سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”سنڌ ۽ عدليہ کان انتظاميہ جي علحدگي“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب آزاد قاضي آھي.
ھن ڪتاب ۾ شامل سائين جي ايم سيد جو مضمون پراڻو آھي يعني جڏھن سنڌ تي انگريزن جي حڪومت ھئي ۽ جي ايم سيد سنڌ مان چونڊيل ايم ايل اي (Member of Legislative Assembly MLA) ھيو . تن ڏينھن ۾ سائين جي ايم سيد جنھن تڪ تان چونڊيل ھيو سو ھاڻوڪي ڪراچيءَ جي ضلعن، ٺٽو ۽ دادو ضلعن تي مشتمل ھيو. انھن ڏينھن ۾ پڻ عدليا ۽ انتظاميا جي ساڳي ڳٺ جوڙ ھئي جيڪا ھن وقت آھي. جي ايم سيد ان وقت انگريزي ۾ ھڪ مضمون لکيو ھو Sindh & Separation of Judicial from Executive جي عنوان سان. ڇاڪاڻ تہ ھاڻي بہ صحيح نموني سان ايگزيڪيوٽو ۽ جڊيشل ھڪ ٻئي کان آزاد ۽ ڌار ناھن تنھنڪري سائين جي ايم سيد جي ھن مضمون کي سنڌيءَ ۾ پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ۾ مضمون بابت مقدمو، تبصرا، رايا ۽ لاڳاپيل مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب جي ايم سيد لٽريري سوسائٽي، ڪراچيءَ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي