سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ قومپرست سياسي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ”روءِ داد ھڪ رات جي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي مسئلن ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي اندروني معاملن سان گڏ هڪ رات جيل جي ديوارن پويان گذارڻ واري وارتا جو ذڪر پڻ آهي. هيءُ ڪتاب مختلف موضوعن ۾ ورهايل آهي، ابتدا ۾ جسقم جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ڏانهن لکيل خط ڏنل آهي، جنھن ۾ ليکڪ پاڻ مٿان آيل الزامن بابت وضاحت ڪئي آهي. ڪتاب ۾ ’حقيقت هن حال جي‘ ۽ ’هڪ رات جي واردات‘ جي عنوان سان ليک شامل آهن. هيءُ ڪتاب مجموعي طور تي جسقم اندر پيدا ٿيل اختلافن بابت لکيل آهي. جنھن ۾ ليکڪ مختلف ثبوت ۽ شاهديون ڏئي پاڻ کي الزامن مان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ ھوشو پبلشرز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي