شاعري

چنڊ مان ۽ رولاڪيون

آصف ڪالرو پنھنجي  پاڻ  کي”رولاڪ“ سڏي ٿو. آصف جي نظمن ۾ پڻ اوهان کي هن جي رولاڪين جا قصا ملندا، جنھن ۾ شاعراڻو Touch، اڻ ڇھيل  موضوع، ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي سرجيل نثري نظمن جو ڀرپور مزاج رکندڙ سمورا نظم ملندا. هن ڪتاب  ۾ ”ڊائريءَ جا ورق“ جو  الڳ سان هڪ باب رکيو ويو  آهي، جنھن ۾ ليکڪ نظم ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي ۽ شاعراڻي نثر جي Pattern تي پنھنجا احساس  تخليق ڪيا  آهن.

Title Cover of book چنڊ مان ۽ رولاڪيون

خـــــواھـــــش

خـــــواھـــــش
ھُو مونکي ھميشه چوندي ھئي “رولاڪ منھنجي ايتري خواھش آھي، بس تنھنجي نالي سڃاتي وڃان، تنھنجي نالي جي تختي منھنجي محبت جي محل تي لڳل ھجي، منھنجا ٻار به تنھنجي نالي سڃاتا وڃن، مرڻ کان پوءِ به منھنجي قبر تي تنھنجي نالي جي تختي لڳل ھجي”
مان ساھ روڪي آسمان ڏانھن ڏٺو، مان وٽ ڪاري گُھگهه اونداھي ھئي مٿي ڏٺم ته چمڪندڙ چنڊ سان ستارن جي محفل ھئي ھيٺ ڪاري رات تنھائي پاڇو ۽ آئون ھيس مون محسوس ڪيو ته منھنجو مونکي لڳي چڪو آھي منھنجو روح گھايل ٿي اُتاولو ٿي پيو آھي. جيڪڏھن اڪيلائي بي چيني ھوندي آھي تڏھن ننڍ به دشمن ٿي پوندي آھي مان ھاڻ سمھڻ ڇڏي ڏنو آھي، مان ڪاري رات سان وفا جو وچن ڪري پاڻ کي رولاڪ ڪري ڇڏيو آھي. آئون ھميشه تنھنجي سفر جي رڻ ۾ اڪيلو رلندو رھيس سدائين رولاڪ ٿي تنھنجي خوابن ۾ ڀٽڪندو رھيس، پاڻ کي اھو چئي ڌڪاريندو رھيس ته رولو رات جا چار پھر گذري ويندا نيٺ ته صبح ٿيندي نيٺ ته منھنجي خوشين جو سج اڀرندو.
...