ساڳيا ماڻھو ظلم ۾ ڪيس ڪرڻ ۾ انسان نہ پر وحشي جانور لڳندا ھئا. اھا سر چارلس جي حڪمت عملي ھئي جو ھنن وحشي جانورن پنھنجون عادتون تبديل ڪري ڇڏيون ھيون ۽ سبھي مان سون بڻجي ويا ھئا. سندن ڌنڌو ڌاڙن ھڻڻ بدران پوکي راھي جي ڪرتِ ھئي. جيڪڏھن ساڻن کئونس نہ ٿيندي ھئي تہ مسيت جا ڪک ھوندا ھئا. پر ھاڻي ھو ساڻن ڪيل اچاند جو پاند ڪرڻ لاءِ ھٿيار کڻي ان قبيلي جي ڪڍ لڳي پيا ھئا جيڪو ڪڏھن ساڻن ٻٽ ۽ جھٽ ھو. ڇاڪاڻ تہ ھو ھاڻي سڌري شريف ٿي ويا ھئا. سندن ھيءُ پلاند ڄڻ تھذيب جي تحفظ لاءِ ھو ۽ ڌاڙيل بہ انھن مضبوط علائقن ۾ وڃي لڪا ھئا جتي ھو ڪڏھن ڌاڙيل ھجڻ وقت پاڻ بہ وڃي سر لڪائيندا ھئا. تنھن ڪري ھي ان جابلو جوءِ جي چپي چپي جا چڱيءَ ريت ڄاڻو ھئا.
ھي اھڙي تبديلي ھئي جنھن وڏي کان وڏو ماڻھو فخر محسوس ڪندو آھي. پر اھڙين اھم ڳالھين کي انگريز عوام کان سايو ڪري ڳجھو رکيو ويو ھو. اھو سر چارلس جي دشمنن جو ھٿ ناٽ ھو، جن کيس فقط مڇي کان اڳ ئي اجايا الزام ھڻي گھڻو لويو ھو. حقيقت اھا ھئي تہ اھو ڪامورا شاھيءَ جو ھن خلاف ھڪ ڳجھو پوتاميل ھو جيڪو سياڻپ ۽ سچيتائيءَ جو ويري ھو. ان ڪري سندس ڌيان عوامي ترقيءَ جي ڪمن ۽ مالياتي معاملن کان ھٽي ويو ۽ پنھنجي بچا لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳي ويو ھو ۽ مٿان ملندڙ منظوري جي اوسيئڙي ۾ ھٿ ھٿ تي رکي واندو ويٺو ھوندو ھو. تنھن ڪامورا شاھيءَ جي اجائي رنڊڪن ڪري اھم قسم جا منصوبا رولھڙي جو شڪار ٿي ويندا ھئا ۽ ھروڀرو دير ٿي ويندي ھئي. کيس اھا بہ چڱيءَ ريت پروڙ ھئي ڪامورا شاھي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا ماڻھو ھن جي تباھيءَ جي تکيءَ تاڙ ۾ اوڪڙو ويٺا ھئا. ھن کان اڳ ”بامبي ڪائونسل“ گورنر جنرل ڏانھن خط لکي سر چارلس تي الاھي الزام ھنيا ھئا. پر اھڙن خطن تي ڪامورا شاھي جي ماڻھن کي ڇنڊ ڪڍي وئي ھئي ۽ کين چيو ويو ھو تہ اھڙيون ڳالھيون منظرعام تي آنديون وڃن تہ جيئن اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون يا ڪنھن تي اجايا الزام نہ ھنيا وڃن. اھڙي وايو منڊل کي ڏسي ڪائونسل لوڪ کان لڪي ڳجھيون دشمنيون ڪرڻ لڳي ھئي ۽ سر چارلس جي چيل لفظن کي تيليءَ مان ٿنڀ بنائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. ھن سان گڏ اھو بہ سوچيو ويو ھو تہ بدناموسيءَ سان لاڳاپيل الزامن کي تيز رفتاريءَ سان اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇاچيو وڃي. جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو تہ سر چارلس ڪجهہ ھتري ويندو. ڊاڪٽر بسٽ ڪنھن ڪلي آھر لٻاڙون ھڻي رھيو آھي تہ ھو جيڪو وڻندو ڪري گذرندو. ڇاڪاڻ تہ کيس ھڪ اھم شخصيت جي پٺڀرائي حاصل آھي. جيڪا ممبئي جي گورنر جي ويجھو آھي. سندس اھڙي ٻٽاڪ بہ ڪا ڳجھي پاجھي ڪانہ آھي. جڏھن تہ سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي:
”بامبي ٽائيمس جي بيان جو تفصيل ھن ريت آھي تہ مان سنڌ جي ماڻھن مٿان وڏا محصول مڙھي حڪومت ڪري رھيو اھيان ان کان سواءِ مان ٽرانزٽ ڊيوٽي نالي ھڪ ٻيو وڏو محصول کانئن وصول ڪري رھيو آھيان. اھڙن بيانن سان گڏ گارگند بہ شامل ڪيو ويو آھي تہ ھي (سر چارلس) سنڌ جو نيچ ۽ بي شرم گورنر آھي. ھن سان گڏ اھو بہ لکيو ويو آھي تہ ھي سنڌ زار ۽ غاصب ماڻھو آھي. جنھن پنھنجي بھادر فوج کي قتل ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھن گورنر جو ڌنڌو ئي ڪوڙ تي قائم آھي ۽ ڪيترن ئي مھينن تائين اھو پڙاڏو گونجندو رھيو تہ مان سنڌ جي ماڻھن مٿان وڏو محصول مڙھي وڏي پيداوار حاصل ڪئي آھي. اھڙيون سڀ ڳالھيون اجايون ھيون ۽ مون کي بدنام ڪرڻ جي نيت سان پکيڙيون ويون ھيون.“
”مان ڪنھن بہ قسم جو محصول ڪونہ مڙھيو آھي. نہ وري ڪنھن شيءِ تي محصول جي نالي ڪو ٽيڪس آھي. مانتھ رھندو ڪيترائي محصول معاف ڪري ڇڏيا آھن. مان اھي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آھن. منھنجي قلب کي قرار ۽ اندر کي آٿت آھي ۽ منھنجي آتما اھڙن پاپن کان آجو آھي. منھنجا تہ ننھن نيڻ کلي رھيا آھن. اھڙين ڳالھين جي عام ماڻھن کي بہ خبر آھي. اھڙي ساري معلومات سر جان ھرشد کي بہ آھي جيڪو چنڊ تي ويٺو آھي. پر ھاڻي جڏھن ساري ھندستان ۾ مون تي مڙھيل الزامن جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي تہ منھنجو روح تہ رڙيون ڪري رھيو آھي. مون کي اھڙي ڏکوئيندڙ معلومات ڪلڪتي جي ھڪ ڪلارڪ وٽان ملي ھئي جيڪا مون کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. ھن ڪلرڪ لکيو آھي تہ ممبئي حڪومت ڪائونسل طرفان لکيل ھڪ نوٽ ڪلڪتي ۾ رجسٽر ڪرڻ لاءِ چيو آھي جيڪو مون (سر چارلس) کان ڳجھو رکيو ويو آھي. مذڪوره نوٽ ۾ مون تي الزام ھنيو ويوآھي تہ مان بازار مان سستو اناج وٺي فوج کي مھانگي اگھھ ۾ ڏيان ٿو. اھڙي ريت مان سرڪار کي نقصان پھچائي پاڻ پئسا ڪمايان ٿو. ان کان سواءِ مان وڏو محصول ھڻي وڏو نفعو ڪمايو آھي. اھڙي ريت مان ڪريت ڪري پاڻ کي ڏاڍو بدنام ڪري ڇڏيو آھي. تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ منھنجي خلاف ھر الزام جو اکر اکر سچو آھي. ان ڪري مون لاءِ ڦاسي جي سزا صحيح ٿيندي.
جيڪڏھن مذڪوره ڪلارڪ مون کي اھا معلومات ڏيڻ جي غلطي نہ ڪري ھا تہ مبئي سرڪار دشمنن جي مدد سان منھنجي خلاف الائي ڪيترا ڪوڙا ڪيس ڪلڪتي ۾ رجسٽر ڪرائي چڪي ھجي ھا. منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ منھنجي ڪردار تي ڪارا لينگھا لڳي وڃن ھا تہ مان سنڌ جي گورنر ھجڻ وقت ھر قسم جي ڪريت ڪئي جنھن جون اڻ مٽ ثابتيون سرڪار جي رڪارڊ ۾ موجود ھجن ھا. اھڙا الزام بامبي ڪائونسل جي ٻن ميمبرن ريڊ ۽ ڪرافورڊ ھٿرادو تيار ڪيا ھئا. ھي ماڻھو آدي بنيادي اڪائونٽنٽ ھئا. ھنن ماڻھن جي لڳايل الزامن جي جواب ڏيڻ ۾ مون کي ھڪ ھفتو لڳي ويو ھو ۽ ثابت ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ھوس تہ ھنن جا ھنيل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آھن. ٻين سان گڏ اھو بہ الزام مڙھيو ويو ھو تہ مان فوج کي کاڌ خوراڪ مھانگي ڏني آھي ۽ بيجا نفعو ڪمايو آھي. مان سنڌ ۾ ٽي سال رھيو آھيان. ان ساري عرصي دوران منھنجي ڪوشش اھا رھي ھئي تہ نہ رڳو فوج لاءِ پر سنڌ جي ھر ماڻھو لاءِ اناج سھانگو ھجڻ گھرجي. مان پھريون ماڻھو ھوس جنھن اناج جي ھڪ ھٽيءَ کي ختم ڪيو ۽ اناج جو سھانگو اگھھ مقرر ڪيو. جنھن ڪري سنڌ سرڪار جي پيداوار ۾ گھڻي گھٽتائي اچي وئي ھئي.
اھي ماڻھو ڳجھن دستاويزن کي ڪلڪتي ۾ رجسٽر ڪرائڻ کان پوءِ ڪو ماٺ ڪري ويھي ڪونہ رھيا ھئا پر پنھنجي شڪار کي گولي ھڻن کان پوءِ وڏا ٽھڪ ڏئي کلندا رھيا ھئا. بعد ۾ ھنن ڊاڪٽر بسٽ جي اخبار ۾ بدناموسي سان لاڳاپيل مقالا بہ ڇا پرايا ھئائون. پر اتي ٻولي اھڙي ڪتب آندي وئي ھئي. جيڪا فقط اخبارن لاءِ مناسب ھوندي آھي. پر اھو ڪونہ ٻڌايو ويو ھو تہ سندن معلومات جو ذريعو ڪھڙو آھي. جڏھن ھنن ماڻھن مون تي ٺڳ ھئڻ جو الزام ھنيو تہ مون کان ٽھڪ نڪري ويو ھو. پر جڏھن مون ڪلڪتي جي ڪلارڪ معرفت منٽب بوڪ مليو تہ مان ڪائونسل کي ڏاڍي کلئي نموني سان ۽ ڀرپور جواب ڏنو ھو. اھڙي ريت مان ھنن جي ڪوڙن الزامن کي دستاويزن پٺيان دستاويزي ثابتيون ڏئي غلط ثابت ڪري ڇڏيو ھو. ڇا اھو ئي سڀ ڪجهہ ھو؟ نھ! اھو فقط ضمير وارن لاءِ سڀ ڪجهہ ھو. پر ھنن لاءِ سڀ ڪجهہ نہ ھو. لارڊ رپن بہ مون ڏانھن ھڪ خط لکيو ھو جنھن ۾ چيو ھئائين تہ ”مان ھڪ الزام بابت ٻڌو آھي، يقين اٿم تہ اھو ڪوڙو ھوندو. ان کان پوءِ ھن لکيو ھو تہ کيس اھڙا سبب ٻڌايا وڃن تہ تون ھن کان پوءِ وري ٽرانزٽ ڊيوٽي نہ ھڻندين.“ سندس اھڙين ڳالھين مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ھو دشمنن جي ھنيل ڪوڙن الزامن تي ويساھھ وسھي ويو ھو. پر افسوس جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھنن ٽرانزٽ ڊيوٽي جي ڪا ڄاڻ ئي ڪانہ ھئي. لارڊ رپن کي انصاف تہ ڪرڻو ھو. پر جواب ڏيڻ جي تڪليف اچي وئي جنھن ۾ سارو ڏينھن لڳي ويو. ان ڪري ضروري ڪم ملتوي ڪرڻا پئجي ويا ھئا. اھي ڪم ڊگھي قسم جا ڪيس ھئا جن بابت مون کي فتوى ڏيڻي ھئي جن ۾ پنجن ماڻھن کي ڦاسي جي سزا ملڻي ھئي. ڪنھن جي زندگي جو معاملو ھوندو آھي جنھن تي ماٺار واري وايو منڊل ۾ ڳوڙھو سوچڻو پوندو آھي ۽ گھڻو ڌيان ڏيڻو پوندو آھي تہ متان ڪٿي ٿوري بہ غلطي ٿي وڃي. ان وقت آءٌ سمجھندو آھيان خدا جي روبرو ويٺو آھيان ۽ مون کي صحيح طريقي سان انصاف ڪرڻ گھرجي. اھڙيءَ وقت مان جاچي پرکي لکڻ لاءِ مجبور ھوندو ھوس. ان ھوندي بہ مون کان ماضيءَ ۾ ڪي غلطيون ٿي ويون ھونديون جن تي تنقيد بہ ڪري سگھجي ٿي. منھنجا ڀاڳ ڀلا ھئا جو مان انھن ماڻھن جي اڏيل ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ڪونہ سگھيس. جيڪي منھنجي طوفاني زندگيءَ کي استعمال ڪري وڏا فائدا حاصل ڪري رھيا ھئا. پر ھاڻي تہ اھي تباھہ ڪرڻ لاءِ ھٿ ڌوئي منھنجي ڪڍ لڳي پيا ھئا.
مون لارڊ رپن ڏانھن ان خط جي جواب کلئي اڃا ٻہ ٽي ڏينھن مس گذريا ھئا جنھن ۾ ان لکيو ھو تہ تو کي بنا ڪنھن ڪارڻ جي پريشان ڪيو ويو آھي تہ ڪلڪتي کان سيڪريٽ ڪميٽي وٽان ھڪ خط مليو ھو جنھن ۾ چيو ويو ھو تہ تو ٽرانزٽ ڊيوٽي ڇو ورتي آھي. ھي ماڻھو لارڊ رپن جا دوست آھن. ھنن جو چوڻ آھي تہ اسان کي ڪيترن ئي وسيلن معرفت معلومات ملي آھي تہ تو اھڙي محصول وصول ڪئي آھي. مون کانئن پڇيو ھو تہ انھن وسيلن جو نالو ڇو نہ ٿو ٻڌايو وڃي جن معرفت کين اھڙي معلومات ملي آھي يا انھن مان ھڪ ماڻھو جو نالو ٻڌايو وڃي تہ مان بہ ان جاسوس جي ڪرتوتن کي وائکو ڪري سگھان. پر ھو ائين ڪرڻ جي وائي ڪونہ ٿا وارن. مونکي اھو ويساھھ ويھي ويو آھي تہ منھنجون پاڙن پٽڻ لاءِ پڪو پھھ ڪري چڪا آھن ۽ اھڙو خط ھر ھفتي مون وٽ پھچي رھيو آھي.“
ھن قسم جي گندي ڪارروائي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ممبئي جي گورنر سر آرٿر جي ڪائونسل روڪي رھي آھي. اھڙي ريت ٻين جڳھن تي اڪثريتي ووٽ وسيلي ان ڪارروائي کي نہ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھتي ريڊ، ڪرافورڊ ۽ سيڪريٽري ولھيو بي جو ھڪ نانيءَ ويڙھو ٺھيل آھي. سيڪريٽري ولھوبي تہ سڀني کان گوءِ کڻي ويو آھي ۽ جتي بہ سر چارلس جي خلاف ڪا ڳالھہ ٻڌي ٿو تہ ان کي ڳالھوڙو بڻائڻ تہ سندس کاٻي ھٿ جو کيڏ آھي. ھو ائين ڪري ڄڻ انگريز ماڻھن جي مان ۽ مريادا کي مٽيءَ ۾ ملائي رھيو آھي جن جي مفادن خاطر سر چارلس پنھنجي ساري زندگي داءِ تي لڳائي ڇڏي آھي. اھو بہ معلوم ٿيندو تہ جڏھن سيڪريٽ ڪميٽي واري سازشي ٽولي سر چارلس خلاف الزام کي گھڙي ٺاھي رھي ھئي تہ ان زماني ۾ سنڌ اندر جتي بہ اناج جي ضرورت پوندي ھئي ھڪدم گھرائي وٺبو ھو. پر انگلينڊ ۾ ائين ڪونہ ھو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ اناج تي برآمدي ۽ درآمدي محصول بہ نافذ ڪونہ ھو. پر انگلينڊ ۾ اھڙيون ڳالھيون ڪونہ ھيون. سر چارلس جو نقطئھ نظر مختلف ضلعن جي ڪليڪٽرن ڏانھن لکيل سندس خطن مان بہ معلوم ڪري سگھجي ٿو. جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:
”اناج کي سھانگي رکڻ جو ھڪ صحيح طريقو ھي آھي تہ پوکي راھي جي پٺڀرائي ڪئي وڃي ۽ اناج جي درآمد کي ھٿي ڏني وڃي. مان اڳئين سال درآمدي محصول ختم ڪري ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ مان ھارين نارين کي ھر سھوليت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. اناج جي کوٽ کي منھن ڏيڻ جي اھي ٽي ڪارائتا طريقا آھن. ھن کان سواءِ ٻيون بہ ڪي ضروري ڳالھيون آھن. پر مٿي بيان ڪيل طريقا بنيادي آھن جن وسيلي اناج جو ملڻ سولو سھانگو بڻائي سگھجي ٿو. اناج جي ھڪ ھٽي قائم ٿيڻ ڪري اثر ضرور ٿيو آھي پر جيڪڏھن ڪڙي نظرداري ڪبي تہ اناج جي ذخيره اندوزي جھڙي ڪريت کي ٻنجو ڏئي سگھجي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھو اناج ميڙي گڏ ڪري مھانگي ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيندو تہ جاچ پڙتال وسيلي اھڙي ماڻھوءَ کي سولائي سان تباھہ ڪري سگھجي ٿو. اھڙيءَ ريت جن ماڻھن مھانگي ٿيڻ لاءِ جيترو گھڻو اناج گڏ ڪري رکيو ھوندو. نقصان بہ کين اوترو ئي گھڻو پھچندو. پھريائين تہ منھنجو خيال ھو گڏ ڪري رکڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. بعد ۾ خيال آيو تہ ذخيره اندوزي جو وڌ ۾ وڌ مقدار مقرر ڪرڻ گھرجي پر پوءِ سوچيم تہ دخل اندازي نہ ڪرڻ گھرجي ۽ معاملو جيئن ھلي پيو ھلڻ ڏجي. پر سرڪار اھا جاکوڙ ضرور ڪري تہ بازار ۾ ان سھانگو وڪامي. مون کي خوف ٿي رھيو ھو تہ اھڙي دخل اندازي ڪرڻ سان متان ڪو ممڻ مچي پوي. پر اھا بہ ڄاڻ ھيم تہ جيڪڏھن اناج مھانگو ٿيندو ۽ ماڻھو لنگھڻ ڪاٽيندا تہ سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ڊوءِ ڊوءِ تہ حڪومت خلاف ٿيندي. ٽالپر دور ۾ ماڻھن کي غلام رکڻ جو رواج ھو. تنھن ڪري ڀانيم تہ ھن معاملي ۾ سرڪار کي ترت دخل اندازي ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تہ اھو ڄڻ انساني گوشت جو ڪاروبار آھي ۽ انساني گوشت تي اھو فرض آھي اھڙي ڪريت کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي. سٺيءَ سرڪار جي سڃاڻ جو اھم اھڃاڻ اھو آھي تہ ان جي ملڪي حدن اندر اناج سھانگو، پگھارون مناسب ۽ پورھئي لاءِ مناسب موقعا ھجن. اھڙيون ڳڻائتيون ڳالھيون تڏھن ٿي سگھن ٿيون جڏھن اتي ڍل محصول نالي ماتر ھوندي جيڪڏھن ائين نہ ٿيندو تہ انتظامي مشينري سولائي سان ھلي ڪانہ سگھندي.
”ھن ڌرتي تي انگريز سرڪار جي والار آھي. تنھن ڪري حڪومت کي زمين جي پيداوار جو مختصر حصو کڻن گھرجي. پر گھڻو نھ. جيڪڏھن اسان خراب زمين تان ڍل نہ اوڳاڙينداسون ۽ ڍل فقط ڀليءَ ٻني تان اوڳاڙينداسون تہ اناج ضرور مھانگو ٿي ويندو ۽ ويچارا غريب لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. ان جو نتيجو اھو بہ نڪري سگھي ٿو تہ زميندار ڍلي ٻني ۾ بہ پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. جيڪڏھن ايئن ٿيو تہ ڀلي زمين ھيٺ لھي اچي. ڍلي ٻنيءَ جي برابر بيھندي جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو تہ اناج جو اگھھ وڃي آسمان سان ڳالھيون ڪندو. فائدو ھڪڙن جو ٿيندو ٻچا ٻير تي غريبن جا چڙھندا. ٽالپر حڪمرانن جو طريقو اھو ھو جنھن جو نتيجو اسان جي اکين آڏو آھي. سنڌ جون اڌ ڀليون زمينون ڌيان نہ ڏيڻ ڪري غير آباد پيون آھن ۽ ماڻھو ڳري ڍل ڀرڻ جي شوق ۾ ھروڀرو ڀلي زمين آباد ڇو ڪندو جنھن جو مقصد ڍلي زمين جي قدر وڌائڻ جو ھوندو آھي. جڏھن مان زمين جي ڍل جا اگھھ گھٽايا آھن تہ مان سڀني جو ڀلو ڪيو آھي. اھڙي ريت ڍل جو تناسب پيداوار سان آھي. ڪڏھن ڍليءَ زمين جا مالڪ ڳري ڍل ڀريندا ھئا. ھاڻي تہ مٿن ھلڪي ڍل مڙھي وئي آھي. جيڪڏھن سنڌ سرڪار ٻاھران اناج گھرائيندي تہ ھتان جي ان جي پيداوار بہ محفوظ رھجي سگھندي. جيڪڏھن سنڌ اناج ٻين ملڪن ڏانھن برآمد ڪندي تہ لازمي اگھھ چڙھي ويندا. ان ڪري ڍليءَ زمين جي آبادگارن کي بہ فائدو پھچي سگھندو. پر اھا گھٽ ۾ گھٽ آباد ڪرڻ جوڳي تہ ضرور ھئڻ گھرجي. ھيءَ حقيقت بہ وسارڻ نہ گھرجي تہ ھتي پاڻي موجود آھي. پر پوکي راھي جي مقصد سان ان کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. جيڪڏھن پاڻي سولائي سان حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي ويو تہ زمين جي وسيع ايراضي پوکي ھيٺ اچي سگھي ٿي.
1845ع دوران اناج جا اگھھ چوٽ چڙھي ويا ھئا. انھيءَ زماني ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون درپيش ھيون جن وچان سر چارلس سنڌ کي خوشحاليءَ ڏانھن وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رھيو ھو.
1) سنڌ جي فتح واري جنگ مختلف علائقن ۾ آگسٽ 1843ع تائين ھلندي رھي. جيڪا گھڻو اينگھجي وئي ھئي. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو ان سال جي پوکي راھي واري رت گذري وئي ھئي. ان کان سواءِ اناج جي ڦرلٽ بہ جام ھئي. جڏھن ھاري اناج صاف ڪري راه جو صورت ۾ ديرن تي موجود ھوندو ھو تہ بلوچ ڌاڙيل اچي اوچتو ڪڙڪندا ھئا ۽ سڀ ان ٻھاري پڙ ئي پالھا ڪري ويندا ھئا. غريبن ھارين لاءِ اھا ويڌن ٽالپر دور کان وٺي ھلندي آئي آھي. پر انگريزن جي لشڪر جي فوجي سرگرمين دوران بلوچ ڌاڙيلن تي تائي تپائي ڏنو ھو. جڏھن ھتان جي ماڻھن ھڪ اوڀريءَ فوج کي سنڌ ۾ سھڙندي ڏٺو ھو تہ سندن وايون بتايل ٿي ويون ھيون. تنھن ڪري ھو ھيسجي ويا ھئا تہ الائي ڇا ٿيندو. تنھن ڪري ھنن ٻڏتر واري منڌل وايو منڊل ۾ جيڪو بہ کين ھٿ لڳو ميڙي چونڊي وڃي پنھنجي گوڏي ھيٺ رکيائون ۽ پوکي راھي واري ڪرت کي ٿو کٽا ڪري ڇڏيائون.
2) اوچتيءَ فتح ڪري سنڌ جو اڻ ڄاتو انتظام ۽ وائڙو ٿيل ماڻھو انگريز سرڪار جي اختيارين ھيٺ اچي ويو ھو. جيستائين ھتان جي ڍل جي اگھن ۽ اوڳاڙي جي طريقن جي انگريزن کي خبر پوي تيستائين ساڻن ڪيترن ئي قسمن جون ٺڳيون ڪيون ويون ھيون. ھڙ دنبڙ جو وايو منڊل قانون ۽ انصاف جا تہ وڻ ئي وڍجي ويا ھئا. ھتي بلوچ قبيلا پوکي راھي واري ڪرت تہ ڄاڻندا ئي ڪونہ ھئا. تنھن ڪري سندن پيٽ گذر ڦرلٽ ۽ ڌاڙن تي ھوندو ھو. ٽالپر حڪمرانن بہ کين ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو ھو.
3) ان سال جنگ ڪري واھن جي کاٽي ۽ صفائي ٿي ڪانہ سگھي ھئي. ٽالپرن جو ڌيان جنگ ۾ کتل ھو. جڏھن پاڻيءَ جا وھڪڙا بند ٿي ويندا آھن تہ نہ ماڻھو صحتمند رھي سگھندا آھن نہ وري پوکي راھي ڀلي ٿيندي آھي.
4) آگسٽ 1843ع کان جنوري 1844ع تائين ھڪ خطرناڪ مھا مويءَ منھن ڪڍيو جنھن جي نتيجي ۾ ھزارين مري ويا. ٻيا وري ھن اگري آپدا جي چڪڻ سان چڙ چڙي اٿيا تہ سھين پر ايترا تہ جھيڙا ۽ ھيڻا ٿي ويا جو ھنن لاءِ ھر جو مٺيو جھلڻ بہ مشڪل ٿي ويو ھو. 1844ع ۾ ڪنھن وانگيءَ بہ پوکي راھي جي ڪرت ڏانھن اک کڻي وتائي بہ ڪونہ ڏٺو ھو. ماڻھن جي ڏيل ۾ ڪو ڏپ ئي ڪونہ رھيو ھو جو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري سگھن. ھن مھامريءَ ڪري فوج جو ڪو ماڻھو تہ ڪونہ ڀريو ھو پر بيماري کي جھاڳي نمرا تہ ٿيا ھئا ليڪن کين ھٿيارن سنڀالڻ جيترو ست بہ سرير ۾ ڪونہ رھيو ھو. ماڻھو ھن مھامري مان جند ڇڏائي اڃا آجا مس ٿيا ھئا تہ مٿان اچي ماڪڙ جا ڪٽڪ نيان جيڪي پنھنجي پٺيان ڪاري وارا ڪک اڏامندڙ رک ۽ ڪاري ڏڪار جا رانڀاٽيندڙ راڪاس ڇڏي ويا ۽ سڪار ۽ سنائي واري سنڌ جي ڌرتي ھڪ وار اجاڙجي ڀينگ ٿي وئي.
5) اھو ڪو ڳورو سال ھو سنڌو ۾ ڪمھلي لاٿ اچي وئي جنھن ۾ وري چاڙھھ اچي ڪونہ سگھيو. ھن کان اڳ ماڪڙ ساري اوڀڙ کائي ملڪ اوجھڙ ڪري وئي ھئي. ھاڻي وري پاڻي جي ڏگاھي ڪري ماڻھو مري رھيا ھئا.
ان سال ماڪڙ ۽ سنڌوءَ جي اوچتي لاٿ ڪري سنڌ اندر ڏڪار ڪاھي پيو ھو ۽ سر چارلس نيپئر پنھنجي سياڻپ ۽ سچيتائي سان 1845ع جي پڇاڙيءَ ڌارن کيس ھن ڪارونڀار مان اڪري پار پھچايو ھو. پر اناج جا اگھھ تہ چوٽ چڙھي ويا ھئا جنھن جي شڪايت بمبئي جي ڪائونسل بہ ڪئي ھئي. پر ھنن کي اھا سمک بہ ھئي تہ سنڌ سان ڪھڙي ڪاري واري ٿي گذري آھي. پر ھنن ڳجهہ ڳوھہ ۾ سنڌ جي گورنر کي کڻي انگھن تي کنيو ھو تہ اناج جي مھانگائي جو ڪارڻ اھو آھي. ساڳئي وقت چنڊالن جي ھن چوڪڙي برآمدي محصول ھڻي ممبئي کان اناج روانو ڪيو ھو ۽ پاڻ ئي ان ڀڏي ڪم ۾ رڌل رھيا جنھن جو الزام وري سر چارلس تي ٿڦيندا ھئا. البت 1845ع جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ سڪون ۽ سڻائي اچي وئي ھئي. اھڙو سکيو ستابو صورتحال انھن ماڻھن جيواڳون جھڙين بکين اکين جي سامھون ھو. سنڌ جي اھڙي خوشحالي ڏسي اوسي پاسي جي ملڪن جا ماڻھو بہ لڏي پلاڻي اچي ھتي آباد ٿيا ھئا. جن مان سمنڊ وسيلي ڪي سنڌو وسيلي سنڌ ھليا آيا ھئا. جنھن ڪري شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري وڌي وئي ھئي. جيڪي ھاڻي ڳوٺن مان شھر بڻجي ويا آھن. ان کان سواءِ ھتي دولتمند واپاري بہ اچي آباد ٿيا آھن ۽ ھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان پنھنجا تجارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاھين ٿا. تجارتي تيز رفتار چرپر فقط انھن ملڪن ۾ ممڪن ٿي سگھندي آھي جتي امن ۽ شانتي ھوندي آھي. ان سان گڏ نياءُ نيت پت ۽ انصاف سولو ۽ پھچ جوڳو ھوندو آھي.
ساڳيءَ ريت سنڌ جي پيداوار ۾ بہ گھڻو واڌارو اچي ويو ھو ۽ اڳئين ڊسمبر ۾ خزاني ۾ ڏھھ لک پياريا ويا ھئا. اھڙيءَ طرح ٻن لکن اسٽرلنگ پائونڊن جي اضافي پيداوار حاصل ٿي ھئي. ان لاءِ ضلعي جي ڪليڪٽرن جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڍل محصول جي اوڳاڙي جو طريقو اھو ساڳيو قائم رھيو تہ ايندڙ ڏھن سالن اندر ڏھھ لک اسٽرلنگ پائونڊ پيداوار ملي سگھندي ۽ عام ماڻھوءَ تي ڪنھن جو بار بہ ڪونہ پوندو. ان کان سواءِ انتظامي خرچ جي مد ۾ پڻ ڪابھ گھٽتائي ڪانہ ڪئي ويندي. سٺي حڪومت جي اھا بہ ھڪ نشاني آھي. سنڌ جي اتر پاسي واقع ڪڇ ۽ گنداوا ۽ اولھہ پاسي گيدروشا جا ماڻھو چئي رھيا آھن تہ کين بہ انگريز سرڪار جو رعيتي بڻايو وڃي. بھاولپور جي نواب جي ساڳي خواھش آھي. ھن وقت تائين جيڪي بہ پوليٽيڪل ايجنٽ سندس درٻار ۾ رھيا آھن. تن جي روين کان ناراض رھيو آھيان. تنھن پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو آھي تہ ھو سر چارلس جي ماتحت رھڻ چاھي ٿو. سندس اھو بہ چوڻ آھي تہ ھن جي حڪومت سنڌ جي فتح ڪري ڄڻ وائڙي ٿي وئي آھي. اھو ڄڻ ٻرندڙ جو ھڪ ڳرو پٿر اچي ڍنڍ ۾ ڪريو آھي ۽ ان ڍنڍ جو پاڻي وڏي اڀار کان پوءِ ھيٺ لھي ويو آھي ۽ امن امان قائم ٿي ويو آھي.
سر چارلس جيڪي بہ انتظامي طور خدمتون سرانجام ڪيون آھن يا ھن جنگين ۾ جيڪي بہ سوڀون ماڻيون آھن تن کي قدر جي نگاھھ سان تہ ڏٺو ئي ڪونہ ويو آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بہ سدائين مٿس سينگ سڃيون اتامري بيٺي آھي. لارڊ رپن جي دل بہ ھنن لاءِ ڪوسي جو ٿي آھي تہ ٺرڻ جو تہ نالو ئي ڪانہ ٿي وٺي. ان کان سواءِ مھاراڻي جي وزير کي بہ اھا ڪاڻ ڪانہ آھي تہ ھن عظيم انسان انگلينڊ جي ناموس ۽ وقار لاءِ ڪيترو پاڻ پتوڙيو آھي. ھن وزير سايو ڪري انھن بھادرن فوجين جي ميڊل موڪلڻ ۾ دير ڪئي آھي جن مياڻي ۽ دٻي جي جنگي ميدانن تي پنھنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون ھيون. ائين ڪري ھن ڄڻ سر چارلس جي توھين ڪئي آھي. ان کان سواءِ جابلو علائقن واري مھم سان لاڳاپيل خطن کي پاڻ وٽ روڪي ڪڌو ڪم ڪيو آھي. جن ۾ سر چارلس جي ڪاميابي جو احوال لکيل ھو. پر ان بدران ھن آئوٽرام طرفان ھنيل الزامن جي ساراھھ ڪئي ھئي. ھن بامبي ڪائونسل جي ڪوڙن الزامن تي اعتبار ڪيو ھو جن کي الزام ھڻن وارن جي نالن کڻڻ جي جرئت ڪانہ ھئي جن حساب ڪتاب جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌايا ھئا جيڪي سرڪار تي بار ھئا پر ٻڌائڻ کان لنوائي رھيا ھئا. اھڙي جاچ پڙتال لاءِ کيس دعوت تہ ڏني وئي ليڪن اھا ٿي ڪانہ سگھي ھئي ۽ ان کان سواءِ بہ مٿس الزام ٿاڦيا ويا ھئا. ھن ماڻھو ان معاملي کي منھن ڏيڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي ھئي تہ سنڌ جي فتح ڪنھن بہ ڪم جي ڪانہ ھئي ليڪن معلوم ٿيندو تہ سنڌ جي فتح نھايت اھم ۽ وڏي فائدي واري آھي. جنھن وسيع تجارتي ڪاروبار لاءِ بند پيل دروازا کولي ڇڏيا آھن. ھاڻي ھتان جو تجارتي وچ ايشيا تائين بہ پھچي سگھي ٿو. جيڪڏھ ھن ملڪ کي سر چارلس نيپئر جي اصولن مطابق ھلايو ويو تہ ھيءُ ھڪ سکيو ستابو صوبو بڻجي سگھي ٿو ۽ ھندستان جي اولھہ – ڏکڻ ھڪ مضبوط سرحد بہ ثابت ٿي سگھي ٿو. پر جيڪڏھن ھن کي ڪمپنيءَ جي اصولن مطابق ھلايو ويو تہ ھي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي شرمساري جو ڪارڻ بڻجي سگھجي ٿو. جنھن لارڊ ويلزلي چيو آھي تہ ”اھي مشرق جا بدنام ۽ ظالم انسان آھن.“

باب ٻارھون: سک – انگريز جنگ لاءِ تياري

سنڌ جو انتظام ڏاڍا سھڻي طريقي سان ھلي رھيو ھو جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي. ھن ملڪ جي سرحد کان پار ھندستان جا مامرا منجھائيندڙ ۽ خطرناڪ ھئا. ممبئي پريزيڊنسي جي حدن اندر بغاوت جي باھھ ڀڙڪي اٿي ھئي. جيڪا گھڻي وقت تائين ھلي ۽ مٿس پئسو ڏوڪڙ بہ جام خرچ ٿيو ھو. اھڙي ريت ھندستان اتر – اولھہ طرف سکن سان جنگ بہ لڳڻ واري ھئي. پر ھندستان اندر ماڻھن جو نقطئھ نظر انگريز سک جنگ جي خلاف ھو. اھڙي امڪاني جنگ لاءِ ماڻھن جي سوچ ۾ ھٺ ۽ وڏائي موجود ھئي. اھڙن ماڻھن جو خيال ھو تہ جيڪڏھن اھا انگريز سک جنگ لڳي بہ تہ فتح ھر حال ۾ انگريزن جي ٿيندي. ھنن ٻنھي خيالن بابت سر چارلس جو نقطئھ نظر مختلف ھو. سندس چوڻ ھو تہ ھن جنگ جي مختلف مرحلن تي ڳوڙھي غور ۽ فڪر جي ضرورت آھي. ھن پري کان ويھي ان جنگ جي خطرن ۽ مختلف سياسي ۽ فوجي ڳالھين تي سوچيو ۽ اڳڪٿيون ڪيون ھيون ۽ اھي انھن ماڻھن جي نقطئھ نظر مطابق خطرن ۽ ڪيل اڳڪٿين کان وڌيڪ صحيح ثابت ھيون ھيون، جيڪي بلڪل نزديڪ ھئا. ھن گورنر جنرل جي حڪمن مطابق تياري ڪري ڇڏي ھئي. سيپٽمبر ۾ ھن اتر ستلج ڏانھن ٻيڙيون موڪليون، جنھن جو مقصد پليون تعمير ڪرڻ ھو. ھن اڳواٽ ئي پنھنجي فوج کي ڏاڍو منظم ڪري ڇڏيو ھو. ھن مقصد لاءِ جئين ڪڏھن بہ جھيڙي جو حڪم ٿئي، پوءِ اھو ڪيڏو بہ خطرناڪ ھجي، پر ھڪ وار پنھنجي اٽل ارادي ۽ بلند حوصلي سان اڳتي وڌبو. مگر ھڪ اڻ ٽر مونجھارو ضرور موجود ھو. وٽس ايترو پئسو ڪونہ ھو جو ايتري وڏيءَ فوج کي چرپر ۾ آڻي سگھي. ھن انھيءَ مقصد لاءِ فوجي کاڌي پيتي ۽ سامان لاءِ مقرر ڪيل اٺ سوار ريجمينٽ کي اڳتي روانو ڪيو. جيڪا وڌيڪ طاقتور ۽ تيز رفتار فوج ھئي. جنگي ميدان ۾ ھي وڏي ۽ پيچيده مشين جي حيثيت رکندي ھئي. ان کان سواءِ ھو لڳاتار سوچيندو رھيو ھو تہ ان جنگ، فوجي تربيت ۽ طريقو ڪھڙو ھجڻ گھرجي ۽ ضرورت وقت فوجي سرگرمين جي ابتدا ڪھڙي طريقي سان ھجڻ کپي. اھڙيءَ ريت ھن اڳواٽ سوچي ورتو ھو. اتي سندس ڪردار ثانوي ھوندو، جڏھن اھم ڪردار مکيھ فوج کي ادا ڪرڻو آھي. ھن پنھنجو اھڙو جنگي نقطئھ نظر گونر جنرل ڏانھن لکي موڪليو ھو. جڏھن سندس خيال ۽ گورنر جنرل جي نقطئھ نظر کي ڀيٽائي ڏٺو ويو تہ ٻنھي ۾ ساڳيائپ موجود ھئي. اھو بہ ڏٺو ويو تہ ڊيوڪ آف وينگٽن جا خيال بہ ساڳيا ھئا. سر چارلس پاڻ کي دلي طور ڏاڍو مضبود سمجھڻ لڳو ھو. تنھن ڪري ھو جنگ کان اڳ ٿيندڙ واقعن جي اوسيئڙي ۾ ويھي رھيو. ٿوري وقت کان پوءِ ھن جي جنگي ڏات کي جاچڻ پرکڻ جو موقعو ملي ويو. گورنر جنرل سکن سان امن امان کي قائم رکڻ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ جا ھڙ ھيلا ھلائي ڏٺا پر ڪوبہ کڙ تيل ڪونہ نڪتو ھو. پر جيڪڏھن ھو سوڀارو ٿئي ۽ عوامي راءِ کي ھموار ڪيو وڃي ھا تہ سک جنگ جو ٽري وڃڻ ممڪن ھو. پر انگريزي فوج جھيڙي لاءِ تيار ئي ڪانہ ٿي ھئي جو سکن اٻھرائي ڪري جنگ جي ابتدا ڪري ڇڏي. سندن اھو حملو اوچتو ۽ تيز رفتار ھو. ”مريدڪي“ واري محاذ کي اڃا پندرھن ڏينھن بہ مس گذريا ھئا. سر ھينري ھارڊنج، سر چارلس کي چيو ھو تہ مان توکي جنگ کان پندرھن ڏينھن اڳ جنگ ڪرڻ جو نوٽيس ڏيندس. تنھن کي ھن جنگ جي ڪا امنا گمنا ئي ڪانہ ھئي. جنھن ڳالھہ ھندستان سرڪار کي لوڏي رکيو ھو. ممبئي واري ڌر ھن کان اڳ سنڌ جي اھميت تي پردو ڏئي عوام کان لڪائي ڇڏيو جيڪو ھڪدم ڦاٽي پرزا پرزا ٿي ويو. سنڌ جي فتح کي ان وقت اھم سمجھيو ويو ھو جڏھن ”مريد ڪي“ واري جنگ جو اعلان ٿيو ھو، جنھن سان حڪم بہ جاري ڪيو ويو ھو تہ فوج نھايت تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي، روھڙي پھچي وڃي. پيش قدمي ڪندڙ ھيءَ فوج پندرھن ھزارن تي مشتمل ھئي، جنھن سان ميدان تي وڙھڻ واري ۽ قلعي جي چوڌاري ڪڙي چاڙھڻ واري فوج بہ ھئي. سنڌ جي ايتري گھڻي پيداوار ڪونہ ھئي تنھن ڪري اھڙو بندوبست ڪرڻ ممڪن ڪونہ ھو. ان مقصد لاءِ امدادي فوج ممبئي مان اچڻي ھئي. ٿوري وقت کان پوءِ ممبئي پريزيڊنسي جي اندرين علائقن کان ھر قسم جي ھٿيارن سان مسلح ڏھھ ھزار رواني ٿي. جنھن سان توبون، گاڏيون، ڪئمپ ھڻڻ جو سامان، گھوڙا، رسد گاھھ گڏ ھو ۽ سامونڊي ڪناري ڏانھن وڌي مانڊو، سورت، ممبئي ۽ ونگورلا جي بندرن تان آگبوٽن ۽ ملڪ جي ھر قسم جي سامونڊي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ھيءَ فوج تيز رفتاري سان ھاڪاريندي پنھنجي فوجي سامان سميت اچي سنڌ پھتي ھئي. سر جارج آرٿر ۽ نيوي جي ڪمانڊر رابرٽ اوليور جي رويي مان ائين ڀائنجي رھيو ھو تہ ھو ممبئي واري ڌر، ريدس، ڪرافوردس ۽ ولھوبي جا مخالف ھئا.
جيڪڏھن ھندستان سرڪار جي اختيار ڪيل حڪمت عملي سر چارلس کي سندس خيالن تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ھا تہ سنڌ جي فوج ھن کان ٽي مھينا اڳ، جنگي سرگرمين لاءِ تيار ھجي ھا. ان کان سواءِ حيدرآباد کان اڳتي نڪري حڪم ملڻ تي وڃي روھڙيءَ ۾ منزل ڪري ھا ۽ بعد ۾ ملتان جي سرحد اندر داخل ٿي وڃي ھا. اھو ڪم اھڙيءَ تہ رازداريءَ سان ڪيو وڃي ھا جو سکن جي فرشتن کي بہ خبر ڪانہ پوي ھا. پر کيس جنگ لاءِ فوجي پيش قدمي ڪرڻ، ڪنھن فوجي ضرورت واري شيءِ اٺن جي خريداري کان منع ڪئي وئي ھئي. پر جڏھن کيس جنگ جو حڪم مليو تہ وٽس فقط ارڙھن سون تي مشتمل اٺن جو قافلو ھو، جيڪو فوجي سامان کڻڻ لاءِ مخصوص ھو جنھن سان گڏ فقط ٽي ھزار فوجي گڏ ھئا. ان وقت سر چارلس کي پنجاھھ ھزارن اٺن جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ھن پنھنجا ڪيترائي ماڻھو اٺن جي خريداري لاءِ ڊوڙايا، پر جوکين جي ڄام ھن مھم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن اٺ خريد نہ ٿي سگھن. جڏھن اھا خبر سر چارلس کي پئي تہ ھن تيز رفتاري سان وڌي کيس پنھنجي وچ قبيلي مان گرفتار ڪيو. ڇاڪاڻ تہ کيس ھن جنگي مھم لاءِ بندوبست ڪرڻو ھو. ھن جاکوڙ ڪري ٻارھن ھزار اٺ ھٿ ڪري ورتا ھئا. بعد ۾ ھن مسلح فوج ۽ توبن کي سنڌوءَ وسيلي مٿي روانو ڪيو. اھڙيءَ ريت ھيءَ فوج گورنر جنرل جي حڪم پھچڻ کان پوءِ ٻن ڏينھن اندر ھڪ سو ميل سفر ڪري چڪي ھئي.
ان کان پوءِ ممبئي کان ايندڙ فوج اچي ساڻس ملي ھئي جنھن سان گڏ اختيار جا حڪم ۽ بي حساب وسيلا ساڻ ھئا. فوج جو ھر شعبو ماکيءَ جي مک جيان رات ڏينھن ڪم ۾ جتل رھندو ھو. سفر رات جو جاري رھندو ھو. جنھن دوران ڏاڍي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ھئي. قلعن کي ڊاھڻ جي مقصد لاءِ توبن سان گڏ اھڙي فني ڪم بابت لاڳاپيل ٻي فوج بہ ھئي جنھن جو تعلق قلعي تي گھيري ڪرڻ سان ھو. ھيءُ فوجي حصو ٻٽيھن توبن تي مشمل ھو ۽ ھر ھڪ توب لاءِ ھڪ ھزار گولا مخصوص ھئا. ان توبخاني سان لاڳاپيل انجنيئر ڪئپٽن پيٽ(Peat) جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا. جيڪو ڏاڍو ھوشيار فوجي عملدار ھو. ھن نھايت منتظم طريقي سان توبن جو ھڪ پارڪ بنائي ورتو ھو، جنھن ۾ ھو توب کي مناسب وٿيءَ تي رکيو ويو ھو. جنھن سان گڏ ضروري سامان ۽ عملو بہ رکيو ويو ھو. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اھو ھڪ بي مثال نمونو ھو جيڪو مڪمل ھو ۽ جنگ سان لاڳاپيل ھو. ھر چيز جو بندوبست ٿيل ھو. ھي سامان وڏيءَ ھڻ ھڻان کان پوءِ مس ھٿ ڪيو ويو ھو. سر چارلس کي چيو ويو ھو تہ توبخاني جي ھر کوٽ جو پورائو ڪري. خرچ سنڌ جي وسيلن مان ٿي رھيو ھو. رسدگاھھ وٽ ٻن ميھنن جو کاڌو پيتو موجود ھو. ميڊيڪل واري شعبي کي بہ ھر شيءِ ڏني وئي ھئي. ممبئي واري امدادي فوج سامونڊي ڪناري سان اڳتي وڌڻي ھئي. ان فوج ۽ ساري سامان کي مختلف بندرن تان کنيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت ھن پيش قدميءَ ۾ ٽيھھ ھزار ماڻھو شامل ھئا، جن جو سامونڊي سفر پنجن سون کان اٺ سول ميل ھو. ان کان پوءِ خشڪي جو چار سو ميل سفر ھو. ھي ساري فوج حڪم ملڻ کان ٻائيتاليھھ ڏينھن پوءِ اچي روھڙيءَ ۾ گڏ ٿي ھئي.
اھڙيءَ ريت تاريخ 6 فيبروري تي روھڙي ۾ پنجاھھ ھزار ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. جنھن ۾ رسدگاھھ جا ماڻھو بہ شامل ھئا. ساڳي ريت فوج جو ھر شعبو منظم ۽ مڪمل ھو. توبخاني ۾ اسي توبون ھيون جن سان گولا بارود بہ بيشمار ھو. سنڌوءَ ۾ آگبوٽن جو ھڪ وڏو آرماڙ بيٺو ھو جن تي ٽن جي کاڌي پيتي جو سامان لڏيل ھو ان کان سواءِ انھن آگبوٽن تي درياھہ مٿان ٻيڙين جي پل ٺاھڻ جو ھر سامان موجود ھو. جنھن وسيلي ھڪ سؤ گز ماپ جيتري پل تيار ڪرڻ ممڪن ھو. فوجي عملدارن جو ھڪ وڏو تعداد ھو، جيڪو بلند حوصلن سان ڪم ڪري رھيو ھو ۽ جن کي فتح جو پورو يقين ھو. ھر فوجيءَ تي جنگ جو ھڪ جنون سوار ھو. ھن پيش قدميءَ دوران اھي ڄڻ ھواءِ سان بہ وڙھي رھيا ھئا. کين سختيءَ سان روڪيو ويو ھو تہ اھو نعرو نہ ھڻن جيڪو دشمن تي حملي ڪرڻ وقت ھنيو ويندو آھي. پر پوءِ بہ ھر طرف فوجي نظم ضبط قائم ھو.
سنڌ جي آمدني جا وسيلا نھايت ئي محدود ھئا. پر ھو فوجي ڪم جي تيز رفتاريءَ ۾ پنھنجو مثال ھئي. پيش قدميءَ جو حڪم اوچتو مليو ھو، پر ھر شيءِ جو پورائو وقت سر ڪيو ويو ھو. اھو ايتري جلدي ۾ ڪونہ ٿي سگھي ھا، جيڪڏھن سر چارلس فوجي سامان جي کڻڻ لاءِ اٺن جي قافلي جو سرڪاري طور اڳيئي جوڙجڪ نہ ڪري ھا. پر ھن سان گڏ اھو چوڻ بہ غلط ڪونہ ٿيندو تہ جيڪڏھن سر چارلس، بلوچ سردارن خلاف ڪامياب جنگي مھم جي ابتدا نہ ڪري ھا تہ فوج جو مٿي پيش قدمي ڪرڻ ممڪن ڪونہ ھو. ھي اھا فوجي مھم ھئي جنھن خلاف لارڊ رپن بہ سرڪاري طور ڪم ڪري رھيو ھو ۽ جنھن کي ھن غير اھم سمجھي دير ڪرائي ڇڏي ھئي. جيڪڏھن ان فوجي مھم جي اھميت ڏانھن ڌيان نہ ڏنو وڃي ھا تہ سکن خلاف پيش قدمي ڪندڙ فوج جو ھڪ پاسو ۽ دمبالو ريئر محفوظ رھي ڪونہ سگھي ھا ۽ بيشمار دشمن اڳتي وڌڻ کان روڪي بيھي رھن ھا. جڏھن تہ سامھون سک فوج اڳئي موجود ھئي. سمجھڻ ائين کپي تہ اھا سنڌ جي بچاءَ واري جنگ ھئي جيڪا ھتي اسان کي ھاڻي ڪم ڏئي رھي ھئي ۽ ھن ڳنڀير وايو منڊل ۾ سنڌ جي تحفظ لاءِ پنج ھزار فوج پوئتي ڇڏي وئي ھئي.
ھن ساري فوجي مھم ۾ ڪراچي اھم ڪردار ادا ڪري رھي ھئي ۽ ھن مھم جي ڪنجي بہ ھي شھر ھو. اھڙي ريت ھن شھر جي بچاءَ لاءِ ٽي ھزار فوج ڇھھ فيلڊ پيسز ۽ پندرھن وڏيون توبون رکيون ويون ھيون.
اھڙيءَ ريت حيدرآباد جي قلعي ۽ خندقن واري فوجي ڪئمپ وٽ ڇھھ ٽوئلو پائونڊرس ھڪ ريجمينٽ فوج ۽ اٺ سو پولس وارا رکيا ويا ھئا. جن لاءِ ٽن مھينن جو کاڌو پيتو رکيو ويو ھو.
گولا بارود ۽ ٻيو فوجي سامان ڪوٽڙي وٽ سنڌوءَ ۾ بيٺل آگبوٽن تي رکيو ويو ھو. ھتي ھڪ جدا قلعو ھو. جتي ٻہ توبون، نيوي جا ھڪ سو فوجي ھئا ،جن سان ھٿياربند مزدور ۽ ڪجهہ پوليس وارا بہ شامل ھئا. ھي ھڪ مختصر فوج ھئي جيڪا ھڪ وسيع علائقي جي نظرداري لاءِ رکي وئي ھئي. تنھن ڪري ڪڇ مان فوج آڻي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي سرحد وٽ ونگا بازار ۾ ترسائي وئي آھي. اھڙيءَ ريت ڪجهہ فوج ڏيسا کان گھرائي عمرڪوٽ ۾ رکي وئي آھي. پر ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الھيار لاءِ پوليس موجود آھي، ساڳيءَ ريت سيوھڻ ۽ لاڙڪاڻي کي ڏيھي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ پنج ھزار ريگيولر فوج کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي.
اھڙيءَ ريت شاھپور، خانڳڙھھ، سکر، شڪارپور ۽ بکر تي نظرداري ڪرڻ لاءِ ريگيولر گھوڙيسوارن جون ريجمينٽون رکيون ويون ھيون. ان سان گڏ ڪجهہ پيادل فوج ۽ ڇھھ فيلڊ پيسز کي خبردار ٿي بيھڻ جو حڪم ڪيو ويو ھو پر سکر ۾ ڳورين توبن جو ڪجهہ تعداد مقرر ڪيو ويو ھو. ھنن سڀني ماڳن جي مدد لاءِ اتر واري پوليس بہ موڪلي وئي ھئي. جيڪا ھاڻي فوج جيان ھڪ ويڙھو طاقت بڻجي وئي ھئي. اتر واري ھن پوليس جا حوصلا ايڏا بلند ھئا جو الف خان پنھنجي ڇھن ماڻھن سان گڏجي، ان سک ٽولي جي ڪڍ ڪاھي پيو ھو، جيڪي ڌاڙي ھڻڻ جي نيت سان سنڌ جي حد اندر ھليا آيا ھئا. کيس جنرل چارلس جي حڪم جي خبر ڪانہ ھئي. جنھن ۾ سکن جي ملڪي حدن ۾ پٽي وڃڻ کان منع ڪيل ھئي. پر ھي ماڻھو پنھنجي ڇھن ساٿين سان انھن ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳي پيو ۽ سکن جي ملڪي حدن کان ويھھ ميل اندر ھليو ويو ھو.
ھن جنگ دوران سنڌ کي ايتريءَ ٿوريءَ فوج جي سھاري ڇڏي ڏيڻ، انھن ماڻھن طرفان سر چارلس تي ھنيل الزامن جو کليو جواب ھو تہ سنڌ اندر مڪمل امن امان قائم ٿي چڪو آھي. ڪڇيءَ واري جابلو علائقي خلاف جنگي مھم دوران بلوچ خان جو ڪردار اڻ ڌريو رھيو ھو. جيڪو لھڙيءَ جو ھڪ بلوچ سردار ھو. ھن ماڻھوءَ ھاڻي آڇ ڪئي آھي تہ ھو پنھنجي ھڪ سؤ گھوڙيسوارن سان انگريز فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ چاھي ٿو. خان محمد بہ ساڳي قسم جي آڇ ڪئي آھي تہ ھو پنھنجي خرچ تي انگريز فوج ۾ شامل ٿيڻ چاھي ٿو. ھن وڌيڪ اھو بہ چيو ھو تہ نالي ماتر پگھار تي پنھنجا پنج ھزار ھاري ڏيڻ لاءِ تيار آھي. ھي خان محمد (ٽالپر) سنڌ جو ھڪ طاقتور سردار آھي. جيڪو شير محمد (ٽالپر) جو ڀائٽيو آھي. ھي ماڻھو شير محمد جي شڪست تائين ساڻس ٻانھن ٻيلي رھيو ھو. اھا شڪست کيس جئڪب ڏني ھئي. ھي ٽالپر سردار انھن ماڻھن سان سھائتا ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آھي، جن ھن جي ويجھن مائٽن کي جنگين ۾ شڪستون ڏنيون ھيون. ھن ماڻھو جو رويو بہ مختلف ٿي ويو آھي، جنھن پنھنجي ماڻھن کي فوج نہ پر ھارري سڏبو آھي. سر چارلس کيس جواب بہ کليو ڏنو ھو تہ ھن ماڻھوءَ اھڙي آڇ ڪري دنيا کي ٻڌايو آھي تہ ھو انگريز سرڪار سان راضي ٿي ويو آھي. جنھن مان سمجھڻ کپي تہ سنڌي ماڻھو انگريزن جا وفادار دوست بڻجي ويا آھن. بلوچ ۽ بھاولپوري ھن جھونڙي جنرل جا دشمن بہ ھئا. بھاولپور جو نواب سمجھي رھيو ھو تہ جيڪڏھن انگريز فوج سندس علائقي مان گذري مٿي وئي تہ کيس شڪ آھي تہ کانئس سندس ملڪ کسيو ويندو. تنھن ڪري امڪان آھي تہ ھو ڳجهہ ڳوھہ ۾ انگريزن جو دشمن ٿي ويندو. خان محمد ٽالپر کي بہ ھڪ کليل جواب ملي ويو ھو. تنھن ڪري اھو معاملو اتي ئي ختم ٿي ويو. سر چارلس جي اختيار ڪيل حڪمت عملي ڳجھي ھئي جنھن مان ڀائنجي رھيو ھو تہ ھو ھر حالت ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ ھن بلوچ نسل جي جنگجو خصلت کي اڀار ڏيڻ ڪونہ ٿي چاھيو. خان محمد، شير محمد جو ڀائٽيو ھو، جنھن جو تعلق حڪمران گھراڻي سان ھو. پاڻ بہ طاقتور ۽ بلند حوصلن جو مالڪ ھو، جنھن ڪنھن خوف جي احساس ڪري وفاداريءَ جي خواھش ڏيکاري ھئي. اھو امڪاني خوف انھيءَ ڪري پيدا ٿيو ھو ڇاڪاڻ تہ بيشمار انگريز فوج گڏ ٿي وئي ھئي. اھڙي خوف جو پيدا ٿيڻ، ھڪ فطري ڳالھہ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ سنڌ ۾ ڪنھن بغاوت جو امڪان ڪونہ آھي. جنھن ڪري ھو اندر جي آٿت سان مٿي ويندڙ فوج ۽ فوجي سرگرمين بابت سوچي ويچاري رھيو ھو. پر قلات ۽ افغانستان سندس پاڙيسري مخالف ملڪ ھئا. جن سان سندس رويو بہ ھڪ مدبر جھڙو ھو.
جنگ جي ماحول کي محسوس ڪندي قلات جي سردارن پئسن جي مطالبو ڪيو ھو تہ جيئن جو افغانن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھن. ھنن وڌيڪ اھو بہ ٻڌايو ھو تہ جڏھن جنرل چارلس پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيندو تہ افغانستان جون فوجون قلات جي حدن اندر داخل ٿي وينديون. ان کان سواءِ کين سنڌ ڏانھن وڌڻ کان بہ روڪي ڪونہ سگھبو. ھنن سمجھائيندي چيو ھو تہ ان پئسي سان نہ رڳو افغانن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھبو. پر پنجاب تي حملي دوران انگريزن جو ساٿ بہ ڏئي سگھبو. ڏٺو وڃي تہ قلات جي ھن مطالبي ۾ بہ خوف جو ھڪ تاثر لڪل ھو ڇاڪاڻ تہ کيس پنجاب جي فتح کان پوءِ واري ڀو بيھڻ ڪونہ ٿي ڏنو. ان ڪري سر چارلس کين کليو جواب ڏنو ھو تہ ”مان ھڪ رپيو بہ ڪونہ ڏيندس. پنجاب تي حملي دوران ڪنھن جي مدد جو طلبگار ڪونہ آھيان. جيڪڏھن افغان فوج اڳتي وڌڻ جي جرئت ڪئي تہ انگلينڊ جي فوج، ڪابل تي حملو ڪندي ۽ اھا ھميشه لاءِ اتي ويھي رھندي. جيڪڏھن افغانستان قلات تي ڪاھي آيو تہ شاھپور ۽ حيدرآباد واري فوج وھلو ئي پھچي سندس واھر ڪندي.“ سندس اھڙي جواب ڪري قلات ۽ افغانستان جي سردارن کي ڄڻ مرچ لڳي ويا ھئا. افغانن قلات تي حملي ڪرڻ بدران ھيءَ آڇ موڪلي ھئي تہ اھو ملڪ پنجاب تي حملي ڪرڻ دوران ساڻس گڏ ھلي سگھي ٿو. سر چارلس سندس اھڙي آڇ جا ٿورا مڃيا ھئا، پر ڪنھن بہ قسم جي مدد قبول ڪانہ ڪئي ھئائين. ڇاڪاڻ تہ کيس خوف ھو تہ پٺاڻ فوج مال غنيمت لاءِ صفا چري ٿي پوندي. جيڪڏھن فتح ٿي تہ ڏچو بڻجي ويندا ۽ جيڪڏھن شڪست ملي تہ مدد لاءِ آيل ھيءَ فوج ڦري دشمن ٿي پوندي ۽ اسان کي ڦري لٽي فنا ڪري ڇڏيندي. تنھن ڪري افغان تہ دوست چڱو نہ دشمن چڱو يعني سندن دوستي بہ دشمنيءَ کان گھٽ ڪانہ آھي. انھيءَ زماني ۾ سر چارلس جي خواھش ھئي، تہ افغانستان ۽ بلوچستان جو اڌ پنجاب سان شامل ڪيو وڃي.
ساڳئي زماني ۾ علي مراد جي بہ ڪوشش ھئي تہ ھو اھو علائقو حاصل ڪري، جيڪو راجا رنجيت سنگھھ کانئس فتح ڪري ورتو ھو. سندس اھو مطالبو ھن شرط سان قبول ڪيو ويو ھو تہ ھو پنھنجي فوج وٺي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي مٿي ھلندو ۽ جيڪڏھن مٺڻ ڪوٽ انگريزن فتح ڪري ورتو تہ ان قلعي اندر پنھجي فوج رھائيندو. اھڙي قسم جا ڪجهہ شرط ھيٺ بيان ڪجن ٿا:
1) علي مراد انھن بندوق بردار ٽولين کي ختم ڪري ڇڏيندو جيڪي سنڌوءَ جي سماجي ڪناري سان آزاد بڻيل آھن ۽ جن رابطي کي ڪٽي ڇڏيو آھي.
2) انگريزي فوج کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو جنھن جو ھڪ حصو سنڌوءَ جي ھڪ ڪڙ سان ۽ ٻيو حصو ٻيءَ ڪڙ سان ھوندو. ھن فوج جي عظمت جا افواھھ ايشيائي طريقي جيان چوڏس پکيڙيا ويندا، جيڪي قسطنطنيھ تائين وڃي پھچندا.
3) مٺڻ ڪوٽ اتحادي فوج مان ھڪ نہ ھڪ جي حوالي ڪيو ويندو، جنھن جي جنگ جي ميدان ۾ موجود ھجڻ جي ضرورت ڪانہ ھوندي. اھڙيءَ ريت روھڙيءَ ۽ مٺڻ ڪوٽ جي وچ ۾ جنگي سرگرميون گھٽ ۾ گھٽ رکيون وينديون.
4) جيڪڏھن سمجھيو ويو تہ مير علي مراد غدار آھي (جنھن جو امڪان گھٽ آھي) تہ بہ ھو ايڏو وڏو نقصان پھچائي ڪونہ سگھندو،ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ جي کاٻيءَ ڪڙ سان انگريزن جي فوج پيش قدمي ڪرڻ ۾ مصروف ھوندي. جڏھن تہ وھڪري ۾ آگبوٽ ھاڪاريندا، جن تي انگريزي فوج سوار ھوندي. جڏھن تہ مٺڻ ڪوٽ تي حقيقي قبضو ڪئپٽن مئليٽ ۽ مسٽر ڪرلنگ جو ھوندو. ھنن انگريز عملدارن جو علي مراد جي پگھاردار پٺاڻ فوج تي وڏو اثر آھي، جيڪي ھنن کي وڏين پگھارن ڏيڻ جي آسري تي علي مراد جي نوڪري مان کسڪائي ڪڍي ايندا.
سر چارلس جو جنگي سرگرمين تي مشتمل ھي منصوبو مستقبل بينيءَ ۽ تدبر سان جوڙيو ويو ھو. ھي انگريزن خلاف سک مزاحمت واسطي پھريون ۽ نھايت اھم ماڳ ھو. جنھن جي قلعي جي مرمت لاءِ سک ڏاڍا مصروف ھئا. ان کان سواءِ ڀرپاسي جي اھم ماڳن جي بہ مرمت ڪري رھيا ھئا. ھي اھڙو اھم ماڳ ھو، جتي سنڌوءَ سان ٻين درياھن جو پاڻي اچي سنگم ڪندو ھو. تنھن ڪري سک حڪمران سنڌ جي طرف کان ايندڙ فوج کي مھاڏي ڏيڻ لاءِ ھتي پنھنجي فوج جو وڏو تعداد رھايو ھو. ھن ماڳ کان پوءِ شجاع آباد ۽ ملتان جا قلعا ھئا. تنھن ڪري فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورھائي تيز رفتاريءَ سان مٺڻ ڪوٽ ڏانھن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. منصوبو اھو ھو تہ ٻيڙين وسيلي پل ٺاھي اتان اڪرندي ئي اسي توبن جي گولاباري سان سندس مزاحمتي قوت کي ڊانون ڊول ڪري ڇڏيو. جنرل چارلس سمجھي رھيو ھو تہ اھو ڄڻ مڇر کي وڏاڻ (وڏي ھٿوڙي) سان مارڻ برابر آھي، پر کيس خبر ھئي تہ قلعي جي پٿر جي ديوارن پٺيان خطرناڪ سک ويڙھاڪ موجود ھئا. سندس منصوبو ھو تہ مٺڻ ڪوٽ تي اوچتو ۽ زبردست حملي شجاع آباد ۽ ملتان تي ڌاڪ ۽ دھشت ڄمائي سگھبي. اھڙيءَ طرح انگريزي فوج سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان اڳتي وڌي رھي ھئي. جنھن جي وچ تان آگبوٽن جو آرماڙ ھو، ڇاڪاڻ تہ ڪشمور ٽپڻ کان پوءِ سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو مزارين جي قبضي ۾ ھو، جيڪي انگريز دشمن ھئا. ان ڪري انگريزن جي ڪجهہ فوج انھيءَ ڪناري سان بہ پيش قدمي ڪري رھي ھئي. اھڙيءَ ريت اڳتي وڌڻ واري فوج ٻئي حصا اچي مٺڻ ڪوٽ وٽ پاڻ ۾ ملڻا ھئا. فوج کي ٻن حصن ۾ ورھائي درياھہ جي ٻنھي پاسن کان اڳتي وڌڻ ڪري تيز رفتاري اچي وئي ھئي. پر ھن مان ٻيو فائدو بہ ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان ساڄي ڪناري سان رھندڙ مزارين تي بہ ڌاڪ ويھارڻي ھئي.
علي مراد پنھنجي فوج سان اڳتي وڌي رھيو ھو. سر چارلس جي خواھش ھئي تہ سندس فوج کي مٺڻ ڪوٽ ۾ نہ رھايو وڃي، جنھن جي سامھون اولھہ پاسي ڊيرا اسماعيل کان جو سکيو ستابو شھر موجود ھو. کيس خوف ھو تہ علي مراد ان خوبصورت شھر کي ڦري لٽي منزلون ڪري وڃي اتي پھچندو. تنھن ڪري کيس بيھڻ جو حڪم ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ ان شھر کي ڦرلٽ کان بچائڻ لاءِ علي مراد جي فوج جو رخ تبديل ڪرڻو ھو، پر انھيءَ تبديليءَ سان ساري فوج ستلج جي ساڄي ڪناري گھڻو ڪري پري نڪري وڃڻ جو امڪان ھو. پر ساڳئي وقت فوج کي کاٻو ڪنارو ڏياري اوچ وٽ پھچڻو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن ماڳ کي انگريز لشڪر جي فوجي سامان لاءِ ڊيپو بڻائڻو ھو. انھيءَ مقصد کي دل ۾ رکي ھتي ھڪ قلعو بہ تعمير ڪرڻو ھو ۽ اتان درياھہ کي پار ڪرڻو ھو. جيڪڏھن علي مراد جي فوج جو رخ سولائي تبديل ٿيڻ ممڪن ٿيو تہ اھو مقصد بہ سولائيءَ سان پورو ٿيڻو ھو. پر سر چارلس جنگ جي اھم اصولن جي سختيءَ سان پابندي ڪندو ھو ۽ دشمن کي ڪڏھن بہ ڪمزور ڪونہ سمجھندو ھو. تنھن ڪري ھو پنھنجي ساري فوجي طاقت ڪتب آڻڻ جو حامي ھو. ان اصول کي آڏو رکي ھن گھيري ڪرڻ وارين توبن کي آڻي ڪناري سان بيھاريو ھو. جنھن سان فيلڊ آرٽيلري بہ گڏ ھئي. ان کان سواءِ ھن ٻيون توبون بہ آگبوٽن تان لھرائي ننڍين ٻيڙين ۾ رکرايون ھيون تہ جيئن گولاباريءَ ۾ ھڪ نظام قائم ڪري سگھجي. ٻيڙين واري پل تيار ٿيڻ کانپوءِ ان جا ٻنھي پاسن وارا منھن ماپ ۾ ٻيڻا ڪرايا ويا ھئا، جن جي ڀرسان ھٿياربند آگبوٽ بيھاريا ويا ھئا. ھن پل جي حفاظت لاءِ بھاولپور جي فوج کي بيھاريو ويو ھو. ان کان پوءِ ھن پنھنجيءَ فوج کي شجاع آباد ۽ ملتان ڏانھن وڌڻ جو حڪم ڪيو.
ھن سان گڏ چوونجاھھ اھڙيون ميداني توبون ھيون جن جي چونڊ ھن سکن جي شڪست لاءِ ڪئي ھئي. ھنن توبن کي ڇڪڻ وارا گھوڙا ڏاڍا سگھا متارا ھئا. ھن ان فوج جي تيز رفتاري سان سکن کي وائڙو ڪرڻ پئي چاھيو، جنھن وسيلي ھنن جي ڳري توبخاني کي ڏچي ۾ وجھي ناڪام بڻائڻو ھو. ان کانپوءِ تيز رفتار فوجي سرگرمي وسيلي دشمن جي پيادل ۽ گھوڙيسوار فوج جي صفن کي ھيٺ مٿي ڪرڻو ھو. ان سان گڏ پنھنجي فوجي ترتيب کي بہ قائم رکڻ ھو. ان ڪري سندس ارادو گھڻو اڳتي وڌي وڃڻ جو ھو پر فوجي ترڪيب کي بہ قائم رکڻو ھو. ھي جنگي چال جو ماھر ھو. ھن ڪوشش ڪئي ھئي تہ ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان تائين سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان موجود ماڻھن کي سک حڪومت جو دشمن بڻايو وڃي. پر جيڪڏھن کيس ھن جنگ جي تياريءَ جي موڪل ٿڌي رت ۾ ملي وڃي ھا تہ دنيا ڏسي وٺي ھا تہ ھو دنيا کي اھو ڏيکاري سگھي ھا تہ جنگ ڪھڙي طريقي سان وڙھبي آھي ۽ سوبران جي جنگي محاذ کان گھڻو اڳ پنھنجي پنجاھھ ھزار فوج سان وڃي لاھور مٿان ڪڙڪي ھا. ائين ڪرڻ سان ملتان جي گھيري کي ڇڏي ڏنو وڃي ھا، جيڪو پنجاب جو ٻيو جنگي محاذ ھو ۽ ٻين محاذن تي جنگ ڪرڻ کان بہ بچي وڃجي ھا. پر تقدير ۾ ائين ئي لکيل ھو.
جڏھن سنڌ جي انگريز فوج ھڪ جاءِ تي گڏ ٿي رھي ھئي تڏھن اتر ستلج واري علائقي ۾ فيروز شھر وٽ ٻنھي ڌرين وچ ۾ مقابلو ٿي ويو ھو، جيڪو نتيجھ خيز ثابت ڪونہ ٿيو ھو. ستلج جي انھيءَ ڪناري وٽان ٻنھي ڌرين جي طاقت جو مشاھدو ڪيو ويو ھو. جنھن پاسي انگريزن جي فوج بيٺي ھئي انھيءَ مقصد سان تہ اھو پتو لڳايو وڃي تہ ڪھڙي ڌر ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي. انھي زماني ۾ سو ھينري سمٿ کي فوج جو ھڪ مضبوط ڪالم حوالي ڪيو ويو ھو تہ جيئن رابطي واري رستي جي حفاظت ڪري سگھجي، پر لڌيانھ ڀرسان مٿس سکر فوج جي ھڪ حصي حملو ڪيو ھو. اھڙي صورتحال کي ڏسي گورنر جنرل سر چارلس کي بھاولپور ڏانھن وڌڻ جو اوچتو حڪم ڪيو ھو. کيس اھو بہ چيو ويو ھو تہ ھو اتان ٿيندو، اتر ستلج جي فوجي ڪئمپ ڏانھن وڌي. اھا فوجي پيش قدمي اھڙي سولي ڪانہ ھئي جنھن لاءِ ڪيترن ڏينھن لاءِ رھبر فوجي دستن جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ڪجهہ وقت ان فوج جي رفتار سست رھي ھا. ھتي بہ اٺ سوار فوج ڏاڍو ڪم آئي جيڪا ٽپال پھچائڻ وارن وھٽن جي رفتار سان اڳتي وڌي رھي ھئي. سر چارلس لاھور واري فوجي ڪئمپ وٽ 3 مارچ تي پھتو ھو. کيس اتي پھچي پتو پيو تہ سوبران واري محاذ تي انگريزن کي فتح نصيب ٿي آھي ۽ ٺاھھ جو ھڪ معاھدو تيار ٿي رھيو آھي ۽ ھن جيڪا وڏي جاکوڙ ۽ تيز رفتاريءَ سان پيش قدمي ڪئي سا بيڪار ثابت ٿي ھئي. جنھن سندس ذھن ۽ جسم تي خراب اثر ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تہ فوجي سفر جا ڪشٽ ڪشالا پاڻيءَ ولوڙ ثابت ٿيا ھئا. کانئس شھرت، عزت ۽ فوج جي ھڪ آزاد ڪمانڊر واري حيثيت ھڪدم ۽ اوچتو کيس وئي ھئي. اھي سڀ ڳالھيون سندس بلند حوصلن جي بلڪل خلاف ھيون. ھن کي محسوس ٿيو ھو تہ جڏھن پنجاب چؤ کنڀو ٻڌو انگلينڊ جي پيرن ۾ پيل ھو تہ ان وقت ھن کي پنھنجي جوڙيل جنگي منصوبي مطابق وڙھڻ جو موقعو ڏنو وڃي ھا تہ مکيھ فوج کي جنگ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانہ پوي ھا. ٻنھي ڌرين وچ ۾ ٿيل معاھدو ايندڙ جنگ جي تيارين ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو ھو. جنھن کانپوءِ ھڪ مڪمل فتح جي مقصد لاءِ آخري جنگ وڙھڻي ھئي. گورنر جنرل ملڻ وقت ھن جي وڏي عزت ڪئي ھئي ۽ مھرباني جو معاھدو ڪيو ھو. ان کان سواءِ عام فوجين ھن کي مان ۽ مرجاتا ڏني ھئي. درٻار دوران پنجاب جي سک حڪمران سر چارلس جي ايتري وڏي عزت ڪئي، ڄڻ اھو ڪشمير جو راجا ھجي. اھڙين ڳالھين ۾ جنرل ڏاڍو خوش نصيب ثابت ٿيو ھو. بلوچ سردار بہ ھن لاءِ چوندا ھئا تہ سر چارلس ٻين عام ماڻھن کان قد ۾ ڏيڍ فوٽ کن وڏو آھي.
ھن لاءِ اھا فوجي پيش قدمي ڏاڍي ھاڃيڪار ثابت ھئي جنھن دوران ھندستان جي سخت گرميءَ ۾ پورا ارڙھن سو ميل لڳاتار سفر ڪيو ھو. ان کان پوءِ کيس واپس ڪراچيءَ پھچڻو ھو، جتي ھو اپريل ۾ پھتو ھو. ان وقت سندس صحت نھايت ڪري پئي ھئي.
ھي لاھور ۾ ئي ھو تہ کيس موسم جي شدت ۽ پيش قدميءَ جي تڪليفن جو احساس ٿي ويو ھو. ھن کي اھو بہ معلوم ٿي چڪو ھو تہ فوج کي بہ گرميءَ جي شدت ڪري گھڻي تڪليف آئي ھئي جو ان بہ پنجاب تي ماتحت فوج جي حيثيت ۾ پيش قدمي ڪئي ھئي ۽ ڏاڍا ڏچا ڏٺا ۽ سٺا ھئا. سندس ڪوشش ھئي تہ مکيھ فوج جي مدد کان سواءِ ھو اڪيلي سر پنجاب کي مڪمل طور فتح ڪري پئي سگھيو. پر کيس ائين ڪرڻ ڪونہ ڏنو ويو ھو. ھي ٺاھھ جي ڳالھين ٻولھين جو حامي تہ ھو، پر جيڪا عام قسم جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ھئي، تنھن جي بلڪل خلاف ھو. ھن پنجاب خلاف جنگين شروع ڪرڻ کان اڳ اعلان ڪيو ھو تہ ھندستان اندر برطانيھ جي شھنشاھت اڃا مڪمل ڪانہ ٿي آھي ۽ سنڌوءَ جو اتريون پاسو ان جي راڄ مان اڃان بہ کٽل آھي. پر حالتن ھن جنگ لاءِ مجبور ڪري وڌو آھي. اھڙي ريت پنجاب بہ ڄڻ تہ مطيح ٿي چڪو ھو. سندس مرضي ھئي تہ بنا ڪنھن رتو ڇاڻ جي فتح کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سندس چوڻ ھو تہ دليپ سنگھھ حڪمران تہ آھي پر ھٿ جو گڏو آھي ۽ خفتي حڪمران گلاب سنگھھ آھي. اھڙي ريت سک حڪومت جو جوڙجڪ تہ ڪيو ويو آھي، پر ان کان پوءِ بہ جنگ ناگزير آھي. رت جون نديون وھي ھلنديون، وڏو قتل عام ٿيندو پر نتيجو پوءِ بہ ڀروسي جوڳو ڪونہ ھوندو. ان کان ايندڙ ٻن سالن ۾ ملتان، رام نگر، جليانوالا ۽ گجرات ۾ جنگيون لڳيون ۽ سر چارلس جي ڪيل اڳڪٿي سورھن آنا سچي ثابت ٿي ھئي.
اھو بہ يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ اھا ھڪ تاريخي معرفت آھي تہ ھن جي منصوبھ بندي مطابق جيڪا فوجي مدد اتر ستلج پھتي ھئي تنھن کي قبول ئي ڪونہ ڪيو ويو ھو. اھو پڻ معلوم ٿيندو تہ سوبران جي فتح کان پوءِ ھن جنگ جو مستقبل اونداھو ھو ۽ ان کي وڏي فائدي واري جنگ ڪوٺيو پئي ويو. پر حقيقت ۾ اھو بدين ۽ بڇڙاين جو ڀريل ڪارنھن جو ڪنو ھو جنھن کي حقيقت جي ڪسوٽي سان جاچي پرکي ڏسڻو پوندو تھ، اھا جنگ عوامي فائدي ۾ آھي بہ يا نھ.
سر چارلس نيپئر پندرھن ھزار منظم فوج وٺي اڳتي وڌيو ھو. سندس اڌما ۽ اتساھھ اجھل ۽ حوصلا بلند ۽ ارادا اٽل ھئا ھن جنگ جي ايڏيءَ وڏيءَ تيارري مان بہ سندس شان ۽ شوڪت بکي ۽ رھيو ھو. جنھن کي اوڙي پاڙي جي قومن بہ سمجھي ورتو ھو. سندس عزت ۽ احترام بہ ان ماڻھو جيترو ڪيو پئي ويو جنھن سان ٽيھھ ھزار فوج ھئي. ھن جي فوجي سرگرمين لاءِ اختيار ڪيل رستو سياسي، فوجي ۽ حقيقي ھو. ڇاڪاڻ تہ سندس فوج مکيھ لشڪر جو اھو پاسو ھو. جڏھن ھو اڳتي وڌيو تہ پنھنجا پير پختا ڪندو آيو آھي. واپس وڃڻ لاءِ رستي ۾ ھن مضبوط قلعا فتح ڪري پنھنجي رابطي جي تسلسل کي يقيني بڻائي ڇڏيو ھو. ھن کان سواءِ ھن مٺڻ ڪوٽ کي تباھہ ڪري ۽ ملتان تي گھيرو ڪري پنھنجي ڌاڪ ڄمائي ڇڏي ھئي. اھڙيءَ ريت سنڌوءَ جي کاٻي پاسي وارن ماڻھن ھن سان ڳجھا رابطا ڪري ورتا ھئا. جن ھٿيار کڻي اتر ستلج ۾ ساڻس گڏجي جنگ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو ھن جنھن انداز ۽ طريقي سان پنھنجي فوج کي آڻي روھڙي وٽ گڏ ڪيو ھو، تنھن کي ڏسي ملتان جي ديوان جا تہ ڍڍر ڍرا ٿي ويا ھئا. سندس روش ۽ ھلت چلت مان تہ ائين ڀاسجي رھيو ھو تہ انگريز سرڪار جي آڻ مڃي چڪو آھي. اھڙي ريت سکن جي حڪمرانيءَ جو ڏاکڻيون پاسو ڄڻ تہ پنگو ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ اوسي پاسي وارا ٻيا ماڻھو بہ کانئس متاثر ٿي چڪا ۽ ھن جي چوڻ تي جاسوسي ڪرڻ لاءِ تيار ھئا. تنھن ڪري کيس پڪ ٿي وئي ھئي تہ ھو لاھور تائين آرام سان پھچي ويندو ۽ رستي ۾ کيس ڪير بہ روڪي ڪونہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ ھن کان اڳ ملتان جو ديوان بہ جيڪو سکن کي امدادي فوج ڏيندو ھو،سو ھاڻي انھن لاءِ ڪنھن بہ ڪم جو نہ رھيو ھو. سندس چيل لفظ ھن ريت آھن تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو جنگ جي فن کان واقف آھي تہ فتح مقدر آھي ۽ سندس اھڙيءَ فوج کي تقدير ۽ تباھہ ڪري سگھي ٿي.“
اھڙيءَ اخلاقي مدد ۽ ھر قسم جي سھائتا کي ڪتب نہ آڻڻ ڪا عقلمنديءَ جي ڳالھہ ڪانہ ھئي. ھن جنرل کي ان ملڪ ۽ اھڙن ماڻھن مان ڏئي ھتي سڏايو ويو ھو، جنھن ملڪ جي کيس ساڃھھ ھئي ۽ ماڻھوءَ بہ کيس چڱيءَ ريت سڃاڻندا ھئا. سندن سڏڻ تہ ان ملڪ ۾ ھليو آيو جنھن کان ھو واقف ڪونہ ھو. نہ وري ھتان جا ماڻھو کانئس واقف ھئا. پر پوءِبھ سر چارلس کي ھڪ فوجي جھونجھار بدران شيطان سمجھيو ويو ھو. جڏھن صورتحال نازڪ ھئي تہ ھن کي واھر ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو ھو. ۽ ملڪ بہ ھن لاءِ اوپرو ۽ اڻ سونھون ھو. ان کي سڏائڻ جو آخر مقصد ڇا ھو؟ ڪائونسل ۾ ھڪ ماڻھوءَ جي اضافي ڪرڻ لاءِ، جڏھن تہ ڪائونسل ۾ ميمبرن جي موجودگي ڪا گھٽ بہ ڪانہ ھئي. ليڪن ان ۾ ھڪ نئين جوڙجڪ جي ضرورت ضرور ھئي. پر ھن کان ڪائونسل جو ھر ميمبر ساڙ ۾ پيو سڙندو ۽ پڄرندو ھو. ھو ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت جي پيداواري وسيلن کان بي خبر ھو. کيس جيڪا بہ صلاح ڏيڻي ھوندي ھئي، تڙ تڪڙ ۾ ڏئي وٺندو ھو. پر ڪنھن ڪم جو عملي مظاھرو ڪونہ ڪندو ھو. ان کان سواءِ ھن جي ساري فوج کي جنگي سرگرمين کان ٻاھر رکڻ لاءِ ان کي بھاولپور موڪليو ويو ھو. جتي ان فوج کي پنگلو يا مفلوج ڪري رکيو ويو ھو، جنھن سان ڪنھن بہ قسم جو واسطو ۽ رابطو ڪونہ ڪيو ويو ھو. ان کان سواءِ سڌو رابطي جو ڪم بہ ڪونہ ٿي ورتو ويو. ھن صورتحال ۾ معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ دشمن کي سنڌ تي حملي لاءِ ڄڻ دعوت ڏني وئي ھئي. جنھن جو مکيھ فوج تي ڏاڍو خراب اثر پوي ھا. اھا ڪا اتفاقي ڳالھہ ڪانہ ھئي. بعد ۾ اھڙيءَ حقيقت جو پتو پيو تہ ائين ڪري ھندستان ۽ ممبئي سرڪار سکن ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ڄاڻي ٻجھي موقعو فراھم ڪري رھي ھئي تہ حملي جي ردعمل طور سنڌ تي حملو شروع ڪري ڏئي. پر سوبران جي محاذ کان پوءِ ٺاھھ جي معاھدي طئي ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سک فوج سنڌ تي حملو ڪري ڪانہ سگھي ھئي. مطلب تہ ھن ساري ڀونا ميل جو مول مقصد اھو ھو تہ ٽئي جنرل پاڻ ۾ ويھي سکن خلاف ننگي جارحيت جو ھڪ منصوبو جوڙي سگھن جنھن جھڙو بي مثال ۽ خطرناڪ منصوبو ڪڏھن ماڻھن ٻڌو ئي ڪونہ ھوندو. نہ ان فوجي مھم تي تنقيد ڪئي وئي، نہ وري سندس تجزيو ئي ڪيو ويو ھو. ھن مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ڪنھن ٻئي جنگي منصوبي جي تياري ڪئي ويندي جنھن ۾ رتوڇاڻ گھٽ ھوندي. اھڙي ريت سر چارلس نيپئر ۽ سندس فوج کي جنگي سرگرمين واري ميدان مان تھھ وانگي تاري، ٻاھر ڪڍي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.
ٻن سالن کان وٺي پنجاب خلاف جنگ ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا ھئا. گورنر جنرل بہ اھڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ھئي. کوءِ جنگ ٻن جھيڙو، پر جيئن پوءِ تيئن وايو منڊل ويو ٿي ڳنڀير ٿيندو ۽ سمجھيو پئي ويو تہ اھو ڳيڙ ضرور ڳچيءَ ۾ پوندو. تنھن ڪري جھڙي جون ھوريان ھوريان تياريون بہ ھلي رھيون ھيون. يا ائين کڻي چئجي تہ جڏھن تياريون ٿي ويون ھيون تہ اھڙا اڌما ۽ اتساھھ بہ وڌي رھيا ھئا تہ خدا ڪري تہ جنگ لڳي. اھڙن نتيجن کان انڪار ڪرڻ بہ شعوري طور ممڪن ڪونہ ھو. محسوس ائين ٿي رھيو ھو تہ جنگ کان ڪيڏو بہ پاسو ڪيو وڃي ھا، پر جنگ اڻ ٽر ھئي. پر فوج وٽ اھڙا وسيلا موجود ڪونہ ھئا جن کي ڏسي ڏيل کي ڏڍ ملندو آھي، من وڌي ويندو آھي ۽ اڌما ڇينگ چڙھي ويندا آھن. ڪارڻ بہ اھڙا بڻجي رھيا ھئا. جو منڍ کان ئي ائين ڀاسجي رھيو ھو تہ اڳتي ھلي مانڌاڻ ڪو ضرور مچندو. اھو بہ سمجھيو پئي ويو تہ جيڪڏھن فوج سگھاري ھوندي تہ جھيڙي کي مڙسي سان منھن ڏئي سگھبو. وقت بہ جنگ لاءِ تياري ڪرڻ جو اھڃاڻ ڏئي رھيو ھو. ھاڻي باقي ٻن ڌرين وچ ۾ معاھدي لاءِ ڳالھين ھلڻ جو آسرو ھو. جنھن وسيلي جھيڙي جو امڪان ٽري سگھيو ٿي. ھي دور بہ اھڙو ھو جو جنگ جي تيارين سان گڏ امن جون ڪوششون بہ گڏ ھلي رھيون ھيون. جنرلن جي بہ مرضي اھا ھئي تہ ڳالھين بھاني ڪجهہ وقت ملي وڃي جنھن دوران فوجي رابطو بحال ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تہ فوج کي سوبران واري محاذ کان وڌيڪ رابطي جي ضرورت ھئي. اھو بہ سوچيو ويو ھو تہ حملو اھڙو طاقتور ڪيو وڃي جيڪو اڪيلو ئي فتح لاءِ ڪافي ھجي، پر ان بدران پنج حملا نہ ڪجن.
لاھور سکن جي جنگي سرگرمين جو اھم مرڪز ھو تنھن ڪري انگريزن جي فوج تي حملي ڪرڻ لاءِ ھن واسطي ڪيترائي رستا کليل ھئا. اھڙو پھريون رستو فيروزپور يا ھري ڪي پتڻ وٽان ستلج اڪري حملو ڪرڻ ھو، جيڪو ھنن پوءِ استعمال بہ ڪيو ھو.
ٻيو رستو بياس اڪري ۽ لڌيانا وٽان اتر ستلج پار ڪري حملو ڪرڻ ھو. ھنن عليوال واري حملي دوران بہ ائين ڪيو ھو. جنھن ۾ ھنن شڪست کاڌي ھئي.
ٽيون رستو فيروزپور ھيٺان ستلج پار ڪري دھلي تي حملو ڪرڻ ھو.
پھرين ٻن حالتن ۾ سک فوج ھڪ وڏي لشڪر جي صورت ۾ اڳتي وڌي ھا ۽ سندن گھوڙيسوار فوجي ٽولا دھلي تائين ساري علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏين ھا. پر ھنن لاءِ ڏچو اھو ھو تہ انگريزن جي فوج، جيڪا ھڪ وڏي پربت جي شڪل ۾ سندن رستو روڪيون بيٺي ھئي. جنھن جي ھن وقت حيثيت بچاءَ واري ھئي. پر پوءِ بہ ھنن ٽنھي رستن سان دشمن جي واين ولڙين ڪرڻ جيتري منجھس سگھھ ھئي. دشمن تي اھڙن حملن ڪرڻ ڪري سندن فوجي جوڙجڪ بہ لڏي ڪونہ ويندي. ھنن جي فوج جي ترتيب اھڙي رکيل آھي جو سکن جي اڳتي وڌڻ کان اڳ ئي مٿن حملن جي ابتدا بہ ڪري سگھن ٿا. ايئن ڪرڻ لاءِ انگريزن کي فيروز پور کي پنھنجي جنگي سرگرمين جو مرڪز نہ بڻائڻو پوندو، جتي سندن ساري فوج اچي گڏ ٿي آھي. پر کين ھن ماڳ کي وسيلن جي مرڪز طور مضبوط بڻائڻو پوندو. اھڙيءَ ريت ھو مرڪز کاڌي پيتي ۽ فوجي سامان جي ھڪ وڏي ڊيپوءَ طور ڪم ڪندو. ان مقصد کي ڏسي ستلج تي ٻيڙ:ن جي پل بہ ٺاھڻي پوندي. ساڳيءَ ريت ھتي فوج ڪئمپ اندر خندقون جوڙڻيون پونديون، جتي اھڙي فوج رکي وڃي جيڪا ھر وقت ھر قسم جي ھٿيارن سان گڏ جاڏي بہ چاھي سولائيءَ سان چرپر ڪري سگھي. تڪڙي ۽ ترت چرپر واريءَ ھن فوج جو تعداد ڏھن ھزارن سگھارن متارن فوجين تي مشتمل ھئڻ کپي ۽ انھن کي پنھنجي سرگرمين ۾ آزاد ڇڏيو وڃي.
ائين ٿيڻ ڪري فوج کي ستلج جو کاٻو ڪنارو ڏئي فيروز پور کان ھيٺ وڃڻ جي ڏچي کان بڇائي سگھجي ٿو. جيڪا ترت چرپر ڪندڙ فوج کي ائين ڪري مدد ڪري سگھي ٿي ۽ عملي طور ائين ڪيو بہ ويو ھو. يقين سان چئي سگھجي ٿو تہ اھا غير فوجي پيش قدمي ھوندي. ڇاڪاڻ تہ ھي درياه انگريزن جي فوج جو بچاءُ ڪري ڪونہ ٿو سگھي. انھيءَ ڪري جي درياه جي ٻئي پار اڪرڻ لاءِ گھڻائي پتڻ موجود ھئا. اھڙيءَ ريت دشمن فوج بہ فوجي سرگرمين دوران ھنن پتڻن کي استعمال ڪندي آھي ۽ انگريزن جي فوج بہ ھن رستي سان پيش قدمي ڪري رھي ھئي، پر اھڙيءَ فوجي چرپر ھڪ چالاڪ دشمن جي اکين جي سامھون ممڪن ڪانہ ھئي، جيڪو درياه جي ٻئي ڪناري سان ويٺو ھو. ھن وقت تائين سک جنرل ڪابھ فوجي ڏات ۽ سچيتائي ڪانہ ڏيکاري ھئي، نہ تہ ھو پنھنجي فوج جي ھڪ پاسي کي فوجي جو حڪم ڏئي ھا، جيڪا مريدڪي ۽ فيروز پور وارن جنگي محاذن تي فوجي مظاھرو ڪري ھا. پر ھو ائين ڪري سمٿ واري فوج کي ڀڄائي ڪڍي ڇڏي ھا جيڪا رابطي واري رستي کي سنڀاليو بيٺي ھئي. ھن وقت فيروز پور ھڪ اھم فوجي ماڳ آھي، پر ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ ان کي ڇڏي لڌيانھ ۽ سرھند کي مرڪز بڻائڻو ھو ۽ دھلي سان ترت رابطي لاءِ امبالا کي ثانوي اھم حيثيت ڏيڻي ھئي. فوج جي اھڙي ترتيب مطابق گھوڙيسوارن فوج کي انھن مختلف پاسن کي محفوظ ڪرڻو ھو، جيڪي سک فوج جي اوچتي حملي جي ضد ۾ ھئا. اھڙي فوجي سرگرمين واسطي ستبلج تي ھڪ مستقل پل ۽ ٻي ٻيڙين جي پل تعمير ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ سک درٻار کي اطلاع ڏنو ويو ھو تہ جيڪڏھن پنجاب جي فوج پيش قدمي ڪئي يا جنگي تياري ڪئي تہ سمجھيو ويندو تہ اھا جنگ جون تياريون ڪري رھي آھي. اھا ڳالھہ ٻڌي سک حڪمران ڊڄي ۽ ڇرڪي ويو ھو.
اھڙيءَ ريت جنگي تياريون ھڪ واضح حڪمت عمليءَ مطابق ڪيون ويون ھيون جنھن لاءِ ھڪ منظم ۽ طاقتور فوج بہ موجود ھئي. جڏھن سکن پنھجون جنگي تياريون مڪمل ڪيون، پنھنجي فوج کي پگھارون ۽ ھٿيار پنھوار ڏنا ۽ جوتشين کي گھرائي جنگ جي ابتدا ڪرڻ لاءِ سڳوريءَ گھڙيءَ جو پڇيو تہ انگريز جنرل بہ ستلج تي مستقل پل جوڙائي ورتي ھئي ۽ ان درياه جي کاٻي ڪناري وٺڻ بدران پل اڪري اڳتي وڌي وڃي بيا جي ڪناري سان منزل ڪئي ھئي ۽ ان منزل کان ٿورو اتر ۾ ٻيڙين جي پل ٺھرائي ھئي ۽ فوج جي بچاءَ لاءِ ھڪ قلعبند تعمير بہ ڪرائي ھئي اھڙيءَ فوجي سرگرميءَ ڪري سک فوج جي پيرن ۾ ڄڻ پئد پئجي ويا ھئا جيڪا چرڻ کان چڪتو ٿي وئي ھئي ۽ ڳالھين لاءِ ھٿ ڪپڙي ۾ سڪ ھئي. کين لاءِ انگريزن جي ھر شرط مڃڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس بہ ڪونہ بچيو ھو.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ائين ڪرڻ ڪري انگريز فوج ھڪ مضبوط فوجي حيثيت حاصل ڪري ورتي ھئي ۽ ڳالھين جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾، ھن فوج جي مرضي ھئي تہ اڳرائي ڪري يا بچاءَ واري حيثيت حاصل ڪري يا ائين کڻي چئجي تہ انگريز فوج ٻہ اھم گھٽ والاري ورتا ھئا. جيڪڏھن سک فوج ستلح ۽ بياس واري سنگم ھيٺان درياھہ ٽپندي تہ ان جي سامھون فيروز پور واري انگريزي فوج موجود ھوندي. پر جيڪڏھن سندس مکيھ فوج بياس اڪري انگريزن جي پاسي واري فوج تي حملو ڪندي تہ انگريزي فوج ٻيڙين واري پل تان اڪري، سک فوج جو لاھور سان رابطو ڪٽي وٺندي. جيڪڏھن سک فوج پاڻ کي بياس جي ڪناري سان مضبوط ڪندي تہ ان جي مکيھ فوج تي حملو ڪرڻ سولو ٿي پوندو. ان صورت ۾ فيروز پور واري انگريرزي فوج ستلح پل ۽ ھري ڪي پتڻ وسيلي پار اڪري دشمن جي پاسي واري فوج تي حملو ڪري سگھندي. پر جيڪڏھن اھا ايرارس جي پتڻ کان پار ڪندي تہ بياس جي ڪناري سان بيٺل بچاءَ واري انگريزي فوج جي وڏي مدد ڪري سگھندي.
انگريزن جي ھن قسم جي فوجي حڪمت عمليءَ ڪري سکن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين تي کسڪي وئي ھئي. ھنن لاءِ فيروزپور يا بياس واري انگريزي فوجن تي حملا ڪرڻ رڪ جي چڻن چٻڻ کان گھٽ ڪونہ ھئا. تنھن ڪري ھنن انگريزن جي فوج تي اڳرائي ڪرڻ بدران فوجي ڪئمپ اندر خندقون جوڙي ويھي رھي ھئي ۽ بچاءَ واري جنگ لاءِ تيار ھئي. اھڙيءَ ريت سر چارلس جي فوج ملتان کان مٿي وڌي، سک فوج جي پاسي ۽ دمبالي ڏانھن اچي رھي ھئي. سک جنرل جي ارادي مان محسوس ٿي رھيو ھو تہ پنھنجي فوج کي خندقن ۾ ويھاري لاھور ۽ امرتسر جو بچاءُ ڪري رھيو ھو. ان وقت انگريزن جي فوج بياس وٽ ۽ امدادي فوج فيروز پور ۾ موجود ھيون جيڪي ساڳئي وقت ستلج ۽ بياس کي پار ڪري رھيون ھيون. ڇاڪاڻ تہ انھن فوجن جي اڪرڻ لاءِ پليون ۽ دريائي پتڻ موجود ھئا. جڏھن ھنن ٻنھي فرض سان سر چارلس وارو لشڪر اچي ملندو تہ اھو گڏيل لشڪر بہ رڳو پنجاب راڄڌاني لاھور فتح ڪري سگھندو، پر سارو پنجاب تي قبضو ڪري سگھندو. ان وقت ھيءَ فوج چناب ۽ جھلم جي ڪنارن تائين وڃي پھچندي.
پر جيڪڏھن انگريزي فوج ھن جنگ ۾ سوڀاري نہ بہ ٿي تھ، ان جي پوئتي ھٽڻ وارا ستلج ۽ بياس وارا رستا بلڪل صاف ۽ محفوظ آھن. جيڪڏھن انگريز فوج کي ڌڪي پوئتي ھٽايو ويو تہ اھا پوئتي ھلي فيروز پور ۾ ترسندي. جڏھن تہ مکيھ فوج پوئتي وڃي اتر ستلج کان ٿورو پوئتي ھٽي وڃي منزل ڪندي. سک فوج فتح کان پوءِ انگريز لشڪر جي ڪڍ ڌوڪي ڪاھي ڪانہ پوندي ڇاڪاڻ تہ سر چارلس جي فوج کيس ڪرڻ ڪانہ ڇڏيندي. ھيءُ ھڪ تصوراتي قسم جو جنگي نقشو آھي. جنھن کي ھتي ڇڏي وري سنڌ جي انتظاميھ واري موضوع ڏانھن موٽون ٿا. اھو فقط جنگ جو ميدان ڪونہ ھوندو آھي. جتي اعلى فوجي عملدار کي جرئت ۽ بھادري جو مظاھرو ڪرڻو ھوندو آھي.
سر چارلس ڪراچيءَ ۾ بيمار ٿي پيو ھو، پر ھن انھن ماڻھن کي ويڳاڻو ڇڏي ڪونہ ڏنو ھو، جيڪي ھن کي پنھنجو زندگيون ارپي چڪا ھئا. ھن اک وٽائي اھو ڪونہ ڏٺو ھو تہ ھو پاڻ اگھو ۽ اھنجو آھي. کيس اعزاز ڏيڻ لاءِ بہ سرڪار تيار نہ آھي ۽ ھن کي نفرت وارين نظرن سان ڏٺو پيو وڃي. ھو سمجھندو ھو تہ ھن عوام لاءِ منصبي فرض سرانجام ڏنو آھي ۽ عظمت حاصل ڪئي آھي. تنھن ڪري ھن ھميشه پنھنجي عزت نفس ۽ وقار کي ڏٺو. سندس چوڻ آھي تہ ”جيڪڏھن سرڪار مون کي ڪنھن اعزاز سان نہ نوازيو آھي تہ مون کي ان جي ڪنھن بہ قسم جي پرواھھ ڪانہ آھي ۽ سرڪار جون اھڙيون ڪڌيون ڳالھيون مختلف نمونن ۾ ڏسجي رھيون آھن. منھنجي ان ماتحت عملي کي بہ اعزاز ڪونہ مليو آھي. جيڪو بلوچستان واري فوجي مھم ۾ مون سان گڏ ھو. جيڪڏھن منھنجي بدران ڪو ٻيو جنرل ائين ڪري ھا تہ سرڪار جون نوازشون ۽ اعزاز مينھن وانگي وسن ھا. مان اھڙن ڏکن ڏوجھرن جو بدلو وٺڻ بہ ڪونہ ٿيو چاھيان. مان اھو بہ ڪونہ ٿو چاھيان تہ بي انصافيءَ خلاف ڪيل شڪايتن جو مون کي جواب ملڻ کپي. جيتري قدر اعزاز جو سوال آھي تہ اھو چاھي ملي يا نہ ملي، پر مان پنھنجو فرض ادا ڪندو رھندس. مان فقط ايترو چوندس تہ جن ماڻھن کي اعزاز مليا آھن تن ڪڏھن بہ فوجي ڪمان ڪانہ سنڀالي ھئي. ھارڊنج ۽ گوف منھنجا اعلى ۽ ڪرنل سمٿ منھنجو ماتحت آھي. اھا اھم ڳالھہ آھي تہ کيس بئرونيٽ بڻايو ويو آھي. ائين ڇو ٿيو آھي تنھن جي مون کي ڪنھن بہ قسم جي پرواھھ ڪانہ آھي. مان عزت ۽ صحيح ھجڻ جي ناتي ڪم ڪيو آھي ۽ ڪندو رھندس. ڇاڪاڻ تہ مان ھميشه ڪم سان پيار ڪيو آھي. جيڪڏھن سرڪار جي وزيرن کي ھن قسم جو صحيح احساس آھي تہ اھو منھنجو قصور نہ آھي.“
اچرج جھڙي ڳالھہ اھا بہ آھي تہ جڏھن سرڪار جو ھن ڏانھن رويو سٺو ڪونہ ھو تڏھن تہ سنڌ جي ھر ترقيءَ واري ڳالھہ کي پڻ روڪيو ويو ھو. ھن ملڪ سان اھا ويڌن تيستائين ھلندي رھي جيستائين ھو سنڌ ۾ رھيو. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ کيس اڻ کٽ روحاني سگھھ آھي. تنھن ڪري ھو جھڪڻ وارو ڪونہ آھي ۽ سٺائيءَ لاءِ تار کي بہ تانگھو سمجھي اڪري ويندو آھي. سنڌ جي فتح جي پھرين ٽن سالن دوران ھن مياڻي ۾ دٻي جي جنگين جي اثر، مھامري، ڏڪار، ماڪڙ جي تباھي، سنڌو جي چاڙھھ سبب پاڻيءَ جي مچايل تباھيءَ، ڌاڙيلن جي حملن، ممبيءَ واريءَ ڌر جو آزار ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو مٿس ڏاڍ رھيو، جنھن سندس قائم ڪيل انتظاميھ کي اڳتي ھلڻ ڪونہ ڏنو ھو. چوٿين سال جي ابتدا ۾ کيس پنھنجي فوج وٺي موٽي وڃڻ جو حڪم مليو ھو، جنھن ڪري مٿس ۽ سندس ماتحت فوجي عملدارن تي ڏاڍو اثر ٿيو ھو، پر اچرج جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن ان جنگ لاءِ تڪليف ۽ مشڪلاتن ھوندي بہ پنھنجي فوج کي منظم ڪيو ھو. پر کيس ان وقت واپس ڪيو ويو جڏھن سندس بھادر فوج دشمن سان ميدان ڪرڻ واري ھئي ۽ ھن کي پنھنجي جرئت ۽ حوصلي جو داد ملڻو ھو.
پر اڃا بہ ھڪ وڏي آپدا سندس تاڙ ۽ گھاڙ ۾ گھٽ جھليو بيٺي ھئي. انھيءَ سال ڪراچيءَ ۾ ڪالرا جو ڪاريھر نانگ نڪرري نروار ٿيو ھو. جون جو مھينو ھو. چوڏس ڏھڪاءُ پکڙيل ويو ھو. مئي مھيني ۾ اھا اگري بيماري ڏيھي ماڻھن ۾ پئي، جيڪا جون ڌاران اچي فوج ۾ پئي. 14 جون تائين سڀئي ماڻھو واسجي ويا. يورپي ۽ غير يورپي ماڻھو وٺجي ويا. جنھن بہ ماڻھوءَ بسترو ورتو تنھن جيئڻ جو آسرو کنيو. سڀ ماڻھو ھراسجي ويا. بورچي ۽ ڪاسائي وٺي ڀڳا. جن کي نہ ماني ڳڀو مليو، نہ پاڻي ڍڪ نصيب ٿيو، نہ دوا نہ دارون. مٿي ڇانو لاءِ ڪو وڻ ٻوٽو بہ ڪونہ ھو. جون جو مھينو، سج نيزي پاند ۽ ھيٺان ڌرتي ٽامون. جاڏي نھار تاڏي لاشن جا سٿا لڳيا پيا ھئا. سارا پٽ پڌر ۽ جھنگ جھر ماڻھن جا مڙھھ ھئا، ڌرتي تہ ڏسڻ ۾ ئي ڪانہ ٿي آئي.
فوجين جي ڊوڙ ڊڪ اسپتالن ڏي لڳي پئي ھئي. ھنن مان ڪي تہ چريا ٿي پيا ھئا. رسد گاھھ جا ماڻھو جڏھن گاڏين تي شراب کڻي ايندا ھئا تہ ماڻھو اھو ڦري لٽي کڻي ھليا ويندا ھئا. ڇاڪاڻ تہ سمجھيو ويندو ھو تہ ان بيماريءَ جو اھو ئي واحد علاج آھي. ماڻھو اکين آڏو موت ڏسي پنھنجا ھوش حواس وڃائي چڪا ھئا. ھي اھو زمانو ھو جو جنرل سر چارلس ۽ سندس ماتحت عملو اچي ڪراچي پھتو ھو، جنھن ڏٺو تہ ساري ڳالھہ ئي الٽ لڳي پئي آھي ۽ انتظام جو تہ ٽڀو ئي اونڌو لڳو پيو ھو. ھن نيون ھدايتون ۽ حڪم جاري ڪيا. ماڻھن کي دم دلاسو ۽ آٿت ڏنو. فوج بہ ھيانءُ ھاري ويٺي ھئي. انھن کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ جنرل پاڻ کي ڄڻ تہ ارپي ڇڏيو ھو. اسپتالن جو عملو شراب جو عادي بڻجي ويو ھو. ھو بيمارن کي پاڻ دوائون پياريندو ھو. مرندڙن کي پاڻ اسپتال پھچرائيندو. ڪن بيمارن جي بدن جا عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ھئا تہ ھو پاڻ کين مالش ڪندو ھو ۽ کين جيئڻ جو حوصلو ڏيندو ھو. ھو ائين گھمندو ڦرندو ۽ ھر فوجي کي آٿت ڏيندو وتندو ھو جيئن ڪو جنگ جو ميدان ھجي.
ھن بيماري جو 14 ھين کان 18 ھين تاريخ تائين زور رھيو ھو. سمجھھ ۾ ائين اچي رھيو ھو تہ ساري فوجي ڇانوڻي مري کپي ويندي. ڪو ڀانجھر بہ ڪونہ بچندو. 30 ھين تاريخ تائين ان جو زور تہ گھٽجي ويو، تہ بہ ان ڏينھن ھڪ سو ويھھ ماڻھو مئا ھئا، جيڪي فوجين کان سواءِ ھئا. جنرل ۽ سندس ماتحت عملو ٻہ ڀيرا ڏھاڙي اسپتال ايندو ھو ۽ ھر بيمار جي بستري تي پھچندو ھو، حال احوال پڇندو ۽ کيس جيئڻ جو حوصلو ڏيندو ھو. سندس ھي منصبي فرض ڏاڍو ڏکيو ھو. ڇاڪاڻ تہ وچڙندڙ بيماري ۽ موت وايو منڊل ڳنڀير ڪري ڇڏيو ھو. سندس اھو ڪم عظيم ھو. اسپتالون تمام پري واقع ھيون. سندس رھائش کان ويجھي ۾ ويجھي اسپتال ھڪ ميل پري ھئي. گرمي خطرناڪ منصبي فرض جي ادائگي خوفناڪ. ھڪ اسپتال کان ٻيءَ تائين سارو سفر پنجويھن ميلن جو ھوندو ھو. ان کانسواءِ ھر ھڪ مريض وٽ بہ شخصي طور وڃڻو پوندو ھو. مرندڙ فوجي کيس پنھنجي ڀرسان ڏسي، ڏاڍي سڪون سان مري سگھندو ھو، ڇاڪاڻ تہ سمجھندو ھو تہ مرڻ وقت فوج جو جنرل ھن سان گڏ آھي، تنھن ڪري سمجھدو ھو تہ کيس دنيا جي بھترين دوا ملي وئي آھي. اڳئينءَ بيماري تہ خود ھن کي بہ نھوڙي ناس ڪري ڇڏيو ھو. ھن جو پنھنجو گھر بہ ٻھاري ھلي وئي ھئي. سڀ کان پھريائين ھن جي ڀائٽي جان نيپئر جي زال ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ واري ھئي تہ پاڻ وڃي مٽيءَ جي مھمان ٿي. جلد ئي جنرل جو ڀائٽيي جان نيپئر بہ ھيءَ دنيا ڇڏي، وڃي پنھنجي گھرواريءَ جي قبر ڀرسان پنھنجي جاءِ سنڀالي ھئي. ھي ٿورو وقت زنده رھيو ھو. کيس فوجي زندگيءَ ۾ بھادر ۽ جرئت ڏيکارڻ جو گھڻو موقعو ملي ڪونہ سگھيو ھو. پر ٻچو شينھن جو ھو. جنرل سر چارلس کي ڏاڍو صدمون رسيو ھو. ڇاڪاڻ تہ جان نيپئر نہ رڳو سندس ڀائٽيو ھو، پر ھڪ پرجوش ۽ بھادر فوجي بہ ھو. ان وقت ھي ھڪ عزت ڀريو منصبي فرض ادا ڪري رھيو ھو. جيڪو سچ ۽ ايماندارري وارو رستو ھو. ھن ڳنڀير وايو منڊل ۽ موت جي خوفنائتي ماحول ۾ ڏاڍي جرئت ۽ حوصلي سان پنھنجو منصبي فرض سرانجام ڪري رھيو ھو. اھو ماحول جنگ جي ميدان کان بہ وڌيڪ ڀوائتو ھو.
شمار ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو تہ ست ھزار ماڻھو مري چڪا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ڇانوڻيءَ ۽ شھر جي آدمشماري جو ٽيون ڀاڱو اگھجي صاف ٿي چڪو ھو. اھڙيءَ ڀينگ ڪرڻ کان پوءِ مس وڃي بيماريءَ ۾ ٺاپر آئي ھئي. اھڙيءَ ريت اوسي پاسي واري جوءِ ۾ سٺ ھزار ماڻھو موت جو شڪار ٿيا ھئا. جڏھن موت جو فرشتو ھن ملڪ مٿان اڏاڻو ھليو ويو تہ پنھنجي پٺيان روڄ راڙي جو پڙاڏو ۽ تباھيءَ کان ڪارا ڪڪر ڇڏي ويو ھو.
انھيءَ زماني ۾ سر چارلس نيپئر ھن ريت لکيو ھو تہ ”ھيءَ پراسرار بيماري پھريائين وٺندي ئي ان ماڻھوءَ کي ھئي جيڪو سڀني کان سٺو ۽ سگھارو متارو ھوندو ھو. مان ايتريءَ تڙ تڪڙ ۾ مختلف ريجمينٽس جي فوجين کي ورھائي ھيڏي ھوڏي موڪلي ڇڏيو، جيتري مون کي وھٽن ۽ ٻي سواري جي سھوليت ھئي. پر پھرين ٽين ڏينھن دوران بيماري ڏاڍو چٽڪو چکايو ۽ معلوم ائين ٿي رھيو رھو تہ ڄڻ اھا اجھل ۽ اٽل آھي. 17 ھين واري رات جو کيس ڪجهہ ڌڪ لڳو ۽ ارڙھين تاريخ جي رات جو گھٽجي وڃي اڌ تي بيٺي ھئي. 19 ھين تاريخ تي فقط پندرھن فوجي وفات ڪري ويا ھئا. ڊاڪٽرن چيو سڀاڻي اھا ختم ٿي ويندي. اھا ھڪ عجيب ۽ پراسرار بيماري ھئي. جيڪا اڄ بہ ياد آھي. ڪن جڳھن تي اھا عضون جي سڪي پوڻ سان شروع ٿي ھئي. اھڙي قسم جي شديد بيماري کي ڏسي ماڻھو ھراسجي ويا ھئا. ڪٿي وري انھيءَ بيماريءَ ڪري ماڻھو ماٺ ٿي ويندو ھو ۽ ڳالھائي ڪونہ سگھندو ھو. اھڙا بيمار جڏھن اسپتال پھچندا ھئا تہ خاموش ھوندا ھئا جيڪي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ چرڻ پرڻ کان چڪتو ھوندا ھئا. اھڙا ماٺ ساڌيل ماڻھو، ٻن ٽن ڪلاڪن جا مھمان بہ مس ھوندا ھئا. باقي ھنن سان گڏ ماڻھن جون رڙيون ۽ کيرا وايو منڊل وڌيڪ ڳنڀير ڪري ڇڏينديون ھيون.
مان سمجھان ٿو تہ ڪالرا جي بيماري گندي پاڻي جي استعمال ڪري ٿئي ٿي ۽ ڊاڪٽرن جو بہ ساڳيو خيال آھي. ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ٿڌي پاڻي جي ٻن ٽن ڍڪن پيارڻ کان پوءِ پيٽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آھي ۽ الٽيون شروع ٿي وينديون ھيون ۽ پيٽ وارو گندو پاڻي ٻاھر نڪري ايندو ھو. ٿوري وقت کانپوءِ بيمار نوبنو ٿي پوندو ھو. ھر اسپتال ۾ ٿڌي پاڻي جي ضرورت ھوندي ھئي. پر ان کان وڌيڪ سوڍا واٽر جي سخت ضرورت ھوندي ھئي. اتفاق جي ڳالھہ اھا ھئي تہ سوڍا واٽر ڪراچي ۾ تيار ٿيندو ھو ۽ ڏھاڙي ھزارين بوتلون ٺھندييون ھيون مان ڊاڪٽرن جي ھمت افزائي ڪندو ھوس ۽ کين چوندو ھوس تہ سوڍا واٽر جون جيتريون بہ بوتلون ڪم آنديون وينديون اوتريون کين ملي وينديون. موت تہ ناگزير آھي، پر موت وقت مريض کي پيٽ جو سور ۽ اڃ نہ ھجي. اھو بہ ھڪ عجيب اتفاق ھو جنھن ڏينھن ڪالرا منھن ڪڍيو ان ڏينھن مان اخبار ۾ ھڪ اشتھار پڙھيو، جيڪو ھڪ ڊاڪٽر ڏنو ھو تہ ڪالرا جي بيماريءَ لاءِ ٿڌو پاڻي اڪسير علاج آھي. اھڙيون سڀ ڳالھيون مان اسپتالن ۾ ڏسي چڪو ھوس. تنھن ڪري مان ھاڻي يقين سان چئي سگھان ٿو تہ ڪالرا جي بيماري لاءِ ٿڌو پاڻي پيارڻ بہ علاج ۾ شامل ڪيو وڃي. مون کي تہ ھن بيماريءَ ڊيڄاري وائڙو ڪري ڇڏيو آھي. ڀؤ اٿم تہ متان ساري ڇانوڻي ھن اگري آپدا جي ور چڙھي وڃي. ان کان سواءِ ڏڪار جي ڏائڻ بہ ڏند ڪرٽي رھي آھي. سج بہ ڌرتيءَ تي آگ جا الا اوڳاڇي رھيو آھي. ھن وقت مان سنڌ ۾ ايتري گرمي ڪانہ ڏٺي آھي. موت جي ھن جھٽڪي تائين اسان ڏاڍا صحتمند ھئاسون.
ھن ڪالرا جي ڪري سنڌ جي آدشماري گھٽجي وئي ھئي. ڪي مري کپي ويا تہ ڪي وري مرڻ جي ڀو کان سنڌ ڇڏي، جاڏي آين تاڏي ڀڄي ھليا ويا ھئا. ڏڪار بہ ڏيھھ کي ڏڪائي ڇڏيو ھو. اوسي پاسي وارن بہ وٺي گوڏن تي زور رکيو ھو تہ متان کين بہ نہ اھا بيماري وچڙي وڃي. کاڌي پيتي جون شيون فوجي ڪئمپ ڏانھن کڻي اچڻ کان بہ ڏاڍا وئن ويندا ھئا. تنھن ڪري فوج کاڌي پيتي جي ھر شيءِ لاءِ پئي ٻاٿون کاڌيون. ھن بيماريءَراڱا ڪري ڇڏيا ھئا. پر جيڪڏھن سوڍا واٽر واري فيڪٽري نہ ھجي ھا تہ اڃا وڏا ھاڃا ٿي گذرن ھا. پر اھا اتفاقي ڳالھہ ھئي. سر چارلس سرڪار کي لکيو ھو تہ ملير نديءَ کي ڪراچيءَ ڏانھن آڻن جو منصوبو منظور ڪيو وڃي پر ائين ڪونہ ٿي سگھيو ھو. ڪراچيءَ جي جر واري پاڻيءَ ۾ اھڙيون شيون گڏيل آھن، جيڪي انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھن. وائسراءِ اھڙو منصوبو رد ڪري ڄڻ ھٿ سان بيماري قبول ڪئي ھئي ۽ ترقي جي ڪم کي روڪي صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو ھو. ٻہ سال کن ٿيندا تہ سر چارلس ڪراچي کي مٺي پاڻي ڏيڻ لاءِ ھڪ جامع منصوبو جوڙيو ھو. پر اختياري وارن ان کي اجايو سمجھي، سندس خط جو ڪو جواب ئي ڪونہ ڏنو ھو. راجا جي جرم ۽ انيا ڪري پرجا مري ناس ٿي وئي ھئي.
ڪامورا شاھي جي لاپرواھي ڪري اھميت واري ھر شيءِ اڌياني رھجي وئي ھئي. فوجي سامان جي نقل حرڪت لاءِ بہ ھڪ منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ٻن سالن تائين سرڪار وٽ پيو رھيو ھو. اريگيولر ھو. ڪارپس لاءِ جن عملدارن جا نالا ڏنا ويا ھئا، تن جا پڻ گزيٽ ڪونہ ڏنا ويا ھئا. سندن پگھارن تي بہ مٿي وارا ماڻھو راضي ڪونہ ھئا. تنھن ڪري اھڙن عملدارن کي سرڪار طرفان ڪنھن بہ قسم جي سھوليت مليل ڪانہ ھئي. ھندستان سرڪار مختلف اسمن تي ستر ھزار پائونڊ ڪڍرايا ھئا. پر انھيءَ عملدارن جي پگھارن جو کين خيال ڪونہ ھو جيڪي اڳئي سرڪاري کاتن ۾ ملازم ھئا. تنھن پبلڪ اڪائونٽ کي سايو ڪري منجھايو ويو ۽ اڪائونٽنٽس کي مشڪلاتن ۾ ڦاسيو ويو ھو. ساڳيءَ ريت علي مراد وارو معاھدو بہ رولڙي جو شڪار ٿي ويو ھو. ٽالپر حڪمرانن کي سنڌ جي حڪومت موٽي ملڻ جا افواھھ اٿيا ھئا، تنھن ڪري خيرپور جي ھن حڪمران جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي ويون ھيون ۽ سوچي رھيو ھو تہ ڪتو بہ کاڌم ڪک بہ ڪانہ ڀري. جيڪڏھن اصلوڪن حڪمرانن کي سنڌ جي حڪومت ملي تہ سندس تہ لاھھ ئي نڪري ويندا. تنھن ڪري ھي ٽالپر حڪمران انگريز سرڪار جو وڌيڪ وفادار ۽ تابعدار رھڻ جو سوچي چڪو ھو، پر کيس پنھنجي ارادي جي اظھار جو موقعو ڪونہ ٿي ڏنو ويو. جيڪڏھن ساڻس نئون معاھدو ڪيو ويندو تہ ھو وفاداري جو اھڙو اظھار سولائيءَ سان ڪري سگھندو. ليڪن ھن موضوع بابت ڪنھن بہ ڪوشش ڪانہ ڪئي ھئي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو نہ ان معاھدي کي نہ بحال ڪيو ويو ۽ نہ وري ان کي رد ڪيو ويو ھو. بس ان دستاويز تي ماٺ جي مھر لڳائي وئي ھئي.
سر چارلس اھڙيون ڀڏيون ڳالھيون ڪامورا شاھي جي انھن سول ۽ فوجي عملدارن ڏانھن منسوب ڪيون ھيون جيڪي لارڊ ايلنبرو جي ھر منصوبي کي رد ڪري رھيا ھئا. اھڙو ذڪر اڳي بہ ٿي چڪو آھي. ھاڻي تہ اھو ماڻھو بدلي ٿي چڪو آھي. پر اھي ساڳيا ماڻھو سڀ ڪسرون سندس ڪامياب جنرل چارلس مان ڪڍي رھيا آھن. سر ھينري ھارڊنج نئون ماڻھو آھي، تنھن ڪري کيس ھندستان جي معاملن جي اڃا ڄاڻ ڪانہ آھي. ھن وقت وڏيءَ جنگ يا ڌرين وچ ۾ ٿيندڙ ٺاھھ جو معاملو سندس ھٿن ۾ آھي. تنھن ڪري ٻيا معاملا ھن جي ماتحت عملدارن، سيڪريٽرين ۽ بورڊس جي ھٿن ۾ آھن. جيڪي سر چارلس کي ائين ڏسي رھيا آھن، ڄڻ اڇي لٽي تي رت جو داڳ. ھنن ماڻھن جي وات جي وائي ھر چوڻي بڻجي وئي “Oh Let Scinde Wait” تنھن ڪري سنڌ کي فائدي ڏيڻ جو لاڳاپو بہ اھڙن عملدارن سان آھي، جن جي ٻوٽي تہ سر چارلس سان گڏ رجھي ئي ڪانہ ٿي. تنھن ڪري سندس ھر ڳالھہ ۽ منصوبي کي رد ڪيون ويٺا آھن. اھڙيءَ ريت سنڌ جي انتظاميا جي حڪمت عملي جي وٽن ڪا اھميت ڪانہ آھي.
ھن لکيو آھي تہ ”مان ڄڻ تہ واريءَ ۾ منڊي ماڻھو جو مثال آھيان. جيڪڏھن مان ڪنھن بہ ڌر سان جنگ جوٽيندس تہ لکپڙھہ جا ڪاڳر ڪارا ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ سرڪار جو ھر کاتو سر ھينري ھارڊنج ۽ مون کان پل پل جو پيا پڇاڻو ڪندا تھ، ٻڌايو اوھان پنھنجي انھيءَ عمل ۾ صحيح آھيو؟ ھن ڪم کان ٻہ ٽي سال پوءِ وري اھو الزام بہ ٿاڦيندا تہ مان جذباتي آھيان جنھن جو ھر اندازو غلط ثابت ٿيندو آھي ۽ سرڪار کي گھربل ھر شيءِ کان بي خبر آھيان. اھا راند عام ۽ رواجي آھي جيڪا قيمتي شمع ٻاري کيڏي وڃي. اھا شمع منھنجي زندگي آھي. جيڪا ڪم جي انبار ڪندي ڪندي اجھامي ويندي. ماڻھن يا ادارن کي انصاف ڏيڻ لاءِ مان ھر وقت تيار آھيان، پر جيڪڏھن ڪا بڇڙائي سرڪار کي متاثر ڪرڻ شروع ڪندي تہ پوءِ مان ھر شيءِ کي ان جي ئي رفتار سان ھلڻ ڏيندس ۽ مان ھٿ ڪڍي ويندس. حقيقت اھا آھي تہ عوام جو نقصان ٿي رھيو آھي. پر مان ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ ٿو سگھان. ڇڪن نڪ کي ٿا تہ وڌي وري پيٽ ٿو وڃي. ڪوشش ڪيون ٿا تہ چڱائي جي نتيجو برائي ٿو نڪري. مان سنڌ جي سکي ستابي تھذيب جي تصور کي قربان ڪرڻ ڪونہ ڏيندس ۽ آفيسر شاھي سان اجائي بحث ۾ پنھنجو وقت ڪونہ وڃائيندس. مان پنھنجي جاءِ تي خوش آھيان، ھو پنھنجي جاءِ تي مگن رھن. جيڪڏھن اھي ماٺ رھندا تہ مان بہ ڪجهہ نہ ڪندس.“
مخالف ڌر سر چارلس کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ھو. پر کيس ڪيترائي اختيار ھئا. تنھن ڪري ھو تڪڙي ترقي ڪري اڳتي نڪري ويو ھو. ڪالرا جھڙي اگريءَ آپدا کي بہ ھن مڙسيءَ سان منھن ڏنو ھو. تنھن لاءِ کيس ھنن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ھو. کيس کي نہ وڏي عمر، نہ ٿڪ، نہ چوڌاري پکڙيل خوف خطرا، بيماري، نہ شخصي ڏک ۽ غم ئي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي کان روڪي سگھيا ھئا.
سنڌ جي زراعت ۽ تجارت تمام گھڻي وڌي وئي ھئي. ۽ پيداوار بہ ايتري گھڻي وڌي وئي ھئي جو ماڻھن کي اچرج ٿيڻ لڳو ھو. ڪيتري وقت کان وٺي ائين سمجھيو پئي ويو تہ ھن ملڪ جي پيداوار ايتري ڪانہ آھي جو ان جي انتظاميھ تي ايندڙ خرچ جو پورائو ٿي سگھي. 1843-44ع ۾ ساري پيداوار نو لک ھئي، پر انھيءَ زماني ۾ انتظامي ڪاروبار چڱي نموني سان ھلي رھيو ھو. جنھن ڪري 1844-45ع ۾ پيداوار جا انگ اکر وڃي ستاويھين لکن تي پھتا ھئا. 1845-46ع وارو سال اپريل ۾ پورو ٿيو ھو. ان سال جي پيداوار چاليھھ لک ٿي ھئي. جنھن مان ايڪٽيھھ لک روپيا يا ٽي لک ڏھھ پائونڊ اسٽرلنگ جي بچت ٿي ھئي. جنھن کي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو ويو ھو. اھا بقايا سول انتظاميھ جي ۽ ٻہ ھزار پوليس وارن جي خرچ جي ادائگي کان پوءِ ٿي ھئي، جنھن ۾ گھوڙيسوار ۽ پيادل پوليس جون پگھارون ۽ بيا خرچ بہ شامل ھئا. جڏھن تہ ڍل ۽ محصول جو اگھھ ميرن واري زماني کان اڌ جيترو وصول ڪيو ويو ھو. ان کان سواءِ ڪو نئون محصول وغيره بہ ڪونہ مڙھيو ويو ھو. اھڙيءَ طرح سرڪاري خرچن کي وڌائڻ کان روڪيو ويو ھو.
پيداوار ھر سال انھيءَ ڪري وڌي رھي ھئي جو ھڪ طاقتور انتظامي جوڙجڪ موجود ھئي. جنھن ڪري ان ۾ وڌيڪ باقاعدگي ۽ وسعت ايندي رھي ھئي. انھيءَ سان گڏ تجارت ۽ زراعت بہ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رھي ھئي. ھر ڇھن مھينن کان خرچ ۾ گھٽتائي اچي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ابتدائي دور ۾ نئين انتظاميھ جي قيام لاءِ وڌيڪ خرچ ڪيو ويو ھو جيڪو مستقل ڪونہ ھو جنھن جو مثال بئرڪن ۽ قلعن جي مرمت ۽ تعمير ھئي. اھڙيءَ ريت واھن جي کوٽائي تي ايندڙ خرچ کي غير مستقل سمجھڻ گھرجي. ھن کان اڳ اھو ڪم ڪاردارن جي ذميواري ھوندي ھئي. ھنن ماڻھن پنھنجي مفاد خاطر اھڙو خرچ ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيو ھو. ھاڻي اھو کاتو ميجر اسڪاٽ جي حوالي ڪيو ويو آھي. جنھن ساري جوڙجڪ ڪري، ھن کاتي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ ھن سنڌ جي جنرل سروي ڪري، پاڻيءَ جي سطح معلوم ڪري ورتي آھي. جنھن ۾ خرچ ۽ وڏيءَ محنت جي ضرورت ھئي. سندس اختيار ڪيل طريقھ ڪار سائنٽفڪ ھو. ان کان پوءِ ڪاردارن جو اثر دخل ختم ٿي ويو ھو.
ھن نئين نظام مطابق زمين جي وسيع ايراضي آبادي ھيٺ اچي چڪي ھئي. جڏھن تہ خرچ تمام ٿورو آيو ھو. ھنن ٻنھي طريقين ڪري پيداوار گھڻي وڌي وئي ھئي. پر پاڻيءَ جي استعمال لاءِ سلوس گيٽ ھڻڻ ضروري ھو. پر انھيءَ کان اڳ سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطو رکڻ ضروري ھو. پوءِ اھو چاڙھھ جو پاڻي ھجي يا عام رواجي وھڪرو ھجي. ھن کان اڳ واري زماني ۾ اٿل جو پاڻي چوڏس ڀينگ ڪري ڇڏيندو ھو ۽ عام رواجي وھڪري جي پاڻيءَ کي بہ گھٽ ڪتب آندو ويندو ھو. جون ۽ جولاءِ ۾ سنڌوءَ ۾ پاڻي تمام گھڻو اچي ويندو آھي. پوکي بہ جام ٿيندي آھي پر ٿيندو ڇاھي تہ سنڌوءَ ۾ اوچتو ئي لاٿ اچي ويندي آھي ۽ ڪاھيل فصل پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سڪي سڙي ناس ٿي ويندا آھن ۽ ھارين نارين جو سارو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾ ھليو ويندو آھي. پر جيڪڏھن پاڻيءَ جي چاڙھھ جي ٻي لھر وقت تي پھچي ويندي آھي تہ فصلن جي بچڻ جو آسرو ٿي پوندو آھي ۽ فصل ڀلو لھندو آھي. درياھہ جو ٿورو پاڻي مس وڃي ڍنڍون ڍورا ڀريندو آھي جن ۾ رڳو پاڻي جا گاھھ ٿيندا آھن ۽ تپاولي شروع ٿيندي آھي، پر جيڪڏھن پاڻيءَ جي استعمال لاءِ سلوس گيٽ ڪتب آندا ويا تہ پاڻيءَ جي لاٿ ۽ چاڙھھ گھڻو نقصان ڪري ڪونہ سگھندو. ابتدا ۾ تہ ھتان جي اڻ پڙھيل ماڻھن اھو سجھيو ھو تہ سنڌوءَ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ معنى کين بک وگھي مارڻ آھي. ممبئيءَ واريءَ ڌر بہ ڳالھہ مان کڻي ڳالھوڙو بڻايو ھو ۽ چئي رھي ھئي تہ اھي بيوقوفيءَ جون ڳالھيون آھن جن ڪري ماڻھن اجائي واويلا جا ڪارا ڪڪر دور ٿي ويا ھئا ۽ جلد ئي ھتان جي مفتوح ماڻھن کي فتح جو فائدو ملي ويو.
فاتح ٿوري وقت اندر پاڻي جو ھڪ نئون نظام قائم ڪري ورتو ۽ ڏاڍو خوش ھو. ماڻھو بہ ان نظام کي سمجھي چڪا ھئا. پاڻي تي ضابطي ۽ عام استعمال ڪري سج جي گرميءَ ۾ گھٽتائي اچي ويندي ۽ گھم تي بہ ضابطو رکي سگھبو. ھن نئين آبپاشي نظام وسيلي سنڌ گھڻي آباد ٿي ويندي، وونئڻ، ڪمند، نير، ڪڻڪ ۽ ٻيا ننڍا وڏا فصل ٿي پوندا. اڳي واپاري قافلا قلات ۽ لس ٻيلي کان ٿيندا سون مياڻيءَ وٽ پھچندا ھئا جيڪو ڪراچي ڀرسان ھڪ سامونڊي بندر ھو، پر ھاڻي امن امان ٿي وڃڻ ڪري سيوھڻ کان ٿيندا ڪراچي پھچن ٿا، تنھن ڪري سر چارلس نيپئر ڏاڍو خوش آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن انصاف قائم ڪري ۽ محنت ڪري ھي تجارتي رستو آباد ڪري ڇڏيو آھي. اڳي سارو تجارتي سامان سون مياڻي وٽ لھندو چڙھندو ھو، تنھن ڪري سر چارلس ان بندر کي خريد ڪرڻ جو سوچيو ھو. پر جڏھن واپاري قافلا ڪراچي اچڻ لڳا تہ ھن سون مياڻي کي خريد ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ ان موضوع تي ھلندڙ ڳالھيون بہ ختم ڪري ڇڏيون ھيون. ان کان سواءِ سر چارلس سنڌ وسيلي آفيم جي اسمگلنگ روڪي، ممبئيءَ جي پيداوار کي وڌائي ڇڏيو ھو. تنھن ڪري کيس اھو چوڻ جو حق ھو تہ سنڌ جي فتح ممبئي سرڪار ۽ انگلينڊ لاءِ ڏاڍي فائديمند ثابت ٿي آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي بہ انھيءَ ڪري وڏو فائدو ٿي رھيو جو آفيم جي اسمگلنگ کي روڪيو ويو ھو. ان ڪري ڪمپني کي لکن بلڪ ڪروڙن جو فائدو ٿيو ھو. صحيح انگن اکرن جي يقين جوڳي معلومات ڪانہ آھي. تنھن ڪري حتمي طور ڪجهہ بہ چئي ڪونہ ٿو سگھجي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ پارليامينٽ ۾ جيڪي انگ اکر ٻڌايا وڃن ٿا، سي صحيح ڪونہ ھوندا آھن. اھڙيون ڳالھيون عوام کان پڻ لڪايون پيون وڃن. سنڌ جي فتح جي فقط ھن اڪيليءَ ڳالھہ کي ڏسجي تہ ڪمپنيءَ کي ڪيترن ئي ملين پائونڊ اسٽرلنگ جو ساليانو فائدو ٿي رھيو آھي.
اھڙين واضح ڳالھين ھوندي بہ ھروڀرو واويلا مچائي وئي ھئي تہ سنڌ ۾ گھڻو خرچ ٿي رھيو آھي. فوجين جي واپسيءَ جا انگ اکر بہ ٺولھي جو ڏيڍ ٻڌايو پيو وڃي. پارليامينٽ ۾ بہ جيڪي انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن، سي بہ ڪارا ڪوڙ آھن. ھنن سڀني ڳالھين جو مقصد سر چارلس نيپئر کي لوئڻ ڊوئڻ ۽ سندس محنت کي تڇ سمان سمجھڻ آھي. پارليامينٽ ۾ حد کان وڌيڪ فوج رکي آھي. پر حقيقت اھا آھي تہ ممبئي حڪومت حد کان وڌيڪ فوج رکي آھي. ليڪن پارليامينٽ ۾ ڪجهہ ٻيو ٻڌايو پيو وڃي. يعني ڳوٺ کائي ويا ڳيرا ڪارو نانءُ ڪانون جو. ھونءَ بہ سر چارلس جو لوڻ ڪڏڻو آھي ۽ جيڪو الزام ٻئي ڪنھن تي نہ ٺھندو آھي تہ سر چارلس تي سورھن آنا سچ ٿي ويندو آھي. انگلينڊ جي ماڻھن کي اھو ڪونہ پيو ٻڌايو وڃي تہ سر چارلس ۾ ڪھڙيون بھترين خوبيون آھن. جيڪڏھن ٻڌايو پيو وڃي تہ بلڪل گھٽائي. جيڪڏھن اصل حقيقتون ماڻھن جي سامھون اينديون تہ مٿس ھنيل الزام نسورو ڪوڙ ثابت ٿيندا ۽ انگلينڊ جا ماڻھو کيس عزت ڏيندا، پر کائنس نفرت ۽ چڙ جو اظھار ڪونہ ڪندا. ويتر ساڻس عقيدت جو اظھار ڪندا ۽ نيڪ جذبن جو اھڙو اظھار غير مشروط ھوندو. ڇاڪاڻ تہ ھن سنڌ ۾ قانون سازيءَ جي ھمت افزائي ڪئي ھئي ۽ ان کي تحفظ ڏنو ھو، جنھن جا نتيجا بہ ڏاڍا سٺا نڪتا ھئا ۽ اڃا بہ وڌيڪ سٺا نڪرن ھا. پر اوچتو ئي ڪڇيءَ جي جابلو علائقي ۽ پنجاب واريون جنگيون ڇڙي چڪيون ھيون، جنھن رڌي پڪي ۾ پاڻي وجھي ڳالھہ ئي الٽي ڪري ڇڏي ھئي. ھنن مان پھرين جنگ 1845ع جي منڍ ۾ جڏھن تہ ٻي جنگ 1846ع جي ابتدا ۾ شروع ٿي ھئي. ھنن ٻنھي جنگين سر چارلس ۽ سندس ماتحت فوجي عملدارن جي ساري محنت کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ماڻھن گھڙيال جي ڪانٽي وانگر رات ڏينھن ھلي ھلي، سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪيو ھو. ڪيترن مھينن تائين اھو سوچيو ويچاريو ويو ھو تہ سنڌ جي انتظاميھ جو جوڙجڪ ڪھڙي طريقي جو ھجي، پر ٽن سالن کان اھا ڪوشش ھلي رھي ھئي تہ ان انتظاميا کي ختم ڪھڙي طريقي سان ڪجي. ھاڻي تہ اھا سنڌ جي سول انتظاميا بلڪل مستقل ٿي چڪي آھي، جنھن جي قيام جي ابتدا سان مھامري پئي ۽ ڏڪار آيو ھو. ان کان سواءِ ممبئي واري ڌر بہ گھٽ ڪانہ ڪئي ۽ اختيار جا صاحب بہ مان مرجاتا وارا سڀ ليڪا لتاڙي چڪا ھئا.

باب تيرھون: ٽالپرن کي سنڌ جي حڪومت واپس ملڻ جو آسرو

مير شير محمد 1846ع جي اونھاري ۾ پنھنجو وڪيل سر چارلس ڏانھن موڪليو ھو تہ جيئن ھو سنڌ اچي سگھي. شايد ھو دربدر زندگي کان تنگ اچي چڪو ھو يا وري سمجھي رھيو ھو تہ انگريز سرڪار سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي واپس ڪري رھي آھي. پر سر چارلس اھو معاملو گورنر جنرل ڏانھن غور لاءِ موڪليو ھو. تنھن ڪري اھڙي ڳالھہ ٻولھھ ختم ٿي وئي. ھو پنجاب ۾ رھڻ لڳو ھو. سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽي ملڻ جو افواھھ ممبئيءَ واريءَ ڌر اڏايو ھو. ھن ڌر جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي لارڊ آشلي ڪئي ھئي. کيس ھن معاملي جي تہ ڪا خبر ئي ڪانہ ھئي. ھي اھڙو ماڻھو جن لاءِ نيپولين چيو آھي تہ ”اھي غلط کي صحيح سمجھڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي ويندا آھن ۽ ان لاءِ ھر قسم جي قرباني لاءِ تيار ٿي ويندا آھن. اھڙي ريت ھو گنديون ڳالھيون ڪري وڃي پار پوندا آھن“ سنڌ جا ٽالپر بہ مٿس اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ لڳا ھئا تہ ھو ضرور سندن ٻيڙو پار ڪندو. ممبئي جي ڌر بہ اھڙو اعلان ڪيو ھو تہ لارڊ آشلي گھربل ڪاغذ ميرن جي وڪيلن کي ڏئي ڇڏيا آھن ۽ جلد ئي سندن ڏوئي ڍڪڻ گيھھ ٿيڻ وارو آھي. تنھن ڪري قيدي ميرن کي سنڌ جي سرحد ڀرسان معزز مھمانن طور رکيو ويو ھو. ليڪن انھن ڪاغذن ۾ لکيل ھو تہ ائين ڪڏھن بہ ممڪن ڪونہ ھوندو. پر ممبئي واري ڌر ٽالپرن کي اھڙو ويساھھ ڏياري ڇڏيو ھو جو ھو يقين ڪرڻ لڳا ھئا تہ کين سنڌ جي حڪمراني اڄ يا سڀاڻي اجھو ملڻ واري آھي. پر اھو ٺلھو مڪر ماءُ وارو آسرو ھو. پوءِ اھا ڪوڙي ڳالھہ بہ ائين پکڙجي وئي جيئن عام افواھھ پکڙيا آھن. اھڙيون ڳالھيون ممبئي واري ڌر لاءِ فائدي واريون ھيون. ڇاڪاڻ تہ اھي بہ ھنن سان سر چارلس خلاف ھاءِ گھوڙا مچائڻ ۾ شريڪ ھئا.
اھڙن افواھن ڪري سنڌ ۾ ڄڻ ٿرٿلو پئجي ويو ھو. ٽالپرن جا ڪن کڙا ٿي ويا ھئا، اھو بہ چيو پئي ويو تہ ٽالپر ھاڻي ماٺ ڪري ڪونہ ويھندا ۽ پاڻ ۾ ملي ضرور ڪا نہ ڪا سازش ڪري وٺندا. ٻيا ٽالپر بہ ھنن سان ملي رھيا ھئا تہ ڪجهہ ٻارڻ ٻارجي، پر اھڙيون ڳالھين مان مقصد پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙو ھڻڻ ھو. اھي سندن اجايا اوٽار ھئا جن جو سارو نزلو وڃي سر چارلس نيپئر تي ڪرڻو ھو، جيڪو وري چڙھي کين ناس ڪري ڇڏيندو. ممبئي ڌر وارا ماڻھو ٽالپرن کي ڏٽا ڏئي رھيا ھئا ۽ کين سنڌ جي حڪمراني موٽائي ڏيڻ جا حامي ڪونہ ھئا. سنڌ جي عام ماڻھن جو تہ ھن قسم جي موضوع سان تر جيترو بہ واسطو ڪونہ ھو. پر سر چارلس ۾ سندن وڏو ويساھھ ھو ۽ اڳين ظالم حڪمرانن کان نفرت ڪندا ھئا. ھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تہ حاصل ڪيل آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي ويڙھھ ڪندا. اھڙن افواھن ڪري ھتان جا شاھوڪار ھندو بہ ڊڄي ويا ھئا ۽ پنھنجو پئسو ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو ھئائون ۽ پاڻ بہ پنھنجي ڪٽنبن سميت اوڏانھن لڏڻ لاءِ اوڪڙو ويٺا ھئا. واپار ۽ تجارت بہ بيھي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تہ ھن برادريءَ کي شڪ ۽ خوف لوڏي ڇڏيو ھو. افواھھ اڏائيندڙن جو مقصد بہ اھو ھو. اھڙن اطلاعن کي ڪوڙي ثابت ڪرڻ لاءِ سر چارلس اعلان بہ ڪيو ھو، پر ماڻھن تي ان جو اثر گھڻو ڪونہ ٿيو.
اھڙيون ڳالھيون اڻ سونھيون ۽ الوڻيون ھيون. تنھن ڪري سر چارلس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھي نہ رڳو سرڪار لاءِ نقصانڪار ھيون، بلڪ عام ماڻھن لاءِ بہ ھاڃيڪار ھيون. پر جيئن تہ انھن ڳالھين جو سڌو واسطو سان ھو، تنھن ڪري انھن کان سخت نفرت ڪري رھيو ھو. سندس چوڻ ھو تہ ”مان مٿن سوڀ حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو. منھنجي بہ خواھش آھي تہ سنڌ جي حڪومت ڀلي اڳي جيان ٽالپرن کي ملي. ڇڏ منڊي کي واري ۾. ھڪ سال اندر انگريزن جي فوج ڪڍو تہ سارو ملڪ کنا کيڙا ٿي ويندو. ھو ملڪ جو غريب مھاڏي ڏيڻ کان اڳ ئي ڪٽجي ڪڻا ٿي ويندو آھي. سنڌ جي غريب اڃا ھاڻي سک جو ساھھ کنيو ھو. رکي سکي مانيءَ جا ٻہ گرھھ بہ ھاڻي مس کين نصيب ٿيا ھئا. پگھارون بہ کين اڃا ھاڻي تہ ملڻ شروع ٿيون ھيون. شاھوڪار تي اڳئي شاھوڪار ھو، ھاڻي تہ ويتر شاھوڪار ٿي ويو آھي. کين پڪ آھي کانئن ڪيي ڪونہ ڦريندو لٽيندو. واپاري ماڻھن کي سرڪار جو تحفظ حاصل آھي. ڍل ۽ محصول بہ تمام گھٽ ورتو پيو وڃي. تنھن ڪري ھرڪو خوش آھي. اھڙي مڪمل امن امان لاءِ ويھھ ھزار فوج ۽ ٻيا رسد گاھھ جا ماڻھو آھن جيڪي پگھارون وٺندا آھن. سنڌ جي پيداوار جو ڪجهہ حصو ھنن تي خرچ ٿيندو آھي. ڀلي سنڌ ميرن جي حوالي ڪيو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھھ ھوندا. غريبن کي پورو تہ تمام گھڻو ملندو پر اجوري کان آڱوٺو ھوندو. انصاف جا وڻ وڍجي ويندا. ڌن وارن کان ڌن ڦرجي ڪنھن ٻئي خزاني ۾ جمع ٿيندو. جاگيرون بہ انھن کي ملنديون، جن مان ٽالپر حڪمران خوش ھوندو. جنھن لاءِ ڪنھن بہ قسم جو اصول ۽ قانون ڪونہ ھوندو. واپارين کي وري نپوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڍل ۽ محصول ڳاٽي ڀڳا ھوندا ۽ ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪرڻ اخلاقيات سمجھي ويندي.“
سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏني ٿي ڃي يا نہ ٿي ڏني وڃي، تنھن جي ڪل تہ ڪنھن کي بہ ڪانہ آھي، پر ھندستان جي حڪومت تہ تبديل ٿي چڪي آھي. لارڊ رپن وڃڻ وقت سر چارلس کي يقين ڏياريو ھو تہ جيڪو ڪجهہ ھن ڪيو آھي تنھن کي ھن منظور ڪري ڇڏيو آھي. ھن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تہ سر چارلس جيڪي تڪليفون ڪيون آھن ۽ جيڪا بہ محنت ڪئي ھئي، تنھن کي ھن تسليم ڪيو ھو ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو ھو. وڌيڪ اھو بہ چيو ھئائين تھ، ھن جيڪي عوامي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن سي تعريف جوڳيون آھن.“
ھي لفظ ان ماڻھوءَ جي واتان چيا ويا آھن، جنھن ھميشه سر چارلس جي دشمنن جي مدد ڪئي ھئي ۽ ھر گھڙيءَ انھن جي ھمت افزائي ڪئي ھئي ۽ سندس انھن ڪمن کي نديندو رھندو ھو، جن جي ھو ھاڻ ساراھھ ڪري رھيو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ لارڊ رپن پنھنجو ھر ڪم ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي حڪمن مطابق ڪندو رھيو ھو. سر چارلس سندس خط جو جواب ھن ريت لکيو آھي:
”مون کي اوھان جو خط مليو، جيڪو اوھان جولاءِ ۾ لکيو ھو. ان لاءِ مان اوھان جو شڪريو ادا ڪندي ڄڻ فخر محسوس ڪري رھيو آھيان. اوھان مون ڏانھن ھي خط لکي صحيح احساسن واري ماڻھوءَ کي، مايوسين جي اوڙاھھ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. توھان پنھنجي خانگي خط ۾ ڏاڍي رحمدليءَ جو اظھار ڪيو آھي، تنھن لاءِ اوھان جو احسانمند آھيان. پر اوھان جڏھن بورڊ آف ڪائونسل جا پريزيڊنٽ ھئا تھ، مان اوھان کي انصاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ھئي. پر اوھان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ھو. اوھان انھن مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آھي جن کي مان سنڌ ۾ منھن ڏئي رھيو آھيان. پر مان جيڪي سڀ کان وڌيڪ روحاني اذيت ڏٺي ۽ سٺي آھي سا تہ ڏني ئي اوھان آھي جنھن جو تعلق ميجر آئوٽرام سان آھي پر مان پنھنجي دل تي پٿر رکي توھان جي ھر حڪم کي اکين تي رکيو. اھڙو حڪم خاموش رھڻ جو ھو، جيڪو مون ڏانھن ۽ ميجر آئوٽرام ڏانھن لکيل ھو. مان تہ ماٺ رھيس، پر ان ميجر کي ھر ڳالھہ ڪرڻ جي ھشي مليل ھئي ۽ اوھان جي خاموش رھڻ ڪري،ھن کي سرڪاري اخبارن ۾ مون کي بدنام ڪرڻ ڄڻ تہ ٽيڪ ملي وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن ھڪ ڪتاب[1] ۾ مون کي گھڻو بدنام ڪيو ھو. مون کي سر ھينري ھارڊنج ٻڌايو آھي تہ توھان اڄ کان گھڻو اڳ اھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تہ سرڪار منھنجي ڪنھن بہ قسم جي مدد نہ ڪري.
”منھنجا سائين، مونکي ھيءَ گستاخي بہ معاف ڪندا تہ جيڪڏھن منھنجي سنڌ ۾ ھلت چلت مھاراڻي، پارليامينٽ، بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ اوھان جي مرضيءَ مطابق ھجي تہ ان کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسڻ گھرجي پر پوءِ بہ مون کي اوھان وٽان بي انصافي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ پلئھ ڪونہ پيوس.“
سر چارلس خط ۾ لارڊ رپن کي ڇنڊ تہ پٽي ھئي، پر کيس اھو بہ پتو پئجي ويو ھو تہ ھن جي بدليءَ ڪري سندس جاءِ تي ممبئي طرفان ڪو سول اعلى عملدار مقرر ڪيو پيو وڇي. ان کان سواءِ کيس ھيءَ معلومات پڻ ملي ھئي، تہ لارڊ رپن جي جڳھھ تي سر جان ھوڊ ھائوس گورنر جنرل مقرر ٿي آيو آھي. ھن کيس ترت معلومات ڏيڻ لاءِ ھڪ خط لکيو ھو. انھيءَ لاءِ جيئن ھن کي حقيقت کان آگاھھ ڪري سگھجي. تنھن ڪري ھن ڏانھس ھڪ يادداشت نامو موڪليو ھو. جيڪو ھن ڪم ڪار جي گھڻائي ھوندي بہ ٻہ ٽي ڪلاڪ ڪڍي لکي ورتو ھو. جنھن ۾ ھن پنھنجي حڪومت جو نقطئھ نظر پيش ڪيو ھو. سندس ھن ياداشت نامي مان سر چارلس جي ذھانت ۽ سوچ فڪر جو سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو.
”ماڻھن جي حالت:
سنڌ جا ماڻھو جھنگلي ۽ اڻ پڙھيل آھن. جھيڙاڪار بہ چوٽ جا آھن. سندس تعلق ھڪ معزز نسل سان آھي. پر ھيءَ ھڪ اھڙي قوم آھي جنھن کي قوميت جو ڪو احساس ڪونہ آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي قوم سڏي سگھجي ٿو تہ پوءِ ھي ماڻھو ضرور ھڪ قوم آھن. ھي ماڻھو مختلف قبيلن ۾ ورھايل آھن. جن مان ڪي قبيلا ڳوٺ ٻڌي ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. جڏھن تہ ڪجهہ قبيلا لاڏائو آھن. سندن ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ ۽ ماڻھن کي قتل ڪرڻ آھي. جيڪڏھن اھو ڪم سندن ڌنڌو آھي تہ اھي ماڻھو ان ڌنڌي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ڄاڻندا آھن. اھا ڳالھہ فقط ايتري ڪانہ آھي، ڇاڪاڻ تہ ٽالپر حڪمرانن وٽ ڪو قانون تہ موجود ڪونہ آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن مان ھر ڪو ڇڙواڳ آھي ۽ کين جيڪو وڻندو آھي، سو ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن ماڻھن جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن ھڻڻ وارن ڪمن ۾ ٽالپر پاڻ بہ شريڪ ھوندا ھئا. ھتي ڪجهہ اصول ضرور موجود ھئا، جيڪي ھڪ غلط تاثر جي پيداوار ھئا جن کي قانون سڏڻ ڄڻ قانون کي گار ڏيڻ ھو. اھڙيءَ ريت اھو قانون بلوچن، سنڌين ۽ ھندن لاءِ الڳ الڳ ھوندو ھو. ھنن ٽنھي سماجن مان بلوچ مسلمان آھن. فتح تائين اھي ماڻھو سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ھئا. باقي ٻن سماجن جا ماڻھو سندن غلام ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو سنڌين کي نيچ سمجھندا ھئا جيڪي سندن غلام ھئا. اھا بلوچن جي مرضي ھوندي ھئي تہ سنڌين کي جيئرو رھڻ ڏين يا قتل ڪري ڇڏن ۽ بلوچ پنھنجي ھن طاقت کي ڏاڍيءَ سخاوت سان ڪتب آڻيندا ھئا. حقيقت اھا آھي تہ ھتي انڌير ننگري ۽ چرٻٽ راجا ھو. ھر قبيلي کي بچاءَ ڪرڻ جو ھڪ نرالو طريقو ھوندو ھو. جنھن جو ھيٺ بيان ڪجي ٿو:
مثال طور ”الف“ نالي ھڪ قبيلو آھي جيڪو بک کان ڇتو ٿي، ”ب“ نالي ھڪ قبيلي کي ڦري لٽي ناس ڪري ويو. پر مختلف حالتن مطابق ماٺ رھيو. ليڪن مناسب موقعو آيو تہ قبيلي ”ب“ وڃي قبيلي ”الف“ کي چيو تہ تون اسان کي ڦري لٽي تباھہ ڪري ڇڏيو، اھو ڏوھھ اسان توکي ھن شرط سان معاف ڪنداسون تہ تون اسان جي مدد ڪر تہ گڏجي قبيلي ”ث“ کي ڦريون لٽيون. اھڙيءَ ريت ٽئين قبيلي کي ڦرڻ لاءِ انھن (ٻن) دشمن قبيلن ۾ ٺاھھ ٿي ويندو آھي. ان کانسواءِ ھي قبيلا زبردستي قرض کڻندا ھئا. يعني ھو تلوار کڻي وڃي ھڪ ھندوءَ مٿان بيھندا ھئا تہ ھيترا يا ھيتر ھزار قرض ڏي، نہ تہ قتل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن قبيلائي ڦرلٽ دوران ڪو تجارتي قافلو گذرندو تہ ان جا مسافر جيڪڏھن قضا سان قتل ٿيڻ کان بچي ويا تہ کين ڪير ڦرلٽ کان بچائي ڪونہ سگھندو آھي. ڪي قبيلا قافلن کان راھداري جو ڀتو وصول ڪندا آھن ۽ جيڪو قافلو اھڙو ڀتو ادا نہ ڪندو آھي تہ سلامتيءَ سان گذري ڪونہ سگھندو آھي. جن علائقن ۾ قافلا ڀتي جي ادائگي ڪندا آھن تہ اتي جا رھندڙ ڪنھن بہ شيءِ جا محتاج ڪونہ ھوندا آھن. ھنن قبيلن جو وڏي ۾ وڏو سردار بہ ھڪ تڏي جي ڇانو ۾ آرام سان ستو پيو ھوندو آھي. جيڪي وڻن مان ڪپيل اڻ گھڙئي ڪاٺ جي آڌار تي رکيل ھوندا آھن. اھا بہ حقيقت آھي تہ دولتمند ھندن کي شھرن ۾ گھر ھوندا آھن. جيڪي ڪچا ۽ ڏسڻ ۾ بہ نہ جھڙا ۽ بي ڊولا ھوندا آھن. اھي صرف ڏيکارڻ لاءِ ھوندا آھن تہ جيئن اھي ھندو غريب لڳن. ڇاڪاڻ تہ ٽالپر حڪمران شاھوڪار ھندن کان تلوار جي زور تي قرض وٺندا آھن. جيڪو وري موٽائي ڪونہ ڏيندا آھن. اسان لاءِ اھو طريقو بہ ڌاڙي ۾ شمار ٿيندو آھي، پر ھتان جي ٽالپرن لاءِ ھڪ عام رواجي ڳالھہ آھي. زبردستيءَ ورتو ويندڙ قرض کڻي ڪيترو بہ وڏو ھجي پر ھندوءَ کي ٻڙڪ بہ ٻاھر ڪڍڻي ڪانہ آھي ۽ نہ وري اھڙن ڌاڙيل قبيلن لاءِ ڪنھن کي ڪجهہ چوڻو آھي. ھتي ھڪ قبيلو ٻئي مان شادي ڪري ڪونہ سگھندو آھي، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن نسل خالص رھي.
جيتري قدر قتل جو سوال آھي تہ ان لاءِ ڪوبہ قانون ڪونہ آھي. جنھن تي سوچي سمجھي ۽ پابنديءَ سان عمل بہ ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڪ قبيلي جو مرد ٻئي قبيلي جي عورت سان ڏاڍائي ڪري ٿو تہ ٻنھي کي ڪارو سمجھي قتل ڪيو ويندو آھي. ان کان پوءِ انھن ٻنھي قبيلن ۾ دشمني پيدا ٿي پوندي آھي ۽ ٺاھھ ٿيڻ تائين ٻنھي قبيلن جا ڪيترا ئي ماڻھو قتل ٿي چڪا ھوندا آھن.
جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جي مرد ”ب“ قبيلي جي عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي، جنھن دوران عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آھي پر مرد بچي ويو آھي. ان کان پوءِ ٻنھي قبيلن ۾ جھيڙي جي ابتدا ٿي ويندي آھي. ان قبيلي جي ماڻھوءَ جي جرم ڪري عورت قتل ٿي وئي آھي. پر جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جو ڪوبہ ماڻھو ”ب“ قبيلي وارن قتل ڪري ڇڏيو تہ ٻنھي قبيلن ۾ ٺاھ ٿي سگھي ٿو.
جيڪڏھن ڏوھي قبيلي جو ڪوبہ ماڻھو ھن قسم جي دشمنيءَ ۾ قتل ٿي ويندو آھي، ان جي ڪٽنب جا ماڻھو ڪنھن قسم جو اعتراض نہ ڪندا آھن، تہ پوءِ اھو ماڻھو ان جرم جو ڏوھي ھجي يا نہ ھجي ۽ اھڙيءَ ڳالھہ کي انصاف سمجھيو ويندو آھي. پر قاتل کي ڳجھيءَ ريت تاڙ ۾ رکيو ويندو آھي. پوءِ ان ماڻھو يا ان جي ڪٽنب جي ڪنھن ماڻھوءَ کي پلاند ۾ قتل ڪيو ويندو آھي ۽ جيستائين ٻنھي قبيلن ۾ قتل ٿيل ماڻھن جو تعداد ھڪ جيترو نہ ٿيندو آھي تہ اھڙيون ڪارروايون ورھين تائين جاري رھنديون آھن. اھڙيون قبيلائي دشمنيون ھر الزام کان آزاد ھونديون آھن ۽ جيڪڏھن ماڻھو مخالف ڌر جو پلاند ۾ قتل نہ ڪندو آھي تہ ان کي بي غيرت سمجھيو ويندو آھي. اھڙيون دشمنيون ڪيترين پيڙھين تائين ھلنديون رھنديون آھن. دشمني جو اھڙو مثال برفت نومڙين ۽ چولا نومرين جي وچ ۾ پيدا ٿيو ھو. پھرين ذات وارا انگريز سرڪار جي رعيت آھن. جڏھن تہ ٻي ذات، انگريز سرڪاري جي پاڙيسري آھي. کين خبر ھئي تہ مان کين وڙھڻ ڪونہ ڏيندس. تنھن ڪري ھنن ٻنھي ڌرين مون کي امين بڻايو ھو. حقيقت اھا آھي تہ ھي ٻئي ڌريون ھڪ نسل سان واسطو رکن ٿا. پر اٽڪل ھڪ صدي اڳ ھو ھڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيا آھن. سندن دشمني ان دور کان وٺي لڳاتار ھلندي پئي اچي. مان سندن ٺاھھ ڪرايو. ٻنھي ڌرين منھجي روبرو ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ کير کنڊ ٿي ويا. فيصلي مطابق چولا نومبڙين اڳتي وٺي برفت قبيلي جي سردار کي وڃي ڀاڪر پاتو جيڪو ٻنھي قبيلن جو سردار ھو. مان ٺاھھ ڪرائڻ مھل کين چيو ھو تہ ”منھنجي تلوار ھنن جي تلوارن کان وڌيڪ تيز آھي تنھن ڪري جيڪو حڪم مان ڪريان ٿو تنھن تي ضرور عمل ڪيو وڃي.“ جڏھن ھن قسم جا فيصلا ٿيندا آھن تہ قاتل ڌر جو مجرم مقتول ڌر جي ان ماڻھو کي ڀيڻ يا ڌيءُ جو سڱ ڏيندو آھي، جيڪو مقتول جو ويجھو مائٽ ھوندو آھي. مون کي اھا خبر ھئي تہ مقتول جي ڌيءُ قاتل کي ڏني وئي ھئي. ھتان جي ڇوڪريءَ لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ڪانہ ھوندي آھي پر اسان جي معاشري لاءِ اھا منفرد ڳالھہ آھي.
اھڙيءَ دشمني جي شروع ٿيڻ سان مقتولن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو آھي. جيستائين ٻنھي ڌرين جي مقتولن جو تعداد ھڪ جيترو نہ ٿيندو آھي تيستائين ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھھ ٿي ڪونہ سگھندو آھي، پر ڪڏھن مقتولن جي حساب ڪتاب ۾ سنمک ٿيڻ کان پوءِ بہ صلح ٿي ڪونہ سگھندو آھي. ھن قسم جي حساب ڪتاب ۾ انھن زخمن کي شمار ڪيو ڪونہ ويندو آھي، جو گھايل ماڻھو مرندو ڪونہ آھي. قتل جي معنى آھي مقابلي ۾ دشمن کي اڦٽ مارڻ. اسان ۾ بہ مقابلي ۾ مارڻ جي روايت آھي، جنھن کي قانوني تحفظ حاصل آھي. ٻنھي رواجن ۾ ڪنھن خاص قسم جو فرق بہ ڪونہ آھي. ٽالپرن جي زماني ڪنھن بہ قسم جو قانون ڪونہ ھو، نہ وري ڪو ٻيو تحفظ ھو. تنھن ڪري ڌاڙن ۽ قتلن کي اھڙي قسم جي قانون سان تحفظ ڏئي ڪونہ ٿو سگھجي.
چوريءَ چڪاريءَ جو ھتي نالو بہ موجود ڪونہ آھي. پر وڏن شھرن ۾ اھڙي ھٿ ڇوھائي موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي. فوجي ڇانوڻيءَ ۾ چوريءَ جا ھلڪا سلڪا واقعا ٿيندا آھن. اھڙا ڏوھھ ممبئي جي ھيٺيئن طبقي جا ماڻھو ڪندا آھن، جيڪي فوج ۾ شامل آھن.
ھن نسل جي ماڻھن ۾ مٿي بيان ڪيل قسم جي تقسيم آھي جنھن ڪري اھو اڃا تائين ھڪ قوم بڻجي ڪونہ سگھيا آھن. ھنن قبائلي جو اڳين حڪمرانن سان بہ ڪو اصلي لاڳاپو ڪونہ ھو. مان ھتي آيو ھوس سڀ کريون خبرون پئجي چڪيون ھيون. فتح کان پوءِ مان سڀني جاگيردارن کي اھي جاگيرون واپس ڪيون جيڪي وٽن مياڻيءَ واري جنگ کان اڳ ھيون ۽ انھن جاگيرن تي سندن مستقل حق تسليم ڪيو ويو جيڪو ٽالپر دور ۾ کين مليل ڪونہ ھو. ان کان سواءِ مٿئين طبقي جي ماڻھن کي بہ اھڙا حق ڏنا ويا، جيڪي ميرن جي زماني ۾ کين مليل ڪونہ ھئا. مان مختلف ڪليڪٽرن کان اھڙي معلومات حاصل ڪندو رھندو آھيان تہ انھن جاگيردارن ۽ مٿين طبقي جي ماڻھن انگريز سرڪار لاءِ ڪھڙو نقطئھ نظر آھي. خاص ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن کان بہ اھڙو حال احوال پڇندو آھيان. ھي ھڪ ذھين انگريز عملدار آھي.
حڪومت جو طريقو:
ھن قسم جي سرڪش ماڻھن مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ حڪومت جو طريقو ھي آھي تہ مان مٿئين طبقي جي ماڻھن کي پنھنجون اصلي جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن. انھن مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ جاگير وٺڻ کان انڪار بہ ڪونہ ڪيو ھو. ھي حڪمت عملي انھيءَ لاءِ اختيار ڪئي وئي آھي تہ جيئنءَ سندن اعتماد حاصل ڪري سگھجي. منھنجو ٻيو مقصد اھو ھو تہ ھتان جي اصلي رھاڪن سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي ھندن کي بہ ڪجهہ اختيار ملڻ گھرجن. جيڪي ٽالپرن جا غلام ۽ رعيتي رھيا آھن. ھنن ماڻھن کي غلام تہ ڪونہ سڏيو ويندو آھي پر ھنن ماڻھن جا حال غلامن جھڙا آھن. ٽالپرن وٽ آفريڪا جا شيدي غلام ھئا. ھندستان سرڪار انھن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو، جيڪو ٽالپرن لاءِ پھريون ڪاپاري ڌڪ ھو. ان کانپوءِ ٻيو قدم اھو کنيو ويو ھو تہ غريب ماڻھن جو انگريز عملدارن ٽالپرن ۽ بلوچن خلاف ھر قسم جون شڪايتون ٻڌيون وڃن. ھنن قدمن کڻڻ ڪري اھو يقين ويھي ويو ھو تہ انگريز سرڪار ھر صورت ۾ غريبن کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪندي. اھڙيءَ طرح ٽيون قدم ھي کنيو ويو ھو تہ سردارن طرفان موت جي يا ٻي سزا ڏيڻ جا سڀ اختيار کسيا ويا ھئا ماڻھن کي مشورو ڏنو ويو ھو تہ ھو ھر ڪنھن بہ مجرم خلاف انگريز مئجسٽريٽ وٽ پڪارن، جيڪو انصاف ڪندو. ھي اھڙو قدم ھو جنھن وسيلي ھڪ سردار جي عزت ۽ وقار عام ماڻھوءَ جي نظر ۾ گھٽجي ويو ھو، چوٿون قدم اھو کنيو ويو ھو تہ چنگي محصول جي پراڻي ھندستاني طريقي کي ختم ڪيو ويو ھو. محنت کي وڪري لاءِ بازار ۾ آندو ھو. انھيءَ ڪري اجوري ۾ واڌ اچي وئي ھئي ۽ جا ڏھاڙي ٽي کان چار پينس ٿي وئي ھئي، نہ تہ ھن کان اڳ جبري پورھيو ھوندو ھو. جنھن جو معاوضو ڪونہ ڏنو ويندو ھو يا نالي ماتر اجورو ڏنو ويندو ھو. ھن جي ٻين نہ پر خود انگريزن مخالفت ڪئي ھئي. ھيءَ ڳالھہ ٻڌائيندي اچرج بہ ٿئي ٿو تہ ان قانون کي نافذ ڪرڻ ۾ اڃا تائين مڪمل سوڀارو نہ ٿيو آھيان. مان اھو بہ ٻڌو آھي تہ ھندستان جي ڪيترن علائقن ۾ محنت تي اڃا بہ محصول مڙھيو پيو وڃي. مون کي شخصي طور اھا خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ھتي ويچاري پورھيت سان ايترو ڏاڍ ڏمر ٿي رھيو آھي. اھا ڳالھہ ٻڌي مون کي ويساھھ ئي ڪونہ پئي آيو. مان ھي سٺو قدم کڻي غريبن جي حالت سڌارڻ ۽ سندن احساسن اتساھن کي آڏ ۽ آڌر ڏني آھي. تنھن ڪري مون کي پڪ آھي تہ انگريز سرڪار سنڌ وري ٽالپرن حوالي ڪانہ ڪندي. جيڪڏھن کين سنڌ حوالي ڪئي وئي تہ ڇھن مھينن اندر رڌي پڪي ۾ پاڻي پئجي ويندو ۽ ساري ڌرتي رتو ڇاڻ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي.
مان سردارن کان سواءِ عام ماڻھن کي ھٿيار کڻي ھلڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي. منھنجو ھي حڪم بہ ائين تسليم ڪيو ويو ھو جيئن ٻيا اھڙا حڪم مڃيا ويا ھئا، جيڪي سردارن جي عزت ۽ احترام لاءِ منفي ھئا. جيڪڏھن مان ساڳي پابندي سردارن تي ھڻان ھا تہ سڀئي سردار مڙي مٺ ٿي وڃن ھا ۽ سڀئي ويڇا وساري منھنجي خلاف ناراضگيءَ جو اظھار ڪن ھا. پر مان لاٽ ڪوٽ کي ھٿيار کڻي گھمڻ کان منع ڪري رڳو سردارن کي موڪلي ڏني آھي. تنھن ڪري ھي ھمراھھ ھوا ۾ اڏامڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ ڪنھن کي پاڻ جھڙو تہ سمجھن ئي ڪونہ ٿا. جيڪڏھن سردارن جي نوڪرن چاڪرن کي ھٿيارن پائڻ جي منع ڪئي وئي آھي تہ کين اھڙو احساس ڪونہ ٿيندو. پر جڏھن سردار کين ڪاوڙ ڏياريندا تہ انھن ھٿيارن جي عدم موجودگيءَ جو ضرور احساس ٿيندو ۽ جيڪڏھن انھن کي ڪاوڙ ايندي تہ انھن ھٿيارن کي پنھنجي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا. اھڙيءَ ريت منجھن سڀني حڪمن کي دل سان تسليم ڪيو ويو ھو. ھن کان اڳ سنڌي مسلمان ۽ ھندوءَ کي ھٿيار ٻڌي ھلڻ جي موڪل ڪانہ ھوندي ھئي. ھاڻي جڏھن بلوچ بہ بنا ھٿيارن گھمڻ لڳا تہ ھنن جي اھميت وڌي وئي ھئي. اھو ڏسي کين ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي تہ ھاڻي ظالم ماڻھو بہ ھنن وانگي بي ھٿيار ٿي ويا آھن. جيڪي اڳي مٿن ڪيس ۽ قھر ڪندا ھئا. يعني ھاڻي بلوچن کي ٽنگن کان جھلي ھيٺ آندو ويو آھي. جڏھن تہ سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي مٿي ڇڪيو ويو آھي ۽ سندن عزت افزائي ڪئي وئي آھي. ھاڻي بلوچ مٿن خنجر اولاري کين ڊيڄاري نہ سگھندا. اڳي تہ ٿوري گھڻي ڳالھہ تان تلوار جي مٺيئي ۾ کڻي ھٿ وجھندا ھئا ۽ وار ڪندي بہ دير ڪونہ ڪندا ھئا. کين آڪڙ ۽ وڏائي بہ ايڏي ھوندي ھئي جو سندن پير ڌرتيءَ تي تہ ڄڻ کپندو ئي ڪون ھو. ھاڻي لاوا لسا سڀ ھڪ جھڙا آھن. سنڌي بہ ايترو معزز ۽ شريف آھي جيترو بلوچ رئيس آھي، پر سنڌين کي اڃا بہ غلاميءَ جو احساس آھي ۽ اھو ڏاڍ جي ڊگھي دور جو نتيجو آھي. آزاديءَ کان پوءِ غلاميءَ جو احساس جلدي ۾ ختم ٿي ڪونہ سگھندو آھي، پر غلامي جي احساس جو مٿن اڃان بہ غلبو رھندو. ڇاڪاڻ تہ ڪن اياڻين اخبارن وٺي اجايا افواھھ اڏايا آھن تہ انگريز سرڪار سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏئي رھي آھي. اھڙيون خبرون ٻڌي ويچارن سنڌين جا تہ ڇيھھ ئي ڇڄي پيا آھن.
اڳئين ڪرسمس جي موقعي تي قيدي ٽالپرن وٽان خط پھتو ھو جنھن ۾ ھنن لکيو ھو تہ ھنن ڏانھن لارڊ آشلي خط ۾ ھي احوال موڪليو آھي تھ، کين سنڌ جي سرحد ڀرسان معزز شھرين وانگي رکيو ويندو. پر مون کي اھا خبر ڪانہ آھي تہ ھن قسم جي خط ۾ ڪھڙي قسم جو راز رکيل آھي. باقي ھن خط جو ٻڌي ھندو ھپاڻجي ويا آھن ۽ ڊڄ کان پنھنجا پئسا ڏوڪڙ مسقط ۽ ممبئيءَ ڏانھن موڪلي رھيا آھن ۽ سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ واٽون نھاري رھيا آھن. اھڙو پھريون اطلاع وڏي رتبي واري ھڪ ٽالپر بہ موڪليو آھي، جيڪو قيدي ميرن سان گڏ آخري وقت تائين اسان سان وڙھندو رھيو ھو. مان بہ کيس پنھنجي خاندان سان ڏاڍو وفادار ڏسي، کيس پنھنجي اصل جاگير بہ موٽائي ڏني ھئي. ھيءُ اھو ماڻھو آھي جنھن اسان کي مياڻيءَ ۾ مڙسي سان مھاڏو ڏنو ھو. دٻي واري جنگ ۾ دليريءَ سان وڙھيو. ٿر ۾ بہ جڏھن ٻنھي ڌرين ۾ پاڻي ٿيو تہ ھن پنھنجي جوش ۽ جرئت جا جوھر ڏيکاريا ھئا، پر جڏھن شير محمد سنڌ ڇڏي ھليو ويو تہ ھي منھنجي پيرن ۾ پنھنجي تلوار رکي پيش پيو ھو. ھيءُ ھڪ ذھين انسان آھي. ھي اٿڻ ويھڻ ۽ ھلت چلت ۾ ڄڻ تہ انگريز ٿي ويو آھي. ڏسڻ ۾ بہ مھذب نظر اچي ٿو، زمين کي سڌارڻ ۾ لڳو پيو آھي. سندس چوڻ آھي تہ ھو تباھہ ٿي چڪو ھو ۽ ھن سان گڏ ٻيا ماڻھو بہ تباھہ ٿي چڪا ھئا. اھا ھڪ حقيقت آھي. جيڪڏھن قيدي مير ھتي آيا تہ اسان انھن سان گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪنداسون. موٽ ۾ انگريز اسان کي تباھہ ڪري ڇڏيندا. خدا جي واسطي اوھان پنھنجي حڪومت کي ٻڌايو تہ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏين. اسان ڏاڍو خوش آھيون ۽ سکيا ستابا ٿي ويا آھيون. جيڪڏھن اوھان ٻين ٽالپرن کي اسان سان ملڻ جي موڪل ڏني تہ گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ٿيندي. اھي مير اسان جا سردار آھن. انھن کي سنڌ جي سرحد وٽ رھائڻ سٺو ڪونہ آھي.
جيڪڏھن سچ ۾ مير سنڌ آيا تہ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي. اھو رت عام ماڻھن جو نہ پر سردارن جو ھوندو، جيڪي پنھنجي خاندان جي اڳئين عزت کي ڏسي گھڻو متاثر ٿيندا. ھن مير جي لکيل خط مطابق تہ ٽالپر تباھہ ٿي ويندا. سندس خط مان لڳي رھيو ھو تہ ھو ڏاڍو جذباتي آھي. ھن وڌيڪ لکيو ھو تہ پھرئين ڀيري سر چارلس کيس بھادر سمجھي وڏي عزت ڏني ھئي ۽ سمجھيو ھئائين تہ مان بہ ھڪ وفادار فوجي آھيان ۽ ڏکي وقت ۾ سندن تمام گھڻي مدد ڪري سگھان ٿو. ان کان پوءِ ھن مون کي نہ رڳو پنھنجي اصلي جاگير، پر ان کان بہ وڌيڪ ايراضي ڏني. پر جڏھن مان ھاڻي ھن جي خلاف جنگ ڪندس تہ مون کي غدار سمجھيو ويندو ۽ مون کان ساري جاگير کسي ويندي. ان کان پوءِ مان کيس پنھنجي جاگير موٽائي ڏيڻ لاءِ عرض بہ ڪري ڪونہ سگھندس.“ ھن اھڙيون ڳالھيون ڪئپٽن رٿبورن سان بہ ڪيون ھيون. ھي ٽالپر سردار ڏاڍو جذباتي پئي لڳو. ھن جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀريو ۽ چيائين تہ ”اوھان انگريز ڏاڍا قديم انسان آھيو. اوھان سنڌ فتح ڪئي. اسان سان بہ سٺو برتاءُ ڪيو ۽ سنڌ سٺائيءَ سان ائين ڀريل آھي، جيئن ھي گلاس پاڻي سان ٽمٽار. پر اوھان اھو پاڻي پيئڻ بدران ھينءَ ھيٺ ھاري رھيا آھيو، ائين چئي ھن گلاس وارو پاڻي ھيٺ ھاري ڇڏيو. سندس اشارو ميرن جي واپس اچڻ ڏانھن ھو.
ھٿيار پائي ھلڻ کان منع سبب ماڻھن ۾ شرافت اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري قتل بہ گھٽجي ويا جيڪي اوچتيءَ ڪاوڙ ڪري ٿي پوندا ھئا. گرم موسم ۾ اھڙا واقعا گھڻا ٿيندا ھئا.
ڍل محصول جي وصوليءَ جو طريقو:
مان سنڌ کي وڏن ٽن ضلعن ۾ ورھايو آھي جن تي ٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. سندن سھائتا لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيو ماتحت عملو آھي. اھي عملدار انگريز آھن، ھي مئجسٽريٽ طور بہ ڪم ڪري رھيا آھن. پر سزا ڏيڻ لاءِ کين محدود اختيار ڏنا ويا آھن. ڍل محصول جي وصولي لاءِ وٽن اھو ساڳيو عملو آھي جيڪو ٽالپر دور ۾ ڪم ڪندو ھو. اخلاقي مجرمن کي سزا بہ اھو ھيٺيون عملو ڏيندو آھي. ٽالپر حڪمران سزا ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪڏھن بہ دخل اندازي ڪونہ ڪندا ھئا. ليڪن ھنن جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏو مجرم اھو ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو سندن حڪم نہ مڃيندو ھو. اھڙن حڪمن جا مقصد فقط ٻہ ھئا ھڪ دولت گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو زنا ڪاري. پوئين قسم جي ڏاڍ جو شڪار ماڻھن جو ھڪ خاص طبقو ھوندو ھو. پھرئين ڏاڍ، ڪيس ۽ قھر جا درواز کولي ڇڏيا ھئا. بي انصافي ۽ اذيتن ساري ملڪ کي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي ڏاڍ ڏمر لاءِ ڪاردارن جا رسا نڪتل ھوندا ھئا. ھر ڳوٺ جو الڳ ڪاردار ھوندو ھو. جنھن جو ڪم ڍل محصول اوڳاڙڻ ھو، جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس بہ ھوندو ھو. ٻين عملدارن کي ’ان بردار‘ سڏيو ويندو ھو جن جو منصبي فرض حڪمرانن جي حصي جو اناج سنڀالڻ ھوندو ھو. ھو ’ڪاردار‘ ۽ ’ان بردار‘ وٽ ڌار ڌار عملو ھوندو ھو. جيڪو سندن حڪمن جي پوئواري ڪندو ھو. اھڙا حڪم ڪھڙا ھئا، تنھن جو سارو دارومدار ڪاردار جي شخصيت تي ھوندو ھو. جن مان عام طور ھي حقيقتون ظاھر ٿينديون ھيون: جڏھن اناج جو اگھھ چوٽ تي چڙھيل ھوندو ھو تہ ٽالپر کين حڪم ڪندا ھئا تہ ھنن جو اناج بازار واري اگھھ کان سھانگو وڪرو ڪيو وڃي. ڪاردار ۽ ان بردار اھي ساڳيا حڪم وري پنھنجي ماتحت عملي کي ڏيندا ھئا. کين اھو بہ حڪم ھوندو ھو تہ اھي پئسا وٺي، بنا دير سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن. ڪاردار ساري علائقي جي دولتمند واپارين کي سڏي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪندا ھئا. کين چيو ويندو ھو تہ ٽالپرن جو اناج بازار جي اگھھ کان مھانگو خريد ڪن ۽ پئسا بہ اک ڇنڀ ۾ ادا ڪيا وڃن. واپارين کي ھن اناج جي خريديءَ مان ڪنھن بہ قسم جو فائدو ڪونہ ھوندو ھو. جيڪڏھن ڪو واپاري اھڙي مھانگي اناج کي خريدڻ کان انڪار ڪندو ھو تہ کيس ڪام ۾ ابتو ٽنگيو ويندو ھو. ان کان پوءِ لوھھ جي سيخ گرم ڪري سندس سٿرن جي وچ تي رکي ويندي ھئي. ٽالپرن جي محصول گڏ ڪرڻ جو طريقو اھو ھو. ساڳيءَ ريت زميندارن کي مھانگو اناج ڏنو ويندو ھو. جيڪي وري ورھائي رعيتي (سنڌي) ملاحن ۽ پورھيتن کي ڏيندا ھئا. ھي ماڻھو مسڪين ۽ ڪنگال ھوندا ھئا. جيڪي لس لنگھڻ تي ويٺا ھوندا ھئا. جيڪڏھن اھي ماڻھو مذڪوره مھانگي اناج کي وٺڻ کان انڪار ڪندا ھئا تہ اھي بہ لوھھ جي گرم سيخن جي ڏنڀن کان بچي ڪونہ سگھندا ھئا. اھو مھانگو اناج ڪاردارن کي بہ ڏنو ويندو ھو. جيڪي پاڻ ڪڇي ڪونہ سگھندا ھئا، پر وٽن اھڙا موقعا ضرور ھئا جو اھي پنھنجي ڀڀ ڀرڻ لاءِ بہ جبري وصولي ڪندا ھئا. مان انھن ڪاردارن ۽ ان بردارن کي مئجسٽريٽن جي عملي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. جن جو ڪم انھن ماڻھن جي نالن جون فھرستون جوڙڻ آھي. جيڪي فتح جي فائدي ۾ آھن. ھي ماڻھو ابتدائي دور ۾ انگريز عملدارن کي ڦري وٺندا ھئا. جن کي ھتان جي محصول جي وصوليءَ جي طريقي جي خبر ڪانہ ھوندي ھئي. ھاڻي تہ ڪليڪٽر سندن ساري ڪم کي سمجھي ويا آھن. ھي ماڻھو فوجي طريقي سان اٿندا ويھندا آھن. کين ماڻھن کي سمجھڻ جو وسيع تجربو بہ آھي. تنھن ڪري ھنن اھڙي ڪم کي منظم طريقي سان ھلائڻ شروع ڪيو آھي. ماڻھو محنتي آھن. سندن ڪوشش ڪري پيداوار ۾ حيرت انگيز اضافو ٿيو آھي. ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڊائري لکندا آھن. جيڪي ھفتيوار مون ڏانھن موڪليون وينديون آھن. تنھن ڪري مون کي پتو پئجي ويندو آھي تہ ھر ضلعي ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. اھي ڊائريون حڪومت جو سيڪريٽر ڪئپٽن برائون مون کي پڙھي ٻڌائيندو آھي، جيڪو ڏاڍو ذھين انسان آھي. مان ھن وٽان گھڻيون ڳالھيون سکيون آھن. تنھن ڪري ھي ماڻھو منھنجو ماتحت نہ پر ھڪ مددگار دوست آھي.
پوليس:
ھي ماڻھو انھيءَ مقصد سان رکيا ويا آھن تہ جيئن ملڪ جو امن امان قائم ڪري سگھجي. ٻيو مقصد اھو بہ آھي تہ جيئن فوج کي منفرد حيثيت ملڻ گھرجي. جيڪڏھن فوج کان پوليس وارو ڪم وٺبو تہ عام ماڻھن سان رلي ملي ويندي. انھيءَ اسان جي طاقت جو خوف ماڻھن جي دلين مان نڪري ويندو. انھيءَ مقصد سان مان ٻہ ھزار چار سو پوليس وارا مقرر ڪا آھن. جيڪي ھٿياربند آھن. کين ڊرل جي سکيا بہ ڏني وئي آھي. ھنن کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي. جن مان ھڪ حصو شھرن ۾ ڪم ڪندو. باقي ٻہ حصا ٻھراڙيءَ ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪندا. پھريون حصو پيادل ھوندو. باقي رھندڙ ٻن حصن جي پوليس پيادل بہ ھوندي ۽ گھوڙيسوار بہ ھوندي. ھنن کي ٻھراڙيءَ جي پوليس سڏيو ويندو. اھي ڪم تہ ڪليڪٽر جي چوڻ مطابق ڪندا.، پر سندن اعلى عملدار جدا ھوندو. اھڙي ريت پوليس کي ڪاردارن مٿان نظرداري ڪرڻ جو ڪم بہ سونپيو ويو آھي. جڏھن کين معلوم ٿيندو تہ ڪاردار ۽ ان بردار ڪنھن معاملي ۾ ٺڳي ڪري رھيا آھن تہ اھڙو اطلاع اسان کي ڏنو ويندو. پر جيڪڏھن پوليس وارا غلطي ڪندا تہ ڪاردار، ان بردار ۽ زميندار اسان کي ٻڌائيندا تہ اھي منصبي فرض کان لاپرواھھ ٿي ويا آھن. اھڙيءَ ريت اھي ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي تي نظر رکنديون آھن. اھي ٻئي کاتا غريبن جي واھر ڪندا آھن. پر ھنن کي انسان ذات سمجھي ھمدردي ڪانہ ڪندا آھن، پر کانئن نفرت ڪندا آھن. ھنن ٻنھي کاتن جي قيام جو مقصد سرڪار جي پيداوار وڌائڻ آھي. جڏھن تہ ھاڻي غريب ماڻھو ھنن ٻنھي کاتن جي عملدارن کي پنھنجو تحفظ سمجھندا آھن. جڏھن پوليس غريب رعيتي ماڻھوءَ لاءِ آزار بڻجي ويندي آھي تہ ھو وڃي ڪاردار وٽ دانھيندو آھي ۽ جڏھن رعيتي ماڻھو ڪاردار جي ظلم جو شڪار ٿيندا آھن، تہ پوليس وٽ شڪايت ڪندا آھن. اھي پوليس وارا ۽ ڪاردار سنڌ جي ڪليڪٽرن ۽ منھنجي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آھن. ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي مدد لاءِ سب ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. کين ايترا اختيار ڪونہ آھن جو پنھنجي ماتحت عملي جا معاملا نبيري سگھن. پر اھو انتظام ٿوري وقت لاءِ ڪيو ويو آھي. اسان وٽ ڪيترائي سياڻيا ۽ سچيت ماڻھو آھن جيڪي پنھنجا منصبي فرض ڏاڍي بھتر طريقي سان سرانجام ڪري سگھن ٿا. پوليس نہ رڳو چور جھلڻ جو ڪم ڪندي آھي پر ضرورت پوڻ تي فوج وارو ڪم بہ ڪندي آھي. ھنن ماڻھن مقرر ٿيڻ سان وڃي ڌاڙيلن سان منھن ڏنو ھو، جن کي ھنن ماري ڀڄائي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي اھڙا ڌاڙيل موجود ڪونہ آھن.

عدالتي کاتو:
عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ لاءِ ھڪ جج، ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو پنھنجي ڪم ۽ تجربي ڪري ھن شعبي جو ماھر آھي. کيس فوجي قانون جي بہ ڄاڻ آھي. جنھن کي لارڊ ايلنبرو پاڻ موڪليو ھو. سندس نالو ڪئپٽن ڪيٿ ينگ آھي، جيڪو ڏاڍو سنجيده، سچو ۽ بردبار ماڻھو آھي. ھي ماڻھو پنھنجي ھن عھدي تي ڏاڍو سٺو لڳي رھيو آھي. ھن جي مدد لاءِ ٻہ ٻيا عملدار مقرر ڪيا ويا آھن. جن مان ھڪ حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو شڪارپور ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھر ضلعي جا مئجسٽريٽ انھن فوجداري معاملن جون رپورٽون جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليندا آھن، جن جي نبيرڻ جو اختيار وٽن ھوندو ھو. قتل ۽ ڌاڙن جھڙن وڏن ڏوھن جون ابتدائي ٻڌڻيون مئجسٽريٽ ڪندا آھن ۽ قسم تي شاھديون قلم بند ڪري سارو معاملو جج ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. جيڪو وري فيصلي لاءِ گورنر ڏانھن روانو ڪندو آھي. گورنر جنرل جڏھن مناسب سمجھندو آھي تہ اھو معاملو ملٽري ڪميشن لاءِ موڪليندو آھي، جنھن ۾ ھڪ فيلڊ آفيسر ۽ ٻہ ڪئپٽن ھوندا آھن. پر جيڪڏھن ائين فوجي عملدار موجود ڪونہ ھوندا آھن. اھڙي ڪم لاءِ اھڙي سب آلٽرن کي مقرر ڪيو ويندو آھي. جنھن جي ملازمت ستن سالن کان گھٽ نہ ھوندي آھي. اھڙي معاملي جي ڪارروائي ڊپٽي جج ايڊووڪيٽ جنرل ھلائيندو آھي. گورنر اھڙي فيصلي کي بحال ڪندو آھي ۽ تعميل جو حڪم جاري ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪورٽ ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل جي فيصلي ۾ اختلاف ھوندو آھي تہ ان صورت ۾ گورنر جو فيصلو آخري سمجھيو ويندو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو انصاف جا معاملا جلدي اڪلائي سگھجن ٿا. ان لاءِ مان يقين وارو ماحول پيدا ڪندو آھيان پر پوءِ بہ انصاف ايترو جلدي ڪونہ ٿو ملي جيترو ھجڻ کپي. منھنجي اھا بہ مرضي آھي تہ مجرم کي انصاف ڏيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڪورٽون ھجڻ گھرجن. جن معاملن تي مون کي فيصلو ڏيڻو ھوندو آھي. تن جو مان نھايت گھرائيءَ سان مطالبو ڪندو آھيان، پر جن معاملن جو فيصلو ڦاسي يا ڪا ٻي سخت سزا ھوندي آھي تہ ان جو وڌيڪ گھرائي سان مطالعو ڪندو آھيان. اھڙي سزا ڏيڻ لاءِ مان ٻن کان ست ڏينھن ويچاريندو رھندو آھيان. ننڍا معاملا ڊپٽي ڪليڪٽر تڪڙ ۾ ھلائي، مٿي ڪليڪٽر ڏانھن موڪليندا آھن. جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڏنل سزا بحال يا رد ڪندو آھي. پر ٻنھي حالتن ۾ اھو معاملو جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. ڪن اھم معاملن ۾ ھن جي فيصلي کي آخري سمجھيو ويندو آھي. ڪجهہ معاملا وري اھڙا بہ ھوندا آھن. جن جي اپيل گورنر کي ڪئي ويندي آھي. ھن کان سواءِ ڪي سول معاملا بہ ھوندا آھن. جن کي پئنچاتي معاملا سڏيو ويندو آھي. مان ھن قسم جي معاملن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي آھي. ھن کان اڳ اھڙن معاملن جي ھلائڻ وارن کي ڪجهہ بہ ڪونہ ملندو ھو. پر ھاڻي اھڙن ماڻھن کي ڏھاڙيءَ مطابق ڀتو ملندو آھي. اھي ماڻھو اسان جي جيوري وانگي آھن يا ٽياڪڙيءَ جون ڪورٽون آھن. پاڻ ھنن کي فقط سول معاملن تائين محدود رکيو آھي. پر فوجداري معاملا يورپي ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن. ان کان سواءِ مان ٽرائبيونلس جي اختيارين کي ايئن وڌائڻ جو قائل آھيان جھڙيءَ ريت مان يونان ۾ ڏٺا ھئا. اھڙا ٽرئوبيونلس مشرق ۾ بہ موجود آھن ۽ انگريزن جي جيوري انھن مان ھڪ آھي. يونان ۾ ھن کي ڪورٽ آف ويچيارڊ سڏيو ويندو آھي يعني Court of Ancients ھندستان ۾ ھن جو نالو پئنچائت آھي. پر انھن جا اختيار ھر ملڪ ۾ ۽ مختلف حالتن ۾ مختلف ھوندا آھن. ليڪن سنڌ ۽ ھندستان ۾ سندن اختيار اڃا بہ محدود آھن، پر انھن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ پئنچات کي وڏا اختيار مليل ھئا. مان سمجھان ٿو تہ ھن موضوع تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان ماڻھن کي پنھنجي ملڪ جي حڪومت سان گڏ ھلڻ جو نادر موقعو ملي ويندو. پر مان سوچي رھيو آھيان تہ بورڊ آف ڊائريڪٽرس ائين ڪرڻ ڪونہ ڏيندو.
اھو نھايت سولو طريقو آھي جنھن فيصلي سان سنڌ ۾ انصاف ملي سگھي ٿو. مئجسٽريٽن ۽ ملٽري ڪميشن ۾ سدائين اختلاف راءِ موجود ھوندو آھي. منھنجي نقطئھ نظر مطابق گونر ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل آزاد سوچ جا جج ھوندا آھن. انصاف جو اھو طريقو عام ماڻھوءَ لاءِ سخت نہ پر نرم ھوندو آھي. خاص طور جج، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ منھنجي ڪوشش اھا ھوندي آھي تہ قانون ۾ اھڙي ترميم ڪرڻ گھرجي. ماڻھن کي ملندڙ سزائون انھن جي احساسن مطابق ھجڻ گھرجن. پر اھڙيون سزائون نہ ڏنيون وڃن جن ڪري ھو مايوس ٿي وڃن. پر مان ھتي ھڪ ڳالھہ چوڻ چاھيان ٿو تہ مان گھڻو وقت اڳ ھن اجازت لاءِ ھندستان سرڪار کي لکيو ھو تہ ھتان جي مجرمن کي عدن ڏانھن نيڪالي ڏني وڃي. جيڪڏھن منھنجي ھيءَ ڳالھہ قبول ڪئي وئي تہ ماڻھو وڏيءَ سزا کان بچي سگھن ٿا. انگريز سرڪار اتي قلعا تعمير ڪري رھي آھي ۽ ھن مقصد لاءِ کين سستو پورھيو ملي ويندو. ڪاري پاڻيءَ جي ھن سزا ڪاٽڻ کان پوءِ ھي ماڻھو پنھنجي ملڪ موٽي ايندا. ڊبلن جو آرچ بشپ ھن قسم جي مجرمن کي وڏي بڇڙائي سمجھندو آھي، تن جي آزار کان بچي سگھجي ٿو.

پيداوار:
سنڌ جي سڀني ٽالپر حڪمرانن جي مجموعي پيداوار پنجٽيھن کان چاليھھ لک رپيا ھوندي ھئي. منھنجي حڪومت ۾ اھا پيداوار نون لکن کان ايڪٽيھن لکن تائين پھتي آھي. ھن حقيقت ۾ ڪنھن بہ شڪ شبھي جي گنجائش ڪانہ آھي تہ ٻئي سال اپريل تائين پيداوار پنجٽيھن لکن تائين پھچي ويندي. ڇاڪاڻ تہ 1846-47ع جو مالي سال اپريل ۾ پورو ٿيندو. ڪليڪٽرن جي عام راءِ آھي تہ 1848ع ۾ اھا پيداوار چاليھن لکن تائين پھچي سگھي ٿي. اھا ھر سال وڌندي رھندي. ڇاڪاڻ تہ تجارت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. ان کان سواءِ زمين جي وسيع ايراضي پوکي راھيءَ ھيٺ اچي چڪي آھي. تنھن ڪري ھن خط ۾ بيان ٿيل سڀ ڳالھيون حقيقتون آھن. محض اندازا ڪونہ آھن. مون کي چيو ويو آھي تہ سنڌ جي فتح ڪري ممبئي حڪومت جي پيداوار تمام گھڻي وڌي وئي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ اڳي پورچوگيزن جي ڪالوني ڊمائون، ھر چيز جي سمگلنگ ٿيندي ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. مان اوھان جو ھڪ ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ چاھيان جنھن کي transita duty يا راھداري جو محصول سڏيو ويندو آھي. جنھن مان ٽالپرن کي تمام گھڻي آمدني ٿيندي ھئي. ھن کان سواءِ علي مراد کي سبزل ڪوٽ ۾ ڀونگ ڀڙا جي پيداوار ملندي ھئي، جيڪي بھاولپور ۾ شامل آھن. پر انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اھا راھداري يا transit duty ختم ڪئي وئي آھي. ان کان سواءِ يقين آھي تہ پيداوار ٽالپر دور جي پيداوار کان گھڻو وڌي ويندي. ھن محصول کان سواءِ مان ڪيترا ٻيا محصول بہ معاف ڪري ڇڏيا آھن. تنھنڪري منھنجي دور جي پيداوار سان انھن محصولن واري رقم بہ شامل ڪئي وڃي، جيڪي مان معاف ڪري ڇڏيا آھن. اوھان کي معلوم ٿي ويندو تہ ڳرن محصولن وڏيءَ پيداوار کي روڪي ڇڏيو ھو.

تجارت:
يورپ جي تيار مال جي درآمد 1843ع کان 1845ع تائين ساڍن چئن لکن کان وڌي نون لکن تائين پھتي آھي. جڏھن تہ 1846ع جي پھرين ڇھن مھينن دوران ڏھن لکن جي درآمد ٿي آھي. سنڌ جي واپارين جي ٻاڪار متل آھي تہ تجارتي لڏ پلاڻ لاءِ آگبوٽن جي اشد ضرورت آھي، جيڪي سندن واپاري وکر سنڌو جي اتر واري پاسي ۽ ستلج کان مٿي کڻي وڃن. ھنن ماڻھن موڏانھن بہ خط لکي ساڳيون گذارشون ڪيون آھن تہ مان گورنر جنرل کي گذارش ڪريان تہ اھو چار جنگي آگبوٽ سنڌوءَ ۾ ھلائڻ جي اجازت ڏئي جيڪي فقط تجارتي مقصدن لاءِ ھجن ۽ ائين سنڌ سرڪار جي نظرداريءَ ھئڻ کپي. ھي آگبوٽ پنھنجو خرچ پاڻ ڪڍندا ۽ ضرورت وقت جنگ جو ڪم بہ ڏيندا. ائين ٿيڻ سان تجارت گھڻي وڌي ويندي، ڇاڪاڻ تہ سندن رفتار تيز آھي ۽ تجارتي مال بہ تيز رفتاريءَ سان پھچندو ۽ روانو ٿيندو رھندو. اندازو اھو آھي تہ ڪڏھن ست وڏا ٻيڙا سال جي خاص موسم دوران سنڌوءَ وسيلي ھيٺ ايندا ھئا، انھن مان ڇھھ تہ صفا تباھہ ٿي ويا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتان جا ٻيڙا معياري ٺھيل ڪونھن، ۽ ٻيڙائت بہ سچيت ۽ سياڻا ڪونہ ھوندا آھن. انھيءَ ڪري تجارت ختم ٿي وئي آھي. پر ھن وقت تائين سنڌوءَ ۾ ھڪ بہ آگبوٽ تباھہ ڪونہ ٿيو آھي. جيڪڏھن چار آگبوٽ سنڌ سرڪار کي ڏنا ويندا تہ اھي تجارتي مال سان ڀرجي مٿي ھاڪاريندا. اتان مال سان سٿجي ھيٺ ايندا رھندا. ائين ٿيڻ ڪري تجارتي ڪمپنيون بہ جلد ئي جڙي وينديون ۽ تجارتي آمدرفت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪنديون.
ھتان جي واپارين تي ڪنھن بہ قسم جو ڀروسو ڪري ڪونہ ٿو سگھجي ڇاڪاڻ تہ کين جون خواھشون ٺڳيندڙ رھيون آھن. پر آگبوٽن جو مطالبو ضرور ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ مان بہ چوندس تہ سندن اھڙو مطالبو ضرور پورو ڪيو وڃي ۽ اھڙو بندوبست ضرور ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ڪراچي کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين بہ آگبوٽن جي آمد رفت جي ضرورت آھي. اھڙي سروي مان پاڻ ڪئي آھي تہ آگبوٽ ڇوڙن منجھان مٿي ھاڪاري سگھن ٿا. اھڙو سامونڊي ڪناري ڀرسان ھلندا رھن ۽ خراب موسم دوران اھي جھٽ اچي ڪناري سان لڳي سگھن ۽ ھر قسم جي جوکي کان آجا ھوندا. پر سال جي پنجن مھينن دوران آگبوٽن واري آمد رفت رڪجي ويندي. ليڪن اھو پتو ڪونہ آھي تہ سنڌوءَ جي چاڙھھ واريءَ رتِ ۾ آگبوٽ انھيءَ سامونڊي رستي سان ھاڪاري سگھندا الائي جي نھ. باقي لاٿ کانپوءِ آگبوٽ پنھنجو رستو پاڻ جوڙي وٺندا. واسطيدار عملدارن کي پڪ آھي تہ تجارتي مقصدن لاءِ آگبوٽن جو استعمال ڪامياب ثابت ٿيندو. جيڪڏھن سنڌوءَ جو ھڪ مستقل طور تي ڪراچيءَ وٽ قائم ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ دوران بہ آگبوٽن جي آمد رفت ھلندي رھندي ۽ ٻين ڇوڙن جيان بند ڪانہ ٿيندي جيڪڏھن آگبوٽن جي ھي آمدرفت ڪامياب ڪانہ ٿي ٿئي تہ پوءِ آگبوٽ سنڌوءَ سان مٿي وڃي پنجن درياھن جي ڇوڙن تائين ايندا ويندا رھن.
________________________________________
[1] ڶۑضڎ آیۆخڎإڶ ضۑ ڵڦۑڵ ڥجإب ”ښڷډ ضۑ ڢجق“ ڊإڷێڷ إڛإڎۆ.

زراعت:
جھڙيءَ ريت پوکيءَ راھي جي ايراضي وڌي رھي آھي تھڙيءَ ريت سرڪار جي پيداوار بہ وڌي رھي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ڍل محصول جي شرح گھٽائي وئي آھي. اسان جي حڪومت کي ٿورو عرصو ٿيو آھي. امن امان جي قائم ٿيڻ ڪري ٻين علائقن جا ماڻھو ھيڏانھن اچي رھيا آھن. منھنجي ڪوشش آھي تہ انھن ماڻھن جي حالت سڌاري وڃي جن کي ٽالپر دور ۾ رعيتي سڏيو ويندو ھو. سائين اوھان کي معلوم ھئڻ گھرجي تہ سنڌ ۾ پيداوار جا مقرر اصول جوڙيا ويا آھن. ٽالپر دور ۾ پيداوار جي شاخ تي محصول مڙھيو ويندو ھو، پر مان ھن روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. زميندار سرڪار کان يا جاگيردار کان زميني لاپي تي وٺندو آھي ۽ پوکي راھي ڪندو آھي پر زمين جي مالڪ کي ٺڳي وٺندو آھي، باقي رعيتيءَ کي بک مرڻ تي مجبور ڪندو آھي. پر ھتي ڪوبہ ماڻھو بک ڪونہ مرندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھتي جھنگلي جانور جام ۽ ڏٿ گھڻو آھي. ھتان جا ماڻھو پکي پاليندا آھن ۽ مفت ۾ ڏئي ڇڏيندا آھن ۽ مفت ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري باھيون ٻاريندا آھن. اگھاڙن کي گھرن جي ڪھڙي ضرورت آھي. ھتان جا ماڻھو بک مري ويندا آھن، پر رڍ جي چوري ڪرڻ جي بہ تڪليف ڪري ڪانہ سگھندا آھن، پر جيڪڏھن چوري ڪرڻ چاھيندا آھن اول جھنگ مان اٺ چوري ڪندا آھن جيڪو ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ سو ميل سفر ڪري سگھندو آھي ۽ ان اٺ تي چڙھي وڃي رڍ چوري ڪندا آھن، بعد ۾ اٺ کي ان ساڳئي جھنگ ۾ ڇڏي ايندا آھن. جتي ھو اڳ ۾ چري رھيو ھو. اھو بہ چيو ويندو آھي ماڻھو تيستائين سچيت ۽ سياڻو ڪونہ ٿي سگھندو آھي جيستائين ھن جي رڍ يا اٺ چوري ڪونہ ٿو ٿئي. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ جڏھن اٺ چوري ٿيندو آھي تہ ان جا ڀاڳيا پيراڍوءَ کان پيرا کڻائيندا آھن جيڪو پير کڻي وڃي چور کي جھليندو آھي. شرط اھو ھوندو آھي تہ پيرا تازا ھجن جن کي نہ واءُ ڊاھي ويو ھجي، نہ مينھن وسي انھن کي مٽائي ويو ھجي. جيڪڏھن پير چٽا ھوندا تہ پوءِ چور کڻي ڪيڏي بہ پير بتال ڪري پر پيراڊي کان بچي ڪونہ سگھندو آھي.
زميندار رعيتي ماڻھن کي ظلم ۽ ڏاڍايون ڪري ھيسائي ڇڏيندو آھي ۽ پوک جي بٽئي ۾ بہ ساڻس ويڌن ڪندو آھي، جيڪو کين بيروزگار ڪري ڌاڙن ھڻڻ لاءِ مجبور ڪندو آھي. پر مان انھن غريب رعيتي ماڻھن لاءِ زمين جا ننڍڙا ٽڪرا گرانٽ ڪيا آھن. انھيءَ مقصد سان تہ ھو زميندار جي ڏاڍ جي گھاڻي اندر پيڙجڻ کان بچي سگھن. کين زمين ايتري ٿوري ڏني وئي آھي، جيڪا ھو پورھيو ڪري پاڻ آباد ڪري سگھن ۽ ڪنھن ٻئي کي بٽئيءَ تي نہ ڏين. اھي ماڻھو ڍل بہ سڌو سنئون ڪليڪٽرن کي ڏيندا آھن. جنھن ۾ زميندار ۽ ڪاردارن جو ڪو واسطو ڪونہ ھوندو آھي. ائين ٿيڻ ڪري نہ رڳو غريبن جي اخلاقي اصلاح ٿيندي، پر اوڙي پاڙي وارن ملڪن ۾ اسان جي ساک وڌندي ۽ سمجھيو ويندو تہ انگريز سرڪار غريب پرور آھي. اھڙيءَ ريت سنڌ جي آدمشماري وڌي ويندي. زمينون آباد ٿينديون ۽ انگريز سرڪار جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. ان سان گڏ مان ھڪ ٻيو قدم بہ کنيو آھي يعني محنتي ھاريءَ کي سرڪار طرفان قرض ڏياري رھيو آھيان. اھا روايت اڳئي انگلينڊ ۾ موجود آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪڏھن اڻ ڏٺي آپدا ڪري سندن فصل تباھہ ٿي ويندا آھن. اھڙا قرض ضلعي جا ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڏيندا آھن. ان لاءِ اھو ضرور ڏٺو ويندو آھي تہ ھاري محنتي ۽ سچار آھي. اھڙي قرض جي وصولي قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي آھي. قرض ڏيڻ وقت ڪن ٻين ڳالھين کي پڻ ڏٺو ويندو آھي. جيڪي ھن مختصر خط ۾ بيان ڪري ڪونہ ٿيون سگھجن.
منھنجو خيال آھي تہ ڍل جي شرح اڃا بہ گھٽائي وڃي. انھيءَ ڪري پوکي راھيءَ جي ايراضي وڌي ويندي ۽ سرڪار کي تمام گھڻي پيداوار ملندي. مان ٿوري ئي وقت اندر ھن ڳالھہ کي ثابت ڪري سگھان ٿو. ايندڙ اپريل ۾ سارو پتو پئجي ويندو تہ منھنجي دعوى صحيح آھي ۽ انھيءَ طريقي سان پيداوار وڌائي سگھجي ٿي. اڳئين سال ايڪٽيھھ لک مان پيداوار وڌي پنجٽيھھ لک نہ ٿي تہ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو. ھن سال پوکون ڏاڍايون ڀليون ٿيون آھن، پر ماڪڙ جي مصيبت جو ڏاڍو ڀئو آھي، جنھن پاسي وارن ملڪن جا پڪل فصل تباھہ ڪري، ماڻھن جي چپن تي آيل گرھھ کانئن کسي ورتو آھي. تنھن ڪري اھا اگري آپدا ڪھڙي وقت بہ اوچتي اچي پوکون اجاڙي ڀينگ ڪري سگھي ٿي. سنڌ کي فتح کان پوءِ ايترو وقت ڪونہ مليو آھي جنھن دوران ٺاپر ٿي ھجي. ماڻھن جي خواھش آھي تہ تجارت ۽ زراعت چپٽي وڄائيندي ايتري جلدي ۾ ترقي ڪري، جيتري جلدي ۾ علاؤالدين جي محلات اجڙي راس ٿي ھئي. مان سمجھان ٿو تہ زراعت ۽ تجارت کي ٽالپرن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي اثر کان نجات، ڏھن سالن ۾ مس ملندي ۽ سنڌ ۾ اھڙي وڏي انقلاب جي ابتدا شروع ٿي چڪي آھي. اھو انقلاب ڪو عام رواجي نہ ھوندو.
پھريون مسئلو امن امان جو ھو جيڪو حيدرآباد واري جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مان اندازو لڳايو ھو تہ سنڌ جي اھڙي ترقي ڏھن سالن اندر مس ٿيندي جيڪا موجوده دور ۾ ڪري چڪي آھي ۽ اھا اچرج جھڙي ڳالھہ آھي. ليفٽيننٽ آئوٽرام اڳ ۾ اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ڏھھ سال گوريلا جنگ ھلندي. ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي خبر اھا ايتري آھي.
ھن وقت اسان جي مالي صورتحال ھن ريت آھي:
حيدرآباد جي 24 مارچ 1843ع واري جنگ کان 30 اپريل 1846ع تائين ڪل پيداوار 659393 پائونڊ اسٽرلنگ.
انھن سالن لاءِ سنڌ حڪومت جي سول انتظاميھ تي ايندڙ خرچ 336526 پائونڊ اسٽرلنگ. بچت 322869 پائونڊ اسٽرلنگ.
مان خرچ پکي جو تفصيلي حال احوال ڪنھن ٻئي خط ۾ لکلندس ڇاڪاڻ تہ اھي ڪاغذ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. تنھن ڪري 30 اپريل تي ھائوس آف ڪامنس انھن کي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن کان سواءِ مان ھڪ ٻي بہ گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو تھ، وڏيون فوجون سنڌ جي بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ نہ پر پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي سنڌ ۾ گڏ ٿيون آھن. مان تہ گذريل ٻن سالن کان لڳاتار چوندو پيو اچان تہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بہ گھڻي آھي، جنھن جو مقصد بچاءُ ۽ امن آھي. پر ممبئي واري ڌر پنھنجي ضد تي قائم آھي. مان ھيءَ ڳالھہ ثابت ڪري سگھان ٿو تہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بہ گھڻي آھي. جڏھن سکن جي حملن جو خوف ھو. ان وقت بہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج ھئي. جڏھن تہ سکن جي ڪوشش اھا ھئي تہ انگريزن خلاف سنڌ وارا سندن مدد ڪن. ڇاڪاڻ تہ پنجاب جا اھي حڪمران انگريزن خلاف ٽالپرن سان گڏ ھئا. مان سانگي سان اھو احوال بہ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھا پڪ ڪانہ ھئي، تہ سنڌ اندر امن امان قائم ٿي سگھندو ۽ جيستائين مان سنڌ ۾ موجود آھيان تيستائين اھڙي ڳالھہ ممڪن ئي ڪانہ آھي پر ھنن موڳن ۽ اوڳن کي اھا ڪل ئي ڪانہ آھي تہ ملڪ ۾ امن امان فوج جي دھشت ۽ ڏاڍ سان قائم ڪري ڪونہ سگھبو آھي. پر سانت ۽ امن رحمدليءَ ۽ انصاف سان قائم ڪري سگھبو آھي. جنھن وقت کان وٺي ٽالپر سنڌ کان ٻاھر موجود آھن، تنھن وقت کان وٺي ھڪ انگريز بہ قتل ڪونہ ٿيو آھي ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ انگريز جي توھين ڪانہ ڪئي آھي. اھڙيون ڳالھيون مشرقي ملڪن ۾ منفرد حيثيت جون مالڪ آھن. اھڙيون ڀليون ڳالھيون انھن ملڪن اندر بہ ڪونہ ڏسبيون جيڪي تازو فتح ٿيا آھن.
فوج تي ٿيندڙ ھي انتھا تي گھڻي خرچ جا ٻہ قسم آھن: جن مان ھڪ جو واسطو فوج جي کاڌي پيتي سان آھي. جڏھن تہ ٻئي جو تعلق بئرڪن جي تعمير سان آھي. جيتري قدر فوج جي پھرئين خرچ جو تعلق آھي تہ اھو فوجي تعداد جي گھٽجڻ سان پاڻمرادو گھٽجي ويندو. تنھن خرچ جي چئن مان ٽي حصا خرچ پنجاب جي ڪري آھي. خرچ جو باقي چوٿون حصو سنڌ جي والار ڪري اچي رھيو آھي. سنڌ جي فتح تي ڪوبہ اضافي خرچ ڪونہ ٿيو آھي، پر حيدرآباد ۾ فوجي بئرڪن جي تعمير تي ضرور خرچ ٿيو آھي ۽ اھو بہ اضافي پيداوار مان ڪٽيو ويو آھي. پر ممبئي سرڪار کان ڪونہ ورتو ويو آھي. اھڙو ذڪر مٿي بہ اچي چڪو آھي. سنڌ جي فتح تي آيل خرچ جي ھڪ پائي بہ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪانہ ڀري آھي. پر اٽلو کيس ھن فتح ڪري پئسي جي بچت ٿي آھي. مان ان سياستدان ۽ فوجيءَ جي ھن نقطئھ نظر جي خلاف تہ جيڪڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ انگريز فقط سکر ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪن ھا تہ انگريز سرڪار جو ايترو خرچ ڪونہ اچي ھا جيترو گذريل ٻن سالن اندر گواليار ۽ ستلج وارن محاذن تي آيو ھو، مان ھي اضافو ڪندس ۽ ثابت بہ ڪري سگھندس تہ جيڪڏھن سنڌ ۾ ميرن جي حڪمراني ھجي ھا تہ رت جون نديون وھي ڇڙن ھا. ان وقت گواليار جون باغي تلوارون اڀيون ھجن ھا ۽ سک ستلج پار اڪري وڏو ممڻ مچائي چڪا ھجن ھا.
جيڪڏھن گورنر جنرل چريائيءَ جو مظاھرو ڪري 1842-43ع ۾ انگريزي فوج جو تعداد گھٽائي پنج ھزار ڪري ھا. ٽالپرن جي حڪمراني بہ موجود ھجي ھا، انگريز فوج جو اڌ ڪراچي ۽ اڌ سکر ۾ رھايو وڃي ھا تہ اھڙيءَ صورتحال ۾ انگريزي فوج مان ھڪ بہ ڪونہ بچي ھا. اھي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جون اجايون ۽ اوڳيون ڳالھيون آھن. کيس ميرن جي ميري من جي تيستائين ڪل ئي ڪانہ پئي ھئي جيستائين انگريز ريزيڊنسي تي حملو ڪونہ ٿيو ھو. جيڪڏھن ھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تہ ساري انگريزي فوج 1844ع يا 1845ع ۾ ڪھائي چڪو ھجي ھا. ھڪ سال تہ امن امان سان گذري وڃي ھا. پر جڏھن گواليار جھيڙي جو جھنڊو ڦڙڪائي يا سک ستلج کي پار ڪري، انگريزن تي حملو ڪري ھا تہ ان کي ڏسي ٽالپرن جو من بہ وڌي وڃي ھا ۽ ڪراچيءَ ۽ سکر تي حملو ڪري اتي رھيل انگريزي فوج کي ڪھي لاشن جا ڍير لائي ڇڏن ھا. تقسيم ٿيل اھڙيءَ فوج کي ڪٿان مدد بہ ملي ڪانہ سگھي ھا ۽ سڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ڪٽجي وڃي ھا. افغانستان واري جنگ دوران لارڊ ڪينس جي فوج، مس ڪري ميرن تي ضابطي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ھئي نہ تہ نتيجي ۾ وڏو ڪوس ٿئي ھا ۽ خرچ بہ وڏو اچي ھا، سنڌ جي فتح کان بہ گھڻو. تنھن ڪري مان سمجھي رھيو آھيان تہ سنڌ جي فتح ڪمپنيءَ کي ھڪ وڏي ڪوس ۽ بي انتھا خرچ جي بار کان بچائي ورتو آھي. ڀلي ممبئي واري ڌر پنھنجي ھوڏ تان ھيٺ بہ نہ لھي. اھو بہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ اندر 1842ع کان وٺي، اسان جي فوج جي عزت ۽ وقار ۾ ڪابھ گھٽتائي ڪانہ آئي آھي.
جيتري قدر سنڌ جي فتح واري حڪمت عمليءَ جو تعلق آھي تھ، مان انھيءَ معاملي ۾ بلڪل اڻ ڌريو ھوس. مان ھن معاملي ۾ لارڊ ايلنبرو کي ڪنھن بہ قسم جو مشورو ڪونہ ڏنو ھو. اھڙي ڳالھہ منھنجي سچ ويچار ۾ بہ ڪانہ ھئي. مون کي تہ گورنر ٿيڻ تائين ائين ٻڌايو ويو ھو تہ ٽالپرن جي مدد ڪئي ويندي. مان لارڊ ايلنبرو جي قائم ڪيل حڪمت عمليءَ کي تسليم ڪيو ھو. ساڳئيءَ ريت مان پنھنجي حڪمن جي تعميل پڻ ڪرائي ھئي. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ سمجھان ھا تہ مان اھو ڪامياب فوجي جنرل آھيان، جنھن کي پنھنجي ئي حڪومت عزت جي نظرن سان ڪانہ ڏسي رھي آھيان. مان تہ ان بااختيار شخصيت جي حڪمن کي تسليم ڪيو ھو، جنھن پنھنجي سرڪار تي اھڙيون اختياريون ڏنيون ھيون، پر کيس انگلينڊ جي تائيد حاصل ڪانہ ھئي. پر ھن کان پوءِ ايندڙ سندس جانشين ھن جي قائم ڪيل حڪمت عمليءَ کي جاري ضرور رکيو ھو. ان ھوندي بہ لارڊ رپن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون سان تہ ھاڃا ڪري ڇڏيا ھئا. مان ھيءَ حقيقت ثابت ڪري سگھان ٿو تہ سنڌ جي فتح تي ٻئي علائقي جي فتح جي ڀيٽ ۾ ڪوس بہ گھٽ ٿيو تہ خرچ بہ گھٽ آيو آھي. ڪابل واري جنگ ۾ اسان جي، فوج ڪيس مري تباھہ ٿي وئي ھئي. پر انھيءَ واقعي کان پوءِ بااختيار طاقت جو ڪھڙو خيال ھو؟ سنڌ جي فتح کان اڳ اھو تصور موجود ڪونہ ھو تہ سنڌ کي مختصر لشڪر سان فتح ڪيو ويندو. پر فتح کان پوءِ سرڪاري خزاني ۾ وڌيڪ پيداوار جو اضافو ٿيو ھو. پر ڪوبہ اضافي خرچ ڪونہ ٿيو ھو. اھڙين ڳالھين کان پوءِ اختيارين کي خيال آيو تہ سنڌ کي گھٽ فوجي تعداد وسيلي فتح ڪيو وڃي ھا. اھڙن خيالن جو اظھار ساڙ ۽ حسد کان ڪيو پيو وڃي. اھو بہ چيو پيو وڃي تہ اھا جنگ اھم ڪانہ ھئي جنھن لاءِ جنرل کي اعزاز ڏنو وڃي. اھڙيون ڳالھيون ھڪ سازشي ۽ دشمن ٽولي جون گھڙيل ھيون. انھن ڳالھين تي آءٌ ماٺ ڪيو ويٺو ھوندو آھيان، ڇاڪاڻ تہ مون کي اطمينان آھي تہ جيڪو ڪجهہ ڪيو اٿم منھنجو منصبي فرض ھو.
آبھوا:
چيو ويندو آھي تہ سنڌ جي آبھوا ڏاڍي گرم آھي ۽ ھندستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ سنڌ وڌيڪ غير صحت بخش آھي پر مان ائين ڪونہ ٿو سمجھان. اھا بہ ھڪ حقيقت آھي تہ بيماريءَ ڪري فوج بہ گھڻي مري کپي وئي آھي، پر ڪمپني جي فتح ڪيل سڀني نون ملڪن ۾ ائين ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ بہ سولو ۽ سمجھڻ جوڳو آھي. اھڙا واقعا سٺين بئرڪن جي عدم موجودگيءَ آرام جو نہ ھجڻ ۽ علائقائي حالتن جي اڻ ڄاڻائي ھئي. انھن ڳالھين جي کوٽ کي فوج محسوس ڪري ورتو ھو. ٽالپرن سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو ۽ منجھس ڪا شيءِ ڇڏي ئي ڪانہ وئي ھئي. اسان کي ھتي رھڻ دوران ائين معلوم ٿي رھيو تہ ڄڻ رڻ پٽ يا بيابان اندر ٺھيل ھڪ وسندي ۾ پيا رھون. اھو تہ احساس ئي ڪونہ ھو تہ انگريزي فوج اھڙو ملڪ فتح ڪيو آھي، جنھن ۾ ماڻھن جي آبادي آھي. اسان ڪالرا جي بيماريءَ ۾ ڪجهہ عملدار ۽ فوج وڃائي آھي. ھيءَ بيماري سدائين ھن ملڪ ۾ ڪانہ رھندي آھي، پر جيڪڏھن فوج کي بھترين بئرڪن ۾ ۽ آرام سان رھايو وڃي ھا تہ ھي معامرو ايڏو ڪيس ڪلور ڪري ڪونہ گذري ھا. ھاڻي بھترين ۽ سھوليتن واريون بئرڪون جڙي رھيون آھن. تنھن ڪري ھاڻي سنڌ ھندستان جي ٻين علائقن جھڙي غير صحت بخش ڪانہ رھندي، جيڪا يورپي ماڻھن جي جيءَ کي جوکو رسائي سگھي. فتح کان پوءِ سنڌ ۾ رھندڙ فوج تي بجاري جا ٻہ حملا ٿيا آھن. جنھن ۾ يورپي ماڻھن سان گڏ ٻيا بہ متاثر ٿيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي ماڻھو ھن گرم آبھوا جا ھيراڪ ڪونہ آھن. ان کان سواءِ کين سٺو شراب بہ ڪونہ ٿو ملي. عام بيماريءَ کان سواءِ ھتي ٻہ ڀيرا ڪالرا بہ قھر ڪيا آھن. اھڙين آپدائن ڪري ماڻھو ھراسجي ويا آھن ۽ ٻين اوڻاين کي اک وٽائي ڏسڻ کان سواءِ رڳو آبھوا تي ڏوھھ ڏيو بيٺا آھن.

سنڌ جا قدرتي وسيلا:
سنڌ وڏي پيداوار ڏيڻ وارو ملڪ آھي. زمين تہ ايڏي ڀلي آھي جو ان جو بيان ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. مان سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ لاءِ جاکوڙي رھيو آھيان. اميد تہ مقرر وقت کان اڳ ئي ان منصوبي مڪمل ڪري سگھبو. ان کان پوءِ ھتان جون ڀليون ٻنيون آباديءَ ھيٺ اينديون ۽ پيداوار ۾ وڏو اضافو اچي ويندو. موجوده دور ۾ گھڻن ماڻھن جي ضرورت آھي جيڪي پوکي راھي ڪن ۽ غير آباد زمين کي آباد ڪن. کاڻيون بہ تمام گھڻيون آھن. لوڻ تہ تمام گھڻو آھي.

چوڌاري ملڪ:
اخبارن وسيلي اھو ٻڌايو وڃي تہ پاڙي وارن قبيلن وھڻ وھھ ۽ ننڊ حرام ڪري ڇڏي آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ اھي اخبارون بي خبر آھن، پر ھتي ڪو اھڙو قبيلو ڪونہ آھي جيڪو اسان سان جھڳڙو چاھيندو ھجي. حقيقي صورتحال اھا آھي تہ اھي قبيلا ھوريان ھوريان سنڌ اندر آباد ٿي رھيا آھن. اھي ماڻھو جيڪي امن امان چاھن ٿا ۽ پوکي راھي ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪرڻ گھرن ٿا ۽ پنھنجي پگھر جي پورھئي جو مٺو ڦل کائڻ پسند ڪن ٿا سي ھتي آباد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
منھنجي حڪومت کان پوءِ سنڌ جي مجموعي صورتحال گھڻو سڌريل آھي. مان سمجھان ٿو ائين چئي مان غلط بياني ڪانہ ڪئي آھي تہ مان سارو وقت جھيڙي ۾ گذاريو آھي. تنھن ڪري مون کي تفصيلي بيان ڪرڻ جو وقت گھٽ مليو آھي. جڏھن ٿورو وقتو مليو آھي تہ پنھنجي يادگيرين تي مشتمل ھڪ ڪتاب جوڙي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. پر جيڪو بہ بيان ڪيو اٿم سو يادگيرين جو اختصار آھي، ليڪن پيداوار وڌي آھي ۽ وڌندي رھندي ماڻھن بہ سکيا ستابا ۽ ريان کيان آھن. کين ڪنھن بہ قسم جو ڏک پيش ڪونہ آھي. تنھن ڪري نہ سازشون سرجن ٿيون نہ وري ڪٿان ڪا بغاوت جي بوءِ آھي. ڪڇي جي جابلو علائقي ۽ پنجاب خلاف فوجي مھم شروع ڪئي وئي ھئي. انھيءَ وقت ساري فوج سنڌ کان ٻاھر ھئي. ھتان جي ماڻھن کي بغاوت جي ڦريري ڦڙڪائڻ جو سونھري وجهہ ھٿ لڳو ھو، پر ھنن ائين ڪونہ ڪيو ھو. ھتي آءٌ ھڪ ٻيو نقطئھ نظر پيش ڪري رھيو آھيان جيڪو مان سمجھان ٿو تہ صحيح بہ آھي. اھڙو ساڳيو نقطئھ نظر ھڪ انگريز جو بہ آھي، جيڪو ھندستان ۾ ويھھ سال رھيو ھو. سندس کائڻ پيئڻ بہ ھتان جي ماڻھن سان ٿيندو ھو. ڏاڍو سادو ۽ اصولن جو پڪو ھو. ان کان سواءِ ھتان جي ماڻھن جي مزاج کان چڱي طرح واقف ھو. مان بہ ھتي پنج سال رھيو آھيان. چار سال حڪومت ڪئي اٿم. تنھن ڪري مان سنڌين جي مزاج کان ڀلي ڀت واقف آھيان. سو منھنجو نقطئھ نظر ھي آھي تہ جيڪڏھن سنڌ ۾ سول حڪومت قائم ڪئي وئي تہ سنڌ جي ساري پيداوار سول ڪامورا شاھيءَ جي پيٽ ۾ ھلي ويندي، جنھن مان پرزو بہ پيدا ڪونہ ٿيندو. ڪم تڇ سمان ھوندو جاٿي ساري سول انتظاميا اچي ڳاھٽ ٿيندي. گھڻيون دايون مارن يا کارن. ان کان سواءِ ڏاھا ۽ تجربيڪار وڏا سول عملدار پنھنجون سھوليت واريون جايون ڇڏي ھيڏي سنڌ ڇا لاءِ ايندا. ھيڏانھن اھڙا ماڻھو ھوندا جيڪي نوجوان ۽ سيکڙاٽ ھوندا، جن کي ٻين ملڪن ۾ ملازمت ڪانہ ملي ھوندي. ائين اچي ھتي مڙندا ڄڻ ڳڙ تي مکيون. ڏسڻ وائسڻ جا ڏاڍا چڱا ھوندا. سگار پيئندا، بيئر جو ھڪ گلاس لھندو ۽ ٻيو پيو چڙھندو ۽ ڪلارڪن جي ھڪ وڏي ميڙاڪي کي غلط ھندستاني ٻوليءَ ۾ حڪم پيا ڏيندا. ٿوري وقت کان پوءِ کين وڏا اختيار ملي ويندا ۽ طاقت جي نشي ۾ سڀ بداخلاقيون ڪري وڃي ٿوڙ ڪندا ۽ ڏاڍ ڪري رڻ ٻاري ڇڏيندا. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ خرچ وڌي ويندو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي. ھتان جي ماڻھن کي سول ملازمين لاءِ ٽڪو بہ عزت ڪانھي. اھي رھيا آھن تہ فوج مٿان حڪم ھلائي رھيا آھي ۽ اھو کين صحيح لڳي رھيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھي ماڻھو بہ پاڻ کي فوجي تصور ڪن ٿا. پر جڏھن ھنن مٿان سول ملازمن حڪم ھلايا تہ تلوارون اڀيون ٿي وينديون.
ان کان سواءِ جھڙي تناسب سان سول ملازم وڌندا ويندا، تھڙي تناسب سان خرچ وڌندو ويندو ۽ فوج جو تعداد گھٽبو ويندو. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ ملڪي انتظام ڍلو ٿي ويندو ۽ ضابطو ڪمزور پئجي ويندو. اھڙي ريت بغاوت جو بہ امڪان ھوندو، جنھن جو ڪارڻ بہ سول حڪومت ھوندي جيڪا وري بغاوت کي ختم ڪري بہ ڪانہ سگھندي. مان ان ڏچي کان بہ واقف آھيان. جيڪو سول حڪومت جي انتظاميھ اندر فوجين کي رکڻ ڪري پيدا ٿيندو آھي. مان پاڻ بہ سنڌ سرڪار جي موجوده انتظاميھ اندر ٽن چئن سول ملازمن کي مقرر ڪيو آھي جنھن جو نتيجو سٺو نڪتو آھي. اھي ماڻھو ڏاڍا شريف انسان ھئا. پر فتح جي ابتدائي دور ۾ ٽي ماڻھو لارڊ ايلنبرو موڪليا ھئا جيڪي صفا بيڪار ۽ ڏڏ ثابت ٿيا ھئا. مان انھن ماڻھن خلاف ڪنھن تعصب جو اظھار ڪونہ ٿو ڪريان، پر ساڻن ھمدردي ھئي. ڇاڪاڻ تہ انھن ماڻھن ھڪ منھنجي پراڻي دوست جو پٽ ھو، جيڪو اسپين واري جنگ ۾ مارجي ويو ھو. منھنجي وس ۾ ھجي ھا تہ ان لاءِ گھڻو ڪري سگھان ھان. سندن خيال سرڪاري ملازمت وارن ڪمن کان اوچا ھئا. مون کي رپورٽ وسيلي ٻڌايو ويو ھو تہ ھو کائڻ جا کرا ۽ ڪم جا ٻرا ھئا. مان ڪليڪٽر پوپ جي اھڙي بيان سان گڏ کين لارڊ ايلنبرو ڏانھن واپس موڪلي ڇڏيو ھو جنھن تحت کين ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويو ھو. ھي ماڻھو ھوشيار نوجوان ۽ شريف ھئا، پر ڪم جا ٽوٽي ھئا. جيڪڏھن اھڙا ڊزن کن ماڻھو ھت ڪم ڪن تہ منھنجي حڪومت جي انتظام کي ھڻي کنا کيڙا ڪري رکن ۽ سارو ڪم ڪلارڪن ۽ ڏيھي ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏين ۽ پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو بہ نہ ڪن. مان ڪلارڪن ۾ ڏيھي ماڻھن لاءِ ڪونہ ٿو چوان تہ اھي تہ اٽي تي چٽي آھن، اھي تہ ڪم ۾ اڻ ٿڪ ۽ اورچ آھن، سياڻا ۽ سچيت بہ آھن. پگھارون بہ انھن ماڻھن کي گھٽ ڏنيون ۽ ڪم بہ کائن ڇڪي ورتو وڃي. سرڪاري آفيسن اندر بہ اھي ماڻھو وھن جيڪي ڪم جا ڪوڏيا ھجن. پر اھڙن ماڻھن مان جند ڇڏائڻ ضروري ھوندي آھي جن جا ڪم ڪلارڪ ڪندا ھجن. جن کي سوئر جو شڪار کان واند نہ ملي ۽ بيئر جا بيرل آڏو رکيون ويٺا ھجن. اھڙن ماڻھن کي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي کان وڌيڪ ٻيا ڪم پيارا ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو پنھنجي منصبي فرض کي ڪجهہ بہ ڪونہ سمجھندا آھن.
مان آخر ۾ ھيءَ گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو تہ مان ۽ منھنجي ماتحت عملدارن تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي ۽ بھتر ڪيو آھي. ھن حقيقت کان ڪير بہ انڪار ڪونہ ڪندو تہ اسان وڏين مشڪلاتن کي مڙسيءَ سان منھن ڏنو آھي. جنگيون ختم ٿيون تہ مھامريءَ منھن ڪڍيو جنھن ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو. ماڻھو ڏکن ۾ ڏوڙا لڳا پيا ھئا جو ماڪڙ جا ڪٽڪ لھي پيا جيڪي پاڻ سان ڏڪار کي بہ کڻي آيا ھئا. چوندا آھن تہ ڏٻري تي مڇر بہ گھڻا. ان سال وري سنڌو بہ ڪمھلو لھي ويو، تنھن ڪري جيڪي پوکون آنڀون ۽ ڏڏر تي ھيون تن کي پويون پاڻي پھچي ڪونہ سگھيو ۽ ان ٻوھي کان ٻاھر نڪري ڪونہ سگھيو ۽ اندر ئي سڪي پچي ويو، اھڙي ريت ملڪ جو جيڪو حصو ماڪڙ جي مصيبت کان بچي ويو سو وري پاڻيءَ جي اڻھوند ڪري ڏرت ۽ ڏڪار جي ور چڙھي ويو. تنھن ڪري سنڌ 1843ع کان وٺي لڳاتار سورن ۾ سختين ۾ رھي. انھيءَ زماني مان فوجي سرگرمين ۾ ايترو رڌل ھوس جو مٿي کنھڻ جي واندڪائي ڪانہ ھئي. پر پوءِ سنڌ جي سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪري ورتو ھيم، جنھن جي ابتدا مان نوجوان عملدارن سان ڪئي، جن کي اڳي ڪو تجربو ڪونہ ھو جيڪڏھن ھو تہ بہ ٿورو ٿڪو ھو. پر اھي ڏاڍا لائق ۽ قابل ماڻھو ھئا. کين ڪم ڪرڻ جو شوق بہ ھو. ھي نوجوان ھتان جي ملڪي حالتن کان واقف بہ ڪونہ ھئا. پر اٽل ۽ اڏول ھئا ۽ ھنن ھر مشڪل کي منھن ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھتان جي ڍل محصول جي وصولي ھنن لاءِ نئين ۽ ڏکي ھئي. اسان اھڙي ڪاميابي ڪھڙي طريقي سان ماڻي ورتي ھئي، تنھن جو فيصلو اسان دنيا تي ڇڏيو آھي. پر اسان ڪم کي چچڙ ٿي لڳي پياسون. اھڙيون حقيقتون فقط ڪاغذن ۾ ڏسي سگھجن ٿيون. اسان پراڻي حڪومت جي طريقي ۽ تاڃي پيٽي کي اڊيڙي ھڪ نئين حڪومت ۽ نئين طريقي جي پيڙھھ جو پٿر رکيو ھو. سنڌ بہ ھندستان جي ٻين علائقن جيان بدنظميءَ جو شڪار ھئي. جيڪڏھن مون کي چيو ويو تہ مان تير پتير جو احوال ڏئي سگھان ٿو تھ، جنھن وقت کان وٺي لارڊ ايلنبرو مون کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي تہ مان ڪھڙي ۽ ڪيتري محنت ڪئي ھئي ۽ ڪھڙي حالت ۾ سنڌ پنھنجي جانشين جي حوالي ڪئي ھئي. مون کي يقين آھي تہ منھنجو جانشين بہ مون جيان سنڌ جي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو. جيڪڏھن گھرو کاتو منھنجي محنت کي پسند ڪري مون کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪندو تہ مان بہ ھن ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آھيان ۽ ان وقت تائين خدمت ڪندو رھندس جيستائين منھنجي صحت مون کي اجازت ڏيندي ۽ سچائيءَ ۽ انصاف سان عوام جي خدمت ڪندو رھندس.
ھن خط لکڻ مھل ھڪ خط پھتو آھي جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ گورنر جنرل حڪم ڪيو آھي تہ سنڌ ۾ رھيل بيشمار فوج اتان گھرائي وڃي. اھڙو ڪم ايندڙ جنوري کان شروع ڪيو ويندو. منھنجي لاءِ اھا تہ خوشي جي ڳالھہ آھي. ھيءَ حقيقت ان ڳالھہ جي ثابتي آھي تہ سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آھي. انھيءَ سان ڪارھن جو اھو لينگھو بہ لھي ويندو تہ سنڌ تي ھندستان جو پئسو خرچ ٿي رھيو آھي.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ھن يادداشت نامي تي سنڌ ۾ ايندڙ تبديلي رڪجي وئي ھئي. پر سر چارلس خلاف اجائي واويلا ۽ الزام تراشيءَ ۾ ڪنھن قسم جي گھٽتائي ڪانہ آئي ھئي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جون جنرل خلاف نيتون صاف ڪونہ ٿيون ھيون نہ وري انگلينڊ جي ڪابينا مان ڪنھن انصاف ۽ تحفظ جي اميد ھئي. لارڊ ھووڪ جي دشمني بہ ويرئون وڌ ھئي. ان زماني ۾ سر چارلس ھن ڳالھہ تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رھيو ھو تہ سنڌ مان وڌيڪ فوج کي گھرايو وڃي. اھڙيءَ ريت ھن ھندستان سرڪار کي آڇ ڪئي ھئي يارنھن ريجمينٽون ۽ يورپي آرٽيليري کي گھرايو وڃي. ھن کان اڳ تہ سنڌ جي گورنر تي الزام ھو تہ ھن پاڻ وٽ بيشمار فوج رکي آھي جڏھن تہ ھو اضافي فوج مان جند ڇڏائڻ لاءِ پريشان ھو. جڏھن اھڙيون ثابتيون بيان ٿي رھيون ھيون تہ سنڌي ماڻھو سر چارلس سان گڏ آھن تہ انھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي رنجش محسوس ڪانہ ٿي رھي ھئي. ان کان سواءِ جڏھن ٻاھرين ماڻھن کي آڻائي ھتي آباد ڪيو ٿي ويو تہ ھنن ڪنھن بہ قسم جو اعتراض ڪونہ واريو ھو. ھن سال جي سرءُ واري مھيني ۾ ھڪ سردار، سر چارلس آڏو پيش پوڻ جي راءِ جو اظھار ڪيو جيڪو ٽالپر حڪمرانن جي ظلمن ڪري سنڌ مان نڪري ھليو ويو ھو. سر چارلس سندس اھا آڇ قبول ڪئي ھئي ۽ کيس چيو ھئائين تہ جيڪڏھن ھو چاھي تہ جابلو علائقو ڇڏي، اچي ارڙھن سو ماڻھن سان گڏجي پوکي راھي جو ڌنڌو ڪري. انھيءَ زماني ۾ لس ٻيلي جو انگريز ڪسٽم آفيسر موٽي ڪراچي اچي رھيو ھو تہ رستي ۾ غلامن جو ھڪ ٽولو کيس ڦري آيو ۽ منٿون ڪري کيس چوڻ لڳو تہ ھو کين سنڌ وٺي وڃي، جتي سڀ ماڻھو آزاد آھن ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاريندا آھن. انھيءَ غلامن جا مالڪ بہ اتي پھچي ويا جيڪي پنھنجي غلامن کي زبردستي ڪري وٺي وڃڻ کان ڊڄي رھيا ھئا تھ، متان گورو صاحب ڪاوڙجي پوي، تنھن ڪري ڪسٽم جي ڪليڪٽر کي عرض ڪرڻ لڳا تہ ھو سرڪاري طور کين حڪم ڪري تہ غلام ھنن سان گڏجي موٽي ھلن. پر ڪليڪٽر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ چيو تہ اھي ماڻھو غلاميءَ جا زنجير ڀڃي آجا ٿي ويندا، پر ھن ماڻھوءَ نہ مالڪن جي مدد ڪئي نہ وري غلامن جي ڪا واھر ڪيائين. جڏھن مالڪ پنھنجي غلامن کي زوري وٺي وڃڻ لڳا، تہ ٻہ غلام سرحد اڪري سنڌ ۾ داخل ٿي ويا جيڪي ڪليڪٽر جي گھوڙي ڀرسان بيٺا ھئا ۽ سندن ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھيون.
ميرن جي واپس اچڻ جو چوٻول چؤطرف پکڙي ويو ھو. علي مراد تہ اھڙيون خبرون ٻڌي ھراسجي ويو ھو. کيس اچي ھورا کورا لڳي ھئي تہ انگريزن سان ڪيل معاھدو بحال ڪيو ويندو يا نھ. کيس اھو بہ ڀؤ ورائي ويو ھو تہ جيڪڏھن پنجاب جون حالتون خراب ٿيون تہ کيس ھڪ نئون معاھدو ڪرڻو پوندو. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ سبب بہ پيدا ٿي پيو ھو جو پنجاب تي حملي ڪرڻ جي نيت سان موڪليل بيشمار فوج اچي سنڌ پھتي ھئي. تنھن ڪري علي مراد کي اچي ڦڦڙي لڳي ھئي تہ متان انگريز ڪو اوڻو پير کڻي. پر سر چارلس ان جي خلاف ھو تہ اھا فوج سنڌ وچان نہ گذري. ليڪن ڏاڍي جي مھريءَ کي ڏھھ مٿايا مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ. مخالفن مطابق اھڙي ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي ماڻھو سندس فرمانبردار ٿي ويا ھئا، پر چارلس سندن اھڙن خيالن کي رد ڪري ڇڏيو ھو ۽ چوڻ لڳو ھو تہ مخالف چون ٿا تہ سنڌ جا ماڻھو ايتري بيشمار فوج ڏسي ڊڄي ويا ھئا ۽ ان دوران سر چارلس سنڌ جي انتظاميھ جي جوڙجڪ ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو آھي. پر خوف واري اھڙي اثر جو زمانو گھڻو وقت اڳي گذري چڪو ھو. ھاڻي ھتان جا ماڻھو سر چارلس کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن کي پنھنجي پورھئي ۽ پگھر جو ڦل ملي رھيو ھو. وٽن دولت گڏ ٿي وئي ھئي. اھي خوف ۽ دھشت ڪري ماٺ ڪونہ ھئا، پر کين انصاف ملي رھيو ھو ۽ خوش ھئا. اھي خوش انھيءَ ڪري ھئا، جو تہ کين خبر ھئي تہ ھنن جي فائدي واريون ڳالھيون ڪھڙيون آھن.
ھن وقت سر چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ انگلينڊ جا ماڻھو ممبئي واريءَ ڌر سان ٻٽ ۽ جھٽ آھن ۽ انھن ماڻھن جو تحفظ ڪري رھيا آھن، جيڪي مٿس الزام ھڻي رھيا آھن. اھي پاڻ بہ ھن مٿان حملا ڪري رھيا ھئا ۽ سندن دشمني ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي. ھن ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان خدمت ڪئي ھئي ۽ ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر موٽ ۾ اھي کيس تباھہ ڪرڻ لاءِ ڪانبو ٻڌي سندس ڪڍ لڳي پيا ھئا، ليڪن حقيقت اھا ھئي تہ ھن جي سادگيءَ ۽ سچائي مان کين ڏاڍو فائدو پھچي رھيو ھو ھي تہ رڳو جنگ جي فن ۾ ماھر ھو پر امن امان قائم ڪرڻ ۾ بہ ڪويسر ھو. ھن جنگين ۾ سوڀ ماڻي ھئي ۽ ڪيترن تاجدارن جا تخت تاراج ڪيا ھئا. ھو ڪيترن بغاوتن کي ختم ڪيو ھو ۽ ڪيترن قومن تي حڪومت ڪئي، نہ قانون سازي ۾ دير ڪيائين نہ وري انصاف ڏيڻ ۾ طوالت. ھن جي ڪري ئي انگريز راڄ سان ماڻھن محبت ڪئي. ھن جي وسيلي انگريزن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو. نہ تہ ھن کان اڳ ماڻھو ھنن کان ڀڄندا ۽ نفرت ڪندا ھئا. موٽ ۾ ھن کي ڇا مليو؟ فقط دشمني نہ پر ذلت آميز دشمني. ساڙ، حسد، ڪينو، بغض ۽ گاريون. سندن تعريف جوڳين خوبين ۽ خاصيتن کان انڪار ڪيو ويو. سندس ڪردار کي ظلم ۽ ڏاڍ جي الزامن سان ڪارو ڪيو ويو. اھڙن ماڻھن ھن مٿان الزام ۽ بھتان ھنيا، جيڪي بادشاھن جا قرضي ھئا. ھي بي انتھا ڏاھو، دلير ماڻھو جنھن ڪڏھن ڪو اوڪو ۽ آئٺو ڪم ڪونہ ڪيو، نہ رشوت ئي کاڌي. ھي اھو پھريون ماڻھو ھو جنھن کي ھندستاني طرز جي جنگ تي مھارت حاصل ھئي. پر جڏھن اعزازن جي ورھاست ٿي تہ اختيار وارن کان ھن جو نالو وسري ويو. پارليامينٽ جي پيش ڪيل کيس خراج عقيدت بہ سال لاءِ ھن ڏانھن رواني ڪانہ ڪئي وئي ھئي. سندن ھي رويو ھڪ فاتح جنرل لاءِ ڄڻ تہ توھين ھو. ڪي سرڪاري ماڻھو اھڙا بہ ھئا جيڪي ھن معزز انسان جي بي عزتي ڪندا ھئا جنھن جو ھڪ ميمبر ھاڻي وزير بڻجي ويو آھي. اھي بہ ڪوششون ڪيون ويون ھيون تہ ھن ڏانھن ايندڙ سرڪاري خط رستي ۾ روڪيا وڃن. انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھن جي ڪارڪردگي عوام تائين پھچي نہ سگھي. ان کان سواءِ ھن سان ٻيون بہ ڪيتريون ئي جٺيون ڪيون ويون ھيون. جن جو مقصد فوج ۾ سندس وقار کي مجروح ڪرڻ ھو. جڏھن ھندستان جي مختلف فاتح انگريز جنرلن جي اعزاز ۾ دعوت ڏني وئي ھئي پر سر چارلس جو نالو ڄاڻي ٻجھي ڪٽيو ويو ھو ڄڻ ھڪ اھم فوجي ڪمانڊر نہ پر ڪو اخلاقي مجرم ھو، جنھن جو اھڙو احترام ڪرڻ صحيح ڪونہ ھو. توڙي جو ھن بي مثال جنگي سوڀون ماڻيون ھيون. ھن سول حڪومت کي اھم پيداواري ذريعا حاصل ڪري ڏنا ھئا. سندس عقابي نظر ايڏي تيز ھئي جو ڪنھن کي پئسي ڏوڪڙ جي غلط استعمال جي جرئت ٿي ڪانہ سگھندي ھئي.
اھڙين ڳالھين سندس اندرينءَ سوچ کي ڏاڍو متاثر ڪيو ھو ۽ انھن ماڻھن جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو جيڪي کيس بي انصاف سمجھندا ھئا ۽ اھو بہ سمجھندا ھئا تہ ھن ماڻھوءَ سندن بي عزتي ڪئي آھي. تنھن ڪري ھو مايوس ٿي ويو ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گوشئھ نشين ٿي ويو. پر سوچيندو ھو تہ کيس ماڻھن جو اڃا ڪيترو ئي قرض ڏيڻو آھي. ھن ڪيترن غير مھذب ماڻھن کي فتح ڪري مھذب بڻايو ھو ۽ پڪو پھھ ڪيو ھئائين ھو تيستائين رٽائر ڪونہ ٿيندو، جيستائين پنھنجي ڪم کي مستحڪم نہ ڪندو. ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اڃا ھڪ سال وڌيڪ ملازمت ڪرڻي ھئي. ھن جا اھم مقصد ھي ھئا.
1) فوج جو ايترو گھٽ تعداد سنڌ ۾ رکڻ جيترو لارڊ آڪلنڊ روھڙي، سکر ۽ شڪارپور ۾ گئريسن طور رکڻ جي اجازت ڏني ھئي، جيڪا پنج ھزار مس ھئي. انھيءَ زماني ۾ حڪمران ٽالپر ھئا ۽ ايتري فوج بلڪل اڻپوري ھئي. پر ھاڻي سنڌ لاءِ اھا ٿوري فوج بہ گھڻي آھي. ھندستان سرڪار جي نقطئھ نظر موجب فوج جو ايترو تعداد ڪافي آھي. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت ڪنھن سول عملدار يا اڻ ڏٺي اڻ ٻڌي فوجي ڪمانڊر جي حوالي ڪئي وئي تہ اھو ماڻھو فوج جي تعداد ۾ ضرور اضافو آڻيندو.
2) ھتي محصول جو ھڪ سولو ۽ سڌريل نظام متعارف ڪيو ويو ھو. شھرن ۾ داخل ٿيندڙ تجارتي مال تي تمام گھڻو ناڪو چنگي ورتو ويندو ھو جنھن کي صفا ختم ڪيو ويو آھي. برآمدي محصول بہ سرحد جي پٽي تي مقرر جڳھن وٽ ورتو ويندو آھي. ھي معاملو مستقبل جي تجارت جي فائدي سان تعلق رکي ٿو، پر ھن مان شھرن کي ترت فائدو ٿيندو. اھڙي تجارتي چرپر ۽ محصول جي وصوليءَ تي تيز نظر رکڻ جي ضرورت آھي.
3) ھندستان سرڪار کان مٺڻ ڪوٽ وٺجي ۽ ان کي سنڌ جي لازم ۽ ملز ماڳ طور ڪتب آڻجي. ان کان سواءِ ڪڇيءَ واري ماڳ ڊيرا ۾ فوج رھائڻ گھرجي. پوءِ ان کي فوجي چوڪي بڻائجي يا ان کي فوجي ڪالونيءَ جي حيثيت ڏجي. سنڌوءَ کان وٺي ڍاڍر تائين ھن پٽيءَ کي سنڌ جي سرحد مقرر ٿيڻ کپي، جيڪا بولان لڪ جي منھن وٽ وڃي بيھي. اھڙيءَ سرحدي جوڙجڪ کان پوءِ ڌاڙيل بلوچ قبيلا ھتي ويھي ڪونہ سگھندا. جيڪڏھن ڌاڙيل ھن جوءِ تي ويھي ويا تہ انھن مان جند ڇڏائڻ لاءِ وڏي رتو ڇاڻ ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ مون کي شخصي طور اھڙو تجربو آھي.
ھيءُ جنرل سنڌ ۾ بہ انھيءَ ارادي سان رھيو ھو تہ ٻئي مقصد حاصل ڪيا وڃن. ھي لاھور ويو ۽ موٽي آيو. ان وقت ھو جسماني طور ڏاڍو ڪمزور ھو. ائين ٿيڻ ڪري سندس بلند حوصلا ماٺ ٿي ويا ھئا. ھن اھا پيش قدمي ان وقت ڪئي ھئي جڏھن سنڌ ۾ ڪالرا ڪيس ڪري ڇڏيا ھئا جنھن جي نتيجي ۾ سندس گھر مان بہ لاش نڪتا ھئا. اھڙي ڏک سندس ڏيل کي ڏنڀي رکيو ھو ۽ جيئري ئي لاش بڻجي ويو ھو. ايندڙ سرءُ تائين سندس جيءَ کي وڇوڙي جي جھوري لڳي رھي. ان کان پوءِ مس وڃي پاڻ سنڀالي سگھيو ھو.
خوشيءَ جي ڳالھہ اھا بہ ھئي جو ھن جي قائم ڪيل سنڌ جي انتظاميھ، ھاڻي سولائيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. انھيءَ زماني ۾ سکر ۾ ڪالرا قھر ڪري ڇڏيا ھئا. ھن ماڳ کان سواءِ ٻي ساري سنڌ ھن آپدا کان آجي ھئي. ڏوھھ بہ گھڻو گھٽجي ويا ھئا. اڳي عورتن جا قتل گھڻا ٿيندا ھئا. پر ھاڻي اھي بہ گھٽجي ويا آھن. قتل جا ٻيا واقعا بہ ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي رھيا آھن. ان مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ماڻھن جون سماجي عادتون تبديل ٿي ويون آھن. سرڪاري ڪم بہ گھڻا ٿي رھيا آھن. ڪراچي جي سامونڊي ڪناري وٽ ھڪ دمدمو تيار ڪيو ويو آھي. جيڪو گھڻي پنڌ تائين سمنڊ اندر ھيلو وڃي ٿو. تجارتي سامان جي آمد رفت سان لاڳاپيل آگبوٽ ھن جو پاسو ڏئي ھاڪاريندا آھن ۽ سکر ڏانھن ويندا آھن. ھيءُ سنڌوءَ وسيلي تجارتي ترقيءَ ناتي ھڪ اھم قدم آھي. ڪراچيءَ ڀرسان سامونڊي کاريون آھن. جتي بھتر جنس جو لوڻ تمام گھڻو آھي. لارڊ ھاب ھائوس ڏانھن لکيل يادداشت نامي ۾ بہ ان جو ذڪر ڪيو ويو ھو. اھڙيون کاڻيون ھلنديون وڃي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ختم ٿين ٿيون. انھن کي صاف ڪرائي کوٽائي واھھ جي شڪل ڏئي سگھجي ٿي. ھن واھھ ۾ پاڻي مستقل بيٺو ھوندو نہ ھن کي سانوڻ جي مينھوڳي متاثر ڪري سگھندي، نہ وري طوفان ئي ھن کي مشڪل بنائي سگھندو. ان ڪري آگبوٽ ھر موسم دوران پيا سولائيءَ سان ايندا ۽ ويندا.
ھي واھھ سنڌوءَ سان ھڪ سڌو رابطو آھي ۽ ڪراچي ھن آبي رستي جو ھڪ مستقل بندر ھوندو. جنرل سر چارلس سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين ٻہ آگبوٽ مقرر ڪيا آھن جيڪي تجارتي مال کڻي ان ماڳ تائين پھچندا آھن. اھڙيءَ طرح وچ ايشيا جي تجارت لاءِ ھڪ نئون رستو کلي پوندو ۽ اڄ يا سڀاڻي ان مان سنڌ کي تمام گھڻو فائدو ٿيندو ۽ جلد ئي سکي ستابي ٿي ويندي. اھا فطري ڳالھہ آھي ھر ڪم جي ابتدا ۾ گھڻيون مشڪلاتون سامھون اينديون آھن جن کي ھن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو:
”ڪراچي جا واپاري ڊڄڻا آھن يا ٿي سگھي ٿو تہ اھي چالاڪ ھجن، جيڪي مون کي ڊيڄاري رھيا آھن تہ مان تجارتي سامان جي نقل حرڪت جو ڀاڙو ٿورو وصول ڪريان، پر اھي ھن معاملي ۾ سوڀارا ڪونہ ٿيندا. مان حساب ڪتاب ڪري ڀاڙو ڪرايو اڳيئي تمام گھٽ ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏھن ھو ائين نہ ٿا ڪن تہ پنھنجا آگبوٽ خريد ڪن. سوئرن کي اناج زبردستي تہ نہ ٿو کارائي سگھجي. جيڪڏھن ھي واپاري پنھنجو تجارتي سامان ڀاڙي جي مقرر اگھھ سان آگبوٽن وسيلي مٿي کڻي وڃڻ نہ چاھين تہ انھن لاءِ اٺ تہ موجود آھن،جيڪي شڪارپور تائين سفر ۾ پنج ھفتا لڳائيندا. جڏھن تہ آگبوٽ اتي پھچڻ ۾ فقط سورھن ڏينھن وٺي ٿو. اٺن واري تجارتي قافلي سان ھٿيار بند پھريدار بہ ساڻ کڻبا آھن. پر پوءِ بہ يقين ڪونہ ھوندو آھي تہ ساٿ سلامت رھي سگھندو الائي نھ. جڏھن تہ آگبوٽ جو سفر بنا ڪنھن خوف خطري جي ھوندو آھي ۽ فقط ھڪڙو ماڻھو حفاظت لاءِ ڪافي ھوندو آھي. پر قافلي جي ھر ھڪ اٺ لاءِ ٻہ ماڻھو ضروري ھوندا آھن. ھڪ مھار کان ڇڪيندو آھي ۽ ٻيو پھريون ڏيندو ھلندو آھي. اھڙيءَ طرح ھر ھڪ قافلي سان ويھن کان ٽيھھ پھريدار ضرور کڻبا آھن. ڪي قافلا منزل مقصود تائين پھچڻ لاءِ ٽي مھينا وٺي ويندا آھن. اھڙين مشڪلاتن ھوندي بہ واپاري آگبوٽ لاءِ مون وٽ ڪونہ ايندا آھن. اھڙو موشو سندن چالاڪي ھوندي آھي. پر ڪاڪرس جي حساب ڪتاب سان ھنن ماڻھن سان پڄي سگھجي ٿو.
شڪارپور جا واپاري ڪجهہ وڌيڪ دورانديش آھن ۽ سمجھندا آھن تہ آگبوٽ گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نہ تہ پنھنجي ٻارڻ جو حساب تہ وٺندا. ان کان سواءِ ٻي اھم ڳالھہ اھا ھوندي آھي تہ اھي سدائين تيار ھوندا آھن. رڳو سامان لڏڻ جي دير ھوندي آھي. جيڪڏھن آگبوٽن سان لاڳاپيل عملدار ڪيڏانھن وڃڻ نہ چاھيندا آھن تہ مان انھن تي زور ڪونہ رکندو آھيان. اھو ضروري ھوندو آھي تہ اھي عملدار اتان جي ماڻھن کي بہ سڃاڻيندا ھجن. پر تجارتي آگبوٽن لاءِ ائين ڪونہ ھوندو آھي. جيڪڏھن سامان قيمتي ھوندو آھي تہ تجارتي آگبوٽ ڀاڙو ڪجهہ وڌيڪ وٺندا آھن. منھنجو تجربو ٻڌائي ٿو تہ آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت سرڪار پنھنجي ھٿ ھيٺ نہ رکي، پر واپارين جي حوالي ڪري ڇڏي. انھيءَ ڪري واپاري تجارتي آمدرفت لاءِ اٺن جي قافلن مان ھٿ ڪڍي ويندا. جيڪڏھن چاھيندا بہ تہ ائين ڪري ڪونہ سگھندا. اھڙيءَ ريت تجارتي آمدرفت ۾ تيز رفتاري اچي ويندي. ڀاڙي ڪرائي جو تعين طلب کي ڏسي ڪيو ويندو. جيڪڏھن فائدو گھڻو ٿيندو تہ ڪي، خانگي ماڻھو بہ آگبوٽ خريد ڪري تجارتي مقصدن لاءِ ڪتب آڻيندا، پر ان لاءِ ھڪ ننڍڙي ٻارڙي کي پالي نپائي وڏو ڪبو.
ھن قسم جي بھترين صورتحال کي وڏي پيداوار جي ھٿي ملي وئي آھي. 1846ع واري زراعت کي جنگين، بيمارين، ماڪڙ ۽ درياھي چاڙھھ ۾ ڪو نقصان ڪونہ پھچايو ھو. تنھن ڪري اناج جا اگھھ ھيٺ لھي اڌ بھا تي پھتا ھئا. ٽالپر خاندان جي اقتدار ۾ اچڻ واري دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ ڪڏھن بہ ڪڻڪ برآمد ڪانہ ڪئي ھئي. پر سدائين درآمد ڪندي ھئي. سنڌ 1846ع ۽ 1847ع ۾ پھريون ڀيرو ممبئي وسيلي ڪڻڪ انگلينڊ ڏانھن برآمد ڪئي ھئي. ۽ تمام گھڻو ناڻو ڪمايو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھا ڪئناڊا جي ڪڻڪ کان وڌيڪ سخت، خشڪ ۽ ڳؤري ھئي ۽ کلئي مارڪيٽ ان جو اگھھ في ٽن جي حساب ويھھ شلنگ وڌيڪ ھو. سر چارلس نيپئر يارھن ھزار ٽن ڪڻڪ ڍل ۾ ورتي ھئي. جيڪا ھن آئرلينڊ کي ڏني ھئي، جيڪو ان وقت ڏڪار جي ور چڙھيل ۽ انگلينڊ واري ڪڻڪ جي اگھھ کان ٽيون حصو گھٽ نرخ تي ڏني ھئي. لارڊ ايلنبرو اتان جي وزيرن کي ڪڻڪ جي سولي پھچ جو ٻڌايو ھو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي ڪڻڪ آئرلينڊ جي ماڻھن جون تڪليفون گھٽائي ورتيون ھيون ۽ سنڌ جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ھو. اھڙا قدم آئرلينڊ ۽ سنڌ لاءِ فائدي وارا ھئا. پر پوءِ اھڙين فائدي وارين ڳالھين کي رد ڪيو ويو ھو.
ڪڻڪ جي سٺي فصل لھڻ ڪري سرڪار جي پيداوار گھٽجي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڍل جنسن جي شڪل ۾ ڏنو ويو ھو. پر پوءِ بہ ايتري گھڻي ھئي جو انتظاميھ جي خرچ ڀرڻ کانپوءِ فوج جي خرچ جو پورائو ٿي ويو ھو. سر چارلس لاءِ انساني ڀلائي واسطي پيداوار ثانوي حيثيت رکندي ھئي. سندس خواھش ھئي تہ سنڌ ۾ ڪابھ شيءِ درآمد نہ ٿئي ۽ سنڌ خود ڪفيل رھي. سندس اھو بہ نقطئھ نظر ھو تہ انتظاميھ ۽ بچاءَ جي خرچ کان محصول واري پيداوار گھڻي وڌيڪ نہ ھجي. جيڪڏھن اھا وڌي وئي تہ سرڪار کي مجرم سمجھڻ گھرجي. پر اھڙن خرچن کي گھٽائڻ پنھنجو مقدس فرض سمجھڻ کپي. ائين بہ نہ جو انتظاميھ جي حالت رحم جوڳي بڻجي وڃي. سندس مقصد ھو تہ اھڙن ضروري ادارن کي صفا مفلوج بنائي نہ ڇڏجي. جڏھن سنڌ وڏي سڪر واري ٿي وئي، ماڻھو بہ سکيا ستابا ٿي ويا تہ ممبئي واري الزامن ھڻڻ واري ڌر جا تاڪ لڳي ويا جيڪي چوڻ لڳا ھئا تہ اھي سڀ ڳالھيون ڪوڙيون آھن جن تي اعتبار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. اھو چوڻ بہ غلط آھي سنڌين جي گھرن جي اڱڻ ان جون پليون موجود آھن. پر حقيقت اھا آھي تہ اھي ويچارا مانيءَ جي ڳڀي جا بہ محتاج آھن ۽ ڏڪار کين لاچار ڪري ڇڏيو آھي. اھو سر چارلس جي جھالت ڪري ائين ٿيو آھي. اھڙيون اخبارن وسيلي انگلينڊ پھتيون ھيون، جيڪي وري اتان جي اخبارن ۾ سچ سمجھي کنيون ھيون.
سر چارلس اھڙين اجاين ڳالھين ڏانھن ڪنھن بہ قسم جو ڌيان ڪونہ ڏنو ھو ۽ پنھنجي انتظامي ڪمن ۾ لڳو رھيو. آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ واھن جي کوٽائي جو ڪم تيز رفتاريءَ سان ھلي رھيو ھو. ھي ڪم ڪئپٽن پيٽ جي نگراني ۾ ٿي رھيو ھو. جيڪو سندس حوالي ڪيو ويو ھو. ھي ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي عملدار ھو. ان ڪري جنرل چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ اھو ڪم صحيح طريقي سان مڪمل ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ھندستان سرڪار خرچ پکي ۾ واھر ڪئي تہ سنڌ لاءِ خوشحاليءَ جو رستو کلي پوندو. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکي ھن ڪيترائي منصوبا جوڙيا ھئا ۽ ان مقصد کي آڏو رکي تحقيق ڪرڻ جي ارادي سان ڪيترا آگبوٽ اٽڪ بہ موڪليا ھئا. کيس اميد ھئي تہ ھن وڏي درياه وسيلي تجارتي آمد رفت شروع ڪري سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن درياه جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي بہ تجارت جي ابتدا ڪري سگھجي ٿي. پر ڪامورا شاھي جي اجائي دير ڪرڻ ڪري سندس سڀئي منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا ھئا ۽ سڀئي آسون اميدون ھوا اڏائي وئي ھئي. ھن جيڪي بہ منصوبا تيار ڪري مٿي موڪليا ھئا تن جو کيس ھاڪاري ناڪاري جواب بہ ڪونہ ڏنو ويو ھو. نہ رڳو اھو پر ھن جيڪي پنجاب خلاف جنگ لاءِ جيڪا بھترين فوج منظم ڪئي تنھن کي ختم ڪري ڇڏڻو پيو ھو. ھن جو اھو سٺو موقعو ھو جنھن، جو ھن فائدو بہ ورتو ھو. ان ڪري ھن جنوري 1847ع ۾ ھڪ حڪم جاري ڪيو ھو جنھن ۾ سنڌ جي اھميت تي روشني وڌي ھئي. منظم ڪيل فوج کي ختم ڪيو ويو ھو.
”سنڌ جي فوج کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڪيو پيو وڃي. ان ناتي فوج جي تعداد گھٽايو ويندو. پر سنڌ جي سرحد واري علائقي جي قلعن اندر کئوسين فوج رکي اھا مختصر فوج سنڌ جي امن امان لاءِ موجود ھوندي، جيڪا اڳين ٻن سالن کان وٺي ھتي موجود آھي. پر لاھو رجي سرڪار ۽ ان جي فوج جي سرگرمين کي ڏسي ھندستان سرڪار پنھنجي طرفان ضرور فوج رکندي.
پنجاب کان خوف خطري جو احساس وڌي رھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ستلج واري علائقي ۾ انگريزن ڪجهہ سوڀون ماڻي ورتيون ھيون. تنھن ڪري سنڌوءَ وسيلي مٿي ويندڙ فوج جو تعداد گھٽايو ويو ھو.
سنڌ ۾ رھندڙ مختصر فوج، ھن مانائتي صوبي جي امن امان لاءِ آھي. ھتان جا ماڻھو امن امان سان ھلي رھيا آھن ۽ قانون جو احترام ڪري رھيا آھن. اھڙيون ڳالھيون ھتي رھندڙ فوج لاءِ وڏي واھر آھن. اھو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ تہ فوج جو انھن ڏانھن رويو بہ سٺو ۽ ھمدردانھ آھي. انگلينڊ بہ ھن پرامن صوبي ڪري خوش آھي جنھن کي انگريزن بھادر فوج فتح ڪيو ھو. انھن انگريز عملدارن جي ڏانءَ ۽ ڏات کي مڃتا ملڻ گھرجي. جيئن سنڌ سرڪار جي ھر کاتي کي ھلائڻ جي ابتدا ڪئي ھئي ۽ انھن عملدارن جي عقل ۽ دانش کي دل ڏيڻ گھرجي جن عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ لاءِ رات ڏينھن رت ولوڙيو. انھن ماڻھن جا بہ احسان آھن، جن ھن صوبي جي انتظاميھ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو ھو. سنڌ جي ماڻھن ٻہ ڀيرا پنھنجي شرافت جو مظاھرو ڪيو ھو. ھڪ ان وقت جڏھن سنڌ جي ساري فوج، ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ اوڏانھن ھلي وئي ھئي. ٻيو ڀيرو تڏھن جڏھن ھي فوج پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ بھاولپور ۾ موجود ھئي.
انگريز فوج سنڌ کي فتح ڪري ھتان جي غلام قوم کي آزاد ڪرايو ھو ۽ ڌاڙيلن جي آزار کي ختم ڪري، امن امان قائم ڪئي ھئي. ان کان سواءِ ھن فوج ڪمپنيءَ جي خزاني ۾ سنڌ جي پيداوار جو بہ اضافو ڪيو ھو. تنھن ڪري ھي محترم ۽ باوقار فوج جتي اڳئين مالي سال دوران عام نوعيت ۽ خاص نوعيت جي خرچ جا ڪل انگ اکر پندرھن لک ھڪ ھزار ست چوونجاھھ رپيا ھئا جنھن ۾ ٻہ ھزار چار سو پوليس وارن جون پگھارون بہ شامل سمجھيون وڃن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ پيادل ھئا. جڏھن تہ ان سال جي پيدوار ايڪيتاليھھ لک ٻائيتيالھھ ھزار نو سو ٻارھن رپيا ھئا. باقي بچت واري پنجويھھ لک رقم فوج لاءِ کنيل قرض ۾ واپس ڪئي وئي. ھي خرچ سنڌ جي فتح تي ڪونہ آيو ھو. پر ان کان اڳ واري سنڌ جي والار ۽ پنجاب تي ڪيل حملي دوران فوج تي آيو ھو.
سنڌ جي فتح کان ھن فوج تي ڪو گھٽ خرچ ڪونہ ٿيو ھو. پر اھو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذمي ھو. فتح کان پوءِ ٻائيتاليھھ لک ستٽيھھ ھزار چار سؤ پنجٽيھھ روپيا گھٽجي ويو آھي. ڇاڪاڻ تہ اھا رقم دٻي حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ کان وٺي، اڄ تائين وصول ڪري، سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي. سول گورنمينٽ ۽ پوليس تي آيل خرچ ھن کان علاوه آھي.
فتح کان اڳ وارو سارو خرچ تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ذميواري آھي. پر ان کان پوءِ اسان ڪمپنيءَ کان ھڪ پئسو بہ ڪونہ ورتو آھي. انگريزنن جي فوج 1842ع ۾ ڪراچي ۽ سکر تي قبضو ڪري ورتو ھو. پر جيڪڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ ان فوج کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏين ھا جيڪا ھڪ ٻئي کان چار سو ميل پري ھئي. جڏھن تہ ڪراچي ڀرسان حيدرآباد ۾ اتان جي ۽ سکر ڀرسان خيرپور جي ميرن جي فوج موجود ھئي. اھي فوجون وچ سنڌ ۾ ملي ڪراچي تي حملو ڪن ھا، تہ سکر واري فوج ڪراچي واري فوج جي واھر ڪري ڪانہ سگھي ھا ۽ جيڪڏھن سکر واري فوج تي حملو ڪيو وڃي ھا تہ ڪراچي واري فوج مدد ڪري ڪانہ سگھي ھا. جيڪڏھن مدد لاءِ ٻئي پاسي کان فوج موڪلي وڃا ھا، تہ ان کي پھچڻ ۾ ڀريا پنج مھينا لڳي وڃن ھا. اسان پنھنجن قبضن کي برقرار رکي سگھون يا نہ رکي سگھون ھا اھا ڳالھہ ٻنھي حڪمرانن جي عقل تي آڌاريل ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي سکر ۽ ڪراچي جي وچ واري مرڪزي علائقي جا حڪمران ھئا ۽ ھڪ لک فوج سندن ڪمانڊ ھيٺ ھئي.
مختلف ھنڌن تي ورھائجي ويل فوجون وڍجي ڳتر ٿي وڃن ھا. ڇاڪاڻ تہ ھنن لاءِ پوئتي موٽڻ جا سڀ ڳٿا بند ھئا.
لارڊ ايلنبرو 1843ع ۾ جنگي سرگرمين جو حڪم ڏئي، ڪابل کان شڪست کائي موٽندڙ فوج کي قتل عام کان بچائي ورتو ھو، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ موجود ھئي. ان کان سواءِ ھن ھندستان جي انگريز شھنشاھت جي اتر – اولھہ واري سرحد کي وڌيڪ محفوظ ڪري ورتو ھو. جيڪڏھن ڏسجي تہ فوجي نقطئھ نگاھھ کان سنڌ ھڪ اھم جڳھھ آھي. جيتري قدر تجارت جو تعلق آھي تہ ان لاءِ سنڌو موجود آھي. جنھن وسيلي تجارتي آمد رفت ڏاڍي سولي آھي. پنجاب لاءِ بہ ھيءَ ڌرتي ڪنجيءَ جي حيثيت رک ٿي.
جيتري قدر فتح جو تعلق آھي تہ ان ۾ بہ سکر ۽ ڪراچي ۾ رھيل قابض فوجن حصو ورتو ھو. جنھن ۾ ھڪ فوجيءَ جو بہ اضافو ڪونہ ڪيو ويو آھي. سنڌ کي فقط ان ئي فوج فتح ڪيو ھو، جيڪا اڳي اتي قابض ھئي ۽ سکر ۾ رھيل ھئي.
ھيءَ اھڙي حقيقت آھي جنھن کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانہ آھي. پر ساري حقيقت اھا ڪانہ آھي جنھن کان اڳ واري سرحد پٽي ڀڄ کان ’ٻاھڙمير‘ تائين پکڙيل ھئي. پر ھاڻي اھا اڳتي وڌي سنڌ جي اولاھين سرحدي پٽيءَ وٽ وڃي بيٺي آھي. سنڌ ۾ گئريسن فوج رکڻ جي ڪابھ ضرورت ڪانہ آھي. نہ وري اضافي لشڪر جي کوٽ محسوس ٿيندي، جنھن جي ٽوٽ وڃي ممبئي جي فوج تي پوي. ھاڻي ھتي فقط فتح واري فوج جي رھڻ جي ضرورت آھي. ھڪ بہ فوجيءَ کي ھتان ٻاھر ڪونہ ڪڍيو ويندو. سنڌوءَ تي ھلندڙ تجارت بہ بند ڪانہ ٿيندي، پوءِ ڀلي پنجاب جي تجارت بہ کولي وڃي.
ھن وقت سنڌ جي امن امان لاءِ فوج کان سواءِ پوليس بہ رکي وئي آھي. خرچ پکي لٿي جيڪي چار ڏوڪڙ بچن ٿا ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن ٿا. فوج تي ايندڙ خرچ ممبئي سرڪار جي ذميواري آھي، جنھن لاءِ سنڌ خرچ ڪانہ ڀريندي. پر پوءِ بہ اھو خرچ سنڌ برداشت ڪري رھي آھي. جڏھن تہ ھندستان سرڪار جي ٻين صوبن لاءِ ائين ڪونہ آھي.
سنڌ جي فتح ڪري ممبئي سرڪار جي پيداوار تمام گھڻي وڌي وئي آھي. اڳي آفيم جي سمگلنگ سنڌ وسيلي ٿيندي ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. پر ھاڻي ممبئي سرڪار کي ھن نشيدار شين جو واپاري ڪندي، ڪنھن بي حساب فائدو ٿيندو آھي. ان کان سواءِ ڪراچي ۽ سکر جي وچ ۾ ڏاڍي تيز رفتاري سان تجارت ھلي رھي آھي. جيڪڏھن انگريزن ستلج وارو علائقي جيتي ورتو تہ اھو واپار پنجاب تائين پکڙجي ويندو ۽ سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي جيڏانھن ڪيڏانھن ھلي سگھي ٿو. ان ڪري انگريز واپارين کي وڏو فائدو ٿيندو. لارڊ ايلنبرو جي مرضي ھئي تہ سکر جو نالو وڪٽوريا آن انڊس رکيو وڃي،جيڪو وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ واپاري شين جو ڀانڊار بڻجي ويو آھي.
”سنڌ فوج“ جي ريجمينٽن ۾ اھا فوج ملازم ھئي، جنھن سنڌ کي فتح ڪيو ۽ ان کان پوءِ اتي قبضو ڪيون ويٺي آھي. ان واقعي کي ھاڻي چار سال گذري ويا آھن پر ھتي نہ تہ انگريز سرڪار خلاف ڪا سازش ۽ بغاوت ٿي آھي، نہ وري ڪنھن قسم جي دشمني نظر اچي ٿي جيڪا انگريز حڪومت يا خانگي طور ڪنھن انگريز خلاف ھجي. نہ وري ڪنھن فوجي عملدار يا فوجي سپاھي ھتان جي ماڻھن کي آزاريو آھي، جو اھڙي شڪايت پيدا ٿي ھجي. فاتح ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾ ڪنھن بہ قسم اڻبڻت ڪانہ آھي. جيتري قدر مفتوح لفظ جو تعلق آھي تہ اٽڪل سٺ سال اڳ ھڪ ظالم خاندان غداري ڪري، ھتان جي حڪمران کي قتل ڪري پنھنجي حڪومت ۽ خوف ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ھو. اسان تہ ھنن ماڻھن کي ذلت ۽ غلاميءَ مان آزاد ڪيو آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن کي مفتوح چئي ڪونہ ٿو سگھجي.
ھي فوج ۽ انگريزن جو شان ۽ وقار آھي،جو انھن مياڻي ۽ حيدرآباد واريون جنگيون کٽي ورتيون ھيون. جنگ جرئت تي کٽبي آھي. پر اھا تہ وڌيڪ جرئت ۽ بھادري ھوندي آھي، جڏھن فاتح فوج ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا پيدا ٿي وڃن ۽ ماڻھو پرامن ٿي وڃن.
اھا فوج اوھان جي محنت ۽ خوف جو نتيجو آھي. اھي ريجمينٽون موٽي پنھنجي پريزيڊنسين پھتيون ھيون. اھي فوجون انھن ماڻھن لاءِ اعزاز جو ڪارڻ بڻجي ويون جن نھايت سچائيءَ سان پنھنجا منصبي فرض سرانجام ڪيا ھئا، جن جي بھادري ۽ جرئت جي پنھنجي حڪومتن ۽ انگلينڊ جي تاجدار تعريف ڪئي ھئي ۽ منظم فوج لاءِ اھو وڏي ۾ وڏو اعزاز ھو.
مون کي ھن وقت سنڌ جي گورنر جو معزز عھدو آھي. ان کان سواءِ ممبئي جي فوج جي ھڪ حصي جو ڪمانڊر آھيان، جيڪا ھندستان سرڪار جي نئين سرحدي پٽي سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھي آھي. ھاڻي تہ اھو شخص اوھان جي ماتحت فوجي جنرل آھي، جيڪو پوريءَ ريت باخبر آھي تہ توھان ڇا ڪيو آھي ۽ ڪيترا ڏک ۽ ڏچا ڏٺا آھن. اھا بہ خبر آھي تہ اوھان ان فوج کي ڇو ختم ڪري رھيا آھيو، جنھن ھندستان سرڪار جي اعزاز ۾ واڌارو ڪيو آھي مان ان فوج جي خوبين ۽ خامين جو معترف آھيان ۽ ھنن جيڪا مون سان مدد ڪئي ھئي تنھن لاءِ مان سندن ٿورائتو آھيان. ھيءَ فوج جنھن جرئت جو مظاھرو ڪري بھاولپور ڏانھن وڌي ھئي، سا بي مثال ھئي. ھن فوج جھڙي اھم ۽ بھادر فوج ساري ھندستان ۾ ڪانہ لڀندي، جنھن تي پنھنجي ڪمانڊر جو اکٽ اعتماد ھجي.
سنڌ جي اھا فتح سر چارلس جي جرئت ۽ بھادريءَ جو نتيجو ھئي. جنھن ڪري سندس دشمن جو ھيانءُ سڙي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھو اھڙيءَ سچائيءَ جو اظھار ھو، جيڪو ھنن ماڻھن لڪائڻ پئي گھريو. ھنن ماڻھن جي ذھني تڪليف ان وقت رھندو بہ وڌي ھئي جڏھن ھن جون لارڊ ايلنبرو ۽ ڊيوڪ آف ويلنگٽن تعريفون ڪيون. انگلينڊ جي تاجدار بہ کيس ”ليفٽيننٽ جنرل آف انڊيا“ جي عھدي تي ترقي ڏني. ھن وقت تائين اھڙو عھدو فقط ڪمانڊر ان چيف لاءِ مخصوص رھيو آھي. جڏھن تہ لارڊ ايلنبرو کيس ھن قسم جي اعزاز سان نوازيو آھي:
”ھتي مون کي سر چارلس نيپئر جي جرئت ۽ بھادريءَ جي تعريف ڪرڻ غير ضروري محسوس ٿي رھي آھي. مان جڏھن گورنر جنرل ھوس تہ مان سندس دليريءَ ۽ جرئت کي ڏسي اھڙا ڪم ڪيا ھئا، جن مان محسوس ٿيندو تہ مان سندس قدر ۽ احترام ڪري رھيو ھوس. مان سمجھان ٿو تہ منھنجي ھندستان مان ھلئي وڃڻ کان پوءِ جيڪي ھن ماڻھوءَ منصبي فرض ادا ڪيا آھن، سي انھن کان بہ عظيم آھن جيڪي ھن منھنجي ايامڪاريءَ دوران سرانجام ڪيا ھئا. پر کيس سندس مان ۽ شان مطابق ڪوبہ اعزاز ڪونہ ڏنو ويو آھي. ھن ڪڇيءَ جي جابلو علائقي جي ڌاڙيلن خلاف جيڪا جنگي مھم شروع ڪئي ھئي، جيڪا مياڻيءَ حيدرآباد وارين جنگين کان بہ اھم ھئي. ھي ٻئي جنگي واقعا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن. ھنن فتحن مان بہ معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھو نھايت عقلمند انسان ۽ ڏاھو فوجي ڪمانڊر آھي جيڪڏھن ڪابھ سرڪاري انتظاميھ ماڻھن کي خوش ڪري ۽ انھن جو اعتماد بحال ڪري ٿي تہ پوءِ ھن چوڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جو وڌاءُ نہ آھي تہ سر چارلس ھڪ وڏو ۽ ڪامياب منتظم ھو. ستلج خلاف مھم دوران کيس اڳواٽ اطلاع ڪونہ ڏنو ويو ھو تہ فوج تيار ھئڻ گھرجي. پر ھن حڪم ملڻ کان فقط ٻن ٽن ھفتن اندر پندرھن ھزار فوج، ملتان خلاف منظم ڪري ورتي جنھن سان ھڪ سو توبون بہ گڏ ھيون. ھن جي پٺيان پرامن سنڌ ھئي. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اھو ڪافي ھو تہ جنگ ۽ ان لاءِ سندس اختيار ڪيل حڪمت عملي بي مثال ھئي. ان لاءِ کيس ھن نہ رڳو ساراھھ جوڳو بندوبست ڪيو ھو يا عدل ۽ انصاف سبب سندس حڪومت کي عوامي مڃتا ملي ھئي. پر کيس فوجي نقطئھ نظر کان پوءِ بہ وڏي اھميت حاصل ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن سنڌ ۾ فتحون ڪري جنگي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ھو. پر ھن ملڪ ۾ اھڙين اھم ڳالھين کي پڇ سان سمجھيو ويندو آھي. اھي ٿورا ٿڪا ماڻھو بہ اھڙن واقعن کي اھم ڪونہ ٿا سمجھن، جيڪي پاڻ انھن جنگين ۾ موجود ھئا. مان چوان ٿو، تہ ھن ماڻھوءَ جي اھم خوبين ۽ خاصيتن کي ڏاڍي دير سان محسوس ڪيو ويندو ۽ سر چارلس جي مري وڃڻ کان پوءِ ھتان جي ماڻھن کي معلوم ٿيندو تہ ھيءُ عظيم انسان نہ رڳو ڪامياب فوجي ڪمانڊر ھو، پر سول حڪومت ھلائڻ ۾ بہ ڏات ڌڻي ھو. اھڙين ٻنھي ڳالھين جو ھڪ جاءِ سنگم وڏيءَ دانشمنديءَ جي علامت ھوندو آھي.“
سنڌ ھاڻ ڏاڍي سکي ستابي ٿي وئي آھي، پر ان جي سرحدي پٽي ڌاڙيلن جي آزار کان آجي ڪانہ آھي. 1846ع جي پڇاڙيءَ ۾ بگٽين کي مرين ماري مڃايو. ان کان پوءِ کيتران ۽ مزاري قبيلن بہ ھنن کي ٿو کٽا ڪري ڇڏيو. بعد ۾ دريا خان جي سربراھيءَ ۾ جکراڻين بہ ھنن سان جھيڙو ڳنڍيو ھو جيڪي اڳي بگٽين سان ٻٽ ۽ جھٽ ھوندا ھئا. ھاڻي اھي ساڳيا بگٽي، ڊيرا واري علائقي ۾ پوکي راھي ڪري پيٽ گذر ڪري رھيا آھن ۽ ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. پر سندن پوکون ڪونہ ٿيون. تنھن ڪري ھي بک کان ڇتا ٿي ڌاڙن ۽ ڦرين ڪرڻ جي غرض سان سنڌ ڏانھن اچڻ لڳا آھن. ان صورتحال کي ڏسي انگريز گھوڙيسوار اڳتي وڌي کين مھاڏو ڏيڻ لڳا. ليفٽيننٽ مور سندن اڳواڻ ھو، جيڪو جکراڻين کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ھو. پھرئين حملي ۾ بگٽين ھن کي شڪست ڏني. پر بعد ۾ ھن جھنگ ۾ وڃي گھڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن ۾ ھنن جو قبائلي سردار بہ ھو. ان کان پوءِ ھو جڏھن ٻاھر نڪتا تہ مور ڏٺو تہ اھي تعداد ۾ تمام گھڻا ھئا، تنھن ڪري ھو پوئتي ھٽي ويو ۽ جکراڻين کي مقابلي ڪرڻ جو چيائين. جن چيو تہ اسان ساڻن مقابلو ڪري ڪونہ سگھنداسون. ان کان بعد کين ھن جکراڻين کي بگٽين جي گھوڙن کي مارڻ ۽ کين تلوار سان قتل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، پر ھو ائين ڪري ڪونہ سگھيا. تنھن ڪري انگريزن جي فوج موٽي اچي ميرپور پھتي ھئي، جتي ڪرنل اسٽئڪ جي ڪمانڊاريءَ ۾ مودي فوج پھچي چڪي ھئي. ان کان سواءِ ليفٽيننٽ گريوز بہ ھن ماڳ تي پھچي چڪو ھو،جنھن کي پڻ بگٽين شڪست ڏني ھئي. بگٽين جي ڌاڙن جي اھڙي خبر شڪارپور موڪلي ڏني ھئائين. ڪرنل اسٽئڪ سان بھادر گھوڙيسوار گڏ ھئا. ان کان سواءِ گريوز جي اطلاع موڪلڻ تي شڪارپور مان رائيفلن وارا ڪجهہ فوجي بہ پھچي ويا ھئا. ڪرنل شاھيمرز ڏانھن اطلاع موڪلڻ وساري ڇڏيو ھو ،جتي گئريسن فوج ويٺي ھئي. جيڪا اوچ ڏانھن وڌي بگٽين جي موٽ وارو رستو روڪي بيھي ھا. بگٽين تي جلدي ۾ حملو ڪرڻ ضروري ھو. ڪرنل اسٽئفڪ ميرپور ۾ چئن ڪلاڪن کان پوءِ گھوڙيسروار وٺي اڳتي روانو ٿيو. پر فوج ۽ وھٽن لاءِ پاڻي کڻڻ وساري ويٺو ھو. ھي ساري رات سفر ڪندو باک ڦٽيءَ جو وڃي بگٽين وٽ پھتو جيڪي ڊپ ۾ ويٺا ھئا ۽ ڌاڙيل ۾ ڦريل چوپائي مال کي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. بگٽين جا اٺ سو ماڻھو جن وٽ مقابلي لاءِ فقط تلواريون ھيون جيڪي تلوارن سان ڍالون کڙڪائيندا، وڏا آواز ڪندا فوج مٿان ڪاھي آيا. اسٽئڪ وٽ اڍائي سو گھوڙيسوار ھئا. جن وٽ ڪاربائينس ۽ پسٽول ھئا، پر ھنن سان مقابلي ڪرڻ جو ڀوتو نہ ڀائين ميرپور موٽي آيو. پاڻ سان پاڻي نہ کڻڻ ۽ اوٽ موٽ جي سفر ڪري وھٽ ۽ فوجي اڃ ۾ ساڻا ٿي ڪري پيا ھئا. ڪرنل موٽي اچڻ جو بھانو اھو ڏنو ھو تہ بگٽي پڪيءَ زمين ۽ دڙي تي ھئا ۽ وچ تي وڏي کاھي موجود ھئي. تنھن ڪري ڪرنل اسٽئڪ کي معاف ڪيو ويو ھو. پر بعد ۾ پتو پيو تہ ھڪ ننڍڙي دڙي ھئي ۽ کاھي تہ بلڪل ئي ڪانہ ھئي، ليڪن بعد ۾ پتو پيو تہ انھيءَ ايراضيءَ ۾ سراب ماڻھوءَ جي نظر کي ڌڪو ڏيندو آھي ۽ انگريز ڪمانڊر بہ سراب جو ڌوڪو کائي ويو ھو. انھيءَ ويل اسلام خان بگٽيءَ پنھنجي ماڻھن کي چيو تہ ھو پنھنجي زندگي تان آسرو لاھي ويھي رھيو آھي، تنھن ڪري ھو جابلو علائقي ڏانھن ھليا ويا ۽ گھوڙيسوار بہ موٽي آيا. جبل ۾ پھچڻ کان پوءِ اسلام خان جي صحت بحال ٿي وئي. اتي ويھي ان سردار جي خيرات ڪئي وئي، جنھن کي جھنگل ۾ قتل ڪيو ويو ھو ۽ قسم کنيو ويو تہ جکراڻين سان ھڪ ھڪاڻي ٿيندي ۽ کين ڪڏھن بہ معاف ڪونہ ڪيو ويندو. انگريز گھوڙيسوار ھن مھم ۾ بہ ناڪام ٿيا ھئا، تنھن ڪري نئين طريقي سان سوچيو ويچاريو ويو ھو. ان کان پوءِ نئون بندوبست ۽ جوڙجڪ ڪيو ويو جنھن مان ثابت ٿيو تہ ڌاڙيل مختلف ٽولين ۾ ورھائجي ويا ھئا. ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ پوليس جو ڪماني ھو، جنھن حملو ڪري ڌاڙيلن جي ھڪ وڏي ٽولي کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. ڳالھہ ھن ريت ھئي تہ کيس خبر پئي تہ ڌاڙيل ڦرلٽ ڪري وڃي رھيا آھن، اھا ڦر ٿوري مال جي ھئي. ينگ ھسبنڊ بہ چوٽيھھ گھوڙيسوار ساڻ ڪري سندن ڪڍي لڳي پيو. ڌاڙيلن جو تعداد تمام گھڻو ھو، ينگ ھسبنڊ بہ پنجويھھ ميل سفر ڪري ھڪ رڻ پٽ ۾ وڃي کين سوگھو ڪيو. ٿوري مقابلي کان پوءِ الف خان ڏھن بگٽين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تہ ستن کي قيد ڪري ورتو ھو. ان کان سواءِ ھن دورا کي جھلي ورتو ھو جيڪو سندن سردار ھو.
تِر جي گٿي سو چوٽون کائي. ڪرنل اسٽئڪ جي ٿوري غلطي ڪري ڌاڙيلن جي دل وڌي وئي ھئي، جيڪي پاڻ کي کڳي مان يقين شاھھ سمجھڻ لڳا ھئا. تنھن ڪري امڪان اھو پيدا ٿي پيو ھو تہ ھتان بولان لڪ وارا بلوچ قبيلا اچي بگٽين سان سلٽ ڪن. اھا ڳالھہ سوچي سنڌ مغل گھوڙيسوارن ۽ اٺ بردار فوج کي سنڌ جي سرحد ڏانھن روانو ڪيو ويو ھو. بگٽي ھاڻي تہ اتي ئي ڏچي ۾ ھئا. مري بہ ھنن خلاف تلوارون کڻي ميدان ۾ لھي پيا ھئا. جيڪي ھار کائي ٿوري وقت لاءِ ماٺ ٿي ويا ھئا. ممبئي وارا اھو سارو ڏوھھ سر چارلس تي ٿاڦي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھو انھيءَ زماني ۾ ڪيڏانھن وڃي ڪونہ ٿي سگھيو، نہ وري واتان ڪا ٻڙڪ ٻاڦي ٿي سگھيو. کيس پنھنجي بچاءَ لاءِ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو بہ ڪونہ ھو. جيڪڏھن ھو ڳالھائي ھا تہ سندس مخالفن کي مٿس الزام ھڻڻ لاءِ گھڻا عنوان ملي وڃن ھا. ھنن وٽ لکپڙھہ بيشمار ڪاغذ موجود ھئا. ان ڪري اخبارن کي سول ۽ فوجي قسم جي غلطين سان لاڳاپيل ھزارين حقيقتون ٻڌايون وينديون. انھن اخبار وارن کي ٻڌايو ويندو ھو تہ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿي رھيو آھي جو سول انتظاميھ ۽ فوج بدانتظاميءَ جو شڪار آھي، جنھن لاءِ ھو افسوس جو اظھار ڪندا ھئا. اھي ڳالھيون نفرت جھڙيون اخبارن وارن کي ممبئي ڪائونسل جا ميمبر لڪ چوريءَ ۾ پيا مڇرائيندا ھئا ۽ ھٿ سان ڪوڙا الزام گھڙيندا وتندا ھئا. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بہ اھڙن ماڻھن کي وڏا انعام ڏيندي ھئي تہ جيئن اھي سر چارلس نيپئر کي وڌ کان وڌ بدنام ڪندا رھن. اھي ماڻھو ھن جي غلطين ۽ جرئت خلاف بيان ڏئي ھندستان جو تحفظ ڪرڻ چاھيندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ٻيو ڪو الزام ڪونہ لڀندو ھو تہ ھن جي خلاف اھو ضرور چوندا ھئا تہ ھن ظالم ڪمانڊر معصوم مزاج وارن ٽالپرن سان وڏو ظلم ڪيو ھو ۽ سندس زالن سان تہ قھر جي انتھا ڪري چڪو ھو. ھي اھڙو ڪٺور انسان ھو، جنھن ٽالپر عورتن کي پاتل سونا ڳھھ بہ ان مقصد سان لھرائي ورتا ھئا تہ جيئن سندن مال غنيمت ۾ اضافو ٿئي. ھن مير شھداد جي ڪراڙي والده جي پڻ توھين ڪئي ھئي. کيس ذھني عذاب ڏيڻ لاءِ سندس لکيل پنھنجي پٽ ڏانھن خط کي کولي ڏٺو ھئائين. سندس حڪومت دوران ھن معزز عورت کي اڃون ۽ بکيو رکيو ويو ھو. ان کان سواءِ ھن جي ھيرن جواھرن مڙھيل سونن ڳھن کي ممبئي جي بزار ۾ وڪرو ڪيو ويو ھو. اھڙيون الوڻيون ڳالھيون ھن پنھنجي مفاد خاطر ڪيون ھيون ۽ عزت واري جي عزت کي ڪونہ ڏٺو ويو ھو.“
ھيءَ معزز عورت پنھنجي ڀيڻ سان گڏ رھندي ھئي. جيڪا مرحوم مير ڪرم عليءَ جي بيوه ھئي. سر چارلس نيپئر ھنن ٻنھي معزز عورتن جي عزت ۽ وقار کي برقرار رکيو ھو، جن کي مياڻي جي جنگ کان پوءِ نھايت ادب ۽ احترام سان رھايو ويو ھو. پر ويھھ لک اسٽرنگ پائونڊن جيتري رقم ٽالپر حڪمران جي خزاني مان کڻي ورتي ھئي. اھي عورتون انھيءَ وقت شڪايت ڪري رھيون ھيون. کين ھر چيز جو محتاج بڻايو ويو آھي. بک مارڻ وارو ڪوڙو قصو بہ ھنن عورتن ڏانھن منسوب ڪيو ويو آھي. جن ھڪ مير جي مقبري جي تعمير تي ڏھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ خرچ ڪيا ھئا، مير ڪرم علي جي بيوه ھن عورت پنھنجي ايراني غلام مرزا خسروءَ وسيلي انھن ننڍن ميرن جي مدد سان ھڪ منصوبو جوڙيو ھو جيڪي علي مراد جي درٻار ۾ رھندا ھئا. ان منصوبي مطابق مير شھداد ڏانھن ھڪ خط موڪليو ھو. اطلاع ملڻ کان پوءِ ان قاصد کي سرحد وٽ روڪيو ويو ھو ۽ تلاشي وٺڻ کان پوءِ ھن جي سامان ۾ لڪايل سونا سڪا ۽ سونيون سرون ھٿ لڳي ويون ھيون ۽ قاصد کي گرفتار ڪيو ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ اھو خزانو مير شھداد ڏانھن موڪليو پئي ويو، جنھن جا ٻہ مقصد ٿي سگھن ٿا: ھڪ تہ اھا رقم ڏئي مير شھداد قيد مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ھا. ٻيو تہ اھا ڊاڪٽر بسنت ڏانھن موڪلي وڃي ھا تہ جيئن اخبارن ۾ ٽالپر مسئلي کي اڃا بہ اڀاريو وڃي ۽ سر چارلس کي وڌ ۾ وڌ بدنام ڪيو وڃي. پر اھڙو مقصد پورو ٿي ڪونہ سگھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ جنرل سر چارلس سرڪاري قيديءَ سان غير قانوني ملڻ واري منصوبي کي ناڪام ڪري ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ اھا ساري رقم خط سميت ان معزز عورت جي حوالي ڪري ڇڏي ھئي، جيڪا مير شھداد جي والده ھئي ۽ جنھن اھا رقم موڪلي ھئي.
1846ع دوران سنڌ جون حالتون اجھي اھي ھيون. 1847ع ۾ سر چارلس پنھنجي روايتي دشمنن کي مھاڏي ڏيڻ سان گڏ ھي ڳالھيون بہ سوچي رھيو ھو تہ ھو سنڌ ڇڏڻ کان اڳ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي وڌيڪ مستقل ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم ڪري تہ صحيح ٿيندو. ھو اڳواٽ ئي سمجھي چڪو ھو تہ ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ممبئي طرفان قائم ڪيل سنڌ جي سول حڪومت ھن جي سڀني منصوبن کي ابت سبتو ڪري تباھہ ڪري ڇڏيندي ۽ اھو چوندي تہ سر چارلس نيپئر ڪجهہ بہ ڪونہ ڪيو ھو. ھيءُ ماڻھو دشمنن جي ننڍين شرارتن کي اک وٽائي بہ ڪونہ ڏسندو ھو. پر کيس اھو کٽڪو ٿي پيو ھو تہ متان ھتان جي ماڻھن کي وحشت جي حوالي نہ ڪيو وڃي. تنھن ڪري ھن زمين جي مالڪيءَ واري معاملي کي مڪمل ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن حڪمت عمليءَ مان سندس مقصد ھو تہ جيئنءَ ماڻھو وڏو تعداد ۾ زمين جا مالڪ بڻجي وڃن ۽ ٽالپرن جا درٻاري، نوڪر چاڪر ۽ غلام آزاد ٿي وڃن ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق رھن ۽ آزاد نموني پورھيو ڪري پنھنجي زندگي عزت سان گذارن. ھو گھڻي وقت تائين ھن منصوبي تي سوچيندو رھيو ھو ۽ مرحليوار ماڻھن کي تبديليءَ لاءِ تيار ڪندو رھندو ھو، پر ھاڻي پڪو پھھ ڪري چڪو ھو تہ ھن ڪم کي بنا دير مڪمل ٿيڻ گھرجي. کيس يقين ھو تہ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي انھن ڳالھين جي ڪابھ ڄاڻ ڪانہ آھي. جيڪي ماڻھن جي فائدي واريون ھونديون آھن. کيس اھو بہ يقين ھو تہ اھڙن منصوبن تي عملي ڪم ڪرڻ دوران ڪابھ دخل اندازي ڪانہ ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڪو منصوبو مڪمل ٿي ويو تہ پوءِ بدنتيتيءَ سان ڪھڙي بہ ڪوشس ان کي نابود ڪري ڪانہ سگھندي. پر جيڪڏھن ڪنھن ائين ڪرڻ جي جرئت ڪئي تہ ان کي ڀتر عيوض پٿر سان جواب ڏنو ويندو.
سنڌ جي ساري زمين ھاڻي قانوني روايتن مطابق انگريز سرڪار جي ملڪيت بڻجي وئي آھي. ان کي اختيار آھي تہ اھا ڪنھن بہ جاگيردار جي زمين ضبط ڪري سگھي ٿي ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪنھن کي بہ گرانٽ ڪري سگھجي ٿي. 1844ع ۾ عام درٻار منعقد ڪئي وئي ھئي ۽ جاگيردارن کي سندن زندگي جي عرصي تائين جاگيرون ھن شرط تي ڏنيون ويون ھيون تہ زمين جو سرڪار کي لاپو ڏيندا رھندا ۽ جاگير جي زمين جو مقرر حصو سرڪار جي حوالي ڪندا ۽ زمين جو اھو حصو حڪومت غريب رعيتي ماڻھن جي حوالي ڪندي. سرڪار زمين کي نيڪال ڪرڻ جو اھو طريقو عام ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن جاگيردار ۽ ماڻھو ھن طريقي کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگھن ۽ ھن تبديليءَ کي سمجھي سگھن.
انھن جاگيرن جون ايراضيون مختلف ھيون. ھڪڙيون جاگيرون اھڙيون بہ ھيون، جن جي ايراضي ٽي لک ايڪڙ بہ ھئي. پر ڪي تہ تمام ننڍڙيون بہ ھيون. ليڪن ڪوبہ جاگيردار پنھنجي جاگير جو چوٿون حصو بہ آباد ڪري ڪونہ سگھندو ھو. ان ڪري جاگير جو وڏو حصو غير آباد پيو ھوندو ھو. اھڙي غير آباد وڏي جاگير فقط نالي ۽ شھرت لاءِ رک ويندي ھئي. اھو بہ سبب ڏنو ويندو ھو تہ انھيءَ وڏيءَ جاگير جي پئداوار وسيلي ڌاڙيلن کي چپ رھڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. اڳي اھا روايت ھوندي ھئي تہ جاگيردار ضرورت وقت حڪمران کي فوج ڏيندا ھئا، پر سنڌ جي فتح کان پوءِ جاگيرون فوجي مقصدن لاءِ ڏيڻ واري روايت ختم ٿي وئي ھئي ۽ جاگيردارن جي فوج ڏيڻ واري عظمت بہ ختم ٿي وئي ھئي. زندگي ڀر جاگير ڏيڻ وارو طريقو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو ۽ ڏينھون ڏينھن مقبول عام ٿي رھيو ھو. جاگيردارن کي چيو ويندو ھو تہ ھو ڪھڙن شرطن تي جاگيرون رکڻ ٿا چاھين. ھن نئين اصول کي انھيءَ مقصد سان پکيڙيو پيو وڃي تہ جيئن ماڻھن جو غريب ۽ شاھوڪار طبقو ھن نئين سماجي نظام کان واقف ٿئي. ان کان سواءِ ڪو نواب ۽ سردار ڪنھن مطلع العنان حڪمران جو درٻاري نہ بڻجي وڃي.
اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري جاگيردارن کي انھن جاگير جو مورثي حق بہ ڏنو ويو ھو، جيڪي وٽن ھيون ۽ اھي آباد ڪري سگھندا ھئا. باقي زمين سرڪار ضبط ڪري وٺندي ھئي. ڇاڪاڻ انھيءَ زمين کي جاگيردار آباد ڪري ڪونہ سگھندا ھئا. جاگيردارن کي حق ڏنو ويو ھو تہ سرڪار طرفان ضبط ڪيل زمينون خريد ڪري سگھن. معلوم ائين ٿي رھيو تہ جاگير جي زمين جا چئن مان ٽي حصا غير آباد ھئڻ ڪري سرڪار جي حوالي ٿي ويندا ھئا. اھا زمين غريب رعيتي ماڻھن ۽ ٻاھران لڏي آيل آباد ڪارن کي ڏنيون وينديون ھيون. انھن کان ٻن سالن لاءِ ڍل ۽ لاپو نہ ورتو ويندو ھو. تنھن ڪري غريب رعيتي ماڻھو ۽ ڌاريا آبادڪار انگريزن جي اختيار ڪيل نئين نظام سان وفادار رھندا ھئا. بلوچ سردار بہ انھيءَ ۾ خوش ھئا، تہ کين جاگير جو موروثي حق ملي ويو ھو ۽ انھن وٽ جاگير جو آباد ۽ قيمتي حصو ھو، جنھن جي پيداوار پنھنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪندا ھئا. ھن وقت اھي ماڻھو ھر طرح آزاد ھئا ۽ سندن اھميت بہ اڳئين کان وڌيڪ ھئي، پر اڳي جيڪا کين قبائلي سردار ھجڻ واري آڪڙ ۽ وڏائي، سا مينھن جي مٿين ڏندن وانگر ختم ٿي وئي ھئي. ھن کان سواءِ اڳي ھنن وٽ غلام ھئا جيڪي آزاد ٿي ويا ھئا ۽ پنھنجي مرضيءَ سان محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا ھئا. ھنن جي آزاديءَ ڪري سرڪار جي پيداوار بہ وڌي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھنن سڌو پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. ابتدائي دور ۾ سردار ھن نئين منصوبي کان ھٻڪندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ کين شڪ ھو تہ الائي ڇا ٿيندو. کين اھو بہ وھم ھو تہ سرڪار جي نيت صحيح ڪانہ آھي ۽ متان اھا ٺڳيندي ھجي. ھاڻ کيس چنتا ھئي تہ جيڪڏھن سر چارلس نيپئر سنڌ مان ھليو ويو تہ انھن جي زمين جي مالڪيءَ کي سخت ھاڃو رسندو. اھو طريقو ڏاڍو مقبول عام ثابت ٿيو ھو. جنھن جي ڪاميابيءَ لاءِ اثرائتا قدم بہ کنيا ويا ھئا.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ جنرل سر چارلس سنڌ جي ماڻھن مٿان پنھنجو تسلط ڄمائي ورتو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن جڏھن جاگيرون مورثي طور ڏنيون ھيون تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ ڪاوڙ ڪانہ ڏيکاري ھئي. ھو گورنر ٿيڻ کان وٺي ھميشه ھڪ دانشمند انسان جيان سوچيندو رھندو ھو تہ بھتر قسم جي قانون سازي ٿيڻ کپي ۽ ھن اھڙا قدم بہ کنيا ھئا. سندس چوڻ ھو تہ ”منھنجو ارادو آھي تہ ھتان جي بيشمار رعيتي سنڌي ماڻھن جيڪا غلامن واري ذليل زندگي گذاري آھي، ھو نہ رڳو ٽالپرن جا غلام ھئا پر ھنن سان جاگيردار بہ غلامن جھڙيون جٺيون ڪندا ھئا، جيڪڏھن ھنن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو اختيار ڏنو ويندو ۽ محنتي بہ ھئا پنھنجي حياتي سک ۽ آرام سان گذاري سگھندا. مون کي اھو بہ يقين آھي تہ مٿئين طبقي وارا ماڻھو تيستائين سٺا رعيتي ثابت ڪونہ ٿيندا جيستائين سنڌي (رعيتي) ماڻھن کي روزگار ناھي مليو ۽ جيستائين اسان انھن کي عزت آبرو ناھي ڏني. جڏھن ھتي تھذيب ايندي ۽ ماڻھو سڌري ھلندا تہ ڏاڍا دولتمند ٿي ويندا. پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ تجارت ۾ پڻ دلچسپي وٺندا. ڇاڪاڻ تہ کين يقين ٿي ويندو تہ سندن دولت محفوظ آھي. ھن کان اڳ دولت فقط قبائلي سردارن وٽ ھوندي ھئي. جن وٽ پنھنجا فوجي بہ ھوندا ھئا. جيڪڏھن جاگيردارن کي پنھنجي وڏين جاگيرن جو مالڪ رھڻ ڏنو ويو ۽ جاگيرن جي شرط تي کين فوج رکڻ جي بہ اجازت ڏني وئي تھ، اھي ڪھڙي وقت بہ خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. ھاڻي اسان ھنن کي فوجي سردار رھڻ ڪونہ ڏنو آھي. کين فقط اڻ سڌريل جھنگلي ماڻھو رھڻ ڏنو ويندو. جيڪڏھن ھنن جي اولاد وٽ وسيع ايراضي ھوندي ۽ سڌري مھذب ٿي ويا تہ پوءِ اسان کين سنڀالي ڪونہ سگھنداسون. ڇاڪاڻ تہ اھي ھي غير آباد زمينون سڌاري آباد ڪندا رھندا تہ وڌيڪ باصلاحيت بڻجي ويندا. ليڪن منھنجي قائم ڪيل نئين نظام تحت بہ طاقتور بڻجي ويندا. ھنن جي مقابلي لاءِ اسان رعيتي ماڻھن کي زمينون ڏئي رھيا آھيون ۽ اھي ھاري ھنن جو نہ پر سرڪار جو پاسو وٺندا. مان سنڌ ۽ ھتان جي سٺن ماڻھن لاءِ فقط ايترو ئي ڪري سگھان ٿو.“
ھن کان وڌيڪ ھو ڪجهہ ڪري بہ ڪونہ ٿي سگھيو. کيس روڪڻ ۽ رنڊائڻ لاءِ ھڪ نہ ٻي شيءِ زور پئي ٿيندي ھئي. ھو ڳڻ چور اختياريءَ وارن کان جان ڇڏائڻ لاءِ آتو ھو. سنڌ مان فوج جو وڏو تعداد ممبئي طلب ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري سر چارلس جي طبيعت ۾ گھڻي نرمي اچي وئي ھئي. ان سان گڏ اھو ھل بہ ھلي ويو ھو تہ مير موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪمراني واپس ملي رھي آھي. انھيءَ زماني حيدرآباد جو اڳوڻو ٽالپر حڪمران مير نصير خان وفات ڪري ويو. سندس لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ سنڌ آندو ويو ھو. سر چارلس بہ سنڌو درياھہ تائين ھن لاش سان گڏ ويو ھو. ممبئي واري ڌر کي پڪ ھئي تہ حيدرآباد ۾ لاش پھچڻ سان رتوڇاڻ ٿي ويندي. پر سر چارلس جي عقلمندي ئي سندن اھڙين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ھن چيو ھو تہ مان ھن مير جي لاش کي شان شوڪت سان دفن ڪرڻ پئي چاھيو، پر ڪن سببن ڪري ائين ٿي ڪونہ سگھيو. مان پنھنجي خواھشن کي دٻائي ڇڏيو. ان کان سواءِ پنھنجي ناٺيءَ کي بہ سندس دعا ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ھيم. جنھن خاص اشارو ڏيندي مون کي چيو ھو، ”پر جنرل اھو مري ويل دشمن آھي! مان اھڙي اشاري کي سٺو ڪونہ سمجھيو ھو. مان جيڪو بھتر سمجھيو آھي سو ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھن مير جي تدفين ۾ شريڪ ٿيا ھئا، تہ ماڻھو سمجھن ھا تہ مون کي ھندستان سرڪار جو اھڙو حڪم آھي. اھو بہ سمجھيو وڃي ھا تہ اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري ٿي رھيون آھن جو مير سنڌ ۾ موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪومت واپس ڪئي پئي وڃي. اھڙي تصور ڪري رتو ڇاڻ جو امڪان ھو ۽ اھو الزام مون تي مڙھڻ ڏاڍو سولو ھو. منھنجي بہ خواھش ھئي تہ ھن مرحوم مير کي عزت ۽ احترام ڏيان جيڪو اسان جي نقطئھ نظر مطابق عزت ۽ احترام ڏيڻ جھڙو ڪونہ ھو، پر حالتن سبب مان ائين ڪري بہ ڪونہ سگھيس، ڇاڪاڻ تہ شخصي حقيقت اھڙي ھئي ۽ رتوڇاڻ جو بہ امڪان ھو. لارڊ آشلي غير ارادي طور ڪي اھڙيون ڳالھيون ڪري وڌيون ھيون، جو سنڌ جو امن امان خطري ۾ ھو تہ مير موٽي اچي رھيا آھن. پوءِ تہ اچي ھندن ويچارن کي اچي ڦڦڙي لڳي جن پنھنجي ساري موڙي کڻي وڃي ٻين ملڪن ۾ رکي، پر جيتري قدر منھنجي سوچ سمجھھ جو تعلق آھي تہ ھن انھن ملڪن ۾ منھنجي عزت ڪانہ وڌائي ھئي. باقي غريب ماڻھن کي اھو يقين آھي تہ مان سندن ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھيان. کين اھو بہ پتو آھي تہ جيڪڏھن مير ٻيھر سنڌ جا حڪمران ٿيا تہ ھنن جي سر جو خير ڪونہ آھي. ھنن کي پنھنجي تجربي مان سبق مليو آھي. مان تہ اھڙي شيءِ جو ننھن چوٽيءَ تائين مخالف آھيان. پر ھنن جي مفاھمت تي انگريز جون سنگينون تاڻجي وينديون. ڇاڪاڻ تہ اھي سندن اچڻ جا حامي آھن. لارڊ آشلي ۽ مان ھڪ ٽرائبيونل آڏو پيش ٿيڻا آھيون. اتي تہ نسورو سچ ھلندو. اتي ھو سکي ويندو. مان ھن جي خلاف ڪجهہ بہ ڪونہ چوندس. مان ٻڌو آھي تہ ھو ھڪ رڄ چڱو مڙس آھي. کيس اتي خبر پئجي ويندي تہ ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آھي. کيس اھا بہ پرک پئجي ويندي مان مان ۽ مرجاتا لاءِ ڪم ڪيو آھي. مان ميرن ۽ ھتان جي سنڌين سان ماڻپي سان ھليو آھيان. کيس اھا بہ ڄاڻ ملي ويندي تہ مون کي سنڌ بابت کانئس وڌيڪ معلومات آھي. مان ھميشه نياءَ ۽ نيت پت سان ھليو آھيان، ڪنھن سان بہ بي انصافي ڪانہ ڪئي آھي. سچ، ايمانداري ۽ وقار ناتي، مان سڀني انگريزن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ پوليٽيڪل ايجنٽن شان ۽ شوڪت کي ڍڪڻيءَ ۾ ڍڪ پائي ٻڏڻ جھڙو ڪري ڇڏيو ھو. کيس اھا بہ سڻس پئجي ويندي تہ ھن سنڌ بابت اول کان وٺي آخر تائين غلط سوچيو آھي.
انھن معاملن بابت وقت فيصلو ڪندو، پر مان پنھنجي موقف تان ھٿ ڪونہ کڻندس. مون کي پڪ آھي تہ جيئري رھڻ تائين مون سان انصاف ڪونہ ڪيو ويندو. پر مان جڏھن مرندس سر جان مور جيان ائين ڪڏھن بہ ڪونہ چوندس تہ مون کي اميد آھي تہ منھنجي ڌرتي مون سان انصاف ڪندي ڇاڪاڻ تہ مان گاريون کائي پڪو ٿي ويو آھيان. ان کان سواءِ الزام بہ گھڻا ھنيا ويا آھن. تنھن ڪري ھاڻي مون کي انصاف وغيره جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ آھي. مان لارڊ آشلي جھڙي شخصيت ڏسي ضرورت مايوس ٿي ويندس، جنھن اھڙي ماڻھوءَ کي اخلاقي مجرم سمجھيو آھي. جنھن سنڌ جي گرميءَ ڪري پنھنجي ڪٽنب جا ٻہ ڀاتي وڃايا آھن. شايد ھن اھي الزام اڻ ڄاڻائي کان ھنيا آھن. اھو ماڻھو پنھنجي ڪٽنب جي رھيل ڀاتين جي زندگي بہ جوکي ۾ وجھي رھيو آھي. سندس پنھنجي حياتي بہ خطري کان خالي ڪانہ آھي ۽ ان وقت تائين عوام جي خدمت ڪندو رھندو جيستائين ھو ڪم ڪرڻ جھڙو آھي. مان سخت جان ۽ مشل پسند آھيان. مان احساسن ۾ سخت نھ، پر اصولي ۽ شعوري طور سخت آھيان ۽ ڪنھن کي غلط استعمال ڪونہ ڪندو آھيان تہ ڪنھن کي گاريون ڏيندون آھيان. مان وقار ۽ عزت کي ڏٺو آھي ۽ ڪڏھن ڪنھن جي مذھب ۽ عزت کي ھن ڪري داءَ تي ڪونہ لڳايو آھي تہ مان سوڀارو ٿيان، پر فتح خاطر مان وقار ۽ مذھب جي عزت ڪئي آھي. اھڙن ماڻھن کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي نفرت کان مون کي غليظ لفظ ڳالھائيندا آھن.“
تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ھو ھڪ باضمير انسان ھو جيڪو ڪوڙن بھتانن جي ڪوھيڙي ۾ پنھنجي ڏات ڏانءَ سان ڪم ڪندو رھيو ۽ دشمن سندن اھڙن لاکيڻن لڇڻن کي پنھنجي ملڪ جي ماڻھن کان لڪائيندو رھيو ھو. جولاءِ 1847ع سندس گھرواري سخت بيمار ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. ان کان پوءِ جلد ئي ھن پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. آڪٽوبر ۾ ھو سمنڊ وسيلي ھو انگلينڊ روانو ٿي ويو. الوداع ڪرڻ وقت کيس فوج آخري سلامي ڏني. اھڙيءَ ريت فوجين ھن سان پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪيو ھو. بلوچ ۽ سنڌي بہ ھن جا شڪرگذار ھئا، جو ھن سندن حفاظت ڪئي ھئي خوشين جو خيال رکيو ھو. اھو ھنن ماڻھن جو ڪو ٿورو وقتي احساس ڪونہ ھو. ھنن ماڻھن وٽ اھڙيون ثابتيون موجود ھيون تہ ھي ماڻھو سندن سچو ھڏ ڏوکي ۽ سڄڻ ھو. ھتان جا ماڻھو بہ سيفالونيا جي ھارين وانگي، ھن سان مخلص ھئا ۽ ساڻس گھڻو پيار ڪندا ھئا جيڪي ھن جي غير موجودگي ۾ سندس زمين جو ڪم ھن جي موجودگيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڪندا ھئا. جڏھن 1850ع ۾ پنھنجي وڏي فوجي عھدي دوران سنڌ مان روانو ٿي، ھندستان کي ھميشه لاءِ ڇڏي رھيو ھو تہ سنڌ جي وڏن بلوچ سردارن کيس ھڪ قيمتي تلوار ڏيڻ چاھي ھئي. انھيءَ ڪري نہ تہ ھنن جو فاتح ھو. پر ڇاڪاڻ تہ فتح کانپوءِ ھن کين سڀئي جاگيرون واپس ڪيون ھيون ۽ وڏن اعزازن ۽ يقين سان نوازيو ھو ۽ ھنن ۽ ھنن جي اولاد لاءِ فائدي وارا ڪم ڪيا ھئا. ان کانسواءِ اھو سر چارلس نيپئر ئي ھو جنھن بلوچن جا سنڌ ۾ سرپختا ڪيا ھئا.
اھو ئي احساس جو فرق ھو جو لارڊ ڊلھائوزي ۽ ممبئي حڪومت کانئس چڙيل ھئي. سر چارلس جي سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ھن جيڪي منصوبا شروع ڪيا ھئا ۽ جيڪي ادارا قائم ڪري ھن ڪم جي ابتدا ڪئي ھئي سي اجاڙي ڀينگ ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھڙا ادارا ماڻھن جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ قائم ڪيا ويندا آھن.
فوجي سامان جي نقل حرڪت لاءِ اٺ سوار فوجي دستا قائم ڪيا ويا ھئا، جن کي ختم تہ ڪونہ ڪيو ويو ھو پر ان کي بي ڌياني جو شڪار بڻايو ويو ھو.
حيدرآباد ۾ بئرڪن جي نھايت شاندار تعمير ڪرائي وئي ھئي، جن ۾ فوجيين جي صحت ۽ سھوليت جو خيال رکيو ويو ھو. اھڙي بھتر تعمير انگريزن جي ساري بيٺڪي راڄ ۾ موجود ڪانہ ھئي. ان جو ھڪ حصو تيار ٿي ويو ھو جيڪو کين رھڻ لاءِ ڏنو ويو . جڏھن تہ ٻيو تعمير ٿي رھيو ھو. سر چارلس کان پوءِ اھو ھلندڙ ڪم ھڪدم بند ڪرايو ويو ۽ تعمير جو سامان اڌ ۾ ڇڏيل ڀتين جي ڀرسان رکيو ويو، جيڪو اڃان تائين اتي پيو آھي ۽ تباھہ ٿي رھيو آھي. ڪراچيءَ وارو سمنڊ اندر ٺھندڙ دمدمو بہ اڌ ۾ ڇڏيو ويو آھي. جنھن جي ڪم کي بند ڪرڻ لاءِ ھڪ حڪم جاري ڪيو ويو ھو. جڏھن تہ ھن جي تعمير واپارين جي پر زور گذارش بعد شروع ڪئي وئي ھئي. واپارين جون اھڙيون دانھون صحيح ۽ جائز ھيون. ھاڻي سنڌ لاءِ مسٽر فريئر کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو ھن ڪم جي تڪميل کي ضروري سمجھي ٿو. لارڊ فاڪ لئند کي بہ اھڙو احساس آھي، جنھن جي کيس مدد بہ حاصل آھي. ان ڪري ڪمشنر ھن تعمير کي مڪمل ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي. ھڪ تڇ سمان تعصب ڪري ھن ڪم کي اڌ ۾ بند ڪرايو ويو ھو. دانشمندي وارو ھي ڪم لارڊ ڊلھائوزي نہ پر سنڌ جو ڪمشنر شروع ڪرائي رھيو آھي. ھن کان سواءِ ملير ندي کي بہ موڙي ڪراچي شھر ڏانھن آڻڻو ھو. جنھن وسيلي آگبوٽن جي آمد رفت شروع ڪرڻي ھئي، پر ھن منصوبي کي تہ ھٿ ئي ڪونہ لاتو ويو ھو.
سنڌ جي بھترين آبپاشي نظام لاءِ واھن جي کوٽائي جو ھڪ عاليشان منصوبو تيار ڪيو ويو ھو. پر ان کي بہ ڄڻ تہ ختم ڪيو ويو ھو. ھن ملڪ جي زراعت لاءِ سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطو رکڻ ضروري ھو. ائين ٿيڻ ڪري زمين جي وڏي ايراضي آباديءَ ھيٺ اچي ھا ۽ سرڪار جي پيداوار وڌي ھا. پر ھن اھم منصوبي کي ماھر انجيئرن جي ھٿ مان ڪڍي نااھل ڪاردارن جي حوالي ڪيو ويو آھي.
ھنن ماڻھن جي ڀڏن ڪمن ڪري سکر ۾ لڳندڙ گھوڙن جو ساليانو ميلو بہ ختم ٿي ويو آھي. گھوڙن سان گڏ ٻيون بہ تجارتي شيون اچي ڪٺيون ٿينديون ھيون. ان کان فوجي سامان رکڻ لاءِ ھڪ اھم جاءِ جي ڪم جي منصوبي کي رد ڪيو ويو ھو. جيڪا بکر ۾ تعمير ٿيڻي ھئي. مٿي ذڪر ڪيل سالياني ميلي ۾ وچ ايشيا سان تجارتي ڏيتي ليتي ھلندي ھئي ۽ فوج کي ڀلا ۽ سستا گھوڙا ملي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ٻين تجارتي شين جو مرڪز سکر، بکر ۽ روھڙي بہ ھوندا ھئا. جن جو پڻ نقصان ٿيو ھو. اھڙين سٺين ڳالھين کي بيجاءِ دخل اندازي ڪري تباھہ ڪيو ويو ھو. اھو حسد ۽ ڪميڻائپ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. سر چارلس جي سنڌ اندر موجودگيءَ دوران ڌاڙيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ھو. جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن قسم کڻي ڇڏيو ھو، پر ھن سنڌ جي امن امان لاءِ ڄڻ ڌرتي اٿلائي ڇڏي ھئي.
انھن بلوچ ڌاڙيلن جا ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ سان ٿورا ٿڪا مقابلا پيا ھلندا ھئا، پر سندس جھيڙو مرين ۽ اسلام خان بگٽي سان بہ ٿيندو ھو. ڇاڪاڻ اھي بلوچ قبيلا بک کان ڇتا ٿي سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ھڻندا ھئا. اھي قبيلا پھريائين تياگا واري کاھي طرف وڌي ڪھيرين تي قھر بڻجي وڃي ڪڙڪندا ھئا. ھنن ھڪ ڌاڙي دوران ڪچھرين جي ھڪ قلعي تي وڃي حملو ڪيو ھو. پر انھن ساڻن مقابلو ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو ھو. ھڪ نوجوان فوجي عملدار ميريويدر سندن ڪڍ لڳي پيو جيڪو شاھپور ۾ رھندو ھو. جنھن سان مغل گھوڙيسوار ۽ ڪھيري گڏ ھئا. ھن ڏٺو تہ ڌاڙيلن جي ان ٽولي ۾ ست سئو ماڻھو ھئا جن مان فقط پنجٽيھھ ماڻھو گھوڙن تي سوار ھئا، جيڪي ٽڪريءَ جي تري ۾ صفبندي ڪيون ويٺا ھئا ۽ رڻ پٽ کي اڪرڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا ھئا. جڏھن سندن نظر انگريز فوجين تي پئي تہ کاٻي پاسي سرڪي ھڪ جھنگل ڏانھن وڃڻ لڳا. پر ميري ويدر گھوڙن تيز رفتاري سان ڊوڙائي کين جھنگل ڏانھن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، پر پوءِ بہ گھڻا مضبوط ھئا. ڇاڪاڻ تہ چوڌاري ٽڪريون ۽ جھنگ ھو. ھو سمجھي رھيا ھئا تہ مغل گھوڙيسوار ھنن جي مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪري رھيا ھئا. تنھن ڪري ھنن اڳتي وڌي مٿين بندوقن جا فائر ڪيا. ان کان سواءِ ڍالن کي تلوارن سان کڙڪائي خبرا ۽ رڙيون ڪري، ھل ھنگامو مچائڻ لڳا ھئا. ان کان پوءِ گھوڙيسوارن ڦري موٽي اچي مٿن حملو ڪيو. حملو نھايت سخت ھو. پر بگٽي ڪلھو ڪلھي سان ملائي ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. گھوڙيسوار بہ سندن ڪڍ لڳي پيا ۽ ڪاربائينس سان مٿن گوليون ڇوڙڻ لڳا. ان کان پوءِ بگٽي ھڪ ننڍڙي کاھي اڪري مقابلي لاءِ بيھي رھيا. پر کين ڪاربائينس جي گولين کڻي ڏنو ۽ ۽ پوءِ ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. ميري ويدر اڳتي وڌي کين ٽڪرين ڏانھن وڃڻ کان روڪي ورتو. بعد ۾ ھنن لاءِ انگريزي فوج سان مقابلي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھھ ڪانہ رھي ھئي. سخت مقابلو ٿيو. ميري ويدر کين پيش پوڻ جو چيو پر ھنن انڪار ڪيو. ھنن جا ستن سون مان باقي وڃي ھڪ سو ويھھ ماڻھو بچيا ھئا، جن ھٿيار ڦٽا ڪيا. ٻہ گھوڙيسوار ٽڪرين ڏانھن ڀڄي نڪري ويا. باقي ٻين سڀني کي قتل ڪيو ويو يا باندي بڻايو ويو ۽ اٺ سردار تلوارن سان وڙھندي مارجي ويا.
اسلام خان ۽ احمد خان ھن جھيڙي ۾ موجود ڪونہ ھئا، جيڪي پنھنجي قبيلي جا سردار ھئا، تنھن ڪري بگٽي قبيلو وڏي ڪوس کان بچي ويو ھو. ھن جھيڙي ۾ انگريز فوج فقط ھڪ سو ويھھ گھوڙيسوارن تي مشمل ھئي. جڏھن تہ ڌاڙيلن جو تعداد ست سو ھو ۽ ڇھھ سو بگٽين جا لاش ميدان ۾ پکڙيا پيا ھئا. ايڏو ڪوس ڪا ڪاسائڪي ڪار ڪانہ ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي ڌاڙيل ھئا ۽ ڦرلٽ جي ارادي سان سنڌ ڏانھن وڌي آيا ھئا. سر چارلس گھڻي وقت کان وٺي جاکوڙي رھيو ھو تہ سنڌ کي ھنن بلوچ ڌاڙيلن جي وبا کان بچائجي. کين چيو ويو ھو تہ سنڌ اچي آباد ٿين ۽ جکراڻين جي پاڙي ۾ ويھي، پوکي راھي جي ڪرت ڪن. ان کان سواءِ سردار دورا کي بہ ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو قيد ۾ ھو. کيس پوکي راھي لاءِ زمين ڏني وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن کي پنھنجي قبيلي جي ماڻھن ڏانھن موڪليو ويو تہ سنڌ ۾ آباد ٿين تہ کين زمين ڏني ويندي ۽ سندن تحفظ ڪيو ويندو. ميري ويدر بہ جھيڙي دوران کين پيش پوڻ ۽ رعايتن ڏيڻ جو واعدو سر چارلس ھنن جي بھادري جي تعريف ڪندو ۽ ايتري تباھي ڪري کيس مٿن رحم بہ ايندو ھو. انصاف جي تقاضا اھا ھئي تہ اھي ماڻھو پنھنجو خون پاڻ وھائي رھيا ھئا. اھڙي ريت سر چارلس نيپئر جي بنايل سنڌ انتظاميھ مڪمل ٿي چڪي ھئي.
ھن جنرل کي پتو ھو تہ انھيءَ علائقي ۾ آباد ماڻھو، انگريزن کان سياسي ۽ مذھبي طور نفرت ڪري رھيا آھن. ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي انگريزن سان جھيڙي ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيھي رھيا ھئا. سندن يورپ جي ھنن ماڻھن ڪنھن بہ قسم جو ويساھھ ڪونہ ھو. تنھن ڪري ھو انگريزن جي فوجي طاقت کان نفرت ڪندا ھئا. انگريزن خلاف اھا نفرت انھيءَ ڪري بہ ھئي جو ھنن ڪابل ۽ قلات جي سرحدن اندر مختلف جڳھن تي ننڍيون وڏيون شڪستون کاڌيون ھيون.
سر چارلس کي معلوم ٿيو ھو تہ حڪمرانن جا نواب ۽ درٻاري ظالم ۽ ڪٺور آھن، ذاتي طور عياش آھن، جن ملڪ کي ھڻي داڙا ڦارا ڪري ڀينگ ڪري ۽ سماج کي پاڙان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري پيداوار جي ڪابھ اميد ڪانہ آھي. کيس اھو بہ معلوم ٿي ويو آھي تہ ٻھراڙيءَ جي اٻوجھھ ماڻھن کي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھي، سندن چيلھھ ئي چٻي ڪري ڇڏي. ھنن مٿان ٽالپرن جو خطرناڪ قسم جو غلبو آھي. غير فطري موت ھنن جا ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھر ڪو ماڻھو لڏيندو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏيندو ۽ پنھنجي ڌرتي بہ مٽيندو پيو وڃي. شھر بہ خالي ٿيندا پيا وڃن. ھاري ناري اڌ گيدا ھٿ ھڻي پوکي راھي ڪري رھيا آھن. کين خبر آھي تہ ھنن جي محنت جو ڦل ڏک ۽ ڏچي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ آھي. ھاري ملڪ جي چوٿين حصي جيتري ايراضي شڪارگاھ آھن جتي جھنگلي جانور رھندا آھن ۽ ٽالپر ظالم حڪمران انھن جو شڪار ڪندا آھن. ھنن ان شيءِ کي بگاڙي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو، جنھن کي خدا تعالى انسان لاءِ سھوليت ۽ آرام واسطي تخليق ڪيو آھي.
کيس اھو بہ معلوم ٿيو ھو تہ ھتان جي ماڻھن جي تحفظ لاءِ قانون ئي ڪونہ آھي ۽ ھتان جا حڪمران فطري انساني احساسن کان آجا آھن ۽ عام طور تي سڀ ماڻھو (سنڌي) غلام آھن. عورتن کي مڇر ۽ مک سمجھي بي گناھھ قتل ڪيو وڃي ٿو. ھڪ ٻئي کي پلاند ۾ قتل ڪرڻ جو رواج آھي. ھتي ڌاڙن ھڻڻ جو ھڪ نظام قائم آھي. اھڙا ماڻھو پوکي راھي يا ٻي ڪرت ڪانہ ڪندا آھن. پر ڦرلٽ ڪري ۽ ڌاڙا ھڻي پيٽ گذر ڪندا آھن. ھتي ڌاڙي ھڻن کي بھادري تصور ڪيو ويندو آھي. ھتي ”ڏاڍو سو گابو“ وارو اصول ھلندو آھي. ھن قسم جي ڇڙواڳيءَ ۽ مانڌاڻ ۾ سماجي ڍانچو تباھہ ٿي ويو آھي. ھتي فقط رت ۾ ڳاڙھا ھٿ سلامت رھي سگھندا آھن.
کيس اھو بہ معلوم ٿيو ھو تہ ھتان جو ھر بلوچ تلوار ۽ ڍال سان مسلح ھوندو آھي. کيس قانون جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ ھوندي آھي ۽ اخلاقيات کي ٿڏي پري اڇلي ڇڏيندو آھي. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تہ انھن جي ھٿن ۾ چنجور ۽ ڪوڏر ھئا ۽ قانون جا پابند بڻجي ويا ھئا. ابتدا ۾ ھن انھن ماڻھن کي جھيڙا ڪار ۽ خوني ڏٺو ھو. چوڏس بي انصافي ۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تہ اھي ساڳيا ماڻھو انصاف پسند نرم مزاج ۽ فرمانبردار ٿي ويا ھئا. اڳي جتي فوجي تسلط ھو اتي اڄ انصاف جي فرمان روائي قائم آھي.
ھن ڏٺو ھو تہ سنڌ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي ھئي. پر جڏھن ھن ڇڏيو تہ سنڌ ھندستان جو ھڪ صوبو ھو ۽ ڏاڍي خوش ۽ ريان کيان ھئي. چوڏس علائقا ھن جو احترام ڪرڻ لڳا ھئا. ھن ماڻھوءَ کين قانون جي عزت ڪرڻ سيکاري ھئي. کين تربيت ڏني ھئي، تہ انگريز جي وقار تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو. ھن کي اھو بہ سيکاريو ويو ھو تہ انگريزن جي فوج کان ڊڄڻ گھرجي، جنھن کي ديوتا جيتري طاقت آھي. ھن سنڌ کي غريب ۽ غلام ڏٺو ھو. جڏھن سنڌ ڇڏي تہ ان وقت ھن ڌتيءَ تي ھڪ بہ غلام ڪونہ ھو. ھن ڌرتي ڌاڙيلن ۽ قاتلن کان جد ڇڏائي ھئي. سندس آدمشماري وڌي وئي ھئي ۽ گھڻي کان گھڻي ايراضي پوکي راھي ھيٺ اچي وئي ھئي. آزاد ماڻھو زراعت جي ڌنڌي سان لڳي ويا ھئا. چوڏس اناجن جا انبار لڳي ويا ھئا ۽ سنڌ سائي ڍائي ۽ سکي ستابي ٿي وئي ھئي. ھن جڏھن ھتان ڇڏيو تہ سنڌ جو وڻج واپار چوٽ تي چڙھيل ھو. اندروني تجارتي آمد رفت بہ اڀري ۽ اسري چڪي ھئي، شھر وڌي رھيا ھئا، ھنرمند ۽ ڪاريگر جام ھئا، محصول گھٽيل ھو، پيداوار وڌي وئي ھئي، انتظاميھ بہ قائم ٿي چڪي ھئي، جنھن پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. سماجي نظام ۾ سڌارا آندا ويا ھئا. ماڻھن جا حوصلا بلند ھئا ۽ مستقبل جي خوشحاليءَ لاءِ ترقي جو رستو کوليو ويو ھو.
ھن ڏٺو ھو تہ ماڻھو گروھن ۾ ونڊيل ورڇيل ۽ ڪڻو ڪڻو ھئا، جيڪي ھڪ پاسي غلاميءَ جي ھٿڪڙولن ۾ ھٿيڪا تہ ٻئي پاسي ويلن تي ويٺا ھوندا ھئا تہ جھنگلي ٽالپرن جو تسلط مٿن ٽيئن پاسي ھو. جيڏانھن نھاربو ھو. جرم ئي جرم نظر ايندو ھو، ڏاڍ ئي ڏاڍ ھو. ڳلن تان وھندڙ ڳوڙھا ھئا، سورن جو اٿاھھ سمونڊ ھو. جڏھن ھن سنڌ ڇڏي، ماڻھو متحد ھئا، آدمشماري وڌيل ھئي، ماڻھو خوش ھئا ۽ تھذيب ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي. اھو سڀ ڪجهہ رحمدل ۽ سخي انسان جي ڏات ۽ ڏانءَ ڪري ھو.
اضافو
گذريل بابن ۾ سنڌ جي انتظاميھ جو ھڪ خاڪو ڏنو ويو آھي يا ائين کڻي چئجي تہ ان جو مختصر بيان ڪيو ويو آھي. ھن موضوع بابت مڪمل احوال سر چارلس جي ڪيل لکپڙھہ ۾ موجود آھي، جنھن مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي ويندو تہ ھي دنيا جي بھترين فوجي ڪمانڊرن مان ھڪ ھو. اھو بہ معلوم ٿي ويندو تہ ھو عدل انصاف سان محبت ڪندو ھو ۽ سندس حڪومت عيسائي اصولن جي روح مطابق ھئي. ھن احوال مان اھو بہ معلوم ڪري سگھجي ٿو ھو پنھنجي ڌرتي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کيس ڏاڍو بدنام ڪيو ھو. پر نہ ھن جي اھليت نہ وري ھن جون ڪاميابيون ھنن ماڻھن جي دشمنيءَ کي گھٽائي سگھيون ھيون. ھو ھندستان ڇڏي انگلينڊ ھليو ويو تہ بہ کيس معاف ڪونہ ڪيو ويو ھو.
ھندستان ۾ فتحن کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي ھي ضرورت محسوس ٿي ھئي تہ فتح ٿيل ملڪ مان ھٿ آيل مال غنيمت فاتح فوج ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وچ ۾ تقسيم ڪيو وڃي. اھڙي ريت ھن ڪورٽ انگلينڊ جي تاجدار کي بہ گذارش ڪئي ھئي تہ مذڪوره تقسيم ضرور ٿيڻ گھرجي. ليڪن انھيءَ اصول تحت ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مياڻيءَ جي فتح کي مال غنيمت ڏيڻ لاءِ تيار ڪانہ ھئي. تنھن ڪري ھن معاملي کي نبيرڻ واسطي انگلينڊ جي تاجدار کي اپيل ڪئي وئي ھئي جيڪا ڪامياب ٿي ھئي پر نياءَ ۽ نيت پت واري اھڙي ورھاست لاءِ ٽياڪڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جلد ئي ھڪ غلط قسم جي تقسيم ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھي ڪورٽ سر چارلس نيپئر کي ڪمانڊر ان چيف سمجھي ڪانہ رھي ھئي. ھندستان جي روايتن موجب ميجر جنرل جي عھدي واري فوجي عملدار کي ڪمانڊر ان چيف تسليم ڪيو ويندو آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي اھڙي فيصلي جو اطلاع لارڊس آف ٽريئري کي ڏنو ويو ھو.
ھن کان سواءِ اڃا بہ گھڻو ڪم رھيل ھو. ھي فيصلو تہ ضرور ھو، پر ان ۾ کوٽ ھئي ۽ کوٽيءَ نيت سان ڪيو ويو ھو. جيڪو عوامي امنگن مطابق ڪونہ ھو. ليڪن اھو ڪو آخري فيصلو ڪونہ ھو. شاھي فيصلي مطابق ان جي اپيل لارڊس آف ٽريئري کي ڪرڻي ھئي. سر چارلس نيپئر اھڙي اپيل جو نوٽيس لارڊس آف ٽريئري ڏانھن موڪليو ھو، جيڪو پھچي ڪونہ سگھيو جنھن کي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وچ تي روڪي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ سر چارلس سنڌ ۾ موجود اھڙي صورتحال مان ائين معلوم ٿي رھيو ھو تہ اڻ سڌي طور کانئس اپيل ڪرڻ جو حق کسيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ مقرر وقت جي گذري وڃڻ کان پوءِ عرضدار اپيل جو حق وڃائي ويھي رھندو آھي. سر چارلس جي دوستن کي اھڙي معلومات ڪنھن ذريعي وسيلي ملي ھئي تہ لارڊس آف ٽريئري سان ڳالھايو جن کي چيو ويو تہ اھي غير موجود جنرل بدران اھڙي اپيل داخل ڪري سگھن ٿا. ان کان پوءِ انگلينڊ جي ماڻھن کي صحيح صورتحال جو پتو پيو ھو، جن ۾ ناراضگي پيدا ٿي وئي ھئي. اھڙي ريت عوامي مزاحمت بہ اڀري آئي ھئي ۽ سمجھيو پئي ويو تہ انھن فوجي جنرلن مان غلط فائدو وتو پيو وڃي جن جنگ جي ميدان تي سر ترين تي رکي سوڀون ماڻيون آھن. ان وقت اھو بہ ٿيو تہ ان غلط فيصلي ڏيندڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھڪ ميمبر سر جي وايرھاگ جلديءَ ۾ ھائوس آف ڪامنس جي ھڪ ميمبر مسٽر بئلي کي سندن نمائندگي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جنھن ھم ڪئي نہ تم، ائين ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيھي ويو ۽ مخالفت ۾ بيان ڏنو ھئائين سر چارلس نيپئر کي فاتح ھجڻ اعزاز ڪونہ مليو آھي ۽ ھن ستر ھزار پائونڊ مال غنيمت طور ورتا آھن. اصول مطابق سندس حصو اٺون آھي، پر ھن کي اٺين حصي کان وڌيڪ مليو آھي. سر جي ڊبليو ھاگل جي ڪوشش ھئي ان کي مليل مال غنيمت جو اڌ گھٽايو وڃي. کيس اھا بہ خبر ھئي تہ کيس ملڻ وارو غنيمت جو مال اڃا پري آھي. پر کيس اھا ٿوري يا گھڻي رقم گھڻي عرصي کان پوءِ ملي ھئي. سر جي ڊبليو ھاگ نہ مسٽر بئلي ھي ڳالھہ سمجھي سگھيو ھو تہ ڪيتري بہ وڏي رقم، ان جنرل جي اعزاز برابر ڪانہ آھي جيڪو تلوار کڻي جنگ ۾ وڙھندو آھي. اھو ھڪ راز ھو جنھن کي اھڙا موڳا ۽ اوڳا ماڻھو سمجھي ڪونہ سگھندا آھن.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو ھو، جنھن خلاف لارڊس آف ٽريئري اپيل ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي. سر چارلس جو وڪيل جان جارج پلمو ھو. جنھن ان معاملي جي پنھنجي ھٿن سان وڍ ٽڪ ڪئي ھئي ۽ اھڙين حقيقتن کي وائکو ڪيو ھو جنھن جي بنيادن ۾ حسد ۽ تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. ھن وڪيل اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ھو تہ ھندستان جي گورنر جنرل سر چارلس کي ڪماندڙ ان چيف جو عھدو ڏنو ھو جيڪو سندس منٽس بوڪ ۾ بہ موجود آھي. ھن ڪامورا شاھي جي وڏي لکپڙھہ کان پوءِ بہ کيس اھو عھدو ڏنو ھو. پر ڪورٽ آف ڊائريڪٽر بدنيتي کان ڪم وٺي، ڄاڻي ٻجھي اھڙين ڳالھين کي ڇٻٽ ڪري ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس حق ۽ سچ کي لڪائڻ لاءِ غير مناسب طريقي سان سر چارلس کي لويو ۽ ڊويو ھو. سندس وڪيل اھو سوال بہ اٿاريو ھو تہ ڇا اڳين فيصلن، اڳين روايتن، ٿيل فيصلن جي رھنمائي ڪئي وئي ھئي يا ڪن اصولن کي آڏو رکيو ويو ھو؟ ڇا اڳين ڪورٽن ۽ شاھي حڪمن ڪورٽ آف ڊائريڪٽس جي بيان خلاف پنھنجي نقطئھ نظر جو اظھار ڪيو ھو ۽ ان جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو ھو؟ اھي سڀ ڳالھيون انھيءَ ڪري ٿيون ھيون جو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سر چارلس دشمن ھئي، جيڪو عمل قانون، راويت ۽ فرد جي عزت جي خلاف ھو. ھتي انصاف ھن حقيقت کي تسليم ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڪن ميمبرن ھن ڪارروائي ۾ حصو ڪونہ ورتو ھو نہ وري ھن ڪارروائي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اھل ھئا ۽ نہ ھن اداري جي حڪم خلاف کين ڪجهہ ڪرڻ جي ڪا طاقت ڪانہ ھئي.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھڪ اداري جي صورت ۾، اھو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو ھو. لارڊ ايلنبرو جي حڪم واري تاريخ کان وٺي سر چارلس فوج جو جنرل ھو. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بہ حقيقت تسليم ڪئي ھئي. ھن اداري جي اثر رسوخ ڪري انگلينڊ جي وزيرن بہ اھڙي ڳالھہ کي قبول ڪري ورتو ھو. پر جڏھن سر چارلس نيپئر فتح حاصل ڪئي تہ مال غنيمت کي ڏسي، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي نيت تبديل ٿي وئي ۽ جنرل چارلس خلاف ھل ھنگاما ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ھئائون. اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي جنگي توبن جي ڌماڪن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان سواءِ پارليامينٽ سر چارلس کي جيڪو خراج تحسين پيش ڪيو ھو، سو بہ ڪيترن سالن تائين لڪايو ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ مياڻي ۽ دٻي جي جنگين جي آوازن کي وچٿري جنگي سرگرمي تسليم ڪيو ويو ۽ انھن جي نتيجن کي فتح طور قبول ڪن ڪيو ويو ھو.
توھين آميز ۽ بدنامي وارا مقالا ’ايڊنگبرک‘ ۽ ’ڪئارٽرلي رويو‘ ۾ لکيا ويندا ھئا، جنھن جا مصنف بہ مٿئين طبقي جا ماڻھو ھئا. ڪي ڪالم وري روزانو وارن اخبارن ۾ ڇپيا ھئا، جيڪي چار ڏوڪڙ ڏئي لکرايا ويندا ھئا. انھن سڀني جي ڏاڍ جو شڪار سر چارلس نيپئر ھو انھن جو اصل مقصد ھن جي بھادريءَ ۽ جرئت کي لڪائڻ ھو. کيس اھڙي بدنامي کان بچائڻ ڪامورا شاھي جو فرض ھو. پر اٽلندو ھي ماڻھو انھن سرڪاري عملدارن کي انعامن اڪرامن سان نوازيندي جيڪي سر چارلس کي اخبارن ۽ رسالن ۾ بدنام ڪندا ھئا ۽ انتظامي ڀڃڪڙي ڪندا ھئا ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جا حڪم بہ مئڪاولي حڪمت عملي جو مظھر ھوندا ھئا، جيڪي ظاھري ۾ انھن ماڻھن جي سخت خلا ھئا جيڪي سر چارلس تي تھمتون ۽ الزام ھڻندا ھئا، پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ سندن ھمت افزائي ڪندا ھئا ۽ ھن جي عزت ۽ احترام گھٽائڻ واري مھم کي لڳا پيا ھوندا ھئا. لارڊ رپن ھن جا اھي خط ڪونہ ڇپرائيندو ھو جيڪي ھو لارڊ رپن ڏانھن لکندو ھو. ان کان سواءِ سرڪاري دعوتن ۾ ھن کي شريڪ ڪونہ ڪيو ويندو ھو. جڏھن تہ ھن جنرل ھندستان اندر فتحون حاصل ڪيون ھيون. جڏھن ھندستان ڇڏي انگلينڊ پھتو تہ بہ ھن سان ساڳي ويڌن جاري ھئي. ھي اڪيلو انھن انگريز عملدارن مان ھو جيڪو مشرق کان ھتي پھتو ھو. جنھن کي عزت احترام جي نظرن سان نہ ڏٺو ويندو ھو ۽ شھر جي اعلى درجي جي دعوتن کيس شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڪانہ ڏني ويندي ھئي. جڏھن ماڻھو کيس عزت ڏيندا ھئا تہ لنڊن جون اخبارون ۽ رسالا اھڙيون ڳالھيون ڪونہ ڇاپيندا ھئا ۽ ائين نٽائي ويندا ھئا ڄڻ اھڙيون ڳالھيون ٿيون ئي ڪونہ ھيون. اھڙيون سڀ ڪروڌي ڳالھيون ساڻس دشمنيءَ ڪري ٿي رھيون ھيون، جنھن جو مثال ھيءُ حقيقت بہ آھي تہ جڏھن سر چارلس واري جھاز اچي پورٽس مائوٿ وارو بندر ڀيٽيو ھو تہ ھن شھر جي ٽائون ڪائونسل ھن کي شاندار آجياڻو ڏنو ھو، جنھن شھر جا ماڻھو بہ اچي شريڪ ٿيا ھئا. ھتي رھندڙ گئريسن فوج جا عملدار کيس ھڪ شاندار جلوسن جي شڪل کيس وٺي ٽائون ھال تائين آيا ھئا. سندس ھن جلوس سان رايل مئرنس بہ گڏ ھئا. ھن قسم جي شاندار تقريب جو احوال لنڊن جي ڪنھن اخبار ۽ رسالي ڪونہ ڇاپيو ھو. ان کان سواءِ پورٽس مائوٿ جي ميئر اھڙي رپورٽ لنڊن جي ھڪ مشھور رسالي ڏانھن ڇپجڻ لاءِ موڪلي ھئي، پر ان رسالي جي ايڊيٽر ان رپورٽ کي ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. توڙي جو کيس معمول مطابق رقم بہ آڇي وئي ھئي. ان کان سواءِ ايڊيٽر کي ان رپورٽ کي اشتھار جي شڪل ۾ ھلائڻ لاءِ بہ چيو ويو ھو، پر ھن ائين بہ ڪونہ ڪيو ھو.
اھڙن ماڻھن جون اٽڪلون ۽ حرڪتون انھيءَ لاءِ ھيون تہ جيئن ھن عظيم انسان جي حقيقي ڪارگذارين کي عام ماڻھوءَ کان لڪايو وڃي. ھنن ماڻھن ھن حقيقت کي وساري ڇڏيو ھو تہ تاريخ ۽ پويان ايندڙ نسل اھڙين ڳالھين کان باخبر ٿي سندن ٿورائتو ٿيندو. ھن کان سواءِ عام انگريز بہ ھنن ڳالھين ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏئي رھيو ھو ۽ انھن بہ سر چارلس نيپئر کي عزت ۽ احترام ڏيڻ ۾ خاص دلچسپي ڪانہ ڏيکاري ھئي. پر اتفاقي طور انگريز ھندستان لاءِ ھڪ خطرو پيدا ٿي ويو ھو جيڪو نھايت خوفناڪ ھو. تنھن ڪري ھڪ قومي احساس شدت اختيار ڪري ويو ھو، جيڪو سڀني ڳالھين مٿان ڇائنجي ويو ھو. عام ماڻھو انھن وزيرن مٿان دٻاءُ وجھي رھيا ھئا جيڪي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھا ۾ ھا ملائيندا ھئا ۽ سر چارلس کي بدنام ڪرڻ ۾ بہ ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سان گڏ ھئا تہ ھو انگلينڊ جي تاجدار کي سر چارلس جي عظمت کان واقف ڪن جنھن کي ھن وقت تائين لڪايو ويو ھو ۽ مختلف قسمن جا الزام ھڻي بدنام ڪيو ويو ھو، جيڪو انگلينڊ کي ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ ڪم آيو ھو. ان کان پوءِ اھا ساڳي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سر چارلس جي بوٽن کي چٽڻ ۾ لڳي وئي ھئي جنھن اڳ سندس توڻي تپائي ڏني ھئي. ھڪ فاتح جي ھئڻ ناتي کيس اعزاز بہ ڏيڻ شروع ڪيا ھئا. ان کان سواءِ ھن جي تحفظ جو ذمون بہ پاڻ کنيو ھو.
سر چارلس ماضيءَ جا سڀئي گھاو وساري ڇڏيا ھئا ۽ جن وزيرن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھن کي بدنامي جا ڏنڀ ڏنا ھئا، تن کي ھن غلط اکر جيان ميساري ڇڏيو ھو. پر ھي انگلينڊ جي تاجدار ۽ انگلينڊ جي عوام جي خاطر ھندستان موٽي ويو ھو. ھن اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ جڏھن خوف ۽ خطرا ھٽي ويندا تہ اھي ساڳيا ماڻھو برساتي ڏيڏرن وانگر ٻاھر نڪري ايندا ۽ اڳئين جيان کيس بدنام ڪرڻ واري پراڻي ڪرت کي لڳي ويندا. جڏھن ھن ڏٺو تہ سندس عزت کي ڇيھو رسي رھيو آھي تہ ھن وڏي فوجي عھدي تان ٻيو ڀيرو استعفى ڏئي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ کيس محسوس ٿيو ھو تہ ساڻس وري بہ بي انصافي ٿي رھي آھي ۽ بي ڌياني جو شڪار ٿي رھيو آھي. پر ھو تاريخ ۽ پنھنجي پوئين نسل واسطي مياڻيءَ حيدرآباد جو بي مثال فاتح ھوندو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪيو ھو. ھي پھريون ماڻھو ھو جنھن کي انگريز قوم ان وقت واھر ڪرڻ لاءِ پڪايو ھو، جڏھن ھندستان جي انگريز شھنشاھت لوڏن لمن ۾ ھئي ۽ تباھہ ٿيڻ واري ھئي.

اضافو

---

ضميمو پھريون

(ھتي ٽالپر حڪومت جو ھڪ نمونو پيش ڪجي ٿو، جنھن کي ممبئيءَ واريءَ ڌر قبائلي سردارن جي سرڪار سڏبو آھي.)
ھيٺ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي ان رپورٽ جو اختصار ڏجي ٿو جيڪا ھن جج ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪلي ھئي جنھن ھن کي ٻڌايو ھو تہ ٽالپر دور ۾ شاھدن کي ڪھڙي طريقي سان جاچيو پرکيو ويندو ھو.
نومبر 1844ع
ٽالپر دور ۾ شاھدن کي جاچڻ پرکڻ يا انصاف ڏيڻ جو باقاعده مقرر اصول ڪونہ ھوندو ھو. عام طريقو اھو ھوندو ھو تہ شاھد کي قسم ڏيڻ کان سواءِ بيان ڏيڻ جو چيو ويندو ھو تہ کيس گھربل واقعي بابت ڪھڙي خبر آھي. جيڪڏھن شاھد چوندو ھو تہ ان واقعي جي کيس خبر نہ آھي تہ جج سندس بيان جي سچائيءَ ۾ شڪ ڪندو ھو ۽ سمجھندو ھو تہ شاھد کي واقعي جي ساري خبر آھي،پر ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي. تنھن ڪري جج ان شاھد مٿان تشدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو ھو تہ جيئنءَ ھو سچي شاھدي ڏئي. اھڙيءَ ريت ان کي ٽنگيو ويندو ھو ۽ لوھيون سيخون گرم ڪري سندس جسم جي مختلف عضون کي ڏنڀيو ويندو ھو يا وري خنجر جي تيز نوڪ سان سندس جسم جي عضون تي چوڪون ڏنيون وينديون ھيون يا خنجر جي تيز ڌار سندس نڙيءَ تي رکي ويندي ھئي ۽ کيس چيو ويندو ھو تہ سچي شاھدي ڏئي، نہ تہ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي. ڪراچي جي مختلف حاڪمن (گورنرن) جي دور ۾ شاھدن تي اھڙو تشدد ٿيندو ھو، جيڪو مان سنڌ ۾ رھڻ دوران پنھنجي ڪنين ٻڌو. اھڙن ٻن موقعن تي جج (قاضي) شاھد کان سچي شاھدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو.
*
حيدرآباد جي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي رپورٽ جو اختصار
نومبر 1844ع
ٽالپر دور ۾ سول معاملن ۾ ٻنھي ڌرين کان قسم کڻايو ويندو ھو. پر سنڌ جي فوجداري معاملن ۾ ڌرين کي قسم ڪونہ کڻايو ويندو ھو. جيڪڏھن ٻن بلوچ قبيلن ۾ قتل جو معاملو ھوندو ھو تہ ٻنھي کي پاند پلاند ڪرڻ لاءِ ڇڙواڳ ڇڏيو ويندو يا ٺاھھ جو اھو طريقو قابل قبول سمجھيو ويندو ھو، جيڪي ٻئي ڌريون مڃينديون ھيون. پر جيڪڏھن ڌاڙي ۽ ڦرلٽ جو جرم ھوندو ھو تہ ڪاردار کي واتين وڻي دانھن ڏبي ھئي، جيڪو پيرا کڻائي يا ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪري وڃي ڏوھيءَ کي جھليندو ھو ۽ ان وقت تائين ماريندو ڪٽيندو ھو، جيستائين ھو پنھنجو ڏوھھ نہ باسيندو ھو. جيڪڏھن سمجھيو ويندو تہ ڪو ماڻھو ان واقعي جو اکين ڏٺو شاھد آھي تہ ان کي شاھدي ڏيڻ لاءِ گھرايو ويندو ھو. پر جيڪڏھن اھو ماڻھو الي ويندو ھو تہ ان کي تيستائين ماريو ڪٽيو ويندو ھو، جيستائين ھو سچي شاھدي ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ڏوھيءَ کي چر جي آزمائش ۽ ڪڏھن پاڻيءَ جي آزمائش مان گذرڻو پوندو ھو. پر جڏھن ڏوھي ٻنھي مان ڪنھن بہ آزمائش ۾ ناڪام ٿيندو ھو تہ کيس مجرم سمجھيو ويندو ھو. اھڙيون سزائون سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي ڏنيون وينديون يا وري اھڙي بلوچ کي ڏني ويندي ھئي جنھن جي قبيلي جو سردار ڪمزور ھوندو ھو. نہ تہ ڌڻي سائين وارو بلوچ ڪابھ ڳالھہ ڪانہ لڪائيندو ھو ۽ فريادي ڌر ۽ ڪاردار کي چوندو ھو، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو پر ڌاڙري واري ملڪيت ڪونہ ڏيندس ۽ جيڪو ماڻھو ان ڏوھي بلوچ کي گرفتار ڪرڻ ويندو ھو، تنھن کي قتل ڪري ڇڏيندو ھو.

ضميمو ٻيو

سنڌ جي ڊپٽي ڪليڪٽر سي ڊبيلو رچرڊسن جي موڪليل رپورٽ جو اختصار.
جولاءِ 1845ع
سنڌ جي اتر ۽ لاڙ واري پاسي ڪمند جو فصل وسيع ايراضيءَ تي پوکيو ويو آھي. ھي فصل سنڌوءَ جي ڪٺار واري علائقي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پوکيو پيو وڃي، مان پوري ڀروسي سان چئي سگھان ٿو تہ ھيءَ پوک اڃا بہ وڌندي رھندي. ٽالپر دور ۾ ڍل تمام ڳري ورتي ويندي ھئي. تنھن ڪري ھيءَ پوک ٿوريءَ ايراضيءَ تي پوکي ويندي ھئي. پر ھاڻي سنڌوءَ جي ٻنھي ڪڙن سان ڀلي زمين ۾ زراعت جي ھيءَ جنس پوکي ويندي آھي. سنڌوءَ جي سالياني ٻوڏ ڪري پاڻي سان گڏ ايندڙ لٽ زمين تي ڇائنجي ويندو آھي، تنھن ڪري فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا آھن ۽ ان زمين کي ٻئي ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي آھي. ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ائين ڪونہ ٿيندو آھي، ھن پوک جي ڍوئي گڏ ڪرڻ ۽ ٻئي ڪم ۾ گھڻو خرچ ايندو آھي. سنڌ اندر مکيھ پورھيو جھنگ وڍي ٻني صاف ڪرڻ، ھر ڪاھڻ ۽ فصل مان گاھھ صاف ڪرڻ ھوندو آھي. معلوم ٿئي ٿو ھندستان جي ٻين علائقن ۾ ڪمند جي پوکي ناممڪن ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن پوک کي پاڻي جي گھڻي ضرورت ٿئي ٿي. جڏھن تہ انھن علائقن ۾ پوکي راھي کوھن جي وسيلي ٿيندي آھي، پر سنڌ ۾ ھيءَ پوک سنڌوءَ جي ڪٺار واري جوءِ ۾ ٿيندي آھي. جتي پاڻي اڻيھئي ۽ جام ھوندو آھي. ٽالپرن وار دور ۾ بہ اھو ساڳيو پاڻي ھو، زمين بہ ساڳي ڀلي ھئي. پر ماڻھو ھن پوکي ڪاھڻ کان پري پيا ڀڄندا ھئا. ھاڻي تہ ڍل ٿوري آھي. پر پوءِ بہ ماڻھو ھن پوک ۾ ايتري دلچسپي ڪونہ ٿا وٺن جيتري کين وٺڻ گھرجي. ھتان جي ڪمند جي ڇڙي ننڍي ٿئي ٿي ۽ ان جي رس جو ذائقو گھڻو سٺو ڪونہ ٿو ٿئي. ڪمند جو وڏو حصو شھرن ڏانھن وڪري لاءِ کڄي ويندو آھي ۽ ماڻھو ان کي چوسڻ لاءِ خريد ڪندا آھن. ان کان سواءِ ڪمند جي پوک ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانھن بہ ويندي آھي. ان پوک جو باقي ٿورو حصو پيڙيو ويندو آھي، جنھن جو طريقو ايڏو سٺو ڪونہ ھوندو آھي. اھڙي ريت ان رس مان ڳڙ تيار ڪيو ويندو آھي. ھتان جا ماڻھو ڳڙ ٺاھڻ جي صحيح طريقي کان واقف ڪونہ آھن. ھن فصل جو سٺو ٻج ماريٽس گھرائي پوکي سگھجي تہ پيداوار وڌي سگھي ٿي. ھتان جي ڪمند جي پوک جيڪڏھن صحيح طريقي ڪئي ويندي تہ ان مان بہ فائدو ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ ڳڙ ٺاھڻ جي طريقي کي سڌارڻ جي بہ ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تہ ھتان جو طريقو ايڏو سٺو ڪونہ آھي. ليڪن ھر قسم جي کنڊ تہ مسقط مان گھرائي ويندي آھي. بنگال جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪمند جي پيڙڻ ۽ کنڊ ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ڪيا ويا آھن، پر سنڌ جھڙيون سھوليتون تہ اتي بہ ڪونہ آھن. جتي ڀلي ٻني، مناسب آبھوا، آبپاشيءَ جو سولو نظام ۽ پيداوار کي شھرن تائين پھچائڻ جو سولو طريقو بہ آھي. جيڪڏھن ھن پوک جي ڏس ۾ حڪومت واھر ڪندي تہ ھيءَ پوک تمام گھڻي ايراضيءَ ۾ پوکي سگھجي ٿي. جيڪڏھن کنڊ لاءِ وڏي صنعت قائم ڪبي تہ ايترو گھڻو خرچ ڪونہ ايندو. پر موٽ ۾ وڏو نفعو ڪمائي سگھجي ٿو. اھڙي ريت کنڊ جي وڏي تجارت بہ شروع ڪري سگھجي ٿي. شگر ملون ڪمند جي پوک ڀرسان ھئڻ کپن. ڇاڪاڻ ڪمند وڍجڻ کان پوءِ جلدي سڪي ويندو آھي. ان ڪري رعيتي ماڻھن کي ھن پوکيءَ لاءِ ھمٿايو وڃي تہ ڳڙ ٺاھي شھرن ۾ وڃي وڪڻن ۽ خوب ناڻو ڪمائن يا کڻي کنڊ جي سرڪاري ڪارخانن کي ڏين. جيڪڏھن شگر مل انگلينڊ مان گھرائبي تہ ٽي سئو پائونڊ کائي ويندي. پر نصب ڪرائڻ ۾ بہ ڪجهہ خرچ لڳي ويندو. تنھن ڪري اھا سرڪار کي ساڍن ٽن سون پائونڊن ۾ پلئھ پوندي. جيڪڏھن رعيتي ماڻھن کي ڳاڙھي کنڊ ٺاھڻ سيکاربي تہ لوھھ جي مل گھرائڻ جي خفي کان جند ڇٽي پوندي.
جيڪڏھن ڪي ادارا کنڊ جي ڪارخانن لاءِ ڪم ڪري سگھن ٿا تہ انھن مان ڪو ادارو اھڙو بہ ھجي جيڪو نير جي پوک جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بہ ڪم ڪري. سکر کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين اھڙي زمين آھي جيڪا نيز جي پوک لاءِ بھتر آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ زمين تہ ڀلي آھي پر ماڪ گھڻي پوندي آھي جيڪا ھن پوک لاءِ ھاڃيڪار ھوندي آھي. سنڌ ۾ نير اڃا بہ گھڻو وڌي اپائي سگھجي ٿو. ان جو ڪارڻ اھو آيو تہ سنڌوءَ ۾ ورھيارو چاڙھھ ايندو آھي. ٻوڏ جي ان پاڻي ۾ ڀل يا لٽ گھڻو ھوندو آھي. تنھن ڪري جيستائين پاڻي پھچندو آھي لٽ پوڻ ڪري ڍلي زمين بہ ڀلي ٿي ويندي آھي. پاڻيءَ جي ليٽ ڪري زمين پاڻي پي رڄي ويندي آھي، جنھن ۾ نير جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿيندو آھي. بنگال جو نير بہ معيار ۾ ڀلو ٿيندو آھي. جيڪڏھن سنڌ جو نير معيار ۾ ان کان ڀلو نہ آھي تہ ھن جھڙو تہ ضرور آھي. بنگال ۾ جيڪڏھن مينھن نہ وسن تہ بلڪل سنڌ جھڙو آھي. ڏٺو وڃي تہ نير جي ٻوٽيءَ لاءِ مينھن ھاڃيڪار ھوندو آھي. کاڻوٺ ۽ مانجھند واري علائقي ۾ اٽڪل نوي يا ھڪ سو مڻ نير اپايو ويندو آھي. جيڪو ڏاڍي سٺيءَ جنس جو آھي، پر بنائڻ جو طريقو صحيح ڪونہ ھوندو آھي، تنھن ڪري ان جي قيمت ڪجهہ گھٽ ملندي آھي.

ضميمو ٽيون

سر چارلس جي گھڻن مان ھڪ خط جو اختصار جيڪو ھن ھندستان سرڪار ڏانھن ملير نديءَ لاءِ لکيو ھو، جنھن جو کيس جواب ڪونہ ڏنو ويو ھو.
آگسٽ 1845ع
ھاڻي سانوڻيءَ جي مينھوڳيءَ جي مد گذري وئي آھي. پر ڪراچي ۾ ڪڻي بہ ڪانہ پئي آھي. ان ڪري پاڻي جا تلاءَ سڪي ويا آھن ۽ کوھن جو پاڻي بہ ھيٺ لھي ويو آھي. پاڻيءَ جي ھن ڏگاھي ۾ فوجي ڪنو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. تنھن ڪري انھن کي پيٽ جي سور جو اھنج ٿي پيو آھي. اھو ڇانوڻي جي صحت لاءِ ڏاڍو چڱو ٿئي ھا، جيڪڏھن ملير نديءَ جو منھن ڦيري، ڇانوڻيءَ وٽان ڪيو وڃي ھا. مان ان ڪم تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو ڪري آگسٽ 1844ع ۾ اوھان ڏانھن موڪليو ھو جيڪو ٻارھن ھزار پائونڊ ھو. ڇانوڻي جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ اھو خرچ ڪو وڏو ڪونہ آھي. ان ناتي جيڪا پاڻيءَ جي سھوليت ٿيندي سا اندازي کان ٻاھر آھي. ھن پاڻي سان سوڍا يا ٻيون شيون مليل آھن. ھتي جي ڌرتيءَ جا مختلف ورن آھن ۽ ھيٺ کوٽڻ سان ڪٿي ڏھھ فوٽن تي، ڪٿي ويھن ۽ ڪٿي وري ٽيھن فوٽن تي مٺو پاڻي ملي ويندو آھي. ان کان جيڪڏھن ھڪ فوٽ بہ ھيٺ کوٽبو تہ پاڻي نسورو لوڻ ملندو. ڇانوڻيءَ ۾ کوھھ آھن جيڪي ھڪ ٻئي کان ٻہ سو فوٽ پري ٿيندا. ڪي وري انھيءَ فاصلي کان بہ ويجھا ٿيندا، پر ھڪڙن جو پاڻي مٺو تہ ٻين جو پاڻي لوڻ جھڙو کارو آھي. چيو ويندو آھي تہ ھتان جي ڌرتي ۾ چانيھو يا قلمي شورو ۽ کار تمام گھڻي ٿيندي آھي. ھن پاڻيءَ ۾ جيڪو ڪجهہ بہ مليل آھي، پر صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي. جيڪڏھن اوھان ھن منصوبي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏيندا تہ اھو ڪراچيءَ تي احسان ھوندو.
اصل تي صحيح
سر چارلس نيپيئر
سر ھينري ھارڊنج ڏانھن لکيل خط
سر ھينري ھارڊنج
ڪجھھ وقت کان پوءِ سرڪار ھڪ ميڊيڪل بورڊ موڪليو ھو تہ اھو ڪراچي جي پاڻيءَ تي تجربو ڪري ۽ رپورٽ تيار ڪري موڪلي ڏئي. ڊاڪٽرن جي ھن جٿي پنھنجي رپورٽ ۾ لکي موڪليو آھي تہ ھي پاڻي خالص ۽ سٺو آھي. انھن ماڻھن پنھنجي خط ۾ اھو بہ لکيو آھي تہ ھن پاڻيءَ ۾ ٻين شين سان گڏ ڦٽڪيءَ جو انداز وڌيڪ آھي، جنھن ڪري پيٽ جي شڪايت ٿي پوي ٿي ۽ پھرئين ڀيري پيئڻ سان پيٽ ۾ ڳڙ ٻڙ ٿي پوندي آھي. ان ڪري جن ماڻھن کي اھڙي خبر نہ ھوندي آھي، سي سمجھندا آھن تہ اھو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي. پر حقيقت اھا آھي تہ ھن ميڊيڪل بورڊ پاڻي جي ان وقت چڪاس ڪئي ھئي، جڏھن مينھن گھڻا وسيا ھئا ۽ کوھھ بہ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھئا. ان ڪري صحت لاءِ نقصانڪار شين جو پاڻي ۾ تناسب گھڻو گھٽجي ويو ھو.
(وليم نيپئر)

ضميمو چوٿون

ڪڇيءَ واري جابلو علائقي خلاف جنگي مھم جي شروعات وقت لارڊ ايلنبرو ڏانھن لکيل خط جو اختصار.
سکر 19 ڊسمبر 1844ع
مان اڄ ھتي پھتو آھيان. ٻہ سال اڳ آءٌ ھن ساڳئي ڏينھن تي ھتان روانو ٿي چڪو ھوس. اڄوڪو ڏينھن مون کي اوھان جي احسان ياد ڏياري رھيو آھي. اوھان جي ياد اچڻ ڪري ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ موجود خوف ۽ خطرا بہ ياد اچي ويا آھن. مان ھتي ھڪ عظيم انسان سر جان مور جا لفظ ورجائڻ چاھيان ٿو جنھن چيو ھو تھ، ’ن برين ڳالھين ٿيڻ جو امڪان ھو سي ھاڻي ڪونہ ٿينديون.‘ ان ڪري مون کي بہ يقين آھي تہ اھي امڪاني بريون ڳالھيون ھاڻي ڪڏھن بہ ڪونہ ٿينديون. مان 11 نومبر تي ڪراچي ڇڏي ھئي. سفر دوران ٽڪرين وارو علائقو ويران لڳو جنھن وچان جبلن جون قطارون گذرنديون ڏسڻ ۾ آيون، جن جو رخ ڏکڻ اتر طرف ھو. ھي ٽڪريون لھنواريون ڪونہ ھيون، پر اڀڪپريون ھيون. تنھن ڪري انھن روھين (ٽڪرين) کي غير لھريدار سڏي سگھجي ٿو. اھي سڀئي ٽڪريون ڀت وانگي اڀڪپريون آھن، جيڪي پنڊ پاھڻن سان ڀريون پيون آھن. ھڪ ڏينھن اسان اھڙين ٽڪرين واري علائقي مان گذرياسون جتي رڳو ڪاٺ جا پنڊ پاھڻ ڏسڻ ۾ آيا ھئا. اھڙيون شيون اسان کي ملڪري ماڳ وٽ نظر آيون جتي اسان منزل ڪئي ھئي. اھڙا نشان واڪر جي جوڙيل نقشي ۾ بہ موجود آھن. جڏھن اسان پوڪرن وٽان لنگھياسون تہ اتي ٽڪريون ۽ انھن جي وچ تي کاھيون ڏسڻ ۾ آيون. ملڪري ۽ پوڪرن نالي وارن ماڳن وٽ پاڻيءَ جا تلاءَ آھن جن جي وچ تي وڌ کان وڌ اوچيون ٽڪريون نظر آيون. ھي علائقو جابلو ھو، جتي اسان کي درياھي نرم مٽي ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي ھئي. اھڙي مٽي چرلا وٽ ڏٺي سون. ھن ٿاڪ تائين ساري جوءِ رڻ پٽ آھي. پوڪرن ۽ چرلا جي وچ تي گھاٽو جھنگ بہ آھي. ٽڪرين جي وٽن ۽ وڪڙن مان ائين محسوس ٿي رھيو تہ انھن کي ڪو قدرتي طور مروڙو آيل آھي. ھتان جي ھڪ سونھين (رھبر) مون کي ٻڌايو تہ ھتي ڦٽڪي بہ موجود آھي. مان ھتي جيڪر ھفتوکن ترسي چڪاس ڪريان ھا تہ ھتي ڇا ڇا موجود آھي پر مان جيالاجي ۽ منرالاجي واقف ڪونہ ھوس. ائين ڪري مان ڄڻ پنھنجو وقت وڃايان ھا،جنھن جو سنڌ ۽ سائنس کي ڪو فائدو ڪونہ پھچي ھا. ھتي جي ننڍڙين روھڙين يا ٽڪرين مان ڪوسي پاڻيءَ جا جھرڻا وھي رھيا ھئا جيڪي ڏھھ يا ويھھ فوٽ مس اوچيون ھيون ۽ اھي ھالا جي روھھ سان ٻٽ وڃي رھيون ھيون. جن جو پٿر ڪوئلي جيان نظر اچي رھيو ھو. اسان جي قافلي ۾ ھڪ ڏاھو ماڻھو جنھن ٻڌايو تہ اھو ڪنھن سائيءَ ٻوٽيءَ جو پنڊ پاھڻ آھي، ان ڪري مان بہ ان شيءِ کي ائين سمجھي رھيو آھيان. سندن شڪل صورت بہ دلچسپ ۽ عجيب غريب آھي، جيڪي ڀرپاسي ۾ ملندڙ اھڙين شين کان بلڪل مختلف بہ آھن. مان انھن مان ٻہ ٽي نمونا کنيا ۽ ھڪ اھڙي سڄاڻ ماڻھوءَ کي ڏيکاريا جيڪو سنڌ اندر منفرد شڪل جو ماڻھو ھو. مان سر ھينري ھارڊنج کي گذارش ڪئي آھي مون ڏانھن سياڻو ۽ سپورنج ماڻھو موڪلج جيڪو ٻڌائي سگھي تہ سنڌ اندر ڪھڙيون شيون موجود آھن.
مان چرالا کان مٿي ان جاءِ وٽان لنگھيس جنھن کي پير آري جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. جتي ڪرنل رابرٽس شاھھ محمد کي اوچتو جھلي ورتو ھو. ڪرنل ھٿن تي پرتا ڪري ڏيکاري ھئي. پر مون کي افسوس آھي، کيس سي بي جو اعزاز ڪونہ ڏنو ويو ھو. ھي ماڻھو شير محمد جو ڀاءُ ھو. ھن جي جھلجي پوڻ ڪري سنڌ جي وڳوڙي وايو منڊل ۾ ڪجهہ ٺاپر اچي وئي ھئي. ان واقعي کي پورو ھڪ سال گذري ويو آھي، پر لڳي ائين ٿو ڄڻ تہ اھا ڪالھھ ڪلھوڻي جي ڳالھہ ھجي.
سيوھڻ ۾ پھچي مان ان جي چڪاس ۽ جاچ پڙتال ڪئي، جنھن کي Alexanders Tower سڏيو ويندو آھي. مان يونانين سان لاڳاپيل پراڻا ٿرڙ ڏٺا آھن، ان ڪري يقين سان چئي سگھان ٿو تہ ھي تعمير يوناني ڪانہ آھي. قوي امڪان آھي سڪندر جي ٺھريل ڪالوني ھجي. ھي امڪان انھيءَ ڪري آھي جو سنڌوءَ جو ھي ڪنارو جابلو آھي ۽ ھي درياھہ بہ سدائين ھن جاءِ وٽان وھندو رھيو آھي. تنھن ڪري سڪندر ھن ٿاڪ کي پڪو سمجھي ھڪ ڳوٺ تعمير ڪرايو ھوندو تہ ڪئت ناھي ڪڏھن ڪڏھن ھن جاءِ وٽان يوناني دور جا سڪا بہ لڀندا آھن، پر مٿي بيان ڪيل قديم آثار ان قلعي جا آھن، جنھن کي اورنگزيب ڊاھي ناس ڪري ڇڏيو ھو. سيوھڻ کان سکر تائين علائقو آباد نظر آيو، پر ان لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو تہ اھي آباد زمينون غير آباد علائقي جو ھڪ سئو حصو بہ ڪونہ ٿيندو. پر ھن علائقي جي زمين ايتري ڀلي آھي جيتري ڪراچي کان پوڪرن تائين آھي. جتي اڃا تائين پوکي راھي ٿي ڪانہ سگھي آھي. پر اتي پاڻي ملڻ مشڪل آھي. جڏھن تہ مون کي پڪ آھي جر جو پاڻي تہ جتي ڪٿي موجود آھي. جيڪڏھن کوھھ کوٽبا تہ ھيٺيان ضرور پاڻي ملندو. مون کان بہ جيترو ٿي سگھيو ايترو جلدي انھيءَ علائقي ۾ کوھھ کوٽائي زمين آباد ڪرائيندس. منھنجي ھيءَ بہ خواھش آھي تہ جتي غريب ماڻھن جا کوھھ آھن تن کي سڌاريان. ھنن کوھن جي پاڻيءَ کي پيئڻ لاءِ بہ استعمال ڪري سگھجي ٿو پر ھر ھڪ کوھھ جي چوڌاري چار ٻارا ٻنيءَ جا بہ آباد ڪري سگھبا. ماڻھو سکيا ستابا ٿي ويندا. بچت وارو اناج بازار ۾ وڪڻندا. اھڙي ريت ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جا ڏوھھ گھٽجي ويندا. ٻين ماڻھن کي بہ ريس ايندي ۽ اڳين کوھن کان ٿوريءَ وٿيءَ تي نوان کوھھ کوٽيا ويندا. ھي اڳتي وڌڻ جو ھڪ سست رفتار سلسلو آھي. اھو طريقو ضروري بہ آھي. ماڻھوءَ کي اھڙن معاملن ۾ صبر ڪرڻ گھرجي. پر مان ھن ڪم ڪرڻ لاءِ اتاولو آھيان. چاھيان ٿو اھو نيڪ ڪم اڄ ٿئي ۽ سڀاڻو نہ پوي. ھن ڪم ۾ دير مون کي ڄڻ سيلھھ ٿي چڀي رھي آھي.
مان رند قبيلي جي ڌاڙيلن جو ھڪ ٽولو ڏٺو ھو، جيڪو بلوچ نہ پر سنڌي رندن جو ھو. ھي ماڻھو ڪلھوڙن سان ڏاڍا وفادار ھئا. پر ٽالپرن ھنن جي توڻي تپائي ڏني ھئي. ڪجهہ ڏينھن ٿيندا ھنن رندن کي ٽالپرن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍي ڇڏيو ھو. جنھن ڪري ھنن وڃي روھھ ۽ ڪوھھ واري جوءِ وسائي ھئي جيڪا سڃي ۽ ڏچي ھئي. لاچار ٿي ھنن ماڻھن پنھنجي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا ھئا. بلوچ نسل جا ڌاڙيل ھنن جا ويري ھئا. ان کان سواءِ کين ٽالپرن جي ٽيڪ ۽ ھشي بہ ھئي، ويچارا رند ھاڻي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن گذاري رھيا آھن. ھنن ڏاڍ جي ستايل ماڻھن مون کي بچائڻ ۽ پوکي راھي لاءِ زمين ڏيڻ جي درخواست ڪئي آھي. مان کين جھرڪ ڀرسان زمينون ڏنيون آھن. ھن دوري مان اھو فائدو ٿيو آھي جنھن جو مان ذڪر ڪري آيو آھيان. ٻي ڳالھہ مون کي ھيءَ نظر آئي تہ منھنجي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ بہ اڃا تائين پنھنجي ڏاڍ ۽ قھر واري شڪل ۾ موجود آھي. جتي بہ مان منزل ڪندو ھوس تہ منھنجي تنبوءَ جي چوڌاري ميڙ ڪري اچي بيھندا ھئا. ھي ھاڃيءَ ھنيا ۽ سورن جا ستايل ماڻھو اھا آس کڻي مون وٽ ايندا ھئا تہ مان کين انھن ڏکن پاپن کان آجپو ڏيندس. مون سان اھنج اورڻ لاءِ ترجمان بہ ضرور وٺي ايندا ھئا. مان اھڙن غلامن جي ڏھن ٻارنھن مالڪن کي کڻي قيد ڪيو، جيڪي وڏي رتبي ۽ اثر رسوخ وارا ماڻھو ھئا. منھنجو ڪم ان وقت ملڪ جو دورو ڪرڻ ھو. پر ھنن اثر رسوخ وارن ماڻھن کي ٽن ھفتن تائين پاڻ سان گڏ کڻي ھلندو رھيو ھوس. سنڌ ۾ غلامي ڏسي منھنجو جيءُ جھرندو ۽ روح رڙندو آھي. مون کي پڪ آھي تہ ڀرپاسي ۾ مسٽر پريڊي جي ۽ قانون کي ھوريان ھوريان نافذ ڪري سگھجي ٿو ۽ ائين نافذ ڪري ڪونہ ٿو سگھجي جيئن ميداني علائقن ۾ ڪيو ويندو آھي. ڌاڙيل عنصر وري اھڙو ھوندو آھي جنھن جو ڪم قانون خلاف جھيڙو ڪرڻ ھوندو آھي. غلام رکڻ وارن ماڻھن خلاف منھنجو رويو ڏاڍو سخت آھي. تنھن ڪري غلاميءَ وارو رواج بہ تيزيءَ سان گھٽبو پيو وڃي.
ولي چانڊئي ڏاڍي وفاداريءَ جو مظاھرو ڪيو آھي. ھن سردار ھمت ڪري نوبت خان نالي ھڪ مشھور ڌاڙيل گرفتار ڪري ورتو آھي. ھي ماڻھو ڏاڍو ڪٺور ھو، جيڪو ڌاڙي ھڻڻ وقت ڪيترائي بي پھچ ماڻھو قتل ڪري ڇڏيندو ھو. ھن پنجھتر اٺن جي قافلي کي ڦريو ۽ جتن کي قتل ڪيو ھو. مان سندس گرفتاري تي ھڪ ھزار رپيا انعام رکيو ھو. ھن وقت ھو بکر واري قلعي ۾ قيد آھي. ھن سان گڏ سوڀو گڊو بہ آھي. ھن ڌاڙيل بہ منھنجي حڪم عدولي ڪئي ھئي. فزجيرالڊ اٺ سوار فوج ساڻ ڪري پنجھتر ميل پنڌ ھڻي مٿس وڃي اوچتو ڪڙڪيو ھو ۽ ھڪ جابلو قلعي مان وڃي کيس گرفتار ڪيو ھئائين. ھن جا چار سو ماڻھو الائي ڪيڏانھن نڪري ويا. باقي ساڻس چاليھھ ماڻھو گڏ ھئا جن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ھو. ھن مقابلو ڪيو ھو، جنھن ۾ سندس پٽ ۽ ٻہ ڀائٽيا وڙھندي مارجي ويا ھئا. ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ جيمس کين پيش پوڻ لاءِ عرض ڪيو. پر ھنن کيس ٽي تريون ھڻي ڇڏيون ۽ وراڻيائون تہ ھو سوڀي گڊي جا ڀائٽيا پٽ آھن ۽ ھو تلوارون ۽ ڍالون سندس پيرن ۾ رکي پيش ڪونہ پوندا. انھن کي زندھھ ڇڏڻو ڪونہ ھو، پر سندن موت تي بہ افسوس آھي. ھنن جو پيءُ ھنن جيترو بھادر ڪونہ ھو. سندس ڪردار ظالمانھ ھو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي زنده ڇڏڻ ڪونہ چاھيندو ھو. ھاڻي سندس مقدر کي ڏسي سارو علائقو خوش آھي. ليفٽيننٽ جيمس جو چوڻ آھي تہ ماڻھو ھنن تي کي ڏسڻ لاءِ ميڙ ٿي ويا ۽ سندس گرفتاريءَ تي ڏاڍو خوش ھئا. ھن ملٽري ڪميشن ڪيس ھلائيندي مان سمجھان ٿو تہ ھنن ٻنھي ڌاڙيلن جي گرفتاري ڪري ڌاڙن جون وارداتون گھٽجي وينديون. تنھن ڪري مان ھاڻي چئي سگھان ٿو تہ سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو ڌاڙيلن جي آپدا کان آجو ٿي ويو آھي. مان سفر دوران جڏھن ھڪ ڳوٺ کان لانگھائو ٿيس تہ اتان جي ٻن رھواسين سان ڳالھہ ٻولھھ ٿي وئي. ھي ٻئي ماڻھو مون کي ڏوھي محسوس ٿيا جن جي سزا قتل ٿي سگھي ٿي. ھنن ٻنھي ڄڻن ھڪ ماڻھو خلاف دانھن ڏني جيڪو نوبت جي ڪڍ وڃي ٽيھٺ اٺ ڇڏائي آيو ھو، جن مان ارڙھن مالڪن کي موٽائي ڏنا ھئائين. مان ان ماڻھوءَ کي پوليس وارو موڪلي گھرائي ورتو. ڏٺم تہ ان قبائلي سردار جي شڪل ئي شيطان جھڙي ھئي ۽ سندس بشرو بہ شيطان جھڙو ھو.
مان ڏٺو تہ گھڻو ڪري ھن علائقي ۾ ڍل اڌ پيداوار جيتري وصول ٿي رھي ھئي. پر مان ان کي ھر جڳھھ تي گھٽائي پيداوار جو فقط ٽيون حصو وٺڻ چاھيان ٿو. اعتراض اھو ڪيو پيو وڃي تہ محصول جي گھٽجي وڃڻ سان سرڪار جي آمدني گھٽجي ويندي. ابتدا ۾ اھا ضرور گھٽجي ويندي. پر ان جو اثر ضرور ٿيندو، ماڻھو ميداني علائقن ۾ وڃي آباد ٿيندا ۽ جھنگ جھاڙيون ڪڍي ٻيون صاف ڪري پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. سرڪار کي پيداوار ۾ نقصان ٻن يا ٽن سالن لاءِ پوندو. سرڪار جون ڀلين ٻين جون وسيع ايراضيون غير آباد پيون آھن، جن جو منڍو ٻارھن ميل ۽ لام بہ ٻارھن ميل آھي. اھي زمينون ڪڏھن بہ آباد ڪونہ ٿيون آھن. جيڪڏھن ھارين سھوليتون ڏنيون تہ اچي زمينن تي گھر ٺاھي ويھندا ۽ پوکي راھي ڪندا. ساڳئي وقت سرڪار جي گھٽيل آمدني وڌي ويندي ماڻھو بہ پير پساري واندا ڪونہ وھندا ۽ پنھنجي پورھئي کي لڳا پيا ھوندا. ان ڪري چوريون ۽ ڌاڙا بہ گھٽجي ويندا. بلوچ ڌاڙيل بہ ٻني پوکي آجپو محسوس ڪندا، ڇاڪاڻ تہ سرڪاري ھاريرن نارين کي وڏيون سھوليتون ڏيندي. يا وري ھو تلوار رکي ھر جي مٺئي کي ڪونہ سنڀاليندا. جڏھن آءٌ سنڌ وچان سفر ڪري رھتو تہ مان اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري رھيو ھوس تہ مان سنڌ جي خدمت انھيءَ طريقي سان ڪري سگھان ٿو. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ ڍل ۽ لاپو گھٽجي ويندو. حقيقت ۾ اھي ٻئي ھڪ آھن ۽ اھي رھت جي ڪل پيداوار جي ٽئين حصي جيتريون آھن. جيڪڏھن مان سرڪار کي يا ھاري کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندس تہ مون کي پڇتاءَ جي وڏي سزا ملي ويندي. ايسٽ انڊيا ڪمپني منھنجي بدران ڪو ٻيو سٺو ماڻھو مقرر ڪندي. ھتي ڪليڪٽر بہ مون خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. جيڪڏھن مان ڪو ڏوھھ پاپ ڪري رھيو آھيان تہ اھي ذميواري بہ منھنجي آھي. ڇاڪاڻ تہ اھو ڏوھھ پاپ مان سوچي سمجھي ڪري رھيو آھيان. ان ڪري الزام بہ فقط مون تي ھنيو وڃي. مون کي مقرر اوھان ڪيو آھي. پر اوھان ھنن ڏوھن پاپن کان آجا آھيو، پر مون کي يقين آيھ تہ منھنجو احوال صحيح آھي. تنھن ڪري مون ڀؤ ڀولو نہ ھجڻ گھرجي. ليڪن مان ھيءُ ڪم آھستي ۽ مرحليوار ڪرڻ چاھيان ٿو.
ھن کان سواءِ مان ھڪ ٻيو بہ قدم کڻڻ چاھيان ٿو. يعني جي غريب رعيتن وٽ ڏاندن جي جوڙي خريد ڪرڻ لاءِ ٽيھھ رپيا بہ ڪونہ آھن تہ مان کين ”ٻوڙا پٽ“ جي بدلي ٻن يا ٽن سالن لاءِ ڍل معاف شرط تي زمين ڏيندس. پر جيڪڏھن انھن کي ڏاندن جي جوڙي خريد ڪرڻ لاءِ ٽيھھ رپيا روڪ ڏبا تہ پئسا کڻي ڀڄي ويندا. پر اھڙا واقعا اڪو دڪو ٿيندا پر عام ڪونہ ٿيندا. سنڌي رعيتي ماڻھو سچار ۽ ايماندار ٿيندو آھي. پر جابلو بلوچن تي اھڙي قسم جو اعتبار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھنن ماڻھن جو عام ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ آھي. ٽالپر حڪمرانن بہ ھن کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو ھو. وڏن قبيلن جا سردار بہ ڦرلٽ جي ڌنڌي سان لڳل آھن. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ ڪٿي بہ انگريز عملدار کي ڦريو لٽيو ڪونہ ويو آھي. سنڌ ۾ ھنن جي مال مڏي بلڪل محفوظ آھي. ان جي ڀيٽ ۾ بمبئيءَ واري علائقي ۾ انگريز عملدارن کي بہ معاف ڪونہ ڪيو ويندو آھي. تنھن ڪري مون کي پڪ آھي تہ جيڪڏھن ھنن غريب ماڻھن ٿوريون ٿڪيون سھوليتون ڏبيون ويون، ٿوري وقت اندر سارا جھنگل وڍجي صاف ٿي ويندا ۽ ائين ھاري طبقو پيدا ڪري سگھبو. جيئن انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو ھو. ان کان سواءِ مان ھوريان ھوريان جاگيرداري نظام ڀڃي، ڀروڙي رھيو آھيان. جڏھن ڪو جاگيردار مري ويندو آھي تہ سرڪار ان جي زمين ضبط ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھا ننڍن ننڍن حصن ۾ ھارين جي حوالي ڪئي ويندي آھي. جيڪڏھن اھا زمين وفات کان جاگيردار جي پٽ کي ڏني ويندي آھي تہ انھن ڍل يا لاپو ورتو ويندو آھي. اھڙيءَ ريت جاگيردارن کان سھوليتون رعايتون کسيون ويون آھن. ھنن ماڻھن جي ڪوشش آھي تہ کين مليل سھوليتون بحال ڪيون وڃن يعني سندن خيال آھي تہ کين ڍل معاف جاگيرون سندن حياتي تائين ملڻ گھرجن.
ھتي ماڻھن کي ڊيڄاري کانئن ملڪيتون ڦريون وينديون آھن. اھو ڪاروبار سالن کان وٺي جاري آھي. مان بہ پڪو پھھ ڪيو آھي تہ ھن آزار کي بہ ضرور ختم ڪندس. ليڪن سوچي رھيو آھيان تہ ان لاءِ طريقو ڪھڙو ڪتب آندو وڃي. اسان جو پوليس کاتو پنھنجا منصبي فرض سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڪري رھيو آھي. اھي ڌاڙيلن سان ڏاڍي جرئت ۽ بھادري سان مقابلا ڪري رھيا آھن. ھڪ ٻہ واقعا اھڙا ٿيا آھن جو ھنن ڪي غير قانوني ڳالھيون ڪري ورتيون آھن، پر اھڙا واقعا عام ڪونہ ٿا ٿين. تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو تہ اھي ماڻھن کي ائين ڪونہ تپائيندا، جيئن ھنن ملازمت جي ابتدائي دور ۾ ڪيو ھو.
وڏن مجرمن جا معاملا ملٽري ڪميشن ھلائي رھي آھي جنھن جا نتيجا ڏاڍا سٺا نڪتا آھن. پر ننڍن مجرمن جا معاملا مئجسٽريٽ ھلائي رھيا آھن ۽ ھر ماڻھوءَ کي انصاف ملي رھيو آھي. مان ھر معاملي جو مطالعو ڪندو آھيان ۽ گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ سزا جي ڪاغذن تي صحيح ڪندو آھيان. منھنجو اھو ڪم ھوريا ھوريا وڌندو پيو وڃي. ھتان جا ماڻھو اسان جي انصاف ڏيڻ واري طريقي کي تمام گھڻو پسند ڪندا آھن. تنھن ڪري ڪيس (معاملا) گھڻو وڌي ويا آھن. مون کي خوف آھي تہ جيڪڏھن انھن معاملن جو تعداد اڃا بہ وڌي ويو تہ وقت نہ ھجڻ ڪري مان معاملن جي ڪارروائيءَ جو مطالعو ڪري ڪونہ سگھندس. مان اوھان جي سامھون ھڪ مختصر جائزو پيش ڪيو آھي تہ اسان سنڌ جو انتظام ڪھڙي طريقي سان ھلائي رھيا آھيون. مان ھن حقيقت کي مشرقي انداز ۾ ھن ريت بيان ڪري سگھان ٿو تہ جتي بہ مان پھچان ٿو تہ ماڻھن جا ميڙ منھنجي تنبوءَ جي چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا جن جو مقصد سلام ڪرڻ ھوندو آھي. ان کان سواءِ مان جڏھن ڪنھن ڳوٺ وچان لنگھندو آھيان تہ ماڻھو وڏي آواز ۾ مون کي دعائون ڏيندا آھن. ھنن ڳالھين مان چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگھجي ٿو تہ ماڻھو مون مان خوش آھن ۽ منھنجيءَ حڪومت کي سٺو سمجھن ٿا. ٻي سٺي ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ مان جھنگلن وچان ھي سفر سنڌي ”اريگيولر ھارس“ سان گڏ ڪري رھيو آھيان ۽ چوڌاري اڻ سڌريل قبائلي موجود آھن. جيڪڏھن اھي ماڻھو اڳرائي ڪن ھا تہ انھن کي بہ مناسب جواب ملي وڃي ھا ۽ اھو ڪم جبل جا قبائلي سردار سرانجام ڪن ھا. ڇاڪاڻ تہ مون سان گڏ گھوڙيسوارن جو مختصر تعداد آھي. تنھن ڪري جابلو لڪن مان لنگھي، ھنن خلاف ڪابھ ڪارروائي ڪري ڪونہ ٿو سگھان. مان عام ماڻھن جي ڀروسي تي ائين ڪيو آھي نہ تہ مون کي ايترن ٿورن گھوڙيسوارن سان اھڙي ڏکئي سفر ڪرڻ جي دل ڪانہ ٿئي ھا.
مان ٻڌو آھي ”دھلي گزيٽ“ ھن ڳالھہ جو اشارو ڏنو آھي تہ سنڌ جي حڪومت اڳين ٽالپر حڪمرانن جي حوالي ٿي رھي آھي. سرڪار کي گھرجي تہ اھڙين ڪوڙين خبرن تي پابندي مڙھي نہ تہ انھيءَ جي نتيجي ۾ ڏاڍو ھاڃو رسي سگھي ٿو. اھڙيون خبرون ٻڌي ھتان جا ھندو واپاري تہ ھراسجي ويا آھن. جيڪڏھن اھڙيون خبرون ھلنديون رھيون تہ ھي ماڻھو پنھنجو پئسو ھتي ڪونہ سيڙائيندا. ڪن واپارين مون کي اھو بہ ٻڌايو آھي تہ اسان وٽ دولت آھي. جيڪڏھن اسان اھا دولت عام ماڻھن کي ڏيکارينداسون ۽ اوھان سنڌ جي حڪمراني ٽالپرن کي واپس ڏئي ھليا ويندا تہ اسان جو جڻ ٻچو رلي ويندو. ان ڪري اسان واپاري ڏيتي بہ تڏھن ڪنداسون جڏھن ڏسنداسون، ھتي انگريزن جي حڪومت قائم آھي. اھي ٽالپر اسان جو الھھ تلھھ ٻھاري ويندا ۽ نت نوان عذاب ڏئي اسان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪندا.“
ممبئي وارا ڪچ کي سنڌ کان کسي رھيا آھن. منھنجي خيال ۾ ھي ماڻھو غلط آھن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اھڙي خبر سر ھينري ھارڊنج ڏانھن بہ موڪلي ھئي جنھن وري اھا مون ڏانھن بہ موڪلي آھي. منھنجي ڄاڻ مطابق ڪڇ سنڌ کان کسيو ويندو. ڪڇ کي سنڌ سان ملائڻ ڪري منھنجي مٿي جو سور وڌي ويو ھو. ھن وقت منھنجي ڪچ ۾ ڪنھن بہ قسم جي دلچسپ ڪانہ آھي. پر ڪرنل رابرٽس ۽ ڪچ جو راءُ ھڪ ٻئي جا پڳ مٽ يار رھيا آھن. اھو ڪم بہ ھن ماڻھوءَ ڪيو آھي. جنھن کي مان بہ سٺو سمجھان ٿو. جڏھن کان ڪڇ کي سنڌ سان ملايو ويو آھي. تڏھن کان ممبئي سرڪار کي ڄڻ پيٽ ۾ سور جا ولھوٽا پيا آھن. ھي سنڌ کان ٻاھر جون ڳالھيون آھن، جن ۾ منھنجي ڪابھ دلچسپي ڪانہ آھي. مان اڌ گيدي ڪم کان بڇان ڪندو آھيان. منھنجو فقط سنڌ سان واسطو آھي. مان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان مون کي ھنن معاملن ۾ ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي ڪانہ آھي. منھنجي دلچسپي رڳو سنڌ ۾ آھي جنھن لاءِ مان ڏينھن رات جاکوڙي رھيو آھيان. اھڙي دلچسپي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. مون کي اھا بہ پڪ آھي تہ مون کي ممبئي جي ڪمانڊر ان چيف جو عھدو ڪونہ آڇيو ويندو. مان ڄاڻان ٿو تہ ھنن ماڻھن انتظام جا سارا اختيار جيمس آئوٽرام جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. اخبارن مان تہ ائين محسوس ٿي رھيو آھي. ان سماجي نوعيت جي جنگ جو مون کي ڪو پتو ڪونہ آھي. پر مان سمجھان ٿو تہ اھي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رھيا آھن. جڏھن ھنن جي پيرن ھيٺان زمين کسڪڻ لڳندي تڏھن وڃي ھنن جون اکيون کلنديون. اوھان جڏھن مھاراجا جئپور کي اکيون ڏيکاريون ھيون تہ ھي ماڻھو ھٿن مان نڪري ويا ھئا. توھان تہ نانگ کي زخمي ڪيو آھي پر ماريو تہ ڪونہ ھو. گواليار کي اھڙي ڌڪ لڳڻ ڪري مرھٽن جي ملڪ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ بغاوت جون تلوارون اڀيون ٿي ويون ھيون. جنھن ڪري اتر علائقي جا ماڻھو بہ ڀانڀورجي ويا ھئا. ھاڻي سارو ملڪ بغاوت جي باھھ جا ڀنڀٽ ٿي ويو آھي. ھي مرھٽا رڳو قابل نفرت دشمن ڪونہ آھن،پر سمجھڻ کپي تہ ھنن ۾ شيواجي جو روح بہ موجود آھي.
مان6 - ايف. آءِ، N I سر جِي آرٿر جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. ان کانسواءِ 13 - لائيٽ افنٽري بہ سندس ماتحت رکي وئي جنھن ۾ تجربيڪار فوجي آھن. جيڪي نوجوان فوجين کان ٻيڻ تي ڀلا آھن. مان کيس ھن کان وڌيڪ ٻي فوج ڏئي ڪونہ ٿو سگھان. اھڙي بدنظميءَ جو سنڌ تي آخر ڪھڙو اثر پوندو. مان 78 ريجمينٽ اڳئي وڃائي چڪو آھيان. ھيءَ ريجمينٽ ھتي پھچڻ مھل ڏاڍي صحتمند ۽ سگھاري ھئي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ بہ ڪاري بيماري وغيره ڪانہ ھئي. ھت بيماريءَ نومبر جي پھرئين ھفتي ۾ منھن ڪڍيو ھو. ھاڻي تہ سڀ فوجي اسپتالن ۾ ڀرتي آھن. ۽ ٻہ سئو مري ويا آھن. جن ۾ عورتون ۽ ٻار بہ شامل آھن. مان کين جلد کان جلد حيدرآباد موڪلي رھيو آھيان. جيڪڏھن جابلو علائقي جي ڌاڙيلن خلاف ڪا جنگي مھم شروع ڪئي وئي تہ ان کي منھن ڏيڻ لاءِ مون وٽ فوج تہ موجود ئي ڪانہ آھي. ھيءَ جڳھھ تہ بيمارين جو ڀانڊارو آھي. ھڪ ماڻھو بہ صحتمند نظر ڪونہ ٿو اچي. پروڪي سال جيان ھاڻي سڀ فوجي سٿا لڳيا پيا آھن.

ضميمو پنجون

لارڊ ايلنبرو ۽ سر ھينري ھارڊنج ڏانھن لکيل خطن جو اختصار جن ۾ فوجين جي بغاوت ۽ بيماري جو ذڪر ڪيل آھي.

بغاوت:
مون کي افسوس آھي جو بغاوت ۾ اڃا بہ ٺاپر ڪانہ آئي آھي. مان اڄ پھريون ڀيرو ھنٽر سان مليو آھيان جيڪو فوجين کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو. ھن وقت ٿوري گھڻي ماٺار ضرور آھي، پر سندس خيال موجب اھا ڪڏھن اوچتو ڀڙڪو کائي سگھي ٿي.
مان ھيءَ حقيقت جلديءَ ۾ اوھان کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو. جنرل سمپسن ۽ ھنٽر جو خيال آھي تہ بنگال جي فوجين تي ڪنھن بہ قسم جو ويساھھ ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ڇاڪاڻ بنگالي فوجي پنھني عملدارن کان عجيب غريب سوال پڇي رھيا آھن تہ جيڪڏھن ھو جنگ ۾ مارجي ويا تہ سندن ڪٽنبن کي ڪھڙي طريقي سان پينشنون ملنديون؟ اھڙي قسم جا سوال 4 ريجمنٽ پڇي رھي آھي. 64 بنگالي ريجمينٽ جو بہ ساڳيو خيال آھي. ٻين فوجين جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن باغي فوجين کي پينشن ملندي تہ انھن فوجين جو ڇا ٿيندو، جن ھن معاملي تي بغاوت ڪانہ ڪئي آھي. اھڙين حالتن مان سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو تہ فوجين جي اندر ۾ گگر آھي. 4 ريجمينٽ جي فوجين اھو بہ چئي ڏنو آھي تہ جيڪڏھن 64 ريجيمينٽ ھندستان ويندي تہ اھي سندن ڪڍ ھليا ويندا.
مان ھاڻي خوش آھيان. مان ۽ منھنجو ائڊ جوائٽنٽ جنرل ٻئي جنرل ھنٽر سان ھن ڳالھہ ۾ متفق آھيون تہ ھاڻي حالتون صحيح ٿي ويون آھن. پر جنرل سمپسن جو خيال ٻيو آھي. فوجي عملدارن جي عام راءِ بہ جنرل سمپسن سان سھمت آھي. ھي اھڙيون ڳالھيون آھن جن تي کلئي عام بحث ڪري بہ ڪونہ ٿو سگھجي ۽ ماڻھوءَ کي بنا پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ھر شيءِ معلوم ٿي سگھي ٿي.

بيماري:
مان اڄ 78 ريجيمينٽ جي پھرينءَ ڊويزن فوج کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو آھي. ھر فوجي صحت ۾ ايترو پوڻو پئجي ويو آھي جو جيڪڏھن کيس ھٿيار پھرائبا تہ اٿي ڪونہ سگھندو. انھن بيمارن ۾ 64 نيٽيو افنٽري جا ھڪ سو ويھھ ۽ 4 نيٽو افنٽري جا اسي ماڻھو آھن. اھڙيءَ ريت پھريدار دستن جي ماڻھن بہ پنجن ھفتن کان وڃي کٽون ورتيون آھن. پر ڏيھي فوجي 78 ريجيمينٽ جي فوجين کان گھٽ موت جو شڪار ٿيا آھن. ان کان سواءِ بئٽري جي يورپي ماڻھن کي لاڙڪاڻي موڪليو ويو آھي. باقي توبخانو ۽ ان سان لاڳاپيل گھوڙا پوئتي ڇڏيا ويا آھن. اھڙو ڪوبہ ماڻھو ڪونہ بچيو ھو جو انھن کي سنڀالي سگھي. ھي فوج ھاڻي پنگلي ٿي رھجي وئي آھي، جنھن ۾ فقط ٻہ سو ماڻھو آھن، پر اھي بہ تپ ۾ ورتا پيا آھن. مان جابلو علائقي مان سفر ڪرڻ وقت سنڌ ھارس کنيا ھئا. ھن وقت مون وٽ فقط سنڌ ھارس ۽ اٺ سوار فوج موجود آھي جنھن کي مان ضرورت وقت ڪتب آڻي سگھان ٿو. ھن کان سواءِ ٻيا ٽي سو رضاڪار آھن، جن جو واسطو 13 ريجمينٽ سان آھي جن کي بہ مان لاڙڪاڻي ۾ ڇڏي آيو آھيان. ڇاڪاڻ تہ ھنن کي پاڻ سان وٺي بيماريءَ جي منھن ۾ ڪونہ ٿي ڏيڻ چاھيم. 78 ريجيمينٽ جا پنج ڇھھ ماڻھو تہ اڄ مري ويا آھن. مون کي بہ ڀؤ ٿي بيٺو آھي متان اڃان بہ وڌيڪ موت جو شڪار ٿين. جيڪڏھن تپاولي جو وايو منڊل ھي ھوندو ۽ سرحد تي ڪو ڀنڻ ٿي پيو تہ الائي ڇا ٿيندو. تنھن ڪري ھن منڌل وايو منڊل ۾ مون کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏيو جيئن آءٌ چاھيان ٿو، يعني مون کي رضاڪار مقرر ڪرڻ جي موڪل ملڻ گھرجي.
جيتري قدر 78 ريجيمينٽ جو سوال آھي تہ سڄي ڇانوڻي تپاولي ۾ ورتي پئي آھي. ڏيھي بہ يورپي فوجين جيان تپيا پيا آھن. منھنجو خيال آھي تہ شراب پيئڻ سان مليريا جو يا ٻيو بخار دماغ تي گھڻو اثر ڪندو آھي. 13 ريجيمينٽ جي ڊاڪٽر رابرٽسن جو بہ ساڳوي خيال آھي. ھي ماھر ڊاڪٽر آھي سندس چوڻ آھي تہ ڪھڙو ڊاڪٽر بہ ائين ڪونہ چوندو تہ بخار دوران شراب پيئڻ جيري ۽ دماغ تي اثر ڪونہ ٿو ڪري. ھڪ راڳ جي سٽ آھي. ”جن ئي منھنجو جئريو ساڙي ڇڏيو.“ اچو تہ ھاڻ فوجي سپاھيءَ کي پنھنجي گفتگو جو موضوع بڻايون. مان اھو ڪونہ ٿو چوان تہ 78 ريجيمينٽ چڱيءَ ريت منظم آھي ۽ شراب پيئڻ کان پري آھي، پر اسڪاٽلينڊ جو فوجي، شراب جو پورو راشن وٺندو آھي. ان کان سواءِ منھنجو ھر ماڻھو شراب جو عادي آھي. سرڪار ھن کي ٻن ڊرام جي موڪل ڏني آھي. پر ھو ڏھاڙي ٽي بوتلون پيئندو آھي. ھڪ نيراني، ھڪ نيرن کانپوءِ. اھڙو ڪو ماڻھو آھي جيڪو مون وانگي ساري زندگي فوجين سان رھيو ھجي ۽ چئي سگھي تہ فوج ۾ اھڙو ڪو ماڻھو آھي جيڪو شراب اصلي ڪونہ پيئدنو آھي يا ٽن بدران ھڪ بوتل پيئندو ھجي. مان عملدارن واتئون اھا ڳالھہ ٻڌي کلي ويھندو آھيان تہ منھنجا ماڻھو شراب ڪونہ پيئندا آھن. ان جو مطلب اھو ھوندو آھي تہ اھي ضرور پيئندا آھن. حقيقت بہ ائين آھي. پر شراب کان پري ڀڄندڙ اھي ماڻھو ڪچي شراب جي بوتل ٽيون حصو ڏوگھي ويندا آھن. مان ھن ڳالھہ ۾ ڪنھن بہ قسم جو وڌاءُ ڪونہ ٿو ڪريان. مان سرڪار طرفان ڏنل ڪچي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو پي تہ ويندس، پر پوءِ منھنجو دماغ ۽ جگر سڙڻ شروع ڪندو. ھي عقل جو ھڪ عام قسم جو سوال آھي. مان ھڪ ڊاڪٽر کان اھو سوال ضرور پڇندس تہ بخار ۾ جيڪڏھن ڪو بيمار ايترو ڪچو شراب پيندو تہ منجھنس چڙھڻ يا چاڪ ٿيڻ جو آسرو آھي بہ يا نھ؟ سر جان مور جو چوڻ آھي تہ ھڪ انگلينڊ جو نوجوان ڏھاڙي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو پي سگھي ٿو. پر اھو شراب انھن ماڻھن لاءِ آھي جيڪي شعوري طور شراب کان ڪونہ ڀڄندا آھن، پر اعلى عملدار جي حڪم سان ڪونہ پيئندا آھن. ھتي اسان جو فوجي جوان کي ڪچي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو ڏيندا آھيون. مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر کان سواءِ ٻيو ڊاڪٽر بئلي آھي جنھن تي منھنجو پورو ڀروسو آھي. سندس چوڻ آھي تہ جيڪڏھن اوھان صحتمند رھڻ ٿا چاھيو تہ شراب ۽ بيئر پيئڻ کان پري ڀڄو. ڪي ماڻھو وري چوندا آھن تہ مان شراب جو ايڏو موالي ٿي ويو آھيان جو ان کي ھڪدم ڇڏي ڪونہ ٿو سگھان. ائين چوڻ تہ صفا بيوقوفي آھي ۽ اھڙيون ڳالھيون بہ اھي ماڻھو ڪندا آھن جيڪي شراب ڇڏڻ ڪونہ چاھيندا آھن. سو اختياريون ڄاڻن اختيارين جو ڪم ڄاڻي. ماڻھوءَ کي پنھنجو عقل سليم خبردار ڪندو آھي تہ سرڪار طرفان ڏنل شراب جو راشن انھن نوجوان فوجين کي تباھہ ڪرڻ لاءِ ڪافي ھوندو آھي. جيڪي گرم آبھوا جي ملڪن ۾ رھن ٿا. مان ڊاڪٽر کي وري بہ گذارش ڪري رھيو آھان تہ اھي نوجوان فوجين کي نصيحت ڪن. فوجي نوجوان ايترو طاقتور ضرور ھوندو آھي جو بخار دوران ڪچو شراب پي بہ زنده رھندو آھي. انھيءَ ڪري ھو ڪمزور ٿي ٻئي ڄنگھون قبر ۾ لڙڪائي ويٺو آھي. پنھنجي وڍيءَ جو نہ دارون نہ دوا. قدرت مٿس کلندي رھندي آھي. اسپتال مان فارغ تہ ٿي ويندو آھي. پر کيس اسھالن ۽ سوريءَ کان فراغت ڪانہ ملندي آھي. اسپتالون تہ بيمارن سان ڀريون پيون آھن. ڊاڪٽرن کي تہ مٿي کنھڻ جي فرست ڪانہ آھي. تہ پوءِ اھڙن بيمارن لاءِ موت کان سواءِ ٻيو چارو ڪونہ ھوندو آھي. بخارن مان چڙھي مس چاڪ ٿيندا آھن تہ شراب پيئڻ شروع ڪندا آھن تہ وريو وڃي کٽ وٺندا آھن. نوجوان اڻ پڙھيل ۽ وھيءَ سان ھوندو آھي تہ شراب کان پرھيز ڪونہ ڪندو آھي. پر ٿوري وقت کان پوءِ کانئس خوشي موڪلائي ويندي آھي. ان کان سواءِ موڳو ۽ سست ٿي پوندو آھي. پر چست ٿيڻ لاءِ ڪجهہ وڌيڪ چڪڙي چاڙھيندو آھي. ويتر نٻل ۽ نيستو ٿي ويندو آھي. دل ۾ سوچيندو آھي تہ شراب خراب شيءِ آھي جنھن جي ويجھو وڃڻ لنڊيءَ تي لت آھي، پر ڇڏي ڪونہ سگھندو آھي. سندس پيٽ ۾ گڙ ٻڙ ٿي پوندي آھي ۽ پوري اسھال ۾ سوري شروع ٿي ويندي اٿس. ھي مرض ٿيندو ئي شراب پيئڻ ڪري آھي پر ان کي دوا سمجھي شفا لاءِ وڌيڪ پيئڻ شروع ڪندو آھي، ليڪن ھو ان وقت تائين ختم ٿي چڪو ھوندو آھي. پر ھاڻي اھڙا نوجوان آھن جيڪي ھن بڇڙائيءَ کان بچيل آھن. فقط ايترو پيئندا آھن جيترو کين سرڪار طرفان ملندو آھي يا جيڪو ھو پنھنجي لاءِ مناسب سمجھندا آھن. سندن سنگتي ساٿي بہ کين ايتري پيئڻ جي صلاح ڏيندا آھن. اھڙا فوجي مرندا گھڻي شراب پيئڻ ڪري آھن پر ڏوھھ ڏيندا آھن آبھوا تي. اھا ڳالھہ بہ ڪوڙي ڪانہ آھي تہ آبھوا گرم ڪانہ آھي، پر ڊاڪٽر ۽ دوائن جي موجودگيءَ ۽ ڇانوڻيءَ جي نظام ڪري ڇپ ڇيتيون ٿي پوندي آھي. ۽ تيئن ھاڻي شراب جي بوتل جو چوٿون حصو پي ڄڻ فوجي سپاھي اسپتال وڃڻ جون تياريون ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ايتري گھڻي شراب ڏوگھڻ کان پوءِ تپجي ٻرجي پوندا آھن. جڏھن اسپتال ڀيٽي ڇانوڻيءَ پھچندا آھن تہ ساڳيا سڱ سڃاڻ ڏاتو پنھنجي ڏاند جا. مان ھڪ فوجي اھڙو ڏٺو آھي جيڪو سرڪار طرفان مليل مڌ (شراب) پيئندو آھي. ٿي سگھي ٿو ٻيا بہ ھن کي ڏسي ائين ڪندا ھجن. مون کي ٻڌايو ويو آھي تہ اھي فوجي بہ گرمي ڪري مري ويا آھن. جيڪي مڌ کان وئن ويندا ھئا. مون کي انھيءَ ڳالھہ تي ويساھھ آھي. ھڪ ڇا سوين مري ويا ھوندا. پاڻ کي پاڪ پوتي سمجھڻ وارا ماڻھو امر تہ ڪونہ ھوندا آھن. ان ھوندي بہ آءٌ چوان ٿو تہ ھتي جي موت کي شراب ۽ آبھوا ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھاڻي تہ چوڌاري حملا ئي حملا ڏسڻ ۾ اچن ٿا تہ اھڙي ڳنڀير وايومنڊل ۾ فوجين کي اھڙي ڇڙواڳي نہ ٿي ڏئي سگھجي. ھتي تہ ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو عملو بہ ٻين عام ماڻھن جيان پيو مري ٿو
مان ھن مسئلي تي گھڻو سوچيو ويچاريو آھي ڇاڪاڻ تہ اھو اھم آھي. 13 ڪئينس ريجيمينٽ جي ڊاڪٽر رابرٽسن ھڪ ڏينھن مون کي ٻڌايو جڏھن شراب جي اڻاٺ ٿي ويندي آھي تہ اسپتالن جا بسترا بيمارن لاءِ خالي ھوندا آھن. اھو ئي ڪاڻ آھي جو جلال آباد ۾ ھڪ بہ مريض اسپتال ۾ ڀرتي ڪونہ ھو، پر جڏھن شراب پھتو تہ اگھن جون لانڍون لڳي ويون. ھتي بہ جيڪڏھن فوجين کي شراب پيئڻ جي ڇوٽ ڏني وئي تہ منھنجي اسپتال ۾ بہ اگھن جي ڪلھي گيھھ لڳي پئي ھوندي. ھڪڙن کي ٻاھھ ۽ سوريءَ جي سختي ھوندي تہ ٻيا پيا تپ ۾ ھڙڪندا. تنھن ڪري اھڙين ڳالھين ۽ ڊاڪٽرن جي نقطئھ نظر توڙي عقل سليم کي آڏو رکي، مان فوجين کي ايترو شاب ڏئي رھيو آھي جيترو سرڪار تجويز ڪيو آھي. انھيءَ ۾ ڪا آٻوڇي بہ ڪانہ آھي. سرڪار جو نقطئھ نظر بہ اھو ساڳيو ھوندو. ڏيھي ماڻھو جيڪي شراب کان ڇرڪندا آھن، سي اسپتال مان جلدي نؤبنا ٿي نڪرندا آھن. باقي يورپي تہ چڙي چڙي مس وڃي چڱا ڀلا ٿيندا آھن.
ڊاڪٽر ڪرڪ ڏانھن لکيل خط جو اختصار
مان پنھنجي ھن نقطئھ نظر تي اٽل آھيان تہ مليريا جي بيماريءَ ۾ جيڪي موت واقع ٿين ٿا، تن جو اصل ڪارڻ حد کان وڌيڪ شراب نوشي آھي. ٻئي ھنڌ کڻي ائين نہ بہ ھجي تہ ميڊيٽرانن وارن ملڪن ۾ تہ ائين ضرور آھي. پر منھنجو اشارو شراب جي ڳھر ڏانھن ڪونہ آھي. ليڪن منھنجو مطلب ڏھاڙي واري وزن کان وڌيڪ چڪڙيءَ چاڙھڻ آھي. ڏٺو ائين ويو آھي تہ عام نوجوان فوجي ملازمت ۾ اچڻ کان اڳ شراب کي سنجيدگيءَ سان ھٿ لائيندو. پر فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ گڙنگ موالي بڻجي وڃي ٿو. اھو فوجي اکيون بہ ائين ڇھنبيندو آھي ڄڻ شراب جو پھريون ڊرام پيئندو ھجي. ھو چوندا بہ ائين تہ شراب جو پھريون ڊرام پيئڻ ائين آھي ڄڻ چيري جا ٻہ چڪ. ان کان پوءِ پھريون ڊرام پي شراب ھاري ڇڏيندا آھن. ٻين کي پيئندو ڏسي وري دل وسڪي پوندي اٿن ۽ ٻيو خريد ڪندا آھن. اھو شراب راشن کان وڌيڪ آھي جيڪو ڏينھن ۾ ٻہ ڀيرا ملندو آھي. تنھن ڪري آءٌ ايڏو موڳو ۽ اوڳو ڪونہ آھيان، جو ھو تپجن گھڻي شراب پيئڻ ڪري ۽ مان چوان تہ کين مليريا جي ٻري گھوگھاٽيو آھي. منھنجو اھو بہ خيال آھي تہ ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪن خاص حالتن ۾ شراب مليريا جي بخار جي دوا دوا بہ ٿي پوندي آھي. پر اھو انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ٿيندو آھي جيڪو شراب کان ائين ڀڄندو آھي جيئن گنجو ڀڄي پاڪيءَ کان. جيڪي اڳياڙي پوياڙيءَ پيالا پر ڪري پيئندا آھن سي ڄڻ تہ پنھنجي دماغ ۽ جيري کي تپجڻ لاءِ تيار ڪندا آھن، پر جڏھن مٿس ٻرو چڙھندوآھي تہ کيس ھڻي ڍير ڪري ڇڏيندو آھي۽ وري ڏوگھيندا بہ ائين آھن ڄڻ پاڻيءَ جو آواندو ڪنھن خالي ڍنڍ ۾ کلي ويو. ھندستاني فوج وري پرھھ جي پياڪ ھوندي آھي. نيراني چڪو چاڙھي، ڳھر ۾ ڳگاٽجي پوندا آھن ۽ پنھنجو اڳيون ست ۽ ساھھ وڃائي ساڻا ٿي پوندا آھن.

ضميمو ڇھون

سر چارلس نيپئر جو War for Indian Army جي نين آرٽيڪلس جي 6 فقري تي تبصرو، جنھن ۾ ھن فوجين لاءِ جسماني سزا متعارف ڪرائي ھئي.
29 ڊسمبر 1844ع
جيتري قدر فقري نمبر 6 جو تعلق آھي، جنھن جو واسطو مجرم عملدارن کي سزا ڏيڻ سان آھي تنھن لاءِ منھنجو فقط ايترو چوڻ آھي تہ اھڙن اصولن کي ھروڀرو ڪورٽ مارشل سان سلھاڙيو نہ وڃي، پر سٺو اھو ٿيندو تہ ان کان پاسو ڪجي. ھن کان اڳ بہ مان اھڙو تبصرو ڪري چڪو آھيان. ان لاءِ منھنجو غور فڪر ھن ريت آھي:
1) ڇاڪاڻ تہ جتي اڳ ۾ فوجي جرم جي حد بندي متعارف ٿيل ڪانہ آھي ۽ اھو ملڪ بعد ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪمراني ھيٺ اچي وڃي ٿو.
2) ۽ اھو ملڪ سنڌ وانگي جھنگلي ماڻھن جي وڳوڙن جي ور چڙھيل آھي.
3) تہ اتان جي باغي قسم جي سردارن مٿان ضابطي رکڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ اھڙي فيصلھ ڪن ۽ سخت قسم جي قانونن جي ضرورت پوندي آھي.
4) اھڙن قدمن کي ڪورٽ مارشل جي پٺڀرائي حاصل نہ ھوندي آھي. پر جيڪڏھن ملٽري جج ايڊووڪيٽ جھڙا ماڻھو ھنن قانوني اصولن کي جرم ۽ سزا جي صحيح تعارف سان ڪورٽ مارشل سان ڳنڍين ٿا تہ پوءِ اھا ٻي ڳالھہ آھي. پر ملٽري جج ائڊووڪيٽس پاڻي کي قانون جا ماھر سمجھندا آھن پر ھوندا ڏڏ ۽ جاھل مطلق آھن ۽ اھڙي قانون جي اصلي جوھر کي ئي ختم ڪري ڇڏيندا آھن. اھي ماڻھو اصلي قانوني اصولن مان صحيح مدد حاصل ڪونہ ڪندا آھن ۽ فوجي ڪورٽ جي اصلي روح تائين بہ پھچي ڪونہ سگھندا آھن. تنھن ڪري اھي اھڙيون شيون ڏيندا آھن، جيڪي نہ فوجي ھونديون آھن، نہ وري قانوني لڳنديون آھن. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تہ ڪورٽ مارشل روز اجائي لفاظيءَ ڏانھن اڳڀري ٿيندي پئي وڃي ۽ فوجين کي ھروڀرو ڦاسائڻ جي گھاڙ ۽ تاڙ ۾ لڳا رھندا آھن تنھن ڪري ڪو نہ ڪو منجھيل مسئلو ھٿ سان وجھي ڳالھہ ئي ڳڙ ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙي ڏچي کان رڳو ملٽري جج ايڊووڪيٽس واقف ھوندا آھن. جڏھن وڪيل جج ۽ جيوري جي سامھون معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا آھن تہ ملٽري جج ايڊووڪيٽس پنھنجي ٺاھيل فوجي قانون کي تباھہ ڪري ڇڏيندا آھن. ڇاڪاڻ تہ جج ۽ جيوري ٻنھي طرفن جي وڪيلن کي ٻڌندا آھن. ان کان سواءِ جج کي اھڙو ڊگھو ۽ گھرو تجربو ھوندو آھي ۽ پنھنجي ڄاڻ جي آڌار ملٽري جج ايڊووڪيٽس جي اجائي لفاظيءَ ۽ مونجھاري کي مکڻ مان وار جيان ڪڍي پري اڇلي ڦٽي ڪندو آھي ۽ ٻنھي ڌرين کي اصل حقيقت کان واقف ڪندو آھي. اھڙي ريت ان جج جون ڳالھيون ٻنھي ڌرين کي متاثر ڪنديون آھن. جيڪي موٽي وڃي پنھنجن سوچيل ڳالھين تي وري وري بہ سوچيندا آھن. پر ڪورٽ مارشل جو تہ معاملو نت نئون ھوندو آھي. ھتي ملٽري جي ايڊووڪيٽ اھو ماڻھو ھوندو آھي، جنھن پنھنجي ساري زندگي فوجي ملازمت ۾ گذاري ھوندي آھي. ان ڪري ھن ۾ آڪڙ ھٺ ۽ وڏائي ورو ڪري ويندي آھي ۽ سمجھندو آھي تہ فوجي قانون جو ابو امان مان آھيان ۽ پاڻ کي کڳي مان يقين شاھھ تصور ڪندو آھي. ھن سان ٻہ ميمبر ٻيا بہ مقرر ڪيا ويندا آھن. انھن ۾ بہ ٽنڊ ۽ ٽيڳر ايڏي ھوندي آھي جو پير تہ پٽيءَ تي کپندو ئي ڪونہ اٿن. ھي ھڪ نانيءَ ويڙھو ٺاھي ڪي اصول جوڙيندا آھن ۽ متفق ٿي فيصلو ڪيو ويندو آھي تہ اھو قانون آھي. ھڪ اکر، ھڪ لفظ ۽ ھڪ جملي کي پيا اجايا وٽ ۽ ور ڏيندا آھن ۽ سڄيءَ اھڙيءَ اجائي لفاظيءَ نتيجو اھو نڪرندو آھي تہ خطرناڪ فوجي ڏوھاري جند ڇڏائي آجا پاجا ٿي ويندا آھن. نہ تہ اھڙو ڪو مخالف قانوني صلاحڪار آھي نہ ئي وري تجربيڪار ۽ ڏاھو جج ھوندو آھي، جيڪو قانون جي اھڙي اجائي لفاظيءَ کي گھر جي ٻوھر جيان ٻاھر ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ ان جي قانون مطابق تشريح ڪري سگھي. ان اجائيءَ لفاظيءَ جي وضاحت جاھل مطلق جي آڏو ٻيا جاھل مطلق ڪري رھيا ھوندا آھن. جھڙي سٺِ تھڙيون ٽي ويھون. اھو قانون اھڙو ھوندو آھي جنھن کي قانون تہ سڏي ئي ڪونہ ٿو سگھجي.
اھڙيءَ ريت مارشل لا ڪورٽون ائين ھونديون آھن، جيئن ’اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙئي اڳڙيون‘. نيٺ جج انڌا جيوري ضابطي رکڻ لاءِ سچو کرو تہ ڪو جج ڪونہ آھي. جيڪو کين غلط سمجھي مشورا ڏئي. طاقتور بہ ايڏا آھن جو کانئن بچڻ جو ڪو گس بہ ڪونہ آھي. اھي ٻئي ڳالھيون آھن جو ڪورٽ مارشل جو اصل روح ختم ٿي ويو آھي يعني اھا ساڃھھ ۽ سرت تہ رھي ئي ڪانہ آھي تہ اھي ڪورٽ مارشل وارا ادارا اعزاز ۽ احترام جا مالڪ آھن. جتي ڪجهہ ضمير ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿي، اندر جي اجرائيءَ سان سچ تائين پھچي ويندا آھن. جيڪڏھن اھي ماڻھو سچائيءَ سان عقل سليم جي تقاضائن جو پورائو ڪن تہ ڪنھن بہ ميمبر جي اندر کي آٿت آھي تہ قيدي ڏوھي آھي يا بي ڏوھي. جيڪڏھن ھو ڏوھي آھي تہ ان کي سزا ڏين، جيڪڏھن بي ڏوھي آھي تہ ان کي آجو ڪري ڇڏين.
ڪورٽ مارشل جو جج ايڊووڪيٽ تجربيڪار فوجي سپاھي ھوندو آھي. تنھن ڪري اتي فرض بڻجي ٿو تہ ڪورٽ کي جنگ جي روايتن ۽ Articles of War جي اصولن موجب نروار رکي. پر فوجي قانون جي مصنفن جي مرضيءَ کي نہ ڏسي جن کي ڪنھن بہ قسم جو اختصار ڪونہ ھوندو آھي. جج ايڊووڪيٽ کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليل ڪونہ آھي. سندس ھن کان سواءِ ٻي ذميواري بہ ڪانہ آھي تہ ڪورٽ جڏھن Articls of War ۽ جنگ جي عام روايتن ۽ ملازمت جي اصولن خلاف وڃي تہ ان جي اصلاح ڪري. کيس فقط اھا خبر ھوندي آھي تہ ٻيا ميمبر بہ فوج جا سينيئر ملازم آھن. ھي ڪو ٻيو منصبي فرض ادا ڪونہ ڪندو آھي، تنھن ڪري ھن سان اختلاف راءِ رکڻ سولي ڳالھہ سمجھي ويندي. پر ھر فوجي ڏوھاريءَ جي معاملي بابت جھجھا تفصيل موجود ھوندا آھن. جڏھن ھو وساري وھندو آھي تہ ھو فوجي سپاھي نھ، پر ھڪ وڪيل آھي تہ پوءِ قانوني دائري کان ٻاھر ھليو ويندو ۽ ڳالھہ مونجھاري جو شڪار ٿي ويندي آھي. اھو سندس سندر سپنن جي سراپ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھوندو آھي. ان ڪري ميمبرن مان جڪي وھمن وسوڙل ھوندا آھن سي اچي سندس پاسو وٺندا آھن.
جيڪڏھن ڪي نوان قانوني اصول ڪورٽ مارشل جي وسيع اختيار جو تعين ڪندا آھن، پر ڪورٽ جي ڏوھي فوجي جي ڪن اختيارن ۽ حقن جو ذڪر ڪونہ ڪندا آھن تہ سمجھڻ کپي اھا ڪورٽ منجھيل سٽ جو ھڪ ڍيرو آھي ۽ اھڙيون ڪارروايون غير قانوني سمجھڻ گھرجن. اسان وٽ اھڙو ڏاھو ماڻھو ڪونہ آھي جنھن جي حوالي ڪورٽ مارشل ڪري ڇڏجي. ھن کان سواءِ اسان جون ڪورٽ مارشل واريون ڪورٽون جيوري بہ ڪونہ ھونديون آھن. جيڪڏھن نيون Articles of War چوندو تہ Criminal jurisdiction موجود آھي ۽ ڪورٽ مارشل اھڙن ڏوھن ڏانھن توجھھ چڪينديون ۽ پنھنجن اختيارن جو استعمال ڪنديون ۽ جيڪڏھن اسان جي انھن ڪورٽن اندر ھڪ ايماندار سچو، روشن خيال ۽ تعليم يافتھ جج ھوندو، جنھن کي قانون اندر اختيارن کي استعمال ڪرڻ جو پورو حق ھوندو يعني اھو مناسب اختيار استعمال ڪندي انصاف ڪندا، پر اھڙيون ڳالھيون نون فتح ٿيل ملڪن ۾ ڪونہ ھونديون آھن. پر ٿوري وقت کانپوءِ اھڙين ڳالھين جو مطالبو ڪيو ويندو آھي ۽ اتان جي پيداوار بہ ايتري ھجي جو Regular Code of Laws ۽ اعلى عملدارن جو خرچ برداشت ڪري سگھجن. ان کان فوج جو راڄ ختم ٿي سگھي ٿو.
***
منھنجو نقطئھ نظر ھي آھي تہ ايڊووڪيٽس جڏھن فوجي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ ويھي، جنھن طريقي سان پنھنجو ڪم ڪندا آھن، سو اسان جي قانوني اصول جي خلاف ھوندو آھي ۽ اھڙو ڪورٽس مارشل جنرل آفيسر لاءِ خطرناڪ بہ ھوندو آھي. انھيءَ وقت اھو ڪونہ ڏٺو ويندو آھي تہ ڏوھي عملدار مجرم آھي يا معصوم. پر ڌيان ان ڳالھہ ڏانھن ڌريو ويندو آھي تہ اجائي قانوني لفاظيءَ جي ڪوڙڪيءَ مان سندس جند ڪيئن آجي ڪري سگھجي ٿي. جڏھن مان ”نيوڪئسل اپان ٽائت ۾ ھوس تہ مان بہ ھڪ فوجيءَ کي ڪورٽ مارشل لاءِ موڪليو ھو ان جو واسطو ريجيمينٽ سان ھو جنھن نيو پولس تي حملو ڪيو ھو. قيدي فوجيءَ جو ڪئپٽن سندس ڀرسان ويٺو ھو. ان جو وڪيل بہ ڏاڍو ھوشيار ھو جنھن ڪورٽ کي بيوقوف بڻائي، قيديءَ کي آزاد ڪرائي ورتو ھو. يورپي فوجيءَ مطالبو ڪندو آھي تہ کيس بچاءَ لاءِ فقط ھڪ ڏينھن ملڻ گھرجي. ان ٿوري وقت اندر لکيل صورت ۾ پنھنجي لکيل بچاءَ جو بندوبست ڪري وٺندو آھي. اھڙيون تحريرون ڏاڍيءَ عقلمنديءَ سان تيار ڪيون وينديون آھن تہ ڪي وري شرارتن سان ڀريل ھونديون آھن. اھڙن وڪيلن جو پرازيڪيوٽر ڏانھن رويو ۽ لھجو بہ سٺو ڪونہ ھوندو آھي. ھن کان سواءِ اھڙن قانوني مونجھارن پيدا ڪرڻ وارن وڪيلن جو معاوضو بہ گھڻو ادا ڪيو ويندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھي سڀ ڳالھيون گنديون آھن.
پر اسان جا جج، ايڊووڪيٽ جنرل صحيح جڳھن تي مقرر ڪونہ ڪيا ويا آھن. ڇاڪاڻ تہ اھي پنھنجي ڪم ڪرڻ بدران فوج اندر قائم ٿيل نظام جو ٻيڙو ٻوڙي رھيا آھن. ڊي اگولر جو ڪتاب It stichs to Articles of War اسان ڏاڍي ۽ سھائتا ڪري سگھي ٿو. باقي ٻيا ڪتاب فوجي ڪورٽ مارشل لاءِ انڌو سندو ڪم ڏين ٿا. خدا ڄاڻي ٿو تہ اھڙو قانون دنيا جي لاءِ ھاڃيڪار آھي. اسان فوجي سپاھي آھيون، قانون ڪونہ ڄاڻندا آھيون. نہ وري وڪيل ٿي سگھندا آھيون. ٿي سگھي ٿو تہ اسان قانوندان ھجون ۽ آھيون. پاڻ کي ڏھاڙي قانوندان ثابت ڪري قانون جي ڌڄين اڏائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا ھوندا آھيون. اسان کي لفاظيءَ جي مھاڄار پکيڙڻ جو ڏاڍو ڏانءُ آھي. پر ڪنھن فوجي ڏوھيءَ کي سزا ڏئي ڪونہ سگھندا آھيون. تنھن ڏينھن ھڪ نشئي ڊاڪٽر تي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو. ڪيترن ئي عملدارن شاھديون ڏنيون تہ ھي ڊاڪٽر سدائين نشي ۾ ھوندو آھي. سندس ميڊيڪل آفيسر بہ اھا شاھدي ڏني تہ ھو نشي ۾ ھو. ان ڊاڪٽر کان سوال پڇيو ويو تہ مٿي تي اھڙا نشان رت جا ھوندا آھن يا نھ؟ ھن جواب ۾ چيو تہ ھائو، ھوندا آھن، پر منھنجي مٿي تي رت جا اھڙا نشان ڪونہ ھوندا.“ ان کان پوءِ ڪورٽ ميڊيڪل جي شاھد کان پڇيو تہ تو انھن نشان بابت تجربو ڪري پرکي ڏٺو؟ شاھد وراڻيو، ’نھ‘. ان کان پوءِ ڏوھي ڊاڪٽر آزاد ٿي ويو جيڪو اسپتال ۾ نشي واري حالت ۾ پھتو ھو ۽ مريض کيس ڏسي رھيا ھئا تہ ھو ھڪ بستري کان ٿڙندو ٻئي بستري تائين مس ٿي پھتو، پر اھڙي ڊاڪٽر مريض کي دوا لاءِ ڪھڙو نسخو لکي ڏنو ھوندو. اھو ڪھڙو نہ ڳنڀير وايو منڊل ھو، پر ڪورٽ مارشل جو ھڪ ميمبر بہ کيس ڏوھاري قرار ڏئي ڪونہ سگھيو ھو.
ھڪ ڊاڪٽر ھتي بہ آھي جنھن تي مان بہ ڪيس ھلايو ھو. ھڪ ڏينھن ھڪ ڪرنل پنھنجي ڌيءَ کي ڏيکارڻ لاءِ اسپتال وٺي آيو، جنھن کي بخار ھو. جيئن ئي ڊاڪٽر بيمار ڇوڪريءَ جي نبض ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ نشي ۾ ٿيڙ کائيندو وڃي مٿس ڪريو. ھن ڊاڪٽر ڇوڪريءَ جي علاج لاءِ وڏا وس ڪيا، پر ويچاري ان چڪڻ مان چڙھي ڪانہ سگھي ۽ مري وئي، جنھن لاءِ مون کي ڪنھن بہ قسم جو اچرج ڪونہ ٿيو ھو. اھڙا ماڻھو بہ قانون اندر اجائي لفاظيءَ ڇٽي ويندا آھن ۽ ڊاڪٽري ڌنڌي جي عزت قربان ٿي ويندي آھي. جن جي موجودگيءَ کي مان فوج جو تحفظ سمجھندو آھيان جنھن جو ذميوار جج ايڊووڪيٽ نہ آھي، پر اھا ڪورٽ آھي جيڪا قانون اندر اجائي لفاظيءَ جي ذميوار آھي.

ضميمو ستون

سر چارلس نيپئر جو ھندستاني فوج لاءِ جسماني سزا برقرار رکڻ جي ضرورت بابت سرسري نقطئھ نظر
مان ڏيھي فوجين جي سزا لاءِ ڪوڙن ھڻڻ جو انتخاب ڪيو آھي ۽ ھن نقطئھ نظر ۾ تبديلي ڪانہ ڪئي اٿم. مان گورنر جنرل جي ان راءِ جي اظھار سان متفق آھيان، جيڪو ھن لارڊ ڪومبريئر، جنرل بارنيس، لارڊ وليم بينٽنڪ جي جاري ڪيل حڪمن تي ڪيو آھي. ھنن جو چوڻ ھندستاني فوجي جيڪڏھن غلطي ڪري تہ ان کي فوجي ملازمت مان ڪڍيو وڃي. پر اڳي ائين ڪونہ ھو. کين غلطيءَ تي ڪوڙن يا ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ڏني ويندي ھئي، پر نوڪري ۾ موجود رھندو ھو. ھاڻي ڦٽڪن ھڻڻ واري سزا کي ختم ڪرڻ غلطي آھي، جيڪا ھندستاني فوج لاءِ ھاڃيڪار آھي. غلط فوجيءَ کي ملازمت مان ڪڍي بيروزگار ڪرڻ ھڪ وڏي سزا آھي، پر سٺي بہ آھي. اھڙن ماڻھن لاءِ اھا سزا نھايت سخت آھي. کين زنجيرن سان ٻڌي اخلاقي مجرمن سان گڏي سخت پورھيو ڪرائڻ بھ، ھنن جي توھين آھي. ھي اھي ماڻھو آھن جن فوجي سکيا حاصل ڪري اسان جي ملازمت اختيار ڪئي آھي. ھنن جو قصور اھو آھي جو ھنن فوجي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. اھڙا واقعا بہ ڪڏھن ڪڏھن ٿيندا آھن. ھي ھندستان جو ڄائو آھي جتي صج الا ٿي اڀرندو آھي جيڪو جذبن جي باھھ منجھان گذرندو آھي. پر اھڙيون ڳالھيون سندس مزاج تي غلبو حاصل ڪري ڪونہ سگھنديون آھن. تنھن ڪري ھو ماڻھپي کان ٻاھر نڪري ڪونہ سگھندو آھي. ملٽري ڪوڊ مطابق اھي ڳالھيون بي انصافيءَ ۽ توھين آھن جيڪي فوجي لاءِ بہ سخت نقصانڪار آھن. اھو ڪوڊ چوي ٿو، ”مان اوھان کي سخت کان سخت مارڪٽ ڪريان ٿو ۽ بدنام ڪريان ٿو، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن اوھان ڪمزور ٿيو.“ اھڙيون ڳالھيون عام ماڻھن ۾ گھٽ يا وڌ پر ھونديون ضرور آھن. اھڙا واقعا حد کان وڌي وڃڻ ۾ شمار ٿين ٿا. جيڪي ڪاوڙ کي ٻاھر ڪڍڻ جو ھڪ طريقو ھوندو آھي. منھنجي ڄاڻ مطابق اھڙيون انھن نوجوان فوجي عملدارن ۾ ھونديون آھن جيڪي ريجيمينٽ جي ڪمانڊ ڪندا آھن. جڏھن ھو ريجيمينٽ جا عملدار مقرر ٿيندا آھن تہ انھن ۾ اجائي آڪڙ ۽ اڀمان اچي ويندو آھي ۽ سمجھندا آھن تہ اسان ھندستانين جا مالڪ بڻجي ويا آھيون، پر ھندستاني ٻوليءَ جو ھڪ جملو بہ صحيح طور ڳالھائي ڪونہ سگھندا آھن. جيڪڏھن ھو چاھين تہ اھي مرھٽن سان يا گجرات وارن سان گڏجي اسان خلاف وڙھي سگھن ٿا، پر ھي فوجي سپاھي کين سمجھي ڪونہ سگھندا. ھڪ تڪرار دوران تہ اھي ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي خلاف اڀيون ٿي ويون ھيون. جيڪڏھن عملدار پاڻ ڪا غلطي ۽ بي انصافي ڪندو يا قانوني ليڪا لتاڙيندو تہ ان کي درگذر ڪيو ويندو آھي ۽ ڳالھہ ڇٻٽ ٿي وئي، ڄڻ تہ ٿي ئي ڪانہ ھئي، پر جڏھن اھو ساڳيو عملدار ھڪ فوجي سپاھيءَ کي ڪنھن غلطيءَ سبب آڻي ڪورٽ مارشل جي ڪٽھڙي ۾ بيھاريندو آھي تہ خود ھن جا وکا پڌرا ٿي پوندا آھن ۽ اعلى عملدار کي بہ سڻس پئجي ويندي آھي تہ خود آفيسر ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي. اھو معاملو ڄڻ ائين آھي جو مينھن چوي ڳئون کي تہ ”ھل ڙي پڇ ڪاري“. جڏھن ڪنھن فوجي سپاھيءَ جو پير ترڪي ويو تہ کيس ملازمت مان ڪڍي سنگھرن ۾ سلھاڙي ائين کانئس جبري پورھيو ڪرايو ويندو آھي، جيئن ڌاڙيلن کي زنجيرن ۾ جڪڙي نون رستن جوڙڻ جو ڪم ورتو ويندو آھي. ھاڻي ھت سپاھين لاءِ ڪابھ سزا رھي بہ ڪانہ آھي. پر جڏھن فوج جنگ جي ميدان تي ھوندي آھي تہ سزا تہ ڏسڻ ۾ ئي ڪانہ ايندي آھي. انھيءَ مقصد سان تہ اھڙيون سزائون گھٽايون وڃن، جيڪي وڌ ۾ وڌ سخت ھجڻ گھرجن. ان ڪري اھڙيءَ سزا جو حڪم سپاھيءَ ڪمانڊر جي وچ ۾ سھڻي سلوڪ جو ھڪ ڪارڻ بڻجي پوندو آھي. حقيقت اھا آھي تہ ماڻھو فوج اندر اھڙي قسم جي مثالي تنظيم اچرجي ويندا آھن. ان جو مطلب اھو نڪرندو تہ سپاھي فوجي ملازمت سان پيار ڪندو آھي. پوءِ اھا نياءَ ۽ نيت پت جي ڳڻڻ واري ڳالھہ ڪانہ چئبي، جو ماڻھو ڪاوڙ کان آپي مان نڪري اھڙي سپاھيءَ کي ذليل ڪري جيڪو فوجي ملازمت سان عشق ڪندو ھجي. اھڙن فوجي سپاھين جا سندن واتان چيل لفظ ڪيڏا نہ کرا ۽ سچا آھن، سندن چوڻ آھي تہ جيڪڏھن اسان سزا جا حقدار آھيون تہ ڀلي اسان جي پٺاڙن تي ڦٽڪن جا ڦھڪا ڪرايو. پر اسان جي پيٽن تي ڦٽڪا نہ ھڻو.“ لارڊ وليم بيٽنڪ ھڪ مانائتو ماڻھو ھو، مان شخصي طور ساڻس پيار ڪندو ھوس. منھنجو پراڻو معزز دوست ۽ ڪمانڊر ھو پر ھن کي اھڙيءَسزا ۾ ڪنھن بہ قسم جي سختي ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي ھئي. مان ان کي سخت سزا ڪونہ چوندس، پر اھو تہ عزت وارن فوجين لاءِ ڪٺور ۽ ڪھر جو بدنما روپ ھو. اھو ڄڻ تہ سندس مان ۽ مرياڌا کي نگھوسر ڪرڻ ھو.
ھنن فوجين جون دعائون تہ اسان جي انتظامي طريقي جو بڻ بڻياد آھن. مان انھن کي انعام سان بہ نوازيندس تہ کين ڦٽڪا بہ وڄائي ھڻندس. اھڙيون جزائون ۽ سزائون سندن شخصي عملن تي دارومدار رکن ٿيون. جيڪڏھن ھو دليري ۽ شرافت جو مظاھرو ڪن ٿا تہ انھيءَ جو انعام سندن پيٽ کي ملڻ گھرجي، پر جيڪڏھن کانئن اوڻو پير کڄي ٿو وڃي تہ ڦٽڪا سندن پٺاڙن تي وسڻ کپن. معلوم تہ ائين ٿي رھيو آھي تہ ھندستاني فوج اڻيھئي جنگ جي ميدان تي موجود رھندي آھي. ھن کان وڌيڪ سزا ٻي ڪھڙي آھي. جيڪڏھن ڪا وڌيڪ سزا آھي تہ انھن کي گولي ھڻي ماري ڇڏيو. پوءِ ’گنجي کي جونءَ نہ ليک.‘
جڏھن مان ٽالپرن خلاف جنگي مھم جي ابتدا ڪئي ھئي تہ ان زماني ۾ مان ڪورٽ مارشل جو پرووسٽ ھوس. تن ڏينھن ڪي اھڙيون اخبارون بہ ھيون جيڪي اھڙن فوجين کي بغاوت ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رھيون ھيون. ان بغاوت جي باھھ جو سارو ڳٽ منھنجي ڳچيءَ ۾ پوي ھا. مان جيڪڏھن ائين نہ ڪريان ھا تہ رڳو سنڌين کي محفوظ ھجڻ جو احساس ڏياريان يا کين يقين ڏياريان تہ اوھان محفوظ آھيو. ليڪن اھي جڏھن فوجي سنترين ڀرسان گذرن ھا تہ اھي کين ڦري لٽي فقير ڪري ڇڏين يا قتل ڪري ڦٽو ڪن ھا. اھڙي منڌل وايو منڊل ۾ سنڌي کاڌي پيتي ڏيڻ بدران اسان جو چوڻو پاڻي ئي بند ڪري ڇڏن ھا. اھڙيءَ طرح مان اڱرين تي ڳڻڻ جيترن سپاھين جي پٺاڙن تي ڦٽڪا نہ ھڻائي، سوين شريف فوجين کي بکئي مرڻ کان بچائي ورتو آھي. ھيءَ موسم جيڪڏھن ڪامياب نہ ٿئي ھا تہ اسان جي خلاف نفرت جي ھڪ آنڌاري اپڙي چڪي ھجي ھا. ان حالت ۾ اسان جي پيرن ھيٺان فقط ايتري ڌرتي نہ ھجي ھا، جنھن تي اسان فقط بيھي سگھون ھا. پر ھاڻي ڏاڍي شان ۽ مان گھوڙي سواري ڪري رھيو آھيان، رھبر فوجين جو وڏو اڙد اٽالون مون سان گڏ آھي. پر جيڪڏھن مان اھڙي غلطي ڪري وجھان ھا تہ مان اوھان کي ٻاڏايان تہ مھرباني ڪري مون ڏانھن امدادي فوج رواني ڪيو تہ منھنجو سر بچاءُ ٿي سگھي. ھن وقت ھر بلوچ قبائلي سردار منھنجو مطيح ۽ فرمانبردار آھي ۽ منھنجي حڪم تي بلوچ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن حالتون ٻيون ھجن ھا تہ ٻنھي ڌرين جا ڪات مون تي اڀا ھجن ھا. اھڙي امڪاني ماحول کي اڳواٽ محسوس ڪندي ڌاڙيلن کي ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ڏني وئي ھئي تہ متان ڪو اڻ وڻندڙ واقعو رونما ٿئي. جن ماڻھن کي ڦٽڪن جي سزا ملي ھئي، سي ٿورا ڪونہ ھئا پر پورا سٺ ڄڻا ھئا، جن کي پھرين ٻن ڏينھن دوران اھڙي سزا ملي ھئي. ڪن مذھبي ماڻھن چيو ھو تہ اھا سزا غير مناسب آھي، پر اھو وساريو ٿو وڃي تہ پوءِ پيغمبر حضرت محمد مصطفى ' پئسي جي ڪاروبار ڪندڙ (صرافن) کي مسجد اندر ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ڏني ھئي. ان کان سواءِ ڪن وڪيلن جي ڳاڙھن ڪوٽن وارن منشين وري اھو چوڻ شروع ڪيو ھو تہ اھو ڪم غير قانوني آھي، پر مان اھڙي سزا جاري رکي. اھڙي سزا ڪري رعيتي ماڻھو ڊڄي ڪيڏانھن ڀڄي ڪونہ ويا نہ وري منھنجي منزل واري ماڳ تي مون کي بچاءَ جي ڪا گذارش ڪرڻ آيا ھئا. مان ھنن جو بچاءُ فقط ڦٽڪن ھڻڻ وسيلي ڪري ٿي سگھيس. اسان جڏھن ڪنھن ڳوٺ وٽان مٽيندا ھئاسون تہ ڳوٺاڻا ٻاھر نڪري اسان جي آجيان ڪندا ھئا ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڏيندا ھئا. مان سمجھان ٿو تہ ڌاڙن جا واقعا اڃا بہ ٿي رھيا آھن پر ايڪڙ ٻيڪڙ اھڙا ڪي واقعا تہ انگلينڊ ۾ بہ ٿي رھيا آھن. ماڻھن جي ھاڻي بيعزتي وري سرڪاري ھٿيار بند ماڻھو ڪري رھيا آھن، جن کي بہ پڻ بچائڻو آھي. ھي ماڻھو سرڪار جي ويجھو آھن جيڪا سندن ضرور بچاءُ ڪندي، جيڪڏھن ڌاڙيلن کي ڦٽڪن جون سزائون نہ ملن ھا تہ اھا آپدا سماج ۾ ور ڪري وڃي ھا. ڪامورا شاھي انھيءَ آزار کي ٻنجي ڏيڻ جي جاکوڙ ڪري ھا. جيڪڏھن اھو ائين نہ ٿئي ھا تہ عظيم ڊيوڪ جي چواڻي مطابق تہ اھا اسان جي اختيار ڪيل نظام جي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ھئي. جاڏي ڪاڏي وڳوڙن جو مڪو متو پيو ھجي ھا. ان کان پوءِ بندوقن جون گوليون ۾ ڦاھيون فوج جو تحفظ ڪري سگھن ھا.
مارشل لا ڪورٽن ۽ ھاڻي گھڻو ڪري اھي معاملا ھلي رھيا آھن، جن جو واسطو ڏيھي فوجين جو يورپي عملدارن سان گستاخيءَ ڪرڻ جو آھي. ھي ماڻھو ڪاوڙ ۾ قيد ۽ ملازمت مان خارج ٿيڻ جي خوف جو خيال نہ ڪري پنھنجي عملدارن سان بي ادبي ڪندا آھن. ٿوري وقت کانپوءِ پنھنجي ڪئي تي پڇتائيندا بہ آھن. پر ڏڌو کير ٿڻين نہ پوي، ٿي ويو سو ٿي ويو. مان سمجھان ٿو تہ ھي ماڻھو جڏھن پنھنجي پاڻ تي ضابطو ڪرڻ سکندا ۽ اھو بہ سوچيندا تہ ائين ڪرڻ سان کين سزا بہ ملندي تہ سندن مزاج ۾ ضرور ڌيرج ايندو. منھنجو ذاتي مشاھدو آھي تہ اھڙن مجرمن کي آفيسرن ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن گھڻو خبردار ڪري ڇڏيو آھي. پر جڏھن ھنن کي ملازمت مان ڪڍيو ويندو آھي تہ اھي وڌيڪ دلير ٿي ويندا آھن ۽ گھڻي ڪاوڙ جو مظاھرو ڪندا آھن. اڳي کيس سزا ملندي ھئي ڇاڪاڻ ھو اھڙو ڏوھھ ڪري وجھندو ھو. پر ملازمت سان پيار ضرور ڪندو ھو. پر ھاڻي تڇ سان ڏوھھ تي بہ ھن جو ڪورٽ مارشل ٿئي ٿو. جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي توھين ڪانہ ھوندي آھي. تنھن ڪري ھن ملازمت سان پيار ڪرڻ کي الوداع چئي ڇڏيو آھي. اڳئين معاملي ۾ ھو فوجي ڇانوڻيءَ کي پنھنجو گھر تصور ڪندو ھو، پر پوئين قسم جي معاملي ۾ سندس اھو تصور تبديل ٿي ويو آھي.
ھن کان سواءِ ھڪ ٻيو بہ نقطئھ نظر آھي تہ ملڪ ۽ فوجي کي بہ ڏسڻو ۽ ويچارڻو آھي. ان کان سواءِ ھڪ بھترين فوجي سپاھي پنھنجي عملدار کان اھو سوال ڪونہ پڇندو آھي، جيڪو ملڪ ۽ فوجيءَ سان واسطو رکندو آھي. ملڪم، فوجيءَ کي ڀرتي ڪري ٿو، ھٿيارن سان مسلح ڪري ٿو، ان جي سکيا ڪري ٿو، کيس پگھار ڏئي ٿو ۽ اھڙي خرچ ڀرڻ کان پوءِ کيس وٺي وڃي دشمن جي آڏو بيھاري ٿو. ھي ھڪ فطري ڳالھہ آھي تہ فوج ھڪ نظام جي قيام کان پوءِ وجود وٺندي آھي. تحفظ ۽ سوڀ جو يقين بہ فوجي نظام تي دارومدار رکندو آھي. بدنظمي ۽ ڇڙواڳي تي ھريل ۽ شراب جي ڳھر ۾ لڳاٽيل فوجي سپاھي اھڙي نظام کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙي سپاھيءَ کي اوھان سخت مشقت جي سزا نہ ٿا ڏئي سگھو. جيڪڏھن اوھان ان کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏيندا تہ دشمن فوج ۾ وڃي ڀرتي ٿيندو ۽ کيس سيکاريندو توھان جي سٺين فوجين کي ڪھڙي طريقي سان ماري سگھجي ٿو. مثال ڪري وٺجي تہ پنج سو ڏوھي سپاھين سان گڏ پنج بھترين فوجي وڃي دشمن جي فوج ۾ ڀرتي ٿين ٿا، جن کي اوھان فوجي سکيا ڏئي ماھر فوجي بڻائي ڇڏيو آھي. اميد آھي تہ ھو ائين ڪونہ ڪندا. پر جيڪڏھن اھي ڪندا تہ اھا انسانذات، انصاف ۽ حڪمت عملي جي نقطئھ نظر کان ڏاڍي خراب ھوندي. پر يقين ڪريو تہ اھي مرندا مري ويندا، دشمن انھن کي ڪپي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيندو. پر اھي ماڻھو ان نوڪريءَ جو ضرور احترام ڪندا، جنھن کان لتون ھڻي اوھان کين الڳ ڪري ڇڏيو آھي.
مان ھن ڳالھہ جو پرزور حامي آھيان تہ جسماني سزا کي ٻيھر بحال ڪيو وڃي، پوءِ اھا سزا ڏوھي فوجي قبول ڪري يا نہ ڪري. پر اھا سزا ڏني جلد وڃي. گورنر جنرل جا چيل لفظ بہ سچائي کي ثابت ڪندا تہ ”سزا ۾ دير مان معلوم ٿيندو تہ 1835ع وارو حڪم اڃا بہ برقرار آھي ۽ ان تي ٿمل ٿي رھيو آھي. ائين ڪرڻ سان اختيارن جي طاقت ڪمزور ٿي وڃي ٿي اڳڻن نظام ڏانھن موٽڻ جي حق جي قوت بہ گھٽ ٿي وڃي ٿي.“ جيڪڏھن طاقت جي حق کي استعمال ڪيو ويندو تہ اھو ڪمزور ۽ جيڪڏھن ان کي استعمال ڪبو تہ ان جي طاقت ناقابل شڪست بڻجي ويندي. ظلم ۽ ڏاڍ ان جي معقوليت کي تباھہ ڪري ڇڏيندو آھي ۽ انصاف ان ۾ انقلاب جي طاقت پيدا ڪندو آھي. مان ھن ڳالھہ سان اختلاف رکان ٿو تہ جڏھن ھڪ ڀيرو فوجي سپاھي زنجيرن ۾ ٻڌل ڪنھن ڌاڙيل سان گڏ ڪم ڪندو آھي تہ ان کي ملازمت مان ڪڍي ڇڏڻ وڌيڪ صحيح ھوندو آھي. ھن ڳالھہ جي صحت ۾ مون کي شڪ آھي. ھتي ائين ڪونہ ٿو ٿئي. بدنامي جو ھڪ معاملو آھي. مان تہ فوجين کي چوندو آھيان تہ سرڪار توھان کي توھان منجھان حاصل ڪري ورتو آھي. اھا ڏيتي ليتي رضاڪارانھ ھئي. ان اوھان لاءِ گھڻي قميت ادا ڪئي آھي. توھان ان معاھدي موجب ھلڻو پوندو. جيڪڏھن اوھان ان معاھدي مطابق نہ ھلندا تہ اوھان کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو. اھو رستو اوھان جي پڇتاءَ ۽ عزت واسطي ٻيھر کوليو ويو آھي. اھڙن معاملن ۾ ڪڏھن ملازمت مان خارج ڪرڻ بہ ضروري ٿي پوندو آھي. پر اھو فقط تڏھن ٿيڻ کپي جڏھن ڪورٽ مارشل اھڙو فيصلو ڏئي ۽ ان کان پوءِ ڪمانڊر ان چيف بہ اھڙي سفارش ڪري.
جيتري قدر جاتيCaste جو سوال آھي تہ ان کي بہ اھميت ڏيڻ گھرجي. مان ڪنھن فوجي مذھبي مامرن ۾ دخل اندازي ڪونہ ڪندو آھيان. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پٿر کي ڳاڙھو رنگ ڏئي ان جي پوڄا ڪرڻ گھري ٿو تہ کيس اھڙي کلي ڇوٽي آھي. مان ڌرمي پوڄا پاٺ کان بڇان ڪونہ ڪندو آھيان. پر جيڪڏھن ھو مون کي چوندو تہ تون بہ مون وانگر ڌرمي پوڄا پاٺ ڪر ۽ مان سندس ڳالھہ مڃي تہ مان بہ موڳو ۽ اوڳو آھيان. مان جيڪڏھن سندس اھا ڳالھہ مڃي تہ وري ھو چوندو تہ مان ھن پٿر جي چوڌاري ھڪ دائرو ڪڍيو آھي ۽ تنھنجو گھر ان دائري اندر اچي ٿو. تنھن ڪري تون پنھنجي گھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏ. اھا ئي منھنجي مذھب جي عزت ۽ احترام جي تقاضا آھي. جيڪڏھن مان سندس ٻيو مطالبو بہ پورو ڪيو تہ سندس ٻيا مطالبا بہ شروع ٿي ويندا. پر جيڪڏھن سندس مطالبي مڃڻ بدران ھن جي اھڙي طلب کي مان ئي نہ ڏيندس تہ ھو پاڻ بہ سمجھي ويندو تہ مان نياءَ ۽ نيت پت وارو ماڻھو آھيان ڪو چر چرٻٽ ڪونہ آھيان. سو ڪنھن مذھبي جاتيءَ اسان جو تصور اجھو اھو آھي. اسان ھن ڌرمي ڳالھہ کي ڏاڍي اڍنگي طريقي، چالاڪي، شرارت سان پالي ۽ نپائي رھيا آھيون. اسان مقصد لاءِ ڪنھن ڪورٽ رقم جي ڪا ادائگي ڪانہ ڪري رھيا آھيون. اسان وٽ اھڙا گھڻا مثال آھن تہ جيڪڏھن اسان ھنن سان مان ۽ مرجاتا سان ھلنداسون تہ ھو پنھنجي ڌرم کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. تنھن ڪري اسان نہ ھنن جي مان کي لينگھو لائي رھيا آھيون نہ وري ھو اسان جي عزت ۽ احترام تي ڪاري ٽِڪي لائڻ جا جتن ڪندا. جلال آباد ۾ رھڻ دوران 35 ۽ 13 ريجيمينٽ پاڻ گڏ رھيون ھيون. ان وقت معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ 35 ريجيمينٽ پنھنجي ڌرمي جاتي ختم ڪري چڪي آھي. مٿن پنھنجا ماڻھو حملا ڪري رھيا آھن. پر ان جو نتيجو ڇا نڪتو آھي؟ 35 ريجيمينٽ 13 ريجيمينٽ جي دوستيءَ تي فخر ڪري رھي آھي. اھي ڏيھي ماڻھو عقل سليم جا مالڪ آھن. ھنن ۾ بہ 13 ريجيمينٽ جي فوجين جيان عزت نفس جو احساس پيدا ٿي ويو آھي. ھاڻي جيڪڏھن اوھان انھن جي توھين ڪندا تہ مزاحمت ڪرڻ لاءِ اڀا ٿي ويندا ۽ اصولي ردعمل بہ ڏيکاريندا. اوھان کي اھو نظر ايندو تہ ھي ماڻھو اھڙين سٺين ڳالھين سان ھٿ ھٿ ۾ ڏئي گڏ ھلندا ڏسڻ ۾ ايندا. مان اھو بہ ڏسي رھيو آھيان تہ جيڪڏھن ھنن جي ڌرمي جاتيءَ کي حد کان وڌيڪ اھميت ڏبي تہ ڏاڍو ھاڃو رسندو جنھن جو مثال بنگالي فوج آھي. ممبئي جي فوج جي ڌرمي جاتيءَ ڏانھن گھٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي. جيڪڏھن مٿئين طبقي وارو پنھنجي شخصي زندگيءَ ۾ ڪنھن اڇوت جو جسم ڇھي وٺندو آھي تہ اھو ناپاڪ ٿي پوندو آھي. پر جيڪڏھن اھا ساڳي ڳالھہ فوج اندر ٿيندي آھي تہ ناپاڪائي جو اثر ڪونہ ٿيندو آھي. اھڙين ڳالھين محسوس ائين ٿئي ٿو تہ ڌرمي جاتيءَ جي اصولن کي عقل سليم متاثر ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙيون ڳالھيون ناممڪن ڪونہ ھونديون آھن، پر اھڙن ڳالھين ۾ ٿوري بہ دخل اندازي ڪرڻ صحيح ڪانہ ٿيندي. جيڪڏھن مٿئينءَ جاتيءَ وارو ماڻھو ڪو ڏوھھ ڪندو تہ ان کي بہ ڦٽڪن جي سزا ملندي، ڇاڪاڻ تہ انصاف کي قائم ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري بہ آھي. ان جاتيءَ جي ماڻھوءَ کي بہ اھا پڪ آھي تہ اسان کيس سزا ڏيڻ جو اٽل ارادو ڪري چڪا آھيون.
ھندستان لاءِ اسان جيڪو طريقو ڪتب آڻي رھيا آھيون، سو ڏاڍو خطرناڪ آھي. ھتان جي راجائن کي اسان جو تحفظ حاصل آھي. جيڪو بچاءَ جي اھڙي ڇٽي مٿان رکي پنھنجيءَ رعيت سان ڪيس ۽ ڪلور ڪري رھيو آھي. ٻئي پاسي کان وري اسان انھن ماڻھن کي ھدايتون ڪري رھيا آھيون تہ اھي راجائن جا ظلم ۽ ڏاڍ نہ سھن. ڪولاپور جي اريگيولر ھارس تہ ھاڻي ڏٺي وائٽي غداري ڪئي آھي. جيڪڏھن اھا غداري ان وقت ڪئي وڃي ھا جڏھن ڦٽڪن جي سزا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي ھئي تہ پوءِ سمجھجي ھا تہ اھا غداري ڦٽڪن جي سزا جي بحاليءَ جو ردعمل آھي. ان کان اھڙي سزا کي قابل عمل نہ سمجھيو وڃي ھا. پر مون اھا ڳالھہ موضوع کان ٻاھر نظر اچي ٿي. ليڪن مان سمجھان ٿو ھندستان اندر اھڙيون ڳالھيون ھٿراڌو تيار ڪيون وينديون آھن. اسان کي بھتر اصولن کي نافذ ڪرڻ مان خطرو محسوس ڪرڻ نہ گھرجي. اسان کي پراڻن اصولن کي نافذ ڪرڻ مان بہ تہ خطري جو احساس ٿيو ھو جيڪو پنھنجي دور جا دانشمندانھ قدم ھئا. پر اھڙا خطرا ھندستان جي انگريز شھنشاھت جي وسعت ۽ والار جا اھم ذريعا رھيا آھن. ھيءَ حقيقت بہ توجھھ طلب آھي تہ اسان جون فوجي اسٽيشنون تمام پري ۽ اڪيليون آھن. جيڪڏھن ڏيھي راجا بغاوت ڪري انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندو تہ ان کي وقت سر ڪير بہ روڪي ڪونہ سگھندو. جيڪڏھن پوءِ خطري جو احساس ھئڻ گھرجي. پر انھيءَ اصول کي تيستائين نافذ ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. جيستائين ڪولاپور جي وڳوڙي وايو منڊل ۾ ٿانھر ۽ ٺاپر نہ آئي آھي. مون کي اھو بہ ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڦٽڪن جي سزا يورپي، ڏيھي عملدار ۽ فوجي سپاھي بہ ڪونہ ڪندا. مون وٽ ھڪ مثال آھي تہ جاتيءَ کي ڏاڍي اھميت ڏني پئي وڃي. ھڪ برھمڻ جاتيءَ جي ماڻھوءَ جو واسطو 6 ميوٽنيئر سان آھي جنھن ان پاڻيءَ پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪو ھيٺينءَ جاتيءَ جي ماڻھوءَ ڀري آندو ھو. ھن اھو بہ چيو ھو ھن پاڻيءَ کان وڌيڪ موت پسند ڪدنو. مان بہ کيس ٺھھ پھھ وراڻيو تہ مري وڃين يا جيئن اھا تنھنجي پنھنجي مرضي، پر جيڪڏھن تون ڪم نہ ڪندي تہ پٺاڙن تي ڦٽڪن جا زورائتا زپڪا ضرور لڳندءِ. ھن ماڻھوءَ مون کي وڌيڪ ڪونہ ستايو. ھن جي عقل کيس ٻڌايو تہ مڃڻ کان سواءِ معاملو ڪونہ ھلندو. پر جيڪڏھن مان سندس اھو مطالبو مڃيان ھا تہ سڀاڻي وري ٻيو مطالبو کڻي اچي پھچي ھا. جيڪڏھن ڏيھي راجائن جي حڪمت عمليءَ کي ختم ڪبو تہ انھن جي پر جا کي انصاف وارو نظام ملي ويندو. فوجي سپاھين کي سزا ڏيڻ ۾ ائين انصاف ڪيو ويندو جيئن ساڻن پگھارن ڏيڻ ۾ نياءَ ۽ نيت پت اختيار ڪئي ويندي آھي. اھڙيءَ ريت ھندستان تي اسان جي حڪمراني صدين تائين ھلي سگھي ٿي.
مان ڦٽڪن ھڻڻ واري سزا جو حامي آھيان. جنھن کي آءٌ ڏاڍي چٽائيءَ سان سمجھيو بہ آھي. اھا خواھش بہ آھي تہ ان سزا کي اصولي پابنديءَ سان اختيار بہ ڪيو وڃي ۽ ھوبھو ائين جيئن مان Articale of War جي ھڪ نقل ۾ ڏٺو آھي. ليڪن ڦٽڪن جي تعداد ۾ فرق رکڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ تہ يورپي ماڻھو نازڪ ۽ نفيس آھي سندس کل بہ نرم آھي. تنھن ڪري ڏيھي فوجي سپاھي جي ڀيٽ ۾ يورپيءَ کي گھٽ ڦٽڪا ھنيا وڃن. مان سمجھان ٿو تہ يورپي سپاھين کي ڏيھي سپاھين جي ڀيٽ ۾ ڦٽڪن جو اڌ تعداد ھنيو وڃي. اھڙيءَ ريت ٻنھي جو ھڪ جيترو اثر ٿيندو. مون کي اھا خبر ڪانہ آھي تہ سپاھي اڪيلائي واري سزا کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو، پر ھن سزا جو رواج ممبئي واري فوج ۾ ڪونہ آھي. ليڪن مان سمجھان ٿو تہ اڪيلائي واري اھا سزا مھيني لاءِ ڪافي آھي. انگلينڊ جي آبھوا مطابق انگريز فوجي لاءِ بہ اھا سزا ڪافي سمجھي ويندي آھي. مان اترين علائقن جي ڪمانڊ سنڀالڻ وقت ھن نڪتي تي غور ڪيو ھو. ان کان سواءِ ھتان جي مئجسٽريٽن، ميڊيڪل آفيسرن، سول ۽ فوجي عملدارن بہ ھن نڪتي تي گھڻو سوچيو ھو ۽ ھن نتيجي تي پھتا ھئا تہ فوجي سپاھي ھي سزا آرام سان ڀوڳي سگھي ٿو. ھو آفيم جو وزم کائي اٺ ئي پھر ننڊ ۾ نھوڙيو پيو ھوندو.
Articales of War جي نئين ذميواري سونپي، ريجيمينٽ جي ڪمانڊر کي ڄڻ اضافي منصبي فرض سنڀالڻ لاءِ ڏنو ويو آھي. تنھن ڪري اھو ڏسڻو ضروري ھوندو آھي تہ اھو ڪمانڊر سينيئر ۽ تجربيڪار ھئڻ گھرجي. پر موجوده دور ريجيمينٽ جا ڪمانڊر ليفٽيننٽ ھوندا آھن. جيڪڏھن ھن قسم جي غلطيءَ کي جلدي ۾ دور ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪئي وئي، ھندستان فوج اندر ڳاڙ کي روڪي ڪونہ سگھبو، اھڙو خاص خطرو انھن فوجين لاءِ آھي جيڪي تڪڙين فوجي عملدارن ۽ سپاھين جي دلين ۾ تجربيڪار فوجي ڪمانڊر جي گھڻي عزت ھوندي آھي. پر ھي ماڻھو انھن نوجوانن عملدارن جي عزت ڪانہ ڪندا آھن. جن وٽ فوجي ڄاڻ گھٽ ۽ تجربو ڪونہ ھوندو آھي. ٻيو تہ ٺھيو پر انھن وٽ ھنن ماڻھن جيترو بہ تجربو ڪونہ ھوندو ھو جيڪي سندن انسٽرڪٽر ھوندا آھن. اھي تہ اصلي ماڻھو ھوندا آھن جيڪي کين فوجي بڻائي دشمن جي مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ڏانھن روانا ڪندا آھن. نوجوان عملدار سکڻ لاءِ ڏاڍا اتاولا ٿيندا آھن. پر کين ٻئي فن وانگي ابتدائي سکيا ضرور وٺڻي پوندي آھي. جيڪا تجربيڪار استادن جي رھنمائي ۾ حاصل ڪندا آھن. ھنن فوجين کي ڪير سکيا ڏيندو آھي، ھنن جو ڀاءُ سب آلٽرن ھجي يا ڪوئي بہ احمق. جيتري قدر ليفٽيننٽ ڪرنل جو سال آھي تہ ان ريجيمينٽ سان ملڻ جيتري فرصت ئي ڪانہ ھوندي آھي. اھا ڳالھہ فوجي نوڪري لاءِ ھاڃيڪار ھوندي آھي ۽ اھا ڳالھہ جسماني سزا جي نڪتي سان لاڳاپيل بہ ھوندي آھي. اھم ڳالھہ اھا بہ آھي تہ فيلڊ آفيسرن کي ريجيمينٽ جي قيادت سنڀالڻ گھرجي. کين ايترو تڪڙو تبديل نہ ڪجي جيترو رواج نظر اچي ٿو. منھنجو ھرگز اھو مطلب ڪونہ آھي تہ ليفٽيننٽ ڪرنل وٽ ٻي ڪا ڪمانڊ نہ ھجڻ گھرجي، پر ھن عملدار جي بدلي جلد جلد نہ ٿيڻ کپي. 64 ريجيمينٽ جڏھن بغاوت ڪئي ھئي تنھن وقت ان جو ڪمانڊر ھڪ نوجوان عملدار ھو. اھڙيون ڳالھيون ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ خطرناڪ ھونديون آھن. ھن بابت منھنجي راءِ آھي تہ اھڙي فوجي عملدار لاءِ پنجاھھ سالن جو تجربو ھجي، ان عملدار لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻہ سال ھندستاني فوج سان گڏ رھڻ جو تجربو ھجي ۽ انھن سان مستقل طور فيلڊ ۾ رھيو ھجي. ان کان پوءِ اھڙي جنرل کي ھندستاني فوجيءَ جي نفسيات جو صحيح پتو پئجي سگھندو. ليڪن اھو فقط تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏھن جنرل کي سکڻ جو شوق ۽ عقل ھوندو. نہ تہ ڀلي سڄي زندگي ھنن سان گڏ رھيو پيو ھجي پر کيس ھنن کي ڪمانڊ ڪرڻ جو ڏانءُ ڪونہ ايندو.
ھندستان ۾ ڪي اھڙا ماڻھو بہ موجود آھن جن جي سوچ مختلف آھي. کين ويساھھ ويٺل آھي تہ ڏيھي ماڻھن جي مزاج جو تجربو کين ساڻن گڏ نوڪريءَ وسيلي ملي وڃي ٿو. پر فوجي جنرل ۽ سفير اھو ٿي سگھندو آھي جيڪو وڏيءَ دل ۽ جگر جو مالڪ ھوندو آھي. ھن اصول کي تسليم نہ ڪرڻ سٺي ڳالھہ ڪانہ آھي. منھنجو مطلب آھي تہ ريجيمينٽ جي ڪمانڊ لاءِ عمر ۽ تجربي جو ضرور خيال رکيو وڃي. ھندستاني فوجي عملدار ۽ سپاھي، انگريز فوجي جنرل جو انھيءَ ڪري گھڻو احترام ڪندو آھي جو ھو وڏيءَ عمر وارو ۽ وڏي تجربي وارو سمجھيو ويندو آھي. اھڙي روايت اڄ بہ موجود آھي. جيڪڏھن ائين نہ ڪيو ويو تہ اھڙو احترام ختم ٿي ويندو. ريجيمينٽ ھڪ اسڪول ھوندو آھي پر جيڪڏھن ان جو استاد تجربيڪار نہ ھوندو تہ ريجيمينٽ جو وقار مجروح ٿي ويندو. خاص ڪري ان وقت جڏھن ماڻھن جي مزاج جي ۽ فوجي فن جي سکيا ڏني ويندي. ھندستاني فوج جي وفاداري ۽ اھليت جو تعلق ريجيمينٽل آفيسر سان واسطو رکي ٿو. معلوم ٿيندو تہ دنيا جي ٻيءَ فوج جو اھڙو مزاج ڪونہ آھي. ليفٽيننٽ ريجيمينٽ جي قيادت تڏھن ڪندو آھي جڏھن سندس ڪردار مثالي بڻجي ويندو آھي ۽ نوجوان ليفٽيننٽ رھبري واسطي ھڪ نمونو بڻجي ويندو آھي. پر جڏھن ھو تجربي نہ ھئڻ ڪري ٿوريون گھڻيون غلطيون ڪندو آھي تہ نوجوان آفيسر ۽ سپاھي مٿس کلندا آھن. ھي ان ماڻھوءَ جي توھين جي ڳالھہ ھوندي آھي. جنھن کي صاحب ڪري سڏيو ويندو آھي. تنھن ڪري ان ڪمانڊر جو معيار ۽ ڪردار اھڙو مثالي ھجڻ گھرجي جو عملدار ۽ سپاھي ان جو ادب ۽ احترام ڪن. مان چاھيان ٿو تہ مون وٽ گھڻا ڪئپٽن ھجڻ گھرجن. جن کي مان ڊويزنل ڪئپٽن سڏيندو آھيان. مان انھن اھم ڊويزنن جي مھنداري سونپڻ گھران ٿو يا چاھيان ٿو تہ اھي ٻن ڪمپنين جا ڪمانڊر ھئڻ کپن. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ ڪمپني جو ڪمانڊر ڪئپٽن ليفٽيننٽ ھجڻ گھرجي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن تجربيڪار عملدار کي فوجي اڳواڻي سونپي سگھجي. ان کان سواءِ منھنجي اھا بہ خواھش آھي تہ ڊويزنل ڪئپٽن پريڊ وقت ٻنھي ڪمپنين جي مرڪز وٽ ائين موجود ھجڻ کپي، جيئن گھوڙيسوار فوج ۾ اسڪئاڊرن ليڊر ھوندو آھي. اھو طريقو پنجن ڪمپنين جي ڪئپٽنس کان وڌيڪ اثرائتو آھي ۽ انھن پنجن ڪمپنين کان بہ وڌيڪ اھم آھي. جنھن جي ڪمانڊ ”سب آلٽرن“ ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تہ سپاھين جي ھر ھڪ ڪمپنيءَ جي ڪمانڊ واسطي ھڪ تجربيڪار ڊويزنل ڪئپٽن موجود ھوندو آھي. منھنجي مرضي ڪانہ ھوندي آھي تہ ڪو ڪئپٽن ڪنھن اسٽاف ۾ شامل ھجي، ھو پاڻ ڪنھن اسٽاف جو جوڙجڪ ڪري، جيڪو فوج جو ھڪ مخصوص حصو بڻجي پوندو. اھو ئي خاص طريقو آھي جنھن وسيلي ريجيمينٽ کي ھڪ معزز ۽ تجربيڪار عملدار ملي سگھندو. مان اھو بہ چاھيان ٿو تہ جسماني سزا جي ضرورت گھٽ پوي. ائين ٿيڻ سان سزا جو خوف ڏاڍو ھوندو ۽ ھڪ سٺيءَ ۽ مانائتي فوج اندر ان جو اثر بہ گھڻو ھوندو آھي. مان ائين ڪونہ ڏٺو آھي تہ بھادر ۽ بھتر سپاھي وڌيڪ سنجيده ھجن. اھي ماڻھو يورپين کان ڪمزور ضرور ھوندا آھن. پر بھادريءَ ۾ ھنن جھڙا ٿيندا آھن. مان ھيءَ ڳالھہ ٽن پريزيڊنسيز جي فوج کي ڏسڻ کان پوءِ ڪئي آھي. اھڙي ريت ھر ھڪ پريزيڊنسيءَ جي ھندستاني فوج منھنجي ڪمانڊ ھيٺان بہ رھي آھي. ٿي سگھي ٿو تہ مان غلط بہ ھجان. ھن ڳالھہ جو فيصلو ڪنھن ٻئي ڏاھي ماڻھوءَ تي ڇڏيو، پر منھنجي لاءِ ھي ڳالھہ آسمان ۾ چمڪندڙ سج جيان چٽي آھي تہ جيستائين ايسٽ انڊيا ڪمپني ھر ريجيمينٽ جو ڪمانڊر اعلى عھدي جو آفيسر نہ رکندي ۽ ھر ڪمپني جي ڪمانڊ لاءِ ڪئپٽن مقرر نہ ڪندي تہ اھا سندس غلطي ھوندي. جيڪا ھوءَ ڪيترن سالن کان ڪندي پئي اچي. ھن طريقي اختيار ڪرڻ سان ڏيھي عملدار اثر رسوخ حاصل ڪري وٺندا ۽ آخر ۾ فوج جي ڪمانڊ سنڀالڻ جي لائق بڻجي ويندا. ھن جي جواب ۾ مون کي چيو ويندو تہ ائين ڪرڻ سان خرچ گھڻو وڌي ويندو. پر منھنجو جواب ھوندو تہ ھندستان وڃائڻ ان کان بہ وڌيڪ مھانگو ھوندو.“ ھن شاندار فوج جو ھر ھڪ حصو ڏاڍو دلچسپ آھي. جيڪا ھڪ شاھي ونگ جي شڪل ۾ آھي. ھن فوج کي ملندڙ پگھار ان جو بنيادي پٿر آھي. ھن چوڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جو وڌاءُ نہ آھي تہ ھن فوج جون پگھارون دنيا جي ھر فوج کان وڏيون آھن. تنھن ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني کي اھو حق آھي تہ ان فوج جي سپاھيءَ (سولجر) کي پنھنجي ڏيتي ليتيءَ لاءِ استعمال ڪري. يقين آھي تہ ھن فوج جو سپاھي غدار ڪونہ ٿيندو جيڪو فوجي ملازمت کي پنھنجو شان سمجھندو آھي، پر اھا حقيقت ضرور آھي تہ اسان غلطيون ڪري کين پنھنجي وفاداري کان اڳ ۽ بيزار ڪري سگھون ٿا.
ممبئي سرڪار جو چوڻ آھي تہ مان اجايو ڊڄي رھيو آھيان مان تہ فقط ھيءَ شڪايت ڪئي ھئي تہ سنڌ ۾ رھندڙ فوجين طرفان موڪليل پگھارون صحيح طريقي سان سندن ڪٽنبن کي ڪونہ پھتيون آھن جيڪي مختلف پريزيڊنسيز ۾ رھندا آھن. ھونءَ بہ مان ممبئي حڪومت سان اختلاف راءِ بہ رکان ٿو. ٻين سان گڏ ھيءَ ھڪ اگري حقيقت آھي، جنھن ڪري ھنن فوجين جي وفادارين کي ڇيھو پھچي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ تہ اھو بہ ھنن جي جذبن کي جھوٻو آھي. خاص ڪري انھيءَ ڳنڀير وايو منڊل دوران جڏھن بنگالي ۽ مدراسي فوج بغاوت ڪري رھي آھي. ھن ڳالھہ کي اھم نہ سمجھيو وڃي تہ اھا غلطي سنڌ جي آھي يا ممبئي سرڪار جي، جو موڪليل پئسن جي ادائگي ٿي ڪانہ سگھي آھي. ھن بابت اسان ٻنھي جو نقطئھ نظر مختلف آھي، پر عوام جي ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي دلچسپي ڪانہ آھي. ھو تہ فقط اھو ڏسي رھيا آھن تہ پئسا دير سان ڇو ملي رھيا آھن. خطري جي ڳالھہ اھا آھي تہ سپاھي حڪومت تي اکيون ٻوٽي ويساھھ ڪندو آھي تہ سندن پگھار جي ھڪ پائي بہ ميري ڪانہ ٿيندي، پر سندس ڪٽنب جي مقدر جي ناتي اھا غير يقينيءَ جو شڪار ٿي وئي آھي. منھنجي اڻيھئي اھا جاکوڙ رھي آھي، سندس اھڙي سون سريکيءَ نيت ۾ رتيءَ ڀر بہ لکا نہ پوي. اھو ٻڌي سندس دل ڪيڏي نہ خوش ٿيندي تہ ٿوريءَ غلطيءَ جي ازالي لاءِ ممبئي سرڪار، ھندستان سرڪار ۽ سنڌ جي حڪومت اندر ڪيڏي نہ چرپر اچي وئي آھي. مان پاڻ بہ ھن معاملي ويھن ئي ننھن جا زور لاتا ھئا. انھيءَ لاءِ تہ جيئن ان فوجي سپاھي کي ڏڍ ملي تہ سندس پگھار واري رقم محفوظ آھي. جيڪڏھن اھڙو ڏچو وري بہ ٿيو تہ مان وري ائين ڪندس. پوءِ ڀلي مون لاءِ سمجھيو وڃي تہ مان اجايو ڇرڪي رھيو آھيان. ائين ممڪن بہ ڪونہ آھي جو اھڙن معاملن ۾ حد کان وڌيڪ خبردار رھي سگھجي. ٻي ڳالھہ اھا بہ آھي تہ مون کي ھندستان ۾ پھچڻ سان پھرين شڪايت بہ اھا ئي ملي ھئي. ھنن ٻنھي معاملن ۾ ممبئي جي گورنر سر جارج آرٿر گھڻي مدد ڪئي ھئي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ اھڙي پھرين غلطي ھن جي اچڻ کان اڳ ئي ٿي چڪي ھئي ۽ ھن اچڻ شرط ان معاملي کي ھٿ ۾ کنيو ھو. مون کي پڪ آھي تہ 24 نيٽو افنٽري جي سپاھي کي ھن مطمئن ڪري ڇڏيو ھوندو، جيڪو ڏاڍو ڏکارو ۽ ڪاوڙيو ويٺو ھو. ڇاڪاڻ تہ مان جلد ئي ڀولو ڇڏي ھليو آيو ھوس. ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر فوجي سپاھين لاءِ ڪيئي اھنج ۽ آزار پيدا ٿي چڪا آھن، جن مان ھڪ ھي بہ آھي. ھندستان جي سرڪار سان گڏ ممبئي حڪومت بہ فوجي سپاھين لاءِ کليءَ دل جو مظاھرو ڪانہ ٿي ڪري. شايد ھنن معاملن ڏانھن ڪي فرد ڌيان ڪونہ ٿا ڏين. ھنن ڳالھين مان ھيءَ حقيقت ثابت ٿي وڃي ٿي تہ ريجيمينٽن ۽ ڪمپنين لاءِ تجربيڪار عملدارن جي ضرورت آھي. جڏھن جسماني سزا رد ٿيڻ کان پوءِ ٻيھر بحال ٿي رھي ھئي تہ مان اھڙين ڳالھين جي پرزور سفارش ڪئي ھئي. پر اھڙي سزا حفظ ماتقدم طور منظور ٿي رھي ھئي. مان ھن ڳالھہ کي ورجائڻ ٿو چاھيان تہ ممبئي جي فوج جو عام نقئھ نظر ھو تہ اھڙي جسماني سزا فوج جي ھر فرد سان لاڳو ٿيڻ گھرجي جيئن ھر رئنڪ جو عملدار ھن سزا کان بچي نہ سگھي.
مھراج پور واري جنگي محاذ جو احوال پڙھي مون کي اچرج ٿي رھيو آھي تہ جنگ ھڪ ڏينھن اڳ فوجين جا مائٽ کين ملڻ آيا ھئا جن جو تعلق انگريز دشمن سان ھو. ٻئي ڏينھن انھن ئي ماڻھن اسان سان جنگ ڪئي. اھي دشمن ھئا. اسان کين سڃاڻي ورتو ھو. اھي قد جا بندرا ھئا ۽ اسان جي فوجين کان قد ۾ گھڻا ننڍا ھئا. جڏھن تہ مان سمجھيو پئي تہ اھي قد جا ڊگھا ھوندا. مون کي ان وقت نپوليئن جي ووليگيوئر محاذ جو نقشو ياد اچي ويو جنھن ۾ ھن بندرن ماڻھن سان مقابلو ڪيو ھو.
مون کي خبر نہ آھي تہ مان عقل جون ڳالھيون لکيون آھن يا بي عقليءَ جون. پر مان ھندستان جي فوج کي سمجھڻ لاءِ ڏاڍو جاکوڙيو آھي. جيڪڏھن مان پنھنجي نقطئھ نظر کان حد کان وڌيڪ ڊگھو ڪري ڇڏيو آھي تہ مھرباني ڪري معاف ڪندا. پر منھنجي نيت نيڪ آھي، تنھن ڪري اھڙين غلطين کي نظرانداز ڪري سگھجي ٿو.

ضميمو اٺون

فوجي سامان بابت لکيل ميمورينڊم جيڪو لارڊ ايلنبرو ڏانھن لکيو ويو ھو.

حيدرآباد 18 مئي 1843ع
اوھان جو 12 اپريل تي لکيل خط مون کي ڪلھھ رات مليو آھي. اوھان ان خط ۾ اٺ سوار فوج کي قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آھي. ھن خط ۾ اوھان ھڪ ٻئي خط جو حوالو ڏنو آھي، جيڪو مون کي ڪونہ پھتو آھي. اوھان مون کي ٻين مشورن سان پڻ نوازيو آھي جنھن جو واسطو سر ڊبليو ناٽ جي خط سان آھي جنھن کي مان ڏاڍي غور سان پڙھيو آھي. مان رپورٽ ٺاھڻ جي ڏس ۾ ھن تجربيڪار عملدار سان بلڪل سھمت آھيان، ڇاڪاڻ تہ اھڙي رپورٽ تجربي کان وڌيڪ وسيع ڳالھين جي تقاضا ڪري ٿي. مان اھا رپورٽ بنا ڪنھن تمھيد جي اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪري رھيو آھيان. اھا ان مھم جي تجربي جو نتيجو آھي جنھن جي ابتدا مان ھندستان ۾ اچي ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اسان اھڙي مھم جي شروعات مٿاھينءَ جوءِ ۾ ڪئي ھئي جتي اسان اٺ کان بہ وڌيڪ طاقتور جانور، خچر کي ڪتب آندو ھو.
اٺ
ھن علائقن ۾ ھيءُ جانور بار لڏڻ جي ڪم ايندو آھي، پر ھن کي فوجي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ فائديمند نہ آھي. اوچتو اھڙو ڌڪ پڃائيندو جو ماڻھو لوڻا پيو کنھندو، منجھنس ھي اوڻايون آھن.
1. ھي جانور پنھنجي جسماني جوڙجڪ ۾ ڏاڍو ڪمزور آھي.
2. ھڪ نہ ٻي بيماري سندس ڳاٽي تي چڙھي بيٺي ھوندي آھي. ھن جي دوا دارون بہ اھڙي آھي جنھن کي سمجھڻ بہ ڏکيو آھي. ھڪ ڀيرو جي اگھو ٿي پيو تہ سگھي ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. پوءِ اھو ٿڪ کان پئجي رھي يا ڪا ٻي جھوري لڳيس پر ھوندو ھلڻ کان ھلاڪ. بيمار ٿيو تہ پلڻ بہ بار. چڙھي چاڪ ٿيڻ بہ ممڪن ڪونھ. ڪيڏا بہ ڏاڻ ڏبس تہ بہ ويندو ڏينھون ڏينھن نجھرندو ۽ پوڻو پوندو. پوءِ رڻاٽن مٿان رڻاٽ ھوندس. نيٺ وڃي ڳجھن جو ڳاھھ ٿيندو.
3. ھي جانور چارڻ پيارڻ ۾ وقت وٺي ويندو آھي. فوجي پيش قدميءَ دوران ھن کي ايترو وقت ڏيڻ مشڪل ھوندو آھي، پر دشمن جي ملڪ ۾ تہ رھندو ممڪن ڪونہ رھندو آھي. سفر کان ھڪدم پوءِ اٺ کي کاڌي جي ضرورت ھوندي آھي. جت بہ ٿڪل ھوندو آھي. ان کي بہ کاڌي پيتي جي ضرورت ھوندي آھي. تنھن ڪري ھن جي چاري پاڻيءَجو گھٽ خيال رکندو آھي.
4. اٺ گپ جي آڏو اصلي ڪونھي. ٿوري ڇڪڻ ٿي تہ اٺ ھلڻ کان چڪتو. سندس پير داڦوڙو ھوندو آھي. جيڪڏھن ڪلر تي رڳو ماڪ پئي تہ سندس داڦوڙو پير ترڪي پوندو آھي. ھن جي پٺيءَ تي بار بہ ايڏو لڏيل ھوندو آھي جو کيس چڱو ڀلو ٿيڻ ڪونہ ڏيندو آھي. سندس رانن جا سنڌ بہ لچڪي پوندا آھن. پر ھن جو تنتي سرشتو ڏاڍو مضبوط ھوندو آھي. جيڪڏھن سندس ڄنگھھ نڪري پوندي آھي تہ وري لڳي ڪانہ سگھندي آھي ۽ اٺ چڙي چڙي مري ويندو آھي. مينھن جي چئن ڪڻين کان پوءِ جيڪڏھن رستي ۾ کڏو کٻو اچي ويو تہ سارو فوجي سامان ھڪ جڳھھ تي بيھي ويندو. عام طور فوجي سامان منزل تي دير سان پھچندو آھي، تنھن ڪري اٺ کي ڏانوڻ ڏئي جھنگ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي. جيڪڏھن جھنگ پري ۽ دشمن جو دنگ ويجھو آھي تہ اٺ کي چرڻ لاءِ ڪونہ ڇڏيو ويندو آھي. ان ڪري ھي جانور چوويھھ ڪلاڪ يا ڇٽيھھ ڪلاڪ بنا ڪنھن چاري پاڻيءَ جي سفر ڪندو آھي، پر جيڪڏھن چارو پاڻي فوج سان گڏ ھوندو آھي تہ پوءِ اھو کيس ملي ويندو آھي. جيڪڏھن اٺن جو تعداد وڌي ويندو آھي تہ فوجي چرپر ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي آھي.
5. مون کي اھو بہ معلوم ٿيو آھي اٺ جابلو علائقي ۾ يا پٿريليءَ زمين تي بار کڻي سفر ڪري ڪونہ سگھندو آھي. مان اھو بہ ڏٺو آھي تہ جڏھن اھو جانور جابلو مٿاھينءَ تي چڙھندو آھي تہ بيھندو ۽ پوءِ ملندو رھندو آھي. جنھن دوران ھو ساھھ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ٿوري وقت کان پوءِ ساھي پٽڻ لاءِ بيھاريو ويندو آھي. جڏھن جبل اڪري پار ٿيندو آھي تہ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويندو آھي. مان ھيءَ ڳالھہ ان وقت دريافت ڪئي، جڏھن اٺ ھڪ اڀڪپريءَ ڀٽ تان گذري رھيا ھئا. کين اتان مٽيندي ڪنھن قسم جي تڪليف ڪانہ ٿي جئين گھوڙي کي واريءَ مان گذرڻ وقت ٿيندي آھي. ان کان سواءِ ھي جانور ساھھ پٽڻ لاءِ ڀٽ تي ڪٿي بيھي بہ ڪونہ رھيو ھو. نہ وري ساھھ کڻڻ ۾ ھڦجي پيو ھو. پر اوچتو ڪمزور ٿي ويا ۽ چلڻ کان چڪتو بڻجي ويا. ٿورو وقت آرام ڪرڻ کان پوءِ اھي ساڄا ٿي ويا. ھن جو داڦوڙو پير نرم ھوندو آھي، جيڪو پٿريليءَ زمين ۽ جابلو جوءِ مان ھلي ڪونہ سگھندو آھي.
6. اٺ بار لڏڻ کان پوءِ ھڪ ڊگھيءَ قطار جي صورت ۾ اڳتي وڌندو آھي. سندس رفتار بہ جونءَ پير ھوندي آھي. جڏھن وري دشمن جي ڌرتيءَ مان گذرندو آھي، تہ ڪن سيءُ ھوندو آھي تہ متان حملو ٿئي، تنھن ڪري پھري لاءِ فوج مقرر ڪئي ويندي آھي. منھنجي تجربي موجب باربرداري جي لحاظ کان اٺ ۾ اجھو اھي اوڻايون آھن، جن کي دور ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھہ بہ ڪانہ آھي.
اٺن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ
ھن جانور مٿان ڏاڍ ڪيو ويندو آھي تہ ھو جلد ئي ڪمزور ٿي ويندو آھي. مٿس ڪيل ڏاڍ جا نمونا ھي آھن:
1. ھنن ملڪن ۾ اٺ جو مناسب بار ٻہ سؤ کان ٽي سؤ پائونڊ ھوندو آھي. اٺ جي بار بابت صحيح ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي، پر جيڪڏھن ان مٿان اڍائي سو پائونڊن جيتري لڏ رکبي تہ بہ مناسب آھي، پر ھن جانور مٿان بي ڪئتو بار لڏيو وڃي ٿو. مان ڏٺو آھي تہ ھن تي اٺن سون کان نو سو پائونڊ بار سٿيو وڃي ٿو. ڏيھي فوجي سپاھيءَ وٽ ھن جانور لاءِ رحم جي رتي بہ دل ۾ ڪانہ ھوندي آھي. ھنن جي ڀيٽ ۾ يورپي سپاھي ڏاچي ھڻي ڏھھ تہ توڏي ھڻي تيرھن، وانگر ڪيس ۽ ڪلور ۾ ٻہ وکون اڳتي آھن. لڪڻ لائو ساھھ پرائو، لڪڻن جو ائين وسڪارو لائيندا ايندا، ڄڻ ھو ڪنھن ساھواري کي نہ پر ڀِتِ کي ڪٽي رھيا آھن. مھارن کي ڇٻيون بہ اھڙي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڏيندا جو اٺن جي نڪن مان لاٽيون بہ نڪري اينديون آھن ۽ پيون مھارن جي چوٽين ۾ لڙڪنديون آھن. ھن جانور جو عام ڪري سڀاءُ نماڻو ٿيندو آھي. ھن سان جيڪڏھن ٿورو بہ ڏاڍ ڪبو آھي تہ ڏٻرو ٿي آخر مري ويندو آھي.
2. عام طور تي ھن جانور کي پيٽ ڀري چارو پاڻي ڪونہ ڏنو ويندو آھي.
3. آرام بہ گھڻو گھٽ ملندو اٿس.
4. ھنن جانورن کي ڪاھڻ وارا جت ھوندا آھن جن جو تعلق ھيٺئين طبقي سان ھوندو آھي، جيڪي دل جا پٿر ۽ ڪٺور ھوندا آھن.
5. ماڻھو بي خبريءَ ۽ بي ڌيانيءَ ڪري، اٺ تي وزن کان وڌيڪ بار سٿيندا ويندا آھن، ھن تي جيڪڏھن وزن کان ٿورو بہ وڌيڪ بار لڏبو تہ ھو ويچارو ڪمزور ٿي پوندو. ھن جانورن جون ڄنگھيون ڊگھيون ٿينديون آھن. جيڪڏھن مٿس لڏيل سامان ھڪ پاسي تي اوھرجي پيو تہ ھن لاءِ تڪليف پيدا ٿي پوندي آھي. اوھر کڄڻ تائين ھڪ جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي.
اھي ئي فطري ۽ غير فطري اوڻايون آھن، جن مطابق ھي جانور ڳھندو ھلندو آھي. جڏھن ھن کي فوجي بار برداريءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي تہ ھن لاءِ مشڪلاتون ساڳيون ھونديون آھن. ھاڻي ھن جانور جي خاص خوبين جو ذڪر ڪجي ٿو.
1. ھي بنا پاڻي پيئڻ جي گھوڙي ۽ خچر کان گھڻو سفر ڪري سگھي ٿو.
2. سنڌ يا ٻين ملڪن ۾ جتي لئي جو وڻ جام ھوندو آھي تہ چاري گڏ کڻي ھلڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھي وڻ ان جي من پسند خوراڪ آھي. جڏھن تہ گھوڙي ۽ خچر لاءِ چارو ساڻ کڻي ھلڻو پوندو آھي.
3. ھيءُ جانور، داڦوڙي پير ڪري وارياسي رڻ پٽ مان سولائيءَ سان سفر ڪري سگھندو آھي، جڏھن تہ گھوڙو ۽ خچر کھجي پوندو آھي. گرميءَ جي بہ کين ايڏي پرواھھ ڪانہ ھوندي آھي. جيڪڏھن ھن مٿان بار سوچي سمجھي رکيو ويندو آھي يا تيز رفتاري ۾ سفر نہ ڪيو ويندو آھي تہ بنا ڪنھن تڪليف جي ڊگھو سفر ڪري ويندو آھي. پر سندس چاري پاڻيءَ جي سار سنڀال ضرور لھڻ گھرجي. ان جو مثال اھو آھي تہ جڏھن مان امامڳڙه قلعي تي حملو ڪيو ھو تہ قلعي ڊاھڻ جو سامان اٺڻ تي لڏيل ھو. ھي جانور ٿر جي وارياسي مان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان سفر ڪري سگھيو ھو. ڀٽن ھجڻ ڪري رستي ۾ لاھيون چاڙھيون ھيون. اٺ ڏاڍي تڪليف سان اڳتي وڌي رھيا ھئا. پر مان سندن چاري جو مقدار گھڻو وڌائي ڇڏيو ھو. ھنن جانورن جي نظرداريءَ لاءِ ڪئپٽن وائٽي کي مقرر ڪيو ويو ھو. ان کان سو في توب کي ڇڪڻ لاءِ اٺن جو تعداد بہ وڌايو ويو ھو. جيڪڏھن مان اٺن جي چاري پاڻيءَ جو سٺو بندوبست نہ ڪريان ھا يا توبن ڇڪڻ جي ڪم ۾ اٺن جو تعداد نہ وڌايان ھا تہ اسان وقت سر امامڳڙه پھچي ڪونہ سگھون ھا. جيڪڏھن اسان اٺن بدران گھوڙي کي ڪم آڻيون ھا تہ چارو پاڻي ساڻ کڻڻو پوي ھا. ٻيو تہ وارياسي ۾ گھوڙيو ھلي ڪونہ سگھي ھا. تنھن ڪري تعداد ۾ بيشمار اضافو ڪجي ھا. سفر ناممڪن کڻي نہ بھ، پر مشڪل ضرور بڻجي وڃي ھا. ھي سفر اٺ جي ڪري وڌيڪ آسان ٿي ويو آھي.
ھي اھي ڳالھيون آھن جن کي مان شخصي طور جاچي پرکي ۽ تڪي توري ڏٺو ھو. فوجي چرپر ۾ اٺ کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪي خوبيون آھن تہ اوڻايون بھ. ھن کان سواءِ ٻيو نڪتو ھي آھي تہ اھڙين ڳالھين تي ضرور سوچڻ ويچارڻ گھرجي تہ سندس ڪھڙين اوڻاين کي پاسي رکي تڪليفن کان بچي سگھجي ٿو. مان ھن خيال جو آھيان ۽ ڪجهہ وقت اڳ ھن موضوع لکيو بہ آھي تہ فوجي سامان يورپ ھجي يا آمريڪا صحيح طريقي سان لڏي ۽ ڍوئي ڪونہ ٿو سگھجي، پر ھندستان ۾ تہ ويتر وڌيڪ ڏکيو آھي. ليڪن ھن سامان جي صحيح لڏ پلاڻ ۽ ڍوئي ھڪ جدا فوجي نظام ھجي. مون کي اھو ڏسي ڄڻ تہ اندر کي آٿت ملي ويو ھو تہ اوھان پاڻ بہ اھڙي ساڳئي منصوبي بابت سوچي ويچاري رھيا آھيو. اھو طريقو ھر ملڪ، ھر فوج ۽ ھر قسم جي آبھوا ۾ ھجي. ھي ھڪ عام اصول آھي، جنھن وسيلي فوجي سامان جي نقل حرڪت سان لاڳاپيل مشڪلاتون لوڻ پاڻي ٿي سگھن ٿيون. اھڙي ريت ان سامان جي ڍوئي جو ڏچو گھڻو گھٽجي وڃي ٿو. ھيءُ ھڪ پورھئي جي تقسيم جو مثال آھي، جنھن ۾ گھڻي سھوليت موجود آھي.
فوجي سامان اھڙو ھوندو آھي جو جيڪڏھن ان کي صحيح طريقي سان ڍوئبو تہ مشڪلات گھٽجي سگھي ٿي. پر ان لاءِ ھڪ اھڙو نظام تخليق ڪرڻو پوندو جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي لچڪ موجود نہ ھوندي، پر ڏچو اھو آھي تہ ھزارن اٺن جي موجودگي ۾ ڪھڙي طريقي وارو نظام قائم ڪري سگھجي ٿو. ھڪ تہ جت مخلوق اھڙي آھي جن ۾ نظام جھڙي شيءِ تہ موجود ئي ڪانہ ھوندي آھي. ٻيا فوجي سپاھي، ٽيان نوڪر ھوندا آھن. جيڪي وڏي اسر ويلي اچي پاڻ ۾ ملندا آھن. سڀني جي ڳياڙي پئي لڳندي. بوھياري ۾ ڪير بہ ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونہ ھوندو آھي. ھن ڳالھہ تي بہ ڄنڊا پٽ شروع ٿي ويندي آھي تہ بار لڏڻ لاءِ اٺ ڪھڙيءَ جڳھھ تي ويھارجن. ان کان سواءِ بئگيج ماسٽر جي بہ ڳياڙي پئي لڳندي آھي، پر ھن ڏانھن ڪير بہ ڪن ڪونہ ڏيندو آھي. ان کان پوءِ رسد گاھھ جي ماڻھن جي گپا گيھھ لڳي ويندي آھي. ماڻھن جي ھن متل مانڌاڻ ۾ ڪنھن جي ڪير ٻڌندو. جيڪڏھن ھن وايو منڊل ۾ ڪنھن نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سو ڪامياب ٿي ڪونہ سگھندو. اٺن جي لڏ پلاڻ ۽ پيش قدمي ڪرڻ لاءِ فقط ڪلاڪ ڏيڍ جي وٿي مليل ھوندي آھي. اھو سارو وقت جتن جي چوٻول ۽ ٻين ماڻھن جي کڳيءَ ۾ گذري ويندو آھي. تنھن ڪري ھر ڳالھہ ناممڪن ٿي پوندي آھي ۽ فوج جي پيش قدمي رڪجي ويندي آھي. فوجي سامان جي قافلي سان ملندڙ پھريدارن جو منصبي فرض بہ اھڙو ھوندو آھي، جيڪو پيش قدمي ڪندڙ فوج لاءِ مٿي جو سور بڻيل ھوندو آھي. ڪڏھن وري فوجي سامان وارو قافلو، فوجي چرپر کان وڇڙي ويندو آھي ۽ فوج اڳتي وڌي ڪانہ سگھندي آھي ۽ منجھي موڳي ٿي پوندي آھي. جنھن جو نتيجو ڪڏھن شڪست جي شڪل ۾ آڏو ايندو آھي. اھو تجربو ٿيو آھي تہ ھندستان جو فوجي ڪمانڊر فوجي سامان ڪري ڏاڍي خطري ۾ وڪوڙيل ھوندو آھي. جيڪڏھن ان سامان جي وڏي حصي ۽ رسدگاھھ جي ماڻھن جي وڏي تعداد تي دشمن حملو ڪري ٿو تہ ان جو اوس نتيجو شڪست ھوندو آھي.
گھربل نظام مطابق اٺ سوار فوج جو ھڪ حصو قائم ڪيو ويندو. ان سان گھوڙا، گڏھھ خچر ۽ ڏاند بہ ھن بار بردار قافلي ۾ شامل ھوندا. اھڙيءَ ريت سوچ ويچار کان پوءِ ھڪ الڳ ڊويزن قائم ڪئي وئي آھي. پر ھتي مان فقط اٺن بابت ڳالھائيندس جيڪو بار برداري جو ھڪ اھم جانور آھي. جنھن جو واسطو ھندستاني لشڪر جي فوجي سامان جي لڏ پلاڻ سان آھي. مان سمجھان ھو تہ ان جو اصولي بيان ئي ڪافي ٿيندو. ھي ڪئمل ڪارپس جي انتظام لاءِ، ڪرنل، ميجر، ڪئپٽن ليفٽيننٽ ۽ نان ڪميشنڊ آفيسر بہ ھوندا جنھن کي جدا جھنڊو بہ ھجڻ گھرجي. اٺن کي ڏوري ھلڻ لاءِ ھن ڪئمل ڪارپس ۾ جتن کي بہ شامل ڪيو ويندو،جيڪي خانگي حيثيت ۾ ھن قافلي سان شريڪ ھوندا. اھي سڀ ماڻھو مسلح ھوندا. تناسب جي حساب سان في اٺ ٻہ ماڻھو ھوندا. پيش قدميءَ دوران ھڪ جت جوڙي ڏگھن جي ڏوريندو ۽ ھڪ جت ٻن اٺن جي پھريداريءَ جو ڪم ڪندو. ھي تفصيل مستقبل جي بندوسبت ڪرڻ لاءِ آھن ۽ ملڪ جي صورتحال مطابق اھي ڦرندا گھرندا رھندا. جنھن سان گڏ رستن جي حالتن کي پڻ ڏٺو ويندو.
ان کان پوءِ ٻيو اھم نڪتو خود سامان جو بندوبست آھي. ان لاءِ ھڪ حڪم جاري ڪيو ويندو تہ جنگي ميدان تي عملدارن جي استعمال جون ميزون، ڪرسيون، صندوقون ڪھڙي طريقي جون ٺھيل ھجن، بسترو ڪيئن ۽ ڪيترو ھجڻ گھرجي امن امان دوران جيڪڏھن ڪو عملدار پنھنجو گھڻو سامان موڪلڻ چاھي ٿو تہ اھو ڀلي ڪنھن ٻئي ذريعي سان ائين ڪري سگھي ٿو. ساڳي ريت خانگي فوج سان لاڳاپيل ماڻھو ائين ڪري سگھي ٿو. ڪئمل ڪارپس سان مختصر فوجي سامان نقل حرڪت ڪري سگھندو. ائين ٿيڻ نہ گھرجي تہ سرڪار جي ھن نقل حرڪت جي ذريعي کي حد کان وڌيڪ سامان موڪلي ناڪام ڪري ڇڏجي. ڪارپس آف ڪئمل جي عملدارن ۽ نان ڪميشند آفيسرن جو فرض آھي تہ ھر عملدار ۽ خانگي فوجي جي سامان جي ماپ، وزن، شڪل ۽ سامان جي تعداد تي ضرور نظر رکي. جيڪڏھن انھن ۾ ٿوري بيقاعدگي موجود آھي تھ، ان ڏانھن ڌيان ڏين. جيڪڏھن پيش قدمي دوران رستي سان سامان کي باھھ لڳي ٿي وڃي تہ قافلي جي منتظم آفيسرن جو فرض آھي تہ اھڙي ڳالھہ سامان جي مالڪ کي ٻڌائن تہ سندس سامان سڙي ويو آھي. سفر جي شروعات کان اڳ اٺ جي لاٽي، مھار، پلڻ، پاکڙي ۽ ڪجائي وغيره جو ضرور خيال ڪرڻو آھي اھڙيءَ ريت لاٽيون ۽ مھارون تہ سامان سان گڏ ھلڻ گھرجن. ڇو تہ انھن شين جي ھر وقت ضرورت ھوندي آھي. اھڙي تياري پڻ مقرر وقت کان اڳ ٿيڻ گھرجي تہ جيڪڏھن ضرورت پوي تہ ٿڪل ۽ بيمار ماڻھو کي اٺ تي سوار ڪري وٺي ھلجي. يعني ڪجهہ وڌيڪ اٺ بہ ھئڻ لازمي آھي. ھنگامي حالتن ڪري جيڪڏھن سامان وڌي وڃي ٿو تہ اھڙي جوڙجڪ ڪجي جو ڪنھن ھڪ اٺ تي وڌيڪ بار نہ پوي.

ھن قسم جي نظام مان فائدا:
آفيسر ۽ نان ڪميشن آفيسر مقرر وقت تي اٺن جون قطارون، ھر ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر ڏانھن روانيون ڪندا آھن، جيڪي انھن جي نالي داخل ٿيل ھونديون آھن. آفيسرن جا نوڪرن انھن اٺن اچڻ جي اوسيئڙي ۾ ھوندا آھن ۽ جتن جي رھبري ڪري کين آفيسرن جي تنبن ڏانھن وٺي ويندا آھن، جن سان پھريدار بہ گڏ ھوندا آھن. اتي کين عملدار ۽ ڪمپنين جو سامان حوالي ڪيو ويندو آھي. اھو ڪم باقائدگي سان عمل ۾ ايندو آھي ۽ سامان طئي ٿيل اصول مطابق اٺن تي لڏيو ويندو آھي. ھر شيءِ کي پنھنجي مناسب جڳھھ تي رکيو ويندو آھي. اھڙي ڄاڻ ھر فوجيءَ ۽ ھر جت کي ھوندي آھي. مختلف شين کي ھڪ ڳٺڙيءَ جي شڪل ۾ ٻڌڻ وارو عمل اک ڇنڀ ۾ ڪيو ويندو آھي. پوءِ ڀلي اھا ٻاٽ ڪاري رات ھجي. جت بہ فوجي سپاھي ھوندا آھن جيڪي اٺن تي بار لڏي موٽي اچي ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر پھچندا آھن، جتي عملدار سندن اوسيئڙو ڪندا آھن. اھڙي اٺن جون قطارون ھر ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر وٽ پيش قدمي جي سگنل جي انتظار ۾ بيٺيون ھونديون آھن. ان کان پوءِ اٺن جون قطارون اھڙي جڳھھ تي پھچنديون آھن جتي وڏا فوجي عملدار انھن کي خاص فارميشن شڪل ڏيندا آھن. انھن عملدارن کي ڄاڻ ھوندي آھي تہ فوجي سامان جو ھي قافلو ڪھڙي علائقي مان گذرڻو آھي ۽ ان جي جاگرافيائي شڪل صورت ڪھڙي آھي. تنھن ڪري اٺن جي پيش قدمي جي ترتيب ان علائقي جي جاگرافيءَ کي ڏسي ڪئي ويندي آھي. ان لڏ پلاڻ ۽ پيش قدميءَ جي طرز ۽ طريقو پنھنجو ھوندو آھي. جنھن ۾ وقت جو زيان ڪونہ ٿيندو آھي. اٺن تي غير ضروري بار ڪونہ وڌو ويندو آھي ۽ ٻنھي پاسن کان ھڪ جھڙو رکيو ويندو آھي. وزن بہ ايترو رکيو ويندو آھي جيڪو ڏٻرو ڏاگھو سھي سگھندو آھي. ڇاڪاڻ تہ فوجي پيش قدمي وچ تي ڪٿي ھروڀرو رڪجي بيھي نہ وڃي. ڪمانڊر اٺن جي رفتار مان اندازو ڪري سگھندو آھي تہ اھو قافلو ڪھڙي وقت منزل ڪري سگھندو. ان قافلي جي پھريداري لاءِ گھوڙيسوارن جا دستا ھوندا آھن. جيڪڏھن دشمن جو قافلي تي اوچتو حملو ٿي ويو تہ اٺن جو مقرر تعداد چورس جي شڪل ۾ ھيٺ ويھي ويندو آھي. جنھن ۾ اٺن جون پٺيون ٻاھر ۽ ڳچيون اندرئين پاسي ھونديون آھن. مان مياڻيءَ واري جنگي ميدان تي بہ اٺن کي ائين ويھاريو ھو. اھڙيءَ ريت اٺن جو ھڪ مضبوط ۽ زنده قلعو بڻجي پوندو آھي. سامان لاھي اٺن جي پٺئين پاسي رکيو ويندو آھي. سامان جي ٻاھران وري جت باھھ جا آڙاھھ ٻاري ڇڏيندا آھن. ھن صورت ۾ دشمن جو ڪوبہ گھوڙيسوار مٿن حملو ڪري ڪونہ سگھندو آھي.
منزل ڪرڻ لاءِ وقت ۽ ٿاڪ مقرر ھوندو آھي. تنھن ڪري فوجي سپاھي اس جي تاءَ کان ڊڄي ڪٿي ڪونہ بيھندا آھن، نہ وري تنبوءَ جو کين اوسيئڙو ھوندو آھي. تنھن ڪري اٺن جي ھر ڪمپني يا حصو پنھنجي لاڳاپيل شعبي ۽ ريجيمينٽ سان وڃي ملندو آھي. پنھنجي منزل تي پھچي اٺ ھڪدم ھشي ويندا ۽ ڪئمپ فالوئر اڳتي وڌي اٺن تان سامان لاھيندا، پوءِ اٺ ڪاھي وڃي چرڻ لاءِ جھنگ ۾ ڇڏيندا. ھاڻي اٺن تان بار لاھي کين ويھاري ڇڏيندا آھن ۽ ڪيتري وقت تائين اھي پسون منزل واري جڳھھ تي خواھھ مخواھھ ويٺا ھوندا آھن. اھڙي ريت ھنن جانورن کي سارو ڏينھن چاري پاڻيءَ لاءِ ملي ويندو آھي، پر لاڳاپيل آفيسر يا جت اھو ڪونہ ڏسندا آھن. موجوده طريقي موجب ڇا ٿيو ۽ ڇا نہ ٿيو آھي، پر مان شخصي طور ھن طريقي کي پنجاھھ ڀيرا جاچي ڏٺو آھي تہ سست جت، سرڪاري اٺ سامان ھاڃو ڪري گذرندو آھي. کيس خوف ھوندو آھي تہ متان اٺ وڃائجي وڃي ۽ ڦٽڪن جو پٺاڙن تي وسڪارو ٿئي، ان ڪري اٺ کي ڪاھي جھنگ ۾ وڃي ھڪ ننڍي ٻوٽي سان مھار سان ٻڌي ڇڏيندو آھي ۽ پاڻ پاسو کوڙي ننڊ پئجي ويندو آھي. اٺ ان ٻوٽي کي پنجن منٽن اندر کائي صفا ڪري ڇڏيندو آھي. انکان پوءِ سارو ڏينھن بک تي ھوندو آھي. شام جو گھوڙيسوار اچي ھنن کي جھنگ مان ڪڍي، منزل ڏانھن روانا ڪندا آھن. جيڪي مقرر بہ ان ڪم لاءِ ٿيل آھن. ڪميساري عملو سوچيندو آھي تہ اٺن سارو ڏينھن چري رڄ ڪيو ھوندو. ھنن ماڻھن جي ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪم بہ ھوندا آھن. تنھن ڪري اھو ڪونہ ڏسندا آھن تہ ويچارو ڏاگھو لس لنگھڻ تي آھي. ھتي محنت جي تقسيم تہ اٺ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.
جڏھن مخصوص انساني گورھھ ۾ نظم طريقي ۽ ذميواري جو عنصر متعارف ڪرايو ويو آھي. ھتي اخلاقي احساس اڀري نمايان صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. ڪئمل ڪارپس جنھن کي ھڪ پنھنجو خاص طريقو آھي ۽ ھڪ نظام آھي، جنھن کي پنھنجي ڪم تي فخر ڪرڻ گھرجي ۽ ضرورت وقت جنھن جو تحفظ بہ ڪيو ويندو آھي جيڪو تبديل ٿي ھاڻي ڪمينو ۽ ڳڻ چور ٿي ماڻھن جي ھڪ بي ترتيب ميڙاڪي جي صورت اختيار ڪري ويو آھي. جنھن کي Baggage of an Army سڏيندا آھيون. فوج جو جنرل بنا ڪنھن خوف خطري جي پنھنجو سامان الڳ ڪري، منزل کان گھڻو پري آرام سان وقت گذاري سگھي ٿو. کيس پڪ آھي تہ ھو تيز رفتاري سان سفر ڪري ساڻن گڏجي بہ ھلي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ڪمانڊر ۽ انھن جي عملدارن کي اھا چڱيءَ ريت خبر آھي تہ انھن جي جانورن جا حال ڪھڙا آھن. اھو ھنگامي حالتن دوران اٺن تي لڏيل سامان لاھرائي نئين سر تقسيم ڪندو آھي. جنھن ڪري ڏٻرا وھٽ بہ بچي پوندا آھن ۽ سگھارن جو بہ تحفظ ٿي ويندو آھي. ان کان سواءِ بيمارن اٺن جي بہ سار سنڀال ٿي ويندي آھي.
مان يقين سان چئي سگھان ٿو تہ منھنجي ڪمانڊ تحت ھليل تازيءَ مھم دوران اٺن جو تمام ٿورو تعداد مئو ھو. ھي جنگي مھم ڀريا پنج مھينا ھلي ھئي، پر فقط ڏيڍ سو ڏاگھا مري ويا ھئا. ليڪن ھي اھي ساڳيا اٺ ھئا، جيڪا افغانستان واريءَ جنگ ۾ بہ ڪم آيا ھئا. جيڪي بکون ڪاٽي صدما سھي، پنھنجي ھيڻن حالن سان اچي سنڌ پھتا ھئا. ان جنگ ۾ اٺن جو وڏو تعداد مري ويو ھو، جنھنجي ڀيٽ ۾ ھي ڏيڍ سو ڏاگھا ڪجهہ بہ ڪونہ آھن.
اٺن جو گھٽ تعداد انھيءَ ڪري مئو جو مان شخصي طور جاکوڙي رھيو ھوس ۽ ھن جانور جي سار سنڀال لھڻ ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھوس. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ اھڙي طريقھ ڪار جي ابتدا مان ڪئي ھئي ۽ منھنجي مرضي ھئي تہ اھو ضرور ڪامياب ٿئي. مان ٻي ڳالھہ ھيءَ ڪئي ھئي پروووسٽ مارشل کي بئگيج ماسٽر بڻائي ڇڏيو ھيم. اھڙيءَ ريت پيش قدمي دوران ڪميسار فوجي سامان واري اٺن جي قافلي سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا ۽ ان جي سھائتا لاءِ ٻڌل ھئا. کين حڪم ڪيو ويو ھو تہ جيڪي جت ۽ ڪئمپ فالوئر پنھنجي ڪم ۾ ڍرائي ۽ سستي ڏيکارن تہ کين ڦٽڪا وھائي ڪڍن. بئگيجز ماسٽر کي چئي ڇڏيو ھيم تہ وزن کان وڌيڪ رکيل اٺ جي بار کي ساڙي رک ڪري ڇڏي. ايترين سختين ڪندي مان ڇھھ ست ڀيرا ڏٺو تہ اٺن تي بي ڪئتو بار لڏيل ھو جيڪو اٺ ھنڊريڊ ويٽ (800 پائونڊ) کان بہ وڌيڪ ھو. پر ھاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ ھر اٺ تي پنج ھنڊريڊ ويٽ (500 پائونڊ) بار جيتري لڏ ھجڻ گھرجي. ھندستاني فوج بہ ساڳئي وزن جيتري لڏ اٺن تي رکي رھي آھي. اٺن تي وڌيڪ وزن رکڻ خلاف جاچ پرک ڪرڻ جو اھو طريقو آھي. جيڪڏھن اٺن تي سندن طاقت کان وڌيڪ بار لڏبو تہ ھر سرگرمي ۽ ڪم جي جذبي ۾ بي قاعدگي ۽ بي ترتيبي اچي ويندي. مان سمجھان ٿو جيڪڏھن فوج اندر باقاعدگي رکڻي آھي تہ ابتدا فوجي سامان کڻندڙ ھنن اٺن جي قافلي کان ڪئي وڃي.
ھن ڪئمل ڪارپس ۾ ھڪ ٻي بہ سھوليت ۽ سولائي آھي، جنھن جو مان ھن وقت تائين ذڪر ڪونہ ڪيو آھي تہ توھان ڪئمل ڪارپس جي قائم ڪرڻ سان فوجي سامان جي ڍوآئيءَ جي ڳڻتيءَ ڳارائي کان آجا ٿي ويندا ۽ جون بہ ننڊ ۾ ھوندي. مان بہ فوجي مھم کي منھن ڏئي رھيو آھيان، جنھن ۾ فوجي سامان جي ڍوآئي جو ڏچو ڪونہ آھي. مان پنھنجي سرگرمين جي ابتدا ڪري ٽالپرن جي اٺن کي مياڻي جي جنگ کان ڏھھ ڏينھن اڳ ختم ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن شڪارپور ٽالپرن جي ھٿن ۾ ھئي تہ سڀئي ٺيڪيدار مير نصير خان جي ھٿن ھيٺ ھئا. پر جڏھن اھو شھر انگريزن جي قبضي ۾ آيو تہ اھي ساڳيا ٺيڪيدار مون سان ڳالھائڻ لڳا ھئا. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو جنھن ڏينھن کيس ھڪ ھزار اٺ ملڻا ھئا، ان ڏينھن کيس فقط ھڪ سو ستر اٺ مس ملي سگھيا. جڏھن تہ 24 مارچ واريءَ جنگ کان ٻہ راتيون اڳ جت پنھنجا ٻہ سو اٺ ڪڍي ڀڄي ويا ھليا ويا. جيتوڻيڪ کين ڀاڙو بہ ڏنو ويو ھو. اھڙا واقعا ڪمانڊر جي اخلاقي جرئت جي پرک ھوندا آھن جيتري قدر ڏاندن ۽ ٻين بار بردارن جانورن جو تعلق آھي تہ انھن لاءِ بہ ساڳيو اصول نافذ ڪرڻو پوندو. مثال طور وھٽن سان نياءَ ڪرڻ جو جوڳو بندوبت ۽ فوجي پيش قدمي ۾ چرپر جي صحيح نظام جو قيام.
مان ھن يادداشت جو ھڪ نقل ڪئپٽن ٿامس ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري سگھي. ڇاڪاڻ تہ ھي ڏاھو ۽ تجربيڪار عملدار آھي، پر مون کي يقين آھي تہ ھو مون سان ضرور سھمت ڪندو. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ مان ھن موضوع تي گھڻي وقت کان وٺي سوچيو ويچاريو آھي ۽ عملي طور آزمائي بہ ڏٺو آھي جنھن جا اميد افزا نتيجا نڪتا آھن.
مان اھو ڪونہ ٿو سمجھان تہ منھنجي اختيار ڪيل ھن طريقھ ڪار کي ھتان جا مڪاني ماڻھو متاثر ڪري رھيا آھن. ڇاڪاڻ تہ ھن جو بنياد وھٽن سان انصاف ڪرڻ جي اصول تي بيھاريو ويو آھي. جنھن ڪري ھن جي زندگي بچي پوي ٿي ۽ دستيابيءَ ۾ بہ ڪنھن بہ قسم جي مشڪلات ڪانہ آھي. وڌيڪ طلب ڪري خرچ بہ وڌي وڃي ٿو ۽ ان سبب وھٽن جي اگھن ۾ بہ چاڙھھ اچي وڃي ٿو.
سي جي نيپئر
(صحيح)

ضميمو نائون

لارڊ رپن ڏانھن لکيل خط جو اختصار
بگٽي ھلس 7 فيبروري 1843ع
مال غنيمت Prize money
مان ھن خط سان گڏ پنھنجي شخصي درخواست بہ موڪلي رھيو آھيان، ھي درخواست Lard of Zreasuary ڏانھن بہ سمجھڻ گھرجي. مان ھي ڳالھہ تسليم ڪريان ٿو تہ مان ائين ڪرڻ ڪونہ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ تہ ھائوس آف ڪامنس ۾ لارڊ ھووڪ ڄاڻي ٻجھي مون تي الزام ھنيا آھن ۽ ھروڀرو بدنام ڪيو آھي بلڪ ھن مون سان ظلم ڪيو آھي. مون تي خاص ڪري اھو بھتان مڙھيو پيو وڃي تہ مان مال غنيمت خاطر پنھنجن ھزارن فوجين، عملدارن ۽ ويجھن دوستن کي قربان ڪيو آھي. مان يقين سان چئي سگھان ٿو، تہ نہ مان ۽ نہ منھنجيءَ فوج مذڪوره مال غنيمت تي نظر رکي ڪڏھن بہ جنگ ڪانہ ڪئي آھي. اھڙي ڪنھن کي بہ توقع ڪانہ ھئي تہ مياڻيءَ جي فتح حاصل ڪري سگھجي ٿي؟ اھا ڪنھن کي توقع ھئي تہ ايترا بلوچ قبائلي سردار حيدرآباد پھچي منھنجي پيش پوندا؟ مان اھو سوچي بہ ڪونہ ٿو سگھان تہ توھان تي لارڊ ھووڪ جي ھنيل الزامن جو اثر ٿيو ھوندو.
منھنجو مفاد ساري فوج جو گڏيل مفاد آھي. صحيح فيصلو فقط ھر مئجسٽريٽ ڪري سگھي ٿي. مان اھو ڪندس جنھن کي اوھان انصاف مطابق تصور ڪندا ۽ اھو ڪم پنھنجي لاءِ نہ پر ٻين جي فائدي لاءِ ھوندو، پر چيو پيو وڃي تہ مان اھو ڪم پنھنجي شخصي مفاد لاءِ ڪيو آھي. ڪڏھن وري اھي ساڳيون ڳالھيون عام ماڻھو بہ چوڻ شروع ڪندا. منھنجي جيڪا بہ ملڪيت آھي سا مان ھندستان ۾ پھچڻ کان پوءِ پنھنجي حق حلال جي پگھارن مان ٺاھي آھي. مان مال غنيمت کان انڪار ڪري بيوقوف ۽ منافق ڪونہ ٿيندس. پر لارڊ رپن، مان اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان تہ مان انھيءَ مال غنيمت بابت ھميشه گھٽ سوچيو آھي. سنڌ جي فتح ڪري سرڪار مون کي گرانڊ ڪراس ڏنو آھي ۽ وڏي خطاب سان نوازيو آھي، جيڪا منھنجي لاءِ ھڪ وڏي ڳالھہ آھي.
توھان جو اھو بہ چوڻ آھي تہ باٽا کي مال غنيمت ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. اھڙي فيصلي ڪرڻ جي طاقت مون ۾ ڪانہ آھي، پر مان ايترو ضرور چئي سگھان ٿو تہ جيڪي ماڻھو سر ترين تي رکي وڙھيا آھن سي اھو ڪڏھن ڪونہ چاھيندا تہ انھن ريجيمينٽن کي بہ باٽا ملي، جيڪي سنڌ ۾ موجود ئي ڪونہ ھيون. جھڙو 78 ۽ 86 ۽ ٻيون ريجيمينٽون. ساري فوج سوچي رھي آھي تہ باٽا انھيءَ ڪري ڏني پيو وڃي ڇاڪاڻ تہ فوج بيماري جا ڏاڍا ڏک سٺا آھن ۽ سرڪار ان جو ازالو ڪرڻ چاھي ٿي. جنھن جا سورنھن ھزار ماڻھو مس تہ بچي سگھيا ھئا. منھنجي خيال موجب جيڪڏھن مال غنيمت مان باٽا ڪٽيو وڃي تہ باقي مال غنيمت ايتري بچندي جيتري مياڻي ۽ حيدرآباد جي جنگين ۾ وڙھندڙ فوجين کي ملي ھئي. اسان مال غنيمت جا حقدار آھيون يا نہ اھو ھڪ جدا سوال آھي جنھن جو فيصلو ھر مئجسٽي پاڻ ڪندي. پر جيڪڏھن اسان ان جا حقدار آھيون تہ اسان جو حصو ائين ھجڻ گھرجي جيئن ميدان جنگ تي موجود ھر فوجيءَ جو ھوندو آھي. باٽا تہ انھن فوجين کي بہ مليو آھي، جن نہ انھيءَ ملڪيت کي ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نہ مليل ملڪيت جي حفاظت ڪئي نہ وري انھيءَ زماني ۾ سنڌ اندر موجود ئي ھئا. اھا فوج سنڌ ۾ ان وقت پھتي ھئي، جڏھن اھا ملڪيت ممبئي سرڪار جي خزاني ۾ جمع ٿي چڪي ھئي. مون کي اھا خبر ڪانہ ٿي پوي تہ فرق وارو ليڪو ڪٿان ڪڍجي. منھنجو خيال آھي تہ باٽا ساري ھندستاني فوج جي مال غنيمت مان ھڪ جيتري ڪٽ ڪئي وڃي. ھن ڳالھہ جو ٻيو مطلب اھو آھي تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني مال غنيمت انھيءَ ڪري وصول ڪري رھي آھي تہ جيئن اھا فوجي خرچ جو پورائو ڪري سگھي.

ضميمو ڏھون

ڪڇيءَ جي جابلو علائقي خلاف فوجي مھم
مان سائينءَ جن کي پنھنجي آخري خط ۾ اھو ٻڌايو ھو تہ مان دشمن خلاف حملي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رھيو آھيان. ھن خط پھچڻ کان اوھان اھڙيون خبرون ضرور ٻڌيون ھونديون تہ مان دشمن مٿان نھايت ڪامياب حملو ڪيو آھي. اھڙيون پيرائتيون خبرون اوھان کي سرڪاري طور ٻڌايون وينديون. تنھن ڪري مان ھتي گھڻيءَ ڊيگھھ ۾ وڃڻ ڪونہ ٿو چاھيان. مان ھاڻي دشمن جي ڪڍ ڪاھي وڃي رھيو آھيان. پر آڏو ڏاڍيون مشڪلاتون موجود آھن. ھٽڪٽو آھي تہ ھي بلوچ ڌاڙيل ڀڄي وڃي ملتان جي سرحدن اندر لڪي جند ڇڏائيندا. پر مان ان ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان ھٽرايان ٿو. اوھان کي فقط ھڪ فوجي ٻڌائي سگھي ٿو تہ وارياسي رڻ پٽ، ويران جابلو علائقي ۾ اتان جابلو ماڻھن سان جنگ ڪيڏي ڏکي آھي جتي انچ انچ تي وڏي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. ان کان سواءِ جبلن جي لڪن ۾، موٽ جي محفوظ رستي کان سواءِ داخل ٿي ڪونہ ٿو سگھجي. دشمن جي جاسوسي وسيلي صحيح معلومات حاصل ڪرڻ بہ ڏکي ڳالھہ ھوندي آھي. جيڪڏھن ملتان جي حڪمران ھنن ڌاڙيلن کي پنھنجي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏني تہ انھن کي جھلڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو.
منھنجيءَ ھن ڳالھہ تي ويساھھ ڪريو. لارڊ رپن تہ پنجاب کي فتح نھايت ضروري آھي. مان توسيع پسنديءَ جي خلاف آھيان، پر سرحد کي ستلج تائين وڌائڻ جو ضرور حامي آھيان. پر اسان کي پنجاب ۾ ضرور داخل ٿيڻ گھرجي. لارڊ ھووڪ چوندو تہ چارلس نيپئر مال غنيمت لاءِ سندرو ٻڌي بيھي رھيو آھي، پر ائين ڪونہ آھي. ھاڻي منھنجي عمر اھڙي آھي جو جنگ جون سختيون سھي ڪونہ سگھندس. مان پنجاب وڃڻ بہ ڪونہ چاھيندس. ھتي مان فقط ڪئٽو جا لفظ ورجائڻ چاھيان ٿو جنھن چيو ھو تہ ”پنجاب ھندستان جو ڪارٿجو آھي جنھن کي فتح ڪرڻ گھرجي پر تباھہ ڪرڻ بہ کپي.“ ھن ملڪ جي موجوده صورتحال، انگريزن لاءِ ڏکي ۽ ڏنگو آھي. اھڙي ڳنڀير وايو منڊل کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ يارھن ھزار فوج رکيون ويٺا آھيون. ايتري گھڻي فوج تہ سنڌ فتح لاءِ بہ ڪم ڪانہ آندي وئي ھئي. مان جنگ جو بہ عاشق آھيان تہ ان کي پنھنجي اکين سان ڏسڻ چاھيان ٿو. مون تي اھڙا الزام ھڻڻ ۾ بي انصافي ٿيندي. مون کي خبر آھي تہ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ائين اگوندرائيءَ سان ڪم ڪري رھي آھي، جيئن ھڪ جاھل ڊاڪٽر پنھنجي مريض سان ڪندو آھي. جيڪو ھن جي چمڙيءَ جي دوا تہ ڪندو آھي، پر چڪاسي ڪونہ ڏسندو آھي تہ سندس جسم، اندر جي ڪھڙيءَ اگھائي کان نٻل ۽ نستو آھي. اوھان اک وٽائي ڏسو تہ مرھٽن جون ملڪ جون حالتون ڪيڏيون ڳنڀير آھن. اسان اھو ڪيئن سمجھي سگھنداسون تہ جڏھن ڏيھي راجائون پنھنجي تخت تي موجود آھي ۽ اسان محفوظ آھيون ۽ اھي حڪمرانيون اسان جي ملڪي سرحدن اندر آھن. اھو ھڪ خاص علائقي جو معاملو آھي. ھن جنگي مھم جي خاتمي کان پوءِ ڀلي ساري فوج سر ھينري جي حوالي ڪريو. اميد آھي تہ اھو معاملو پندرھن ڏينھن فيصل ٿي ويندو، پر ان لاءِ ڪير بہ اڳڪٿي ڪري ڪونہ سگھندو.

ضميمو يارھون

13 ريجيمينٽ جي انھن رضاڪارن جا نالا جن 8 مارچ 1845ع تي تروڪي جي جبلن وارن لڪن کي بند ڪري ڇڏيو ھو.
1. سرجنٽ جان پاور: ھي ماڻھو سڀني اڳ ھڪ اتاھين چوٽيءَ تي چڙھي ويو. کيس ھلڪا زخم رسيا ھئا.
2. ڪارپورل ٿامس واٽرس: ھي اتاھينءَ چوٽي تي ڪونہ پھتو ھو. کيس ٻہ ميڊل مليا ھئا.
3. جان ڪيني (خانگي سپاھي): ھي ماڻھو ٽڪريءَ جي صفا چوٽيءَ تي پھچي ڪونہ سگھيو ھو، ٽي ميڊل مليس.
4. جان ائڪٽن (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٽن دشمن کي قتل ڪري ۽ پاڻ بہ مارجي ويو. ٽي ميڊل مليس.
5. رابرٽ ائڊابر: ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٻن دشمنن کي قتل ڪري ۽ پاڻ بہ مارجي ويو. ٻہ ميڊل مليس.
6. ھيو ڊنلئپ (خانگي): ٽڪريءَ جو چوٽيءَ تي پھتو. ٻن دشمنن کي قتل ڪيائين. پاڻ بہ مارجي ويو.
7. پئٽرڪي فئلون (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. مارجي ويو. ٻہ ميڊل مليس.
8. سئموئل لوري (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. دشمن ڪمانڊر کي قتل ڪيائين. پاڻ بہ قتل ٿي ويو. ٻہ ميڊل مليس.
9. وليم لوليس (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. مارجي ويو.
10. ائنٿوني بروڪ (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٽن دشمنن کي قتل ڪيائين. ٻہ ميڊل مليس.
11. بارٿولو ميوروھان (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ھڪ دشمن کي قتل ڪيائين. ستت زخمي ٿيو. ٻہ ميڊل مليس.
12. جان مئلوني (خانگي): ھي ماڻھو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٻن دشمن کي قتل ڪيائين. بورڪ ۽ روھان کي بچائي ورتائين. سخت زخمي ٿيو. ٻہ ميڊل مليس. ھي پنھنجي بئنيٽ سان زخمي ٿيو ھو. ھن پھريائين اھا بئنيٽ دشمن کي ھنئي، پر ان پنھنجي سيني مان ڪڍي مئلوني کي ھنئي ھئي.
13. جارج ڪئمبلي (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو ٻن دشمنن کي قتل ڪيائين.
14. فلپ فئي (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪونہ پھچي سگھيو. ٻہ ميڊل مليس.
15. مارڪ ڊئوس (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽي تي پھچي ڪونہ سگھيو. ٻہ ميڊل مليس.
16. چارلس ھاٿرون (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪونہ پھچي سگھيو. ٻہ ميڊل مليس.
17. سپاھي رمضان آھير: ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھچي ڪونہ سگھيو.

ضميمو ٻارھون

سر راڊرڪ مرچيسن جي خط جو اختصار جيڪو ھن ڪئپٽن وڪري جي لڌل جيالاجيڪل نمونن بابت ھن کي لکيو ھو. ڪئپٽن وڪاري کي اھي نمونا سر چارلس جي ڪڇيءَ جي جابلو علائقي خلاف جنگي مھم دوران ھٿ آيا ھئا.
مان ھي خط ڪئپٽن وڪاري جي موڪليل ان رپورٽ جي جواب ۾ روانو ڪري رھيو آھيان. جيڪا ھن بلوچستان جي جابلو علائقي مان لڌل جيالاجي جي نمونن بابت منھنجي راءِ معلوم ڪرڻ چاھي ھئي. مذڪوره ڪئپٽن جي موڪليل رپورٽ، جيالاجيڪل سوسائٽي ۾ دلچسپي پيدا ڪئي آھي ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل بحث بہ ڇڙي پيو آھي. سر چارلس نيپيئر ھڪ اٺ جي بار جيترا عجيب غريب پنڊ پاھڻ موڪليا آھن، جيڪي ڪوڏ ۽ گھونگھن آھن. ڪي نمونا تہ ھوبھو اھڙا آھن جھڙا پائرينسس جي جابلو علائقي جي چاڪ واري مٿئين تھھ تان لڌا آھن. ھي پھريون ڀيرو آھي جو افغانستان ۽ بلوچستاني جابلو علائقي جي قديم دور جو پتو پيو آھي.

ضميمو تيرھون

ممبئي جي گورنر ڏانھن لکيل خطن جو اختصار جن ۾ شڪايت ڪئي وئي ھئي تہ ڊاڪٽر بسٽ ڪي جعلي ۽ ڪوڙا خط اخبار ۾ شايع ڪيا آھن.
ڪراچي، 13 آگسٽ 1845ع
گورنر ممبئي

مان وارا سائين
دي بامبي ٽائيمس اخبار پنھنجي 13 جولاءِ واري شماري ۾ ھڪ خط ڇاپيو آھي. جيڪو ھندستان جي گورنر جنرل ان ڪائونسل ڏانھن مخاطب ٿيل آھي جنھن جي ھيٺيان منھنجو نالو لکيل اٿم. سائين مان اھڙي قسم جو خط تہ گورنر جنرل ان ڪائونسل ڏانھن لکيو آھي نہ وري ڏانھس شخصي طور ڪو خط لکيو آھي. تنھن ڪري مان اوھان عزت ماب ان ڪائونسل ڏانھن ھن خط سان گڏ ھڪ قسم نامو موڪلي رھيو آھيان ۽ گذارش ڪري رھيو آھيان تہ اوھان دي بامبي ٽائيمس اخبار خلاف قانوني قدم کڻو. ڇاڪاڻ تہ ھن سرڪاري ڪاغذ جي جعلسازي ڪئي آھي. انھيءَ منھنجي ڪوڙي صحيح ڪئي آھي. ھن کان سواءِ اوھان عزت ماب ان ڪائونسل پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪو بہ قدم کڻي سگھو ٿا، جيڪو اوھان جي نظر ۾ مناسب ھجي. ان لاپرواھھ ماڻھوءَ کي انھيءَ مقصد سان جوڳي سزا ملڻ گھرجي تہ جيئن سرڪاري آفيسن جي عزت ۽ آبرو دي بامبي ٽائيمس جي ايڊيٽر جي غلط اثر کان بچي سگھي. جيڪڏھن مذڪوره ايڊيٽر خط لکندڙ جو نالو ٻڌائيندو ۽ اھو سنڌ ۾ ھوندو تہ مان ان تي جنرل ڪورٽ مارشل ۾ ڪيس ھلائيندس. پر جيڪڏھن قانون جي عملدارن مناسب سمجھيو تہ ان کي گرفتار ڪري، ممبئي روانو ڪيو ويندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مٿس اتي مقدمو ھلي.
س جي نيپئر
صحيح
گورنر ممبئي
ان ڪائونسل
گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار
16 نومبر 1843ع
مان ھي ڳالھہ سمجھي ڪونہ سگھيو آھيان تہ ممبئي سرڪار جي خط جو مطلب ڇا آھي. ھڪ سرڪاري ڪاغذ چوري ٿيو آھي جيڪو بامبي ٽائيمس اخبار ۾ ظاھر ٿيو آھي، ان لاءِ ھن اخبار جي مالڪن کي گھرائي پڇيو وڃي تہ انھن کي اھو ڪاغذ ڪٿان مليو آھي؟ ھيءَ اھڙي ملڪيت آھي جنھن سان ھٿ چراند ڪري ڪانہ ٿي سگھجي. مان اوھان ڏانھن گھربل خط موڪلڻ ڪونہ پئي چاھيو جنھن لاءِ سٺو سبب بہ ھو. ڪئپٽن پاويل، انڊين فلوٽيلا جو ڪمانڊنگ آفيسر آھي، جنھن ٻڌايو تہ سندس خيال آھي تہ ائين ڪرڻ سان نيوي وارا ڪاوڙجي پوندا. ڇاڪاڻ تہ اھي ڪونہ چاھيندا آھن تہ انھن ڏانھن ويندڙ خط فوج جي اردلي بوڪ تي لکيل ھجن. تنھن ڪري مان سامونڊي ماڻھن کي ڪاوڙائڻ ڪونہ چاھيو. ڇاڪاڻ تہ منھنجو مقصد گڏجي ڪم ڪرڻ جو آھي، پر ان وقت منھنجي پيرن ھيٺان ڄڻ ڌرتي ڇڏائجي وئي جڏھن دي بامبئي ٽائيمس ۾ اوھان ڏانھن خط ڇپيل ڏٺم، جنھن جي ھيٺيان منھنجو نالو لکيل ھو. اھو خط ھڪ ڊرافٽ جي شڪل ۾ آھي جيڪو ھن وقت مون وٽ موجود آھي. اھا ڳالھہ چٽي آھي تہ اھو خط ڪھڙي بہ ويل دي بامبي ٽائيمس حاصل ڪري سگھي ٿي. مان سمجھان ٿو تہ ھن سرڪاري صندوق ۾ رکيل ھر سرڪاري دستاويز محفوظ ڪونہ آھي. جيڪڏھن انھن ڪاغذن وٽ دي بامبي ٽائيمس پھچي سگھي ٿي تہ ڪو ٻيو بہ پھچي سگھي ٿو. مان تہ صندوق جي ڪنجي ڪڏھن ڪڏھن کيسي ۾ وجھڻ وساري ويھندو آھيان.
مسٽر ليميسيوريئر جو اصول اھي تہ سرڪاري ڳجهہ نھايت خبرداري سان ڇاپيا ويندا آھن ۽ سمجھيو ويندو آھي تہ اھو سچو آھي ۽ تعين ڪيو ويندو آھي تہ اھو ان ماڻھو لکيو آھي، جنھن جي ھيٺان صحيح بہ آھي. جنھن طريقي سان اھو ڪاغذ حاصل ڪيو ويو آھي يا ڪھڙي ماڻھوءَ اھو سرڪاري ڪاغذ ھٿ ڪيو سو ايڏو ضروري ڪونہ آھي. مون کي پڪ آھي تہ اھو ڪھڙو ماڻھو جنھن مذڪوره سڪاري ڪاغذ چورايو آھي. ڪئپٽن پاويل کي اھڙي ساري سڌ آھي، پر اسان وٽ ڪابھ ثابتي ڪانہ آھي. پر سڳ دي بامبي ٽائيمس اخبار وٽان لڌو آھي. ممبئي سرڪار ان تي آڱر ڪانہ کڻندي ۽ ائين بہ ڪانہ چوندي تہ تنھنجي منھن ۾ ٻہ اکيون. ان اخبار جو ايڊيٽر ڦڙپاٽيون ھڻندو ٿو وتي تہ ھن جا سرڪار سان ناتا واسطا آھن. اھڙي ثابتي لاءِ ڊاڪٽر بسٽ جو خط ڏسي سگھجي ٿو. ليڪن مان سمجھان ٿو تہ ھن ڪا راز جي ڳالھہ ڪانہ ڪئي آھي.

ضميمو چوڏھون

گورنر جنرل ڏانھن لکليل خط جو اختصار جنھن ۾ ڪرنل آئوٽر جي اخبار ۾ ڇپيل خط جي شڪايت ڪئي وئي ھئي.
3 آگسٽ 1845ع
رائيٽ آنربل سر
ڪئپٽن آئوٽرام ايسٽ اينڊيا ڪمپني جو بنا پگھار جي ملازم آھي. جيڪو ھاڻي ڪمپنيءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي آھي، جنھن جو بدنامي سان لاڳاپيل ھڪ خط ڇپيو آھي ۽ مون کي سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ اخلاقي طور مجروح ڪيو آھي. ھن مون تي ھڪ خطرناڪ الزام ھنيو آھي تہ مان ھر مئجسٽي جي 78 ريجيمينٽ کي تباھہ ڪرڻ جو مجرم آھيان. مان اوھان عزت ماب ان ڪائونسل کي ڊگھو خط لکي بيزار ڪرڻ ڪونہ ٿو چاھيان، پر سولي ۽ مختصر نموني سان آئوٽرام جي غلط بياني کي رد ڪرڻ گھران ٿو، جيڪا ھن ارادي سان ڇاپرائي مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مان فقط سندس ان بيان جو ھڪ حصي جو نقل اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. جيڪو مون تائين پھچي سگھيو آھي.
جڏھن تہ مان ھن سرڪار عملدار کي خانگي يا سرڪاري طور تي لفظن جي نقطئھ نظر کان يا عملي طور رنجائڻ جو ڪو موقعو ڪونہ ڏنو آھي. ان ڪري سندس مون سان دشمني بنا ڪنھن سبب جي آھي.
مان سمجھان ٿو تہ ھن ماڻھوءَ منھنجي ڀاءُ ميجر جنرل وليم نيپئر جي لکيل ڪتاب جي جواب ۾ مون تي الزام ھڻي رھيو آھي. مان ھن وقت ايشيا ۾ آھيان ۽ ھو ماڻھو يورپ ۾ ويھي منھنجي خلاف الزام تراشي ڪري رھيو آھي. تنھن ڪري مان ھن کي جواب بہ ڏئي ڪونہ ٿو سگھان. مان انھن تحريرن کي سٺو سمجھان يا خراب، سچ سمجھان يا ڪوڙ، اجائي بڪواس آھي يا حقيقت آھي. اھڙين ڳالھين لاءِ مان نھ، پر ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام ذميوار آھي.
جيڪڏھن آئوٽرام ھڪ ٽربيونل جوڙي وڏن فوجي عملدارن کي مجرمن وانگي گھلي اچي ان آڏو بيھاري، پر منھنجي لاءِ ائين ڪري ڪونہ ٿو سگھي. ڇاڪاڻ تہ ھاڻي حالتون ڪجهہ ٻيون آھن ۽ ان ٽربيونل جي اختياري حد ايشيا تائين وسيع ڪانہ آھي. ان کان سواءِ جنرل نيپئر اھو ڪتاب ايترو پري ويھي لکيو آھي جو ان باري ۾ ڪو صلاح مشورو ڪرڻ بہ ممڪن ڪونہ ھو. مان اھو ڪتاب اسي ڪلاڪن ۾ پڙھي پورو ڪيو آھي. مذڪوره ڪتاب ۾ تمام گھڻو مواد ڇاپيل آھي. جنھن بابت مون کي پڙھڻ کان اڳ گھٽ خبر ھئي.
جيتري قدر منھنجي ھلت چلت جو تعلق آھي تہ اھا سنڌ تي ڇاپيل ٻن ڪتابن ۾ موجود آھي. ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام سان منھنجو رويو ڪھڙو ھو، سو بہ ان ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿو. مان ھڪ واضح، کليل، سڌو سنئون، فوجي عملدار ۽ سرڪاري ماڻھو آھيان. ھي عملدار منھنجي خلاف دشمني جو اظھار انھيءَ لاءِ ڪري رھيو آھي جو وٽس سھپ جي ايڏي گجي ڪانہ آھي ۽ پلاند وٺڻ لاءِ پنھنجي بدنيتي جو اظھار ڪري رھيو آھي. اھڙيون ڳالھيون مايوس ذھن جي پيداوار ھونديون آھن. اھو ماڻھو ڪندو آھي جيڪو فقط پاڻ تائين محدود ھوندو آھي ۽ عقل محدود ھوندو آھي. مان فوج کي وڏي تباھي کان بچائي ورتو آھي. جنھن جو شاھد اھو ڪتاب آھي. جيڪڏھن مان ليفٽيننٽ ڪنرل آئوٽرام جي مشوري تي ھلان ھا تہ ساري فوج ختم ٿي وڃي ھا.
ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام انھن ڪمن جو ذميوار آھي جيڪي سندس نالي ٿيل آھن. جنرل وليم نيپئر بہ انھن ڪمن لاءِ ذميوار آھي، جيڪي سندس منصبي فرض اندر آھن. مان انھن ڪمن جو ذميوار آھيان جيڪي سرڪاري طور منھنجي حوالي ڪيا ويا آھن. پر اسان مان ڪوبہ انھن ڪمن جو ذميوار ڪونہ آھي. جيڪي ٻين لکيا آھن.
مان اوھان عزت ماب ان ڪائونسل جي معرفت اھو مطالبو ڪريان ٿو تہ ھر مئجسٽي جي سرڪار جو بچاءُ ڪيو وڃي. ان کانسواءِ مان معزز ڪورٽ ڊائريڪٽرس کي گذارش ڪري رھيو آھيان تہ اھا مون تي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جي الزام کان تحفظ ڏئي.
مان پنھنجي قوم جي خدمت سچائي ۽ نيڪ جذبي سان ڪئي، سدائين سوڀون ماڻيون آھن ۽ ھندستان سرڪار جا نھايت فرمانبرداري سان حڪم مڃيا آھن. مان پنھنجو پاڻ ھر مئجسٽي جي عزت ۽ وقار خاطر پاڻ ارپي ڇڏيو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج جو شان مٿي ڪيو آھي. پر خاص ڪري فوج جو اھو حصو جيڪو ممبئي سرڪار سان واسطو رکي ٿو جنھن سان منھنجو تعلق بہ آھي. ھي ماڻھو منھنجو ھٿياربند ساٿي ۽ شخصي دوست آھي. پر انھيءَ زماني ۾ سندس حيثيت ڪئپٽن جي ھئي ۽ ھن ماڻھوءَ جي اڻ ڄاڻائي ڪري ساري فوج تباھہ ٿي رھي ھئي. ھن جو مون سان تعصب بنا ڪنھن سبب جي آھي. جيڪڏھن مان کيس ڪو نقصان پھچايان ھا تہ مناسب وسيلي سان ان جو ازالو ممڪن ھو. اھڙو ازالو ھر مئجسٽي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج جي ھر سپاھيءَ لاءِ ھوندو آھي.
مون کي ھن وقت تائين ھر مئجسٽي، پارليامينٽ، برطانيھ سرڪار ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ ھندستان سرڪار اعزازن ۽ خطابن سان نوازيو آھي. پر فوج جي ھڪ ڪئپٽن کي اھو اختيار ڪونہ آھي تہ ساري فوج سندس ڪمانڊ ھيٺ رھي. جڏھن تہ سندس ماتحت فوج وڏي لشڪر جو ھڪ معمولي حصو ھوندي آھي. اھا ڪيڏي نہ وڏي غلطي ھوندي، جو اھو ڪئپٽن ھڪ جنرل کي بدنام ڪري ۽ فوج پنھنجي جنرل کان نفرت جو اظھار ڪري.
سائين، مون کي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جي الزام ھڻڻ خلاف ڪابھ شڪايت ڪانہ آھي. کيس موڪل آھي تہ منھنجي خلاف ڇا بہ ڇاپرائي. پوءِ بہ منھنجيءَ فوج تي ان جو ڪوبہ اثر ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ اھا منھنجي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف آھي. تنھن ڪري ھو مون کي ڪنھن بہ قسم جو ھاڃو پھچائي ڪونہ ٿو سگھي. ان جي نتيجي ۾ ڪتاب جي مصنف خلاف نفرت بہ پيدا ٿي ڪانہ ٿي سگھي. پر ڪن خاص حالتن ۾ اھا ھڪ وڏي غلطي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ ويچارا جابلو ماڻھو ڇا سوچيندا. ڇاڪاڻ تہ ھنن پوني جي بئرڪن ۾ منھنجي الزامن بابت ضرور پڙھيو ھوندو. اھا تحرير ائين لکيل ھئي ڄڻ ان باوقار ريجيمينٽ تي مان پاڻ پنھنجي قلم سان الزام مڙھيا آھن. ان کان پوءِ جڏھن ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام پنھنجي تحريرن ذريعي اھو ٻڌائيندو تہ سندس جنرل کي سب آلٽرن جيترو بہ عقل ڪونہ ھو ۽ اھڙا بيوقوف سب آلٽر پنجن سالن تائين ان فوج ۾ بہ موجود ڪونہ ھئا. ان کان سندس ھي الزام تہ سر چارلس پنھنجي دوست فوجين کي تباھہ ڪري ڇڏيو آھي.
اوھان جو وفادار
سي جي نيپئر

ضميمو پندرھون

سر چارلس نيپئر جي گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار
7 نومبر 1845ع
اسان کي پنھنجا ميڊل ملي ويا آھن. جيڪي اسان ڏانھن رسد گاھھ جي سامان سان گڏ ڳٺڙين ۾ ٻڌي موڪليا ويا آھن. انھن ۾ ربن يا ڪو ٻيو ٽوڙھو ٻڌل ڪونہ ھو. جنھن سان سيني تي لڙڪائي سگھجن. ھنن ميڊلن کي ٺھرائڻ لاءِ لارڊ رپن پورا ٽي سال لڳائي ڇڏيا، تڏھن مس وڃي تيار ٿيا ھئا. اھي مون کي بنگال کان ٿيندا پوءِ مليا ھئا ۽ ڏاڍي شريفاڻي طريقي سان ڪمانڊر ان چيف پنھنجي ائڊ جوٽنٽ جنرل معرفت موڪليا ھئا جيڪو ھڪ راسخ العقيده دھريو آھي. اھڙي ريت ليفٽيننٽ ڪرنل پيني فادر منھنجو ميڊل مون ڏانھن روانو ڪيو ھو. ھتان جي ڪن عملدارن کي پنھنجا ميڊل ڪن خانگي ماڻھن وسيلي ھن کان گھڻو عرصو اڳ ملي چڪا ھئا. انھن ماڻھن سڀ کان پھريان مون کي ٻڌايو ھو تہ ميڊل پھچي چڪا آھن. اھي ماڻھو ڪاوڙجي پنھنجا ميڊل مون وٽ کڻي آيا ھئا. خبر، ميڊلن ڏيڻ جو اھو ممبئي وارو طريقو آھي، جنھن مطابق اعزاز ڏيڻ کي ڪا اھميت ڪانہ ھوندي آھي.
----------
سر چارلس جي گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار جيڪو ھن ڏانھن ٽالپرن ۽ انھن جي زالن جي ڳجھن منصوبن بابت لکيو ھو.
9 سيپٽمبر1845 ع
مون کي شير محمد ۽ شھداد وچ ۾ ٿيندڙ لکپڙھہ جو پتو پيو آھي جڏھن تہ پوئين نالي وارو مير سورت ۾ رھندو آھي. مذڪوره لکپڙھہ ميرن جي عورتن وسيلي ھلندي ھئي. انھيءَ منصوبي ۾ مرزا خسرو بہ شامل ھو. جيڪو ڏاڍو تيز فھم ماڻھو آھي. مرزا خسرو زنانھ خاني ۾ وڃي خزانو انھن ماڻھن جي حوالي ڪرڻ وارو ھو، جيڪي سورت وڃي مير شھداد کي پھچائي اچڻ جا ذميوار ھئا. انھيءَ ڪم لاءِ کين انعام بہ آڇيو ويو ھو. مرزا پنھنجي لاءِ مشڪلاتون پاڻ پيدا ڪري رھيو ھو. ان لاءِ مٿس ڪو ڏوھھ بہ مڙھي ڪونہ ٿو سگھجي. ٽالپر عورتون کيس خزانو حوالي ڪري ويون ھيون جنھن کي لڪائي کڻي وڃڻ جي ضرورت ھئي. مرزا ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ انھن ماڻھن سان بحث ڪري رھيو ھو جيڪي اھا رقم پھچائڻ جا ذميوار ھئا. ان کان پوءِ ھڪ حوالدار ”اچ اچ“ جا لفظ چئي خسروءَ کي ٻانھن کان جھيلو. بعد ۾ خسيرو ليفٽيننٽ ڪرنل مئڪ فرسن کي ڳٿڙ کان جھلي کيس گھٽا ڏيڻ لڳو. جنھن کي جھلي قيد ڪيو ويو. بامبي ٽائيمس جو چوڻ آھي تہ مان کيس ڦٽڪن ھڻڻ جي سخت سزا ڏني ھئي. پر حقيقت اھا آھي تہ ما کيس اھڙي سزا ماڳھين ڏني ئي ڪانہ ھئي. مان تہ کيس پاڻ وٽ گھرائي چيو ھو تہ توکي اھڙيون ڳالھيون ڪونہ ٿيون سونھن. ان کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو ھو. کيس فقط ايتري ڇنڊ پٽي ھئي، جنھن کي ھو سزا ٿو سمجھي. اتي بيٺل سپاھيءَ جڏھن مئڪ فرسن جي اھا توھين ڏٺي تہ ھن پنھنجي بندوق جي بئنٽ سان مرزا خسرو تي حملو ڪيو. پر کيس مئڪ فرسن بچائي ورتو ھو. ھن ماڻھوءَ کي ٽالپر سازشن ڪرڻ لاءِ پٺيان ڇڏي ويا ھئا. مجنونءَ نالي ھن غلام سان نوروءَ جي بيوھھ بہ ٻٽ ۽ جھٽ ھئي. جنھن جو نالو ڪرين ھو. ھن مير نصير کي بہ جنگ لاءِ ست لک رپيا ڏنا ھئا۽ کانئس واپس ورتا ھئا. ڪي چون ٿا تہ ھيءَ رقم ست لک نہ پر ڇھھ لک ھئي. مير شھداد ڏانھن موڪلي ويندڙ قم بہ ڇھھ لک ھئي، ليڪن ھن عورت جي سامان کي کولي ڏسڻ جو حڪم ڪونہ ڏنو ويو ھو.
ھن کان سواءِ محبوب نالي ھڪ غلام کي گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ سندس قبضي مان سونيون مھرون ھٿ لڳيون ھيون جن جي قيمت ٽي ھزار روپيا ھئي. ھن وٽان تلوار جو ھڪ قيمتي مٺيو بہ مليو ھو، جيڪو لاجورد پٿر جو ھو. ھن جو مير شھداد سان ڳجھو لاڳاپو ھو. سندس صندوق مان مير شير محمد جو شداد ڏانھن لکيل خط بہ ھٿ لڳو ھو. محبوب جو چوڻ آھي تہ سونيون مھرون مرزا خسروءَ جون آھن. جڏھن تہ مرزا خسرو چوي ٿو تہ اھي ميرن جي عورتن ڏنيون آھن. اھڙي ڳالھہ ثابت ڪرڻ مشڪل آھي. پر ھنن ماڻھن وسيلي اڳي بہ مير شھداد ڏانھن اٺ ھزار روپيا موڪليا ويا آھن. ٿي سگھي ٿو تہ اھا رقم گھٽ وڌ بہ ھجي. مان اھا ساري رقم ميرن جي عورتن ڏانھن موڪلي ڇڏي آھي. اسان کي ڪجهہ ڪشميري شالون ۽ پٽ جا ڪپڙا بہ مليا آھن. مون کي شڪ آھي تہ اھي ميرن جي خزاني مان چورايا ويا آھن جنھن کي توشا خانو سڏيو ويندو آھي. اھي شيون ڌوٻين وٽان مليون ھيون. سندن چوڻ آھي اھي کين ميرن ڏنيون ھيون. اھو ممڪن بہ ٿي سگھي ٿو. شڪ انھيءَ ڪري آھي تہ اھي شيون ڏاڍيون قيمتي آھن. ھنن مان ھڪ ماڻھو پنھنجون ٽي ڌيئرون مير نصير ۽ ٻين ميرن کي ڏنيون ھيون. ھنن ميرن مان مير شھداد پنھنجي شخصيت ۾ وڌيڪ سھڻو ھو.
مان سوچي رھيو آھيان تہ اھي شيون مالڪن کي موٽائي ڏيان. ڇاڪاڻ تہ اھي انگريز سرڪار جي ڪنھن ڪم جون ڪونہ آھن. مير دل جا سخي ھئا، جيڪي پنھنجي ماڻھن کي دل کولي انعام بہ ڏيندا ھئا. وري اھو بہ سوچيان ٿو تہ انھن جي جاچ پڙتال ڪرڻ بہ ضروري آھي.
شير محمد جي مير شھداد سان ٿيندڙ لکپڙھہ ھڪ جدا معاملو آھي ليڪن مان ٻڌو آھي تہ شھداد ڏاڍي مزي سان زندگي گذاري رھيو آھي. کيس ھيڏي ھوڏي ڦرڻ گھرڻ جي کلي ڇوٽي مليل آھي. انگريز عملدار سندس دوست آھن. مان ھن باري ۾ سر آرٿر ڏانھن لکيو آھي تہ ھن سان ايتريون رعايتون ڇو پيون ڪيون وڃن. ھي انگريز دشمن ماڻھو آھي، جيڪڏھن کيس ايڏي ڇڙواڳي ملي وئي تہ نقصان جو انديشو آھي. منھنجي مرضي آھي تہ کيس بنگال موڪليو وڃي، جتي ھن مٿان پوري چڪاس رھندي ۽ سنڌ کان بہ پري ھوندو. مرزا خسرو ايراني ۽ ميرن جو غلام آھي. بھتر اھو ٿيندو کيس بہ ميرن ڏانھن موڪليو وڃي. ميرن جون عورتون سنڌ ڇڏڻ لاءِ راضي ڪونہ آھن، پر ھتي رھنديون تہ سازشن کان ڪونہ مڙنديون. اھڙين ڪروڌي ڳالھين کي جيڪڏھن ٻنجي ڏيڻ لاءِ جاکوڙبو تھ، ماڻھو مون لاءِ ڪيئي گٿيون ڳالھيون چئي وڃي پار پوندا. ممبئي جي ڌر کي زبان ۾ تہ نہ آ ڪنڊو نہ منڊو. ٻي بہ ھڪ ڪھٽي ڄاڻ ملي آھي تہ علي مراد جي نيت ۾ ڪجهہ کھنڊو آھي ۽ پير اوڻا پيو کڻي. اولھہ وارن ماڻھن سان سندس کپڙھھ جاري آھي. مٿس تکيءَ نظر سان تاڙ جاري آھي. مون کي جيڪڏھن مناسب لڳو تہ ضرور چوندومانس تہ سڌري ھل. مان سمجھان ٿو تہ ھن جي نيت ۾ کوٽ ڪونہ آھي، پر سندس درٻارين جا ارادا اويڙا آھن، جن جي فرنگي ڪافرن سان تہ مورئون ڪانہ پئي.
منھنجو مشورو آھي تہ شھداد کي بنگال جي ڪنھن قلعي ۾ وڃي قيد ڪجي. جيڪڏھن ھو ممبئي پريزيڊنسي ۾ رھندو تہ چڱو نہ آھي. خوف آھي تہ متان ڪو ڀنڻ ٻاري وجھي ٻيا ماڻھو تہ ٺھيو پر ممبئي جو گورنر پاڻ ھن کي چئي رھيو آھي تہ تو شھيد (مجاھد) آھي ڪو باغي ڪونہ آھين. ھو کيس ائين ناوا ۽ ڏھيون الٽي وڃي پار پيو آھي.
بلوچ جاگيردار جو تہ ويجھي ڇڪ ۾ ڪو نانءُ نشان بہ ڪونہ آھي. جيڪو ”مان“ ڪري ڳالھائي، ڪارا ڪپرا سڀ گڏ پيا ھلن. ھاڻي ھر شي سان مري ويا آھن. اھي قبائلي سردار بہ ٽالپرن کان ائين پيا وئن وڃن ڄڻ گنجو پاڪيءَ کان. ھنن جي حڪمراني پڄاڻي کي پھتي آھي تہ سندس ننھن نيڻ ٺري پيا آھن. معلوم ائين ٿي رھيو آھي ٽالپرن کي ڦاھيءَ لڙڪايو وڃي يا کين تخت تان لاٿو وڃي تہ ھنن لاءِ ڀنجھر بہ ڪونہ ڀرندو. سنڌي ھندو ۽ سنڌي مسلمان تہ ٽالپرن کان نفرت ڪندا ھئا. بلوچ ھنن کان پاسيرا ھئا. ھر قبيلي جو ماڻھو پنھنجي سردار جي ويجھو ٿيڻ چاھيندو ھو. کين ھٽڪٽو ھو تہ انگريز کانئن جاگيرون کسي سندن پڙ ئي پالھا ڪري ڇڏيندا. پر ھنن جڏھن ڏٺو تہ اسان سندن جاگيرداريءَ کي ڌيڪ پڪو ڪري رھيا آھيون تہ ھو ڏاڍا خوش ٿي ويا ھئا تہ ھاڻي تہ سندن ڏھھ ئي آڱريون گيھھ ۾ آھن. جيڪڏھن ڪو اوپرو ماڻھو اوک ڊوک واري اک سان اچي وايو منڊل کي ڏسندو تہ سمجھندو تہ بروبر بگھڙ جو پير آھي. سنڌ ۾ رھندڙ يورپي بہ ائين ائي سمجھندا آھن. جيڪڏھن مان غلط نہ آھيان تہ بلوچ ٻئي ڪلھا وھندا ھئا. پاڻ ۾ ٻوڙو ٻڌي سنڌي کي بہ ڦريندا ھئا تہ انگريزن سان بہ ٺڳي ڪندا ھئا. جابلو علائقي خلاف جنگي مھم اسان لاءِ ھڪ پرک ھئي. جيڪڏھن پنجاب خلاف جنگ لڳي تہ اھا اسان لاءِ ٻي پرک ھوندي، جيڪا ھن جي مقابلي ۾ وڏي ھوندي.

ضميمون سورھون

سر چارلس جي انھن خطن جو اختصار جيڪي ھن مير نصير خان جي بيواھھ ڏانھن لکيا ھئا.
17 آڪٽوبر 1846ع

معزز خاتون
توھان چيو آھي تہ مان اوھان کي مير شھداد ڏانھن چئن ماڻھن موڪلڻ جي اجازت ڏيان جيڪي ان ڏانھن ڪجهہ خط ۽ ڪپڙا بہ کڻي ويندا، جن جو تفصيل بہ ڏنو ويو آھي. مون کي ھن سمجھڻ ۾ ڪيترا ئي سبب بہ آھن تہ توھان انھن شين سان گڏ وڏي رقم بہ ڏانھن موڪلي رھيا آھيو. اھو شڪ مون کي ٽن ڳالھين ڪري آھي جيڪي ھي آھن: پھريون تہ اوھان اھو ذڪر ڪونہ ڪيو آھي تہ اوھان ان ڏانھن پئسا ڏوڪڙ بہ موڪلي رھيا آھيو. ٻي ڳالھہ تہ اوھان کي ڄاڻ ھوندي تہ قيدي ميرن ڏانھن سرڪار جي معرفت کان سواءِ وڏي رقم موڪلي ڪانہ ٿي سگھجي. ٽين ڳالھہ تہ ان وقت کي ڪو ڊگھو عرصو ڪونہ ٿيندو جو اوھان ۽ ٻين معزز عورتن مون ڏانھن لکيو ھو تہ ”اسان بس لنگھڻ تي ويٺيون آھن. پر معزز خاتون، مان اوھان جي ماڻھن کي روڪيو ھو ۽ پوليس انھن جي تلاشي ورتي ھئي جنھن مان معلوم ٿيو ھو تہ وٽن سون جون ڏٽيون، سونا سڪا ۽ چاندي جا سڪا بہ ھئا. اھو سارو خزانو اوھان قيدي ميرن ڏانھن موڪلي رھيا ھئا. مان حڪم ڪيو ھو تہ اھا ساري رقم اوھان ڏانھن (واپس) موڪلي وڃي. توھان لکيل خط مان کولي ڪونہ پڙھيا ۽ جيئن جو تيئن اوھان ڏانھن موڪلي ڇڏيا ھئا. جيڪڏھن اوھان رقم موڪلي رھيا آھيو ۽ ان لاءِ ڪي خاص ھدايتون آھن تہ اوھان مھرباني ڪري اھڙيرن ھدايتن کي ڪجهہ تبديل ڪريو اوھان تازا ۽ واپس ڪيل خط بہ روانا ڪري سگھو ٿا، پر اوھان جي موڪلي ويندڙ رقم فقط سرڪار معرفت ميرن وٽ پھچي سگھي ٿي.
چارلس نيپئر
گورنر
28 آڪٽوبر 1846ع
معزز خاتون
مان چڱيءَ ريت سمجھي سگھان ٿو تہ اوھان کي پنھنجي پٽ لاءِ ڪھڙا امنگ ۽ اڌما ھوندا، مون کي انھن جو احساس آھي. جيڪڏھن اوھان ان ڏانھن پئسا ڏوڪڙ موڪليندا تہ مون کي ڪوبہ اعتراض ڪونہ آھي. پر اھا ظاھر ظھور موڪليو. اوھان چانورن جي ڳوڻ ۾ پئسا لڪائي موڪلي رھيا آھيو. ٻئي پاسي اوھان چئي رھيا آھيو تہ اوھان بکن تي ويٺا آھيو. پر اوھان کي ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان وڏا وظيفا ملي رھيا آھن. اوھان وٽ آمدني جا وڏا وسيلا موجود آھن ۽ توھان ڪافي عرصي کان مسلسل مير شھداد ڏانھن رقمون موڪليندا رھيا آھيو. مون کي خبر آھي تہ اھو ڪو پھريون ڀيرو ڪونہ آھي. ھيءَ رقم اوھان جي پٽ ڏانھن ضرور موڪلي ويندي، پر گورنر جنرل جي اجازت سان پر جيڪڏھن رقم ٿوري ھوندي تہ پوءِاھو جيءَ تي جوکو کڻڻ لاءِ مان تيار آھيان. پر جيڪڏھن گھڻي رقم ھوندي تہ موڪلڻ لاءِ گورنر جي موڪل ضروري آھي. شھداد اتي جوکو ڪونہ ٿو گذاري جنھن جي اوھان کي الف کان وٺي ي تائين ساري خبر آھي. توھان ھن ڳالھہ کان پوريءَ طرح باخبر آھيو ۽ ساري حيدرآباد ڄاڻي ٿي تہ جيڪڏھن لوٽي کان اٻنگ ڳورو ٿي وڃي ھا ۽ انگريز جنرل فتح ماڻڻ بدران شڪست کائي ھا ۽ اھو تنھنجي پٽ جي ائين ھٿ وس ھجي ھا جيئن ھو اسان جي تاريءَ تڳي رھيو آھي تہ ان انگريز جنرل جا ڪھڙا نہ حال بڇڙا ھجن ھا. معزز خاتون اوھان کي اھا چڱيءَ طرح خبر آھي ۽ ٻيون بہ معزز عورتون ڄاڻن ٿيون تہ مان اوھان جي بي انتھا عزت ڪئي آھي ۽ ڪندو رھندس. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ اوھان عورتون آھيو ۽ اوھان جا مڙس ۽ پٽ جنگي قيدي آھن. اوھان جي پٽن جي پرگھور سرڪار ڪري رھي آھي. مون کي ھڪ ڳالھہ جو افسوس ضرور آھي تہ ھڪ معزز خاتون اھڙي ڳالھہ ڪئي آھي، جيڪا مان سمجھان ٿو تہ صحيح ڪانہ آھي. مان ان حڪومت تي بي انصافيءَ جو الزام ڪونہ ھڻندس، جنھن جو مان ملازم آھيان. مون کي خبر آھي تہ اوھان جا ڏينھن ڏکيا ڇو ٿا گذرن. اوھان کي تہ ڪير بہ تڪليف ڪونہ ٿو پھچائي. توھان کي سرڪار طرفان وڏو وظيفو ملي رھيو آھي. جڏھن تہ اوھان قيدي بہ ڪونہ آھيو. جيڪڏھن اوھان چاھيو تہ وڃي پٽ سان بہ ملي سگھو ٿا. مان سمجھان ٿو ماڻھو اوھان سان ڪوڙ ڳالھائن ٿا ۽ اوھان سان ٺڳيون ڪن ٿا. تنھن ڪري ھيءُ خط اوھان کي اوھان جي ھٿن ۾ ملي ويندو. مان تہ اوھان جو نھايت گھڻي عزت ۽ حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آھيان.
اوھان جو فرمانبردار ۽ ناچيز نوڪر
چارلس نيپئر

ضميمون سترھون

ميجر جنرل ھنٽر جو سکر واري گھوڙا پڙي بابت نقطئھ نظر، جنھن جي ابتدا سر چارلس نيپئر ڪئي ھئي.
مان سمجھان ٿو تہ بنگال ڏانھن ٽي سو يا ساڍا ٽي سو گھوڙا موڪليا ويا ھئا. گھوڙا پڙي اٽڪل ھڪ ھزار گھوڙا ھئا، گھوڙن جي ساليانو کپت بہ ايتري ٿيندي. پر گھوڙن جي واپارين کي ڪي شڪ ۽ گمان ٿي پيا ھئا تہ سکر جي گھوڙا پڙيءَ تي ڪو ڪاپاري اثر پئجي رھيو آھي. عام طور تي ھر سال فوجي مقصدن لاءِ گھوڙن جي طلب ڇھن سون کان وڌيڪ ڪانہ ھوندي آھي. مان جيڪي گھوڙا ھارس آرٽيلري ۽ يورپي Dragoons لاءِ خريد ڪندو ھوس تن جي قيمت في گھوڙو ساڍا چار سو روپيا ھوندي ھئي. اھي وھٽ ھو مٿو ڀلا ھوندا ھئا. فيلڊ بئٽري لاءِ ڪم ايندڙ گھوڙا بہ خريد ڪيا ويندا ھئا. جنھن مقصد لاءِ في گھوڙو ٽن سون ۾ پلئھ پئجي ويندو ھو. ھي گھوڙا ھن فوجي مقصد لاءِ تمام ڀلا ھئا. جن جھڙا مان ڪٿي ڏٺا ئي ڪونہ ھئا. ھي بندر ٽٽون گھوڙن کان قد ۾ اڇھرا آھن پر توبن ڇڪڻ واري ڪم ۾ استعمال ڪري ڪونہ سگھبا. سندن قيمت بہ قداور گھوڙن کان گھٽ آھي.
ھر سال تعداد ۽ معيار جي لحاظ کان طلب وڌندي رھندي آھي. جنھن جي مون کي پڪ ھوندي آھي. پھرئين سال مان ايترا گھوڙا خريد ڪيا، جو فوسٽرس بامبي بئٽري مڪمل ٿي وئي ھئي. ٻئي سال مان ايترا گھوڙا خريد ڪيا جو سمٿ جي بئٽري، بندي کنڊ ليجن ۽ 7 بنگال ڪئويلري جو پورائو ٿي ويو. ان کان سواءِ مان اسي گھوڙا ھندستان ڏانھن واپس ويندڙ فوج سان موڪلي ڏنا ھئا. مان گھوڙن جو ڏاڍو شوقين آھيان ۽ اتر جي گھوڙن جي واپارين جي مزاج ۽ روايتن کان بہ واقف آھيان. منھنجو خيال ھو تہ سکر جي گھوڙن جي وڏي پڙي بڻايان ۽ جيستائين لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل رھي تيستائين سکر ھن قسم جي واپار جو مرڪز ھجڻ گھرجي. ھي ماڻھو جيستائين ھندستان ۾ رھيو تہ ھن موضوع تي ڪيترائي خط مون ڏانھن لکيا ھئا پر ھن جي ھلئي وڃڻ کانپوءِ ڪلڪتي مان، ھن موضوع تي ھڪ بہ خط ڪونہ آيو آھي. ٽئين سال توھان جي طرفان ملندڙ سھائتا ڪنرل بينسن جي حڪم ڊانواڊول ڪري ڇڏي ھئي. ھن اھو حڪم لارڊ ھارڊنج جي ھدايت تي جاري ڪيو ھو تہ بنگال فوج لاءِ گھوڙا خريد نہ ڪيا وڃن. توھان فقط ممبئي جي ان فوج لاءِ گھوڙن خريد ڪرڻ جي موڪل ڏني ھئي جيڪا سنڌ اندر موجود ھئي. مون کي يقين آھي تہ جيڪي گھوڙا واپاري سکر کان ڪاھي ممبئي پھچندا ھئا، سي اتي پنجن ۽ ڇھن سون ۾ في گھوڙي جي حساب سان وڪامندا ھئا. ان کان پوءِ اھي گھوڙا سکر ايندا ھئا. پر اھو اوھان جي اچڻ کان اڳ ٿيندو ھو. مون کي اھڙو پتو ڪونہ آھي تہ سکر کي وڏي گھوڙا پڙي طور ڇو نہ تسليم ڪيو ويو ھو. ان جو ڪارڻ ڇا ھو تنھن جو بہ مون اڄ تائين پتو پئجي ڪونہ سگھيو آھي. اسان کي اھو بہ يقين آھي تہ بندي کلنڊ واري نائين پائونڊرس ليجين جي لائيٽ فيلڊ بئٽري جا گھوڙا بہ سکر جي گھوڙا پڙي مان خريد ڪيا ويا ھئا. الفورٽس جڏھن ھندستان مان ھتي پھتو ھو تہ ھن سان فقط ستر گھوڙا ھئا مان گھوڙن جو ساڳيو تعداد خريد ڪيو ھو. اسان ھنن گھوڙن کي بنا سکيا ڏيڻ جي وڃي ڪم سان لاتو. بگٽين واري جابلو علائقي ۾ جنگي مھم کي ٻاونجاھھ ڏينھن لڳي ويا ھئا. ھنن گھوڙن اتي بھترين ڪم ڪيو ھو. ھڪ بہ ڪونہ مئو نہ وري پٿريلي زمين تي ھلندي ڪو منڊو ٿيو. ھي گھوڙا ان فوجي حصي ۾ شامل ھئا، جيڪو مووٽ جي ماتحت ھو. (ھي نوٽ سر چارلس جو لکيل آھي). ڪئپٽن مووٽ (ھاڻي ڪرنل) سکر پھچي مون ڏانھن خط لکيو ھو تہ جيڪي گھوڙا کيس ڏنا ويا ھئا سي بي انتھا شاندار ھئا. گھوڙن جي واپارين اھا بہ شڪايت ڪئي ھئي تہ اڳيئن سال سندن ٻارھن سون مان ھڪ گھوڙو بہ وڪامي ڪونہ سگھيو ھو. ان باري ۾ مان بہ اوھان ڏانھن خط لکيا ھئا. اھا ھڪ وڏي غلط ھئي، جنھن ڪري گھوڙن جي ھڪ وڏي پڙي تباھہ ٿي وئي. ان واپار ۾ اتر جي ھنن ماڻھن کي ھڪ ڏوڪڙ بہ ملي ڪونہ سگھيو ھو. مان بہ جيڪي گھوڙا خريد ڪيا تن جي قيمت بہ ھندستاني ڪپڙن ۽ ٻين شين جي شڪل ۾ ڏني ھئي.

ضميمو ارڙھون

ھيٺ سنڌ جي چيف ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن جو نقطئھ نظر پيش ڪجي ٿو، جنھن تي سلا جي سول مئجسٽريٽ مسٽر ائڊورڊ تبصرو ڪندي صحيح ثابت ڪيو آھي تہ سنڌ جي فتح کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي تمام گھڻو فائدو ٿيو ھو. ان کان سواءِ ٻي ثابتي اھا بہ ملي ٿي تہ فتح کان اڳ تجارت نالي ماتر ھئي، جيڪا ھاڻي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. سر چارلس تي الزام ھنيو پيو وڃي تہ ھن ھڪ غير آباد علائقو فتح ڪيو ھو. جنھن تي خرچ بہ تمام گھڻو اچي ويو ھو.
ڪئپٽن راٿبورن جو تبصرو
حيدرآباد، 30 جولاءِ 1850ع
لارڊ ايلنبرو جيڪو چيو آھي سمورو سچ آھي تہ آفيم مان ٻائيتاليھھ لکن جي پيداوار ٿي آھي. پر ھن اھا رقم شامل ڪانہ ڪئي آھي جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني کي بنگال جي ڏوڏيءَ جي پوکيءَ مان ملندڙ آفيم جي ناتي حاصل ٿيندي آھي. ھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ڪمپنيءَ کي ٻاھرين ملڪن مان آفيم جي في دٻي تي 275 روپيا وڌيڪ ملندو آھي، جيڪا ٽرانزٽ ڊيوٽي آھي. اھا اضافي پيداوار سندس ئي علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم کان گھڻي آھي. پاٽنا (پٽنا) ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم چين موڪليو ويندو آھي جنھن جي قيمت کي مالوا ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم گھڻو متاثر ڪندو آھي. جيڪو ساڳي مارڪيٽ ۾ پھچي ان سان مقابلو ڪندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھا خوشفھميءَ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ڪانہ آھي تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال ۾ پيدا ٿيندڙ سندس آفيم تي ھڪ ھٽي قائم ڪري سگھندي. جيڪڏھن مالوا جو آفيم ٿوري اگھھ تي سنڌ معرفت چين پھچي ٿو جنھن ۾ ھن پوکيءَ جي ھارين نارين کي بہ ٿوري گھڻي بچت ٿي وڃي ٿي تہ انھيءَ حالت ۾ ڪمپني جي بنگال واري آفيم تي ھڪ ھٽي مشڪل آھي. ان ناتي ھيءَ حقيقت بہ ضروري ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تہ بنگال وارو آفيم ڊگھو سفر ڪري چين پھچندو آھي، جنھن ۾ وقت ۽ پئسي جو وڌيڪ خرچ ايندو آھي. ٽالپرن ھنن ڳالھين ڏانھن ڪونہ ڏٺو ھو، جيڪي ساري مھذب دنيا کان ڌار لڳا ويٺا ھئا. ھنن حڪمرانن کي اھا خبر ھئي تہ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي وڌيڪ تجارتي سھوليتون موجود آھن. جيڪڏھن امن امان ھجي ھا ۽ تجارتي رستا محفوظ ھجن ھا تہ آفيم جي تجارت ويرئون ويرئون وڌ ھجي ھا. ان کانسواءِ ٽالپرن جا اسان سان بہ ناتا رابطا ھجن ھا تہ انھن کي تجارت جي ڄاڻ پئجي وڃي ھا. ھن حقيقت ۾ ڪنھن شڪ شبھي جي گنجائش بہ موجود ڪانہ آھي تہ اسان کين مجبور ڪيون ھا تہ آفيم جي تجارت وارو اھو رستو بند ڪيو وڃي، نہ تہ اوھان سان جنگ آھي. جيڪڏھن ائين نہ ڪيو وڃي ھا تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي آفيم واري وڏي پيداوار ختم ٿي چڪي ھجي ھا.
ساڳئي ماڻھوءَ جو ٻيو نقطئھ نظر
حيدرآباد 15 آگسٽ 1850ع
مان آفيم جي حوالي سان سر جان ھاب ھائوس جي ان تقرير جي رپورٽ پيش ڪري رھيو آھيان، جيڪا ھن پارليامينٽ ۾ مسٽر برائيٽ جي موشن تي ڪئي ھئي. جنھن مان آساني سان پتو پئجي وڃي ٿو تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني فقط سنڌ جي فتح بعد گذريل ڇھن سالن دوران ڪيترا اضافي آفيم جا دٻا برآمد ڪيا ھئا ۽ اھڙي وڪري جي ماليت ڪيتري ھئي. آفيم جي ھيءَ پيداوار ان آفيم جي پيداوار کان الڳ ھئي جيڪو پاس وسيلي نيڪال ڪيو ويندو ھو. لارڊ ايلنبرو مطابق اھا پيداوار چار لک ويھھ ھزار پائونڊ ساليانو ھئي. جيڪا سنڌ جي فتح ڪري ڪمپنيءَ کي ملي ھئي.
جيتري قدر آفيم جي پيداوار جو تعلق آھي تہ اھا ٻن طريقن سان ٿيندي. ھڪ تہ آفيم جي ھڪ دٻي تي ڏھھ پائونڊ يا ھڪ ھزار روپيا برآمدي محصول وٺندي ھئي. ٻيو تہ سرڪار کليءَ بازار ۾ بہ پنھنجو آفيم وڪڻندي ھئي جنھن ۾ برآمدي محصول ۾ رعايتون ڏيندي ھئي.ھنن ڳالھين مان ھيءَ حقيقت ظاھر ٿي رھي ھئي تہ ٻنھي معاملن ۾ محصول جي ھڪ جھڙي وصولي ٿيندي ھئي پر ھڪ ۾ پاس ڊيوٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا برآمد لاءِ پاس وٺڻ واري ماڻھوءَ کان وصول ڪئي ويندي ھئي. جڏھن تہ ٻيءَ ڳالھہ ۾ آفيم جي واپار تي سرڪار جي ھڪ ھٽي قائم ڏسجي ٿي. جيڪڏھن ڳالھہ ان جي ابتڙ ھجي ھا تہ ڪلڪتي يا مالوا جو آفيمي واپار ختم ٿي چڪو ھجي ھا. ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ ماڻھو مالوا جي آفيم تي سرڪاري خرچ ڀرڻ کانپوءِ چار سو روپيا محصول ادا ڪري ھا. پر جيڪڏھن ھو سرڪاري خرچ ۽ محصول ڀري آفيم خريدي ھا تہ ان کان تہ کيس ڪلڪتي وارو آفيم سستو پوي ھا. ٻئي طرف ڪھڙو واپاري ھڪ ھٽيءَ وارو مھانگو آفيم خريد ڪري ھا ۽ وري ڳاٽي ڀڳو برآمدي محصول ڀري ھا. تنھن ڪري کيس مالوا وارو آفيم سولو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن ٻنھي آفيمن جو مارڪيٽ تہ وري بہ چين ھو.
اھو ئي ڪارڻ ھو جو سرڪار مالوا جي آفيم جي ھڪ دٻي تي 375 رپيا محصول وصول ڪندي ھئي. ائين ڪري سرڪار ڄڻ بنگال واري پنھنجي مھانگي آفيم کي ٽيڪ ڏني ھئي جيڪو بنا اڏي وڏي محصول جي چين ۾ سستو وڪامي ھا ۽ بنگال جو سرڪاري مھانگو آفيم وڪامي ڪانہ سگھي ھا. وڏي محصول ڪري مالوا جو سھانگو آفيم مھانگو ٿي ڪلڪتي واري آفيم جي اگھھ جيترو وڃي بيٺو ھو. جيڪڏھن ڪن ٻين مسئلن ڪري آفيم جو اگھھ لھي وڃي ھا تہ في دٻي جو اگھھ بہ ڪري پوي ھا تہ اھا لاٿ ھڪ ھٽيءَ واري آفيم جي فائدي ۾ لاٿ ڪانہ ھجي ھا، پر ان جو نزلو وڃي ڏوڏيءَ جي پوکي ڪرڙ ھاريءَ ناريءَ تي پوي ھا.
ليکي چوکي جي انھن انگن اکرن کي صحيح تسليم ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري ان کي جيئن جو تيئن رکيو ويو ھو ۽ حقيقت بہ ائين ھئي. ان کان سواءِ پاسن وسيلي بہ آفيم برآمد ڪيو ويو ھو جنھن جي اضافي آمدني ٻائيتاليھھ لک روپيا يا چار لک ويھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ ٿي ھئي ۽ اھا ڪمائي سنڌ ڪري ٿي ھئي. اھڙيءَ ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني 150426 دٻا آفيم جا نيڪال ڪيا ھئا. جنھن تي ھن 375 في دٻو محصول وصول ڪيو ھو. ان حساب سان ھن 41347150 روپيا ٻيا بہ ڪمائي ورتا ھئا. انگريزن جي پئسن مطابق اھا ساري رقم چار ملين ھڪ سو چوٽيھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ يعني Four million on hindered and thirty four thousand pounds strlings ھئا.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھيءَ ساري ڪمائي سنڌ جي فتح ڪري ٿي ھئي. اسپين جي مالياتي وزير کي پنھنجي پيداوار جو نقصان جبرالٽر واري لنگھھ وٽان محسوس ٿيو ھو. ھن کان اڳ آفيم جي ھن لنگھھ وٽان بہ اسمگلنگ ٿيندي ھئي، جيڪا پوءِ گھٽجي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھا ٻين جي قبضي ھيٺ اچي وئي ھئي.
آفيم اھڙي شيءِ ھئي جنھن ڪري پيداوار جي ختم ٿيڻ جو بہ امڪان ھو، جيڪو نئين صورتحال ڪري پيدا ٿي ويو ھو. اھو سنڌ جي جاھل حڪمرانن ڪري ٿيو جن اسان جي پيداوار جي نڙيءَ تي ننھن ڏئي ڇڏيو ھو. خاص ڪري آفيم جي ڏس ۾. ھي روشن ضميري وارو دور آھي. تنھن ڪري جھالت ڪارن ۽ اڇن ماڻھن کي گھڻي وقت تائين روڪي ڪانہ سگھندي.
مان سر جان ھاب ھائوس جي چيل ٻن ٽن جملن جو ٿورائتو آھيان جو ھن سنڌ جي واھن جي کوٽائي تي ٿيل خرچ جي پٺڀرائي ڪئي آھي. مان سمجھان ھو تہ ھن اھا طنز ڪئي آھي، نہ تہ ھن جي عادت رھي آھي تہ سنڌ تي ٿيندڙ خرچ تي ٽوڪون ڪندو آيو آھي. مان سمجھان ٿو تہ ھن ھيءَ ڳالھہ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار کليءَ دل سان ترقيءَ جا ڪم ڪرائي رھي آھي.
مٿئين بيان تي سملا جي سول مئجسٽريٽ مسٽر ائڊورڊس جو تبصرو
5 سيپٽمبر 1851ع
مان اوھان ڏانھن ڪئپٽن راٿبورن جو بيان موڪلي رھيو آھيان. اوھان جون مھربانيون. مان ھن بيان جو ڏاڍي غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪيو آھي ۽ ھن جي ڏنل صحيح انگن اکرن سان متفق آھيان. ان کان سواءِ سندن بيان کي ڪسٽم جي ڪمشنر جي حوالي ڪيو اٿم. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن اھو بہ ھن بيان کي جاچي پرکي ڏسي. ھي ماڻھو ھن ملڪ جي حساب ڪتاب جو مھا ڄاڻو آھي. ھو ڪئپٽن راٿبورن سان اتفاق ڪري ٿو تہ ايتري وڏي پيداوار سنڌ جي فتح ڪري ٿي آھي. ھن کان اڳ ۾ اھو ملڪ سمگلنگ جو وڏو گذرگاھھ ھو.

ضميمو اوڻويھون

ميجر بيٽسن تروڪي جي اتر واري لنگھھ تي ھڪ جدا فوجي سرگرميءَ جو نگران ھو. ھيٺ سندس لکيل نوٽس ڏجن ٿا، جيڪي ھن ميجر انھيءَ زماني ۾ تحرير ڪيا ھئا.
مان ھڪ فيبروي 1845ع تي سنڌ جي گورنر سر چارلس جي فوجي ڪئمپ ۾ پھتو ھوس. جيڪا گجو نالي ماڳ کان ٻہ ميل ھيٺ ھئي. مون سان بندلکبنڊ جي ليجين، ٻہ نائين پائونڊرس، ھڪ اسڪئاڊرن گھوڙيسوار ۽ ليجين جي پيادل جي پھرين بٽالين گڏ ھئي.
21 تاريخ فيبروري تي سر چارلس مون کي حڪم ڪيو تہ مان گجي وارو گھٽ وڃي سنڀالي بيھان. جيڪو دشمن جنرل جي اچڻ ٻڌي خالي ڪرري ڀڄي ويو ھو. ھن انھيءَ مقصد لاءِ مون کي سڪس پائونڊ ٻہ توبون ڏنيون ھيون. پر نائين پائونڊرس نہ ڏنيون جيڪي مان پاڻ سان آنديون ھيون. ھي توبوبون جابلو علائقن لاءِ ڳوريون ھيون.
منھنجي ڪمانڊ جي حيثيت ٻٽي ھئي. ھڪ اولھہ پاسي کان ھڪ لڪ ھو. جڏھن تہ ٻئي پاسي کان گجي جي اتر واريءَ ماٿريءَ جو منھن ھو.
مان پھچڻ واري پھرئين صبح جو ڪئپٽن مئليٽ ۽ علي مراد سان گڏجي ان ٿاڪ وٽ پھتس، جتان کاٻي پاسي کان ھڪ رستو ڊيرا وڃي رھيو ھو، پر اتي دشمن جو ڪو نانءُ نشان بہ ڪونہ ھو.
23 تاريخ صبح جو مان کجيءَ کان اتر اولھہ واري جبلن ڏانھن ويس. مون سان گڏ ڪئپٽن فٽر، ڪئپٽن بئري ۽ ڪئپٽن ھيز ھئا. پاڻ سان پنجاھھ گھوڙيسوار بہ کنيا ھئائون.
ھڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ ڀرسان پاڻيءَ جو ھڪ گذرگاھھ ھو جيڪو پار ڪرڻ ۾ ڏکيو ھو جنھن جي وٽ پاسي سان باھھ جا نشان ھئا، جيڪا تازو وساڻل ھئي. اھڙيءَ ريت ٽڪريءَ جي منھن وٽ باھھ ٻرڻ جا ٻہ ھنڌ ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ اھي بہ ھاڻي تازو وسايون ويون ھيون. پر ماڻھوءَ بوءِ بہ ڪانہ ھئي. شايد ھنن بہ جرنل جي اچڻ جو ٻڌي وٺي کڙين تي زور رکيو ھوندو.
24 تاريخ تي گجي جي اولھہ ڏکڻ واري روھڙين ڏانھن وياسون. صبح جو ئي موٽي اچي ڪئمپ پھتاسون. ان وقت ڪجهہ بلوچ گھوڙيسوارن انھن اٺن ڪاھڻ لاءِ سٽ ھنئي. جيڪي جھنگ ۾ چري رھيا ھئا. جڏھن سندن ڪڍ پياسون پير پٺاڙڻ تي رکي وٺي ڀڳا جو اسان کي سندس ڀڄڻ واري ڌوڙ بہ ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي. واٽون ويھھ ٿيو ڪھھ ڄاڻا ڪيھي ويا. پير چارا تہ بيشمار ھئا، پر پتو نہ پيو ڪھڙو وٺي ويا. اٺ تہ ڪاھي ڪونہ سگھيا پر پوءِ بہ سر بچائڻ لاءِ ماندا ھئا.
25 تاريخ تي گجي کان اتر واري ماٿريءَ ڏانھن منھن ڪيم، جيڪا پٿريلي ۽ ھيٺ مٿي ھئي. ٿورو اڳتي وڌيس تہ ڏٺم تہ ان جي منھن ۾ ھيٺ ھڪ وارياسو ھو جيڪو شايد ھڪ نئھ جو پيٽ ھو. اتي ھڪ لنگھھ نظر آيو جنھن جي ويڪر ٻٽيھھ فوٽ ھئي جنھن جي ٻنھي پاسن کان ٻہ سو فوٽ اوچائي جون اڀڪپريون روھيون ھيون. نظر ائين اچي رھيو ھو ڄڻ پيادل فوج جي ھڪ دستي ان ٽڪريءَ کي ٽاڪي حصا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ٻاھرئين پاسي پندرھن فوٽن جو لنگھھ ھو.
ھڪ اڀڪپري ٽڪريءَ جي چوٽي تي بيھي بندوق جو فائر ڪيوسون، پر اتي بہ ڪا پھر نظر ڪانہ آئي. گجو نھايت اھم جڳھھ آھي. دشمن لاءِ ٻہ رستا ھئا يا تہ اھو ماڳ اسان زبردستي ڇڏائي يا تروڪيءَ ۾ وڃي لڪي. ھن پوئين ماڳ جي چونڊ ڪئي ھئي. اھي ڄڻ پاڻ وڃي دٻھڙي ۾ ڦاٿا ھئا. تنھن جنرل سر چارلس کي جنگ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانہ پئي ھئي. بلوچ قبائلي سردارن کي ڦڦڙي اچي لڳي ھئي تہ پھريائين جھيڙي مان جان ڪيئن ڇڏائجي جيڪو کين ھاڻي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ بلوچ سردارن سر چارلس کي اڻانگن لڪن مان لنگھندي ڏٺو ھو، پر مٿس حملي جي سگھھ ساري ڪونہ سگھيا ھئا. اھي لڪ ڏاڍا خطرناڪ ھئا جيڪڏھن ٽڪرين جي چوٽين تي بيھي وڏا پٿر سرڪائي رڳو ھيٺ اڇلن ھا تہ انگريز فوج مان وانگي بہ ڪونہ بچي ھا ۽ سندن ھڪ ماڻھو بہ ڪونہ مري ھا.
مان گجي ۾ ھوس تہ اعتماد جو ھڪ بي مثال نمونو ڏٺو. ھر فوجي جيڪو سر چارلس جي ماتحت ھو خود اعتمادي ۾ سرشار ھو، جيڪو ھن ڪمانڊر جي مزاج جو ڪمال ھو. انھيءَ زماني ۾ فوجي سرگرميون تہ چوٽ تي ھيون پر اٺن جو نظام درھم برھم ٿي ويو ھو ۽ حڪم مليو تہ کاڌي پاتي جو اڌ راشن ملندو جيڪو اٽي جي صورت ۾ نہ پر سالم ڪڻڪ جي شڪل ۾ مليو. ڪنھن فوجيءَ جي نرڙ تي گھنج ڪونہ آيو. اھڙي صورتحال ٻہ ٽي ڏينھن ھلي. مان گجي وارو محاذ سنڀاليون ويٺو ھوس، منھنجي ليجين سان ڪنھن ٻہ ٻڙڪ ڪانہ ٻولي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ان راشن ۾ بہ گھٽتائي ڪئي وئي پر ھر فوجي مطمئن ھو تہ سر چارلس اھڙو جنل ڪونہ آھي جو فوجين کي ڏک ۾ ڏسي ۽ فوجي ڪئمپ ۾ ڏڪار سندس وس کان ٻاھر آھي ۽ انسان فوج وھارڻ وارو نہ آھي. اھي بلڪل سچ چئي رھيا ھئا ھو اسان کي وسارڻ وارو ڪونہ ھو. ان ڏينھن سج بلوچن جي علائقي وارين ٽڪرين پٺيان لڪي رھيو جو کاڌي پيتي جون شيون کڻي ايندڙ اٺن جو ھڪ قافلو ٽڪريءَ جي چاڙھاڪي تان چڙھي، ھڪ لڪ مان لنگھي رھيو ھو. ان فوج ۾ ھندو برھمڻ ۽ مسلمان ھئا جيڪي اھڙي کاڌي پيتي کان پري ڀڄندا ھئا. پر اھي ماڻھو بہ ڏاڍي اطمينان سان اھا کاڌ خوراڪ استعمال ڪري رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن سڀني جو سر چارلس ۾ گھڻو اعتماد ھو.
2 مارچ تي سر چارلس مون کي حڪم ڏنو تہ مان گجي مان فوج وٺي تروڪي جي پٺئين پاسي کان ان تي ڪڙو چاڙھيان. جڏھن ھن جي پنھنجي فوج ھن ماڳ جو سامھون وارو پاسو سنڀاليو ھو. مون کي حڪم مليو تہ مان گجي کان اتر اولھہ طرف لٽ ڏانھن وڌان. پر اھو جابلو علائقو ھيٺ مٿي ھو. جنھن وچان توبن کي ڇڪڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. تنھن ڪري مان ھڪ لڪ وچان لھي ڊيرا جو رخ ڪيو جيڪو ميداني علائقي ۾ ھو، پر ٽڪرين جو پاسو ڏئي وڃي ڊيولٽ گورا پھتس جتان اڳتي ھلي ھڪ ڏکيو لڪ لتاڙي مرو واري ميداني علائقي ۾ پھتس جتي علي مراد پنھنجي فوج سان منزل ڪيون ويٺو ھو. ڀرسان ھر مئجسٽي جي 13 ريجيمينٽ جا رضاڪار بہ منزل ڪيون ويٺا ھئا، جن سان وڃي مليس جنھن جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ بئري ڪري رھيو ھو. جڏھن اٺ سوار جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ بروس ڪري رھيو ھو. ليفٽيننٽ بئري، سر چارلس جو ھڪ پيغام کڻي آيو ھو، جنھن ۾ مون کي چيو ويو ھو تہ مان علي مراد کان الڳ پنھنجي آجي حيثيت ۾ تروڪيءَ جو اتر سنڀاليان. مان اھڙو اطلاع علي مراد کي ڏئي پنھنجي ريئر گارڊ سان گڏ اڳتي وڌيس ۽ ھڪ لڪ مان گذري تروڪي ڏانھن ھلڻ لڳس. اھو ٻڌي ھو بہ تنبو پٽي تروڪي ڏانھن ھلڻ لڳو. سندس تروڪي ڏانھن ھلڻ جي مرضي ڪانہ ھئي، پر جڏھن ڏٺائين تہ مان پنھنجي ڳالھہ تان لھڻ وارو ڪونہ آھيان تہ ھن بہ لاچار ائين ڪيو. منھنجي فوج لڪ مان ھوريان ھوريان لنگھي رھي ھئي تنھن ڪري اتان گذرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ويو. علي مراد جي فوج بہ ٽي ميل وٿيءَ تي منھجي پٺيان ھلي رھي ھئي. ھيءَ جوءِ سفر ۾ ڏاڍي اڻانگي ھئي. ڪيترن ھنڌن تي منھنھجي فوج اٺن تان لھي توبن کي ڌڪي رھي ھئي ڇاڪاڻ تہ ھيٺ مٿاھين ڪري گھوڙا ڏئي وٺي بيھي رھيا ھئا. ھن تي ماڳ بلوچن جي ذھانت ۽ چالاڪي جو پتو پيو مان گھوڙي تي سوار ھوس. جھونجھڙي جي ويل ھتي ڏٺم تہ ٽي بلوچ گھوڙيسوار منھنجي فوج جي دمابلي کان گذري رھيا ھئا، جن کي ڳاڙھا پٽڪا ٻڌل ھئا. جڏھن تہ فوج جي دمبالي ۾ بنديل کنڊ ليجين جا گھوڙيسوار ھئا. بلوچ گھوڙيسوارن ٻڌايو تہ سندن علي مراد جي فوج سان تعلق آھي. ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان سر چارلس نيپئر جو حڪم کڻي آيا آھيون تہ تون اڳتي نہ وڌ. ڇاڪاڻ تہ بيجار خان سر چارلس جي اڳيان پيش پيو آھي ۽ جنگ پڄاڻيءَ کي پھتي آھي. تنھن تي مان کانئن پڇيو تہ وٽن سر چارلس جو اھڙو خط آھي. ھنن وراڻيو تہ ”اسان اڳ ۾ نڪري آيا آھيون اھو خط پوين ماڻھن وٽ آھي. جيڪي جلد ئي پھچڻ وارا آھن. سندن ڳالھہ ممڪن بہ ھئي، ان ڪري مون کي مٿن ويساھھ ڪرڻو پيو. پر مان تہ جھونو سپاھي ھوس. ساري زندگي فوج ۾ گذري ھئي. تنھنڪري جلدي ۾ سمجھي ورتم تہ ڪمانڊر ان چيف جي خط کان سواءِ اصولي طور مون کي ڪٿي بيھڻو ڪونہ آھي. جڏھن تہ سر چارلس مون کي تاڪيدي حڪم ڪيو ھو تہ جيترو ٿي سگھي، ايترو جلدي وڃي تروڪي جي اتر کان ڪڙو چاڙھھ. ان کان پوءِ مان انھن ٽنھي بلوچن کي چيو تہ اوھان علي مراد وٽ موٽي وڃو. مان سر چارلس جي لکيل حڪم پھچڻ تائين اڳتي وڌندو رھندس. مان ٻئي ڏينھن جڏھن علي مراد سان مليس تہ کيس سارو احوال ٻڌايم. ھن جواب ۾ چيو تہ ”اھي دشمن جا ماڻھو ھئا ۽ توکي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.“ جڏھن ھن لشڪر جي دمبالي کان ڪنھن بہ قسم جو ڪو پيغام ڪونہ موڪليو ھو.
ھتي مان اھو بہ ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو تہ علي مراد جي ماڻھن ۽ ھنن بلوچن ۾ فرق اھو ھو تہ ھو پھرين کان مٿي سان ڳاڙھا پٽڪا ٻڌل ھوندا ھئا ۽ جڏھن ٻين بلوچن جا اڇا پٽڪا ھوندا ھئا. جڏھن بلوچ دشمن ڳاڙھا پٽڪا ٻڌي مون کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ سندن چمڙا پوش بہ مڪمل ھئي، اھڙو منصوبو بہ مڪمل ھو. انھن پيغام بہ خود اعتمادي سان ڏنو ھو. اھڙو پڪو منھن تہ ٽيليرانڊ لاءِ بہ ممڪن ڪونہ ھو. اھا ڳالھہ بہ ممڪن ٿي جيڪا ڪوبہ بلوچ ڪري ڪونہ ٿي سگھيو. سر چارلس جو حڪم ھو تہ مان تروڪي جو اتريون پاسو وڃي سنڀاليان ۽ لڪ تي نظر رکان. پر دشمن تي حڪم کان سواءِ حملو نہ ڪريان. اھڙي رپورٽ مان ڏھاڙي سر چارلس ڏانھن موڪليندو ھوس، جيڪا مير علي مراد معرفت ان ڏانھن ويندي ھئي. پر ھن مير جي نيت ۾ ڪو گدڙ ھو ۽ ھر رپورٽ ڇٻٽ ڪري ڇڏيندو ھو ۽ مٿي ڪونہ موڪليندو ھو. مان اکيون ٻوٽي علي مراد تي اعتبار ڪندو ھوس. منھنجا ماڻھو ھن علائقي کان واقف ڪونہ ھئا. مان تروڪي جي پرئين پاسي ڪيترن ڏينھن کان ٽڪيو پيو ھوس. ھڪ ڏينھن مان پنھنجا يورپي ماڻھو سر چارلس ڏانھن موڪليا، جن سان پھريدار گھوڙيسوار روانا ڪيا ويا ھئا. گجي کان نڪرڻ کان پوءِ ھي پھريون ڀيرو ھو جو سر چارلس کي منھنجو خط مليو ھو. ان کان پوءِ مون کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ علي مراد کيس منھنجا خط ڪونہ پھچايا ھئا.
مون کي تروڪي جي پٺئين پاسي آئي گھڻا ڏينھن گذري ويا ھئا. پر مون کي دشمن جي ڪا چرپر نظر ڪانہ آئي ھئي. اھا بہ خبر پئجي ڪانہ سگھي ھئي تہ تروڪيءَ جي مھاڙيءَ پاسي تي موجود سر چارلس نيپئر ۽ ان جي فوج جي ڪھڙي حالت ھئي. تنھن ڪري ھڪ ڏينھن مان واءُ سواءُ لھڻ جي خيال کان ڪجهہ اڳتي نڪري ويس. مان علي مراد کي پنھنجي آزاديءَ جو ٻڌايو ھو ۽ باک ڦٽيءَ مھل تروڪيءَ جي ساڄي پاسي اڳتي نڪري ويس. ان وقت علي مراد ھڪ لڪ جي لنگھھ وٽ ويٺو ھو. جڏھن موٽي آيس تہ ڏٺم علي مراد اھو لڪ ڇڏي پنھنجي فوج سميت گھڻو کاٻي طرف ھليو ويو ھو. ھو ايترو پري ھو جو ڏسڻ ۾ بہ ڪونہ ٿي آيو ۽ تروڪي ڏانھن ويندڙ اھم لڪ کي ائين نڌڻڪو ڇڏي ھليو ويو ھو. اھو سندس اسان سان اتحاد جو نئون نمونو ھو. ھن ائين ڪري ڄڻ تہ منھنجي پيش قدميءَ کي روڪي ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ان لڪ جي نظرداريءَ لاءِ مون کي فوج جو ھڪ حصو اتي بيھارڻو پئجي ويو ھو، جنھن جي اڳ نگراني علي مراد ڪندو ھو. جڏھن 8 مارچ تي تروڪيءَ پھتس تہ انھيءَ مقصد سان تہ اتي دشمن جا ماڻھو موجود آھن يا نھ. مان ساڄي پاسي ھڪ ان ٽڪريءَ تي ڪي ماڻھو ڏٺا جنھن جي شڪل ٽڪنڊي ۽ چوٽي سڌي سئين ھئي. مون کي شڪ جاڳيو تہ انھن ماڻھن ۾ بجار خان بہ ھو. اسان اڻ ڀويان ھئاسون. خبر ڪانہ پئي تہ ڪٿي آھيون. علائقو ڏکيو ھو ۽ ٽڪريون اڀڪپريون ھيون. چاڙھاڪا تمام سوڙھا ھئا، جتان ھڪ ماڻھو مس ڪري چڙھي ٿي سگھيو. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ماڻھن جو تعداد ڀلي ٿورو بہ ھجي پر ھنن لاءِ مٿان چوٽيءَ تان وڏا پٿر سرڪائي ھيٺ ڪيرائڻ سولو ھو. جنھن ڪري ھيٺ بيٺل اسان جي فوج کي سخت نقصان پھچڻ جو امڪان ھو. ان ڪري ھو سولائي سان اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھيا ٿي.
ان صورتحال کي ڏسي اسان ساڄي پاسي، پنھنجي طاقت کي وڌائڻ شروع ڪيو. ڪوشش اھا ھئي تہ ٻئي پاسي کان ڪنھن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ مٿي چڙھڻ گھرجي. منھنجي پاسي واري فوج 138 ھر مئجسٽي واري ريجيمينٽ ۾ ڪجهہ بھادر رضاڪار موجود ھئا جيڪي ٻڪرين جو ھڪ چارو وٺي ان ٽڪنڊيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙھي ويا، جيڪا سڀني کان مٿي ۽ اڀڪپري ھئي. بلوچن ان سنئين سڌيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بچاءِ لاءِ ارھھ جيتري ڀت جوڙي ڇڏي ھئي. جيڪا ٻڪرين واري پيچري کان اٽڪل ويھھ قدم پري ھئي ۽ ان ڀت جي اوٽ ۾ اٽڪل ويھارو ماڻھو لڪا ويٺا ھئا. يورپي ماڻھن جو مٿي پھتل جٿو مختصر ھو. ھو جڏھن چوٽيءَ تي پھتا تہ کين ورائي ويا. پھريائين ھنن کين پنھنجي توڙيدار بندوقن سان کڻي ڏنو. ان کان پوءِ ھو تلوارون ھٿ ۾ ڪري مٿن وھي پيا. ھنن ڪيترن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترن کي ھيٺ لھڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. رضاڪارن اھو ڪيو جيڪو بھادر ۽ جرئت وارو ماڻھو ڪندو آھي. سر ترين تي رکي وڙھيا. دشمن ستر ۽ ھي فقط ڏھھ ماڻھو ھئا. بلوچ دشمن ھڪ اھم جڳھھ سنڀاليون بيٺا ھئا. يورپي ھڪ لاھونديءَ تي بيٺا ھئا ۽ مٿن اوچتا حملا ٿي رھيا ھئا. اھي ٻئي ڏکيون ڳالھيون ھيون. ھڪ يورپي فوجي پنھنجي بندوق جي بئينٽ ھڪ بلوچ جي سيني ۾ ٽنبي ڇڏي. اک ڇنڀ ۾ بلوچن جو ڊزن کن تلوارون ان يورپيءَ جي مٿي تي چمڪڻ لڳيون ۽ سندس جسم وڍجي ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويون. انھيءَ وقت رضاڪارن جي فوج جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ بئري ۽ ليفٽيننٽ ”ڊاربي“ ڪري رھيا ھئا. جڏھن ھنن ڏٺو تہ دشمن سان سخت مقابلو جاري آھي تہ ھنن بہ سندن واھر لاءِ جلھھ ڪئي، پر وچ تي ھڪ اونھي کاھي ھئي جنھن ڪري ھو ان اڀڪپري ٽڪريءَ تائين بہ پھچي ڪونہ ٿي سگھيا. ھنن لاءِ بندوقن جي فائرن ڪرڻ کان سواءِ ٻي واھھ ڪانہ ھئي. پر فاصلو تمام گھڻو ھو جتي بندوق جي گوليءَ جو پھچڻ ممڪن ڪونہ ھو. سندن گوليون ان ٽڪريءَ جي وچ تي مس پھچي رھيون ھيون جنھن جي چوٽي دشمن پنھنجي قھري ڪارروائي ۾ مصروف ھو.
ھر مئجسٽي جي رضاڪارن اھڙو تہ جنگي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ھو، جو دنيا جي بھادر ۾ بھادر فوج لاءِ ممڪن ڪونہ ھو. پر ھو اھڙي جاءِ تي موجود ھئا جو نہ دشمن سان صحيح مقابلو ڪري ٿي سگھيا نہ وري سندن دوست ھنن جي مدد ڪري ٿي سگھيا. ان ڳنڀير وايومنڊل کي منھن ڏيڻ مان ساري فوج کي ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿين جو حڪم ڏنو ويو ٽڪنڊي ٽڪريءَ تي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھڙو ڪو گھٽ گھيڙ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو، ليڪن گھڻي وقت کان پوءِ پتو پيو تہ ان ٽڪري جي پٺئين پاسي مٿي وڃڻ لاءِ چارو آھي پر ان وقت تائين گھڻي دير ٿي چڪي ھئي.
ٻئي ڏينھن صبح ج مون کي ڪئپٽن ڪرلنگ جو خط پھتو تہ بجار، سر چارلس آڏو پيش پيو آھي، تنھن ڪري مان جنگي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون ھيون. ان کان سواءِ مون کي ڪرنل فروشرڊ وٽان بہ خط پھتو ھو تہ دشمن پيش پوڻ قبول ڪيو آھي ۽ جنگ مياڻي پڄاڻي کي پھچي چڪي ھئي.
مان سرچارلس سان شاھپور ۾ مليو ھوس، جنھن مون کي شڪارپور جي ڪمانڊر جي عھدي جو اعزاز بخشيو ھو. اھڙي ريت شڪارپور کان ڏکڻ لاڙڪاڻي تائين ۽ شڪارپور کان اتر شاھپور تائين،سڀ فوجي چوڪيون منھنجي ڪمانڊ ۾ ڏنيون ويون ھيون.
ھن کان سواءِ سر چارلس مون ملٽري ڪميشن جو پريذيڊنٽ بہ مقرر ڪيو ھو. جيڪو مجرم فوجين تي مقدما ھلائيندو ھو. جڏھن ”ڪلڪتھ رويو“ پنھنجي 1850ع واري شماري ۾ لکيو ھو تھ، ميجر جئجن کي سرحد جي ڪمانڊ سونپي وئي آھي جيڪا خبر غلط آھي (پر مٿي ڏنل سال 1850ع نہ پر 1845ع ھجڻ گھرجي. مترجم) حقيقت اھا آھي تہ ميجر جئڪب کي سرحد جي اھا ڪمانڊ 1846ع کان ڏني وئي انھيءَ زماني ڌارا بنديلکنڊ ليجن سنڌ ڇڏي چڪو ھو.
نوٽ: افغانستان جي جنگي مھم تان موٽي آيل فوجين جڏھن اھا اڀڪپري ٽڪري ڏٺي جنھن تي ويھي بلوچن 13 ريجيمينٽ جي رضاڪارن کي قتل ڪيو ھو تہ کانئن تعجب کان دانھن نڪري وئي ھئي ۽ چوڻ لڳا ھئا تہ ھنن پنھنجي ساري زندگيءَ ۾ اھڙي ڏکي ٽڪري ڪانہ ڏٺي آھي. ان ٽڪريءَ تي وڃڻ لاءِ ھڪ اھڙو ٻيو پيچرو جنھن سان فقط ھڪ ماڻھوءَ جي چڙھڻ جيتري جڳھھ ھئي. سمجھھ ائين اچي رھيو ھو تہ مٿي آرام سان پھچي وڃبو ۽ دشمن ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ سگھندو. مٿي فقط ڏھن ماڻھن جي بيھڻ جيتري جڳھھ ڇڏيل ھئي. باقي ٻي جاءِ ارھھ جيڏي ڀت ٺاھي بلوچن والاري ڇڏي ھئي جتي ھڪ سو ماڻھن جيتري جاءِ ھئي. پٺيون پاسو کليل ھو. ھن پاسي کان ھنن لاءِ ھر قسم جي مدد پھچي رھي ھئي. اھڙو رستو ھن ٽڪنڊيءَ ٽڪريءَ جي تري تائين وڃي رھيو ھو، جتي ھڪ گھارو ھو جتان تفنگ جو فائر بي اثر ثابت ٿي رھيو ھو. تنھن ڪري مٿي چڙھي بلوچن تي حملي ڪرڻ واري فوج جو ڪوبہ تحفظ ٿي ڪونہ ٿي سگھيو. بلوچ اھڙي صورتحال کان چڱي ريت واقف ھئا. اھي ڏسي رھيا ھئا تہ ٿورا رضاڪار ٻيءَ فوج کان جدا ٿي جابلو بُھري مان گذري، ھڪ ھڪ ٿي مٿي ٽڪريءَ تي چڙھي رھيا ھئا. بلوچن ھنن کي آرام سان مٿي چڙھڻ ڏنو ۽ ارھھ جيڏي ڀت ڀرسان سامھون گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اتي اچي بيٺا جنھن جاءِ تي اچي بيھڻ جي بلوچن کي توقع ھئي. پر ھو کين پنھنجي بندوقن جو سولو کاڄ بڻائي ڪونہ سگھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ جي يورپي ويڙھھ جا ڇتا ھئا. ھنن مڙسي ڪري بلوچن جا ايترا ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا، جيتري بلوچن کي توقع ئي ڪانہ ھئي. ان کان پوءِ مس وڃي بلوچ رضاڪارن مٿان غلبو حاصل ڪري سگھيا ھئا.
پائيپڪلي اسڪول جا معزز ماڻھو اھو ضرور پڇندا تہ فلئڪ واري فوجي حصي کي مکيھ فوج کان الڳ ڪري ڇو ڇڏيو ويو ھو ۽ ساري فوج ڳنڍي رکڻ وارا حصا ڪھڙيءَ جاءِ تي موجود ھئا. مان انھن دوستن کي فقط ھي گذارش ڪندس تہ اوھان تروڪي ڪانہ ڏٺي آھي، جيڪڏھن ڏسو ھا تہ اھڙا سوال ھرگز ڪونہ ڪريو ھا. ھي اھڙو مخصوص قسم جو علائقو آھي، جتي فوج جو ھڪ حصو ٻئي کان پري رھي ڪونہ سگھندو ۽ پر رابطو بہ قائم ڪري ڪونہ سگھبو آھي. مان ھڪ فوجي عملدار کي ڏٺو ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ھو. دشمن جي بندوقن جي گولين جي منھن ۾ ساڻن مقابلو ڪندو رھيو ۽ ان اڀڪپريءَ ٽڪريءَ جي ڪناري سان ھميشه لاءِ ننڊ ۾ سمھي پيو. پر ٻئي طرف اھڙا بھادر فوجي ھئا جيڪي ساڻس مدد ڪرڻ جا خواھشمند ھئا، پر ھو ائين ڪري ڪونہ سگھيا ھئا. مان اھڙا فوجي بہ ڏٺا جن جا پير ٻن جبلن جي سوڙھي وٿيءَ ۾ ڦاسي پيا. پيرن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويائون، پر نہ نڪري سگھيا. نيٺ کين بوٽن جي قرباني ڏيڻي پيئي تڏھن مس وڃي سندن جان ڇٽي. توھان چوندا تہ انھيءَ جو مطلب ڇا ويجھڙائي بہ ھئي، پر رابطو ڪونہ ھو. انھن کي منھنجو جواب اھو آھي تہ مھرباني ڪري پاڻ وڃي تروڪي ڏسي اچو.
پھرين پنجاب جنگ 1846ع ۾ لڳي ھئي، پر جيڪڏھن سر چارلس جي منصوبي مطابق عمل ڪيو وڃي ھا تہ ٻي جنگ لڳڻ جو امڪان ئي ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ ان جنگ جي ڪاميابي ديرپا ثابت ٿئي ھا. اھڙو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي تہ ديري غازي خان تي حملي جي ڪمانڊ سر چارلس کي سونپي وڃي ھا. ان محاذ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس ملتان تي حملي جو اختيار ڏنو وڃي ھا ۽ 1846ع واري اھا فوجي پنجاب لاءِ ائين ڪافي ھئي، جيئن مياڻيءَ ۽ حيدرآباد واري جنگ ۾ سنڌ لاءِ ڪافي ھئي.

ضميمو ويھون

ھيٺ بيان ڪيل خطن جو تعلق سنڌ جي فتح جي تاريخ سان آھي، پر ھي خط ”سنڌ جي فتح“ واري ڪتاب ڇاپجڻ کان پوءِ ھٿ آيا ھئا تنھن ڪري انھن کي ھتي جاءِ ڏني وئي آھي.
ھتي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا رستم پنھنجي پڳ ۽ مسند تان خوشيءَ سان ھٿ ڪونہ کنيو ھو؟ اھو فيصلو سندس ھن خط مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ھن انھيءَ زماني ۾ پنھنجي پٽ ڏانھن لکيو ھو. پر اھو 1850ع ۾ ان وقت ھٿ آيو جڏھن علي مراد جي غداريءَ کي ڏسي معاملي جي جاچ پڙٽال ڪئي وئي ھئي. ھن خط کان پوءِ ميرن جون ٺڳيون ۽ ڪوڙ سڀ ظاھر ٿي پون ٿا، جن سان گڏ سندن انگريز دوست بہ ھئا ۽ اھي ماڻھو بہ ھئا جيڪي ھنن لاءِ ماتم ڪندا ھئا.
مير رستم خان جو پنھنجي پٽ مير محمد حسين ڏانھن لکيل خط
17 ذيقعد 1258 ھھ، 20 ڊسمبر 1842ع
اسلام عليڪم
جنرل (سر چارلس) جي لکيل ھدايتن مطابق مان علي مراد سان گڏ ڏجي ڪوٽ آيس. اتي پھچي مٿي بيان ڪيل مير مون کي چيو تہ پڳ ۽ زمين منھنجي حوالي ڪر. ان کان پوءِ مان سارا معاملا پاڻ انگريزن سان طئي ڪندس. ھن مير علي مراد جي زور بار کان پوءِ مان کيس پنھنجي زمين ڏني. پر تنھنجي، تنھنجي ڀاءُ ۽ مير مبارڪ جي اولاد واري زمين سندس حوالي ڪانہ ڪئي اٿم. ان کان سواءِ روھڙي کان اتر پاسي وارا علائقا بہ کيس ڪونہ ڏنا ويا آھن. معاھدو اھو ٿيو آھي تہ مٿي بيان ڪيل زمينن سان ھٿ چراند نہ ڪندو. ھي معاھدو پير علي گوھر پنھنجي ھٿن سان لکيو آھي ۽ مھر، مير علي مراد ھنئي آھي. ان معاھدي جو ھڪ نقل ھن خط سان اوھان ڏانھن موڪلجي ٿو، جيئن پڙھي حقيقتن کان آگاھي حاصل ڪريو.
شال تون، تنھنجو ڀاءُ ۽ مير مبارڪ خان جا وارث پنھنجي زمين سان خوش ھجن. معاھدي ۾ اھو بہ لکيل آھي تہ مان اھي زمينون اڳئي توکي لکي ڏنيون ھيون ۽ ائين ئي رھنديون جيئن اڳئي لکيل آھن. ھنن معاملن ۾ مير علي مراد ڪنھن بہ قسم جي دست اندازي نہ ڪندو.
ديھھ ڪنگري ۽ بادشاھھ پور ھميشه لاءِ پير علي گوھر کي ڏئي ڇڏيون اٿم. تون بہ ائين ڪجانءِ. منھنجو ۽ منھنجي گھر جو خرچ مير علي مراد ڀريندو.
صحيح ترجمو
جان ينگ ھسبنڊ صحيح
ليفٽيننٽ سنڌ پوليس
سکر، 4 مئي، 1850ع
ھيءُ خط جنھن جو ترجمو مٿي ڏنو ويو آھي سو مون کي مير محمد حسين ولد مير رستم خان ڏنو ھو، جنھن تي مير رستم جي مھر ھنيل آھي.
سر چارلس جو ڪمانڊر ان چيف سر جاسپر نڪولس ڏانھن لکيل ان جوابي خط جو اختصار. اھو خط سر چارلس ان وقت لکيو ھو جڏھن ڪمانڊر ان چيف کيس سنڌ ۾ جنگي مھم دوران اختيار ڪيل رويي خلاف سر چارلس کي ڇنڊ پٽي ھئي.
25 جون 1843ع
اوھان 9 مارچ تي خط لکي ڄڻ مون کي اعزاز بخشيو آھي جنھن ۾ اوھان ھي جملو تحرير ڪرڻ فرمايو آھي: ”مان سمجھان ٿو تہ اھا ڏکي جنگ ھئي، پر جيڪڏھن 41 ريجيمينٽ ۽ ڪرنل والس جي فوج جو ھڪ حصو پاڻ وٽ رکين ھا تہ اھا جنگ تو لاءِ وڌيڪ سولي ٿي وڃي ھا.“
منھنجو خيال آھي تہ اوھان اھي لفظ لکي مون تي سخت قسم جو الزام ھنيو آھي. مون کي اھا پڪ ڪانہ آھي تہ مان جڏھن پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجهہ ڳالھائيندس تہ اوھان ان کي مناسب سمجھندا يا نھ. پر مون کي اھا پڪ ضرور آھي تہ ظاھر ۾ نظر اچڻ کان وڌيڪ اوھان جي خيال ۾ مان ھڪ وڏو فوجي عملدار آھيان.
مان 41 ريجيمينٽ جي باري ۾ پنھنجي خيال جو اظھار ڪري رھيو آھيان. اوھان کي ھندستان ۾ ٿيندڙ جنگين جي چڱيءَ ريت خبر آھي. پر مان اوھان کي اھو ٻڌائڻ ضروري ڪونہ ٿو سمجھان تہ يورپي فوج، گرميءَ جي موسم دوران ڪنھن سواري جي بندوبست ڪرڻ کان سواءِ پيش قدمي ڪري ڪانہ سگھندي آھي. مون کي خبر آھي تہ ان ريجيمينٽ لاءِ سواري جو بندوبست ڪونہ ڪيو ويو ھو. اھا فوج سنڌوءَ ۾ ٻيڙين تي ويٺي رھي. مون سان گڏ ھلندڙ فوج لاءِ بہ مان ڪافي سواريءَ جو بندوسبت تي ڪونہ سگھيو ھو. تنھن ڪري 41 ريجيمينٽ لاءِ سواري جو ڪھڙو بندوبست ڪري سگھان ھا. سواري جي بندوبست نہ ٿيڻ ڪري مان 8 نيٽو افنٽري کي روھڙي ۾ ڇڏي آيو ھوس. 41 ريجيمنٽ اچي مون سان مھم ۾ گڏجي ھا تہ ڀلي. پر ان ريجيمينٽ جي بيمار فوجين لاءِ بہ سواري جو بندوبست ڪونہ ھو. انھيءَ صورت ۾ گولا بارود، پاڻيءَ، کاڌي پيتي جي شين کي کڻي ھلڻ لاءِ بہ سواريءَ جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ان ريجيمينٽ جو مون سان اچي گڏجڻ ممڪن ڪونہ ھو.
پر اھا حقيقت ائين بہ ڪانہ آھي. 15 تاريخ تائين حيدرآباد جا ٽالپر حڪمران اھو اعلان ڪندا رھيا تہ ھو انگريزي سرڪار جي پيش پوندا. پر جڏھن خيرپور جو مير اچي ساڻن مليو تہ ھو پنھنجي اڳئين اعلان تان ھٿ کڻي ويا. خيرپور واري مير سان فوج ڪانہ ھئي. مون سان بہ ايتري فوج ڪانہ ھئي جو ٽالپرن کي منھن ڏئي سگھجي. گورنر جنرل ۽ ممبئي سرڪار جا حڪم ھئا تہ 41 ريجيمينٽ 20 فيبروري ضروري ڪراچي ڏانھن ٻيڙين تي سور ٿي نڪري. مون کي خبر ھئي تہ کين اھڙي چنتا ڇو لڳل آھي. اھو ضروري بہ ھو تہ 41 ريجيمينٽ 20 فيبروري تي ڪراچي پھچي. جنوري تائين تہ ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ انھيءَ ڪري ممڪن ڪونہ ھو جو ميرن اسان سان نئون معاھدو ڪرڻ قبولي ورتو ھو. سکر کلي 41 ريجيمينٽ کي روڪڻ منھنجي لاءِ ممڪن ڪونہ ھو. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت جي واضح حڪمن جي خلاف وڃڻ ھو. پر ان فوج جو اڳتي وڌي اچي منھنجيءَ فوج سان ملڻ بہ امڪان کان ٻاھر ھو. مان سمجھان ٿو تہ منھنجي انھيءَ رويي ڪري ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت خوش ڪانہ ٿي ھوندي. 41 ريجيمينٽ 4 فيبروري تي سکر پھتي ھئي. اتي کيس حڪم مليو تہ جلدي ۾ اتان رواني ٿئي. اھا حيدرآباد جنگ جي اعلان ٿيڻ کان پنج ڏينھن اڳ 10 فيبروري تي پھتي ھئي. ميجر آئوٽرام منھنجو ڀروسي جوڳو نمائندو ھو. جيڪو ميرن جي چوڻ تي سندن راڄڌاني ۾ ترسيو پيو ھو. ھي ماڻھو مون کي يقين ڏياري رھيو ھو تہ مير صلح ڪرڻ ۾ سچا آھن. ھي ميجر سنڌ کان گھڻو واقف ھو ۽ ميرن سان بہ ھن جي شخصي دوستي ھئي.
جنگ واري ڏينھن 41 ريجيمينٽ ڪراچي پھچي چڪي ھئي. مان سمنڊ کان پري خشڪيءَ تي موجود ھوس. منھنجا خط رستي ۾ رڪجي رھيا ھئا. مون کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ 41 ريجيمينٽ ڪٿي آھي. سنڌوءَ ۾ ٻيڙين تي ترسيل آھي يا ڪٿي آھي. وچ تي ٽن سون ميلن جو فاصلو ھو. اھا ريجيمينٽ جڏھن سکر پھتي ھئي تہ مون کي خبر ڪانہ ھئي. ان کان پوءِ تہ منھنجي پھچ کان ئي ٻاھر نڪري وئي. مان اھو سمجھي بہ ڪونہ سگھيو ھوس تہ ان جي مون کي ضرورت آھي يا نھ. مان اھو سوچي بہ ڪونہ سگھيو ھوس. مان 13 تاريخ تي سعيد آباد وٽ ھوس جو ميجر آئوٽرام جا ٻہ اھم خط اچي مليا ھئا، جن ۾ لکيل ھو تہ حيدرآباد ۾ ڪوبہ ھٿيار بند ماڻھو موجود ڪونہ آھي. پر انھيءَ وقت مياڻيءَ ۾ 25862 فوج موجود ھئي. ھي ماڳ حيدرآباد کان ڇھھ ميل پري آھي ۽ جنگ ڄڻ ويجھي ھئي. ھن بيان کان پوءِ اوھان سمجھي چڪا ھوندا تہ 41 ريجيمينٽ ان لائق ڪانہ ھئي جو منھنجي مدد ڪري سگھي. جيڪڏھن صحيح نموني سان جاچ پڙتال ڪئي ويندي تہ سڀ ڳالھيون ظاھر ٿي وينديون.
ان کان پوءِ مان اوھان جي ٻئي الزام جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنھن بابت اوھان چيو آيھ تہ جيڪڏھن ڪرنل والس جي فوج جو ڪجهہ حصو جنگ ۾ ڪم آڻيان ھا تہ فتح سولائي سان ممڪن ٿي سگھي ھا.
پھرين ڳالھہ تہ جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ۽ منھنجو حافظو بہ ھروڀرو ايڏو جڏو ڪونہ آھي تہ ڪرنل والس جي برگيڊ ۾ پندرھن سو فوج ھئي،جنھن ۾ سمجھيو تہ ڪي جڏا سڏا ماڻھو ڀرتي ٿيل ھئا. انھيءَ فوج مان جيڪڏھن 500 ماڻھو بہ ڪتب آڻيان ھا تہ مياڻي جي جنگ سولي ھجڻ بدران ڏاڍي ڏکي ٿي پوي. دشمن ڌر بہ اضافي فوج کي ڏسي پنھنجي بہ گھٽي آڻي ميدان تي لھي ھا. ان جو لازمي نتيجو اھو نڪري ھا تہ ٻنھي طرفان کان گھڻا ماڻھو مرن ھا تہ پوءِ اھا سولي فتح ڪھڙي ريت ھجي ھا. ان کان سواءِ ڪرنل کان فوج وٺي کيس وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيان. جڏھن اسان ھڪ ٻئي کان علحيده ٿيا ھئاسون تہ ھو پاڻ مون کان بہ وڌيڪ خطري ۾ ھو.
فرض ڪريو مان اھا وڏي فوجي غلطي ڪئي آھي ۽ مان مختصر فوج سان خطرناڪ جنگ کي منھن ڏنو آھي ۽ سخت خطري جو امڪان ھو ۽ مان فقط ھزار کن ماڻھو وٺي ڏکڻ وڌيو ھوس. اھڙي جوکائتي ڪم جو نتيجو ڪھڙو نڪري ھا؟ پر پاڻيءَ جي تہ جتي ڪٿي اڻاٺ ھئي. ڪڏھن تہ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي ھئي ۽ ايتري ٿوري فوج لاءِ بہ پاڻي ڪونہ ملي سگھندو ھو. پر جيڪڏھن بنگال واري فوج بہ مون سان گڏ ھجي ھا تہ گڏيل وڏيءَ فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورھايو وڃي ھا. پيش قدميءَ دوران انھن ٻنھي فوجي حصن ھڪ ڏينھن جيتري وٿي ضرور ھجي ھا. ان دوران سڪي ويل کوھن ۾ پاڻي اچي ھا جيڪو فوج جي پھرئين ڪالم استعمال ڪري کپائي ڇڏيو ھوندو. ان جو نتيجو اھو نڪري ھا تہ مياڻيءَ واري جنگ 19 تاريخ تي لڳي ھا. ان وقت تائين ولي چانڊئي جي 10000، مير محمد حسين جي 7000 ۽ مير شير محمد جي 10000 فوج اچي مياڻي وقٽ پھچي ھا. جنھن ڏينھن فتح حاصل ٿي ھئي انھيءَ ڏينھن اھي سڀ فوجون ڇھن يا اٺن ميلن جي فاصلي تي مياڻي کان پري ھيون. مون سان وڌ ۾ وڌ ھڪ ھزار فوج مدد ڪري پر دشمن فوج 27000 ماڻھو اچي جنگ لاءِ منھنجي آڏو بيھن ھا. انھن حالتن ۾ ڇا مياڻي واري فتح منھنجي لاءِ سولي ثابت ٿئي ھا.
اوھان جواب ۾ چوندا، جڏھن مان روھڙيءَ کان روانو ٿيو ھوس تہ ان وقت مون کي اھڙين حالتن جي خبر تہ ڪانہ ھئي. ان لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تہ مون کي انھن سڀني ڳالھين جي کڻي خبر ڪانہ ھئي، پر گھڻن جي ضرور ھئي.
1. مون کي اھا خبر ھئي تہ رستي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ موجود آھي.
2. مون کي کاڌي پيتي جو سامان گڏ کڻڻ گھرجي ڇاڪاڻ تہ رستي ۾ ماڻھو کاڌي پيتي جي شين ڏيڻ کان انڪار بہ ڪري سگھيا پئي پر جيڪڏھن بنگال جو فوجي ڪالم مون سان گڏ ھجي ھا تہ کاڌي پيتي جون شيون کڻن مشڪل مسئلو پوي ھا. انھن جو سامان بہ ايترو ھجي ھا، جيتري منھنجي اصلي فوج جو. ان کان سواءِ پاڻيءَ جو استعمال ايترو گھڻو ھجي ھا جو سڀئي کوھھ سڪي وڃن ھا. بنگالي فوج جي سامان جي کڻائي جو بندوبست ھو، پر انھن جي کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ کڻڻ جو بندوبست ڪونہ ھو. جيڪڏھن کڻي مان بنگال فوج پاڻ سان وٺي اچان ھا تہ اتر وارو پاسو غير محفوظ رھجي وڃي ھا. ماڻھو اڃا ايترو عقلمند ڪونہ ٿيو آھي جو صحيح اڳڪٿيون ڪري سگھي. حيدرآباد جي ميرن جو اسان سان ٺاھھ ھو. مان تہ خيرپور جي ميرن جي پٺيان وڌي رھيو ھوس جن وٽ 10000 ماڻھو بہ ڪونہ ھئا. مان بہ پنھنجي فوج وڌائي ساڻن مقابلو ڪرڻ ڪونہ ٿي چاھيو. نہ وري ڪنھن ماڻھو کي خبر ھئي تہ جنگ ٿيندي. حيدرآباد جي ميرن جي جنگ لاءِ مرضي ڪانہ ھئي. 12 تاريخ فيبروري تي ميجر آئوٽرام حيدرآباد مان ٻہ خط لکيا ھئا تہ حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن وٽ ھڪ بہ فوجي موجود ڪونہ آھي. کيس بہ جنگ جو ڪو وھم گمان بہ ڪونہ ھو.
بلوچ فوج ھڪدم گڏ ٿي وئي. ڄڻ جادوءَ جي زور سان ڪٺي ٿي وئي ھجي. ان ڪري مان پوئتي ھٽڻ کي مان پنھنجي توھين سمجھيو ھو. تنھن ڪري مان حملي جو ھڪدم فيصلو ڪري ورتو. ڇاڪاڻ تہ مون کي پنھنجي فوج ۾ بي انتھا اعتماد ھو. منھنجي فوج منھنجي اعتماد کي ڪنھن بہ قسم جو ڇيھو ڪونہ پھچايو ھو. نہ وري ھاڻي ئي پھچائي سگھي ٿي. اميد آھي تہ ھن خط پھچڻ کان پوءِ اوھان جون غلط فھميون دور ٿي وينديون تہ مون اھي سڀ ماڻھو مياڻيءَ جي جنگ ۾ استعمال ڪيا، جيڪي مون وٽ موجود ھئا.
س جي نيپيئر (صحيح)
ليفٽيننٽ جنرل سر جاسپر نڪولس
ڪمانڊر ان چيف