شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 52
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حق واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: ڳُڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو
مرتب؛ فقير محمد سنڌي – نجيب الله کوهارو
ڇاپو؛ پهريون- 2015ع
ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ؛ غلام مرتضيٰ، عبدالمنان
ڪاتب پريس اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو.
ڇپائيندڙ؛ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو.

مُلہه 150

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع


اسٽاڪسٽ

رابيل ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو، ڀٽائي بوڪ اسٽور- حيدرآباد
ڪاٺياوار اسٽور- ڪراچي، مهراڻ ڪتاب گهر- سانگهڙ
رهبر ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو، ساگر بوڪ اسٽور- لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ اسٽور- لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو
ورلڊ بوڪ- لاڙڪاڻو، ڪنول ڪتاب گهر- قنبر.

انتساب

مرحوم حفيظ الله کوهارو جي وني،
”منهنجي امڙ شميم اختر کوهارو“
جي نالي، جنهن بابا سائين جي
دل و جان سان پرگهور ڪئي.
۽ پنهنجا سڀ فرائض، هڪ
مثالي گهرواري جيان نڀايا
۽ مرڻ گهڙيءَ تائين هڪ وفادار
۽ سچي وني هجڻ جو ثبوت ڏنو.

نجيب الله کوهارو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران استاد عبدالحفيظ کوھارو جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ تاثراتن تي مشتمل ڪتاب ”ڳڻ جنھن جا ڳائن ماڻھو _ حفيظ کوھارو فن ۽ شخصيت“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مرتب فقير محمد سنڌي ۽ . نجيب الله کوهاروآھن.
حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون نجيب کوھارو ۽ فقير محمد سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مرتب پاران: آرٽ جـو شـاهـڪار – حفـيـظ الله کـوهـارو

ڪڏهن در ڪشادا دلبر سندا – ڪڏهن پوريو ڏين،
ڪڏهن وڃان وڃي نه سگهان، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين،
ڪڏهن ڪُڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجهه منجهان ٻولين،
ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن صرف نه ڪڇن هيڪڙو.

(شاهه لطيف)

شعور اسان جي فطرت، تاريخ، سماج ۽ خود سندس ذات ۾ هر وقت شامل رهندو پيو اچي، رڳو فرق ايترو آهي، جو سماجي قيد خاني کان ٻاهر نڪرجي، اهو علم جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ سماجي قيد خاني مان ٿورا انسان آهن جيڪا اها حد پار ڪري پنهنجي سماجي بيهڪ ٺاهي ان مان سڄي دنيا کي روشناس ڪرائين ٿا، اهڙو ئي پيار ڀريو سهڻو انسان حفيظ الله کوهارو جنهن رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنهن جا هٿ ته ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مهارت رکندا هئا، اهڙي ريت سائين جو حسن اخلاق به ان مصوري جهڙي حسناڪي رکندڙ هو.
جديد دور ۾ دنيا ڀٽائيءَ جي درگاهه تي 300 سالن کان هلندڙ راڳ کي هڪ عجوبو سمجهي ٿي، پر حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوري جو ويس ڏئي. اڃا به پنهنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي آهي، هاڻي دنيا کي شاهه لطيف جو راڳ ۽ سنڌ جي مصورن جي مصوري سمجهڻي پوندي، سائين جي مصوري قديم ۽ جديد کي هڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
حفيظ الله کوهارو، جيڪو منهنجو استاد پڻ رهيو آهي. سائين حفيظ الله جو جڏهن به ڪلاس ۾ پيرڊ هوندو هو، ڪلاس جا شاگرد پهچندا هئا، هاڻي ڪهڙي سر جو پيرڊ آهي چوندو هُيو مان ته ”رت جو خزانو“ ڇوڪرا چوندا هئا، پڪ سائين حفيظ الله جو پيرڊ آهي، ها بابا، سائين حفيظ الله جو پيرڊ آهي. ڄڻ شاگردن ۾ جان پئجي ويندي آهي، هڪ ڏينهن اونهاري جي موسم ۾ سائين حفيظ الله ڪلاس ۾ آيو، هڪڙي شاگرد کي اٿي بيهڻ جو اشارو ڪيائين، ۽ ان کي چيائين توهان 7 اپ بوتل ڪڏهن پيتي آهي، شاگرد وراڻيو جي سر پيئڻ کان پوءِ ڪو ردِعمل ٿيو آهي. سائين اوگرائي ايندي آهي. ڪيتريون اوڳرايون سائين هڪ ٻه ويهي رهو، توهان 7 اپ بوتل نقل پيتي هوندي. پٺاڻ اها بوتل اصل ڪري پيئندا آهن، انهن وٽ ان جو نالو ٻيو آهي، شاگرد حيران ٿي ويا، اهو سر ڪيئن، ها بابا هڪ پٺاڻ هوٽل تي ويو اتي ويٽر کي بوتل جو اشارو ڏنو، ويتر 7 اپ بوتل کڻي آيو. پٺاڻ اها بوتل پيتي، پٺاڻ کي 6 اوڳرايون آيون ۽ 7 ڀيرو پٺاڻ کان پيٽ مان واءُ نڪتي! پٺاڻ پريشان ٿي ويو ۽ بوتل کي ڏسڻ لڳو، نيٺ ويٽر کي سڏ ڪيو، چيائينس ته هن بوتل جو نالو ڇا آهي، ويٽر چيس خان صاحب 7 اپ بوتل آهي. پٺاڻ چيس No هن بوتل جو نالو آهي. 6 اپ ۽ ون ڊائون، ته سائين وٽ واقعي رت جو خزانو هوندو هو، پائلٽ اسڪول جي ڊرائنگ هال ۾ تمام بهترين مصوري توهان کي ملي سگهندي جيڪا سائين حفيظ الله کوهاري جي محنت آهي.
سائين حفيظ الله چوندو هو مون وٽ لفظ گهٽ آهن، پر مصوري مون وٽ گهڻي آهي. مون وٽ ڪوڙ جا ڇڪا چونڪا ڪونه آهن، پر انسان جي احساسن ۽ جذبن جو احترام آهي. ڪوڙ انسان جي جذبن ۽ احساسن کي تمام گهڻو ڇيهو ٿا رسائين. ان لاءِ ڪوڙ کان نفرت ڪندا ڪريو ته تڏهن ڪامياب ٿيندؤ. هيءُ ڪتاب ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو نجيب الله کوهارو جي محنت آهي، جو پنهنجي بابا جي هر تخليق سنڀالي رکندو پيو اچي.
سائين حفيظ الله کوهارو فن جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري نيٺ وڃي مالڪِ حقيقي جي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
پنهنجو گهر، دوست، مٽ مائٽ، شاگرد ۽ پنهنجي فن کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. سائين لاءِ هر وقت مَنُ دعاگو رهندو آهي.

فقير محمد سنڌي
17 جنوري 2015

ٻه اکـــر: نجيب الله کوهارو

مون کي چٽي طرح ياد آهي، جڏهن آءٌ صبح جو سوير تاريخ 21.11.2011 بروز سومر تي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيس، جڏهن بابا سائين کان موڪلائڻ آيس ته چيائين، ”يار! ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ آءٌ کيس وراڻيو ته بابا ڊيوٽي تي پيو وڃان، چيائين، ته منهنجي طبيعت ۾ مزو نه آهي، مون کي ڪراچي وٺي هل. ته آءٌ اچرج ۾ اچي ويس، ۽ حيران ٿي کيس ڏٺو، ڇاڪاڻ ته بابا سائين ڪراچي شهر سان خاص محبت نه رکندا هُيا، جو سندس دل جو آپريشن ۽ هڪ ٽنگ جو آپريشن پڻ اُتي ڪرائي چڪا هياسين. سندس چوڻ مطابق ته ”ڪراچي ڏائڻ شهر آهي“ ۽ اڄ وري اِهو اسرار ته مون کي ڪراچي وٺي هل. اڄ بابا جي اکين ۾ هڪ عجيب خمار هيا، دل جي نه چاهيندي به آءٌ ۽ امي ۽ ننڍو ڀاءُ احسان کيس ڪراچي کڻي پئي آياسين، بابا سائين رستي ۾ تمام بي چيني ظاهر ڪئي ۽ هلندي هلندي اسان ”ڀٽ شاهه“ پهتاسين، بابا سائين اتي دعا گهري ۽ پوءِ اڳتي روانا ٿياسين، ڪراچي شهر ۾ پهچي آءٌ هڪ عجيب آندماند محسوس ڪئي. ان ڏينهن تي آرام ڪري ٻئي ڏينهن”قطر اسپتال“ وياسين، جن ڪجهه ٽيسٽيون لکي ڏنيون ۽ داخل ٿيڻ جي تاريخ ڏني، بهرحال تاريخ 25.11.2011 تي جمعي جي ڏينهن قطر جي سرجري واري وارڊ ۾ داخل ٿياسين، جتي بابا سائين کي بيڊ نمبر هڪ مليو. اسان سڀ تمام بي چين ۽ سندس صحت لاءِ دعاڳو ٿياسين، جتي ڊاڪٽر اصغر اچي کيس طبعيت ڏٺي، پوءِ اسان کي آپريشن جي تاريخ 30.11.2011 ڏني ۽ پڻ چيو ته ڪنڊيشن تمام نازڪ آهي، جو اتي بابا سائين جي دل جي ڌڙڪن پڻ برابر نه هئي. پر حالات هٿان مجبور هياسين، ۽ آخر تاريخ 30.11.2011 بروز اربع تي سندن آپريشن ٿيو، مگر شام کان رات گذري، بابا سائين کي هوش اچڻ خاطر تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون، مگر حالت تمام پيچيده هئي. آخر تاريخ 01.12.2011 تي بابا سائين اک کولي، جڏهن آءٌ سندن بيڊ جي مٿن کان قرآن ڪريم جو ورد ڪري رهيو هيس. بابا اتي ائين ٿورڙي اک کولي مگر ڪجهه به نه ڳالهايو، ڀانيم ته اڃان خماريل آهن. نيٺ ڇنڇر 03.12.2011 تي کين پوري طرح هوش آيو، اتي مان سندن کان پڇيو ته بابا سائين اوهين سڃاڻيو پيا ته آءٌ ڪير آهيان؟ ته پاڻ وراڻيو ته ها! ”شان پٽ“، ته احساسن منهنجي اکين مان لڙڪ ٽميا، ته بابا سختي جو اظهار ڪندي چيو ته روئين ڇو ٿو؟ روءُ نه، ”الله پاڪ کان مهلت ملي آهي، جو 17 تاريخ تي واپس وڃڻو اٿم.“ اهي لفظ ٻڌي آءٌ حيران رهجي ويس، سندن ڳالهه کي جاري رکندي پڇيم ته بابا اوهان ٻيو ڇا ڏٺو؟ اتي پاڻ چيائين ته ڏسان ٿو ته هڪ تمام وڏو پاڻي جو جهاز آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جا بزرگ چڙهن پيا، آءٌ به ان ۾ سوار ٿيس، جتي ڪجهه ملائڪ مون کي وٺي ”الله تعاليٰ“ جي بارگاهه ۾ آندو، جتي رب پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو، ۽ پاڻ فرمايائون ته ”تون هينئر وڃ، جو تنهنجي تاريخ 17 تي آهي ۽ تون پنهنجن کان موڪلائي اچ“. سو هينئر تون ڀينرن ۽ ڀائرن کي گهراءِ ته آءٌ سندن سان ملي وٺان ۽ ائين بابا سائين سڀن کان موڪلائڻ واسطي هن جهان ۾ ڄڻ ته ٻيهر موٽي آيا.
بهرحال! ڏينهن گذرندا پئي رهيا، مگر بابا جي نيڻن ۾ ننڊ نه پئي آئي. آءٌ ۽ ٻيا بابا سان موجوده گهر ڀاتي تمام بي چين رهياسين.
دؤران انهن ڏينهن جي بابا بيڊ جي ڀت ڏانهن اکيون ڪري چوندا هيا، ته ”ٻَڌو ڇو ٿا؟ مووي رڪارڊ ڇوٿا ڪريو؟“ آءٌ کيس ڏسندو ئي رهندو هيس، پر مون کي 17 تاريخ تمام گهڻو پريشان رکيو ته آخر بابا 17 محرم پئي چئي يا 17 ڊسمبر؟ نيٺ 16.12.2011 تي شام جو تقريباً 4 بجي بابا سائين چيو ته مون کي ٻاهر ته وٺي هل، جو گهڻا ڏينهن سمهي سمهي بي چين ٿيو آهيان، ۽ آءٌ کيس وِيل چيئر تي ويهاري کيس کڻي آيس ٻاهر. جتي بابا فرمائش ڪئي ته مون کي نارانگي کارائي. آءٌ کيس نارانگي جي هڪ ڦاڪ ڏني ته بابا سائين چيو ته نه هي ڦاڪ کٽي آهي. مون کي مٺي ڦاڪ کاراءِ. پوءِ بابا سائين چيو ته مون کي کير پيار ته آءٌ ثمر ساڻ کڻان، مون نه پئي سمجهيو ۽ کيس کير ٺاهي ڏنو، بابا سائين کير پيتو ۽ چيائين ته واپس اندر وٺي هل جو سيءُ ٿو ٿئي. آءٌ کيس واپس I.C.U ۾ ويل چيئر تي کڻي پئي آيس، پر بابا سائين جون نظرون صرف مون ۾ ئي رهيون، آءٌ کيس بيڊ تي سمهاريو، بابا سائين مون کي اکين جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيو، آءٌ کيس ڪنڌ جهڪائي ٻڌڻ لڳس، ته ڪن ۾ کاڏي تي هٿ رکي چيائين ته پٽ هاڻي موڪلاڻي آ! پويان گهر جي ماءٌ ۽ ڀائرن ڀينرن جي توکي پارت هجي! ائين چئي آخري ڪلمو پاڪ پڙهي اکيون بند ڪيون، جو شام جا 4:15 ٿيا هئا ۽ بابا سائين هڪ دفعو ٻيهر ”ڪوما“ ۾ هليو ويو ۽ اسان وري ڳڻتي ۾ گذاري سندس لاءِ ڌڻي در دعائون ڪرڻ لڳاسين ۽ انتظار ۾ پوري رات گذري وئي ۽ نئين سج جي آمد 17.12.2011 ڄڻ اسان جي لاءِ ڪنهن غم جو پيغام آندو هجي. ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ افسوس! منجهند جو 1:45 تي نسرين نالي هڪ نرس اچي اها ڏکائتي خبر ڏني ته ”توهان جو والد هي فاني دنيا ڇڏي، راهه رباني ڏانهن روانو ٿي چڪو آهي!“
ائين بابا اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو. الله پاڪ کان اها دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪندو.
(آمين)

ڳُڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو!: شاهده کوکر

خدا هر انسان کي هڪ ئي مٽيءَ مان ٺاهي هن دنيا ۾ موڪلي ٿو ۽ پوءِ هر هڪ جي فطرت جو الڳ الڳ نمونو هجي ٿو ۽ هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سرهاڻ، خوشبو، مڻيا ۽ ڪردار هجي ٿو. اهڙو ئي هڪ نرالي فطرت جو مالڪ پنهنجي ذات ۽ هن سنڌ ڌرتيءَ تي چمڪي چنڊ جيان نروار بڻجي ادا حفيظ کوهارو پيدا ٿيو. مون وٽ اهڙا لفظ ئي ڪونهن، ڇو ته ادا حفيظ جي شخصيت تي اڃان ڪجهه اُتم لفظ هجن جو مان ساڻس شخصيت تي لکي سگهان. ڇوته، ادا حفيظ هر لفظ جي اکر ۾ ساراهه سان ٽمٽار آهي. جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي شخصيت ۽ ڪردار تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ شاهه لطيف رح جو هي شعر لکجي ويندو آهي ته؛
مـــاڻــهــو سڀ نه ســـهڻـــا، پـــکــي سڀ نه هـــنــج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
ته سچ به ماڻهو ته ماڻهو هجن ٿا، پر انهن منجهه ڪي ماڻهو انسان بڻجي هڪ خوبصورت گلن جيان خوشبوءِ کيڙي، چوگرد سرهاڻ جا دروازا ٺاهي ماڻهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪري ڇڏن ٿا. مان ادا حفيظ کوهاري جي شخصيت تي اگر لکڻ ويهان ته يقينن هڪ ڪتاب لکجي وڃي. ڇو ته آئون ادا حفيظ کي پنهنجي هوش سنڀالڻ سان ئي پنهنجي پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ ڏٺو. هر پاڙيسريءَ کي پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ جي نگاهه سان ڏسندي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ادا حفيظ جن جو گهر هڪ پيار ڪرڻ وارو گهر چئجي ته به وڌاءُ ناهي. ڇو ته شروع کان ئي سندن گهر جي هر ڀاتيءَ کي اسان سان پيار آهي. ان زماني کان جڏهن ادا حفيظ جن جا والد محترم چاچا حامدالله جيڪي پڻ هڪ وڏا مصور هئا. جيڪي پڻ هڪ زنده دل انسان هئا. انهن جو به اسان نياڻين سان ايتري محبت هوندي هئي جو اسان پاڻ ۾ پنج ڀينريون ئي سندن گهر ۾ ننڍيون ٿي وڏيون ٿيون سين، جو اڄ به اسان سندن گهر مان اهوئي پيار ۽ سڪ پسيون ٿا. ادا حفيظ جيڪي سدائين کِلمُک، مذاقي، روئڻ واري کي به کلائي ڇڏي. سندن اهڙي طبيعت جو جنهن وقت سندن گهر وڃون ته عورتن کان وڌيڪ ادا حفيظ جن جو قرب ۽ ڪچهري وڌيڪ هوندي هئي. پاڙيسريءَ جي ناتي ادا حفيظ جن اسان سان وڌيڪ پيار ڪندا هئا. جو انهن جي محبت ۽ قرب اسان کي وري وري ڇڪي سندن گهر وڃڻ تي مجبور ڪندو هيو. بيماريءَ دوران ادا حفيظ جن ڏانهن ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو. ايتري تڪليف هوندي به ادا حفيظ اهو محسوس نه ڪرايو ته آءٌ ڪنهن تڪليف ۾ آهيان. زنده دل انسان، جنهن جي انسانيت جو مثال اسان جي دلين ۾ هڪ تاريخ بڻجي چڪو آهي. جيڪا تاريخ ڪڏهن مِٽجي نٿي سگهي.
يادن جي دريءَ ۾ جڏهن جهاتي پائيندي ڏسون ٿا ته ادا حفيظ کوهارو جو چهرو هڪ سچي ۽ شفاف آئيني جيان آڏو اچي ٿو. بيماريءَ دوران جڏهن، ادا حفيظ هڪ ٽنگ کان محروم ٿي چڪا هئا ۽ اسان ساڻن عيادت لاءِ گهر وياسون ته ڳالهين دوران ادا حفيظ جي تڪليف کي ڏسندي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ان ويل هي زنده دل انسان پوءِ به کلندي اسان سان ڳالهائيندو رهيو ۽ اهو به محسوس ڪرڻ نه ڏنائين ته آئون ڪنهن تڪليف ۾ آهيان، سندن زنده دلي جو اهو به هڪ ثبوت ڪافي آهي ته ان حال ۾ بيساکيءَ سان به هڪ ڊرامي ۾ پڻ ڪم ڪيائون. فن سان وڏي چاهت هُينِ. ادب جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون وغيره لکندا هئا.
ادا حفيظ کوهارو، زندگيءَ ۾ ڏک کي ڏک ڪري ظاهر نه ڪيو پر ڏکن کي اندر ۾ لڪائي چهري تي ڪڏهن ظاهر نه ڪيائون. پر مسڪرائيندا ۽ مهڪندا رهيا. ڏک ۾ مسڪرائي چوندا هئا ته ڇڏيو ڏک جي ڳالهه نه ڪيو پر خوشين ۽ زندگيءَ جي ڳالهه ڪيو. ڇو ته زندگي چار ڏينهن هجي ٿي. خوش ٿي گذارجي ۽ حقيقت به اها آهي ته ادا حفيظ تڪليفن ۽ ڏکن ۾ به مسڪرايو ۽ خوش رهيو. ايترو زنده دل انسان، پر اتي مان اهو ضرور چونديس ته ادا حفيظ جن سان دنيا وارن ايتري وفا نه ڪئي جيترا هو پاڻ سٺا باڪردار انسان هئا. ڇوته سندن پنهنجن رشتيدارن به تڪليفن ڏيڻ ۾ ڪين گهٽايو. پر پوءِ به هي انسان خوبين جو مالڪ زنده دلي جو ثبوت ڏيندي ڪنهن سان سينو نه ساهيو. اهڙي انسان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اسان ساڻن شخصيت ۽ ڪردار جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهون. پر آخر ۾ آئون ايترو ضرور چونديس ته اهڙا انسان گهٽ ئي پيدا ٿين ٿا جيڪي پنهنجو نالو روشن ڪندي هر ماڻهوءَ جي زبان تي سندن شخصيت ۽ ڪردار جا ڳڻ ڳائيندا رهن. سو سچ به ادا حفيظ کوهارو هڪ باڪردار ۽ خوبين جو اڻکُٽ خزانو هيو. اهڙي شخصيت جنهن جو نالو ساراهه ۽ نيڪيءَ سان گڏ ماڻهن جي زبان تي اچي ٿو. ماڻهو ته مري وڃن ٿا پر انهن جو ڪردار پويان پنهنجي نيڪي ۽ خوبيون ڇڏي وڃن ٿا. سو اڄ ادا حفيظ کوهارو جن پنهنجي پويان اها نيڪي ساراهه ڇڏي ويا آهن جو اسين ساڻن ياد ڪندي اهو ئي چئون ٿا ته سچ ۾ ادا حفيظ - ادا حفيظ هيو.
ڳُڻَ جنهن جا ڳائن ماڻهو،
سي ئي انسان آهن ماڻهو.

مخلص انسان: مسرت ابڙو

مرڻ اڳي جي مئاسي مري ٿين نه مات
هـونـدا سـي حـيـات جيئڻ اڳي جي جيـا

سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ان عظيم انسان بابت جيترو لکجي اهو گهٽ هوندو. اهڙا عظيم انسان دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي محبتن جي سونهن ۽ سوڀيا سان هن سنسار کي مهڪائي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي هجڻ جو ثبوت هن دنيا ۾ سرهاڻ ۽ خوشبو جي صورت ۾ ڏيندا آهن. هو نه صرف ”مهان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺهيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن الله جي زمين تي محبتن جا گل وکيرڻ وارو هي عظيم انسان ۽ قدرت جو حسين شاهڪار هن فاني دنيا مان اسان کان ائين وڇڙي ويو جيئن گلاب جو گل وقت کان اڳ ڪنهن خزان جي موسم جي ور چڙهي ويو هجي. نه چاهيندي به اسان کان هميشه لاءِ جدائيءَ جا گهاءَ، اسان جي دلين تي لڳائي پنهنجون حسين يادون ۽ محبتون اسان لاءِ امر بڻائي ويو هجي.
هو تخليقي سوچ رکندڙ ۽ محبتن کي ورهائڻ وارو انسان جسماني طور ته اسان کان جدا ٿي ويو پر سندس محبتون ۽ مسڪراهٽون اسين ڪڏهن به نه وساري سگهنداسين ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.
اڄ نــــه اوطـــاقــــن ۾ طـــالــــب تــنـــــواريــــن
آديـسـي اٿــي ويــا مــڙهـيــون مــون مــاريـــن
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا

عظيم فنڪار: الله وڌايو شيخ

1974ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ايمپائر سينيما تي اسان جي دوستيءَ جي شروعات ٿي هئي، ان دور ۾ اسان ٻنهين جون ٺهيل تصويرون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون، ان ڪري گفتگو جي شروعات به ڊرائنگ جي فن بابت ٿي هئي.
ايمپائر سينيما جي سامهون پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو چانهن جو هوٽل هوندو هو، هڪ دفعي ان هوٽل ۾ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي کي ويٺل ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، ان وقت مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو هو.
ٻن ٽن سالن کان پوءِ مون انٽر تائين تعليم حاصل ڪري مسٽر حفيظ کوهاري کي چيو ڀائو آئون ڊرائنگ جي فن سان دلچسپي رکندڙ آهيان، ڇا آئون ڊرائنگ ٽيچر ٿي سگهان ٿو؟ مسٽر حفيظ فرمايو ان لاءِ توکي انٽر ڊرائنگ جو امتحان به پاس ڪرڻو پوندو. انٽر ڊرائنگ جي امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ آيو هوس ان وقت مسٽر حفيظ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ نئون آيو هو، پاڻ تعليم يافته خاندان سان تعلق رکڻ وارو خوبصورت نوجوان، ڪلين شيو، خوش پوش رهندو هو.
مسٽر حفيظ کي ڊرائنگ جو فن پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو هو، استاد حفيظ جو والد صاحب محترم حامدالله کوهارو خوبصورت تصويرون تيار ڪندو هو ۽ ڊزائين ٺاهڻ جو وڏو ماهر هوندو هو.
جڏهن آئون ڊرائنگ ٽيچر ٿيس ته مون کي ٽريننگ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، هڪ سال کان پوءِ ٽريننگ پوري ڪري جڏهن آئون لاڙڪاڻي واپس آيس ته مون کي پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ پوسٽ آرڊر مليو. پائليٽ هاءِ اسڪول جهڙو عظيم ادارو هجي ۽ مسٽر حفيظ کوهاري جهڙو عظيم فنڪار دوست هجي ته ڪيترو نه مزو هوندو.
اسڪول ۾ جڏهن ڪوبه فنڪشن وغيره يا ساليانو ڊرائنگ جو امتحان وغيره شروع ٿيندو هو ته آئون مسٽر حفيظ سان گڏ هوندو هوس، اسڪول ۾ سائين حفيظ جي استاد ۽ شاگرد ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
سائين حفيظ رات ڏينهن سخت محنت ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي ڊرائنگ جو ماهر بڻائي ڇڏيو هو ۽ اسڪول جي ڊرائنگ هال کي خوبصورت تصويرن سان سينگاريو هئائين.
ڪجهه عرصو پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت سان رهي ڪري مون ڊرائنگ بابت سينيئر استادن کان گهڻو ڪجهه پرايو.
هڪ ڀيري سائين حفيظ مون کي ۽ مسٽر رياض احمد کوهاري کي صلاح ڏيندي چوڻ لڳو، تعليم ۾ گريجوئيٽ ته آهيو پر جيڪڏهن نوڪريءَ ۾ ترقي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڊرائنگ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪريو، امتحان جي تياري لاءِ منهنجي ۽ مسٽر رياض احمد کوهاري جي ڊرائنگ ورڪ ۾ تمام گهڻي مدد ڪيائين. 1993ع ۾ اسان ٻئي امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد روانا ٿياسين، ڊرائنگ ماستر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي 17 گريڊ جا آفيسر بڻجي وياسين.
پاڪستاني چوڪ جي ڀرسان مسٽر حفيظ جو گهر هو، ڪڏهن ڪڏهن آئون استاد حفيظ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس اوطاق ۾ ويندو هوس ته نيون نيون ٺهيل تصويرون ڏيکاريندو هو ۽ مزيدار آکاڻيون ۽ لطيفا وغيره ٻڌائي دوستن کي ڏاڍو کلائيندو هو، پاڻ نهايت شريف ۽ خوش مجاز انسان هو ۽ انسان ذات جي هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو.


الله وڌايو شيخ
ڊرائنگ ماسٽر
02.02.2012

فطرت جو مصور: رضوان گل

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
مصور انساني جذبن کان وٺي فطرت جي حسن تائين هر عڪس کي رنگن جي سهڻي ميلاپ سان سجائيندا آهن. اهي رنگ جيڪي مختلف ڪيفيتن جا ترجمان ٿين ٿا، اهي رنگ جيڪي پنهنجي اندر هزارين معنائون رکن ٿا، اهي رنگ جن جو جذبن سان گهرو سٻنڌ ٿئي ٿو. انهن رنگن کي جڏهن مصور پنهنجي برش جي مدد سان ڪئنواس تي ڦيريندو آهي ته ڪيترائي خوبصورت منظر چٽجي نروار ٿي پوندا آهن. مصور پنهنجي فن ۾ صرف رنگ ئي نه پر پنهنجي رت به شامل ڪن ٿا تڏهن ئي وڃي ڪو سهڻو شاهڪار وجود ۾ اچي ٿو. جن آرٽسٽن پنهنجي سموري عمر فن کي ارپي آخر تائين ان سان ناتو نڀايو تن ۾ سنڌ جي سهڻي مصور حفيظ کوهارو جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي.
آرٽ جي دنيا ۾ جنهن تخليقڪار کي حفيظ کوهاري جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو تنهن جو اصل نالو حفيظ الله کوهارو آهي سندس جنم 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم دڙي اسڪول ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر جي امتحان بعد ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري پوري سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪيائين. پاڻ ماسٽرس پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين.
مصوريءَ سان کيس ننڍي هوندي کان ئي تمام گهرو لڳاءُ هوندو هو. سندس والد صاحب حامد الله پڻ پنهنجي دور جو ڀلوڙ آرٽسٽ هو جنهن جو پڻ مصوريءَ جي شعبي ۾ ڪافي سٺو ڪم ٿيل آهي. حفيظ صاحب روزگار جي حوالي سان درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس تقرري گهڻو وقت لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ رهي. جتان جو تاريخي ڊرائنگ هال اڄ به کوهاري صاحب جي ٺاهيل پينٽنگس سان سجايل آهي ۽ اها گواهي ڏئي رهيو آهي ته هن پنهنجي نوڪريءَ دوران ان هال کي پنهنجي جوانيءَ جا قيمتي سال ڏئي نهايت ئي محنت سان سنواريو ۽ سجايو.
حفيظ کوهاري جي ڪيل اڪثر ڪم جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته Expressional ۽ Landscapes Painings ۾ گهڻي قدر ملي ٿو. پاڻ شاهه سائين جي 32 سرن ۽ ڪردارن جي حوالي سان پڻ يادگار ڪم ڪيائين جنهن ۾ مختلف بيتن جي روشنيءَ ۾ انهن ڪردارن جي عڪاسي ۽ منظرنگاريءَ تي مشتمل پينٽنگس جو هڪ سلسلو شروع ڪيائين ۽ اهو ڪم هن حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين جاري رکيو. سندس پينٽنگس جون نمائشون 1973ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ۾ اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ 15 آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون، جن مان کيس تمام گهڻو اتساهه مليو ۽ سندس پينٽنگس عام ماڻهن تائين پهتيون جنهن جي نتيجي ۾ سندس سڃاڻپ جو دائرو پڻ وسيع ٿي ويو.
مون لاڙڪاڻي جي مصورن تي 2004ع ۾ هڪ مضمون لکيو هو جنهن جي سلسلي ۾ حفيظ صاحب سان هڪ تفصيلي انٽرويو پڻ ڪيو هو. اهو مضمون بعد ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ ۾ ڇپيو جنهن کي احسان دانش ترتيب ڏنو. انهيءَ انٽرويو دوران جڏهن مون کانئس سوال ڪيو ته آرٽ جي دنيا ۾ اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو ته جواب ۾ وراڻيو هئائين ته ”آرٽ جي شعبي ۾هونئن ته مان ڪيترن ئي آرٽسٽن کان متاثر ٿيندو رهيو آهيان پر خاص طور تي گل سليم اعواڻ، مائيڪل اينجلو ۽ موناليزا واري جڳ مشهور پينٽنگ جي خالق ليونارڊو کان تمام گهڻو متاثر آهيان“.
پائليٽ اسڪول ۾ ڊرائنگ جي استاد طور هن ڪيترن ئي شاگردن کي لڪيرن ۽ رنگن جي علم جي حوالي سان آگاهي ڏني. انهن مان اڳتي هلي ڪيترن فائن آرٽ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، پر حفيظ کوهاري جي پڙهايل انهن ابتدائي سبقن کي سندس شاگردن هميشه ياد رکيو ۽ پنهنجي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پنهنجي استاد کوهاري صاحب جو پڻ ڀرپور ذڪر ڪيو ۽ اهو ڪريڊٽ پڻ ڏنو ته آرٽ جي شعبي ڏانهن راغب ٿيڻ جو اتساهه به کين سندن استاد کان ئي مليو. کوهارو صاحب ذاتي حوالي سان به ڪيترن ئي نوجوانن کي آرٽ جي فني تعليم ڏيندو رهيو.
حفيظ کوهاري ڪيترن ئي تاريخي حيثيت رکندڙ ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور پڻ ڊزائن ڪيا. مُهين جي دڙي واري ٺاهيل سندس پيٽنگ جيڪا پائليٽ اسڪول جي ڊرائنگ هال جي زينت بڻيل آهي سا ڪيترن ئي ڪتابن جي سرورقن۽ انٽرنيٽ تي مختلف ويب سائيٽس تي پڻ موجود آهي. اهڙي ريت سندس ٺاهيل ٻين به ڪيترين ئي پينٽنگس جو تفصيلي ذڪر ڪري سگهجي ٿو جن کي مڃتا ملي. پاڻ مختلف موضوعات تي خصوصي طور واٽر ڪلر جي ذريعي پڻ ڪم ڪيائين. آئل ڪلرس ذريعي ٺاهيل Landscape Paintings جو تعداد پڻ چڱو خاصو ٿيندو. جيڪي ايتريون منظر عام تي اچي ناهن سگهيون. ڇالاءِ ته هن پاڻ ئي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته؛ ”مون جيڪو آئل ڪلرس ۾ ڪم ڪيو آهي ان کي درست معنيٰ ۾ پذيرائي ملي ئي ناهي سگهي جنهن جو هڪ سبب اسان وٽ تصويري نمائشن جو تمام گهٽ منعقد ٿيڻ پڻ آهي“.
حفيظ کوهارو نه صرف هڪ ڀلوڙ آرٽسٽ هو پر پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ پڻ انتهائي کل مک ۽ يارن جو يار هو. هميشه سندس چهرو پر رونق ۽ ٻهڪندڙ ڀاسندو هو. اڪثر استاد وٽس اچي چانهه جي چڪي پيئندا هئا ۽ سندس مزاح واري انداز مان محفوظ ٿي ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل فريش ٿي ويندا هئا. سندس محفل دنيا جي غلا، غيبت وارن مسئلن کان ڪافي حد تائين پاڪ هوندي هئي. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. وٽس محبتن جا اڻ ميا تحفا هيا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کي ارپيندو هو ۽ موڪلاڻيءَ وقت وڏو ٻک وجهي مرڪن جا گلاب نڇاور ڪندو هو. لطيف سائين به اهڙنئي انسان لاءِ چيو هيو؛
ويـٺـــي جنــيـن وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا
18 ڊسمبر 2011ع تي شام جو جڏهن مان چانهه پيئندي فيس بڪ تي پنهنجو پروفائيل پيج کوليو ته حفيظ صاحب جو سهڻو مرڪندڙ فوٽو سامهون اچي ويو جيڪو هڪ دوست پاران ٽيگ ڪيل هو ان جي هيٺان ڪئپشن ۾ لکيل هو؛ ”سنڌ جو ناليوارو آرٽسٽ ۽ استاد حفيظ کوهارو ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو“. اهي لفظ پڙهندي ئي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس. ذهن جي اسڪرين تي کوهاري صاحب سان ٿيل ڪيترين ئي ڪچهرين جا حسين منظر هلڻ لڳا. اکين ۾ بيساخته پاڻي اچي ويو. ڪجهه به سمجهه ۾نه آيو ته ڪمينٽ باڪس ۾ ڇا لکان. اعتبار ئي نه ٿي آيو! قاضي اختر صاحب کان ميسيج ڪري معلوم ڪيو ”سائين! حفيظ صاحب گذاري ويو؟“ جواب ۾ قاضي صاحب جو ميسيج آيو؛ ”ها رضوان! سائين اسان کان وڇڙي ويو سندس تدفين............“
حفيظ صاحب اڄ جسماني طور ته اسان جي درميان نه آهي پر سندس خوبصورت يادون ۽ سندس پينٽنگس اسان وٽ اڄ به موجود آهن جيڪي هميشه سندس هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون.

الوداع حفيظ : نظام الدين سومرو

ڇــنــي گــل گــلاب جــا ڪــيئــه ڌارون ڌار
موت توتي ميار ڏيندس ڏينهن قيام جي
اڄ پهريون دفعو لکڻ لاءِ هٿ ڪنبي رهيو آهي. هن هٿن سان ڪيترائي ڪتاب لکيا پر ائين ڪنبڻيءَ ڪڏهن نه ورتو، ڪنبن به ڇونه جڏهن هي اکيون آليون به هٿن جو ساٿ ڏيئي ويٺيون آهن. ڇو ته احوال به ان پاڪ روح جو آهي جنهن ستت ئي بي وفا دنيا کي الوداع چئي مالڪِ حقيقيءَ سان وچن نڀايو آهي.
”الــســت بــربــکـم“ جـڏهـن ڪَـنِ پـيــوم،
”قـالو بليٰ“ قلب سين تڏهـن تـت چـيـوم،
تنهين وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سين.
جي ذڪر منهنجي ان دوست حفيظ الله کوهاري جو جيڪو مون لاءِ ابي امڙ کانپوءِ تسلي ۽ آٿت هيوم. هونءَ به مون بدنصيب لاءِ خوشيون گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪنديون آهن پر هي حفيظ الله جي وڇوڙي جو هن عمر ۾ صدمي ڪمر ٽوڙي رکي آهي هو منهنجي اکين ۾ منهنجي جگر ۾ تيستائين هوندو جيستائين هي به ڏيوگل نٿو ٿئي. اچو ته ان عظيم هستيءَ ۽ منهنجي دوستيءَ جو مختصر ذڪر اوهان جي گوش گذار ڪريان. ٺيڪ ڏهن سالن جي عمر ۾ اسين ٻئي يعني حفيظ الله ۽ آءٌ نظام الدين سومرو ڇهين درجي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ گڏ ٿياسون استادن به هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر بي سود. آءٌ پنهنجي دوست کي ڊيوٽيءَ جيان سوير ساڍي ستين وڳي دروازي تي اسڪول وڃڻ لاءِ آواز ڏيندو هيس ۽ واپسي به گڏ ٿيندي هئي. ڪيترن موقعن تي ٻالڪپڻ ۾ واقعا به جنم وٺندا رهيا. ڪي مزاحيه ته ڪجهه سنجيده ليڪن اُهي واقعا وسرڻ جهڙا به نه آهن. پڙهندي پڙهندي هڪ نئون استاد ڪلاس وٺڻ لاءِ آيو، جنهن انگريزيءَ ۾ اچاريل نالا هن ريت پئي اچاريا جيئن ته رجب علي کي راجابالي، شوڪت کي شافوڪوري نظام الدين کي نڍيڍ دين حفيظ الله کي حفن مولا. ان هندو استاد جي اچارن تي اسين روز ٻئي دوست پيا کلندا هياسين. اهڙي طرح اسڪول ته اسڪول پر شام جو پڙهڻ گهمڻ سدائين گڏ ٿيندو هيو. هر روز ريڊيو کڻي يار مون ڏانهن ايندو هيو. اتي محلي کان ٻاهران ٻنين ۾ ويهي ڪچهري به ڪندا هياسين ته ريڊيو به ٻڌندا هياسين ۽ هميشه اسڪول جي ئي زماني کان ئي مون جهڙي حرڪتي مگر ڊرپوڪ کي سندس جون تسليون پئي همت ڏيارينديون هيون هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مان هاسٽل ۾ پڙهائي خاطر رهندو هوس جتي منهنجا ڪلاس ميٽ گوهر بروهي، ربنواز بروهي مان نظام الدين ۽ هڪ انتهائي قداور ڳوٺ جو اٻوجهه بروهي نالي کڻڻ کان سواءِ هاسٽل ۾ رهندا هياسون ته ٽيپهريءَ جي نماز تائين شاهه محمد ڊرائنگ ٽيچر پڙهائيندو هو هڪ ڏينهن سائين شاهه محمد جي طبعيت خراب هئڻ سبب ان بروهيءَ کي نالي کڻڻ کانسواءِ سائين شاهه محمد چيو ته اڄ تون نماز پڙهاءِ پٺين صف ۾ مان به هوندس. طبعيت ٺيڪ نه آهي مان بروهيءَ گوهر کي ڪن ۾ چيو ته سائين شاهه محمد غلطي ٿو ڪري ڄٽ کان امامت ڪرائڻ جي، هي ڪِنُ ضرور ڪندو. بروهيءَ گوهر چيو ته مان به پيءُ جو پٽ هوندس جو غلطي ڪندي ڇڏيومانس. ائين ئي ٿيو جڏهن هو نماز پڙهائڻ لڳو ته الحمد شريف پورو ڪرڻ بعد وچ نماز ۾ چيائين، سائين شاهه محمد اڳتي ڇا پڙهان پوءِ جيئن ئي هو ۽ ٻيا سڀ سجدي ۾ ويا مان ۽ گوهر بروهيءَ اڳٺ لٽڪيل کي ڇڪي وٺي گِهِلي مسجد کان ٻاهر ڇڏي ڀڄي وياسين. مان ڏڪندي اچي حفيظ وٽ ساهه پٽيو کيس حقيقت ٻڌائي هو کلڻ ۾ نه پئي ماپيو.. مان تنهن تي ناراض ٿي چيومانس ته منهنجو سِرُ ٿو وڃي سائين شاهه محمد ماريندو. هو سنجيده ٿي سياڻن وانگر تسلي ڏيندو رهيو ۽ ائين پڙهندي کيڏندي ڪامرس ڪاليج جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ پهتاسون. وري ايس وي ۽ پي ٽي سيءَ ۾ داخلا گڏ ورتي سون. دوستيءَ جي حالت اها هئي جو جيڪڏهن ڳوٺ به ويندو هو ته به ساڻ وٺي ويندو هو ۽ جي لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن ٻئي سان دوستيءَ تي به ناراض ٿيندو هيو ۽ رُسي ويندو هو. مان ننڍپڻ کان ئي کيس چوندو هيس ته رُسڻ ڪنهن کان سکيو آهين.
ائين کلندي – کيڏندي وقت گذرندو رهيو، ان وقت ٻنهي دوستن جا روح ان وقت ڏکي ٿيا جڏهن حيدرآباد چند مهينن جي ٽريننگ لاءِ کيس سائين حامدالله، ڀائو سعيد الله ۽ ٽيون اسڪول ميٽ اسٽيشن تي کيس ڇڏڻ وياسون. اهڙو پهريون احساس هيو ته دوستيءَ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي. ڪيترائي پهر سندس وڇوڙي ۾ نير وهائيندو رهيس، هڪ عرصي بعد اوچتو ئي سندس آواز ۾ منهنجي دروازي تي سڏ ٿيوم، آواز سڃاتم اهڙي خوشي مون کي دوستيءَ ۾ ڪڏهن ڪانه ملي. چيائين ته ڀائو فلم ڏسنداسون. مون چيومانس ته گهر وارا فلم جي نالي تي ڏاڍي مار ڏيندا آهن، پر تنهنجي دوستيءَ جي ڪري مار سهائبي. فلم هئي ديور ڀائي جا سندس ۽ منهنجي يادگار هئي. اُنَ کان پوءِ ڪڏهن به سندس کان سواءِ اڪيلي ڪا فلم ڪانه ڏٺي ۽ روز هڪ پليٽ رائل تي ڦڪڙ جي ڇولن جي ضرور کائيندا هئاسون ۽ رات جو به کٽ ٻاهر ڪڍي يارهين تائين پڙهندا هياسين. آخر اهو ڏينهن اچي ويو جو سلسلو روزگار منهنجو داڻو پاڻي ڪراچيءَ ۾ لکيل هيو. هن ڀيري سندس کي يعني پنهنجي يار کي هنجون هاريندي ڏٺم. مون کيس چيو ته يار هڪڙي جوڙي ۾ گهران نڪتو آهيان منهنجو حوصلو ڪمزور نه ڪر. هينئر اها عمر هئي جو اسان ٻارن ٻچن وارا ٿي وياسين. پر طبعيتن ۾ ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه آيو. مگر اهو حفيظ الله جيڪو مونکي سياڻن جيان سمجهائيندا هئا. غيرن اغيارن کيس اهڙو ستايو جنهن جو ارمان سموري زندگي هوندو. هر تڪليف ۾ مسڪرائيندڙ بلا جي سهپ رکندا هئا. موت کان اڳ کيس زندگيءَ ماريو هيو. لحاظ ڪندي مان وضاحت کان قاصر آهيان، پر جنهن وقت سندس ڳالهائڻ ٻڌندو هوس ته پنهنجي ڇاتي سان لڳائي کيس چپ ڪرائيندو هوس ته هميشه چوندو هو ته يار ڪهڙو دوست آهين. تسليءَ جي بجاءِ پاڻ به روئي ٿو ڏين ۽ مان اڪثر چوندو هوس ته يار الله اڃان توکي سهپ ڏي. اهڙن عذابن کان ته مان ڪراچيءَ ۾ چڱو آهيان. اهڙي وقت ۾ منهنجي امڙ جو وڇوڙو ٿيو. اها ڳالهه حفيظ الله لاءِ غم جو پهاڙ بڻجي ڪري ڇو ته فطري ڳالهه هئي ته امان الائي ڇو مون کان وڌيڪ حفيظ الله کي ٻچو ڪري سمجهندي هئي. امڙ وئي کان پوءِ حفيظ الله جي والده احتراماً بنا نالي کڻندي منهنجي امان رهي ۽ مان امڙ سان جڏهن به ملندو هوس امڙ جي صدمن سبب هنجون هاريندي ڏسندو هوس ۽ امڙ ائين چوندي هئي ته نظام حفيظ جي دل کير ۽ ڪوري لٽي جيان صاف اٿئي. هن ڏاڍا سور سٺا اٿئي. بس باقي ٿورو ٽائيم وٺندس اوچتو هن پاڪ روح جنهن نه زماني کان ڪجهه احسان ورتو نه ڪنهن کي رنجايو، فقط نيڪيءَ ڪرڻ پٺيان مليا ته سور مليا. اوچتو خبر ملي ته باءِ پاس لاءِ اٽيڪ کانپوءِ ڪراچيءَ پهتل آهن. اها خبر ڳڙي ڪِرڻ کان گهٽ ڪانه هئي. اتي مان پهتس ته اسپتال ڀاڄائي ۽ شان سندن خدمت ۾ هئا. مون کي ڏسي چيائين شان تِڪا وٺي اچ کائڻ تي دل ٿي چوي. تِڪا اچي ويا مشڪل سان ٻوٽي اڌ کائي چيائين ته بس مان نٿو کائي سگهان. مان چيومانس کاڌئي ڇا! ڀاڄائيءَ چيو ته ادا ايترو به توهان کي ڏسي کاڌو اٿائين.
هتي هڪ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته جيئن ته قرآن ۾ فرمايل آهي ته نيڪ عورتون نيڪ مردن لاءِ نيڪ مرد نيڪ عورتن لاءِ. سو بيشڪ جس هجي ڀاڄائيءَ کي جنهن هر گهڙي حق زوجيت ادا ڪئي. آخري ڏينهن ۾ سڄي سڄي رات جاڳي، ننڊ ۽ آرام ڏيڻ باوجود جاڳڻ. سڀ ڳالهيون ٻار ٻچا، نوڪري وساري مڙس جي هڪ ڇڪ اچڻ تي فوراً ڊاڪٽر ڪرائڻ. پرديس جا پنڌ جاڳي لاڙڪاڻي ڪراچيءَ آڻڻ ٿيڻ. جس هجي ڀاڄائيءَ کي. حفيظ الله هميشه ڀاڄائيءَ جي وفاداريءَ جا واقعا روئيندي ٻڌائيندا هئا. خدا جو شڪر ادا ڪيم. باءِ پاس کان پوءِ بلڪل خوش هيا. اهي محفلون، مجلسون رهنديون هيون. مان جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو هيس ته صرف گهر ۽ حفيظ الله وٽ هوندو هئس.
ائين اوچتو وري الائي ڪهڙي نظر منهنجي دوست کي لڳي ويئي خوشخشي داڻي مان ڦلاهه ٿي ڄنگهه کي ڪاٽڻو پئجي ويو ۽ ان جي باوجود دنيا کي ڏندين آڱريون آهن جو ڪڏهن به قسمت کي نه ڪوسيائون. الٽو ٻين کي حوصلو ڏيندا رهيا. وري اوچتو لاڙڪاڻي مان فون آئي. فونيون ته هر ٻئي ٽئين ڏينهن پيا ڪندا هياسين، پر هينئر جا فون آئي سا اها ته ٻي ڄنگهه بتال کائي ويئي آهي. مان ڪراچيءَ ٿو اچان. شام مهل هن ڀيري خبر ناهي ڇو منهنجي مسز جلدي مون کي تيار ڪيو ۽ چيائين ته مان ادا حفيظ جي طبعيت پڇنديس. اسين وياسين بلڪل ٺيڪ چڱا ڀلا کلندي ڳالهائيندي مليا. ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ داخل ٿيا. مون کي چوڻ لڳا ته نظام هاڻي جڏهن تون مان رٽائر ٿينداسين ته پوءِ مان به ڪراچيءَ هميشه لاءِ لڏي ايندس. پوءِ وڌيڪ نوڪري نه ڪنداسين. ائين شان سان فون تي حال احوال ٿيندا هئا. ته گنودگيءَ واري ڪيفيت ۾ آهن، موڪل واري ڏينهن مان فون ڪري پڇيم ۽ چيم ته مان اچان ٿو قطر هاسپيٽل ۾ آءِ سي يو، ويم، ساڻس مليم، مون کي ڏسي خوشيءَ وچان منهن کوليائيون آواز نه نڪتو. مگر منهنجو دم نڪري ويو. صرف ٻه لڙڪ لار ڪري نڪتا، سندن جا ڳوڙها هٿن سان اُگهيا. گهران منهنجي اسپتال ۾ فون آئي ته اسان ادا حفيظ لاءِ سورة ياسين جو ورد ڪري رهيا آهيون، پاڙي جون نياڻيون پڙهڻ لاءِ آيون آهن. هاڻي سندن طبعيت ڪيئن آهي. ڪجهه دير لاءِ ڀاڄائيءَ سان ڳالهه ٻولهه به ٿين. ائين ٻئي موڪل جي انتظار ۾ هئاسين ته اوچتو لاڙڪاڻي مان نياڻيءَ جي فون آئي ته بابا ٽي وي کوليو. سنڌ ٽي وي کي ڏسو. چاچا حفيظ الله رحلت ڪري ويا آهن. ان کان اڳ ۾ مان شان کان پڇا ڪيم، جنهن جي خبر منهنجي مٿان وِڄُ جيان ڪڙڪي ۽ اڄ سميت دل هنجون هاري رهي آهي، ته مان لاڙڪاڻي حفيظ کي ڪٿان ڳولهيندس. اهي گهٽيون جايون ويران ڏسي ڪٿي سڪ پائيندس.
منهنجو دوست ڪنهن جو ڪجهه به نه کڻي ويو آهي، هن ٻين تي ٿورا ته ڪيا هوندا. پر پاڻ ستايل ضرور هئا، ڪڏهن مٿي تي گهنج ڪونه ڏٺم. هو وڏو بردبار، حوصلي وارو، صبر سان تڪليفون ڪاٽيندو درگذر ڪندو. پيڪرِ حياءُ، باشناس، پروقار با احترام، سدا بهار گل جيان هيا. ڄڻ ڪا نظر لڳي ويئي. اهڙي ته وڇوڙي جي واءُ گہلي – شل الله لواحقين کي صبرِ جميل عطا ڪري ۽ سندن جي قبر کي رب العالمين روشن فرمائي ۽ قبر کي جنت جي باغن مان هڪ باغ بڻائي (آمين ثم آمين).
نڪا ”ڪن فيکون“ هئي نه ڪا مورت ماهه
نــڪــا سُــڌِ ثواب جي نــڪــو غــرض گــنــاهه
هــيــڪــائي هيــڪ هــئــي، وحــدانيت واهه
لميائين لطيف چــئــي اُت ڳـجـهــ انــدر ڳاهه
اکــــيـــــن ۽ ارواهــــه اهــا ســــاڃــــــا سپــريــن!

(شاهه)

نظام الدين سومرو
24.03.2012

انيڪ خوبين وارو شخص: گل سليم اعواڻ

ڪنهن به شخص جي زندگي جي ڪهاڻي لکڻ سولو ڪم آهي عمر سندس پيدائش جي تاريخ، ڄمڻ جو هنڌ، سندس نسب پيءُ ماءُ وغيره، ابتدائي تعليم،سندس پيشو ۽ زندگي ۾ حاصلات ۽ اولاد وغيره لکڻ سان سندس تعارف مڪمل ٿيو وڃي.
پر حفيظ الله ولد حامدالله کوهاري جهڙي گهڻن ڳڻن واري شخص جي زندگي جي باري ۾ لکڻ ڪجھه ڏکيو ڪم آهي. سندس زندگي جي هر پهلو کي لکڻ لاءِ جدا جدا مضمونن جي ضرورت آهي.
آءٌ پنهنجي باري ۾ اهو چئي سگهان ٿو ته مون کي حفيظ الله جي زندگيءَ جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ آهي. پوءِ اها سندس ابتدائي دور هجي يا سندس آخري گهڙيون هجن، سندس حياتي جو هر هڪ دؤر ٻين لاءِ هڪ سبق ۽ قابل تقليه عمل آهي.
سندس والد سائين حامد الله 1956ع ۾ ڊرائينگ جو امتحان ۽ ماستري جي ٽريننگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺان لاڙڪاڻي لڏي آيو. اهو سندس هڪ سٺو عمل هيو، ان جي ڪري سندس سموري اولاد تعليم حاصل ڪري سگهي.جيتوڻيڪ هو هڪ پرائمري استاد هيو پر هن پنهنجي اولاد پٽن ۽ ڌيئرن کي پنهنجي ٻين مائٽن کان بهتر تعليم حاصل ڪرڻ م مدد ڪئي،هن فالتو وقت ۾ مصوري ڪري اضافي آمدني حاصل ڪئي-سندس خاص هنر ڪپڙي ۽ شيشي تي مصوري هئي، ڪپڙي تي مصوري ۾ منهنجي نظر ۾ سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ هن جهڙو ڪو به ماهر ڪو نه هيو نه وري اڄ آهي
پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ حفيظ الله کي مصوري لاءِ وڌيڪ لاڙو ۽ شوق هيو ۽ هن پوءِ ان ۾ پنهنجي سگهه آهر ڪمال حاصل ڪيو.
هن ڊرائينگ ۾ انٽر ۽ ماسٽرس ۾ سڄي سنڌ ۾ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪري ڊرائينگ ٽيچر جي نوڪري ڪئي.
ڊرائنگ جي امتحانن کان علاوه هن M.A جي ڊگري به حاصل ڪئي.
هي ته عام ماڻهن واري ڪهاڻي آهي پر جيڪي ڳالهيون حفيظ الله کي ٻين جي ڀيٽ ۾ نمايان ڪن ٿيون اهي هن ريت آهن.
هن ننڍي هوندي ميٽرڪ پاس ڪري نوڪري ڪئي جيئن ته هو پنهنجي ڀائرن جي پڙهائي ۾ پنهنجي پيءُ جي مدد ڪري سگهي ان لاءِ کيس حيدرآباد وڃڻو پيو. اتي هو تمام سادگي بلڪه ڪجھه قدر ڏکيائي سا گذارڻو پيو.
ڊرائينگ ماسٽر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي گهر واري جي تعليم تي توجه ڏني. جيئن ته هن جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي ان ڪري سندس گهر واري جي پرائمري تعليم کان سائنس جي ڊگري تائين حفيظ الله جي توجه ۽ مدد جو هٿ آهي. سندس گهر واري پنهنجي خاندان ۾ پهرين ڊگري يافته آهي.
هڪ ننڍي پگهار وارو ٽيچر ٿي ڪري (ان وقت ماسترن جي پگهار تمام گهٽ هوندي هئي ۽ ڊرائينگ ٽيچر جهڙوڪ فڪس هوندي هئي) به هن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ تعليم ڏياري ايتري قدر جو سندس نياڻيون به ڊگري هولڊر آهن
چوڻ ۾ ته حفيظ الله هڪ ڊرائينگ ٽيچر هيو پر هن اسڪول جي ٻارن جي هر شعبي ۾ مدد ڪئي ۽ همٿايو هن ٻارن لاءِ هنري نمائشن، ڊرائينگ جي نمائشن، ڊرائينگ جي امتحانن، اسڪائوٽنگ، تقريري مقابلن، ڊرامن ۽ ملڪي ٽوئرس لاءِ انتظام ۾ مدد ڪئي اسڪول جو ڪو اهڙو فنڪشن ڪو نه هوندو هيو جنهن ۾ حفيظ الله جو انتظام نه هجي هو ذاتي طور به انهن ۾ حصو وٺندو هيو ۽ پڻ ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيائين.
ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت ۾ هو هر سال پنهنجي اسڪول جي شاگردن جي تياري ڪرائيندو هيو پر شهر جي ٻين اسڪولن جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي تياري ۾ مدد ڪندو هيو. ايتري قدر جو ڪيترن شاگردن کي ماسٽرس امتحان ۽ ملڪ جي آرٽس ڪاليج جي امتحانن جي تياري ڪرائي کين نمايان حيثيت ڏياري.
هن کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ، جاگرافي ۽ فنن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئي. ايتري قدر جو فلمن ۽ موسيقي جي باري ۾ ماهرانه معلومات هئي.
حفيظ الله جتي به نوڪري ڪئي اتي جي اسڪول جي ڊرائنگ هال بلڪه ورانڊن کي تصويرن ۽ معلوماتي چارٽن ۽ نقشن سان سينگاريو.
نوڪري کان علاوه هن ڊرائنگ جي شعبي ۾ ذاتي ڪم به ڪيو. هن شهري توڙي ڳوٺاڻي زندگي جي هر پهلو ۽ هر هنر تي تصويرون ٺاهيون.
هن پنهنجي سنڌ صوبي جي اديبن، شاعرن، سياستدانن، مصورن سماجي ڪارڪن جا پورٽريٽس ٺاهيا.
هن جو سڀ کان وڏو ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٽيهن سرن تي تصويرون ٺاهيون. هونءَ ته ٻين مصورن به شاهه جي بيتن تي مصوري ڪئي پر هنن گهڻو ڪري علامتي تصويرون ٺاهيون يا ڪن مخصوص موضوع ۽ بيتن کي اجاگر ڪيو آهي. پر حفيظ الله انهن (ٽيهن سُرن) تي منظرڪشي ڪئي آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ادارو يا حڪومت حفيظ الله کوهاري جي محنت کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري.

گل سليم اعواڻ
مرحوم جو استاد
۽ پاڙيسري

مختصر تاثرات

”زندگي ۾ سونهن ۽ قدرت جا رنگ هميشه دل کي ململ جي ڪپڙي جيان ڇهندا آهن“
ماما حفيظ الله کوهاري جي انڊلٺ جي ست رنگن جيان خوبصورت زندگي کي اسان هميشه پنهنجو مستقبل جو آئينو سمجهي سندسن نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هميشه هلنداسون. اڄ هو اسان منجهه نه رهيو آهي، شايد ان هستي کانسواءِ جنت جا رنگ به اڌورا هوندا.
سندس ڀائٽيو
واجد عزيز کوهارو
اسٽاف آفيسر وزير تعليم سنڌ

هڪ دور جي پڄاڻي
مصور حفيظ کوهارو
رنگن جي دنيا ۾ خال ڇڏي ويندڙ اڄ اها اوطاق جي دري وارا پوسٽر ڪلر ڊرائنگ هال جا اهي پوٽريٽ، شاگرد ۽ دوست انتظاري ۽ اداسي ۾اوهان کي ياد ٿا ڪن!
شال الله پاڪ اوهان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه فرمائي. (آمين)

آرٽسٽ
احسان حفيظ کوهارو
16.05.2012

سائين حفيظ کوهارو هڪ دلچسپ شخصيت جو مالڪ هو، جيڪو اُنَ ماڻهوءَ تي ڇانيل آهي جنهن سان سندس واسطو ۽ رابطو رهيو.
زندگي گذرڻي آ، سا گذري ويندي اها زندگي به ڪهڙي زندگي آ جيڪا رڳو پنهنجي لاءِ هجي. زندگي ته اها چئجي جيڪا ٻين لاءِ جيئي. سندس زندگي ٻين لاءِ وقف ڪيائين.
سائين حفيظ کوهاري صاحب جن جي زندگي هر ماڻهوءَ لاءِ سبق آهي. سندس طبعيت ۾ نرمي ۽ ڳالهائڻ ۾ پنهنجائپ جو احساس هيس.
مان اها ڳالهه سائين حفيظ کوهاري جي شخصيت مان سمجهيس ته استاد ٿيڻ لاءِ تيز طبعيت جي ضرورت ناهي.
سائين حفيظ کوهاري پنهنجي فَنَ وسيلي شين کي پنهنجن تصويرن ۾ هميشه لاءِ زنده رکيو. سائين بلڪل هڪ قابل ماڻهو هو. سندس وڇوڙو تعليم کاتي ۾ هڪ وڏو خال آهي، جيڪو منهنجي نظر ۾ ڏکيو ئي ڀرجي سگهجندو.
سائين جي ياد ۾ مون کي شيخ اياز جو شعر ياد پوي ٿو ته؛
”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي جهڙي چِيکَ ٿئي ٿي،
جا قومن کي جاڳائي ٿي،
جا قومن کي جاڳائي ٿي“

(وڪيل) ياور اعجاز ڀاڳت
لاڙڪاڻو
30.06.2012


Sudden death of Mr. Hafeezullah Khooharo shocked all friends and parents, he devoted his life for humanbeings, we pray that God give him place in the heaven, he will be remembered forever.

G.M. Abro
03.01.2012



محبت پائي من ۾ رنــــڊا روڙيا جن،
تــــن جــــو صرافــن اڻ تـوريـو اگهايو.
(شاهه)
قابلِ احترام سائين حفيظ کوهارو منهنجي لاءِ تمام وڏي شخصيت آهي جنهن جي لاءِ لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. سائين جن جا تمام گهڻا ٿورا اسين لاڙڪاڻي وارن تي آهن. آرٽ جي دنيا ۾ سائين جا ڪيترائي شاگرد رهيا آهن جن ۾ مان به هڪڙو آهيان. مان سائين سان جڏهن به ملندو هيس ته مونکي ائين محسوس ٿيندو هيو ته ڄڻ منهنجي مٿان ڪا خاص سائين جن جي شفقت هجي. سائين جن هميشه اسان سان گڏ رهندا.
افتخار احمد سومرو
فائن آرٽس
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
25.12.2011

مان پنهنجو پاڻ کي سائين جي لاءِ ڪجهه لکڻ قابل نه ٿو سمجهان. ڇو جو منهنجي لاءِ ايڏي وڏي شخصيت جي باري ۾ لکڻ نهايت ئي وڏو ڳرو عمل آهي. خير...
سائين حفيظ الله کوهارو صاحب جن صرف اسان کان جسماني طور پري ٿيا آهن پر روحاني طور هميشه گڏ رهندا.
سائين جن جي وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي خاص طور تي آرٽ جي حوالي سان. اهو شايد ڀرجي سگهي.
احسان علي ميمڻ
لاڙڪاڻو
25.12.2012

قابلِ احترام مرحوم حفيظ کوهارو صاحب منهنجو استاد ۽ ڊرائنگ جو استاد - ستين کان اٺين ڪلاس تائين مونکي ڊرائنگ جو فن سيکاريو. سائين جن تمام مهربان، ٿڌي طبعيت ۽ شفقت جي نظر رکندڙ استاد هئا. سڀني کي پيار ۽ محبت ۽ سچائي جي راهه ڏني. سائين جن اسان جي شهر لاڙڪاڻي جا مشهور آرٽسٽ ۽ ڊراما ۽ فلم جا پڻ استاد هئا.
شاهه صاحب جو شعر آهي ته؛
گــهــوٽــن ۽ گــهــوڙن جــئــڻ ٿــورا ڏيــنــهــڙا
ڪڏهن منجہه ڪوٽن، ڪڏهن مڙهه مقام ۾.
ايڊووڪيٽ
اوشاق علي سانگي
تاريخ 24.12.2011


سائين حفيظ الله کوهارو منهنجو ستين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين ڊرائنگ جو استاد رهيو ۽ تمام شفيق ۽ شفقت جي نظر رکندڙ هيو. ڪنهن جي دل نه آزاري ڪندو هيو. سائين منهنجي بابا سائين عبدالحميد چنه جو بهترين دوست پڻ هيو، ڪڏهن ڪڏهن بابا وٽ شام جو ايندو هيو ۽ بابا سائين ڪچهري ڪندو هيو. سائين هڪ بهترين ڊرائنگ ٽيچر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ ڪردار جو مالڪ، هڪ بهترين انسان هيو. الله تعاليٰ انهن کي جنت ۾ جڳهه نصيب فرمائي. (آمين)
مــاڻهــو ســڀ نه ســهڻـا، پــــکـــي ســڀ نه هــنــج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
(شاهه صاحب)

ايڊووڪيٽ ڪامران علي چنه
شاگرد


سائين حفيظ کوهارو صاحب، ڪيتري نه گهري سوچ ۽ خداداد فن جو مالڪ هو، اهي سڀ هن جن جون تصويرون هن جي خيال جي عڪاسي ڪن ٿيون، سائين جي هن دنيا مان وڃڻ سان ائين لڳو ڄڻ فن به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. سائين حفيظ کوهارو هميشه پنهنجي فن ۾ زنده رهندو.
محمد امان شيخ

سائين حفيظ کوهارو صاحب جن سان منهنجو واسطو 1979ع ۾ پيو، جنهن وقت مان پائليٽ اسڪول ۾ شاگرد جي حيثيت سان، ڊرائنگ روم ۾ ويس. جتي ڊرائنگ سيکارڻ لاءِ سائين کوهارو صاحب موجود هيو. انهيءَ ڊرائنگ هال ۾ سائين جن جون ڪافي ڊرائنگ ٿيل تصويرون خاص طور تي شاهه جي شاعري تي ٺهيل هيون، جو ڊرائنگ ڪرڻ کان، انهن تصويرن ڏانهن گهڻو ڌيان ويندو هو. طبعيت ۾ لاجواب ته سونهن ۾ به ساڀيان هو. سندس وڇڙڻ سان سنڌ ۾ وڏو ڊرائنگ جي حوالي آرٽسٽ جو خال ٿي پيو آهي، جنهن کي هن وقت ڀرڻ ته مشڪل آ. ٿي سگهي ٿو ته سائين جن جو ڪو پنهنجو سندس سڪ لاهي. الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. (آمين)

شاهد حسين
ADPP لاڙڪاڻو


شاهه صاحب جن اهو به سچ چيو آهي ته
”ڪَکَ سڙن پن سڙن، سڙي سائو گاهه،
جــن ريــجهايو الله، تئو نه اچي تن کي.
بيشڪ اها وڏي ڪاميابي ئي آهي جو ڪنهن انسان کي موت کان اڳ ئي جنت جي بشارت ملي ۽ ڪلمو شريف نصيب ٿئي.

روزو نماز پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم،
جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

سائين مرحوم حفيظ الله صاحب جن پنهنجي زندگي کي به ٻين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي زندگي تي نهايت ئي سادگي سان گذاري. سائين جن پنهنجي زندگي به ائين ئي وقف ڪري ڇڏي ٻين جي لاءِ. جيئن شاهه صاحب جن مٿي بيت ۾ فرمايو آهي. اها هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي جيڪو انسان پنهنجي زندگي صرف ٻين لاءِ وقف ڪري.
سائين جي لفظن مطابق ته اهو الله سان هم ڪلام به ٿيو ۽ ان کي ڪجهه ڏينهن جي مهلت به ڏني ۽ پوءِ سڀني گهر وارن کي کلندي کلندي الوداع ڪئي ۽ پنهنجي اولاد کي ٻيهر نصيحت ۽ ذميواريون سنڀالڻ جون ذميواريون ڏئي ويو.
مير حسن جتوئي
21.12.2011







اها منهنجي لاءِ تمام فخر جي ڳالهه آهي ته مان ان استاد جي باري ۾ ٿو لکان جنهن نه صرف مون کي پر منهنجي والد صاحب کي به تعليم ڏني.

I have no words to express the personality of a “Big Legend” of Larkana. Because Sir, was the really from one of those big personalities of Larkana.
In end:
مــاڻهــو ســڀ نه ســهڻـا، پــــکـــي ســڀ نه هــنــج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
(شاهه صاحب)

ڊاڪٽر مهراڻ حسين ميراڻي



محترم و مرحوم سائين حفيظ الله کوهارو صاحب منهنجو مشفق و مهربان دوست نه پر وڏو هيو. 1993ع ۾ مون پنهنجي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي شهر ۾ بدلي ڪرائي آيو هُيس ته مون سائينءَ سان پائليٽ اسڪول ۾ مليس ۽ چيم ته سائين مان ڊرائنگ ٽيچر آهيان، پر مون کي ڊرائنگ ڪرڻ نه ايندي آهي - ڇا ڪريان!؟ ته سائين مون کي چيو ته ڪابه ڳالهه نه آهي آءٌ جو ويٺو آهيان پوءِ سائينءَ مون کي امداد لاڙڪ پينٽر وٽ موڪليو ۽ مون ڪم سکيو. مطلب ته سائين منهنجي سڄي ٻانهن هيو، منهنجي ڊائريڪٽر آفيس ۾ رجسٽرار جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو همٿايو هيو ۽ هر قسم جي منهنجي مدد ڪندو هيو. آءٌ سائين جن جي شان ۾ هڪڙو شعر چوندس؛
مــاڻهــو ســڀ نه ســهڻـا، پــــکـــي ســڀ نه هــنــج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
(شاهه صاحب)
سائين جن جو وڇوڙو ته ٿيو آهي پر منهنجي سڄي ٻانهه ڪپجي وئي آهي، کيس کي الله تبارڪ و تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏيندو. (آمين)

امداد حسين چانڊيو
20.12.2011






سائين حفيظ الله کوهارو صاحب
سائين هڪ بهترين زنده دل ۽ غريبن جو هڏڏوکي ۽ کِلَمُک انسان هيو. سائينءَ جن جهڙا ماڻهو هن دنيا ۾ مشڪل سان ملندا. مون کي اهڙا لفظ نه ٿا ملن جنهن ۾ سائين جو بيان ڪجي.

الله تعاليٰ سائين جن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. (آمين)
سعيد احمد شيخ


سائين حفيظ الله کوهارو صاحب جن لاءِ لکڻ لاءِ ڇا لفظ لکجن. هو ته هر وقت اسان سان گڏ آهي، جڏهن به اسان پينٽنگ جو ڪم ڪنداسين ته سائين اسان جو استاد ٿي اسان کي سمجهائيندو. سائين اسان سان هر وقت گڏ آهي.
جميل حسين سمون








سائين محترم حفيظ کوهارو صاحب
سائين هڪ شفيق انسان هو ۽ هر شاگرد کي پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو. فنِ مصوري جي دنيا ۾ سائين هڪ اهڙو ادارو هيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻڪ موتي ظاهر ٿيا.
سائين جهڙو عظيم انسان هن دور ۾ پيدا ٿيڻ مشڪل آهي. سائين جن کان آءٌ گهڻو ڪجهه سکي چڪو آهيان.
الله سائين کان دعاگو آهيان ته سائين جن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

غلام شبير جوڳي

مرحوم سائين حفيظ کوهارو صاحب هڪ مشهور ۽ ذهين ۽ مقبول استاد ٿي رهيو آهي. هو پنهنجي فن يعني ڊرائنگ سان دلچسپي رکندو هو. پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻه جو ڊرائنگ هال جو سينگار سندس ڪاوشن جو نتيجو آهي. بحيثيت استاد هو نه صرف شاگردن ۾ مقبول هيو پر مڙني استادن ۾ عزت پائيندو هو. هو هر وقت کلندو رهندو هو ۽ ٻين کي کلائڻ ۾ به سندس مشغولو هيو.
مان علي محمد چانڊيو ساڻس گڏ پائليٽ اسڪول ۾ استاد هيس. خوش قسمتيءَ سان ٻنهي جي آفيس به ڊرائنگ هال ۾ هئي. روزانو اسان جي ملاقات عام هئي. سائين منهنجي آفيس ۾ اچي مون کي ۽ منهنجي سنگت کي ڏاڍا مٺڙا ٻول ٻڌائي کلائيندو هيو.
پنهنجي فن ۾ ايترو ته ماهر هيو جو ڊرائنگ حال ۾ اسڪول پاران جيڪي به الوداعي فنڪشن ٿيندا هئا تن ۾ سائين هر استاد جي رهنمائي ڪندو هيو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي وارا به سائين جن کي پنهنجي پروگرامن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ خاص طرح وٺي ويندا هئا. جتي کيس ڏاڍو مان ملندو هيو.
گذريل ٻن سالن کان اسان جي ئي عرض تي سائين اسان جي اسڪول جي سالياني فنڪشن ۾ مدد ڪندو هو. جڏهن به کيس فون ڪندا هياسون تڏهن سائين خوشيءَ سان حاضر ٿيندو هو. اسان جي اسڪول جا ٻارڙا، استاد ۽ استادياڻيون کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا. هو هر دلعزيز هيو. نه صرف اسان جو اسڪول پر هر اهو ماڻهو جيڪو کيس سڃاڻيندو هو تنهن کي سائين جي هن وڇوڙي تي ڏاڍو صدمو پهتو آهي، ڄڻ سندن گهر جو ڀاتي جدا ٿي ويو هجي. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏيندو ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائيندو. (آمين)
غلام عمر ڇٽو
ڊائريڪٽر
علي محمد چانڊيو
پرنسيپال
سمبارا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

الله تعاليٰ جي حڪم سان سر حفيظ الله کوهارو صاحب هن فاني جهان کي ڇڏي پنهنجي حقيقي مالڪ ڪريم سان ملي اسان جي لاءِ اهي يادون ڇڏي ويا آهن، جن کي جڏهن به ياد ڪجي ته شايد پهاڙ کان سخت دل وارا ماڻهو به سائين جن جو پيار، اخلاق ۽ محبت کي ياد ڪري ائين گِرِيو ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا، جيئن شايد انهن جي پنهنجي گهر ۾ غم جو منظر طاري ٿيل هجي.
اسان وٽ سائين جن جي تعريف لاءِ الفاظ ڪونه آهن. بس صرف ايترو ضرور چونداسين ته الله تعاليٰ پنهنجي رضا ۽ قدرت قانون کي سامهون رکي ڪري اسان کان هڪ انمول هيرو پاڻ ڏي گہرائي ڪري اسان کي علم ۽ اخلاق حاصل ڪرڻ کان ڪافي وقت تائين محروم ڪري ڇڏيو.
محمد و آلِ محمد جي آل جي صدقي ۾ خداوند ڪريم سائين جن کي آل محمد جا قدم نصيب فرمائي (آمين)

سيد ذيشان علي شاهه
20.12.2011

سائين ڏاڍو پيار محبت وارو انسان هيو. بلڪل سٺو استاد ۽ بهترين دوست هيو. هڪ سٺي مصور هجڻ سان گڏ هڪ محسن انسان پڻ هيو. الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏيندس. سندس يادگيريون مرڻيون ناهن.

امتياز ميرالي
پرنس فوٽوگرافر
20.12.2011

سائين حفيظ کوهارو جن لاڙڪاڻي جي ته خاص شخصيت هئا پر خصوصاً محلي جي معزز شخصيت سان گڏوگڏ محلي وارن لاءِ همدرد، نرم دل ۽ خوش مزاج طبعيت جا پڻ مالڪ هئا، هاڻ ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان جو محلو ويران ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سائين جن محلي جي هر فرد کي پنهنجي اولاد وانگي سمجهندا هئا ۽ سڄي عمر هڪ سٺي ڪردار جا مالڪ رهيا. الله پاڪ انهن جي مغفرت فرمائي (آمين)
جيئن شاهه ڀٽائي رح فرمايو آهي ته؛
مــاڻهــو ســڀ نه ســهڻـا، پــــکـــي ســڀ نه هــنــج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
(شاهه صاحب)

انجنيئر نعيم احمد منگي

سائين حفيظ کوهارو سان منهنجي 2 دفعا ملاقات ٿي، جنهن کي مون تمام بهادر ڏٺو، سائين جن جي ڳالهين مان ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سائين بلڪل هڪ جوان مرد آهن، سائين مون کي اسڪول هلائڻ لاءِ ڪجهه صلاحون به ڏنيون جيڪي مون کي اڄ به ياد آهن.
سائين حفيظ جو وڇوڙو نه اسان لاءِ پر سڄي سنڌ لاءِ هڪ وڏو وڇوڙو آهي.
رسول بخش سولنگي
پرنسپال
غزالي ڪاليج لاڙڪاڻو

سائين حفيظ تمام بهترين شخصيت، تمام سٺو دوست ۽ مؤمن ماڻهو هيو. سائين جن مونکي پنهنجي اولاد وانگر ڀاڪر پائيندو هو ۽ خوش ٿيندو هو.
اختر پپو ماڇي


سائين حفيظ کلڻو، خوش اخلاق ۽ زنده دل ماڻهو هميشه دوستن جي دلين ۾ زنده رهندو. هو هتان هُت ويو آهي، ظاهري جدائي آ پر محبتن وارا ڌار ناهن هوندا.
ايوب گاد

سائين حفيظ کوهارو مرحوم هڪ تمام معتبر شخصيت هيو. سائين جن نه فقط هڪ بهترين استاد هيو، پر هڪ محسن انسان پڻ هيو. سائين جن جو رويو هميشه پنهنجن شاگردن توڙي عام ماڻهو سان محبت وارو هيو.
سائين جن اعليٰ مقام جا هئا، منهنجي هٿن ۾ ايتري سگهه نه آهي جو آءٌ سائينءَ جن جي شان ۾ ڪجهه لکي سگهان.

عاشق علي عباسي
عمران علي ڀٽي
نزاڪت علي جوڻيجو
وڪيل هاءِ ڪورٽ
20.12.2011


سائين حفيظ کوهارو مرحوم تمام بهترين ۽ محسن استاد هيا ۽ جڏهن به ڪو ڪم وغيره پوندو هيو ته ڪڏهن به مايوس نه ڪيائون ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ جا به استاد رهيا هيا، منهنجي ڀاءُ جو نالو الله ڏتو سامٽيو هيو ۽ هو به هن دنيا ۾ ڪونه آهن. الله سائين حفيظ کوهارو سائينءَ جن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري. آمين


وقاص سامٽيو
پاپوليشن ڊپارٽمينٽ
قمبر
19.12.2011



سائين حفيظ کوهاري جو وڇوڙو فُنونِ لطيفه لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. جنهن لاءِ جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي.
اڄ لاڙڪاڻي جي سرزمين سائين حفيظ جي وئي کان پوءِ اُٻاڻڪي ٿي ويئي آهي!!!

عيسيٰ ميمڻ
سيڪريٽري
مُهين جو دڙو اڪيڊمي – سنڌ
19.12.2011



شاعر، اديب ۽ مصور قومن جي اڏاوت ۽ ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. سائين حفيظ کوهاري به پنهنجو رشتو ان اڏيندڙن سان جوڙيو هو. جنهن پنهنجي زندگيءَ جو سمورو پورهيو ان کيت ۾ ڪندي گذاريو. جنهن لاءِ سڄي سنڌ سائين حفيظ کوهاري جي فن ۽ فڪر تي فخر محسوس ڪري ٿي. سائين حفيظ جو پورهيو سنڌ وساري نه سگهندي.

مسيح ڪالاڻي
ڪلچرل سيڪريٽري
جيئي سنڌ قومي محاذ (مرڪز)
19.12.2011



سائين مرحوم حفيظ الله هڪ بهترين ۽ زنده دل انسان هيو. مون سان گڏ هو، ڪافي وقت ٽيچر هيو. تمام گهڻو کلڻو، مزاحيه ۽ نوڪري ۾ ايماندار هيو. سچ ته هڪ بلڪل مخلص انسان هيو. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا ڪري. (آمين)

جميل احمد سميجو



سائين حفيظ الله هڪ سٺو سچو دوست ۽ بي باڪ، بنا لالچ وارو انسان هو. خدا تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ رحمت فرمائي. (آمين)

ٺاڪرداس روپچنداڻي
19.12.2011



سائين حفيظ کوهارو آرٽ ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ اهم شخصيت آهي. سائين اسان لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهيو. کِل مُک ماڻهو، ڪڏهن به ڪنهن کي بور ٿيڻ نه ڏنائين. هميشه پاڻ به مسڪرائيندا رهيا ۽ سڄي سنگت کي به خوش رکندا آيا. ڪيڏو به منجهيل ماڻهو سائين جن وٽ آيو ته واپسي ۾ مسڪرائيندو پئي ويو. سائين جن پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي هميشه زنده رهندا ۽ اسان جي دلين ۾ ڌڙڪندا رهيا. ڌڻي در دعا آهي ته سائين جن کي صبر ۽ تحمل جي توفيق عطا ڪري ۽ سائين جن جي مشعل کي اڳتي وڌائيندا رهن.

خالد سيال
19.12.2011


کُل شيء يرفع اليٰ اصابہٖ
”هر شيءِ پنهنجي اصل طرف موٽ کائڻي آهي“.

هڪ محبتي ماڻهوءَ جو وڇوڙو انسان جي دل کي رنج يقيناً پهچائي ٿو ليڪن رستو ته اول يا آخر اِهو ئي آهي.
شاهه صاحب چواڻي ته؛
”ڀر ڀنجو ويهي ڪندين ڪهڙيون ڳالهڙيون“

موليٰ ڪريم انهن جي مغفرت فرمائي. آمين
مدهوش ڀٽو
19.12.201


محترم حفيظ کوهارو صاحب اسان جو پيارو دوست هو. هو هڪ بهترين چترڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ڪيترين خوبين جو مالڪ هو.
حفيظ صاحب منهنجو استاد ڀائي پڻ هو، يعني اسان ٻئي سر فتاح هاليپوٽي صاحب جا آرٽ ۾ شاگرد هئاسين.
هو هڪ کِلمک ۽ زنده دل انسان هو. دعا آهي ته الله عزوجل کيس جنت فردوس ۾ جاءِ عطا فرمائيندو. آمين

قاضي اختر حيات
19.12.2011




سائين حفيظ کوهارو ظاهري جهان ڇڏي هليو ويو آهي. پر آءٌ اهو يقين سان چوان ٿو ته هو هميشه مون لاءِ ۽ منهنجي دوست شان، ارشد ۽ پرويز لاءِ حال حيات هوندو ۽ انهن جون يادگيريون، نصيحتون ۽ سمجهاڻيون منهنجي لاءِ مشعلِ راهه ثابت ٿينديون. سائين هڪ عظيم آرٽسٽ ۽ هڪ عظيم استاد هو. جنهن جو خال پائليٽ اسڪول ۾ صدين تائين شايد ڪوبه استاد ڀري سگهي. پر اهو ناممڪن نظر اچي رهيو آهي.

سجاد احمد ڀٽي
19.12.2011



مسٽر عبدالحفيظ صاحب هڪ عظيم انسان هو، انهيءَ جو خال شايد ڪو ڀري نه سگهندو.
رميش لال
لاڙڪاڻو
19.12.2011


مسٽر عبدالحفيظ صاحب هڪ زنده دل انسان هيو، اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي کوٽ ڪوبه پوري ڪونه ڪري سگهندو ۽ آرٽ جو اَبو هيو. شايد ڪوبه ان جي کوٽ پوري ڪونه ڪري سگهندو. الله سائين شال جنت ۾ جاءِ نصيب ڪري. آمين
عبدالرئوف ميمڻ
HST
19.12.2011

اڄ سائين مرحوم حفيظ کوهارو صاحب جي تڏي آياسين. اسين سائينءَ جي تمام گهڻن ويجهن مان ته نه آهيون. بلڪه سائين سان ڪچهري ٿيندي هئي ۽ عوام الناس جي راءِ مطابق سائين هڏڏوکي، کلمک ۽ همدرد انسان هو. سائينءَ لاءِ ايترو چئجي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن جنهن لاءِ اهو چئجي ته اهڙا ماڻهو گهٽ جنهن جي ڪري ماڻهو انتظار ڪن سائين جو خال تمام ڏکيو ڀربو.
حديث مطابق
”ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جنهن لاءِ ماڻهون روئن ۽ ڪي اهڙا هوندا آهن جن جي ڪري روئن“.
دعا آهي ته شال ڌڻي پنهنجي رحمت ڪري ۽ پونئرن کي صبر ۽ تحمل جي توفيق عطا فرمائي.

دولهه درياخان جتوئي
19.12.2011


پيار وارو سائين، حفيظ الله شال سدائين الله پاڪ جي رحمت ۾ ۽ پنجتن جي ڪچهري ۾ هجي، جيئن ته سندس شان ۾ جيڪي ڪجهه لکي اهو گهٽ هوندو. وڌيڪ دعاڳو آءٌ سندس هڪ ناچيز دوست دعا ئي ڪري سگهان ٿو ته الله پاڪ کيس جوارِ رحمت ۾ جايون عطا ڪري. آمين


مخدوم سڪندر علي صديقي
پاٽ شريف – ضلع دادو
19.12.2011




محترم سائين حفيظ کوهارو صاحب هڪ شفيق استاد هو. سندس جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي ۽ مون کي اهڙا لفظ نه آهن جن سان سائين جن جي تعريف ڪري سگهان.
الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏيڻ فرمائيندو. (آمين)

عبدالحميد چنه
19.12.2011


سائين حفيظ الله بهترين استاد آرٽسٽ ۽ پنهنجي وقت جو فنڪار شاعر کِلمک هڪ بهترين انسان هيو. بچپن کان وٺي سائين جي کل مک طبعيت جي ڪري هر ماڻهو سائين کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هيو ۽ مان خاص ڪري سائين کي سهڻي جي لقب سان سڏيندو هئس. ڪڏهن ڪو سائين جو شاگرد رستي ۾ ملي ويندو هيو ته مذاق خاطر مان ان کي چوندو هيس ته سهڻي سائين کي منهنجا سلام ڏيندا ۽ سائين کي جڏهن به منهنجا سلام ملندا هيا ته کلي چوندو هيو ته ادا اهو ڪرم وڳڻ ته نه آهي. ڇو ته هو مونکي ننڍي لاءِ کان وٺي سهڻو سائين سڏيندو آهي.
الله سائينءَ کيس جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏي. (آمين) ۽ پونئرن کي صبر جي تلقين ڏي.

ڪرم حسين ”ڪرم“ وڳڻ
19.12.2011


Late Mr. Abdul Hafeez Sb. Was good and painstaking teacher. He was regular and never neglect his profession in any time. The undersign wishes the God Almighty and bless him in heaven.

Ghulam Sarwar
Rtd. Principal
19.12.2011

Mr. Hafeezullah Khooharo was my favourite teacher. Being a teacher he created a lot of students. He was sincere to his duty. He was a funny man. I never seen him sad/ gloomy in twenty two years of my service.
He was also a good actor of KTN. He performed a lot of roles in solo plays and serial plays. In nut shell, I want to say that he was an ideal teacher of all the students. He possess all kinds of merits. He was a handsome and healthy person. He performed his duty punctually and regularly.
Thanks

Mukhtiar Ahmed Ansari
HST
Govt. Pilot H/Sec: School Larkana
19.12.2011

سائين حفيظ کوهارو صاحب جن کي مون هڪ بهترين استاد، بهترين مصور، بهترين خطاط ۽ بهترين شخصيت جي مالڪ انسان جي روپ ۾ ڏٺو. تعليمي اداري جو تاريخ ساز انسان، محنتي استاد ۽ هر دل عزيز شخصيت جي روپ ۾ هميشه استاد جي لاءِ اسان جي دل ۾ ياد رهندو.
شوڪت علي مغيري
HST
گورنمينٽ پائليٽ هائر سيڪنڊري اسڪول
لاڙڪاڻو
19.12.2011


ڀاءُ محترم حفيظ منهنجي وڏي ڀاءُ جو گهاٽو دوست ۽ ڪلاس ميٽ هيو ۽ منهنجي لاءِ به وڏي ڀاءُ ۽ هڪ شفيق دوست وانگر مون کي چاهيندو ۽ منهنجي لاءِ هت لاڙڪاڻي ۾ مون کي منهنجي ڀاءُ جي ڪمي محسوس نه ٿيڻ ڏني. ڀاءُ جي شخصيت هڪ ٿڌي ڇانوَ ۽ باغيچي جهڙي هئي، جتي هر انسان خوش ۽ فرحت محسوس ڪندو آهي. هن جي گهڻي ڪمي محسوس ٿيندي ۽ هميشه ياد رهندو. اڄ مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته ڄڻ منهنجو وڏو ڀاءُ مون کان جدا ٿي ويو آهي. خدا ان جي روح کي هميشه خوش آباد رکندو ۽ انهن جي ٻچڙن کي هن ڏک سهڻ جي همت ڏيندو. آمين
نديم احمد ڀٽو
19.12.2011
کون کہتا ہے کہ موت آئے گی تو مرجائوں گا
ميں تو دریا ہوں سمندر میں اتر جائوں گا
تمام گهڻي افسوس ۽ ڏک جو ڏينهن جو اڄ اسان جو شفيق، دوستن جهڙو استاد سائين حفيظ کوهارو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سائين هڪ مهربان استاد کان علاوه اسان جو شفيق دوست همدرد ۽ هڏڏوکي پڻ هو. اسان جي الله رب العزت کي التجا آهي ته سائين حفيظ کوهاري کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. آمين
شاگرد رياض احمد ڀٽو
۽ پائليٽ اسڪول جا ٻيا استاد
19.12.2011

کسی دردمند کے کام آ
کسي ڈوبتے کو اچهال دے
یہ نگاہ مست کی مستياں
کسی بدنصيب پہ ڈال دے

انتهائي ڏک ۽ افسوس جو ڏينهن جو اڄ اسان کان محترم استاد حفيظ الله کوهارو صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي. هڪ بهترين استاد، بهترين آرٽسٽ، بهترين مزاحيه، بهترين دوست همدرد جنهن کي مان مرڻ گهڙي تائين وساري نه ٿو سگهان. شال الله تعاليٰ سائين کي پارت آهي ته کيس جنت ۾ جايون ڏي ۽ هي منهنجي دعا قبول فرمائي. (آمين)
شاگرد ۽ دوست
ڪرشن لعل چاولا
پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2011

How sad and painful it is to think that Mr. Hafeezullah Khuharo who was known to us and he is not with us now a days. As a teacher (H.S.T) he was not only good teacher but he was good artist and man of stable qualities, good personaliy and humanitarian too. However there should be not moaning, weaping, crying at the time when man is dead. When call comes from creater one should not feel sorry but readily responds to the call, because after losing physical existence one would see his creater face to face. We the following advocates pray before almighty Allah that may Allah allow the soul of departed personality in the kingdom of heaven. (Ameen)
1. Ghulam Rasool Soomro
Advocate
2. Mazhar Ali Bhutto
Advocate
3. Aijaz Ali Sangi
Advocate
19.12.2011


محترم سائين حفيظ کوهارو هڪ هونهار شخصيت تمام سٺو استاد ۽ هر وقت کلڻو جڏهن به سائين وٽ ايندا هياسين ته رڳو کلندو هيو ۽ تمام وڏو سنڌ ليول جو مصور هيو. سائين منهنجي بابا سائين جي تصوير ٺاهي هئي جيڪا اسان لاءِ يادگار رهندي.

انور علي جانوري
وڪيل لاڙڪاڻو
19.12.2011


کون کہتا ہےکہ موت آئے گی تو مر جاؤں گا
میں تو دریا ہوں سمندر میں اتر جاؤں گا

محترم سائين حفيظ کوهارومرحوم هڪ سٺو ۽ مزاحيه ۽ خوش اخلاق مزاج وارو ماڻهو هيو. جيڪو هر هڪ دوست سان مرڪندو چهري پيش ايندو هيو. سائين مرحوم کي ڏسندي ئي ڪيترو به سنگدل انسان مرڪي پوندو هو. رب العالمين کان دعا آهي ته سائين مرحوم کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ کين جي مغفرت فرمائي. (آمين)
عاجز
استاد عبدالرسول ساريو
HST
گورنمينٽ پائلٽ هائيرسيڪنڊي
اسڪول لاڙڪاڻه
19.12.2011


محترم سائين حفيظ الله کوهارو سان آءٌ 1990 کان وٺي گڏ پائليٽ اسڪول ۾ رهيس هميشه سائين جي چهري تي رونق، خوش مجاز رهي ڪڏهن به سائين ڪنهن استاد کان غمگين نه رهيو هميشه سڀني سان کِل ڀوڳ وارو انداز رهيس.
مشتاق علي ميمڻ
19.12.2011


محترم سائين حفيظ الله کوهارو صاحب شفيق استاد ۽ نيڪ دل انسان هيو. هن جي گذاري وڃڻ سان پائليٽ اسڪول ۾ وڏو خال ٿي ويو آهي جيڪو جلدي نه ٿو ڀرجي سگهجي.
سائين منٺار دوست هيو.
محمد علي ابڙو
19.12.2011

محترم سائين حفيظ الله کوهارو صاحب هڪ سٺو استاد، سٺو دوست ۽ شفيق انسان هو. سندس وفات تي اسين هڪ سٺي دوست کان جدا ٿي ويا آهيون. سندس جو پيدا ڪيل خال تمام دير تائين نه ڀرجي سگهندو. شال الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.
علي مظفر لاهوري
گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2011


سائين محترم حفيظ کوهارو صاحب جيڪو هن فاني دنيا مان تاريخ 17.12.2011 تي گذاري ويو. جيڪو عظيم انسان ٿي رهيو آهي. سائينءَ اسان کي 1978ع ۾ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو. سائين جن جو جيڪي اسان بحيثيت استاد جيڪو رويو رهيو، شايد اسانکي پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو والدين کان ئي مليو. سائين هڪ شفيق، مهربان ۽ همدرد استاد هيو، پنهنجي دور جو مڃيل ڊرائنگ ٽيچر رهيو.
اسان جون دعائون سائين جن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عنايت فرمائيندو. اسان هر وقت سائين جي مغفرت لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهيو.
منظور حسين چنه
HST
گورنمينٽ پائليٽ هائير
سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2011


سائين حفيظ الله کوهارو هڪ بهترين استاد، بهترين انسان ۽ بهترين والد هئا. سائين جن اسان کي پائليٽ اسڪول ۾ پڙهايو ۽ ڊرائنگ ڪرائي. سائين جن کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.
محمد علي مهر
19.12.2011


محترم سائين حفيظ کوهارو صاحب جن سُٺا دوست، سُٺو استاد ۽ خوش مزاج انسان رهيا. هينئر فقط ئي ان جي ڳالهين کي ياد ڪري سگهجي ٿو. خدا تعاليٰ سندس جنت ۾ جاءِ ڏي. (آمين)
بليدي مقبول احمد
HST
پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2011


محترم سائين حفيظ الله کوهارو جهڙي شخصيت قسمت سان پيدا ٿيندي آهي. هاڻي هو اسان وٽ ناهي رهيو پر ان جون يادون ۽ ڀلو ڪردار نه وسارڻ جوڳو آهي هي هڪ وڏي شخصيت هيو.
اختر علي ڪانڌڙو
19.12.2011

سائين محترم حفيظ الله کوهارو صاحب هڪ نيڪ نيت، انسان دوست، بهادر انسان هو. پنهنجي پيشي سان سچو، مخلص ۽ ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ هو.
کيس الله تبارڪ و تعاليٰ جنت الفردوس عطا ڪري. (آمين)
عبدالغفور شيخ
HST
لاڙڪاڻو

مرحوم حفيظ الله کوهارو هڪ نيڪ نيت انسان هجڻ سان گڏوگڏ محنتي، جفاڪش ۽ سچو ورڪر هيو. اڄ اسين هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويا آهيون.
خدا تعاليٰ کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندن پونئرن کي هن وڏي صدمي برداشت ڪرڻ جو حوصلو فراهم ڪري. آمين
منور حسين ڌامراهو

لاڙڪاڻو؛ تاريخ مان ڪي اهڙا فرد جنم وٺن ٿا جو مثال الله تعاليٰ ائمه اهلبيت عليہ السلام جي صدقي هن دنيا کي جوڙيندي، انهيءَ ڪائنات ۾ فردن جو تاريخ ساز بڻجندي امر بڻجي ويندا آهن انهن تاريخ جي سانحي مان گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي جي هر دل عزيز استاد حفيظ الله کوهارو به هڪ آهي. جڏهن به لاڙڪاڻي، شاعرن، اديب، محققن سياست، مذهبي طور جڏهن به آرٽسٽ فن ۽ عمل ڪردار جي ڳالهه ٿيندي. انهن ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي مايه ناز باڪردار شخصيت سائين حفيظ الله کوهارو جو مثال سڀني کان اتم اعليٰ نظر ايندو آ، پر افسوس سان قرآن مجيد جي هڪ آيت ڪريمه ۾ ارشاد فرمايل اهي، ”هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي“. نيٺ 17 ڊسمبر 2011 بروز ڇنڇر تي هن فاني جهان مان انتقال ڪري وڃڻ. اسين استاد برادري سميت لاڙڪاڻي جا رهواسي غمگين آهيون جو اسين عظيم آرٽسٽ شخصيت کان محروم ٿي وياسين.
عبداللطيف عمراڻي
پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو

ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی رہی
بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا

سائين مسٽر حفيظ الله کوهارو صاحب
مان جڏهن گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ آيس ته منهنجي جڏهن ملاقات حفيظ الله کوهارو صاحب سان ٿي ته مون کي تمام گهڻو پيار مليو ۽ هڪ بهترين انسان ۽ خوش مزاج ۽ طبعيت ۾ هشاش بشاش کلڻو ماڻهو هيو. سائين حفيظ الله صاحب هڪ بهترين استاد ۽ سٺو انسان هيو ان جو خال ڀرجڻ اسان جي اسڪول لاءِ وڏو ٽائيم لڳندو. الله تعاليٰ سائين کي جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏي. اسان جي دعا آهي.

شفيق احمد ڪانڌڙو


محترم حفيظ الله کوهارو صاحب هڪ بهترين انسان هيو. سائين جن هڪ سٺي اخلاق جا مالڪ هئا. سائين جن جي منهن تي سدائين مسڪراهٽ هوندي هئي.
سائين جن جي باري ۾ جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي.

بئنڊ ماسٽر انعام علي
19.12.2011

حفیظ کھوہارو مرحوم سے میری پہلی ملاقات 1997ع میں ہوئی تھی، جب مجھے لاڑکانہ شہر کے مختلف مصوّروں سے ملنے کا شوق پیدا ہوا تھا۔ حفیظ صاحب نے کافی تعداد میں موجود اپنی پینٹنگز دکھائیں جو کہ حقیقتا بہت محنت اور کافی دقت صرف کرکے بنائی تھیں۔
سندھ کے کلچر کی تصویروں نے مجھے ان کے فن نے بہت متاثر کیا۔ آخرکار مصوّری سیکھنے کے شوق میں ان کی شاگردی میں آگیا۔ میرے ساتھ پینٹنگ سیکھنے والے چار مقامی افراد بھی تھے۔
حفیظ صاحب نے انتہائی شفقت کے ساتھ ہمیں مصوّری سکھانی شروع کی۔ ہم سب افراد یعنی ہمارا پورا گروپ ان کی فنکارانہ صلاحیتوں سے بہت متاثر ہوا۔ انہوں نے ہمیں انتہائی دوستانہ ماحول میں تمام کام سکھایا۔ یہی وجہ تھی کہ ان سے بہت کچھ سیکھنے کا موقع ملا۔
حفیظ صاحب کی طبعیت انتہائی خوش مزاج تھی۔ سوہنی مذاق کی عادت تھی۔ گوکہ شام کو کافی وقت تک ان کے ساتھ رہتا تھا مگر پھر بھی تھکان محسوس نہیں ہونے دی۔
ان کی خوش دل طبعیت کی وجہ سے میں مصوّری بھی سیکھتا رہا اور ان سے انتہائی دوستانہ تعلقات بھی قائم ہوگئے۔ میں ملازمت میں ٹرانسفر کی وجہ سے حیدرآباد شفٹ ہوگیا۔ان سے وقتاَ فوقتاَ ٹیلیفون پر رابطہ رہتا تھا۔
انتہائی محبت سے مجھے کہا کرتے تھے کہ واپس لاڑکانہ آجائیں۔ ان کے ان جذبات کی میرے دل میں محبت قدر تھی۔ کچھ ذاتی مجبوریوں اور کچھ دفتری حالات کی وجہ سے چونکہ یہ ممکن نہ تھا۔ لیکن میں ان سے یہ ضرور کہتا تھا کہ انشاء اللہ جلد آپ سے ملاقات ہوگی۔
جس طرح وہ اپنے بچوں سے شفقت اور دوستانہ طریقے سے باتیں کرتے تھے بالکل اسی طرح مجھ سے بھی ملتے تھے۔ پھر ایک دن علم ہوا کہ بیماری کی وجہ سے ان کے انگوٹھے اور پھر ٹانگ کا آپریشن ہوا تھا۔
اس دوران ان سے فون پر بھی بات ہوتی رہتی تھی۔ وہ بالکل پہلے کی طرح فون پر بھی ہنسی مذاق کیا کرتے تھے۔ ان کا ٹائیم پاس کرنے کیلئے ان کو مختلف قسم کے مزاحیہ ایس ایم ایس بھیجتا رہتا تھا۔ جب بھی بات ہوتی تھی ایس ایم ایس کی بہت تعریف کرتے تھے۔
ان سے میری آخری ملاقات کراچی میں ہوئی تھی۔ وہ انتہائی زندہ دل انسان کی طرح مجھ سے ملے۔ ویسے ہی مذاق، وہی شفقت اور ویسی ہی طبیعت پائی۔ ان کو دیکھ کر مجھے یہ احساس ہوا کہ ایک ٹانگ سے محروم ہوجانے کے بعد بھی ان میں کتنا حوصلہ اور ہمّت ہے۔
ان کے صاحبزادے نجیب اللہ شان سے حفیظ صاحب کی خیریت معلوم ہوتی رہتی تھی اور پھر علم ہوا کہ ان کی دوسری ٹانگ بھی متاثر ہو رہی ہے۔ میرے لئے یہ بہت دکھ کی بات تھی۔ لیکن انہوں نے ان مشکل اور تکلیف دہ حالات کا ڈٹ کر مقابلہ کیا۔
ان کے لئے دعا کی تحریک ہوتی رہی اور میں ان کی صحت کاملہ و عاجلہ کے لیئے دعائیں کرتا رہا۔ بعض دنوں میں نفلی روزہ رکھ کر ان کی صحت و تندرستی کے لیئے دعائیں کرتا رہا۔ لیکن اللہ کو کچھ اور ہی منظور تھا۔ اور آخرکار ایک دن میں اپنے بہترین دوست اور ایک شفیق استاد سے ہمیشہ کے لئے محروم ہوگیا۔
اللہ تعالیٰ ان کو اپنی جوارِ رحمت میں جگہ دے۔ ان کے درجات کو بلند فرمائے اور جنت الفردوس میں اعلیٰ مقام عطا فرمائے۔ آمین
سیّد کلیم محمود




آج مجھ سے میرےسگے بھائیوں سے زیادہ عزیز اور قریبی ایک دوسرے کے دکھ سکھ میں بچپن سے ساتھ رہنے والا دوست اس دنیا میں مجھے اکیلا چھوڑ گیا ہم دونوں نے مل کر زندگی کی سختیوں تکالیف اپنے پرائے کے ہاتھوں مشکلات اور زیادتیوں کا ہنسی خوشی مقابلہ کیا۔ ہمیں محسوس نہیں ہوتا تھا کہ ہم تکالیف اور سختیوں سے گذر رہے ہیں۔ آج میں اکیلا ہوں لیکن وہ ہمیشہ میرے دل میں دھڑکن کی طرح رہیگا۔ لاڑکانہ بلکہ سندھ نئے اور ہنس مکھ ایک فن سے محروم ہوگیا یہ اس کی بدقسمتی ہے۔ اس کے آگے میں نہیں لکھ سکتا کہ وہ لاڑکانہ کو ایک عظیم فن پارے دے گیا لیکن کچھ اپنے ساتھ نہیں لے گیا اگرلے گیا تو نیکیاں اور اچھائیاں لے گیا۔
آہ میرا دوست ایک عظیم فنکار
اب میرے ساتھ نہیں یقیں نہیں آتا

غلام ربانی شیخ
ایک بھائی سے زیادہ دوست

جناب محترم سائين حفيظ الله کوهارو صاحب منهنجو هڪ بهترين بزرگ استاد هو. سائين جن منهنجن ڀائرن جا پڻ استاد هئا. سائين جن خوش اخلاق، مددگار، سلڇڻا، سٻاجهڙا ۽ کِل مُک هئا. سائين جن کي ڪڏهن به آءٌ پريشان نه ڏٺو هر وقت کِل ۾ هوندا هئا ۽ هر هڪ طبعيت واري ماڻهوءَ کي سڃاڻي ان سان ائين ئي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا. اخلاقي مزاڪي به هئا. اسان هن بهترين شخصيت کان محروم ٿي وياسين، جنهن جي وڇوڙي روئاري ڇڏيو. سائين جن سوشل ورڪر هئا. سائين جن پنهنجي زندگي ڊرائنگ، آرٽ جي محنت کي ڏيئي وڏو نالو ڪمايو. اڄ سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جن جو واقعي نالو آهي. سائين T.V ۽ ريڊيو تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نانءُ ڪمايو. هن شخصيت جي ياد هر وقت رهندي. هن جون چڱايون خدمتون، ڪم ۽ ٻين سان ڀلايون هر وقت ان جي ياد جي ڪري ان کي ئي زنده سمجهيون.
مجاهد حسين جروار
19.12.2011


محترم سائين حفيظ کوهارو صاحب مصوري جي لحاظ کان الله تعاليٰ جي طرفان مالا مال هيو. هن جي شخصيت تي جيترا لفظ لکان اوترا گهٽ آهن. هو هڪ بهترين انسان هيو.
نزاڪت علي ڀيو
پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2014.




محترم حفيظ کوهارو بهترين انسان سان گڏوگڏ بهترين استاد ۽ آرٽسٽ هو، منهنجي خيال ۾ ته هن جو وڇوڙو ۽ فن، احساس عظيم ترين شخصيت ۾ هڪ هو. سندس فن جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص ڪري هي عظيم شخص مون تي مهربان هيو ۽ سندس محبتون وساري نٿو سگهان.

منير احمد مشوري
پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو
19.12.2011


سائين حفيظ منهنجي لاءِ صرف هڪ استاد نه پر هڪ دوست جيان هيو. سائين حفيظ اهو انسان هيو جنهن جي وجد سان اڄ مون کي هن معاشري ۾ عزت ملي ٿي ۽ مان اڄ جيڪي ڪجهه به آهيان سائين حفيظ جي بدولت آهيان مان پنهنجي زندگيءَ ۾ سائين حفيظ جي ڪمي هميشه محسوس ڪندو رهندس.

وقاص شاهاڻي
شاگرد
19.12.2014




سائين حفيظ الله صاحب ايتري ته عظيم شخصيت هو جنهن جي تعريف ۾ ساراهه صرف هڪ قلم ئي ڪري سگهي ٿو ۽ سائين جي فن پارن ۾ ايتري حقيقت محسوس ٿيندي ڄڻ ته خود قادر جي قدرت سمايل آهي. سائين اسان جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي ۽ انشاءَ الله هميشه رهندو.

امداد علي ڀٽو
لاڙڪاڻو
19.12.2011



سائين حفيظ جي لاءِ ايترو ئي چوندس ته سائين هڪ سٺو استاد ۽ هڪ سٺو انسان هو. ڪنهن انسان جي اگر ڪنهن انسان لاءِ ٿورو به وڃڻ کان پوءِ دل ۾ ڏک ٿئي يا ڪمي محسوس ٿئي ته ان مان محسوس ٿيندو آهي ته ڪو شايد ڪو سٺو انسان هن ڌرتيءَ ماءُ مان واپس ٿي ويو آهي. جيڪا ڪمي اڄ پڻ محسوس ٿئي ٿي.
ظفر سيال


مان سائين لاءِ اقبال جا اهي لفظ چوندس ته
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی رہی
بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا
باقي سائين تي ڳالهائڻ ائين هوندو جيئن ڪنهن انڌي کي چئجي ته سج جي باري ۾ ٻڌاءِ. ان کان وڌيڪ مون وٽ سائين لاءِ لفظ ئي گڏ ڪونه ٿا ٿين. ظاهري سائين ڀلي اسان کان وڇڙي ويو هجي پر روحاني طور سائين اسان سان گڏ آهي. مالڪ سائين سائين کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏيندو. اها دعا اسان جي دل مان هر گهڙي نڪرندي ۽ سندس اولاد کي صبر جي طاقت عطا ڪندو.
محمد حنيف چانڊيو
پرديپ ڪمار - شاگرد
18.12.2011

اڄ اسان کي اچانڪ خبر پئي ته اسانجو استاد سائين حفيظ کوهارو صاحب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته دل ۾ ڪافي صدمو پهتو ڇاڪاڻ ته اسان جو ڊرائنگ ٽيچر هئو ۽ پائلٽ اسڪول ۾ سدائين خوش مزاج، خوش طبعيت ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو. سائين حفيظ کوهارو خوبصورت طبعيت جو مالڪ، انتهائي شفيق ۽ مهربان شخصيت هئا.
الله کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس جي اعليٰ مقام تي رکي ۽ سندس پونئرن کي صبر جميل عطا ڪري.
ديدار علي شيخ، شاگرد
مرڪزي سيڪريٽري جنرل
تحريڪ سنڌ شهري اتحاد

سائين حفيظ الله کوهارو هڪ عظيم استاد، والد، محسن ۽ ان سان گڏ هڪ سٺو دوست هيو. سائين ۾ اها تمام بهترين خوبي هئي ته هو هڪ دفعو جنهن سان ملندو هيو ان کي پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو ۽ ان انسان جي دل چوندي هئي ته ان سان ٻيهر ملجي. سائين جا مون کي لفظ ياد اچن ٿا مون کي چوندو هيو ته ”تون منهنجو شاگرد سان گڏوگڏ منهنجو پٽ ۽ دوست به آهين“. اڄ وڏو افسوس آهي جو هو اسان منجهه نه آهي. الله سائين ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ ان جي اولاد کي صبر عطا فرمائي.
آصف علي جانوري
18.12.2011

محترم جناب حفيظ الله کوهارو کي مرحوم لکندي سچ ۾ دل ڏاڍو اداس ٿي رهي آهي، ڇو ته هن جهڙا امُلهه انسان پنهنجي حياتي ۾ جيڪو ڪجهه ڪن ٿا اهو هڪ دؤر جي تاريخ جو درجو رکي ٿو. حفيظ سان ٿيل ڪن ملاقاتن ۾ پبلڪ اسڪول سکر ۾ منعقد ٿيل 2004 واري فيسٽيول جي ملاقات اڃان به ذهن تي تازه آهي، جنهن ۾ هن سان زندگي، ادب ۽ آرٽ جي موضوعن تي طويل حاصل سير ڪچهري ٿي هئي. سچ ته هي ماڻهو موتي داڻو آهي. الله کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب فرمائي. (آمين)
جهانگير عباسي
ليڪچرار اردو
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو


سائين حفيظ الله کوهارو تمام بهترين والد ۽ تمام سٺو دوست هيو، جنهن پنهنجي اولاد جي تمام سٺي تربيت ڪئي، اسان سائين جن لاءِ دعا ٿا ڪيون. اسان سائين جن لاءِ آخري چند لمحن جون ڳالهيون ٻڌيون، جن کي ٻڌي ڪري اسان کي به خوفِ خدا ٿيو ته انسان صرف دنيا ۾ رهڻ نه آيو آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ رهڻو آهي ته سائين حفيظ الله کوهارو جن جي بهترين زندگي جي نموني تي گذاري ۽ الله سائينءَ کان دعا ٿا گهرون ته سائين جن جي قبر جي پهرئين رات آساني ڪندو ۽ ان جي صدقي اسان جي به – ڇو جو هڪ ڏينهن سڀني کي مرڻو آهي ۽ اڄ مان انسان ٿي ويس. سائين حفيظ الله جن ۽ انهن جي اولاد کي عرض آهي ته مون کان جيڪا به غلطي ٿي هجي يا مان ڪنهن جي دل ڏکائي هجي ته مون کي معاف ڪن.
الله سائين اسان جي استاد کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ انهن جي اولاد کي پنهنجيءَ پناهه ۾ رکي. آمين

پرويز علي جويو

سائين حفيظ الله کوهارو صاحب هڪ بهترين استاد ۽ بهترين انسان هو.
سائين حفيظ الله جي محنت ۽ ڪم ڏسي حيرت ۾ اچي ويندا هئاسين. سائين پنهنجي زندگي محنت ۾ وقف ڪري ڇڏي. سائين تمام گهڻو ملنسار ۽ خوش اخلاق انسان هو. سائين تمام بهترين گفتگو ڪندو هو. سائين جي زندگي مثالي هئي. سائين جي لاڏاڻي تي آءٌ سائين جي اولاد سان ڏک ۾ شريڪ آهيان. الله تعاليٰ سائين حفيظ الله کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي. آمين
سميع الله ڀٽو
ڪرمان باغ لاڙڪاڻو

اڄ نـه اوطــــاقـــن ۾ طـــالــــب تــنـــــواريــــــــن،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

اسان جو سينيئر دوست حفيظ الله صاحب هڪ محنتي، قابل ۽ لائق، پائلٽ اسڪول جي سونهن، جنهن پائلٽ اسڪول لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي، اڄ هن دنيا ۾ ناهن رهيا.
هن جي رحلت جي ڏک ۾ اسان مرحوم جي ڪٽنب سان ڏک ۾ شريڪ آهيون. شال الله سائين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.
سراج الدين شيخ
پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻو
18.12.2011





اهو ٻڌي ڪري حيرت ۽ عجب ۾ پئجي ويس جڏهن سائين محترم حفيظ الله جي وڏي فرزند نجيب الله شان اهو ٻڌايو ته بابا هن فاني دنيا جي ڇڏڻ جي تاريخ 17 ڊسمبر 2011 ٻڌائي ۽ پڻ اها مهلت الله تعاليٰ کان پاڻ وٺي آيو آهيان. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ظاهري طور تي ڪنهن کي به گهٽ نه سمجهي. الائي ته ڪهڙين ڳالهين ۾ الله پاڪ راضي رهي ٿو، اها ڳالهه حيرت ڪندڙ به آهي ته خدا جي وجوديت جي ظاهري نشاني به آهي، جيئن سائين حفيظ الله پنهنجن پٽن کي اهو ٻڌايو ته مان الله سان ملي آيو آهيان. ان ئي مونکي ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.
وڌيڪ لکڻ جي ضرورت نه آهي ته سائين حفيظ الله ڪيتري منزل رکي ٿو.

ربنواز سيال
لاڙڪاڻو
18.11.2011





”جــوڳـيــئــڙا جــهــان ۾، نــوري ۽ نــــاري،
ٻري جنين ٻاري، آءٌ نه جيئندس ان ريءَ“
(شاهه)
انتهائي دلعزيز شخصيت، ماکيءَ کان مٺڙو ۽ گلاب جي گلن جيان ٽڙندڙ مرحوم سائين حفيظ الله کوهارو جنهن پوري زندگي فنونِ لطيفه جي شعبه کي ارپي ڇڏي، ان جي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ تي دل کي ڏک ۽ صدمو پهتو. جڏهن اهو معلوم ٿيو ته هو انتقال ڪري ويو آهي. ان سان گهاريل گهڙيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي الله تعاليٰ صبر جي توفيق ڏئي. آمين

زاهد حسين هليو
هيڊ ماستر
ديني مدرسه هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻو
18.12.2011



سائين هڪ بهادر، هنس مُکُ ۽ نيڪ دل انسان هيو. موت ته هر ماڻهوءَ تي اچڻو آهي. پر موت سان مقابلو شايد ئي ڪوئي ڪندو آهي. سائين به رب جي رضا ۾ راضي هيو. سائين جهڙا ماڻهو گهٽ پيدا ٿيندا آهن. سائين جي لاءِ دعا آهي ته خدا ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ سائين جي خاندان کي الله تعاليٰ صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

رجب علي ڀٽو



اِنا لِللّٰہ و انا اليہ راجعون

سائين حفيظ الله کوهارو اسان جو هر دلعزيز، کلڻو مِلڻو سدائين چهري تي مرڪ ۽ پيار ڪندڙ انسان هو. الله تعاليٰ سندس جا درجا بلند ڪري ۽ پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏي. پوينِ ڏکويل خاندان کي هن صدمي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. (آمين)

علي اڪبر شيخ


He was very nice man. Always since look like a very competitive personality. I was very shocked to know about this demise (death). His contributions may remembered for the whole life.

Chander Lal

سائين حفيظ الله کوهارو هن فاني جهان کي ڇڏي اصل جهان ۾ پهتو. سائين حفيظ الله جهڙو استاد شال ڪو پيدا ٿئي. سائين پائلٽ اسڪول جو انمول تحفو هو. انسان انسان لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي سواءِ دعائن جي. منهنجي دعا آهي ته سائين حفيظ کوهاري کي الله سائين جنت ۾ جاءِ ڏي. (آمين)
سائين جي شخصيت نه وسرندڙ آهي، اسان جي دلين ۾ هميشه ياد هوندو.
علي عيسيٰ کوکر، محمد بخش کوکر
W.I هاءِ اسڪول
هيءَ نه واٽ هئا جي آهه نه ڪا تقليد
تحقيقاً توحيد آهه راهه رســـــول جــي
پيارو دوست حفيظ الله کوهارو اڄ اسان کان وڇڙي ان ديس هليو ويو آهي جتان ڪوبه موٽي نه ايندو. الله رب العزت سندس شان لاءِ مانُ مٿانهون ڪري ۽ جنت ۾ جاءِ ڏي. سائين هڪ مهربان دوست ۽ هڪ شفيق پيءُ ۽ هڪ سٺو استاد هيو. الله سائين سندس مغفرت ڪري. (آمين)
اياز حسين شيخ
18.12.2011



محترم حفيظ الله کوهارو هڪ شفيق انسان، مهربان دوست اڄ اسان کان وڇڙي خالقِ اڪبر سان وڃي مليو. الله رب العزت کان دعا آهي ته کيس پنهنجون رحمتون عطا فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي. (آمين)

امان الله سيال
18.12.2011



اي پيارا دوست هي اهو وقت آهي جنهن وقت تون اسان جي اچڻ جو انتظار ڪندو هئين ۽ اسان جي پهچڻ تي جُهمر هڻي آجيان ڪندو هئين.
اڄ راهه ۾ اڪيلو ڇڏي هليو وئين توکي ائين نه مناسب هيو. ڪٿان ڳوليون حفيظ ڪٿان ڳوليون حفيظ.
بس سڄي عمر جو وڇوڙو – الله سائين توکي جنت ۾ جاءِ ڏيندو. (آمين)

مقبول احمد سومرو
18.12.2011

ماٺيڻو سائين حفيظ الله چپ چاپ ۾ هيءَ دنيا ڇڏي ويو. محبت ۽ مرڪ سان ملندڙ سائين هميشه ياد رهندو. پنهنجي تڪليف ۽ پريشانين کي پاڻ تائين محدود رکندڙ سائين ڪڏهن ڪين وسرندو شال کيس الله سائين جنت ۾ جايون ڏي. (آمين)

ڊاڪٽر مظفر کوهارو
18.12.2014
پنج ۾ پهچي نه
ڏهه ۾ ڏسجي نه
سوَن ۾ سجهي نه
هزارن ۾ هجي نه
لکن ۾لڀي ڪونه
ڪروڙن ۾ ڪوڪو ماڻهو جنهن مان بوءِ اچي بهار.
شال الله تعاليٰ اسان جي استاد کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. (آمين)

سيف الله هليو

مـــــاڻــهـــو ســـڀ نه سهـــڻـــا، پکي ســـڀ نه هنــج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

مونکي هميشه ”حفيظ“ مان بهار جي خوشبو ايندي هئي. سائين حفيظ - الله سائين توکي جنت الفردوس عطا فرمائيندو.
مشتاق ابڙو


Late Hafeezullah Khooharo remained a best teacher & best friend. He was devoted & very sincere with his job. I pray to Almighty Allah that God may keep his soul in place & paradise.

Deedar Ali Balouch
Principal
GPHSS Larkana


جيئن ته مان قمبر مان پروموشن وٺي 1988ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ HST ٿيس. ان وقت کان وٺي سائين حفيظ الله کوهارو سان گڏ رهيس. سائين جن تمام شفيق، مهربان، هردلعزيز انسان هئا. غريبن جا همدرد هئا. پنهنجي سبجيڪٽ ۾ تمام ماهر هئا. سندس شمار لاڙڪاڻي بلڪه سنڌ جي هوشيار ۽ قابل ڊرائنگ ٽيچرس ۾ ٿئي ٿو.
منهنجي دعا آهي ته رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري. (آمين)

عبدالستار جانوري
هيڊ ماستر
هاءِ اسڪول پٺاڻ
تعلقه باقراڻي





جيئن ته مرحوم حفيظ کوهارو کي 1971ع کان مان تمام گهڻو قريب رهيس. 5.V گڏ ڪئي. ڪلاس ۾ تمام گهڻو سڀني شاگردن کي کلائڻ ۾ مصروف رهندو هو. ان کان علاوه 1990ع کان گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ گڏ رهياسين. ان دوران مرحوم حفيظ کوهارو کي دلچسپ – هر دلعزيز – مهربان – مخلص انسان ذات سان محبت ڪندڙ – هر ماڻهوءَ جي دل کسڻ وارو ڏٺو. مان ته ائين چوندس ته سائين هن دنيا کي ته ڇڏي ويو پر مري ڪونه ويو آهي ۽ هو هر ماڻهوءَ جي دل ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندو الله سائين کان دعا آهي مرحوم کي الله تعاليٰ پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي ۽ جنت الفردوس عطا ڪري. (آمين)

جان محمد سولنگي
HM. (Rtd)
18.12.2011