ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تو بِن اداس من

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: توبِن اداس من
ليکڪه: ايس نرگس حق
موضوع: ناول
ڇاپو: پهريون
سال: 2021ع
ٽائيٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: ثريا سولنگي
ڇپائيندڙ: الشفيع پبليڪيشن مارڪيٽ روڊ دادو
قيمت 500 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


TO BIN UDAAS MUNN
NOVEL
By S. NARGIS HAQUE
First Edition 2020 Computer composing Suraiya Solangi
Title Mour Sagar
Published by Al Shafi Publication
Market Road Dadu Sindh
Price Rs. 500/

انتساب

منسوب ڪيان ٿي
ڀاءُ محمد بخش سميجو
جي نانء
جنهن منهنجي هن ڪهاڻيءَ جو اسڪرپٽ ڏسي
مونکي وڌيڪ لکڻ لاء اتساهيو
۽
ڀاءُ روشن علي سولنگي
ڏانهن
جنهن منهنجي آڏين ابتين لکڻين تي به
وڏو فخر محسوس ڪيو.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ايس نرگس حق جو لکيل ٻيو ناول ”تو بِن اُداس مَن“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.
ھي ڪتاب الشفيع پبليڪيشن، دادو پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون رجب آزاد جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

ادبي کيتر ۾ جتي نوجوان اديب ۽ تخليق ڪارادبي ڪاوشن کي مالامال ڪرڻ ۾ مضروفِ عمل آهن، اتي اسان جا سينئر اديب به پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي کي يڪجاء ڪري پنهنجون نڪور تخليقون، مختلف صنفن جي حوالي سان ادب جي جهول ۾ وجھي رهيا آهن. جيڪي نوجوان ليکڪن لاء وڏي اتساه جو سبب بنجن ٿيون
محترم ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنهنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنهنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
سال 2015ع ۾ سندس ناول ”اداس راهون مان تنها“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هو، جنهن کي سنجيده اديبن ۽ پڙهندڙن مانائتي موٽ ڏني هئي ۽ اهائي موٽ سندس اتساه جو باعث بڻي. جنهن جي نتيجي ۾ سندس هي ٻيو ناول، “ تو بن اداس من “ اوهان سڄاڻ سڄڻن جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ بيحد خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. مشهور شاعر ۽ مفڪر جان هينري نيومن انساني فڪر خيال ۽ احساس، جيڪي زبان ذريعي لفظن ۾ بيان ڪيل هجن، تن لفظن کي ”ادب “ ڪوٺي ٿو. يعني ادب زندگي جو ترجمان آهي ۽ اظهار جو مئوثر ذريعو پڻ، جنهن جي رستي تي هر اديب پنهنجي وس آهر عمل پيرا آهي. اميد ته الشفيع پبليڪيشن دادوءَ جي هي ننڍڙي ڪاوش اوهان وٽ عزت ۽ مانُ لهندي.
اوهان جي مثبت موٽ ۽ راءِ جو انتظار رهندو.

رجب آزاد
سيڪريٽري
الشفيع پبليڪيشن دادو

پنهنجي پاران

مون هن کان اڳ ۾ به حادثاتي طور هڪ ڊرامه / ڪم ناول لکڻ جي ادنى ڪوشش ڪئي هئي جنهن جو مڪمل احوال ”اداس راهون مان تنها“ جي پيش لفظن ۾ ڪيو هيم. مان نه ته اديب آهيان نه مصنف. جو منهنجي ڪا لکڻي ان معيار تي پرکجي سگھي. بس لکڻ جو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي، ان ڪري آڏا ابتا جمله جوڙي ڪهاڻيء جو روپ ڏئي پنهنجي ان شوق کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهيان. مونکي ياد آهي جڏهن منهنجو گھر وارو حق نواز نوڪري سانگي سکر ويل هو ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ڪو خط يا مراسلو موڪليندي هئس، ته هو هميشه ان تي تبصرو ڪندي چوندو هو ته ”سٺو ٿا لکو، ته پوء لکو ڇونه ٿا.“ ائين اديب يا مصنف ته نه بنجي سگھيس البته لکاري يا لکڻ واري چئي سگھجي ٿو.
موجوده ڪهاڻي جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي ته مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنهن اسڪرپٽ پڙهي چيو ته تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نه ٿو ته ڪنهن پهريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪهاڻي کي ٻيهر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ان کانپوء مون کيس ”اداس راهون مان تنها“ سيريل جو اسڪرپٽ ڏيکاريو ته پاڻ چيو هئائون ته مان اها سيريل پاڻ ڪندس. پر بدقسمتي سان سندن طبعيت خراب ٿي وئي ۽ جلد هو اسان سان نه رهيا. ان کان پوء مون اهو سيريل پي ٽي وي جي سينئر پروڊيوسر جناب مقبول شجراه صاحب کي ڏيکاريو، جنهن جو احوال مان پنهنجي گذريل ناول ”اداس راهون مان تنھا“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. اهو سيريل آن ايئر ته نه ٿي سگھيو، البته مقبول شجراه صاحب ڪمپنسيٽ ڪندي منهنجا ٻه سولو پلي ”انتها“ ۽ ”لمحن جو احساس“ ضرور ٽيلي ڪاسٽ ڪيا،
هي اسڪرپٽ ائين ئي پيل رهيو، مصروفيتن جي باعث مان ان تي ڪم نه ڪري سگھيس. ”تو بن اداس من“ جي ڪهاڻي مونکي تمام گھڻي دل کي ڇهندڙ لڳي هئي ۽ جيئن ئي فرصت جا لمحا ميسر ٿيا ته مون ان تي طبع آزمائي شروع ڪئي. ائين ڪتابي شڪل ۾ اوهان پڙهندڙن آڏو حاضر آهي. لکندي لکندي شايد ليکڪ بنجي سگھان. دعا ڪري سگھجي ٿي، آمين.

ايس نرگس حق

فيس بڪ تي دوستن جي راءِ

فيس بڪ تي دوستن جي راءِ لاءِ رکيل
ناول ’تو بن اُداس من‘جون ڪجھه سٽون

”ماريه تون به عجيب آهين، توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ. توکي ته بنا سپنا پسڻ جي، سڀ ڪجھه ساڀيان ۾ ملي ويو. تشنه آرزوئون جڏهن خوابن ۾ پوريون ٿيڻ لڳنديون آهن نه ته سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ اهو درد اڃان به سوايو ٿي ويندو آهي، هر شي اسان جي پهچ کان دور جو هوندي آهي........“
” اڄ جو ڏينهن غزل لاءِ ڪيترائي سرپرائيز ۽ پيغام کڻي آيو هو، هوء پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ۽ هوائن ۾ محسوس ڪري رهي هئي. ورهين جا ٿڪ دور ٿي ويا هئس. کيس زندگي گذارڻ جي نئين جهت ملي وئي هئي. ايترو عرصو رُڃ پويان ڊوڙندي ڊوڙندي پير پِٿون جو ڪري ڇڏيا هئائين، اڄ کيس اها پروڙ پئي هئي. ته اسان انسان ڪيترا خودغرض، مطلبي ۽ موقعا پرست هوندا آهيون، پاڻ ئي خواب اڻندا آهيون ۽ تعبير نه ملي ته پاڻ کي ئي لهولهان ڪري ڇڏيندا آهيون، “
”مونکي الائي ڇو ائين پيو لڳي ته هي صورت منهنجي لاء اجنبي ناهي، بلڪه هن سان ورهين جي ڪا شناسائي آهي، وري وري منهنجي اندر مان هڪ آواز اڀري ٿو ته هن مورت جو منهنجي جيون سان ڪو گهرو ناتو آهي، ” بس ڪر غزل پليز، ڪنهن ٻڌي ورتو ته هرو ڀرو تنهنجي ذهني حالت تي شڪ ڪرڻ لڳندو..........“
”مس غزل شفيع پنهنجي ئي تراشيل هن شاهڪار مورت ۾ ايڏي گم ٿي وئي آهين جو دنيا و مافيها کان بي خبر الائي ڪهڙن خيالن ۾ غرق آهين، مجسمي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جو پروگرام آهي ڇا؟ “
غزل اچانڪ پارس جي ائين تبصرو ڪرڻ تي ڇرڪجي هن طرف نهاريو ۽ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ کانئس پڇڻ لڳي، ”ڏس پارس هي مورت ڪيڏي نه پر ڪشش پئي لڳي. بلڪل منهنجي تصورات وانگيان.سوچيان پئي ته ڇا هي صورت حادثاتي طور وجود ۾ اچي وئي آهي يا ان ۾ منهنجي اندر جي ڪنهن دٻيل خواهش جو اظهار پوشيده آهي.“ پارس هن جي اهڙي فلسفيانه اندازِ گفتگو تي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي.

مٿي لکيل فيس بڪ تي رکيل سِٽن تي پڙهندڙن جي راءِ
جناب اعجاز سمون...... هر تخليق پنهنجي سڃاڻپ پاڻ کڻي ايندي آهي....... هي ناول به پنهنجي سڃاڻپ سان گڏ سنڌي ادب ۾ هڪ پنهنجي سٺي ۽ الڳ جڳهه بڻائيندو ۽ سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ کي پورو ڪندو.
جناب صلاح الدين پنهور.......ڀليون سٽون
جناب امان ڀٽي........ واه! سپر ٿاٽ ..بهترين سٽون ميڊم سدا سُرها هجو، سلامت رهو.
جناب محمد اشرف جويو...... دوز ڊيز دوز لائينس
جناب مصطفى ڪمال پٺاڻ....ميڊم تمام شاهڪار سٽون.
جناب سولنگي منظور....آپا هي سٽون واه جون آهن. وڏو خوش نصيب آهي اهو ڪردار ، جنهن لاء اهي لفظ لکيا ويا هجن.
جناب غلام سرور لغاري......واه ! ناول لاءِ بيچيني سان انتظار رهندو.
جناب مهر احسن الحق..... زبردست
محترمه ايڊوڪيٽ فائزه سولنگي.....بيوٽيفل لائينز
محترمه عذرا سلطان........زبردست سپرب
محترمه قمرالنساء شورو.... واه! واه! زبردست سٽون آهن ناول ڪڏهن ايندو،پليز ايترو انتظار نه ڪرايو، جلد ناول جو ديدار ڪرايو
محترمه نسيم خان محمد انڙ.....نائس لائينس لَو دس
محترمه بلقيس شفيع......اها وندر زبردست آهي، لکيل بهترين آهي، گڊ رائيٽر واه! زبردست
محترمه للين چارلس........يو آر جينيس لوَلي لائيز
جناب شير محمد کهاوڙ.....واه ! هارٽ ٽچنگ لائنز
جناب عابد خان........ بهترين
جناب راشد مرکياڻي.....تمام سٺيون لائينز ميڊم
جناب مظهر ملاح........ سو نائيس
جناب علي فهد..... تمام سٺو لکيو اٿوَ ڪڏهن ٿو اچي ناول، انتظار رهندو
جناب رابيل سولنگي.... سٽون پڙهندي ائين لڳو ڄڻ هي صرف منهنجي لاء لکيون ويون هجن، الائي غزل جو اهو آئيڊيل شاهڪار ڪير هوندو .اشتياق وڌي ويو آهي.
محترمه پنڪي سولنگي....ايڏي مشڪل سنڌي اسان لاءِ ته پڙهڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو، اڳيون توهان جو ناول به اٽڪي اٽڪي پڙهيو هيم پر ٺيڪ آ ائين پڙهندي پڙهندي سکي وينداسين بهرحال دل کي ڇهندڙ لائينز آهن، ناول اچي ته خبر پوي. اميد ته توهان نيڪسٽ اردو ناول لکندا، انشاء الله
محترمه عظميٰ شاهه.........بهترين سٽون، لَو يو، نائيس لائينز
محترمه ماريه ميمڻ.......آنٽي آپ ني ميرا نام ناول مين يوز کيا هي ٿينڪس، ويري نائيس لائينز......

1

هر طرف رنگ برنگي لباس اوڍيل ناريون ڪن جي هٿن ۾ برش ڪينواس ۽ ايزل جي سامهون پنهنجي ٺاهيل تصوير جي نوڪ پلڪ سنوارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ته ڪي پٿر ۽ ميڻ جي تراشڻ جا قلم کنيو پنهنجي پنهنجي گھڙيل مورتن کي غور سان نهاريندي انهن جي نقش و نگار کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي پنهنجي پنهنجي ڪاوشن ۾ رڌل هيون.
لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ غزل شفيع فائن آرٽ جي تربيت لاءِ هتي آيل هئي . غزل ڇويهن ستاويهن سالن جي هڪ نازڪ نفيس، من موهڻي صورت جي مالڪ ناري جنهن جو تعلق وچولي درجي جي خاندان سان آهي جنهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فائن آرٽ جي تعليم حاصل ڪئي. کيس مجسمه سازي جو شوق جنون جي حد تائين هو ۽ هن ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ٿي چاهي، هن جي ان شوق کي آڏو رکندي سندس والد کيس وڌيڪ سکيا لاءِ لاهور اماڻيو. جتي هوءِ نهايت لڳاو ۽ شوق سان مجسمه سازي جي سکيا لاءِ ڪوشان آهي. هن پنهنجي تربيت دوران ڪئي مجسمه گھڙيا، هن جو هٿ آهستي آهستي صاف ٿيندو پئي ويو. فائينل سال ۾ کيس هڪ نوجوان جو مجسمو گھڙڻ جي اسائنمينٽ ملي، ڪاليج ۾ هن جي ساٿي فنڪارن کي پڻ مختلف قسم جون اسائنمينٽس ڏنيون ويون هيون جن تي هرڪو گھڻي کان گھڻي محنت ۽ فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهائڻ جا جتن ڪري رهيو هئو. هر هڪ جي اهائي ڪوشش هئي ته هن ڪاليج کي الوداع ڪرڻ وقت هو پنهنجي سکيا جا شاهڪار نشان ڇڏي وڃي.
غزل شفيع به جنهن مجسمي تي ڪم پئي ڪيو سندس هر ممڪن سعي هئي ته سندس تراشيل مورت فن جي معراج جي بلندين کي ڇهي. ان ڪري هوءَ باقي سڀني جيان پنهنجي اندر جي تمام تر اونهائين سان ان جي نوڪ پلڪ سنوارڻ ۾ پنهنجو گھڻو وقت صرف ڪرڻ لڳي ۽ جيئن جيئن هن جي گھڙيل مورت جا نيڻ و نقش اجاگر ٿيڻ لڳا ته هوءَ اهو ڏسي دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳندي هئي،
”هيء صورت ته منهنجي ڄاتل سڃاتل ٿي لڳي، هو بهو منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ وسندڙ ان آدرش جهڙي. ڀلا اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي، شايد منهنجي سالها سال اندر جي اونهاين م پلجندڙ ان تخيل کي منهنجي هٿن حقيقت جي روپ ۾ گھڙي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.“
هن مورت کي پسندي ڪنهن ڪنهن پل هن جي دل ۾ هڪ بي معنى خواهش ڪر کڻڻ لڳندي هئي،
”ڪاش! هن دنيا ۾ هن مجسمي جهڙو جيئرو جاڳندو ڪو وجود ظاهر ٿي پوي جيئن منهنجي هٿن هن ميڻ کي صورت ڏني آهي.“
پنهنجي ..ئي خيال ۽ بيوقوفاڻي سوچ تي کيس شرمساري ٿيندي هئي. ليڪن جيئن جيئن ان شڪل جا خد و خال وڌيڪ واضع ٿيندا ويا هن جي اها لا حاصل خواهش به پختي ٿيندي پئي وئي. هڪ ڏينهن هن جي ساٿي فنڪاره پارس، جيڪا هن سان گڏ هاسٽل جي روم ميٽ هئي، سندس واسطوسنڌ جي حيدرآباد ضلعي سان هو ۽ ان دوران هن سان ڪافي گھرائپ ۽ ويجهڙائي ٿي وئي هئي، هن جي ڀر ۾ اچي بيٺي، غزل ان وقت مجسمي جي آڏو اهڙي انداز ۾ بيٺي هئي ڄڻ ڪا پوڄارڻ پنهنجي ديوتا آڏو بيٺي هجي.
پارس هن کي اهڙي ڳوڙهي سوچ ۽ انهماڪ ۾ غلطان ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ سندس نگاهن جي مرڪز ڏانهن سندس نظرون کڄي ويون ته رڙ ڪندي چوڻ لڳي.
”اومس غزل شفيع !پنهنجي ئي تراشيل شاهڪار ۾ ايڏي گم ٿي وئي آهين جو دنيا ومافيها کان بي خبر الائي ڪهڙن ويچارن ۾ غرق ٿي وئي آهين. مجسمي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جو پروگرام آهي ڇا.؟“
غزل اچانڪ هن جي ائين تبصرو ڪرڻ تي ڇرڪجي هِن طرف نهاريو۽ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ کانئس پڇڻ لڳي،
”ڏس پارس! هيء مورت ڪيڏي نه پرڪشش ۽ حقيقت جي ويجھو پئي لڳي، بلڪل منهنجي تصورات وانگيان. سوچيان پئي ته ڇا هيء صورت حادثاتي طور وجود ۾ اچي وئي آهي يا ان ۾ منهنجي اندر جي ڪنهن دٻيل خواهش جو اظهار پوشيده آهي.
پارس هن جي اهڙي فلسفيانه انداز گفتگو تي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي.
”واه غزل بيگم واه ! ڪاٿي ائين نه ٿئي جو تون هن مجسمي کي زنده -سلامت ڏسڻ جي تمنا دل ۾ پالي ويهين۽ شهر شهر گائون گائون نڪري پوين ان پنهونء جي تلاش ۾ ۽ وتين سسئي جيان پنهون پنهون ڪندي جبل جھاڳيندي. منهنجي دوست ڪڏهن ڪڏهن مصور پنهنجي خيالي تصويرن ۾ اهڙا ته رنگ ڀريندو آهي جو ان تي حقيقت هجڻ جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي، پر اهو صرف ان مصور جي تخيلاتي ڪاوشن جو ڪمال هوندو آهي. مصور هجي يا مجسمه ساز ، هو پنهنجي آڱرين جي جنبش سان اهڙا حسين يا ڀيانڪ چِٽ چِٽيندا آهن جو اهي فن جي دنيا جا عظيم شاهڪار بنجي ويندا آهن، جيئن مونالزا جي مُرڪ جيڪا ڪنهن مصور جو اهو عظيم شاهڪار آهي جنهن رهندي دنيا لاءِ ان مُرڪ کي مثالي بنائي ڇڏيو. ۽ اڄ به ڪنهن حسين مسڪراهٽ کي ان سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهي خيالي ئي هوندا آهن. ۽ فنڪار جي اندر جي گهراين ۾ ڪٿي ضرور موجود هوندا آهن ، اهي هن ڌرتيء تي موجود ڪنهن شخص جي شبيهه به ٿي سگھن ٿا، يا جيڪڏهن ڪوانهن کي ڪنهن زنده شخص سان مشابهت ڏيڻ چاهي ته اهو ان فنڪار جي تصور جو حقيقي روپ ٿي سگھي ٿو..“
غزل سندس ڳالهيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪندي سندس هٿ جھلي ٽيبل تي رکيل ان مجسمي جي آڏو آڻي بيهاريو،
”پر مونکي الائي ڇو ائين پيو لڳي ته هي صورت منهنجي لاءِ اجنبي ناهي بلڪه هن سان ورهين جي شناسائي آهي. بار بار منهنجي اندر مان هڪ آواز اڀري ٿو ته هن مورت جو منهنجي جيون سان ڪو گهرو ناتوآهي. “
پارس هن جي اهڙين تخيلاتي ڳالهين تي زچ ٿي وڃي ٿي ۽ چڙ مان چوڻ لڳي،
”بس ڪر غزل پليز! ڪنهن ٻڌي ورتو ته تنهنجي ذهئي حالت تي شڪ ڪرڻ لڳندو. اٿي ته هاسٽل هلون، گھڻي دير هتي ويٺينء ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ پهچي ويندينء. “
ائين چئي کيس ٻانهن کان جھليائين ته هوء بي دليء سان اتان هٽي پارس سان گڏ هاسٽل هلي آئي.
غزل ننڍپڻ کان ئي فنڪاراڻه طبعيت ماڻي هئي، گڏين راند ڪندي هئي ته اهڙيون خوبصورت گڏيون ٺاهيندي هئي جو انهن کي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. سندس اهو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. هاءِ اسڪول ۾ پهتي ته مٽيء جا خوبصورت مجسما جوڙڻ هن جو خاص مشغلو بنجي ويو.
گھر ۾ سڀني شروع ۾ ته هن جي ان شوق تي ڪافي اعتراض واريا، ماء جا هر وقت دڙڪا کائيندي هئي ته،
”کيس ڪو ڌياڻو ارڪان ڪونهي نه سلائي ڪڙهائيء جو ڌيان نه رڌ پچاء سان ڪو لڳاءُ ۽ نه وري گھر جي سجاوٽ جو ڪو سليقو،” اَن جو منهن جنڊ ڏانهن“ آخر ته کيس پرائي گھر وداع ٿيڻو آهي. اتي وڃي هن کي ڏينهن رات طعنه تُنڪا ٻڌڻا پوندا ته واه جو مائٽن کيس ارڪان سيکاريو آهي. اتي مائٽ پيا پُڻبا، خاص طرح ويچاري ماءُ جي شآمت آيل هوندي، ڪجھ ته ڌيڻپو به سِک. پر هن هميشه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي پيئي ڇڏيو ۽ پنهنجي ئي ڌُن ۾ مست مگن رهي. سندس شوق ويو وڌندو. سندس پيء هن جو جنون جي حد تائين پهتل شوق ڏسي پهرين ته کيس فائن آرٽ جي ٿعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺرائي . جتي هن فنِ مجسمه سازي ۾ سکيا ورتي. پر اتي به هن جي شوق جو پورائو نه ٿيو ته هن لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ مزيد سکيا لاءِ پيء کي مجبور ڪيو. پڻس کيس پنهنجي مالي مجبوري ٻڌائي ته،
”هو کيس ايترو پري نٿو موڪلي سگھي. هن جا ٻيا ڀاءُ ڀيڻ به زير تعليم آهن هو هڪ سترهين گريڊ جو سرڪاري آفيسرآهي، جنهن وٽ ايڏا وسيلا ڪونهن جو هو لاهور جي پڙهائي جو خرچ برداشت ڪري سگھي.“
پر هوء پنهنجي ضد تي ڳنڍ ڏئي بيهي رهي،
”بابا مان ڪوشش ڪنديس ته شام جا ڪلاس جوائن ڪريان ۽ ڏينهن جو ڪا ننڍي وڏي نوڪري ڪري پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھان.يقين ڪريو مان توهان تي وڌيڪ بار بنجڻ به نه ٿي چاهيان. “
”ٺيڪ آ، جيئن تنهنجي مرضي، مان تنهنجي شوق آڏو رڪاوٽ بنجڻ نه ٿو چاهيان .“
ماءُ گھڻوئي سمجھايس، دڙڪا دهمان ڏنائينس، پر هوء نه مڙي ۽ هڪ تي ٿي بيٺي. اهڙي طرح هن آن لائين ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڇڏي. گذريل ٻن سالن کان هوء اتي سکيا وٺي رهي هئي.
مجسمي تي ڪم ڪندي غزل جي محويت جو اهو عالم هوندو هوجو هوءَ ارد گرد جي ماحول کان بيخبر ٿي ويندي هئي. ڪير آيو ڪير ويو، هن کي ان سان ڪا غرض نه هئي. هن تي ته بس اهو جنون سوار هو ته هي مجسمو ڪنهن به طرح سندس تخليق جو اڻ وسرندڙ شاهڪار بنجي وڃي.جيئن جيئن مجسمي جا نقش و نيڻ چٽا ٿيندا پئي ويا، هن جي اندر جي آنڌ مانڌ وڌندي پئي وئي. من اندر هڪ مانڌاڻ متل هو. ڇا هي هنجي انهن خوابن جو شهزادو آهي جنهن جي تصوير من اندر ورهين کان سانڍيو پئي وتي. ڏينهون ڏينهن اها صورت واضع ٿيندي پئي وئي، اهي احمقانه سوچون کيس بيچين ڪنديون رهيون. ڪنهن ڪنهن مهل کيس پنهنجي ذهني حالت تي شڪ ٿيڻ لڳندو هو، ڪاٿي هوء ديوانگي طرف ته نه پئي وڃي.
آخر اهو مرحلو به اچي پهتو، جڏهن سندس اهو مجسمو جُڙي راس ٿي ويو، پر ان دوران اها صورت هن جي من مندر ۾ اهڙو ته واسو ڪري وئي جو ڏينهون ڏينهن هن جي اها خواهش شديد کان شديد تر ٿيندي وئي ته ڪاش! اهو سڀ ساڀيان ٿي وڃي ۽ سندس من مندر جو هي ديوتا حقيقت جو روپ ڌاري هن جي آڏو اچي بيهي، پر جتي ڪاش! جو لفظ هجي ته اتي ڪڏهن نائون پايه تڪميل تي پهچي سگھنديون آهن. ڀلا ڏينهن جا ڏٺل خواب به تعبير ماڻي سگھندا آهن . اهو سڀ ڪجھ ڄاڻ رکڻ جي باوجود، انسان ڪيڏو نه ڀورڙو ۽ احمق ٿئي ٿو جيڪو انهن ناحاصل آشائن جي تقاضا ۾ پنهنجن ئي آرزوئن جي رسواين جو سامان بڻجي ٿو.
هن پنهنجي ڪيمرا سان ان مورت جون ڪئي زاوين کان تصويرون ڪڍيون، سندس استادن هن جي ڪم کي تمام گھڻو ساراهيو. کيس تمام گھڻو داد ته وصول ٿيو پر اندر جي اها تشنگي گھٽ نه ٿي سگھي ۽ اها اڃ اندر ۾ کڻي هن لاهور جي آرٽ ڪاليج کي الوداع چيو.



هوءَ جڏهن گھر واپس پهتي هئي ته کيس خبر پئي ته سندس پرپُٺ سندس ننڍي ڀيڻ جو رشتو طئي ٿي ويو هو ۽ گھر ۾ زور شور سان سندس شاديء جون تياريون ٿي رهيون هيون . جڏهن هوء اڃان لاهور ۾ ئي هئي ته کيس ٻڌايو ويو هو ته هڪ سٺو رشتو سندس ڀيڻ لاءِ آيو آهي جيڪو هو وڃائڻ نه ٿا چاهن. اهو ٻڌي سندس اندر ڄڻ ڪا شي ڀورا ڀورا ٿي پئي هئي. ڪومل هن کان عمر ۾ ڇهه ست سال ننڍي هئي وچ ۾ ٻه ڀائر هئا، ته پوءِ گھر وارن کي کيس نظرانداز ڪري هُن جي ڪاج جي ڪهڙي ڳڻتي اچي ورايو هو. پر پوءِ بغير ڪا شڪايت ڪرڻ جي، رب جي رضا تي راضي ٿي خاموش ٿي وئي هئي.
گھر ۾ شادمانه ڏسي هوءَ بلڪل وسامجي وئي. ڪنوار بنجڻ جو وارو ته هن جو هو، ته پوءِ امان ائين ڇو ڪيو؟ بابا ئي کڻي اميء کي منع ڪري ها، ته وڏي کي ويهاري ننڍي جو گھر وسائڻ ، هن سان نا انصافي ٿيندي. پر ڪنهن به هن جي دل جي دکن ۽ محرومين جو نه سوچيو. ڪومل جي شاديء کان پوءِ هوء گھر ۾ اڪيلي ڀيڻ رهجي وئي. ائين زندگي بغير ڪنهن خاص مصروفيت جي گذرڻ لڳي، ٽي سال بغير ڪنهن مقصد جي گذري ويا هن تعليمي سلسلي ۾ اهڙي فيلڊ جي چونڊ ڪئي هئي. جنهن کي عملي شڪل ۾ استعمال ڪرڻ جي سندس شهر ۾ ته ڪا گنجائش ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ صبح جي وقت اخبار جي ورق گرداني ڪري رهي هئي ته سندس نگاه هڪ اشتهار تي پئي. ڪراچيء ۾ هڪ پرائيويٽ آرٽ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ جاب جي آفر هئي، جيڪا هن جي تعليمي قابليت سان بلڪل ٺهڪي پئي آئي. هن جي اندر م اها نوڪري ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. ڪو ته ڀلا مصروفيت جو سامان هجي، اهو سوچي هن ڪاغذ قلم کڻي نوڪريء لاءِ اپلاءِ ڪيو . ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ کيس انٽرويو لاءِ سڏايوويو ته هن گھر وارن کان اجازت گھري. پهرين ته سندس والد اعتراض واريو ته کيس ايترو پري نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،جي ڪرڻر ئي آهي ته هتي پنهنجي شهر ۾ ئي ڪا ننڍي وڏي ڪري وٺي. احمد شفيع ( والد )صاحب ته اهو به اعتراض ڪيو ته جي کيس اها نوڪري ملي به وڃي ٿي ته هوء ڪٿي رهائش اختيار ڪندي.
احمد شفيع صاحب جو اهو دليل خاصو وزنائتو هو. هوء سوچ ۾ پئجي وئي ته واقعي جيڪڏهن نوڪري ملي ٿي ته ايڏي وڏي شهر ۾ هوء ڪٿي رهندي. اُتي ڪو ويجھو مائٽ عزيز به ڪونهي، سوچيندي سوچيندي اچانڪ کيس پنهنجي يونيورسٽي فيلو ماريه جو خيال اچي ويو، جيڪا فائن آرٽ ۾ آنرز ڪرڻ آئي هئي ۽ حيدرآباد شهر ۾ رهندي هئي. ليڪن سال کان پوءِ هن جي شادي ٿي وئي هئي ۽ هوء ڪراچي هلي وئي هئي. ماريه سان اڪثر فون تي سندس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. اهو سوچي کيس ڪجھ اطمينان ٿيو ۽ پيء کي به اطمينان ڏياريائين ته ماريه هڪ سلجھيل ڇوڪري آهي، هن جي فيمليء ۾ ستن اٺن سالن جو پُٽ عاشر ۽ گھر وارو آهي جيڪو جاب جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ رهندو آهي. اهڙي حالت ۾ هوءَ ماريه سان گڏ پي اِنگ گيسٽ جي حيثيت سان رهي سگھي ٿي. ماريه پاڻ به ڪراچيء ۾ نوڪري ڪندي آهي ۽ پُٽ جي تعليم جي ڪري مڙس سان گڏ اسلام آباد نه ٿي وڃي سگھي. سندس سمورا دليل سندس ڀا.ئرن ۽ ماءُ کي قائل ڪرڻ لاءِ بلڪل به ڪافي نه هئا، هُن گھڻو ٻاهر رهي ورتو هو، هاڻي کيس گھر رهي گھر داريء ۾ ٻين جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ کپي. اهي سڀ گھر کان فراريت جا بهانا آهن، پر سندس بابا هميشه هن جي خواهشن آڏو بيوس بنجي ويندو هو، هوء گھر ۾ سڀني کان وڏي هئڻ ناتي پيء جي لاڏلي رهي هئي،ان ڪري به سندس ماء هن تي خارون کائيندي رهندي هئي.
نه چاهڻ جي باوجود به کيس اجازت ملي ئي وئي، ۽ هن وڃڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. انٽرويو کان پوءِ خوش قسمتيء يا بدقسمتيء سان کيس اها جاب ملي وئي، هوءَ تمام گھڻي خوش هئي. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي هنر ڏيکارڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو موقعو جو ملي رهيو هو. ماريه کي هن اڳواٽ ئي فون ڪري ٻڌائي ڇڏيو هو. جنهن کيس گھر جي ائڊريس سمجھائي ڇڏي هئي.
جڏهن هوء ماريه جي فليٽ تي پهتي ته کيس ڄاڻ پئي ته ماريه جو گھر وارو ڇوته اسلام آباد پئي رهيو ان ڪري ماريه پنهنجي ننڍي ڀاءُ افراز کي حيدرآباد مان گھرائي پاڻ وٽ اچي رهايو هو، هو ايم بي اي جو شاگرد هو. پهرين ته هوء پريشان ٿي وئي ليڪن جڏهن هن سان سربستي ڳالهه ٻولهه ٿي ته افراز به کيس ماريه جيان انتهائي بردبار ۽ سلجھيل نوجوان لڳو ، هو عمر ۾ به کانئس چار پنج سال ننڍو هو ۽ هميشه احترام جي دائري ۾ رهي ساڻس ملندو هو، انڪري غزل کي ان طرف کان به اطمينان ٿي ويو ۽ هوء پاڻ کي پرسڪون ۽مطمئن محسوس ڪرڻ لڳي.


.
غزل انسٽيٽيوٽ جوائن ڪيو. نئون ڪم نئون ماحول نوان ساٿي، هن جو وقت تمام سٺو گذرڻ لڳو، ليڪن هن کي هميشه هڪ خلش بيچين ڪندي رهندي هئي ته هن جي مائٽن هن سان زيادتي ڪئي آهي. هن جي ڪراچي وڃڻ کان پوءِ ته هن جو ڪو اونو ڪو اوسيئڙو ئي نه رهيو هئن. هن جي ڪم جي ساٿين ۾ پارس فاطمه ۽ ناصر صاحب جيڪي ٻه ته ڪافي سينئر هئا ۽ ٻنهي جو تعلق مصوري جي شعبي سان هئو، هو ٻئي غزل سان ڪافي ڪو آپريٽو هئا. هن جو گھر کان پري هجڻ جي ڪري تمام گھڻو خيال رکندا هئا. پارس فاطمه ته ڪئي دفعه بلڪ تقريبا“ روزانه گھران لنچ کڻي ايندي هئي ۽ غزل کي پاڻ سان ضرور شيئر ڪرائيندي هئي. پارس فاطمه شادي شده ۽ ٻن ٻارن جي ماء هجڻ باوجود نهايت سمارٽ ۽ ايڪٽو رهندي هئي کيس اهڙو چاڪ و چوبند ڏسي غزل جي به ڪافي همت افزائي ٿيندي هئي. ۽ کيس حيرت پڻ ٿيندي هئي ته هوء فيملي لائيف ۽ نوڪري کي ڪيئن گڏ کڻي هلي پئي پارس فاطمه هڪ تمام سٺي مصوره هئي ۽ اهڙيون ته خوبصورت پينٽنگس ٺاهيندي هئي جو ڏسي دل خوش ٿي وڃي. ان سڀ جي باوجود هوء تصوراتي دنيا ۾ رهڻ جي بجاء تمام گھڻي پريڪٽيڪل هئي ۽ زندگي کي ان جي اصلي معني ۾ جيئڻ کي ترجيح ڏيندي هئي هن سان رهندي غزل ۾ به حوصلو پيدا ٿي پوندو هو. پر وري ازل کان تصوراتي دنيا ۾ رهڻ واري غزل الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويندي هئي. ائين هوء پنهنجي عملي زندگي کي بس گهليندي رهي.
ماريه سان گڏ رهندي کيس ٻه سال گذري ويا. ان سڄي عرصي دوران هوء صرف عيد تهوار تي ئي ڳوٺ ويندي هئي، گھر وارن به آهسته آهسته هن جي چنتا ڪرڻ ڇڏي ڏني بلڪه بي فڪر ٿي ويا. نياڻي جڏهن وڏي ٿيندي آهي ته والدين جي خواهش هوندي آهي ته ڪو سٺو سڱ ٿئي ته جيئن نياڻي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي ۽ ماء پيءُ جو بار هلڪو ٿئي ۽ هوسک جو ساه کڻن ته هنن خير خوبي سان پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو. پر انهن نياڻين جو اهو الميو هوندو آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن ڪرت سان لڳي ويون ته گھر وارن جو بوجھ به گھٽجي ويو ۽ آهستي آهستي هو به شايد ان ڳالهه جا عادي ٿي ويندا آهن ته هنن جو فرض ادا ٿي ويو. ائين هو انهن جي طرف کان بي الڪا ٿي ويندا آهن، يا جي ڪنهن کين احساس ڏياريو به کڻي ته کلي چوندا ته.
”الله مالڪ آ نياڻيء جو جڏهن نصيب هوندو ته ڪو نه ڪو وسيلو ٿي پوندو، موت ۽ پرڻي جو وقت قدرت طرفان طئي هوندو آهي ڀلا قدرت جي ڪمن ۾ ڪنهن جو دخل. خدا چڱي قسمت ڪندس. “
غزل گھر کان ڇا دور ٿي ڄڻ سڀني ان جو اوسيئڙو ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو. ڪجھ ڏينهن لاءِ آئي خوش ٿي ويا. مهمان وانگر خاطرداري ڪيائون ۽ جيئن وڃڻ لڳندي هئي ته موڪلائي چوندا هئس،
”ڪجھه ڏينهن ٻيا رهي پوين ها اڃان دل ئي ڪونه ڀري هئي. پر توکي وڌيڪ روڪي به نه ٿو سگھجي، نوڪري جو معاملو آهي. پرائي بزاگيري آهي.“
هوء هميشه سوچڻ لڳندي هئي ،
”ڪاش! امي ئي زور ڀري ها ته کڏ ۾ وڃي پوي اها نوڪري جيڪا تنهنجي قدمن جي زنجير بنجي وئي آهي. ڦٽي ڪرينس، پرائي گھر آخر ڪيترو جاليندينء يا ائين کڻي چون، اسان کي تنهنجي آئيندي جي ڳڻتي سمهڻ نه ٿي ڏئي، اڄ آهيون صبحاڻي نه هونداسين پوءِ تون ڇا ڪندينء. ڀائرن ڀيڻن جو ڪهڙو آسرو. پر نه ، هو ته صرف رسمي جملا چئي،
”ڇا ڪجي نوڪري ٽوڪري آ، پرائي بزاگيري آ،“
ائين صرف رسمي جملا ادا ڪري کيس پنهنجي هجڻ جو نالي ماتر احساس ڏياريندا هئا ۽ جڏهن هلي ويندي هئي ته مهيني ماسي فون ڪري حال احوال وٺندا هئا، بس هاڻي ايترو ئي گھر وارن سان واسطو تعلق رهجي ويو هئو.




ماريه پنهنجي دوستي جو حق خوب نڀايو هو، هونئن به غزل سندس ڏک سک جي ساٿياڻي بنجي وئي هئي ٻئي نوڪري پيشه هيون ان ڪري صبح جو نيرن پاڻي ڪري سڀ پنهنجي پنهنجي ڪمين ڪارئين نڪرندا هئا ته شام جو اچي گڏجندا هئا. ماريه جي ننڍي ڀيڻ مرينه جيڪا نائين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، ان جي به غزل سان ڪافي انسيت ٿي وئي هئي، پنهنجي اسٽڊيز جي باري ۾ کانئس مدد وٺڻ نيون، نيون ڊشز ٺاهڻ ۽ سکڻ، جيڪي هوء پارس فاطمه کان سکي ايندي هئي. ۽ گھر اچي هو ٻئي ڪوشش ڪنديون هيون ،اهڙي طرح هوء گھڻو وقت غزل سان گڏ هوندي هئي..
هڪ ڏينهن سڀني جي موڪل هئي، رات جي ماني تي افراز تجويز ڏني ته ڇونه صبحاڻي ڪيڏانهن آئوٽنگ لاءِ هلجي. هن اڃان چيوئي مس ته مرينه ۽ عاشر جي ته ڄڻ لاٽري نڪري آئي، ٻئي هڪ آواز ٿي چوڻ لڳا،
”واقعي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، ڪيڏانهن گھمڻ ناهيون ويا، آپي غزل ڇا خيال آ، هاڪس بي تي هلون.“
ماريه ٻارن جي دل رکڻ لاءِ چوڻ لڳي،
”ٺيڪ آ هلون ٿا هاڪس بي، غزل ٺيڪ آهي نه.“
غزل جيڪا هميشه اهڙن پروگرامن کان گھبرائيندي هئي، هڪدم چوڻ لڳي،
”توهان گھمي اچو نه، مان گھر ۾ آرام ڪنديس.“
اهو ٻڌي عاشر بضد ٿي ويو،
”آنٽي پليز ! هلو نه، نه ته امي ڪونه وٺي ويندي.“
انهي سموري گفتگو دوران افراز چپ چاپ غور سان غزل ڏانهن نهاري رهيو هو، جڏهن کان غزل هنن سان گڏ رهڻ لڳي هئي، هو پنهنجي دل ۾ هن لاءِ عجيب قسم جي انسيت محسوس ڪرڻ لڳو هو، هن جي دل چوندي هئي ته هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو کيس ٻڌندو رهي. جڏهن هن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته هن جي اندر ۾ عجيب بيچينيء جو احساس پيدا ٿيو.
”هي مونکي اچانڪ ڇا پيو ٿئي هن کان اڳ ته مون هن لاءِ اهڙا احساس ڪڏهن به ڪونه محسوس ڪيا هئا ته پوءِ اڄ مونکي هن جي ايتري اهميت ڇوپئي محسوس ٿئي. هن جو ائين انڪار مونکي ڇو بيچين ڪري رهيو آهي“.

افراز چوويهن پنجويهن ورهين جو هڪ پُرڪشش شخصيت جو مالڪ نوجوان هو، ذهانت هن جي چهري تي هميشه پئي بکندي هئي هن ۾ صنف مخالف کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ جي پوري خاصيت موجود هئي ۽ سندس اهڙي پُر ڪشش شخصيت جي ڪري يونيورسٽي جون ڪئي جذباتي ڇوڪريون سدائين هن جي توجه حاصل ڪرڻ لاءِ اڳيان پويان پيون ڦرنديون هيون، ليڪن هو نهايت بردبار ۽ سنجيده طبعيت جو مالڪ نوجوان هو، هن جو رويو انهن سڀني لاءِ سدائين غير جذباتي رهيو، هو اتي صرف تعليم جي حاصلات لاءِ ويندو هو ۽ اهڙي ڪنهن به فضوليات ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو. ته پوءِ اڄ هو غزل لاءِ ائين ڇو پيو سمجھي ته هوء نه هلي ته پوءِ هنجي تفريح جو سڄو پروگرام ضايع ٿي ويندو. آئسڪريم تي ئي ٽرکائي ڇڏيندي ۽ سندن ويڪ اينڊ بيڪار ٿي ويندو. ان ڪري هو ٻئي کيس منٿون، ايلاز ڪرڻ لڳا، آخر سندن گھڻو ضد ڪرڻ کان پوءِ هن هلڻ جو راضپو ڏيکاريو.ته افراز جي چهري تي به رونق اچي وئي. ڊنر ختم ڪرڻ کان پوءِ هو صبح جي پروگرام لاءِ سوچڻ لڳا، طئي ٿيو ته صبح جو نماز کان پوءِ چانهه پي نڪرندا ناشتو به اُتي وڃي ڪندا، جيئن هاڪس بي تي سوير ئي پهچي سج نڪرڻ جو نظارو ڪجي.

صبح جو سوير جڏهن هو نيلم پوائنٽ تي پهتا ته آسمان تي هلڪا هلڪا بادل ڇانيل هئا ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھُلي رهي هئي، ڏور پري سمنڊ جي ڇولين تي سج جا هلڪا هلڪا ڪرڻا پئجي رهيا هئا، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن چاندي جي چادر وڇائي ڇڏي هجي. جيئن جيئن هوائون تيز گھلڻ لڳيو ته سمنڊ جون لهرون هوا جي زور تي تمام اوچائي تي پهچي رهيون هيون ۽ آس پاس موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب پُر اسرار آواز پيدا ڪري رهيون هيون.
ننڍڙو عاشر ۽ مرينه واريء ۾ پيل سپين جا خول ۽ گھونگھا گڏ ڪرڻ لڳا، هر طرف هنن جون خوشيء ڀريون رڙيون ٻڌي ماريه کين پيار ڀرين نگاهن سان نهاري رهي هئي، کيس ائين پئي لڳو ڄڻ هن پنهنجي ٻارن آڏو دنيا جهان جو خزانو آڻي رکيو هجي.
غزل هڪ ننڍڙي ٽڪريء تي وڃي ويٺي ۽ بي مقصد خلائن ۾ گھوريندي رهي ڄڻ پنهنجي وجود جي ڪنهن وڃايل حصي کي ڳولهيندي هجي. هوا تيز ٿيندي پئي وئي ۽ سمنڊ جو لهرون هوا جي زور تي تمام بلندي تي وڃي رهيون هيون، هوا جا تيز زوزاٽ ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب ڀوا ئتا آواز پيدا ڪري رهيا هئا.
افراز نيلم پوائنٽ طرف وڌي ويو هو. ۽ ان ٽڪري ڏانهن وڃڻ لڳو جنهن کي هوا جي ڇولين پنهنجو مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ان جي اندر ۾ هڪ وڏو خلا ٺاهي ڇڏيو هو. اها ٽڪري ايڏو ته خوبصورت هئي جو اڪثر پاڪستائي فلم ڊئريڪٽر هيرو هيروئن تي رومانوي منظر هتي رڪارڊ ڪرڻ ايندا رهندا هئا.
اتي پهچي افراز به گھڙي پل لاءِ پاڻ کي اهڙي ئي فلمي سچوئيشن ۾ محسوس ڪرڻ لڳو ۽ تصور ئي تصور ۾ پاڻ سان گڏ غزل کي ڏسي رهيو هو. پر غزل هن جي دلي ڪيفيتن کان بيخبر ٽڪري تان لهي هيٺ واري تي اچي ويٺي ۽ هٿ جي آڱرين سان واريء تي آڏا ابتا ليڪا پائڻ لڳي ۽ اهو ڏسي هن کي حيرت لڳي ته ان تصوير جا خد و خال هوبهو ان مورت جيان اجاگر ٿيندا پئي ويا، جيڪا ڪئين سال پهرين هن لاهور جي آرٽ ڪاليج ۾ ٺاهي هئي ۽ هميشه هن جون نگاهون هڪ بيسود تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لڳنديون هيون.

ڪجھه ئي دير کانپوءِ جڏهن سج پنهنجي پوري آب و تاب سان نڪري نروار ٿيو ته سمند جون لهرون به تيز ٿينديون ويون. ۽ جلدئي جتي ٻارن سپيون ۽ گھونگھا پئي ڳولهيا. ۽ ماريه ۽ غزل واري تي پير پساري ويٺيون هيون ته پاڻي جي هڪ تيز ڇولي سندن هيٺان گذري وئي ۽ سندن ڪپڙا ڀڄي ويا ته ٻئي اثي کڙيون ٿيون، ٿڌو ٿڌو پاڻي به غزل جي اندر جي آڳ اُجھائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. البته ماريه ان صورتحال کي ڏاڍو انجواء ڪيو،
”غزل ڏس نه، صبح جي وقت سمنڊ جو پاڻي ڪيڏو نه يخ ٿڌو پيو لڳي. سچ پچ مزو اچي ويو. “
”واقعي سچ پئي چوين، ورهين کان پوءِ مان ائين پاڻيء ۾ ڀِڳي آهيان، نه ته مونکي هميشه پاڻيء کان ڊپ لڳندوآهي، سمنڊ جون تيز ڇوليون واري تي آڏا ابتا نشان ڇڏي واپس سمنڊ جي اندر موٽي وينديون آهن ته ڪڏهن واري تي چٽيل انهن تصويرن کي به ميساري ڇڏينديون آهن جيڪي ڪنهن وڏي محبت ۽ عقيدت سان اتي چٽيون هونديون آهن. “
ماريه نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان سندس هٿ جھليو،
”تون اهڙي پُر فضا ۽ خوبصورت ماحول ۾ ڇو اهڙي قنوطي پئي ٿين، جيڪي لمحه اسان کي خوشيون سهيڙڻ لاءِ ميسر ٿين انهن کي تلخ ۽ بيجا قسم جي سوچن جي ڪري ضايع ڪرڻ نه گھرجي. جيڪي پل انجواء ڪرڻ لاءِ ملي وڃن انهن مان ڀر پور مزو ماڻڻ گھرجي. هيڏانهن نهار! آشر ۽ مرينه دنيا جي سڀني فريبن، دکن ۽ پريشانين کان بيخبر ڪيئن نه موج مستيون پيا ڪن. کين ائين خوش ڏسي منهنجو ته سيرن جي حساب سان خون وڌي ويو آهي. وري هوڏانهن نظر ڪر! افراز نيلم پوائنٽ جي اندر بيهي پاڻ کي ڪنهن فلم جو هيرو پيو ڀانئي، اچ ته اوڏانهن ٿا هلون.“
ماريه مرينه کي عاشر جو خيال رکڻ جو چئي غزل کي ساڻ ڪري افراز ڏانهن وڌي وئي. کين پاڻ طرف ايندو ڏسي افراز جي چهري تي رونق اچي وئي، نه ته هو اهڙي حسين منظر ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڏسي بور ٿي رهيو هو.
”زهي نصيب! گھڻي دير کان پوءِ خواتين کي احساس ٿيو ته هڪ عدد مرد حضرت به توهان سان گڏجي هتي آيو آهي، ورنه مون ته سمجھو هو ته منهنجو هي پروگرام هنن بي زبان پهاڙين سان مٿو هڻي ائين بي مزه ئي گذري ويندو.“
ماريه سندس ان شڪايتي تبصري تي کلندي کيس پيار ڀرين نگاهن سان ڏسندي چوڻ لڳي،
”واه! اسان ته سمجھو ته اسان جو ننڍڙو ڀاء شايد ڪنهن فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جو سندس نظر اسان تي ٻڏي ئي ڪونه ٿي، ڪيئن غزل سچ پئي چوان نه. “
غزل ڪو جواب ڏيڻ بجاء مرڪي چپ ٿي وئي. افراز م خيز نگاهن سان هن طرف نهارڻ لڳو. ليڪن غزل هن جي احساسات کان بي خبر پنهنجي ئي ڌُن ۾ مگن نيلم پوائنٽ جي هن پار کان اچي داخل ٿيندڙ ڇولين کي گھرين نگاهن سان گھوري رهي هئي.
ڪجھه دير کان پوءِ هو هڪ ڇانوري ۾ چادر پکيڙي اچي ويٺا ۽ گھران آندل لنچ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا.

2

زندگي ائين ئي پنهنجي معمول مطابق گذرندي پئي وئي، هاڻي ته غزل کي ائين لڳڻ لڳو هو ته هن جي زندگيء جو مقصد ڪمائڻ ۽ کائڻ پيئڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ به نه رهيو هو. انسٽيٽيوٽ وڃڻ سڄو وقت اسٽوڊنٽس کي مجسمه سازي جي سکيا ڏيڻ . جنهن سان ڪنهن وقت ۾ کيس جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، ليڪن هاڻي صرف ڪمائڻ لاءِ اهو ڪم پئي ڪيائين ۽ ڪمائڻ به بس ان لاءِ هو ته زندگي جو ٻيو ڪو مصرف باقي کيس نه پئي لڳو. ڀلا ماني کائڻ لاءِ ڪمائڻ به ڪو جيئڻ آهي، جنهن لاءِ پراون درن تي پيو رهجي. اها ماني ته کيس پنهنجي گھر ۾ به پئي ملندي هئي ته پوءِ هوء ائين ڇو آواره ڪڪرن وانگيان هوا جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن ترندي پئي وتي. ائين انسٽيٽيوٽ ۾ وقت کي گذاري شام جو واپس اچي آرام ڪرڻ ۽ پوءِ ڊنر ۾ ماريه جي مدد ڪرڻ، جيڪو رکو سکو آڏو آيو اهو کائي واپس ڪمري ۾ وڃي ڪنهن رسالي ڪتاب جي ورق گرداني ڪرڻ، بس ٿوري دير لاءِ ڪمري ۾ جڏهن مرينه اچي ساڻس گپ شپ ڪندي هئي ته مڙئي گھڙي پل لاءِ وقت گذارڻ جو ڪو سبب بنجي ويندو هو.
رات جو ڪڏهن ڪڏهن جنهن مهل ننڊ کانئس رُسي ويندي هئي ته مايوس ڪندڙ سوچون اچي گھيرو تنگ ڪنديون هيس. گھر وارن جون بي اعتنايون کيس ڏکارو ڪري وجھنديون هيون، ڪڏهن والدين به پنهنجي ڪنهن هڪ اولاد کي ائين نظرانداز ڪندا آهن ، ٻين سڀني ڀائرن ڀينرن جا رشته ناتا طئي ٿي ويا ته شاديون به ٿي ويون۽ هوء به مهمانن وانگر شريڪ ٿي ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بزرگ رشتيدار کيس ائين ويڳاڻو ڦرندو ڏسي از راه همدردي يا پنهنجي عادت کان مجبور ٿي ماڻس کان پڇي ورتو ته،
” ڇو ڀلا غزل جي لاءِ ڪجھ نه ٿا سوچيو .“
ته امي سندس مٿي تي هٿ رکي ڏُکاري لهجي ۾ چوندي هئي،
” رب سائين ڀاڳ ڀلا ڪندس، جڏهن جُڙي ايندي ته وڃي شينهن ڪلهي چڙهندي. هونئن به ڀلا هن کي ڪهڙي گھٽتائي آهي سٺي پگھار اٿس، عيش سان زندگي پئي ٿي گذريس، ٻيو ڪو گھر گھاٽ جو نه اُلڪو نه اوسيئڙو، ٻيو اسان کي ڇا کپي.“
اهڙي ڳالهه ٻڌي اها بزرگ عورت منهن کي موڙو ڏئي چوندي هئي،
” واه جي ڳالهه ڪيئي ثمينه ! نياڻيون پنهنجي گھرن ۾ ئي سونهن ٿيون ، سڄي حياتي نوڪري ڪري ته نه گذاريندي، وڃيس ٿي عمر ڳرندي.“
” پڦي ڳڻتي ته مونکي به آهي پر هڪ ته اسان کان پري وڃي رهي آهي، ماڻهن کي ته خبر ئي ڪونهي ته اسان جي ڪا وڏي نياڻي به آهي، الله ضرور سندس واه ڪندو. هونئن به رشته آسمانن ۾ طئي ٿيل هوندا آهن، اسان جي نياڻي لاءِ به رب سائين ضرور ڪو ور لکيو هوندو، هر ڳالهه وقت ۾ ڳهه پيل هوندي آهي.“
هنن جون ڳالهيون ٻڌي دل تي وڏو بوجھ کڻي واپس موٽي ايندي هئي. هميشه اهو فيصلو ڪري ورندي هئي ته ٻيهر هتي نه ايندي ، ليڪن وري پنهنجن جي ڪمي جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳندو هيس، دل رڙيون ڪري سڏڪا ڀري روئڻ چاهيندي هئي، ليڪن اهو به هن جي وس ۾ نه هو ٻين کي ائين پريشان ڪرڻ ڀلا ڪيئن مناسب هو.وري جڏهن اهڙي آسيس ماڻڻ لاءِ پنهنجن جي ماڳ رسندي هئي ته اتي به شدت سان کيس اوپرائپ جو احساس ٿيندو هو. هو به کيس مهمانن جيان پيش ايندا هئا ۽ اتي به کيس ان حجت ان محبت جنهنجي هوء آس کڻي ايندي هئي کيس حاصل نه ٿي سگھندي هئي بلڪه هوء پاڻ سمجھندي هئي ته متان منهنجي ڪا حجت گھر وارن لاءِ پسنديده نه هجي. ائين هوءَ هر هنڌ پاڻ کي اوپرو ۽ اجنبي ڄاڻندي هئي.عجيب طبعيت ٿي وئي هئس. هر وقت ڪنهن خلوص سان ڀرپور پيار جي متلاشي بس پئي ٿي ڏوريائين.



ماريه جو پيڪاڻو گھر ته حيدرآباد ۾ هو، هو پاڻ ۾ پنج ڀاء ڀيڻ هئا، سڀ کان وڏن ٻن ڀائرن کان پوءِ ماريه جو نمبر هو. هوء يونيورسٽي ۾ فائن آرٽ ۾ آنرز ڪري رهي هئي ٽئين سال ۾ هئي ته اتي سندس ملاقات ڪراچي سان تعلق رکندڙ ارسلان سان ٿي جيڪو پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي ڪنهن ڪم سانگي يونيورسٽي آيو هو. ماريه کيس پهرين نظر ۾ ئي دل کي ايڏو وڻي جو هو پنهنجي دوست کان سندس باري ۾ تفصيل سان پڇي ويٺو . سندس ماء پيء ته ننڍپڻ ۾ ئي کيس ڇڏي ويا هئا، هن کي سندس چاچي جيڪو پڻ ميرپورخاص ۾ رهندو هو، پڙهائي لکائي وڏو ڪيو پاڻ ان وقت هڪ وفاقي سرڪاري اداري ۾ ارڙهين گريڊ ۾ نوڪري ڪندو هو. هن جلد ئي چاچي چاچيء کي ماريه جي گھر سڱ ڇڪرائن لاءِ موڪليو، ماريه جي گھر وارن کي اهو سڱ گھڻو پسند آيو، جو هنن سندس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏرائي شادي ڪري ڇڏي. ۽ ائين هوء شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ارسلان سان گڏ ڪراچي اچي وئي. ارسلان ڪرايه تي هڪ فليٽ ۾ رهائش پذير هو. جلد ئي سندن گھر ۾ ننڍڙو آشر اچي ويو، انهي دوران ماريه به پرائيويٽ گريجويشن ڪري ڇڏي هئي. ۽ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئائين پهرين ته آشر کي سنڀالڻ لاءِ هڪ آيا رکي هئائون ليڪن هو جڏهن ٽن سالن جو ٿيو ته ان کي هڪ ويجھڙائيء واري اسڪول ۾ داخل ڪري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن هوء اڃان آفيس مان گھرمس پهتي هئي، ته ارسلان ٿڪل ٽُٽل گھر ۾ داخل ٿيو. سندس چهري تي فڪر ۽ پريشانيء جا آثار هئا. ماريه کيس ائين ملول ڏسي پڇڻ لڳي،
”ڇا ٿيو آ ڏاڍا منڌل منڌل پيا لڳو، خير ته آهي نه ؟“
ڦڪي مرڪ مرڪندي ارسلان وراڻيو،
”مان به ڪيڏو نه ناشڪرو آهيان، جو منهنجو اوڻويهن گريڊ ۾ پروموشن ٿيو آهي ۽ مان پيو پريشان ٿيان.“
”ڪمال پيا ڪيو اهڙي خوشخبري ۽ اهڙو پاروٿو منهن، حد ٿا ڪريو.“
”خبر ته خوشيء جي آهي، پر پريشاني اها آهي ته مونکي اهو پروموشن ڏئي اسلام آباد پيو موڪليو وڃي، سوچيان پيو ته فورگو ڪري ڇڏيان،“
”پر ڇو، ؟ اسلام آباد وڃڻ ۾ ڇا آهي.“
”چري توهان جي ڳڻتي اٿم توهان هتي اڪيلا ڪيئن رهندئو، توکي جاب ڇڏڻي پوندي ۽ مان اهو نه ٿو چاهيان، توهان وڏي شوق سان اها نوڪري ڪئي هئي.“
”ته ڇا ٿي پيو ڇڏي ٿي ڏيان.“
”نه، نه، اهو ممڪن ناهي، ٻيو ته عاشر کي مشڪل سان هڪ سُٺي اسڪول ۾ داخلا ملي آهي ۽ مس مس وڃي هريو آهي. “
ماريه سوچ ۾ پئجي وئي، چئي ته ٺيڪ ٿو، ڪافي غور و فڪر کان پوءِ کيس ان مسئلي جو هڪڙو حل سمجھ ۾ آيو، ڇونه مرينا ۽ افراز کي گھرائي وٺجي. هو هتي پنهنجي تعليم به جاري رکي سگھندا ۽ اسان جي اڪيلائي جو مسئلو به حل ٿي ويندو، اهو سوچي مڙس سان صلاح ڪيائين ته ان جي چهري تي به رونق اچي وئي. پر وري ڪجھ سوچي چوڻ لڳو،
”بابا ۽ امي کين ان جي اجازت ڏيندا. ؟
”مان ڳالهائي ٿي ڏسانِ، بلڪه هيئن ٿا ڪيون، صبحاڻي ڇنڇر آهي، منهنجي به موڪل آهي ته پوءِ ڇونه حيدرآباد هلجي، روبرو ڳالهائڻ درست ٿيندو.“
اهو ٻڌي ارسلان مطمئن ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي ته پوءِ تياري ڪري وٺو، صبحاڻي مان جلدي آفيس مان اچي ويندس ته پوءِ هليا هلنداسين. “
ائين ارسلان ته خير سان اسلام آباد روانو ٿي ويو ۽ مرينه ۽ افراز ماريه سان گڏ رهڻ لڳا. ٻنهي جون داخلائون به ڪراچي جي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٿي ويون. ائين ڪيترو عرصو گذري ويو ته هڪ ڏينهن غزل به ماريه جا پار پته پڇائيندي اچي اُتي پڳي ۽ گذريل ٻن سالن کان ماريه سان گڏ رهندي پئي آئي.



افراز حيدرآباد مان ڪراچي آيو ته هن پنهنجي ڪاليج جي پڙهائي مڪمل ڪري ايم بي اي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا، جتي سندس دوستي فهد سان ٿي وئي. هن جي ۽ فهد جي دوستي ايتري ته گھاٽي ٿي وئي جو هڪ ڏينهن به هڪ ٻئي کانسواء نه سرندي هئن. ڪلاسز کانپوءِ هو اڪثر گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. هڪ ڏينهن فهد کيس پنهنجي جنم ڏينهن تي گھر اچڻ جي دعوت ڏني. هنن جي دوستي جيتوڻيڪ سال کن کان هئي پر افراز هن کان پهرين ڪڏهن به فهد جي گھر نه ويو هو. فهد جو والد هڪ تاجر پيشه شخص هو ۽ ڪلفٽن جي گلف مارڪيٽ ۾ هن جو وڏو بزنس هو، سندن رهائش به ڪلفٽن جي پوش علائقي ۾ هئي.
گھر اچي تيار ٿي ڀيڻ کان گاڏي جي اجازت وٺي سندس ننڍڙي مهراڻ ڪار کڻي هو ٻڌايل ائڊريس تي ڪاشيانه سرفراز پهتو. فهد جو هڪ ننڍڙو خوبصورت بنگلو هو. ٻاهران اهو ننڍڙو پئي لڳو پر اندر داخل ٿيڻ سان ڪافي ڪشادو هو. فهد کيس وٺي ڊرائينگ روم ۾ آيو ڊرائينگ روم خوبصورت فرنيچر سان سينگاريل هو. جنهن مان گھر وارن جي خوش ذوقي جو اندازو ٿي رهيو هو. افراز کي ڪارنر جي هڪ صوفي تي ويهڻ جو چئي فهد اندر هليو ويو ۽ ڪجھ گھڙين کان پوءِ ڪولڊ ڊرنڪس کڻي واپس آيو، ٻئي ڪولڊ ڊرنڪس سان شغل ڪرڻ لڳا.
ڪجھه دير کان پوءِ ملازمه فهد کي اچي چيو ته،
”بيگم صاحبه چوي ٿي ته ڪيڪ ڪٽڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“
ٻئي اٿي گھر جي داخلي دروازي جي ذريعي لائونج ۾ پهتا، لائونج ڪافي ڪشادو هو ۽ موقعي مناسبت سان سينگاريل هو، ليڪن اتي مهمان صرف اڪيلو افراز هو باقي سڀ گھر جا فرد هئا. اهو ڏسي هو نه صرف پريشان ٿي ويو پر دل ئي دل ۾ شرمسار به ٿي ويو، سوچڻ لڳو ته گھر وارا ڇا سوچيندا هوندا ته هي ڪٿان ڪباب ۾ هڏي بنجي پهتو آهي.
فهد اچڻ شرط پنهنجي والده ۽ پيء سان هن جو تعارف ڪرايو.
”بابا هي منهنجو گھاٽو دوست افراز، جنهن جو ذڪر مان اڪثر ڪندو رهندو آهيان. “
فهد جو والد سرفراز گرمجوشيء سان ساڻس مليو، هن فهد جي والده کي سلام ڪيو هن به کيس دعائون ڏنيون، تمام ڊيسينٽ ۽ سلجھيل خاندان هو. فهد جو ننڍو ڀاء فاران منهن مان گھڻو شرارتي پئي لڳو. هو ڪيڪ تي ميڻ بتيون سينگاري رهيو هو، فهد کي ڏسي شرارتي انداز ۾ چوڻ لڳو،
”ادا ڪيڏو نه سُٺو ٿئي ها جو منهنجو جنم ڏينهن به توهان سان گڏ هجي ها بلڪه مان هر مهيني پنهنجو برٿ ڊي سيليبريٽ ڪيان ها. ريئلي آء لو برٿڊي ڪيڪ اينڊ پارٽيز. “
پٽ جي اهڙي ڳالهه تي سرفراز صاحب ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو، انهيءَ وقت هڪ نازڪ نفيس ڇوڪري جيڪا ماڊرن لباس اوڍيل هئي ٻنهي هٿن ۾ گلاب جي پنکڙين سان ڀريل پليٽ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي، ان ڳالهه کان بيخبر ته ڪو اجنبي مهمان به هنن جي هن فيملي دعوت ۾ شريڪ آهي. اچڻ شرط پنکڙين جون مٺيون ڀري ڀاء جي مٿان نڇاور ڪرڻ لڳي. هوء بلو جينز ۽ وڏن گلن واري زرد شارٽ شرٽ ۾ تمام گھڻي خوبصورت لڳي رهي هئي خاص طور تي هن جا سلڪي سونهري وار جيڪي چيلهه تائين پئي پيا گلابي چهرو هلڪي ميڪ اپ سان سينگاريل هن کي وڌيڪ حسين بنائي رهيو هو.فهد ڀرسان بيٺل افراز کي آهسته آواز ۾ ٻڌايو،
”هيء عرشيه آهي منهنجي ننڍي ڀيڻ فيشن ڊزائيننگ ۾ ڊپلومه پئي ڪري.“
افراز هڪ سرسري نگاه مٿس وڌي ۽ وري نظرون ٻئي طرف ڪري ڇڏيون . انهي وقت عريشه کي به احساس ٿي ويو ته اسان جي وچ ۾ ڪو مهمان شخص به موجود آهي ۽ جيئن ئي هن نظر ڀري افراز ڏانهن نهاريو ته بس نهاريندي ئي رهجي وئي. افراز مردانه وجاهت جو مڪمل نمونو هو گهري سائي رنگ جي پٽاپٽي قميص ۽ ڪاري پينٽ ۾ هو تمام هينڊسم ۽ ڊيشنگ پئي لڳو. پهرين نظر ۾ هن جي شخصيت ۾ اهڙي ته گم ٿي وئي جو کيس هوش ئي نه رهيو.۽ هوش ان وقت آيس جڏهن ماء جو آواز ڪن تي پيس،
”عريشه ڪيڏانهن گم ٿي وئينء. ڇري کڻي ڀاء کي ڏي ته ڪيڪ ڪٽي سج لهڻ وارو آهي. “
هوء شرمسار ٿي وئي ڄڻ ڪنهن سندس چوري پڪڙي ورتي هجي. ليڪن باقي سڀ هن جي احساسات کان بيخبر خوش گپين ۾ مصروف هئا. تاڙين ۽ جنم ڏينهن مبارڪ جي پڙلاءِ ۾ ڪيڪ ڪٽجي ويو. رفريشمينٽ جو دور هليو، فارغ ٿي افراز موڪلائي اٿڻ لڳو ته عريشه کان رهيو نه ٿيو ۽ اٿي اچي ڀاء جي ڀر ۾ صوفي تي ويٺي ۽رازداراڻه انداز ۾ پڇڻ لڳي،
” ادا توهان اڳ۾ ته ڪڏهن پنهنجي دوست جو گھر ۾ ذڪر نه ڪيو ۽ اڄ اچانڪ فيملي گيدرنگ ۾ مدعو ڪري ورتو ۽ هاڻي وري بغير تعارف جي وڃڻ پيا ڏيوس. “
فهد ڀيڻ جي شرارت کي سمجھي ويو،
”اوهه سوري ماء ينگ ليڊي ! آئينده ڪنهن کي مدعو ڪرڻ وقت اوهان کان ضرور اجازت طلب ڪبي. باء دي وي ، هي افراز آهي منهنجو پيارو دوست ۽ يونيورسٽي فيلو. ٿي ويو تعارف يا اڃان ڪجھ باقي رهي ٿو. “
ڀاء ڀيڻ جي بحث تي افراز زيرِ لب مسڪرائيندو رهيو. ڪجھ دير
کانپوءِ هو سڀني کان موڪلائي هليو ويو.
عرشيه پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ڌڙام سان پاڻ کي بيڊ تي اچي سٽيو. ۽ هڪ رومانوي ڌن جھونگارڻ لڳي. افراز پهرين نظر ۾ هن جي اندر ۾ گھڙي ويو هو. هن اهڙي ئي ڪنهن پرڪشش شخصيت جي مالڪ شخص کي پنهنجو آدرش بنائي رکيو هو. ۽ ائين اچانڪ سامهون اچي هن جي اندر ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. هوء هن سان ملڻ، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻ، اندر جو حال اورڻ لاءِ بيچين ٿي وئي هئي.



افراز هن جي جذبات کان بيخبر پنهنجي ئي ڌن ۾ مگن ٿڪل ٽٽل گھر ۾ داخل ٿيو ته ماريه سندس انتظار ڪري رهي هئي. ماريه کي پنهنجي انتظار ۾ جاڳندو ڏسي هو دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي ويو ،
” آپا اڃان تائين ويٺا آهيو. “
” تنهنجو ئي انتظار پئي ڪيم. “
” ڇو؟ خير ته آهي نه .......... “
” ها، ها، خير آهي، فواد شارجه مان موٽي آيو آهي، فون ڪئي هئائين، مون صبحاڻي ڊنر تي کيس سڏيو آهي، تنهنجو ڇا خيال آ. “
”ويل ڪم! مونکي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي ٿو سگھي..... صبحاڻي موڪل به آهي ۽ ٻي ڪا مصروفيت به ڪونهي. “
”ته پوءِ صبحاڻي گھر ۾ ئي هججانء ۽ ها ان باري ۾ في الحال غزل سان ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هوء شايد ڪمفرٽيبل فيل نه ڪري. “
”توهانجي مرضي... “
اهو چئي هو اٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.



صبح ساڻ موسم جھڙالي ٿي وئي هئي، سرد هوا گھلي رهي هئي. ڪراچي ۾ عام طرح ته موسم هميشه معتدل هوندي آهي، نه گھڻي گرمي نه گھڻي سردي، البته ڪنهن ڏينهن جيڪڏهن ٿڌ پوندي آهي ته ساه ئي سڪائي ڇڏيندي آهي. سرد هوائون ماڻهن کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏينديون آهن. اڄ به صبح ساڻ آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر ٺهي آيا، هوائن سان رانديون ڪندي تيز تيز ڊوڙي رهيا هئا ڄڻ لٺ کڻي ڪو پويان پيو هجين، منظر ايترو ته دلفريب هو جو غزل جيڪا هونئن سدائين اهڙي موسم ۾ اداس ٿي ويندي هئي، اڄ سندس دل چاهيو ته ڇونه ان خوبصورت موسم مان ڪجھ حِظ حاصل ڪجي، هوء چانهه جو مڳو کڻي اچي گيلريء ۾ بيٺي هئي ۽ ڪڪرن کي هوائن ۾ ترندي ڏسي رهي هئي هوء کوڙ دير تائين ائين بي مقصد خلائن ۾ نهاريندي رهي، اچانڪ هوا جو سرد جھوٽو هن جي چهري سان ٽڪرايو ته سردي وچان کيس ڏڪڻي وٺي وئي، ليڪن پوءِ به هوء اتان نه هٽي ۽ بادلن کي هڪ ٻئي سان رانديون ڪندي ڏسندي رهي. سندس محويت جو اهو عالم هو جو کيس خبر ئي نه پئي ته افراز ڪيڏي مهل هن جي پويان اچي بيٺو ۽ کيس ائين گم سم بادلن ۾ ڪجھ تلاش ڪندو ڏسندو رهيو. هن کيس ڊسٽرب ڪرڻ نه ٿي چاهيو، هوء ان لمحي کيس دنيا جي حسين ترين عورت لڳي رهي هئي، ڄڻ ڪا اپسرا هجي. سندس چهري جي گرد وکريل وار جيڪي هوا جي جھوٽن وڌيڪ وکيري ڇڏيا هئا. افراز کي ائين لڳو ڄڻ چنڊ ڪارن ڪڪرن جي اوڍر مان جھاتي پائيندو هجي. سندس نگاهن جي تپش هئي يا ٻيو ڪو سبب، غزل اچانڪ گيلريء کان هٽي واپس مُڙي ته اتي افراز کي بيٺل ڏسي حيرت مان پڇڻ لڳي،
”هيلو ينگ مئن ! توهان ڪيڏي مهل کان هتي آهيو.“
افراز شڪي ٿي ويو، پر پاڻ سنڀاليندي چيائين ،
”بس هينئر ئي آيو آهيان، در اصل آپا توهان کي سڏيو پئي، مرينه ۽ عاشر اڃان ننڊ پيا آهن نه، ان ڪري مونکي موڪليائين.“
”ٺيڪ آ، توهان هلو مان بس ڏهن منٽن ۾ اچان پئي.“
افراز اتان هليو ويو ته وري بي سرو پا خيالن ۾ گم ٿي وئي.

شام جو چانهه کان پوءِ حسبِ معمول هو رات جي ماني لاءِ ماريه جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪچن ۾ وئي ته ماريه ڏاڍي اهتمام سان هڪ ٻه وڌيڪ ڊشز پئي تيار ڪيون.
”ڇو ڀلا اڄ ڊنر تي ڏاڍو اهتمام پيو ٿئي، ڪي خاص مهمان اچڻا آهن ڇا.؟
ماريه کلندي سندس ئي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ڇو ڀلا، اسان کي موڪل ڏهاڙي کي انجواء نه ڪرڻ کپي.....؟ “
”بلڪل ڪرڻ کپي، ڀلا ان ۾ قباحت به ڪهڙي ٿي سگھي ٿي. “
ائين ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ڊنر تيار ڪري هوء پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.



غزل جڏهن کان ماريه جي گھر اچي رهي هئي، هن جي ڪوشش هوندي هئي ته هوء ڪنهن جي ذاتي زندگي يا پرائيويسي ۾ ڪنهن به نموني مُخل نه ٿئي ۽ هر وقت گھر وارن جي سر تي سوار نه رهي. پنهنجي ڪمري مان ايندي هئي گھڙي سوا سڀني سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪو نه ڪو ڪم ڪار ڪندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن مرينه، عاشر يا افراز گھڙي ساعت لاءِ سندس ڪمري ۾ ايندا هئا، افراز ته صرف ان مهل جڏهن هو ٻاهر وڃي رهيو هوندو هو ته پڇڻ ايندو هو ته ٻاهران ڪنهن شيء جي ضرورت ته ناهي. ائين سڀني جي زندگي سولائي سان پئي گذري.
رات جو ڊنر تي مرينه کيس سڏڻ آئي،
”آپي ڊنر لڳائي ڇڏي آهي سڀ انتظار پيا ڪن.“
”ٺيڪ آ توهان هلو مان اچان پئي.“
مرينه جي وڃڻ کان پوءِ هوء بيڊ تان اٿي بي مقصد هلندي ڀت ۾ لڳل آئيني جي آڏو اچي بيٺي ۽ ڦڻي کڻي وکريل وارن کي سنواريائين، رئو ٺيڪ ڪري ڪمري مان نڪري آئي لائونج ۾ رکيل ڊائيننگ ميز وٽ اچي پنهنجي لاءِ مخصوص ٿيل ڪرسي سرڪائي ويهڻ واري هئي ته کيس لڳو ته گھر ڀاتين کان علاوه به ڪير ميز تي موجود آهي، اچانڪ سندس نگاهون اوڏانهن کڄي ويون، جيئن ئي هن جي نگاه ان اجنبي شخص جي چهري تي پئي، حيرت ۽ صدمي وچان هوء اکيون ڇينڀڻ جھپڪائڻ ئي وسري ويس. ذري گھٽ رڙ ڪندي ڪندي پاڻ تي قابوپائي ورتائين. هوء وائڙن وانگي اوڏانهن ڏسندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوڻ لڳي ،
”حيرت انگيز..............!“
سندس سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل افراز جيڪو چور نگاهن سان سندس جائزو وٺي رهيو هو، هن جو آواز ٻڌي ڏانهس نهارڻ لڳو، هن جي نگاهن جي تپش محسوس ڪندي غزل پنهنجي بيساختگيء تي دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي جلدي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ سواليه نگاهن سان ماريه ڏي ڏسڻ لڳي ، ماريه سندس نگاهن جو مطلب سمجھندي،
”هي فواد آهي احمد فواد ! منهنجو ڪزن.... “
”حيرت آ..... ! مون ٻن سالن ۾ توهان جي ڪزن کي پهرين ته ڪڏهن به هتي ناهي ڏٺو، اڄ اچانڪ...... “
.”اصل ۾ فواد امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهي...... مذاقيه انداز ۾ ڇا امپورٽ ايڪسپورٽ ڪندو آهي ان جي ڄاڻ ڪونه اٿم پر هو ان سلسلي ۾ ڪڏهن دبئي ڪڏهن شارجه ، پيو ملڪ گھمندو آهي. سال کن پهرين جڏهن اسان اسلام آباد ويا هئاسين اتي مليو هو ته وري اڄ آيو آهي.“
غزل حيران هئي، من اندر سجايل مورت هيئن سندس آڏو اچي بيٺي هئي . ورهين کان هوء جنهن تصوير کي پنهنجي اندر ۾ سجايو سانڍيو پئي وتي، اها هيئن حقيقت جو روپ وٺي زنده سلامت هن جي سامهون موجود هئي. کيس يقين نه پئي آيو ائين پئي لڳو ڄڻ هوء جاڳندي جو خواب پئي ڏسي. باقي سڀ هن جي اندروني ڪيفيت کان بي خبرهئا، ماريه فواد سان سندس تعارف ڪرائي رهي هئي.
”هي غزل آهي، منهنجي يونيورسٽي جي دوست . سندس گھر وارا اتر سنڌ ۾ رهن ٿا، پاڻ جاب جي سلسلي ۾ ڪراچي آئي ۽ منهنجي بيحد اصرار تي مون وٽ رهي پئي. غزل منهنجي تمام پياري دوست آهي. “
فواد هن جي ذهني حالت کان بيخبر صرف اخلاقي تقاضا تحت کانئس سرسري انداز ۾ پڇيو،
”توهان هتي ڪهڙي جاب پيا ڪيو. “
غزل پنهنجي ذهني ڪيفيت تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندي هٻڪندي چيو
”جي مان هڪ آرٽ انسٽيٽيوٽ ۾ مجسمه سازي جي سکيا ڏيندي آهيان.“
”واه ! ان جو مطلب ته سنگ تراش آهيو، پوءِ ته دل به پٿر جي رکندا هوندا . فواد خوشدلي جو مظاهرو ڪندي چيو. فواد جي شخصيت ۽ ڳالهيون هن جي دل کي بيچين ڪري رهيون هيون، من اندر مانڌاڻ متل هو، پوءِ به پنهنجي انهي حالت کي لڪائڻ خاطر سندس ئي نموني ڪيل سوال جو ساڳئي انداز ۾ جواب ڏيڻ ضروري سمجھو يا هن کي ڏسي هن جي اندر جي خوشدلي جاڳي پئي هئي،
”نه جناب ! نه ته مان سنگتراش آهيان ۽ نه پٿر جي دل رکان ٿي، ميڻ جا مجسمه ٺاهيندي آهيان ۽ ميڻ جهڙي ئي نرم و نازڪ دل جي مالڪ آهيان، خيال رهي گھڻي تپش تي رجي پاڻي ٿي ويندي آهيان. “
پنهنجي ئي جواب تي کيس حيرت ٿي رهي هئي. هوڏانهن سندس اهڙي ٺهه پهه جواب تي فواد گھڙي ساعت لاءِ ته لا جواب ٿي ويو، پر پوءِ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
افراز ٻن سالن ۾ پهريون ڀيرو غزل کي اهڙي خوش دلي جو مظاهرو ڪندي ڏٺو هو. هو سوچي رهيو هو ته اڄ ته هن گھٽ ڳالهائيندڙ عورت ، فواد جهڙي گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پئندڙ گھاگھ انسان کي واه جو ٺهه پهه جواب ڏنو آهي جو في الحال ته فواد صاحب جي ٻولتي ئي بند ٿي وئي هئي.
فواد، غزل جي حاضر جوابي کان ڪافي متاثر ٿيو هو. ڊنر کان پوءِ ڪافيء جو دور شروع ٿيو ته سڀ اچي صوفن تي ويٺا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، شارجه جا حال احوال ، سڀ پنهنجي پنهنجي ڌُن ۾ مگن هئا. غزل جي بيچيني سوائي ٿيندي پئي وئي، انڪري هوء جلدي جلدي ڪافي ختم ڪري اجازت وٺي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي، هن نه ٿي چاهيو ته ڪو هن جي اندروني ڀڃ ڊاه واري حالت جي ڪنهن کي کڻڪ به پئي.
فواد سندس وڃڻ کان پوءِ ماريه کي چوڻ لڳو،
”لڳي ٿو توهان جي گيسٽ کي اسان جي ڪمپني پسند نه آئي. “
ماريه جي جواب ڏيڻ کان پهرين ئي افراز چوڻ لڳو،
”اهڙي ڳالهه ناهي، مس غزل ڪافي محتاط طبعيت جي مالڪ آهي،اسان سان به گھڻي بي تڪلف ناهي ٿيندي ۽ صرف خاص ٽائيمنگس تي پنهنجي ڪمري کان ٻاهرايندي آهي . “
”پوءِ ته توهان کي به ڪافي محتاط رهڻو پوندو هوندو. “
اهو ٻڌي مرينه وچ ۾ ٽپڪو کاڌو،
”نه لاله نه ، ! اهڙي به ڳالهه ناهي آپي منهنجي ته پڪي سهيلي آهي، پڙهائي ۾ منهنجي مدد ڪرڻ، نيون نيون ڊشز ٺاهڻ جي ماهر، مون به کوڙ ساريون شيون ٺاهڻ هن کان سکيون آهن. “
”اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو، ان بهاني اسان کي به نوان سواد چکڻ جو موقعو ملندو، چڱو مان هاڻي هلندس. “
اهو چئي فواد اٿي موڪلائي هليو ويو.
غزل ڪمري ۾ هلي ته وئي پر هن جي دل ٻاهر ئي اٽڪيل رهي. هن جي منزل مقصود ائين اچانڪ هن جي آڏو ساڀيان جي شڪل ۾ اچي بيهندي ، هن ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو، ۽ اهو به هن جي پنهنجي دوست جي گھر ۾، جن وٽ گذريل ٻن سالن کان هوء موجود هئي ماريه ڪڏهن اهڙو ڪو ذڪر به نه ڪيو. پر ماريه پنهنجي ڪنهن اهڙي ڪزن جو ذڪر ڀلا ڪري به ڇو ها، جنهن سان هن جو نه وڙ نه واسطو. هو پنهنجو وقت ٻاهرين ملڪن ۾ گذاريندو هو، هو ڪير هو، ڇو هو، ڀلا ماريه هن کي ان جي باري ۾ ڇو ٻڌائي ها. کيس پارس جا چيل اهي لفظ ياد اچڻ لڳا،
”منهنجي مٺڙي غزل ! ڪيپچر ضرور ڪيو پر پرستش لاءِ نه ، بت ڀلي جوڙجن پر انهن کي پوڄيو نه ، بت هميشه ٽُٽڻ لاءِ هوندا آهن ۽ اهو ئي سندن مقدر هوندو آهي. “
فواد کي ڏسي هن جي دل ۾ کوڙ ساري خوشي ۽ سرشاري ڀرجي وئي هئي.اڄ پارس جا اهي لفظ کيس بي معنى لڳي رهيا هئا. اڄ ته هن جي ورهين جي تپسيه پوري ٿي هئي، کيس ائين پئي لڳو ڄن اچانڪ سندس اهو وڃايل خزانو هٿ اچي ويو هجي جنهنجي آس ئي ڇڏي ڏني هئائين. ايترن سالن ۾ ته هوء ان مجسمي کي ئي وساري ويٺي هئي، جيڪو هن جي مخروطي آڱرين جي جنبش سان جُڙي راس ٿيوهو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي هئي. ڇو جو اهو هوبهو هن جي آدرش جو پرتوو هو. ڪڏهن ڪڏهن انسان جا تصورات ۽ تخيلات ايترا ته طاقتور ٿي ويندا اهن جو اهي حقيقت جو روپ وٺي ان جي سامهون اچي بيهندا اهن. غزل سان به اڄ اهڙوئي واقعو ٿيو هو يا ته هوء قنوطيت ۽ غير يقينيء جو شڪار ٿي وئي هئي.
”ٿي سگھي ٿو ته اهو شخص هروڀرو مونکي ان مجسمي جيان لڳندو هجي، يا اها منهنجي خام خيالي هجي. ڀلا ڪو شخص جيڪو مون زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو نه هن سان مليس، اهو منهنجي خيالن ۾ ڪيئن اچي ٿو سگھي. يقينا“ مون ئي ان اجنبي شخص ۾ پنهنجي من مندر جي ديوتا جي تصوير ڪيپچر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، تڏهن هو مون کي پنهنجي تصورات جيان لڳو هوندو، ورنه هن جي، منهنجي ان اوچتو ٺهي ويل مورت سان ڪهڙي مشابهت... شايد وڌندڙ عمر ۽ احساس محرومي مونکي هن ڏانهن راغب ڪرڻ چاهيو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي اهڙي سوچ جي ڄاڻ پئي ته هو مونکي يا ته ديواني سمجھندو يا بيوقوف يا هو اهو سمجھندو ته مان خوش فهميءَ جو شڪار ٿيندي پئي وڃان.. “
انهن ئي سوچن ۾ خبر ناهي ڪيڏي مهل ننڊ جي ديوي کيس خوابن جي دنيا ۾ وٺي وئي.



سڄي رات خواب کيس بيچين ڪندا رهيا، ڪڏهن هوءَ سمنڊ ڪناري ٿڌي واريء تي پيرين اگھاڙي فواد سان هٿ هٿ ۾ ڏئي پسار ڪري رهي هئي، ته ڪڏهن تاج محل جي سفيد چمڪندڙ مَر مَرين فرش تي هلندي فواد سان پيار و محبت جون ٻوليون ٻوليندي نظر آئي. سڄي رات ائين وهامي وئي، صبح جو سجاڳ ٿي ته طبعيت ۾ عجيب بيقراري ۽ڳوراڻ محسوس ڪري رهي هئي. دل نه پئي چاهيس ته اٿي نوڪري تي وڃڻ جي تياري ڪري. ليڪن ماريه جي پريشانيء جو سوچي بي دليو اٿي تيار ٿيڻ لاءِ هلي وئي.
ماريه ناشتي تي سندس اننتظار پئي ڪيو، البته افراز، مرينه ۽ عاشر پڙهڻ لاءِ وڃي چڪا هئا. غزل ٿڪل ٿڪل قدمن سان ڊائننگ ميز ڏانهن وڌي ۽ ڪرسي سيري ويهي رهي . ماريه غور سان کيس ڏسندي چيو،
”لڳي ٿو ته رات پوري طرح ننڊ نه ڪئي اٿئي، اکيون ٿڪل ٿڪل پيون لڳني. “
”نه ، نه، ننڊ ته ڏاڍي سٺي آئي، پر عجيب وغريب خوابن سڄي رات بيچين رکيو. ان ڪري طبعيت وساميل وساميل پئي محسوس ٿئي.“
ماريه کلندي،
”ته پوءِ اهڙا خواب نه ڏسندي ڪر نه . “
غزل جي لبن تي هڪ اداس مرڪ ڇانئجي وئي،
”ڀلا خواب به ڪنهنجي وس ۾ هوندا آهن، انسان به عجيب مخلوق آهي، هر اها خواهش جيڪا عام زندگيء ۾ سندس دسترس ۾ نه اچي سگھي، اها اوتري ئي شدت سان لاشعور جي ڪنهن گوشي ۾ موجود هجي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن نامڪمل خواهشون لاشعور جا بند ٽوڙي خوابن جي شڪل ۾ تڪميل جا سڀ مرحلا طئي ڪري وٺنديون آهن.“
ماريه غور سان سندس چهري جي اڀرندڙ لهندڙ تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سندس ڳالهه وچ ۾ ڪاٽي مسڪرائي چوڻ لڳي،
”ائين ئي سهي، انسان پوءِ به خوش نصيب آهي، ڪير کيس پنهنجي مرضيء جا خواب ڏسڻ کان ته روڪي نه ٿو سگھي نه، گھڙي کن لاءِ ئي سهي ماڻهو پنهنجي خوابن جي حسين ۽ دلڪش وادين ۾ بغير ڪنهن ڊپ ڊاء ۽ روڪ ٽوڪ جي مزا ماڻي سگھي ٿو. “
غزل جي منهن تي اداس مرڪ ڇانئچي وئي،
هوءَ وساڻل انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ماريه تون به عجيب آهين ، توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ. توکي ته بنا سپنا
پَسڻ جي سڀ ڪجھ ساڀيان ۾ ملي ويو، تشنه آرزوئون جڏهن خوابن ۾ پوريون ٿيڻ لڳنديون آهن نه، ته سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ اهو درد اڃان به سوايو ٿي ويندو آهي، هر شيء اسان جي پهچ کان پري جو هوندي آهي.“
”صبح ساڻ ڪهڙي فلسفي ۾ اچي منجھيا آهيون، ڇڏ انهن ڳالهين کي نيرن ڪري وٺ ته هلي ڪيون ڪا جر جي. “
ٻئي تڪڙ ۾ ناشتو ڪرڻ لڳيون.

3

فواد ان ڏينهن کان پوءِ ڪئين ڏينهن گذري وڃڻ باوجود وري ماريه وارن وٽ ٻيهر نه آيو هو. غزل اندر ۾ موجود چور جي ڪري ماريه کان به سندس باري ۾ پڇي نه پئي سگھي. هن سان ملڻ ۽ هن کي هڪ ڀيرو وري ڏسڻ جي خواهش ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندي پئي وئي، ليڪن فواد ته ڄڻ ان ڏينهن کان پوءِ ماريه جي گھر اچڻ جو رستو ئي وسري ويو هو. ٻئي طرف ماريه وارن مان به ڪنهن ڪڏهن به سرسري طور به هن جو ذڪر ڪرڻ ضروري نه سمجھو هو.
ڪئي ڏينهن پڄاڻا هڪ ڏينهن هوء جيئن صبح جو سڄاڳ ٿي، اٿي دريء جو پردو هٽايائين ته سامهون آسمان تي گھنگھور گھٽائون ، ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. موسم ڏاڍي دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ پئي لڳي. ٿڌڙي هوا جي جھوٽي جيئن ئي سندس مُک کي ڇهيوته هن جي دل کي فرحت ۽ آسودگي محسوس ٿيڻ لڳي. ڪجھ دير لاءِ هو دريء مان آسمان ۾ ڊوڙندڙ بادلن کي نهاريندي رهي جيڪي هوا جي تيز جھوٽن تي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا پئي وتيا، بادلن کي ائين هڪ ٻئي پويان ترندي ۽ ڊوڙندي ڏسي هن جي چپن تي هڪ آسوده مرڪ ڇانئجي وئي. ڪافي دير تائين هوء ان حسين نظاري ۾ گم هئي ته اوچتو کيس خيال ايو ته نوڪريء تي به وڃڻو آهي، ماريه سندس انتظار ڪندي هوندي. هوء جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري آئي ته ماريه ناشتي تي هن جو انتظار پئي ڪيو اڄ هن موسم جي مناسبت سان سرمائي سلڪ جو جوڙو پهريو هو ڊگها ڪارا گھٽائن جهڙا وار، جنکي ڦڻي ڏئي، صرف ٻه پنون هڻي پُٺاڙن تي کولي ڇڏيو هئائين. هلڪي لپ اسٽڪ لڳل تمام خوبصورت لڳي رهي هئي رنگ ته اڳ۾ ئي ڳورو چٽو هئس وهنجڻ سان وڌيڪ فريش ٿي وئي هئي. ماريه مٿس سرسري نگاه وجھندي زيرِ لب مسڪرائيندي شوخ انداز ۾ ڇيڙڻ لڳي .
”اڄ ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو پورو پورو اهتمام ڪيو اٿئي خير ته آهي نه.، واقعي اڄ تون ڏاڍي پياري پئي لڳين.“
”بس اڄ موسم اهڙي ته خوبصورت آهي، جو دل چيو ته موسم جي حساب سان هلجي. سوري مونکي ڪجھ دير ٿي وئي.“
”اونو ! توکي ائين سينگارجڻ سنورجڻ جو پورو پورو حق آهي، بس تون سدائين سادي رهندي آهين نه، ان ڪري پئي چيم ، چڱو تون ويهه اڄ مون به موسم جي حساب سان ناشتو ٺاهيو آ، حلوو پوريون ۽ آمليٽ ، گھه گرم لڳو پيو آ تولاءِ ٻه گرم گرم پوريون تري ٿي اچان.“
”ماريه پليز ! تون منهنجي لاءِ ايتري تڪليف نه ڪندي ڪر، ٺاهي ڇڏين ها سڀني سان گڏ، ڇڏ مان پاڻ ٿي تري اچان . “
”نه نه ويليون پيون اهن صرف گهه ۾ وجھڻيون آهن گرم گرم پوري جو مزو ئي پنهنجو هوندو اهي. “
ائين چئي پوريون تري کڻي آئي ٻنهي ناشتو ڪيو ۽ آفيس لاءِ نڪري ويون.



شام جي وقت ڪڪر ڪارونڀار ٿي ويا، آسمان لس پٽ ٿي ويو، ڏور پري اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ تي وڄن جا چمڪاٽ هجن، بس اجھو ڪي وسيو، غزل ۽ ٻين اهڙي موسم ڏسندي پنهنجا ڪم سهيڙڻ شروع ڪيا ان نيت سان ته مينهن وسڻ کان پهرين پنهنجي پنهنجي اسٽاپن تي پهچي سوارين جو وڃي پاسو وٺن ، جو کين خبر هئي ته ٿورو مينهن وسيو ناهي سواريون غائب ٿيون ناهن ۽ پوءِ رستن تي باقي بچيل سوارين جا ته ماڻا ئي پنهنجا هوندا آهن . ڪم سهيڙي سڀ ٻاهر نڪتا ته جيڪو انديشو هو اهو ٿيو هلڪو هلڪو وسڪارو شروع ٿي ويو.سڀئي جلدي جلدي پنهنجي پنهنجي بس اسٽاپن ڏانهن وڌي ويا . غزل جيڪا گھڻو ڪري رڪشه ٽيڪسي ۾ گھر ويندي هئي، ڇو ته سندس گھر گھڻو پري ڪونه هئو جو هوء بيهي روٽ بسن جو انتظار ڪري . پر اڄ ته برسات سندس نڪرندي ئي وسڻ شروع ٿي وئي جيئن هوء گيٽ کان نڪتي ته مختلف گاڏيون تيز رفتاريء سان پنهنجي پنهنجي منزلن طرف روان دوان هيون. هلڪو هلڪو مينهن موسم کي ڏاڍو دلفريب ۽ رومانوي بنائي رهيو هو. هونئن به جيڪڏهن روڊ رستا صاف سٿرا هجن پاڻيء جو نيڪال سولو هجي ته موسم جو مزو به ماڻي سگھجي ٿو، پر جي روڊ رستا ڀڳل ٽٽل ڪنهن برباد ٿيل وسندي جو ڏيک ڏيڻ لڳن پاڻي تلائن جي شڪل ۾ بيهي وڃي ۽ گھرن جي گندگي گٽرن مان اٻري انهن تلائن ۾ شامل ٿي وڃي ته پوءِ اهڙيون حسين موسمون به ماڻهن لاءِ بجاءِ رحمت جي زحمت ۽ عذاب بنجي وينديون آهن جيئن اسان جي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ٿوڙي مينهن وسڻ سان ماڻهن لاءِ مصيبت جو باعث ٿي ويندا آهن ان ڪري اڃان آسمان ۾ ڪڪر ڏسبا ناهن دل ئي دل ۾ پيون دعائون گھربيون آهن ته مولا مينهن ڀلي وساء پر اسان جا جھوپا جھڻ نه ٿين.
غزل جون نگاهون رڪشه ٽيڪسي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجھائي رهيون هيون پر هر رڪشه ٽيڪسي ماڻهن سان سٿي پئي آئي. هڪ اڌ رڪشه بيٺي به پر ويجھڙو ڀاڙو ٻڌي انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي هلي پئي وئي. هاڻي ته غزل ڪجھ پريشان ٿيڻ لڳي هئي، ان وقت هڪ ميڊيان سلور ڪلر جي ڪرولا ڪار تيز رفتاريء سان سندس ڀر مان گذري اڳتي نڪري وئي، غزل ان طرف ڪو ڌيان ڪونه ڏنو، ڇو ته هن گذريل ٻن سالن دوران هتي رهندي ڪنهن به سچوئيشن ۾ ڪنهن کان لفٽ وٺڻ جو سوچيو به ڪونه هو. هوء اڃان اتي بيٺي ئي هئي ته هڪ گاڏي اچانڪ سندس سامهون اچي بريڪ هنئي.، هن سمجھو ته ڪا ٽيڪسي آهي ، پر جيئن سندس نظر سلور ڪار تي پئي ته بيساخته سندس نگاه ڊرائيونگ سيٽ ڏانهن کڄي وئي.نگاه پوندي ئي هن جي دل اهڙي ته زور سان ڌڙڪي ڄڻ ڪجھ دير کان پوءِ ڌڙڪڻ ئي ڇڏي ڏيندي. سامهون سيٽ تي ٻيو ڪير نه سندس خوابن ۽ خيالن تي قبضو ڪندڙ فواد موجود هو ۽ خوبصورت انداز ۾ مرڪندي سندس ڪيفيت کان لطف اندوز ٿي رهيو هو هونئن به فواد سحر انگيز شخصيت جو مالڪ شخص هو، هوڪڻڪ رنگو، مردانه وجاهت جو هڪ مڪمل نمونو هو هن جي پُر ڪشش ۽ پُر فريب مسڪراهٽ صنف مخالف کي پاڻ طرف راغب ڪرڻ ۽ پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪرڻ جي مڪمل طاقت رکندي هئي ۽ ان جو کيس ڀلي ڀت احساس به هئو. سندس نگاهن ۾ اهڙي ته بي باڪي ۽ چمڪ هئي جو غزل هڪدم شرمائي نظرون جھڪائي ڇڏيون. هوء ته اڃان ان سحر مان ئي آزاد نه ٿي هئي ته هن جو مطلوبِ نگاه ائين اچانڪ اهڙي سچوئيشن ۾ آڏو اچي بيهندو ، ۽ وري اهڙين بي باڪ نگاهن جو تاب ڀلا ڪٿان پئي سهي سگھي،هن جو ائين نطرون جھڪايون ته سندس ان ادا تي فواد ڄڻ ته فدا پئي ٿيو، پر پوءِ جلدئي پنهنجي جذباتي ڪيفيت تي ضابطو آڻي ورتائين ۽ جھڪي ڀر واري سيٽ جو دروازو کوليائين،
”اچو مان توهان کي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان ، نه ته ماريه آپي چوندي ته سندس پياري سهيلي وچ رستي تي پريشان حال مينهن ۾ پئي ڀِني ۽ مون سندس خيال نه ڪيو. “
غزل ته پاڻ ڪيترن ڏينهن کان فواد سان ملڻ پئي چاهيو، انڌو ته هڪڙي اک ئي غنيمت ڄاڻندو آهي ۽ ائين جي کيس اچانڪ ٻئي اکيون ملي وڃن ته هو ڀلا قدرت جي اهڙي سخاوت تي شڪر گذاري جي ٻيو ڇا ٿو گھري سگھي. هوء قدرت جي فراهم ڪيل موقعي کي ڀلا ڪيئن وڃائي پئي سگھي، پر هن اهو به نه ٿي چاهيو ته فواد هن جي دل جي حالت کي ڄاڻي وٺي ان ڪري مصنوعي طرح تڪلف ڪندي چوڻ لڳي،
”توهان کي هروڀرو تڪليف ٿيندي، مان ته روز ڪنهن نه ڪنهن رڪشه ٽيڪسيء ۾ هلي ويندي آهيان. “
”تڪلف ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، موسم حسين آهي ان ۾ ڪو خوبصورت ساٿي هجي ته آسودگي جو باعث بنجي ويندو آهي هن جي انداز گفتگو ۾ بي تڪلفي ۽ بي ساختگي هئي، هن کي پس وپيش ڪندو ڏسي ،
”جلدي ڪيو ڏسو ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي. “
پويان هارن ٻڌي ڪجھ توقف ڪندي هوء گاڏيء ۾ اچي ويٺي هن جو ڀنل ڀنل مک شرمايل انداز فواد جي دل کي لڀائي رهيو هو، هن گاڏي کي گيئر ۾ وڌو ته رفتار تيز ٿي وئي. هواڃان ٿورو ئي اڳتي ويا هوندا ته برسات ايڏي ته تيز ٿي وئي جو سامهون واري هر شيء ڌنڌلي ٿي وئي گاڏين جا وائيپر مشيني انداز ۾ ونڊ اسڪرينن تي گردش ڪري وسندڙ پاڻي کي هٽاائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا. فواد گاڏيء جي رفتار گھٽائي ڇڏي. ان جي باوجود سامهون ونڊ اسڪرين تي ڪجھ به نظر نه پئي آيو، اهو ڏسي فواد هڪ ڪٽ کان گاڏي آهسته رفتار سان يو ٽرن وٺندي گاڏي سروس روڊ طرف موڙي ڇڏي ۽ هڪ ريسٽورنٽ جي سامهون اچي بريڪ هئين. ۽ غزل ڏانهن منهن ڪندي،
”ڇا خيال آ، ڪجھ دير برسات جھڪي ٿيڻ جو انتظار ڪجي، سامهون ريسٽورنٽ ۾ هلي ڪافي ٿا پيون، ايستائين برسات به خدا ڪندو ته گھٽجي ويندي. “
غزل جي ته دل جي مراد پوري ٿي رهي هئي. ڀلا ماريه وارن جي موجودگيء ۾ هوء فواد متعلق ايڏي ڄاڻ ڪيئن حاصل ڪري سگھي ها، پر هوء فواد آڏو پنهنجي ان ڪيفيت کي هڪدم ظاهر به نه پئي ڪرڻ چاهي. ان ڪري خاموش ٿي وئي. فواد سندس خاموشيء کي روائتي تڪلف سمجھندي بي تڪلفانا انداز اختيار ڪندي چوڻ لڳو.
”ڏسو غزل صاحبه توهان وٽ ٻه آپشن آهن، يا ته هتي گاڏيء ۾ ويهي چپ چاپ برسات گھٽجڻ جو انتظار ڪجي، يا اندر هلي گرما گرم ڪافيء سان لطف اندوز ٿجي. شام جو پهر آ، ڪافيء جي خواهش شدت اختيار ڪري رهي آهي. “
غزل ڪجھه جواب ڏيڻ بجاء ٿوري پس و پيش ڪندي پنهنجي طرف جو دروازو کوليو ته فواد به مسڪرائيندو ٻاهر نڪري آيو۽ گاڏي لاڪ ڪري ريسٽورنٽ طرف تيزيء سان وڌيا، پر پوءِ به سندن ڪپڙا چڱا خاصا ڀڄي ويا. تڪڙا تڪڙا قدم کڻندا اندر داخل ٿي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري دروازي جي ڀر واري ٽيبل تي اچي ويٺا . ان وقت ريسٽورنٽ اندر ايڪڙ ٻيڪڙ ميزون ڀريل هيون . هنن جي ويهندي ئي ويٽر ميز جي ويجھو پهچي ويو ته فواد سواليه انداز ۾ غزل ڏانهن نهاريو جيئن هن جي مرضي معلوم ڪري سگھي پر هوء لا تعلق بني ويٺي رهي، فواد اهو ڏسي پاڻ ئي ڪافي ۽ سينڊوچ جو آرڊر ڏنو، ويٽر جي وڃڻ کان پوءِ هو رسمي انداز ۾ گفتگو ڪرڻ لاءِ کيس مخاطب ٿيو،
”توهان ڪڏهن کان ادي ماريه وارن سان گڏ آهيو. “
”ٻه سال کن ٿي ويا هوندا. “ هن مختصر جواب ڏنو.
”جاب کان علاوه به ڪا مصروفيت آهي.“
”نه ڪا خاص ته نه ، ڪڏهن ڪڏهن شاعريء ۾ طبع آزمائي ڪري وٺندي آهيان، پر فقط پنهنجي شوق جي خاطر آڏيون ابتيون چند سٽون. “
فواد وڌيڪ بي تڪلفانه لهجو اختيار ڪندي سندس حوصلو وڌائڻ خاطر،
”ان جو مطلب ته فنونِ لطيفه جي سڀني صنفن جو شغف رکو ٿا، سٺي ڳالهه آهي، حسن سان گڏ جيڪڏهن شوق به حسين هجن ته اهو ته سون تي سهاڳو ٿيو نه.“
آهسته آهسته غزل جو حجاب به گھٽجندو پئي ويو، هوء ڪا الهڙ دوشيزه ته هئي ڪونه، عمر جي جنهن سنجيده دور مان هوء گذري پئي، اتي حجاب گھڻي دير قائم رهي ناهي سگھندو. فواد به ذري گھٽ سندس ئي هم عمر ٿي لڳو ۽ وڌيڪ اهو ته ورهين کان هن جي من مندر جو ديوتا هو. جنهن سان هن پنهنجي اڪيلاين ۾ ڪيتريون ئي پيار محبت جون ڳالهيون سليون هيون، خيالن ۽ خوابن ۾ هو هميشه ساڻس گڏ رهيو هو اهوئي سبب هو ته غزل کي پهرين دفعي ملڻ مهل به اجنبي نه لڳو هو، اڄ قدرت جي طرفان جيڪو موقعو کيس مليو هو هوء انکي فضول ۽ فرسوده قسم جي حجاب جي نذر ڪرڻ نه پئي چاهي، ان ڪري هن پڪو پهه ڪري ورتو ته، اڄوڪي هن اوچتي ملاقات ۾ هوء کيس اهو سڀ ڪجھ ٻڌائيندي جيڪو هن جي باري ۾ محسوس ڪندي آئي آهي. اچانڪ کيس ڪجھ ياد اچي ويو، جنهن کيس اهو سڀ ڪجھ ٻڌائڻ جو سبب پيدا ڪيو. فواد ان دوران کيس ائين سوچن جي گھري سمنڊ ۾ گم ڏسي هن جي لمحي به لمحي بدلجندڙ تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ان وقت ويٽر سندن آرڊر سرو ڪري هليو ويو ته غزل پنهنجي پرس مان موبائيل فون ڪڍيو، فواد سمجھو ته هوء گھر وارن کي پنهنجي دير ٿيڻ بابت ٻڌائڻ پئي چاهي،
”ٺيڪ آ توهان ڀلي ادي ماريه کي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان برسات ۾ ڦاسي ويا آهيو، هو هروڀرو پيا ڳڻتي ڪندا. “
نه نه مون گھر فون نه پئي ڪئي، در اصل مون توهان کي ڪجھ ڏيکارڻ پئي چاهيو، فواد صاحب منهنجي شاعري ته ضرور بي ربط هوندي آهي پر مان توهان کي پنهنجو ٺاهيل هڪ مجسمو ضرور ڏيکارڻ چاهيندس، جيڪو منهنجي خيال ۾ منهنجي هن سڄي ڪيريئر جو شاهڪار هو. “
فواد حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ از راهِ مذاق چوڻ لڳو،
”يقينا“ توهان جي خوبصورت مخروطي آڱرين ڪو نه ڪو شاهڪار ضرور گھڙيو هوندو، پر هتي ته ڪجھ نظر نه ٿو اچي، ڇا توهان جي شولڊ بيگ ۾ آهي. “
”نه، نه، اهو ته لاهور آرٽ ڪاليج جي پراپرٽي هو، پر مون ان جون مختلف زاوين کان ڪجھ تصويرون ضرور ڪڍيون هيون، جن کي وقت به وقت ڏسي، پنهنجي ،ئي تراشيل ان مورت سان دل وندرائيندي رهندي هيس، ۽ پوءِ دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ اهو شغل به ختم ٿي ويو هو. توهان ڏسڻ پسند ڪندئو.“
”واء ناٽ ! “
هن ايستائين موبائيل مان سرچ ڪري اهو پيج ڪڍي ورتو ۽ فواد ڏي وڌايو.
”توهان ڪلڪ ڪندا وڃجو، ڪئي تصويرون آهن، پوءِ فيصلو ڪري ٻڌائجو ته منهنجو ورڪ آئوٽ توهان کي ڪيئن لڳو. ،“
فواد پهرين تصوير ڏٺي پر هن جي چهري تي ڪو خاص تاثر ڪونه اڀريو، غزل غور سان سندس چهري جي تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.، فواد جيئن جيئن تصويرون ڏسندو ويو، سندس چهري جا تاثرات بدلجندا ويا، حيرت سندس منهن مان صاف بکي رهي هئي. محويت جو اهو عالم هو جو سندس ڪافي ۽ سينڊوچ ٿڌا پئي ٿيا، پر هو ته بس تصويرن کي ڪڏهن زوم ته ڪڏهن نارمل ڏسندو پئي ويو. آخر جڏهن سڀ فوٽو ختم ٿي ويا ته هن جي چهري جا تاثرات ڏسڻ جهڙا هئا، بي ساخته سندس زبان مان نڪتو،
”حيرت انگيز،! حيرت انگيز ! ايڏي مشابهت. ڇا ڪو شخص ايڏو وڏو فنڪار ٿي سگھي ٿو، جيڪو هو بهو اهڙي تصوير چِٽي يا ڪو اهڙو فن پارو گھڙي سگھي، جيڪو وجود اختيار ڪري وٺي، ناممڪن ! ڪنهن تصوير ۾ ڪنهن ماڻهو جي ٿوري گھڻي شبيهه ته مماثلت رکي سگھي ٿي، ليڪن ڪنهن جئري جاڳندي شخص جي مڪمل شبيهه، ڀلا ڪنهن جي تصور ۾ ڪيئن اجاگر ٿي سگھي ٿي. يقينا“ ڪڏهن ماريه جي ڪنهن آلبم ۾ منهنجي ڪا تصوير اوهان جي نظر مان گذري هوندي ۽ اها لاشعور جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهجي وئي هوندي.پوءِ جڏهن توهان هي مجسمو گھڙي رهيا هوندئو ته ان جا خد وخال توهان جي لاشعور جي ان گوشي مان نڪري نروار ٿيا هوندا ۽ ان مجسمي کي گھڙڻ ۾ توهان جي مدد ڪئي هوندي. “
”نه، بلڪل نه، اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي هئي، ماريه سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يونيورسٽي ۾ ٿوري وقت لاءِ رهي هئي، ان کان پوءِ هن جي شادي ٿي وئي. مان لاهور هلي ويس، اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي سان ڪي فوٽوگراف شيئر نه ڪيا هئا، نه تڏهن، نه وري هن سان گڏ رهائش اختيار ڪرڻ دوران. حيرت ته مونکي به ٿي هئي جڏهن مون توهان کي ماريه وٽ ڏٺو هو. ماريه کي ته اڃان تائين به منهنجي هن تخليق بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽، ۽ حقيقت اها آهي ته مان انهن گذريل ٽن چئن سالن ۾ ان متعلق ذري گھٽ وسري ئي وئي هئس. اهو ته جڏهن توهان منهنجي روبرو آيا ته ذهن هڪ جھٽڪو کاڌو هو.“
”پوءِ ته داد ڏيڻو پوندو توهان جي ان تصوراتي دنيا کي، جيڪا ايڏي ته طاقتور آهي جيڪا پنهنجي ان تخئيلاتي قوت سان هڪ اهڙو شاهڪار گھڙي وٺي، جنهن جو وجود هن دنيا ۾ موجود هجي. ڪمال آهي، ! مس غزل توهان بهترين مجسمه ساز آهيو، نه صرف بهترين مورت گھڙيندڙ، بلڪه نهايت طاقتور تخليق ڪار پڻ، جنهنجي مخروتي آڱرين جي جنبش سان اهڙو شاهڪار سرجي وڃي جيڪو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو هڪ حقيقي وجود رکندو هجي. ان جو ته ا مطلب ٿيو ته اسان جو ماريه وٽ ملڻ به ڪو اتفاق نه هو، پر اها به توهان جي لاشعور ۾ دٻيل خواهش جي شدت هئي، جنهن ان حقيقي وجود کي اوهان جي آڏو آڻي بيهاريو.۽ اهو سڀ موجوده دور جي ماديت پرست دنيا ۾ ، جتي انسان انسان جي رت جو پياسوهجي،هر طرف نهاريو صرف نفسا نفسي ڪر کنيو بيٺي آهي هر ماڻهو ٻئي لاءِ منفي سوچ، ساڙ ۽ حسد کنيو پيو موقعا تلاش ڪندو وتي ته ڪيئن هن کي تڪليف پهچائي سگھجي ٿي، رُڃ هر طرف واڪا پئي ڪري، جتي لطيف جذبن ۽ خوبصورت خواهشن جي متعلق سوچڻ کي وقت جو زيان سمجھيو وڃي، اهڙي ڪم ظرفي جي ماحول ۾ ڪو شخص پنهنجي ان حسين تصوراتي دنيا کي ائين سجايو سنواريو وتي جو آخر ڪار سندس تخيل حقيقي روپ ڌاري وٺي . مونکي ته اهو سڀ ان دور جي خيالي ڪهاڻي پيو لڳي، جڏهن ڪو شهزادو ڪنهن سونهري مڇيء جي پيٽ مان نڪتل سونهري وار ڏسي ضد ڪري ويهندو هو ته جنهن ڇوڪريء جو هي خوبصورت وار آهي ان سان شادي ڪندو ۽ پوءِ سندس تلاش، آخر ان ڇوڪريء تائين پهچي ئي تڪميل تي پهچندي هئي. “
”ڇڏيو فواد صاحب توهان به ڪهڙين پرين ۽ شهزادين جي ديس وڃي پهتا آهيو، ڪافي پيو، ڏسو نه برسات به بيهي وئي آهي. هاڻي گھر هلڻ گھرجي نه ته ماريه پريشان ٿيندي. “
ٻئي ڪافي ختم ڪري بي دليو اٿن ٿا،نه ته ٻنهي جي دل نه پئي چاهيو ته هي حسين قربت ائين ختم ٿي وڃي.
رستي ۾ غزل فهد کي هڪ گذارش ڪئي ته هوان مجسمي جي حقيقت جي متعلق ماريه يا ڪنهن ٻئي سان ان جو ڪوبه ذڪرنه ڪري ته بهتر ٿيندو.گھر پهتا ته ماريه افراز ۽ ٻار غزل جو انتظار ڪري رهيا هئا، کيس ڏسندي ئي ماريه پريشانيء مان کانئس پڇيو ته هوء اهڙي برسات ۾ ايتري ديرڪٿي رهجي وئي هئي، ليڪن پويان ايندڙ فواد کي ڏسي خاموش ٿي وئي ، البته افراز جي چهري تي عجيب قسم جي شڪايت ۽ ناگواري جا مليل جليل تاثرات اڀري آيا هئا، فواد ماريه ۽ افراز جي معني خيز تاثرات کي هڪدم تاڙي ورتو، ۽ ڳالهه کي نباهيندي خوشدليء سان ماريه کي مخاطب ٿي،
”هي توهان جي غزل صاحبه ، برسات ۾ پسار ڪرڻ جو شوق فرمائي رهي هئي ته اچانڪ منهنجي نگاه مٿس پئجي وئي ته از راهِ همدردي مون کيس گھر تائين لفٽ جي دعوت ڏني، پر همدردي اهڙي ته ڳچيء ۾ پئجي وئي جو محترمه جي گاڏيء ۾ ويهندي ئي برسات ايڏي ته تيز ٿي وئي جو ڪجھ به نظر نه پئي آيو. مجبورا“ سامهون واري هڪ ريسٽورينٽ ۾ پناه وٺڻي پئي ۽ پوءِ برسات رڪجندي ئي توهان جي غزل صاحبه کي گھر پهچائڻ جو فرض پورو ڪرڻو پيو. بس اهائي ڪل ڪهاڻي آهي . “
ماريه ايڏي وضاحت پيش ڪرڻ تي کلي ڏنو، ليڪن افراز کي غزل جو ائين بي تڪلف ٿي فواد سان گڏجي اچڻ دل کي بيچين ڪري ويو. هن کي فواد سان عجيب طرح جي بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي، پر دل جو سور دل ۾ ئي پي ويو. چو ته هو چڱي پر ڄاڻي پيو ته هن کي اهو سڀ سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي ۽ نه وري ڪو حق. هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي پنهنجي انداز سان جيئڻ جو پورو حق آهي.
غزل ڪپڙا تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ته فواد به موڪلائڻ لڳو پر ماريه اهو مناسب نه سمجھندي کيس اهو چئي روڪي ورتو، ته هاڻي جي موقعي سان اچي ئي ويو آهي ته رات جي ماني کائي پوءِ وڃي.



ڪجھه ڏينهن لاڳيتو وقفي وقفي سان برسات پوندي رهي، سڄو ماحول ڌوپي صاف سٿرو ٿي ويو هو برسات ختم ٿي ته موسم ڪافي خوشگوار ٿي وئي هئي گھٽ ٻوسٽ ۽ گھميل موسم کانپوءِ ڪراچيء ۾ جڏهن ڪڪر کُلي وسندا آهن ته آسپاس جي هر شيء ڌوپي نکري پوندي آهي،گاڏين جي اوڳاڇيل دونهين ۾ ڪاراٽيل وڻ ٽڻ ڌوپجي چهچ ساوا پيا لڳندا آهن، فضا ۾ عجيب قسم جي هٻڪار مَن کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي موسم ۾ ڪهڙي ڪافر جي دل نه چاهيندي ته ڪنهن پُر فضا مقام تي وڃي موسم کي انجواء ڪري.
هوڏانهن غزل به ان ڏينهن کانپوءِ نهايت پُر جوش، خوشگوار ۽ پُر بهار موڊ ۾ رهڻ لڳي هئي سندس ان تبديلي کي ٻئي ڪنهن نوٽ ڪيو يا نه، ليڪن افراز کي الائي ڇو ائين لڳي رهيو هو ته هوء ڪافي بدلجي وئي آهي، روزانه سٺي نموني ڊريس اپ ٿيڻ ، هر وقت شاعراڻه ڳالهيون، ڳالهه ڳالهه تي لبن تي دلفريب مرڪ، هر ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ، رڌ پچاءُ ڪندي جھونگارڻ ، ڀلا غزل جي فطرت ۾ اهي سڀ ڳالهيون افراز گذريل ٻن سالن ۾ ڪٿي محسوس ڪيون هيون . بجاءِ خوش ٿيڻ جي، هن جي بيچيني ۽ بيقراري وڌندي پئي وئي. ڇا فواد ۽ غزل جو ان ڏينهن ملڻ محض اتفاق هو ؟ اهي شڪ شبها هن جي اندر ۾ وڍ وجھي رهيا هئا.



اڄ موڪل جو ڏينهن هو، سڀئي ڪجھ دير ڪري اٿيا، غزل هلڪو ڦلڪو تيار ٿي ٻاهر نڪري آئي، هوء ڪافي فريش پئي لڳي، افراز کيس چور نگاهن سان نهاريندو رهيو. ليڪن هوء سندس احساسن کان بيخبر سڌو ڪچن ڏانهن هلي وئي. ۽ بيضا کير ۾ کنڊ مڪس ڪري فرينچ ٽوش ٺاهڻ لڳي، ماريه آمليٽ ۽ اوڦراٽا پئي ٺاهيا، کيس ٽوسٽ ٺاهيندو ڏسي کلندي چيائين،
”لڳي ٿو اڄ مٺو کائڻ جو موڊ آهي.“
”بس جسٽ فار سم چينج.“
”ڇو ڪونه، ڪڏهن ڪڏهن معمول کان هٽي به ڪجھ ڪرڻ گھرجي.“
هي ٻئي اڃان اهي ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته ٻاهريون در کڙڪيو، ماريه جي نگاه فورا“ سامهون لڳل گھڙيال ڏي وئي، وقت ڏسي چوڻ لڳي،
”هينئر ڀلا ڪير آيو هوندو.“
آواز تي افراز بي دليو اٿيو، هن جي چهري تي بيزاري صاف بکي رهي هئي آهستي آواز ۾ ڪجھ ڀڻڪندو دروازي ڏانهن ويو، جيئن ئي دروازو کوليائين ته سامهون فواد تي نظر پوندي ئي اندر ۾ ٻه ٽي ٻُلتار ڏيندي بظاهر خوشدلي ڏيکاريندي، سلام ڪري کيس اندر وٺي آيو. فواد اندر داخل ٿيندي ئي بورچيخاني ۾ موجود خواتين تي نظر وجھي مسڪرائيندي چوڻ لڳو،
”خوشبو ته واه جي پئي اچي، لڳي ٿو ته ماريه بيبي آمليٽ پئي ٺاهي، واه جو وقت تي پهتو آهيان، اڄ جيئن سجاڳ ٿيس ته سوچيم ڇونه ناشتو توهان سان ڪجي.“
اهو ٻڌي افراز جو ته هانو ئي سڙي ويو پر هو ننڍو هئڻ جي ناتي ۽ اخلاقي تقاضائن جي پيشِ نظر ڪُڇي پُڇي نه ٿي سگھيو. ماريه البته ساڳي خوشدلي سان چوڻ لڳي ،
”خبر اٿم توکي آمليٽ ۽ گرم گرم اوڦراٽو۽ اهو به منهنجي هٿن جو بيحد پسند آهي، “
فواد به ريءَ سڏئي مهمان وانگر بي تڪلفي سان ڊا.ننگ ميز تي ڪرسي سرڪائي اچي ويٺو، ته افراز قهر آلود نگاهن سان کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.
خوشگوار ڳالهين ۾ ناشتو ختم ٿيو ته سڀ اچي لائونج ۾ ويٺا. غزل جيڪا هونئن ته فورا“ پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي، اڄ چانهه جو مڳو کڻي اچي هڪ صوفي تي ويٺي. فواد کي ڏسندي ئي سندس دل ڊانوان ڊول پئي ٿي، پر وڏي مشڪل سان پنهنجي احساسات کي لڪايو ويٺي هئي ۽ جھڪيل نگاهن سان بار بار فواد ڏي پئي نهاريائين. فواد هن جي اهڙن جذبات کان بي خبر ماريه مرينه ۽ آشر سان کل ڀوڳ ۾ رُڌو پيو هو. ان وقت مرينه کي الائي ڇا سجھيو چوڻ لڳي،
”ڀائو، مينهوڳيء کان پوءِ موسم ڪهڙي نه پياري ٿي وئي آهي هلو نه، اسانکي ڪٿي گھمائي اچو، ڪافي عرصو ٿي ويو آهي ڪيڏانهن گھمڻ ڪونه نڪتا آهيون. “
اهو ٻڌي عاشر به لاڳ وٺرايس، ” ها ماما وٺي هلو نه اسان کي ، سمنڊ تي ٿا هلون، خاله ٺيڪ آ نه. “
ماريه گھڻوئي اشارن ۾ کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جو اڄ ڪيڏانهن به وڃڻ جو موڊ نه هو، ويتر افراز جي ڦوڪيل شڪل کي به محسوس ڪري ورتو هئائين، ان ڪري به نٽايائين پئي. پر ان گھڙِيء اچانڪ غزل کي ڇا ٿيو، هڪدم ٻارن جي ها ۾ ها ملائيندي ،ماريه جي اشاري کي سمجھڻ جي باوجود به چوڻ کان نه رهي،
”ماريه ڇا ٿي پيو ٻار سهي ته چون پيا، ڏس نه موسم ڪهڙي خوشگوار پئي لڳي، آسمان تي هلڪا هلڪا بادل ۽ ٿڌڙي هوا اسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي، واقعي ڪنهن پُر فضا هنڌ تي هلي سڄو ڏينهن گذارجي.“
افراز ۽ ماريه وائڙا ٿي کيس ڏسڻ لڳا، هي اها غزل آهي، هر وقت قنوطيت جو شڪار رهڻ واري، ڪيڏانهن هلڻ لاءِ منٿون ايلاز ڪبا اٿس ته سوين بهانا پئي ڪندي آهي ۽ اڄ ٻارن جي ها ۾ ها پئي ملائي. فواد به غزل جو به راضپو ڏٺو ته بظاهر ان کي نظر انداز ڪندي مرينه کي چوڻ لڳو،
”سوچيون ٿا ته اڄ موڪل جو ڏينهن ڪيئن گذارجي، چڱو هيئن ٿا ڪيون جو ڪيرم ٿا کيڏون، ڇا خيال آ. “
”پر ماما ، مان ته ڪمپيوٽر تي روز گيم کيڏندو آهيان، مونکي ڪيرم ناهي کيڏڻو. “
ماريه افراز جي موڊ کي سمجھندي ان جو هڪڙو حل ڪڍيو،
”فواد ! ٻارن کي تون ۽ افراز وڃي ڪٿان چڪر هڻائي اچو. “
.اهو ٻڌي افراز جيڪو الائي ڇو غزل جي ان بدليل رويي جي ڪري هڪ مرد هجڻ جي ناتي گھڻو ڪجھ سمجھي ويو هو، ۽ هڪ اڻ ڄاتل وسوسو سندس اندر ۾ بيچينيء جو سبب بنجندو پئي ويو ۽ فواد جي اچڻ تي صبح کا تتو ويٺو هو، هڪدم انڪار ڪندي چيائين ته هن جو بلڪل موڊ ناهي، هوڏانهن ٻار ضد ڪري ويهي رهيا، اهو ڏسندي ماريه مجبورا“ حامي ڀريندي چوڻ لڳي ،
”ٺيڪ آ منجھند جي ماني کائي پوءِ هلون ٿا. هن جو مقصد هو ته ٿي سگھي ٿو ته ايتري دير ۾ افراز به فواد جو ائين اوچتو اچڻ کي سهسائي وڃي يا ٻارن جو آٽو ئي لهي وڃي. پر اڄ ته هن جي هر ڳالهه رد ٿيندي پئي وئي، فواد ماريه کي اڌو گابرو جو راضي ڏٺو ته کيس غزل جي سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ جي خواهش جو خيال آيو ،
”ڇڏيو رڌ پچاء کي هرو ڀرو پاڻ کي ٿڪائڻ مان ڪهڙو فائدو، منجھند جو ڪٿي هلڪي ڦلڪي لنچ ڪنداسين پوءِ نڪري هلنداسين سمنڊ طرف ۽ ڪنهن تنها گوشي ۾ هلي موسم جو لطف وٺنداسين، ٻار به چڱي طرح انجواء ڪن. “
غزل جي ته دلي مراد پوري ٿي هئي، هن کي اڄ سڄو ڏينهن فواد جي قربت ۾ گذارڻ جو موقعو جو مليو پئي، هڪدم چوڻ لڳي،
”واپسيء تي سمنڊ ڪناري ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ڊنر منهنجي کاتي ۾“.
”اڙي واه ! اڄ ته صبح کان سرپرائيز پيا ملن ،واه ! غزل بيگم ڏاڍي موج ۾ آهي. “
ماريه اهو سڀ مذاق ۾ کلندي چيو، ليڪن غزل گھٻرائجي وئي ڄڻ ڪنهن هن جي دل جو چور پڪڙي ورتو هجي.
بهرحال افراز به طوها“ قرها“ هنن جي پروگرام تي راضي ٿي ويو ۽ ائين سڀ پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن تيار ٿيڻ لاءِ هليا ويا ته فواد اخبار کڻي سرسري نگاه سان ڏسڻ لڳو.
ڪجھه دير کان پوءِ سڀئي موسم جي مناسبت سان تيار ٿي ٻاهر آيا، غزل هلڪي آسماني رنگ جي لانگ شرٽ ۽ ٽائيٽس پهريل هلڪي هلڪي ميڪ اپ ٽچ ۾ ڪافي گريس فل پئي لڳي، هونئن به عورت پخته عمر ۾، جڏهن سندس شخصيت ۾ مطانت، سنجيدگي ۽ بردباري به شامل ٿي ويندي آهي ان کان علاوه جيڪڏهن شڪل و صورت به من موهڻي هجي ته سندس خوبصورتي ۾ چار چنڊ لڳي ويندا آهن، اهوئي حال غزل سان به هو ڪڻڪ رنگي رنگت، کڙا نيڻ نقش، چهري تي موجود سنجيدگي، کيس ڪافي پُر ڪشش بنائي چڏيو هو، مٿان وري ڊريسنگ ڪرڻ جو رنگ ڍنگ، هوء هر لحاذ کان دل کي لڀائيندڙ شخصيت جي مالڪ بنجي وئي هئي، افراز ته کيس ڏسي دل ئي دل ۾ فدا پئي ٿيو، البته فواد جي احساسات جي ڪنهن کي ڪا پروڙ ڪانه پئي. هن هڪ سرسري نگاه سندس مٿان وڌي ۽ پوءِ نظرون هٽائي، هلڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو.
گھران نڪري هو ڪجھ دير لانگ ڊرائيو جو مزو وٺندا رهيا، ٻارن رستي ۾ جوس ورتا، ائين گھمندي ڦرندي،ڪافي وقت گذري ويو ته ماريه صلاح ڏني ته ڇونه پهرين ڪٿي هلڪي ڦلڪي لنچ ڪري وٺجي سڀئي سندس ڳالهه سان متفق ٿي ويا ، جھڙالي موسم ۾ هونئن به بک ڪجھ سوائي ٿي ويندي آهي، ۽ ڪجھ چٽ پٽو کائڻ تي دل ڪڍندي آهي، ان ڪري هو هڪ اهڙي جاء تي اچي پهتا جتي کين موسم جي لحاظ کان سندن من پسند جون شيون ملي سگھن، لنچ کان پوءِ آئسڪريم کائي اتان روانا ٿيا ، ڪجھ دير لاءِ ٻارن کي جھولن ۽ پلي لينڊ تي وٺي ويا ائين اچي شام ٿي ته هو ڪلفٽن پهتا، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هو اهڙو هنڌ ڳولهي رهيا هئا، جتي رش ڪي قدر گھٽ هجي، موڪل جو ڏينهن ۽ گھڻن ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ خوشگوار موسم ۾ ماڻهو پنهنجي ڪٽنبن سان گڏجي گھرن مان کاڌي پيتي جون شيون تيار ڪري، سڄو ڏينهن کليل فضا ۾ گذارڻ لاءِ پهتل هئا. ان ڪري شام ٿيڻ کان پهرين ئي ڪافي رش ٿي وئي هئي. آسمان اڄ به بادلن سان ڍڪيو پيو هو. فواد ۽ ڪمپني به آخر ڪار هڪ اهڙي جاء تي گاڏي اچي بيهاري، جتي ڪجھ گھٽ ماڻهو هئا. هو سڀ گاڏيء مان لهي سمنڊ طرف وڌي ويا، انهي وقت افراز جي نگاه ڪجھ پرڀرو موجود فهد ۽ فيمليء تي پئجي وئي. اتفاق سان فهد به کيس ڏسي ورتو ۽ اتان ئي اشاري سان کيس پاڻ ڏي سڏيو، افراز ته هونئن ئي فواد جي موجودگي ۾ هن پروگرام کان بيزار پئي لڳو. هو فواد کان خبر ناهي ڇو هميشه خار کائيندو هو ويترجو غزل جي سڄي توجه بس اڄوڪي هن پڪنڪ کي وڌ کان وڌ خوشگوار ڪرڻ تي لڳي پئي هئي،ان ڪري افراز پنهنجو پاڻ کي هن سڄي ڪمپنيء ۾ اڪيلو ۽ فالتو محسوس ڪري رهيو هو، ان ڪري جيئن ئي فهد کيس اشارو ڪيو هن موقعو غنيمت ڄاتو ۽ چپ چاپ بغير ڪنهن کي ڪجھ ٻڌائڻ جي هنن ڏانهن وڌي ويو.

4

عرشيه ائين اچانڪ افراز کي پنهنجي قريب ڏٺو ته هن جي خوشيء جي انتها نه رهي. هوء پهرين ملاقات ۾ ئي افراز کي پسند ڪرڻ لڳي هئي ۽ هميشه دل ئي دل ۾ کيس ياد ڪندي رهندي هئي. اڄ ائين اچانڪ کيس ڏسي تمام گھڻي خوش هئي ۽ گھر وارن جو خيال نه ڪندي کيس هٿ کان جھلي، سمنڊ جي بيتاب ٿي ڪناري ڏانهن وڌندڙ ڇولين طرف وڌي وئي. سندس گھر وارا به ايترا آزاد خيال ضرور هئا جو هنن ڌيء جي ان حرڪت کي ٻاراڻي سمجھي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ۽ خوش گپين ۾ مصروف ٿي ويا البته افراز هن اچانڪ حملي لاءِ تيار نه هو. پهرين ته هو پريشان ٿي ويو، ليڪن عرشيه کيس اعتراض ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو هو، هو به صبح کان پاڻ کي نظر انداز ٿيندو محسوس ڪندي، دل ۾ گھڻو اداس ٿي ويو هو ۽ پاڻ کي هن ماحول کان پري رکڻ پئي چاهيائين. ان ڪري هن عرشيه جي ساٿ کي ئي غنيمت سمجھيو.
ماريه ۽ غزل هڪ تنها هنڌ تي اچي ويٺيون ۽ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇولين ڏانهن بي مقصد نهارينديون ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون رهيون، فواد کانئن لاتعلق بڻجي ٻارن سان گڏ سمنڊ ڏانهن اٿڻ وارين لهرن طرف وڌي ويو ته هو ٻئي کين انجواء ڪندي ڏسنديون رهيون.. غزل دل ۾ سوچي رهي هئي ته ڪاش! فواد هن کي به پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چوي ها، پر هو ته ان گھڙِي ائين لا تعلق بنجي ويو ڄڻ اسان جي وچ ۾ ڪا شناسائي ئي ڪونهي. مون کي نظر انداز ڪرڻ خاطر هو ماريه سان به تڪلف پيو ڪري، يا هو ڄاڻي واڻي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته مان هن لاءِ بلڪل به اهم ناهيان، ته پوءِ هو هتي صرف سمنڊ جون لهرون ڳڻڻ لاءِ آيون هيون ڇا، مون ڪيڏي نه چاهه سان پروگرام جوڙيو هو، صرف ان آسري ته اهي ڪجھ گھڙيون فواد جي قربت ۾ گذرنديون. هن کي پنهنجي ورهين جي اندر ۾ سانڍيل محبتن جو احساس ڏيارينديس.، پر هي ته مون کي سڃاڻي به ڪونه ٿو. هوء انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته ماريه هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته هوء ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان نڪري آئي،
”وري ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويئي، پروگرام ٺاهڻ مهل ته ڏاڍي پُرجوش هئينء“
”بس ماريه هاڻي گھڻي دير ٿي وئي آهي، مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان، هاڻي واپسي ڪرڻ گھرجي.“
سندس ڳالهه ٻڌي ماريه کلڻ لڳي،
”دير... ! منهنجي راڻي! توهان جو پروگرام ته سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ جو هو، اڃان ته ڪاٿي ٿيو ڪوهيار، اڃان ته رات جي ڊنر جي دعوت آهي توهان جي طرفان، ته پوءِ ڇا ٿيو اڃان ته شام مس ٿي آهي، ها، جي هتي ويٺي ويٺي بور پئي ٿين ته اٿ ته پاڻ به هلي ٿا پير ٿڌا ڪيون، هتي ويٺي ويٺي ٽنگون ئي سُڪي ويون آهن..“
هوء زبردستي غزل جو هٿ جھلي هيٺ لهي وئي ۽ ٻئي پسار ڪنديون فواد، مرينه ۽ آشر وٽ اچي پهتيون، جيڪي پاڻيء ۾ لهرن کي جھلڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا. هنن کي ايندو ڏسي فواد مرڪندي چوڻ لڳو،
”ان جو مطلب ته ليڊيز کي خيال اچي ئي ويو ته هو هتي انجواء ڪرڻ آيون آهن، ورنه مون کي لڳو ته توهان اڪيلائي ۾ ويهي ڪنهن ڪهاڻي جو پلاٽ سوچڻ آيون آهيو يا عام عورتن جيان ڪنهن نه ڪنهن جون گلائون پيون ڪيو..“
غزل ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ليڪن ماريه به ساڳئي برجسته انداز ۾ وراڻيو،
”توهان به اسان کان ائين لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ لڳا، ڄڻ اسان توهان سان گڏ آيل ڪو فالتو سامان هجون، سڀني پنهنجون پنهنجون مشغوليون ڳولهي ورتيون، افراز ته ايندي ئي غائب ٿي ويو ۽ باقي اسان...... سواء لهرون ڳڻڻ جي ٻيو ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھياسين. شايد توکي غزل جي ڪري اوپرائپ جو احساس پيو ٿئي.“
”نه بابا ! اهڙي ڳالهه ڪانهي ، مس غزل جيتري توهان جي پنهنجي آهي، اوتري ئي منهنجي ..... ،” آء مينِ“ توهان جي ڪزن هجڻ جي ناتي ڀلا مونکي کانئس ڪهڙو حجاب ٿي ٿو سگھي. بس توهان جي پرائيويسي جي خيال کان مون مُخل ٿيڻ نه پئي چاهيو.“
”اوڪي بابا! زياده صفائي ڏيڻ جي ضرورت ناهي، اصل ۾ غزل سخت بور پئي ٿي ۽ واپس هلڻ لاءِ پئي پر سويائين.. ،
”ٺيڪ آهي ته پوءِ توهان جي سهيلي صاحبه جي بيزاريء کي ختم ڪرڻ لاءِ هلو ته هُن بيچ بگيء جي سواري ٿا ڪيون. “
ائين وري سڀئي مشغولين ۾ گم ٿي ويا، ڪو اٺ جي سواري پيو ڪري ته ڪنهن گھوڙي سواري کي ترجيح ڏني. جڏهن رات جي اونداهيء پنهنجا پر پکيڙيا ته هنن به واپسيء جي تياري پڪڙي، ان دوران افراز به اچي ساڻن گڏيو هو. رات جي ڊنر لاءِ سڀني عثمانيه جو انتخاب ڪيو. ڊنر کان پوءِ سڀ ٿڪجي هارجي اچي گھر پهتا. فواد موڪلائي هوٽل روانو ٿي ويو.



ان ڏينهن کان پوءِ غزل ۽ فواد اڪثر انسٽيٽيوٽ کان واپسي تي ملندا رهندا هئا، پر فواد تاڪيد ڪيو هو ته في الحال هنن ملاقاتن جو ذڪر گھر ۾ ڪنهن سان نه ڪيو وڃي، وقت اچڻ تي هو پاڻ ماريه کي سڀ ڪجھ ٻڌائيندو. ائين وقت گذرندو رهيو هنن ٻنهي جي دوستي ڪافي پختي ٿي وئي هئي ۽ غزل جون اهي سڀ آرزوئون تمنائون ماٺيون ٿينديون پئي ويون جن کي پوري ڪرڻ جي حسرت ۾ هن ڪئي خوبصورت ورهيه ائين گذاري ڇڏيا هئا، هو زندگي کي هاڻي ڀرپور انداز ۾ جي رهي هئي، ڪنهن کي سندس تخيلاتي آدرش ائين ملي سگھي ٿو، هوء ڪيڏي نه خوش قسمت آهي جو هن جيڪو چاهيو اهو نه صرف اڄ هن جي آڏو آهي بلڪه هو هن جو خيال به رکي ٿو هن تي ڀرپور توجه ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ هن ڪڏهن به پنهنجي پسند يا نا پسند جو کلي طرح اظهار نه ڪيو هو، پر هوء ڄاڻي پئي ته هر ڳالهه، هر جذبي هر احساس کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ضروري ناهي هوندو، جنهن کي توهان من جي گھراين سان چاهيو ٿا جيڪڏهن هو ڪجھ پلن لاءِ به توهان سان گڏ آهي ته اهائي توهان جي خوابن جي تڪميل آهي، عورت محبتن جي مامري ۾ هميشه اڪتفا پسند رهي آهي، ننڍپڻ کان ان جي تربيت اهڙي انداز ۾ ٿيندي آهي ته هوء ڀائرن توڙي گھر ۾ رهندڙ سڀني مردن جي مقابلي ۾ ڪمتر ليکي ويندي آهي، سڀ کان پهريون حق هر شيء تي مردن جو، باقي بچي کُچي سندس حصي ۾ ، ائين ڪڏهن ته هوء ان تي ئي صابر شاڪر رهندي آهي ۽ ڪڏهن وري احتجاجن سڀ ليڪا لتاڙي ويهندي آهي. اڪتفا پسندي يا صبر شڪر جي حالت ۾ جيڪو مليو اهو هوء پنهنجو نصيب سمجھي شڪر گذاريء جي احساس سان لبريز ٿي ويندي آهي.



وقت ائين گذرندو رهيو، افراز جي ايم بي اي به ڪڏهوڪي مڪمل ٿي وئي هئي ۽ هن پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري لاءِ اپلاءِ به ڪيو هو ۽ اتفاق سان کيس اسلام آباد ۾ ڪنهن ڪمپنيء ۾ نوڪري ملي وئي. ته ماريه به آشر ۽ مرينه جي وئڪيشن ۾ اسلام آباد وڃڻ جو پروگرام ٺاهڻ لڳي. پر هاڻي مسئلو هو غزل جو، هوء اڪيلي ڪيئن رهندي، گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن غزل کي صلاح ڏني ته يا ته هوء هنن سان گڏ ڪجھ عرصي لاءِ اسلام آباد هلي يا وري سکر ڪجھ ڏينهن لاءِ مائٽن وٽ رهي اچي. جيڪڏهن هن کي اهي ٻئي آپشنز قابلِ قبول نه لڳن ته پوءِ کيس فليٽ ۾ اڪيلو رهڻو پوندو. غزل اهو ٻڌي سخت پريشان ٿي وئي. اهي ٻئي آپشنز هن لاءِ قابلِ قبول نه هئا. انڪري هن ماريه کان سوچڻ جو وقت گھريو. ماريه کي وڃڻ ۾ اڃان ڏهه پندرهن ڏينهن هئا، انڪري هُن کيس اطمينان ڏياريو ته آرام سان فيصلو ڪري وٺي.
ان ڏينهن کان وٺي غزل پنهنجي انسٽيٽيوٽ جي اسٽاف ميمبرن کي رهائش لاءِ ڪو انتظام ڪري ڏيڻ لاءِ چيو. خوش قسمتي سان هڪ اهڙي رهائش جو آسرو مليو جيڪو هر لحاظ کان غزل لاءِ مناسب هو.
هڪ ننڍڙو پر ڊبل اسٽوري بنگلو هو جنهن ۾ هڪ پارسي عورت پنهنجي ٻن ٻارن ۽ هڪ ملازمه سان گڏ رهندي هئي، ان جو هيٺ هڪ پورشن جيڪو هڪ ڪمري ۽ باٿ وغيره تي مشتمل هو. شايد مهمانن لاءِ ٺهيو هو جيڪو بلڪل الڳ ٿلڳ هو اهو خالي هو. هوء چاهي ته گھر وارن سان ميل جول رکي نه چاهي ته وچ وارو دروازو بند ڪري ٻاهرين در کان اچ وڃ ڪري سگھي پئي. ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي ۽ مسواڙ به مناسب هئي. رهائش جو اهڙو محفوظ بندوبست ٿيڻ تي هن سک جو ساه کنيو ۽ ماريه کي اچي ٻڌايائين ، ماريه به هن سان ان رهائش گاه تي وڃي اطمينان ڪيو ته اها جاء غزل لاءِ بلڪل مناسب آهي، پر هوء ايستائين شفٽ نه ٿيندي جيستائين هو اسلام آباد لاءِ نه ٿا نڪرن.


ڪجھه ڏينهن کان پوءِ غزل پنهنجي مختصر سامان سان نئين گھر ۾ شفٽ ٿي وئي ۽ ماريه موڪل وٺي ٻارن سان گڏ اسلام آباد هلي وئي. افراز ته پهرين ئي نوڪري سانگي اتان هليو ويو هو. ماريه اتي وڃي اهڙي ته مصروف ٿي وئي جو هن جو غزل سان ڪوبه رابطونه رهيو. جلديء ۾ هن غزل جو فون نمبر به نه ورتو هو، گڏ رهندي هنن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي فون ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي ان وقت موبائيل فون جو ايترو رواج به نه هو گھر جي نمبر تي ئي هڪ ٻئي سان رابطو رهندو هو.
فواد ۽ غزل جي وچ ۾ هاڻي اهو اوپرائپ ۽ تڪلف وارو احساس گھٽجندو پئي ويو، هو ڏينهون ڏينهن هڪ ٻئي جي قريب ايندا ويا، هو ته صدين کان هن جي روح اندر موجود هو، هِن ته هُن سان خيالن خوابن ۾ پنهنجا حال اوريا هئا، ان ڪري هن ڪڏهن به هن کي اجنبي نه ڄاتو هو. هن جي لاءِ فواد جو قرب هن جو ساٿ، سندس سڀني دکن دردن، محرومين ۽ تنهاين جو احساس مٽائڻ جو سبب بڻجي ويو هو. کيس پاڻ سان گڏ ڏسي هوء پاڻ کي ڌرتيء جي خوش نصيب هستي سمجھڻ لڳي هئي. هن تصور به نه ڪيو هو ته هن جو آدرش، هن جي خيالن ۽ سپنن ۾ وسڻ وارو هڪ ڏينهن هن جي روبرو هوندو، نه صرف ايترو پر، هن جي محبت ۽ خلوص کي ائين قبول به ڪري وٺندو، جو هن جي محرومين جو علاج بڻجي ، هر طرح جي خوشي ڏيڻ، پنهنجي زندگيء جو مقصد بنائي ڇڏيندو. ماريه وارن جي وڃڻ جو به کيس احساس نه پئي ٿيو. ڇو ته هنن جي غير موجودگي ۾ هوء فواد سان بي اُلڪي ٿي ملڻ جو لڳي هئي. هوء ته بس هر وقت فواد جي تصور ۾ ئي پنهنجو وقت ڪاٽيندي هئي، جنهن ڏينهن هوء فواد سان ڪڏهن دو دريا جي ڪولاچي ريسٽورينٽ جي هلڪي روشنيء ۾ سمنڊ جي ڀر وارين سيٽن تي ويهي ماني کائيندي رهاڻيون ڪندي هئي، ان وقت هوء پاڻ کي الائي ڪٿان جي راڻي تصور ڪندي هئي، جنهن کي دنيا جهان جي دولت ملي وئي هجي. ڪڏهن هن سان گڏ ڪنهن پبلڪ پارڪ جي چهچ سائي نرم ڇٻر تي پسار ڪندي هن سان انٽيلڪچوئل قسم جي گفتگو ۾ محوَ، پاڻ کي دنيا جي ذهين ترين عورت جي روپ ۾ محسوس ڪندي هئي، جنهن پنهنجي ذهانت فطانت جا سڀ در فواد آڏو کولي رکيا هجن. سندس اهڙين ڳالهين کان متاثر ٿي فواد هميشه کيس ساراهڻ لڳندو هو ۽ هن کي ڄڻ دنيا جهان جو خزانو ملي ويندو هو. هونئن به ويچاري عورت ڪيتري به پڙهي لکي، ذهين هوشيار ڇونه هجي هوء ازل کان پنهنجي مرد جي ساراه جي بُکي هوندي آهي، ڪوڙ پچاڻي جي ئي سهي پر هن جي تعريف ٿي ته هوء ايتري ته خوش ٿي ويندي آهي جو ان جي جواب ۾ هوء ڪجھ به ڪرڻ کان رهي ناهي سگھندي.
ڪئي مهينا ائين گھمندي ڦرندي گذري ويا، هوء انهي انتظار ۾ رهي ته هڪ ڏينهن فواد کيس پروپوز ڪندو، پنهنجي محبتن جو کُلي اظهار ڪندو، کيس اهو يقين ڏياريندو ته هوبه هاڻي هِن جي بغير رهي نه ٿو سگھي، هاڻي هنن کي اهي سڀ دوريون نزديڪين ۾ بدلائڻ گھرجن، هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ گھرجي، پر اڄ ڏينهن تائين هُن ڪڏهن به غزل جي خواهشن ۽ آرزوئن پٽاندڙ ڪابه اهڙي حوصله افزا ڳالهه نه ويچاري، بس هو هِن جي حسن جي، ذهانت جي، شعر شاعري جي ڪنهن ڪنهن مهل سرسري انداز ۾ ساراهه ڪري وٺندو هو، ليڪن هر هفتي جي آخري ڏينهن تي هن سان سڄو ڏينهن گڏ گذارڻ پنهنجو معمول ٺاهي ڇڏيو هو. غزل پوءِ به هن جي ايتري ويجھڙائي کي ئي غنيمت سمجھي ورتو هو ۽ هن سان ملڻ ۾ کيس عجيب سڪون ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي، ليڪن هنن جي ان قربت ۾ به اخلاقي فاصلا پنهنجي حد اندر قائم هئا ۽ هنن ڪنهن به حالت ۾ هڪ ٻئي کي اهڙو ڪوبه موقعو نه ڏنو هو جنهن جو ڪو پڇتاء ٿئي. هڪ ڏينهن موقعو ڏسي غزل پاڻ ئي ساڻس پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
”فواد توهان جو اسان جي مستقبل جي باري ۾ ڇا خيال آهي.“
هو پهرين ته حيران ٿي سندس صورت تڪڻ لڳو، ليڪن ڪجھ دير سوچڻ کانپوءِ هن جي دل رکڻ لاءِ گول مول انداز ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳو،
”جنابِ من ! حال ۾ خوش آهيون، اهو ڪافي ناهي، زندگي خدا جو
ڏنل هڪ حسين تحفو آهي، ان کي جيترو انجوء ڪجي گھٽ آهي، ته پوءِ حال ۾ مست رهو، مستقبل، جڏهن حال بنجي ايندو ته ان تي به سوچي وٺبو. سو پليز ! ڊونٽ وري ابائوٽ اِٽ انجواء يوئر پريزنٽ. “
غزل اهو ٻڌي لاجواب ٿي وئي. هوء پخته عمر جي بردبار عورت هئي، ان ڪري الهڙ جذباتي ڇوڪرين جهڙو رويو ظاهر ڪرڻ نه ٿي چاهيو. هوء پنهنجي جذبن ۽ محبتن جي عزت ڪرڻ ڄاڻندي هئي، ان ڪري دل ۾ فيصلوڪري ورتائين ته جيستائين فواد ان سلسلي ۾ اڳڀرو نه ٿيندو، هوء ڪڏهن به پنهنجي احساسات کي ائين ڇُڙواڳ ۽ رسوا ٿيڻ نه ڏيندي.، محبتن جو ڀرم هميشه قائم رکندي.



افراز جي اسلام آباد هليو وڃڻ کانپوءِ جڏهن اها خبر فهد جي ذريعي عرشيه کي پئي ته هن جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، هوء اڻ ڄاڻائي ۾ افراز جي محبتن ۾ گھڻو اڳتي نڪري وئي هئي، ان جو احساس کيس به ان وقت ٿيو جڏهن کيس اهو معلوم ٿيو ته هو هتان کان ڪوهين ڏور هليو ويو آهي. هن کان اها دوري سَٺي نه پئي ٿي. افراز ان ڏينهن سمنڊ ڪناري پاڻي ۾ گھمندي، سرسري انداز ۾ هن سان زڪر ڪيو هو ته هن اسلام آباد ۾ نوڪريء لاءِ انٽرويو ڏنو آهي، پر ان وقت ته کيس به پڪ ڪونه هئي ته اها نوڪري ملي ويندي. ۽ جڏهن عرشيه کي اها خبر پئي ته نه فقط کيس اها نوڪري ملي به وئي پر هو هليو به ويو، ان گھڙيء اها خبر سندس دل تي کنوڻ جيان ڪري هئي ۽ هن جي تمنائن آرزوئن ۽ خواهشن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو هئائين. هن ته اڃان افراز سان پنهنجي دل جو حال اوريو ئي ڪونه هو، ته هو آزاد پکيئڙي جيان اُڏا.مي هليو ويو هو.
هاڻي ته ڏينهن رات اهائي جهوِرِي کيس جھوري رهي هئي، ته هوء ڇا ڪري. ان سان ملڻ جي آس دل اندر سانڍي ڪئي پهه پئي پچائيندي هئي، ته ڪهڙي ريت هوء اسلام آباد پهچي افراز سان ملي ۽ سندس آڏو پنهنجي اندر کي کولي رکي. ڪئي ڏينهن ان اڻ تڻ ۾ گذري ويا، روز پئي پروگرام سِٽيندي هئي، ڊاهيندي هئي. هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اچانڪ کيس ياد آيو ته اسلام آباد ۾ سندس ماء جي هڪ ڪزن رهندي آهي، جنهن ڪئي دفعه، جڏهن هوء خاندان جي دعوتن ۾ ڪراچي ايندي هئي ته اتي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ هر دفعي ماڻس کي زور ڀريندي هئي ته هو اسلام آباد اچي گھمي وڃن. پر ڪراچي جي گونا گون مصروفيتن واري زندگي ۾ ڪنهن کي مٿو کنهڻ جي به واندڪائي نه ملندي هجي، اُتي هو ايترو پري اهو به صرف گھمڻ خاطر ڪٿي ٿي نڪري سگھيا. اهو سڀ ياد ايندي هن جي دل ۾ هڪ اميد پيدا ٿي ۽ دل ئي دل ۾ اوڏانهن وڃڻ جا سانباها سِٽڻ لڳي، ته ڪيئن ماء کي راضي ڪري اوڏانهن هلڻ تي مجبور ڪري.
هڪ ڏينهن ماڻس خوشگوار موڊ ۾ هئي ۽ پنهنجي ڏور پري جي عزيزن جون ساروڻيون ساري رهي هئي ته عرشيه موقعو غنيمت ڄاتو ۽ چوڻ لڳي،
”امي جان! توهان جي هڪ ڪزن آنٽي ندرت، جيڪا اسلام آباد ۾ رهندي آهي، اها توهان جي فرسٽ ڪزن آهي يا دور پري جي . “
”چري ڇوڪري ! ندرت ته منهنجي سڳي ماسيء جي ڌيء آهي، ننڍپڻ ۾ اسان ٻئي گڏ پڙهنديون هيون سين ، بلڪه هڪ ئي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي هئي سين. پوءِ منهنجي شادي هتي ٿي وئي ۽ ندرت جي حيدرآباد، جتان پوءِ هن جي گھر واري جي نوڪري اسلام آباد ٿي وئي ته هو اوڏانهن هليا ويا. پر توکي اڄ ندرت جي ياد ڪيئن اچي وئي. “
”بس، ائين ئي پئي پڇيم، هو منهنجون فرينڊس آهن نه انا ۽ ڪائنات... اهي هنن سردين جي موڪلن ۾ ڪوهه مري جي برف باري ڏسڻ لاءِ اسلام آباد پنهنجي مائٽن ڏي پيون وڃن نه، ان ڪري منهنجي به دل ڪري پئي ته اسان به ڇونه اسلام آباد هلون، آنٽي ندرت سان به ملي اچون ۽ برف باري به ڏسي اچون.“
” دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي. ڀلا تنهنجي بابا کي آهي ڪا فرصت، جو اسان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي، ڪاروباري ماڻهو آهي.“
”ٺيڪ آ، ته پوءِ ادا فهد کي وٺي ٿا هلون، اهو منهنجي ڳالهه ضرور مڃندو“
هي اڃان اهي ڳالهيو ن پيون ڪن ته فهد جيڪو هاڻي ڪاروبار ۾ پيء جو ٻانهه ٻيلي ٿيو هو ٿڪل ٽٽل ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته ڀيڻ جي ڳالهه ٻڌي ورتائين.
”ڪهڙي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ پيا چئو. “
عرشيه سڄي ڳالهه ڀاء کي ٻڌائي، هو ڪجھ دير لاءِ چپ ٿي ويو، عرشيه هن کي تمام گھڻي عزيز هئي، وڏي مانَ سان فرمائش ڪئي هئائين ۽ هو چاهڻ جي باوجود به هنن سان نه ٿي وڃي سگھيو، هن هڪ نئون ڪم رٿيو هو، جنهن کي هر حالت ۾ وقت سر پورو ڪرڻو هو. هو ڪجھ دير سوچيندو رهيو،
” ٺيڪ آهي، منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جي اها خواهش ضرور پوري ڪبي. مان ته نه وڃي سگھندس، البته امي جان! تنهنجي ۽ فاران لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرايان ٿو. هتان مان پاڻ توهان کي پلين تي ڇڏي ايندس، توهان هفتو پندرهن ڏينهن رهي گھمي ڦري اچي وڃجو. “
ائين چئي هو اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو، ته عرشيه ٻارن وانگر ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳي، ماڻس به هن جي خوشيء خاطر چپ ٿي وئي، ۽ هن سان گڏ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. ڪجھ ئي دير ۾ فهد کين ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ هنن جي بڪنگ ٿي وئي آهي.



عرفان اسلام آباد ۾ هڪ پرڏيهي ايمبسيء ۾ ملازمت ڪندو هو، ڪافي عرصو پهرين هو خاله سبين ۽ سندس ڪٽنب سان هڪ ويجھن عزيزن جي شادي جي تقريب دوران مليو هو، سندس ماء ندرت پنهنجي سڳي ماسات ۽ ننڍپڻ جي سهيلي سبين ۽ فهد سان سندس تعارف ڪرايو هو. عرفان کي فهد ڪافي سلجھيل ۽ پُر وقارقسم جو نوجوان لڳو هو ۽ ڪجھ ئي دير جي ڪچهري کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ڪافي انڊراسٽينڊنگ ٿي وئي هئي. تڏهن ئي هنن ٻنهي هڪ ٻئي جا موبائيل نمبر ورتا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن عيدن، خوشين يا غمين جهڙن موقعن تي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿي ويندا هئا. اڄ به کيس فهد جو ميسيج مليو ته امي جان وارا ايڏانهن اسلام اباد پيا اچن ۽ توهان وٽ ئي رهندا. اهو ٻڌي هن اها خوش خبري ماء کي ٻڌائي جيڪا اڪثر پنهنجي مائٽن کي ساريندي رهندي هئي. ندرت پنهنجي ننڍپڻ جي ساهيڙي ۽ ماسات جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي وئي ۽ هنن جي رهڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ملازمن کي هدايتون ڏيڻ لڳي، سندن کائڻ پيڻ جا مينيو ترتيب ڏيڻ لڳي مطلب ته هوء ايتري ته خوش هئي جو هن جي دل چاهيو پئي ته وقت کي پر لڳي وڃن ۽ هو هزارين ميلن جو مفاصلو لمحن ۾ پورو ڪري هتي پهچي وڃن. هوء پنهنجي ساهيڙيء سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿي وئي هئي، وس نه ٿي پڳس ته هنن لاءِ سڄي جهان جون نعمتون اچي ڪٺيون ڪري ها، پوءِ به هن وسان ڪونه گھٽايو هو. عرفان ماء جي اهڙي گرمجوشي ڏسي حيران به ٿيندو هو ۽ دل ئي دل ۾ مسڪرائيندو هو، ماڻس ٻارن وانگر خوش ٿي رهي هئي.هن پنهنجي نوڪري جي مصروفيتن ۾ ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته مٽ مائٽ عزيز رشتيدار ڇا ٿيندا آهن . هن ته جڏهن کان هوش سنڀاليو هو ته گھر ۾ ماء پيء ۽ نوڪرن کانسواء ڪنهن سان به هن جي ويجھڙا.ئپ نه ٿي هئي، ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا به حيدرآباد ۾ هئا، ايترو پري سالن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. اڄ عرصي کان پوءِ گھر ۾ ايڏي چهل پهل ڏسي عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪري رهيو هو، ڇهين حس بار بار کيس باور ڪرائي رهي هئي ته هن جي پرسڪون زندگيء ۾ ضرور ڪانه ڪا هلچل مچڻ واري آهي، والد صاحب به گذريل ٻن ٽن سالن کان دبئي ۾ ترسيل هو. ان ڪري صرف هو اڪيلو پنهنجي ماء سان هتي رهيل هو ۽ سندس امڙ به ان ڪري ئي گھڻي بيتاب هئي، ڇوته هوء اڪيلي زندگي گذاري بيزار ٿي پئي هئي. جڏهن عرفان به پنهنجي ڊيوٽي سانگي ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو، ته ايڏو وڏو بنگلو کيس کائڻ ايندو هو.
آخرڪار اها گھڙي اچي ويجھي ٿي، پر بدقسمتي سان جنهن ڏينهن عرشيه وارن جي فلائيٽ هئي، ان ڏينهن عرفان کي ڊيوٽيء سانگي لاهور وڃڻو پئجي ويو. ان ڪري هن ايئر پورٽ تي ڊرائيور کي وڃڻ جو چئي ڇڏيو هو. ڪجھ دير ۾ سبين عرشيه ۽ فاران سان گڏ پهچي وئي. گاڏيء جو آواز ڪن تي پوندي ئي ندرت تڪڙي تڪڙي مُک دروازي ڏانهن سندن آڌر ڀاء لاءِ وڃي پهتي. ٻئي ماساتيون ڀاڪر پائي مليون، عرشيه ۽ فاران به ادب سان نوڙي خاله کي سلام ڪري دعائون ورتيون. ندرت هنن کي سڌو سندن لاءِ تيار ڪيل ڪمري ڏانهن وٺي وئي، جيئن سفر جي ٿڪاوٽ کان پوءِ فريش ٿي وٺن. اهو ڪمرو مٿئين پورشن ۾ هو. ڪمرو گھڻو ڪشادو هو ۽ شايد بنگلي جو سڀ کان وڏو ڪمرو هو، جنهن ۾ ٻه ڊبل بيڊ ۽ سائيڊ تي هڪ سيٽي نما صوفه سيٽ رکيل هو، هڪ طرف ڊريسنگ ٽيبل ۽ وارڊ روب موجود هو، مطلب ته ضرورت جي هر شي ڪمري ۾ موجود هئي جيئن مهمانن کي ڪابه ڏکيائي نه ٿئي. سامهون پردا هٽائڻ سان هڪ کليل وڏي دري مان سرسبز پهاڙي سلسلي جو منظر دل کي لڀائيندڙ هو. سبين ۽ عرشيه وغيره جيڪي ڪراچيء جي ڪلفٽن واري پاسي جي گھميل هوا ۾ ساه کڻي کڻي جڏهن اهڙي پُر فضا ۽ کليل ماحول جو نظارو پسيو ته هنن کي عجب طرح جو سڪون ۽ فرحت جو احساس ٿيو.
” توهان فريش ٿي ڪجھ دير آرام ڪيو، ايستائين مان چانهه لڳرايان ٿي. عرفان به بس پهچڻ وارو آهي. هن کي توهان کي پاڻ وڃي نه وٺي اچڻ جو ڏاڍو ارمان ٿي پيو آهي، ان ڪري ڪيترا دفعا فون ڪري پڇي چڪو آهي.
”بس ڀيڻ ڇا ڪجي پرائي بزاگيري جا اهيئي مسئلا هوندا آهن، توهان فڪر نه ڪيو، خير سان پهچي وياسين. “

ڪجھه ئي دير ۾ عرفان ٿڪل ٽٽل گھر اچي پهتو، ندرت انهي دوران ملازمه کان چانهه ٽيبل تي لڳرائي ورتي هئي، هن چانهه تي لنچ جيترو اهتمام ڪيو هو. عرفان به سڌو پنهنجي ڪمري مان تازو توانو ٿيڻ لاءِ هليو ويو، ته ندرت به مهمانن کي وٺڻ لاءِ مٿي هلي وئي. ڪجھ ئي گھڙين کانپوءِ سبين ۽ فاران فريش ٿي هلڪي ڦلڪي لباس ۾ هيٺ لهي آيا. چانهه جي ٽيبل تي ايترو اهتمام ڏسي سبين کلي چوڻ لڳي،
”لڳي ٿو ته اڳو پوءِ ڊنر ڪري اٿنداسين، ڀلا ايترو تڪلف ڪرڻ ضروري هو......... ؟ اسان ته ڪجھ ڏينهن اڃان اوهان جي مهماني ۾ رهڻ وارا آهيون“
”ايترن ورهين کانپوءِ پهريون ڀيرو منهنجي پياري ڀيڻ مون وٽ آئي آهي، مان پنهنجا سڀ ارمان پورا ڪنديس، بس تون مونکي ٽوڪجانءِ نه ، ۽ ها تون بلڪل فڪر نه ڪر، ڪم از ڪم هي سڄو مهينو تون هتان وڃڻ واري ناهين .“
عرفان به ونهنجي سهنجي رنگين ليڪن واري ڪڙتي ۽ اڇي سلوار ۾ انتهائي پُروقار مسڪراهٽ چهري تي سجائي ٻاهر آيو ۽ سڀني کي سلام ڪري هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو ته ندرت سندس تجسس کي محسوس ڪندي چوڻ لڳي،
”عرشيه اچي پئي، بس تياري ۾ ٿوري دير ٿي ويس. “
ان وقت عرشيه ڊارڪ بلو پنڪ فلاورز واري شرٽ ۽ لائيٽ پنڪ ٽرائوزر ۾ چيلهه تائين ڊگھن کليل سلڪي وارن ۽ هلڪي ميڪ اپ ۾ خرامان خرامان ڏاڪڻون لهندي لائونج ۾ پهچي وئي. عرفان جي مٿس جيئن نظر پئي ته نگاهون هٽائڻ ئي وسري ويو. هن عرشيه کي ان وقت ڏٺو هو جڏهن هوء ڏهن يارهن سالن جي ٻارڙي هئي، ۽ اڄ اوڻويهن ويهن سالن جي ڀرپور جوان عرشيه عرفان جي حواسن تي وڄ بنجي ڪري ۽ سندس وجود کي جلائي خاڪستر ڪري وئي. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته عرشيه جو حسن جوان ٿي اهڙو نکارجي ويندو جو پهرين نظر ۾ ئي هن کي ائين پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪري ڇڏيندو، هوڏانهن عرشيه هن جي احساسات کان بي خبر پنهنجي ئي ڌن ۾ مگن آهسته آهسته قدمن سان هلندي هن جي ويجھو اچي سلام ڪري بي تڪلف انداز ۾ چوڻ لڳي،
”جيڪڏهن مان غلط ناهيان ته توهان ئي ڀاء عرفان آهيو، جيڪو پهرين ڏينهن ئي پنهنجو واعدو پاڙي نه سگھيو. “
عرفان اچانڪ اهڙي بيباڪ حملي لاءِ تيار نه هو، هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين،
”سوري! ليڪن آئينده خيال رکبو........ ٿوري توقف کان پوءِ مسڪرائي ،
” ته توهان آهيو، مس عرشيه سرفراز، فيشن ڊزائينر. “
انهن ئي هلڪين ڦلڪين ڳالهين دوران چانهه جو دور هلندو رهيو، چانهه ختم ٿيندي ئي هنن جي وچ ۾ ورهين جي دوريء ڪري پيدا ٿيل اجنبيت، بي تڪلفي ۾ بدلجي وئي. جڏهن سڀ چانهه جا ڪپ هٿن ۾ کڻي اچي صوفن تي ويٺا ته ائين پئي لڳو ڄڻ هو سالن کان هڪ ئي هنڌ رهندا پئي آيا.

5

فواد ۽غزل جون ملاقاتون جيئن جيئن وڌنديون پئي ويون ، غزل پنهنجي ۽ فواد جي مستقبل جا خواب اُڻڻ شروع ڪيا. هوء فواد کي دل جي تمام تر شدتن سان چاهڻ لڳي هئي، فواد به هميشه ان معاملي ۾ سندس حوصله افزائي ڪندو رهندو هو، ليڪن هن کُلي ڪڏهن به پنهنجي محبتن جو اظهار نه ڪيو هو ۽ نه ڪي مستقبل جا محل اڏڻ ۾ معاون رهيو هو، البته ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڊنر ڪري رهيا هوندا هئا، يا پسار پيا ڪندا هئا ته اچانڪ هڪ فون ڪال فواد جي رويي کي تبديل ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هو هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ حيلا بهانا ڪرڻ لڳندو هو. ان وقت هن جو انداز عجيب پُر اسرار ۽ اجنبي بنجي ويندو هو، جيڪو غزل جي دل ۾ ڪيترن وهمن، انومانن ۽ انديشن کي جنم ڏيندو هو. هوء سوچيندي هئي ته فواد کي اهو ڇا ٿو ٿي وڃي جڏهن اها فون ڪال اچي ٿي ته سندس منهن ٽامڻي هڻي ٿو وڃي ۽ هو اتان پري وڃي ڳالهائي ٿو، جڏهن واپس موٽي ٿو ته هن جي مُک تي اجنبيت جو تاثر هجي ٿو ۽ هڪدم چوڻ لڳندو آهي،
”سوري غزل ! مان وڌيڪ توهان سان هتي رهي نه ٿو سگھان، پليز! توهان ٽيڪسي ڪري گھر هليا وڃو.“
اهڙي صورت حال م جڏهن هوء گھر پهچندي هئي ته سڄي رات هن جو سُک چين حرام ٿي ويندو هو. فواد جو اهڙو رُکو انداز هن جي دل ۾ نشتر بنجي چڀڻ لڳندو هو، فواد ڀلا هن کي ائين نظرانداز ڪيئن ٿو ڪري سگھي، آخر اها فون ڪنهنجي ٿي سگھي ٿي، ڇا فواد کي ڪو شخص بليڪ ميل پيو ڪري، پر ان بليڪ ميلنگ سان منهنجو ڪهڙو واسطو. ڇا ڪو شخص اسان جي ائين ميل جول تي اسان جو پيڇو ڪري فواد کي تنگ پيو ڪري. جي ائين آهي ته فواد کي مون سان شيئر ڪرڻ کپي. هاڻي جيڪڏهن ائين ٿيو ته مان سندس چوڻ تي ائين چپ چاپ هلي نه ايندس، بلڪه کانئس ان متعلق ضرور پڇنديس. ائين هڪ فون ڪال تي پاڻ کي ائين نظر انداز ڪرڻ ڪڏهن به نه ڏينديس، هن جي ائين ڪرڻ سان منهنجي دل کي ٺيس رسي ٿي، منهنجو عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿو، منهنجي ائين دل آزاري ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪوبه حق ناهي، مان فواد کي ڪيترو به چاهيندي هجان ليڪن مان پنهنجي عزت به ڪرڻ ڄاڻان ٿي، محبتن ۽ چاهتن جا منهنجي خيال موجب پنهنجا معيار ۽ ماڻ آهن جنهن ۾ ذري برابر به گھٽتائي اچي اهو مان ڪڏهن به نه چاهينديس، فواد مونسان اهڙو رويو ڪيئن ٿو اختيار ڪري سگھي. اهو سڀ سوچيندي کيس ننڊ کڄي ويندي هئي.صبح جو تيار ٿي انسٽيٽيوٽ هلي ويندي هئي، ڪجھ ڏينهن کا پوءِ اهي سڀ شڪوه شڪايتون وسري ويندا هئس. اهو ئي هر عورت جو ڪمزور پهلو آهي، ته هوء ڪجھ دير ته دماغ سان سوچي سگھي ٿي ليڪن سدائين نه ، هوء ته بس سدائين دل سان سوچيندي آهي، ان ڪري هن جا فيصلا عموما“ جذباتي هوندا آهن جيڪي هميشه مات ۽ شڪست جو سبب بڻجندا آهن، هوء ڪيڏي به پڙهيل لکيل سياڻي سيبتي سمجھدار ڇونه هجي ليڪن دل جي معاملن ۾ سدائين مار کائيندي آهي، هن جي اندر ۾ قدرت پاران يا فطرت ۾ هڪ عجيب جذبو هوندو آهي جيڪو ڪجھ دير جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي کان پوءِ ٻيهر پراڻي محبتن واري رويي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، اهوئي سندس شڪستن جو باعث بنجي ويندو آهي. ڇو ته عورت هميشه دماغ نه پر دل سان سوچيندي آهي ۽ دل ته عقل کان عاري صرف جذبن ۽ احساسن جي تابع ٿئي ٿي، ته پوءِ عقل ڀريا فيصلا ڪرڻ جي ان مان ڀلا توقع به ڪيئن ٿي ڪري سگھجي. هر ايندڙ ملاقات ۾ غزل به اهي سڀئي رويا وساري فواد لاءِ نوان احساس ۽ نوان جذبا کڻي ملندي هئي، هوء ته بس ان ڳالهه جي تمنائي هئي ته فواد جي محبت ۾ گھاريل اهي گھڙيون هن جي زندگي جو حاصل بنجي وڃن.



صبح جو عرفان تيار ٿي ناشتو ڪري پنهنجي ڊيوٽيء تي هليو ويو، ماء کي چئي ويو هو ته تيار ٿي وٺن ته ڊرائيور گاڏي کڻي ايندو ۽ مهمانن کي، جتي هو گھمڻ چاهن وٺي وڃجو، هو به موڪل وارن ڏينهن ۾ ساڻن ساٿ ڏيندو.
ڪجھه دير کان پوءِ سبين اٿي آئي ته ندرت ناشتو لڳرايو، فاران ۽ عرشيه اڃان آرام ۾ هئا. ٻنهي ماساتين گڏجي نيرن ڪئي، چانهه جا ڪوپ کڻي اچي صوفي تي ويٺيون، ورهين کان پوءِ مليون هيون ته هڪ ٻئي جا حال احوال وٺڻ ۽ اورڻ لاءِ آتيون پئي لڳيون. ڳالهين ۾ ايترو ته محو ٿي ويون جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿين. ان دوران عرشيه ۽ فاران به هيٺ لهي آيا، جن کي ملازم ناشتو ڪرايو. نيرن کان پوءِ فاران ته وڃي ڪمپيوٽر تي ويٺو، البته عرشيه پسار ڪندي مين ڊور کان ٻاهر نڪري بنگلي جي سامهون ننڍڙي لان ۾ هلي آئي ۽ هڪ وڻ جي پاڇولي ۾ رکيل لان چيئرز مان هڪ تي اچي ويٺي. هوء افراز کي فون ملائڻ لاءِ بيتاب هئي، ڪالهه کان کيس موقعو نه ملي سگھيو هو، هن جو اسلام آباد اچڻ جو ته مقصد ئي افراز کي تلاش ڪري ان سان ملڻ هو، هن بيچيني سان هن جو نمبر ملايو، ٻئي طرف عرصي کان پوءِ افراز جو آواز ٻڌي هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، وڏي مشڪل سان دل کي قابو ۾ ڪندي هن هيلو ڪئي، ٻئي طرف افراز شايد آفيس جي ڪم ۾ مصروف هو، هن عرشيه جي جذبن کان بيخبر، عام رواجي انداز ۾ سندس هيلو جو جواب ڏنو، ته هوء ڏکاري ٿي وئي، هوء جيڪا ايترو پري کان صرف ۽ صرف ساڻس ملڻ لاءِ آئي هئي ۽ هي صاحب موصوف آهي جو اهڙي رکائيء سان پيو ڳالهائي. دل تي پٿر رکي کيس ٻڌائڻو پيو،
”افراز توکي خبر آهي، مان ڪٿان پئي ڳالهايان.“
هن سمجھو هو ته هو اچانڪ هن جو آواز ٻڌي بيتاب ٿي ويندو. پر هن عام رواجي لهجي ۾ مختصر جواب ڏيندي چيو،
”مون کي ڀلا ڪهڙي خبر.“
اهڙي جواب جي عرشيه کي بلڪل به توقع نه هئي هوء ڄڻ ته وسامجي وئي هئي. پوءِ به شڪايتي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”جناب اهڙي به ڇا بي رخي، هتي حال برو ۽ توهان کي ڪا پرواه ئي ناهي. توهان ته ايتري عرصي ۾ ياد ڪونه ڪيو، اسان ئي رهي نه سگھياسين ۽ ڪچي ڌاڳي سان ٻڌجي اچي سرڪار جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون. “
ائين چوندي هن جو لهجو ڪافي شوخ ۽ پيار ڀريو ٿي ويو هو. هاڻي ته افراز جي پريشان ٿيڻ جو وارو هو.
”ڇو....... ؟ ڪٿي...... ؟ ڪنهن سان گڏ...... ؟ “
هوء سندس پريشان لهجي مان لطف اندوز ٿيندي شرارتي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”چو جي ته مونکي خبر ناهي، هوندو ڪو دل جو معاملو، ڪٿي لاءِ گذارش آهي ته توهان جي دل جي قريب، توهان جي گھر جي ويجھو، يعني اسلام آباد ۾ ..... ۽ ڪنهن سان .... ته جناب اڪيلي اڪيلي.... بقدم خود .“
افراز کي عرشيه جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪڏهن به توقع نه هئي. هو ته هميشه هن کي فهد جي ننڍي ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڀيڻ جيان سمجھندو هو، ۽ هن جي ڪڏهن به ڪنهن معاملي ۾ حوصلا افزائي نه ڪئي هئي، نه هن جي دل ۾ هن لاءِ ڪو اهڙو احساس پيدا ٿيو هو، هن جو عرشيه سان هڪ ٻه دفعه سرسري طور ملڻ ٿيو هو ۽ پوءِ هنن ڇهن مهينن دوران هو پنهنجي نئين نوڪري جي سلسلي ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو هو، جو هن کي هڪ دفعو به اها ياد نه آئي هئي ته اتي هن جا واسطا فهد يا هن جي فيمليء سان به رهيا آهن، ته پوءِ اچانڪ عرشيه هن جي پويان ائين ڀلا ڪيئن اچي سگھي ٿي، فهد کي جيڪڏهن ان باري ۾ ذرو به کڻڪ پئي ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪهڙي عزت رهجي ويندي. هن ٿوري دير ۾ فيصلو ڪري ورتو ته عرشيه جي غلط فهمي هڪدم ختم ڪرڻ گھرجي، نه ته جيڪڏهن هوء معصوم ڇوڪري ناداني ۽ نادانستگيء ۾ ڪو روڳ پالي ويٺي ته نه صرف هن جي زندگي زهر بنجي ويندي، پر هو فهد جي نظرن ۾ به ڪانيارو ٿي پوندو.اهو سڀ خيال ڪندي هن پنهنجي لهجي ۾ نرمي ۽ نهٺائي پيدا ڪندي ،
”عرشيه منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ، توهان ڀوڳ پيون ڪيو نه، ڀلا منهنجي فهد سان ڳالهه ڪرايو، آهي نه توهان جي ويجھو، پوءِ ان سان گڏجي ٺاهيون ٿا ڪو گھمڻ ڦرڻ جو پروگرام، ظاهر آ فهد جي ننڍڙي ڀيڻ منهنجي به ته ننڍڙي ڀيڻ ٿي نه، آپا وارن کي ٻڌايان ٿو، پوءِ هلون ٿا ڪٿي. ٺيڪ آ نه، في الحال مونکي هڪ فائيل تيار ڪري باس کي پيش ڪرڻو آهي، ها پليز ! فون ڏجو فهد کي...... ،“
افراز جون اهڙيون ڳالهيون عرشيه جي دماغ ۾ هٿوڙن جيان لڳي رهيون هيون، هن جا خواب گھڙي پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا هئا. هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪري ، مان هيڏو هزارين ميلن جو مفاصلو طيء ڪري صرف هن جي چاهه ۾ هلي آئي آهيان ۽ هي اهڙيون غير جذباتي ڳالهيون پيو ڪري، مون جنهن کي پنهنجي جيون جو سڀ کان حسين سڀ کان پيارو ساٿي پئي تصور ڪيو، هو ننڍڙي ڀيڻ چئي منهنجي جذبن، منهنجي احساسن جي توهين پيو ڪري،. ڪاوڙ ۽ ڏک وچان هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، آواز ۾ به انهن لڙڪن جي لوڻاٺ اچي وئي، آواز ڳورو ٿي ويس، ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳي،
” معاف ڪجو، ادا فهد مونسان گڏ ناهي آيو...... خدا حافظ. “
هو گھڻوئي هلو، هلو ڪندو رهيو پر هن فون ڪٽي ڇڏي ۽ ميز تي فون رکي، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئندي رهي. هوء به ڪيڏي نه نادان هئي، اهو ته سمجھي ها ته ڇهه مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ افراز هن کي ته ڇا، فهد کي به ڪا فون ڪري حال احوال نه ورتو هو. ۽ هوء هن جي تصوير سيني ۾ سانڍيو پئي وتي. هي هن کان ڪهڙي بيوقوفي ٿي وئي هئي، روئڻ کان پوءِ جڏهن دل جو غبار گھڻي ڀاڱي ڌوپجي ويو ته اٿي لان ۾ پسار ڪرڻ لڳي ۽ خوبصوت گلن ٻوٽن ۾ دل کي وندرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳي. هوء ان سڄي صورت حال تي حقيقت پسندي سان سوچڻ لڳي، ته هن ۾ ڀلا افراز جو ڪهڙو قصور هو، اُن ته انهن ٻن اتفاقيه ملاقاتن ۾ هن سان اهڙو ڪوبه اشارو ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن سان هن جي ڪنهن دلچسپيء جو اظهار ٿيندو هجي ته پوءِ مون ڇو پنهنجي ناداني ۾ اهڙا خواب اُڻي ورتا جن جي تعبير ماڻڻ لاءِ ائين ڏونگر ڏاريندي ايتري ڏورانهن هنڌ لاءِ پنڌ پيس. اهو سڀ سوچيندي هوء پنهنجي ناداني ۽ بيوقوفي تي پشيمان ٿي وئي. هوء اهڙي حالت ۾ اندر به نه ٿي وڃي سگھي، سندس لٿل منهن الائي ڪهڙيون ڪهڙيون گواهيون ڏئي ويندو،ڪهڙيون ڪهڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي ويندو. هن چاهيو پئي ته ڪجھ دير لاءِ تازي هوا ۾ دل کي بهلائڻ گھرجي، جيئن ايڏي صدمي کان متاثر ٿيڻ جو گھٽ ۾ گھٽ ظاهري طور ڪنهن کي به احساس ٿيڻ نه کپي ته چند گھڙيون اڳ۾ هن جي حسرتن، اميدن ۽ خواهشن جو شيش محل ڪيڏي نه بي دردي سان چُور چُور ڪيو ويو آهي، اهو دک هن جو پنهنجو هو ۽ هن ڪنهن ٻئي آڏو ان کي ظاهر ڪري، پنهنجي ناڪام حسرتن، پنهنجي دکن ۽ دردن جي توهين ڪرڻ نه ٿي چاهي. هوء ڪجھ دير اجايو سجايو هلندي رهي پنهنجي غم کي اندر ئي اندر برداشت ڪندي رهي، پنهنجي روح جي زخمن تي مرهم رکڻ جي اڻ ٿيڻي ڪوشش ڪندي رهي. گھڻي دير کانپوءِ هن پنهنجو پاڻ تي ظابطو آڻي ورتو هو، ان وقت کيس فاران جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو کيس ڳولهيندو لان ۾ اچي پهتو هو، هن چپن تي مصنوعي مرڪ آڻيندي چيو،
”ٿي وئين نه بور،ڀلا ڪمپيوٽر به ڪڏهن ڪنهنجو دوست ٿيو آهي، چون ٿا ته بي جان شين تي گھڻو وقت سيڙائڻ سان ماڻهو پاڻ به غير جذباتي، غير احساساتي ۽ بي روح ٿيو وڃي. “
”بس، بس، آپي! اهي فلاسافرن واريون ڳالهيون ٻڌڻ جي نه پنهنجي عمر آهي، نه منهنجي پياري آپيء جي. سو زندگيء کي صرف انجواء ڪيو. “
ننڍڙي ڀاء جي اهڙي پيار ڀرئي انداز تي هن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا جيڪي هن اکين ئي اکين ۾ پي ورتا.
فاران هن جي ان ڪيفيت کان بيخبر کيس ٻڌائڻ لڳو ته،
”امي ۽ آنٽي چون پيون ته اچي لنچ ڪريو، پوءِ ڪيڏانهن گھمڻ لاءِ نڪرجي.“
عرشيه جي دل گھڙي کن اڳ ۾ جنهن اذيت ناڪ لمحن مان گذري .هئي، انکان پوءِ ڪهڙي ڪافر جي دل نظارن کي پسي پاڻ وندرائڻ تي چوندي، پر،عرشيه سوچيو ته اهو بهتر موقعو آهي، ائين دل جو درد به ڪجھ دٻجي ويندو ۽ ڪنهن کي احساس به نه ٿيندو ته هن گھڙي پل ۾ اذيتن۽ پيڙائن جا ڪئي درياء پار ڪيا هئا. هوء خاموشِيء سان ڀاء سان گڏجي اندر هلي آئي.



ان ڏينهن ڪراچيء جي موسم تمام سرد هئي، رکي رکي بدن ۾ سياٽا پئي اڀريا. غزل ڊارڪ بلو سلوار قميص جي مٿان هلڪي گلابي رنگ جو سوئيٽر پهريل، سردي جي ڪري سندس ڳِلن جو رنگ به سوئيٽر سان ميچ ڪري رهيو هو، هوء ان لباس ۾ ڪافي پُرڪشش پئي لڳي. هوء سيء ۾ سُڪڙجندي، هٿن کي هڪ ٻئي سان مهٽي گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي انهي سوچ سان گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته اهڙي سيء ۾ الائي ڪيتري دير رڪشه ٽيڪسي جو انتظار ڪرڻو پوندو سرد هوا جا جھوٽا سندس جسم سان ٽڪرائجي کيس وڌيڪ پريشان ڪري رهيا هئا.، هن جيئن قدم ٻاهر رکيو ته فواد خلافِ معمول گيٽ جي ويجھو گاڏي جھليو بيٺو سندس انتظار ڪري رهيو هو. غزل کي ٿورو تعجب لڳو، هو ته سدائين هفتي جي آخري ڏينهن تي ئي ڪيڏانهن گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندا آهن ته پوءِ اڄ فواد ائين .اچانڪ....... فواد به هٿ ڊگھيڙي ڀر وارو در کوليو ۽ کيس ويهڻ جو اشارو ڪيائين ته هوء اچي ڀر واري سيٽ تي ويٺي.
” خير ته آهي نه.......! اڄ خلافِ توقع توهان وٺڻ آيا آهيو. “
” ّخير آ..... دل چيو ڪٿي آئوٽنگ ڪري سردي کي انجواء ڪجي، ڪراچي ۾ ته موسمن جي خوبصورتيء لاءِ ماڻهو سِڪي ٿو مري، هر موسم پنهنجي انتهائن ۾ ئي وڻندي آهي نه، پران سڀ کا اڳ۾ مونکي ڪجھ شاپنگ ڪرڻي آهي، ته پوءِ ڇونه پهرين ڪنهن مال تي هلجي. “
هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان پهرين ئي گاڏي مال ڏانهن موڙي ڇڏي، غزل جو سرديء جي ڪري چانهه يا ڪافي پيئڻ جو موڊ ٿي رهيو هو ليڪن انڪار يا پنهنجي خواهش جي اظهار جو فواد کيس موقعو ئي ڪٿي ڏنو هو.
شاپنگ مال پهچي فواد ڪافي شاپنگ ڪئي، ڪجھ ٻارن جا سامان، ڪجھ ليڊيز ۽ ڪجھ مردانه سامان. هوء حيران هئي ته فواد گذريل اٺن نون مهينن ۾ ڪڏهن به ائين شاپنگ نه ڪئي هئي ۽ اڄ اچانڪ ايترو سامان. خير منهنجو ڇا.... ؟ ڪندو هوندوڪنهن جي لاءِ .
شاپنگ ڪندي کين ڪافي دير ٿي وئي ۽ جڏهن ٻاهر نڪتا ته ٽائيم ڏٺائون ته رات جا ڏهه پئي ٿيا، هو سڌا ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا ۽ هڪ ٻئي جي مرضيء جون ڪجھ شيون آرڊر ڪري، ميز تي رکيل پاڻي پي ڪجھ سامت ۾ آيا، ريسٽورينٽ جي اندر جو ماحول ڪي قدر گرم هو ان ڪري غزل کي ڪجھ سڪون محسوس ٿيو ته هوء پڇڻ کان رهي نه سگھي،
”اچانڪ ايتري شاپنگ جو خيال ڪيئن من ۾ آيو. ؟ ،
فواد کي شايد اهڙي ڪنهن سوال جي توقع نه هئي، ان ڪري ڪجھ لمحا سوچڻ کان پوءِ چيائين،
”در اصل مونکي ڏينهن ٻن ۾ هڪ ڪنسائينمينٽ جي سلسلي ۾ دبئي وڃڻو پئجي ويو آهي.“
اهو ٻڌي غزل جو مُک هڪدم مرجھائجي ويو،
”پر گذريل دفعي ته توهان اهڙو ڪو ذڪر نه ڪيو هو. “
”ها .... اچانڪ فون آئي، ته سردين جي موسم جي حساب سان ڪجھ آرڊر وٺڻا آهن، توکي ته خبر آهي نه ته مان امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪندو آهيان. يعني هتان جون شيون ٻين ملڪن ۾ ۽ ٻين ملڪن جون شيون هتي. هي سڄي شاپنگ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، سيمپلن جي شڪل ۾ اوڏانهن کڻي ويندس ۽ جيڪي پسند آيا ته فيڪٽرين مان تيار ڪرائي اوڏانهن موڪليندس.“
غزل کي ٿوري گھڻي فواد جي ڪاروبار جي ڄاڻ ته هئي پر اڄ پهريون ڀيرو هو، جو هوء سڌو سنئون هن جي ڪاروباري معاملي ۾ شامل ٿي هئي. هن کي ته جيڪا تڪليف ماري پئي اهو فواد جو ائين اچانڪ دبئي وڃڻ جو پروگرام هو. هو الائي ڪيترو عرصو اتي ترسندو ۽ هن جي غير موجودگي ۾ هوء اهي تنهائي ڀريا ڏينهن ڪيئن ڪاٽيندي. سوچي سوچي هوء اداس ٿي وئي هئي. سندس سامهون ماني رکي هئي، پر سندس دل نه پئي چاهيو ته ان کي هٿ لڳائي. فواد جو هن کي ائين ويڳاڻو ڏٺو ته پڇڻ لڳو،
”ڇو ائين پريشان ٿي وئي آهين، ماني کڻ نه، “
هن اداس نگاهن سان فواد ڏانهن نهاريو هن جي نگاهن ۾ عجيب حسرتون هيون. فواد هن جي پريشاني کي محسوس ڪندي، دل رکڻ لاءِ چوڻ لڳو،
”پريشان ڇو پئي ٿين مان پندرهن ڏينهن ۾ آرڊر وٺي واپس اچي ويندس. ڏس ! روزي روٽيء جو به ته ڪجھ نه ڪجھ آسرو ڪرڻو آهي نه، نه ته ڪهڙي ڪافر جي دل اهڙي حسين ڪمپنيء کي ڇڏڻ لاءِ ڇوندي. تنهنجي ڪمپنيء ۾ اهو عرصو ائين گذري ويو جو خبر ئي نه پئي.“
”پر توهان اهي سيمپلز موڪلي به ته سگھو پيا نه، وڃڻ ضروري آهي ڇا. “
”او ماء ڊيئر غزل! پاڻ ايڏا وڏا واپاري ته آهيون ڪونه، جنهنجو لکن ڪروڙن جو ڪاروبار آهي، جيڪو ائين لک پڙهه ذريعي هلي. اسان کي هڪ هڪ شاپ تي وڃي رُلڻو پوندو آهي، ۽ ننڍا ننڍا آرڊر وٺڻا پوندا آهن. تڏهن ته اهي سيمپل مال تان کنيا اٿم، نه ته فيڪٽرين مان نه کڻان ها.“
اها ڳالهه غزل جي سمجھ ۾ اچي وئي ته فواد جو ڪاروبار ڪهڙي نوعيت جو آهي ، پر هوء دل جو ڇا ڪري.، جيڪا فواد جي هڪ ڏينهن جي جدائي سهڻ جي روادار نه هئي. آخر گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ چوڻ لڳي،
”ٺيڪ آهي، ته پوءِ توهان ڀلي دبئي وڃو، مان به سياري جي موڪلن ۾ ڪجھ ڏينهن سکر هلي ٿي وڃان، ڀيڻ به سعودي مان اچڻي آهي. ان سان به ملي وٺنديس، امي جي طبعيت به ٺيڪ نه ٿي رهي ڪجھ ڏينهن ان سان گذارينديس، ايستائين توهان به خير سان موٽي ايندا.“
”اها ته تمام سٺي سوچ آهي، توهان کي پنهنجي والدين کي به ڪجھ وقت ڏيڻ گھرجي، هو به ته توهان جي توجه جا منتظر هوندا ائين سڄو وقت اسان جهڙن واندن سان گڏ گھارڻ ۾ توهان کي ڀلا ڪهڙو فائدو ٿيندو پرديسي پکين وانگر نيٺ ته اسان کي اُڏرڻو ئي پوي ٿو نه. “ اهو چئي هو پاڻ به ماني کائڻ لڳو.



ندرت ٻن ڏينهن تائين مهمانن کي اسلام آباد جون گهمڻ واريون سڀئي مشهور پوائنٽون ڏيکارڻ لاءِ وٺي وئي، هو لنچ ڪري نڪرندا هئا ته رات جي ماني تي موٽندا هئا. سبين ۽ فاران ته تمام گھڻو لطف اندوز ٿي رهيا هئا. ڪراچي جي گھٽيل ٻوساٽيل زندگي، هر وقت ٽريفڪ جا مسئلا، ڪڏهن پاڻيء جي اڻاٺ، امن امان جا ناقص حالات، زندگي بس خوف ۽ پريشانين ۾ پئي گذاربي آهي ۽ هتي اسلام آباد، سر سبز جابلو سلسلا، ويڪرا روڊ رستا، نه ٽريفڪ جام جو جھنجھٽ، زندگي ڪيڏي نه سڪون سان روان دوان آهي. سياري جي موسم ۾ بيشڪ سردي جو احساس وڌي وڃي ٿو، پر آسمان تي ڇانيل ڪڪر، جھڙالي موسم، دلين ۾ خوشگوار احساس جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهن.
صرف ڪڏهن ڪڏهن شام جي چانهه تي يا ڊنر تي هنن جي عرفان سان ملاقات ٿيندي هئي، ڇوته صبح جو ٻار ۽ سبين ڪجھ دير سان جاڳڻ جا عادي هئا. ۽ هتي ته واندڪائي به هئي، ان ڪري عرفان صبح ساڻ آفيس هليو ويندو هو ۽ شام جو هو جڏهن گھمي ڦري موٽندا هئا ته عرفان پنهنجي ڪمري ۾ آرامي هوندو هو، جنهنڪري هو اڪثر رات جي ماني تي گڏجندا هئا. ته عرفان سرسري انداز ۾ سڄي ڏينهن جي مصروفيات جي باري م پڇي وٺندو هو. فاران ته هتي تمام گھڻو خوش هو، هن هر پوائنٽ، اها شڪر پڙيان هجي يا دامنِ ڪوهه، راول ڊيم هجي يا ڪا ٻي جاء، هر هنڌ هن ڏاڍو انجواء ڪيو هو. ڪراچي جي مصروف زندگيء ۾ اهڙا گھمڻ ڦرڻ جا موقعا ورلي ملي سگھندا هئا. ڪراچي ۾ ڄائو نپنو مئٽرڪ تائين اچي پهتو هو، پر هن اڃان تائين قائد اعظم جي مزار اندر وڃي نه ڏٺي هئي، جڏهن ته ٻاهران ڪراچي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو به اتي پهچي ويندا هئا. هو ته بس گھر کان اسڪول يا ڪڏهن فرصت ملي ته سمنڊ ڪناري يا ڪنهن پوش علائقي جي هوٽل ۾ ڊنر ڪري سگھيا ٿي. بس اهائي آهي ڪراچي وارن جي زندگي.



عرفان اٺاويهن اڻٽيهن سالن جو قداور ۽ پُر ڪشش شخصيت جو مالڪ، بردبار ۽ باوقار نوجوان هو. پنهنجي گونا گون مصروفيتن ۽ ملازمت جي نوعيت جي ڪري هن اڃان تائين پنهنجي لاءِ جيون ساٿيء جي باري ۾ سوچيو به ڪونه هو. جيتوڻيڪ ندرت کي جڏهن به موقعو ملندو هو. هوء پنهنجي اڪيلائپ جو پِٽڻو پٽيندي رهندي هئي. پر هو هميشه کِلي ٽاري چڏيندو هو. هينئر به جڏهن هن عرشيه کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته هن جي دل بي ساخته ڌڙڪڻ لڳي هئي، اهو آواز هن پنهنجي اندر ۾ پهريون ڀيرو ٻڌو هو. هو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو هو ته ڇا کيس ان جو ئي انتظار هو. هوء ته کانئس ڇهه ست سال ننڍي هئي، ڇا هنن جو جوڙ ممڪن هو، پر هن پنهنجي سنجيده طبعيت ۽ بردباري جي ڪري پنهنجي ڪنهن به رويي مان پنهنجي محسوسات ۽ جذبات کي ڪنهنجي آڏو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو هو. بس چپ چاپ هن سڄي صورت حال جو مشاهدو ڪري رهيو هو، هنن جي خاندانن ۾ ڪڏهن به ڪو ميل جول نه رهيو هو جنهن سبب هو ٻئي ڪٽنب هڪ ٻئي جي باري ۾ گھڻو واقف ڪونه هئا، ۽ هو به اهڙو ڪو غلط امپريشن نه پيو ڏيڻ چاهي ته پهريون دفعي ملڻ آيا ۽ هنن رشته جوڙڻ جو سوچي ورتو. اهو سڀ سوچي هن وقت جي ڌارا تي سڀني معاملن کي ڇڏي ڏنو. البته عرفان هڪ ٻه دفعه جڏهن سرسري انداز ۾ هنن کان حال احوال وٺندو هو ته هن محسوس ڪيو ته عرشيه جيڪا پهرين ڏينهن ڪافي هشاش بشاش ۽ چهڪندي ٻهڪندي پئي لڳي، اها هاڻي وساڻل وساڻل ڪوماڻيل ڪوماڻيل ۽ بيزارپئي لڳندي هئي، ٻاهران گھمي ڦري اچڻ باوجود هن ۾ اها تازگي ۽ خوشگواريت محسوس نه ٿيندي هئي، جيڪا هن عمر جي ڇوڪرن يا ڇوڪرين ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جڏهن هو ڪنهن اهڙي جاء تان گھمي ڦري ايندا آهن، جيڪا هنن پهرين نه ڏٺي هجي. ڇا عرشيه کي اسلام آباد پسند نه آيو آهي. اچانڪ کيس ياد آيو ته فهد چيو هو، عرشيه برفباري ڏسڻ جي خواهان آهي، اهو خيال ايندي ئي هن عرشيه جي دلجوئي خاطر ايندڙ ويڪ اينڊ تي ٻن ڏينهن لاءِ ڪوهه مري وڃڻ جو پروگرام سوچي ورتو ڇوته اتفاق سان موسميات کاتي وارن آئينده چوويهن ڪلاڪن ۾ برف باري جو امڪان ظاهر ڪيو هو، شايد اتي هلي عرشيه کي ويجھو کان سمجھڻ جو موقعو ملي وڃي. اهو سوچي هو فريش ٿي ڪمري کان ٻاهر آيو ته سڀ لائونج ۾ ويٺا هئا ۽ ڪافيء جو دور هلي رهيو هو، هو به سلام ڪري اچي اتي ويٺو، ڳالهين ڪندي هن پنهنجي ذهن ۾ ترتيب ڏنل پروگرام جي متعلق عرشيه کي ئي مخاطب ٿيندي چيو،
”عرشيه توهان جي هتي اچڻ کان پهرين، فهد ٻڌايو هو ته توهان کي برف باري ڏسڻ جو شوق آهي ۽ توهان اسلام آباد آيا به ان ڪري ئي آهيو. “
”ها........ چيو ته هيم پر....... ،“
هن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”پر ڇا...... ! مان در اصل پنهنجي ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ڪافي مصروف رهيس، ان ڪري توهان سان ڪمپني ڪري نه سگھيو آهيان، ان لاءِ معذرت ٿو چاهيان. صبحاڻي جمعو آهي، ٻئي ڏينهن مان ٻن ڏينهن لاءِ بلڪل واندو آهيان.۽ خوش قسمتيء سان برف باري جا به امڪان آهن ان ڪري اهي ٻئي ڏينهن ڪوهه مري ۾ گذاربا، توهان خوب انجواء ڪجو. ان کان پوءِ ايندڙ هفتي سوات ۽ ڪاغان وغيره هلنداسين. ايستائين امي اوهان کي باقي آس پاس وارا گھمڻ جا پوائنٽ به ڏيکاريندي ۽ توهان هتي شاپنگ به ڪري وٺجو.“
عرفان يڪ ساهي سمورو پروگرام ٻڌائي ويو.
عرشيه جا ته سمورا پروگرام تهس نهس ٿي ويا هئا، هن جي دل ڪنهن به ڳالهه ۾ نه پئي لڳي، هوء الائي ڪهڙا خواب اندر ۾ سانڍي هتي آئي هئي، برف باري ڏسڻ جو ته هڪ بهانو هو، هن کي خبر نه هئي ته هتي اچي هن جي دل کي ڪهڙي چوٽ رسڻي آهي ڪهڙا برف جا پهاڙ ڪرڻا آهن، پر هن جي تربيت اهڙي ٿيل هئي جو هن نه ٿي چاهيو ته جن وٽ هو زوري جا مهمان ٿي آيا هجن ۽ هتي اچي پنهنجي مجروح دل جا زخم کولي ويهجن.....“
”نه.... ! منهنجو دُک درد ته صرف منهنجو پنهنجو آهي، جيڪو هتي اچڻ کان پوءِ مونکي مليو آهي، مان ڀلا ان لاءِ ٻين کي ڇو پريشان ڪيان. هو ڇا سوچيندا ته هو اسانجي دلجوئي جو سامان پيا ڪن ۽ مان وري پنهنجو موڊ خراب ڪري، هنن جي پشيماني جو سبب پئي بنجان“. ان ڪري مٿاڇري دل سان چوڻ لڳي،
”توهان درست پيا چئو عرفان ڀاءُ، ! پروگرام ته اهوئي ٺاهي آئي هئس..... پر،..... هتي اچي خبر پئي ته توهان جي جاب ڪافي مصروفيت جي متقاضي آهي، ان ڪري توهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نه ٿو لڳي. ان ڪري سوچيان پئي ته هن سنڊي تي توهان اسان جي واپسيء جون ٽڪيٽون ڪرايو ها ته بهتر ٿئي ها. “
اهو ٻڌي ماڻس ۽ فاران وائڙا ٿي ويا. ڪاٿي مهينو رهڻ جو سوچي آئي هئي، ۽ هاڻي وري ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي واپسيء جون وايون پئي ڪري. ماڻس اڃان ڪجھ چوڻ واري هئي، ان کان اڳ ئي عرفان مرڪندي چوڻ لڳو،
”ان جو مطلب ته اسان جي ڪزن صاحبه اسان کان ناراض ٿي واپسيء جو سوچي پئي. نو ميم نو..... ! ائين ڀلا ٿي سگھي ٿو، مَس مَس ته امي کي پنهنجا پيار ڪرڻ وارا عزيز مليا آهن ، گھٽ ۾ گھٽ هي مهينو ته توهان کي وڃڻ نه ڏبو، نئون سال هتي سيليبريٽ ڪرڻ کان پوءِ ئي ملندي اجازت، اها به ان واعدي سان ته وري جلد ملڻ ٿيندو.“
عرفان جو اهڙو پنهنجائپ وارو انداز هن جي اندر ۾ وڍ وجھي ويو، دل جو درد لڙڪ بنجي سندس اکين کي آلو ڪري ويو. وڏي مشڪل سان هن پنهنجي حالت تي ضبط آندو ۽ آيل لڙڪن کي اکين ئي اکين ۾ پي وئي، ليڪن هن جي ڪوشش جي باجود عرفان هن جي ان بدليل ڪيفيت کي محسوس ڪري ورتو پر هن ان کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. عرفان جي ڳالهين ۾ ايتري ته پنهنجائپ ۽ خلوص هو جون ۾ انڪار جي ڪا گنجائش ئي باقي نه رهي. ان ڪري خاموش ٿي وئي. هونئن به ٽٽل دل جي لاءِ ڪنهنجي همدردي جا ٻه ٻول ئي انسان جي ڦٽن تي پهو رکڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن.
هن جي خاموشي ۽ ابتر حالت کي سمجھندي عرفان سندس موڊ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،

”ان جو مطلب ته ڪزن صاحبه کي اسان جي پروگرام تي ڪو اعتراض ڪونهي. هو چوندا آهن نه ته، خاموشي نيم رضامندي هوندي آهي.“
فاران جيڪو ڪافي دير کان خاموش ويٺو هو، مصنوعي ناراضگيء جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو،
”وڏا مزا آهن عرشيه آپيء جا، هتي اسان کي ڪو ڪوڙي منهن سان به صلاح نه ٿو ڪري، ( مسخريء ڀرئي انداز ۾ ) آخر اسان به ته پيا آهيون اوهان جي راهن ۾. “
هن جي اهڙي ڊائلاگ هڻڻ تي سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ ڪافي ڏينهن کان پوءِ عرشيه جي چهري تي به هڪ اداس مرڪ ڇانئجي وئي هئي، جنهن عرفان جي دل ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي هئي. هو چور نظرن سان عرشيه کي نهاريندو رهيو. عرشيه هن جي احساسن کان بيخبر ڪافي جا ننڍڙا سِپ وٺندي رهي.



افراز هتي اچي سروس ته جوائن ڪئي هئي پر هتي رهندي کيس شدت سان اهو احساس ٿيو ته زندگي اتي اچي ختم نه ٿي ٿئي. اڳتي ۽ اڳتي وڌڻ جي تمنا کيس همٿايو ته ڇو نه سپيرئرسول سروس لاءِ تياري ڪجي. ٻين فضوليات ۾ پوڻ کان بهتر ٿيندو ته هو هتي رهي ڪري سي ايس ايس جي تياري ڪري. هتي موقعا به جام آهن پڙهڻ جو ماحول به آهي. اهو سوچي هن ارسلان سان مشورو ڪري سي ايس ايس لاءِ ڪوچنگ ڪلاس جوائن ڪيا ۽ ان ۾ ايترو ته پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيائين جو باقي جهان وساري ويٺو. بس اهائي لگن هئي ته ڪيئن به ڪري اڳتي ۽ اڳتي وڌي وڃجي. هو محنتي ته اصل کان هو، پڙهڻ پڙهائڻ جو ماحول مليو ته هن جو ذهن کلندو ويو ۽ هاڻي کيس مزو اچڻ لڳو هو. اهوئي سبب هو جو عرشيه جنهن جي باري ۾ هن ڪڏهن ان انداز سان سوچيو به ڪونه هو ته هُن جي اچانڪ آيل فون کيس ڇرڪائي وڌو، ۽ هو ان سان نه چاهڻ جي باوجود روڊ ( رُکو ) ٿي ويو هو، ڪجھ به هجي هوء سندس پياري دوست جي ڀيڻ هئي، هڪ دفعو ملڻ ۾ هرج ئي ڪهڙو هو. کيس ڪنهن پرسڪون جاء تي ويهي نرميء سان سمجھائي ها، ته هو ڪنهن به جھنجھٽ ۾ پوڻ نه ٿو چاهي، هن جي منزل شادي يا محبت کان گھڻو اڳتي آهي، ٻيا به گھڻائي دکڙا آهن ۽ هو انهن فضوليات ۾ پئجي پنهنجو ۽ هن جو وقت کوٽو ڪرڻ جو روادار ناهي. پر هن ته اهڙو لٺِ مار جواب ڏئي ڇڏيو جو هوء ويچاري معصوم ڇوڪري الائي ڪهڙي حال ۾ هوندي. پر هاڻي ڪجھ نه پئي ٿي سگھيو. هو کيس فون ڪري ٻيهر سندس دل ۾ ڪا نئين آس ڪا اميد نه ٿو جاڳائڻ چاهي. آهسته آهسته وقت جي دز ۾ هوءَ اهو سڀ ڪجھ وساري ڇڏيندي ۽ پنهنجي جيون ڌارا کي اهڙي رخ ڏانهن موڙي ڇڏيندي جيڪو هن جي لاءِ وڌيڪ پُر سڪون ۽ لاڀائتو بنجي ويندو. اهو سڀ سوچي هن اطمينان جو ساهه کنيو ۽ پاڻ کي روز مره جي معمولات ۾ مصروف ڪري ڇڏيائين.



شام کان وٺي سرد هوائون گھلڻ لڳيون هيون، ان ڪري ٿڌ ۾ به اضافو ٿي ويو هو، ندرت لائونج جي گئس هيٽر کي تيلي ڏيکاري ته سرديء جو احساس ڪجھه گھٽ ٿي ويو. هوء ڪمري ۾ وئي ۽ ٽري ۾ ڪجھ ڊراء فروٽس (سڪل ميوا ) کڻي آئي، ته فاران ٽري کي ڏسي کلندي چوڻ لڳو،
” واه آنٽي ! هتي ته مزا لڳا پيا آهن، اسان ته ڪراچيء ۾ اهڙي موسم لاءِ سڪندا آهيون، جتي ڊراء فروٽس جي عياشي ڪرڻ جو موقعو ملي. بس ڪڏهن اتفاق سان قدرت ڪجھ مهربان ٿيندي آهي، ته ٻه چار ڏينهن ٿڌ پوندي آهي،۽ انجواء ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، نه ته اسان وٽ ته ٻارهن ئي مهينه بس ڪم ئي ڪم، ان کان سواء ڪجھ به نه.......... .“
هن جي ڳالهه ٻڌي سبين کلڻ لڳي.
” ندرت ٻڌين پئي پنهنجي ڀاڻج جون خبرون، ويچارو وڏو ڪم ڪرڻ وارو آهي، يا ته ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، يا ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻو آهي، بس اهي ئي ڪم اٿس، صاحب بهادر جا. چڱو هاڻي انجواء ڪر سردي جي موسم، اسان جو سِر ٿو وڃي، هن کي مزو پيو اچي.“
”پر امي ! صبحاڻي ادا عرفان سان گڏ ڪوه مري هلڻ جو پروگرام ٺهيو هو نه، ان لاءِ ڪا تياري نه پئي ڏسجي. “
ندرت کلڻ لڳي، کيس فاران جي هر ڳالهه م تفريح ڳولهڻ جي عادت تمام گھڻي پسند آئي. هن عمر ۾ ٻارن کي پاري وانگر متحرڪ رهڻ گھرجي
”اجھو ٿو عرفان اچي ته پوءِ گڏجي پروگرام فائنل ڪيون ٿا، (هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي،) هي عرشيه نظر ڪونه ٿي اچي، لڳي ٿو ته هوء هتي اچي بور پئي ٿئي.“
انهي وقت عرشيه زرد رنگ جو لوز ٽرائوزر ۽ بليڪ پرنٽيڊ شرٽ ۾ وار چيلهه تائين کليل، آهسته قدمن سان ڏاڪڻيون لهندي لائونج ۾ داخل ٿي. کيس ڏسي ندرت جي دل ۾ اهائي آرزو جاڳي ته ڪاش ! عرفان جي دل ۾ عرشيه لاءِ ڪو نرم گوشو پيدا ٿي پوي، ته اسان ٻنهي سهيلين جي محبت اڃان به مضبوط ٿي وڃي
عرشيه جيئن اچي صوفي تي ويٺي ته ندرت سڪي ميوي جي ٽري سندس آڏو سرڪائيندي چوڻ لڳي،
”پٽ ڪو گرم ڪپڙو پائين ها، اڄ ٿڌ تمام گھڻي وڌي وئي آهي، لڳي ٿو ته رات ڪوه مري ۾ برف باري ٿيندي. “
انهي وقت عرفان به سڄي ڏينهن جي ٿڪ باوجود مُک تي خوشگوار مرڪ سجائي اندر داخل ٿيو، ته سندس نگاه عرشيه تي پئي ته کيس ائين لڳو ڄڻ هن جا سڀ ٿڪ لهي ويا هجن. دل بي اختيار ڇڪ کاڌي ۽ اچي سندس ڀر واري ڪرسيء تي ويٺو،
”ڏاڍا شغل پيا ٿين. آنٽي ڪيئن گذريو اڄوڪو ڏينهن. “
”پُٽ هتي ته ڏاڍي ٿڌ آهي، اصل سُڪائي رکيو اٿس. “
فاران کي الائي ڇو ائين لڳو ته ڪاٿي سردي جو بهانو ڪري ڪوه مري وڃڻ جو پروگرام نه ختم ڪري ڇڏين، ان ڪري هڪدم چوڻ لڳو،
”اميء وارن کي ڇڏيو، توهان صرف اهو ٻڌايو ته صبحاڻي ڪوهه مري هلڻ جو پروگرام پڪو آهي نه. “
عرفان عرشيه ڏانهن نهاريو، ڄڻ اندازو لڳائيندو هجي ته هِن جو ڪهڙو ردِ عمل آهي. پر هوء ته لاتعلق بڻي نيزن سان شغل ڪندي رهي. عرفان کي سندس رويه جي اهڙي سرد مهري جي ڪري دل ۾ سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي. پر مهمان داري ۽ دلداريء جون تقاضائون هن کي اهو سڀ درگذر ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون، آخر کانئس رهيو نه ٿيو ۽ عرشيه کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو،
”مس عرشيه سرفراز...... ! توهان ته ائين بيزار ويٺا آهيو، ڄڻ هتي توهان جي خواهشن جي برعڪس ڪا ڳالهه ٿي رهي هجي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي هزار دفعه ڪٿي دل نه لڳندي هجي، بيزاري ٿيندي هجي پوءِ به ٻين جي دل رکڻ خاطر ئي سهي، هو انهن جي ڳالهين ۾ وڌي چڙهي شامل ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي ۽ هتي ته توهان جي آرزوئن ۽ خواهشن موجب هي پروگرام ترتيب ڏنو ويو هئو ۽ جناب آهن جو مزاج ئي نه پيا ملن. “
ڳالهائيندي خبر ناهي ڪيڏي مهل هن جي لهجي ۾ تلخي اچي وئي، جنهن کي عرشيه سان گڏ ندرت ۽ سبين به محسوس ڪيو. سبين ڌيء ڏي ناراضگيء وارين نگاهن سان ڏٺو. عرشيه به محسوس ڪري ورتو ته هن جو رويو شايد گھڻو ويڳاڻو ٿي ويو هو ۽ هڪ مهمان هجڻ جي ناتي ميزبانن جي احساسات جو بهرحال کيس خيال رکڻ کپي، هو ته صرف سندن تفريح لاءِ ئي ته سوچي رهيا هئا. ان ڪري هُن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ لبن تي زبردستيء جي مرڪ آڻيندي چوڻ لڳي،
”عرفان ڀاء ! توهان شايد ڪجھ مونکي پئي ٻڌايو، معاف ڪجو، ڪڏهن ڪڏهن سوين ماڻهن جي وچ ۾ رهندي به انسان قنوطيت جو شڪار ٿي ويندو اهي.“
هن جي اهڙي معذرت خواه انداز تي عرفان کي مٿس رحم اچي ويو، ان ڪري هن به پنهنجي رويي ۾ نرمي اختيار ڪندي هنن سان صبح جو سوير نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن کان پوءِ سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي ۽ آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.

6

ان ڏينهن غزل جيئن ئي انسٽيٽيوٽ کان ٻاهر نڪتي ته فواد کي گاڏيء ۾ پنهنجو منتظر ڏٺائين. فواد به گيٽ مان کيس ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته گاڏيء کي ٿورو پوئتي کڻي آيو ۽ هوء جيئن سيٽ تي ويٺي هن گاڏي جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. غزل کان رهيو نه ٿيوته پڇي ويٺي،
”ڪڏهن آ توهان جي فلائيٽ، مونکي اهو سوچيندي به الائي ڇا ٿي وڃي ٿو ته توهان سڄو سارو مهينو مونکان دور وڃي رهيا آهيو. اهي ڏينهن مون لاءِ صديون بنجي گذرندا “
”غزل وڃڻو ته آهي نه، آخر روزي روٽي جو فڪر به ته ڪرڻو آهي نه، ويهي کائڻ سان ته خرار به کُٽي ويندا. ايستائين توهان به پنهنجي گھر وارن سان ملي اچو اهو وقت اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو. “
”توهان جو گذري ويندو، هتي ته پل پل ڪاٽڻ صدين برابر ٿو لڳي.“ ”سائين منهنجا ! هتي به ساڳيو حال آ، ”جو پل غافل سو پل ڪافر“ توهان دل نه لاهيو، بزرگن جي خدمت ۾ ضرور توهان پنهنجي لاءِ راحت جون گھڙيون تلاش ڪري وٺندئو، هاڻي اڄ جي ڊنر توهان جي کاتي ۾ ٿي وڃي.“
هنن هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ۾ پُر تڪلف ڊنر ڪئي، ڪينڊل لائيٽس جي جھڪي روشنيء ۾ پيانو تي وڄندڙ هلڪن سُرن جي موسيقيء واري ماحول ۾ غزل پاڻ کي الائي ڪيتري خوش نصيب تصور ڪري رهي هئي، اهڙي خوبصورت ماحول ۾ جڏهن اهو شخص سامهون موجود هجي، جنهنجي تلاش ۾ ورهيه ڪاٽيا هجن ، اهو اڄ نه صرف هن سان گڏ هئو، بلڪه هو به هن کي ايترو ئي پسند ڪرڻ لڳو هو، هن کي ٽائيم ڏيڻ لڳو هو، هن جي دل ان مهل چاهيو پئي ته وقت اُتي بيهي وڃي، هو ان جاء تي ويٺا رهن ۽ اهي پل امر ٿي وڃن. پر اهو سڀ ڪجھ هن جي اختيار ۾ ڪٿي هو. هوء فواد جي جدائي جي سهپ پنهنجي اندر ساري نه پئي سگھي. آخر هن جي نه چاهڻ جي باوجود اها گھڙي اچي پهتي، فواد نيپڪن سان هٿ صاف ڪري هن ڏانهن پيار ڀرين نگاهن سان ڏٺو ته غزل جون اکيون ڀرجي آيون، سوچڻ لڳي ته جدائي جي گھڙي آخر اچي پهتي آهي، نه ته فواد پهرين ڪڏهن به ائين کيس نه ڏٺو هو. فواد هن ڏانهن جھڪندي ڌيمي لهجي ۾ چيو،
”ته پوءِ هلجي مس غزل ! منهنجي فلائيٽ صبح جو سوير آهي، پوءِ ملون ٿا نه تمام جلد، ايترا سال توهان منهنجي مورت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي ان کي هڪ زنده سلامت وجود جي شڪل ڏني، ۽ هاڻي هڪ جئري جاڳندي شخص کي پنهنجي يادن ۾، خيالن ۽ خوابن ۾ محسوس ڪندي اهي گھڙيون چپٽي وڄائيندي گذري وينديون ۽ پوءِ اسان وري سُٺن دوستن جيان هڪ ٻئي جي روبرو هونداسين، ان ڪري خوش خوش اجازت ڏيو.“
غزل جي اکين جا بند ٽوڙي لڙڪ ڳلن تي لڙي آيا، جن کي هن جلدي ٽيشو پيپر ۾ سموهي ورتو ۽ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. فواد کي هن جي ڪيفيت جو احساس به هو، پر هن کي پنهنجن واعدن جو پاس به ته هو، ان ڪري غزل کي وڌيڪ ڪا اميد ڏيار.ئي بغير اٿي کڙو ٿيو. ان وقت ئي فون جي گھنٽي وڳي ته کڻڻ کان پهرين غزل کي خدا حافظ چيائين ۽ پوءِ ٻئي ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري آيا. غزل پنهنجي لاءِ ٽيڪسي کي اشارو ڪيو ۽ چپ چاپ اتان هلي آئي



صبح جو سويل ئي عرفان ۽ سڀئي گھر وارا ڪوه مري ڏانهن روانه ٿيا. رستي ۾ آڪاس تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ايتري قدر جو صبح مهل به اونده انڌوڪار لڳي پئي هئي، ڪوهيري سبب آسپاس وارين شين کي ڏسڻ به محال پئي لڳو. سبين ۽ عرشيه جو ته ڄڻ ساه مٺ ۾ هو. ڪوه مري جي اوچاين تي گاڏي چڙهندي سندن ڪنن تي تاڙيون چڙهي ويون هيون، آس پاس جو ڪو آواز کين ٻڌڻ ۾ ڪونه پئي آيو. بس گاڏيء جو هيٽر هو، جيڪو گاڏي جي اندرين ماحول کي گرم رکندو پئي آيو. ڌنڌ جي ڪري گاڏيء جا شيشه بار بار ڌنڌلا ٿي پئي ويا، جن کي ڊرائيور ڪڏهن وائيپر سان ته ڪڏهن ڪپڙي سان صاف ڪندو، آهسته رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو. سبين ته سڄي واٽ درود ۽ دعائن جو ورد ڪندي پئي آئي. خدا خدا ڪري رستو ختم ٿيو ۽ هو ڪوه مري عرفان وارن جي ايمبسي ريسٽ هائوس اچي پهتا، ته عرشيه ۽ سبين جي پيٽ ۾ ساه پيو.البته پوري سفر ۾ فاران تمان گھڻو انجواء ڪندو هليو. جيئن .ئي ريسٽ هائوس پهتا ته اڳواٽ بڪنگ جي ڪري هنن لاءِ ناشتو تيار هو. هو سڌا واش رومز ڏانهن ويا ۽ گرم پاڻيء سان هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي اچي ناشتي جي ميز تي ويٺا. سرديء جي حساب سان ناشتي جو اهتمام ٿيل هو، گرم پاڻيء ۾ پيل بوائل بيضا، سلائيس مکڻ هاف فراء بيضا ۽ گرم گرم ڪافي. ناشتو ڪري ٻاهر لائونج ۾ اچي ويٺا. هنن جي هتي پهچندي ئي سيء ۾ چڱو خاصو اضافو ٿي ويو هو. بلڪل سفيد بادل دونهين جيان سندن بلڪل مٿان گذرندا پئي ويا. عرشيه اهڙي خوبصورت منظر کي ڏسي، گھڙي پل لاءِ پنهنجا سڀ دک درد وساري ويٺي هئي. هوء ميرون ڪلر جي سوٽ مٿان لائيٽ پنڪ ڪارڊيگن پهريل ان وقت ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي. سردي جي ڪري سندس ڳورو چٽو رنگ ۽ ڳل چهچ گلابي ٿي ويا هئا ۽ سندس چپن تي لڳل لپ اسٽڪ سان ميچ پئي کاڌائون
عرفان چور نگاهن سان هن کي نهاري رهيو هو ان گھڙيء هوء سندس دل ۾ عجيب هلچل مچائي رهي هئي.عرفان جي دل چاهيو پئي ته هن معصوم گڏڙيء جهڙي ڇوڪريء کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ڪٿي دور وٺي وڃي ۽ هن آڏو پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ اڌمن، جذبن ۽ احساسن کي کولي رکي. شايد هن جي ان آرزوجي شدت ۾ ايتري ته صداقت ۽ طاقت هئي ، جو عرشيه سڀ ڪجھ وساري پنهنجي جاء تان بيساخته اٿي کڙي ٿي ۽ خرامان خرامان ٻاهر لان ڏانهن هلي وئي، سندس ائين اٿي وڃڻ تي عرفان به غير محسوس انداز ۾ اتان اٿيو، ڄڻ کيس اچانڪ ڪجھ ياد اچي ويو هجي ۽ هن جي پويان پويان ٻاهر نڪري ويو، اهڙي طرح جو ويٺلن هن جي ان حرڪت کي محسوس به نه ڪيو.
ٻاهر اچي هن ڏٺو ته عرشيه هڪ لان چيئر تي ويٺي پنهنجي مٿان ترندڙ اڇن بادلن کي هٿن ۾ جھلڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ مصروف هئي. ان گھڙي هوء کيس ننڍڙي رنگين پوپٽ جيان لڳي جيڪو ٿڌڙي هوا سان گڏ اڏام ڪندو وتندو آهي. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ هوء ائين پنهنجا سڀ احساس، گھڙي ساعت لاءِ وساري قدرت جي حسين نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. عرفان هن جي اهڙي محويت جي عالم کي ٽوڙڻ نه ٿي چاهيو، ان ڪري خاموشيء سان هن کان پر ڀرو هڪ ڪرسي تي اچي ويٺو ۽ غور سان ڏانهس نهارڻ لڳو ته عرشيه هن جي نگاهن جي تپش کي محسوس ڪندي، خيالن جي دنيا مان واپس موٽي آئي. هن ڏي نهاري اداس مرڪ لبن تي آڻي چوڻ لڳي،
”توهان ڪيڏي مهل هتي اچي ويٺا آهيو. “
عرفان مرڪندي چيو،
”ڀلا توهان هميشه ائين پنهنجي الڳ دنيا وسايو ويٺا هوندا آهيو يا هتي اچي اسان جي ڪمپني توهان لاءِ بوريت جو ڪارڻ پئي بنجي. “
”نه نه عرفان ڀاء، اهڙي ڳالهه ناهي، بس ڪڏهن ڪڏهن انسان ڪجھ بيوقوفانه تمنائن ۽ آرزوئن کي دل اندر پالي ويهي رهندو آهي ۽ ضروري ته ناهي ته جيڪا توهان جي آرزو هجي، اها ان طريقي سان پوري به ٿي وڃي جيئن اوهان چاهي هجي.“
عرفان هن جي اهڙي فلسفيانه ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ کيس داد ڏنو، پر هن جي ئي انداز ۾ هڪ شعر چيو،
”ڪنهن شاعر شايد اوهان جي ئي هن حال کي سمجھندي ڇا ته خوب چيو آهي “
”هڪ ڏک منهنجو آهي، جنهن تي آءُ سخت افسوس ڪيان ٿو جيئن هيڪلو تارو هوندو آهي،
جيڪو سياري جي سانجھيء ۾، جھڪو جھيڻو ٽمڪندو آهي“
مس عرشيه سرفراز احمد، هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گھرجي، ته جڏهن به اسان پنهنجي زندگيء ۾ ڪنهن کي خاص اهميت ڏيندا آهيون، ته هن جي نظرن ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهيون. هميشه اهو خيال رکڻ گھرجي ته ڪجھ به ٿي پوي ٻئي جي آڏو هميشه پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ اهم ۽ اوچي ڳاٽ سان ظاهر ڪرڻ کپي، نه ته پنهنجي ئي نگاهن ۾ حقير بنجڻ جو احساس ماري رکندو آهي.“
عرفان جي شخصيت ايتري ته پُر وقار هئي، هو ايترو ته بردبار هو، جوهن پنهنجي بهترين مزاج ۽ پُرڪشش ۽ پُر وقار شخصيت ڪارڻ هميشه پنهنجي ارد گرد جي ماڻهن کي زندگي جو ڀر پور اتساه ڏنو هو. هينئر به پنهنجي رويي جي مٺاڻ ۽ پاٻوه ڀرئي انداز سان عرشيه جي دل م آهسته آهسته دانسته يا نادانسته پنهنجي لاءِ جاء ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو ڪافي حد تائين سمجھي ويو هو ته عرشيه جيڪا هتي اسلام آباد اچڻ لاءِ بيتاب هئي، هتي اچي ڪومائجي وئي هئي، ته يقينا“ هِن کي هتي اچڻ کان پوءِ ڪونه ڪو اهڙو جذباتي ڌچڪو رسايو ويو آهي، جنهن هن جي معصوم هستيء کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ان ڪري هو هن سان اهڙي نرم لهجي ۽ پاٻوه ڀرئي لهجي ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. جيئن هن جي نازڪ دل کي جيڪا چپيٽ رسي آهي، ان جو غير محسوس انداز ۾ ازالو ڪري سگھي.
عرشيه به هن جي اندازِ گفتگو جي سحر ۾ گرفتار ٿيندي پئي وئي. هوء چند ڏينهن کان جنهن اذيت مان گذري هئي، سندس نفيس ۽ ڪچڙي دل کي جيڪو زخم رسيو هو، جيڪا رهنڊ آئي هئي، عرفان جو پُر سحر اندازِ گفتگوان تي مرهم جو باعث بڻجندي پئي وئي. هونئن به ڏکويل دل جي لاءِ همدردي جا چند ٻول به تقويت جو سبب بنجي ويندا آهن. عرفان ته هن کي هن جي خواهشن کي ايتري اهميت ڏئي رهيو هو هن لاءِ پنهنجي سڀني مصروفيتن مان وقت ڪڍي هن لاءِ خوشين جو سامان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ٻئي طرف جنهن لاءِ هوء هزارين ميلن جو سفر طيء ڪري صرف هن جون چند گھڙيون پاڻ لاءِ گھرڻ جي تمنا کڻي پهتي هئي، ان ته پهرين فرصت ۾ ئي هن کي پنهنجي مصروفيتن جو بهانو بنائي ملڻ کان ئي نابري واري ڇڏي هئي. هن جي هڪ ئي جملي، محبتن سان ٽمٽار هن جي دنيا تهس نهس ڪري وڌي هئي. ٻئي طرف هي عرفان ڪيڏو نه سٺو انسان آهي جو ڄاڻ نه هئڻ جي باوجود هن جي اڊڙيل زخمن تي پنهنجي پيار ۽ پاٻوه ڀرئي انداز سان پها رکڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ايترن ڏينهن کان پوءِ هن کي دل جي قريب محسوس ٿي رهيو هو. هي منهنجو پنهنجو آهي، منهنجي امي جان جي ڀيڻ جو اولاد، ان ڪري ئي هو مونکي پنهنجي دل جي قريب پيو سمجھي. سو اهڙيون ئي عجيب ڳالهيون سوچي رهي هئي ۽ عرفان هن جي مُک جي بدلجندر رنگن کي غور سان ڏسي رهيو هو . هو ٻئي پنهنجن پنهنجن احساسن مان ان وقت سجاڳ ٿيا جڏهن هوا جو تيز جھوٽو هن جي بدن سان ٽڪرايو ۽ سرد هوا جي جھوٽي عرشيه جي اندر ۾ سيسراٽ اڀاري ڇڏيا. هوء هڪدم ڪرسيء تان اٿي اندر وڃن لڳي ته عرفان بي ساخته کيس ٻانهه کان جھلي ورتو ته هوء حيران ٿي کيس نهارڻ لڳي، ليڪن هُن جي اکين جي چمڪ جو تاب نه سهندي لڄ وچان نظرون جھڪائي ڇڏيون، ليڪن هن پنهنجو هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪه کيس ائين لڳو ڄڻ ڪنهنجي هٿن جو مضبوط ڇُهاء سندس لاءِ طمانيت ( اطمينان) جو احساس پيدا ڪري ويو هو. ٻئي طرف عرفان کي جيئن پنهنجي بي ساختگيء جو احساس ٿيو ته هن خفت سان نرم انداز سان هن جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ چوڻ لڳو،
”ايتري جلدي ڇا جي آهي مس عرشيه، هاڻي ته توهان جي من جي مراد پوري ٿيڻ واري آهي، هو ڏسو بادل ڪيڏي نه تيز رفتاريء سان توهان ڏي ڊوڙندا پيا اچن. او.... ! هي ڇا.... ! برف باري..... ! واه ربا واه..... ! اڄ ته منهنجي مهمانن جي دلي مراد پوري ڪري ڏيکاريئي، تڏهن ته چوندا آهن نه ته سچي من سان ڪيل آرزو ضرور پوري ٿيندي آهي.“
هن اڃان ائين چيو ئي مس ته برف جا چانديء جهڙا سفيد چمڪندڙ کنڀ سندن مٿان ڪرڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي سائي چٻر تي اڇاڻ ڇانئجي وئي، وڻ ٻوٽا سڀ برف سان ڍڪجندا پئي ويا، اهڙو ته حسين ۽ دل فريب منظر هو جو عرشيه حيرت سان اهو سڀ ڏسندي ئي رهجي وئي. سردي جو احساس بلڪل گھٽجي ويو هو، توڙي جو هر طرف سفيد ملائم برف ئي برف هئي، سندس وار برون سڀني تي هلڪا، ٿڌا کنڀ ئي کنڀ هئا. ان مهل هن کان سڀ ڪجهه وسري ويوهو. اندر جو ٻار جاڳي پيو هو ۽ هوء هڪ خوبصورت پوپٽيء جيان اڏامندڙ کنڀن کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هلڪيون ڪلڪاريون ڀريندي پوري لان ۾ ڊوڙندي پئي وتي ، ارد گرد جي ماحول کان بي نياز ڪنهنجي پرواه ڪئي بغير.
عرفان کيس ائين ٻارن وانگيان کيڏندي ڪُڏندي ڏسي پنهنجي اندر ۾ تمام گھڻو محظوظ ٿي رهيو هو. ان وقت هن جي دل ۾ به عجيب محسوسات هئا. عرشيه جي بي خودي، هن جي من جي انهن لڪل اُڌمن ۽ ارمانن کي جاڳائي ڇڏيو هو، جن کي هو پاڻ کان به لڪايو پئي وتيو. ليڪن هو هڪ نهايت ئي بردبار شخص هو، هن نه ٿي چاهيو ته ايترو جلد هو هِن ننڍڙي، احساسن سان ڀرپور پوپٽيء آڏو وائکو ٿي پوي.. ڌيرج هميشه هن جي طبعيت جو خاصو رهيو هو. ڪجھ دير کانپوءِ جڏهن برف باري وڌي وئي ته هن عرشيه کي سڏي ورتو ۽ پوءِ هو ٻئي اندر لائونج ۾ هليا آيا جتي ندرت ۽ سبين ڳالهين ۾ مصروف هيون. هنن کي ائين برف ۾ ڍڪيل ڏسي ٻنهي هڪ ٻئي ڏي نهاريو ۽ بنهي جي لبن تي هڪ معني خيز مرڪ ڇانئجي وئي.
عرفان ۽ عرشيه هنن جي نگاهن جي پرواه نه ڪندي پنهنجي پنهنجي ڪمرن جو رُخ ڪيو ته هو ٻئي سهيليون کلڻ لڳيون..
انهيء وقت فاران پنهنجي دوست سان گڏ اندر آيو، ٻنهي جا ڪپڙا آلا هئا.
”امي جان! هي منهنجو دوست علي آهي، هنن جي فيملي به برف باري ڏسڻ لاءِ اسلام آباد کان آيل آهي ۽ ڀر واري پورشن ۾ رهيل آهن. “
ائين چئي هو پنهنجي دوست سان گڏ ڪجھ پري پيل نيٽ جي ڪرسين ڏانهن وڌي ويو ، جتي دوست کي ويهاري سامهون رکيل ڊراء فروٽس کڻي اچي دوست اڳيان رکيائين ۽ ٻئي مشغول ٿي ويا.
ڪجھه ئي دير ۾ عرفان ۽ عرشيه لباس تبديل ڪري لائونج ۾ ندرت ۽ سبين جي ڀرسان اچي ويٺا.. ٻاهر ته کين ٿڌ جو احساس ڪونه پئي ٿيو، ليڪن ڪمري ۾ اچي عرشيه کي لڳو ته سرديء ۾ اضافو ٿي ويو آهي سندس چهري جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل گلابي ٿي ويو هو. انهي وقت روم سروس وارو ويٽر ڪافي ۽ گرم گرم سينڊوچ کڻي آيو، ڪافي جون سرڪيون ڀريندي سندس سردي جو احساس ڪجھ گھٽ ٿيو.ته عرشيه ٻنهي هٿن جي ترين کي مهٽيندي ندرت کي مخاطب ٿي، سندس لهجي ۾ پهرين ڏينهن واري شوخي واپس وري آئي هئي.
”آنٽِي واقعي مونکي برف سان کيڏندي ائين پئي لڳو، ڄڻ مان هڪ پوپٽي هجان ۽ جنت ۾ پهچي، اتان جي گلن ٻوٽن جي پسار ڪندي ڪنهنجي رس چوسيندي هجان، ڪنهنجي هڳاء جو مزو ماڻيندي هجان يقينا” برف باري اسان انسانن لاءِ خدا جو حسين تحفو آهي، جيڪا دلين جي آڳ اجھائي ٿي، من اندران بغض ۽ ڪدورتن کي مٽائي، محبتن سان سرشار ڪري ڇڏي ٿي. ڪاش ! اها موسم سدائين هجي ۽ مان پنهنجي اندر جي آتش کي ائين ئي اُجھائيندي رهان. “
”بس، بس، لڳي ٿو ته موسم تنهنجي اندر جي شاعره کي سجاڳ ڪري وڌو آهي. اڄ ته ائين پيو لڳي، ته منهنجي ڌيء هتي ئي پورو ديوان تخليق ڪرڻ واري آهي. ان ڪري منهنجا ٻچا، گھڙي کن ساهي ضروري آهي. “
ماء جي ڳالهه ٻڌي هوء هڪدم شرمائجي وئي، ته عرفان ۽ ندرت هن کي ائين ڏسي زور زور سان کلڻ لڳا.
ان ڏينهن کان پوءِ عرشيه ۽ عرفان جي وچ ۾ پهرين واري دوري ۽ تڪلف گھٽجندو ويو ۽ هو هڪ ٻئي سان ڪافي بي تڪلف ٿيندا پئي ويا. هو ڪوشش ڪري ڪو نه ڪو موقعو هٿ ڪري وٺندا هئا. ۽ هڪ ٻئي جي سنگت ۾ وڌ کان وڌ وقت گذارڻ لڳا، ليڪن هنن جي ان قربت ۾ ٻنهي طرف هڪ حجاب باقي هو. هنن ٻنهي چاهيو ٿي ته هو پهرين چڱي ريت هڪ ٻئي کي پرکي وٺن، تنهن کان پوءِ ئي هڪ ٻئي تي منڪشف ( ظاهر) ٿين. عرشيه جو ته ننڍڙي عمر ۾ ئي هڪ ڌڪ کاڌل هو، ان ڪري هن لاءِ احتياط لازم هو. هن ڪابه تڪڙ ڪرڻ نه ٿي چاهي. ٻئي طرف عرفان به پنهنجي بردبار طبعيت جي ڪري ۽ ڪجھ ڪجھ عرشيه جي ماضي قريب واري ڪيفيت کي سمجھي وڃڻ کان پوءِ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪرڻ نه ٿي چاهي، جنهن سان هن جو وقار مجروح ٿئي. اهي ٻه ڏينهن اک ڇنڀ ۾ ئي گذري ويا هئا.. هنن واپسيء جي تياري ڪئي ۽ رات ٿيندي ئي اسلام آباد اچي پهتا.
عرفان جي زندگي اسلام آباد پهچندي ئي معمول تي اچي وئي، ليڪن هن دفعي فرق اهو ٿيو جو هو مصروفيتن باوجود شام جو وقت ڪڍي، سڀني سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن تفريحي جاء تي هليو ويندو هو. هو وڌ کان وڌ هن ڪٽنب سان گذارڻ جو خواهان هو، جيئن هو هڪ ٻئي کي ويجھڙائيء کان سمجھي سگھن. هن چاهيو پئي ته صرف دل جي هٿان مجبور ٿي ڪو رشتو قائم ڪرڻ کان بهتر آهي، ته هو ٻئي خاندان هڪ ٻئي کي چڱي طرح پرکي وٺن ، ڇو ته هن جي آڏو رشتن جي مضبوطيء ۽ پائداريء جو واحد حل اهوئي طريقو هو. بي خودي وڌندي وئي ۽ فاصلا گھٽجندا ويا. هفتي ڏيڍ ۾ هنن هڪ ٻئي کي چڱي نموني سمجھي ورتو. عرفان کي محسوس ٿي رهيو هو ته هوءهن جي جيون ساٿي بنجڻ لاءِ بلڪل فِٽ آهي. ته عرشيه به محسوس ڪري ورتو هو ته سراب ۽ رُڃن پويان هوء هروڀرو ڀٽڪندي پئي وتي، اچانڪ هڪ گھاٽو پاڇو هن جي سڄي هستيء مٿان ڇانورو بنجي ويو آهي. هنن جي قربتن کي سمجھندي سبين ۽ ندرت به هنن کي گھڻو وقت ڏنو، آخر جڏهن سبين وارن جي وڃڻ جووقت ويجھو آيو ته هڪ ڏينهن ندرت عرفان کي ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي، اچي سندس ڀر ۾ ويٺي.
” پُٽ، توکي خبر آهي ته سبين وارن جي ٽڪيٽ اوڪي ٿي وئي آهي ۽ هو ٻن ڏينهن کان پوءِ هليا ويندا. مان چاهيان ٿي ته هنن جي وڃڻ کان پهرين مان عرشيه کي تنهنجي لاءِ گھري وٺان، جي توکي ڪو اعتراض نه هجي. “
عرفان ڪجھه دير خاموش ٿي ڪجھه سوچيندو رهيو، ڪجھ گھڙين کان پوءِ نهايت سنجيدگي سان چوڻ لڳو،
”امي جان ! توهان جي خيال ۾ عرشيه ۾ اهي خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ جيون ساٿي ۾ هجڻ گھرجن، مون هميشه اهائي خواهش ڪئي، ته اهائي ڇوڪري منهنجي جيون ساٿي ٿيندي جيڪا مونسان گڏوگڏ منهنجي ماء پيء جي به پسند هجي.“
”پُٽ مونکي مونکي توهان تي فخر آهي، جو توهان والدين جي پسند جو خيال ڪيو ٿا. در اصل عرشيه مونکي پهرين ڏينهن ئي بيحد پسند هئي، مون فون تي تنهنجي بابا سان به ڳالهه ڪئي آهي، ان کي به ڪو اعتراض ڪونهي. هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته مان سندن وڃڻ کان پهرين با ضابطه طور تي کانئن عرشيه جو سڱ گھري وٺان، ائين اسان جي وچ ۾ رشته وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
عرفان جي حامي ڀرڻ کان پوءِ ندرت با ضابطه طور تي سبين کان عرشيه جي سڱ جي گھر ڪئي جنهن فون تي گھر وارن سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ سڱ ڏيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. ائين قدرت جي طرفان اهي رشته جڙي ويا جيڪي بظاهر ممڪن ئي نه هئا. قدرت جو چرخو به عجيب اسرارن سان ڀريل آهي، هر شيء ان جي تابع ڦرندي رهي ٿي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شيون اچانڪ ٿي پونديون آهن جن جو بظاهر ڪوبه امڪان نه هوندو آهي، بس ان لاءِ انسان جي نيتن جو وڏو عمل دخل هجي ٿو. نيڪ نيتي سان کنيل هر قدم بيشڪ ڪڏهن ڪڏهن ان انسان جي توقعات مطابق نه به هوندو آهي ۽ هي ويچارو انسان منجھي پوندو آهي، ته غلط ڇا آهي ۽ سهي ڇا آهي.، ليڪن ضروري ته نه آهي ته جيڪا آرزو توهان اڄ ڪري رهيا هجو، اها توهان جي توقعات مطابق فوري نتيجه خيز ثابت ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪيل ان نيڪ عمل جو ثمر ان وقت اوهان جي آڏو ظاهر ٿئي جڏهن توهان ان کي وساري چڪا هجو، ته توهان ڪڏهن ائين به چاهيو هو ۽ اهوئي قدرت جو نظام آهي، ٿيندو ضرور پر ڪڏهن ؟ اهو صرف قدرت کي معلوم آهي، ڇو ٿو ٿئي ڪيئن ٿو ٿئي، بس ٿي پوي ٿو. ان ڪري نه خوش ٿجي نه مايوس، بس جڏهن سڀ حيلا هلائڻ کان پوءِ به سمجھ ۾ نه اچي ته پنهنجو پاڻ کي قدرت جي حوالي ڪري ڇڏڻ ئي بهتر عمل آهي.



فواد جي وڃڻ کانپوءِ غزل کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هن جو اندر خالي ٿي ويو هجي، هوء ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي، بلڪل تنها. ڪير هو جيڪو هن جي اندر جي خالي پڻي کي محسوس ڪري، هن جي ڏک ۽ پيڙا جو احساس ڀلا ڪنهن کي ٿي پئي سگھيو. هوء ته ازل کان تنها هئي، اڪيلاين جو عذاب هن سدائين اڪيلي سر ئي ڀوڳيو هو، ڪو حال ڀائي نه هو.هن کي ان گھڙيء ڪنهن اهڙي ڪلهي، ڪنهن اهڙي هنج جي شدت سان خواهش ٿيندي هئي جنهن تي سِر رکي هوء ڳوڙها ڳاڙي سگھي جيڪو ان پل هن جي دردن جو درمان بنجي سگھي. پر اهڙو ڪجھ به نه هو، بس هوء هئي ۽ فواد سان گھاريل گھڙين جو يادون، جيڪي کيس گھائل ڪري رهيون هيون. هن کي هنجون هارڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون. هوء سوچي رهي هئي ته بيشڪ فواد هن کي دُکي ڪري ويو آهي، پر کيس اهو اطمينان هو ته هو جلد هن جي دنيا ۾ موٽي ايندو، هوء پنهنجي احساسن کي ماٺو ڪندي دل کي بهلائڻ خاطر سوچڻ لڳي.
”مان پنهنجي هنن جذبن کي ڪهڙو نانء ڏيان اها محبت نه پر پرستش آهي، ۽ پرستش ڪرڻ لاءِ صرف معبود جو هجڻ گھرجي. ان لاءِ اهوضروري ته نه آهي،ته عبادت لاءِ معبود جو آڏو هجڻ لازمي هجي ٿو. هوء هميشه اهڙين ئي عجيب ۽ بي تڪين سوچن ۾ پاڻ کي گم رکيو پئي ايندي هئي.، پاڻ کي دلداري ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هئي.
جيئن ئي وئڪيشن ٿي ته هن سکر وڃڻ جو پروگرام رٿيو. هن سوچيو پئي ته شايد گھر وارن جي موجودگيء ۾ اندر جي ماندگي ڪجھ ماٺي ٿي وڃي. فواد سان ملڻ کانپوءِ هوء ڳوٺ ڪونه وئي هئي، بس فون تي ڳالهائي مصروف هجڻ جو عُذر ڪري ڇڏيندي هئي. ان ڏينهن هن سڄو ڏينهن گھر وارن لاءِ شاپنگ ڪئي ۽ پوءِ ٿڪل ٽٽل اچي ڪمري ۾ ڊهي پئي. صبح جو سويل بس پڪڙي ۽ سکر لاءِ رواني ٿي وئي.

سکر پهتي ته اتي جو ماحول کيس اجنبي ۽ نامانوس لڳو. ماڻس شڪايتي نظرن سان کيس ڏٺو، البته پڻس مٿي تي هٿ رکي ڳراٽڙي پائي جڏهن سندس مٿو پنهنجي ڪنڌ تي رکيو ته هوء سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ڪيتري عرصي کان پوءِ شفقت ڀرئي لمس هن جي دل ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي هئي. پڻس سندس مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو. ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ هن نياڻِيء جي سلسلي ۾ کانئن انيڪ ڪوتاهيون سرزد ٿيون آهن،جن جو ازالو ٿيڻ هينئر ممڪن ڪونهي. هن جي ننڍن ڀيڻ ڀائرن جون شاديون ٿي ويون، جيڪي صاحبِ اولاد ٿي پنهنجي گھر گرهستي ۾ مصروف لڳا پيا آهن اسان هن نياڻيء کي صرف ان ڪري نظر انداز ڪندا رهيا آهيون ته هوء پنهنجو ذريعي معاش پاڻ آهي، اسان تي ڪو وزن ڪونهي.،پر زندگيء ۾ صرف لٽو ڪپڙو کاڌو پيتو ۽ رهائش ئي ته رڳو جيون گھارڻ جا لوازمات نه آهن، زندگيء توجه ۽ محبتن جي، آسيس ۽ شفقتن جي انسان کي تمنا رهندي آهي ته هجي ڪو پنهنجو جيڪو اسان جا دک درد اسان جي خوشين جا پل، اسان لاءِ شفقتن ۽ آسيسن ذريعي اسان سان ورڇي ونڊي. ڪو اهڙو ڪلهو هجي جنهن تي مٿو ٽيڪي اسان پنهنجي اندر جو غبار اوتي سگھون. ڪڏهن ڪڏهن اسان انهن ٻارن سان پنهنجي نادانيء ۾ ڪيڏي وڏي زيادتي ڪري ويندا آهيون جن کي ننڍڙي هوندي هلڪڙي رهنڊ به اچي ويندي هئي ته اسان تڙپي اٿندا هئاسين.، راتن جي ننڊ اُڏامي ويندي هئي. ڇا ٻار وڏا ٿي اسان جي نگاهن ۾ ايڏا بهادر بنجي ويندا آهن، جو اسان سمجھڻ لڳندا آهيون ته هو پنهنجو هر بوجھ پاڻ ڍوئڻ جي لائق ٿي ويا آهن، پر اها والدين جي خام خيالي آهي، ٻار ڪيڏو به وڏو ڇونه ٿي وڃي جيسين ان جا بزرگ، والدين حيات هوندا آهن، هو پاڻ کي هميشه ٻارن جيان ڀاسندا آهن. والدين به انهن کي ٻار ئي ڄاڻندا آهن. ته پوءِ هو ڇو سمجھي ويٺا ته غزل تمام گھڻي وڏي ٿي وئي آهي، ان ڪري کيس ڪنهن آسيس يا شفقتن جي سائي جي ضرورت ناهي. هن کڻي کين اهو سڀ ڪجھ ڪڏهن ڪونه جتايو هو، ڪڏهن ڪو انگل آرو ڪيو هو، نه وري ڪڏهن ڪو ڏوراپو ڪا شڪايت ڪئي هئي، پر کين ته اهو سوچڻ کپندو هو. هاڻي هوء عمر جي اهڙي اوج تي آهي جتي هن جي معيار جو ڪو ماڻهوکيس ملي ڪونه سگھندو ۽ گھٽ معيار تي هوء راضي ڪونه ٿيندي، ته پوءِ ڇا ڪجي. اهي ۽ اهڙيون ڪئي سوچون ان گھڙيء سندس دماغ ۾ گردش ڪنديون رهيون، هو الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم هو جڏهن هن ڪنول جو آواز ٻڌو، هوء کلندي چئي رهي هئي،
”بس آپي بس روئڻ لاءِ رڳو بابا جو ڪنڌ ناهي، اچ نه، اسان جي به ڳلي لڳ، ورهيه ٿي ويا، توسان ڀاڪر پائي ملندي. “
انهي وقت غزل پيء جي ڪلهي تان مٿو کنيو ۽ رئي جي پلوَ سان اکيون اگھندي مُڙي ۽ اچي ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. در کان اندر داخل ٿيندڙ ڀاڻس ڀينرن کي جو ائين جذباتي انداز ۾ ڀاڪرن ۾ڏٺو ته ماحول جي سوگواري کي ختم ڪرڻ لاءِ گانو جھونگارڻ لڳو.
”اِکِ بار تو مل لي گلي بچهڙ هم چلي ملن تيرا ياد رهي “
ٻئي بينرون کلندي ڀاءُ ڏي وڌيون، غزل ساڻس ملندي چوڻ لڳي،
”ڏاڍو شرارتي ٿي ويو آهين . “
ڪجھ دير کان پوءِ ملازمه ٻڌايو ته ماني ميز تي لڳائي ڇڏي آهي. سڀئي هٿ منهن ڌوئي اچي ميز تي ويٺا. ڪنول ڪيتري عرصي کان پوءِ آئي هئي. ۽ غزل کي به ڪئي مهينا ٿي ويا هئا، ان ڪري ماڻس ماني ۾ خاص اهتمام ڪيو هو. سڀ شيون ٻارن جي پسند جون ٺهرايون هئائين. سڀ ميز تي ويٺا ته ائين لڳو، ڪئي سالن کان هو ائين ئي گڏ هئا، وقت گذريو ئي ڪونه هئو.
ڪجھه ڏينهن تائين هوء ماء پيء جي خدمتن ۾ پاڻ کي مصروف رکيو پئي وتي، ان ڪري فواد سان وابسطه يادن کي ڪجھ وقت لاءِ پٺيء پاڏي رکي ڇڏيو هئائين. پهرين ڏينهن کان پوءِ هن ڪڏهن به ماء پيء يا گھر وارن آڏو، پنهنجي زندگيء جي ان ڪمزور احساس کي پاڻ کان دور رکڻ جي هر ممڪن سعي ڪئي هئي. ڇو ته هوء هتي ٿوري وقت لاءِ هئي ته پوءِ پنهنجي پيڙا کي اجاگر ڪري والدين کي هن عمر ۾ هرو ڀرو احساس ندامت ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پريشان ڪرڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت هئي. هوء جيئن به هئي، خوش يا دکي، اها هن جي پنهنجي درد سري هئي، جئڻ جو اهو انداز هن جو پنهنجو منتخب ڪيل هو، ته پوءِ ٻين کي ان ۾ شامل ڪرڻ جي ڪهڙي تُڪ هئي. هنن ته هن کي اڪيلو رکڻ ڪونه چاهيو هونه، اهو هن جو پنهنجو فيصلو هو.ڀلا هاڻي دک به ڇا جو. هن جو آدرش هن جي آڏو موجود هو. ڪجھ ئي ڏينهن جي ڳالهه آ هو،موٽي ايندو واپس. بيشڪ هُن هِن سان مستقبل جو ڪو پلان ڪونه جوڙيو هو، پر هِن کي نا اميد به ته ڪونه ڪيو هئائين. آس تي دنيا قائم آهي. اهو سوچيندي هوء مطمئن ٿي وئي هئي ۽ ڀيڻ ڪنول، ان جي ننڍڙي ڌيء ۽ گھر وارن سان خوش خوش وقت گذارڻ لڳي. ٻئي ڀينرون عزيزن مٽن مائٽن سان ملڻ هليون وينديون هيون. ڪڏهن انهن مان ڪير سندن وٽ اچي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن خاندان جون بزرگ عورتون غزل کي ائين اڪيلو ڏسي، هڪ ٻئي سان اشارن ۾ افسوس جو اظهار ڪري وٺنديون هيون. اهوئي دستور آهي دنيا جو. وقت تيزيء سان گذرندو ويو ۽ غزل جي موڪل به اچي پوري ٿي، ته هن واپسيء جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي. کيس تياري ڪندي ڏسي ماڻس دٻيل لفظن ۾ کيس چيو،
”ڇو ٿي وڃين، بس هاڻي، گھڻئي پرديس جھاڳيئي، رهي پئو هتي. جيسيتائين ماريه هئي ته اسان به بي اُلڪا هئاسين، هينئر اڪيلو سِر، بيماري بڙي آ، ڪيئن ڪندي هوندينء. ،
”نه امان مان اُتي ٺيڪ آهيان، ڪم ۾ مصروف هجڻ ڪري زندگي سولائي سان ڪٽجي پئي. “
”هتي ڪا مصروفيت ڳولهي وٺ، اکين آڏو هوندينء ته اسان کي به اطمينان رهندو. “
انهيء گھڙيء پڻس وچ ۾ دخل ڏيندي چوڻ لڳو هو،
”پُٽ تنهنجي ماءُ درست پئي چوي، تنهنجي هتي رهڻ سان آس پاس وارن، عزيزن، رشتيدارن کي به تنهنجي موجودگي جو احساس ٿيندو. ڪيترو وقت ائين تنها زندگيء جو سفر طئي ٿيندو. اڄ اسان آهيون صبحاڻي نه هونداسين ته پوءِ جيون گھارڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو، هتي رهڻ سان متان قسمت توتي مهربان ٿي پوي ۽ تون به پنهنجي گھر گھاٽ واري ٿي پوين، ڀائرن جو ڇا آهي، الائي اسان کان پوءِ انهن جو رويو ڪيئن رهي، ڪاٿي اهي نوڪرن جيان نه هلائنين.“
اهو ٻُڌي غزل جو اندر ڪوڙاڻ سان ڀرجي ويو، اندر ئي اندر ڀڄڻ ڀرڻ لڳو. اکيون ڀِڄي ويون، انتهائي تلخ لهجي ۾ چوڻ لڳي،
”بابا ! هاڻي ڇا بچيو آهي زندگيء ۾، سواء تلخين جي، گذارڻ ڏيو، جيئن گذري پئي. ڇڏي ڏنو آ مون پنهنجو پاڻ کي قسمت ۽ وقت جي ڌارا تي. ڏسو ڇا ٿو ٿئي، باقي هتي ڇا هُتي ڇا. زندگيء جا رنگ ڍنگ هر هنڌ ساڳيا هوندا آهن ۽ مان هاڻي اتي هِري مِري وئي آهيان. توهان منهنجي ڳڻتي نه ڪندا ڪيو. بس پنهنجي ۽ امان جي صحت جو خيال ڪندا ڪيو. جيڪڏهن قدرت مونکي توهان جي خدمت جوموقعو وري ڪڏهن ڏنو ته اچي حاضر ٿينديس، في الحال ته خوشيء سان اجازت ڏيو. “
هن جا دليل اهڙا هئا جو هو ٻئي دل ئي دل ۾ ندامت محسوس ڪرڻ لڳا. پر وڌيڪ زور نه ڀريائون ۽ ٻئي ڏينهن هوء بس پڪڙي ڪراچيء لاءِ رواني ٿي وئي.

7

هوء ڪراچي هلي ته آئي هئي، پر نوڪريء تان جيئن موٽندي هئي، ته گھر ڄڻ ته کيس کائڻ ايندو هو. فواد سان گڏ گھاريل هڪ هڪ گھڙي هڪ هڪ پل ياد ڪري هوء بيچين ٿي ويندي هئي. وقت هو جيڪو هڪ هنڌ مجمند ٿي ويو هو. هڪ هڪ منٽ صدين تي محيط هو.پل پل گھارڻ پهاڙن مثل هو. هوء سوچڻ لڳندي هئي، اهو وقت فواد جي بغير ڪيئن ڪٽبو. هُن ته وڃڻ کان پوءِ هڪ فون ڪال ڪري پڇيو به نه هو ته ڪيئن پئي گذري هن جي بِنا زندگي. ڇا مان کيس بلڪل به ياد نه پئي اچان. وري پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر چوندي هئي. ٿي سگھي ٿو ته هو بزنس جي چڪرن ۾ مصروف ٿي ويو هجي، جو هُن کي فون ڪرڻ جو موقعو نه ملندو هجي. دل کي بهلائڻ لاءِ ڪو ته عُذر ڪو ته بهانو هجڻ گھرجي. پاڻ ئي سوال ڪندي هئي، پاڻ ئي جواب به سوچي وٺندي هئي. ليڪن اها هن جي محبتن جي انتها هئي، جو هن ڪڏهن به هُن کي ڪو الزام نه ڏنو، بلڪه هميشه هُن جو ئي دفاع ڪيو. ڀلاءِ هوء به ڇا ڪري، هنن اڪيلاين ۾ ڪنهن سان دل جو حال اوري. ڪڏهن ڪا ميگزين کڻي ان جا ورق اٿلائڻ لڳندي هئي، پر من جي آنڌ مانڌ ماٺي ئي نه ٿيندي هئي. ته ننڊ جون گوريون کائي سمهي رهندي هئي.
ان ڏينهن انسٽيٽيوٽ ۾ ئي سندس طبعيت وساڻل وساڻل پئي لڳي، ڪم ۾ دل ئي نه پئي لڳس، جييئن تيئن ٽائيم پورو ڪري گھر پهتي، ته طبعيت جي بيچيني وڌندي پئي وئي هانو تي بار۽ سوڙهه محسوس ٿي رهي هئس. ان وقت هوء ڪنهن جي ساٿ جي شدت سان ضرورت محسوس ڪري رهي هئي. مٿي ۾ شديد سور ڄڻ ڪو هٿوڙا هڻي رهيو هجيس. هن پوري عرصي ۾ هڪ ٻه دفعا انتهائي ضرورت جي تحت يا مسواڙ وغيره ڏيڻ کان علاوه هن جو مالڪه مڪان سان واسطونه پيو هو.نه ئي هوء ڪوشش ڪندي هئي ته هوء هنن جي پِروسيء ۾ خلل وجھي ۽ نه هو هن جي ذاتي زندگي ۾ رخنو وجھن، پر اڄ هن کان رهيو نه ٿيو ته هن وچ وارو دروازو کڙڪائڻ شروع ڪيو. ان وقت دروازي جو ڪنڍو کليو۽ مالڪه جي ڌيء نائله در کولي پڇڻ لڳي،
”آنڻي آپ کو کچهه چاهئي کيا، امي پوچهه رهي هين. “
هن انتهائي ڪرب ۽ بيچيني مان هن جو هٿ جھلي ورتو،
”هان بيڻا ميري طبعيت بهت خراب هورهي هي، آپ امي ڪو بلائين گي پليز ! “
”جي اچها “
ڇوڪري ڊوڙندي اندر وئي ۽ ڪجھ ئي دير ۾ مالڪه ايما تڪڙي تڪڙي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ هن جي حالت ڏٺائين، هن جي چهري جي رنگت پيلي هيڊ ٿي وئي هئي. هوء کيس ٻانهن کان جھلي بيڊ تائين وٺي آئي .سندس ڀر ۾ ويهي مٿي کي زور ڏيڻ لڳس.
” آپ ڪو هسپتال لي چلون. “
” نهين آپا آپ کچهه دير ميري پاس رهين ، دل بهت گھبرا رها هي.“
” اچها، بهلا کوئي دوائي وغيره لي هي. “
” هان، سر درد کي گولي کهائي تهي. “
ان وقت نائله آرينج جوس جو گلاس ۽ ڪجھ بسڪيٽ وغيره کڻي آئي.
”امي آنڻي ني اب تک کچهه نهين کهايا هوگا، اس لئي طبعيت زياده خراب هورهي هي. مين ني عامر بهائي جان کو فون کرديا هي،وه آرهي هين “
”يه آپ ني اچها ڪيا، لائو مجهي دو يه جوس.“
هن بسڪيٽ ۽ جوس وٺي زبردستي هڪ ٻه بسڪيٽ کارائي جوس پياريو، ته هن کي جيئن هانو ٻل ٿيو ته ڪجھ بيقراري گھٽي ۽ دل کي ڪجھ تسڪين جو احساس ٿيو، زور ڏيڻ سان مٿي جو سور به ڪي قدر ماٺو ٿي ويو هو.انهي وقت ملازمه اندر آئي،
”بيبي جي ! ڊاڪڻر صاحب آئي هين.“
”انهين ادهر لي آئو،اور هان، يه کرسي قريب کرتي جائو. “
ڪجھ ئي گھڙين کان پوءِ ڊاڪٽر پنهنجي بيگ سميت اندر آيو ۽ اچڻ سان هنجو بلڊپريشر چيڪ ڪيائين.
” آپ کا بلڊ پريشر تو بلکل لوو هوگيا هي، کب سي هي يه کيفيت. “
” ڊاکڻر صاحب صبح سي يه حالت هي. “
” لگتا هي آپ ني ڪئي دنون سي اپني ڊائيٽ په کوئي توجه نهين دي، اور آپ کي آنکهون سي محسوس هورها هي که آپ ڻهيک طرح سي سو نهين پارهي هين. يقينا“ آپ اسي وجه سي نيند کي دوائي لي رهي هين. کيا مين ڻهيک کهه رها هون. “
” جي ڊاکڻر صاحب مين واقعي نيند کي گوليان لي رهي هون. “
” ديکهئي بغير ڊاکڻر کي ايڊوائيز کي اس طرح کي کوئي دوائي نهين استعمال کرني چاهئي. مين يه دوائيان لکهه کي دي رها هون، آپ باقائده استعمال کرين آپ کو اچهي نيند بهي آئي گي، اور آپ ايک دو روز مين ڻهيک بهي هوجائين گي.“
ڊاڪٽر جيڪو هن پارسي عورت جو پري جو عزيز هو ۽ اتي ويجھو ئي رهائش پذير هو. دوائون لکي ڏئي ٻئي پورشن ڏانهن هليو ويو ته ايما به هن جي پويان هلي وئي، البته نائله غزل سان ڳالهيون ڪندي رهي.ٻاهر وڃي ايما ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته دوائون وٺي اچڻ وارو ڪير ڪونهي، ان ڪري اها تڪليف به کيس ڪرڻي پوندي. ڊاڪٽر هائوڪار ڪري دوائون وٺي آڻي کيس ڏنيون، ته ايما نائله کي سڏي کيس دوائون ڏنيون ۽ کيس ڊوز وغيره سمجھايو.
ايما جي ڌيء نائله چوڏهن پندرهن سالن جي سمجھدار نينگري هئي. هن اچي پهرين ته فرج مان ڪجھ فروٽ ڪڍي کيس کارايو ان کان پوءِ دوائون کارائي سندس ڀر ۾ اچي ويٺي ۽ هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. غزل پاڻ کي ڪافي پُر سڪون محسوس ڪرڻ لڳي، ته کيس ننڊ کڄي وئي. کيس آرام ۾ ڏسي نائله دٻيل قدمن سان اٿي پنهنجي پورشن ڏانهن هلي آئي ڊاڪٽر وڃي چڪو هو البته ماڻس سندس انتظار پئي ڪيو.



