سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”شفق وارا ڇانورا“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
تبسم جي شاعريءَ جي ٻولي سٻاجهي، سرل ۽ ڪومل آھي، ان ۾ احتجاج بہ نفيس آھي تہ شڪايت بہ نفيس آھي. عبدالغفار تبسم کي پنھنجي احساسن، اُڌمن، ڏوراپن ۽ پيار جي تخيل کي شاعريءَ واري انداز ۾ نھايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ٿو، جيڪو ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود شاعري رڳو پيار جي چئوگرد ڦيرا پائي رھي آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1982ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ سنڌ پبلشنگ ھائوس، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي