شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 72
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ محقق مير حاجن مير جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”سرھا ڏٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.
ھي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

سيوهڻ جي زرخيز خوشبوءَ واري  مٽيءَ مان جنم ورتل نامور محقق 

محترم پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ 

جي نالي 

ڪِتاب ’باک ڦُٽي ٿي‘ تان ورتل

يوسف سنڌي به الائجي ”ڪيئن“ آهي؟ جنهن وقت به حيدرآباد وڃو حيدرچوڪ وٽ رابعه سينٽر ۾ پبلشر مور ساگر وٽ هڪيو تڪيو حاضر ويٺو هوندو آهي. ڪو ڪم ڪار اٿس به يا نه! اسي کان به وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ/مترجم/سهيڙيندڙ هيءُ ماڻهو ڀلا ٿڪبو ناهي ڇا..؟ ٿڪجندو ته هوندو! پر پوءِ به ڪهڙي مھل لکندو هوندو؟ سوچيان ٿو. اوهان  کيس حيدآباد جي اڪثر ادبي پروگرامن ۾ به ڏسندﺂ.

فِدا سنجراڻي

]ڪِتاب ’باک ڦُٽي ٿي‘ تان ورتل[

مُرتب پاران

مُرتب پاران

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل محترم يوسف سنڌي ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. جنھن تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، يوسف سنڌيءَ تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، سندس ڪتابن تي هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون، هن وقت تائين سندس شخصيت ۽ فن تي ڪو خاصو ڪم نه ٿيو آهي ،مون ڪوشش ڪري هڪ ننڍڙي هيءَ ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
يوسف سنڌيءَ پنهنجو نور نچوئي سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اها توڙي ترجمي جي صورت ۾ هجي، پبلشر جي صورت ۾ هجي، يا اصلوڪن ڪتابن جي صورت ۾ هجي يا سهيڙيل ڪتابن جي صورت ۾ هجي.آءٌ ترجمي ۾ شمس العماءُ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڏو ترجمي نگار يوسف کي سڏيندو آهيان.
يوسف سنڌيءَ دڙي جي خوشبودار مٽيءَ مان جنم ورتو، ته موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش جي به مٽي به اهائي هئي، جتي عبدالغفور الستيءَ جهڙا عالم رهندا هئا.پرويز ۽ غلام حسين رنگريز جهڙا برجستا سنڌ پرست ليکڪ سندس ڀر ۾ رهندا هجن.
هن ڪتاب کان پھرين سنڌي ادب جي محسنن ڊاڪٽر عابد مظھر (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصيت 2022ع) ۽ پرواني سيوهاڻيءَ تي ڪتاب (پروانو سيوهاڻي فن ۽ شخصيت 2023ع ) مرتب ڪري ڇپائي چڪو آهيان. هي ٽيون ڪتاب آهي جو سنڌ جي نامور اديب يوسف سنڌيءَ تي ’سرها ڏِٺم سي‘ (يوسف سنڌي فن ۽ شخصيت) مرتب ڪري اوهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.
يوسف پنھنجي اداري سچائي اشاعت گهر دڙي طرفان پڻ ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپائي چُڪو آهي، هي روايتي پبلشرن وانگر ڪتاب نه ٿو ڇپائي جيڪي رڳو پيسا ڪمائڻ جي پٺيان هوندا آهن، هي ادب جي خدمت طور ڪتاب ڇپائيندو رهي ٿو، ان ڪري هن وقت تائين سندس مالي حالت ڪا سگهاري ڪانهي، نه هي ڪو بيوروڪريٽ يا ڪنھن ٺٺ واري ڪرسيءَ تي رهيو آهي، هي پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل رهيو آهي، جنهن ۾ پيٽ پالي ئي مس سگهجي ٿو. هن سڄو ادبي ڪم نيڪ نيتيءَ ۽ سنڌي ادب جو خدمت گذار ٿي ڪيو آهي. جنهن تي هو گهڻو ڪجهه لهڻين ٿو .سنڌي اديب جي حالت ڪنهن کان ڳجهي ڪانھي ،جي ڪو ليکڪ ڪتاب ڇپائي ٿو وٺڻ وارن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
پر يوسف سنڌيءَ جنهن مُڙسي ۽ محنت سان ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا آهن. اها جهڙي تهڙي اديب جي وس جي ڳالهه ناهي آءٌ کيس فن ۽ شخصيت جي قدرداني ڪندي هيءَ ننڍڙي ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهيان. سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جن يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن ۽ شخصيت تي مضمون لکي ڏنا ۽ اوهان پڙهندڙن آڏو هي ڪتابُ پيش ڪريان ٿو. اميد ته هي پورهيو اوهان کي ضرور پسند ايندو.

مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
20 مئي 2023ع

يار اسان جو يوسف سنڌي منظوم ڀيٽا

يار اسان جو يوسف سنڌي منظوم ڀيٽا
سرويچ سجاولي

ماڻڪ موتي ميڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي،
کيت ادب جا کيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

علم و ادب جي آبياريءَ لئه، سارا پنهنجا سُک ڦٽائي،
جوتَن ڪارڻ جهيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

نظم نثر جي نرواريءَ لئه، نيڻن جو هو نور نچوئي،
ٿير ٿلها سڀ ٿيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

”اونداهيءَ جا عضوا ٽوڙي“ سنڌ سڄيءَ کي سوجهاڪا ڏيئي،
واٽون واٽون ويڙهي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

تجليءَ جون تارون تاڻيو، تارن سان تڪرار ڪريو،
چنڊ ۽ سج کي چيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

علم ادب جا سارا صفحا، تنهن جون ساکون ڏين،
ٽانگر ٽاڙيون ٽيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

ڪتابن جا اُٺ قطاريو، قوم سڄيءَ کي قُوت ڏيڻ لاءِ،
اوکا گس اُکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.

”سرويچن“ جي سيم سڄيءَ ۾، ريٽا روپا رنگ ڀرڻ لئه،
پنهنجو نينهن نکيڙي ويٺو، يار اسان جو يوسف سنڌي.
]19- فيبروري 2004ع[
]’ٻئي ڪنڌيون مھراڻ‘ جون تان ورتل[

سرها ڏِٺم سي [ڄاڻ سُڃاڻ/ سَر نامو]

---

]ڄاڻ سُڃاڻ/ سَر نامو[

]ڄاڻ سُڃاڻ/ سَر نامو[
منهنجو پيءُ پهرين ڍڳا گاڏي هلائيندو هو. پوءِ عمر وڌيس ته اها ڇڏي ريڙهي ڪڍيائين ۽ شيون وڪڻڻ لڳو، پوءِ رازن سان گڏ مزدوري ڪيائين، عمر وڏي هئڻ ۽ نئون مزدور هئڻ سبب رازا نه رڳو کيس گهڻو تنگ ڪندا هئا. پر گهڻي ڪم وٺڻ سان گڏ کيس مزدوري پڻ گهٽ ڏيندا هئا. اسان جي گهر ۾ ڪوبه پڙهيل ڪونه هو. مون کان اڳ منهنجي ڀينرن ناظرا قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ ڪجهه سنڌي پڙهيون هيون. آءٌ پهرين پنهنجي وڏي ڀيڻ سان گڏ اسڪول وڃڻ لڳس ۽ پوءِ اسان جي هڪ مائٽ، جيڪو استاد پڻ هو، مون کي پاڻ سان گڏ اسڪول نيئڻ شروع ڪيو. سندس نالو شفيع محمد ميمڻ آهي. پر اسين کيس سائين ”وڪيو“ چوندا هئاسين. هو اسان کي اسڪول ۾ هيرائڻ جي لاءِ کٽمٺڙا پڻ ڏيندو هو ۽ اسڪول جي اڱڻ ۾ جيڪو اسڪول محمودا واهه جي ڪپ تي هو، واريءَ جا گهروندڙا پڻ ٺاهي ڏيندو هو، پر مون کي پڙهڻ جي بدران راند روند، چَٽي ڪرڻ ۽ سڄو ڏينهن امان جي پويان لڙڪڻ جو جنون هوندو هو. جيڪڏهن سائين شفيع محمد ميمڻ ڪوشش نه ڪري ها ته ڪر آءٌ پڙهڻ بدران هينئر پيو ڇولا وڪڻان ها يا گڏهه مزدوري ڪريان ها. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي. جنهن مون کي اکر سان الفت سيکاري، سائين شفيع ڪتابن جو پڻ وڏو شوقين هوندو هو. وٽس ڪيترائي ڪتاب هوندا هئا. هو سٺو جلد ساز پڻ هو ۽ انهن ڪتابن جي سٺي نموني جلد بندي ڪندو هو. ايئن آءٌ پهريون ۽ ٻيو سائين شفيع، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون سائين ڪريم بخش مڱڻهار وٽ پڙهيس. جيڪو پڻ بهترين استاد هو. حقيقت ۾ اهي استاد ئي هئا، جن مون جهڙي ڪُند ذهن ۽ اڻ گهڙيل ڪاٺ کي ٺاهي سنواري انسان ٿيڻ جي لائق بنايو. سائين ڪريم بخش هڪ بهترين استاد، هڪ سٺو شاعر، مولودي، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نويس هئڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي ورڪر پڻ هو. هو هڪ عظيم استاد هو، جيڪو اسڪول جي وقت کان پوءِ شام جو ۽ رات جو پڻ بتيءَ تي اسان کي پڙهائيندو هو. غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺرائيندو هو، شعر لکي ڏيندو هو. هڪ ڀيري هو اسان کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۾ پڻ وٺي ويو هو. اهو شايد 1976ع جو سال هو سندس شاعراڻو تخلص پياسي هو.
] يوسف سنڌي – ماهوار ادب نومبر 2002ع انٽرويو مان ٽڪرو[
****

رتيءَ جي رهاڻ

رتيءَ جي رهاڻ
يوسف سنڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه

اسحاق انصاري

رتيءَ جي رهاڻ ۾، اڄ اسان سان گڏ آهي، محترم يوسف سنڌي! سنڌ جو ناميارو ليکڪ، مترجم، جدوجهد ۽ جاکوڙ جو اُهڃاڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو موجوده سيڪريٽري جنرل.... هُن جي شخصيت ۽ سڃاڻپ جو ڪو هڪڙو حوالو ڪونهي، ڪيئي آهن ۽ هر حوالي سان، هن پاڻ کي هڪ ذميوار ’سنڌيءَ‘ جي حيثيت سان مڃرايو ۽ نمايان ڪيو آهي، اچو ته ساڻس ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪريون.
اسحاق: يوسف! توهان جي مهرباني جو اوهان پنهنجي گهڻ رُخين ۽ گُوناگون مصروفيتن مان ٿورو وقت اسان کي ڏنو.
يوسف: اسحاق توهان جي مهرباني، جو توهان هن ڳالهه ٻولهه ۾ اڄ منهنجي روبرو آهيو.
اسحاق يوسف توهان جي شخصيت، گهڻ پاسائين آهي، ان ڪري چاهيان ٿو ته توهان پاڻ ئي گفتگو شروع ڪريو؟
يوسف: (کلندي) اصل ۾ ته آءٌ هڪڙو ننڍڙو ۽ ناچيز ماڻهو آهيان ۽ جيئن توهان چيو، ته گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. باقي مختصر اهو ته منهنجو تعلق دڙي شهر، ضِلعي ٺٽي سان آهي. پيشي جي لحاظ کان آءٌ هڪڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهيان. لکڻ پڙهڻ جو شوق جيئن چئبو آهي ته ننڍي هوندي کان هو ۽ ان ڏس ۾ عرض ڪريان ته منهنجو چاچو يعني ناميارو دانشور عبدالغفور الستي، ع - غ - سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ مشهور رسالو ’ملير‘ ڊائجسٽ به ڪڍندو هو، ته ان کي ڏسڻ سان لکڻ پڙهڻ سان چاهه وڌيو. منهنجو بابا ۽ امان! اُهي ته ٻيئي اڻ پڙهيل آهن، پر امان کي خود ڏاڍو شوق هوندو هو ته آءُ پڙهان، تعليم حاصل ڪريان. بابا..... مزدور ماڻهو هو ۽ صبح کان سانجهيءَ تائين ڍڳي گاڏي هلائيندو هو. صبح جو ويندو هو ته شام جو گهر موٽندو هو ۽ جيئن ٻهراڙيءَ ۾ ٿيندو آهي، مرد صبح سان ڪمائڻ لاءِ ٻاهرين دنيا ۾ نڪري ويندا آهن ۽ عورتون وري گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وينديون آهن. سو چاچا عبدالغفور کي لکڻ پڙهڻ جي مصروفيت ۾ ڏسي مون کي به شوق ٿيو. مٿان جنهن اسڪول ۾ ويهاريو ويس، اُتي استاد به باذوق مليا، خاص ڪري ٻه استاد، هڪڙو سائين ڪريم بخش پياسي، جيڪو شاعر هوندو هو ۽ ٻيو استاد شفيع محمد ميمڻ. اهو به ڏاڍو سُٺو استاد هو ۽ انهن ٻنهي مهربان استادن جي طفيل ۽ تربيت هيٺ رهي ادب ۾ پير پاتم.
اسحاق: معنيٰ ته توهان جي طبيعت ۾ جيڪو ليکڪ هو، ان کي دريافت انهن استادن ڪيو؟
يوسف: بلڪل اسحاق.... توهان درست چيو، اُستاد شفيع صبح سان اسڪول وٺي ويندو هو ۽ نه ويندو هئس يا گُسائيندو هئس ته (کلندي) گهران استاد ’ٽنگوٽالي‘ ڪري، اسڪول گهرائيندو هو. معنيٰ ته ڪڏهن ايئن به ٿيو، ته گهڻن کي تڪليف ڏيئي اسڪول مڙئي پهچي ويندو هئس (۽ کلندي) ڪيئي ماڻهن کي ته اڃا به تڪليف وانگر محسوس ٿيندا رهون ٿا... ته اِهو هو پرائمري تعليم جو احوالُ، پوءِ هاءِ اسڪول.... اُتي به سٺا همسفر ۽ دوست مليا، جن جي صحبت ۾ مون پهرين ڪهاڻي لکي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن واري رسالي ’گُل ڦُل‘ ۾ شايع ٿي.
اسحاق: توهان جي خاندان ۾، ان ادبي لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو؟
يوسف: اصل ۾ چاچا عبدالغفور، جنهن 74- 1970ع ڌاري ’ملير‘ ڊائجسٽ ڪڍيو يا ادبي سرگرمين ۾ زور شور سان حصو ورتو، ته خاندان وارا، کيس هڪڙو بلڪل بيڪار ماڻهو ۽ سندس ڪم کي، ڪنهن به ڪم جو نه پيا سمجهندا هئا.
اسحاق: ڇو؟ ايئن ڇو هو؟
يوسف: ان لاءِ جو هُو هڪ قومي ڪارڪن به هو ۽ جائز حقن جي حاصلات لاءِ هُن کي ڦڏا به ڪرڻا پوندا هئا، مٿان وري جيل ۾ به ويو، رسالو به ڪڍندو هو ۽ اِهي سڀ ڪم، دنيا داريءَ جي لحاظ کان ماڻهن جي نظر ۾ ڪي چڱا ڪم ٿوروئي سمجهيا ويندا هئا.
اسحاق: اڇا ته.... توهان ڳالهه پئي ڪئي، پنهنجي پهرين ڪهاڻيءَ جي، جيڪا ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي هئي، ان ڳالهه کي ٿورو مڪمل ڪندا؟
يوسف: ها.... ان ڪهاڻيءَ لکڻ واري ڳالهه سان گڏ ٻڌائيندو هلان. ته اسان جي خاندان ۾، هڪ منهنجي ماسات هوندي هئي، ان کي به ڪهاڻين وارا ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وٽ ’گل ڦل‘ کان سواءِ ٻارن لاءِ اردو رسالا ’نونهال‘، ’جگنو‘ ’تعليم و تربيت‘، جهڙا رسالا به باقاعده ايندا هئا، کانئس اِهي رسالا وٺي، آءٌ به پڙهڻ لڳس. انهن رسالن ۾ ٻارن جا نالا ڏسي اهڙو شوق من ۾ به سجاڳ ٿيو، ته انهن رسالن ۾ منهنجو به نالو شايع ٿئي. سو پهرين ته ’گل ڦل‘ ۾ ڪن سوال جواب وارن سلسلن ۾ نالو شايع ٿيو، پوءِ هڪڙي ڪهاڻي موڪليم ته اها به شايع ٿي وئي. مون اُن ڪهاڻيءَ جو عنوان ’عظيم سوکڙي‘ رکيو هو، جنهن ۾ هڪڙو دوست، پنهنجي دوست کي شاهه جو رسالو تحفي طور ڏئي ٿو ۽ اڄ به آءٌ اِهوئي سمجهندو آهيان ته اسان وٽ هڪٻئي کي ڏيڻ لاءِ اهو ئي سڀ کان وڏو ۽ اعليٰ تحفو آهي.
اسحاق: انهي ڪهاڻيءَ جي ڇپجڻ جو سال ڀلا ڪهڙو؟
يوسف: اِها منهنجي پهرين ڪهاڻي 1979ع ۾ شايع ٿي هئي ۽ اِها ڪهاڻي ڇاڪاڻ ته ڀٽائي صاحب جي پسمنظر ۾ سرجيل هئي ۽ ان حوالي سان هيءُ ڳالهه به ڪندو هلان ته، 1981ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ۾ ’لطيف ڊي‘ ملهايو ويو هو. ته اُتي آءٌ ان وقت منهنجو خيال آهي ته اٺين يا نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس. مون ان وقت پنهنجي اسڪول ۾ هن تر جي سُٺن شاعرن مان پهريون ئي دفعو جن کي ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ ارشاد ساگر، محمد خان مجيدي صاحب ۽ مون ان ئي موقعي تي ڀٽائيءَ جي درگاهه جا فقير به زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺا ۽ ٻُڌا هئا... ۽ اُن ڏينهن کان پوءِ منهنجي اندر ۾ يڪدم ئي ڀٽائي صاحب جي نالي ۽ اُن جي راڳ سان دلچسپي وڌي..... پوءِ جڏهن شعور وڌيو ۽ انهن شين جي ويجهو ويس، ته محسوس ٿيو، ته هيءُ ته هڪڙو آفاقي ڪلام ۽ پيغام آهي. اُن کي پڙهجي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، سو ان ڪم ۾ مصروف ٿيس. اِهو دؤر هڪڙي پاسي وڏو سياسي اُٿل پُٿل جو دؤر هئو. ته ٻئي پاسي ٻارن جون علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمون به زور شور سان هلي رهيون هيون. سجاڳ ٻار تحريڪ، لطيف سنگت، ساٿي ٻارڙا سنگت، ۽ ان کان پهرين گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم جو چؤٻول به ٻُڌوسين. جنهن جي پليٽ فارم تان ڪافي سينيئر ليکڪ پيدا ٿي چڪا هئا. جيڪي انهن ٻاراڻين تنظيمن جي ئي وسيلي متعارف ٿيا.
اسحاق: يوسف، توهان پهرين ڪهاڻي ته لکي هئي، ’عظيم سوکڙي‘ پوءِ ٻيا به ڪيترائي ادبي ڪم ڪيا، ترجما ڪيا، سنڌي ادبي سنگت جي سلسلي ۾ توهان جو هڪ ڀرپور جدوجهد جو دؤر آهي، پر گڏوگڏ توهان هڪ ناول به لکيو هو، جنهن جو نالو آهي ’تو ڇو پيار ڪيو؟‘ ته اِهي ايترا سارا ڪم ڪيئن ٿيا؟
يوسف: (يوسف ۽ اسحاق جو گڏيل ٽهڪ) اصل ۾ ڇا ٿيو هو، جو جيئن مون ٻڌايو ته 1979ع ۾ مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي لکي هئي. پوءِ مئٽرڪ واري زماني ۾ اسان ڪجهه دوستن گڏجي ’هوشو پبليڪيشن‘ جي نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جي پهرين ڪڙي 1982ع ڌاري شايع ڪئيسين، اِهو ڪتابڙو 60 صفحن تي ٻڌل هو، پوءِ وري ان سلسلي کي جاري رکندي 1984ع ۾ ٻيو ڪتاب ’جي هانءُ نه هارين. شايع ڪيوسين ۽ پوءِ اهڙو سلسلو شروع ٿي ويو. ان وقت ۾ ڪي ڪهاڻيون ترجمو به ڪيم، خواهش ٿي ته هاڻي انهن کي گڏي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪريون. ان لاءِ مختلف پبلشرز کي خط وغيره لکيم، پر جڏهن ڪا موٽ نه ملي ته دل ۾ خيال آيو، ڇو نه اُن کي پاڻ ئي ڇپائجي ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم. آهستي آهستي ان ڪم کي لڳي ويس ۽ پبليڪيشن واري پاسي به ڪم ڪرڻ لڳس. منهنجي انهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتاب جو نالو ’بک، عشق ۽ آزادي‘ هو، جنهن ۾ ٽالسٽاءِ، اوهينري، موپاسان جهڙن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل هيون، ايئن ان بهاني سٺي پرڏيهي ادب جي مطالعي ڏانهن ويس ۽ چڱا چڱا ڪتاب پڙهندو ۽چونڊ تحريرن کي سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪندو ويس، پر هي جيڪو پنهنجو سنڌي ادب آهي. ان جي مطالعي ڏانهن آءٌ پوءِ آيس... ۽ ان کان اڳ، مون پرڏيهي ادب چڱوئي پڙهي ورتو. ترجمي سان، اوائل ۾ جيڪي ڪتاب مون کي ترجمي جي صورت ۾ وڻيا، انهن ۾ مراد علي مرزا صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب ’مونجهارو‘ جيڪو مصري ٻولي جي ليکڪ توفيق الحڪيم جو لکيل ڊرامو آهي. اهو مون پڙهيو ۽ مون کي بي حد وڻيو. ترجمي جو ڪم جيڪو شروع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب، پوءِ مراد علي مرزا صاحب، محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ انهن کان پوءِ وري ولي رام ولڀ صاحب ۽ جن جن ٻين به ڪيو، مون کي ان مان به وڏو اُتساهه مليو ته سٺي ادب کي سنڌيءَ ۾ آڻجي ۽ ايئن مون به ترجمي جي ان فيلڊ ۾ دلچسپي ورتي ۽ منهنجو ڪهاڻين جي ترجمن وارو ڪتاب ’بک، عشق ۽ آزادي‘ به دراصل ۾ ان ئي اُتساهه جو نتيجو هو. ان کان پوءِ ٻيو ڪتاب خان عبدالغفار خان جي آٽو بايو گرافيءَ مان ڪي چونڊ حصا ترجمو ڪري ’منهنجي زندگي ۽ جدوجهد‘ جي نالي سان ڪري شايع ڪرايم. ان کان پوءِ جيڪا مون پبليڪيشن قائم ڪئي هئي، ان جي پاران پنهنجي ادبي استاد ۽ رهنما سائين غلام حسين رنگريز جي مضمونن جو مجموعو ’سرمد ڇا ٿو سوچي؟‘ ڇپرايو.
اسحاق: رنگريز صاحب ڀلا ڇا رڳو اوهان جو ادبي استاد آهي يا....؟
يوسف: رنگريز صاحب ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هئو ته مون هن وٽ PTC جي تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ ايئن هن جي ادبي صحبت مان به گهڻو ئي ڪجهه پِرايو. اُن ڪري آءٌ هُن کي پنهنجو ادبي سونهون، رهنما ۽ رهبر به ڪري سمجهندو آهيان ۽ هتي اِهو به اعتراف ڪندو هلان ته منهنجي ادبي تربيت ۾ ٻن اهم شخصيتن جو وڏو هٿ ۽ ساٿ رهيو آهي، جن مان هڪ ته منهنجو سائين غلام حسين رنگريز صاحب ۽ ٻيو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نامياري ادبي شخصيت سائين پرويز! انهن قلمڪارن ايئن به سمجهو ته، پنهنجي انداز سان، منهنجي ادبي، فڪري، سياسي ۽ تنظيمي تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي متحرڪ رهڻ جي ڪري غلام حسين رنگريز صاحب سان ته منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هن جي ئي پٺڀرائيءَ سبب ۽ اتساهڻ تي، مون سنڌي ادبي سنگت ۾ گهرِي دلچسپي ورتي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
اسحاق: هن وقت تائين توهان جي قائم ڪيل پبليڪيشن جا ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن؟
يوسف: هن وقت تائين منهنجي قائم ڪيل ’سچائي اشاعت گهر- دڙو‘ جي پاران ستر، اسي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
اسحاق: اڇا انهن ڪتابن ۾ اسان جي مشاهدي مطابق، توهان گهڻا ڪتابَ، نوجوان ۽ نوَن ليکڪن جا ئي شايع ڪرايا آهن. ان جو ڪو خاص سبب؟
يوسف: اسحاق! ان جو هڪڙو سبب ته اِهو هو، جو جڏهن آءٌ نوجوان هئس ۽ مون مشهور پبلشرز کي خط لکيا ته انهن مون کي ريسپانس ئي ڪونه ڏنو، جنهن جي ڪري ڏاڍي تڪليف پهتي، آخر نوجوانن کي ڪير ته اڳتي آڻيندو؟ انهن جي به ڪو پٺڀرائي ڪرڻ وارو ته هجي! سو ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي مون سوچيو ته، ڇو نه نوجوانن کي اُڀارجي ۽ اڳتي آڻجي ۽ ايئن مون ڪافي نوجوانن جا پهريان پهريان ڪتاب پنهنجي ان اداري پاران شايع ڪيا ۽ اهڙن ليکڪن ۾ اڄ جا مشهور و معروف ليکڪ ۽ شاعر، انور بلوچ، طارق قريشي، بيخود بلوچ، ضراب حيدر، علي اظهار ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن، جن جا پھريان ڪتابَ خاص طرح سان اسان ئي شايع ڪرايا هئا.
اسحاق: جنهن افراتفريءَ واري سماج ۾ سنگت ۾ ماڻهو اُٿي ويهي ٿو، ان ۾ ظاهر آهي، ٽينشن به پلئه پوندا آهن، اهڙن لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
يوسف: ٻه شيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون ۽ رليڪس ڪنديون آهن. هڪڙا ٻار ۽ ٻيا گُل، سو جڏهن به يا جنهن وقت به پريشان ٿيندو آهيان ته صبح جو سوير، فجر مهل ننڊ مان سجاڳ ٿي، گهر کان ٻاهر ٻنين ۾ نڪري ويندو آهيان. ظاهر آهي دڙي ۾ آءٌ جتي رهان ٿو، اُتي ٻهراڙيءَ جو ماحول آهي، ان ۾ باک ڦُٽيءَ جو سير ڪندي، ڪٿان پکين جا آواز.... ڪٿان مال جي چڙن جا ساز... ايئن سمجهو ته مون کي پُرباش ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيستائين، امان صحتمند هئي، چاڪ وچوبند... (۽ الله ڪري ته اسان جي سِرَ تي سندس ڇانورو سدائين سلامت رهي) اُها پاڻ جڏهن صبح سان ڏُڌ ولوڙيندي هئي ته ان جي ڏُڌ ولوڙڻ ۽ ماٽيءَ جي جهر جهر جي آواز تي آءٌ سجاڳ ٿي ويندو هئس ۽ ان آواز مان ڏاڍو سُڪون ملندو هئم. ۽ اهو آواز ته آءٌ جهڙوڪر هن وقت به پيو ذهن ۾ ٻُڌان.
اسحاق: جيڪڏهن پُڇجي ته هن وقت تائين ڇا ڇا ڪري چڪا آهيو، پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ لاءِ ته ڇا چوندؤ؟
يوسف: اسحاق ڏسو! جي آءٌ پنهنجي وات سان چوان ته، مون هي ڪيو، هُو ڪيو... ته اها ڪا چڱي ڳالهه ڪانه چئبي، ڇو ته اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ڪيو ئي ڪونه اٿم. زندگي آهي ته گهڻو ڪجهه ۽ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو عزم رکان ٿو، جيئن... ڏسو مرزا قليچ بيگ صاحب ڪيو آهي ۽ 76 ورهين جي ڄمار ۾ چار سؤ ستونجاهه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏئي ويو ۽ باوجود ذاتي مصروفيتن جي هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو پئي، ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چئبو ته هُو پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ وڏو ڪم ڪري ويو. سو جو ايترو ڪم ڪجي، تڏهن چئبو ته واهه سائين، زندگي سجائي گذري.
اسحاق: يوسف، توهان جا ترجمي ۽ تخليقي ادب لاءِ ڪيل پورهيا، برابر ته سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌي ادبي سنگت لاءِ جيئن اوهين متحرڪ رهيا، ڪجهه ان جدوجهد جي ڪهاڻيءَ تي به روشني وجهندا هلو.
يوسف: سنڌي ادبي سنگت کي آءٌ پنهنجي ملڪ جي هڪ وڏي ۽ جمهوري تنظيم سڏيندو ۽ سمجهندو آهيان ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اُها اهڙي پهرين ادبي تنظيم آهي، جيڪا باقاعده متحرڪ به آهي ۽ جنهن جون هر ٻئي سال چونڊون هر حالت ۾ ٿينديون رهنديون آهن ۽ ايئن به ڪڏهن ڪونهي ٿيو. ته اُها چونڊن کان پوءِ ورهائجي وئي هجي يا ان مان ڪي ٻيون نيون تنظيمون ٺهيون هجن. يعني ادبي سنگت ڪالهه به ادبي سنگت هئي ۽ اڄ به اها ئي ادبي سنگت آهي ۽ متحد آهي.
اسحاق: ادبي سنگت جي مرڪز ۾ شموليت جو خيال اوهان کي ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو؟
يوسف: ان ڏِس ۾ هاڻي جي ڪجهه ڳالهيون ان ڏِس ۾ ڪبيون... ته پوءِ باقاعده ڪبيون جو ڳالهه دراصل هيءَ آهي، ته سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ کڻندؤ ۽ کوليندؤ ته خبر پوندي ته غلام حسين رنگريز 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو، جيڪو منهنجو استاد به آهي. ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ هن وٽ پڙهڻ کان پوءِ شام جو هن وٽ وري اوطاق تي آءٌ ويندو هئس. ان دؤران هن وٽ ادبي سنگت جي لک پڙهه جو جيڪو ڪم هوندو هو، ان ۾ ساڻس هٿ. همراهي ڪرائيندو هئس. ساڳئي وقت پبليڪيشن جو ڪم به رنگريز صاحب جي سرواڻيءَ ۾ شروع ڪري ڏنوسين. اهو ڪم پوءِ حيدرآباد وڃي ’سهڻي پريس‘ مان طارق اشرف صاحب کان ڇپرائيندا هئاسين ته، طارق صاحب سان رابطه ۽ دوستي به وڌي ۽ ايئن چار پنج ڪتاب شايع ٿي ويا. ان ڏِس ۾ دعويٰ ته ڪونه ٿو ڪريان، جو ان جو سڄو ڪريڊيٽ رنگريز صاحب ڏانهن وڃي ٿو، پر ان ڪم لاءِ آءٌ هن جو وڏو ساٿ ڏيندو هئس ۽ ان سڄي عرصي دؤران، سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي، ته مون کي آفيس بيرر ٿيڻ جو خيال ڪڏهن به ڪونه آيو ۽ رنگريز صاحب جو خيال هو ته هُو وري ٻئي ٽينيوئر لاءِ به سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿئي، ان کان اڳ واري صورتحال هيءَ هئي ته، رنگريز صاحب کان پهرين جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو هو، سو ۽ رنگريز صاحب پاڻ ۾ دوست به هوندا هئا. ان وچ ۾ پوءِ ڪن سببن جي ڪري ٿيو هيئن ته هاڻي رنگريز صاحب اسان کي تيار ڪيو ته بس ان ماڻهوءَ جي پويان لڳي وڃو (ان شخص جو نالو نٿو وٺان، بس پاڻ سمجهي وڃو، ته اُن جو نالو ڇا ٿو ٿي سگهي!) اسان کي حڪم ڪيائين ته ان ماڻهوءَ جي پويان لڳي وڃون ۽ ايئن آءٌ... ذاڪر حسين کٽي، سارنگ شاهه بس هُن جي پويان لڳي وياسين ۽ ان ڏس ۾ اسان جمهوري رستو اختيار ڪيوسين ۽ ادبي سنگت جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ باقاعده ميدان ۾ لهي پياسين ۽ سنجيدگيءَ سان ان ۾ حصو ورتو سين ۽ اگرچ 1992ع وارين چونڊن ۾، مون صرف هڪڙي ووٽ تان هارايو، ادل سومري کنيا 72 ووٽ ۽ مون کنيا هئا 71، ته به مون همٿ نه هارِي.
اسحاق: توهان يا ٻيو جيڪو گروپ آهي ادبي سنگت ۾، ان لاءِ ڇا چوندا؟
يوسف: اصل ۾ اهي ڪي ٻه سياسي ڌُڙا ڪونهن، پر ادبي حلقه آهن ۽ ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. اسان جي حلقي جو خيال آهي، ته ادبي سنگت جو جيڪو ادبي ڪردار آهي، ان کي وڌيڪ اُڀاري سامهون آڻجي ۽ ان کي اسٽريٽ پالٽيڪس جو حصو نه بنائجي. پهرئين دؤر ۾ جڏهن ادبي سنگت مارشل لا واري عرص دؤران اُڀري سامهون آئي، ته اُن جو سياسي ڪردار به سامهون آيو. اُها ان دؤر جي ڳالهه هئي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت ناهي ته ادبي سنگت کي ان پيٽرن تي هلائجي، بلڪ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو هڪڙو باوقار ادبي رسالو هجي. هڪڙي مرڪزي آفيس هجي. دنيا ۾ جيڪي ادبي تحريڪون ۽ مامرا آهن، انهن کان آگاهه رهجي ۽ تخليقي انداز جي تبديلين کان پڻ وقتاً فوقتاً واقف ٿبو رهجي.
اسحاق: يوسف، شاعريءَ سان ڀلا ڪڏهن ڪو شغف رهيو؟
يوسف: شاعري مون ڪڏهن ڪئي ته ڪانهي، باقي اُها مون کي پسند ضرور آهي ۽ وڻندي به آهي.
اسحاق: ته پوءِ ان سلسلي ۾ اوهان جي پسند جا شاعر ڀلا ڪير ڪير؟
يوسف: اول ته ڀٽائي صاحب! پوءِ شيخ اياز ۽ استاد بخاري ۽ ٻنهي ۾ بنان ڀيٽ جي ايترو به چوندس ته هي ٻئي شاعر به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نهايت وڏي مقامَ جا صاحب آهن. امداد حسينيءَ کي به آءٌ سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر سمجهندو آهيان. نوجوانن ۾ اياز امر شيخ، حفيظ باغي، نواز زنئور، امداد سولنگي... ظاهر آهي شاعر ٻيا به ڪيئي مون کي وڻندا آهن، پر هاڻي ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن، جو اهڙن شاعرن جي فهرست ڊگهي آهي.
اسحاق: ڀلا رڳو شاعر ئي اوهان کي وڻندا آهن يا ڪي نثر نگار به!؟
يوسف: ٽن ماڻهن جي نثر جوآءٌ قائل آهيان ۽ انهن کي شوق سان پڙهندو آهيان: نمبرون! غلام رباني آگرو، جيڪو نهايت شاندار نثرنگار آهي. هي صاحب: جيڪو نصير مرزا! اهو به مون کي وڻندو آهي ۽ سندس حوالي سان آءٌ اهو به ٻڌائيندو هلان ته، هيستائين مون پنهنجي فقط هڪ ئي ڪتابَ جو مهاڳ لکرايو آهي ۽ اهو مون... نصير مرزا کان ئي لکرائڻ پسند ڪيو. انهي ڪتاب جو نالو هو ’اونداهيءَ ۾ سوجهرو‘ ان ڪتاب کان سواءِ مون ڪنهن به پنهنجي ٻئي ڪتاب تي ۽ ڪنهن کان به هيستائين ’مهاڳ‘ ڪونهي لکرايو. اِهو ڪتاب منهنجي لکيل خاڪن ۽ مضمونن تي ٻڌل ڪتاب آهي. محققن منجهان وري مون کي اشتياق انصاريءَ جو انداز به وڻندو آهي. ظاهر آهي اُن انداز جا ٻيا به ليکڪ سٺا آهن. جيئن بدر ابڙو، انور پيرزادو، ڪليم لاشاري، ۽ اهي سڀ به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پر اشتياق وٽ وري سائيٽس بابت سفرناما لکڻ جو انداز ئي پنهنجو آهي. نئون ۽ مختلف... ۽ مون کي ايئن، هن جا موضوع به وڻندا آهن ۽ نثر به..
اسحاق: سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ تو هانجون ترجيحات ڪهڙيون پي رهيون آهن؟
يوسف: منهنجو پهريون ٽاسڪ اِهو آهي ته ادبي سنگت جي ادبي ڪردار کي سامهون آڻيان، اُڀاريان ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ ان ۾ ڪامياب به ويو آهيان، ٻيو اهو ته منهنجو خيال آهي ته ادبي سنگت جو پبليڪيشن وارو شعبو مضبوط ٿيڻ گهرجي ۽ ادبي سنگت کي بوڪ پبلشنگ جي ڏِس ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اُن ۾ به آءٌ پاڻ کي ڪامياب تصور ٿو ڪريان ۽ انهن ڳالهين کان به اهم ۽ وڏي ڳالهه هيءَ، ته ادبي سنگت مرڪز کي پنهنجي آفيس هجڻ گهرجي، جيڪا ناهي، آءٌ سمجهان ٿو يا چوان ٿو ته مون کي پڪ آهي ته اِهو ڪم به آءٌ هر حالت ۾ سرانجام ڏيندس. ڪيئي دوست آهن. جن اِن ڏِس ۾ مدد جو وعدو به ڪيو آهي. خير... هن وقت منهنجي اهم ترين ترجيح اِها به آهي ته، ادبي سنگت مرڪز لاءِ ڪا جاءِ هجڻ گهرجي، جنهن ۾ لائبريري به هجي ۽ سنگت جي باوقار آفيس به هجي، ان جو وڊيو آڊيو سسٽم هجي ۽ اِهوئي سنگت لاءِ هن وقت منهنجو وڏو خواب آهي ۽ جي منهنجي ٻن سالن واري هن ٽينيوئر ۾ اهو پورو ٿئي. اهو آءٌ ان ڪري ٿو چوان، جو انهن ٻن سالن کان پوءِ آءٌ هاڻي چونڊن ۾ نه بيهندس ۽ چاهيندس ته ڪو نئون دوست اڳيان اچي، پنهنجي صلاحيتون ڪتب آڻي ۽ ادبي سنگت لاءِ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي ۽ منهنجو خيال آهي ته، ٿيڻ به ايئن گهرجي ۽ هر دفعي نئين قيادت اڳيان اچڻ گهرجي. ٻيا ان ڏس ۾ ڇا ٿا سوچين، اها ڳالهه ته اُهي ئي ڄاڻن! آءٌ البت ان خيال جو آهيان ته، صرف هڪ دفعي لاءِ سيڪريٽري جنرل ٿي اچجي ۽ ٻيو دفعو وري ڪن ٻين دوستن لاءِ اِها جاءِ ڇڏي ڏجي، جو جمهوري روايتون به اهوئي ڪجهه ٿيون چون.
اسحاق: يوسف اسان جي هن سلسلي ’رتيءَ جي رهاڻ‘ لاءِ اوهان وقت ڏنو، اوهان جي مهرباني.
يوسف: اسحاق، اوهان جي به مهرباني.
]هيءُ انٽرويو ڪيسيٽ تان لاهي ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي دوست نصير مرزا جا ٿورائتا آهيون. ..... ادارو[
] ماهوار امرتا - آڪٽومبر 2009ع[

... ۽ آءٌ يوسف سنڌي

... ۽ آءٌ يوسف سنڌي
[سيلف پورٽريٽ]

نالو به عجيب اٿم، يوسف سنڌي!
پر شڪل ۽ صورت اهڙي ڪانه اٿم جو ڪا زُليخا موهت ٿئي. (باقي اهو سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچيم ته ماڻھن تي زُليخائون ڪيئن موهت ٿينديون آهن) باقي ٺلھو نالي جو يوسف آهيان. مٿان وري ’سنڌي‘ سڏائڻ اهو به ڪنھن چرچي کان گهٽ ڪونھي.
ٽِڪَ جي سامھون ٿو بيھان ته بي ڊولائتو جسم ۽ وڏو مٿو ڏسيو ٽِڪ ئي ڊڄيو وڃي. سو زُليخائون خواب ۾ ڇرڪ ڀري نه اُٿنديون ته ٻيو ڇا ڪنديون!. ٽِڪَ جيڪو منھنجو حُليو ٿي ٻُڌائي (ٻهراڙيءَ ۾ آرسيءَ کي ٽِڪَ سڏين). سو هي ته : قد جو پورو پُنو. نه ڊگهو نه بندرو، پيٽ ڇاڙڪي کن وڌيل، بُت ايئن جيئن ڪو پورهيت عوام جي درد ۾ مچي مواڙ ٿيل روسي يا پاڪستاني ڪامريڊ. چپ ٿلها. منهن ٻار ڏسن ته ڪر گيب گدڙي سمجهي ڊڄي اُٿي ڀڄن. وار گُهنڊيدار، پر توهان مون کي مڪراني يا شيدي باشا چئي نه ٿا سگهو، آءٌ ته ميمڻ ڀاءُ آهيان (پر، ڪِرو ڪِرو وارو نه !) سو ڀلا زليخا موهت ٿئي به ته ڪيئن؟ البت منهنجي ٻن ڌيئرن پارس ۽ امرتا ۽ چئن پٽن شهزاد، وشال، منظر ۽ سمير علي جي امڙ جي لاءِ آءٌ مصر جو يوسف هجان ته هجان !؟
ادب ۾ اچڻ، منهنجي لاءِ ڪو حادثو چئجي يا معجزو يا وري ڪنهن جنم ۾ علم جي ڪا لارَ لڳل هوندم. ڇو جو ڪو به مٽ يا مائٽ پڙهيل نه هو. بابا ۽ امان ته ٺپ ڪورا ڪاڳر، ٺپ ٻهراڙيءَ جا، ٻني ٻارو، محنت مزدوري ڪندڙ، ستن پيڙهين کان هر- هاري هئا، پر اهو ضرور هو ته، هو نه ڪنهن وڏيري جا نه ڪنهن ننڍيري جا عام ماڻهو هئا، نه خاص ماڻهو، بس رڳو ماڻهو هئا، انگ وڌائڻ جي لاءِ!
اسڪول ۾ به امان جي شوق ڪارڻ ويٺس، ڪجهه مڙيئي بابا مرهيات جي به مرضي هئي. نه ته هجان ها ڪنهن ڍڪَ جو اڻ پڙهيل منشي، ڪنڊيڪٽر يا درزي- درزڪو ڪم ته هڪ ٻه ڏينهن سکڻ جي ڪوشش ڪيم. پوءِ ڀڄي جند ڇڏايم، اسڪول ۾ جي سائين شفيع محمد ميمڻ (سائين وڪيو) نه هجي ها ته ڪر مورئون ڪو نه پڙهان ها، ٻه درجا وٽس پڙهيس، پوءِ باقي ٽي درجا استاد ڪريم بخش مڱڻهار وٽ پڙهيس، هو به واهه جو دلچسپ ماڻهو هو. شاعر ته پهرينءَ جنم کان ئي هو (شايد لکڻ جي لاشعوري خواهش اُتان پرايم) صفا ملنگ ماڻهو، اسان کي نصابي ڪمن کان سواءِ رانديون به شوق سان ڪرائيندو هو، پر آءٌ پڙهڻ جيان راندين ۾ به هوندو هئس صفا چٽ، مار ته منهنجو مَرڪ هوندي هئي، وائي (کوهه) واري اسڪول جي انهن ڏينهن ۾ سائين جا ڪجهه شعر ياد ڪيا هيم، هاڻ ته هڪ ياد به ڪونهي، سائين هڪ ڀيرو ريڊيو پاڪستان جي پروگرام ’ٻارن جي ٻاريءَ‘ ۾ به وٺي ويو هو.
اڙي! هيءَ ته آتم ڪهاڻي پيو لکان، لکڻو ته سيلف پورٽريٽ اٿم جو منهنجو ڪو آرٽسٽ ڪونهي نه ته منهنجو اهڙو ته بڇڙو پورٽريٽ ٺاهي ها جو کِلُن جا ڪو ڪريا هجن ها ۽ هيٺان لکي ها: جيڪو پاڻ ڏانهن سمجهي!.
چيم پي ته جهڙو پڙهڻ ۾ چٽ تهڙو راندين ۾، مٿان وري ’غربت ڇولا کپائڻ‘ ڦيري ڪرڻ، ڇڙ پيس جي مشين تي اٺ آني مزدوريءَ تي اڌ سج اٽو تورڻ، پاسي ۾ ٺھندڙ ماڙيءَ تي رازن سان گڏ ڇهه روپيه روز تي مزدوري ڪرڻ جهڙا کٽراڳ به ڪيم.
خبر ناهي ته اديب ڪيئن ٿيس؟.
پر اديب آهيان ڪٿي!؟
مون کي اديب مڃي يا چوي به ڪير ٿو، مون ته ڪو ايڏو وڏو ڪارنامو ڪيو ئي ڪونهي، بس هيستائين چاليهه کن ڪتاب ڇپايا اٿم. ان ڳالهه جي الائجي ڪنهن مرحوم جي ايم مهڪريءَ کي ڦوڪَ ڏني، جو مون ڏانهن ٻن صفحن جو خط لکيائين ته ”ابا يوسف! تون مستقل جو مرزا قليچ بيگ آهين.“
ابول! پوءِ ڊپ سببان سالن تائين اهو خط به ٻين اهم خطن جيان پنهنجي گوڏي هيٺان لڪايو ويٺو هئس. متان ڪير چورائي پنهنجي نالي سان ڇپائي نه ڇڏي ، پر اهو خط جي اُن وقت کڻي ڇپجي به کڻي ها ته ڪهڙو آسمان ڏري پوي ها؟ جو دانش-ور ته هونئن ئي نه ٿي سگهان ها، جو ڪنهن سڳوري جو مٿي تي نه اٿم ۽ ڪنهن اخبار جي پهرينءَ صفحي جي زينت به بنجي نه ٿو سگهان (ڪڏهن ڪڏهن اها خواهش ٿيندي اٿم ته پنهنجي موت جي ڪوڙي خبر اخبارن ۾ هلائي پهرينءَ صفحي جي خبر بنجان، پر پوءِ ان ڊپ سبب دٻائي ڇڏيندو آهيان ته جي اها خبر پهرينءَ صفحي تي نه ڇپي ته پوءِ !؟)
چيم نه ته آهيان اصلئون ڪورو ڄٽ ۽ ڄٽ کي ملي عزت ته ويٺو ٻنهي جوتن سان کٽ تي!ڪراچي ويو هئس ڪمپوزنگ سکڻ! محترم عبدالغفورالستيءَ جي مهربانيءَ سان، پر ور چڙهيس دستگير ڀٽيءَ جي! سو ڪمپوزنگ ۾ هٿ ئي وجهڻ نه ڏنائين، سڄو رسالو ’برسات‘ کڻي منھنجي حوالي ڪيائين. رسالي ۾ سبب ايڊيٽر طور نالو به هڻي ڇڏيائين، بس پوءِ ته ڄٽن ۾ ڪو ڪريا مچي ويا. ”اڙي ڄٽ! ڄٽ جو پٽ ... ٻنهي جوتن سميت کٽ تي!“ ٽي چار پرچا ڪڍياسين، 1984ع جو زمانو هو. ايڊيٽوريل لکندو هو دستگير ڀٽي ۽ باقي مواد جي چونڊ ڪندو هو هي ڄٽ! برسات بند ٿيو ته هي ڄٽ به ٻنهي جوتن سوڌو کٽ تان لهي، هڙ مٿي تي رکي، ڀاڙي جا پئسا اُڌارا وٺي ٺڪا اچي دڙي ڪيائين!
۽ پوءِ شروع ٿيس ٻارن کي ٽڪا هڻڻ (يعني وئڪسينيٽر).
ٻه سال پرايا ٻار ڏنڀيم . ٻار مون تي اهڙا ته کاري ٿيا جو ڪئين گڏجاڻيون ڪيائون. قراردادون پاس ڪيائون، پر هئي ضياٰالحق جي بادشاهي، تنهنڪري ٻارن جي هڪ به نه هلي، باقي هڪ ٻارڙو اهڙو ته گڏيم جو توبهه زاري! منهنجو کيس ٽُڪو هڻڻ، همراهه ٻي ٽي ڪئي ڪونه، ٺڪا ٿو چڪ ڪرائيم، چڪ به اهڙو جهڙو چاڪي چمڙي جو، پوءِ ته مون به کڻي توبهه ڪئي، پر ٻار ڏسندا هئم ته شيطان يا شيطان جو نانو يا ڏاڏو سمجهي. پٿر هڻڻ جو سوچيندا هئا.
هڪ ڏينهن يارن کي کڻي ٿي کُٽي ۽ ڪتاب ڪڍڻ جو شوق ٿين، مون کي به گهران ڳولي ڪَن مان جهلي محفل جو مور ڪري، اچي وچ ۾ ويهاريائون، سڀ هئا مور ۽ مورن جي وچ ۾ مون جهڙو ڪانگ ٺهيو ته نه پي، پر ڇَڪو ڇنو مون تي! نالو رکيائون ”شيرازي پبليڪيشن“ ۽ ڪم ڪيائون منهنجي بلي! گهڻو ئي ڀڳس: چيم بابا اوهين وڏا آهيو، وڏن جي جتيءَ ۾ ننڍا ڪيئن پير پائين، قيام ڪاري ٿي ويندي. بابا آئون ڪانگ، مور جي چال ڪيئن هلندس، پر اصل نه مُڙيا چيائون! تو اڳ ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ (جڏهن آءٌ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس) هوشو پبليڪيشن جي سرِي سان هڪ ڪتاب (1982ع ۾ ) ڇپرايو آهي، سو اهو ڪم تون سنڀال ۽ اچي مون ڪانگ جي ساراهه ڪيائون ته واقعي چال وسري ويم ۽ مور جي چال هلڻ لڳس. پوءِ هڪ ڪتاب ڇپرايوسين”جي هانءُ نه هارين“ جي نالي سان، پئسا ته ڪو نه نڪتا، لاڙڪاڻي وارو يار نظام عباسي ٻين يارن جي ڪتابن جي پئسن سان گڏ اسان جي ڪتاب ”جي هانءُ نه هارين“ به کڻي اهڙو ويو جو وڃڻ کي ويو، باقي پئسا کاڌا اسان جي هڪ ٻي يار اوڳرائي به ڪين ڏنائين. آءٌ ۽ مرهيات حاجي خان ”تبسم“ سندس پويان هَلي هَلي ماٺڙي ڪري ويهي رهياسين.
اديب ته آهيان ڪونه ! لکڻ به اچيم ٿو انڌو منڊو، نالو ڪڍائڻ جو هئم وڏو شوق، منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ڪير ڇپيندو ئي ڪو نه هو. ايترو عقل به نه هئم جو لکان ها ڪنهن نياڻي نماڻي ستَ قرآنيءَ جي نالي ۾! بس پوءِ ته دير ئي نه ٿئي ها ڇپجڻ ۾، سو ٻيو ڪجهه ڪين سُجهيم، وڌم ترجمن کي ڌڪا، هِتان هُتان جيڪو اک تي چڙهيو، سو ترجمو ڪيم، پوءِ ترجما ڪندو ويس، پنهنجي پرَ ۾ بود ۾ ڀربو ويس ته ترجمن ۾ آهيان ئي ڪو آءٌ، ان وچ ۾ ٽي چار ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيم، پر هڪ ڏينھن اهو بود جو ڀرم اچي پَٽ تي پيو، جبلي يار رسول بخش درس هڪ خط لِکيو سائين غلام حسين رنگريز کي سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”غلام جا ٽھڪڙا“ پڙهڻ کان پوءِ، مبارڪون به ڏنائينس، پر گڏو گڏ منهنجي باري ۾ ٻه اکر رهڙي موڪليائينس ته: ”توهان جو اهو ترجمو پڙهي يوسف سنڌيءَ کي پنهنجي ڪيل ترجمن تي شرم اچن گهرجي.“
ابول! بس يار شرم به اهڙو ٿيم جو صفا ڪينجهر ۾ ٻڏي مرڻ تي دل ٿي چيو.
بس يار ڪا صلاحيت هجيم ها ته ڪر هيستائين وڏو نالو ڪڍان ها!
پر ڪجهه ته نالو ڪڍيو به اٿم!
پنهنجي مڙسيءَ تي ڪتابن جون پُٺارڪو ٻڌي هر فنڪشن ۾ وڪڻڻ کڻي ويندو هئس، ۽ هڪ ٽڪو به پاڻ تي نه خرچيندو هئس، مور ۽ منافعي سوڌو سڀ خرچ ڪندوهئس، ڪتابن ڇپائڻ ۾! ڪئين يار ڪتاب کڻي ويا، چي: وڃيو ٿا پئسا موڪليون، پر پئسا نه پهتا، پر مون به ڪنهن جي پرواهه نه، ڪئي، ويس ڪتاب ڇپائيندو، ڪنهن کي ڪتاب وڻن يا نه! آءٌ وڻان يا نه مون تي ته جنون سوار هو... آهيان ته آءٌ به صفا ڪو چريو! هيءَ ته دنيا ئي ٻي آهي بابلا چمچه گيري ۽ پيشگيريءَ جي! پاڻ اها اصل ڪو نه پُڄي، تڏهن ته ڪنهن باغ جي موري ٿي ناهيان سگهيو.

]يوسف سنڌيءَ جو مزاحيه اندار ۾ لکيل هي سيلف پورٽريٽ سندس ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ مان کنيو ويو آهي.[

يوسف سنڌيءَ جو پروفائيل

يوسف سنڌيءَ جو پروفائيل

ترتيب: هوش محمد ڀٽي

نالو : محمد يوسف ميمڻ
ادبي نالو: يوسف سنڌي
والد جو نالو: محمد هاشم ميمڻ
والده جو نالو: صفوران
جنم جو هنڌ ۽ تاريخ: دڙو، ضلع ٺٽو ] هاڻوڪو ضلع سجاول[
پھرين آڪٽومبر 1964ع ]اسڪولي رڪارڊ موجب 2 جنوري 1967ع[
تعليم:
پرائمري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙو.
سيڪنڊري: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
انٽرميڊيٽ: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول.
بي اي /بي ايڊ/ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس)
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
شادي:
27 ڊسمبر 1984ع
جيون ساٿياڻي: نسيم ميمڻ
ڪُـٽنبي تخليق:
ٻه نياڻيون:
پارس ]جنم 4- جولاءِ 1989ع[
امرتا پريتم ]جنم 5 مئي 1991ع[
چار پُٽ:
شهزاد يوسف ]جنم 3 مئي 1993ع[
ڊاڪٽر وشال يوسف ] جنم 8 اپريل 1995ع[
منظر يوسف ] جنم 27 جنوري 1997ع[
سمير يوسف ]جنم20جولاءِ 2001ع[
ڪجهه اُستاد
محترم شفيع محمد ميمڻ، محترم ڪريم بخش ’پياسي‘ مڱڻهار، محترم احمد خان منڇري، محترم مظفر احمد ميمڻ، محترم شهمير هنڱورجو، محترم غلام حسين بلاولي، محترم غلام مصطفيٰ پليجو، محترم طفيل احمد فاضلاڻي، محترم آصف علي قريشي (سارنگ سودائي)، محترم محمد عرس ميمڻ، محترم عبدالغفور قاضي، محترم عبدالرحيم ڌماچ، محترم فضل احمد گُگو، محترم غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو، محترم پروفيسر زين العابدين ميمڻ، محترم ڀوَن داس ]ڀَون سنڌي[، محترم غلام حسين رنگريز .
ادب ۾ آمد
79- 1978ع
پھرين ڪھاڻي، ماهوار گُل ڦُل ۾ آڪٽوبر 1979ع ۾ عظيم سوکڙي جي نالي سان ڇپي.
سڃاڻپ: ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق، سفرنامه نويس، پبلشر.
مختلف جاري ڪيل پبليڪيشنس
• 1982ع ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهڻ جي دوران ’هم ڪلاسي‘ دوستن سان گڏجي ’هوشو پبليڪيشن‘ جو قيام عمل ۾ آڻي، ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب ”هوشوءَ سنڌي هام“ مرتب ڪري شايع ڪرايو.
• 1984ع ۾ ڪجهه دوستن مرحوم حاجي خان تبسم، مرحوم حاجي موسيٰ مشڪور، مرحوم محمد اسماعيل ارم درس ۽ مرحوم عبدالغني اي ميمڻ سان گڏجي شيرازي پبليڪيشن قائم ڪري ”جي هانء نه هارين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو.
• 1988ع ۾ ’آزاد شاهين‘ جي فرضي نالي سان ’سنڌ فورم‘ جو هڪ پرچو شايع ڪيو.
• 1991ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت دڙو‘ پاران ڪتابي سلسلي جا ٻه ڪتاب ’تون تون مان مان‘ ۽ ’امن جي تلاش‘ مرتب ڪري شايع ڪيا.
• ”سنجها“ نالي ادبي مخرن جاري ڪيل. جنهن جا مختلف وقتن تي چار پرچا شايع ڪيا.
صحافتي تجربو
روزانه هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ”ڏات“ جو انچارج ]3 جولائي 2002ع کان 14- سيٽمبر 2004ع تائين[.
ايڊيٽر طور خدمتون
• ماهوار ادب حيدرآباد جا ٻه پرچا: خاص نمبر ]مارچ 1996ع[ ۽ الهداد ٻوهيو نمبر ]آڪٽومبر 1997ع[ ۾ مهمان ايڊيٽر طور مرتب ڪيا.
• عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ماهوار رسالي ”هزار داستان“ جو پهرين سب ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر 92- 1990ع.
• هفتيوار ”برسات“ ڪراچي ]سب ايڊيٽر 1984ع[
• رزاني سنڌو ] انچارج ايڊيٽوريل صفحو 1991ع[
• ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ عبرت مئگزين ]91-1990ع[
• سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ترجمان پرچي ”سنگت“ جو ايڊيٽر ]2006ع کان 2011ع تائين، ڪل 29 پرچا ايڊٽ ڪيا[
تنظيمي وابستگيون ۽ ذميداريون
• سيڪريٽري جنرل: سنڌي ادبي سنگت سنڌ ]27 اپريل 2008ع کان 11 جولاءِ 2010 تائين[
• سنگت پبيليڪشن جي چئن پرچن ۾ اعزازي صلاحڪار 90- 1988ع ]اها پبليڪيشن محترم غلام حسين رنگريز جي دور ۾ قائم ڪئي ويئي، جنهن پاران پبليڪيشن جا چار پرچا شايع ڪيا ويا[.
پبلشنگ
• سچائي اشاعت گهر دڙو جو بنياد رکي، ان پاران هيستائين 160 ڪتاب شايع ڪيا آهن .
• سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعتي شعبي جي انچارج جي حيثيت سان 30 ڪتاب شايع ڪرايا. ]2006ع کان 2010ع[

ڇپيل ڪتابن جو وچور
اصلوڪا / طبعزاد
(1) اونداهيءَ ۾ سوجهرو ] خاڪا ۽ مضمون[ 2002ع
(2) نجم عباسي: فن ۽ شخصيت ]سوانح[ 2002ع
(3) پسي تنهنجي تجلي ]سوانح / تذڪرو[ 2003ع
(4) سنڌي ادب جا سرچشما ]ادبي تاريخ[ 2004ع
(5) سنڌي ادبي سنگت هڪ جائزو ]تنقيد – تجويزون[ 2006ع
(6) تو ڇو پيار ڪيو ]ناولٽ[ 2007ع
(7) سدائين سفر ۾ ]سفر نامو[ 2009ع
(8) نه وڃڻ جو پڇتاءُ ]ڪهاڻيون[ 2011ع
(9) هَل ته دهلي گهمون ]سفرنامو[ 2011ع
(10) سنڌي ادب ]ادبي تاريخ[2011ع
(11) اڌ مهينو ايران ۾ ]سفرنامو[ 2012ع
(12) چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي. ]سوانح- يادگيريون[ 2013ع
(13) اقرار به، انڪار به ]يادگيريون[ 2016ع
(14) اوٻارا عبير جا ]ڪالم – مضمون[ 2017ع
(15) الستي مَن مستي ]سوانح – يادگيريون[ 2018ع
(16) سائين پرويز ]سوانح – يادگيريون[ 2019ع
(17) ايراني ادب ]ادبي تاريخ[ 2020ع
(18) اِي در جنين ديکيو ]سفر نامو[ 2020ع
ترجمو
1. بُک، عشق ۽ آزادي ] پرڏيهي ڪهاڻيون. پهريون ڇاپو 1986ع ۽ ٻيو ڇاپو هڪ ڪهاڻيءَ جي واڌاري سان ’ڌرتي جو قرض‘ جي نالي سان 1990ع ۾ ڇپيو[
2. منهنجي زندگي ۽ جدوجهد ]خان عبدالغفار خان جي آتم ڪهاڻي جي تلخيص ۽ ترجمو [ 1987ع
3. چي گويراجي ڊائري ]پنج ڇاپا – پهريون ڇاپو 1987ع ۽ پنجون 2019ع[
4. سنڌ پاڪستان کانپوءِ ]پروفيسر عزيز الدين احمد جي ڪتاب ”کیا ہم اکھٹے رہ سکتے ہیں٬ جي ٻن بابن جو ترجمو – پهريون ڇاپو 1987ع ۽ ٽيون
ڇاپو 2011ع ۾ ”سنڌ سان ڇا ٿيو؟“ جي نالي سان ڇپيو.[
5. ڏوهاري ]خليل جبران جون ڪھاڻيون[-1987ع
6. بغاوت ]خليل جبران جو ناولٽ[ -1988ع
7. ڏونگر ڏک ڏٺام ]اوريانا فلاسيءَ پاران بشپ ڊوم هلڊر ڪيمارا جي انٽرويو جو ترجمو. ڪتابڙو[ 1988ع
8. گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟ ]ترجمو ۽ ترتيب[ 1989ع
9. جنين لوهه لڱن ۾ ]علي هينري جي جيل ڊائري[ 1990ع
10. سنڌ ۾ قومي مسئلي جو اقتصادي ۽ سماجي جائزو ]روسي ليکڪ تروتينڪو جي طويل مضمون جو ترجمو - ڪتابڙو[ 1990ع
11. سدا سرهاگل ]پرڏيهي اديبن جون جيونيون[ 1991ع
12. بُک]نٽ همسن جي ناول جو ترجمو - پهريون ڇاپو 1998ع ٻيو ڇاپو 2021ع [
13. نيلسن منڊ يلاجي ڪهاڻي ]پهريون ڇاپو، 1999ع – ٻيو ڇاپو ”آزادي جو ڊگهو سفر“ جي نالي سان 2010ع ۽ ٽيون ڇاپو – 2022ع[
14. ڀورو بگهڙ ]مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي سوانح[ 2000ع
15. اُسامه بن لادن جي پراسرار دنيا ]پيٽرايل برجن جي ڪتاب جو ترجمو[ 2004ع
16. قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا - 2006ع
17. محمد رسول الله صه ]ڊاڪٽر محمد حميد الله جي ڪتاب جو ترجمو[ 2006ع
18. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون ] ليکڪ: مائيڪل هارٽ [ 2011- 2010ع
19. هوگو شاويز زندگي ۽ جدوجهد 2012ع
20. اهو سچ ته آهي ]اوشوءَ جي آتم ڪهاڻي [ 2011ع
21. ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن...؟ 2012ع
22. دنيا جي تاريخ ]محمد مجيب جي ڪتاب جو ترجمو[ 2012ع
23. عڪس شخص ۽ نقش ]ڏيهي – پر ڏيهي خاڪا – ترجمو ۽ ترتيب [ 2013ع
24. ڏيئو ۽ دريا ]ناول / افضل احسن رنڌاوا[ 2013ع
25. انقلابيءَ جو موت ] ناول/ انل بروي [ 2013ع
26. ڌرتي ڌو ڏيندڙ ڏهه ڏينهن ]جان ريڊ جي ڪتاب جو ترجمو [ 2013ع
27. شاهه عنايت شهيد ]ڪتابڙو [ 2014ع
28. خدا جي تاريخ ]ڪيرن آرمسٽر انگ جي ڪتاب جو ترجمو [ 2014ع
29. لينن: جنهن تقديرون بدلايون - 2014ع
30. اخوت جو سفر ]ليکڪ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب[- 2014ع
31. عالمي تاريخ جون نراليون شخصيتون ، 2016ع
32. روميءَ جي رهاڻ ]ظفر عظيم جي ڪتاب جو ترجمو[ 2016ع
33. برف ۾ سڙندڙ ماڻهو ]ڪهاڻيون /ليکڪ عبدالرؤف ڪياني [ 2016ع
34. گولڊ فنگر ]ليکڪ آئين فليمنگ / ناول [ 2017ع
35. ڳجهو دستاويز ]ارونگ ويلس - ناول [ 2017ع
36. حافظ شيرازي: هڪ سئو چونڊ غزل - 2018ع
37. زندگيءَ جا گم ٿيل ڏينهن ]ملڪ اوفڪر جي آتم ڪهاڻي [ 2018ع
38. شيطاني ٻيٽ ]سوانحي / مهم جو يا نه ناول – هينري چئريئر [ 2018ع
39. هڪ گڏهه جي ڪهاڻي ] ڪرشنچندر جو ناول[ 2017ع
40. ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان ]ناول / خشونت سنگهه [ 2021ع
41. مسواڙي زال ]پرڏيهي ڪهاڻيون [ 2021ع
42. عالمي تاريخ: واقعا، شخصيتون ۽ عجائبات 2021ع
43. آقا صه ]سيرت رسول تي لکيل ابدال بيلا جي ضخيم ڪتاب جو ترجمو[ 2021ع
44. تصوف جو مختصر جائزو ]ڊاڪٽر فوزان ابرار[
45. ڏاڙهون جي ڇانوَ ۾ ]طارق علي جي ناول [Shadow of Pomegrorce Tree]جو ترجمو – 2022ع
ترتيب ۽ تاليف
1. چيني انقلاب جون ڪهاڻيون 1987ع
2. جيڪي منجهه جهان ]پهريون ڇاپو 1989ع ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو ’ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن...؟‘ 2003ع ۽ 2006ع ۾ ڇپيل- چوٿون ڇاپو ’جنرل ناليج انٽرنيشنل‘ جي نالي سان 2019ع ۾ ڇپيو [
3. جبل مٿي باهڙي ] نجم عباسي جي يوسف سنڌي ڏانهن لکيل خطن جي سهيڙ[ 1993ع
4. مذهب، ادب ۽ سنڌ ]نجم عباسي جي مضمونن جي سهيڙ [ 2007ع
5. پوپٽ جهڙو پيار ]سنگت پبليڪيشن جي ستن پرچن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي سهيڙ [ 2009ع
6. دل وارن جي دنيا ] نجم عباسيءَ جي مهراڻ ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي سهيڙ [ 2009ع
7. صحرا ۾ سُتل قدافي ]معمرقذافي جي سوانح ۽ قتل[ 2015ع
8. انقلاب، آزادي ۽ سوشلزم ]هوچي منهه جا مضمون [ 2016ع
9. سمنڊ سُوجهائون ]فقير عبدالغفور الستي جي شاهه لطيف تي لکيل مضمونن جي سهيڙ [ 2021ع
10. واٽ ويندي ]روزاني عبرت ۾ ڇپيل نور عباسيءَ جي ڪالمن ۽ ڪهاڻي ڪتاب ’چمڙي جا واپاري‘ جي سهيڙ [ 2096ع
ڪرانالاجي - سهيڙ.
1. بينظير ڀٽو آخري ستر ڏينهن- 2008ع
2. سنڌ ساري ويئي ٻُڏي ]2010ع ۾ آيل ٻوڏ ڪٿا[ 2010ع
3. ٻوڏ 2011ع ]2011ع ۾ آيل ٻوڏ ڪٿا[ 2011ع
4. هڪ سنڌ، ٻه نظام - ]سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ٻٽي نظام جي اخباري ڊائري[ 2012ع
انٿالاجي - سهيڙ
1. ڪجهه ته ڏيئي وينداسين ]تنوير عباسي جي شخصيت ۽ لکڻيون[ 2012ع
2. ساقي سجاوليءَ جون لکڻيون. 2017ع
3. اسانجو رستو، اسانجي منزل ]فقير عبدالغفور الستيءَ جون لکڻيون [ 2021ع
ٻارن لاءِ ڪتاب
1. شهيد جي ماءُ – ]ٻارن لاءِ ڪهاڻيون[ ٻه ڇاپا 1992ع ۽ 2016 ع
2. مريخ جا مسافر ]ٻارن لاءِ سائنسي ناولٽ ۽ ڪهاڻين جو ترجمو [ 2013ع
اردوءَ ۾ ڇپيل ڪتاب
1. نوحه گر ] يوسف سنڌي جي طبعزاد ڪهاڻين جو ترجمو، اردو ڪار: ننگر چنا[ 2009ع
2. چلو چلين پنجاب ]سفر نامي ”سدائين سفر ۾“ جو ترجمو- اردو ڪار: ننگر چنا [ 2012ع
3. نجم عباس: فن اور شخصیت 2021ع
4. میں نے دھلی دیکھا ] سفر نامے هل ته هلي دهلي گهمون جو ترجمو: اردوڪار: پرويز [ 2022ع
گڏيل ڪتاب
1. ويٽنامِ مان فرار ]مهم جوئيءَ تي ٻڌل ڪهاڻيون – نصير سارنگ سان گڏ ترجمو [ 1996ع
2. حياتيءَ جي ڦاٿل ورقن جون ڪٿائون ] ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گُگو، رشيد آزاد، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني ۽ يوسف سنڌي جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو [ 2005ع
3. اسٽرگل فار سنڌي لئنگويج ائز نيشنل لئنگويج ]انگريزي ۾ - نصير ميمڻ سان گڏ [ 2014ع
4. تون سمجهي نه سگهندين ]پنجابي ڪهاڻيڪار ’جندر‘ جي ڪهاڻين جو اصغر گُگو سان گڏ ترجمو [ 2016ع
رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ڪتاب
1. ابراهام لنڪن: جهوپڙيءَ کان صدارت تائين ]ماهوار ڪرزما ڊائجسٽ جي نومبر 2005ع جي پرچي ۾ ڇپيو [
2. پنجر ]امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو. ماهوار ڪرزما جي آڪٽوبر 2005جي پرچي ۾ ڇپيو [
3. معصوم اريندرا ]گارشيا مارڪيز جي ناولٽ جو ترجمو - ماهوار ڪرزما جي پرچي ۾ ڇپيو [
4. اونداهيءَکان روشنيءَجو سفر ]هيلن ڪيلر جي آتم ڪهاڻي- روزاني هلال پاڪستان جي سگهڙين سٿ صفحي ۾ قسطوار ۾ ڇپي[ 4- 2003ع
5. سنڌ جي ڪوهنور هيرو ]ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي طويل انٽرويو تي مشتمل آتم ڪهاڻي هفتيوار ڏات، هلال پاڪستان ۾ قسطوار ڇپي [ 2003
6. اُڏارون آڪاس ۾ ] اردن جي راڻي نور الحيسن جي آتم ڪهاڻي ماهوار هزار داستان ۾ ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ جي نالي سان قسطوار ڇپي، هاڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ لاءِ هڪ پبلشر وٽ پيل آهي.[
*
7. مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ يوسف سنڌي جا ڪيترائي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن.
8. يوسف سنڌي جا ڪيترائي لکيل طبعزاد ڪتاب، جن ۾ ڪالم / مضمون/ مهاڳ ۽ پروفائيلس وغيره آهن. ترتيب هيٺ آهن.
ڪالم نويسي
يوسف سنڌيءَ روزاني ’عبرت: ’سنڌو‘ ’پاڪ‘ ’خبرون‘ ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۽ روزاني ’سوڀ‘ ۾ هفتيوار ڪالم به لکيا، جن جو تعداد سوَن ۾ آهن.
ڊرامو نويسي:
هڪ سولو پلي ’سونهن وڃايم سومرا‘ جي نالي سان لکيو، جيڪو ’ڪي - ٽي – اين، تان نشر ٿيو.
خاص ڳالهيون
• يوسف سنڌي جي ادبي خذمتن کي مڃتا ڏيندي ماهوار ادب (ايديٽر: گل ڪونڌر) جي هڪ پرچي (نومبر 2002ع) ۾ يوسف سنڌي ڪارنر ڇپيو ويو .
• ماهوار ”سڦلتا“ جي جنوري 2015ع جي پرچي ۾ ”يوسف سنڌي“ ڪارنر ڇپيو. (ايڊيٽر: هوش محمد ڀٽي)
• سنڌي ادبي سنگت، سنڌي، جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پاڻ ٽن مرحلن ۾ سنڌي ٻولي، قومي جاڳرتا مهم هلايائين، جنهن جي نتيجي ۾ 31 پارليامينٽرين قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم واسطي بل پيش ڪيو.
• سنگت جي آفيس واسطي فنڊ ڪٺا ڪيائين، جن مان پوءِ سنگت جي آيل باڊيءَ آفيس اڏرائي.

يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن جو تعارف

يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن جو تعارف

مير حاجن مير

سنڌ جو هاڪارو اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سنڌيڪار، پبلشر، نقاد، ايڊيٽر، سفر نگار، ڊراما نويس، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي (محمد يوسف ميمڻ) محمد هاشم ميمڻ جي گهر ’دڙي‘ ۾ پهرين آڪٽوبر 1964ع تي پيدا ٿيو. سندس اسڪول ۾ جنم جي تاريخ 2 جنوري 1967ع لکيل آهي. يوسف اُن تاريخ کي درست نه ٿو سمجهي، پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”اقرار به، انڪار به“ ۾ لکي ٿو ته ”امڙ جي ڪُک مان منهنجو جنم ٻارهين ڌاري ٿيو، اهو پهرين آڪٽوبر جو ڏينهن هو ۽ عيسوي سال 1964ع هو. سال کان به گهٽ عرصو پوءِ 1965ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ لڳي، جيڪا مون کي ته صفا ياد ڪونهي. باقي امان ٻڌائيندي آهي ته ”بليڪ آئوٽ“ جي ڪري بتي صفا نه ٻاريندا هئاسين ۽ اوندھ جي ڪري آءٌ صفا سمهي نه سگهندو هئس، امان سڄي رات اڇي صبح تائين مون سان گڏ جاڳي گذاريندي هئي.(1) (سنڌي 2016 :11)
يوسف سنڌيءَ بنيادي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙو، گورنمينٽ سيڪنڊري ھاءِ اسڪول دڙو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول، بي. اي، بي. ايڊ، ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. لکڻ جي شروعات 1979.78ع ڌاري ڪيائين، سندس پهرين تخليق ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ٻارڙن جي مشهور رسالي ماهوار "گل ڦل" ۾ 'عظيم سوکڙي' جي نالي سان 1979ع ۾ ڇپي.
يوسف سنڌي دنيا جو لازوال ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب، سنڌي ادب کي ترجمي جي صورت ۾ ڏيندو رهيو آهي.اهو دنيا جو جديد ادب روشن خيالي، عقليت، انقلابيت، مزاحمت، سماجي انصاف، امن، ڀائپي، ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي. يوسف سنڌيءَ جون ترجمو ڪيل آتم ڪٿائون، ناول، ڪهاڻيون، انٽرويو، يا ٻيو ادب، فني فڪري، شعوري سگھه رکندڙ ۽ مڃيل هوندو آهي. ڪيترائي ڪتاب نوبيل ايوارڊ ماڻيل آهن، جن کي يوسف سنڌي ترجمو ڪيو آھي. موجوده دور ۾ جديد سنڌي ادب ۾ وڏو ترجمي نگار يوسف سنڌي ئي آهي، جنهن گهڻي تعداد ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. يوسف هر ان ڪتاب کي ترجمو ڪندو آهي، جنهن ڪتاب کي هو اهم سمجهندو آهي.
يوسف سنڌي ترجمي جي فن ۾ ڪمال جي دسترس رکي ٿو. هو لفظن جو خوبصورت استعمال ڪري ٿو. ٻولي عام استعمال ڪري ٿو، خيال، مقصد اهوئي رکي ٿو، جو اصل ليکڪ جو رکيل هوندو آهي.
يوسف سنڌيءَ جي لکيل ڪتابن جو تعداد تمام گهڻو آهي. ڪهاڻيون، سفرناما، ناول،خط،، مرتب ٿيل، ترجما، يادگيريون ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ٽڙيل پکڙيل اٿس، ڪي سهيڙيا به اٿس .اسين ڪوشش ڪنداسين ته سندس ڪتابن جو تعارف صحيح نموني پيش ڪريون. ڪتاب ڪهڙي سال ڇپيو، ڪتاب ڪهڙي موضوع تي لکيل آهي، اصلوڪو آهي يا ترجمو ٿيل آھي. ڪهاڻيون آهن يا ناول آهي، اسين ڏسون ٿا ته سنڌ جي ڪيترن ئي نامورن اديبن جي ڪتابن جا ڇپيل سال به درست نه ملن ۽ ڪتابن جا نالا به درست نٿا ملن ۽ موضوع جي به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي موضوع تي ڪتاب لکيل آهي . اسان کي يوسف سنڌي جو ڇپيل پهريون ڪتاب 'بک، عشق ۽ آزادي' ترجمي جي صورت ۾ ملي ٿو.

(1) بک، عشق ۽ آزادي (ترجمو) 1986ع.
يوسف سنڌيءَ جو هي پهريون ڪتاب ’بک، عشق ۽ آزادي،‘ ڇهن ڪھاڻين جي ترجمي تي مشتمل هو. هن کي ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جو جنون هو، هن وٽ ڪتاب ڇپائڻ جيترا پئسا به ڪونه هئا. هن پنهنجي چاچي فقير عبدالغفور الستيءَ کي چيو ته مون کي ڪتاب ڇپائڻو آهي. فقير عبدالغفور هن کي هڪ پريس واري قاضي نعيم ڏي حيدرآباد موڪليو.يوسف قاضي نعيم ڏي ويو. قاضي نعيم، کيس ڪتاب ڇپجڻ جي پڪ نه ڏني صرف آسرو ڏنو. يوسف سنڌي لکي ٿو ته "ڪتاب ڇپائڻ جي شوق ۾ مسودو سندس حوالي ڪري، ڳوٺ هليو آيس ۽ ڳوٺ اچي دوستن کي چيم ته پنهنجو ڪتاب ٿو ڇپرايان، سو مدد ڪريو. ايئن ڪنهن دوست پنجاھ ته ڪنهن سئو رپيا ڏنا، ڪجھه وري مون پنهنجي خرچي گڏ ڪئي، ايئن پئسا قاضي نعيم کي ڏنم. جنهن ڪتاب ڇپي ڏنو. جيئن ڪتاب ڇپجي آيو ته پندرهن يا سورهن سئو روپيا اڃا قاضي نعيم جا مون ڏي رهيا. جن مان پنج سئو روپيا مونکي منهنجي دوست حاجي خان عباسيءَ اُڌارا ڏنا، باقي قاضي نعيم کان اوڌر رکايم، پوءِ ڪتاب وڪڻي، حاجي خان عباسي جي اوڌر ۽ قاضي نعيم جو قرض لاٿم، منهنجو اهو پهريون ڪتاب ”بک، عشق ۽ آزادي“ جي نالي سان 1986ع ۾ ڇپيو"(2) (سنڌي2021: 7) هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ هڪ ڪهاڻي جي واڌاري سان ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي ڇپيو.

(2)منهنجي زندگي ۽ جدوجهد (ترجمو) 1987ع.
هي ڪتاب قومپرست اڳواڻ خان عبدالغفار خان جي آتم ڪهاڻي”ماءِ لائف اينڊ اسٽرگل“ جو اختصاريل ترجمو آهي.

(3)سنڌ پاڪستان کان پوءِ (ترجمو) 1987ع.
هي ڪتاب پروفيسر عزيزالدين احمد جي ڪتاب "کیا ہم اکٹھے رہ سکتے ہین" جي ٻن بابن جو ترجمو آهي. هن ڪتاب جو پهريو ڇاپو "سنڌ پاڪستان کان پوءِ" 1987ع ۾ ڇپيو. پوءِ هن ڪتاب جو نالو مٽائي "سنڌ سان ڇا ٿيو؟"جي نالي سان2010ع ڇپايو ويو. هن ۾ ڪتاب ۾ سنڌ سان جيڪي زيادتيون ٿيون آهن، انهن جو احوال قلمبند ڪيو ويو آهي.

(4) چي گويرا جي ڊائري (ترجمو) 1987ع.
ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ چي گويرا جي ڊائري لکيل آهي، جا انقلاب، جدوجهد ۽ اُتساھ سان ڀريل ۽ مشهور آهي، جنهن کي يوسف سنڌيءَ، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌ جي اڪثر نوجوانن کي هي ڪتاب پسند آهي ۽ چاهه سان پڙهن ٿا، قومي ڪارڪن هي ڪتاب پاڻ سان گڏ رکندا آهن. شروعاتي سالن ۾ يوسف سنڌي کي هن ڪتاب جي ڪري گهڻي شهرت ملي. ڪتاب کي وڌي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جي ذهني، شعوري آبياري ٿي آھي.

(5) جيڪي منجهان جهان(جنرل ناليج) 1987ع.
هي ڪتاب عالمي معلومات تي مبني آهي. هن ڪتاب جو ٻيو۽ ٽيون ”ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن“ جي نالي ۽ چوٿون ڇاپو ’جنرل ناليج انٽرنيشنل‘ جي نالي سان ڇپيو.

(6)ڏونگر ڏک ڏٺام (ترجمو) 1988ع.
هي ڪتابڙو جڳ مشهور صحافڻ اوريانا فلاسيءَ پاران ورتل ’بشپ ڊوم هلڊرڪيمارا‘ جي انٽرويو جو ترجمو آهي. جيڪو سندس مشهور ڪتاب ’انٽرويو وٿ هسٽري‘ ۾ شامل آهي. هي مختصر ڪتابڙو آهي.

(7) چيني انقلاب جون ڪهاڻيون (مرتب) 1989ع.
هي ڪتاب يوسف سنڌي جو مرتب ٿيل آهي، ڪهاڻيون چيني آهن. چين جي عوامي انقلاب واري دؤر جون ڪهاڻيون چونڊ ڪري ترجمو ڪيون ويون آهن. ڪهاڻين جا ترجمي نگار اياز لطيف پليجو، نجم عباسي ۽ پرويز آهن.

(8) گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟ 1989ع.
هي ڪتاب آفريقي ملڪ گني بسائو جي آزاديءَ لاءِ هلايل جدوجهد جو داستان آهي، ڪتاب ۾ گني بسائو جي جاگرافي بيهڪ، پورچو گال جي سامراجي قبضي ۽ ان کان آزادي لاءِ ايملڪار ڪيبرال جي اڳواڻيءَ ۾ جدوجهد جو احوال ڏنل آهي . ڪتاب ترجمو ۽ ترتيب ڏنل آهي.

(9) سنڌ ۾ قومي مسئلي جو اقتصادي ۽ سماجي جائزو( ترجمو) 1990ع.
روسي ليکڪ تروتينڪو جي طويل مضمون جو ترجمو آهي، جيڪو مختصر ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيو ويو.

(10) جنين لوھ لڱن ۾ (ترجمو)1990ع.
هي ڪتاب الجزائري صحافي ۽ سورمي علي هينري جي ”جيل ڊائري“ آهي. هيءَ هڪ درد ڀريل ڪھاڻي، جنهن ۾ تشدد، ايذاءَ ۽ ظلم ڪرڻ جا طريقا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. علي هينري فرانسيسي هوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو، ترجمي نگار لکي ٿو ته ”جڏهن مون هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ساٿي علي هينريءَ جي تڪليف جو احساس محسوس ڪندي ڏڪي ٿي ويس، ۽ ڪتاب بند ڪندي ايئن ٿي محسوس ڪيم، ڄڻ اهو عذاب مون تي نازل ٿي رهيو آهي، پوءِ ترجمي دوران پڻ ڪافي ڀيرا اُن ڪيفيت مان گذرڻو پيم“.(3) (سنڌي 1990: 5) هن ڪتاب جو ترجمو ڏاڍي سهڻي نموني ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ کي ان ڪيفيت مان گذرڻو ٿو پوي، جا ڪيفيت ليکڪ جيل ۾ گذاري آهي.

(11) شهيد جي ماءُ (ٻارن لا۽ ڪهاڻيون - اصلوڪو ۽ ترجمو) 1990ع.
ھن ڪتاب ۾ يوسف سنڌيءَ جو ٻارن لاءِ ڪجھه اصلوڪيون ۽ ڪجھه ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شامل آهن. يوسف سنڌيءَ لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪئي، ڪتاب جي ٻي ڇاپي ۾ پبلشر نذير ناز لکي ٿي ته ”يوسف سنڌيءَ جي لکيل ڪتاب 'شهيد جي ماءُ'، هڪ ماءُ ۾ جي بي لوث محبت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ماءُ هڪ مقدس هستي آهي، ماءُ جهڙي محبت ڪير به ڪري نه ٿو سگهي.“(4) (ناز - 2016)

(12) سدا سَرها گل ( ترجمو) 1990ع.
هن ڪتاب ۾ پرڏيهي اديبن جي سوانح بيان ڪئي وئي آهي. جنهن جي مضمونن ۾ وڪٽر هارا هڪ اڻپورو گيت، هڪ ناول جو ليکڪ آئيووايندرچ، ننڍو ڀاءُ وڏو ڪهاڻيڪار، چين جو شهيد اديب زوشي، شاعري جي ديوي آئنا اخماتوا، عالمي ادب جو نئون هيرو يوڪيومشيما، بلغاريه جو شهيد شاعر، ايرڪ ماريا ريمارڪ، چارلي چپلن، 1989ع جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ڪاميلو سيلا، 1990ع جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ او ڪتا ويوپاز ۽ ڦاسي جي ڇانوَ ۾ سرجندڙ شاعري شامل آهن. سنڌ جي ماڻهن کي دنيا جي ادب ڏانهن متوجھه ڪرڻ لاءِ يوسف ڪوشان رهندو آيو آهي - ان جو مثال هي ڪتاب آهي.

(13) جبل مٿي باهڙي (سهيڙ) 1993ع
هي ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، سنڌ جي نامياري ليکڪ نجم عباسيءَ جيڪي يوسف سنڌي ڏانهن خط لکيا، انهن خطن جي سهيڙ يوسف سنڌي پاڻ ڪئي آهي. ۽ ڪتاب ۾ نجم عباسي جا ٻه انٽرويو به شامل آهن، جيڪي يوسف سنڌي کانئس ورتا هئا.

(14) واٽ ويندي (ڪالم ۽ ڪهاڻيون) (مرتب) 1993ع.
هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پھرينءَ حصي ۾ عبرت اخبار۾ ’نور عباسي‘ جا ڇپيل ڪالم ”واٽ ويندي“ ۽ ٻئي حصي ۾ ’نور عباسي جون مزاحيه ڪهاڻيون شامل آهن. جيڪي ’چمڙي جا واپاري‘ جي نالي سان ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپيون هيون ۽ هن سهيڙ ۾ پڻ شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب جو مرتب يوسف سنڌي آهي.

(15) ويٽنام مان فرار(ڪهاڻيون) (ترجمو) 1996ع
هي ڪتاب گڏيل ترجمو ڪيل آهي، جنهن ۾ ٽي ڪهاڻيون نصير سارنگ ۽ ٻيون ڪهاڻيون يوسف سنڌي جون ترجمو ٿيل آهن.

(16) بُک ( ترجمو) 1998ع.
ناروي جي مشهور ليکڪ 'نٽ همسن' جي نوبل يافته ناول بک (Hunger) جو ترجمو پهريون ڀيرو نيو فيلڊس پبليڪشن جي طرفان ڇپجي منظر تي آيو. نٽ همسن ويهين صدي جي اهم ناول نگارن مان هو، ترجمي نگار لکي ٿوته "هن حيات ۽ ڪائنات جي باري ۾ نهايت سنجيدگيءَ سان ويچاريندي پنهنجي مخصوص نظريي جي اظهار واسطي ناول جي صنف کي اختيار ڪيو. هو فلسفي نه هو، پر فلسفياڻو فڪر رکندو هو، زندگي جي باري ۾ هن جو پنهنجو نظريو هو، جنهن جو اظهار هو لکڻين ۾ ڪندو هو."(5) (سنڌي1998: 10) يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب خوبصورت ترجمو ٿيل آهي، جو عام پڙهندڙ به آساني سان سمجهي سگهي ٿو.

(17) نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي ]ترجمو[ 1999ع
يوسف سنڌيءَ دنيا جي ڪيترن ئي انقلابي ۽ آزادي پسند اڳواڻن جا ڪارناما، ويڙھ، فتحون، سوانح بابت ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي عاشقن کي ڏيندو رهيو آهي. جن ۾ چي گويرا جي ڊائري، هوگو شاويز، اوشو، ڪرنل قذافي، اتا ترڪ، لينن ۽ نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي وغيره شامل آهن. هي ڪتاب نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي”لانگ واڪ ٽو فريدم“ جو ترجمو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو'نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي' جي نالي سان1999ع ڇپيو ۽ ٻئي ڇاپي جو نالو مٽائي 'آزاديءَ جو ڊگهو سفر' رکيو ويو، جيڪو 2010ع ۾ ڇپيو.

(18) ڀورو بگهڙ (ڪمال اتاترڪ جي ڪهاڻي) ترجمو – 2000ع
ترڪيءَ جي مشهور اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مشهور سوانحي ڪتاب ”گري وولف“ جي تلخيص ۽ ترجمو يوسف سنڌي ”ڀورو بگهڙ“ جي نالي سان ڪئي. ڪتاب جي مُنڊ ۾ اتاترڪ بابت يوسف سنڌيءَ جو هڪ ننڍو مضمون ’صدي جو ماڻهوءَ‘ ۽ آخر ۾ هڪ بنگالي شاعر ”سعادت احمد“ جو ڪمال اتاترڪ جي واکاڻ ۾ لکيل شعر جو ترجمو به ڏنو ويو آهي.

(19) قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا ]جيون[ 2000ع.
هي ڪتاب يونان جي ديوين ۽ ديوتائن جي پُراسرار دنيا جي باري ۾ لکيو ويو آهي. جيڪي يوناني ڏند ڪٿائون آهن. يوسف سنڌي هن ڪتاب جو نهايت سليس زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو مُهاڳ موتي ميرانپوريءَ لکيو آهي.

(20) نجم عباسي فن ۽ شخصيت (اصلوڪو) 2002ع.
هي ڪتاب سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي سوانح، فن ۽ فڪر تي لکيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ نجم عباسي جي گهر ڀاتيءَ الطاف جميل عباسي لکيو آهي.

(21) اونداهيءَ ۾ سوجھرو (خاڪا) 2002ع.
ھن ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ مضمون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ محترم نصير مرزا لکيو آهي.

(22) پَسي تنهنجي تجلي (سوانح) 2003ع.
هن ڪتاب ۾ دڙي جي شاعرن ۽ اديبن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. مهاڳ محترم غلام حسين رنگريز ۽ پيش لفظ فقير عبدالغفور الستي لکيو آهي.

(23) سنڌي ادب جا سرچشما (اصلوڪو) (ادبي تاريخ) 2004ع.
هن ڪتاب ۾ يوسف سنڌيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي 43 اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو ورتو آهي.


(24) اُساما بن لادن جي پراسرار دنيا (ترجمو) 2004ع.
هي ڪتاب ’پيٽر ايل برجن‘ جو لکيل آهي، جنهن جو ترجمو يوسف سنڌي، 'اُساما بن لادن جي پراسرار دنيا'جي نالي سان سنڌي زبان ۾ ڪيو آهي .

(25) حياتيءَ جي ڦاٿل ورقن جون ڪٿائون (ڪھاڻيون) 2005ع.
هن ڪتاب ۾ دڙي جي پنجن ڪهاڻيڪار دوستن ذوالفقار ڪانڌڙي، اصغر گُـگو، رشيد آزاد، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، ۽ يوسف سنڌي جون ڪهاڻيون شامل آهن.

(26) محمد رسول اللهﷺ (ترجمو) 2006ع.
جڳ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر محمد حميدالله جو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور ڪتاب ”محمد رسول ﷲ“ جو ترجمو آهي. يوسف سنڌي هي ڪتاب اردو مان ترجمو ڪيو آهي، اصل ڪتاب فرانسيسي زبان ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ نبي ڪريمﷺ جي سوانح ۽ ٻين مذهبن جهڙوڪ؛ زرتشي مذهب، برهمڻيت، صابئيت،يهوديت ۽ عيسائيت تي بحث پڻ ڪيو ويو آهي.

(27) مذهب، ادب ۽ سنڌ (مرتب) 2006ع.
هن ڪتاب ۾ يوسف سنڌيءَ، سنڌ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جا مضمون خط، ۽ انٽرويو سهيڙي شامل ڪيا آهن.

(28) سنڌي ادبي سنگت هڪ جائزو 2006ع.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي اديبن جي وڏي تنظيم آهي، جنهن کي ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم جو اعزاز پڻ حاصل آھي ، جنهن جو بنياد نالي واري ترقي پسند ليکڪ گوبند مالهي 1947ع ۾ رکيو. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تحرڪ، ادبي پروگرام وغيره جو جائزو ورتو ويو آهي.

(29) تو ڇو پيار ڪيو (اصلوڪو) (ناول) 2007ع.
هي ڪتاب يوسف سنڌي جو پهريون طبعزاد ناول آهي، جو پيار جي موضوع تي لکيل آهي. ڪتاب جو مُهاڳ ذوالفقار ڪانڌڙي لکيو آهي.
(30) پوپٽ جهڙو پيار (مرتب) 2007ع.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران، نڪرندڙ رسالي 'سنگت' جي ستن پرچن ۾ ڇپيل ڪھاڻين کي، سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. ڪهاڻيون مختلف ليکڪن جون لکيل آهن.

(31) بينظير ڀٽو: آخري 70 ڏينهن 2008ع.
ھن ڪتاب ۾ شهيد بينظير ڀٽو جا آخري 70 ڏهاڙا، جي پاڪستان ۾ گذاريائين، آمر مشرف جي دور ۾ سياسي هلچل مچائي ۽ پاڪستان جي سياست کي متحرڪ ڪيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي مان نڪرندي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. ان سموري ڪٿا کي ان ڪتاب ۾ تاريخ وار بيان ڪيو ويو آهي.

(32) دل وارن جي دنيا(مرتب) 2009ع.
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جون ٽه ماھي مهراڻ ۾ ڇپيل ڪهاڻيون گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ 'دل وارن جي دنيا' جي نالي سان، منظرِعام تي آندو ويو.

(33) سدائين سفر ۾ (سفرنامو) 2009ع.
يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب سفرنامي تي مشتمل آهي. جنهن جو مهاڳ الطاف شيخ لکيو پهرين هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيو ويو، بعد ۾ هي ڪتاب اردو زبان ۾ ’چلو چلين پنجاب ‘ جي نالي سان ترجمو ٿي ڇپيو.

(34) اسين مسافر (مرتب) 2010ع.
هي ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر ارشاد ساگر جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، ارشاد ساگر جي شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئي، جيڪا يوسف سنڌيءَ وڏي محنت سان گڏ ڪئي. يوسف سنڌي هن ڪتاب کي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ارشاد جي شاعريءَ تي غلام حسين رنگريز مريم مجيدي ۽ عبد ماڃوٺيءَ جا مضمون به شامل آهن.

(35) سنڌ ساري ويئي ٻڏي 2010ع.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ 2010ع جو اکين ڏٺو احوال، تاريخ وار لکيو ويو آهي.
(36) سنڌي ادب (ادبي تاريخ) 2011ع.
هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي 100اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن جي ترتيب الف بي وار رکي وئي آهي.ڪتاب جي مُهاڳ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙانڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙن اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگا رنگ تخليق جي گھڻ رخي انڊلٺ کڙيل آهي. جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ئي ٻئي کان به نرالو آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر. پر جامع معلوم ڏنل آهي.“(6) (حسين، 2012: 8)

(37) نه وڃڻ جو پڇتاءُ (اصلوڪو) 2011ع
يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب 13ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ صليب تي ٽنگيل زندگي، مئل نوڙيون، گم ٿيل خواب، مهديءَ جوانتظار، پولار ۽ پاتال جي وچ ۾، هڪ ڏينهن جو نوحو، شڪست، نه وڃڻ جو پڇتاءُ، ڀاڳ جو ڀونڊو، فلرٽ، ورهاست، مارڪو ۽ مون کي جيئڻ ڏيو ڪهاڻيون شامل آهن. يوسف سنڌي هنن خوبصورت ڪهاڻين جي ڪري صفِ اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو.
نذيرڪهوٽ ڪهاڻين جي باري ۾ لکي ٿو ته "يوسف سنڌيءَ جون بي باڪ ڪهاڻيون پڙهي مون کي ان ڳالھه تي اڃا تائين حيرت آهي ته کيس منٽوءَ جيان اڃا سوڌي ڪنهن ڪينگرو ڪورٽ ۾ ڇو ناهي گهليو ويو، ڪوڙ، منافقت ۽ دوکي تي ٻڌل هن ڳجھَه جهڙي سماج تي ليکڪ جي گهري نظر آهي. هن پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ فڪر مان جنم وٺندڙ مواد کي وڏي نفاست سان لفظن جي قالب ۾ وڌو آھي، هو سڌو سنئون لکي ٿو، پر سُٺو لکي ٿو. اوهين سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ شروع ڪندا ته ختم ڪرڻ کان اڳ رهي نه سگهندا.انساني فطرت جون ڪهاڻيون اعتماد ۽ ذهانت سان تخليق ڪيون ويون آهن. اهي ڪهاڻيون هن تشدد جي آماده سماج ۽ ان سان گڏ هن سماج جو الميو ۽ اعمال نامون آهن، تنهن ڪري اسين انهن کي مقصديت جو علمبردار ادب به چئي سگهون ٿا. اسين سڀ اهڙا ئي آهيون، جهڙو يوسف سنڌي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي اسان کي پيش ڪيو آهي“(7). (ڪهوٽ2011: 7)
(38) هل ته دهليءَ گهمون (اصلوڪو) ( 2011ع.
هي ڪتاب هندستان جو سفر نامو آهي، جيڪو دهلي شهر جي سفر تي مشتمل آهي، اُن شهر جي تاريخ ۽ تاريخي جاين ، مندرن، مورتين، مقبرن، ميوزمن، شاعرن، اديبن، مجسمن، حڪمرانن ۽ نامور شخصيتن جوذڪر سهڻي انداز سان ڪيو آهي. سندس موضوعن جو سٽاءُ هن ريت آهي. دهلي اچي وئي، چانھه جو ڪوپ گهڻي ۾ پيو، دهليءَ جي خوشيءَ ۾ ننڊ نه آئي، سڄڻ توکي خبر ڪهڙي، واھ هتان به ڪمايو پيو ھلين، چنڊ به آھي سرمد جهڙو، خواجه نظام الدين اولياءَ جي حضور ۾، امير خسرو جي مزار تي، هم پيشه وھم مشرب… غالب، فيض ڪانفرنس جو مهورتي اجلاس، هل ته دهلي گهمون، اڪشري دام ٽيمپل، راج گھاٽ: مهاتما گانڌي جو يادگار، لوٽس ٽيمپل، چنڊ قطب مينارمٿان آ، اندرا گانڌي ميوزيم، انڊيا گيٽ، نهرو ميوزيم، بَرلا مندر، اوهين ٿاڻي آءٌ ٽڪاڻي، پيڃاريءَ پرار، يار ڪتاب جي لالچ گهٽ ڪر، ٻُڌ منهنجو آواز ٻُڌ، خان تنهنجي خاني، جوان نوجوان ڊاڪٽر روي پرڪاش، ساهتيه اڪادمي دهلي، جهونا ته جوانن کان به اُتر لهن، ۽ منهنجا ٻُڌ بچي ويا شامل آهن.

(39) اهو سچ ته آهي (ترجمو) 2011ع.
گرورجيش اوشو 11 ڊسمبر 1931ع ۾ هندستان ۾ ڄائو، اوشو جي آتم ڪٿا ئي ڪتاب جو ترجمو ”اهو سچ ته آهي“ جي نالي سان يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي. اوشو آتم ڪٿا ۾ ڪيئي تلخ حقيقتون بيان ڪيون آهن، اوشو جنس، مرد ۽ فطرت تي کُلي ڳالهائيندو هو.

(40) ڪجهه ته ڏيئي وينداسين (اينٿالا جي / مرتب)2012ع
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ تنوير عباسيءَ جي شخصيت، فن ۽ لکڻين جي چونڊ تي مشتمل هي سهيڙيل اينٿالاجي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو تنوير عباسي: شخصيت ۽ فن ۽ ٻيو حصو تنوير عباسي جي چونڊ لکڻين تي مشتمل آهي. 590 صفحن تي مشتمل هيءَ اينٿالاجي تنوير عباسي جي شخصيت ۽ فن جو احاطو ڪري ٿي هي اينٿالاجي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرائي ويئي آهي.

(41)هوگو شاويز: زندگي ۽ جدوجهد (ترجمو ) 2012ع.
هي ڪتاب وينزويلا جي مرحوم انقلابي صدر 'هوگو شاويز'جي زندگي، جدوجهد ۽ ڪارنامن تي ٻڌل آهي. مختلف مضمونن جو ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. جنهن ۾ هوگو شاويز جو تقريرون، شروعاتي زندگي، سياسي زندگي،سياسي تنظيم ففٽ ريپبلڪ موومينٽ، بغاوت، جيل ياترا، ڪارڪن کان صدارت تائين جدوجهد ۽ آتم ڪٿا شامل آهي، هي هڪ مختصر پر جامع ڪتاب آهي.

(42) چلو چلين پنجاب (سفرنامو) 2012ع.
هي ڪتاب پنجاب جو سفرنامو آهي، يوسف سنڌيءَ هي ڪتاب پهرين سنڌي زبان ۾ ”سدائين سفر ۾“ جي نالي سان لکيو، جنهن جو اردو ترجمو ننگر چنه ڪيو. ڪتاب جي باري ۾ الطاف شيخ لکي ٿو ته ”يوسف سنڌي سفرنامي ۾ ٻڌائي ٿو محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو هو، اُن وقت سنڌ جون حدون ملتان تائين هيون. محمد بن قاسم ملتان تائين آيو هو ۽ ان جي ياد ۾ اڄ به ملتان جو هڪ محلو قاسم محلي جي نالي سان مشهور آهي“. ۽ هي به ٻڌائي ٿو ته سومناٿ مندر کان پوءِ وڏو مندر ”پر هلاد“ واقع هو، پر هلاد مندر جا کنڊرات، حضرت بهاءالدين ذڪريا جي مزار جي ويجهو آهن. يوسف ملتان جي باري ۾ هي به ٻڌائي ٿو ته برصغير جي ڪيئي نامور حڪمران هن شهر ۾ پيدا ٿيا هئا، جنهن ۾ هندستان جو بادشاھ محمد تغلق، احمد شاهه ابدالي ۽ بهلول لوڌي به شامل آهن."(8) (شيخ2012: 9)

(43) ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي (ترجمو) 2012ع.
هي ڪتاب عالمي معلومات تي مبني آھي، ڪتاب ۾ مختلف مضمون ترجمو ڪري ڏِٺا ويا آهن،جنهن ۾ سلواڊور آلندي مانائتي زندگي شانائتو موت، سدا حيات آلندي جي آخري تقرير، چي گويرا جو قتل ڪيئن ٿيو، چي گويرا:سامراج دشمني جي خلاف آزادي جو استعارو، نڪيتا خروشيف جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي، خروشيف جون يادگيريون، سري مائوبندرا نائيڪي،عيدي امين :آفريڪا جو ڏنڊ ڪٿائي ڪردار، پول پاٽ ڪمبوڊيا جو ڪاسائي، ٽراٽسڪيءَ جو قتل ڪيئن ٿيو، سوئيڪارنو جي خلاف بغاوت جي پهرين شام، جارج واشنگٽن کي قتل ڪرڻ جي سازش، ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي عالمي تنظيم، اسڪندريه جي قديم لائبرري، دنيا جو چوٿون عجوبو زيوس ديوتا جو مجسمو، دنيا جو ڇهون عجوبو هيلوس ديوتا جو ديو قامت بتُ شامل آهن.
(44) چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي 2012 ع.
هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ حصو ليکڪ جون قاسم پٿر سان يادگيريون ۽ ٻيو حصو قاسم پٿر جي ڪهاڻين جي ڪتاب "رت ۽ غلامي" تي مشتمل آهي. يادگيرين ۾ قاسم پٿرسان لاڳاپيل تعلقات سندس جدوجهد،سوانح، جيل ياترا، سياسي زندگي ۽ ذاتي زندگي جي باري ۾ خوب لکيو ويو آهي. يوسف قلم جي نوڪ سان سندس زندگي جي جدوجهد جو خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪري، سندس حياتي جو پورو احوال قلمبند ڪيو آهي.جنهن مان قاسم پٿر جي زندگي آئيني وانگر نظر اچي ٿي.

(45) هڪ سنڌ، ٻه نظام (مرتب) 2013ع.
سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس پهرين آڪٽوبر 2012ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان بل جي صورت ۾ پاس ڪيو ويو، سيڪشن 8 تحت ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري کين هڪ ضلعو قرار ڏنو ويو، جنهن کي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين پنجن ضلعن کي به ميٽرو پوليٽن جو درجو ڏنو ويو، جڏهن ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا. سنڌ جي عوام اُن قانون کي ڪارو قرار ڏنو ۽ سنڌ لاءِ ان قانون کي سازش سمجهيو ويو . احتجاج، ڌرڻا،بک هڙتالون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون ويون. ايتري قدر حڪومت کي مجبور ڪيو ويو جو اهو آرڊيننس، حڪومت کي واپس وٺڻون پيو.
يوسف سنڌيءَ اُن مٿين سڄي جدوجهد کي مرتب ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي، مشتاق شوري، بئريسٽر ضمير گهمري، نصير ميمڻ، عاجز جمالي ۽ دودو چانڊيو جا مضمون شامل ڪيا ويا آھن. ھي ڪتاب سنڌ جي سياسي تاريخ جي حوالي سان سٺي اهميت رکي ٿو.

(46) اڌ مهينو ايران ۾ (اصلوڪو) 2013ع.
يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ايران جي سفرنامي تي مشتمل آهي،جنهن جا موضوع آءٌ به هلان ٿو ايران، سب ڪام چلتا هي بابا، ايران ڪيئن هلجي، چڱا ايراني به ڪونهن، زاھدان ڪجهه ڪوهه، چلتي ڪا نام گاڙي، قم ۾ چار ڏينهن، تنهنجي سنڌو پڙهي ڪير ٿو، خميني ۽ بيت خميني، بيبي معصومه جي مزار جي زيارت، قم جون زيارتون ۽ مسجد جمڪران، قم ۾ گانڌي مارڪيٽ، گگوش، ممنوع ايران است، اصفھان نصف جھان، زائنده رود جو سڪل پيٽ، مڙس ته ڪو منصور هو، عظيم انقلابي مزدڪ، فردوسيءَ جي شهر ۾، ڪجھه جديد ايراني ليکڪ ۽ ٻيا ڪيئي مضمون شامل اٿس. جي پڙهڻ جهڙا آھن. هونئن به سنڌ ۽ ايران جا قديم لاڳاپا رهيا آھن. سنڌ ۾ ڪيئي صدين تائين فارسي دفتري ٻولي رهي آھي، فارسي شاعرن کي دل سان سنڌ ۾ پڙهيو ويندو آهي.
ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ غلام نبي سومرو لکي ٿو ته"يوسف ڪمال ڪاريگريءَ سان سڄي ايران جي موجوده صورتحال جنهن مان هو هڪ مسافر جيان گذريو آھي. موجوده وقت ۾ بيهي، هن ايران جي حال کي جيئن ڏٺو آهي. تيئن بيان ڪيو آهي ۽ اتان ئي بيهي هن ماضيءَ ۾ سفر ڪيو آهي. هي سفرنامو ايران جي سڀني صدين جو سفرجو ڪتاب پڻ آھي. پنهنجي معلومات، تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي"(9). (سومرو2013: 16)

(47) ڌرتي ڌوڏيندڙ 10ڏينهن (ترجمو) 2013ع.
هي جان ريڊ جي مشهور ڪتاب،Ten day That Showk The world جو ترجمو آهي. جيڪو روس جي آڪٽومبر انقلاب جي اکين ڏٺي احوال تي مشتمل آهي.

(48) دنيا جي تاريخ (ترجمو) 2013ع.
هي ڪتاب محمد مجيب جون آل انڊيا ريڊيو تان 1938ع ۾ ڪيل تقريرن جو ترجمو ، تهذيبن ،مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو آھي، جنهن کي يوسف سنڌيءَ سهڻي نموني ترجمو ڪيو آهي.جنهن ۾ دنيا جي ڪهاڻي، دنيا جون شروعاتي سڀيتائون، اوڀر ۽ اولھه، يوناني سڀيتا، يونان ۽ روم، قديم چيني سڀيتا، قديم هندستان، عيسائي مذهب، اسلام، مسلمانن جي سياست، مسلمانن جي سڀيتا، ترڪ ۽ تاتاري، هندستان، يورپي سڀيتا جي تاريخ، جديد يورپ، جديد اولهائين سڀيتا، اڄ جي دنيا شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ انسان جي پيدا ٿيڻ کان موجوده دور تائين ارتقا جا تفصيل ۽ مذهبن سڀيتائون جو اڀياس ڪيو ويو آھي.

(49) تڏهن ملنداسين (مرتب) 2013ع.
موٽومل ڪنول ڪوهستانيءَ جي ڪهاڻين، مضمونن، ۽ شاعريءَ کي گڏ ڪري،" تڏهن ملنداسين" جي نالي سان يوسف سنڌيءَ هي ڪتاب آندو.موٽومل ڪنول ڪوهستاني يوسف سنڌيءَ سان گڏ پڙهيو هو. ۽ 4 اپريل 2009ع تي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو.
(50) عڪس، شخص، نقش 2013ع.
هي ڪِتاب ٻن حِصن تي مشتمل آهي، پھرين حصي ۾ مشھور پرڏيھي شخصيتن تي لِکيل خاڪا ترجمو ڪري ڏِنا ويا آهن، ٻي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻولي جي مشھور ليکڪن جا خاڪا سھيڙيا ويا آهن. هي نھايت ڪارائتو ۽ خاڪا نويسي جي حوالي سان بھترين ڪِتاب آهي.

(51) صوفي شاھ عنايت شهيد (ترجمو) 2013ع.
هي ڪتابڙو سنڌ جي عظيم سوشلسٽ اڳواڻ ، "جو کيڙي سو کائي" جو نظريو ڏيندڙ، صوفي شاھ عنايت شهيد تي شاھ محمد مري جو لکيل مقالو آھي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي، هي مختصر ڪتابڙو48 صفحن تي مشتمل آھي.

(52) خدا جي تاريخ (ترجمو) 2014ع.
هي ڪتاب "ڪيرن آر مسٽرانگ" جو لکيل مشهور ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آھي.

(53) لينن: جنهن تقديرون بدلايون 2014ع.
لينن جو اصل نالو ولادي مير اوليانوف(لينن) هو، کيس سڄي دنيا جي مزدورن ۽ پورهيتن جو استاد ۽ اڳواڻ تسليم ڪيو ويندو آهي. لينن لفظي طرح نه پر عملي طرح انسان ذات جي بنا لالچ لوڀ جي خدمت ڪئي. هي ڪتاب تيرهن بابن تي مبني آھي. لينن سڄي دنيا جي انسانن لاءِ اُتساهه ۽ جدوجهد جو اُهڃاڻ رهيو آهي. يوسف سنڌي هن ڪتاب جو ترجمو ڪري لينن جي ڪردار، جدوجهد، سياست کي واضع ڪيو آهي.

(54) عالمي تاريخ جون ڪجھه نراليون شخصيتون (ترجمو) 2014ع.
دنيا جون 30 نراليون شخصيتون، جن ۾ ڪي سياستدان آھن ته ڪي انجنيئر آھن، ڪي اديب آهن، ڪي سائنسدان آهن، ڪي حاڪم آھن، جن جا ڪارناما ۽ ڪردار مشهور آهن، انهن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ جن نرالين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تن ۾ شيخ مجيب الرحمٰان ،انڊونيشيا جو ڊڪٽيٽر سوهارتو، اسرائيل ايشمين کي ڪيئن اغوا ڪيو، پهريون خلائي مسافر، جمال عبدالناصر جي ڪهاڻي، ذوالفقار علي ڀٽي جي آخري رات، راڻي وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم، جارج حباش انقلابي اڳواڻ، اڇوتن جو اڳواڻ ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيدڪر، آمريڪا جي اڪيلي عورت صدر، جيوتي باسو هندستان جو عظيم پُٽ، هڪ سپاهي ڇوڪري جون يادگيريون، آمريڪا جو پهريون بادشاھ، دنيا جي پهرين سرجن عورت، غريب اڇوت ڇوڪريءَ کان وزير اعليٰ تائين، برلن ڀت ٽوڙيندڙ سائنسدان، ڪارل مارڪس، بل گيٽس رول ماڊل ڪردار ۽ ٻيا مضمون شامل اٿس، ڪتاب جا مضمون مختلف ليکڪن جا لکيل آهن، جيڪي ترجمو ڪيا ويا آهن

(55) اخوت جو سفر ( ترجمو) 2015ع.
هي ڪتاب آمريڪا جو سفرنامو 'اخوت جو سفر' ڊاڪٽر امجد ثاقب جو لکيل آھي. هي هڪ بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ سماج جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ويو آهي، هي سفرنامو عام سفرنامن کان مختلف آهي.سڄوسفرنامو اخوت لفظ جي چوڌاري ڦري ٿو.ترجمي نگار لکي ٿو، "جڏهن مون ڪتاب باقائده پڙهڻ شروع ڪيو ته ڪتاب جي مَنڍ ۾ ئي مَنڊجي ويس، سفر ڪهاڻي ته پنهنجي جاءِ تي، پر ڪتاب ۾ ڪيئي ڪھاڻيون، محنت جو ڪهاڻيون هيون، جستجوءَ جون ڪهاڻيون آهن، خدمت جون ڪهاڻيون، پاڻ ارپڻ جون ڪهاڻيون، ايثار ۽ قربانيءَ جون ڪهاڻيون ۽ هر هڪ ڪهاڻي ٻي ڪھاڻي جو تسلسل آهي، اخوت جو سفر هڪ ڪتاب نه پر 'ڪيئي ڪتاب' لڳم . ڪتاب پڙهندي پڙهندي ڪٿي احساس جي شدت سبب اکين مان لڙڪ ڀرجي ٿي آيا، ته ڪڏهن زبان ۾ بي اختيار اخوت جي سرواڻ ڊاڪٽرمحمد ثاقب ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگيءَ تي واھ واھ ۽ داد جا لفظ نڪري ٿي ويا."(10) (سنڌي2015: 8)

(56) صحرا ۾ سُتل قذافي (مرتب) 2015ع.
ڪرنل قذافي ليبيا جو صدر هو، ڪرنل قذافي آمريڪا سان سدائين اکيون وجهي ڳالهائيندو هو، آمريڪا کي اها ڳالھه پسند نه هئي. آخرڪار آمريڪا کيس مارائي ڇڏيو. يوسف سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ مختلف مضمونن ۽ ڪالمن کي سهيڙي قذافي جي زندگيءَ جو خاڪو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ يوسف اُن خاڪي جوڙڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.

(57) ڳُجهو دستاويز (ترجمو) 2015ع.
هي ناول آمريڪي ليکڪ ارونگ ويلس جي ناول The R Document جو ترجمو آهي، جنهن جو ترجمو ڳجهودستاويز نالي سان يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي. هي ناول آمريڪا جي سياست تي لکيو ويو آهي. هي ناول جاسوسي ۽ مهم جوئي جي زمري ۾ اچي ٿو، پر ناول جي اُڻت اهڙي نموني ڪئي وئي آهي جو هي ڪتاب شهپارو ٿي پيو آھي. اسين ڏسون ٿا ته شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ترجمي نگارن جي جيڪا قطار آهي، اُن قطار ۾ يوسف سنڌي اهم نالو آهي. جنهن ڪيترن اهم ڪتابن جا ترجما ڪري، سنڌي پڙهندڙن کي عالمي ادب کان روشناس ڪرايو آهي.

(58) انقلابيءَ جو موت (ترجمو) 2016ع.
هي ناول مُراٺي ليکڪ انل بروي جي ناوليٽ ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جو ترجمو آهي، ھي ناول قومي ڪارڪن جي انقلابي ڪردار ۽ پيار تي ٻڌل آهي.

(59) رومي جي رهاڻ ترجمو 2016ع
مولانا جلال الدين رومي جي شخصيت ۽ اندازِ سُخن تي مشتمل ظفر عظيم جي ڪِتاب جو ترجمو آهي۔ هن ڪتاب ۾ مولانا رومي جي شخصيت، فڪر ۽ شاعري جو ڀرپور احاطو ڪيل آهي. ڪتاب جو ترجمو به گهڻو سادي ۽ سَرل ٻولي ۾ آهي. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو.

(60) بَرف ۾ سَرندڙ ماڻھو (ترجمو) 2016ع.
اردوءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حڪيم عبدالرؤف ڪيانيءَ جي ٻن ڪهاڻي ڪتابن، "برف میں جلتے لوگ" ۽ ”خزاں آلود بہار“ مان، چونڊ ڪهاڻيون ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ ڏنيون ويون آهن. جن ۾ ڪارو جادو، احتجاج، سياسي خطاب، وڏو فرض، مسجد، پير سائين، بک، انڌو پينو، ڪروڙ پتي، چيڙھ، لڄَ، خاموش بابا، ۽ ٻارڙي شامل آهن.

(61) ڏيئو ۽ درياءَ (ترجمو) 2016ع.
يوسف سنڌي اهو ڀاڳوند ليکڪ آهي جو سندس سال ۾ چار چار ڪتاب به ڇپجندا رهيا آهن.جڏهن ته سنڌ جا ڪيترائي ليکڪ ڪيترن ئي سالن ۾ ڪو هڪ ڪتاب به مشڪل سان ڇپائي سگهندا آهن.ڏيئو ۽ درياءَ پنجابي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار افضل احسن رنڌاوا جو پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيل ناول ”ديوا تي دريا“ جو ترجمو آهي.هي ڪتاب پهريون ڀيرو1961ع ۾ ڇپيو ۽ يوسف سنڌيءَ ان جو 2016ع ۾ ترجمو ڪري سچائي اشاعت گهر دڙي طرفان ڇپايو.

(61) تون سمجهين نه سگهندين (ترجمو) 2016ع.
پنجابي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪا، ’جندر‘ جي ڪهاڻي ڪتاب "تسی سمجھ نہیں سکدی" کي "تون سمجهين نه سگهندين" جي نالي سان يوسف سنڌي ترجمو ڪيو آهي.ساڻس گڏ هن ترجمي ۾ اصغر گگو به شامل آهي.

(62) اقرار به ، انڪار به (اصلوڪو) 2016ع.
ھر ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جي ڪار گذاري لکندو آهي، جنهن کي آتم ڪٿا چئبو آهي. سنڌي ادب ۾ شروعاتي آتم ڪٿا مرزا قليچ بيگ جي ’سائو پن يا ڪارو پن‘ چئي وڃي ٿي.يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب سندس يادگيرين تي مشتمل آھي، هي جتي پڙهيو، رانديون ڪيائين، دوستن سان گهميو ڦريو، ماءُ سان ننڍپڻ جون يادگيريون، ڪنهن پيار ڏنس، ڪنهن نفرت ڪيس، ادب ڏي ڪيئن راغب ٿيو. سندس دوستن جو حلقو ڪهڙو هو، زندگيءَ ۾ اکين سان جو ڏٺائين سي سڀ منظر، پسمنظر پنهجي يادگيرين جي ڪتاب، اقرار به انڪار به ۾ آندا اٿس. يوسف سنڌيءَ کي هن ڪتاب تي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران 2016ع جو بهترين سوانحي ادب جي ڪتاب جو ايوارڊ ۽ انعام به ڏنو ويو.

(63) انقلاب، آزادي ۽ سوشلزم (ترتيب) 2017ع
هي ڪتاب هوچي منھه جي مضمون جو ترجمو آهي، جيڪو منير احمد ماڻڪ جوڪيل آهي، اُن جو پهريو ڇاپو هو. ۾ 1972 ”هوچي من جا مضمون“ جي نالي سان ڇپيو هو. يوسف سنڌي ان تي نئين سر ترتيب ڏيئي ٻولي جون دُرستگيون ڪري طويل مهاڳ لکي، ڇپايو.

(64) گولڊ فنگر (ترجمو) 2017ع.
هي ناول مشهور ناول نويس ’آئين فليمنگ‘ جو لکيل آهي، جو يوسف سنڌيءَ ترجمو ڪيو آھي. هن ناول تي جيمزبانڊ ڊبل زيرو سيون جي مشهور فلم ”گولڊ فنگر“ جي نالي سان ٺهيل آهي.
(65) اوٻارا عَبير جا (اصلوڪو) 2017ع.
هن ڪتاب ۾ اخباري ڪالم آهن ، ڪتاب چئن حصن تي مشتمل آهي. هڪ يادگيريون، ٻيو شخصيتون، ٽيون ڪتابن تي تبصرا، چوٿون مختلف مضمون، جي خيال ۽ خواب جي نالي سان آهن. "يوسف سنڌيءَ جي هن ڪتاب ۾ بهترين ڪتابن تي تبصرا شامل آهن. جيڪي ڪتاب اڄوڪي نسل کي عالمي سياسي واقعن ۽ انهن جي تاريخ ڄاڻڻ ۽ اُن جي بنيادي ڄاڻ لاءِ اهم آهن."(11). (اوڏ2017: 11)

(66) اَلستي من مستي (اصلوڪو) 2017ع.
هي ڪتاب سنڌ جي نامور ليکڪ ۽ شاھ لطيف جي انگريزي مترجم فقير عبدالغفور الستيءَ جي فن، فڪر، سوانح ۽ يادگيرين تي لکيو ويو آهي. ذاتي حوالي سان فقير عبدالغفور الستي، ليکڪ جو چاچو به ٿئي. يوسف سنڌي سوانحي يادگيريون ڏاڍيون سٺيون لکيون آهن، کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.فقير عبدالغفور جو ملير ڊائجسٽ ڪڍڻ ، شاھ جي رسالي جو انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ، قومي ڪارڪن واريون خدمتون انجام ڏيڻ، فقير جا سياسي سماجي تعلقات ۽ فقير جي سڄي زندگيءَ جو احوال شاندار نموني هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي.هن ڪتاب ۾ فقير عبدالغفور جا خط، سندس ڪتاب ’ٻڌڻ ٻاروچن جا‘ تي تبصرو ۽ سندس انٽرويو پڻ ڏنو ويو آھي

(67) هڪ گڏھ جي آتم ڪٿا (ترجمو) 2017ع.
ڪرشن چندر جي مشهور ناول جو ترجمو آهي. جيڪو پهرين ’ڪرزما ڊائجسٽ‘ ۾ ٻن قسطن ۾ ڇپيو ۽ پوءِ نئون نياپو پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.

(68) زندگيءَ جا گُم ٿيل ڏينهن (ترجمو) 2018ع.
هي ڪتاب ملڪه اوفڪرجي لکيل ڪتاب
Stolen Lives: Twenty Years in Desert Jeal
جو ترجمو آهي. مراڪش جي شاهي حڪمران خاندان جي نياڻي جنهن کي ويھه سال قيد ۾ رکيو ويو ۽ مٿس ذهني تشدد ڪيو ويندو هو. بادشاهه حسن جي وفات کان پوءِ بادشاهه محمد کيس فرانس وڃڻ جي اجازت ڏني هن اُتي هيءَ آتم ڪٿا لکي. يوسف سنڌي هميشه ڏکائيندڙ جيءَ کي جھوريندڙ آتم ڪٿائون ترجمو ڪري پڙهندڙن کي ڏيندو رهيو آھي. يوسف سنڌي ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو. هيءَ طويل آتم ڪٿا دلپذير انداز ۾ ترجمو ٿيل آھي.

(69) ساقي سجاوليءَ جون لکڻيون (مرتب) 2018ع.
هي ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ ساقي سجاوليءَ جي ڇپيل نوَن (9) ڪتابن تي مشتمل آهي. ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ڇپيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ساقي سجاولي جي فن ۽ شخصيت تي يوسف سنڌي جو طويل مھاڳ ۽ غلام حسين رنگريز جو مضمون پڻ شامل آهن.

(70) حافظ شيرازي ( ترجمو) 2018ع.
ايران جي شاعريءَ جو سنڌ تي قديم دور کان اثر رهيو آهي، رومي، رودڪي، سعدي ، عطار، فردوسي، ۽ حافظ شيرازي جي فارسي شاعري اڪثر عالمن، استادن ۽ شاعرن کي ياد هوندي هئي ۽ هر مضمون جي شروعات ۾ يا آخر ۾ فارسي جو شعر لکيو ويندو هو، پر هاڻ اها روايت گهٽجي وئي آهي.
يوسف سنڌي جو هي ڪتاب حافظ شيرازي جي 100 چونڊ غزلن جو ترجمو آهي. هڪ صفحي تي فارسي غزل ۾ رکيا ويا آهن ۽ سامهون ترجمو ڏنو ويو آهي. ترجمي نگار لکي ٿو ته"حڪيم شمس الدين محمد حافظ شيرازي، فارسي زبان جي ٽئين زماني ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس لکيل رباعيون، قصيدا، ۽ مثنويون پنهنجي جاءِ تي، پر سندس غزل جي ڇا ڳالھه ڪجي. غزل حافظ تي اچي دنگ ٿو ڪري، حافظ کي ’لسان الغيب‘ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو".(12) (سنڌي 2018: 9)

(71) شيطاني ٻيٽ ( ترجمو) 2018ع.
هينري چئريئر جي جڳ مشهور ناول Papillion جو سنڌي ترجمو ،يوسف سنڌيءَ 'شيطاني ٻيٽ' جي نالي سان ڪيو آهي.هينري چئريئر ڏوهاري قسم جو ماڻهو هو، هن کي هِڪ ڏوھ ۾ سزا ڏيئي شيطاني ٻيٽن ڏي موڪليو ويو هو.يوسف سنڌيءَ جو هي ترجمو ٿيل ناول پهرين ’هزار داستان‘ ۾ قسطوار ڇپيو، ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ 2018ع روشني پبليڪشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.

(72) سائين پرويز( اصلوڪو) 2019ع.
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم 'پرويز' جي فن ۽ شخصيت تي هي ڪتاب، يوسف سنڌي سهڻي نموني لکيو آهي.جنهن جو مهاڳ نوجوان دانشور اياز عليءَ لکيو آهي.
(73) ايراني ادب (اصلوڪو) 2020ع.
ايران قديم دور کان شاعرن جو ديس رھيو آھي. عمر خيام جون رباعيون هجن يا روميءَ جون مثنويو هجن، فردوسي جو شاهه نامو هجي يا عشق جو اوتار شيخ فريدالدين عطارهجي.ايران قديم توڙي جديد شاعريءَ جو اهم مرڪز رهيو آهي. ايران جي شاعري جو اثر قديم دور کان سنڌ تي پڻ رهيو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو علمبردار شاھ عبداللطيف ڀٽائي پڻ روميءَ جي مثنوي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. يوسف سنڌي جو هي ڪتاب اهم ڪتابن ۾ شمار آهي.
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ايڪٽيھه مضمون شامل آهن، هن ڪتاب ۾ موجوده وقت ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ فارسي شاعري جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي.

(74)اي در جنين ديکيو سفر نامو 2020ع.
يوسف سنڌي 2013ع ۾ عمري تي ويو هو ۽ واپس اچي پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن تي ٻڌل سعودي عرب جي شهرن مڪي ۽ مديني جو سفر نامو لکيائين.

(75) آقا (ترجمو) 2021ع.
هي ڪتاب نبي ڪريم محمد مصطفىٰﷺ جي سيرت تي مبني آهي. جو رائل سائيز جي لڳ ڀڳ 1200صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ "ابدال بيلا" ۽ ترجمي نگار يوسف سنڌي آھي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ يوسف، سنڌي ۾ ڇپيل سيرت جي ڪتابن بابت ڪافي ڄاڻ ڏني آهي.

(76) عالمي تاريخ: واقعا، شخصيتون ۽ عجائبات (ترجمو) 2021ع.
يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب واقعات، شخصيتون ۽ عجائبات، عالمي تاريخ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڇپيل ڪتاب 'ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي'2012ع) جا 16مضمون به شامل ڪيا ويا آھن.۽ سندس ٻيا مضمون مختلف ڪتابن مان ترجمو ڪري شامل ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 38مضمون اٿس، جي نهايت ڄاڻ وارا آهن.

(77) ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان (ترجمو) 2021ع
هندستان جي مشهور ليکڪ خشونت سنگھه جي ڪتاب Train to Pakistan جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌي ’ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان‘ جي نالي سان ڪيو آهي.
(78) مسواڙي زال (ترجمو) 2021ع.
ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏِنيون ويون آهن. ڪهاڻيڪارن ۾ زوشي، جسونت سنگھه ورڌي، خليفة منيرة الفاضل، وحيد زهير، ڊاڪٽر فاطمه حسن، موسيٰ ڪليم امريلوي، امرتا پريتم، ايمائل زولا، اسٽيفن ليڪز، جيمزنگوجي،حڪيم عبدالرؤف ڪياني، اعجاز،خالد فرھاد ڌاريوال، موپا سان ۽ توفيق الحڪيم شامل آهن. ڪتاب جو نالو ’مسواڙي زال‘ چيني ليکڪ زوشي جي ڪهاڻي تان رکيل آهي.

(80) اسان جي منزل اسان جو رستو (مرتب) 2021ع.
هن ڪتاب ۾ فقير عبدالغفور اَلستي جون لکڻيون مرتب ڪيون ويون آهن. جنھن ۾ ملير ڊائجسٽ جا ايڊيٽوريل، انٽرويو، خاڪا، ڪھاڻي ۽ اڳ ڇپيل چار ننڍا ننڍا ڪِتابڙا به شامل آهن.

يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما اڪثر پرڏيهي ادب جا آهن، پرڏيهي ادب قديم توڙي جديد فني، فڪري، شعوري حوالي سان سگهارو ادب آهي. اهو ادب مختلف سماجن جي اٿل پٿل،تهذيب، تمدن، جنگي ميدانن، قيد خانن، عقوبتن،لقائن مان ڦٽي نڪتو آهي، جو يوسف اسان کي ترجمي جو صورت ۾ ڏنو آهي.
اسين ڏسون ٿا ته يوسف سنڌي جو ترجمي ۾ ڪيل ڪم گهڻو آهي، جڏهن ته سندس اصلوڪن ڪتابن جو هن وقت تائين تعداد ويهارو کن آهي. پر هن جون اصلوڪيون ڪهاڻيون ڪنهن تعارف يا ڪنهن مصنوعي ٽيڪ جون محتاج ناهن، سندس ڪهاڻين جي فني فڪري سگھه رني ڪوٽ جي جبل جهڙي آهي.
سندس اصلوڪو ناول اسان کي هن وقت تائين هڪ ئي ”تو پيار ڇو ڪيو“ مليو آهي، جڏهن ته ٻيا ناول اسان کي ترجما ٿيل مليا آهن.
سندس سهيڙيل ڪتاب جو تعداد پڻ گهڻو آهي. هو پنهنجي وڇڙي ويل اديبن کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ساقي سجاولي ، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، ارشاد ساگر، فقير عبدالغفور الستي ۽ نجم عباسي جا لکڻيون سهيڙي ڇپائي، ادبي تاريخ ۾ وڌارو ڪيو اٿس، ان سان ٻه ڪم ٿين ٿا هڪ ته سندن پورهيو عوام تائين پهچي ٿو ۽ ٻيو اهڙن علمي گوهرن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ ٿئي ٿي . يوسف سنڌيءَ کي جس آهي جو هن گوبل وليج جي دور ۾ ايترا ڪتاب نوجوانن کي ڏنا اٿس.

حوالا:
ا. سنڌي ، يوسف،2016: اقرار به، انڪار به، سچائي اشاعت گهر دڙو.
2. سنڌي، يوسف،2016: مسواڙي زال، سچائي اشاعت گهر دڙو.
3. سنڌي، يوسف 1990: جنين لوھ لڱن ۾، سچائي اشاعت گهر دڙو.
4. ناز، نذير، 2016: شهيد جي ماءُ، ناري پبليڪيشن حيدرآباد.
5. سنڌي ، يوسف،1998: بک، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.
6. حسين، فهميده، 2011: سنڌي ادب، سچائي اشاعت گهر دڙو.
7.ڪهوٽ،نظير، 2011: نه وڃڻ جو پڇتاءُ، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي
8.شيخ، الطاف، 2012: چلو چلين پنجاب، سچائي اشاعت گهر دڙو.
9.سومرو، غلام نبي، 2013: اڌ مهينو ايران ۾، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد.
10.سنڌي، يوسف،2015: اخوت جو سفر، سنگ ميل پبليڪشن لاهور.
11. اوڏ، هنس راج ھنس، 2017: اوٻارا عنبير جا، سچائي اشاعت گهر دڙو.
12. سنڌي ، يوسف، 2018: حافظ شيرازي، سچائي اشاعت گهر دڙو.

منهنجي ڪتابن جي ڪهاڻي

منهنجي ڪتابن جي ڪهاڻي
]ادبي سفر[

يوسف سنڌي

آءٌ بنيادي طور ڪهاڻيڪار ناهيان، پر ڪهاڻيءَ سان منهنجو شروع کان ئي واسطو ۽ لاڳاپو رهيو آهي.
ننڍي هوندي جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي کير ڀت کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو، سيارو هوندو هو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون، کٽن سان لڳ پيل هونديون هُيون، ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي امان، ناني، منهنجو ٻيئي وڏيون ڀينرون مريم ۽ غلام فاطمه، انهن تي سمهندا هئاسين. آءٌ امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل لوليون ڏيئي مون کي سُمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ”هڪڙو هو بادشاهه...! اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه.. جنهن کي ست ڌيئرون هيون....“ ۽ پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ئي آءٌ ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
پرجي گرمين جي مُند هوندي هئي ته گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڏي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم، جو شاهي وڻ بيٺل آهي، هاڻ ته صفا جهونو ٿي ويو آهي. پر جوانيءَ ۾ ان وڻ جو ڇانوَ ۽ ڏيا به ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃڻ کان پوءِ امان ڪهاڻي پوري ڪندي هئي يا اڌ ۾ ڇڏي سمهي پوندي هئي... خبر ڪونهي. ايئن اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻڌائڻ جي لاءِ چونديون هيون، ۽ امان ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن امان جو موڊ نه هوندو هو يا گهڻي ٿڪل هوندي هئي ته هو پُٺن تي هٿ ڦيري ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي:
آکاڻي،
گهگهرداڻي،
گهگهر ٺلهو،
مڇي پلو.
آکاڻيءَ نما اهو ڊگهو نظم ٻڌائي چوندي هئي: ”هاڻ سمهي پئو.. آکاڻي سڀاڻي...“
ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو، گهير واري وڏي سُٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، ڇاپئين ڏاڙهي، مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ” ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي.
”ماسڙ مامون“ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙمامون“ آکاڻي کڻندو هو... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو اُن ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو. ۽ وچ وچ ۾ ڏور يا بيت به ڏيندو ويندو هو. ”ماسڙ مامونءَ“ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا....؟ ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. آءٌ اڪثر آکاڻي هلندي ئي سمهي پوندو هوس. ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي آکاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي... جيترا ڏينهن ’ماسڙ مامون‘ ٽڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو جاري رهندو هو.
ڪجهه وڏو ٿيس ته ڇٺي ڇهه ماهي، امان سان گڏ حيدرآباد وڃبو هو. جتي منهنجي جيجي يعني امان جي ننڍي ڀيڻ رهندي هئي. اُتي منهنجي هڪڙي ماسات وٽ ٻارن جي ڪهاڻين جا ننڍا ننڍا تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا، جن جا ڪوَر ڏاڍا سهڻا ۽ اهي گهڻا اردوءَ ۾ هوندا هئا، جيڪي هوءَ اسان کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. مون کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس اُتان پيئي‏، هوءَ اسڪول ويندي هُئي ته آءٌ سندس پرپُٺ به سندس ڪتابن وارو ڪٻٽ کولي جنھن ۾ اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“ ۽ ”تعليم و تربيت“ به پيل هوندا هئا، ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو به هجي، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس پڙهڻ جي لاءِ ڪجهه ڪتاب اُڌارا وٺي ايندو هوس. ايئن منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي... ۽ مون کي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي، جو اتي رات جو سمهڻ مهل، جيجي زوري بتي بند ڪري، مون کي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي... نه ته جيستائين روشني هوندي هئي، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
ڪتابن پڙهڻ جي اُن چوس سبب منهنجي سڄي خرچي، جيڪا ايتري گهڻي به نه هوندي هئي، ڪتابن جي بِلي ٿي ويندي هئي، ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي، يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس. جيجيءَ جو گهر ٻي نمبر ۾ هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس.... گهر ۾ کڻي وڃڻ سان دڙڪن ملڻ جو امڪان هوندو هو.
دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بڪ اسٽال“ هوندو هو. دڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هوندو هو، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشيءَ جو ”شمس بُڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس. پوءِ مون کي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سڄو ڏينهن ويٺو پنا ڪارا ڪندو ۽ اُبتيون سبتيون ڳالهيون پيو لکندو هوس.
اسڪول ۾ مون کي پهرين کان ٻي ڪلاس تائين سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ ٽي کان پنجين تائين سائين ڪريم بخش ”پياسي“ مڱڻهار جهڙا بهترين اُستاد مليا. سائين شفيع محمد ميمڻ ڪتابن جو وڏو شوقين هوندو هو، وٽس هر وقت ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هو، ۽ هو انهن ڪتابن تي ڏاڍي سٺي جلد بندي ڪندو هو... ۽ سائين ڪريم بخش ’پياسي‘ بهترين استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، سٺو اداڪار، سٺو مقرر ۽ مولودي پڻ هو. سندس ڪجهه شاعري هٿ ڪري مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ تعارف ۽ فوٽوءَ سميت ڇپي... انهن ٻنهي استادن جي علم دوستي ۽ ادب دوستيءَ جو مون ته سٺو اثر پيو.
منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ 1979ع جي ڪنهن شماري ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ڇپي هئي، جيڪا ’ماخوذ‘ ڪيل هئي. پوءِ ٻارن جي لاءِ ٻيون به ڪهاڻيون لکيم ۽ ترجمو ڪيم، جيڪي پوءِ ”شهيد جي ماءُ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
ان دوران وڏن جي لاءِ به ڪجهه ڪهاڻيون لکيم، پر انهن مان گهڻين کي پرڏيهي پسمنظر ڏنم، فلسطيني فدائين جو. اڳتي هلي ٻه ناول ”تو ڇو پيار ڪيو“ ۽ ”ڪجهه اندر ڪجهه ٻاهر“ لکيم... ”تو ڇو پيار ڪيو“ 2007ع ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ پاران ڇپيو ۽ ”ڪجهه اندر، ڪجهه ٻاهر“ اڻ ڇپيل آهي.
پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گاريون به کاڌم ته ڪيسن ڦڏن کي به منهنجي ڏنم.... 1992ع ۾ جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد جو سانحو ٿيو ته روزاني ’عبرت‘ ۾ هڪ ڪالم لکڻ جو ڏوهه ۾ نه رڳو وڏيون فتوائون جاري ٿيون، پر ميرپور خاص ۽ بدين جي ڪورٽن ۾ داخل ٿيل ڪيسن جون شنوايون به ڀريم، جيڪو به هڪ دلچسپ قصو آهي. منهنجي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ هڪ لحاظ کان اُن دلچسپ قصي جو مُنڊ آهي.
هڪ ٻي ڪهاڻي ”ويساهه جي شڪست“ ڇپي، جنهن ۾ مون پنهنجي چٿيل جذبن جو اظهار ڪيو هو ته ڪجهه يارن، منهنجي هڪ بهترين استاد ۽ دوست کي منهنجي خلاف خوب برغلايو ته ”يوسف اها ڪهاڻي تو تي لکي آهي.“ نتيجي ۾ منهنجو اهو دوست اُن ٽولي جي چوڻ ۾ اچي مون کان گهڻو بدظن ٿيو، جنهن جو مون کي سدائين افسوس رهيو.
منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ جڏهن ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپي ته منهنجي ڳوٺ دڙي جي ڪجهه يارن کي اُن ۾ پنهنجا عڪس نظر آيا، تن نه رڳو فونون ڪري فقير محمد ڍول کي ڌمڪيون ڏنيون، پر ڪيترائي ڏينهن مون تي به ڦوڪبا شوڪبا ۽ اکيون ڦوٽاريندا رهيا.
مون آخري ڪهاڻي اها ئي لکي هئي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾....“ پوءِ منهنجو ڌيان ڪهاڻي طرف نه رهيو. ]هونئن آءٌ ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڪڏهن به سنجيدو نه رهيو آهيان[، ۽ گهڻي وقت کان پوءِ هڪ ڪهاڻي لکيم ”مون کي به جيئڻ ڏيو...!“ لکيم ڇا؟ انعام عباسيءَ زوري لکرائي... هاڻ اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ڪهاڻيءَ جي سُتل جراثيمن جاڳڻ شروع ڪيو آهي، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي اٿم... ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڪهاڻين جو جنم ٿئي.(1)
[2]
منهنجو پهريون ڪتاب، ڇهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو ”بک، عشق ۽ آزادي“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جي پڙهندڙن ۽ دوستن سُٺي پذيرائي ڪئي، جنهن سان منهنجي ڏاڍي همت افزائي ٿي ۽ ترت ئي ٻيو ڪتاب ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ جي نالي سان ڇپرايم، جيڪو سُرخپوش اڳواڻ سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان جي آتم ڪهاڻي، ”ماءُ لائف اينڊ اسٽرگل“ جي تلخيص هئي، جيڪا ماهوار ”اردو ڊائجسٽ“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپي هئي ۽ مون اتان ترجمو ڪئي. اصل ڪتاب گهڻو پوءِ هٿ چڙهيم ۽ پڙهيم.
”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ ڄڻ منهنجي پبلشنگ جي شروعات هئي، جيتوڻيڪ اُن کان اڳ آءٌ ٽي ڪتاب ڇپرائي چڪو هُئس، پر اهو ’سچائي اشاعت گهر‘ جو پهريون ڪتاب هو، ان ڪتاب کانپوءِ سچائي اشاعت گهر پاران شروع ٿيل ڪتابن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
منهنجو ٽيون ڪتاب ”چي گويراجي ڊائري“ هو، جيڪو روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو، محترم علي نواز گانگهري اهو ڪتاب ڏاڍي سُهڻي نموني ڇپرايو ۽ ان ۾ اٺ صفحا ‘چي گويرا‘ جي يادگار تصويرن جا به ڏنا هئا. چي گويرا جي ڊائريءَ جا هيستائين پنج ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، ان جو پنجون ڇاپو 2019ع ۾ ڇپيو.
ان وچ ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”ڏونگر ڏک ڏٺام“ جي نالي سان ’عظمت ادبي اڪيڊمي‘ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اور يانا فلاسيءَ پاران برازيل جي وڏي پادري ’بشِپ ڊوم هيلڊرڪيمارا‘ کان ورتل انٽرويو جو ترجمو هو، جيڪو اوريانا فلاسيءَ جي ڪتاب ”انٽرويو وٿ هسٽري“ ۾ شامل آهي.
انهن ڏينهن پروفيسر عزيز الدين احمد جو ڪتاب“ کیا ہم اکٹھے رہ سکتے ہیں“ ڇپيو هو، جنهن جي قومپرست ۽ سياسي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ٿي. مون ان جي ٻن بابن، جن جو واسطو، سنڌ سان هو، ترجمو ڪيو، جيڪو ”سنڌ پاڪستان کانپوءِ“ جي نالي سان سچائي اشاعت گهر پاران ڇپيو ۽ شهيد محمد فاضل راهو جي پهرين ورسيءَ تي راهوڪيءَ ۾ پڌرو ڪيم، جتي مون ڪتابن جو اسٽال هنيو هو، اتي ان ڪتاب جو ڏاڍو سٺو وڪرو ٿيو. ان ورسيءَ ۾ پروفيسر عزيز الدين احمد به آيو هو، جڏهن هو ڪتابن جا اسٽال ڏسندي منهنجي اسٽال تي آيو ته ساڻس گڏ هڪ دوست منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. مون کيس ڪتاب جون ٻه ڪاپيون ڏنيون، ڪتاب ڏسي هو گهڻو خوش ٿيو. ان ڪتاب جا پوءِ ٻه ڇاپا ”پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ڇا ٿيو؟“جي نالي سان ڇپيا.
منهنجي ترجمن ۽ ڪتابن ڇپجڻ جو اهو سلسلو پوءِ هلندو رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي، انهن مان ڪجهه ڪتاب ۽ ڪتابڙا ته مون پاڻ ڇپرايا، ٻيا ڪتاب سنڌ جي چوٽيءَ جي پبلشرن جهڙوڪ: نيو فيلڊس پبليڪيشن، روشني پبليڪيشن، سنڌيڪا اڪيڊمي، گلشن پبليڪيشن، نئون نياپو اڪيڊمي، ۽ سنڌيا پبلڪيشن ڇپرايا.
ورهاڱي کانپوءِ، خاص ڪري ستر واري ڏهاڪي کانپوءِ نيوفيلڊس پبليڪشن پهريون سنڌي پبلشنگ ادارو هو، جنهن پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪيو ۽ فيروز احمد ميمڻ نيوفيلڊس کي نج ڪاروباري بنيادن تي هلايو، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا. هُن ڪتابن جي اشاعت مان نه رڳو سٺو روزگار ڪمايو، پر سنڌي ادب کي اڍائي سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڏنا، جن مان ڪيترن جا ته چار چار پنج پنج ڇاپا به ڇپيا. نيوفيلڊس پاران هر مهيني جي شروعاتي تاريخن ۾ هڪ ڪتاب شايع ٿيندو هو. منهنجي خوشنصيبي آهي ته نيوفيلڊس پبليڪيشن پاران منهنجا پنج ڪتاب ڇپرايا ويا، جن مان ٽي ترجمو ٿيل پهريون ڪتاب، نوبيل انعام يافته ليکڪ نٽ همسن جو ناول ’بک‘، ٻيو نيلسن منڊيلاجي آتم ڪهاڻي ’لانگ واڪ ٽوفريڊم‘ جو ترجمو ’نيلسن منڊيلاجي ڪهاڻي‘ (جنهن جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن پاران ’آزادي جو ڊگهو سفر‘ جي نالي سان ڇپيو) ٽيون ’پيٽر ايل برجن‘ جي ڪتاب جو ترجمو ” اسامه بن لادن جي پراسرار دنيا“ ۽ ٻه طبعزاد ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ ۽ منهنجو ناولٽ ”تو ڇو پيار ڪيو“ شامل آهن. هينئر نيوفيلڊس پبليڪيشن جو اشاعتي سلسلو بند ٿي چڪو آهي، پر سنڌ جي ادبي ۽ اشاعتي تاريخ ۾ جناب فيروز احمد ميمڻ ۽ نيوفيلڊس جو نالو سدائين سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
نيوفيلڊس پبليڪيشن کانپوءِ روشني پبليڪيشن ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ٻه اهڙا ادارا آهن، جن اشاعتي ميدان ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي. نيوفيلڊس، روشني ۽ سنڌيڪا پنهنجا ڊسپلي سينٽر به قائم ڪيا آهن. روشني ۽ سنڌيڪا جديد بنيادن تي پنهنجو اشاعتي ۽ طباعتي سلسلو قائم ڪرڻ سان گڏ، مستقل طور تي اهو هلائڻ لاءِ پنهنجي ايندڙ نسل کي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنهن جا هينئر به سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به انهن ادارن جو سنڌ جي شعور وڌائڻ ۾ پنهنجوحصو جاري رهندو.
منهنجي خوشقسمتي آهي جو روشني پبليڪشن منهنجا ڪيترائي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ’چي گويراجي ڊائري‘، خليل جبران جو ناولٽ ’بغاوت‘ ۽ ڪهاڻيون ’ڏوهاري‘، مولانا جلالدين روميءَ جي سوانح ۽ انداز سُخن تي ظفر عظيم جو ڪتاب ”رومي جي رهاڻ،“ ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي ’زندگي جا گم ٿيل ڏينهن‘، هينري چئريئر جي آتم ڪهاڻي/ مهم جو ئي تي ٻڌل سوانحي ناول ”شيطاني ٻيٽ“، نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي ’آزادي جو ڊگهو سفر،‘ مائيڪل هارٽ جو ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصتون، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ ”اهو سچ ته آهي“ ”خشونت سنگهه“ جي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو ترجمو ”ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان“ ۽ ’بک‘ جو ٻيو ڇاپو شامل آهن. روشني پبليڪشن وٽ منهنجا ڪجهه ٻيا ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن.
سنڌيڪا اڪيڊمي پاران منهنجا ٽي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپرايا ويا. جن ۾ هڪ ڊاڪٽر محمد حميدالله جو سيرت پاڪ تي لکيل ڪتاب ”محمد رسول الله صه “ به شامل آهي. ٻيو ڪتاب ”دنيا جي تاريخ“ جيڪو محمد مجيب جي ورهاڱي کان اڳ ڏنل ليڪچرن تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌيڪا جي روح روان جناب نور احمد ميمڻ مون کان ترجمو ڪرايو ۽ ٽيون ”عالمي تاريخ جون ڪجهه نراليون شخصيتون“ آهي، جنهن ۾ شامل مضمونن جا مون مختلف وقتن تي ترجما ڪيا هئا.
گلشن پبلڪيشن جي روح روان مرحوم گلشير بلوچ ۽ سندس فرزند صفدر علي بلوچ سان منهنجي سٺي شناسائي رهي آهي. هنن گلشن پبليڪيشن پاران منهنجا چار ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ پهريون عالمي معلومات تي مشتمل منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب جيڪو پهريون ڀيرو 1987ع ۾ سيد حاجي محمد تقي، ’شاهه لطيف ڪتاب گهر‘ پاران ’جيڪي منجهه منجهان‘ جي نالي سان ڇپرايو هو. گلشن پبليڪشن پاران ان جو ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو سڌارن ۽ واڌارن سان ’ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن‘ جي نالي سان ڇپرايو ويو، ٻيو ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ هو، جنهن جو ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو گلشن پبليڪشن پاران ڇپرايو ويو. ان کانسواءِ گلشن پبليڪشن پاران منهنجا ٻه ڪتاب ڪمال اتاترڪ جي ڪهاڻي ”ڀوروبگهڙ“ ۽ آڪٽومبر انقلاب 1917ع تي لکيل جان ريڊ جو مشهور ڪتاب ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ شامل آهي، جيڪو صفدر بلوچ جي چوڻ تي مون گلشن پبليڪيشن کي ترجمو ڪري ڏنو.
نه رڳو سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهر لاهور جي مشهور ۽ وڏي اداري سنگ ميل پبليڪيشن به منهنجا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻه ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب جو ڪتاب ”اخوت سفر“ ۽ ابدال بيلا جو سيرت پاڪ تي لکيل ٻارهن سئو صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب ”آقاصه“ شامل آهن. ’اخوت جو سفر‘ جي سنڌي ترجمي جا اجوري طور ڊاڪٽر امجد ثاقب مون کي پنجاهه هزار روپيا ڏنا.
گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي ۾ عبرت گروپ جي رسالي ”هزار داستان“ جي ادارت سنڀاليندو هئس ته رسالي ۾ مواد جي پورائيءَ لاءِ، ڪيترائي ترجما ڪري ’هزار داستان‘ جو پيٽ ڀريندو هئس، جن ۾ آئين فليمنگ جو ناول ”گولڊ فنگر“ به شامل هو، جنهن تي جيمزبانڊ سيريز جي فلم به ٺهيل آهي. اهو ناول اڳتي هلي 2016ع ۾ ”سچائي اشاعت گهر“ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. هزار داستان جي صفحن ۾ منهنجا ڪيترائي ترجما اصلوڪي ۽ ڪيترن ئي فرضي نالن سان ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
منهنجا ٻه ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۽ ”ڳجهو دستاويز“ سنڌيا پبليڪيشن ۽ هڪ ڪتاب ڪرشنچندر جي ناول ”هڪ گڏهه جي آتم ڪهاڻي“ نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپرايا ويا.
ڪجهه اهڙا ترجما به آهن، جيڪي مون وڏي شوق ۽ محنت سان ڪيا، جن ۾ اردن جي اڳوڻي بادشاهه شاهه حسين جي زال راڻي نورالحسين جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”يقين جي پرواز“ به شامل آهي. منهنجو اهو ترجمو ماهوار ”هزار داستان“ ۾ محترم الطاف ملڪاڻي ۽ محترم مجيب ناريجي ”راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ“ جي نالي سان قسطوار ڇپيو. منهنجي خواهش آهي ته اهو جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي، اهو هڪ لاجواب ڪتاب آهي. ان جو مون سنڌي ۾ نالو ’اُڏاورن آڪاس ۾‘ رکيو آهي. پر الائجي ڇو اُن جي ڇپائيءَ ۾ دير پوندي پئي وڃي.
هڪ ٻي ڪتاب جو ترجمو به ياد اٿم، جيڪو ڇپائيءَ جي حوالي سان اڃا تائين رولڙي جو شڪار رهندو پيو اچي.
2009ع ۾ منهنجي محترم جامي چانڊئيءَ سان ملاقات ٿي، ڪچهريءَ دوران پاڻ منهنجن ترجمن جي واکاڻ ڪيائين ۽ اُن سان گڏ زاهد چوڌريءَ جي لکيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ جلد ”سنڌ: صوبائي خودمختياريءَ جو مسئلو“ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ منهنجي حوالي ڪيائين ۽ چيائين ته هو اهو ڪتاب پنهنجي اداري سي پي سي ايس پاران ڇپرائيندو. مون ڪتاب جو ترجمو شروع ڪيو. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ ۽ معلوماتي هو. زاهد چوڌريءَ جي پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اها سڄي سيريز جيڪا ٻارهن جلدن تي مشتمل آهي. پاڪستان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ان کانسواءِ زاهد چوڌريءَ جي لکيل مسلمانن جي سياسي تاريخ جا هيستائين آيل پنج جلد به پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙا ڪتاب آهن.
محترم جامي چانڊيي جي ڏنل اُن ڪتاب جو ترجمو ڪري سندس حوالي ڪيم، جيڪو پاڻ ڪمپوز ڪرايائين، پر ڇپجي نه سگهيو . محترم جامي چانڊئي اُن ڪتاب جي ترجمي جا مون کي ڏهه هزار روپيا ڏنا. ۽ اهو پهريون ڀيرو هو، جو مون کي ڪنهن ڪتاب جي ترجمي جا پئسا مليا - آءٌ محترم جامي چانڊئي کي اُن ڪتاب ڇپرائڻ جي وقت بوقت يادگيري ڏياريندو رهندو هوس. هڪ ڏينهن مون ايس ايم ايس ڪيو مانس ته ”جي توهان اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي موڊ ۾ نه آهيو ته آءٌ ڪنهن پبلشر سان ڳالهايان..؟“ جواب ڏنائين ”ڀلي، پر پهرين اهو پبلشر ترجمي ۽ ڪمپوزنگ جا پئسا ڏي، پوءِ ڀلي ڇپرائي.“
محترم جامي چانڊئيءَ جي اُن جواب تي مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ اهو ڪتاب اُتي ئي رهيو.
منهنجو ڪتاب ”عالمي تاريخ، واقعا، عجائبات ۽ شخصيتون“ ۾ شامل مضمون مختلف وقتن تي ترجمو ڪيل آهن. جن مان شروعاتي سورهن مضمون، 2013ع ۾ منهنجي ڇپيل ڪتاب ”ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن“ ۾ شامل آهن، باقي پويان مضمون مختلف وقتن تي روزاني ’سوڀ‘ جي سنڊي ايڊيشن ۽ پندرهن وار ”افيئر“ ۾ ڇپيل آهن. انهن مان اڪثر مضمون ڪنهن هڪ مضمون جو ترجمو نه پر مختلف رسالن ۽ ڪتابن جي مطالعي دوران ورتل حوالن ۽ اهم ڳالهين کي ترجمو ڪري مضمون جي شڪل ۾ لکيا ويا آهن.
منهنجي ادبي ڪئريئر جي شروعات، ڄڻ ترجمن سان ٿي، ۽ منهنجو گهڻو ڌيان به ترجمن ڏانهن رهيو. ان دوران اهو جذبو ڪار فرما رهيو ته پڙهندڙن کي اهڙا ڪتاب ڏجن، ترجما ڪجن، جيڪي کين معلومات ڏيڻ سان گڏ منجهن شعور به پيدا ڪن ۽ کين پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ ۾ رهنمائي ڪن. مون کي خوشي آهي ته منهنجي هٿان اهڙن ڪيترن ئي اهم ڪتابن جا ترجما ٿيا، جن جو ڪنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ ضروري آهي. ۽ اهي گهڻو اڳ ترجمو ٿيڻ کپن ها، پر شايد انهن کي ترجمو ڪرڻ جو اعزار مون کي نصيب ٿيڻو هو.
هينئر آءٌ ترجما نٿو ڪريان، جيتوڻيڪ ڪيترائي اهڙا ڪتاب آهن، جن بابت منهنجي خواهش آهي ته سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿين. پر هاڻ مون ۾ وڌيڪ ترجما ڪرڻ جو اُتساهه نه رهيو آهي. مون کان جيڪو ڪجهه پُڄيو اهو بنا ڪنهن غرض ۽ جُوفَ جي پنهنجو فرض سمجهي ڪيو. جنهنڪري آءٌ ڪنهن حدتائين مطمئن به آهيان ته مون پنهنجي حصي جو ڪم پنهنجي وس آهر ذميداريءَ سان ڪيو.
[3]
ماڻهوءَ جي سڄي زندگي، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، هڪ ڪهاڻي آهي. ڪو ليکڪ جيڪا به ڪهاڻي لکي ٿو، اُها اُن زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪنهن نه ڪنهن واقعي سان ڳنڍيل هوندي آهي، ۽ هو اُن زندگيءَ مان ئي ڪردار چونڊي ٿو ۽ زندگي هڪٻئي سان ايتري ته ڳنڍيل آهي، جو ماڻهو جڏهن ٻي جي ڪهاڻي پڙهي ٿو ته اُن کي پنهنجي ڪهاڻي محسوس ڪرڻ ٿو لڳي.
منهنجي ڪهاڻي به اُن زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي.
زندگيءَ جي ان سفر ۾ آءٌ پاڻ به ڪيترائي ڀيرا ڪهاڻين جو ڪردار بنجندو رهيس يا پاڻ کي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار ڪري ڀانيم.
پڙهڻ جي چُوس پئي ته اظهارڻ جي خواهش پيدا ٿي ۽ اها خواهش لکت جي شڪل وٺڻ لڳي. پوءِ ڪاڳر جي سيني تي اڏا اُبتا ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيم، اُنهن کي ڪهاڻين جو نالو ڏنم. انهن آڏين اُبتين لڪيرن ۾ سمايل ڪردارن مان ڪجهه ڪردار ته منهنجا پنهنجا هئا ۽ ڪجهه وري ڀرپاسي مان ورتل هئا. انهن لڪيرن مان جنم ورتل ڪهاڻين مان جڏهن ذهن ۽ ضمير مطمئن نه ٿيو ۽ جيڪي ٻيون ڪهاڻيون پڙهندو هئس، خاص ڪري پرڏيهي ادب جون، ته انهن مان جن ۾ پنهنجا ڪردار پسندي نظر آيم ته انهن کي سنڌي ويس پهرائڻ جي خواهش اُڀرندي هُئي ۽ پوءِ انهن مان ڪن کي سنڌي ترجمي جو ويس پارائيندو ويس. جڏهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو انگ ٿورو وڌيو ته وري اُن خواهش ڪَر کنيو ته انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي. هڪ ڏينهن اهڙي خواهش جو اظهار سَندم چاچي فقير عبدالغفور الستيءَ سان ڪيم ته پاڻ مون کي حيدرآباد ۾ ’حيدري پرنٽنگ پريس‘، جيڪا لجپت روڊ تي هوندي هئي، ان جي مالڪ قاضي نعيم ڏانهن چٺي لکي ڏني ۽ مون کي چيو ته ’مون پنهنجي انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ کي ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ قاضي نعيم کي نئين ٽائپ خريد ڪري ڏني آهي. تون کيس منهنجي چٺي ڏي ۽ هو توکي ڪتاب ڇپي ڏيندو.‘
چٺي کڻي حيدرآباد پهتس، قاضي نعيم سان مليس، هُنَ وراڻيو ته ”الستيءَ وارا پئسا ٽائپ ۾ پورا ٿي ويا. في الحال ته مون ڏانهن ڪو حساب ڪتاب رهيل ڪونه اٿس، باقي تنهنجو ڪتاب ڇپيون ٿا. ڇڏي وڃ...! ۽ جيسين ڪتاب ڪمپوز ٿئي ۽ بٽر نڪرن، تيسين تون ٿورا ٿورا پئسا ڪري پيو مون کي ڏج.“ مون کي ٿوري مايوسي ته ٿي، پر ڪتاب ڇپرائڻ جي شوق ۾ مسودو سندس حوالي ڪري ڳوٺ هليو آيس ۽ ڳوٺ اچي دوستن کي چيم ته ”پنهنجو ڪتاب ٿو ڇپرايان، سو مدد ڪريو. ايئن ڪنهن دوستن پنجاهه ته ڪنهن سئو روپيا ڏنا. ڪجهه وري مون پنهنجي خرچيءَ مان ميڙيا، ايئن پئسا اچي قاضي نعيم کي ڏنم. جنهن ڪتاب ڇپي ڏنو. جڏهن ڪتاب ڇپجي آيو ته پندرهن يا سورهن سئو اڃا به قاضي نعيم جا مون ڏي رهيا ٿي، جن مان پنج سئو روپيا مون کي منهنجي دوست حاجي خان عباسيءَ اُڌارا ڏنا. باقي قاضي نعيم کان اوڌر رکرايم، پوءِ ڪتاب وڪڻي حاجي عباسي ۽ قاضي نعيم جي اوڌر لاٿم. منهنجو اهو پهريون ڪتاب ”بُک، عشق ۽ آزادي“ جو نالي سان 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ منهنجون ڇهه ترجمو ڪيل ڪهاڻيون شامل هيون. ڪجهه وقت اڳ مانواري وفا مولا بخش قمبراڻيءَ فون ڪري مون کان ان ڪتاب جي گهر ڪئي ۽ چيو ته ”ايم فل ۾ جن پرڏيهي ڪتابن جي فهرست يونيورسٽيءَ پاران کين مطالعي ۽ اڀياس لاءِ ڏني ويئي آهي، ان ۾ تنهنجو اِهو ڪتاب به شامل آهي. سو اهو ڪتاب گهرجي.“ جنهن تي مون کي گهڻي خوشي ٿي ۽ مون اهو ڪتاب کيس ڏنو ۽ هن ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي.
ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هڪ ڪهاڻيءَ جي واڌاري سان 1990ع ۾ ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي سان ڇپرايم.
ڪهاڻيون پڙهڻ، لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جو اهو سلسلو پوءِ به جاري رهيو.
1996ع ۾ ”عبرت گروپ آف پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران ”عبرت بوڪ ڪلب“ جي نالي سان ڪتابن ڇپرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. انهن ڏينهن مون ٽيون ڀيرو ”عبرت گروپ“ جوائن ڪيو هو. عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي انچارج مرحوم غفور ڪريميءَ، عبرت بوڪ ڪلب جي ذميداري منهنجي حوالي ڪئي، ان ذميداري دوران منهنجي هٿان ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. پهريون ڪتاب ”نور عباسيءَ“ جي چونڊ ڪالمن جو مجموعو ”واٽ ويندي“ هو، جنهن ۾ سندس مزاحيه ڪهاڻين جو مجموعو ”چمري جا واپاري“ به شامل ڪيم. سنڌي ادب ۾ نور عباسيءَ جي عبرت ۾ ڇپيل ڪالم ”واٽ ويندي“ ۽ سندس مزاحيه ڪهاڻين جي مجموعي ”چمڙي جا واپاري“ جي وڏي اهميت آهي. ٻيو ڪتاب ”حڪيم نذير احمد شيخ“ جي طبي مشورن تي ٻڌل اخباري ڪالمن جو ڪتاب “”طبي مشورا“ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب مهُم جوئيءَ تي مشتمل ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو ”ويٽنام مان فرار“ جي نالي سان ڇپيو، اهو ڪتاب منهنجو ۽ نصير سارنگ (نصير ميمڻ) جو گڏيل ترجمو هو. اُن ۾ شروعاتي ٽي ڪهاڻيون ٽائيٽل ڪهاڻيءَ سميت جيڪي ڪتاب جي 47 صفحن تي ٻڌل آهن، نصير سارنگ جو ترجمو ڪيل آهن، باقي ڪهاڻيون، جيڪي ڪتاب جي 145 صفحن تي ٻڌل آهن، منهنجون ترجمو ڪيل آهن. اهو ڪتاب مئي 1996ع ۾ ڇپيو.
2014ع ۾ ”ايفروايشين رائٽرس يونين پاڪستان چئپٽر“ پاران اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل رائٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي دعوت ملي ۽ مون ان ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ مصر، ازبيڪستان، هندستان، نيپال ۽ افغانستان مان اديب ۽ شاعر آيا هئا، جن سان ڏاڍيون سُٺيون ڪچهريون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. انهن ليکڪن ۾ هندستاني پنجاب مان پنجابي ٻوليءَ جو مشهورڪهاڻيڪار ”جندر“ به شامل هو. جندر، جالندر مان ”شبد“ نالي سان گرمگي لپيءَ ۾ ٽه ماهي ادبي مخزن به شايع ڪندو آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو لاهور مان ’’تسی سمجھ نہیں سکدے“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جو اردو ترجمو پنجابي ٻوليءَ جي هڪ سُٺي ڪهاڻيڪار خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو، جنهن جي سافٽ ڪاپي هن مون کي اي- ميل ڪري موڪلي. ڪهاڻيون پڙهيم ته اصل وٺجي ويس، پوءِ انهن ڪهاڻين جو مون جندر ۽ خالد فرهاد جي خواهش تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪو 2016ع ۾ ”تون سمجهي نه سگهندين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ جندر جون ڪُل ست ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان ٻن ڪهاڻين جو ترجمو مون ڪيو ۽ باقي پنجن جو ترجمو نئين ٽهيءَ جي سُٺي ڪهاڻيڪار اصغر گُگو منهنجي خواهش تي ڪري ڏنو. ايئن ”تون سمجهي نه سگهندين“ منهنجي ۽ اصغر گُگو جي گڏيل ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿيو.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني اردو ٻوليءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار آهي. ڪراچي ۾ ٿيل هڪ ملاقات ۾ پاڻ مون کي پنهنجا ٻه ڪهاڻي ڪتاب سوکڙي طور ڏنائين. جيڪي مون پڙهيا، سندس ڪهاڻين مون کي ڪافي متاثر ڪيو. سندس ڪهاڻين جا موضوع ڏاڍا منفرد هئا ۽ پوءِ انهن ٻنهي ڪتابن مان چونڊ ڪهاڻين جو ترجمو ڪيم، جيڪي 2016ع ۾ ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ گهڻو پسند ڪيو ويو. اُن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ مون سندس ڪجهه ٻين ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا، جن مان هڪ ڪهاڻي ”عزت سان“ منهنجي ڪتاب ”مسواڙي زال“ ۾ شامل آهي.
اهو ته هو منهنجي ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو تفصيل. اُن دوران مون ڪيتريون ئي طبعزاد ڪهاڻيون به لکيون.
منهنجي ڳوٺ دڙي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ گهڻي سرگرم هئي، ان جون هر پندرهين ڏينهن دستوري گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪيترائي تخليقڪار پنهنجون تخليقون پيش ڪندا هئا ۽ اسان جون ڪچهريون به زورن تي هونديون هيون. ۽ اسين ڪجهه دوست لڳ ڀڳ هر جمع جي شام جو پاڻ ۾ گڏبا هئاسين ۽ دڙي کان ٻنون ويندڙ روڊ تي ”مامون لالڙيءَ“ جي هوٽل اسان جي ڪچهري ۽ گڏجڻ جو هنڌ هوندو هو. روڊ جي ڀرسان سائيڊ ۾ ڪرسيون وجهي شام کان وٺي رات جو ساڍي اٺين، نوين وڳي تائين ڪيل اهي ڪچهريون ياد اچن ٿيون ته مَن خوشيءَ ۾ ڀرجيو وڃي ڇا ته اِهي ڏينهن هئا..!
اُتي ئي ويٺي ڪچهري ڪندي اسان دوستن پاڻ ۾ طئي ڪيو ته ڇو نه اسين جيڪي دوست ڪهاڻيون لکون ٿا. انهن جو ڪو گڏيل مجموعو آڻجي. ايئن پنجن ڪهاڻيڪارن ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گُـگو، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، رشيد آزاد ۽ منهنجي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ سال 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. انهن مان ذوالفقار ڪانڌڙو سينيئر ڪهاڻيڪار هو. سندس پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪري“ 1996ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”بند ٿي ويل دروازو“ سال2011ع ۾ ڇپيو. ذوالفقار ڪانڌڙي ڏاڍيون سُٺيون ڪهاڻيون لکيون، في الحال ته نوڪري جي مصروفيتن جي ڪري سندس لکڻ جو سلسلو رڪيل آهي. پر مون کي يقين آهي ته سندس لکڻ جو سلسلو ڪنهن جهرڻي جيان ڦٽي نڪرندو.

خدا تجھے کسی طوفان سے آشنا کردے
کہ تیرے بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں.

اصغر گُگو جيتوڻيڪ هاڻ ڪهاڻيون گهٽ ٿو لکي، پر سندس لکڻ جو سلسلو رُڪيل ڪونهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”آڱريون هُن جو نانءٌ اُڻن ٿيون.“ 2019ع ۾ ڇپيو. اصغر ڪجهه ترجما به ڪيا آهن، جن ۾ اسٽيفن زويگ جو هڪ ناولٽ ’موڪلاڻي‘ ۽ نامياري شامي ليکڪ رفيق شامي جو هڪ ناول به شامل آهي. جيڪي انشاء الله جلد ڇپجي پڌرا ٿيندا.
انهن ڏينهن رشيد آزاد به ڪافي ڪهاڻيون لکيون. جيڪي ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ شامل آهن. هن ڪجهه ترجما به ڪيا. رشيد آزاد جو پوءِ لکڻ کان وڌيڪ ”سماج سُڌارڪ“ سرگرمين ڏانهن ڌيان رهيو. رشيد آزاد جيڪڏهن ڪهاڻيون لکي ها ته سُٺو ڪهاڻيڪار ثابت ٿئي ها.
”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ جو چوٿون ڪهاڻيڪار موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، 4- اپريل 2009ع تي نوري آباد جي ويجهو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. اَلاس..! موٽو مل ڪنول ڪوهستاني منهنجي ننڍي هوندي جو دوست هو، اسين پرائمريءَ کان وٺي انٽر تائين گڏ پڙهيا هئاسين، لکڻ به گڏ شروع ڪيو هوسين، سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ سندس لکيل ڪهاڻين، مضمونن، ۽ شاعريءَ کي سهيڙي 2013ع ۾ ”تڏهن ملنداسين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، سندس ياد کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪيم.
”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ شامل منهنجون ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون پوءِ ”نه وڃڻ وڃڻ جو پڇتاءُ“ جي نالي سان 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊميءَ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. جنهن ۾ منهنجون تيرهن ڪهاڻيون شامل هيون. منهنجي انهن ڪهاڻين جو اردو ترجمو محترم ننگر چنا ڪيو. جيڪو 2009ع ۾ ”نوحه گر“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. انهن مان هڪ ڪهاڻي ”ورهاست “ جو ترجمو جندر گرمگيءَ ۾ ’ونڊ‘ جي نالي سان ڪري ”شبد“ جي پاڪستاني ڪهاڻي نمبر ۾ ڇپي، جتان پوءِ اها هنڌي ۽ ميٿلي ٻولين ۾ ترجمو ٿي هندستان ۾ ڇپي - ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ ۾ شامل ڪهاڻين جو پنجابيءَ ۾ ترجمو محترم خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو آهي. جيڪو جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو.
پنهنجي سڄي ادبي ڪئريئر دوران آءٌ وقت بوقت پر ڏيهي ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪندو رهيس. جن مان ست ڪهاڻيون اڳ ۾ ڪتابي صورت ۾ ”ڌرتي جو قرض“ ۾ ڇپيل آهن، جن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. انهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”مسواڙي زال“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ ارڙهن ڪهاڻيون شامل آهن. انهن کانسواءِ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون به ترجمو ٿيل آهن. جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيون ۽ اهي مون وٽ هڪ نوٽ بوڪ ۾ لکيل هيون. گهڻي ڳولا ڦولا جي باوجود به نه اهي رسالا مليا ۽ نه وري نوٽ بڪ، جنهن ڪري اِهي ”مسواڙي زال“ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويون .(3)

[4]
ورهاڱي جي موضوع تي جڏهن مون ڪرشنچندر جو ناول ”غدار“ پڙهيو هو ته منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا. منهنجي جسم جو وار وار اُڀو ٿي ويو هو. منهنجي اکين مان لڙڪن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هئس ته ’ڇا انسان ايڏو وحشي به ٿي سگهي ٿو،‘ ۽ ڪيترائي ڏينهن منهنجي ڪنن ۾ ”غدار“ ناول جي ڪردارن جا جملا ٻُرندا رهيا ۽ انهن جملن ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڇرڪ ڀرائي ٿي ڇڏيو.
’وحشت‘ جنهن جي نه ڪا زبان آهي ۽ نه ڪو دين ڌرم، جنهن جو نه ڪو مُلڪ آهي، نه ڪڙم ۽ قوم- ننڍي کنڊ جي ورهاڱي، جن انساني المين، ڏکن ۽ دردن کي جنم ڏنو، انهن تي سوچي انسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ٿو وڃي.
غدار کانسواءِ ورهاڱي جي موضوع تي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن. جن مان يشپال جو ”جهوڻا سچ،“ بيشم ساهنيءَ جو ”تمس“ ۽ امرتا پريتم جو ”پنجر“ هينئر منهنجي يادگيري جي پردي تي اُڀري آيا آهن.
خشونت سنگهه جو ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ به ورهاڱي جي موضوع تي لکيل ناولن مان هڪ آهي.
”ٽرين ٽو پاڪستان“ هڪ ڳوٺ ’منو ماجرا‘ جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ورهاڱي کانپوءِ هندستاني پنجاب جي حصي ۾ آيو. اُتي صدين کان سک ۽ مسلمان ڀائرن وانگر گڏ رهندا هئا. هڪ اڌ گهر هنڌن جو به هو. سک زميندار هئا ۽ مسلمان سندن هاري. هو ڏک سُک ۾ هڪٻئي سان شامل هوندا هئا. منجهن ڪوبه مذهبي فرق يا ڀيد ڀاوَ نه هوندو هئو. هُنن جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. اهو سلسلو صدين کان هلندو پي آيو. 1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو جنم ٿيو. اُن ورهاڱي نه رڳو جاگرافيائي تقسيم ڪئي، پر دلين کي به ورهائي ڇڏيو.
’منو ماجرا‘ جا ڳوٺاڻا، جيڪي جناح، گانڌي ۽ نهروءَ جي نالن کان، شايد مشڪل سان واقف هئا. اوچتو ئي اوچتو ان ورهاڱي کانپوءِ اٿندڙ نفرت جي سيلاب جي وڪڙ ۾ اچي ويا. حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو، جو ’منو ماجرا‘ جي مسلمانن کي پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي پاڪستان وڃڻ جي لاءِ عارضي طور تي ’مهاجر ڪئمپ‘ ۾ نيو ويو ۽ اُتان کانپوءِ هڪ ٽرين، جيڪا مسلمان مهاجرن سان ڀرجي پاڪستان وڃي رهي هئي ۽ اُن ۾ منو ماجرا جا مسلمان به سوار هئا. ڪجهه شرپسندن ان ٽرين تي حملي ڪرڻ ۽ مهاجرن کي نقصان رسائڻ جي رٿ رٿي.
هڪ پاسي جنونيت، ’وحشت‘ جي اها راند رچائڻ ٿي گهري ۽
ٻي پاسي ’محبت‘ ۽ انساني جذبن جي به ڪا کوٽ نه هئي. جيئن وحشت جو ڪو دين ڌرم، ملڪ قوم، رنگ ۽ نسل ڪونهي، تيئن انسانيت به انهن سڀني حدبندين کان مٿاهون جذبو آهي. جڳوءَ نالي هڪ سک ڳوٺاڻو، جيڪو ماضيءَ ۾ ڏوهاري پيشه سرگرمين ۾ ملوث رهيو هو، ۽ هڪ مسلمان ڪنيا ’نوران‘ سان محبت جا پيچ پائي ويٺو هو، ان محبت کيس، اهي ڏوهاري سرگرميون ڇڏايون، پر محبت جي ان جذبي تحت هُن پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيئي، پاڪستان ويندڙ ٽرين جي مسافرن جون زندگيون بچائي ’انسانيت‘ جو مان مٿاهون ڪيو.
”ٽرين ٽو پاڪستان“ جي ڪهاڻي هر دؤر ۾ پئي دهرائبي آهي. بس هنڌ ۽ وقت ڌار ڌار هوندا آهن.
خشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن ناول کي پنهنجي ادبي ڪئريئر جي شروعات قرار ٿو ڏئي. هي ناول خشونت جو لکيل پهريون ناول آهي.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ جو ترجمو، مون گذريل صديءَ جي آخري سالن ۾ تڏهن ڪيو هو، جڏهن مون تي ترجمن ڪرڻ جو جنون سوار هو ۽ اُن جنون تحت ترجما ڪندو ’ساميءَ‘ وانگر مَٽ ۾ وجهندو ويس ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه ڇپيا ۽ ٻيا وري ان آسري تي وساري ڇڏيم ته مناسب وقت تي اُن مٽَ مان ڪڍي پيا ڇپرائبا.
هاڻ آءٌ جڏهن پنهنجن ڪيل ترجمن تي نظر ٿو وجهان ته ڪيترائي اهڙا ڪتاب هئا، جيڪي مون عجيب جنون ۽ جذبي واري ڪيفيت ۾ ترجمو ڪيا. 1986ع ڌاري مون کي هڪ دوست وٽان الجزائر جي سورمي ”جميله بوپاشا“ تي جڳ مشهور فرينچ ليکڪه ”سيمون دي بوار“ جي لکيل ڪتاب تان ماخوذ ڪيل ڪتاب ”جميله بوپاشا“ مليو، جيڪو اردو جي هڪ ليکڪ ”دکي پريم نگريءَ“ ماخوذ/ترجمو ڪيو هو. 1963ع ۾ يعني منهنجي جنم کان به اڳ ”اعوان پبليڪيشن ڪراچي“ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ڪتاب مون کي ايترو ته وڻيو جو مون ٻن اڍائي مهينن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ترجمو ڪري ورتو ۽ جنهن دوست کان پڙهڻ لاءِ ورتو هئم، ان کي موٽائي ڏنم. ڪتاب جو هڪ پبلشر دوست سان ذڪر ڪيم ته ان آڇ ڪئي ته ”مسودو ڏي ته ڇپرايون.“ مون کيس ترجمي جا شروعاتي ويهارو کن صفحا ڏنا. ان وقت اڃا ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي شروعات نه ٿي هئي ۽ ڪتاب ٽائپ تي ڪمپازيٽر ڪمپوز ڪندا هئا. اتفاق سان اهو دوست ڪتاب جي جلد ڪمپوزنگ شروع ڪرائي نه سگهيو ۽ اهي شروعاتي ويهارو کن صفحا وٽس رهيا ۽ الائجي ڪٿي گم ٿي ويا. مون ڪوشش ڪئي ۽ اڃا تائين ڳولا ڪندو رهندو آهيان ته ’دکي پريم نگريءَ‘ جو اهو ڪتاب ”جميله بوپاشا“ ڪٿان ملي ته اهي شروعاتي ويهارو کن صفحا ٻيهر ترجمو ڪري، مون وٽ موجود باقي ترجمي ٿيل ڪتاب سان گڏي، اهو ڇپرايان. جڏهن مون ان ڪتاب جو ترجمو ڪيو ته پنهنجي هڪ دوست مرحوم سيد اڪبر شاهه کي پڙهڻ ۽ درست ڪرڻ جي لاءِ ڏنو هو، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ هن مون کي تاڪيد ڪندي چيو هو ته ”پاڻ کي پنهنجي قومي تحريڪ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هن قسم جي ڪتابن جي گهرج آهي، خاص ڪري سنڌي عورتن ۾ جدوجهد جو اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب تمام ضروري آهي ۽ ترت ڇپجڻ گهرجي.“ پر افسوس جو شروعاتي صفحن جي گم ٿي وڃڻ سبب منهنجو اهو ترجمو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي.
انهن ئي سالن مون سوويت يونين جي اڳواڻ ’ليونڊ برزنيف‘ جي يادگيرين جي ٽن ڪتابن جي سيريز مان هڪ ڪتاب جو ترجمو ”منهنجي ڌرتي“ جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ جي ساروڻين تي مشتمل هو. انهن ڏينهن هڪ پبلشر پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٺٽي بدلي ٿي آيو. ساڻس اڳ ۾ خط ڪتابت ته هئي، پر روبرو ڪڏهن به نه مليا هئاسين. تنهن ڪري سيڙجي ساڻس ملڻ جي لاءِ ٺٽي ويس. ڪچهريءَ جي دوران منهنجي اُن ترجمي جو ذڪر به نڪتو ته چيائين، ته ”مون کي ڏي ته ڇپرايان.“ مون ساڻس هاڪار ڪئي ۽ ٻي هفتي اهو ترجمو کيس ڏيئي آيس ۽ وري مون اُن ڪتاب جو منهن به نه ڏٺو، افسوس جو مون ان جي فوٽو ڪاپي به پاڻ وٽ نه رکي. سالن کان پوءِ شايد 1995ع يا 1996ع ۾ ساڳئي پبلشر مون کان ”جارج آر ويل“ جي ناول ”ائنيمل فارم“ جو ترجمو ڇپائيءَ لاءِ ورتو. مون کيس اڳينءَ ڪتاب سان سندس ڪيل حشر جي يادگيري ڏياري جنهن تي هن معذرت ڪئي، ۽ اهو، ڳولي واپس ڪرڻ جو وعدو ڪيو، سندس معذرت ۽ واعدي تي پنهنجي سادگيءَ سبب اعتبار ڪري ويٺس. مون کيس اهو ترجمو جيڪو ”جانورستان“ جي نالي سان ڪيو هو، ڇپائيءَ لاءِ ڏنو. ڪتاب ڪمپوز ٿيو، ان جو پهريون پروف به ٿيو. پوءِ همراهه ڪنهن ڳالهه تان چڙيو ته وري نه ٻيو پروف ٿيو، نه وري ترجمي جو منهن ڏٺم. ”جانورستان“ ان لِلي پٽ جي ڄامڙي پبلشر جي ”جانوريت“ جي وَر چڙهي ويو- ٿي سگهي ته اڳتي هلي اهو ترجمو ڪنهن لال بيگ، ڪرڙ، ڪانڊيري يا مور منگهڻ جي نالي سان ڇپجي وڃي. هِتي به اها غلطي ڪيم، جو فوٽو ڪاپي پاڻ وٽ نه رکيم. اُن پبلشر جي مون سان ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪيل زيادتين جو ذڪر ”چي گويرا جي ڊائري“جي پنجين ڇاپي ۾ ڪري چڪو آهيان، جيڪو روشني پبلڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي.
1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ محترم يوسف شاهين جي رسالي هفتيوار ”برسات“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيم. برسات جي آفيس ۾ محترم يوسف شاهين جي چڱي موچاري لئبرري موجود هئي. ان لئبرري مان مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ اتي ئي هڪ روسي ليکڪ ”تيمور پولاتوف“ جي هڪ ننڍي ناول جو ”سڄڻ سفر هليا“ جي نالي سان ترجمو ڪيم، جيڪو پوءِ مختلف پبلشرن وٽ ڪافي عرصو ڇپجڻ جي آسري ۾ رُلندو رهيو. نيٺ جڏهن محترم خالد نورانيءَ ”ڪرزما ڊائجسٽ“ شروع ڪيو ته پاڻ مون کان ڪيترن ئي ناولن جا ”ڪرزما ڊائجسٽ“ لاءِ ترجما ڪرايائين، جيڪي ”ڪرزما ڊائجسٽ“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيا. هڪ ڀيري مون کيس ”تيمور پولاتوف“ جو اهو ناولٽ ”سڄڻ سفر هليا“ ڏنو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو خالد نوراني ترت ئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ پرڏيهه هليو ويو ۽ ”ڪرزما ڊائجسٽ“ بند ٿي ويو. مون خالد نوراني کي هڪ ٻيو ڪتاب ”روسو جي سوانح حيات“ به ترجمو ڪري ڏنو هو، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. ان کاپوءِ نه خالد نوراني سان رابطو رهيو نه انهن ترجمن جي ڪا خبر چار پئي.
افغانستان جي ’انقلاب ثور‘ کانپوءِ ڪابل تي ڪامريڊن جي حڪومت هئي ۽ ان جي خلاف آمريڪا جي سهڪار ۽ آشيرواد سان اسلام جي نالي ۾ جهاد شروع ڪيو ويو، ان دوران هڪ ڪتاب هٿ چڙهيم، جنهن ۾ اسلام جي نالي ۾ ’جهاد‘ ڪندڙ انهن جهادي تنظيمن جون اندروني ڪهاڻيون ۽ ڌنڌن جو ڪچو چٺو هو ته هو ڪيئن نه جهاد جي نالي ۾ هيروئن ۽ هٿيارن جو ڪاروبار ڪن ٿيون. مون ان ڪتاب جو ترجمو ڪيو، پوءِ هڪ دوست ڇپائڻ لاءِ کڻي ويو. هاڻ ياد نه اٿم ته ان ڪتاب جو ڪهڙو حشر ٿيو، البت ڇپيو ڪونه.
1996ع ڌاري پيلو مودي جي ذوالفقار علي ڀٽي تي لکيل مشهور ڪتاب ”ذلفي ماءِ فرينڊ“ جو ترجمو ڪيم. ڪمپوز ڪرائي بٽر ڪڍرايم ته پياري انعام عباسيءَ حجت ڪئي ته ڏي مان ٿو ڇپرايان. مون بٽر کيس ڏنا، هن پيسٽنگ ڪرائي، ٽائٽل ٺهرائي، ان جون فلمون به ٺهرائي ڇڏيون. پر آءٌ پنهنجي هڪ دوست طارق قريشيءَ جي ورغلائڻ تي، ڪنهن حيلي بهاني سان انعام عباسيءَ کان اهو پيسٽنگ ٿيل ڪتاب واپس وٺي آيس. کيس ان جو ڏک ۽ نقصان به ٿيو، پر آءٌ ته دوستي ۾ ورغلائجي ويو هئس. جڏهن هوش آيم ته انعام عباسيءَ کان پنهنجي زيادتيءَ جي معذرت ڪيم ۽ کيس اها پيسٽ ٿيل ڪاپي ڇپرائڻ لاءِ موٽائي ڏنم. وقت گذرندو رهيو ۽ انعام عباسي کي ڄڻ اهو ڪتاب ئي وسري ويو ته ڪو اهو ٻيهر مون کيس ڇپرائڻ جي لاءِ ڏنو هو.
2000ع ڌاري ”فڪشن هائوس“ لاهور جي دوست ظهور احمد چيو ته هو هاڻ سنڌيءَ ۾ ڪتاب به ڇپرائڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هن مون کي ٽي ڪتاب ترجمي ڪرڻ جي لاءِ ڏنا. جن مان هڪ گرو رجنيش اوشو جي آتم ڪهاڻي ۽ ٻه ڪيرن آرمسٽرانگ جا ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۽ ”مسلمانن جو سياسي عروج ۽ زوال“ هئا. هن مون کي ترجمو ڪرڻ جو اجورو ڏيڻ جو پڻ وعدو ڪيو هو. ضرورت هئڻ جي ڪري مون کيس ڏينهن رات هڪ ڪري ٽيئي ڪتاب ترجمو ڪري ڏنا. ظهور احمد منهنجي ئي نگرانيءَ ۾ اهي ڪمپوز ڪرائي، بٽر ڪڍرايا، جن جي ادائيگي پاڻ ئي ڪيائين. بٽر سندس حوالي ٿيا ته پوءِ ڄڻ کانئس اهي ڇپرائڻ ۽ ترجمي جو اجورو ڏيڻ ئي وسري ويو. انهن مان هڪ ڪتاب اوشو جي آتم ڪهاڻي ”اهو سچ ته آهي“ جي نالي سان روشني پبليڪيشن طرفان ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ پوءِ ظهور احمد، سنڌيا پبليڪيشن جي حوالي ڪيو ۽ مون اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن ڇپيل حالت ۾ دڪانن تي ڏٺو. البت ٽيون ڪتاب ”مسلمانن جو عروج ۽ زوال“ ڇپجي نه سگهيو.
1990ع ڌاري مون ”عبرت مئگزين“ جوائن ڪيو، ته جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪهاڻي ترجمو ڪري ”عبرت مئگزين“ ۾ قسطوار هلائڻ شروع ڪيم. اٺ ڏهه قسطون ڇپيون، جو منهنجو لاڙڪاڻي ”ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي“ کان انٽرويو وٺڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪهاڻي جي ترجمي جي ڳالهه نڪتي ته ٻڌايائين ته نهرو جي آتم ڪهاڻي جو سنڌي ترجمو ورهاڱي کان اڳ ٿيل ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. پاڻ پنهنجي لئبرري مان اهو ڪتاب ڪڍي ڏيکاريائين. پوءِ مون ان ڪتاب جي وڌيڪ ترجمي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. نهروءَ جي ورهاڱي کان اڳ ترجمو ٿيل ۽ ڇپيل آتم ڪهاڻي پوءِ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌري ٿي.
مٿئين ڊيگهه جو مقصد اهو آهي ته منهنجي سادگي، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت جي نالي ۾ ڪيل منهنجي قلمي پورهئي جو ڇا حشر نشر ٿيندو رهيو آهي.
هاڻ اچون ٿا ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جي ترجمي ۽ ڇپائيءَ جي ڪهاڻيءَ تي! اهو ڪتاب مون ترجمو ڪيو ۽ ڪيترائي سال پيو رهيو. پوءِ جڏهن محترم خالد نورانيءَ ڪرزما ڊائجسٽ شرع ڪيو ته هُن ان جي هر پرچي ۾ هڪ ناول جو ترجمو هلائڻ شروع ڪيو. اسان جو جڏهن پاڻ ۾ رابطو ٿيو ته پاڻ مون کي ”ڪرزما“ لاءِ ڪجهه ننڍا ناول ترجمو ڪري ڏيڻ جي لاءِ چيو. مون سندس ئي مشوري سان کيس ٽن ناولن ڪرشنچندر جو ”هڪ گڏهه جي آتم ڪهاڻي.“ امرتا پريتم جو ”پنجر“ ۽ گارشيا مارڪيز جي ناولٽ ”معصوم اريندرا ۽ سندس ڏاڏي“ جا ترجما ڪري ڏنا، جيڪي ڪرزما جي مختلف پرچن ۾ ڇپيا ۽ ان سان گڏ مون کيس”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو ترجمو به ڏنو، جيڪو هن ڪرزما جي آگسٽ 2005ع جي پرچي ۾ ”ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان“ جي نالي سان ڇپيو.
2003-4ع ۾ منهنجو هر هفتي ”هلال پاڪستان“ جو ادبي صفحو ”ڏات“ ايڊٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو، جيڪا ذميداري مون تي منهنجي دوست موتي ميرانپوريءَ حجت ڪري رکي هئي، جيڪو انهن ڏينهن ”هلال پاڪستان“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. اتي ئي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڏينهن منهنجي ملاقات ’انڊس پبليڪيشن‘ جي امير ابڙي سان ٿي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين ته تون مون کي ’خشونت سنگهه‘ جو ناول ”دهلي“ ترجمو ڪري ڏي. مون هائوڪار ڪئي ۽ ٻي ڀيري پاڻ اهو ڪتاب منهنجي حوالي ڪيائين. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ خشونت سنگهه جو ناول“ ٽرين ٽو پاڪستان“ ترجمو ٿيو پيو آهي، جنهن تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته ”جيسين تون ’دهلي‘ جو ترجمو مڪمل ڪرين، تيسين ’ٽرين ٽو پاڪستان‘ ٿا ڇپيون.“ مون مسودو سندس حوالي ڪيو. ڪتاب جي ڪمپوزنگ شروع ٿي ويئي، پروف به ٿي ويا، بٽر نڪرڻ جي دير هئي، ان دوران مون ’دهلي‘ جو ترجمو به شروع ڪري ڇڏيو ۽ سؤ کن صفحا ترجمو ڪري ويس. هڪ ڏينهن خبر پئي ته امير ابڙو ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجا دڪان بند ڪري وڃي لنڊن کان نڪتو. ايئن نه رڳو ’ٽرين ٽو پاڪستان‘ ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو، پر ’دهلي‘ جو وڌيڪ ترجمو به بند ڪري ڇڏيم.
جڏهن پيارو انعام عباسي غيباتي قوتن کان جند ڇڏائي خير سان موٽي آيو ۽ ساڻس ملاقات ٿي ته چيائين: ”ٽرين ٽو پاڪستان جي وڏي ڊمانڊ آهي، ڪتاب ڏي ته ٻن اڍائن مهينن ۾ ٿو ڇپرايان.“ مون به دير نه ڪئي، ڪتاب کيس ڏياري موڪليم. هُن به اصل دير نه ڪئي، ترت ڪمپوز ڪرائي پروف ڏياري موڪليائين. پروف پڙهي موڪلڻ ۾ مون به ديرنه ڪئي. ٻن اڍائي مهينن جي آسري ۾ ويو وقت گذرندو ويو. انعام عباسي منهنجو پيارو دوست آهي. ساڻس نه ليکا آهن، نه شڪايتون. هاڻ پاڻ ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو آهي، جتان جلد واندڪائيءَ جو آسرو ڪونهي. شل هو، پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي ماڻي.
اهو ڪتاب پوءِ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ منهنجو ترجمو ڪيل ستون ناول آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو اُن کان اڳ منهنجا ترجمو ڪيل ڇهه ناول ”بُک“ (ليکڪ: نٽ همسن) گولڊ فنگر (ليکڪ: آئين فليمنگ)، ڳجهو دستاويز (ليکڪ: ارونگ ويلس)، ڏيئو ۽ دريا (ليکڪ: افضل احسن رنڌاوا)، انقلابيءَ جو موت (ليکڪ: انل بروي) ۽ هڪ گڏهه جي ڪهاڻي (ليکڪ: ڪرشنچندر) ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن.

1. نه وڃڻ جو پڇتاءُ ۾ ليکڪ پاران،
2. عالمي تاريخ: واقعا، شخصيتون ۽ عجائبات- ’سنڌيڪار پاران‘
3. مسواڙي زال – سنڌيڪار پاران،
4. ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان – سنڌيڪار پاران،
]يوسف سنڌي جي مٿين چئن ڪتابن جي مهاڳن کي ترتيب ڏيئي، سندس هيءَ ادبي سفر جي ڪٿا مرتب ڪئي ويئي آهي. مرتب[

جي ساڃاهه سراڻ سين] يوسف سنڌيءَ جي شخصيت[

جي ساڃاهه سراڻ سين] يوسف سنڌيءَ جي شخصيت[

مشڪور ڦلڪارو

مشڪور ڦلڪارو
”يوسف سنڌيءَ سدائين معلوماتي، شعوري ترقي پسند ادب جا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. هو هڪ اهڙو پورهيت آهي، جيڪو ڪڏهن به پاڻ پڏائڻ جي بيماريءَ جو شڪار نه ٿيو آهي.“

مشڪور ڦلڪارو

هيرو وانگر جوان، سمارٽ: يوسف سنڌي

هيرو وانگر جوان، سمارٽ: يوسف سنڌي

الطاف شيخ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ پهتس ته ان وقت يارهن ۾ پنج منٽ هئا. خوشي ٿي ته پوري وقت تي پهچي ويس. هاڻ فنڪشن ڀلي کڻي دير سان شروع ٿئي، ٻاهر آڌرڀاءُ لاءِ چار کن سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن بيٺل هئا. جن ۾ هاڻوڪو چونڊيل سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي پڻ هو. يوسف سنڌي سان منهنجي ادبي ناتي سان ڄاڻ سُڃاڻ اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ ٿي، جڏهن نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ فيروز ميمڻ حيدرآباد مان سندس اداري طرفان ڇپايل ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ موڪليو. يوسف سنڌيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ انهن جي ادبي پورهئي بابت لکيو آهي. هر وقت سفر ۾ رهڻ ۽ جهاز تي توڙي جپان ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾، هر ماڻهو لاءِ مختصر رهائش هجڻ ڪري مون ڪڏهن پنهنجن ڪتابن جو به سيٽ نه رکيو، پر يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب مون سان هميشه گڏ رهي ٿو. ان ڪري نه ته هن ڪتاب ۾ يوسف صاحب مون تي ٽي چار صفحا لکيا آهن. پر ان ۾ ٻين به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جو احوال لکيو اٿس ۽ مون لاءِ اهڙا ڪتاب جن ۾ منهنجي ديس جي اهم ماڻهن جو احوال ملي ٿو، بيحد گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ ريفرنس خاطر اهڙن ڪتابن کي هميشه پاڻ سان رکان ٿو. مون سان گڏ رهندڙ ڪتابن جي کوکي ۾ پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٽن جلدن، حسام الدين شاهه راشدي جي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، جي ايم سيد صاحب جو ”جنب گذاريم جن سين“ کان وٺي ويجهڙائي ۾ ڇپيل ”پائي پٽ ڪڻا“ (ڊاڪٽر نور افروز خواجه) سوجهرن جا سفير (بلوچ صحبت علي)، ”دادو منهنجيون يادون“ (ڌڻي بخش مگسي)، ”مارو جي ملير جا“ (خادم حسين چانڊيو) جهڙا پنجاهه کن ڪتاب گڏ رهن ٿا. ان ڪري (شايد) انهن ڪتابن جا ليکڪ هميشه دل تي رهن ٿا.
”سنڌي ادب جا سرچشما“ ڪتاب ۾ يوسف سنڌيءَ، امر جليل، اياز قادري ۽ ابراهيم منشي کان ويندي نسيم کرل، نور الهديٰ شاهه ۽ نور الدين سرڪي تائين 43کن اديبن ۽ شاعرن جو احوال ته ڏنو آهي، پر سندس (ليکڪ) بابت هڪ سٽ به ڪٿي لکيل نه آهي. آءٌ هر وقت هن شخص بابت سوچيندو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو! - ٿي سگهي ٿو اسان وانگر پوڙهو هجي، گنجو هجي، گُڪو هجي.. پر اڄ يوسف سان ملي خوشي ٿي.
هو ته هيرو وانگر جوان، سمارٽ ۽ هينڊسم لڳي رهيو هو.
ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ گهڙي خبر پئي ته آيل مهمانن ۾ آءٌ ٻيو هوس. مون کان اڳ لاهور کان آيل هڪ پنجابي اديب نذير ڪهوٽ صاحب هو. ٺهيو مڙيئي خير آهي! آءٌ هونءَ به ادبي فنڪشن گهٽ اٽينڊ ٿو ڪريان. اڄ گهڻي کان گهڻن اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي دوستن سان ملاقات هڪ طرف ٿي ويندي ته هن عمارت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) جي ڀتين تي لڳل ڪاشي ۽ چٽسالي جو ڪم ڏسڻ لاءِ پڻ موقعو ملي ويندو.
يوسف سنڌيءَ سان ڪچهري دوران خبر پئي ته سندس واسطو ٺٽي ضلعي جي دڙو شهر سان آهي. يوسف دڙي شهر ۾ پهرين آڪٽوبر 1964ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙو مان ئي حاصل ڪيائين. ميٽرڪ بعد فرسٽ ايئر ۽ انٽر سجاول جي ڪاليج مان ڪري، بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. 2006ع کان جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو ته يوسف ”پبليڪيشن“ جو ڪم سنڀاليو ۽ سنڌي ادبي سنگت پبليڪشن جا تيرهن پرچا ۽ ڇهه ٻيا ڪتاب شايع ڪيا. يوسف سنڌيءَ جي ان ڪوشش کي ٻيا به ساراهي رهيا هئا. پبليڪيشن ۾ يوسف سنڌيءَ جي ڪاميابيءَ جو سبب سندس اخباري دنيا سان واسطو ۽ تجربو به چئي سگهجي ٿو. يوسف سنڌي جو 2003ع کان 2006ع تائين هلال پاڪستان اخبار سان به واسطو رهيو. جتي هو ”ڏات“ نالي ادبي صفحو ڪڍندو هو.
يوسف سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ کان علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپرايا آهن.
 پسي تنهنجي تجلي - (دڙي جا شاعر، اديب ۽ تاريخ)
 نجم عباسي: فن ۽ شخصيت
 تو ڇو پيار ڪيو؟ (ناول)
ٿي سگهي ٿو ته سندس هڪ ٻه ٻيو به ڪتاب هجي، پر هن وقت اهي ئي ياد اچي رهيا آهن.
]الطاف شيخ جي ڪتاب ’ڏيهه پر ڏيهه جا سفر‘ تان ورتل[

يوسف سنڌي: نجم عباسي

يوسف سنڌي: نجم عباسي

هڪڙي همراهه ٻُڌايو ته يوسف سنڌي، ادبي ميدان کي صفا ڇڏي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي، جيڪي لکن ٿا سو ڪن ڪو نه ٿا ۽ جيڪي ڪن ٿا، سو لکن ڪو نه ٿا. يعني يوسف جي چوڻ موجب اديبن جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي.
اهو يوسف سنڌيءَ جو عجيب منطق آهي. جيڪڏهن ٻيا ايئن ڪن ٿا ته پاڻ ايئن نه ڪري، ڪاوڙجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پاڻ اهو لکي جو ڪري ٿو ۽ جو ڪجهه ڪري ٿو، اهو لکي، ايئن ڪرڻ سان ڪير هن کي روڪيندو؟
ماڻهو رڳو پنهنجي لاءِ ڪو نه لکندو آهي، پر ٻين لاءِ به لکندو آهي، پاڻ ٻين لاءِ وڌيڪ لکندو آهي. ٻين کي ڪجهه ڪرڻ جون صلاحون ڏيندو آهي. ضروري ناهي ته اهي صلاحون پنهنجي پاڻ لاءِ به هجن. ڪي اديب اهڙا ٿيندا آهن، جن جو چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. چوندا هڪڙي ڳالهه آهن ۽ ڪندا ٻي ڳالهه آهن. اهي صفا پڌرا هوندا آهن. اهي سرڪار جا خريد ڪيل هوندا آهن يا سرمائيدارن، جاگيردارن يا زميندارن جا زر خريد ايجنٽ ٿيندا آهن.
يوسف سنڌيءَ ادب ۾ وڏو پورهيو ڪيو آهي. ’سچائي اشاعت گهر‘ ان جو ثبوت آهي. مسڪيني حال هوندي به هو ايترا ڪتاب ڇپائي سگهيو آهي. پاڻ به ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿائين. عجب آهي ته اهو شخص هينئر چوي ٿو ته ادب ۾، ليکڪ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق رکن ٿا.
منهنجي خطن جو ڪتاب “جبل مٿي باهڙي” به يوسف سنڌيءُ ئي سهيڙي ڇپايو آهي. ٻڌائي سگهندو ته ان ۾ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ان ڪري ادب جو ميدان ئي ڇڏي وڃڻ، سچ پچ ته اعتبار جهڙي ڳالهه ڪانهي.
ٻُڌو اٿم ته يوسف سنڌيءَ جو پنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ سان جهڳڙو ٿي پيو آهي. چاچهنس جي سڄِي عمر پَٽ سَٽ ۾ گذري آهي. سندس اولاد کي به ٻين پڙهايو آهي. ڪراچي ۾ رهي بنا مسواڙ مفت ۾، ٻين جي جڳهه ۾ ٿو. هينئر ڇوڪرين جا سوين اسڪول پيو هلائي، ان ۾ هن جي ڪيتري سچائي آهي، تنهن تي به شڪ ڪري سگهجي ٿو. ڪٿي يوسف سنڌي انهي جهڳڙي جي ڪري ادب ته نه ٿو ڇڏي وڃي؟
]ڪراچي 6 جون 1995[

يوسف سنڌي جيئن ڏٺو مون

يوسف سنڌي جيئن ڏٺو مون

پرويز

يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ توڙي سنڌ واسين لاءِ هڪ نئون نالو نه آهي. نه ته يوسف جي ڪا عمر ايتري وڏي آهي ۽ نه ئي سنڌي ادب ۾ ڪي سنگِ مِيل کوڙيا اٿس. پر مرشد لطيف چواڻي ته ڪن جو دُڪو ئي داخل نٿو ٿئي ته ڪن جو اڻ توريو اگهاميو وڃي. اڃا ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. شايد 1984 يا 1985 جو زمانو هو. آءٌ ميرپور بٺوري جي مختيار ڪار جي آفيس ۾ ڪنهن ڪم سانگي بيٺو هوس. هڪڙو ڇوڪرو اٻالن ڪپڙن ۾، بدن جو ڀريل، قد جو بندرو، وار گهنڊيدار، ويڪرو مُنهن، آفيس جي ورانڊي ۾ گهڙيءَ هيڏانهن، گهڙيءَ هوڏانهن. ايئن خاموش خاموش. تنها تنها، مون کي اهو ڇوڪرو اوڏي مهل ڏاڍو وڻيو هو. تنهن ڪري ساڻس ڳالهائڻ ۽ نالي پُڇڻ جي خواهش کي زوريءَ دٻائي ڇڏيم. ڪجهه مهينا پوءِ يوسف ڪيڙاني جي ڳوٺ ۾، اُن وقت جي ڪوٽ لکپت جي بانديءَ محترم رسول بخش پليجي جي پرپٺ سالگرهه ملهائي پي ويئي. مون اُن محدود ڪچهريءَ ۾ محترم رسول بخش پليجي تي هڪ مختصر تاثر پڙهيو هو. جيئن ئي آءٌ تاثر ختم ڪري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺس، تيئن اُهو ساڳيو ڇوڪرو وڌي مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ”سائين منهنجو نالو يوسف سنڌي آهي. اسين ڪجهه دوست گڏجي دڙي مان هڪڙو ڪتابي سلسلو جاري ڪري رهيا آهيون. توهان مهرباني ڪري اهو آرٽيڪل اسان کي ڏيو.“ اهو پهريون موقعو هو جو اسان پاڻ ۾ ڳالهايو هو.
پوءِ يوسف سنڌي، ’جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، پر يوسف سنڌيءَ نه ڇڏي‘ جي چوڻي مطابق بنهه ڳچيءَ ۾ ويڙهجي ويو ۽ اڃا تائين ڳچيءَ ۾ ويڙهيو پيو آهي. اڄ به مون کي ڪي تمام ضروري ڪم اُڪلائڻا هئا، پر ڇا ڪجي! يوسف سنڌيءَ جو پلڙو ڀاري آهي ۽ آءٌ سڀ ڪم ڪاريون رُلائي هتي اچي سهڙيو آهيان.
يوسف سنڌي ادبي ميدان ۾ هڪڙي ڪتابي سلسلي جي مرتب جي حيثيت ۾ لٿو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اٺن ڏهن سالن جي بنهه مختصر عرصي ۾، سچائي اشاعت گهر دڙو جو پبلشر، برسات، عبرت مئگزين ۽ هزار داستان جو سب ايڊيٽر، ڪيترن ئي ڪتابي سلسلن جو سهڙيندڙ، مترجم، ڪالم نويس ۽ ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ سندس نالو اچڻ لڳو آهي. پاڻ گهڻو ڪري ترجما ڪيا اٿس. بنهه ٿورڙيون ڪهاڻيون لکيون اٿس. سندس تخليقي پورهيو ڪو ايترو گهڻو ڪونهي، پر مون پهرين ڳالهه ڪئي آهي ته ڪن ماڻهن جو ڌُڪوئي داخل ڪونه ٿيندو آهي، پر يوسف سنڌيءَ جو اڻ توريو اگهامي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اهڙو ٻيو ماڻهو ڪونه سُجهي، جنهن ايتري مختصر عرصي ۾ ايتري گهڻي شهرت حاصل ڪئي هُجي.
يوسف سنڌي ذاتي طرح ڏاڍو ڀَلو ماڻهو، ڏاڍو پيارو ماڻهو، موقعي شناس ماڻهو، کلڻو ملڻو، جلدي دوستي رکندو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندو. تڪڙ جي نتيجي ۾ڌڪ لڳندڙ ته وٺي دانهن ڪندو. سندس طبيعت زود رنج. جلدي ڪاوڙجي پوندو. سندس منزل ڪهڙي آهي؟ پاڻ اڃا پنهنجي منزل جو تعين ڪري نه سگهيو آهي. سندس طبيعت ۾ اضطراب، بي چيني، ولوڙ ۽ مانڌاڻ متل، سک ۽ چين جو متلاشي. تريءَ تي بهشت گهرندڙ. ڀانئي ته ڪو جيڪو ڪجهه هُو چاهي ٿو، هڪ پل ۾ ٿي پوي. وڏيون توقعائون فوري طور پوريون ٿينديون نه ڏسي ڪٿي ٽِڪي نه سگهڻ ۽ من جي ساڳي آترويلائي سندس فطرت ۾ شامل آهي. پر هڪڙي ڳالهه چئبي، سا هيءَ ته پاڻ ڏاڍو اورچ، ڏاڍو جاکوڙي ۽ ڏاڍو محنتي آهي، ۽ اِها محنت ئي آهي، جنهن کيس تمام مختصر عرصي ۾ تمام گهڻو اڳيان آڻي بيهاريو آهي. کيس اڳيان آڻڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پڻ وڏو هٿ آهي.
مون کي قوي اميد آهي ته جيڪڏهن هُن پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان گڏ پنهنجي گهري ڏاهپ جو به توازن قائم رکيو ته پوءِ هُو گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اهڙيون منجهس صلاحيتون به آهن ته وقت به وٽس جام آهي. مون کي اميد آهي ته يوسف سنڌي به سنڌ جي ٻين سُڄاڻ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان گڏ پنهنجي قوم جو ڪيس لڙندو ۽ پنهنجي ئي قوم ڏانهن جوابده رهندو.
] س – ا – س نئون ديرو پاران 23 جولاءِ 1992ع
۾ يوسف سنڌي مان ملهايل شام ۾پڙهيل[

جيئن مون مٿي چيو آهي يوسف سنڌيءَ کي مون پهريون ڀيرو تعلقي ميرپور بٺورو جي مختيار ڪار جي آفيس ٻاهران ورانڊي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيندي ڏٺو هو. پوءِ گهڻو وقت مون يوسف کي ڪو نه ڏٺو. وري گهڻي عرصي بعد اسانجي ملاقات ٿي؟ ڪٿي ملاقات ٿي؟ اِهو مون کي چٽي طرح ياد ڪونهي، بس ايترو ياد اٿم ته يوسف سنڌي سائين غلام حسين رنگريز جي گهر ڏانهن ويندي بٺوري جي بازار مان منهنجي دوڪان اڳيان لنگهندو هو ته دعا سلام ٿيندي هئي، پوءِ اُها دعا سلام ئي ڪچهرين ۾ تبديل ٿي ۽ اڳتي هلي گهرائپ، دوستي ۽ پنهنجائپ ۾ تبديل ٿي ويئي. تيستائين پاڻ پنج ڇهه ننڍڙا ننڍڙا رسالي ٽائپ ڪتاب به شايع ڪري چڪو هو. سندس پهريون ترتيب ڏنل مخزن ”هوشوءَ سندي هام“ هو. سندس ڪتابن ڇپرائڻ بابت تمام گهڻو شوق ڏسي مون کيس صلاح ڏني ته ڇو نه هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪجي، جنهن جو نالو، مونو گرام ۽ ايڊريس هجي.بجاءِ اُن جي جو بنا ڪنهن ترتيب جي ڪڏهن ڪو ڪتاب ته ڪڏهن ڪو ڪتاب پيو ڇپرائجي. کيس منهنجي صلاح پسند آئي. ”سچائي اشاعت گهر“جو نالو تجويز ڪيو ويو. بٺوري جي اُستاد ’هر جي مل‘ کان مونو گرام ٺهرايو ويو ۽ اهڙي طرح سندس نگرانيءَ ۾ ڇپجندڙ ايندڙ ڪتاب ۾ باقاعده ’سچائي اشاعت گهر‘ طرفان شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست جاري ڪئي وئي هئي.
يوسف سنڌيءَ جون ڪي ڳالهيون جيڪي مون نوٽ ڪيون سي آهن: کيس سنڌي ڪتابن سان گڏ اردو ۽ انگريزي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هُو ٿورو ڪَ گهڻو پڙهي به ٿو، لکي به ٿو. ڪهاڻيون، ناول، ۽ خاڪا. ترجما ڪيا اٿس. گهڻو ۽ تمام گهڻو لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ته ٻيا آهن. پنهنجا ۽ ٻين ليکڪن جا هيستائين 55-60 ڪتاب سچائي اشاعت گهر طرفان ڇپرائي چڪو آهي. ڳچ سالن کان سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ سندس مرڪزي ڪردار رهيو آهي. جيڪڏهن آءٌ هيئن چوان ته هڪ سياسي تنظيم طرفان تاج جويو جي معرفت سنڌي ادبي سنگت تي ڪيل قبضو ڇڏرائڻ ۾ يوسف سنڌيءَ ۽ سندس دوستن جو مکيه رول رهيو آهي ته اِهو وڌاءُ ڪونهي. يوسف سنڌيءَ جي سنڌ ڌرتيءَ سان بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪمٽمينٽ آهي، پر هُو ڪنهن به قوم پرست تنظيم يا سياسي پارٽيءَ جو انتخاب ڪري نه سگهيو آهي، جيڪا سندس خيال موجب سنڌ جي نجات جو ذريعو بنجي سگهي. نه ئي وري وٽس ڪا گائيڊ لائين آهي، جنهن مطابق سنڌ جي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي. منجهس هڪ عجيب قسم جو اضطراب، ڪشمڪش ۽ هيجان هوندو آهي. جيڪو کيس ڪنهن هڪ جاءِ تي هڪ دليو ۽ هڪ مُنو ٿي ويهڻ نه ڏيندو آهي.جيئن مون محسوس ڪيو آهي ته هُو ڪنهن به تنظيم ۾ گهڻي دير تائين رهي نه سگهندو. ڇو ته ڪنهن به تنظيم جي مکيه اصولن مان هڪ آهي ضابطي جي پابندي يعني ڊسيپلين ۽ يوسف گهڻي دير تائين پابند رهي نٿو سگهي.هُو دڙي جي اهڙي ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکي ٿو جيڪي پاڻ کي ”ارباب“ سڏائي پنهنجي برتري ظاهر ڪن ٿا. توڙي جو يوسف ان برادريءَ سان تعلق رکندي به خانداني طرح بنهه مسڪين ماڻهو رهيو آهي. سندس والد به غريب هو، پر جيئن ته اربابن جي خاندان سان تعلق هئڻ ڪري برتريءَ جا جيوڙا منجهس به موجود آهن ۽ جيئن ته ارباب پڻ گهڻي دير تائين ڪنهن جي پابنديءَ هيٺ نٿا رهي سگهن، سو اِها ڳالهه به يوسف ۾ آهي. شخصي طرح هُن گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته هُو انهن رجحانن مان جند ڇڏائي، تنهن هوندي به مٿس ڪڏهن ڪڏهن اُهي ڪيفيتون حاوي ٿي وينديون آهن. هُن سماجي فلاحي تنظيمون پڻ ٺاهيون، پهريائين سندس سربراهيءَ ۾، پوءِ اُها سربراهي ٻين دوستن جي حوالي ڪيائين، پر مکيه طر ماسٽر مائينڊ پاڻ رهيو. تنهن ڪري اُهي تنظيمون هلي نه سگهيون. هُو نجي اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿيندڙ ڪيترن ئي رسالن، ڊائجسٽن، اخبارن ۽ پنڌرهن روزه سلسلن جو سب ايڊيٽر به رهيو. هُن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار، ٽماهي ۽ ٻه ماهي رسالا جاري ڪيا.سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ٻه ماهي ”سنگت“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. هن مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ آرٽيڪل پڻ لکيا. هُو ڪيترن سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دڙو طرفان ننڍا توڙي وڏا فنڪشن ڪندو رهيو آهي.جيئن جتي ڪٿي ۽ هر هنڌ ڪي اهڙا عنصر به لازمي طرح هوندا آهن، جيڪي نه پاڻ ڪجهه ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ نه وري ٻئي ڪنهن کي ڪجهه ڪرڻ ڏيندا آهن.دڙي شهر ۾ به يوسف سنڌيءَ جي دوستن احبابن جي حلقي ۾ ڪي اهڙابه عنصر موجود رهيا آهن، جيڪي پاڻ به ڪجهه ڪرڻ نٿا چاهين ۽ يوسف کي به ڪجهه ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو رول ادا ڪندا رهيا آهن. انهن دوستن احبابن جي اهڙي منفي رويي ۽ ڪردار ڪري ڪڏهن ڪڏهن يوسف ڏاڍو مايوس به ٿيندو آهي. پر پوءِ وري به پنهنجي ڌُن ۾ لڳي ويندو آهي.
ادبي ميدان ۾، جڏهن منهنجو واسطو، پريس، پبليڪيشن ۽ پرنٽ ميڊيا سينٽر حيدرآباد سان جهڙو ڪر ٽُٽي چڪو هو ۽ آءٌ رڳو هٽ واپاري ٿيو بٺوري جي بازار ۾ڪپڙي جي دوڪان تي ويٺو هوس. واپار ڪندي ڪندي ڪهاڻيون پيو لکندو هوس. تڏهن يوسف سنڌيءَ مون کي ’سچائي اشاعت گهر‘ طرفان ڪهاڻي ڪتاب ڇپرائڻ جي آڇ ڪئي. اُن کان اڳ منهنجي ترجمو ڪيل چيني ڪهاڻيءَ تي مشتمل ننڍڙي ڪتابچي ”نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ“ جو ٻيو ڇاپو ۽ هڪڙو فلسطيني ادب تي مشتمل ترجمو ٿيل ڪتابچو به شايع ڪري چڪو هو. مون اُها آڇ قبول ڪئي ۽ 1988ع ۾ منهنجو ٻيون، ڪهاڻي ڪتاب ”رت جا ڦڙا“ ڇپجي آيو، جنهن جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو ۽ مهربان دوستن غلام حسين رنگريز، يوسف سنڌي ۽ منگهن لال شرما جي تعاون سان بٺوري ۾ مهورت پڻ ٿيو هو.
ڪجهه سالن کانپوءِ، جڏهن منهنجو ڪپڙي جو دوڪان ماٺو ٿيڻ لڳو هو، تڏهن هڪ رات اوچتو منهنجي پراڻي گهر اڳيان هڪڙِي گاڏي بيهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. درتي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي مون دروازو کوليو ته يوسف سنڌي ۽ ابراهيم گُل بيٺل ڏٺم. کين ڪوٺي اندر آيس. خبرون چارون پڇيون مان. يوسف چيو ته ”عبدالغفور الستي صاحب جي اين جي او ”آستان لطيف سماجي تنظيم“ (الست) ۾ ڊي ايم او (ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر) جي پوسٽ لاءِ گريجوئيٽ اميدوار گهرجي، اسان جي خيال ۾ انهيءَ پوسٽ لاءِ تون مناسب اميدوار آهين. جي خيال هجيئي ته هليا گڏجي ڪم ڪريون،“ توڙي جو منهنجو ڪپڙي جي دوڪان تي حيدرآباد جي واپارين جو ڪجهه قرض ٿي ويو هو. پر پوءِ به منهنجو گذر ٺيڪ ٺاڪ پئي ٿيو. منهنجو پٽ ياسر انٽر سائنس پاس ڪري انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي انتظار ۾ سال جو گيپ ويهي گذاري رهيو هو.سو مون سان گڏ دوڪان تي هو.مون کي اربابن جي مَٿي تان هٿ ڦيري ڪم ڪڍڻ واري ذهنيت جي خبر هئي. پر ڇاڪاڻ ته عبدالغفور الستي صاحب ارباب هوندي به سنڌي ادب سان ڏورڻ ڏيندو پئي آيو ۽ خود الست جو پروگرام به سنڌ جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ هو. تنهن ڪري مون مناسب سمجهيو ته انهيءَ نيڪ ڪم ۾ آءٌ به جيڪر پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪريان ته ڏاڍو سٺو. اِهو سوچي مون پنهنجو هلندڙ دوڪان ننڍڙِي ڇوڪر جي حوالي ڪري، يونيسيف طرفان مقرر ڇهه هزار روپيه پگهار جي جاءِ تي اڌ پگهار يعني ٽن هزارن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر طئي اهو ٿيو هو ته هلندڙ سال جا اٺ نَوَ مهينا پورا ڪري نئين ايندڙ سال کان مونکي فل پگهار يعني ڇهه هزار ڏنو ويندو. اِنهيءَ اڻ لکيل ايگريمينٽ ۾ يوسف سنڌي، ابراهيم گل ۽ نظير دايو پڻ موجود هئا، جيڪي الست تنظيم جا عهديدار پڻ هئا. پر جڏهن سال پورو ٿيڻ کي ويجهو آيو، تڏهن عبدالغفور الستي صاحب پنهنجي روايتي انداز ۾ پنهنجي ڪيل واعدي ۽ ايگريمينيٽ تان ڦري ويو ۽ اِها ڳالهه ٻولهه به يوسف سنڌيءَ جي روبرو ٿي هئي. مون کي تڏهن تمام گهڻي تڪليف پهتي هئي، ۽ شايد هڪ ڀيرو تنهائيءَ ۾، تڏهن، جڏهن غلام قادر پليجي جي ”مڪلي اِن“ ريسٽورينٽ پئي هلايم، رات جو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو کٽ تي ليٽيل هوس. پنهنجي زندگيءَ جي هيٺاهين مٿاهين بابت پئي سوچيم. دوستن جي وفائن ۽ بيوفائين جا ويوئلز (نظارا) ذهن ۾ پئي ڦريا، جڏهن اِهو منظر سامهون آيو، جنهن ۾ الستيءَ عبدالغفور صاحب روايتي ارباباڻو انداز اختيار ڪيو ۽ بظاهر چهري تي چاڙهيل فقيراڻو ماسڪ لاهي، ڪرسيءَ کي ڦيري سندس پُٺ مون ڏانهن ڪري چيائين ته ”اهڙو ڪو به معاهدو ڪونهي ٿيل، جنهن موجب توکي ڇهه هزار ڏنا وڃن.ڪم ڪرڻو اٿئي ته ٽن هزارن تي جاري رک، نه ته ڀلي هليو وڃ.“ اوڏي مهل يوسف سنڌي موجود هو، پر بنهه خاموش رهيو. جرئت ڪري سندس چاچي يعني عبدالغفور الستيءَ کي رڳو ٻه لفظ به ڪو نه چيائين ته برابر اِهو معاهدو ٿيل هو. مون کي سندس اُن خاموشيءَ ڏاڍو ڏاڍو ڏکويو، اِهو منظر پنهنجي ياداشت جي اسڪرين تي اچڻ مهل منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙيا هئا. مون کي يوسف مان اِها توقع ڪانه هئي. مون کي خبر هئي ته الستي صاحب يوسف کي به اوبلائيج ڪو نه ڪري ها.پر منهنجي دل چاهيو ٿي ته يوسف منهنجي لاءِ احتجاج ڪري. احتجاج نه مڃڻ جي صورت ۾ مون سان گڏ ادارو ڇڏي ڏي ها. ڇو ته آءٌ سندس چوڻ تي پنهنجو هلندڙ دوڪان ڇڏي هليو آيو هوس. پر سندس خاموشيءَ مون کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو هو. ان رات مون وڌيڪ ويوئلز ڏسڻ بند ڪري ڇڏيا. مون پاڻ کي وڌيڪ ڏکوئڻ نٿي چاهيو. ڇو ته اُن رات خبر ناهي ڇو رڳو بيوفائين جي ويوئلز جي سيريز پئي هلي! مون يوسف کي ڪڏهن به ميار ڪانه ڏني. مون کيس ڪڏهن به اِهو محسوس ڪو نه ڪرايو ته مون کي ڪڏهن تو به پنهنجي خاموشيءَ سان ڏنڀ ڏنا هئا. پر تازو جڏهن پاڻ تاڪيد ڪئي هئائين ته سندس باري ۾ سڀ سچ لکان، تڏهن الاجي ڇو سندس فرمائش پوري ڪرڻ کان رهي ڪو نه پيو سگهان.
يوسف سنڌيءَ اڪثر منهنجون ڪهاڻيون مون کان وٺي وڃي ساڻس لاڳاپيل رسالن ۾ ڇاپيون، سندس معرفت ٻين رسالن ۾ به منهنجو مواد ڇپجڻ لڳو، سندس معرفت اخبارن ۾ آءٌ ڇپجڻ لڳس. سندس معرفت اشاعتي ادارن منهنجا ڪجهه ڪتاب شايع ڪيا، سندس ئي همت افزائي ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ تي مون ڳچ جيترا ترجما ڪيا.سندس اشاعتي اداري طرفان ۽ تعاون سان ئي منهنجا گهڻي کان گهڻا ڪتاب شايع ٿيا. ادبي محلفن ۾ مون کي دعوتون ملڻ لڳيون يا محفلن ۾ آرٽيڪل پڙهڻ يا اسٽيج تي ويهڻ جا موقعا پڻ يوسف جي ڪري ئي ملڻ لڳا. هڪ هنڌ پنهنجي پيارن ۽ ويجهن دوستن جو ذڪر لکندي جيڪي نالا کنيا هئائين، تن ۾ مون پنهنجو نالو نه ڏسي سوچيم ته ”اڙي! اديءَ کي جن نڪا ڪَن، ادو عشق ۾ انڌو!!“ يوسف ته مون کي پُڇي ئي ڪو نه ٿو ۽ آءٌ اجايو وهلور پيو وڃان! پوءِ جڏهن ٻئي هنڌ منهنجي باري ۾ لکيائين ”سائين پرويز منهنجو اهڙو دوست آهي، جنهن جهڙو دوست شل هر ڪنهن کي نصيب ٿئي. پر مون ته کيس ڪڏهن به دوستن ۾ شمار ناهي ڪيو. هو منهنجو رهبر، سونهون ۽ گهر جي وڏي ڀاتيءَ جي حيثيت ٿو رکي ۽ گهر ڀاتي، گهر ڀاتي ئي ته هوندو آهي، جنهن سان ڪي به ليکا چوکا ناهن هوندا. ۽ سائين پرويز ڪڏهن به اسان سان ليکا ناهن ڪيا.“
يوسف سنڌيءَجي معرفت ئي نه رڳو مون کي گهڻن اديبن ۽ ادب دوستن شخصيتن سان ملڻ جا موقعا مليا، پر ڪجهه اهڙن دوستن سان دوستي به ٿي، جن سان ملي مون کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيندو آهي. توڙي جو انهن جي ۽ منهنجي عمر ۾ گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به ڪچهرين ۾ ويهندي عمر پنهنجون حد بنديون ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
يوسف سنڌيءَ نه رڳو ادبي ميدان ۾ مون تي ئي سيڙپ ڪئي، پر هُن اسانجي تَرَ جي ٻين به ڪيترن ئي گمنام ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ ليکڪن کي، پنهنجي اداري طرفان سندن ڪتاب شايع ڪري صاحب ڪتاب بنائڻ ۾ مدد ڪئي. نه رڳو سندن ڪتاب شايع ڪرايائين، پر سندن مواد مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڊائجسٽن ۾ پڻ شايع ڪرائي کين ليکڪن جي قطار ۾ آڻي بيهارڻ ۾ به سندن مدد ڪئي. يوسف سنڌي غريب مائٽن جو غريب ٻار هو، اسڪول ۾ به جڏو شاگرد هو.هُن پهريائين پرائمري ماستر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ گڏوگڏ تعليم جو سلسلو به جاري رکيائين. بعد ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو. جيڪو ئي سندس ذريعهءِ معاش آهي، اُن سان گڏ هُن لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو پڻ جاري رکيو آهي.سنڌي ادبي سنگت ۾ به مکيه رول ادا ڪندو رهيو آهي. هُن جي عمر اڃا ايڏي ڪا وڏي ڪانهي، جو ايئن چئي سگهجي ته هُو پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪري چڪو آهي. کيس اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. سندس صحت، عمر، حوصلي، صلاحيتن ۽ اُتساهه کي ڏسي اِها اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته شال هُو ”ڪجهه ٿي ڏيکاري!“، ”اُهو ڪجهه“، جيڪو هر ڪنهن جي حصي ۾ ڪو نه ايندو آهي، يوسف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 27 اپريل 2008ع وارين مرڪزي چونڊن ۾ سنگت تي سالن کان قابض تاج جويي کي هارائي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي.
]پرويز جي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ مان ورتل[

ادب سان اڻٽٽ وابستگي

ادب سان اڻٽٽ وابستگي

نواز خان زنئور

اسان کي مختلف وقتن تي هڪٻئي کان شڪايتون رهنديون آيون آهن. ڪڏهن هُن کي منهنجي سياست تي اعتراض رهيو آهي، ته ڪڏهن آءٌ هن جي مون ڏانهن اختيار ڪيل رويي تي مٿس ڪاوڙ ۾ رهيو آهيان، ان جو هڪ ننڍڙُ مثال هيءَ آهي ته جڏهن آئون عبدالواحد آريسر جي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شامل ٿي ساڻس گڏ ڪرڻ لڳس ته هن ان فيصلي تي نه صرف اعتراض واريا، پر سندس نيلسن منڊيلا جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ جي ٻئي ڇاپي مان ڪتاب تي منهنجو لکيل مهاڳ پڻ ڪڍي ڇڏيو.
”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ اُهو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو مون مهاڳ لکيو. يقينن اها مون لاءِ مُسرتن ڀري گهڙي هئي، جڏهن يوسف سنڌيءَ مون کي ان ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو چيو هو. مون کيس مهاڳ لکي ڏنو. جيڪو هن ٻه ٽي سٽن جو واڌارو ڪري ڪتاب ۾ ڏنو. انهن ٻن ٽن سٽن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس ڪردار لاءِ کيس موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هئي ۽ انهن ۾ سندس سڌي حمايت جهلڪي رهي هئي. اسان جي ويجهڙائپ ۽ هم آهنگي جي حساب سان اها ڪا خطا جهڙي ڳالهه ڪانه هئي ۽ نه ئي مون ان تي ڪنهن ارهائيءَ جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ آءٌ سنڌي ادبي سنگت جو وؤنٽر نه رهيو آهيان، پر پوءِ به منهنجي حمايت سدائين ساڻس رهي. جيڪس انهيءَ ويجهڙائپ جي ڪري ئي هن مون کان پنهنجي ترجمي ڪيل نهايت اهم ڪتاب جو مهاڳ لکرايو هو. نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻيءَ جو اهو ڪتاب پهريون ڀيرو نيوفيلڊس پبليڪيشن پاران 1999ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو بعد ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو هو. جڏهن اهو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ پهتو ته ان ۾ مون وارو لکيل مهاڳ شامل نه هو.
هڪڙي ڏينهن يوسف سنڌيءَ مليو ته مون کانئس ڪتاب مان مهاڳ ڪڍي ڇڏڻ بابت پڇيو. مون کي لڳو ٿي ته مهاڳ ڇاپيڪار پاران ڪڍيو ويو هوندو، جو سنڌي ڇاپيڪار ڪڏهن ڪڏهن سياست کان گهڻا ڇرڪندا آهن.
”نيلسن منڊيلا واري ڪتاب مان منهنجو مهاڳ ڇاپيڪار پاران ڪڍيو ويو آهي؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
”نه پبلشر ڪير ٿيندو آهي منهنجي ڪتاب سان هٿ چراند ڪرڻ وارو. مون پاڻ ڪڍيو آهي.“ هن جواب ڏنو.
مون کي سندس اهڙي جواب تي حيرت ٿي، ان ڪري وڌيڪ استفسار ڪندي کانئس ڪارڻ پڇيم.
جواب مليو: ”جسقم آريسر ۾ شامل ٿيڻ واري تنهنجي فيصلي جي ڪري مون ڪتاب مان مهاڳ ڪڍيو.“
مون کي ڳالهه نه وڻي.
هو رسول بخش پليجي جي زيرِ اثر رهڻ ڪري عبدالواحد آريسر کان ڇڊو رهيو. ٻيو ته هو اردو ڳالهائيندڙن ڏانهن ٿڌي رويي ۽ متحدا قومي موومينٽ سان ويجهڙائپ واري حڪمت عمليءَ جي ڪري به آريسر صاحب تي ناراض رهيو ٿي. انهيءَ ناراضگيءَ جو نزلو منهنجي مهاڳ تي ڪِريو هو. نه رڳو ايترو، پر هن منهنجي مخالفت وارو رويو پڻ اختيار ڪيو، جنهن سان اسان جي وچ ۾ ڇڊائپ جنم ورتو.
اسان جي هڪٻئي کان پري ٿيڻ جو اهو پهريون موقعو ڪونه هو. اسان اڳ ۾ به وڙهندا ٺهندا رهيا آهيون. ان ڪري هيءَ ڇڊائپ پڻ عارضي ئي ثابت ٿيڻي هئي. اسان ڪڏهن به مستقل طور هڪٻئي کان پري ٿي نه ٿا سگهون. ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ اسان جو وطن، قوم ۽ ٻوليءَ سان غير مشروط عشق آهي. ان ڪري هڪٻئي کان وقتي شڪايتن ۽ ناراضگين جي باوجود اسان جو واسطو ٽٽي نه ٿو ٽٽي. هڪٻئي کان شڪايتون ۽ ناراضگيون ختم ٿي ٿيون وڃن، واسطو ختم نه ٿو ٿئي، اهو هلندو رهي ٿو.
مون کي صحيح طور ياد نه آهي ته اسان جي پهرين ملاقات ڪهڙي جڳهه تي ٿي، پر اهو منهنجو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جو زمانو آهي. سياسي ۽ ادبي طور اهي منهنجي شروعات جا ڏينهن هئا. منهنجي ذهني اؤسر ۾ جن ماڻهن منهنجي مدد ڪئي، انهن ۾ هڪ يوسف سنڌي پڻ آهي. هن مون کي سٺا ڪتاب پڙهايا. گڏوگڏ هن مون کي ڪتاب خريد پڻ ڪرايا. بابا سائين کان پئسا وٺي اسان حيدرآباد وياسين، جتي ڪتاب خريد ڪياسين. ڪتابن جي اها چونڊ يوسف سنڌيءَ ڪئي هئي. ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ سميت شيخ اياز جا ڪجهه ڪتاب، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“، ”فڪر جي آزادي“ ۽ ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ سميت محمد ابراهيم جويي جا ترجمو ڪيل ڪتاب، يوسف سنڌي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ ۽ سائين جي ايم سيد جو ”پيغام لطيف“ ۽ رسول بخش پليجي جا ڪتاب ”هوچي منهه“ ۽ ”مائوزيتنگ“ سميت مختلف ليکڪن جا ڪتاب خريد ڪري ڪتابن جي ڀري ٻڌي اسان واپس موٽيا هئاسين. اهڙي نموني هو سندس اداري پاران ڇپيل ڪتابن جون اعزازي ڪاپيون پڻ ڏيندو رهيو. جن سان منهنجي ذهني آبياري ٿي. اهڙي نموني هن ٻين به ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهني ۽ ادبي پرورش ڪئي. جن ۾ رشيد آزاد، ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گُـگو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. لکڻ ۽ ترجمي ڪرڻ سان گڏ نوجوانن جي رهنمائي ۽ تربيت کي پڻ سندس سٺو ڳڻُ ۽ خوبي چئي سگهجي ٿو.
دڙو پڃاريءَ جي ڪَڙ تي آباد ننڍڙُو ڳوٺڙو هو، جيڪو هاڻي وڌي ويجهي ننڍو شهر ٿي پيو آهي. هاڻي دڙو سجاول ضلعي ۾ آهي، پر اڳ ۾ ٺٽو ۽ سجاول هڪڙوئي ضلعو هئا. اهو ون يونٽ جو زمانو هو. سنڌ تحرڪ ۾ هئي. هڪ ننڍڙو جيوَ ماءُ جي ڪک ۾ کرڙيون هڻندو هو. نيٺ پهرين آڪٽوبر 1964ع تي سندس ڄم ٿيو. محمد هاشم ميمڻ پنهنجي نئين ڄاول پُٽ جو نانءُ محمد يوسف رکيو. جنهن کي اڳتي هلي، شعوري ڏاڪا لتاڙي يوسف سنڌي بڻجڻو هيو. يوسف، سنڌيءَ پنج درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول دڙو ۾ پڙهيا. مئٽرڪ دڙي جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. انٽر هن سجاول ڪاليج مان ڪئي. بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. پيشي جي لحاظ کان هو هائيرسيڪنڊري استاد آهي. هاڻي آڪهه سوڌو حيدرآباد ۾ رهي ٿو. دڙي اچڻ تمام گهٽ ٿو ٿيس.
يوسف سنڌي جو ادب سان ڳانڍاپو ٻالڪ اوستا ۾ ئي ٿيو. اڃا هو ڏهين درجي جو شاگرد هو، جو ڪن هم ڪلاسين سان گڏجي ’هوشو پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين. جنهن جي پڌر تان هڪ ڪتاب سهيڙي “هوشوءَ سندي هام” جي نالي سان ڇپرايائين، جيڪو ٻاراڻي ادب تي مشتمل هو. خود يوسف لکڻ جي شروعات به ٻاراڻي ادب سان ڪئي. سندس لکيل پهرين ڪهاڻي 1979ع ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ٻاراڻي رسالي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. اهڙي ريت هن جو ڇاپيڪار، مرتب، اديب ۽ ترجمي نگار طور هڪڙو ڊگهو سفر شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين هلندو هلي ٿو.
ادب سان يوسف جي وابستگي اڻٽٽ آهي، اها سدائين مضبوط ۽ اڳتي وڌندڙ آهي. هو مون کي ڪنهن ڪنهن مهل سنڌي ادب جو اهو وڻجارو لڳندو آهي، جيڪو ادب جي سمنڊ ۾ سدائين قلم جي ونجهه هلائيندو رهي ٿو ۽ ٿَڪي نه ٿو ٿڪجي. هن ساهت جا سفينا ايئن هاڪاريا آهن، جو موضوعن جا نوان نوان ساحل وڃي هٿ ڪيا اٿس، ڪتاب پئي پراڻو نه ٿيندڙ وکر آهي، وِهائي سنڌي ٻولي جي اڱڻ مٿي هيرن جواهرن جي وڻندڙ جُڙت ڪئي اٿس. سندس اهو پورهيو ڏاڍو شاهڪار آهي، وڻندڙ آهي ۽ اهو سڀ ڏسي مون کي مٿس فخر ۽ ناز ٿيندو آهي ته سنڌي ادب ههڙو اڻٿڪ ۽ اڻ ورچ وڻجارو پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن يوسف سنڌي نه هجي ها ته سنڌي ٻولي شاهڪار ادب جي ڪجهه حصي کان ضرور محروم رهجي وڃي ها.
سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪافي ڪتاب هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڇپيا آهن. ٻن ٽن ڪتابن جا نوان ڇاپا نون نالن سان آيا آهن، هن جا ڪجهه ڪتاب ٻين ليکڪن سان گڏ به ڇپيا آهن. اهڙي ريت يوسف جي ڪتابن جو انگ ستر کان مٿي ٿي وڃي ٿو. اڃا ته اهو انگ پيو هلي، سندس ڪجهه ڪتاب هن وقت به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن ۽ هو لڳاتار لکڻ جو پورهيو ڪري رهيو آهي. هن جي ادب جي ٻيڙي اڃا ڪٿي لنگر نه هنيو آهي. هو لاڳيتو هاڪاري رهيو آهي. کيس مرزا قليچ بيگ سان ڀيٽ کڻي نه به ڏجي، تڏهن به سندس پورهيي کي ڏسي مرزا قليچ بيگ ياد ضرور اچيو وڃي. ڪير ٿو چئي ته ادب ۾ مقدار جي اهميت نه آهي. البت لازوال ادب مقدار جو محتاج نه هوندو آهي.
انهيءَ هوندي به ادب ۾ مقدار جي وڏي اهميت آهي. ڪٿي ڪٿي ته مقدار خود هڪڙو معيار ٿي پوندو آهي. يا وري ڪٿي مقدار مان معيار جنم وٺندو آهي. ڀل ته سڀ شيون شاهڪار سطح تي بيٺل نه هجن، ڀل ته انهن ۾ ڪي ڪَسيون ڪانڊيون شيون هجن، پر تخليقي مرحلا لتاڙيندو لتاڙيندو ماڻهو وڃيو انهن ڏاڪن تي رسي، جتي ذات ۽ ڏات جي زنبيل مان لال لڀي ٻاهر اچن ٿا ۽ تخليق جي دنيا روشني روشني ٿي وڃي ٿي. ان ڏاڪي تي ڏات جو ڏيهه ڏيئڙا ڏيئڙا هوندو آهي، اُن کي رڳو تخليق جي تيليءَ ڏيکارڻ جي ضرورت پئي ٿي.
يوسف سنڌيءَ جي ادبي ۽ تخليقي پورهيي ۾ به ڪي ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي سنڌ جي دنيا ۾ سدائين پيا پڙهيا ويندا. انهن ۾ ڪجهه سندس سرجيل ڪتاب آهن، ته ڪجهه ترجمو ڪيل. هن جو ترجمو به وري اهڙُو شاندار، ڀانءِ ته ڪتاب لکيو ئي سنڌيءَ ٻولي ۾ ويو آهي.
يوسف سنڌي جي جيڪا ٻئي خاص ڳالهه آهي، اها آهي سندس سنڌ سان محبت، انقلاب سان خاص لڳاءُ ۽ پنهنجي دؤر جي ادبي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ، انھي ڪري هِن جي سرجيل ادب ۾ سياسي ادب جو وڏو حصو آهي. هن ترجمي توڙي تخليق ۾ سياسي ادب کي خاص اهميت ڏني آهي. هن انقلابن، جدوجهدن ۽ انقلابي شخصيتن کان واقفيت ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن.
ٽوڙي ڦاٽڪ جا اسير جنهن زماني ۾ جيل ۾ هئا، تڏهن آءٌ سجاول ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. آءٌ سندن ملاقات لاءِ سينٽر جيل حيدرآباد تي ويندو هئس. گڏوگڏ ڊاڪٽر دودي مهيري کي خط پڻ لکندو هئس. ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ منهنجي وچ ۾ اها خط ڪتابت اوستائين جاري رهي، جيستائين ڊاڪٽر دودو جيل مان آزاد نه ٿيو. هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر دودي مهيري جيل ۾ سندس لکڻ پڙهڻ جو احوال ڏيندي لکيو هو ته هن ڪنهن مضمون يا ڪهاڻي جو ترجمو ڪيو آهي. جنهن تي جوابي خط ۾ مون کيس لکيو ته: ”ترجمن لاءِ يوسف سنڌي ۽ ولي رام ولڀ ئي کوڙ آهن. توهان ترجمن ۾ نه وچڙو. توهان پنهنجو لکو.“
ان مان منهنجي مراد ترجمن کي گهٽ سمجهڻ جي ته نه هئي، پر يوسف سنڌي ۽ ولي رام ولڀ لاءِ مڃتا ضرور هئي. ٻنهي ڄڻن ترجمن جي سنڌي دنيا تي پنهنجا پائيدار رنگ ڇڏيا آهن.
يوسف سنڌي، ايڊيٽر ۽ ڇاپيڪار پڻ رهيو آهي. هن مختلف وقتن تي مختلف رسالن جي ادارت پڻ ڪئي آهي. جنهن ۾ “هزار داستان” هڪڙو اهم رسالو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ترجمان رسالو “سنگت” به سندس ادارت هيٺ نڪرندو رهيو آهي. آءٌ جڏهن جيل ۾ هوس تڏهن پائلو ڪوئلهو جي ٻن ناولن تي مضمون لکي يوسف ڏانهن موڪليا هئم، جيڪي هن “سنگت” رسالي ۾ ڇاپيا هئا.
انهيءَ زماني ۾ ئي منهنجو مشهور ۽ مقبول ڪتاب ”قيدي تخت لاهور جو“ ڇپيو هو، جنهن سلسلي ۾ يوسف جي تجربي ۽ محنت ڪم ڏنو هو. سندس مدارت ڌاران جيڪس ڪتاب وقتائتو ڇپجي نه سگهي ها. هيءَ ڪتاب بنهه وقتائتو ڇپيو ۽ سنڌ جي سياسي ادبي دنيا تي ايڏو اثر وڌائين، جو عام ماڻهن به ان کي ڳولي پڙهيو. ڪيترائي عام ماڻهو اڄ پڻ ان ڪتاب جو ذڪر مون سان وڏي اُتساهه سان ڪندا آهن. منهنجي هن ڪتاب ماڻهن کي رئاڙيو به سهي، ته اُتساهه به ڏنو، خطرن ۽ تڪليفن کان آگاهه به ڪيو، ته حوصلو، اعتماد ۽ همٿ پڻ ڏني. تنهنڪري ئي رياست هن ڪتاب تي پابندي هنئي.
يوسف ان زماني ۾ مون کي ڇاپيو، جڏهن اڃا منهنجي شاعري ڪچي ڦِڪي هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو، غلام حسين رنگريز، يوسف سنڌي ۽ منهنجي دوستن ۽ جيڏن جو حلقو نه هجن ها ته ڪرآءٌ ادبي وکون تيزيءَ سان نه وڌايان ها. يوسف انهي زماني ۾ منهنجي شروعاتي شاعري شايع ڪري ان کي ڄڻ سراڻ ڏني. اهڙي طور مون ۾ هڪ شاعر طور پختائي ۽ خود اعتمادي پيدا ٿي.
ادب جي انهيءَ سفر ۾ يوسف سنڌي تي تڪليفن جون ڪي گهڙيون پڻ آيون آهن. سندس ڪن تشبيهن ۽ ڳالهين تي ڏمرجي هڪڙي همراهه مٿس ميرپور خاص ۾ ڪيس به داخل ڪرايو هو. جي آءٌ ڀلجان نه ٿو ته سندس ڪيس يوسف لغاري، وڙهيو هو ۽ سيشن ڪورٽ مان سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت کڻائي هئي. ميرپورخاص ۾ ضمانت جا ڪاڳرپٽ ڪٿان اچن. ان لاءِ آءٌ ساڻس گڏجي ميرپورخاص ويس ۽ علي حسن چانڊيي کي ضامن ڪرڻ جو چيم. علي حسن چانڊيو وڪيل هجڻ سان گڏ قومپرست ڪارڪن ۽ دوست پڻ آهي. تنهن اسان کي مانُ ڏنو ۽ هر ممڪن مدد ڪئي.
جڏهن آريسر صاحب ٽارچر سيل مان آزاد ٿيو هو، تڏهن به آءٌ ۽ يوسف گڏجي ميرپورخاص ويا هئاسين ۽ علي حسن چانڊيي وٽ آريسر صاحب سان وڃي ملياسين. هن ٽارچر سيل جا حال احوال ٻڌايا هئا. ساڻس اتي سٺي ڪچهري ٿي هئي. ان ڪچهري مان يوسف به ڏاڍو متاثر ٿيو هو. پر هو پليجي صاحب ۽ کاٻيءَ ڌر جي اثرن سبب هن جي گهڻو ويجهو نه آيو. البت هو سندس عزت ضرور ڪندو هو. ساڳي وقت سائين جي ايم سيد ڏانهن پڻ سندس سياسي روش هڪ ئي وقت اقرار به ۽ انڪار به واري رهي. باقي سيد لاءِ وٽس احترام اڻميو رهيو.
جيتوڻيڪ يوسف سنڌي عملي طور ڪڏهن به سياست ۾ سرگرم نه رهيو آهي، پر سياسي شعور ضرور رکي ٿو. انهيءَ ڪري سياست کي هٿي وٺرائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. سياسي ادب لکي ٿو، ڇپائي ٿو، وڏي ڳالهه ته ڪنهن زماني ۾ ڪتاب ڪلهن تي کڻي جلسن ۾ پهچائيندو هو. پنهنجي اداري جا ڪتاب هو منافعي لاءِ نه، شعور جي واڌ ويجهه لاءِ ڇپرائيندو هو. جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي.
يوسف جي بابا سائينءَ سان به ڪافي ويجهڙائپ هئي. بابا سائين وڏو اهل دل انسان هو ۽ منجهس ظرافت جي حس پڻ اعليٰ درجي جي هئي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي هڪٻئي سان هلڪو ڦلڪو چرچو پڻ ڪري وٺندا هئا.
بٺوري جي اسان واري سڄي سنگت جا يوسف سنڌي سان سٺا واسطا هئا. هو اسان سڀني دوستن جو گڏيل دوست هوندو هو. دوستي به سمنڊ جي وير وانگر هوندي آهي، جيڪا هڪ وقت اڳتي وڌندي آهي ۽ هڪ وقت پٺتي هٽندي آهي. ٿورڙا ماڻهو آهن، جيڪي يا ڄمار ساڳي اُڪير ۽ عزت رکندا آهن هڪٻئي لاءِ. سو اسان جون دوستيون ٽٽيون ته نه آهن، پر انهن ۾ لاها چاڙها ضرور آيا آهن. پر ان زماني ۾ اسان سڀ دوست ڄڻڪ محبت جي زنجير ۾ ٻڌل هوندا هئاسين. جي يوسف ٻه چار ڏينهن بٺوري نه ايندو هو ته اسان ساڻس ملڻ لاءِ دڙي وڃي نڪرندا هئاسين. هاڻي اهڙي اُڪير ٿورن دوستن وٽ وڃي بچي آهي. اسان جي دوستي ۾ به ڪاوڙون ٻاوڙون اينديون رهيون آهن، پر اها هر وِيرُ اورانگهي پاڻ کي بچائي ٿي وٺي.
يوسف سنڌي جي هڪڙي وڏي خاصيت مستقل مزاجي آهي. هو چيڙهو ۽ اڻ ورچ انسان آهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ شروعاتي طور شڪستون کاڌائين. پر مستقل مزاجيءَ سان بيٺو رهيو. حلقو ٺاهي وڌائين. پوءِ آخرڪار کٽي ويو. آءٌ جيل ۾ هوس. حمايت لاءِ نياپو ڪيائين. مون ڪجهه دوستن کي خط لکيا. انهن پنجن ڇهن ئي دوستن يوسف کي وؤنٽ ڏنا. نتيجي ۾ ٽن وؤٽن تان کٽي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿي ويو. خان محمد ڀيو چوندو آهي ته جي تنهنجو خط نه اچي ها ته آءٌ يوسف کي وؤنٽ نه ڏيان ها.
سچ هيءَ آهي ته هڪڙو وقت اهڙو آيو، جو مون کي گهڙي کن لاءِ يوسف سنڌي جي حمايت ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيو جو بعد ۾ هِن سنڌي ادبي سنگت کي بعد ۾ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪيو، جن وڃي سرڪار جو پاسو ورتو ۽ ادبي سنگت کي مخصوص شخصي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. يوسف هنن سان ڪجهه وقت لاءِ بنان شرط هليو. پر پوءِ کين سمجهڻ لڳو. آئون ڀانيان ته کيس به هڪ گهڙيءَ لاءِ پڇتاءُ ٿيو هوندو ته سندس ڪري ادبي سنگت غلط هٿن ۾ هلي وئي. هاڻي آءٌ سمجهان ٿو ته تنظيمن ۽ ادارن تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مرحلا ايندا آهن. هڪ هٽيون، موقعي پرستون، انتشار، ڌنڌوڙي ماڻهو، پيٽي مفاد، سازشون ۽ خسيس رويا. اهي شيون به ٿين ٿيون ۽ نيٺ ختم ٿي وڃن ٿيون. ماڻهو انهن منجهان سکي ٿو. يوسف به سکيو آهي. ان سکيا ۽ تجربي جي نتيجي ۾ وري بهتريون پيدا ٿيون ٿين.
اسان چاهيون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي سنڌ وطن، قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري ۽ اُن جي قومي مفادن جي نمائندگي ڪندڙ ادبي مورچو هجي. ادبي سنگت ڪلارڪن يا ماسترن جي تنظيمن وانگر وچ وارو يا ايجنٽن وارو ڪم نه ڪري. جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪميشن ايجنٽن يا بروڪرن وانگر ڪم ڪرڻ لڳندي ته عظيم ادبي ڪردار ڪٿان اؤسر ڪندو. ادبي سنگت جو ڪم ته عظيم تخليق ۽ تاريخ ساز تحرڪ پيدا ڪرڻ هجي. آءٌ پُراميد آهيان ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر جي ادبي محاذ تي پنهنجو ڀرپور قومي ڪردار ادا ڪندي ۽ انهيءَ ۾ يوسف سنڌي جو اهم ڪردار هوندو. هڪ اهڙو مثبت ۽ ڀرپور ڪردار، جيڪو نه رڳو پيڙهين تائين ياد رکيو ويندو آهي. پر ڪيترائي نسل فخر ڪندا آهن.
يوسف سنڌي عمر جي لحاظ کان هاڻي پنجاهه واري پيٽي ۾ هلي رهيو آهي. پر خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هو اڃا ٿڪو ڪونهي. کاهوڙي ٿڪبا به آهن ڇا؟ هو هڪ اهڙو کاهوڙي آهي، جيڪو ادب جي مسافريءَ تي روان دوان آهي. هو هڪ اهڙو ناکئو آهي، جنهن جي نانءُ جا سڙهه سنوان آهن. راڄو نوان آهن، نه اُها اڃا اونهي ۾ اوهري رهي آهي. سٺي ڳالهه آهي ته هو اڃا ادب جا نوان نوان تڙ تڪي ٿو ۽ تخليق جي تار ۾ گهڙي ٿو. تنهنڪري اسان کي پڪ آهي ته هو هن ديس جي گودڙيءَ ۾ ڪتابن جا اڃا گهڻا گُل وجهندو، جنهن سان سچو وطن واسجي ويندو.
آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته يوسف سنڌيءَ جو تخليقي پورهيو اسان جي ٻوليءَ جي پيشانيءَ تي جهومر وانگر سجائجي رهيو آهي، سجائجي رهيو آهي، سجائجي رهيو آهي.....!

سنڌي ادب جو متحرڪ ڪردار

سنڌي ادب جو متحرڪ ڪردار


زاهد راڄپر

اهي سال 1991ع جا ڏينهن هئا جڏهن سياسي سرگرمين جي حوالي سان حيدرآباد تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، سياست سان گڏ ادب سان دلچسپيءَ سبب گاڏي کاتي جي ڪتاب گهرن ڏانهن چڪر پيا لڳندا هئا، جنهن ڪري يوسف سنڌي جو نالو منهنجي لاءِ اوپرو نه هو، ٻيو اڳ ۾ ئي هو پنهنجي اباڻي شهر دڙو ۾ ٻارڙن جي سياسي تنظيم ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ ۾ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪري چڪو هو، جنهن ڪري ادبي توڙي سياسي حوالي سان پرپُٺ ئي ساڻس سڃاڻپ هئي، پر هڪ ڀيري انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي هائوس ڀرسان عوامي ڪتاب گهر تي ساڻس منهنجي پهرين ملاقات ٿي. پهرين ملاقات ۾ ئي هو مون کي تمام گهڻو ٻاجهارو لڳو، قد بت ۾ گهڻو ئي نه سهي، پر ڪجهه ڀريل هو، پوءِ ساڻس اڪثر مختصر ملاقات ٿيندي هئي، ۽ پوءِ منهنجو حيدرآباد وڃڻ گهٽجي ويو.
ڪيترن سالن کان پوءِ سال 2006ع ۾ جڏهن يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏيل گروپ ٺاهي اليڪشن ۾ بيٺا ۽ اليڪشن کٽي، تڏهن مان به سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۾ سرگرم هُيس ۽ شاخ اندر دوستن ۾ اختلافن سبب مون ۽ مظهر خاصخيلي وڃي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو پاسو ورتو، جنهن ڪري نوشهروفيروز شاخ جو الحاق بچي ويو ۽ اسان چونڊيل باڊيءَ کي نوشهروفيروز ۾ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ يوسف سنڌي به ساڻن گڏ آيل هو، ان بعد هڪ وڏي عرصي کان پوءِ يوسف سنڌي سان سڌو رابطو بحال ٿيو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻن سالن واري عرصي کان پوءِ يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ۽ تاج جويي گروپ کي شڪست آئي، ان وقت يوسف سنڌيءَ مون کي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي پريس ترجمان مقرر ڪيو، جنهن ڪري سنگت ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت ۾ ٻن سالن دوران ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته هو بهترين اڳواڻ پڻ آهي. هن پهرين آگسٽ 2008ع کان 31 آگسٽ تائين پهريون دفعو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي سنڌي ٻولي واري تحريڪ ۾ ڄڻُ ساهه ڦوڪي ڇڏيو، پهرين ۽ ٻئين سال سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم کي تيزي ۽ ڪاميابي سان هلائڻ ۾ يوسف سنڌي اڻ ٿڪ محنت ڪئي، نوان نوان آئيڊياز ۽ رخ متعارف ڪرايا ۽ سڄي سنڌ ۾ سنڌيءَ ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هڪ تحريڪ بڻجي اُڀري، جنهن ڪري قومي اسيمبلي ۾ به ان جو چوٻول ٿيو. پنجابي ادبي سنگت به جاڳي پئي، جنهن ڪري پاڪستان اندر مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ وارو ڪيس مضبوط بڻجي اڀريو. اهو ڪمال يوسف سنڌي جي اڻ ٿڪ محنت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان غير مشروط محبت جي ڪري ئي ٿيو ۽ ان ۾ يوسف سنڌي پاڻ کي ثابت قدم بيهاريو، جنهن مان سندس شخصيت جي مستقل مزاجي ظاهر ٿئي ٿي. هو سڄي سنڌ ۾ سنگت جي سرگرمين ۾ پهچندو هو ۽ پروگرام يا گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد وري سفر ڪري پنهنجي گهر دڙي پهچندو هو، جيئن پنهنجي گهروارن کي به وقت ڏيڻ سان گڏ پنهنجي ڊيوٽي وارو فرض به ادا ڪري سگهي. يوسف سنڌي، سنڌي علم ادب جو باڪمال ڪردار آهي.
ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ۾ محمد هاشم ميمڻ جي گهر ۾ اک کوليندڙ محمد يوسف ميمڻ هاڻي سنڌ ته ڇا پر ملڪ ۽ هند ۾ به پنهنجي ادبي خدمتن سبب يوسف سنڌيءَ جي نالي سان مشهور آهي.
يوسف سنڌي لڳ ڀڳ 1979،80 ۾ ٻاراڻين لکڻين ذريعي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو بعد ۾ سندس سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم ۽ پبلشر طور ٿي هن پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي ”عظيم سوکڙي“ 1979ع ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي “گل ڦل” ۾ ڇپيل ڏٺي ته ان هن جي اندر ۾ وڌيڪ لکڻ جو جذبو جاڳايو ۽ يوسف سنڌي جي اندر ۾ لڪيل ليکڪ جاڳي پيو.1982ع ۾ هن مئٽرڪ پڙهڻ دوران پنهنجي هم ڪلاسي دوستن سان ”هوشو پبليڪيشن“ قائم ڪري ٻارن جو هڪ ڪتاب ”هوشوءَ سندي هام“ مرتب ڪيو. 1984ع ۾ ڪجهه دوستن سان گڏجي وري ”شيرازي پبليڪيشن“ قائم ڪري ”جي هانءُ نه هارين“ نالي پرچو شايع ڪيو. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دڙو پاران ڪتابي سلسلي جا ٻه ڪتاب ”تون تون، مان مان“ ۽ ”امن جي تلاش“ شايع ڪيا، بعد ۾ ’سنجها‘ نالي ادبي مخزن جا چار پرچا شايع ڪيا. يوسف سنڌي جو هڪ سولو پلي ”سونهن وڃايم سومرا“ جي نالي سان ڪي ٽي اين تان ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪو آهي. روزانه هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ”ڏات“ جو 3 جولاءِ 2002ع کان 14 سيپٽمبر 2004ع تائين انچارج رهيو. ٻه سال 2003،4ع روزانه هلال پاڪستان جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ جو انچارج رهيو. ماهوار ادب جا ٻه خاص نمبر مارچ 1996ع ۽ آڪٽوبر 1997ع ۾ بطور ايڊيٽر مرتب ڪيا.91-1990ع ۾ عبرت گروپ جي ماهوار رسالي ”هزار داستان جو ايڊيٽر رهيو. 2006ع کان سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان پرچي ”سنگت“ جو ايڊيٽر رهيو.
يوسف سنڌي هڪ وڏي مقابلي کانپوءِ 27 اپريل 2008ع تي سندس مقابلي ۾ بيٺل تاج جويي کي هارائي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو، 1991ع ۾ ضلعي ٺٽي جو رابطه سيڪريٽري رهيو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي آئين ڪميٽي جو ميمبر ۽ 1996ع ۾ مرڪزي چونڊ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. يوسف سنڌي ادب جي خدمت سان گڏ سماجي خدمتن لاءِ اسٿان لطيف سماجي تنظيم ”الست“ ۽ پيغام ڊولپمينٽ سوسائٽي جو فائونڊر ميمبر ۽ صدر رهيو ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي انسان دوستي واري جذبي سان سرشار ٿيو.
يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ پبلشرن جي کوٽ کي محسوس ڪندي سچائي اشاعت گهر دڙو جو بنياد رکي هيستائين 100 شاهڪار ڪتاب سنڌي ادب کي ڏٺي چڪو آهي. 2006ع کان 2010ع تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعتي شعبي جي انچارج جي حيثيت ۾ 30 ڪتاب شايع ڪرايا، جڏهن ته يوسف سنڌي جا لِکيل ۽ ترجمو ڪيل لڳ ڀڳ 50 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي.
يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن جو محور انسان دوستي، ترقي پسند سوچ رهي آهي، جنهن ڪري ترجمي توڙي ڇپائيءَ ۾ يوسف هميشه اهو خيال رکيو آهي، نه ته پبلشر پئسي خاطر مذهبي توڙي لساني انتها پسنديءَ جهڙا ڪتاب ڇپائي نفرت پکيڙڻ ۾ ويرم نه ٿا ڪن، پر يوسف سنڌي ان سلسلي ۾ با اصول ليکڪ، مترجم ۽ پبلشر رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍي هوندي کان ئي کيس ترقي پسند سوچ جا سياسي ساٿي مليا، جنهن سبب هن جي ذهن ۽ سوچ جي اُڏار سدائين ترقي پسند رهي آهي. جيڪا سندس لکڻين مان به جهلڪي ٿي. سندس ادبي ڪردار تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ان ڪري پاڻ سندس مختصر ادبي خاڪو پيش ڪري سگهيا آهيون، جيڪو ساڻس انصاف ته نه آهي، پر ساڻس انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته يوسف سنڌي سنڌي ادب جو اهڙو ته متحرڪ شخص آهي جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو علم ۽ ادب جي خدمت ۾ ئي گذريو آهي ۽ هن وقت جڏهن يوسف سنڌي کي ڏسجي ٿو ته ڏينهن ۽ رات کي گڏائي هن جو ڪوئي اهڙو وقت هوندو جيڪو هو علمي ۽ ادبي سرگرمين کان پري رهندو هوندو. يوسف سنڌي ٻڌايو ته هن ڪڏهن به ان لالچ ۾ اچي ناهي لکيو ته کيس پنهنجي لکڻيءَ تي ايوارڊ ملندو يا پئسا ڪمائيندو، پر ان باوجود به سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 2011ع ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ ۽ 2012ع ۾ ”هل ته دهلي گهمون“ سفرنامي تي ايوارڊ ڏنو. هو ٻڌائي ٿو ته هن کي پڙهندڙن وٽان ملندڙ موٽ ئي هن لاءِ وڏو اعزاز آهي. يوسف ٻڌائي ٿو ته هن کي پنهنجي جنهن ڪم تي سڀ کان وڌيڪ خوشي ۽ دلي اطمينان ملندو آهي، اهو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل هجڻ دوران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم“ هلائڻ تي آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت به مجبور ٿي ”سنڌي ٻولي ڪميٽي“ ٺاهي مرڪزي سرڪار کي سفارشون موڪليون. هن ٻڌايو ته هو سنگت جو پرچو اڄ به ريگيولر ڪڍي رهيو آهي ۽ ان جا 13 نوان پرچا ۽ 20 ڪتاب پبلش ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته هن عهديدار هجڻ دوران ملڪ جي ٻين ادبي تنظيمن سان رابطه وڌايا، جنهن سبب ٻولي جو مسئلو ملڪي سطح تائين کڄي ويو. هن ٻڌايو ته هن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ 10 لک رپيا فنڊ گڏ ڪري نئين باڊي جي حوالي ڪيو، جنهن مان ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي ڪوششن سان سنگت جي آفيس ٺهي. هن ٻڌايو ته هن پنهنجي زندگي ۾ هندوستان، ايران ۽ سعودي عرب جا سفر ڪيا ۽ انهن جا سفرناما لکي نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن کي انهن ملڪن بابت ڄاڻ ڏني. هن ٻڌايو ته سندس آتم ڪهاڻي جو پهريون ڀاڱو ”اقرار به انڪار به“ اچڻ وارو آهي. جڏهن ته هندستان ۾ مشهور گائيڪ ”جگجيت سنگهه“ سان ملاقات زندگي جي يادگار ملاقات هئي.
يوسف سنڌي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ادبي سڏ تي پهچي، وڃي ٿو، جيڪو سندس سنڌي ادب ۽ ٻولي سان ڪمٽمينٽ ۽ پيار ئي آهي، نه لطيف وانگر هوند ”ڪير ڪري هيڏا پنڌ پهاڙ جا“. يوسف سنڌي اڄ به جواني جي دور وانگر سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ هو سنڌي ادب جو هڪ متحرڪ ڪردار آهي.

سنگت ۽ يوسف سنڌيءَ جي قيادت

سنگت ۽ يوسف سنڌيءَ جي قيادت

نذير احمد ڪهوٽ

سنڌي ادبي سنگت، منهنجي ڀاءُ ۽ دوست يوسف سنڌيءَ جي قيادت ۾ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم“ هلائي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اها تنظيم پنهنجي مثالي ڪردار جي ڪري سنڌ جي هر حلقي ۾ وڏي احترام جي نظرن سان ڏٺي وڃي ٿي. ۽ سنڌي عوام ۾ به مقبوليت رکي ٿي. نظرياتي حوالي سان پنهنجي بولڊ اسٽئنڊ جي ڪري نه رڳو سنڌ جي عوام ۾، پر سڄي ملڪ جي ادبي حلقن ۾ انتهائي احترام جي نظر سان ڏٺي وڃي ٿي. ڪانفرنسون، سيمينار، مذاڪر، ايوارڊ، سڀ اُن جي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ شامل آهن. سنگت جا ميمبر هر شھر ۽ ڳوٺ ۾ موجود آهن اِها ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم آهي. سنڌ جي حقن لاءِ ۽ مسئلن جي حل لاءِ اُڀرندڙ/ ٿيندڙ سڀني تحريڪن ۾ ادبي سنگت جي هر ڪم ۾ پنهنجي ڌرتي سان ڪمٽ منٽ موجود آهي ڪردار مثالي رهيو آهي.
يوسف سنڌي جي قيادت ۾، سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ اهو حيرت ۾ وجهندڙ منظر به ڏسڻ ۾ آيو ته مون جهڙي ناچيز پنجابي ليکڪ کي پنهنجي انتهائي اهم ڪانفرنس ۾ سڏي اسٽيج تي ويهاري نه رڳو عزت افزائي ڪئي ويئي، پر جنهن جون ڳالهيون به وڏي صبر ۽ غور سان ٻڌيون ويون. پنجاب جي عوام، اديبن دانشورن ڏانهن محبت ۽ خير سگاليءَ جو هٿ وڌايو، جڏهن اهي خبرون پنجاب جي ليکڪن ۽ دانشورن ۽ عام ماڻهن تائين پهتيون ته هُنن اِن محبت ، ان جذبي ۽ پنهنجائپ جو دل سان قدر ڪيو، ۽ پنهنجائپ جي ان بي ساخته اظهارتي پنجاب جا دانشور ۽ ليکڪ، ان پنهنجائپ جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي دانشور، اديبن ۽ سنڌي ڀائرن جا ٿورائتا ٿيا. ٻي پاسي به اهڙو ئي جذبو عوامي ۽ سطح تي موجود آهي. ته سنڌ ۽ پنجاب جا ڪجهه ڏک ساڳيا آهن، جن جو ادارڪ رڳو ٻنهي طرفن جا اديب ۽ دانشور ئي رکن ٿا ته ڊائيلاگ جي ذريعي ئي هڪٻئي جا مسئلا سمجهڻ ويجهو اچڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو بهترين رستو آهي.
]نذير احمد ڪهوٽ جي مقالي ”سنڌ مزاحمت ڪا وطن“ تان ترجمو، لاهور 10 مئي -2010ع[

ديو مالائي ڪردار يوسف سنڌي

ديو مالائي ڪردار يوسف سنڌي

منصور قادر جوڻيجو

ڪنهن ماڻهوءَ تي لکڻ ڏاڍو سولو آهي، پر ان جي شخصيت سان انصاف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان جو دوست يوسف سنڌي ڪنهن ديو مالائي ڪردار وانگر پراسرار لڳندو آهي. ڏسڻ ۾ ملهه، لکڻ ۾ اديب، ڳالهائڻ ۾ استاد، سوچڻ ۾ “دي پرنس” وارو ميڪاويلي، عمل ۾ جفاڪش ۽ محنتي، حڪمت عملي ٺاهڻ جو ماهر لڳندو آهي. پر سندس سڀ کان وڏي بدقسمتي ۽ بد بختي اها آهي ته هو سنڌ ۾ پيدا ٿي پيو ۽ سو به سنڌي ٿي پيدا ٿيو ۽ وري سنڌيءَ وارو پُڇ به پنهجي نالي سان پٺيان ڳنڍي ڇڏيائين. سندس جاگرافي ڪنهن سنڌي ملهه وانگر آهي، پر فطرتن به ملاکڙي پسند آهي.
ساڻس منهنجو لاڳاپو هڪ دوست ۽ هڪ اديب جي حيثيت ۾ رهندو آيو آهي. مان يوسف سنڌيءَ جي معاملي ۾ سدائين مونجهاري جو شڪار ناهيان رهيو. مون هن کي نه صرف يارن جو يار، پر دشمنن جو به دوست محسوس ڪيو آهي. مون وانگر هن ويچاري جن سان به وفائون ڪيون، موٽ ۾دغائون نصيب ٿيس.
زندگي سکڻ ۽ سيکارڻ جو تجربيگاهه رهي آهي. پر انهن ماڻهن جيترا اسانجي زندگيءَ تي تجربا ڪيا آهن، شايد ڪنهن ٻئي سان اهڙا حادثا ۽ واقعا پيش آيا هجن. سچ پچ ته يوسف سنڌي مونکي هڪ پورهيت، سياسي، ادبي، ۽ سماجي ڪارڪن لڳندو آهي، نهايت صاف سٿري سوچ رکندڙ ڀاسندو آهي. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته هو پنهنجي سمورن سياسي، ادبي ۽ سماجي مخالفن کي وڌيڪ سچو ۽ جمهوريت پسند رهيو آهي. مون ڪڏهن ڪنهن کي دعا ته ناهي ڪئي، پر هڪ ننڍڙي دعا ته شل خدا کيس سچ جي واٽ تي هلڻ جي همت ڏئيس.
] ماهوار ادب، نومبر 2002ع[

سنڌ جو يوسف سنڌي

سنڌ جو يوسف سنڌي

مور ساگر

شاهه لطيف روڊ بدين تي قائم پنھنجي ’ساگر پريس‘ تي ويٺي ’سوجهرو مئگزين‘ پڙهي رهيو هئس، پياري دوست نواز کٽي سان گڏ هِڪڙو همراهه گڏيو آيو جيڪو مونکي بدين جو نه پيو لڳي، هن جي شخصيت به متاثر ڪُن لڳي رهي هئي. نواز کٽي سلام ورائي هٿ ملائيندي تعارف ڪرايو، ’هي يوسف سنڌي آهي‘، يوسف سان منھنجو تعارف ڪرائيندي ’هي نوجوان شاعر مور ساگر آهي.‘
پياري دوست نواز ٻُڌايو ته ’يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي سيڪريٽري جنرل جي عھدي لاءِ اميدوار آهي ۽ ووٽ جي سلسلي ۾ آيو آهي، مون ته ساڻس واعدو ڪيو آهي، باقي اڳيان تلھار ۾ آصف جمالي آهي ۽ ماتلي ۾ مقبول ’مارو‘ آهي، سو هاڻي يوسف سنڌي تنھنجي حوالي، تون هِن کي آصف جمالي ۽ مقبول ’مارو‘ سان ملاقات ڪرائجان‘. (منھنجي رهائش ماتلي ۾ هئي ۽ آءٌ روزانو ماتلي کان بدين ايندو ويندو هئس). اسان ٽنھي جي ڪچھري جو موضوع، ادب ۽ ادبي سنگت هئي، انھن ئي موضوعن تي خوب ڳالھايوسين ۽ مونکي تمام گهڻي خوشي به ٿي رهي هئي. يوسف سنڌي جنھن جا ڪِتاب اسان پڙهندا آهيون، سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، جيڪو اڄ مون سان گڏ ڪچھري ڪري رهيو آهي، ان ڳالھه جي خوشي ٿي رهي آهي. اهو 1998ع جو دﺂر هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو نواز کٽي سيڪريٽري هو ۽ آءٌ ڪائونسلر هئس، اسان ٻنھي جو ووٽ هو.
يوسف سنڌي سان منھنجي اِها پھرين ملاقات هئي، اسان ٽيئي ڪچھري ڪري اُٿياسين، نواز به اسان سان بس اڏي تائين گڏ آيو، پوءِ يوسف سنڌي ۽ آءٌ تلھار پھتاسين ته يوسف چيو آصف منھنجو ويجهو دوست آهي، اُن وٽ هلڻ جي ضرورت ناهي، پاڻ مقبول ماروءَ ڏانھن ٿا هلون، پوءِ تلھار ڪِراس ڪري سِڌو اچي ماتلي مقبول ماروءَ جي اسپتال اڳيان لٿاسين. مقبول ’مارو‘ به پنھنجي اسپتال تي موجود هو، اُن سان ڪچھري ٿي حال احوال ٿيو ۽ يوسف ٻُڌايو ته آءٌ ووٽ جي لاءِ آيو آهيان، مقبول ’مارو‘ به يوسف سان واعدو ڪيو ووٽ ڏيڻ جو. پوءِ يوسف موڪلائي روانو ٿيو دڙي لاءِ ۽ آءٌ آيس پنھنجي گهر. ايئن منھنجي يوسف سنڌي سان پھرين ملاقات ٿي هئي.
اُن اليڪشن ۾ اليڪشن هلڻ دوران ئي تاج جويو گروپ وارن ڌانڌلي ڪري يوسف سنڌي کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ يوسف سنڌي اُتي ئي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اُن ڌانڌلي جو آءٌ پُڻ اُن ڪري گواهه آهيان ته اُن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو آءٌ ڪائونسلر هئس، پر منھنجي جاءِ تي تاج جويو ۽ جمن احمداڻي جيڪو اُن وقت رابطه سيڪريٽري ضلع بدين هو، اُنھن ٻنھي پنھنجي ماڻھو ظفر خاصخيلي جو نالو لکي ڇڏيو هو، اها خبر مونکي اُن ڏينھن اليڪشن دوران ئي پئي، جڏهن ظفر کان مون پُڇيو ته تون هِتي ڪيئن! اليڪشن ڏسڻ آيو آهين؟ ظفر مونکي ٻُڌايو ته شاخ بدين جو آءٌ ڪائونسلر آهيان ۽ ووٽ ڏيڻ آيو آهيان، ته اُن وقت ظفر خاصخيلي، جمن احمداڻي ۽ منھنجي وچ ۾ به تلخ ڪلامي ٿي هئي، جمن کي چيم ڪھڙي حِساب سان تون هِن کي ووٽ ڪرائيندي، ووٽ ڪرائي ته ڏِسان ۽ ساڳي نموني ظفر کي به چيم ووٽ ڪندس ته آءٌ ڪندس، نه ته تون به نه ڪندي، جهيڙو ته جهيڙو ئي ڪار، ظفر مونکي ووٽر لسٽ ڏيکاريندي چيو ته جڏهن هِتي نالو ئي منھنجو لِکيل آهي ته تون ڪيئن ووٽ ڪندين، چيم ڀلي شاخ کي سڏ ٿئي ته پوءِ ٻُڌائيندس ته آءٌ ڪيئن ٿو ووٽ ڪريان. پر پوءِ اليڪشن جو ئي بائيڪاٽ ٿي ويو ۽ اسان جي ووٽ وارو معاملو به ختم ٿي ويو.
2001ع ۾ جڏهن آءٌ بدين کي ڇڏي حيدرآباد اچي پنھنجي ڀاءُ منظور احمد سان گڏ ڪمپوزنگ سينٽر تي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪيم، اُن دوران يوسف سنڌي سان ٽيون ڀيرو ملاقات ٿي، چانھه پيتي ڪچھري ڪئيسن، پوءِ يوسف چيو ته مور ساگر منھنجو حيدرآباد هفتي ۾ هِڪ ٻه چڪر اچڻ ٿيندو آهي، منھنجا ڪِتاب ڪمپوزنگ ۾ هلندڙ هوندا آهن، هاڻي جڏهن ايندس ته هِڪ ڪِتاب تولاءِ به کڻيو ايندس، ايئن پوءِ آهستي آهستي يوسف سنڌي پنھنجي ڪِتابن جو سمورو ڪم مون ڏانھن منتقل ڪيو، جيڪو 2021ع (اڄ تائين) ساڳين نموني هلندو رهيو آهي.
يوسف سنڌيءَ کي مون سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار ئي ڏِٺو/سمجهو آهي، جنھن جو ڪم ڪيترن ئي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻي پاڻ کي سنڌي ادب جا ڊاڪٽر سڏائيندڙن کان تمام گهڻو آهي. هن جو تخليقي ڪم هجي يا ترجمو هجي، پر معيار کي برقرار رکيو اچي، يوسف سنڌي جو اهڙو مونکي ته ڪو به ڪِتاب پڙهڻ لاءِ ناهي مِليو، جنھِن کي پڙهي چئجي ته اجايو وقت وڃايو. هِن جيڪو ڪجهه سنڌي ادب کي مواد ڏِنو آهي، تخليق جي صورت ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ ڪارائتو مواد ئي ڏِنو آهي، جنھن کي پڙهي پڙهندڙ کي لاڀ ضرور مِلندو.
يوسف سنڌيءَ کي پنھنجي ڪيل ڪم جي حِساب سان اسان موٽ ناهي ڏِني، (منھنجي پنھنجي راءِ آهي)، هِن نه صرف سنڌي ادب، سنڌي ٻولي کِي ڪارائتا ڪِتاب ڏِنا آهن پر هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪيل ڪم، اوهان سنڌي ادبي سنگت جو سمورو رڪارڊ چيڪ ڪريو، يوسف سنڌيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي دﺂر ۾ جيترا سنڌي ادبي سنگت طرفان پروگرام ڪيا ويا، جيترا سنڌي ادبي سنگت جي اشاعتي اداري پاران ڪِتاب ڇپايا ويا يا جيترا سنگت جا پرچا شايع ڪيا ويا، ٻي ڪنھن به سيڪريٽري جنرل جي دﺂر ۾ نه ٿيا آهن. هِن ۾ هڪ لفظ جو به وڌاءُ ناهي، ثبوت طور سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ موجود آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريڻ لاءِ هِن پورو مھينو ٻوليءَ تي سيمينار ڪرايا، ۽ هڪ لک ڪارڊ ڇپرائي سڀني شاخن جي سيڪريٽرين طرفان پاڪستان جي تڏهوڪي صدر آصف زرداري ڏانھن پوسٽ ڪيا ويا ۽ اسٽيڪر ڇپرائي گاڏين تي، ۽ خاص پبلڪ جڳهين تي هنيا ويا، جنھن جو آءٌ نه صرف شاهد آهيان، پر ڪجهه حِصو پرنٽنگ جي حوالي سان مون به مِلايو هو، جنھن جي عيوض مونکي ٻوليءَ جي خدمت طور سنڌي ادبي سنگت طرفان هڪ نشان (ايوارڊ) پڻ ڏِنو ويو هو. اهڙي نموني آءٌ دوستن کي چوندو آهيان ته يوسف سنڌي جو دﺂر ئي سنڌي ادبي سنگت جو سنھري دﺂر هو، ٻي اهم ڳالھه ته يوسف سنڌي جي ئي دﺂر ۾ سنڌي ادبي سنگت کي مرڪزي آفيس به مھيا ٿي. جيڪا اڳ ۾ڪڏهن به نه هئي. ايترن سارن ڪمن ۽ خدمتن عيوض اسان هِن کي ڇا ڏِنو آهي مڃتا طور؟!
يوسف سنڌي گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، هي پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل به آهي، پر اُن ۾ اڳتي وڌڻ جو شوق هِن کي ناهي، کوڙ ڀيرا چيومانس ته ايم اي سنڌي ڪري، ليڪچراري جو امتحان ڏي يا پي ايڇ ڊي ڪر، هن جو چوڻ آهي ته منھنجو ڪم پي ايڇ ڊي وارن کان گهڻو آهي، مونکي ڪم ڪرڻو آهي، ڊگرين ۽ پوسٽن جي لوڙ ناهي رهي، زندگي جو ڪھڙو ڀروسو، جيترو وقت آهيان ۽ جيترو ڪم ڪري سگهان ٿو ڪم ڪريان. انھي جواب ٻُڌڻ کانپوءِ لاجواب ٿي ويندو آهيان ۽ گُفتگو جو موضوع مٽائي ڇڏيندو آهيان.
يوسف سنڌيءَ کي ته شايد اِن ڳالھه جي ضرورت به نه هجي، ڇو ته جنھن جو مقصد قوم کي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي وڃڻ هجي ته اُهو ماڻھو پُٺ تي لوڻو ڦيري ناهي ڏِسندو، هو اڳتي ئي وڌندو رهندو آهي. شال سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙا اڻ ڳڻيا ڪِردار مِلندا رهن. شال منھنجي سنڌڙي آباد رهي.
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
(شاهه)

بي لوث شخص

بي لوث شخص

گل ڪونڌر

يوسف سنڌي، سنڌي ادب جو اهو جاکوڙي شخص آهي جنهن تخليق ۽ ترجمي جي ذريعي سنڌي پڙهندڙن کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. يوسف سنڌيءَ ادب جي ڪنهن هڪ صنف جي چونڊ ڪرڻ بجاءِ، جڏهن جنهن صنف جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هونءَ به اڄ جي جديد دؤر ۾ هر تخليقڪار کي هڪ پاسائين بجاءِ گهڻ پاسائون هئڻ گهرجي. يوسف سنڌي جتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا جو هڪ سٺو نالو آهي، اتي ئي سندس ڪيل ترجما به سنڌي پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن.
يوسف سنڌيءَ وٽ رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ جو فن، جنهن ۾ پڙهندڙن جي خواهشن، پسند ۽ ناپسند کي سامهون رکڻو پوندو آهي. بهتر انداز ۾ موجود رهيو آهي.
يوسف هڪ پبلشر جي حيثيت ۾ به ڪتاب پڙهندڙن جي دلچسپين کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ ان کي نظر ۾ رکندي هو سچائي اشاعت گهر دڙ جي طرفان ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي.
يوسف سنڌيءَ جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي به انتهائي درجي تائين رهي آهي. جنهن سان ڀرپور انداز ۾ نڀائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي ۽ سنگت جي ڪار وهنوار کي جديد دؤر جي تقاضائن مطابق هلائڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙيندو رهيو آهي. مطلب ته يوسف سنڌيءَ جو شمار به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ جهيڙيندڙ انهن شخصن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي ڪنهن به لالچ ۽ لوڀ کانسواءِ، نيڪ مقصد جي منزل ڏانهن گامزن آهن.
] ماهوار ادب- نومبر 2002ع تان ورتل.[

يوسف سنڌيءَ سان پهرين ملاقات

يوسف سنڌيءَ سان پهرين ملاقات

ميان مير چانڊيو

سنڌو درياءَ جي پيڃاري واهه جي ڪنڌيءَ واري شهر ”دڙي“ جي رهواسي يوسف سنڌي جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ان جون پڙهائي دوران ڪهڙيون سرگرميون هيون، ان جي ته خبر ناهي، ليڪن جڏهن هن جوانيءَ ۾ پير پاتو ته هن جو لاڙو ادب ڏانهن ٿي ويو. هُو جرمن ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڪافڪا جيان سنڌي ادب جي پاڇي ۾ رهيو. جنهن ڪري هيستائين ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي. گهنڊيدار وارن واري اديب يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ته سنڌي ادبي سنگت جي ڪنهن پروگرام ۾ ٿي هئي. اهو ياد ناهي رهيو، ليڪن ساڻس ٻي ملاقات دڙي شهر ۾ ٿي هئي. جتي عبدالغفور الستيءَ سان شام ملهائي پئي ويئي. هوائن جي ان شهر ۾ اُتر رُت جون هوائون ويتر تيز ٿي ويون هيون. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ ان خوابن جهڙي رات آءٌ سندس ئي مهمان هوس، اسان تيستائين ڪچهري ڪئي، جيستائين ڪَتين ڪَرَ موڙيا هئا!
پاڻ ٻڌايو هئائين ته آءٌ ميمڻ خاندان جي غريب گهراڻي ۾ ڄايس، سندس پي محمد هاشم محنت مزدوري ڪري، سندس عيال جو پيٽ پاليندو هو. يوسف سنڌي جي مک تي مُرڪ ته سدائين رهندي آهي، پر جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته ايئن ڀاسندو آهي ته ڄڻ ڪچي ڪانهن کي باهه لڳل آهي!
ديو جهڙي قدقامت رکندڙ يوسف سنڌي جي شخصيت سان چند جملن جي تحرير ۾ انصاف ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته مشڪل آهي.
ڀل ڪجهه دوستن کي ساڻس شڪايتون ئي هجن، ليڪن ان حقيقت کي مڃڻو ئي پوندو ته سنڌ جو هي کاهوڙي اديب وڏو جفاڪش ۽ رلڻو ملڻو آهي. پاڻ هيستائين ٽيهن جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکي چڪو آهي. جنهن ۾ اڪثريت ترجمن جي آهي، سچائي اشاعت گهر به سندس ئي ڪوشش سان قائم ٿيل آهي. جنهن ۾ هيستائين نون ۽ پراڻن اديبن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
يوسف سنڌي، فقط هڪ اديب جي حيثيت ۾ لکڻ جو ڪم ڪيو آهي. ليڪن ان سان گڏ هو سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي. ۽ اها به حقيقت آهي ته سندس ئي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت هڪ مضبوط اداري جي حيثيت ۾ سامهون آئي. يوسف سنڌي جيستائين حيدرآباد لڏي نه ويو هو، تيستائين رولاڪ هو. ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم هجي يا وري سنڌي ادبي سنگت جا مشاعرا يا ڪهاڻي ويهڪون هجن، يوسف هر جاءِ ملندو هو، حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ لاڙ جي ساحلي شهرن ڏانهن منهن به نه ٿو ڪري! حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ شايد سندس مصروفتين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.هاڻي حيدرآباد ۾ جڏهن به ڏٺومانس ته اُهائي بُت باڊي، اهائي مُرڪ اُهوئي ٽيلو! چيومانس يوسف اڃان ته لٿو ئي ناهين، جيتوڻيڪ اڌ صدي جو ٿي ويو آهين؟ بنان ڪنهن جواب جي وڏو ٽهڪ ڏيئي ڇڏيائين، يوسف لاءِ اها دعا آهي ته شال وطن ۽ ٻولي جي واڌاري لاءِ ويتر ڪوششون ڪندو رهي! لکندو رهي، کلندو رهي!

ڏاهپ ڏاهپ ڏنگ

ڏاهپ ڏاهپ ڏنگ

منير سولنگي

هيءَ سنڌ، اسان جي سنڌ، سونهن، خوشبو ۽ پيار جي ڌرتي آهي، سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي عالم، فاضل، عارف، ولي ۽ صوفي پيدا ڪيا آهن. ڀٽائيءَ کان وٺي سچل تائين، سچل کان وٺي شيخ اياز تائين، اياز کان وٺي هن وقت جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تائين، جو سفر جاري آهي. هڪ ڏاهي جو قول آهي ته ”جڏهن ڪا به قوم ذهني غلام بڻجي ويندي آهي ته انهيءَ قوم جو هر ٽيون ماڻهو شاعر بڻجي ويندو آهي.“ اسان سڀ هڪ غلام قوم جا شاعر آهيون.
اسان سڀ ڏر ۽ ڏهڪاءُ هيٺ پنهنجو جيون بسر ڪري رهيا آهيون، هاڻي ته اسان ۾ امن، آجپي ۽ آشتيءَ لاءِ ويڙهه وڙهڻ جي سگهه به ڪانهي. جيڪو جهنڊو ڀٽائي سرڪار ظالمن، جابرن ۽ دهشتگردن جي خلاف کنيو هو، انهيءَ جهنڊي جو سفر شاهه عنايت شهيد کان وٺي سچل تائين پهتو ۽ سچل کان ٿيندو شيخ اياز، ۽ اسان سڀني تائين پهتو آهي. جيستائين هن سنڌ ڌرتيءَ تي ڏاڍ ۽ ڏمر جا راڪاس لامارا ڏيندا رهندا، تيستائين انهيءَ علم جو سفر جاري رهندو. اسان کي امن ۽ آجپي جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ جوش، ولولو ۽ سگهه پيدا ڪرڻي پوندي. حُسين ۽ يزيد جي جنگ به اڄ اوج تي آهي. نيڪيءَ ۽ بديءَ جو جهيڙو هلندو رهي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ ڪڏهن به پاڻ ۾ ٺهيا ناهن. اسان سڀني قلمڪارن کي اهڙي ويڙهه ۾ شامل ٿيڻو پوندو.
ادل سومرو چواڻي ته ”اسان سڀ هڪ ئي قافلي جا مسافر آهيون. انهيءَ ۾ ڪي اڳيان آهن ۽ ڪي پٺيان. اسان سڀني جا چهرا سفر جي مٽيءَ ۾ لٽجي هڪجهڙا ٿي پيا آهن. اسان جي قدمن جي چال ڌار ڌار سهي، پر اسان جي منزل هڪ آهي.“
سيد حسام الدين راشديءَ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته ”اديب، اهل قلم ۽ فنڪار ڪنهن هڪ خطي ۽ شهر جي ملڪيت نه هوندا آهن. اهي جيئن ته سڏائين لاڙڪاڻوي يا شڪاپوري ٿا، پر هوندا ملڪيت سڄي ملڪ جي آهن. ورثو سڄي قوم جو آهي ۽ رهن ڪٿي به، ڀائر ڪنهن جا به هجن.“ انهيءَ ادبي قافلي جو هڪ مسافر ۽ سڄي قوم جو گڏيل ورثو يوسف سنڌي به آهي. جيڪو هن لکڻي جو اصل وشئه آهي.
يوسف سنڌي وات ۾ سونا چمچا وجهي نه پليو آهي. هو هڪ پورهيت ڪڙميءَ جو ٻار آهي. سندس والد محمد هاشم لُنڊيون لتاڙي، گرميون، سرديون سهي، پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي عيال کي خدا جي حوالي ڪري، پاڻ ان ڪارساز حقيقيءَ جي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو. جتان ڪو واپس ڪو نه وريو آهي.
يوسف سنڌي پهرين آڪٽوبر 1964ع تي جنم ورتو. ڪنهن زماني ۾ سندس جنم ڀومي دڙي کي ”گيهه جو گهڙو“ به چيو ويندو هو. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سمي دڙي ۾ گيهه جي پيداوار گهڻي ٿيندي هجي. هن شهر ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي، جيڪو 1888ع ۾ قائم ٿيو. هتي هڪ تاريخي مسجد ۽ هڪ بزرگ جي مزار ۽ وهندڙ پيڃاري واهه ڏسڻ وٽان آهي.
ٽي ايس ايلئٽ جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دؤر جو نئون ادب زندهه نه هوندو ته اسان پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان ڇڄي ڌار ٿي وينداسون.“
يوسف سنڌي به نئين زندهه ادب جو سگهارو ليکڪ آهي. هن وٽ ماضي جو ادب به آڏو آهي. هن وٽ نيون سوچون ۽ نوان سلسلا ۽ موضوع آهن. هن ڪنهن جاگيرداري اديب وانگر صوفاسيٽ يا کٽ تي وهاڻو پيٽ هيٺان ڏئي اونڌو ٿي ادب ڪونه سرجيو آهي.
يوسف سنڌيءَ پاڻ کي دانشورن ۾ شمار نه ڪيو آهي. هو اڄ به پاڻ کي ڄَٽ ڪوٺيندو آهي. يوسفءَ سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيل آهن ۽ پاڻ لکيا به اٿس. ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن:
1. گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟ 2. بغاوت 3. ڏوهاري 4. شهيد جي ماءُ 5. ڌرتيءَ جو قرض 6. جنين لڱ لوهه لڱن ۾ 7. سدا سرها گل 8. ڏوهاري 9. چيني انقلاب جو ڪهاڻيون/ترجمو 10. جيڪي منجهه جهان 11. پاڪستان ۾ قومي مسئلو 12. بُک، عشق ۽ آزادي 13. منهنجي زندگي ۽ جدوجهد (غفار خان جي آتم ڪٿا)، 14. چي گويرا جي ڊائري 15. ڏونگر ڏک ڏٺام وغيره.
يوسف سنڌي وٽ هڪ بهترين ڪتب خانو آهي، جنهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، پنجابي، سرائڪي، هندي، نيپالي، بلوچي، پشتو ۽ فارسي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. سندس ڪتب خاني ۾ پنج هزار کن ڪتاب آهن. جنهن ۾ ڪتابن کان سواءِ رسالا، ناياب تصويرون به آهن. يوسف سنڌي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي رسالي ’گُل ڦُل‘ کان ڪئي.
يوسف سنڌيءَ کي ادب جي راهه ۾ نقصان به پيو آهي. دوستن هن کي ڏٽا ڏنا ته ’شيرازي پبليڪيشن‘ قائم ڪري هڪ ڪتاب ڇپايو وڃي. انهن دوستن سمورو بار هن يار تي رکيو، ’جي هانءُ نه هارين‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپجي تيار ٿيو. پئي جو خبر لاڙڪاڻي واري نظام عباسي کي تنهن اچي ڪتاب جون سڀ ڪاپيون هڙ ۾ ٻڌيون ته هو سڀ ڪتاب وڪڻي، ڪميشن ڪاٽي باقي پئسا يوسف وارن کي ڏيندو، مگر افسوس جو يوسف اڄ تائين نظام عباسي لاڙڪاڻي واري جو منهن مبارڪ نه ڏٺو آهي. نظام عباسيءَ ڪتابن جا سڀ پئسا هضم ڪري ويو، جيئن ڪو هنداڻو هضم ڪيو هجيس. اوڳرائي ئي ڪانه ڏنائين.
يوسف سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. يوسف سنڌي سچائي اشاعت گهر دڙو جي نالي سان پبلشنگ هائوس به هلائي رهيو آهي. جيڪو ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري ڪيترن ئي نون توڙي پراڻن قلمڪارن جا ڪتاب شايع ڪيا آهن. ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا. يوسف ڪنهن زماني ۾ ”هزار داستان“ ۾ نون ۽ پراڻن ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون شايع ڪندو هو. هزار داستان کي ڏسندي ڏسندي ’سنڌ رنگ‘ ۽ ’هالار‘ ڊائجسٽ ميدان تي اچي ويا.
يوسف سنڌي صحافتي دنيا ۾ مڃيل صحافي ٿي رهيو آهي. ڪجهه وقت هو ’هلال پاڪستان‘ ۽ ’سنڌو‘ اخبار سان واڳيل رهيو. 1984ع ڌاري برسات رسالي جو سب ايڊيٽر به رهيو. هن مختصر تاثر ۾ يوسف سنڌي جهڙي ڄٽ اديب سان انصاف نه ڪري سگهيو آهيان.
پيار ملي انعام ته ٻيو ڇا گهرجي،
گڏجي گهارين شام ته ٻيو ڇا گهرجي.
]ماهوار ادب: نومبر 2002ع[

يوسف سنڌي- گهڻ پاسائين شخصيت

يوسف سنڌي- گهڻ پاسائين شخصيت

وفا صالح راڄپر

مون جڏهن ادب ۾ اڃا نئون نئون پير پاتو هو ته مون کي سڀ کان پهريائين دوستن ٻن ليکڪن کي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ تي زور ڏنو هو. هڪ خليل جبران ۽ ٻيو امر جليل. سڀ کان پهريائين مون خليل جبران جو جيڪو ڪتاب پڙهيو هو. اهو ڪتاب يوسف سنڌيءَ جو ترجمو ٿيل هو ۽ پوءِ ايئن يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون پڙهڻ جو مون کي گهڻو اشتياق ٿيو. جتي سٺي ترجمي نگار جو ذڪر نڪرندو هو ته آءٌ يوسف سنڌيءَ جو نانءُ سڀ کان اول کڻندو هوس. جيڪڏهن ڪوئي ٻيو دوست ٻئي ڪنهن ترجمي نگار جو نانءُ کڻي چوندو هو ته وفا اهو تمام سٺا ترجما ڪندو آهي ته آءٌ کائنس پُڇندو هئس ته توهان يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهيا آهن، چوندا هئا ته نه، ته پوءِ آءٌ کيس چوندو هوس ته اول يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهي ڏسو ۽ پوءِ وري ٻيهر اچي راءِ ڏجو ته سٺو ترجما نگار ڪير آهي. سچ پچ انهن جڏهن يوسف جا ڪيل ترجما ڪتابن جي صورت ۾ پڙهيا ته هو واهه واهه ڪرڻ لڳا.
ترجمو ڪرڻ ڪو ايترو آسان ڪونهي، جو هر ماڻهو ترجمو ڪري سگهي. ترجمي ڪرڻ لاءِ وسيع مطالعي ۽ وسيع ذهن جو هجڻ لازمي آهي ۽ اهي سموريون خوبيون يوسف سنڌيءَ ۾ آهن.
يوسف سنڌيءَ کي گهڻو پڙهڻ جي ڪري منهنجي يوسف سان محبت ٿي وئي هئي. آءٌ يوسف جي محبت ۾ ايترو ته گهائجي ويو هوس، جو يوسف سان ملڻ جي اُڪير ۽ تانگهه هر پل، هر گهڙي مون کي ستائيندي ۽ تڙپائيندي رهي. مون يوسف سان اڻ ڏٺو عشق ڪيو هو.
۽ پوءِ يوسف سان منهنجي پهرين ملاقات پياري منٺار سولنگيءَ جي معرفت سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ’سنڌ ڪائونسل‘ جي اجلاس ۾ ٿي هئي. اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ مون، منٺار سولنگي ۽ يوسف سنڌيءَ گڏجي سکر جي هوٽل ۾ وڃي چانهه به پيتي ۽ خوب ڪچهري به ڪئي. منهنجي ذهن ۾ يوسف لاءِ جيڪو خاڪو هو، بلڪل يوسف اهڙو ئي نڪتو. يوسف سان ملندي مون کي ايئن لڳو ته منهنجي خوابن کي ساڀيان ملي وئي هجي، يوسف سان ملندي ۽ ساڻس ڪچهري ڪندي مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته يوسف ۽ آءٌ جنمن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هجون. يوسف پهرين ئي ملاقات ۾ مون کي جيڪو پيار ڏنو هو، ان پيار کي وقت ۽ حالات جي دز به لٽي ڪونه سگهي. يوسف جي سادي طبيعت ۽ جهجهي خلوص ويتر مون کي يوسف جو ديوانو بنائي ڇڏيو. يوسف سان ڪچهري ۽ ملاقات کان پوءِ مون منٺار سولنگيءَ کي چيو ته، يار يوسف سنڌي پيارو ۽ محبتي ماڻهو آهي. يوسف مون کي پهرين نهار ۾ ئي پنهنجي سادگي ۽ پنهنجي خلوص سان موهي وڌو آهي ۽ اهڙا تمام ٿورڙا ۽ اڻ لڀ ماڻهو ٿيندا، جيڪي پهرين ملاقات ۾ ڪنهن تي پنهنجي شخصيت جي اڻ مَٽ ڇاپ ڇڏي وڃن ۽ ان کان علاوه يوسف ڪيترن ئي ڳالهين ۾ مون کي پنهنجي ويجهو ويجهو لڳو آهي.
ان ملاقات کان پوءِ ستت ئي اسانجي ٻي ملاقات مشتاق ڀرڳڙيءَ جي دڪان تي دادوءَ ۾ ٿي هئي. ان ملاقات کان پوءِ يوسف سنڌي ۽ آءٌ دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ هميشه جي لاءِ ٻڌجي وياسين ۽ يوسف اڃا تائين ان دوستيءَ جو نَباهه ڪندو پيو اچي. يوسف منهنجو پيارو بلڪ انتهائي پيارو دوست آهي ۽ آءٌ اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته مون يوسف سان دوستيءَ ۾ ڀرپور نباهه ڪيو آهي، ڪريان پيو ۽ ڪندو رهندس، يوسف جيڪو منهنجي سٺي دوست هجڻ سان گڏوگڏ تمام سٺو ليکڪ به آهي، پر آءٌ اها دعويٰ نٿو ڪري سگهان ته آءٌ يوسف جي ادبي قدبت ۽ لکڻين سان نباهه ڪري سگهندس.
يوسف سنڌي گهڻ پاسائون ماڻهو آهي، هو جيڪڏهن سٺو ترجمي نگار آهي ته ساڳي وقت تمام سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون جنهن به پڙهندڙ هڪڙو ڀيرو پڙهيون ته اهو پڙهندڙ هميشه لاءِ يوسف جي لکڻين پڙهڻ جو عادي ٿي ويندو. سندس ڪهاڻين ۾ ايترو ته گهرو اثر ۽ تاثر آهي، جو پڙهندڙ کي کن پل ۾ پاڻ ڏانهن مائل ڪري ڇڏينديون آهن. منهنجو هڪ ليکڪ دوست زاهد جاني جوڻيجو، يوسف سنڌيءَ جي ڪهاڻي ’مئل نوڙيون‘ پڙهڻ کان هر ڀيري مون کان يوسف جي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ڊمانڊ ڪندو آهي ته وفا، يوسف جي ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل اٿئي ته مونکي ڏي. يوسف سنڌي هڪ سٺي ڪهاڻيڪار کان علاوه هڪ بهترين پبلشر پڻ آهي. هن پنهنجي اشاعتي اداري طرفان کوڙ سارا نثر توڙي نظم جا معياري ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. ان کان علاوه ”سنجها“ مخزن جهڙي معياري رسالي جو اُجراء ڪيائين ٻاراڻي ادب جي حوالي سان به يوسف جو نانءُ مٿان مٿان آهي. هن ٻارن لاءِ تمام سٺيون ۽ بهترين ڪهاڻيون ’شهيد جي ماءُ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڏنيون آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جتي ذڪر نڪرندو ته ان ذڪر ۾ به يوسف جو نانءُ ضرور نڪرندو، ڇو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ يوسف جون ڪاوشون، ڪوششون ۽ محنتون شامل آهن. سچ پچ يوسف سنڌي هر حوالي سان پيار ڪندڙ شخص آهي. ادبي حوالي سان يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ موتيءَ جو داڻو آهي ۽ دوستيءَ جي حوالي سان يوسف جهڙو سچو، پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگهي.
سچ پڇو ته يوسف هر حوالي سان منهنجو پرين رهيو آهي. ادبي حوالي سان به پرين آهي، دوستيءَ جي حوالي سان به پرين آهي ۽ ادبي سنگت جي حوالي سان به. انڪري آءٌ کيس هر خط ۾ پرين يا معشوق ڪري مخاطب ٿيندو آهيان. اڪثر معشوق بي وفا ٿيندا آهن، پر هي معشوق بي وفا ڪونهي. ڪنهن کي اعتراض هجي ته آءٌ کيس هزارين دليل ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريان ٿو، يوسف بيوفا معشوق ڪونهي، شال يوسف سان ڪيل پيار هميشه برقرار رهي.
]ماهوار ادب، نومبر 2002ع[
سنڌي ادبي سنگت ۽ يوسف سنڌيءَ جا ٻه سال
سنڌي ادبي سنگت جنهن کي ٻين لفظن ۾ (س - ا - س) ۽ سنگت به چوندا آهن. انهيءَ ادبي سنگت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هيءَ ننڍي کنڊ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جو اصل قيام 47_1946ع ۾ پيو. ان ڪري هن سنگت جي پهرين سيڪريٽري جو اعزاز گوبند مالهي ڏانهن وڃي ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ پهريون سيڪريٽري گوبند مالهي ئي لکيو ويو آهي. هيءَ تنظيم نه سياسي آهي، نه سماجي آهي، نه ئي اين جي او آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن پير، وڏيري ۽ مير جي ذاتي ميراث آهي، هيءَ صرف ئي صرف شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي تنظيم آهي.
ڪن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت هاڻي نالي ۾ وڃي رهي آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو ڪارج وڃائي ويٺي آهي. ڪن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت مُئل گهوڙو آهي، اهڙين فتوائن اچڻ کانپوءِ يوسف سنڌي پنهنجو پئنل ٺاهي ميدان ۾ لٿو، پر هر ڀيري هن کي ان گروپ جي سامهون ڪاميابي نه ملي، ڇو ته اهو گروپ سنڌي ادبي سنگت تي مڪمل طور قابض هو ۽ ڪو به قبضو ٽوڙڻ ايترو سولو ناهي هوندو، پر پوءِ به يوسف سنڌيءَ همت نه هاري ۽ هر دفعي ان گروپ سان مقابلو ڪندو رهيو. 1983ع کان وٺي اهو گروپ سنڌي ادبي سنگت تي قابض رهندو پئي آيو. هو ڪڏهن پاڻ کي سيڪريٽري جنرل چونڊرائيندو هو ته ڪڏهن پنهنجا من پسند ماڻهو چونڊرائيندو رهيو. نيٺ يوسف سنڌيءَ جي ڪوشش ۽ محنتن رنگ لاٿو. 22 مئي 1992ع واري مرڪزي چونڊن ۾ سواءِ سيڪريٽري جي عهدي جي باقي ٻين ٽن عهدن تي يوسف سنڌي پئنل جا اميدوار منٺار سولنگي، غلام نبي ناشاد ۽ نعيم شيخ ڪامياب ٿيا ۽ ان کان علاوه مختلف ضلعن ۾ به ڪجهه ماڻهو يوسف سنڌي پئنل جا ضلعي رابطه سيڪريٽري طور کٽي آيا ۽ پوءِ مختلف يونٽن ۾ به يوسف سنڌيءَ پئنل جي دوستن ۾ اضافو ٿيو. يوسف سنڌيءَ جي محنت ۽ ڪوشش ايتري قدر سڦلتا ماڻي جو 19 جنوري 2006ع جي چونڊن ۾ يوسف سندس پئنل جو سيڪريٽري جنرل جو اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ٻن ساٿين ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ معشوق ڌاريجو سميت ڪامياب ٿي ويو. اهي چونڊون سنڌ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيون هيون.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پيرڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ وري 27 اپريل 2008ع تي نيون چونڊون ٿيون. جنهن ۾ تاج جويو سيڪريٽري جنرل تي عهدي تي يوسف سنڌيءَ سان مقابلي ۾ بيٺو ته هو پنهنجي ٽيم سميت يوسف سنڌي جي پينل هٿان هارائي ويو ۽ يوسف پنهنجي پئنل سميت ڪاميابي ماڻي.
يوسف سنڌيءَ پنهنجي ٻن سالن جي پيرڊ ۾ ايترو ته تيزيءَ سان ڪم ڪيو جو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ ايترو تيزيءَ سان، گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪنهن به سيڪريٽري جنرل نه ڪيو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جا هيل تائين 13 سيڪريٽري ٿي چڪا آهن ۽ 14 هون سيڪريٽري يوسف سنڌي آهي. يوسف سنڌيءَ جو ڪم ۽ ڪارڪردگي سڀني سيڪريٽرين کان سٺي ۽ بهتر رهي آهي. جيئن سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) جي پهرين سيڪريٽرين کان هجڻ جو اعزاز گوبند مالهي ڏانهن وڃي ٿو تيئن سنگت جي آفيس قائم ڪرڻ جو اعزاز يوسف سنڌيءَ ڏانهن به وڃي ٿو. جڏهن ته وقت به وقت ٻين سيڪريٽرين جو به ٿورو گهڻو سنگت جي آفيس لاءِ ڪردار رهيو به آهي، پر آفيس کي مڪمل ڪرڻ ۽ افتتاح جو ڪريڊٽ وري به يوسف سنڌي ڏانهن وڃي ٿو.(1)
يوسف سنڌيءَ پنهنجي دور ۾ سنگت جي ڀلي لاءِ ايترو ته گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آهي جو ايندڙ نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. شايد آئينده سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ يوسف سنڌيءَ جهڙو ۽ جيترو تيزيءَ سان ڪم ٻيو ڪو به سيڪريٽري جنرل نه ڪري سگهي. يوسف سنڌي پنهنجا ذاتي ڪم ڪاريون ڇڏي ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ڪمن ۾ پاڻ ارپي ڇڏيو. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان بيمار اديبن جي سهائتا لاءِ مالي مدد لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ پتوڙيو. نانء ڪنهن جا کڻي ڪنهن جا کڻان. هن يار سنڌي ادبي سنگت طرفان ٻه ماهي سنگت جا 26 معياري پرچا به شايع ڪيا. ڪي اهڙيون شاخون به هيون جيڪي (سنگت) مئگزين خريد به نه ڪنديون هيون. اهي شاخون چاهينديون هيون ته سنگت مئگزين بند ٿئي.
يوسف سنڌي ادبي سنگت طرفان مختلف اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي مختلف صنفن تي 20 ڪتاب ڇپرايا. هر هڪ يونٽ ۾ وڃي دورا ڪيا ۽ هر يونٽ ۾ وڃي چيو ته پنهنجي يونٽن کي سرگرم ڪيو يوسف سنڌيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هر شاخ ۾ نه رڳو باقائده دستوري گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، پر شاخن طرفان ننڍا وڏا پروگرام به ٿيندا رهيا. هن پنهنجي دور ۾ سنڌي اردو شاعرن کي گڏ ڪيو. ان کان علاوه ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏوگڏ شاخن ۽ ضلعي رابطه سيڪريٽرين کي بهتر ڪارڪردگيءَ تي به ايوارڊ ڏنا ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي به ايوارڊ ڏنا. ڪنهن به شاخ کي بهترين ۽ سٺي ڪم ڪرڻ تي مرڪز ايوارڊ ڏئي ته اهو ان شاخ لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي. هن نه رڳو ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا، پرڪتابن جون مهورتون پڻ ڪرايون. هن نه رڳو سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل دوستن لاءِ حيدرآباد جهڙي خوبصورت ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ شهر ۾ سنگت طرفان بهتر کان بهتر ڪم ڪري ڏيکاريو. هن سنگت طرفان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائي. آگسٽ 2008ع جو سڄو مهينو ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ مهم هلائي. ان سڄي مهيني دوران سڄي سنڌ ۾ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي سري هيٺ مختلف شهرن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻولي ڪانفرنسون ۽ ريليون ٿي گذريون، انهن ڪانفرنس ۽ ريلين ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ ان جي دفتري زبان واري حيثيت بحال ڪئي وڃي. نجي اسڪولن ۾ لازمي سنڌي پڙهائي وڃي. جاڳرتا مهم جي پهرين ڪانفرنس 2 آگسٽ تي نوشهروفيروز ۾ ٿي ۽ آخري ڪانفرنس 31 آگسٽ تي سانگهڙ ۾ ٿي. انهن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن، دانشورن، صحافين، پورهيتن، شاگردن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن شرڪت ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 28 آگسٽ تي ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ جي هال ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويي ڪئي ۽ خاص مهمانن ۾ سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر هدايت پريم، قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر اعجاز قريشي، جامي چانڊيو ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جن شاخن ٻولي ڪانفرنسون ڪرايون هيون، تن کي مرڪز پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز ۽ شاخن پاران ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘جا اسٽيڪر ڇپرائي مختلف شهرن جي جاين، دڪانن، ڀتين، بسن ۽ ٻين جڳهن تي هنيا ويا ۽ مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي چاڪنگ ڪئي وئي.
ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٻي مرحلي ۾ مرڪز پاران هزارين ڪارڊ ڇپرائي سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کان ڀرائي صدر پاڪستان ڏانهن پوسٽ ڪيا ويا. يوسف سنڌيءَ جو دور سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ سونهري دور لکيو ۽ چيو ويندو.
يوسف سنڌي پئنل جي دوستن جنوري 2007ع تي ڪراچي واري سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ آئين ۾ ترميم ڪري عورت جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو به رکيو. جنهن تي سڀني دوستن جي گڏريل راءِ سان 27 اپريل 2008ع تي ٿيل مرڪزي چونڊن ۾ عمل ٿيو ۽ پوءِ عورت جوائنٽ سيڪريٽري زيب نظاماڻي بنا مقابلي ڪامياب ٿي. سنڌي ادبي سنگت ۾ عورت جو عهدو رکڻ جو اعزاز به يوسف سنڌيءَ جي باڊيءَ ڏانهن وڃي ٿو. يوسف سنڌي ٻن سالن ۾ سنڌي ادبي سنگت لاءِ جيڪو تاريخي ڪم ڪيو آهي، ان تاريخي ڪم کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نٿي سگهي.

] نوٽ: وفا صالح راڄپر جي مختلف وقتن تي لکيل ٻن مضمونن کي ٿوري ايڊيٽنگ سان هتي هڪ مضمون جي صورت ڏني ويئي آهي. [ مرتب

سنگت جو سچار اڳواڻ يوسف سنڌي

سنگت جو سچار اڳواڻ يوسف سنڌي

ملهار سنڌي

سنڌي ادبي سنگت جيڪو اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي وارو ڪامياب سفر ڪيو آهي. ان ۾ ڪيترن ئي روشن خيال ناميارن شاعرن ۽ اديبن جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مان غلام حسين رنگريز، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ يوسف سنڌي جي اڳواڻي ۾ سنڌي زبان ۽ علم ادب جي ترقي جي حوالي سان ٿيل لازوال ڪم کان متاثر رهيو آهيان. پر مان سمجهان ٿو ته يوسف سنڌيءَ جي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. مون اڳ ۾ هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ دليلن سان ثابت ڪيو هو ته ”يوسف سنڌيءَ وارو دؤر سنڌي ادبي سنگت جو سونهري دور آهي“ سندس سيڪريٽري جنرل واري عرصي دوران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ڪامياب انداز ۾ هلائي وئي. سنگت پبليڪيشن جا 13 شمارا شايع ٿيا، جڏهن ته مختلف ادبي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ اهم ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. هر سال بهترين ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا ويا. بيمار شاعرن ۽ اديبن جي سهائتا ڪئي وئي، ان کان علاوه سنڌ جي اشوز تي ڀرپور جدوجهد ڪئي وئي.
يوسف سنڌيءَ جي ڪاميابيءَ جو راز اهو آهي ته هن ليڊر هوندي به ورڪر ٿي ڪم ڪيو. يوسف سنڌيءَ ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن. هو هڪ نامياري اديب سان گڏ بهترين پبلشر، سٺو دوست ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ هڪ کاهوڙي ڪردار آهي. سندس انسان دوستي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي ته تازي آيل ٻوڏ دوران دڙي شهر کي ٻوڏ جي خطري سبب پاڻ پنهنجي خاندان سميت ٺٽي منتقل ٿي ويو ۽ خود ٻوڏ متاثر هجڻ باوجود ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڏسي، اتي ماڻهن جي مدد لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتائين.
ادب، صحافت ۽ سماجي ڪمن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هن غير معمولي انسان پهرين آڪٽوبر 1964ع ۾ دڙي شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ٻاراڻي ادب سان لکڻ جي شروعات ڪندڙ يوسف سنڌيءَ جا ٻارن لاءِ ٻه ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ ۽ ”مريخ جا مسافر“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، هن ڪيتريون ئي خوبصورت ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس پهرين ڪهاڻيءَ تڏهن شايع ٿي هئي. جڏهن هو مئٽرڪ جو شاگرد هو ۽ سندس هڪ مرتب ڪيل ڪتاب ”هوشوءَ سندي هام“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ”چي گويرا جي ڊائري“، ”جينن لوهه لڱن ۾“، ”سدا سرها گل“، ”ڏوهاري“، ”بغاوت“ ۽ نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي سميت هن ڪيترائي اهم ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا آهن. ”اونداهي ۾ سوجهرو“، ”نجم عباسي، فن ۽ شخصيت“، ”پسي تنهنجي تجلي“، ”سدائين سفر ۾“ پڻ سندس خوبصورت ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا. هو سچائي اشاعت گهر پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. سندس ڇپايل ڪيترن ئي ڪتابن کي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هن پنهنجي لکڻين ذريعي روشن خيالي ۽ جديد فڪر جي ڳالهه ڪئي آهي. دقيانوسي ريتن ۽ رسمن کي وائکو ڪيو آهي. جي ايم مهڪري يوسف سنڌي کي مستقبل جو مرزا قليچ بيگ سڏيو آهي!
هو صحافت جو پڻ بهترين تجربو رکي ٿو. 1984ع ڌاري ’برسات‘ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو، جتي کيس يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽي جھڙن مايه ناز صحافين کان سِکڻ جو موقعو مليو. عبرت مئگزين، هزار داستان ۽ هلال پاڪستان ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وٽ رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ جو اعليٰ فن موجود آهي. سنگت پبيلڪيشن کي خوبصورتيءَ سان ايڊٽ ڪري وقت تي ڇپرائڻ سان گڏ هن “سنجها” جي نالي سان هڪ ادبي مخزن پڻ جاري ڪيو هو. ”گيهه جو گهڙو“ جي نالي سان مشهور شهر دڙو سان تعلق رکندڙ يوسف سنڌي نوجوان ليکڪن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهڻ کان علاوه سنگت دڙي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي سنگت جي مختلف عهدن تي رهندي هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ لڳاتار جاکوڙيندو رهيو آهي. هن پنهنجي قائدانه صلاحيتن سان سنگت کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو آهي. هو هڪ وڏي ليکڪ سان گڏ پُرخلوص محبتي، محنتي ۽ سنگت جو سچو رهنما آهي، سنڌ سان جنون جي حد تائين عشق رکندڙ يوسف سنڌي هميشه سنڌ ڌرتيءَ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا آهن. اڄوڪي سندس سالگرهه جي موقعي تي دعا ٿا ڪريون ته هو وڏي ڄمار ماڻي، سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خدمت ڪندو رهي.
]روزاني هلال پاڪستان 2- آڪٽومبر 2010ع[

سادو، پر آدرشي ماڻهو: يوسف سنڌي

سادو، پر آدرشي ماڻهو: يوسف سنڌي

ضراب حيدر

اڄ صبح سان جڏهن جاڳيس ته خيالن ۾ هڪڙي خوبصورت دوست جي تصوير لھي آئي. دل جي ڪنهن ڪُنڊ مان بي ساخته نِڪري ويو،
”سالگرھ مبارڪ يوسف.“
ياد آيم ته اڄ پھرين آڪٽوبر آهي يوسف سنڌيءَ جو جنم ڏينهن.
يوسف سنڌي منهنجي دوستيءَ جي ٽِڪُنڊي ۾ شامل محبوب دوست آهي. ماضي ۾ اسان گهڻو سمئو گڏ رُلندي گهاريو آهي، لاڙ جي لطافتن کان ويندي شاهه يقيق ۽ جلالي بابا تي ايندڙ انساني درد ۽ ڪرب کي اسان گڏجي محسوس ڪيو آهي. ادبي سنگت جي مھم ۽ ڪم ۾ گڏجي ڀوڳيو به آهي. منهنجي ڪيترن ڪھاڻين جو يوسف گواهه آهي، جيڪي مون ساڻس گڏجي مُشاهدو ماڻيندي لِکيون آهن.
مون پنهنجي آتم ڪٿا ”زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان.“ ۾ يوسف سنڌيءَ جو ڪافي جاين تي ذڪر پڻ ڪيو آهي. جنهن سال 2006 ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس پاران ”شاهه لطيف“ اوارڊ پڻ کنيو هئو. آتم ڪٿا مان ڪجهه مخصوص حصا سندس جنم ڏينهن تي پيش ڪريان ٿو.
”يوسف سان منھنجي پھرين مختصر ملاقات جيتوڻيڪ عام رواجي ملاقات هئي، پر پوءِ مون يوسف جي اِسرار تي ماهوار ”هزار داستان“، جنھن جو ايڊيٽر اُن وقت يوسف سنڌي هئو، ۾ ڪھاڻيون لِکڻ شروع ڪيون، پوءِ وري سندس ئي اشاعتي اداري طرفان نڪرندڙ ”سنجها“ رسالي ۾ ڪھاڻيون لکيم.
يوسف سنڌي منھنجو مٺڙو دوست آهي، گول گپي جِھڙو، هي موٽو ماڻهو مون کي هڪڙي ڏينھن ڏاڍو وڻيو ۽ معصوم لڳو هئو، اُها، سال ٻه هزارَ جي هڪ سرد رات هئي. اسين ڀٽ شاهه ۾ مُرشد لطيف سرڪار جي آڳنڌ ۾ ويٺا هئاسين، سيارو پنھنجي عروج تي هئو، جنوري مھيني جي اُها سومر رات، فقير گل حَسن جي واري، واري رات هئي، فقير گل حسن تنبوري تي پنھنجو ڪنڌ نوائي، مرشد لطيف جو ڪلام آلاپي رهيو هئو. پاري جِھڙي سرديءَ ۾ ويتر مرشد جي ڪلام اسان جي سورن کي تپائي رکيو هئو، لطيفي راڳ دوران يوسف اوچتو پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي اوڇنگارن ۽ لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي ويو، مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن ماڻهوءَ کي ائين ايڏو روئيندو ڏٺو هئو، ڪجهه لمحن ۾ ئي يوسف جو روئڻ ايڏي ته شدت اختيار ڪري ويو، جو سندس سمورو جسم بي اختيار رڦڻ لڳو. ڪيترن لمحن تائين يوسف ائين بي وس ۽ بي اختيار ٿي روئيندو رهيو. رڦندو رهيو . سامت ۾ اچڻ کان پوءِ به محسوس ٿي رهيو هئم ته ڄڻ يوسف روئي رهيو آهي، سندس اکيون ۽ مُنھن سُڄي ڳاڙهن ٿي ويو هئو. مون اڄ سُڌو يوسف کان اُن بي اختيار ۽ زاروقطار روئڻ جو سبب نه پُڇيو آهي. جو سمجهان ٿو ته روئڻ به ڪيٿارسس جو هڪڙو ذريعو آهي.
خبر ناهي اُن رات کان پوءِ يوسف کي ڪھڙو دان ملي ويو. آءٌ ڄاڻان ٿو ته يوسف اُن رات کان پوءِ گهڻو شانت آهي ۽ ادبي دنيا جي انهن چالبازين کان گهڻو پاسيرو ٿي، لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.
يوسف سنڌي هڪڙو کاهوڙي ۽ نظرياتي ماڻهو آهي، جنھن پنھنجو گهڻو ٽائيم ڪتابن پڙهڻ ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندي گذاريو آهي، مختلف رسالن جو ايڊيٽر هجڻ/ رهڻ کان سواءِ يوسف پنھنجو هڪڙو اشاعتي ادارو ”سچائي اشاعت گهر“ هلائي رهيو آهي، جنوني حد تائين دوستن سان محبت ڪندڙ هي ماڻهو، اڪثر دوستن جا ڪتاب ڇپرائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، جنھن ڪري هن پنھنجي اشاعتي اداري مان ڪوبه لاڀ يا پئسي ڏوڪڙ جو نفعو ڪمائڻ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ناهي.
دڙي شھر جو هي بظاهر تمام سادڙو ماڻهو، پنهنجي اندر ۾ وڏا آدرش رکي ٿو، نه صرف ايترو پر علمي طور هڪڙي بڪتر بند سپاهي وانگي، ڪنهن نه ڪنهن مصروفيت يا ڪِرت ۾ محوَ رهي ٿو. منهنجو جڏهن کان ساڻس واسطو ٿيو آهي اسين دوستي جي گِھرائي ۾ ڳنڍيا آهيون، مون ڪڏهن به کيس ٿانيڪو محسوس ناهي ڪيو. هُو سدائين ڪنهن سوچ خيال يا وري ادبي ڪم ۾ مصروف هوندو آهي. اڪثر پنھنجي لائبرري ۾ ڪتابن ۾ گُم هوندو آهي، جنھن پنھنجي زندگي جو ڳچ حصو سُٺا ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾ گذاريو آهي، هو هڪڙو ماستر ماڻهو آهي، پوءِ به حيرت ٿيندي اٿم ته هُن سُٺا ڪتاب ڪيئن ڪڻو ڪڻو ڪري گڏ ڪيا آهن، مون ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي ته جڏهن يوسف وٽ ڪنھن سُٺي ڪتاب وٺڻ لاءِ ڏوڪڙ نه هوندا آهن ته هي شخص پنھنجي اشاعتي اداري جا ڪجهه ڪتاب ڏئي بدلي (مٽا سٽا) ۾ پنھنجي پسند جا ڪتاب وٺي وٺندو آهي، پنھنجن اڱڻ جي ستارن پارس، امرتا، شھزاد، وشال، منظر ۽ سمير علي سان بي انت پيار ڪندڙ يوسف هينئر سوڌو، پنھنجا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي چُڪو آهي، جيڪي پنھنجي ۽ ٻين اشاعتي ادارن طرفان ڇپايا ويا آهن، هينئر به وٽس ڪيترن ڪتابن جو مواد تيار پيو آهي، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. يوسف ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمي نگار پڻ آهي، جن ۾ نيلسن منڊيلا جي جيون ڪٿا ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب جيڪي نيو فيلڊس پبليڪيشن سميت ٻين اشاعتي ادارن ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.
يوسف سنڌيءَ سان منھنجي پھرين ملاقات سياري جي هڪ سرد صبح جو پريس ڪلب نوابشاهه ۾ ٿي هُئي، جڏهن هو سال اوڻويھه سؤ چورانوي ۾ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومري ۽ طارق قريشيءَ سان گڏ آيو هئو. اُنهن ڏينھن ۾ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومرو، يوسف سنڌيءَ جي حمايت ۽ ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيو هئو، سنڌ جي سمورين شاخن جي دوري تي نڪتل هو، اُن کان پوءِ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومري سان جيڪا جُٺ اسان جي ادبي ۽ پاڻ کي سُڄاڻ سڏائيندڙ دوستن ڪئي، اُها به ڪنھن کان لڪل ڪونهي ۽ نيٺ اُن شريف ماڻهوءَ کان زوريءَ استعيفا ڏياري وئي.
يوسف ۽ منھنجي دوستيءَ جو دؤر گهڻو اڳتي هلي سال ستانوي کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن يوسف مون کي منھنجي ٻئي پٽ سالار حيدر جي ڄمڻ تي مبارڪن جو خط لکيو ۽ پوءِ پاڻ روبرو به مبارڪون ڏيڻ لاءِ نوابشاهه آيو.
اُن کان اڳ آئون ۽ يوسف هڪٻئي تي ڏاڍا ڪاوڙيل هئاسين، ڪن غلط فھمين جي بُنيادن تي ”ڪينجهر“ رسالي جو جيڪو ”خط نمبر“ شايع ٿيو هئو، اُن ۾ هڪ ٻئي ڏانھن لکيل تکا مٺا خط ڇپرايا هئاسين.
خير پوءِ به يوسف مون تي ڪوبه ڇوهه نه ڇنڊيو، ايترو ضرور آهي ته هُن کي مون تي ڏک ضرور هئو. باوجود اُن جي بدلي ۾ هُن بي انت محبتون ئي ڏنيون آهن، سدائين زندهه دليءَ جو مظاهرو ڪندي منهنجون خطائون خط مستقيم هيٺ آنديون آهن. دل ۽ روح سان مونسان محبت ڪئي آهي، مان سندس محبتن جو مقروض آهيان.
اڄ به منهنجي پُٽ سالار حيدر جنهن جي تازو جون 2021ع ۾ شادي ٿي آهي کي ڏسندو آهي ته ڏانھس اِشارو ڪري چوندو آهي، ”ضراب! پنهنجي دوستيءَ جي عمر هيتري آهي.“ ۽ پوءِ هڪڙو ٽھڪ ڏئي کِلي پوندو آهي. ظاهري طور ته دوستيءَ جي عمر کي ڏينھَن مَھينن سالن تي ڳڻي سگهجي ٿو، پر دوستيون ته ازل جو ونڊ هونديون آهن، هر سلام دعا وارو ماڻهو دوست ناهي هوندو. مون پنهنجي آتم ڪٿا ۾ يوسف جو ڪافي حوالن سان ذڪر ڪيو آهي، پر هتي جيڪو ذڪر ڪرڻ گُهران ٿو سو اِهو به آهي، جيئن هر ماڻهو دوست ناهي هوندو اُن جي اُبتڙ يوسف هر ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي دوست سمجهندو آهي، ماضي کان ويندي حال تائين زندگيءَ جي هر دور ۽ مرحلي ۾ يوسف دوستن لاءِ پاڻ وڃايو آهي، پنهنجي ذات جي نفي ڪندي دوستن جي انائن جو مانُ رکيو آهي. هر حال ۾ دوستن کي همٿايو ۽ اُتساهيو آهي ٻيو ته يوسف پنهنجي آدرشن ۽ ڪم سان سدائين ڪميٽيڊ (سچو) رهيو آهي.
(يوسف سنڌي جي جنم ڏينھن جي حوالي سان پھرين آڪٽوبر 2021ع تي لکيل تاثر)

هڪ ساڃهه وند انسان: يوسف سنڌي

هڪ ساڃهه وند انسان: يوسف سنڌي

طارق قريشي

سماج ۾ ماڻهو ڪي اثر وٺي ٿو ۽ ڪجهه ڇڏي ٿو، پر جينئس ماڻهو اهو هوندو آهي، جو ڪنهن وڻ وانگر يا جاندار جي دِل وانگر In put، ناٽ گڊ وٺي، ۽ out put ويري گڊ وٺي.
منهنجي خيال ۾ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي، پنهنجي ڪنن سان ٻڌي ۽ پنهنجي زبان سان ڳالهائي.
نفرتون، محبتون، پيار ڌڪار، ڳنڀرتا، مطلب ته زندگيءَ ۾ خارجي يا داخلي ڳالهين ڏي پنهنجا رويا، پنهنجي سوچ، سمجهه، فهم فراست پٽاندڙ جوڙڻ وارو ماڻهو ڪامياب تصور ڪيو ويندو آهي.
مذهبي ڪدورتون يا نسلي ڏڦيڙ، علائقائي تعصب يا قومي احساس برتري لساني مت ڀيد، يا ذات پات جو امتياز، هر اها سماجي، اخلاقي برائي تڏهن جنم وٺندي آهي، جڏهن پنهنجن حواسن بدران ٻين جي حواسن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو ويندو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي پرکڻ جي لاءِ هُن جو تفصيلي ايٽي ٽيوڊ ڏسڻ ئي کوڙ آهي – ڪنهن به ماڻهوءَ جون چڱايون ۽ لڱايون، سندس رويي مان ظاهر ٿينديون آهن. انسان جو ڪردار سندس شخصيت جو مظهر هوندو آهي. پر اُن ڪري جيڪڏهن ڪنهن به انسان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ان جي ٽائٽل يابئڪ ٽائٽل تي نظر وجهڻ کان علاوه ڊيڊيڪيشن پيج کان وٺي ’ڀُل نامي، تائين پڙهڻ کانپوءِ ڪا حتمي راءِ قائم ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته انسان جهڙي ڪتاب جا اڳيان باب به سندس ماضي هوندو آهي. پر ان کانپوءِ ايندڙ باب سندس مستقل جو هوندو آهي. ان جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. ان جي باري ۾ گذريل چئپٽرس مان رڳو اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو.
يوسف سنڌيءَ جا جيڪي باب اسان پڙهيا آهن. يعني هن جو ماضي اسان جي آڏو آهي، ان ۾ سندس ادبي ڪنٽريبيوشن تي نظر وجهون ٿا ته هن جي ايڪٽ ڪيل رول ڏاڍو پاور فل نظر اچي ٿو.
هن ’برسات‘ رسالي کان شروعات ڪئي. ان کانپوءِ هن صحافتي ڪئريئر جو آغاز ڪيو. مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيائين - پندرهن وار عبرت مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ٿيو. ”هزار داستان“ جو ايڊيٽر رهيو ۽ گڏوگڏ ’سچائي اشاعت گهر“ جي نالي سان پنهنجي پبليڪيشن قائم ڪيائين.
هن جي ادبي ڪئريئر کي فرام ويري بگنگ کان جانچڻون آهي، ته اسي واري ڏهاڪي کان به اڳ جا پراڻا رسالا لائبريرين مان ڪڍي اُٿلائڻا پوندا، جن ۾ هي محمد يوسف ”سنڌي“ ميمڻ جي نالي سان لکندو هو. ٻالڪپڻي کانپوءِ هو جيئن جيئن وڌيڪ باشعور ٿيندو ويو ته هن نه رڳو ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ نهايت گرم جوشيءَ سان پارٽيسپيٽ ڪيو، پر سارتر ۽ برٽنڊرسل وانگر هن پنهنجي انسان دوست روين ۽ جذبن کي پارٽين يا منشورن جو محتاج يا تابع ڪرڻ بجاءِ سياست کان الڳ رهي ادبي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته هن کي شدت سان احساس ٿيو هوندو ته سياست ادب جي تابع هوندي آهي ۽ ادب ئي سياست کي گس – پيچرا ڏيندو آهي. پوءِ هن سياست کي سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ ادب جي آڱر باقاعدگيءَ سان پڪڙي هوندي.ادب هن کي شعور ڏيندو رهيو ۽ هي ادب کي ڏاڍا سُٺا ترجما ڏيندو رهيو. هن جا اهي ترجما پنهنجي اشاعت گهر کانسواءِ ٻين پبلڪيشنس به شايع ڪرايا.
يوسف سنڌيءَ، ادب جي هڪ اهم ڀاڱي ترجمي کي سنڀاليندي پنهنجو تاريخي فرض نباهڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، يعني هو پاڻ تان ميارون معاف ڪرائي رهيو آهي. گڏوگڏ اشاعت جو مورچو به سنڀالي رهيو آهي. اديب کي اديب بنائڻ ۾ ايڊيٽرن ۽ پبلشرن جو هٿ هوندو آهي. دنيا جا وڏا وڏا رائٽر اها ڳالهه مڃيندي ڪونه ڪيٻائيندا آهن ته هُنن کي شهرت بخشڻ وارا يا رائٽر طور سُڃاڻپ ڏيڻ وارا ايڊيٽر ۽ پبلشر آهن. ۽ اسان ڏٺو آهي ته يوسف سنڌي ايڊيٽر به آهي ۽ پبلشربه آهي. يا سڌو سنئون چئجي ته يوسف ”رائٽر ميڪر“ آهي.
ذاتي طورتي مان يوسف جو وڏو احترام ڪندو آهيان، نه رڳو احترام ڪندو آهيان، پر هن سان محبت به ڪندو آهيان. مون کي هن جا کوڙ اوصاف ۽ گُڻ وڻندا آهن. اها ڳالهه مڃيل آهي ته هر ماڻھوءَ ۾ خوبيون ۽ خاميون هونديون آهن ۽ ان لحاظ کان يوسف کي خامين کان بَري قرار ڏيون، اهو به غلط آهي. پر يوسف جي خامين کي سندس خوبيون پنهنجي چادر ۾ لڪائي ٿيون ڇڏين.
مون يوسف سنڌيءَ کي نهايت غور سان ڏٺو آهي. آءٌ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ هن کي ڪم ڪندي ڏسي چڪو آهيان. هن وٽ مخالفت جي عزت آهي. هو واضع طور تي پنهنجي پاڻ سان اختلاف رکندڙن جي لاءِ هڪ سافٽ ڪارنر رکي ٿو. هي ڏاڍو فيئر انداز ۾ ڪامپيٽيشن ڪندو آهي. هن ۾ بي لوث ڪم ڪرڻ جا جذبا سندس رت ۾ شامل هيموگلوبين کان به وڌيڪ آهن.
هي، هڪ اڻ ٿڪ ۽ اورچ جاکوڙي آهي، هن جي نظر ۾ اجتماعي مفاد وڌيڪ اهم آهن. هن وٽ ڪابه ٻيائي، وڏائي ۽ منافقت ڪونهي. هن ۾پيار ڪرڻ وارو جذبو تمام گهڻوآهي.
منهنجو تجربو آهي ته هن ۾ هڪ خاص خوبي آهي، اها آهي هن جي قوت برداشت - هر غم، هر پيڙا ۽ هر انفراريٽيءَ کي هو برداشت ڪري ويندو آهي. هن ماڻهوءَ کي مون ڳوڙها پيئندي ڏٺو آهي ۽ سڏڪن کي گُهٽي مُرڪندي به ڏٺو آهي. هن کي ۽ هن جي روح تي مون لڳل اندروني گهاوَ محسوس ڪيا آهن ۽ هن کي ان ويل به بي پرواهه ڏٺو اٿم.
منهنجا ڪجهه دوست اهڙا به آهن، جيڪي يوسف بابت ڪيل منهنجي ڳالهين سان اختلاف رکندا هوندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته مون تي به ڪي فتوائون جاري ڪن. پر آءٌ پنهنجي اکين سان ڏسندو آهيان، آءٌ پنهنجن ڪنن سان ٻڌندو آهيان ۽ پنهنجي دماغ سان سوچيندو آهيان ۽ پنهنجن زبان سان ڳالهائيندو آهيان.
مون يوسف ۾ کوڙ خوبيون ڏٺيون آهن، خامين ۾ فقط هڪڙي وڏي ۾ وڏي خامي جيڪا هِن ۾ ڏٺي آهي، اها هن جي يار ويسي آهي. هن يارويس ماڻهوءَ کي جيڪي تڪليفون ۽ ناڪاميون ڏسڻيون پيون آهن، انهن جو سبب دوستن مٿان انڌو اعتماد هن جي خامي چئجي يا خوبي چئجي.
ايتري قدر جو دوستيءَ ۾ هو اکيون ٻوٽي ۽ دل کولي ڇڏيندو آهي، پوءِ چاهي ڪيترو به نقصان ٿئي.
يوسف سنڌيءَ ۾ اهي گٽس آهن، جو هو هڪ عام ماڻهوءَ وانگر آسائشن ڀري زندگي به ڪامياب نموني سان گذاري سگهي پيو، پر هن جي بي چين ۽ ولوله انگيز ۽ حساس طبيعت هن کي ايئن ڪرڻ ڪونه ڏنو. هن آسودگي ڪونه قبولي. هن جي قلندرانه طبيعت ۾ لکڻ پڙهڻ جي جن اچي واسو ڪيو آهي، سو هن اها اڻانگي راهه ورتي آهي، شايد اها فطرت ورثي ۾ ملي اٿس.
]س - ا - س نئون ديرو پاران 23جولاءِ 1992ع ۾ يوسف سنڌي سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيو ويو.[

ادارن جهڙو فرد: يوسف سنڌي

ادارن جهڙو فرد: يوسف سنڌي

سارنگ سهتو

چٽيءَ طرح ياد اٿم ته اهو سال 1985ع جي ڪنهن ٿڌي پر بهار مهيني جو هڪ وڻندڙ موڪل جو ڏهاڙو هو. آءٌ پير حسام الدين راشدي لائبريري مڪلي جو کليل دروازو ڏسي اندر هليو ويس، ڏٺم ته سائين اسحاق هالو ۽ آفتاب ڀٽي ڪچهري ۾ مصروف هئا. منهنجي انهن سان سٺي دعا سلام هئي، جو اسين سڀ لائبريري جا ميمبر هئاسون ۽ هُو وري اڳواڻ لکبا هئا. اتي ڀرپور هڪ ٻيو نوجوان به ويٺو هو، جنهن کان هي گهڻو لاتعلق لڳا ويٺا هئا. مون نوجوان لاءِ پڇيو مانس ته ڪير آهين...؟ ته ٺهه پهه وراڻين ته ”گلؤ“ جو مهمان آهي. گل محمد خشڪ به اسانجو گڏيل نوجوان دوست هو، جيڪو پڻ جلاحسن سان پرڀرو کل مک ۽ برجستو ماڻهو هو. هن جي صحافت سان به دلچسپي هئي ۽ برسات رسالي ۾ پنهنجا جوهر آزمائيندو هو. مون کي تجسس ٿيو سو وڌي اچي ان نوجوان سان نه رڳو هٿ ملايم، پر خوش مرحبا به ڪئي مانس ۽ تعارف لاءِ عرض ڪيو مانس هن مرڪندي چيو ’ادا منهنجو نالو يوسف سنڌي آهي، دڙي کان آيو آهيان‘. يوسف سنڌي اُن زماني ۾ برسات رسالي ۾ ’سب ايڊيٽر‘ هو ۽ يوسف شاهين سان گڏجي سٺو صحافتي ادبي، پورهيو ڪندو هو. هن جو نالو منهنجي لاءِ اجنبي ڪونه هو. نالو ٻڌڻ تي نه رڳو خوشي ٿي، بلڪه چيو مانس ته توهان ويهو ته آءٌ گهران چانهن ٺهرائي اچان ٿو. آءٌ گهران تڪڙ ۾ ڪجهه خاطر توازع جو سامان ۽ چانهن ٿرماس ۾ ٺهرائي کڻي آيس. ايتري ۾ اُستاد گل محمد خشڪ به اچي ويو. بس پوءِ اسان ڀرپور ادبي، سياسي ۽ صحافتي ڪچهري ڪئي. اسان جي دوستي اتان جڙي ته هرايندڙ ڏينهن وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي رهي.
اڳتي هلي مون جڏهن سنڌي ادبي سنگت مڪليءَ جو بنياد وڌو ته ان ۾ هن ڀرپور مدد ۽ رهنمائي ڪئي. اسين ترقي پسند ادبي تحريڪ جا اهم رڪن هئاسين. هر جاءِ ۽ هر هنڌ هڪٻئي جي مدد اسان پنهنجو فرض سمجهي ورتو.
اڳتي هلي مون مڪلي ڇڏي نواب شاهه اچي وسايو ته به اسان جا رابطا قائم رهيا. آهن، خطن رستي، ڪڏهن روبرو، ڪڏهن واٽ ويندي ته ڪڏهن ادبي يا سياسي ميڙاڪي ۾ ملندا هئاسين ته خوب روح رهاڻيون ٿينديون هيون.
ادبي سنگت جي وڏن معرڪن ۾ به سدائين گڏ گڏ هوندا هئاسين. هُو سدائين جدوجهد جو ماڻهو رهيو آهي، جنهن ڪڏهن به آرام ڪرڻ سکيو ئي ناهي. سڀئي دوستن کي ساٿ ۾ گڏ کڻي هلڻ هن جو محبوب خاص گڻ آهي هُو ڀٽائي جي هن بيت:

هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، ايءِ مانجهيان مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.

جي هوبهو چٽي تصوير پيش ڪندو رهيو آهي. هن ماڻهوءَ وٽ وڏي ۽ ننڍي اديب وارا ڪي ماڻا ۽ ماپا هرگز نه آهن، پر هر اهو ماڻهو جيڪو نياز ۽ نوڙت جو مظاهرو ڪري ٿو، اهو هن جي سرجو سائين آهي، پوءِ ڇو نه ان جو ادبي قد ڪاٺ ننڍڙو يا گم ناميءَ وارو هجي.
يوسف هڪ اڻ ورچ انسان آهي، سخت ترين بحراني حالتن ۾ به ادبي پورهئي سان جُنبيل، هي شعر يوسف ئي ٺهڪندي محسوس ڪندو آهيان ته:

هجي ڪا کاڻ خوبين جي، خامين کان بنهه آجي،
نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي.

رهڻ، ڪو هن کان ڪو سکي، هن ماڻهوءَ پنهنجي وقت کي سدائين سڦلو ۽ سيبتي نموني استعمال ڪيو آهي. اها هن جي اهڙي خوبي آهي جنهن کي هن جا دوست توڙي دشمن به ساراهيندا آهن. گوناگون خوبين جو مالڪ هجڻ سان گڏ هُو. ضرور ڪي اهڙو ڪوتاهيون ۽ خاميون به پنهنجي مزاج ۾ پاليندو رهيو آهي، جيڪي هن کي وقت بوقت اذيت ۽ تڪليف پڻ ڏينديون رهيون آهن. انهن مان اهم ترين، منهنجي نظر ۾ بنهه جذباتي هجڻ ۽ اچانڪ اٻهرا فيصلا ڪرڻ يا اٻهرا قدم کڻڻ آهي. نارائڻ شيام جو هي معصوم خيال رکندڙ انسان، اندر جو بنهه اُجرو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن جي ڪو چالاڪي جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اها ڳالهه هن کي ڪو عرصو ڏنڀ پڻ ڏيندي رهندي آهي ۽ ڪيترائي ڏينهن خود احتسابي لاءِ پنهنجي ضمير جي عدالت ۾ سرنمايو بيٺو هوندو آهي. هن جي اندر ۾ جتي محبت جا ميلا متل هوندا آهن ايئن پنهنجي پيارن طرفان ڏنل ڳجها ۽ ظاهر ڏک پڻ کيس تڙپائيندا رهندا آهن.
هن کي اڪٽر ان وقت غمگين ڏٺو اٿم جڏهن اهي ڪردار جن کي هن اوائلي دؤر ۾ ادب جي دنيا ۾ سڃاڻپ ۽ روشني عطا ڪئي، اهي هن کي بي درديءَ سان نظر انداز ڪري ادبي پروگرامن جي اهم ڪرسي تي براجمان ٿي ويهي رهندا آهن ۽ اخلاقي طور اهو اعتراف ڪرڻ به گوارا ناهن ڪندا ته ادب جي هن سير ۾ اسان کي روشناس ڪرائڻ وارو پهريون ماڻهو ڪو ٻيو نه پر يوسف سنڌي ئي آهي.
سچ اهو آهي ته اڄ جي دؤر ۾ جيڪڏهن ڪاٿو ڪجي ته يوسف جو ادبي پورهيو گهڻن نام نهاد ادبي ادارن کان گهڻو وڌيڪ ۽ مٿانهون آهي.
فرد گهرجن ٿا، ادارن کي
پر مانائتو ڪي ادارا فرد به آهن
(ارباب رفيق انڙ)
ڦوهه جوانيءَ ۾ ملياسين ۽ اڄ پوڙهائپ جي چاڙهي تي تڪڙا ڏاڪا کڻندا موت جي منزل طرف روان دوان آهيون. پر اسان جي محبت ۽ سچائيءَ ۾ ڪا کوٽ ناهي آئي، پوءِ ته اسان جا ناتا سراپا سچائي ۽ بي غرضي تي مبني آهن. لاغرضيءَ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪي وٿيون پيدا ٿي وينديون آهن ته جلدئي ملي انهن کي محبت جي ميڙ سان پُر ڪري ڇڏيندا آهيون.
دعا آهي ته هي مٺو، محبتي ماڻهو سدائين سنڌي ادب جي آبياري ڪندو رهي ۽ جلد پنهنجي محبتن جو ثمر ڀرپور نموني ماڻي.
سنڌي ادبي سنگت ۾ سالن تائين پنهنجو رت، ست ۽ پگهر ڳاڙيندڙ هي نرالو ماڻهو اڄڪلهه تنظيم سازيءَ جي هُل بکيڙن کان گهڻو پاسيرو رهندو آهي. وچ ۾ ڪجهه وقت انجمن ترقي پسند مصنفين کي به متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هاڻي ان ڪم کان به ڪنڊائتو ٿي ويو آهي. سندس ادبي تحرڪ واري موضوع کي جيڪڏهن هن سان کولجي ته پڪ سان جون ايليا جو هي شعر سندس ترجمان ٿي پوي ته:
خود کو تباہ کیا٬ اور کوئی ملال ئی نہیں.

دِلبر شهر دڙي جو دِلرُبا دوست: يوسف سنڌي

دِلبر شهر دڙي جو دِلرُبا دوست: يوسف سنڌي

اصغر گُـگو

يوسف سنڌيءَ سان دوستيءَ کي ويھن ورهين کان مٿي عرصو گُذري ويو آهي. جڏهن پوئتي ڪنڌ ورائي ڏِسان ٿو ته ايئن ٿو لڳي سڀ ڪالھه جي ڳالھه آهي. وقت کي پَر آهن ۽ پرواز تي رهي ٿو. ماڻھوءَ جي وس ۾ يادون آهن تن کي سنڀالي جيئندو رهي ٿو. مون وٽ به انھن سالن جون ڪجهه يادگيريون ئي جيڪي ساڻ آهن .
چڱي طرح ياد اٿم ته، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس، 2001ع جو زمانو هو، مسلم ڪاليج حيدرآباد جو اڱڻ هو. ادبي سنگت جي ڪارو ڪاري معاف ڪجو ’ڪاروباري ڪميٽي‘ جي اجلاس ۾ يوسف سنڌيءَ سان پھريون ڀيرو پياري رشيد آزاد ملايو هئم. ان زماني ۾ ادبي دُنيا ۾ نئون آيو هئس. اديبن سان مِلڻ، ڏند ٽيڙي اُنھن سان گڏجي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق عروج تي هو. حيدرآباد جي هر ادبي محفل ۾ بنا دعوت به پھچي وڃبو هو. اُن ڏينھن به ايئن ٿيو هو.
يوسف، رشيد ۽ آءٌ گڏ ويٺا هئاسين، ڪچھري به هلي پئي ۽ اجلاس به مڇي مارڪيٽ وانگر اديبن جي هڪٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻ واري واس ۾ واسيو پيو هو. يوسف به رکي رکي هٿ جون اُڇلون ڏئي اجلاس جي ڪنھن ڳالھه تي پنھنجو ردِ عمل اظھار ڪري رهيو هو. ڊگهين آڱرين وارن هٿن جون اُڇلون ۽ جذباتي ٿيڻ ڏِسي مون کي شڪ ٿيوته، هي اديب آهي يا ڏڦير آهي. اُتي اديبن جي هڻ وٺ ۽ پَٽ کوهه مونکي ڏاڍو مايوس ڪيو هو.... تڏهن هر هر ڪنھن ليکڪ جا جملا ذهن ۾ تري ٿي آيا ته، ”اديبن سان سندن لکڻين ۾ ملو روبرو مِلندا ته مايوس ٿيندا.“ سو مون کي جيڪو يوسف سان مِلڻ جو اشتياق هو. ساڻس مِلي مايوسي ٿي هئم.
دِل جي سموري سچائي سان پيو چوان ته پھرين ملاقات ۾ يوسف مونکي بنھه ڪونه وڻيو هو. منھنجي ذهن ۾ ساڻس مِلڻ کان اڳ جيڪو خاڪو هو، سو ٻيو هو ۽ هي همراهه اڃا ئي ٽيو هو... ان ڪري به چوندا آهن ته، ڪنھن سان مِلڻ ۽ ڪچھريون ڪرڻ کانسواءِ اُن شخص جو خاڪو ذهن ۾ نه جوڙيو... اُن ڏينھن پڪوپھه ڪري ڇڏيو هئم ته وري ٻيھر هن شيدلي ٻار سان نه مِلبو... پر ڪجهه مھينا گُذريا ته يونيورسٽيءَ جون موڪلون ٿيون. هڪ ڏينھن جمع جي شام جو يوسف جي دڙي واري اوطاق تي وڃي پھتس، رشيد آزاد ۽ ذوالفقار ڪانڌڙو به اُتي موجود هئا. مون کي پھرين ملاقات واري ڳالھه ياد بيٺي هئي. سو مون ساڻس ڳالھائڻ ۾ احتياط پئي ڪيو. رشيد ۽ ذوالفقار ساڻس فري هئا. ڪچھري جو موضوع ادب، ڪِتاب، سماج، ادبي سنگت ۽ موسيقي هئا. هنن گهڻو پئي ڳالھايو ۽ مون رڳو پئي ٻُڌو، پر مون ٻيو ڪجهه به ويٺي جانچيو ۽ اهو هو يوسف سنڌي جو مخلص رويو، سادگي ۽ مھمانوازي... دوستن جو خيال رکڻ، سندن ڳالھه ٻُڌڻ وارو رويو. مون کي تمام گهڻو وڻيو هو. سڀ کان وڌيڪ گهڻ پڙهيو هئڻ وارو رعب نه هو... ٻه چار ملاقاتون ٻيون ٿيون، ڪچھرين مان اندازو ٿيو ته، يار هي ته لاجواب ماڻھو آهي. اُن زماني ۾ منھنجي ذهني تربيت جو پيرڊ هو. چوندا آهن ته: ذهني تربيت جا گهڻا طريقا آهن. پر مکيه ٻه آهن: هڪ چڱن جي صحبت وسيلي ۽ ٻيو سُٺن ڪِتابن پڙهڻ سان، سو اُنھن ڏينھن، اُنھن سُٺن دوستن جي صحبت هئي ته يوسف سنڌيءَ جي لائبريريءَ جا ڪِتاب، مون کي اهو چوندي خوشي ٿئي ته مون سُٺا ڪِتاب يوسف جي لائبريري مان کڻي پڙهيا آهن. ڏِسڻ ۾ ايئن لڳندو آهي ته، يوسف ۽ ايڏو پڙهيل! کوڙو ئي نٿو لڳي، پر حقيقت اها آهي ته يوسف تمام گهڻو پڙهيو آهي. ناول، ڪھاڻيون، شاعري، سفرناما، پر سندن پسند جا موضوع آتم ڪھاڻيون ۽ تاريخ آهن.
5-4-2003ع جي زماني ۾ اسان اڪثر دوست جمع جي شام جو يوسف جي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئاسين. ٽچ موبائيل جو زمانو نه هو. ماڻھو هڪٻئي سان مِلي، ڪچھري ڪري ڪجهه ڏئي جام سکي وٺندو هو. ڪچھري ڪِٿان به شروع ٿيندي هئي. ختم سنڌي ادبي سنگت جي ڳالھه تي ٿيندي هئي. تڏهن رشيد چوندو هو ’يوسف کي ادبي سنگت مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ جو شوق ائين آهي، جيئن مولانا فضل الرحمان کي ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ جو شوق آهي.‘ تڏهن سڄي ڪچھري ۾ ٽھڪڙو مچي ويندو هو.
ڇا ته حسين ڏينھن هئا... نه ڪا لالچ، نه لوڀ رڳو خلوص ۽ محبت... ان محبت جو ثمر به گڏ ڪيوسين، جنھن ۾ يوسف جو وڏو هٿ آهي. هڪ ڏينھن ويٺي ويٺي اوچتو چيائين: تنھنجون پنج ڪھاڻيون ڏي، پاڻ پنجن دوستن جو گڏيل ڪِتاب ٿا ڇپرايون... اهو ٻُڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ ڳالھه کي ڪجهه عرصو مس گُذريو جو ڪِتاب تيار ”حياتي جي ورقن جون ڦاٽل ڪٿائون“ مارڪيٽ ۾ اچي ويو.
هلال پاڪتان جو ”ڏات“ صفحو سنڀاليائين ته دوستن کي لکڻ لاءِ اُتساهه ڏِنائين، مون به کوڙ لِکيو ڏات ۾. لکيو ته الائي ڇا، پر يوسف شايع ڪيو. نوان ليکاري جڏهن شايع ٿيندا آهن ته،اُنھن ۾ لِکڻ جو جذبو وڌندو آهي. اهو مون يوسف کان سکيو. پر اڄڪلھه يوسف وٽ اُتساهه گهٽ آهي... ڪِٿي ڪِٿي مايوس رويا لڳندا اٿس. شايد اُن جو سبب سماج ۾ جمود طاري رهڻ به آهي. يا شايد سندس ذاتي ۽ تلخ تجربا آهن. جيڪي کيس ٿڪائي رهيا آهن.
يوسف سان دڙي جا گهڻا دوست ڪونه ٺھندا آهن اُن جا ڪھڙا سبب آهن. هي چرياڻ اُنھن جو ذڪر به نه ڪندو آهي. پر مون کي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو بُنيادي طرح غريب ماڻھوءَ جو پُٽ آهي ۽ اسان وٽ غريب جي ٻار جي شھرت ۽ مڃتا گهڻن کان برداشت نه ٿيندي آهي. اُن کي چئبو آهي هروبرو نه وڻڻ . نه ته يوسف جا ڪھڙا دنگن تان ماڻھن سان اختلاف هوندا. هو اديب آهي، ۽ هِڪ اديب بُنيادي طرح آزادي پسند ۽ مزاج ۾ باغي هوندو آهي. غلط ڳالھه کي مُنھن تي چئي ڏيڻ واري رويي سبب ۽ گهڻا دوست يوسف کان رُٺل رهندا آهن. پر مون کيس ڪڏهن به ڪنھن دوست کي بدشد ڳالھائيندي نه ٻُڌو آهي، ڪڏهن جي اُنھن خفا دوستن بابت ڪجهه چئبو ته چوندو آهي ”الله ڪري خوش هجن. هن وقت مزاح نٿا مِلن ته ڇا ٿي پيو، ڪڏهن دوست به ته رهيا آهيو.“ دوستن لاءِ اهڙو سافٽ ڪارنر رکندڙ ماڻھو ئي معصوم هوندو آهي. يوسف هاڻ ته حيدرآباد ۾ ٿو رهي. پر دڙي سان دِل اٿس، تڏهن ته چوندو آهي ’دِلبر شھر دڙو.‘ جيڪي يار يوسف سان نٿا ٺھن تن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته، اُن سچائي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، يوسف معنيٰ دڙو، دڙو معنيٰ يوسف، مطلب ٻئي هڪٻئي جي سُڃاڻپ آهن.
يوسف جي سادگي به ڪمال آهي. مون هنن ويھن سالن ۾ پاڻ پڏائيندي نه ڏِٺو آهي. جڏهن ته يوسف سنڌي، سنڌي ادب کي کوڙ ڪِتاب ڏِنا آهن، ترجما، طبعزاد ڪِتاب ۽ هر موضوع تي سندس نالي ڪِتاب آهن. آءٌ چوندو آهيان ته سنڌي ادب جي جيڪا به تاريخ لِکي ويندي. اها هن جي حوالي کانسواءِ اڌوري هوندي، ايڏو ڪم ڪيو اٿس. پر ڪسرنفسي کان ڪم وٺندي چوندو آهي. ڪِٿي يار! ڪھڙو ڪم ڪيو آهي، جيترو ڪرڻ کپي، سو نه ڪري سگهيا آهيون.
يوسف جي ترجمن جي ڳالھه ڪريان ته مون کي سندس ڪِتاب لاجواب لڳندا آهن. جيڪي مون پڙهيا آهن ۽ وري وري پڙهيا آهن. ’بُک‘ ناول هُجي ’اخوت جو سفر‘ هجي يا وري ’شيطاني ٻيٽ‘ مونکي ايئن لڳندو آهي جھڙا سنڌي ٻوليءَ جا نج ڪِتاب هجن، اهو ترجمي جو ڪمال آهي، جو ڌارين ٻوليءَ جي لکڻي پنھنجي لڳي. ’اخوت جو سفر‘ ڪِتاب مون وري وري پئي پڙهيو آهي. باقي هِڪ طبعزاد ناول لکيو هئائين، اهو مون کي نه وڻندو آهي. ڪھاڻي سُٺي آهي، پر يوسف اُن سان نڀائي نه سگهيو آهي. رشيد چوندو آهي، جيڪا منھنجي دِل جي به ڳالھه آهي ته”تو ناول ڇو لِکيو“ ڏاڍو کِلندا آهيون.
جڏهن کان پنجاهه پار ڪئي اٿس. همراه کي مرڻ جو خوف به ٿيندو آهي. اسان سڀ مرڻ کان ڊڄون ٿا، پر ان کان لِڪي نٿا سگهون. موت ۽ قبر جو ذڪر ٿيندو آهي ته يوسف چوندو آهي، گور منھنجي دڙي ۾ ڪجو، گهڻا ماڻھو نه بس چند دِل گهريا دوست منھنجي جناري کي لاهيندا ته مونکي سُڪون مِلندو. رشيد چوندو آهيس، ”سڄي حياتي دڙي کان ڌار، مرو ٿا ته وري دڙي تي بار، اسان توکي دڙي ۾ دفن ئي نه ڪنداسين.“ اهو ٻُڌي يوسف کِلندو آهي ۽ آئون سمجهندو آهيان کيس ايئن چوڻ به ڄڻ اهو چوڻ آهي ته توکي مرڻ اڃا ڪونه ڏينداسين.
آءٌ فخر سان چوان ٿو ته، يوسف منھنجو دوست آهي. جن ڏينھن هو ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿيو هو. تڏهن آءٌ حيدرآباد ۾ رهندو هئس. هو جڏهن حيدرآباد ايندو هو ته، رهندو اسان وٽ هو. اُنھن ڏينھن آءٌ ۽ منھنجو پيارو شاعر دوست امين لاکو گڏ رهندا هئاسين. تن ڏينھن مون ڏِٺو ته يوسف ادبي سنگت کي ڪيئن سرگرم رکيو هو. ان کان به وڌيڪ جيڪو سندس وڏو ڪم آهي، سو ”سنگت“ مئگزين جو شايع ٿيڻ آهي. ڏاڍو خوبصورت ۽ معياري مئگزين پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندو هو. اُن مئگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ جو آءٌ حِصو هئس. اها منھنجي خوشقسمتي چئبي. اُن دؤر ۾ حيدرآباد ۾ جيڪي پروگرام ٿيندا هئا. اسان جي سڄي سنگت سندس ٻانھن ٻيلي ٿي بيھندي هئي. آءٌ اُتي ڏِسندو هئس ته، جيستائين پروگرام ٿي دنگ نه ڪندو هو. هو بيچين هوندو هو. اها بيچيني ئي آهي، جيڪا هن کي ويھڻ نٿي ڏي ۽ هو جاکوڙويندو ٿو نظر اچي.
مون ۽ يوسف، پنجابي اديب جندر جي ڪھاڻين جو ڪِتاب ترجمو ڪيو. ”تون نه سمجهي سگهندين“، ڪِتاب مارڪيٽ ۾ آيو، اسان ٻنھي جي نالي هو، ڪنھن دوست چيو. سڀ ڪھاڻيون ته تنھنجو ترجمو ڪيل آهن. يوسف جون ته ٻه آهن، پوءِ به سڄو ڪِتاب تنھنجي نالي سان ڇو نه شايع ٿيو. مون اُن کي چيو ”تون سمجهي نه سگهندين“ هن وڏو ٽھڪ ڏِنو، پر سچي ڳالھه اِها آهي ته مون کي ڪھاڻيون ترجمو ڪرڻ لاءِ هن ئي همٿايو هو. پر مون چيومانس گڏجي ترجمو ٿا ڪريون ۽ مون کي خوشي ٿيندي، اهو ترجمو ڏسي يوسف هڪ ٻه ناول ٻيا به مون کان ترجمو ڪرايا آهن. يوسف ترجمي جي اهميت کي سمجهي ٿو. تڏهن ته مرزا قليچ بيگ جي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي.
هن فقير منش ۾ ڪي خاميون به آهن. جيڪي اڳ نه پر هاڻ آءٌ منھن تي چوندو آهيانس. تڏهن ٻارن وانگر ٽھڪ ڏئي چوندو آهي، ’انسان خطائن جو پُتلو آهي، جيڪو پنھنجون خطائون تسليم ڪري سو وڏو ماڻھو آهي.‘ چوندا آهن ته سفر به ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هِڪڙا جسماني ۽ ٻيا روحاني... روحاني سفر يوسف ڪيترو ڪري ٿو، سا ته کيس خبر ! هونءَ ايترو ڄاڻان ٿو ته روحانيت سان لڳاءُ ضرور آهيس. پر هو جسماني سفر اڪثر ڪندو رهندو آهي. مون ساڻس لاهوت لامڪان جا پنڌ ڪيا هئا. اسان جي سڄي سنگت ان سفر ۾ هئي. يوسف سفر دوران دوستن جو جيڪو خيال پئي رکيو، سو ڪنھن وڏي دِل واري ماڻھو جو ئي آهي. هو ديس کان ٻاهر ويو، انڊيا اُتان مون لاءِ مھاتما ٻُڌ جو مجسمو وٺي آيو. ٻين دوستن لاءِ به کوڙ گفٽ آندائين. سو ايئن چوان ته دوستن جو دوست آهي يوسف ته وڌاءُ نه ٿيندو. سچ پچ ته دڙي شھر جي مٽيءَ ڀاڳ واري آهي. جنھن هڪڙي پياري ماڻھوءَ کي جنم ڏِنو ۽ منھنجي خوشقسمتي آهي ته هو منھنجو دوست آهي.

ماٺيڻو، ارڏو ۽ کاهوڙي دوست

ماٺيڻو، ارڏو ۽ کاهوڙي دوست

موٽو مل ’ڪنول‘ ڪوهستاني

ٻولي ناهي ٻاجهه، جا توکان گهران ڀاءُ،
هيءَ ته مون کي ماءُ، ڏني آهه ڏاج ۾.
(ولي دائود پوٽو)
اهڙيءَ طرح يوسف سنڌي اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. هونئن به شيخ اياز چواڻي ته ذات وڏي شئي ناهي، پر سچ وڏي شئي آهي. واقعي سچ وڏي شئي آهي، اُن ڪري سچ چوڻ وارن جا دوست گهٽ ۽ دشمن وڌيڪ هوندا آهن. مون کي اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو وڏي عرصي کان منهنجو ۽ يوسف سنڌيءَ جو نينهن ناتو آهي، جيڪو بدستور اڃا تائين هلندو اچي. يوسف سنڌيءَ تي آءٌ هميشه تنقيد ڪندو آهيان ته سچ چوڻ يا ڳالهائڻ، اهي ٻه الڳ شيون آهن، پر يار اصل ان ڳالهه تان نٿو مڙي، جنهن ڪري يوسف سنڌيءَ جا محدود دوست آهن. پاڻ چوندو آهي: ”سچ چئبو، مگر ڳالهه آهي ڪڙي،“ جيان سچ چئبو رهبو، توڻي ڪو ڀلي ناراض ٿئي. واقعي ئي هن اُن ڳالهه سان، ان سچ سان سهمت ٿي ڏيکاريو آهي ۽ ان سان نڀاءُ ڪندو اچي ٿو. اها هن جي همت ۽ دليري چئجي جو هڪ غريب ماڻهو، جنهن جو ڪوبه ڀاءُ به ناهي، پيءُ به فوت ٿي ويو، پر ان حالت ۾ به سچ تي سندرو ٻڌيو گُهمي، جنهن ڪري پنهنجا به پراوا ۽ اوپرن جيان پيش اچن. خير هن کي ڪڏهن به مون ان ڳالهه جي شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي. جس هجيس، انهن حالتن ۾ به مون هن کي هميشه مسڪرائيندي ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏٺو آهي.
اهو 1973ع جو زمانو هو، جڏهن آءٌ ۽ يوسف سنڌي، اسڪول جي پوئين بينچن تي ويهي مڙيو ئي ٽائيم پاس ڪري گهرن ڏانهن موٽندي خوشي محسوس ڪندا هئاسين، پر ان وقت به هن همراهه وٽ ڪا ڏات جي ڏياٽي موجود هئي، جيڪا ڏياٽي اڄ لاٽ ٿي ٻري رهي آهي. ان وقت جڏهن اڃا شعور جي ڏاڪي تي پير مس رکيو هئائين، ”گل ڦل“ کان سواءِ ٻيا به هڪ اڌ رسالا نڪرندا هئا، جن ۾ باقاعده لکڻ شروع ڪيائين. يوسف سنڌي مختلف مرحلن مان گذريو آهي. سماجي، سياسي، ادبي دنيا ۽ صحافت کان ٿيندو، ڪاروبار تائين به ڇانيل رهيو. هڪ فارسي شعر جو ترجمو آهي ته: ”اي قاتل! مون کي ڀلي قتل ڪر، پر منهنجي جرئت ته ڏس! مون تنهنجي شان ۾ گستاخي ڪري تاريخ کي هڪڙو نئون رخ ۽ روح ڏنو آهي!“ بهرحال، اها هن جي جرئت آهي.
يوسف سنڌي جنهن شعوري زندگي جي شروعات ’سُجاڳ ٻار تحريڪ‘ کان ڪئي، جنهن کان پوءِ هن صحافت به ڪئي، ان وقت دڙي شهر ۾ شروع شروع ۾ دڙو پريس ڪلب جو بنياد به يوسف سنڌيءَ وڌو. يوسف سنڌي گهڻ پاسي شخصيت سان گڏوگڏ هڪ تڪراري شخصيت پڻ رهيو آهي، پر همراهه ۾ اها ئي عادت ”سچ چوڻ واري“ جنهن ڪري سچ نه سهندڙ همراهه هن کان پاسيرا رهيا ته هونئن به چوندا آهن ته سچ چوڻ وڏي دليري آهي، پر ان کان وڌيڪ دلير اهو آهي جيڪو سچ ٻڌي ۽ برداشت ڪري. اها آءٌ دعويٰ هرگز نٿو ڪريان ته يوسف سنڌي ڪو گامون سچار آهي، پر هي ان راهه تي گامزن ضرور آهي.
هائو! اهو يوسف سنڌي جنھن دڙي شهر جي محمودا واهه جي ڪپ تي پربتن جيڏن عاليشان بنگلن جي اوٽ ۾ هڪ جُهڳي نما گهر ۾ محمد هاشم جي پڌر ۾ جنم ورتو، وڏن جي نشاني جيان يوسف سنڌي اڄ به غريب هوندي، ان گهر ۾ قربتون ونڊي ٿو، جتي سنگهار بنا سينگهار جي سهڻي بنجي پنهنجي ميهار سان محبتون ماڻي ٿي ۽ اُتي شهزاد، پنهنجي پيءُ جي گهر جي اڱڻ جي پڌر ۾ پيءُ جي اچڻ جو انتظار ڪندي اکڙين ۾ اوجاڳا اوتي ٿو، پر ڪڏهن به پنهنجي پيءُ کي اها ميار نٿو ڏئي ته: ”بابا! پاڻ هميشه ڇا ان غربت ۾ گهارينداسين؟“ ته اتي يوسف پنهنجي لعل جا اهي لفظ ٻڌي ڳنڀير ٿي وڃي ٿو، پر ڪوبه جواب نٿو اُڪلي ۽ سندس آڱرين مٿي جي وارن ۾ ڦيريندي سوچي ٿو: ڏات گهڻو ئي ڏکويو آهي. چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪي ٿو، پر دوستن جي دلاسن جي آٿت تي جيئي ٿو. اهو ئي يوسف سنڌي، جيڪو سنڌي ادبي سنگت دڙو جي سيڪريٽريءَ کان ٿيندو، مرڪزي سيڪريٽريءَ جنرل جي عهدي تائين پهچڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. نيري نڀ جي هيٺان پلجندڙ ماضيءَ جو ”جوسب“ ۽ حال جو يوسف سنڌي ادب جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي ٿو، پر سندس گود ۾ پيل گوندر جيڏا ڏک دل ۾ سانڍي به هي آدرشي انسان جيئي ٿو. اڙي يارو! هن جو ته ڪو ڀاءُ ناهي، پر هڪ نوجوان ۽ غير شادي شده ڀيڻ جي شفقت ڀري ڇانوَ کان محروم رهيو، جيڪا منهن موڙي هُن پار هلي وئي، جتان واپسي ناممڪن آهي.
بڙ ۽ نم جي ٿڌي ڇانوَ وانگر هڪ اڏول انسان، جيڪو پاڻ ته ڇانوَ کان محروم آهي، پر ڪوبه ڀٽڪيل ۽ مسافر ڪنهن وڻ جي هيٺان ٿڪ ڀڃندي راحت محسوس ڪري، اهو يوسف سنڌي جيڪو پاڻ اُس ۾ ڪڙهندي به گهر وارن جو اڪيلو سهارو بنجي ڪنهن گهاٽي وڻ جيان ڇانورو بنجي جيئڻ جا جتن پيو ڪري. هو اڪثر راتين جو رولاڪ آهي. نما شام کان اسر تائين جاڳي ڪنهن تخيل کي تخليق ڪري ٿو. حساس طبيعت سان گڏوگڏ شوخ به آهي. هن جي شوخي شايد دوستن جي منهن تي چماٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هو مجبوريءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن دوست اڳيان هٿ نٿو ٽنگي.
گُهنڊيدار وارن ۽ شرابي اکڙين جي مدهوشيءَ ۾ مخمور رهندڙ يوسف سنڌي عبرت مئگزين، برسات، هزار داستان ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن، ۽ رسالن جي سب ايڊيٽر کان ايڊيٽر تائين. ڪنهن به طرح هو ادبي دنيا سان واڳيل هجڻ چاهي ٿو. ادبي دنيا کان سواءِ هو پاڻ کي اڌورو سمجهي ٿو. محترم غلام حسين رنگريز، ابراهيم منشي، پرويز ۽ حسام سومرو سان تمام ويجهو رهندڙ يوسف سنڌي، جڏهن هڪ ڀيرو سندس آپريشن دوران ڪنهن اسپتال ۾ مون سان ملي ٿو ته دوستي يا حجت وارن انهن دوست ڏانهن عيادت جي ميار ڪري ٿو ويهي. هن جي اها ميار مون کي به روئڻ تي مجبور ڪري وجهي ٿي، تلسيداس جي دوهي وانگر ته: ”ساجن کي وئي اڃا ٻه ڏينهن به نه ٿيا آهن، پر اهي ٻه ڏينهن پنجاهه سالن جا لڳي رهيا آهن. ڀولي پنڊت کان پُڇي ٿي ته هڪ ڏينهن ۾ مهينا گهڻا ٿيندا آهن؟“ اهڙيءَ طرح مون ساري رات جاڳي گذاري، ٻئي ڏينهن جي انتظار لاءِ، آءٌ ٻئي ڏينهن وري به اسپتال ۾ يوسف سنڌيءَ جي عيادت ڪرڻ لاءِ ويس، پر پاڻ اتان واپس ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي چڪو هو، جنهن جي ميار آءٌ اڄ تائين کيس ڏيندو پيو اچان.
] ماهوار ’ادب‘ حيدرآباد - نومبر 2002ع[

سنڌي ادب ۾ پاڻ مڃرائيندڙ يوسف سنڌي

سنڌي ادب ۾ پاڻ مڃرائيندڙ يوسف سنڌي

محبوب سنڌي

يوسف سنڌي، سنڌ سان ڪيل عشق توکي سُهڻو ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجي چهري جي مُرڪ ڀاسي رهي آهي ته تون سنڌيت جو سچو سپوت آهين، جنهن جي جيئڻ جو محور ڌرتي ۽ قوم هوندي آهي, تنهنجي مدهوشي نما شفقي لالاڻ وارين خماريل اکين ۾ بلاولي سپنو چمڪي رهيو آهي، جنهن جي تعبير پسڻ خاطر صوفي شاھ عنايت به تلوار سان سر ڪٽرائي سرخرو ٿي پيو هو.اها ئي آسيس تنهنجي موجودگيءَ مان محسوس ٿئي ٿي، ٿيڻ به گهرجي، ڇو ته تون صوفي شاھ عنايت شهيد جو پاڙيسري آهين ۽ ساڳين لنگهن، پنڌن ۽ پيچرن جو راهي آهين، جن رستن تي هلندي وڌندي، ڌرتي جي آجپي کي ماڻي ڪري، ترقي ۽ خوشحاليءَ جون راهون هموار ڪري سگهجن ٿيون.
يوسف سنڌي، تون سنڌي ادب جي هڪ سچي ليکڪ جي حيثيت سان جيڪو به ادبي ڪم سهيڙي ڪتابن جي صورت ۾ اسان کي ڏنو آهي، جنهن ۾ عالمي سطح جي پرڏيهي ادب جا سنڌي ٻولي ۾ ترجما شامل آهن، اهڙي ڪرتڪاريءَ تنهنجي ادبي قد ڪاٺ کي اُفقي واري منزل تي رسائي, تنهنجي ادبي شخصيت کي غيور ۽ باشعور ليکڪ واري سٿ سان سلهاڙي تنهنجي نالي کي سنڌي ادب جو وڏو نالو بنائي چڪي آهي، بلڪ من موهيندڙ شخصيت جو تون نرالو ماڻهو آهين، جنهن جي ڀر ۾ ويهڻ يا صحبت پسي، تنهنجي شفيقاڻي طبعيت جو مٺاس وٺڻ لاءِ هر انسان آتو رهي ٿو, شايد تون محبت جي نگريءَ ۾ پيار جي اُٿيل پهرين پڪار آهين، جنهن جو احساس جيون جي ڪٿا جو انمول حصو بڻجي پوندو آهي.
يوسف سنڌي، تون پاڻ کي پبلشر جي حيثيت ۾ مڃرايو آهي. ”سچائي اشاعت گهر“ پاران تو نئين ٽهيءَ جي اديبن جا ڪتاب ڇپرائي، انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سينيئر اديبن جي مواد کي سهيڙي ڪتابي صورت ڏئي تو سنڌي ادب ۾ هڪ پبلشر جي حيثيت ۾ سُٺن ڪتابن جو واڌارو ڪيو آهي، جنهن سان کوڙ سارن نون ۽ پراڻن شاعرن, اديبن ,محققن, تاريخدانن ۽ مفڪرن جي ادبي تاريخ زندھ ٿي پئي آهي, يوسف سنڌي, اسان جهڙن ادبي طالب علم دوستن کي تو مان اهائي اميد آهي ۽ رهندي, اڄ هٿ ۾ قلم کڻي, توتي تحرير لکندي, کوڙ ساري سرهائي محسوس ٿي رهي آهي.
يوسف سنڌي، ڪوئي ڄاڻي يا نه ڄاڻي مان ڄاڻان ٿو ته تو ’سنڌي ادبي سنگت‘ سان سڳي ماءُ ۽ جيجل سنڌ امڙ وانگي ئي پيار ڪندو آهين، انهيءَ ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ڀلائيءَ ۾ تون پنهنجي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ سنگت جي ڪارڪنن ۽ سنگت سان پيار ڪندڙن جي محنتن سان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ”اياز گل“ پاران خريد ڪيل پلاٽ تي, توئي مرڪزي آفيس ٺهرائڻ جي شروعات ڪئي ۽ کوڙ ساريون محنتون ڪري پئسن جو بندوبست ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ اسان اديبن لاء هڪ گهر جي صورت ۾ جڙي تيار ٿيو, ان کان علاوه تنهنجي دور ۾ ’سنگت پبليڪيشن‘ ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو.جنهن جو اشاعتي سلسلو سگهارو ۽ تحقيقي مواد تي بيٺل آهي.
يوسف سنڌي، سنڌ جو هر درد توکي پنهنجو درد لڳندو آهي, ته سنڌ ماتا جي خوشين ۾ ئي تون خوش ٿيندو آهين، سنڌ مٿان ٿيندڙ سازشن تي تون سدائين بي ڊپو ٿي آواز اُٿاريو آهي، اهڙي خوبي توکي سنڌ ڌرتي جي معتبر اديب طور ظاهر ڪري ٿي.
يوسف سنڌي، تون شاھ لطيف ڀٽائي جي بيتن جيان معصوم آهين, انهي ڪري تو کي چاهيون ٿا ۽ چاهيندا رهنداسين.

]روزانه سوڀ، 3 آڪٽوبر 2020ع[

دوستيءَ جو سفر

دوستيءَ جو سفر

رشيد آزاد

اهو ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي، جڏهن آءٌ يونيورسٽيءَ کان موڪل ٿيڻ تي واپس ڳوٺ اچي رهيو هوس، حيدرآباد جي سبزي منڊي لڳ سجاول بس اسٽاپ آهي، جتان اسان سجاول جي ڪوسٽر ۾ چڙهي ميرپوربٺوري ۾ اچي لهندا آهيون. آءٌ ڄامشوري جي بس مان لهي سجاول جي ڪوسٽر ۾ چڙهيس ته سڄي گاڏي ڀري پئي هئي، اهو شام جو وقت هو ۽ پويان گاڏي به هئي الائي نه! سڄي ڪوسٽر ۾ فقط هڪ ئي سيٽ خالي هئي، جنهن تي هڪ ٿورو ٿلهيرڙو همراهه پاسي ۾ ڪتاب رکيو ويٺو هو. منهنجي دل هڪدم اوڏانهن چڪجي وئي۽ آءٌ ان شخص ڏانهن وڌي ويس، ”سائين جيڪڏهن تڪليف نه ٿئي ته ويهڻ لاءِ سيٽ ڏيندئو!“ مون چيو، ”ڇا ڪندين سيٽ کي!“ هن مزاحيه لهجي ۾ وراڻيو، ”سائين ويهندس، ٻيو ڀلا مٿي تي ڪونه کڻندس.“
”ويهي ڇا ڪندين؟“، ” سائين بزرگ! سفر وڏو آهي، اهو بيهي ته نٿو ڪاٽي سگهجي“ مون به مزاحيه لهجو اختيار ڪيو. ”ڪيڏانهن ويندين؟“ هن وري پڇيو، ”بٺوري ويندس“، ”بٺوري وڃي ڇا ڪندين؟“ ”بٺوري کان پوءِ دڙي ويندس“ ”۽ دڙي وڃي ڇا ڪندين؟“ ”دڙي کان پوءِ ڳوٺ ويندس.“ (منهنجو ڳوٺ دڙي شهرکان ٻه ڪلوميٽر پري ٻهراڙيءَ ۾ آهي.) ”ڪير مڙس آهين.“ ”سائين ڏسڻ ۾ ته ماڻهو ٿو لڳان، باقي خبر ناهي، هونئن به ابو امان هميشه چوندا آهن. ماڻهو ٿي ماڻهو..! وڌيڪ مون کي به خبر ناهي، توهان کي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچان.“ ”منهنجو مطلب آهي ذات ڪهڙي اٿوَ؟“ ”سائين ذات پات مان پاڻ ڄاڻون ڪونه باقي نالو عبدالرشيد آزاد آهي. هونئن به توهان مون کي ڪونه سڃاڻو، پرآءٌ توهان کي چڱيءَ طرح سُڃاڻان،“ ”ڪير آهيان آءٌ.“ ”توهان يوسف سنڌي آهيو، دڙي شهر ۾ رهندا آهيو ۽ سنڌ جا ناليوارا اديب آهيو، توهان تمام گهڻا ڪتاب ترجما ڪيا ۽ ڇپايا آهن. سنڌي ادب کي ڦهلائڻ ۾ ۽ ماڻهن جو شعور جي لاٽ ٻارڻ ۾ توهان تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“
ايئن وڪيلن واري انهيءَ آڏي پڇا کان پوءِ يوسف سنڌيءَ نيٺ مونکي سيٽ ڏني ۽ اسين بٺوري تائين ڪچهري ڪندا آياسين.
اها يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات هئي، ان کان اڳ ۾ آءٌ کيس سڃاڻندو ته هوس، پر ڪڏهن به ملاقات نه ٿي هئي. اهو سفر اسان جي دوستيءَ جو پهريون سفر هو. مون کي اها قطعي خبر نه هئي ته اهو ننڍڙو سفر اسان جي دوستيءَ جي طويل سفر جي شروعات ۾ بدلجي ويندو.
تعليم جي حوالي سان دڙو شهر ٺٽي ضلع جو اهم شهر آهي، جنهن ڪيترائي ناليوارا ماڻهو پيدا ڪيا، پر انهن ماڻهن هن ننڍڙي شهر سان وفا نه ڪئي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ننڍڙي شهر کي هميشه هميشه لاءِ خيرآباد چئي ويا. انهن ماڻهن جا نالا ڏيڻ آءٌ هتي مناسب نٿو سمجهان، ڇو ته اهي انهي لائق ئي ناهن، باقي ڪي ته اهڙا هئا. جن سان يا ته وقت وفا نه ڪئي يا ته زندگيءَ وفا نه ڪئي. انهن ۾ موتي پرڪاش جهڙا املهه ماڻهو به آهن، جيڪي ورهاڱي جي ور چڙهي هميشه هميشه لاءِ پنهنجي جنم ڀوميءَ کان وڇڙي ويا. اڄ به هو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪري زارو قطار روئي ٿا پون، اها جنم ڀومي، جتي هنن زندگيءَ جي پهرين صدا بلند ڪئي هئي، جتي هنن پنهنجن پتڪڙن هٿن سان مٿي ۾ مٽي وجهي پنهنجي سينڌ کي سنواريو هو. جتي هنن محموده واهه ۾ وهنجندي هڪ ٻئي کي پيار مان پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا هئا. جتي سندن جوڀن پروان چڙهيو هو، جتي سندن ننڍپڻ جون آسون ۽ اميدون دفن ٿيل آهن، انهيءَ مٽيءَ جي سڳنڌ کي هو ڪيئن ٿا وساري سگهن.
موتي پرڪاش کان ويندي شهيد ذڪريا تائين ۽ ڊاڪٽر رجب علي ”ضياءُ“ کان ويندي يوسف سنڌيءَ تائين، دڙي جي ڌرتيءَ مان املهه هيرا ڦُٽي نڪتا آهن. ڪي ته ويچارا نامعلوميءَ جي انڌي غفا ۾ گم ٿي ويا، ڪي وري پنهنجي معصوميت ۽ مسڪينيءَ ڪري منظر عام تي اچي نه سگهيا، جن ۾ چاچا ايوب منڇري ۽ ٻيا به ڪيترائي هوندا.
بهرحال هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ يوسف سنڌي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پوري ذميواريءَ سان پاڻ ملهائيندو پيو اچي. يوسف سنڌي هڪ آدرشي انسان آهي، سندن من ۽ ذهن هميشه هن ناسور بڻيل سماج ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي پَچندو ۽ پڄرندو رهي ٿو. هو نه صرف سوچي ٿو، پر هميشه لوچيندو به رهي ٿو، پاڻ ڪمال دل ۽ ڪشاده سوچ جو مالڪ آهي، ڪنهن سان هروڀرو دشمني نه رکندو آهي.
پاڻ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت عيسيٰ جو تعليم کان گهڻو متاثر آهي ۽ انهن جي تعليم کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسندو آهي. منجهس معاف ڪرڻ، درگذر ڪرڻ ۽ سَهپ جي وڏي خوبي آهي. هو پاڻ معاف ڪرڻ ۾ ئي وڏي ۾وڏي خوشي محسوس ڪندو آهي.
دوستيءَ جي حوالي سان يوسف سنڌي هڪ بهترين دوست آهي. دوستيءَ ۾ پاڻ هميشه ڏيڻ ڄاڻندو آهي، وٺڻ نه! اسان جي دوستيءَ کي ڪو ايترو وڏو عرصو نه گذريو آهي، پر ان ٿوري عرصي ۾ ئي هو مون کي نه صرف بهترين دوست، پر بهترين انسان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو نه صرف سنڌ سان، پر پوري انسان ذات سان محبت ڪندڙ آهي ۽ ان جي آجپي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جا جذبا رکي ٿو.
مون کي، ادب سان ته اڳ ۾ به ڪافي دلچسپي هئي، پڙهندو به هوس ۽ لکڻ جو به شوق شروع کان ئي هو، پر مون کي ادبي ميدان ۾ آڻڻ ۾ يوسف سنڌيءَ جو اهم ڪردار آهي. آءٌ ايئن چوان ٿو ته جيڪڏهن يوسف سنڌي منهنجي رهنمائيءَ نه ڪري ها ته آءٌ ڪڏهن به لکڻ جهڙو نه ٿيان ها.
]ماهوار ’ادب‘ – نومبر 2002ع[

ٻن صدين جو ساٿي يوسف سنڌي

ٻن صدين جو ساٿي يوسف سنڌي

ڊاڪٽر خالق ميمڻ

ها، هي ٻن صدين جو ساٿي آهي،
مطلب ويهين صدي جيڪا گذري وئي
۽ ايڪيهين صدي، جيڪا هلي پئي.
ويهين صديءَ ۾ ٻالڪپڻ ۽ ڦوھ جوانيءَ جا ڏينهن جيڪي پرائمري اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين، گهر، گهٽين کان ويندي پنڃاري ۽ محمودهه واھ جي ڪپن تائين، واڻين جي مندر واري اسڪول کان ويندي بنگلاديش اسڪول ۽ هاءِ اسڪول تائين.
سنگتين ۾ هڪ گول مٽول، ڳاڙهو ٽماٽو، ٿُلهو نينگر جيڪو اسڪول کان نٽائيندو هئو ته مرحوم سائين شفيع محمد ميمڻ گهران کنڀي کڻي ايندو هئس، اُهو سڪيلڌو يوسف سنڌي هئو. ننڍي هوندي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران صبح جو سائين شفيع ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش مڱڻهار جي حوالي ۽ شام جو حاجي جمن جي رائيس مل ۾ سارين جي کوڙن تي ڳيرن جي وَلَرن جي ڪَڍ، اسان جي سنگت اُن وقت کان وٺي هلندي اچي.
مونکي ننڍپڻ کان وٺي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا پوکڻ، ڊرائنگ ۽ پينٽنگ ڪرڻ، سائيڪل هلائڻ، لاٽون، بِلور ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان گڏوگڏ آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين هو، سو انهن ڪتابن، آکاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي شوق جي ڪري يوسف سان ياري بنھه گهاٽي ٿي.
يوسف جي گهر جي پاسي ۾ ڦٽل مشين ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو ۽ اسان وري ڪتابن ۽ راند روند بهاني ٻيرن جا به جهول ڀريندا هئاسين.
پرائمريءَ دوران ٻاراڻو ادب، قصا ڪهاڻيون جنهن ۾ الف ليلي، سنڌ باد سيلانيءَ جا ست سفر، گل ڦل، گلن جهڙا ٻارڙا، سنڌي ادبي بورڊ جا ٻاراڻا ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهي ۽ گڏ ڪري گهر ۾ لائبريري ٺاهي ڇڏي هئي ۽ هم ڪلاسين کي آنو ٻه آنا روزانه مسواڙ تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هئس، ۽ ان وقت گل ڦل ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ’قلمي دوستي‘ ۽ ’هنن سان ملو‘ ۾ پنهنجو تعارف شايع ڪرائي ڪيترن ئي قلمي دوستن سان ڪيترو ئي عرصو خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رکيوسين.
ھاءِ اسڪول وياسين ته ڪجھه سمجھه وڌي ۽ پوءِ افسانا، ناول، شعر و شاعري ۽ سفرناما پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ان وقت کان وٺي امرجليل ۽ الطاف شيخ منهنجا من پسند ليکڪ رهيا آهن.
جيتوڻيڪ دڙي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ستون ڪلاس پاس ڪري آءٌ بٺورو هاءِ اسڪول هليو ويس، پر يوسف سان ياري جاري و ساري رهي، سو ڏهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پاڻ فيصلو ڪيائين ته ڇو نه سموري سنگت گڏجي ڪو پنهنجو ڪتاب ڇپرايون، سو سموري سنگت پنهنجي پنهنجي خرچي گڏ ڪري اُن شرط تي يوسف حوالي ڪئي ته ڪتاب ڇپائي کپائي، سڀني کي پئسا واپس ڪندو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين واپس نه ٿيا ۽ انهي ڳالھه جو ڏک رهندو.
بهرحال ڪنهن دوست لطيفو ته ڪنهن دوست سهڻا سخن ته ڪنهن چونڊ شاعري ڏني، اسان پارن پرايون آکاڻيون چوري ڪري پنهنجي پنهنجي نالي سان ڏنيون، مونکي به يوسف چيو ته تون به ڪجھه لکي ڏي ته ڇپرايو پر مونکي سمجھه ۾ نه آيو ته ڇا لکان، سو ڪجھه ڏينھن جي سوچ ويچار کان پوءِ هڪ پُراڻي لوڪ ڪهاڻين جي ڪتاب مان آکاڻي چورائي پنهنجي نالي سان يوسف جي حوالي ڪيم، جيڪا يوسف به بنا تصديق جي ڪتاب ۾ ڇپائي ڇڏي. ڪتاب جو نالو ’هوشوءَ سندي هام‘ رکيو ويو، هي يوسف جو پهريون ڇپرايل ڪتاب هو ۽ اها منهنجي پهرين ۽ آخري ادبي چوري هئي.
ويهين صدي ختم ٿي وئي، ايڪيهين صدي شروع ٿي وئي، يوسف، يوسف مان يوسف سنڌي ٿي ويو، آءٌ خالقوءَ مان ڊاڪٽر خالق ٿي ويس. پر ساٿ هلندو اچي، ڪتابن جي بهاني، ادبي رهاڻين جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام هجن يا سياسي سماجي گڏجاڻيون، يوسف سنڌي سڀن کان اڳڀرو ۽ اسان سندس ٻانھن ٻيلي. منهنجي ڪلينڪ توڻي اسڪول تي جيڪي به ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرام ٿيا، تقريبن يوسف سنڌيءَ جي مرهون منت ٿيا.
يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت ۾ جيترو ڪم ڪيو، شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي، سنگت جو ڪتابي سلسلو هجي يا ادبي پروگرام ۽ ايوارڊ تقريبون هجن. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو آڊيٽوريم هجي ۽ يوسف سنڌي جو ميلو متل نه هجي.
ڪتاب بغل ۾ سڄي سنڌ پيرن هيٺان لتاڙي ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
يوسف سنڌيءَ جو ادبي پورهيو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، هيلتائين سندس اسي کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ويهارو کن سندس طبعزاد، ڪهاڻيون ناول سفرناما وغيره، پنجاھ کن ترجما ۽ ڏهاڪو کن ترتيب ڏنل ڪتاب آهن.
يوسف سنڌي ڪيترو وقت مختلف اخبارن سان پڻ سلهاڙيل رهيو، ڪڏهن ڪنهن صفحي جو انچارج، ڪڏهن ڪالم نگار ته ڪڏهن نقاد.
يوسف سنڌي گهڻ پاسائي شخصيت جو مالڪ آهي، هو هڪ محنتي استاد، اديب، نقاد، دانشور، مترجم، پبلشر سان گڏوگڏ يارن جو يار آهي. دوستيءَ جي معاملي ۾ ’ڪنگ ميڪر‘ به آهي، اڪثر دوستن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هوندو آهي ۽ موٽ ۾ اُهي ئي سندس پير ڇڪڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ کيس اُن ۾ مزو ايندو آهي.
يوسف هينئر ڪجھه سالن کان حيدرآباد شفٽ ٿي ويو آهي، پر جڏهن به دڙو ايندو آهي ته بيٺڪ مون وٽ ئي هوندي اٿس.
يوسف کي آءٌ ننڍي هوندي يوسف ٿُلهو چوندو هئس ۽ هينئر کيس جوزف انگريزي چوندو آهيان.
يوسف سنڌي اسان جي ڳوٺ دڙو جو نڪ آهي، سڃاڻپ آهي ۽ اسان کي مٿس ۽ سندس دوستيءَتي فخر آهي.
] ڊاڪٽر خالق ميمڻ جي وال تان[

منهنجي ننڍپڻ جو دوست يوسف سنڌي

منهنجي ننڍپڻ جو دوست يوسف سنڌي

سجاد ميمڻ

ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين واري زندگي دؤران انساني زندگي جي سفر ۾ ڪيترائي ساٿي سفر ڪندا آهن، جن ۾ رت جا رشتا، مائٽي جا رشتا ۽ دوستي جا رشتا اچي وڃن ٿا.
دوستي هڪ اهڙو رشتو هوندو آهي، جنهن ۾ قرباني، سهپ ۽ دوستي لاءِ سڀ ڪجهه ارپڻ اچي وڃي ٿو.
منهنجي زندگي ۾ به ڪيترائي دوست رهيا ۽ رهندا اچن. هڪ ڏينهن منهنجي ڌيءَ سحر مونکان اوچتو هڪ عجيب سوال ڪيو پُڇيائين ’بابا توهان وٽ اڪثر مختلف دوست ايندا رهندا آهن. مون کي ٻڌايو ته توهان جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو دوست ڪهڙو آهي؟‘ اهو ٻُڌي ٻُڏتر جو شڪار ٿي ويس، ٿوري دير سامت ۾ اچڻ کانپوءِ وراڻيم: يوسف سنڌي - سحر پُڇيو، اهو وري ڪيئن..؟
چيو مانس ته اهو منهنجو ذاتي ۽ ادبي دوست آهي، ننڍي هوندي کان وٺي گڏ پڙهيا آهيون ۽ ڪلاس فيلو آهيون.
پڇيائين، ادبي دوست ؟ اهو ادبي ڇا هوندو آهي؟ مون کيس وضاحت سان سمجهايو.
اسڪولي زماني ۾ اڪثر ڪڏهن يوسف جي گهر ويندو هئس ته ڪڏهن وري يوسف منهنجي گهر ايندو هو. هڪٻئي کان ڪتاب وٺي پڙهندا هئاسين، پر اڪثر يوسف سنڌي مون کان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن واپس نه ڪندو هو ۽ ڦٻائي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري آءٌ خارن مان سندس گهر مان سندس ڪتاب بدلي وٺڻ لاءِ چوري ڪندو هُئس. اهو سلسلو هلندو رهيو. هڪ دفعي آءٌ گهر ۾ نه هُئس، هن منهنجي ڪتابن جي الماري جيئن کولي ته امان رڙ ڪري يوسف کي چيو اڙي ابا هي ڇا پيو ڪرينءَ؟ يوسف ڊپ کان ڊوڙي گهر مان وٺي ڀڳو. اڪثر ڪري جڏهن امان يوسف جي پاڙي ۾ ويندي هئي ته يوسف امان کان ڊڄي ڀڄندو هو ۽ پويان امان مٿس کلندي هئي.
اهي ننڍپڻ جا لمحا هئا، آءٌ ۽ يوسف ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن تان وڙهي به پوندا هئاسين. مئٽرڪ ۾ جڏهن اسان سڀني گڏجي دڙي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪتاب ”هوشوءَ سنڌي هام“ ڇپرايو، جنهن ۾ سڄو ڪردار يوسف سنڌيءَ جو رهيو، اتان کان باقاعدي ادب ۾ يوسف سنڌي جي ڪري پير پاتو سين. ادبي زندگيءَ ۾ ننڍي ٻار جيان آڱر مان جهلي ادب ۾ مون کي يوسف سنڌيءَ آندو. سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهياسين. اڪثر يوسف سنڌي سان ذاتي ۽ ادبي حوالي سان اختلاف به رهيا، پر اڄ ڏينهن تائين اسان جي اها دوستي هلندي اچي.
يوسف سنڌي پنهنجي زندگيءَ ۾ ذاتي طور تمام گهڻو ڊسٽرب رهيو آهي، شايد ادبي لڏي جي بنهه گهٽ دوستن کي سندس ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ايتري ڄاڻ هجي، پر آءٌ چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته هن شخص ڪيئن پنهنجن مسئلن کي منهن ڏنو آهي ۽ ادبي سفر کي به جاري رکيائين، ادبي سفر ۾ به ڪيترائي سندس مخالف رهيا، پر سندس ادبي پورهيو ٻڌائي سگهي ٿو ته هن ماڻهوءَ هيستائين پاڻ سان، سماج سان ۽ دوستن سان ڪيئن نڀايو آهي.
مون کي يوسف سنڌيءَ جي دوستيءَ تي فخر آهي ته مون کي هڪ سٺو سُلجهيل ۽ سمجهدار دوست مليو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مون سان سندس زندگي جا ڏک سور به سليندو آهي ۽ وري ڪڏهن آءٌ به ساڻس ڏک سور ونڊيندو آهيان. سلام آهي يوسف سنڌي کي ...

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فخر

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فخر

قاضي سعيد

ڪنهن پڙهي لکئي، چڱي ڀلي ماڻهوءَ مون تي تنقيدي جملي بازي ڪندي چيوته ”توهان اديب خوشامدي هوندا آهيو.“ پر مون سندس اصلاح ڪندي چيو ته منهنجا سائين ايئن ناهي. ايئن ڪڏهن ٿي به ڪونه ٿو سگهي ته اديب هجي ۽ اهو خوشامدي. ايئن ممڪن ناهي. ڇو ته اديب معنيٰ اهو ماڻهون جيڪو هرگز به خوشامدي نه هجي. مان ته ايئن به چوان به ٿو ته ”اديب جو خوشامدي ٿيڻ معنيٰ ادب جو موت آهي.“ اديب اهو آهي، جيڪو حق گو هجي ۽ حق لکندڙ هجي. اديب هڪ اهڙو جمهوري فرد هوندو آهي. جنهن کي جمهوريت جي فائدن جي گهڻي خبر هوندي آهي. اديب جمهوريت جو علمبردار هوندو آهي. اديب جو روح آزاديءَ جي وشال پرواز ڪندڙ هڪ پکي هوندو آهي. جيڪو آزادين جي هوائن کان چڱي طرح واقف هوندو آهي. ۽ هو چاهيندو آهي ته سڄي انسان ذات پڻ انهيءَ آزاديءَ جي نعمت سان مالا مال ٿئي. انهيءَ مقصد خاطر هو جدوجهد ڪندو رهي ٿو. هو ڪڏهن به چُپ ڪري ويهي نه ٿو رهي. هو پنهنجي محدود وسيلن ۽ واسطن جي بنياد تي، جتي به کيس ڪو اهڙو موقعو ملي ٿو ته هو اهو موقعو پنهنجي هٿن مان وڃڻ ڪونه ٿو ڏئي. جنهن سان ڪروڙن انسانن جو فائدو ٿيندو هجي. اديب سدائين هر ڏاڍ ۽ استحصال جو دليريءَ سان مقابلو ڪندو رهندو آهي. اديب کي جيڪڏهن ڪيرايو ويو آهي ته اهو ٻيهر همٿ ڪري اُٿيو آهي. اهو اديبن جو جاکوڙي ۽ مزاحمتي سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو.
انهيءَ لافاني سلسلي جي هڪڙي ڪِردار جو نالو آهي يوسف سنڌي.
يوسف سنڌي اهو اديب آهي، جنهن سدائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي. هو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، سنڌيڪار، پبلشر ۽ هڪ مخلص ۽ همٿ ڀريو اڳواڻ آهي. مان يوسف سنڌي کي روحاني طور تڏهن کان سڃاڻان ٿو، جڏهن آءٌ تقريبن تيرهن کن سالن جو هئس. يوسف سنڌيءَ جا ترجمو ٿيل ڪيترائي ڪتاب جيڪي گهڻو ڪري مزاحمتي ۽ ترقي پسند اديبن جا تحرير ٿيل هوندا هئا،۽ اهي ڪتاب دنيا جا بهترين ادبي شاهڪار آهن، جيڪي محترم يوسف سنڌي اسان جي سنڌي ادب ۾ آندا آهن، انهن مان مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن. اسان جي سنڌي ٻولي ۾ ان ڪري ئي دنيا جو شاهڪار ادب آهي. جو ان ۾ دنيا جي شاهڪار ڪتابن جو ذخيرو جهجهي مقدار ۾ موجود آهي. ۽ اهو ڪم يوسف سنڌيءَ ۽ کانئس اڳ مرزا قليچ بيگ ۽ الطاف شيخ ۽ ٻين کوڙ سارن اديبن جي جاکوڙ سان ٿيندو رهيو آهي. اها انهن جي وڏي هڪ قومي ۽ ادبي خدمت آهي. سڄي قوم انهن ماڻهن کي عزت ۽ فخر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. يوسف سنڌي، سنڌي قوم جو فخر آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. ڇو ته سندس خدمتون ظاهر آهن. هڪ پبلشر جي ناتي هن سنڌي ادب ۾ تمام گهڻن املهه ۽ ناياب ڪتابن جو اضافو ڪيو آهي. ۽ سندس اها ڪوشش، محنت اڄ تائين جاري آهي.
گهنڊيدار وارن ۽ سٻاجهڙي مُرڪ رکڻ واري وچولي قد ڪاٺ ۽ مضبوط جسم واري يوسف سنڌي سان منهنجي ملاقات نوشهري فيروز پريس ڪلب ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل هئا. نوشهرو فيروز پريس ڪلب ۾ رٿيل ’سنڌ ڪائونسل‘ جي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي مُڙني شاخن جي سيڪريٽرين کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت مليل هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان مان به ان سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هئس. تمام مانائتو ۽ محبت ڀريو شفيق ماڻهون يوسف سنڌي انتهائي پاٻوهه ۽ سڪ سان مليو هو. ۽ پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هئائين. ساڻس ملندي ايئن محسوس ڪونه پئي ٿيو ته آءٌ ڪنهن اجنبي شخص سان ملي رهيو آهيان. بلڪ مون ايئن پئي ڄاتو ته مان ڪنهن آشنا شخص سان ملي رهيو آهيان. هو بلڪل مونکي پنهنجو لڳو هئو. موناليزا جي مُرڪ جهڙي لازوال مُرڪ رکندڙ يوسف سنڌي هڪ مخلص شخص آهي. جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ اديب آهي. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي باقاعده شروعات ڪندڙ پهريون سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جنرل محترم يوسف سنڌي هو. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ پاڻ پوسٽ ڪارڊ مهم شروع ڪئي هئائون ۽ هزارين پوسٽ ڪارڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي نمبر سان درج ٿيل، صدرپاڪستان کي اماڻيا ويا هئا. اها عظيم ڪاوش ۽ تاريخي ڪم محترم يوسف سنڌي جن جهڙي مدبر ۽ مخلص اڳواڻ جي قيادت ۾ شاندار ڪاميابي سان مڪمل ٿيو هو. انهيءَ تاريخي جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ اسيمبليءَ مان اها قرارداد پاس ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، اها هڪ وڏي تاريخي ڪاميابي هئي.
يوسف سنڌيءَ جي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت تمام گهڻي متحرڪ ۽ سرگرم رهي هئي. ايوارڊ ڏيڻ، سيمينار منعقد ڪرائڻ وارا ڪم، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتابن جي اشاعت ۽ مهورت جهڙا ڪيترائي ڪارناما ۽ سرگرميون سندس بدولت سرانجام ڏنيون ويون. سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ وارو يوسف سنڌي تمام گهڻي عزت ۽ مان لهڻي. سنڌي ٻوليءَ جي هن مخلص ڪارڪن جون بي مثال ادبي خدمتون رهيون آهن، سندس اُن قومي خدمت جي ساراهه ٿيڻ گهرجي ۽ کيس عظيم ڀيٽا ملڻ گهرجي. جنهن جو هو لائق ۽ مستحق آهي.
]سڦلتا – جنوري 2015ع[

سنڌي ادب جو شهزادو

سنڌي ادب جو شهزادو

اسد گوپانگ

مون ادب جي پهرين وک پنهنجي انتهائي پياري دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر جي سڃاڻپ ۽ واقفيت کان پوءِ کنئي ۽ اُن جي معرفت سنڌي ادبي سنگت باڊهه جو ميمبر ۽ پوءِ عهديدار ٿيس. ايئن ادبي دنيا ۾ آيس. وفا صالح سان جيڪي به منهنجون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون هيون انهن ڪچهرين ۾ هُو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي پنجن دوستن جو ذڪر نه ڪري ته کيس مزو ئي نه اچي، اهڙي ڪا به ڪچهري نه هئي، جنهن ۾ هُو انهن بابت نه ڳالهائي، شايد ڪو به عابد اهڙو ذڪر پنهنجي خدا جو به نه ڪندو هجي. جيترو ذڪر وفا جي واتان مون سندس دوستن جو ٻُڌو هو. يقينن توهان انتظار ۾ هوندو ته اهي پنج دوست ڪهڙا آهن؟ اسان به پڙهون ۽ ٻڌون، ها ٿورو انتظار ڪريو ته نالا کڻان ٿو، پر نانءُ کڻڻ کان اڳئي هڪڙي ڳالهه اها ته وفا سان دوستيءَ جي دامن ۾ رهڻ ڪري اُهي پنج ئي نالا منهنجي دوستيءَ جي دامن ۾ به اچي ويا ۽ مان به انهن سان ايترو ئي پيار ڪريان ٿو، جيترو پيار وفا کين ڪندو آهي، وفا جي پيار ۾ دادلي ٻار جيان انگل به هوندا آهن ۽ هوڏي ٻار جيان ضد به هوندو آهي. انهيءَ انگل ۽ ضد ۾ به پيار جو سمنڊ ڀريل هوندو آهي.
اوهان جو انتظار ختم ڪندي اهي نالا کڻان ٿو، هڪ سڪرنڊ شهر جي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو ۽ ٻيو دادو ۾ آ جادو جي شهر سان تعلق رکندڙ سنڌ جو اربيلو ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ شاعر مرحوم مشتاق ڀرڳڙي، ٽيون نالو آهي، شهيدن جي شهر نئون ديرو سان واسطو رکندڙ سنڌ جي اعليٰ پائي جو شاعر پنهنجي نالي سان من + ٺار يعني من جو ٺار، منٺار سولنگي، چوٿون نانءُ آهي سانگهڙ جهڙي تاريخي شهر مان سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار راجن مڱريو. پنجون ۽ آخري نانءُ آهي منهنجي دل جي ڌڙڪن يوسف سنڌي.
هڪ اهو يوسف هو، جيڪو مصر جو شهزادو هو ۽ ٻيو هي يوسف آهي جيڪو سنڌي ادبي دنيا جو شهزادو آهي. يوسف سنڌي. يوسف سنڌيءَ سان ملاقات کان اڳ ئي وفا جي ذڪر منهنجي دل ۾ يوسف سنڌي لاءِ محبت جا ڏيئا ٻاري ڇڏيا هئا. يوسف سان جيستائين ملاقات ٿئي، تيستائين وفا صالح مون کي يوسف جا درجن کن ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا. انهن ۾ ٻه چار ترجمو ۽ ٻيا طبعزاد ڪتاب هئا، يوسف جون لکڻيون پڙهڻ کان پوءِ ويتر ملڻ لاءِ من بي قرار ٿي پيو، يوسف جي لکڻين مون کي يوسف جي زليخان بنائي ڇڏيو. زليخان، يوسف جو حسن ڏسي ان تي فدا ٿي پئي هئي، مان وري يوسف سنڌي جون لکڻيون پڙهي مٿس فدا ٿي پيو هيس. منهنجي يوسف سنڌي سان ملڻ واري تڙپ ڏينهن به ڏينهن گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وئي، مان وفا کي ستائيندو رهيس ته مون کي يوسف سنڌيءَ سان ملاءِ. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو ڏينهن آيو. جو يوسف سنڌي ڪنهن پروگرام ۾ نئون ديرو آيو ۽ پوءِ وفا سان گڏجي باڊهه آيو، اسان رات باڊهه ۾ رهياسين ۽ يوسف سنڌي سان ڀرپور ڪچهري ٿي. پهرئين ملاقات ۾ ساڻس ڪچهري ڪندي ايئن پئي محسوس ٿيو ته يوسف ۽ مان هڪ ٻئي جا پراڻا يار آهيون، يوسف سنڌي پنهنجي لکڻين جو اولڙو لڳو هو.
سنڌ جو هيڏو وڏو ليکڪ، ترجمي نگار، اديب سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايترو سادو ۽ فقيراڻي طبعيت وارو ڏسي مان اڃا به يوسف جو ديوانو ٿي ويس. ان کان پوءِ ٻه چار دفعا يوسف سنڌيءَ سان ملاقاتون ٿيون. سچ پچ ته يوسف سنڌي پنهنجي اعليٰ انساني صفت ۽ فقيري طبعيت جي ڪري منهنجي دل مان نه نڪري سگهيو آهي، شايد ڪڏهن نڪري به نه سگهندو.
يوسف جون ادب ۽ ادبي سنگت جي لاءِ خدمتون ڏسي مان کيس سنڌي ادبي دنيا جو شهزادو سڏيندو آهيان. هو ڀل مصر جو يوسف نه هجي، پر ادبي دنيا جو شهزادو ضرور آهي. يوسف سنڌي لاءِ دعا ته هو سنڌي ادب ۽ ٻولي جي بهتريءَ لاءِ سدائين ڪم ڪندو رهندو.
]سڦلتا-جنوري 2015ع [

يوسف سنڌي: هڪ ڪامياب انسان

يوسف سنڌي: هڪ ڪامياب انسان

محمد يوسف ڀُٽو

سنڌ جي ادبي تاريخ ڪيترن ئي اهڙن اديبن ۽ شاعرن سان ڀري پئي آهي. جن پنھنجي دؤر ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ فخر جوڳو ڪِردار ادا ڪيو ۽ جيڪي، ان جي ارتقا، وُسعت، جدت ۽ مسلسل فروغ جو سبب بڻيا ۽ بڻجندا رهيا. بنا شڪ جي يوسف سنڌي به اُنھن منجهان هڪ اهم نالو آهي، جنھن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. منھنجي لاءِ يقينن اِها خوشيءَ جھڙي ڳالھه آهي ته مون کي ”يوسف“ تي ڪجهه لکڻ جو موقعو مِليو آهي. انھي موقعي جي مناسبت سان اها ڳالھه به ڪندس ته يوسف سنڌي ادبي کيتر ۾ هڪ اهم مقام رکندڙ اُهو نالو آهي، جنھن مسلسل جدوجھد ذريعي پنھنجي جڳھه پاڻ ٺاهي آهي. جنھن ۾ سندس اڻٿڪ محنتون، شوق، جذبو ۽ صلاحيتون شامل آهن ۽ اڄ هو سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ ستارو بڻجي چُڪو آهي.
سندس هونئن ته ادبي لحاظ کان ڪيترائي پاسا آهن، پر هن جي اها ڳالھه اهم آهي ته پاڻ هڪ پبلشر جي حيثيت سان ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن اُهي ڪِتاب ڇپرائي سگهڻ جي سگهه نٿي رکي ۽ اِهو ته پاڻ ڪيترن ئي ماڻھن کي ادبي دُنيا ۾ متعارف پڻ ڪرايائين. نه صرف اِهو پر مون کي به س. ا. س دڙي شاخ ۾ وٺي اچڻ جو باعث بڻيو. ۽ مونکي ٻه دفعا سنگت دڙي جو جوائنٽ سيڪريٽري پُڻ مقرر ڪرايائين. تازو سنگت پبليڪيشن تحت ”سنگت“ جا پنج پرچا ڇپرائي پڌرو ڪرڻ جو سھرو به سندس ئي سر تي وڃي ٿو. مختصر وقت ۾ سنگت جا پنج پرچا آڻڻ ۽ ايڏو وڏو ڪم ڪرڻ واقعي قابل قدر آهي. سندس هڪ اهم ۽ خوبصورت ڪاوش اها به آهي ته پاڻ دڙي جي سينيئر توڙي جونيئر شعراءُ تي تحقيق ڪري گهر گهر وڃي اُنھن جو مواد هٿ ڪري هڪ شاهڪار ڪِتاب لکيو اٿس. جنھن جو نالو آهي ”پسي تنھنجي تجلي“، کيس هي ڪِتاب لِکندي مواد لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئي، سا بيشڪ ساراهه لائق آهي.
شھر دڙو جيڪو ضلعي ٺٽي ]هاڻ سجاول[ بلڪِ سنڌ ۾ ادبي لحاظ کان پنھنجي الڳ سُڃاڻپ ۽ حيثيت رکي ٿو، اتي جون ڪئين اهم شخصيتون جيڪي هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويون، اُنھن جو مواد ۽ حالات زندگي هٿ ڪرڻ ڪا سولي ڳالھه نه هئي، پر يُوسف وسان نه گهٽايو ۽ لڳاتار ڪوششن ۽ محنتن سان اُنھن جي تاريخ جوڙي ورتي ۽ سڀني ڏِٺو ته پاڻ اڪيلي سر انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ويو ۽ خوشقسمتيءَ سان کيس انھيءَ ڪم تي ڪافي مڃتا پڻ مِلي رهي آهي ۽ انشاءَالله مِلندي رهندي، پاڻ دڙي سميت سڄي سنڌ مان انھيءَ شاهڪار تصنيف تي ڏاڍو مان ماڻيو. اميد آهي ته ايندڙ نسل به کيس انھيءَ ڪم تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا.
هڪ ٻي دِلچسپ ڳالھه اِها آهي ته سنڌ جا ماڻھو به يوسف کي چاهين ٿا. حيدرآباد هُجي يا ڪراچي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن اخبار يا ڪنھن مئگزين جي آفيس ڏانھن وڃڻ ٿيندو آهي يا فون تي ڳالھه ٻولھه ٿيندي آهي ته اُتي موجود ماڻھن کي جڏهن ٻُڌائيندا آهيون ته دڙي کان آيا آهيون ته دڙي جو ذڪر ٿيندي ئي اُهي هڪدم يوسف جي پُڇا ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان پاران کيس سلام ۽ دُعائون ڏيندا.
يوسف عملي طور تي هڪ جاکوڙيندڙ شخص آهي. سندس ڪم، محنت ۽ صلاحيت يقينن قابلِ قدر آهن. ساڻس ايئن ملڻ ٿيندو رهندو آهي ۽ هو اڪثر ڪچھرين دوران اسانکي چوندو رهندو آهي، ”ماٺ ڪري نه ويھو، لکو، پڙهو ڪم ڪريو ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو.“ سندس اِهي لفظ اسان لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ بڻجندا رهندا آهن. يوسف جيتوڻيڪ ادبي دُنيا جو هڪ وڏو نالو بڻجي چُڪو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته هن ڪڏهن به اسان آڏو وڏ ماڻھپي يا اسٽينڊرڊ رکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هو سدائين سادگي سان ئي مِلندو رهندو آهي ۽ مِلڻ وقت سندس چھري تي مُرڪ نمايان نظر ايندي آهي.
اسان جي دُعا آهي ته يوسف جي ڪاميابين جو سلسلو اڳتي لاءِ به ايئن جاري رهي، ڇو جو اسين سندس ڪاميابين کي پنھنجون ڪاميابيون سمجهون ٿا.

سادو پر سچو ماڻهو

سادو پر سچو ماڻهو

فيض جوکيو

ڪجهه سال اڳ جڏهن مان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو ۽ اخبارن توڙي رسالن ۾ ادبي سنگت ۾ شامل مختلف اديبن ۽ شاعرن جا نالا نظر مان گذرندا هئا ته انهن ليکڪن ۾ هڪ نالو يوسف سنڌيءَ جو به ڏسڻ ۾ ايندو هو. منهنجو به ادبي دنيا ۾ نئون نئون اچڻ هو. تنهن ڪري ادبي دنيا جي ناليوارن ليکڪن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ جو شوق به تمام گهڻو هو. انهيءَ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ليکڪن سان ادبي سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۾ ملڻ ٿيو ۽ گهڻن سان سندن رهائش گاهن تي به وڃي ملاقات ڪيم، ڪن ليکڪن ملڻ سان من موهي وڌو ۽ ڪن ته دِل آزاري ڪئي. انهن ملاقاتن کان پوءِ خبر پئي ته هر چمڪندڙ شئي سون ڪانه هوندي آهي ۽ ڪافي اديبن ۽ شاعرن جو حال به انهيءَ مثال جهڙو آهي ته نالو وڏو ڳوٺ سُڃو. اهڙن ليکڪن سان هڪ دفعي ملڻ کان پوءِ دل ئي ڪانه چوندي ته فلاڻي صاحب سان ٻئي دفعي به ملجي يا ڪچهري ڪجي، پر يوسف سنڌي اهڙن موڊي اديبن ۽ شاعرن کان مختلف اديب ڏسڻ ۾ آيو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات دوست وشني مل جي ساٿ ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٻالڪ ميلي ۾ ٿي. پهرين مُلاقات ۾ يوسف ڏاڍو دل کي وڻيو، هڪ ته ڏسڻ ۾ تمام سادو ماڻهو، ٻيو ته دنيا جي ادب جي ڄاڻ تمام گهڻي. انهيءَ سان گڏ اهڙو ته خوش طبع جو ڳالهه ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏيڻ سندس ٻين خوبين مان هڪ خوبي آهي.
يوسف سنڌي هر ڪنهن اديب توڙي شاعر کي قرب ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پر اهو اديب ۽ شاعر ننڍو هجي يا وڏو هجي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙن کي ٻين جي ادب کان واقف ڪيو آهي. انهي کان علاوه ادبي سنگت جي ميدان ۾ سندس ڪيل خدمتون به ساراهڻ جوڳيون آهن. هن دوست ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ هڪ خاص خوبي هيءَ به آهي ته ادبي پروگرام جي دعوت تي ڪٿي به ۽ ڪيئن به ڪري پهچندو آهي، پوءِ ڇو نه کيس پيرين پنڌ پهچڻو پوي. مطلب ته واعدي جو به سچو آهي.
يوسف کي ادبي ميدان ۾ رهندي ڪافي تڪليفون به آيون، پر هن ڪڏهن به پوئتي پير نه هٽايو ۽ نه ئي وري نااميدي يا مايوسيءَ جي ڳالهه ڪيائين. پاڻ ڏکين حالتن ۾ به اڳيئن کان اڳڀرو رهيو. هن جاکوڙي اديب لطيف سرڪار جي هن بيت تي بلڪل عمل ڪري ڏيکاريو آهي.

”تتي ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي“

يوسف سنڌيءَ تي لکڻ منهنجي لاءِ ايئن آهي جيئن ”مصري جي بازار ۾ هڪ پوڙهي مائي سُٽ جو ڍيرو کڻي يوسف خريد ڪرڻ لاءِ آئي هئي.“ انهي مثال وانگر منهنجي قلم کي ايتري طاقت ئي ڪانه آهي، جو يوسف سنڌيءَ تي واضح نموني لکي سگهي.
]ماهوار ادب - نومبر 2002ع[

منهنجو بابا

منهنجو بابا

پارس ميمڻ

جڏهن به بابا کي لِکندي ڏسندي هُيس ته سوچيندي هُيس ايتري گوڙ جي باوجود به بابا جو ڌيان لِکڻ کان نٿو هٽي؟
۽ اڪثر اهوئي پُڇندي هيس بابا توهان گهر ۾ ايتري گوڙ هئڻ باوجود به ڪيئن لکندا پڙھندا آھيو؟
بس اسان ليکڪ ايئن هوندا آھيون، پنهنجي لکڻ ۾ گم......
بابا مونکي چوندو آھي اوهان به ڪوشش ڪريو ته لکو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪريو ! بابا جا کوڙ سارا ڪتاب ڏسي مون کي خوشي ٿيندي ھئي، اڄ تائين ٿيندي اچي، بابا سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو تاريخ جي سونهري ورقن ۾ اڳتي هلي تاج محل جيان روشن بڻبو!
بابا جڏهن به شهر ڏانهن ويندو آھي ته منهنجي لاء هڪ يا ٻه ڪتاب ضرور وٺي ايندو آھي، جنهنڪري منهنجي به دلچسپي ڪتابن جي مطالعي لاءِ ٿي! هزارين مسئلن ۽ پريشانين هوندي به بابا سائين ڪڏھن به لکڻ ڪين ڇڏيو! مونکي بابا جي اڄ به اها ادا وڻندي آهي ته هزارين مشڪلاتن ۽ پريشانين هجڻ باوجود به ڪڏھن نه اُداس نه ٿيو نه ئي دلشڪسته بڻجي اسانجي سامهون بزدلي جهڙيون ڳالهيون سليائين، بس هميشه چهري مٿان مسڪراهٽ سجائي گلابن جيان ٽڙندو رهيو آھي.
بابا خوش مزاج ۽ حساس دل جو مالڪ آھي، اهي پل اڄ به مونکي چڱي ريت ياد آھن، جڏهن ڪنهن گهرج خاطر پنهنجي لائبريري مان ڪتاب پئي کپايائين ۽ ڪتابن کي محبت مان کوکي ۾ بند پئي ڪيو ۽ اُن ڏينهن بابا بلڪل اُداس ٿي ويو هو، جن ڪتابن سان پنهنجي اولاد جيان محبت ڪندو هجي، جيڪي ايئن سنڀاليا هئائين، جيئن ڪنهن ماءُ ڊوڙندڙ پنهنجي ٻچي کي ڇاتي ۾ پناھ ڏئي سمائي ڇڏيو هجي، ان ويل ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪتاب نه بلڪه پنهنجي اولادن مان ڪنهن کي غير جي حوالي ڪندو هجي. بابا اسان اولادن ۾ به ڪڏهن فرق محسوس نه ڪيو ته ڌيءَ سان ڪيئن پيش اچجي ۽ پُٽ سان ڪيئن ؟ اسان ڌيئرن کي به هڪ ئي نگاھ سان ڏٺو اٿس.
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ دفعو بابا سان فون تي ساهيڙين جي سامهون پي ڳالهايم، ايتري ۾ هڪ ساهيڙيءَ پڇيو: توهان پنهنجي بابا سان پئي ڳالهايو؟
چيم: جي هائو، پر ڇو؟
چوڻ لڳي: پنهنجي بابا سان تو جيان دوستاڻي انداز ۾ اسان ڪڏھن به ڳالهائڻ جي همت نه ساري آهي نه ئي ڳالهائڻ جي اجازت آھي!
بابا هميشه اسان سان دوستن جيان هليو آھي، پيءُ جيان نه، ڇوجو بابا چوندو آھي پهرين دوست آھيان پوءِ توهان جو بابا……انڪري بابا منهنجو سٺو دوست به آھي، جنهن سان هر ڳالھه بنا ڪنهن هٻڪ جي ونڊيندي آھيان ۔۔۔ مونکي فخر آھي پنهنجي بابا تي، جو سنڌي ادب لاءِ پنهنجي محنت برقرار رکندو ٿو اچي ۽ پڙھندڙ کي نوان ڪتاب وقت سِر ڏيندو ٿو رهي.
اڄ لکندي خوشي پئي محسوس ڪريان ته پهريون ڀيرو مونکي بابا چيو ته هڪ دوست سندس ادبي خدمتن تي ڪتاب سهيڙي رهيو آهي، جي تون لکڻ چاهين ته لکي سگهين ٿي! مون به دير نه ڪئي ۽ ها ڪيم! منهنجي ڪمري ۾ منهنجي هڪ ننڍڙي لائبريري آھي، جڏهن بابا منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ ڪتاب ڏٺائين ته چوڻ لڳو ايترا ڪتاب اٿئي، چيومانس جي. پوءِ ڏسڻ لڳو تڏهن به خوشي ٿي. منهنجو بابا بلڪل سادو آھي. ان ڏينهن بعد منهنجي ڪمري جي ننڍڙي لائبريري ۾ روز هڪ ٻه ڪتاب رکي ويندو آھي، ياد اٿم ته هڪ دفعو چيو هئائين هاڻ ڪتاب تون سنڀالجانءِ! ايترو ئي نه بابا هميشه مونکي پنهنجو وڏوي پُٽ جيان سمجهيو آھي، هر پريشاني مون سان ونڊيندو آھي، جڏهن به مونکي ڪاوڙ ايندي آھي ته بابا کي ڏسندي منهنجي ڪاوڙ گم ٿي ويندي آھي، آءٌ بابا جي جيتري به تعريف ڪريان، جيترو به بابا جي شخصيت ۽ ڪردار تي لکان، سو گهٽ آھي، ڇوجو مون وٽ اهڙا لفظ ناهن جنهن سان بابا سائين کي ڀيٽا ڏئي سگهان.
جت به بابا جو ذڪر ٻڌندي آھيان، فخر محسوس ڪندي آھيان، خوشنصيب آھيان جو مون هڪ ليکڪ پيءُ (يوسف سنڌي) جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ فخر اٿم بابا تي ۽ بابا جي هن محنت تي جيڪو سنڌي ٻوليءَ سان ايتري محبت ڪري ٿو.

هن عشق جي انداز کي ڇا چئجي؟

هن عشق جي انداز کي ڇا چئجي؟

هوش محمد ڀٽي

مولانا روميءَ فرمايو آهي ته، ”هر اهو عمل جيڪو توکي خوش رکي، اهائي اوهان جي لاءِ سڌي واٽ (صراط مستقيم) آهي.“
يوسف سنڌي جي لاءِ صراط مستقم وارو ڪم لکڻ، ڪتاب ڇپرائڻ ۽ پڙهڻ آهي. هن جهڙو Bibliophile مون ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي، ڪتابن جون ڳالهيون ايئن پيو ڪندو آهي، جيئن ڪو عاشق پنهنجي معشوق جي ادائن کي ساراهيندو آهي.
يوسف سنڌي جڏهن به ملندو اٿم ته هن جي کري راءِ مون کي کائي ويندي آهي. مون جڏهن به هن جي ڳالهين تي سوچيو آهي ته مون کي ايئن محسوس ٿيو آهي ته هن کي زندگيءَ جيڪو تلخيءَ سان سيکاريو آهي، هو اهوئي اظهاريندو آهي. ادب تي ڳالهائيندو ته چوندو ’فلاڻو ته بيڪار ٿو لکي‘. ادبي ڪتابن بابت سندس خيال سدائين درست ثابت ٿيندا آهن. هو تحقيق تي اڪثر مون کي ٽوڪيندو ۽ ٻين محققن بابت منفرد راءِ ڏيندو آهي، جيڪي ڳالهيون ڪڏهن مون کي مغالطو لڳنديون آهن، پر مون جڏهن هن جو ڪتاب ”سنڌي ادب“ پڙهيو، جنهن ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو ورتل آهي ته مون کي يوسف سنڌيءَ جي ادبي پورهئي ۽ نقطه نظر لاءِ احترام ۽ پيار جوجذبو اُڀري آيو.
يوسف سنڌي، تخليقي ادب تي معياري قسم جي تحقيق ۽ تنقيد ڪري به ڄاڻي. عزت ۽ شهرت جي عمارت صبر ۽ محنت تي اڏجندي آهي. يوسف سنڌي کي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي، ان جو سبب سندس لڳاتار محنت ۽ صبر آهي. هو ڪم جي حوالي سان صفا مڇڏ (crazy man) آهي. جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو آهي. ان کي توڙ تائين پهچائيندو آهي، جنهن ڪري ڪم جي حوالي سان سندس مداحن جو چڱو موچارو حلقو موجود آهي.
يوسف سنڌي سان منهنجي جيتري به ويجهڙائي رهي آهي، ان مان مون محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ بي چين روح آهي، سندس اندر ۾ سدائين آنڌ مانڌ رهندي آهي. سندس جيترو ادبي پورهيو آهي، اوتري کيس مڃتا نه ملي آهي. کيس محروميت جا پاڇا به وڪوڙي ويٺا هوندا آهن، ساڻس سدائين سورن جو ساٿ رهيوآهي. هن جو کلڻ هڪ سڏڪو محسوس ٿيندو اٿم، جيڪو ڪوئي سُڻي نه سگهيو آهي.
اسان جڏهن به ملندا آهيون ته هو زندگيءَ جي خالي پڻي جي شڪايت ڪندي نظر ايندو آهي، پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنھن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل نظر ايندو آهي.
يوسف سنڌي بلا جي حُسناڪين جي اثر هيٺ رهيو آهي، سندس زندگي جي اُن پاسي تي ڳالهائي اسان ٻيئي ڏاڍو کلندا آهيون، يوسف سنڌي احساس ڪمتريءَ جو شڪار به رهيو آهي. نفسياتي طرح احساس ڪمتريءَ جو شڪار اهو رهندو آهي. جنهن کي گهربل مقام ملي نه سگهندو آهي. يوسف سنڌي جو واسطوهڪ غريب ڪٽنب سان هو. سندس بابو ڍڳا گاڏي هلائيندو هو، جنهن ڪري کيس جانورن لاءِ وڏي اُنسيت هوندي هئي، هو پنهنجي ٻن ڍڳن لاءِ چوندو هو ته ”هي ٻيئي ڍڳا مون کي ايترا مِٺا آهن، جيترو پنهنجو پُٽ يوسف مِٺو اٿم.“
يوسف سنڌيءَ جي پيءُ جو نالو محمد هاشم ۽ امڙ جو نالو صفوران آهي. سندس جنم دڙي ۾ ٿيو ۽ اُتي ئي وڌي وڏو ٿيو. ۽ تعليم به دڙي ۾ ئي پرايائين هِن جي جنم تي پيءُ مٿس پنهنجي ننڍي هوندي گذاري ويل ڀاءُ جو نالو محمد يوسف رکيو. يوسف سنڌيءَ کان اڳ ۾ سندس ٽن ڀينرن عزيزان، مريم ۽ غلام فاطمه جو جنم ٿيو هو ۽ کائنس پوءِ چوٿين ڀيڻ ياسيمن ڄائي. يوسف سنڌيءَ جي جنم کان هڪ سال پوءِ پاڪ. ڀارت جنگ لڳي ۽ بلئڪ آئوٽ سبب يوسف سنڌي، سُمهي نه سگهندو هو، هو روشني چاهيندو هو، ايئن يوسف سنڌي کي ننڍپڻ کان ئي اونداهيءَ کان نفرت رهي، يوسف سنڌي جي لکڻ موجب سندس جنم پهرين آڪٽومبر 1964ع تي ٿيو. جڏهن ته اسڪولي رڪارڊ ۾ اهو 2 جنوري 1967ع لکيل آهي.
يوسف سنڌي ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي. منجهس اڳواڻي ڪرڻ جا گُڻ موجود آهن، جنهن جو وڏو مثال اهو آهي ته هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ ان جي اڳواڻي سنڀاليائين ته ٻن سالن تائين هن جنهن نموني سنگت کي سرگرم رکيو، ۽ سنگت جي ڪارڪنن ۽ شاخن ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، اهو ڪنهن به لمحي ٿڌو نه ٿيو. اهو يوسف سنڌي جي اڳواڻي جو جوهرهو جو هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ جي مهم کي ايترو ته تيز ڪيو، جو نه رڳو صوبائي سطح تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پر سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي پاران محترم محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻولي ڪميٽي ٺاهي ويئي جنهن هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو هو، جيڪو مرڪزي سطح تي موڪليو ويو. يوسف سنڌي پڻ ان ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. اها يوسف سنڌيءَ جي ئي اڳواڻي هئي، جو سندس مدي دوران قومي اسيمبلي ۾ لڳ ڀڳ 31 ميمبرن قومي اسيمبليءَ ۾ ٻولين وارو بل پيش ڪيو.
يوسف سنڌيءَ جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل واري مُدي دوران سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترائي اهم ۽ بنيادي نوعيت جا ڪم ٿيا. جهڙوڪ ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم‘ هلائڻ، سنگت مخزن جي لڳاتار اشاعت، ملڪ جي ٻين ادبي تنظيمن مان رابطا ۽ انٽرايڪشن، سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل مختلف صنفن جي ڪتابن تي لڳاتار ايوارڊ ڏيڻ، شاخن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ، سنگت جي آفيس جي قيام لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت کان آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ پنج لک روپيا گرانٽ وٺڻ، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد کان پهريون ڀيرو ڪتابن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ سالياني پنجاهه هزار روپيا گرانٽ منظور ڪرائڻ، جن مان سنگت پبليڪيشن پاران ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپيا، جن ۾ رشيد ڀٽي جو اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”تصوف ادورڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ به شامل آهي، جنهن جو پوءِ ڪلچر کاتي سليم نور حسن کان انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو . يوسف سنڌي پنهنجي مُدي دوران سنگت پاران پهريون ڀيرو ”لائف ٽائيم اچيومنٽ“ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو، پهرين سال سنڌ جي ٻن مثالي ليکڪن امر جليل ۽ جناب الطاف شيخ کي ڏنو ويو ۽ ان ايوارڊ کي ڏيڻ لاءِ هڪ شاندار تقريب 17 مئي 2009ع تي سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي هال ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت تڏهوڪي ڪلچر منسٽر محترمه سسئي پليجو ڪئي. ان شانائتي ۽ ڀرپور تقريب ۾ سڄي سنڌ مان سنگت جي ڪارڪنن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، محترم الطاف شيخ ان ايوارڊ تقريب جون ڏاڍيون خوبصورت ساروڻيون لکيون، جيڪي پهرين سنگت پبليڪيشن جي، جون - جولاءِ 2009ع واري پرچي ۾ ڇپيون ۽ پوءِ سندس ڪتاب ”ڏيهه ۽ پر ڏيهه جا سفر“ ۾ ڇپيون، انهن ساروڻين ۾ الطاف شيخ کيس سنگت پاران ملندڙ ان ايوارڊ کي پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهدي لکيو:
”اڄ کان ويهه سال اڳ 1989ع ۾ ملائيشيا حڪومت منهنجي ادبي خذمتن ڪري مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بابت ملاڪا صوبي جي چيف سيڪريٽري ايوارڊ ڏيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ٻڌايو. چيف سيڪريٽريءَ فون تي ئي ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان جي سفارتخاني ۽ قونصل خاني کان معلوم ٿيوآهي ته آءٌ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۽ بهتر تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر ملڪ ۽ ان جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت کي پاڪستانين ۾ متعارف ڪرائي رهيو آهيان، بهرحال مون سوچيو به ڪونه هو ته منهنجي سفرنامن ڇپجڻ ڪري پڙهندڙن جي ايندڙ خطن کان علاوه مون کي مفت ۾ هيڏو وڏو انعام ملي ويندو، پر هينئر ٿو اهي ڏينهن ياد ڪريان ته مون کي ان ايوارڊ جو ٻڌي ڪا خاص خوشي نه ٿي هئي، جيتري هينئر سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جو ٻڌي ٿيم. جيتوڻيڪ ملائيشيا وارن مون کي هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ کان علاوه ٽن تولن جو سونو ٻلو (Medal) به ڏنو هو ۽ هن ايوارڊ (PJK) Pinrgat Jasa Kebatain جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، پروفيسر وغيره هن ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي نالي بعد مختلف ڊگريون لکڻ بدران فقط PJK لکرائي ڇڏيندا آهن ۽ هيڏانهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت وارا ايوارڊ طور هڪ پلاسٽڪ جي شيلڊ ڏيندا، پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي خوشي ۽ Exciemnt محسوس ٿي، ڇو جو هي ايوارڊ مون کي پنهنجن ماڻهن طرفان ملي رهيو هو.“
مون کي خوشي آهي ته ان ايوارڊ تقريب ۾ مان نه رڳو موجود هئس، پر پروگرام جو انتظام سنڀالڻ واري ’والنٽيئرس ڪميٽي‘ ۾ پڻ شامل هئس، يوسف سنڌي پروگرامن کي نهايت منظم نموني ترتيب ڏيندو هو ۽ ان ڪميٽي ۾ شامل سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن جيڪي سڀ نوجوان هئا، هڪ رٿابندي تحت يوسف سنڌي جي هدايتن تحت پروگرام جو انتظام سنڀاليندا هئا، جنهن هنڌ تي کيس مقرر ڪيو ويندو هو، هڪ ڊسپلين تحت اتي موجود هوندا هئا ۽ پروگرام تي نظر رکندا هئا، انھن نوجوانن والنيٽئرس کي ايئن منظم نموني ڪم ڪندي ڏسي هڪ تقريب ۾ جناب ابرار قاضي تقرير ڪندي چيو ته ’يوسف سنڌي جي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ سان سنگت ۾ جيڪا سٺي تبديلي نظر پئي اچي، اها، نوجوانن جي شموليت ۽ انهن جي سرگرمي آهي.‘ ان حد تائين جو يوسف سنڌي لڳ ڀڳ سڀني پروگرامن جي انائوسمينٽ به نوجوانن کان ڪرائيندو هو، جنهن جي پويان سندس سوچ اها هوندي هئي ته نوجوان سکن. يوسف سنڌي جي ان انتظامي ڪميٽي ۾ امين لاکو، مسافر لاکو، رشيد آزاد، اصغر گگو، ظهور پليجو، علي اظهار، انجينئر علي نواز سومرو، هنس راج هنس اوڏ، زاهد حسين ميمڻ ۽ مان هوش محمد ڀٽي شامل هوندا هئاسين.
اهڙو ئي هڪ ٻيو پروگرام سنڌي ٻولي ڪانفرنس 2010ع ۾ٿيو، جيڪا به نهايت ڀرپور رهي. ان ڪانفرنس جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويي ڪئي، ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي موقف ۽ جدوجهد جي حمايت ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٽن ايم اين ايز نواب يوسف ٽالپر، نواب خان وساڻ ۽ مارئي ميمڻ ۽ هڪ ايم پي اي نواب تيمور خان ٽالپور شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي تقريرن ۾ اعلان ڪيو ته هو قومي اسيمبليءَ ۾ گڏيل طور تي سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل پيش ڪندا (جيڪو پوءِ هنن پيش ڪيو) انهن مان ٻن ايم اين ايز جو واسطو حڪمران ڌر پيپلز پارٽي ۽ هڪ جو مخالف ڌر ق ليگ سان هو.
ان ڪانفرنس ۾ شھيد ڀائو قمر ڀٽي به سنگت جي دعوت تي ڪراچي مان ڪهي اچي شرڪت ڪئي ۽ تقرير ڪيائين. مون کي خوشي آهي ته ان ڪانفرنس ۾ نه رڳو مان موجود هئس، پر ڪانفرنس جي انتظامي ڪميٽيءَ ۾ پڻ يوسف سنڌيءَ سان گڏ هئس.
جيڪي دوست اڪثر اهو چوندا آهن سنڌي ادبي سنگت کي ون يونٽ ٽوڙيو جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انهن کي اهو چوڻ گهرجي ته سنگت کي قومي معاملن ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيترو يوسف سنڌيءَ جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جي مهم جي سلسلي ۾ ادا ڪيو هو.
ٻولين جي حوالي سان هليل ان هلچل ۾ يوسف سنڌي جو هڪ ٻيو قدم به هتي ذڪر جوڳو آهي.
2010ع ۾ اڪادمي ادبيات اسلام آباد پاران اسلام آباد ۾ هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان يوسف سنڌي به مدعو ڪيل هو. يوسف سنڌي ان ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت کي رڳو گهمڻ گهتڻ تائين محدود نه رکيو، پر اتي پهتل مختلف ٻولين جي ترقي پسند اديبن سان ملي، ساڻن بحث مباحثا ڪري، کين پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي تي هڪ متفق ڊڪليئريشن تي صحيحون ڪرڻ تي آماده ڪيو. جنهن تي پاڪستان جي چئني صوبن جي پنجن وڏين تنظيمن بشمول انجمن ترقي پسند مصنفن جي نمائندن صحيحون ڪيون. اهو پهريون ڀيرو هو ته ملڪي سطح تي ادبي تنظيمن ٻولين جي مسئلي تي هڪ ڊرافٽ صحيحون ڪري جاري ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي آئيني تجويزون به ڏنيون.
اُن ڊرافٽ کانپوءِ جاري ڪيل اخباري بيان هن ريت آهي:
’پاڪستان جي چئني صوبن سان واسطو رکندڙ چئن نمائنده ۽ مشهور تنظيمن سنڌي ادبي سنگت، بلوچي لٽرري فورم،عالمي پشتو ڪانفرنس، پنجابي نيشنل ڪانفرنس ۽ انهن سان گڏ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان گڏيل طور تي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته هو هڪ زبان ٿي عظيم تر قومي مفاد ۾ ۽ پارٽي مفادن ۽ وابستگين کان مٿانهان ٿي، چئني صوبن جي اڪثريتي زبانن سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي کي آئيني ترميم جي ذريعي فوري طور تي قومي زبانون قرار ڏين - ۽ کين پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق ڏيارڻ جي لاءِ سڀني اختلافن کان مٿانهان ٿي قومي اسمبيليءَ مان پاڪستان جي چئني قومي زبانن جو بل منظور ڪرائين.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، بلوچي لٽرري فورم جي صدر عبدالحڪيم بلوچ، پشتو عالمي ڪانفرنس جي چيئرمين سليم راز، پنجابي قومي ڪانفرنس جي چيئرمين نذير ڪهوٽ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل راحت سعيد پنهنجي صحيحن سان جاري ڪيل هڪ گڏيل بيان ۾ چئني صوبن سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته هو سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابيءَ کي پاڪستان جي قومي زبانن جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان قومي اسيمبليءَ ۾ آواز اٿارين ۽ اُن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ان جي حمايت ۾ ووٽ ڪن. سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ انهن ناميارن سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ اردو ٻولين جي اديبن وفاقي حڪومت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان گهر ڪئي آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ وانگر وفاقي سنڌي يونيورسٽي، وفاقي بلوچي يونيورسٽي، وفاقي پشتو يونيورسٽي ۽ وفاقي پنجابي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري قانون سازي ڪن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ مناسب فنڊ، ادارا ۽ وسيلا فراهم ڪن. گڏيل بيان ۾ آئين ۾ اڳ ۾ موجود اردو جي پاڪستان جي سرڪاري زبان هئڻ جي حمايت ڪئي ويئي آهي. ان کي رابطي جي زبان قرار ڏيندي، انهن اديبن چيو آهي ته اردو ٻوليءَ سان سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو زبانن جو ڪوبه جهڳڙو ڪونهي.
يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو: ته سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابيءَ کي پاڪستان جون قومي زبانون قرار ڏيڻ سان قومي يڪجهتي وڌندي. ملڪي سالميت کي حفاظت ملندي ۽ اهو صوبائي خود مختياري ڏانهن هڪ وڏو قدم هوندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ بهتر آئيندي جي ضمانت هوندي. سنڌي ادبي سنگت، بلوچي لٽرري فورم، پشتو عالمي ڪانفرنس، پنجابي نيشنل ڪانفرنس ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين، اُن اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي، ۽ پشتوءَ کي پاڪستان جون قومي زبانون قرار ڏيڻ سان نه رڳو اسان جي زبانن، ادب ۽ ثقافت کي فروغ حاصل ٿيندو، پر سوسائٽي جي سڀني حلقن کي اهليت، ذهانت، برابري ۽ ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملندا. ۽ انصاف، روشن خيالي ۽ سهپ جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيندو، جيڪو چئني صوبن جي عوام کي سدائين جوڙي رکندو ۽ اهو عمل پاڪستان جي محفوظ مستقل جي به ضمانت ڏيندو. يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 31 ميمبرن پاران جمع ڪرايل بل جي متن ۽ ڪن فقرن تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪندي، ان کي تڪراري ۽ چئني صوبن جي سالميت لاءِ نقصان ڪار قرار ڏيندي ان بل ۾ ڪن تبديلين جي رٿ ڏني آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ قومي ٻولين جو نئون ترميم ڪيل مسودو قومي اسمبلي جي ميمبرن کي روانو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي چئني صوبن جو اتفاق ٿي سگهي ٿو. ان ترميم ٿيل مسودي ۾ چئني صوبن جي حڪومتن کي پنهنجي قومي ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي سان گڏوگڏ پنهنجي صوبن ۾ آباد ٻين اقليتي نسلي لساني گروهن جي ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پابند ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جو فقرو به شامل ڪيو ويو آهي. يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ اُميد ظاهر ڪئي آهي ته قومي ٻولين جي ان بل جي قومي اسيمبليءَ مان منظوري کانپوءِ سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي تحفظ ۽ رياستي سرپرستيءَ جي ذريعي انهن جي بقاءُ، ترقي ۽ واڌاري جي ضمانت ملندي“.
]اهو صحيحون ڪيل ڊرافٽ سامهون صفحي تي ڏنو ويو آهي.[


سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي ٻن سالن جي مدي دوران يوسف سنڌيءَ ٻيو جيڪو اهم ۽ بنيادي نوعيت جوڪم ڪيو، اهو سنڌي ۽ اردو اديبن ۾ رابطي ۽ کين ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش هئي. دانشوراڻي ۽ فڪري سطح تي اها ڪوشش گهڻي ڦلدائڪ هئي، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين گڏيل طور تي باهمي سهڪار سان سنڌ جي چئن شهرن، عمر ڪوٽ، لاڙڪاڻو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ادب ۽ سماج تي ترقي پسند تحريڪ جا اثر“ هيٺ سيمينار ڪرايا. جن جي صدارتي پريذيڊيم ۾ هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو اديب شامل هوندا هئا. ٽي مقالا سنڌي ۾ ۽ ٽي اردو ۾ پڙهيا ويندا هئا. پهريون سيمينار جيڪو عمرڪوٽ ۾ ٿيو. ان جي صدارت محترم مسلم شميم ۽ محترمه مريم مجيديءَ ڪئي، لاڙڪاڻي واري سيمينار جي صدارت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪئي. ڪراچي واري سيمينار جي صدارت محترم امر جليل ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪئي ۽ حيدرآباد واري سيمينار جي صدارت ڊاڪٽر محمد علي صديقي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي. انهن سيمينارن ڪافي سنجيدا حلقن جو ڌيان ڇڪايو ۽ انهن تي سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو. ڪراچي واري سيمينار تي مشهور ڪالم نويس مرحوم انور احسن صديقي (روزاني ايڪسپريس اردو) جي 11 جون 2010 واري اشاعت ۾ ”اردو سنڌي سنگت“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو:
”ڪراچي شهر ۾ ادبي تقريبن جو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ روزانو شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ، ڪنهن نه ڪنهن انجمن، اداري يا فرد پاران ڪانه ڪا ادبي تقريب ٿيندي رهندي آهي. پر گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب کي هڪ يادگار تاريخي تقريب قرار ڏيئي سگهجي ٿو، ان تقريب جي حيثيت فقط ادبي نه هئي، پر اها سماجي ۽ قومي لحاظ کان به اهم تقريب هئي ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي فضا ۾ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي جذبن کي وڌائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو پڻ هئي. اهو انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار هو. جنهن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ پڙهجندڙ مقالن ۾ ٻنهي ٻولين ۾ ادب جي مختلف مسئلن جو جائزو ورتو ويو.
انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گڏيل سهڪار سان ان سيمينار جو ٿيڻ بنا شڪ جي ان حقيقت جو اهڃاڻ آهي ته اهي ٻئي ادبي تنظيمون ادب ۽ سماج ڏانهن هڪجهڙو نقطه نظر رکن ٿيون۽ انهن جي وچ ۾ سهڪار جا وڏا امڪان موجود آهن. انهن ٻنهي روشن خيال ۽ سرگرم ادارن جي وچ ۾ سهڪار فقط ادبي سطح تي ئي نه پر ان کان وڌيڪ ثقافتي، تهذيبي، قومي ۽ سماجي سطح تي دورس نتيجن جو حامل هوندو ۽ اُن قسم جي متحرڪ فورمن جي ذريعي ٻنهي ٻولين جي ڳالهائڻ وارن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو ۽ انهن عنصرن جي عوام دشمن ارادن کي ناڪام بنائڻ ۾ مدد ملندي، جيڪي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ڄاڻي ٻُجهي غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ کين هڪٻئي کان پري ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا. جيتوڻيڪ انجمن ۽ سنڌي ادبي سنگت سياسي جماعتون ڪونهن ۽ نه ئي انهن جو لاڳاپو ڪنهن خاص سياسي جماعت سان آهي. پر جيڪا شئي انهن جي ميمبرن ۽ حامين کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ۽ متحد رکي ٿي، اها آهي زندگي ۽ سماج ڏانهن انهن جي انسان دوست، ترقي پسند ۽ سائنسي نقطه نظر - ۽ جتي فڪري سهڪار جو اها شڪل موجود هجي، اُتي وسيع متحده محاذ جي جوڙجڪ جا چٽا امڪان ۽ قومي رويا به جنم وٺندا آهن. جن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ عوام دوست فڪر ۽ عملي تحريڪن کي وڌيڪ اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.
اُن سيمينار ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ۽ انجمن ترقي پسند مصنين ڪراچي جي سيڪريٽري واحد بشير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻنهي تنظيمن جي باهمي سهڪار ۽ ان نئين شروعات کي سنڌ جي تهذيبي زندگيءَ لاءِ هڪ نيڪ سوڻ قرار ڏنو. سيمينار ۾ اردو ۽ سنڌي اديبن ڏاڍا سُٺا مقالا پيش ڪيا ۽ اڪثر ان خيال جو اظهار ڪيو ته سنڌي ادب تي ڪڏهن به رجعت پرست فڪر غالب نه رهيو آهي. اردو ۽ سنڌي اديبن جي اها سنگت، اسان جي تهذيب جي واڌاري جو هڪ ’جز‘ آهي. اها فقط هڪ ادبي اٿارٽي نه پر ان جو ڪئنواس تمام گهڻو وسيع آهي ۽ اها اسان جي قومي زندگيءَ جي جوڙ جڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هن وقت سنڌ جي مستقل آبادي، ٻن لساني گروهن تي ٻڌل آهي. اهي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اُهي آهن، جن جو سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪوبه گهر ڪونهي. کين سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيئڻون ۽ مرڻون آهي. سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ تهذيبي ترقي انهن ٻنهي گروهن جي اتحاد سان ئي ٿي سگهي ٿي. اهو اتحاد جيترو سگهارو ٿيندو، سنڌ ۾ سماجي صورتحال ايتري ئي سُٺي ٿيندي.
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڌار ڌار لساني شناخت رکڻ جي باوجود به نه فقط سنڌ ڌرتي جو اٽوٽ انگ آهن، پر هڪٻئي جي وجود جو به حصو آهن. پر ڪيتريون ڳُجهيون قوتون اهڙيون به موجود آهن، جيڪي سنڌ جي سياسي معاشي ۽ سماجي استحڪام جون دشمن آهن ۽ لڳاتار اُن ڪوشش ۾ لڳل آهن ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جي وچ ۾ نفاق جو ٻج پوکيو وڃي. انهن عوام دشمن قوتن جي مڪروهه سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته هر اُن پليٽ فارم کي استعمال ڪيو وڃي، جنهن جي ذريعي پراڻن ۽ نون سنڌين کي هڪٻئي جي ويجهو آندو وڃي ۽ اديبن جي پليٽ فارم کي ان سلسلي ۾ خصوصي اهميت حاصل آهي.“

يوسف سنڌي پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ نهايت سادو ۽ فقير منش انسان آهي. اُن هوندي به هو تمام گهڻو ڪم ڪري چڪو آهي. ڪم جي حوالي سان مون سندس جذبن کي ڪڏهن به سرد ٿيندي نه ڏٺو، هن جي پاران ڪتابن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. سندس لکيل طبعزاد، ترجمن ۽ سهيڙيل ڪتابن جو انگ اسي کان به مٿي آهي.
مون يوسف سنڌيءَ ۾ ڪڏهن به ساڙ حسد ۽ بغض نه ڏٺو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ سيڪريٽري جنرل رهڻ کانپوءِ هن جڏهن انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۾ حصو ورتو ته ان جي پليٽ فارم تان حيدرآباد ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايائين. يوسف سنڌيءَ جي جدوجهد جو داستان ڪافي ڊگهو آهي. هو نوجوانن کي همٿائي ۽ کين هاڪاري رجحانن ڏانهن راغب ڪندو رهيو آهي. جنهن ڪري يوسف سنڌي، ادبي ميدان ۾ هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.
يوسف سنڌيءَ صحافت به ڪئي ۽ اُن ميدان ۾ به سندس خدمتون ذڪر لائق آهن. پاڻ ”عبرت گروپ آف پبليڪيشن“ جي رسالي ”هزار داستان“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، ان دوران سندس پاران ’هزار داستان‘ جا ايڊٽ ڪيل ٻه ڪهاڻي نمبر ڪهاڻي کيتر ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس پاران جاري ڪيل ”سنجها“ مخزن جي شايع ٿيل چئن پرچن جي معياري مواد سبب ان مخزن کي اڃا تائين ياد رکيو وڃي ٿو.
يوسف سنڌي جون ادبي خدمتون ايتريون ته گهڻيون ۽ گهڻ طرفيون آهن. جو محترم حميد سبزوئي کي سندس ڪتاب ”سنڌي ادب“ تي تبصرو لکندي لکڻون پيو ته ”يوسف سنڌيءَ ايترا ته ڪتاب لکيا آهن. جيترا اسين پنهنجي بوڪ شيلف ۾ به گڏ ڪري نه ٿا سگهون.“
يوسف سنڌي پنهنجي موڊ ۽ مزاج وارو رهيو آهي، کيس سکڻ جي به سدائين تانگ رهي آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ ڀيري حيدر چوڪ وٽ مليو ته پڇيو مانس ”ڪاڏي پيو وڃين....؟“
وراڻيائين... خانه فرهنگ...
اهو خانه فرهنگ وري ڇا آهي...؟ پڇيو مانس ....
”خانه فرهنگ ايران.. ... لطيف آباد حيدرآباد ۾ ايراني ڪلچر سينٽر آهي، اُتي فارسي به سيکاري ويندي آهي. سو فارسي سکڻ جي لاءِ اتي ڪلاس ۾ داخلا ورتي اٿم“ جواب مليو.
سندس فارسي ادب سان ۽ فارسي ٻولي سکڻ سان دلچسپي ايران مان گهمي اچڻ کانپوءِ ٿي، ان سفر جو پاڻ بهترين سفر نامو ”اڌ مهينو ايران ۾“ لکيو اٿس. سندس فارسي سکڻ جي ڪلاسن ۾ داخلا وٺڻ جو سبب اهو هو ته پاڻ ايران مان ڪيترن ئي ڪلاسڪ ايراني شاعرن جا ڪتاب وٺي آيو هو ۽ سندس خواهش هئي ته اِهي آءٌ فارسيءَ ۾ ئي پڙهان، سندس فارسي ادب سان دلچسپي جي نتيجي ۾ پاڻ کي حافظ شيرازيءَ جي هڪ سئو چونڊ غزلن جو سنڌي ترجمو ۽ ”ايراني ادب“ جهڙا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ مليا.
يوسف سنڌيءَ لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي، سندس ٻارن لاءِ ٻه ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ ۽ ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڇپيل آهن. پر يوسف سنڌيءَ جي ادبي سُڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن، هو ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، مترجم، ناول نگار، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تحقيق ۽ تدوين ڪندڙ رهيو آهي.
يوسف سنڌيءَ جو سوانح نگاريءَ تي وڏو ڪم ٿيل آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو وڏين شخصيتن جي آتم ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، پر پاڻ به سنڌ جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جون سوانح عمريون لکيون آهن. جهڙوڪ ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“، ”چڱو قاسم قاسم موڪلاڻي ڪانهي“، ”الستي من مستي“ ۽ ”سائين پرويز“. ان کانسواءِ پاڻ پنهنجي يادگيريون ”اقرار به، انڪار به“ جي نالي سان لکيون اٿس. جنهن تي کيس سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران 2016ع جو بهترين سوانحي ڪتاب جو ايوارڊ ۽ ڪئش پرائز مليو. ان حوالي سان ڊاڪٽر منظور علي ويسريو لکي ٿو، ”يوسف سنڌي هڪ ڪامياب سوانح نگار آهي ۽ يوسف سنڌي جو ڪم ادبي تاريخ ۾ پڻ اهم جڳهه والاري ٿو.“
يوسف سنڌيءَ هڪ ئي وقت تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي جو ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري کيس ’آل رائونڊر اديب‘ به چئي سگهجي ٿو. پاڻ ڪيترين ئي ٻين پرڏيهي ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما به ڪيائين، جيڪي ٻن مجموعن ”بُک، عشق ۽ آزادي.“ (1984) ۽ مسواڙي زال (2021ع) جي نالن سان ڇپيل آهن. پاڻ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس، جن جو مجموعو ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ جي نالي سان ڇپيل آهي، يوسف سنڌي جي انهن ڪهاڻين جو ترجمو محترم ننگر چنا اردو ۾ ڪيو، جيڪو ’نوحه گر‘ جي جي نالي سان ڇپيل آهي. سندس ڪهاڻين جو پنجابي ۾ ترجمو محترم خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو آهي. سندس هڪ ڪهاڻي جو ترجمو گرمگي ۾ ٿي هندستان جي شهر جالندر مان نڪرندڙ ٽه ماهي ’شبد‘ مخزن ۾ ڇپيو، جتان اها وري هندي ۽ ميٿلي ٻولين ۾ ترجمو ٿي.
يوسف سنڌي هڪ بهترين پبلشر به آهي، هن سچائي اشاعت گهر جو بنياد رکي جيڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪيو. ان پاران هيستائين ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعتي شعبي پاران 30 ڪتاب ڇپرائي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو. ان کانسواءِ ”سنگت“ مخزن جا تيرهن شمارا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ ۽ تيرهن سندس دؤر ۾ ۽ ٽي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ ۽ ٻه وري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻي دؤر ۾ ڇپرايا. سنگت اڳ ۾ به ڪتاب ڇپرايا، پر يوسف سنڌي جڏهن سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ اشاعتي شعبو سنڀاليائين ته سومري شبير جي لکڻ موجب ”سنگت جي يوسف سنڌي واري دور اشاعتي سلسلي جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا“. پوءِ جڏهن يوسف سنڌي سنگت جي اشاعتي سلسلي مان هٿ ڪڍيا ته سنگت پبليڪيشن به ايئن ٻڏي ويئي، جنهن هينئر سنڌي ادبي سنگت ٻُڏي ويئي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته يوسف سنڌي جو رڳو ادبي سنگت ۾ تنظيمي، تحريڪي ۽ اشاعتي ڪم ايترو ٿيل آهي، جيڪو هڪ ٿيسز جي تقاضا ڪري ٿو.
يوسف سنڌي سنڌي، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڪردار آهي، جنهن سدائين ڏنو آهي ۽ مسلسل ڏيندو ٿو رهي، پر خاموشيءَ سان. يوسف سنڌي جو تحرڪ ۽ ادبي ڪم ڏسي مون کي آثم ناٿن شاهي جو هي شعر ياد ٿو اچي:

جيڪا دنيا مان پيو جوڙيان،
سا برابر ڀلي ڀُتي ناهي،
آءٌ برابر مٽي هان پر،
منهنجو مقصد مٽي ناهي.
يوسف سنڌيءَ سان ڀلي ته ڪنهن کي شڪايتون ڇونه هُجن، پر هن ڪڏهن به من ۾ مير يا مندي نه رکي آهي. ۽ هو دوستن جي معاملي ۾ به امير شخص آهي. ۽ انهن جو حلقو به وسيع اٿس. يوسف سنڌيءَ جي ڪري منهنجون به ڪيترن ئي دوستن سان ميل ملاقاتون ٿيون ۽ انهن مان ڪيترا منهنجا به دوست بنجي ويا.

شخص يادن ۾ ڪٿي گم ٿي ويو

شخص يادن ۾ ڪٿي گم ٿي ويو

گل ٽکڙائي

پر وفائن لاءِ پيو پائي ليئو،
حالتن جا عڪس سمهي ٿا پون،
ڪيئن اجهايون پنهنجو ٻاريل ير ڏيئو.

هڪ دفعي اسانجي سُٺي دوست مرحوم محمد ابراهيم گُل (ميمڻ) ٽنڊي محمد خان واري پروگرام ٺاهيو ته الستي تنظيم جي عهديدارن سان مِلون اتي سُٺو ادبي دوست آھي تنهن سان به ملنداسين سنڌي ادبي سنگت شاخ لاکا جي به وزٽ ڪنداسين. سو اسين ڪجهه ادبي دوست سنڀري تيار ٿي نڪتاسين لاکا شاخ جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪري، خيرن سان وڃي دڙي پهتاسين. دڙي شھر ۾ منهنجي استاد مرحوم واحد بخش ڪنڀر جو ويجهو مائٽ ماستر محمد عرس ايس ڪنڀر منهنجو نظرياتي دوست به رهندو هو، سندس پُٽ جي وني استاد جي ڏوهٽي آھي، سو مان ان سان به ملندس، پهرين اسين يوسف سنڌي سان ملياسين، مون کيس ڏسي دِل ۾ سوچيو ته هي شخص ٿورو ٻاتو ڳالهائي پيو هٻڪي به پيو، پر اڳتي هلي کيس وڏي منزل مِلندي، پاڻ دڙي ۾ پروگرام ڪرايو، اسين اُتي به پهتا سين ستت ئي يوسف کي هزار داستان ۾ ڪم ملي ويو. تنهن وقت هزار داستان جي آفيس گلستان سجاد ۾ هوندي هئي، اتي به ساڻس ملاقات اڪثر ٿيندي هئي، يوسف، شمشير الحيدري ۽ غلام حسين رنگريز کانپوءِ لاڙ پٽ جو ٽيون ماڻھو آھي، جيڪو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو، مونکي تمام گهڻي سرهائي ٿي،آمهون سامهون شهرن جا دڙو ۽ بٺورو جا ٻئي ماڻھو ڪامياب ۽ ڪامران ٿيا. يوسف سنڌي پنهنجي سڌير سوچ سان سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالوڪڍرائي پاڻ کي مڃرائي چڪو آھي. ،يوسف محبوب ماڻھو آھي، کيس پنهنجي طبيعت ۽ مزاج جو گهڻو اونو رهندو آھي، انڪري پاڻ سنجيده رهندا آھن. يوسف سنڌي اسانجي ٻولي جو دلير ۽ دلبر اديب آھي، بهترين ايڊيٽر، لاجواب پبلشر، بي مثال ماڻھو، جنهن وٽ پيار، محبت، سچ، احساس، وشواس، هلچل منزل، محبت جي منزل، نرم نازڪ دل آھي، هو بهارن، سهارن، ڪِنارن، سڌارن، سچارن، ويچارن چنڊ جي خوبصورت اشارن جو رائٽر آھي. وٽس خوبصورت رنگتون حُجتون، چاهتون درد حالتون، لفظن جون دولتون، لفظن جون حقيقتون، سخاوتون، وڪالتون آھن. سندس نثر به منفرد ۽ نرالو ۽ سگهارو، زبردست فڪر انگيز آھي. رب کيس سلامت ۽ تندرست رکي

-

سُرهي سُرهي سارَ] ليکڪ کي لکيل ڪجهه خط /شاعري/ رپورٽ[

---

عبد ماڃوٺي

عبد ماڃوٺي
منھنجو گهڻو ٻُڌل سُڌل، بلڪِ منھنجي ضلعي يا اڃا به ايئن چوان ماڳھين اُنھن پَٽن جو، جن جي خُماريل شامن جا کيپ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن پنھنجين اکين ۾ محسوس ڪندو آهيان. جتان جي آسپاس ۽ ٻھراڙيءَ جا گس گهيڙ، واٽون ۽ پيچرا، منھنجن پيرن جا گهڻائي ڄاتل سُڃاتل آهن! ڳاڙهو ڳٽول، وچولو قد بُت گُهنگرالو وار، ويڪرو مُرڪندڙ مُنھن، ڳالھائڻ ۾ کُلو، ملڻ جو ڪُشادو، سونھن جو سودائي، ياريءَ دوستي جو پُختو، بنھه ملنگ مزاج ماڻھوءَ آهي!
1964ع ۾ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ايم.اي، بي ايڊ تائين پڙهيو، لکڻ جي لگار ڪجهه پُراڻي، پر 1979ع کان ڇپجڻ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين ادبي کيتر ۾ سُٺن ۽ ڪلاسيڪي ڪِتابن جي ترجمي ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. ايئن نه هن رڳو 24 کن ڪتاب سنڌي ۾ اُٿلائي ادب ۾ مُلھائتو اضافو ڪيو اهي، پر سندس 4 کن طبعزاد ڪتاب ڇپيل آهن. خاص ڪري سندس خاڪن جو لکيل ڪِتاب، ”اونداهي ۾ سوجهرو“ ڳڻڻ، وڻڻ ۽ پڙهڻ جوڳو ڪِتاب آهي.
ترجمن ۾ ٻوليءَ جي رس چس کي هٿان نه وڃائڻ ۽ ڪٿي به لفظن جي زوري ڀرتي يا ڌارين ٻوليءَ مان ترجمي جي اوپرائپ محسوس ڪرڻ نه ڏِني اٿس. غرض ته ترجمي جي گُرن پيچن جو سٺو سونھون آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي حوالي سان سدائين تڪراري پر لاڳاپيل حلقي ۾ موثر، ڪتابي سلسلي ”سنجها“ ڪڍڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ مختلف اخبارن خاص ڪري ”هزار داستان“ جي ايڊيٽري دوران يا اڄڪلھه ”ڏات“ جي ”صُفحي“ ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ نون لکندڙن جي همت افزائي ڪرڻ ۽ کين سُڌاري سنواري شايع ڪرڻ سندس محبوب مشغلو ۽ مشن آهي!
نئين ٽھيءَ ۾ مقبول هڪ جيڏن توڙي وڏڙن ۾ وڻندڙ شخصيت طور کيس مان ڏِنو وڃي ٿو.
شال سندس قلم ايئن ئي روان دوان ۽ پاڻ چاق و چوبند رهي.

عبد ماڃوٺي
ڪراچي
15 جولاءِ 2003ع

ڪجهه خط

ڪجهه خط

]نامياري دانشور جناب جي – ايم – مهڪري جي، يوسف سنڌي ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل خط جو ترجمو، جيڪو يوسف سنڌي پنهنجن ڪِن ڪتابن ۾ مهاڳ طور به ڏنو آهي، هي خط هر سنڌي نوجوان ڏانهن سنهيو آهي.[

محترم يوسف سنڌي صاحب.
تنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ کان معلوم ٿيو توکي لکڻ ۽ ڪتابن ڇپرائڻ جو شوق آهي. جيڪو توهان طرفان مون کي (دڙي ۾) ڏنل ٻن ڪتابن مان ظاهر آهي، آءٌ انهيءَ تي تمام گهڻو خوش ٿيو آهيان، ڪاش! توهان سان اڳ ۾ ملاقات ٿئي ها.
مون کي توهان جهڙائي ماڻهو سنڌ جي اُميد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ”اونداهيءَ تي ڦٽڪار وجهڻ کان بهتر آهي، ڪا شمع روشن ڪجي.“
ڊاڪٽر ذاڪر حسين، جامع مليه اسلاميه وارو اڪثر چوندو هو ”سياست، شدت چاهتي هئي، تعليم مدت چاهتي هئي“.
فڪري دولت ئي فقط، مادي دولت پيدا ڪري سگهي ٿي، دولت جي اربين ۽ کربين روپين جهڙوڪ: بجلي جي قُوت جي مدار ڇا تي آهي؟ ڇا انهيءَ جو مدار چند سادن ۽ سولن سمجهه ۾ ايندڙ بجلي ۽ مقناطيس جي اصولن تي نه آهي؟ ٻار اُهي اصول سمجهي سگهن ٿا.
ٿورو غور سان ڏسو ته انهن اصولن جي ڄاڻ کان اڳ ۾ دنيا ڇا هئي ۽ اڄ انهن جي ڪري دنيا ڇا آهي.
اربين ۽ کربين روپين جي دولت جهڙي ڄاڻ سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪتابن ۾ موجود آهي، جيڪو ماڻهو انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو، سو سنڌ جي عظيم خدمت ڪري ٿو، ماڻهو پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ڳالهه کي بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو.
اها قدرتي ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو عظيم مرزا قليچ بيگ، شيڪسپيئر، ملٽن، شيلي، ڪيٽس، ورڊس ورٿ ۽ ٽينيسن جا شاهڪار توهان لاءِ ترجمون ڪيا. انهيءَ ڪري ئي جديد فڪر ۾، سنڌي ٻولي اردو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين کان ڪافي اڳتي آهي. انهن ٻولين کي پنهنجو ڪوبه قليچ بيگ نه مليو، پر توهان وٽ آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا شئي ترجمون ڪري ٿو، سو قليچ بيگ جي دانشوراڻي ڪٽنب جو ڀاتي آهي، جيڪو ليکڪ به هو ۽ مترجم به، اها ڪيڏي نه فخر ۽ شان جي ڳالهه آهي.
مسٽر يوسف سنڌي! تنهنجي مدد ۽ تنهنجي اُتساهه سان سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ’مرزا قليچ بيگ فڪري ۽ ثقافتي انسٽيٽيوٽ‘ جي شاخ قائم ٿي سگهي ٿي. ڪابه ڳڻتي نه ڪر، پوءِ اها شاخ ننڍڙي ئي ڇو نه هجي. پنهنجي چوڌاري هم خيال ماڻهو جمع ڪر. هڪ ئي سهي، اُن سان آغاز ڪر: ”جہان دو بوتلیں رکھدیں٬ وہیں مئخانہ ہوتا ہے“.
سنڌ کي، تو جهڙن شيداين، آدرش وادين، مجنون ۽ فرهادن جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن تون پرڏيهه ويندين ته ڏسندين ته تمام طاقتور ملڪن جي تعمير آدرشي انسان جي طفيل ئي ٿي آهي.
جيڪڏهن تون عظيم جرمن يونيورسٽيون ڏسندين ته حيرت ۾ پئجي ويندين. صنعت ۽ سائنس جا عظيم پروفيسر توکي سائيڪلن تي سواري ڪندا نظر ايندا. سندن جذبو، سندن سرمستي، سندن لڳاءُ، سندن عبادت، جرمنيءَ لاءِ ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهن ماڻهن کي احمق سڏيندو آهيان، جيڪي سمجهن ٿا ته يورپ ۽ آمريڪا جي تهذيب ماديت پسند آهي.
پري، پري، پري.... انهن کان پري ڀڄ!
اها محبت، محبت، محبت ۽ محبت تي اڏيل آهي.
ڪهڙي محبت!؟
چڱو ٻُڌ!
ڄاڻ سان محبت.... اڻ کٽندڙ تجربن سان محبت، جنهن جو ڪو به ڇيهه نه آهي.
وطن جي محبت.... يعني وطن کي سونهن بخشڻ جي محبت، سچائيءَ سان محبت... هر حال ۾ سچائيءَ جي تلاش، ٻارن کي ڪي به ڪوڙ نه سيکارڻ.
سونهن سان محبت... يعني راڳ، ناچ، سنگيت، مصوري، مجسمه سازي، شاعري، ناٽڪ، عمارت سازي ۽ غريب ترين ماڻهن ۾ موجود سونهن سان محبت.
مهارت سان محبت، جنهن جو مظاهرو هو فقط راندين ۾ نه پر هر شئي ۾ ڪن ٿا.
خود زندگيءَ سان محبت، جنهن جو اظهار فرد جي آزادي ۽ سرهائي جي صورت ۾ ڪن ٿا.
هاڻي توهان ڏسندا ته اُهي سڀ محبتون روحاني معاملا آهن. انهن ۾ ڪهڙي مادي پرستي آهي؟ ٻڌاءِ مون کي، مسٽر يوسف سنڌي ٻڌاءِ مون کي! ڪا به نه، جيئن تون خود ڏسندين، جيترا به دفعا تون اتي ويندين. اهو ساڳيوئي ڄاڻ وارو موهه توهان ۾ به موجود آهي، دنيا جي وڏي ۾ وڏي شئي جيڪا تون هت ڌرتيءَ تي ڪري سگهين ته هم خيال ماڻهن کي مڪمل برابريءَ جي بنياد تي، کڻي اهي اڻ پڙهيل ئي ڇو نه هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي به ساڳيائي انساني دماغ آهن، گڏ ڪري سگهين ٿو. انهيءَ کان پوءِ ئي تنهنجي ڪم جي پُڄاڻي ٿيندي، ٿورو غور ڪري ڏس! جيڪڏهن هتي هزار قليچ بيگ هجن ها ته سنڌ اڄ ڇا هجي ها.
پر تون شروعات ڪري سگهين ٿو. تون هڪ اڳ ۾ ئي موجود آهين، تون انهن کي جرمني، انگلينڊ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ به ڏسندين.
”سمجهه ته تون خود قليچ بيگ آهين.“
اهي ملڪ ڄاڻ جي هر شعبي ۾ قليچ بيگن سان ڀريا پيا آهن. انهن کي هٽائي ڇڏيندين ته سڀئي ملڪ وري وحشي دور ڏانهن موٽي ويندا.

خلوص ۽ پيار سان تنهنجو
جي ايم مهڪري
10 اپريل 1987ع


[1]
پيارا يوسف!
حيدرآباد اچي رهڻ کان پوءِ به اوهان جو ”رولڙو“ ختم ڪونه ٿيو آهي! تنهن ڏينهن به اوهان گهر ڪونه هئا، ’خانه فرهنگ‘ واري تصوير ڇڏي هئم گهر، ملي هوندي.
هڪ لحاظ کان اهو ’رولڙو‘ چڱو به آهي، هڪ سرگرم ۽ جاکوڙيءَ کي هونءِ ئي گهر ۾ مزو ڪونه ايندو آهي ۽ اوهان جي سموري ڪاوش ۽ ترقي آهي ئي چُرپُر سان عبارت! اهو سُٺو ٿا ڪريو. ۽ هڪ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ته اوهان هلو ڇا تي ٿا.؟
مون ڪڏهن گاڏي ته اوهان وٽ ڏٺي ڪانهي، لڳي ٿو ته اوهان به مون وانگر ’جَڏا‘ آهيو، جو موٽر سائيڪل ته اوهان هلائي ڪونه ڄاڻو! اهڙيءَ صورتحال ۾ مسلسل چُرپُر لاءِ اوهان کي آفرين.
محبتون!
نفيس احمد شيخ
2011-11-29
***

[2]

پيارا يوسف سنڌي.
2015-09-13
”اڌ مهينو ايران ۾“ ... جهڙي دلپذير ڪتاب پڙهائڻ لاءِ شڪريو، پر اصل مُبارڪ اهڙي معلوماتي ۽ معياري ڪتاب لکي راس ڪرڻ تي....
سچ!. . . ته ڏاڍو مزو آيو. آءٌ اوهان جي تحريري عظمت کان ته واقف آهيان، پر اوهان جي دلنشين پيرايه بيان جا جوهر ته اِنهيءَ ڪتاب وسيلي منهنجي آڏو آيا.
تهران مان روانگيءَ جي حوالي سان، ’ملڪه فرح‘ وارو احوال ته خاص طرح متاثر ڪندڙ آهي.
پر . . . اوهان کي ”صد آفرين“ راشدي صاحب جي حوالي سان. اوهان سائين حُسام الدين شاهه جو سُهڻو ذڪر آڻي، سندس خدمتن جو، بجا طور تي، حق ادا، تذڪرو ڪيو آهي. سچ! ته راشدي صاحب جي خوشگوار ذڪر خير، سون تي سهاڳ (يا سُهاڳو) جي ثابتي ڏني آهي.
سنڌيڪا واري نُور احمد جي راءِ تي ڏاڍو کِليس جنهن ۾ ميمڻ صاحب اوهان کي ”نؤ مسلم“ اديب قرار ڏنو آهي.
(الحمدالله اوهان جي “مشرف به اسلام” ٿيڻ سان منهنجو هڪ ڀاءُ وڌيو!) “دعائون” لکڻ تي، ميان محمد موسيٰ ڀُٽي به اياز کي “نؤ مسلم” قرار ڏنو هو.
محبتون!
نفيس احمد شيخ
***
[3]
جنوري 1993ع
سائين يوسف
شال جڙيا هجو.
اوهان جي خط ملڻ شرط جواب عرض ڪري رهيو آهيان، اوهان جو ڪالم به پڙهيم، تار به پڙهيم، ڪالم ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي جو قانون جي زد ۾ اچي، مولوي صاحبان هَروڀرو جو اچي غلط مطلب ورتو آهي، ايئن ته ’شڪوه جواب شڪوه،‘ اقبال جو به زد ۾ اچي سگهي ٿو. خير ٻين سان اسان جو ڪو واسطو ڪونهي، اسان جو واسطو پنهنجي ڪيس سان آهي، جيئن مولوين اوهان جي ليک جي تشريح غلط ڪئي آهي تيئن اسان وٽ مثبت تشريح به آهي. مان هن وقت صرف قانوندان جي حيثيت ۾ صلاح ڏيئي رهيوآهيان ته اوهان ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي، اِها ڀنڊي مولوي صاحبان هروڀرو کڻي ٻڌي آهي.
مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسين سڀ اوهان سان ڏک سک ۾ گڏ هونداسين، قانوني مدد هجي يا اخلاقي مدد هجي، ٻنهي صورتن ۾ مون کي پاڻ سان گڏ سمجهندا. اوهان ته سڄي قوم جو اثاثو آهيو، روبرو ملڻو هجي ته فون 2357 ميرپور خاص ڪري پوءِ حيدرآباد جو پروگرام رکي سگهجي ٿو. فون تي به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي.
مهرباني
خادم تنهنجو پنهنجو
يوسف لغاري
****
[4]
2001-06-29
پيارا يوسف!
رب ڪري توکي تنهنجي زليخا (منزل) ملي.
ٻن ٽن ڏينهن کان الاءِ ڇو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي ته اسان سمورن دوستن، پنهنجي حصي جو ڪم به تنهنجي ڪلهن ۽ توتي ڇڏي ڏنو آهي. سچ پچ اهو احساس ته هاڻ کائڻ لڳو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حاتم طائيءَ وانگر دل چاهيندي آهي ته تنهنجي حصي جو ڪم ڪجهه ڏينهن لاءِ صحيح پاڻ کڻي وٺان، پر ڄاڻان ٿو پنهنجي طبيعت، مزاج ۽ وِت کي، ڀلا چاهيندي به آءٌ يوسف سنڌي ٿي سگهان ٿو؟ نه ڪڏهن به نه...
اها چاپلوسي تنهنجي تعريف ڪرڻ ناهي. بلڪه اهو اعتراف پنهنجي سُستيءَ ۽ تنهنجي ڪم ڪرڻ جو آ. ڪتاب ڇپائڻ کان وٺي، ’سنجها‘ ڪڍڻ ۽ ان جي مهورت جي بار کان علاوه، نيوز ليٽر ڪڍڻ، پوسٽ ڪرڻ ۽ دوستن کي خطن لکڻ تائين تون جيڪو ڪم ڪرين ٿو ۽ ان ڪم کانپوءِ به پنهنجي تخيلقي سفر کي به جاري رکيو اچين ٿو. اهو عمل تنهنجي صلاحيتن جو مظهر آهي. مون کي اُميد نه پر پڪ آهي تون اهو ٽيمپو برقرار رکيو ايندين.
ٻه ٽي ڏينهن اڳ منٺار سولنگيءَ جو خط آيو آهي. پنهنجي پراڻي رويي تي معافي گهري اٿس ۽ نه معاف ڪرڻ جي صورت ۾ پنڌ ڪري دادو اچڻ لاءِ به لکيو اٿس. مون به کيس ڊپلوميٽڪ انداز ۾ خط لکيو آهي ته جتي سچايون هونديون آهن اُتي اختلاف ضرور جنم وٺندا آهن ۽ ڪجهه معمولي اختلاف آهن. جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ۽ تنهنجي خط لکڻ کانپوءِ باقي ناهن رهيا.
ان کان علاوه ڪالهه رجب آزاد وٽ ويٺا هئاسين ته منٺار جي فون آئي ۽ منظور سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. منٺار جو خيال آهي ته ’سنجها‘ جي مهورت کانپوءِ پنهنجي ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ضرور ٿئي. ان حوالي سان منهنجو پڻ خيال آهي ته ڀلي گڏجاڻي ٿئي. تنهن ڪري دوستن کي (خاص ڪري ڪاميٽيءَ جي دوستن کي) سنجها جي مهورت جو دعوت نامو موڪلڻ سان گڏ پروگرام ۾ شرڪت سان گڏ گڏجاڻيءَ متعلق به کين آگاهه ڪري تاڪيد ڪر ته جيئن هو ضرور اچن.
نيوز ليٽر ۾ تنهنجو مضمون وڻيو، تنهنجي خاڪن جو مجموعو جلد ۽ ضرور اچڻ کپي ۽ ذاتي بلڪ تخليقي سفر کي به جاري رکيو اچ.
وقت وڏو منصف آهي. سڀاڻي توسان ضرور انصاف ڪندو. اسحاق سميجي کي سلام ڏج ۽ ڪتاب جون مبارڪون پڻ.
تنهنجو پاڇو
مشتاق ڀرڳڙي – دادو.
****
ڪراچي
24-5-1992
هڪ در تتي ماءُ، ٻي ڄَر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.
شاهه
پيارا يوسف سنڌي:...!
ڪهڙا حال اٿئي..!؟ اميد ته خوش هوندين، تنهنجي محنت، خلوص، مستقل مزاجيءَ ۽ سچائيءَ رنگ لاٿو، سَچُ ته مون کي ويساهه نٿو اچي ته ايڏي وڏي تبديلي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي آهي. مون کي اها ته پڪ هئي ته اوهان جي ’لطيف پينل‘ مان پيارو منٺار سوڀارو ٿيندو، اهو به وڏي مقابلي کانپوءِ ۽ جنهن جي اڳيان ادبي دنيا جو ’بيسٽ ڊپلوميٽڪ رائيٽر‘ پيارو زوار نقوي هو ۽ خاص ڳالهه ته ان کي تاج سائينءَ جو آشيروادي تاج به پاتل هو. پر منٺار کي مليل چونڊن جا رڪارڊ وؤٽ اوهان جي گڏيل محنت ۽ ذهني هم آهنگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. ۽ منهنجي خيال ۾ اِها اوهان جي ڏاهپ ۽ وقتائتي ڏاهپ جو مظاهرو آهي جو اوهان ساهتي پينل کان الڳ ٿي پنهنجي سِر تي بار کنيو.
نئين نڪوري تبديليءَ مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ’سنڌ سنگت‘ تان وڏو سياسي ٻوجهه لهي ويو آهي. باقي پيارا تنهنجو هڪ وؤٽ تان هارائڻ به ڄڻ ته تنهنجي اڻٽر سوڀ آهي. سچ ته ڪڏهن هارائڻ ۾ به مزو اچي ويندو آهي ۽ پڪ سان ته تون سرهو هوندين ۽ ان ڪري به ته توکان ساهت کيتر جي سٻاجهي ڪوي ادل سومري کٽيو آهي، جيڪو هميشه ادبي گروهن ۽ گروهي تضادن کان ٻاهر رهيو آهي. ۽ انيڪ ادبي مامرن ۽ مونجهارن ڏانهن سندن رويو سگهارو ۽ مثبت رهيو آهي.
چونڊن کان پوءِ اخبار وارن سان ڳالهائيندي تنهنجو ڏنل بيان اسان ادبي سنگت جي گهڻگهرن لاءِ وڏو اُتساهه ۽ آٿتُ آهي ته تو جمهوري انداز سان ادل کي قبوليو آهي. ۽ اهو منظر منهنجي اکين ۾ اڃا تائين هٿيڪو آهي جڏهن تو ڊڪَ پائي ادل جهڙي نفيس ماڻهوءَ کي پنهنجي سگهارين ٻانهن ۾ جڪڙي جذباتي ٿي کيس ڳچيءَ ۽ ڳلَ کي چميو هو ته منهنجي اکين ۾ پاڻيءَ جا ترورا جرڪڻ لڳا هئا.
اميد آهي ته هاڻي تون ۽ تنهنجي پينل جا سوڀارا ساٿي ادل جا هٿ مضبوط ڪري سنڌ سنگت جو سگهارو ساهتي ڪردار جو ڙيندا.
آخر ۾ وري به توکي، پياري منٺار، ناشاد ۽ نعيم کي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ جي ادل سان رابطو ٿئي ته کيس به ڀاڪر پائجو، پر آهستي... قرب مان تنهنجو...
اياز جاني
****
[5]
06-07-1981
پيارا يوسف !
تنهنجو پيار ڀريو، جذبي سان ٽمٽار خط پهتو. ڪير ڪنهن جا لُڙڪ اُگهي؟ هر ڪنهن جي اک آلي آهي.
ٻُڌي خوشي ٿي ته سفرناما اوهان تائين پهتا. بلڪل ٿوريون ڪاپيون اوهان تائين پهچائي سگهيو آهيان. اڍائي سالن بعد پريس مان مليا. سي به ٿوريون ڪاپيون مليون آهن. ٻنهي ڪتابن تي وڏو ئي خرچ اچي ويو، پوءِ به ڪتاب ظاهر ٿيا ته سمجهيوسين سنڌ جيجل جو قرض ڪي قدر لاٿوسين ۽ پنهنجي نماڻي ڍنگ سان دوستن وٽان مليل اٿاهه قرب جي ٿوري موٽ ڏنيسين. ڪتاب هڪ ٻئي کي ڏجو ۽ جيڪي پڙهن تن کي مون طرفان عرض ڪجو ته رايو موڪلين.
ٻئي ڪتاب سنڌ ۾ اوَل ڇپجڻا هئا. دوست ظفر حسن اِهو ڪم پاڻ تي کنيو هو. هُن کي به ڇپائڻ ۾ ويرو پئجي ويو. هاڻي ٻڌو اٿم ته ڪلا جو ڪتاب ’جي هينئڙي منجهه هُرن‘ ذري گهٽ تيار آهي، پر منهنجي ڪتاب ‘سي سڀ سانڍيم ساهه سين‘ جي خبر ڪانهي ته ڪيستائين پهتو آهي. تو جيڪا آڃ ڪئي آهي تنهن لاءِ ٿورائتو آهيان ۽ تنهنجي جذبي جي قدر ڪريان ٿو. منهنجي پاڻ دل آهي ته هتان ڪيترن کي ڪاپيون موڪلي ڪين سگهندس. هاڻي تون نه اهو ڪم ڪر جو دوست ظفر حسن سان گڏج.
جيڪڏهن هُن کي منهنجو ڪتاب ڇپائڻ جو پروگرام نه هجي ته کانئس اجازت وٺي منهنجو ڪتاب تون ڇپائي سگهين ٿو. مون کي خوشي ٿيندي. منهنجو فقط اِهو شرط ٿيندو ته ڇپائي سُٺي ٿئي ۽ ڪَوَر دلپسند هجي. (اسان جي ڪتابن تي جو اسان جا فوٽا ڏنل آهن. سا ڳالهه مون کي پسند ڪين آئي آهي. پر ڇا ڪريان؟ اسين هئاسين دُبئي ۾، خبر ئي ڪانه پئيسين ته ڪَوَر ڪهڙي نموني ٿا ڇپين!)
ڪتابَ ۽ سفر جو پس منظر ڏيڻ لاءِ، جيڪا به انڊيا ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ ڪمي رهجي ويئي آهي. دوست ظفر حسن سان رابطو رکي احوال ڏج. ٻيءَ حالت ۾ اسان جا ڪيترائي ڪتاب ٻيا آهن جيڪي تون ڇپائي سگهين ٿو. ڪي اڳي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل، خاص طور ڪلا جا ناول اِتي پڙهندڙن کي پسند ايندا. اُنهن بابت به ظفر سان ڳالهائج، ڇو جو هُن اُهي ڇپائڻ جو اِرادو ڏيکاريو هو.
هڪ ڳالهه ٻي به، اِيئن نه ٿئي جو جذبي ۾ اچي پاڻ کي مالي مشڪلات ۾ وجهين، آخر به ته خرچ جي ڳالهه آهي. اسان کي اُجورو نه کپي، پر ساڳئي وقت توهان دوستن تي به اَسهه مالي بوجو نه پوڻ کپي.
سڀني يارن دوستارن کي منهنجا سلام، شل سدا خوش هجو.
يادگيرين مان تنهنجو
موتي پرڪاش
[7]
05-10-1987ع
پيارا يوسف !
تنهنجو 24-09-87 جو لکيل خط پهتو، مهرباني.
ڄاڻي خوشي ٿي ته تو جناب ظفر حسن سان رابطو رکيو ۽ ڳالهه طئه ٿي. منهنجي ئي ڳوٺ جو اديب ۽ ادب جو شائق 39- 40 سالن بعد مون کي سُڃاڻي ۽ منهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلا جي سڃاڻپ اسان جي ڪتابن جي وسيلي منهنجي ڳوٺ واسين سان ڪرائي، ان کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي ٿيندي! اسان نهايت صادق جذبي سان سنڌ جو قرض چُڪايو آهي ۽ موٽ قرض چڪائڻ بعد ته ملندي ڪانهي. اوهان اسان کي پنهنجي بي غرض پيار ۽ خلوص سان مالا مال ڪيو آهي.
مون کي ڪتاب لاءِ فقط ٻن صفحن جو مهاڳ لکڻو آهي. جيڪو مان جلدي لکي موڪليندس.
اڄ رجسٽر ڪري هڪ خط دوست مگهن لال شرما کي مير پور بٺوري جي ائڊريس تي موڪليو اٿم ۽ کيس عرض ڪيو اٿم ته ڌاڃوري فقير کي مون طرفان نذرانو ڏئي، هُو پاڻيهي ڌاڃوري سان رابطي جو بندوبست ڪندو. اِهو فقط اوهان جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو.
منهنجو ڪتاب ڇپائي لاءِ ڏيڻ کان اڳ ادي سراج الحق ميمڻ دڙي واري سان صلاح ڪجو ۽ منجهس ڪا اهڙي ڳالهه هجي جيڪا هُو جيڪر ڪاٽڻ چاهي ته ڪڍي ڇڏجو، ڏينهن ٿيا آهن ته سندس ڪو احوال ڪين آيو آهي.
سڀني ساٿين لاءِ پيار ڀريا سلام.
يادگيرين مان
موتي پرڪاش
مگهن لال معرفت اوهان جا اڳيان موڪليل ڪتاب نه فقط مون پڙهيا ۽ پسند ڪيا، پر انهن جي گيٽ اپ (ڪَوَر وغيره) به سُٺي هئي.

****

[8]
03-09-2005ع
پيارا يوسف،
اميد ته ڪٽنب ۽ ساٿين سان خوش هوندا. ڪالهه اوهانجو اِتان موڪليل ڪتابن جو پارسل پهتو. هٿون هٿ هيٺيان ڪتاب هئا.
 پسي تنهنجي تجلي
 اونڌاهيءَ ۾ سوجهرو
 ڀلا آئين ڀلا پرين
 ادب (مخزن)
 سنجها (مخزن)
 نجم عباسي: فن ۽ شخصيت
 لفظ ڳالهائين ٿا
 حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون.
اوهان مون کي ياد ڪيو ۽ ڪتاب موڪليا. تنهن سبب خوشي ٿي. ڪالهه ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. ’پسي تنهنجي تجلي‘ سڄو پڙهيم. مون بابت اوهان جيڪر لکيو آهي. سو اوهان جي قرب جي شاهدي ٿو ڏئي. اُن مضمون ۾ ڪن درستين جي گنجائش آهي. ڪتاب ۾ ته ٿي ڪين سگهنديون. پنهنجي رڪارڊ ۾ درستيون ڪري ڇڏيندا. مون بي اي آنرس. 1956ع ۾ ڪيو. 1965 ع ۾ مون بي ايڊ 1962 ۾ ڪيو. 1963 ع ۾.
’ٻال سنديش‘ جا ورهاڱي کان اڳ ڇهه يا ست پرچا نڪتا هئا ۽ نه هِڪ، اوهان پنهنجي لکڻين ۾ مون کي ياد ڪيو آهي. مرحوم اڪبر سيد به ڪٿي ذڪر ڪيو آهي. اوهان جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ به شايد نصير مرزا ياد ڪيو آهي. اهي اوهان جا وڏا قرب آهن. اوهان شريڪانت ۽ مون کي وڏي عزت بخشي، ڊاڪٽر رجب ميمڻ به ڏاڍي سڪ ڏيکاري. الستي ته آهي ئي الستي، وڏو ڪم پيو ڪري کيس يادگيريون پهچائجو.
مرحوم اڪبر سيد جي مضمونن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سندس لکڻي لاجواب آهي. ڏاڍي پياري ۽ ڇڪيندڙ. مون کي اها خبر به اوهان جي ڪتاب مان پيئي ته ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ به اسان جو ڳوٺائي آهي. مون سندس ٿيسسز جو مسودو پڙهيو هو. ڪتاب مون کي ڊاڪٽر فهيمده حُسين اُتي ڏنو هو، پر ناچاقيءَ سبب اِتي ئي ڪٿي رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم.
طبيعت سڌري رهي آهي. ڪمزوري آهي. سا لهي ويندي، صدف به اوهان کي ياد ڪندو آهي. اسان پاران سڀني لاءِ سلام.
اوهان جو
موتي پرڪاش
[9]
19-11-2005

پيارا يوسف،
اوهان جو 16 آڪٽوبر تي لکيل خط هفتو اڳ پهتو، سوچيم سانهه سَتيءَ سان جواب ڏيندس. ان وچ ۾ ڪي جوابداريون نباهڻيون پيئون. جنهن ڪري جواب ۾ دير ٿي آهي.
برابر، اوهان جيڪي ڪتاب سنڌ ۾ ڏنا هئا، سي اِتي ئي رهجي ويا. طبيعت ڍلي ٿي ويئي هُئي. ڳوٺ اچڻ جي به طاقت ڪانه ٿي ڀانيم، پر شريڪانت کي پنهنجي جنم جو هنڌ ضرور ڏيکارڻو هو. دل آهي ته سندس فئمليءَ /زال ۽ ٻن ٻالڪين کي به ڳوٺ ڏيکاري وڃان. هنن ته صرف اسان واتان ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌيون آهن. دعا ڪجو ته کين به زيارت لاءِ وٺي اچي سگهان ۽ اوهان جي ٻارن سان به گڏجايان، جيئن اسان کان پوءِ اسان جو ايندڙ ۽ موجود پيڙهيون به ناتي ۾ ڍلائي نه آڻين.
شريڪانت جي ٻن ڪتابن جي پهچ ڏني اٿم، فڪر نه ڪو، ٻيا به پهچي ويندا. مون کي اِهو ٻڌائجو ته شعر و شاعريءَ جي شائـقينن سنڌ ۾ ان کي پسند ڪيو ۽ ڪتاب جو وڪرو ڪيئن ٿيو؟ اوهان کي نقصان ته ڪين پوندو. اوهين وڏيءَ دل وارا آهيو جو مالي بوجو جهجهو هوندي به قرب نباهيو ٿا، شريڪانت جي شعر بابت مان ڪجهه چوڻ نه چاهيندس، سندس شعر پاڻ ڳالھائيندو، ڪِتاب سھڻو بيٺو آهي ڇپائي به سٺي آهي.
منهنجي شعرن جو مجموعو ’تنهنجيءَ ڳليءَ جون ڳالهڙيون.‘ پريس ۾ وڃي رهيو آهي. جنوريءَ 2006 ڌاري نڪري ويندو. اول اوهان کي موڪليندس.
سنڌ جي شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس ۾ منهنجي پڙهيل مقالي جي به ڪاپي پهتي آهي. تڪليف لاءِ مهرباني.
اوهان جي ڪتابن جو پارسل جي به پهچ ڏني هئم. مون کي خبر ڪانه هئي ته اوهان ايترا سارا ڪتاب شايع ڪيا آهن. ’پسي تنهنجي تجلي‘ ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو اٿم، ادب جي ميدان ۾ دڙو به پوئتي نه پيو آهي. اوهان جي مضمونن جو ڪتاب ڏاڍو وڻيو. ڏاڍي سادي پر جذبي واري لکڻي آهي اوهان جي. نصير مرزا ڏاڍو سٺو مُھاڳ لکيو آهي. مون طرفان اوهان ٻنهي لاءِ مبارڪون.
اوهان سان فون تي ڳالهائيندس ٻئي مهيني، ڇو جو ٻن مهينن ۾ فون جي بجيٽ ختم ٿي ويئي آهي.
آتم ڪٿا شروع ڪئي هئم. وچ ۾ ڇڏي ڏنم، جيئن اُن کي پوري ڪندس تيئن اوهان کي رواني ڪندس. اول ان تي حق اوهان جو. سرهاڻ جي ساٿين کي به اڃا ڪجهه موڪلي نه سگهيو آهيان. محمد رمضان ڀُٽي، سگا ۽ سرهاڻ جي ساٿين، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، سراج، مگهن لال لاءِ سلام، صحت سڌري رهي آهي، منهنجي دوست پهلوان غلام سَرور جتوئي کي شريڪانت جو ڪتاب موڪلجو.
وڌيڪ ٻئي ڀيري
اوهانجو
موتي پرڪاش
****

[10]
17-11-1987
منهنجا ڀاءٌ يوسف !
منهنجو ڪتاب ’جي هيئنڙي منجهه هُرن‘ ڇپائي پڌرو ڪري مون کي مبارڪون لکيون اَٿوَ، تنهن لاءِ توهان کي جس هجي. ڇهه اٺ مهينا اڳ هندستان ۾ ڇپيو، پر جن پيار واران کان متاثر ٿي ڪتاب لِکيم، اُهي ته سنڌ ۾ ئي آهن! تنهنڪري اُتي ڇپجڻ وڌيڪ سُٺو لڳو. هاڻي ’سي سڀ سانڍيم ساهه سين،‘ جو انتظار رهندو.
دڙي جي زمين جي مٽي کڻي اکين تي رکجو، اسان طرفان ۽ دڙي ۾ رهندڙ هر هڪ ڀاءٌ ڀيڻ کي اسان جا سلام، ڌاڃورو فقير ملي ته اسان لاءِ هن کان دُعائون گُهرجو.
اسان جون لکتون ڀاءُ ظفر حسن کان وٺي ڇپائڻ جو ذمو پاڻ تي کڻي توهان اَسان لاءِ جيڪو قرب ڏيکاريوآهي، سو ياد رهندو.
ياد گيرين سان توهان جي ڀيڻ،
ڪلاموتي پرڪاش
****

[11]
1988-03-20

يوسف منهنجا ڀائر...!
تو ڏاڍو جذباتي خط لکيو آهي. مون کي پڙهي روئڻ پيو اچي. ڪير مون کي ايڏو مان ڏئي، سڪ ڏيئي، ڄڻ جيءَ ۾ سمائجڻ کان ڪجهه وڌيڪ ئي آهي! ايڏي مون منجهه لائقي اچي جيڪر، انسان جي حيثيت ۾ توڻي ليکڪا جي حيثيت ۾ اڃا ته گهڻيون ئي منزلون طئه ڪرڻيون آهن. هن جنم ۾ ٿينديون به يا نه.. يوسف بابلا! تنهنجا لک لائق. ڪير جڏهن ان طرف ايندو ته پنهنجي ڪا نه ڪا تخليق موڪلينديس، پر منهنجي هڪ ڳالهه ياد ڪجانءِ ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پنهنجو ڪُٽنب ڏکيو ڪري ڪتاب نه ڇپائجان، تنهنجو جيڪو دوست توکي سهڪار ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، سو ڪير آهي اُن کي به چئجانءِ ته جذبات وهيڻو ٿي هروڀرو به پاڻ کي ستائي ڪتاب ڇپائڻا آهن، ايئن نه ڪري.
شريڪانت بمبئيءَ ۾ آهي. مان کيس لکان ٿي ته پنهنجا غزل موڪلي، هن وٽان جيئن ئي غزل ملندا توکي موڪلي ڏينديس، ’هُن‘ رات مهاڳ لکيو آهي. توکي ٻن چئن ڏينهن ۾ ملي ويندو، تنهنجي اولاد لاءِ ۽ تنهنجي ءَ ڪنوار لاءِ پيار ۽ دُعائون!
ڌاڃوري فقيرکي اسان جا پيرن تي هٿ
دڙي جي هر بني بشر لاءِ سلام.
ڪلاموتي پرڪاش
*
پيارا يوسف !
هن گڏ مهاڳ موڪليان ٿو. عنوان ’دلدارن جو دڙو وسندو رهي...‘ به ڏيئي سگهين ٿو. ٻنهي مان جيڪو توکي وڻي، هاڻي منهنجو ڪم پورو ٿيو، دير برابر ڪيم.
مگهن لال معرفت تنهنجا موڪيل ڪتاب به پهتا.
عاجز ڪريم پوري ۽ ٻيا يار ڪٿي آهن. پرويز لاءِ سلام، رنگريز، مگهن، سراج لاءِ نياز ۽ ڌاڃوري فقير لاءِ سلام
يادگيريون
موتي پرڪاش
****

[12]

1988-02-11
يوسف بابلا !
مون ته خواب ۾ به نه سوچيو هو ته منهنجي ڪا تخليق دڙي مان ڇپجي ايندي. ڪو اهڙو اِسرار به ٿيندو، سو ڪتاب ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيم. هاڻي ’سي سڀ سانڍيم ساهه سين‘ ۽ ’ڏٺي ڏينهن ٿيام‘ جو اِنتظار آهي. منهنجي ڇپيل توڻي اَڻ ڇپيل ڪتاب جيڪي به تون ڇپائڻ چاهيندين، مان توکي موڪلي ڏينديس. سنڌ ۾، سو به دڙي ۾ ڪتاب ڇپجن ته لکڻ ڄڻ وڌيڪ سجايو ٿو لڳي.!
سنڌوءَ لاءِ تو شاهه جو بيت چيو آهي:
جيڏو تنهنجو ناءُ ٻاجهه به اوڏايائي مڱان.
بس ڌڻيءَ جي ٻاجهه ۽ توهان ڀائرن جون دُعائون کيس ٺيڪ ڪري ڇڏينديون، هاڻي بهتر آهي. شريڪانت ته بمبئيءَ ۾ آهي. هن به سال کن کان غزل لکيا آهن. سندس ڪي ڇپيل / اَڻ ڇپيل غزل توکي لکي موڪلينديس.
ڌاڃوري فقير جي دُعائن جا اسين سدائين طلبگار آهيون.
تنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ دڙي جي سڀني رهواسين لاءِ سڪ ڀريون دعائون.
ڪلاموتي
****

[13]
سن 2002-12-24
پيارا يوسف........... اميد ته خوش هوندين...! حق موجود..
محبتن سان ياد ڪرڻ لاءِ مهرباني، مون کي زندگيءَ جو هڪ عجيب تجربو ٿيو آهي ته جن ماڻهن لاءِ پنهنجي جوانيءَ جا ڪئين خوبصورت ڏينهن برباد ڪياسين، انهن ڏکئي وقت ۾ مُڙي به ڏسڻ گوارا نه ڪيو، پر جن ماڻھن لاءِ اسان جي دل ۾ ڪابه چڱي راءِ نه هئي (اسان جي گهٽ علميءَ سبب) يا جن سان چڱا نه هليا سين، ڏکئي وقت ۾ اهي ئي ماڻهو اڳتي آيا ۽ اچي منهنجي مدد ڪيائون، مان جڏهن جيل ۾ هوس تڏهن جيڪي به دل گهريا دوست هئا، انهن مان هڪ به ملڻ نه آيو، پر اهڙا ماڻهو ملڻ آيا، جن جو مون ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. سن ۾ هڪ ماڻهو آهي، جنهن بابت ڪنهن ماڻهوءَ واتان گِلا ٻڌي مون ان تي اعتبار ڪيو ۽ ان ماڻهوءَ کان ايتري ته نفرت ڪندو هوس، جو هڪ دفعي جلال شاهه وٽ ان جي پٽ بدران ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي نوڪري وٺي ڏيڻ جي سفارش ڪيم، پر مون کي ان وقت سخت حيرت ٿي جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ مون کي سندس گهر ۾ ويٺل وڏين نياڻين کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ چيائين. تڏهن مون کي اندر واري ڏاڍي ملامت ڪئي ته تون جنهن شخص کي خراب سمجهندو هُئين. تو جنهن شخص کي پرپٺ نقصان پهچايو، ان توتي ايترو ته اعتماد ڪيو جو هو ته کي گهر ۾ نياڻين. وٽ وٺي ٿو وڃي! ويجهڙائپ ٿي ته اهو ماڻهو مون کي ڏاڍو مخلص لڳو، ڪئين دفعا پئسا اُڌارا ڏنائين پر، مهينا گذرڻ باوجود به واپس ڏيڻ لاءِ نه چيائين. مون کي افسوس آهي جو.... ......جا ذهني غلام هئڻ ڪري اسان توهان جهڙن مخلص ماڻهن جي سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سُڌاري لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي سمجهي نه سگهياسين. هاڻي جڏهن اسان جي سامهون .... ......پنهنجي حقيقي چهري سان وائکو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي ان بيو قوفيءَ تي ڪراهت ٿي اچي.
يوسف..! تو به سن جي ان ماڻهوءَ وانگر مون سان ڀلائيءَ جو پير کنيو آهي، جنهن سان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ مون خراب ورتاءُ ڪيو هو. حيرت اٿم ته جيڪا ڪهاڻي تو ڇپي آهي اِها توکي ست سال اڳ ڏني هيم، اِها سنڀالي اٿئي! ورنه اڄ ڪلهه ته حالت اِها آهي جو هٿوهٿ ڏنل ڪئين ڪهاڻيون دوست گم ڪريو ڇڏين، ڪافي ڏينهن کان ڪا نئين شئي نه لکي اٿم، ان ڪري توڏي مواد نه پئي موڪليم، حيدرآباد ۾ هڪ ديوان جي ڪمپيوٽر سينٽر تي آيو هوس آسيءَ سان ملڻ، خبر پئي ته پنج منٽ کن اڳ تون ويٺل هئين،. ملاقات نه ٿيڻ تي افسوس ٿيو. پنهنجي ڪهاڻي اردوءَ ۾ ڇپجندي خوشي محسوس ڪندس. جڏهن ڇپجي ته اطلاع ڪندا.
اوهان جو
ايوب عمراڻي

[14]

ميرپوربٺورو
26 جنوري 2002ع
پيارا يوسف سنڌي!
جيئي سنڌ!

اُميد ته سَرها هوندؤ !

پيارا، توهان پاران ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڀورو بگهڙ“ ڪالھه پڙهي پورو ڪيو اٿم. سچ ته ڪِتاب ايڏو جامع، ڀرپور ۽ اُتساهيندڙ آهي جو ماڻھوءَ کي پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ۽ پنھنجي اندر ۾ نوان وِلولا ۽ جذبا جاڳندي محسوس ٿين ٿا. Gfrey Wolf لکي ايڇ. سي. آرمسٽرانگ سُٺو ڪم سرانجام ڏِنو آهي ۽ اوترو ئي سُٺو ڪم توهان ان کي سنڌي ۾ لاهي سرانجام ڏِنو آهي.
ترجمو ڏاڍو سُٺو ڪيو اٿوَ، البته هڪڙي خامي رهجي وئي آهي، خبر ناهي ته اها ليکڪ کان غلطي سرزد ٿي آهي يا توهان کان اُن کي سمجهي نه سگهيا آهيون. ڪجهه جاين تي ايئن محسوس ٿو ٿئي ته قسطنطنيه ۽ استنبول ڪي الڳ ٻه شھر آهن. ايئن نه آهي. قسطنطنيه، استنبول جو پُراڻو نالو آهي. استنبول ترڪي جي يورپي حِصي ۾ آهي ۽ ٻڌو آهي ته ڏاڍو سھڻو شھر آهي. اُن ڪري ٻئي ڇاپي دوران اِها غلطي درست ڪري ڇڏجو.
بھرحال توهان بھترين ڪِتاب جو بھترين ترجمو ڪرڻ لاءِ کيرون لھڻو. اُن ڏس ۾ دِل سان واڌايون، اُميد ته آئينده به سنڌي ادب جو دامن وسيع ڪرڻ لاءِ پتوڙيندا رهندا. مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ کانپوءِ جمال عبدالناصر جي آتم ڪٿا سنڌي ۾ آڻينءَ ته ڏاڍو چڱو ٿيندو. مھرباني.

اوهانجو پنھنجو
نواز خان زئور
ميرپوربٺورو/ٺٽو، سنڌ

[15]
سينٽرل جيل حيدرآباد
04 مئي 2007ع
پيارا يوسف سنڌي!
جيئي سنڌ!

اُميد ته خيريت سان ۽ خوش هوندا !
گُذريل هفتي ”قيدي تخت لاهور جو“ جي ڪاپي پھتي اٿم. ڪِتاب ڏِسي دِل بلڪل خوش ٿي وئي آهي. ٽائٽل واهه جو ٺھرايو اٿوَ! مون کي تنھنجي تجربي تي اڳيئي ڀروسو هو، پر پوءِ به منھنجي اندازي کان وڌيڪ سُٺو، وڻندڙ ۽ اثرانگيز ٽائٽل آهي. مجموعي طور تي ڏاڍو سُٺو ڪِتاب ڇپيو آهي.
البت ٻه شيون اهڙيون آهن، جن ڏانھن توهان جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته ڪِتاب ۾ ڪجهه چُڪون رهجي ويون آهن. ٻيو ته منھنجي خواهش هئي ته ڪِتاب سچائي اشاعت گهر پاران ڇپايو وڃي، ايئن ٿئي ها ته ڪر اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها.
ٻي ڳالھه ته ڪِتاب جون ٻه سئو کن ڪاپيون اڃا وڌيڪ ڇپرائجن ته بھتر ٿيندو. ڪِتاب کي بُڪ اسٽالن تي آڻڻ ضروري آهي. ادبي حلقن ۽ پڙهندڙن وٽ ان جي رسائي بڪ اسٽالن معرفت ئي بھتر طريقي سان ٿي سگهي ٿي. انھي سلسلي ۾ توهان کي ڪوشش وٺڻ گهرجي.
ان کانسواءِ ڪِتاب تي ڪجهه اديب دوستن کان تبصرا ۽ مضمون پڻ لکرائجن ته ڏاڍو چڱو ٿيندو. اُن ڏِس ۾ به ذميواري وري به توهان جي مٿان ئي اچي ٿي. توهان کي ئي ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪرڻو پوندو. پندرهنوار ”افيئر“ ۾ ڪتابن تي سُٺا تبصرا ڇپجن ٿا. ڪنھن دوست کان تفصيلي تبصرو لکرائي اُن ۾ به ضرور ڇپرايو.
ڪِتاب جو ڪريڊٽ مجموعي طور تي توهان، ڀاءُ ممتاز ۽ رشيد آزاد ڏانھن وڃي ٿو. توهان جون محنتون ۽ محبتون نه هُجن ها ته ڪو ڪِتاب هينئر تائين مارڪيٽ ۾ اچي/ڇپجي نه سگهي ٿا. ان سلسلي ۾ توهان جا ٿورا وِسارڻ جوڳا ناهن. باقي روايتي انداز ۾ مھربانيون مڃڻ، سمجهان ٿو ته ننڍڙي ڳالھه ٿيندي. تنھن هوندي به ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙان جا.
توهان پاران خطن جا جواب نه لِکڻ واري شڪايت برقرار اٿم. الاءِ ڪڏهن ختم ٿيندي؟ باقي ٻيو ڪُل خير آهي. سڄي سنگت کي سلام.

چڱو، جيئي سنڌ
توهانجو پنھنجو
نواز خان زئور
****
سکر- سنڌ
[16]
ساٿي يوسف سنڌي،
1991-4-13
”هزار داستان“ ۾ توهان جي ڪھاڻي ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ سنڌ جي موجوده تقاضائن موجب گهربل عمدي انقلابي ڪھاڻي آهي، ۽ خاص طرح انڪري به، جو اُن جي مک ڪردار ڇوڪري آهي. نه ته اهڙي قسم جي ڪھاڻين جو اڪثر سورمو ڇوڪرو يا مرد بنايو ويندو آهي. البت ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻي يا سورميءَ جي پُڄاڻيءَ سان مونکي اختلاف آهي. مان پنھنجي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري سورميءَ کي بُزدل ٿي مرڻ يا آتم هتيا ڪندي نه ڏيکاريندو آهيان. پنھنجي حقيقي سماج ۾ اهڙي ڪِردار جو موت به ٿيندو آهي، تڏهن به مان هن جو اهو مرڻ مقابلو ڪندي يا سماج سان بغاوت دوران ڏيکاريندو آهيان. ورنه اهڙي ڪِردار کي ڪھاڻيءَ جو سورمو بنائڻ جو ڪھڙو مقصد؟ ڪھاڻيءَ ۾ هن کي آڻڻ يا هن بابت ڪھاڻي لِکڻ آهي ئي اُن نيت سان ته هو ٻين شخصن کان مختلف آهي يا مختلف ٿيڻ گهرجي!
۽ هن ڪھاڻيءَ ۾ ته توهان جي سورمي باشعور، باغي ۽ انقلابي آهي. اهڙي ڪِردار جو ماٺ ميٺ ۾، شڪست مڃي پاڻ کي ماري ڇڏڻ سڀاويڪ نه ٿو لڳو، سڀاويڪ نه ٿو سونھين. مونکي صفا غير فطري پيو لڳي. ڀلي سماج جا ڪيترا به پُراڻا ٻنڌڻ هئا، ڀلي اُن ڪري ڪيترائي پُراڻ پسند خاندان ڊهن ها يا هنن جي پڳ لھي ها ته به هِڪ باشعور ۽ انقلابي ڇوڪريءَ کي بغاوت ڪرڻي هئي. اهڙي بغاوت، جو موجوده توڙي ايندڙ نسل جي ڇوڪرين ۾ اهڙي سماجي ظلم خلاف اکيون ڪڍي وڏن سامھون اُٿي کڙو ٿيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ها ۽ جذبو اُڀري ها. ڪھاڻي جي موجوده پُڄاڻي پڙهي ته منھنجي خيال ۾ همت واري ۽ باشعور ڇوڪرين جا به حوصله پست ٿيندا ۽ هو بزدل بنجڻ طرف مائل ٿينديون. لڙڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ بغاوت ڪرڻ جو مظلومن ۾ شعور اُڀارڻ ضروري آهي.
دعوت نامو ته منتظمين پاڻ توهان ڏي موڪليندا ۽ مونکي ته ٻڌاين ته هو روبرو به توهان ڏي ايندا، پر مان هي ڪارڊ توهان ڏي اُن اُميد سان موڪلي رهيو آهيان ته توهان مون تي مختصر ”خاڪو“ لِکي، جشن ملھائڻ واري ڏينھن (26- اپريل جمعو)، گولڊن جوبلي سال جي نوٽ ۽ حوالي سان اخبارن ۾ ڇپرائيندا. نه رڳو عبرت، ڪاوش، خادم وطن، سنڌوءَ ۾، پر ڪراچيءَ وارين اخبارن ۾ پڻ، هيءَ منھنجي حُجت سمجھجو. ڪارڊ صحيح نموني نه ڇپرايو ويو آهي. ٻه ٽي ڏينھن اڳ ۾ به هِڪ خط لِکي چُڪو آهيان. جيئي سنڌ
نجم عباسي
****

[17]
میرے انتہائی محترم اور پیارے
جناب یوسف سندھی صاحب!
اسلام علیکم
عید سے ایک دن پہلے ہسپتال سے آیا، بیمار تھا، پھر ہمارے کالج میں کوئی غیر معمولی حالات بن گئے PMDC نے ہمارا میڈیکل اینڈ ڈینٹس کالج بند کرنے کے احکامات جاری کردے۔ سٹوڈنٹس اور سٹاف سب پریشان عدالتوں اور وکیلوں کے ساتھ رات گئے تک مٹینگز ہوتی رہی۔ ابھی معاملہ جاری ہے۔ دعا فرمائیے گا۔
مجھے دیر کا اندازہ ہے
آپ سے امید ہے معاف فرمادیں گے،
آپ نے ٍٍ'آقا' کو سندھی قالب میں ڈھال کے ایک تاریخ ساز کام کیا ہے۔ یہ آقا ﷺ کے حضور ہم جیسے مسکین غلاموں کا نذرانہ عقیدت ہے۔ ورنہ آپ کی اس محبت کے لیے زمیں و آسماں کا نذرانہ بھی کم ہے۔ انعام آقا ﷺ سے ہی ملے گا، آپ اسےکو اپنی دعا‍وں میں شامل رکے گا۔
آپ کا اپنا
ڈاکٹر ابدال بیلا

[18]
مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017ع
2017- 02-15

مانوارا سائين محترم يوسف سنڌي صاحب !
....جيئي سنڌ
مادر وطن ايوارڊ ڪميٽي انتهائي خوشي ۽ مسرت سان اوهان کي هيءَ خوشخبري ڏئي رهي آهي ته سموري زندگي اوهان پاران سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت، خصوصي طور ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترجمي جي شعبي ۾ نمايان خدمتن جي مڃتا طور اوهان کي مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017 ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اوهان کي گذارش آهي ته مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017 وٺڻ لاءِ 24 فيبروري 2017ع تي باءِ پاس حيدرآباد تي ٿيندڙ مادرِ وطن جي تقريب ۾ وقت جي پابنديءَ سان شرڪت ڪري پنهنجو ايوارڊ وصول ڪرڻ فرمائيندا.

حيدر ملاح
سيڪريٽري
مادر وطن ايوارڊ ڪميٽي
ايس ٽي پي.
****

[19]
محترم استاد ۽ اديب يوسف سنڌي
سائينءَ جي پر خلوص ۽ عاجزي واري ڪوششن ،جنهن ۾ سائين جن جو بهترين اخلاق، ثقافتي تاريخي، فني، شاعراڻي ۽ ادبي مسئلن جي ڄاڻ شامل آهي. جنهن ۾ اهو مقصد حاصل ڪيو ويو آهي. ته جيئن توهان پنهنجي چاهيندڙن لاءِ پنهنجي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ همت ذريعي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تر جمو ڪيا آهن. ان جي ڪري ئي سدائين ثقافتي حلقن ۾ توهانجو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
ڪتاب ”حافظ شيرازي جا چونڊ هڪ سئو غزل“ جي پڌرائيءَ واري هن تقريب ۾ توهان اسانجا مهمان آهيون. جنهن ڪتاب کي توهان پنهنجي قلم سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.انهي ڪري اسان سوچيو ته توهانجي وڏي عرصي کان جاري هن خدمت جو هن ”تحرير“ ذريعي شڪريو ادا ڪيو وڃي ۽ گڏو گڏ توهانجي اهڙي ادبي ۽ ثقافتي ڪوششن کي مستقبل ۾ جاري رکڻ لاءِ دعا آهي ته رب سائين توهانکي صحت ۽ سلامتي عنايت ڪري.
بلا شبه ادبي ۽ ثقافتي ميدان ۾ توهانجون مخلصاڻه ڪوششن هميشه ياد رکيون وينديون. جنهن ۾ توهانجي محنت ۽ همت جو وڏو حصو آهي ۽ يقين آهي ته اهڙي قسم جون ڪوششون ۽ نيڪيون ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه هونديون.
اُميد ٿا ڪريون ته توهان الله سائين تي توڪل ڪري هڪ سُٺي استاد جي حيثيت ۾ زندگيء جي هرشعبي ۾ ڪاميابي ماڻيندا ۽ هن خطي جي ثقافت ۽ ادب جي ترقي لاءِ مسلسل پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندا. آخر ۾ رب سائين جي بارگاهه ۾ دعا ٿو گهران ته توهانجيءَ هي علمي ۽ نوراني زندگي ڀلي طرح گذري ۽ انجي پڄاڻي به ڀلي ٿئي، جيڪا هر نب، ولي الله ۽ بزرگن جي خواهشن هوندي آهي.
احمد عبدالله پور
ڊائريڪٽر
خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران
حيدرآباد سنڌ

]نوٽ هيءَ سندَ آقاي احمد عبدالله پور اڳوڻي ڊئريڪٽر خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد پاران ”حافظ شيرازي : هڪ سئو چونڊ غزل“ جي مهورتي تقريب ۾ يوسف سنڌي کي پيش ڪئي ويئ جنهن جو اصل فارسي متن پويا ن ڏجي ٿو.مرتب[

مهورتي تقريب جو احوال

مهورتي تقريب جو احوال
بينظير ڀٽو جا آخري ستر ڏينهن

رپورٽ: رشيد آزاد

سنڌي ادبي سنگت دڙو پاران 20 جولاءِ 2008ع تي نامياري ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌيءَ جي ڪتاب ”بينظير ڀٽو: آخري ستر ڏينهن“ جي مهورتي تقريب سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنڌ جي صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سسئي پليجو ڪئي. خاص مهمانن ۾ ابرار قاضي، ڊاڪٽر فهميده حسين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پروفيسر اعجاز قريشي، نصير ميمڻ ۽ تاجل بيوس شامل هئا. پروگرام جي شروعات ڪندي سنڌي ادبي سنگت دڙو جي سيڪريٽري رشيد آزاد سسئي پليجو ۽ ٻين خاص مهمانن کي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ سڏيو. تنهن کانپوءِ هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري زيب نظاماڻي کي ڀٽائي جا بيت پڙهي پروگرام جي باقاعدا شروعات ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. جنهن شاهه جا بيت ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيا. تنهن کانپوءِ نوجوان ليکڪ ۽ ايڪٽيوسٽ ظهور پليجي آجياڻي تقرير ڪئي. آجياڻي تقرير کانپوءِ اسٽيج ويٺل سڀني مهمانن کي اجرڪون پارائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. جيڪي امرتا، پارس، فاطمه سومرو، قيوم سومرو، ذوالفقار ڪانڌڙو، نواز سومرو، محمد يوسف ڀٽو. فريد ميمڻ، زاهد ميمڻ ۽ عبدالحميد ميمڻ مهمانن کي اوڍايون. جنهن بعد نوجوان شاعر اياز امر شيخ محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پنهنجو خوبصورت نظم خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ۽ هال مان خوب داد وصول ڪيو. نظم کانپوءِ ڪتاب جي مهورت جي رسم سسئي پليجو جي مٿان ڪرائي وئي. جيڪا تاڙين جي گونج ۾ ٿي گذري.
مهورت کان پوءِ تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو. سڀ کان پهرين نوجوان شاعر نويد سنديلو پنهنجو انگريزيءَ ۾ لکيل مقالو پيش ڪيو. جنهن ۾ ليکڪ ۽ ڪتاب جي ساراهه ٿيل هئي. نويد سنديلي کانپوءِ نوجوان ڪهاڻيڪا اصغر گُـگو پنهنجو لکيل مقالو پيش ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته ”يوسف جو هي ڪتاب مستقبل جي مورخ لاءِ سورس مٽيريل جي حيثيت رکي ٿو.“
محترمه سسئي پليجو جي تڪڙ ڪري پروگرام جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ اسٽيج تي ويٺل خاص مهمان گل محمد جکراڻي کي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو ويو. جنهن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”يوسف سنڌي جو هي ڪتاب سنڌ جي عوامي تاريخ جو هڪ باب آهي. ۽ چچ نامي کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي.“
جنهن بعد نوجوان شاعر سورج سجاوليءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شعري ڀيٽا ڏني. پرگرام جي صدارت ڪندڙ محترمه سسئي پليجو کي وچ ۾ گهرايو ويو. سڀ کان پهرين هن پروگرام ۾ گهڻي دير نه ويهڻ لاءِ معذرت ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن کي ڪراچي ۾ ڪنهن فلم جي پريميئر شو ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ’يوسف سنڌي هڪ بهترين اديب، ليکڪ سان گڏ کاهوڙي ورڪر به آهي. يوسف سنڌي جو هي ڪتاب ان ڳالهه جو ثبوت آهي.‘ هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو اسان جي لاءِ اُتساهه جو سبب هئي ۽ اڃا به آهي. اسان هن جي ڪيل ڪم ۽ ڪردار کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. يوسف سنڌي هن جي آخري ستر ڏينهن جي ڪار گذاري کي دستاويز (ڊاڪيومينٽ) جي شڪل ڏئي هڪ بهترين ۽ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي.
محترمه سسئي پليجو تقرير ختم ڪرڻ کانپوءِ سڀني کان موڪلائي رواني ٿي. تنهن کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽري سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار محترم پرويز کي پنهنجو مقالو پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. جنهن چيو ته ”يوسف سنڌي سدائين اهڙا ڪم ڪندو رهيو آهي جن ڏانهن ٻين جو ڌيان ئي نه ويندو آهي ۽ يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب به اهڙو ئي غير معمولي ڪم آهي.“ پرويز کان پوءِ ابرار قاضي ڳالهائيندي چيو ته ”يوسف سنڌي جي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ کانپوءِ سنگت کي اهو فائدو ٿيو آهي جو سنگت ۾ نواڻ سان گڏ نوجوان ڪيڊر به نظر اچڻ لڳو آهي. جيڪا خوش آئند ڳالهه آهي ۽ يوسف سنڌي جو هي ڪتاب محترمه بينظير ڀٽو تي ڇپيل ٻين سڀني ڪتابن کان منفرد ۽ ڌار حيثيت رکي ٿو.“ ابرار قاضي کانپوءِ نامياري شاعر تاجل بيوس ڳالهائيندي چيو ته ’يوسف سنڌي جو هي ڪتاب هڪ ڊاڪيومينٽ ۽ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو‘ تنهن کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته ”يوسف سنڌي هن ڪتاب ذريعي انهن ستر ڏينهن جي واقعن جي ڊاڪيومينيشن ڪئي آهي. جيڪي شهيد بينظير ڀٽو هن ڌرتي تي گذاريا. بينظير ڀٽو جي قتل جون شاهديون هن ڪتاب مان ملي سگهن ٿيون. ذوالفقار سيال کانپوءِ پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يوسف سنڌي تاريخ کي اهڙي نموني لکڻ ٿو چاهي جو مستقبل ۽ اڄوڪي دور جون ڪڙيون پاڻ ۾ مليل رهن. اعجاز قريشي کانپوءِ ڪتاب جي ليکڪ يوسف سنڌي آيل سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته آءٌ تاريخ جي شاگرد آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته اڄ جو هر ننڍو واقعو سڀاڻي تاريخ بڻجي ويندو ۽ منهنجو هي ڪتاب انهن تاريخي واقعن جي ننڍين ننڍين ڪڙين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ملائڻ جي ڪوشش آهي. جنهن جو خاتمو شهيد محترمه جي شهادت تي ٿيو.“ يوسف سنڌي کانپوءِ سنڌي لينگويئج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”هن ڪتاب ۾ يوسف سنڌي بينظير ڀٽو جي آخري ڏينهن جو حساب ڪتاب لکيو آهي ۽ هڪ تاريخ قلبند ڪئي آهي. ان ۾شروع ۾ هن ڪجهه مضمون ڏنا آهن، جيڪي ان دور ۾ لکيا ويا، پر پوءِ واقعن جي هڪ ڊائري ٺاهي آهي. جيڪا اخبارن ۾ آيل خبرن، هيڊنگس، بيانن، انٽرويوئن ۽ محترمه جي سرگرمين بابت رپورٽن تي مشتمل آهي. لکيڪ بنا ڪنهن تبصري ۽ راءِ جي اڻ ڌريو ٿي اهي شيون سهيڙيون آهن. ان دوران ٿيندڙ سياسي واقعا، عدليه جي باري ۾ هلندڙ ڳالهيون. اي پي ڊي ايم جا بيان صدر مشرف جو ڪردار، پيپلز پارٽي جون پاليسيون ۽ روزاني سرگرميون هڪ رپورٽر وانگر رپورٽ ڪيون آهن، پر ان سهيڙ جو طريقو اهڙو رکيو آهي جو ڄڻ ارڙهين آڪٽوبر واري واقع کانپوءِ هر ڳالهه منطقي ارتقا ذريعي ڪنهن ڪلائيميڪس ڏانهن ويندي هجي.“
ڊاڪٽر فهميده حسين جي تقرير کانپوءِ پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. پروگرام ۾ سڄي سنڌ مان ڪيترن ئي اديبن شاعرن ۽ س ا س جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جن ۾ جي اين مغل. عبدالغفور الستي، قلندر شاهه لڪياري، پروانو ڀٽي، زوار نقوي. ضراب حيدر، امين لاکو. علي اظهار، علي دوست عاجز، رفيق عيساڻي، مگهن لال شرما، نذير ناز، عربيه نور، ڊاڪٽر مسز ممتاز ڀٽو، رخسانه لغاري، سارنگ شاهه، دودي ميمڻ، ڊاڪٽر خالق ميمڻ، رفيق جان بلوچ، اظهر جان ميمڻ، مراد ڏاهري، رضا ڏاهري، عنايت انڙ، علي مدد شاهه، شبير سيال، دوست ملوڪاڻي، فدا سنجراڻي، در محمد ٻرڙو، سارنگ سهتو، مسافر لاکو. مجتبيٰ جوکيو. هنس راج اوڏ. منصور ٿلهو. امام علي ڏيٿو، سڀاش هميراڻي، مرتضيٰ سيال، گل ڪونڌر، عبيد راشدي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، نبي بخش ناز، عزيز ڀنڀرو، لياقت پنجتني، مور ساگر، صابر شيدي، مختيار سهتو. عبدالرحمان سيال. گلزار پليجو، محمد ٻارڻ، قمر ڪوهستاني، ڊاڪٽر صاحب خان. واحد پارس هيسباڻي، نور محمد تراب نوتڪاڻي، نواز شاهه ڀاڏائي، شفيع محمد ميمڻ، محمود ميرجت، محمد علي جوکيو، ناصر پنهور، غلام مصطفيٰ سولنگي، ستار ملڪ، سرور خاصخيلي، سليم چنا، غلام مصطفيٰ ميمڻ، صالح امير، ابراهيم سنڌي. سليم سنڌي، نور محمد سمون، عبدالقادر کٽي، رشيد راڄڙ، غلام حسين خاصخيلي وغيره شامل هئا.
]روزاني خبرون ڪراچي، 18 آگسٽ 2008[