ناول

گناھہ

عبداللطيف راز بلڙائيءَ جو ھي ناول، سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي ٻولي ۽ ڪردار تمام وڻندڙ آھن. ناول پڙھندي جيئن اڳتي ھلجي ٿو تہ دلچسپي وڌندي رھي ٿي. ناول ۾ ظلم، زيادتين، بُک، پريشانين، گهرو مسئلن، تنگدستي، اڻ سھپ سميت انيڪ معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي نروار ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book گناھہ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار عبداللطيف راز  بلڙائيءَ جو لکيل ناول ”گناھہ“  اوھان اڳيان پيش آھي،
عبداللطيف راز بلڙائيءَ جو ھي ناول، سماجي ۽ معاشي زندگيءَ جي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي ٻولي ۽ ڪردار تمام وڻندڙ آھن. ناول پڙھندي جيئن اڳتي ھلجي ٿو تہ دلچسپي وڌندي رھي ٿي. ناول ۾ ظلم، زيادتين، بُک، پريشانين، گهرو مسئلن، تنگدستي، اڻ سھپ سميت انيڪ معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي نروار ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو  1952ع  ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1955ع آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي