مهاڳ
“پاڻ ڳالهائيندڙ شاعري”
نوجوان شاعر جاويد نواز جي شعري مجموعي “منزل ڪٿي آ” تي دل جون ڳالهيون...
شاعريءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ اُن وقت ڏکيو ٿي پوندو آهي جڏهن شاعريءَ تي ذميواريءَ سان لکڻ يا ڳالهائڻ جو احساس شدت اختيار ڪري ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه سنڌي شاعريءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ گهڻي قدر سَطحي يا خانه پُري ڪرڻ ئي وڃي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن تي ڳالهائڻ يا لکڻ پڻ هڪ ذميوار ليکڪ لاءِ تِهائين مشڪلاتون پيدا ڪري وجهي ٿو. جائز تنقيد کي سمجهڻ لاءِ به هڪ سنجيدهه دل ۽ دماغ جو هجڻ ضروري آهي. ۽ تنقيد جي مختلف پاسن تي غور سان سوچڻ ۽ سمجهڻ به هڪ تخليقڪار لاءِ بنهه ضروري آهي نه ته اها ڪنهن به لکڻيءَ تي سنجيدگيءَ سان ڪيل تنقيد شاعر لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ بجاءِ منفي اثر مُرتب ڪري وجهندي. شاعري بذات خود هڪ خيال، احساس يا ڪيفيت هوندي آهي جڏهن ته شاعريءَ جون صنفون توڙي اُن جو فن هُن کي هڪ قسم جي ترتيب ڏئي سٽاءُ ۾ آڻي مترنم بڻائي ڇڏيندو آهي. منجهس ڪَن رسَ ۽ دل آويزي پيدا ڪندو آهي ۽ پوءِ انهن سڀني جُزن جو ميلاپ هڪ روح ۾ لهي ويندڙ تخليق جي روپ ۾ ظاهر ٿي پوندو آهي.
غزل سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن جي هيئت ڏاڍي دلربا ٿئي ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل ٻين ٻولين جيان ڀرپور لکي ويندڙ صنف آهي، جنهن ۾ هاڻ اُهو فارسي زده روايتي انداز تخليقي شاعريءَ جي ذِمري کان ٻاهر نڪري چُڪو آهي، ٻولي توڙي ماحول جي نُدرت هِن صنف کي اهڙي ته وسعت بخشي آهي جو هي صنف هر ٻولي جي ادب ۾ نِج ان جي پنهنجي صنف بڻجي پئي آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ جي محبوب صنف غزل ۾ دل جو اظهار ڪرڻ ڪو آسان ته ڪونهي! پر اهو جنهن کي به ڀانءِ پوي ۽ سندس طبيعت سان ٺهڪي بيهي ته ان کي ئي غزل پاڻ منتخب ڪري سندس اظهار کي اُڏار بخشيندو آهي.
نوابشاهه جي ادبي ماحول ۾ جاويد نواز جو نانءُ پڻ غزل جي حوالي سان سڃاپجي ٿو. جاويد نواز شاعريءَ جي پيچري تي الائي ته ڪڏهن پير پاتو هو، پر جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه جي معرفت منهنجو ساڻس تعلق جُڙيو ته اُهو ڪنهن به روايتي واسطي کان هٽي ڪري هڪ خاص لاڳاپي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ پوءِ صبح توڙي شام رستن جون رولاڪيون ڪندي، شاعري پڙهندي ۽ ٻڌائيندي ڪيترو ئي وقت گڏ گڏ گذري ويندو هو پر جيئن ته وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جهڙيون نه رهنديون آهن تنهنڪري پاڇي جيان گڏ گڏ رهندي به پنهنجين پنهنجين زندگين جي مصروفيتن جي چِکيا تي اهڙو ته چڙهياسين جو هر ڪو پنهنجي پنهنجي گُهرجن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهجي ويو. ڇا به هو پر هڪ شيءَ سدائين ساڻ ئي رهي، هڪ شاعري ۽ ٻيو تعلق جي تقدس جو احساس. جنهن جي آڌار تي جڏهن به ۽ جتي به ملياسين پنهنجائپ جو دامن اجرو ئي رهيو.
جاويد نواز جي شاعري/غزل ٻُڌي توڙي پڙهي مان سوچيندو آهيان ته جاويد جي دل تي شاعري ڪنهن پکيءَ جيئن لَهي ٿي، نديءَ جيان سندس رت ۾ وهي ٿي، خوابن جيان نيڻن ۾ لهي ٿي، احساسن ۾ ڪَتِين جيئن ڪر موڙي ٿي، ڪينجهر جيان منجهس روح ۾ ڇُلي ٿي يا خوشبوءِ جيان سندس ساهن ۾ مهڪي ٿي.
دراصل شاعري لفظن جي ڪيمياگريءَ جي هڪ نرالو ۽ اعلى فن آهي. خيالن جي نت نئين جاکوڙ آهي، درد جي صندل جي ڀيني ڀيني مهڪ آهي. جيڪا حواسن کي معطر ڪري دل کي اتساهه بخشيندي آهي.
جاويد نواز توڙي جو شاعري بنهه گهٽ لکي آهي پر جڏهن به هُن ڪو غزل لکيو آهي ته اهو دل جي گهراين تائين رسائي پائي وٺندو آهي. هرڻيءَ جي ڇال جهڙا نفيس غزلن جا شعر وڏي پختگيءَ جي رنگ ۾ رچيل، دل جي بٺيءَ ۾ پَچي راس ٿيل سِٽون ڪن رَس سمائي اندر ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏينديون آهن.
مون کي سندس غزل ٻڌي شاعريءَ سان اُنس وڌي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو وڏي سِٽاءُ سان غزل لکي ٿو، جنهن ۾ تغزل جو رنگ ڄاڱري ٻيرن جيئن رتل ۽ پڪل محسوس ٿيندو آهي. رديف ۽ قافيي جو ڀچاءُ، يا وزن جي ٺيڪ بيهڪ، لفظن جي سٺي چونڊ، خيالن جي سادگيءَ جو هڳاءُ، ڪڪوريل دل جون ڪيفيتون، خواب، انتظار، وڇوڙا، تنهايون، درد، اوجاڳا، وغيرهه جاويد نواز جي شاعريءَ جا محرڪ آهن. ڇاڪاڻ ته شاعري سدائين دل جي پڌر تي لڙڪن جا موتي ئي چُڳڻ لاءِ لهندي آهي ۽ وري اک ڇنڀ ۾ الُوپ ٿي ويندي آهي جيئن رات جو آسمان ۾ کِڙندڙ ڪنهن ستاري جو ڏيک هوندو آهي.
* لـڙڪ لاڙي وٺـان ٻه ٽي اُن تي،
خالي ڪاڳر نه ٿو وڻي مون کي.
* مـان به تـوسان لـڇـان ٿـو پيو،
مـون ۾ تنهنجو بـدن ٿـو رهي.
* پنهنجي حصي ۾ آئي سدائين ٻُــڙي،
ضرب، ڪٽ، ونڊ ۽ جوڙ کان پوءِ ڀي.
* اڄ ته ڪــو غـم به ڪـونه آ لـيـڪن،
ڇو نه مون کان ٿو مسڪرايو ٿئي.
* چـپـن جي ڍنـڍ آڇـيندين،
ڪنول وانگر ٽڙي پَونديس.
* تـنهنجي نـيـڻ نـهـار ۾ آهيون،
ڄـڻ ته رنگن جي ڄار ۾ آهيون.
* پنهنجي هستي رکي جلائي مون،
رات مشعل ڪري ڇڏيو مون کي.
*ڌيان پنهنجو هُن سهيڙي هو ڇڏيو،
ڇـا ڏٺـو هـو نـيـٺ هـن اخـبـار ۾.
* ڪارو دونهون ڪاريهر ٿي،
روز هـڻي ٿو ڏنـگ هـوا ۾.
* ناهي رنگين هوندو ڪو منظر،
رنــگ هوندو سـڄـو نـظر ۾ آ.
* ڪيتري اڄ ڪَٽي آ مشڪل سان،
رات سـوڙهي گهٽي آ ٿـي ويئي.
٭ زندگي! تنهنجي صورت آ بڻجي وئي،
هُوءَ مـنهنجي ضـرورت آ بڻجي وئـي.
* درد بيحد ڪري ڇڏيو تنهنجي،
دل جـو دامــن وڃـي پکيڙيندو.
* منهنجو جيون رهيو نه آ منهنجو،
منهنجو جيون ٿو گذاري ڪوئي.
* پاڻ کي تون چٽو ڏسي سگهندين،
ٿــورڙو دُور ڪــــري آئــيــــنو.
* ڪيترو پُٺتي هو رهجي ويو بدن،
ڪيترو اڳتي وڌي ويو هوس مان.
* هڪڙي گهر کي هُو هڪڙو بنائڻ جي لئه،
هـڪـڙي ديـوار ۾ در نـه ٺـاهي سگهيو.
* نيڻ ڪنهن جا پڙهڻ ڪونه آيا ڪڏهن،
ڇا مليو مون کي ايڏي پڙهائي ڪري.
* هانـوَ ســڀ جا ڇــڳا پــيا آهن،
ڪير منهنجي ڪندو مسيحائي.
* ڪـيـڏي آلـودگـي وڌي وئـي آ،
پنهنجي خوشبو گلاب ڳولن ٿا.
مٿي مختلف غزلن جا شعر جاويد نواز جي ايندڙ ڪتاب “منزل ڪٿي آ”
مان چونڊ ڪري هت ڏنا اٿم، جن کي پڙهندي بي ساخته منهنجي هٿ ۾ جهليل پين کين ٽڪ ڪندي وئي. جن جي مختلف ڪيفيتي رنگن ۾ منهنجي دل به رنگين ٿيندي وئي. سچ اهو به آهي ته اِهي شعر مون سان محوِ گفتگو رهيا آهن. منهنجي ڪيفيتن سان هم آهنگ ٿي منهنجي ذاتي محسوسيات ۾ تبديل ويا آهن. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي مان جڏهن لوڪ، ڪلاسيڪل يا جديد شاعري پڙهندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن ان شاعريءَ مان ڪجهه شاعري مون سان ڳالهائڻ لڳندي آهي. پنهنجي نين معنائن سان مون تي نئين انداز ۾ آشڪار ٿيندي آهي. جنهن تي ڳالهائڻ يا لکڻ کان وڌيڪ اُن کي پڙهي پڙهي پُرجهڻو پوندو آهي. اُن ۾ موجود درد جي آفاقي ذائقي کي چکڻو پوندو آهي. اُن جي ڪيفيتن جي ڍنڍ ۾ لهڻو پوندي آهي، ظاهري لفظن جي شڪل، صورت توڙي معنى کان مٿڀرو ٿيڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪو اُن شاعريءَ جي تند سان روح سلهاڙبو آهي.
سچ ته اڄ جاويد نواز جي هي شاعري پڙهي مان ساڳي صورتحال مان گذري رهيو آهي، انڪري بجاءِ جو مان ڪنهن ماهر سرجن جيان ويهي سندس شاعريءَ جي سرجري ڪرڻ شروع ڪيان يا پنهنجي اجائي روايتي فلاسافي ويهي پڙهندڙ يا شاعر تي مَڙهيان، تنهنڪري مان چاهيندس ته توهان به جاويد نواز جي شاعريءَ کي هڪ خاص وقت ڏئي غور ۽ فڪر سان پڙهو ته جيئن جاويد جي شاعري مون سان مخاطب ٿي پنهنجين اصل حُسناڪين سان منهنجي دل کي پُرڪيف ڪيو آهي تيئن اوهان به شاعريءَ جي روح تائين پهچي سندس اصل آواز ٻُڌو، جيڪو هُو اوهان سان اوهان جي ڪيفيتي ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿي چوڻ چاهي ٿي، ڳالهائڻ چاهي ٿي..!
بخشل باغي
(3-10-19)