ايما جو تعلق هڪ پارسي خاندان سان هو، هو ڪافي عرصي کان هتي ڪراچيء ۾ رهائش پذير هئا. هن جو گھر وارو بيرونِ ملڪ ڪاروبار سانگي رهيل هو ۽ ٻن ٽن سالن کانپوءِ ڪجھ مهينن لاءِ هتي ايندو رهندو هو. ايما هڪ گھريلو ملازمه ، ڌيء نائله ۽ ٻارهن تيرهن سالن جي پُٽ شمنام سان گڏ رهندي هئي. ڀر وارو پورشن صرف وسنهن لاءِ ڪرائي تي ڏيندي هئي، البته بنگلي جو مٿيون پورشن خالي پيو هوندو هو، جنهن لاءِ پهرين غزل کي آفر ڏني هئائين پر هن هڪ ڪمري واري پورشن کي ترجيح ڏني هئي. ايما نرم مزاج ۽ همدرد طبعيت جي مالڪ عورت هئي. بس ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مخل ٿيڻ مناسب نه سمجھندي هئي.ان ڪري ئي هنن اٺن ڏهن مهينن ۾ جڏهن غزل ڪو ميل جول پسند نه ڪيو ته هُن به سندس زندگيء ۾ دخل ڏيڻ ضروري نه سمجھو. پر اڄ غزل جڏهن پنهنجي تڪليف شيئر ڪرڻ چاهي ته هوء به سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندي مدد ڪرڻ لاءِ بيقرار ٿي وئي.
صبح جو ننڊ پوري ٿيڻ ڪري غزل جي طبعيت ۾ ڪافي سڌار اچي ويو، هوء اٿي واش روم مان هٿ منهن ڌوئي تازي تواني ٿي ٻاهر آئي ته هن جي مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، هوء پاڻ کي ڪافي ڪمزور محسوس ڪري رهي هئي. همٿ نه پئي ڀايائين ته وڃي چانهه وغيره ٺاهي اچي، موڪل جو ڏينهن هو، ان ڪري نوڪريء تي به ڪونه وڃڻو هئس، تنهن ڪري وري اچي بيڊ تي ويهي رهي.ان وقت وچون در کڙڪائي نائله نيرن ٽري ۾ سجائي ڪمري ۾ داخل ٿي ته غزل جي اکين ۾ تشڪر جو تاثر اڀري آيو ، جنهن کي لفظن ۾ اوتڻ جي ضرورت نه سمجھائين، نائله به ڪرسي سيري اچي ڀر ۾ ويٺس ۽ ڏاڍي اُڪير ۽ محبت سان پنهنجي هٿن سان سلائيس تي مکڻ لڳائي سندس اڳيان رکندي وئي. ناشتو ڪرڻ کان پوءِ هن پاڻ کي ڪافي بهتر محسوس ڪيو. نائله ڪجھه دير ويٺي رهي، پوءِ ٿانو کڻي ويندي ويندي چوڻ لڳي،
”آنڻي ! امي ني کها هي آج آپ لنچ اور ڊنر هماري طرف آکر کرين، آپ کو اچها لگي گا، دل بهي بهل جائي گا.“
”اري بيڻا ! آپ کيون تکليف کر رهي هين، اب مين ڻهيک هون، بنالون گي کچهه .“
”مجھي نهين معلوم، امي ني سختي سي آپ کو آج کا دن کام کرني سي منع کيا هي، کل تو آپ جاب پر چلي جائين گي.“
” ڻهيک هي مين فريش هوکر آتي هون آپ کي طرف.“
نائله جي وڃڻ کان پوءِ هوء ڪجھ دير لاءِ ليٽي پئي .ته کيس ننڊ کڄي وئي. ڪلاڪ کن کان پوءِ سجاڳ ٿي وهنجي سنهجي تيار ٿي نائله وارن ڏانهن هلي وئي، کيس ايندي ڏسي ايما اٿي ساڻس ملي ۽ لائونج ۾ پيل صوفي تي ويهڻ جي آڇ ڪئي،
”کيسي طبعيت هي آپ کي.“
”الله کي کرم اور آپ لوگون کي مهرباني سي اب مين کافي بهتر محسوس کر رهي هون. “
”اگر کبهي بهي ڪوئي پريشاني هو، تو بڙي بهن سمجھه ڪر ضرور بتاديا کرين، پڙوسي ويسي بهي سانجھي هوتي هين.“
”بلڪل آپي، آئينده کوشش کرون گي که کبهي کبهار آپ لوگون سي ضرور مل ليا کرون. ليکن ايک شرط پر، آپ کبهي بهي کهاني وغيره کا تکلف نهين کرين گي. يه مجھي اچها نهين لگتا. مين اس طرح کي کوئي تکليف آپ کو دينا نهين چاهون گي. “
”اچها بابا، اچها، اب آج تو پورا دن آپ هماري مهمان هين.“
ائين گذريل ڪئي مهينن کان تڪلف جي جيڪا ديوار هنن جي وچ ۾ هئي، اها دور ٿي وئي، ڪڏهن ڪڏهن غزل چانهه ڪافي ٺاهيندي هئي ته در کڙڪائي ايما ڏانهن کڻي ويندي هئي، ٻئي ڪافي پئندي کوڙ ساتريون ڳالهيون ڪنديون هيون، ليڪن ٻنهي طرف اهو خيال ضرور رکيو ويو ته هڪ ٻئي جي ذاتي زندگيء ۾ ڪنهن به قسم جي ڪُريد يا کوج نه ڪن. بس هفته اڌ کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان ملنديون هيون يا ڪنهن ڪا سُٺي ڊش ٺاهي ته هڪ ٻئي سان شيئر ڪنديون هيون. ائين ڏينهن گذرندا پئي ويا، ته غزل جو فواد لاءِ اوسيئڙو به وڌندو پئي ويو. ائين مهينو ڏيڍ ٻيو به ٿي ويو، پر فواد هڪ دفعو به فون نه ڪئي هئي. هن کي ته منع ڪري ويو هو ته هو پاڻ فون ڪندو. هڪ دفعي هن پاڻ ڪوشش ڪئي پر فون بند پئي مليو.



ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا. سيء به ڪافي وڌي ويا هئا، ان ڏينهن هوء جيئن انسٽيٽيوٽ جي گيٽ کان ٻاهر نڪتي ۽ ٽيڪسي رڪشه لاءِ واجھايائين پئي ته هڪ سلور ڪلر جي ٽويوٽا ڪرولا ڪار هن جي ڀرسان اچي بريڪ هنئي. هن ڪاوڙ مان گاڏيء جي اندر نهاريو ته خوشي ۽ عجب جي انتها نه رهي. ڊرائيونگ سيٽ تي ٻيو ڪير نه پر فواد ويٺو هو. هن ته هاڻي هن جي اچڻ جو آسرو ئي لاهي ڇڏيو هو. ائين اچانڪ هو سامهون اچي ويندو هن سوچيو به نه هو. فواد لبن تي دلڪش مرڪ سجائي پيار ڀرين نگاهن سان ڏانهنس نهاري رهيو هو. ان گھڙيء خوشي سان گڏ کيس ڪاوڙ به ڏاڍي لڳي ۽ ناراضگي واري انداز ۾ اُتي ئي بيٺي رهي. فواد هن جي ان انداز تي دل ئي دل ۾ فدا ٿيندي، مسڪرائي جھُڪي ڀر وارو در کوليو.
”لڳي ٿو ته توهان مونکي سُڃاتو ڪونهي. مان اهوئي فواد آهيان، جنهن جو ڪجھ مهينا ئي پهرين دوستيء جو دم ڀريندا هئا، ايترو جھَٽ پَٽ وساري ڇڏيو. اچو اندر پليز نه ته ٽريفڪ جام ٿي ويندي.“
غزل اندر ۾ خوشي دٻائي، چهري تي ناراضگي جو تاثر آڻي چپ چاپ پئسينجر سيٽ تي ويهندي دروازو بند ڪيو ته فواد سلام دعا ڪندي ساڻس مخاطب ٿيو،
”ناراض آهيو، مان سمجھان ٿو. توهان جي ناراضگي بلڪل بجا آهي، پر ڇا ڪجي، اتي ايترا ڪم هئا، جو مٿي کنهڻ جي به واندڪائي ڪان هئي. پر ائين به ڪونهي ته توهان مونکي ياد ڪونه هئا.جڏهن به فرصت جون گھڙيون نصيب ٿينديون هيون مان توهان جي ڪمپنيء کي مِس ضرور ڪندو هوس، منهنجو يقين ڪيو. “
هن جون ڳالهيون، اهوئي پنهنجائپ ڀريو اندازِ گفتگو، غزل جي اندر ۾ وڍ وجھي رهيو هو. اکيون ڀرجي آيون هئس. ڀريل آواز ۽ شڪايتي لهجي ۾ چوڻ لڳي،
”ذرڙو به نه سوچيوَ ته مان هتي اڪيلي، يادن جي سهاري ڪيئن گھاريندي هونديس، فون ڪرڻ ته منهنجو حق هو، نه پاڻ ڪيوَ ۽ نه مونکي فون ڪرڻ جو موقعو ڏنوَ. “
”بس ٿي وئي غلطي، آئينده خيال ڪبو، هاڻي ناراضگي ختم، ڏسو ٿورو مسڪرايو. توهان جي حسين مرڪ کي سچ پڇو ته مون ڏاڍو مِس ڪيو .“
”بس، بس، رهڻ ڏيو، مِس ڪيو ها ته ائين ايترا ڏينهن پاڻ کي مونکان مِس نه ڪيو ها.“
”واه سائين واه! آهيو نه شاعره، ڀلا ٻڌايو ته هن مِسنگ پرسن جي مِس ٿيڻ تي ڪو نئون تازو غزل ڪا نئين تازي شاعري، ڪجھ ته ٿيو هوندو. “
”نه شاعري ڪئي ته عرصو ٿي ويو. اسٽوڊنٽ لائيف ۾ مڙئي آڏيون ابتيون لائينون بغير ڪنهن بحر وزن جي لکجي وينديون هيون، ته ماريه وغيره ان کي شاعري جو نالو ڏئي ڇڏيو. ها ياد آيو، ماريه وارن سان ڪڏهن ملڻ ٿيو آ ايترن ڏينهن ۾. هنن جو ته مون وٽ ڪو نمبر به ڪونهي، جو حال احوال وٺجي. توهان وٽ ته ضرور هوندو. “
فواد ڪجھ سوچي چوڻ لڳو،
” نه، بدقسمتيء سان مون وٽ به ڪونهي، جنهن موبائيل ۾ نمبر هو، اها چوري ٿي وئي. ان ڪري ڪيتري سنگت سان رابطو ئي ڪٽجي ويو آهي. هاڻي ٻڌايو ڪيڏانهن هلجي. ايترن ڏينهن جا شڪوه شڪايتون گاڏيء ۾ ته ڪونه ڪبيون نه، هلي ڪنهن کُلي فضا ۾ ٿا ويهون. “
” جيئن توهان جي مرضي. “



فواد جي اچڻ سان غزل سڀ شڪوه شڪايتون، ڏک ڏوراپا، وساري ويٺي هئي. هاڻي هنن جي زندگيء جا ساڳيا معمولات هئا، نوڪريء کان پوءِ گھمڻ ڦرڻ، رات جي ماني ڪنهن نه ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ۽ پوءِ گھر. ائين ڪيترائي ڏينهن نهايت اطمينان ۽ خيروخوبي سان گذري ويا. غزل ڪئي ڀيرا سوچيو ته فواد سان مستقبل جي باري ۾ ڳالهائي ڏسي، هُن ڪڏهن به کليل لفظن ۾ نه ته پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو هو، نه ئي وري پنهنجي ذاتي زندگيء جي باري ۾ ڪا وضاحت ڪئي هئي، ته هُن جي اڳيان پويان ڪير آهي. هن جا عزيز رشتيدار ، مٽ مائٽ. انهن جي باري ۾ ڀلجي به ڪنهن جو ذڪر هن جي گفتگو مان ظاهر نه ٿيو هو. هوء اڃان ڪجھ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا تمهيد ٻَڌندي هئي ته هوغير محسوس انداز ۾ نٽائي موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيندو هو، ۽ غزل به وڌيڪ زور ڀرڻ مناسب نه ٿي سمجھو.هن پنهنجي جذبن جي توهين ڪڏهن به نه ٿي چاهي، هوء پنهنجي احساسن جي رشتي جي ڏور کي ورهين کان ايتري مضبوطيء سان پنهنجي پڪڙ ۾ رکيو پئي آئي، ڀلا ان کي ائين هڪدم ڪنهن جي آڏوڪيئن ڪمزور ڪري ٿي سگھي. اگر اها ڏور هڪ دفعو هٿن مان ڇڏائجي وئي ۽ ٻئي طرف ڪنهن ان کي مضبوطي سان جھلي نه ورتو ته هن جي ورهين جي پَرستِش، عبادت ۽ رياضت ائين ضايع ٿي ويندي. ڀلا ڪير پنهنجي جذبن جي ائين رسوائي چاهيندو.ان ڪري هن پنهنجا سڀ معاملا قدرت تي چڏي ڏنا. ماريه به نه هئي، جنهن کان پڇي سگھي ها. وقت ائين پنهنجي اڍنگي رفتار سان گذري رهيو هو. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، نه فواد اڳڀرو ٿي هن جو هٿ مضبوطيء سان جھلڻ جو ڪو واعدو، ڪو عهد و پيمان ڪيو ۽ غزل کي جڏهن به ڪو اهڙو موقعو مليو جڏهن هوء پنهنجي اندر کي فواد آڏو کولي رکي، تڏهن اها نڀاڳي پُراسرار فون ڪال اچي ويندي هئي جيڪا فواد جو موڊ خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي. ان جي ايندي ئي فواد جو رويو به انتهائي پُر اسرار ۽ رُکو بنجي ويندو هو ۽ وري اها ڳالهه ڪنهن ٻئي موقعي تائين ملتوي ٿي ويندي هئي. ائين چار پنج مهينه اک ڇنڀ ۾ گذري ويا نه ڪي عهد و پيمان ٿيا ۽ نه ئي ٻنهي جي طرفان ڪنهن قسم جي اڳڀرائي ئي ٿي. هنن جي قربت ۾ به اجنبيت ۽ ويڳاڻپ هوندي هئي. جنهن جي ڪري غزل کي اوپرائپ جو احساس وڌي ويندو هو، هوء سوچڻ لڳندي هئي ته هنن جي وچ مان ڪڏهن اهي پردا هٽندا به الائي نه، هوء فواد جو چِٽو عڪس پنهنجي دل جي آئيني ۾ ڏسڻ جي شديد خواهش رکڻ جي باوجود، هن جي من جو آئينو ڌنڌلو ئي رهيو جنهن ۾ فواد جي ڪا شبيهه واضع نه هئي. ائين ڇو هو، ٻنهي طرف ساڳي آڳ، ساڳي تڙپ ڇو ڪونه هئي. اهو پُراسرار فون ڪنهن جو هو، جيڪو کلندڙ مسڪرائيندڙ فواد کي ائين بيگانو بڻائي ڇڏيندو هو، اهڙيون ئي ڳالهون هن جو من وياڪل بڻائي ڇڏينديون هيون. وقت پِر لڳائي اڏرندو پئي ويو، ته فواد وري دبئي وڃڻ لاءِ پر تورڻ لڳو. روزانو ڪا نه ڪا شاپنگ ، ڪڏهن ڪجھ پيو خريد ڪري ته ڪڏهن ڪجھ. هن جي انهن تيارين کي ڏسي غزل جي دل ٻڏي رهي هئي. هن دفعي به هوء فواد سان کُلي مستقبل جي باري ۾ ڳالهائي نه سگھي هئي. وري هليو ويندو، اڳي ٻن مهينن جو چئي ويو هو ته الائي ڪيترن مهينن کان پوءِ وريو هو هاڻي ويو ته الائي ڪيترو وقت لڳائي ڇڏي، پرديسي پکيئڙن جو ڪهڙو ڀروسو، موٽن الائي نه. ڇا مان هڪ آس، هڪ اميد جي سهاري ڪنهن رُڃ جي پويان ته نه پئي ڀٽڪان. آخر هو ڪهڙي قسم جو انسان آهي هن کي منهنجي قربت، منهنجو ساٿ ته پسند آهي ليڪن هو مونکي ڪنهن آسري، ڪنهن اميد ۾ رکڻ، پنهنجي جذبن کي کُليل نموني اظهارڻ کان ڪيٻائي ڇو ٿو. ڇا هن جي زندگيء جون واڳون ڪنهن ٻئي جي هٿ وس آهن ۽ جڏهن به اتان جي گرفت ٿوري ڍري محسوس ٿئي ٿي ته هڪ فون ڪال وري کيس واپس ان جاء تي وٺي اچي بيهاري ٿي. آخر فواد جي زندگيء جو ڪهڙو اسرار آهي. هوء سوچي سوچي ٿڪجي پوندي هئي. ليڪن ان راز تان پردو هٽائڻ سندس وس ۾ نه هو. آخر هڪ ڏينهن جڌهن ٻئي هڪ کُليل فضا ۾ انتهائي خوشگوار موڊ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ته غزل همٿ ڪري پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تمهيد ٻڌي،
”فواد توهان وري دبئي الائي ڪيترن ڏينهن لاءِ پيا وڃو گذريل دفعي ٻن مهينن جو چئي ڪئي مهينه لڳائي ڇڏيا هيو، هاڻي توهان جو الائي گھڻو پروگرام آهي، مونکي الائي هتي ڪنهنجي آسري ڇڏيو پيا وڃو. مان ته هتي صرف توهان لاءِ ئي آهيان ۽ توهان آهيو جو ” صاف چهپتي بهي نهين سامني آتي بهي نهين“ توهان جي رويي مونکي نراساين جي ڀنور ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو آهي، پليز! ڪجھ ته چئو، “
فواد غور سان هن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، جڏهن هوء خاموش ٿي ته نهايت سنجيدگيء سان هِن ڏانهن جھڪندي نهايت ڌميل لهجي ۾ چوڻ لڳو،
”غزل ڏس! اسان کي ملندي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي، منهنجي زندگي ۾ ڪجھ مسئلا آهن انهن سان منهن ڏئي وٺان پوءِ ضرور ان معاملي کي به ڏسي وٺبو. مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته ڪجھ عرصو ضرور لڳندو، شايد مان هاڻي واپس وران ته حالات اسان جي وس ۾ هجن، تون دل نه لاهه جتي ايترو انتظار ڪيو اٿئي ڪجھ ٻيو سهي. “
غزل اهو ٻڌي عجيب اُڻ تُڻ ۾ اچي وئي ۽ سوچڻ لڳي
”هن دفعي به هو مون کي ڪا آس ڪا اميد ڏيارڻ کان سواء ئي هليو ويندو. آخر پاڻ کُلي پنهنجي جذبن جو اظهار ڇونه ٿو ڪري، مونکي اهو يقين ڏيارڻ ۾ آخر ڪهڙي ڳالهه مانع آهي ته هو منهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجھ ڪندو جيڪو اسان ٻنهي جي خوبصورت آئيندي لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿئي.“
ذهن ۾ ڪيئي انديشه ڪئي وسوسه ۽ خدشه پيدا ٿي رهيا هئا، ڇا فواد جي زندگيء ۾ ڪير ٻيو به آهي جيڪو هن جو پَلوَ پنهنجي پڪڙ ۾ رکيو پيو اچي، نه اهو نه ٿو ٿي سگھي جي ائين هجي ها ته هو ايترا ڏينهن هتي رهي نه ٿي سگھيو. هو مون کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏي ها، ته پوءِ اها فون ڪال ڪنهن جي ٿي سگھي ٿي جيڪا فواد کي حواس باخته ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙا ڪئي اسرار هئا، جن کي سلجھائڻ يا سمجھڻ کا هوء قاصر هئي. پر هوء مٿس گھڻو زور بار وجھي به نه ٿي سگھي، ڇوته فواد ڪڏهن به کُليل نموني نه ته محبتن جو اظهار ڪيو هو ۽ نه ڪو وعدو وفا ڪرڻ جو. ته پوءِ هوء ڪهڙي منهن سان ڪو شڪوه ڪا شڪايت ڪري.، ڪي ڪيل واعدا نه پاڙڻ جا ڏوراپا ڏئي. انهن ئي سوچن ۾ ڪيترو وقت گذري ويو ته فواد خاموشيء کي ٽوڙيو،
”ڏسو غزل مان في الحال ته صبحاڻي وڃان پيو، توهان پريشان نه ٿيو، ڪيون ٿا توهان جي تنهاين جو ڪو بِلو، هاڻي مان هر هفتي توهان کي فون ڪندس ۽ کوڙ ساري ڪچهري ٿيندي. توهان سان ايستائين ڪچهري ڪبي جيستائين توهان پاڻ ٿڪجي فون بند نه ڪيو. “
هوء ڪنهن جواب ڏيڻ جي خاموش نگاهن سان کيس ڏسندي رهي.



فواد ڇا ويو غزل کي هڪ دفعو وري اڪيلاين جا واسينگ ڦڻ کنيو ڏنگڻ لاءِ آتا ٿي ويا. زندگي بس هلندي پئي وئي وقت هو سو ڪاٽيو نه ڪٽبو هو، هوء ڪنهن مهل پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳندي هئي، ڪچهري ڪرڻ لڳندي هئي ۽ وري پنهنجي ان حالت تي زور زور سان کلڻ لڳندي هئي، ڇا هوء چريائپ ڏانهن وڌي رهي آهي، نه اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي. جڏهن به اهڙي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳندي هئي ته هوء پاڻ سنڀالي وٺندي هئي پنهنجي حواسن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
”مونکي هنن اڪيلاين جو ڪونه ڪو مصرف ڳولڻو پوندو، نه ته اهي تنهايون مونکي پاڳل ڪري وجھنديون ۽ پوءِ ماڻهو چوندا ته ايڏي بردبار عورت پاڻ سنڀالي نه سگھي. “
هڪ ڏينهن موڪل هئي، هوء صبح جو دير تائين ليٽي پئي هئي، سُستيء وچان ڪجھه ڪرڻ جي دل ئي نه پئي ٿي. ان وقت سامان جي سرڪائن جا پڙلاءِ ڪن تي پيس، ته ڪنائڻ لڳي، آواز سندس رهائشگاه جي مٿين حصي مان اچي رهيا هئا. سوچڻ لڳي، شايد ايما آپي مٿي جي صفائي ڪرائيندي هوندي. ٿوري دير کان پوءِ وچون دروازو کڙڪيو، اُٿي کوليائين ته نائله هئي،
”آنڻي آپ شايد آرام ڪر رهي هين.“
”بس ايسي هي ليڻي هوئي تهي، کيا بات هي اوپر صفائي کروارهي هين کيا. “
”هان آنڻي! اوپر کي پورشن مين کچهه عرصي کي لئي نئي کرايه دار آرهي هين. “
”کون هين کهان سي آرهي هين ؟ “
”مما کي ايک فرينڊ هين ميرپورخاص مين، ان کي معرفت آرهي هين.“
”اچها........... ڻهيک هي“
نائله ڪجھ دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳاليون ڪندي رهي، ايتري دير ۾ هن پنهنجي لاءِ ناشتو ٺاهي ورتو، نائله کي چانهه ڏئي پاڻ ناشتو ڪرڻ لڳي.
ٻه ٽي ڏينهن ائين ئي گذري ويا هوء گھر کان انسٽيٽيوٽ ، انسٽيٽيوٽ کان گھر، بس ائين ئي وقت پئي گذريو.
هڪ ڏينهن رات جا اٺ ساڍا اٺ ٿيا هوندا، هوء ٽي وي تي ڪو ڊرامو ڏسي رهي هئي، ته مٿئين حصي مان اچانڪ ڪجھ غير معمولي آواز اچڻ لڳا، زور زور سان دروازا بند ٿيڻ چيخون رڙيون ۽ شيون ڪيرائڻ جا آواز، غزل هڪدم ٽي وي جو آواز گھٽائي ڇڏيو. مٿي ڇا پيو ٿئي، غزل کي ته ايترن ڏينهن ۾ اها به خبر نه پئجي سگھي هئي ته مٿي ڪير اچي رهيا آهن ، نه ئي انهيء عرصي ۾ اهڙي ڪا غير معمولي صورتحال محسوس ٿي هئي، ته پوءِ هي اچانڪ ڇا پيو ٿئي. رڙين ۽ سڏڪن ۾ عجيب قسم جو درد ۽ پيڙا سمايل هئي، جنهن اڳ۾ ئي جھريل غزل کي وڌيڪ جھوري وڌو. هيء ڪير آهي، سندس رڙين ۽ دانهن ۾ ايڏو ڪرب ايتري پيڙا ڇو سمايل آهي. ڪجھ ئي دير کان پوءِ اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا، هڪ پُراسرار سانت ڇانئجي وئي.
غزل ڪافي دير تائين ان جي باري ۾ ويچار ڪندي رهي ۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ننڊ جي ديوي کيس خوابن جي دنيا ۾ وٺي وئي. سڄي رات ڀوائتن ۽ دکدائڪ سپنن جي وادين ۾ گھمندي رهي، صبح جو جاڳي ته پاڻ کي ٿڪل ٿڪل ڀانئي رهي هئي، بيڊ تان اٿڻ تي دل ئي نه پئي چاهيس، سوچيندي رهي، هتي ته هر ماڻهو اندر ۾ ڪئي ٽُٽل سپنا سانڍيو پيو هلي، هر فرد بس هڪ الڳ ڪهاڻي آ، درد ڪٿائون اسان جي جيون جي هر پهلوء سان ڄڻ ته جڙيون پيون آهن جن مان ڇوٽڪارو ڪنهن نصيب واري کي ئي ملي سگھي ٿو. هوء انهن ئي ويچارن ۾ گم هئي ته سندس نگاه سامهون گھڙيال تي پئي ٽائيم ڏسي ٽڪڙ ۾ اٿي هٿ منهن ڌوئي تيار ٿي، جلدي جلدي نيرن ڪري نوڪريء لاءِ رواني ٿي.



ان ڏينهن کان پوءِ ڪجھ ڏينهن ٺاپر رهي، ڪوخاص واقعو ڪونه پيش آيو، ليڪن هڪڙي ڏينهن هوء شام جو جيئن نوڪري تان موٽي در کولي ڪمري ۾ داخل ٿي ساڳيا آواز داهون ڪوڪون هن جو اندر چيري ويا. پر هوء پنهنجي، ڪنهن ٻئي جي معاملي ۾ دخل نه ڏيڻ واري عادت جي ڪري چپ چاپ ڪمري ۾ اچي ليٽي پئي پر اندر ۾ ڏاڍي بيچيني محسوس ڪري رهي هئي. ان کان پوءِ اهو آئي ڏينهن جو معمول ٿي ويو ته هن جي دل ۾ به تجسس ڪر کنيو ته آخر ماجرا ڇا آهي، هن عورت سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي، ڇا هن کي ڪو مهلڪ مرض آهي جيڪو کيس ائين تڙپڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي، ڪجھ ته غلط آهي، پر ان جي خبر ڪيئن پوي، نائله به ان ڏينهن کانپوءِ چڪر نه هنيو هو ۽ هن به مناسب نه سمجھيو ته پاڻ وڃي پڇا ڪري. .هوء اهڙين ئي سوچن ۾ ٻڏل هئي ته وچون دروازو کڙڪائي نائله اندر هلي آئي. سندس هٿن ۾ پليٽون هيون ، سلام ڪري پليٽون پاسي واري ميز تي رکي،
”امي ني نياز دلوائي تهي، يه آپ کي لئي بهجوائي هي.“
هوء ڀر ۾ سندس بيڊ تي اچي ويٺي ۽ رازداراڻي انداز ۾ پڇڻ لڳي،
”آنڻي! آپ اوپر والون کي آوازون سي پريشان هوتي هونگي. “
”پريشاني تو هوتي هي، ليکن دل کو بڙي تکليف بهي پنهچتي هي، کيا اوپر کوئي بيمار هي. “
”هان آنڻي! اوپر کي کرايه دار مما کي ايک سهيلي جو ميرپورخاص مين رهتي هين، ان کي رشتيدار هين، انهون ني هي امي کو کها تهاکه ان کي لڙکي بيمار هي، اس کا علاج کرواني کي لئي کچهه عرصه کراچي مين رهين گي. ليکن امي ني جب ان کي بيماري کي نوعيت ديکهي تو اپني دوست کو بلوايا تها، دو دن پهلي وه آئي تهين، اور انهون ني جو کهاني امي کو سنائي تو امي مجبورا“ خاموش هوگئين. “
۽ پوءِ نائله جيڪا ڪهاڻي پيرائتي انداز ۾ غزل کي ٻڌائي ، ان کي ٻڌي هن جو دماغ سُن ٿي ويو هٿ پير ٺري ويا، هن جو ته لنوَ لنوَ ڪانڊارجي ويوهو. هوء ته پاڻ ڏکايل هئي، ڪنهنجي درد ۽ ڀوڳنائن جي ٻڌڻ جي منجھس سهپ ئي ڪونه هئي. کيس هن دک آڏو پنهنجو درد معمولي لڳو، هوء پاڻ به پنهنجن جي ڏنل پيڙائن جي ماريل هئي، پر هن ڌرتيء تي اهڙيون به درد ڪٿائون پيون آهن ان جو کيس اندازو به ڪونه هو. اسان سمجھندا آهيون ته اسان ئي دردن جا ماريل آهيون پر هتي ته هر قدم تي درد ڪهاڻي وکري پئي آهي.



مٿئين حصي ۾ رهندڙ نوَن ڪرايه دارن ۾ هڪ اڌ وهي عورت آمنه سندس ڇويهن ستاويهن سالن جي ڌيء زرتاج ۽ پندرهن سورهن سالن جو پٽ رضا عارضي طرح اچي رهيا هئا، ايما جي سهيلي شمع پئي ٻڌايو ته زرتاج سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ انگلش ۾ آنرز پئي ڪئي.... اُتي هن جي دوستي سندس ڊپارٽمينٽ جي سينئر ڪلاس جي هڪ ڇوڪري اياز سان ٿي وئي جيڪو شمع وارن جو پري جو مائٽ ۽ ميرپورخاص جو رهندڙ هو. ۽ فائنل سال جو شاگرد هو. زرتاج هڪ وچولي درجي جي ڪاروباري شخص احسان احمد جي نياڻي آهي. سندن ميرپورخاص ۾ هڪ خوبصورت بنگلو آهي. مڇي ماني وارا هئڻ سان گڏوگڏ سندن خاندان ڪافي سلجھيل ۽ روشن خيال سمجھيو ويندو آهي. زرتاج تي ڪا روڪ ٽوڪ ڪونه هئي، ليڪن هن جي تربيت تمام سلجھيل انداز سان ٿي هئي، ان ڪري هن ڪڏهن به پنهنجي آزاديء جو ناجائز فائدو نه ورتو. اياز ۽ هوء هڪ ئي شهر جا هجڻ ڪري اڪثر گڏ يونيورسٽي ۽ ڳوٺ ايندا ويندا هئا. زرتاج جي گھر وارن طرفان ڪا جھل پل ڪانه هئي، بلڪه کين اهو اطمينان هو ته سندن نياڻي آڌي مانجھي جو اچي وڃي ٿي ته ان سان گڏ اياز آهي ۽ کين فڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. اياز به ڪڏهن ڪڏهن هنن سان ملڻ هليو ايندو هو ايستائين جو آمنه ته کيس پنهنجي اولاد جيان ڀائيندي هئي.
هنن جا فائينل امتحان شروع ٿيڻ وارا هئا، هڪ ڏينهن هو ٻئي يونيورسٽي جي لان تي ويٺا هئا ته اياز زرتاج کان سرسري انداز ۾ پڇيو،
”امتحان کان پوءِ توهان جو ڇا ارادو آهي، منهنجو ته ماسٽرز جو فائينل سيمسٽر آهي، هتان فارغ ٿي ڪانه ڪا جاب ڳولهيندس. “
زرتاج سندس ڳالهه ٻڌي جواب ۾ چيو،
”ڏسو پاپا کي چيو ته آهي ته مان ماسٽرز ڪرڻ ٿي چاهيان ، پر ڀائو عمران هروڀرو ٽنگ اڙايو بيٺو آهي، ته آنرز ڪري واپس هلي اچ. “
اهو ٻڌي اياز ڪجھ پريشان ٿي ويو، زرتاج غور سان سندس منهن جي تاثرات کي پڙهندي رهي آخر کانئس رهيو نه ٿيو،
”ڪهڙي ٻُڏ تر ۾ پئجي ويا آهيو، ڪا پريشاني آهي ڇا. “
”سوچيان پيوته پوءِ ته اسان جو ائين ملڻ نه ٿئي، توهان جي گھر وارا خاص طور ڀائو عمران شايد اهو پسند نه ڪن ته مان پوءِ به توهان جي گھر ائين ايندو رهان. “
زرتاج جيڪا پنهنجي طبعيت ۾ خاصي ارڏي هئي، هو پنهنجي زندگي جي معاملن ۾ ڪنهن ٻئي جو عمل دخل پسند نه ڪندي هئي .هوء ان خيال جي هئي ته جڏهن هوء پاڻ کي ڏنل آزاديء جون مقرر ڪيل حدون اورانگهڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري ته پوءِ هن جي زندگي پنهنجي آهي، ان کي ڪيئن گذاري، ڪنهن سان ميل جول رکي، اهو هن جو پنهنجو اختيار آهي. ڪنهن ٻئي کي ان ۾ دخل اندازي ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي، ها جيڪڏهن هن انهن حدن جو احترام نه ڪيو ته پوءِ به صرف سندس ماء پيء کيس روڪي سگھن ٿا. هوء ڪنهن ٻئي کي ان جو اختيار ڏيڻ جي بلڪل به روادار نه هئي. اياز کي ائين فڪرمند ٿيندي ڏسي کلي چوڻ لڳي،
”ڪمال ٿا ڪريو، پاپا ۽ مما توهان کي ايترو ڀائيندا آهن، هو ته توهان کي پنهنجي پُٽ جيان سمجھندا آهن. ڀلا هو ڇو توهان جي اچڻ تي اعتراض ڪندا. “
”اهو ته بلڪل سهي آهي، پر توهان جو ڀاء ادا عمران ، هو ته مونکي بلڪل به پسند ناهي ڪندو، هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته مان بلا مقصد توهان جي گھر اچڻ وڃڻ جاري رکان. “
اهو ٻڌي زرتاج جي چهري تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر ٿيا،
”ڀائو کي ڪوبه حق ناهي منهنجي زندگي ۾ انٽرفيئر ڪرڻ جو. هر ماڻهوء جي پنهنجي زندگي آهي، پنهنجا واسطا ۽ تعلق آهن، ته ٻيو ڪو ان تي پنهنجي مرضيء جا فيصلا ڪيئن ٿو مڙهي سگھي، گھٽ ۾ گھٽ مان اهو ڪڏهن به نه چاهينديس، ۽ جي هن اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي به ته مان پاپا جي آڏو صاف صاف احتجاج ڪنديس، توهان کي ڳڻتي ڪرڻ جي بلڪل ضرورت ڪونهي.“
زرتاج جي اهڙي پُراميد انداز تي اياز جا حوصلا به ڪجھ بلند ٿيا ۽ ٿوري پَس و پيش کان پوءِ همت ڪندي دل جي ڳالهه زبان تي آندي،
” دراصل، مان توهان سان هڪڙي ڳالهه شيئر ڪرڻ پئي چاهي، پوءِ الائي موقعو ملي الائي نه........ (ٿورو ترسي هن ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ وري چوڻ لڳو) جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو ته.......“
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه چوڻ ٿا چاهيو، جنهن لاءِ ڪنهن تمهيد يا اجازت جي ضرورت پئجي وئي.“
”جيڪڏهن مان توهان کي پنهنجي جيون ۾ شامل ڪرڻ چاهيان ته.....“.
جملو اڌ ۾ ڇڏي هو زرتاج جو ردِ عمل ڏسڻ لڳو. اهو ٻڌي زرتاج شرمائجي وئي ۽ ڪجھ چئي بغيرڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. اياز هن جي انهي ڪيفيت کي ڏسي سڀ ڪجھ سمجھي ويو ۽ خوشيء وچان چوڻ لڳو،
”واه ڀئي واه! هي زرتاج بيگم کي ڇا ٿي ويو، هينئر ته وڏيون وڏيون ڳالهيون پئي ڪيائين ۽ هينئر شرم ٻوٽي بنجي وئي آهي. “
زرتاج شرمائيندي مختصر جواب ڏنو،
توهان ڳالهه ئي اهڙي ڪئي.“
”زرتاج! مان عرصي کان توهان کان اها ڳالهه لڪائي رهيو هوس اصل ۾ توهان جي بردبار ۽ چيڙاڪ طبعيت حوصلو ئي نه پئي ڏنو ته مان پنهنجي دل اوهان آڏو کولي رکان، مان ان ڏينهن کان توهان سان بيحد محبت ڪيان ٿو، جڏهن کان توهان کي ڏٺو آهي.بس اظهار ڪري پنهنجي جذبن کي هلڪو ڪرڻ نه ٿي چاهيم، هينئر به صرف جدا ٿيڻ جي خوف کان همت ڪري چئي ويٺس ته متان چوڻ ۾ دير نه ٿي وڃي، ۽ اسان هڪ ٻئي کان وڇڙي وڃون. “
ڪجھه دير هو سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيو، ليڪن زرتاج سوچن ۾ گم هئي، ۽ جڏهن هن طرفان خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اياز جي دل بيچين ٿيڻ لڳي ۽ کانئس رهيو نه ٿيو ته ٻيهر پنهنجي ڳالهه ورجائي،
”توهان خاموش ڇو ٿي ويا آهيو، جواب ڇو ڪونه ٿا ڏيو. “
زرتاج، اياز جي ڳالهه ٻڌي دل ۾ تمام گھڻي خوش هئي، ڇوته هوء به اندر ئي اندر ۾ هن سان بيحد لڳاء محسوس ڪندي هئي، پر انهن جذبن کي پاڻ مرادو اجاگر ڪرڻ پنهنجي نسوانيت جي توهين سمجھندي هئي، ان ڪري هن ڪڏهن اشارتا“ به پنهنجي احساسن کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو هو. ليڪن جڏهن اياز سندس آڏو پنهنجي دل کولي رکي ته هن به وڌيڪ پس و پيش ڪئي بغير شرمائيندي چيو،
”مونکي ڪو اعتراض ڪونهي، پر مما سان توهان پاڻ ڳالهائجو. “
” ٺيڪ آهي، هن دفعي هلنداسين ته مما سان مان پاڻ ڳالهه ڪندس ، نه صرف ڳالهه ڪندس بلڪه با ضابطه طور توهان کي پنهنجو جيون ساٿي بنائڻ لاءِ مما آڏو درخواست ڪندس. “
ان کان پوءِ هو ٻئي مستقبل جا منصوبه جوڙيندا رهيا خواب اُڻندا رهيا ، ڳالهيون ڪندي کين وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو.
نائله اڃان ايتروئي حال مس اوريو هو ته سندس ننڍو ڀاء شمنام سڏڻ لاءِ اچي ويو ته مما کيس سڏيو آهي. ان ڪري نائله باقي ڪنهن ٻئي دفعي جو چئي موڪلائي هلي وئي.
نائلا ته ان درد ڀري ڪٿا جوهڪ سُر آلاپي رواني ٿي، ليڪن، اهي ڳالهيون ٻڌي فطري طور غزل جو تجسس وڌي ويو هو ، هوء سوچي رهي هئي ته هر پيار ڪهاڻي جي شروعات ائين ئي حَسين، خوشنما، خوبصورت احساسن ۽ دلربا جذبن سان سينگاريل هوندي آهي، ان ۾ ڀلا ڪهڙي نواڻ هئي، ته پوءِ زرتاج جيڪا پاڻ به ارڏي هئي، ڪنهن کي خاطر ۾ نه آڻڻ واري ، ته پوءِ آخر هن سان اهڙي ڪهڙي ويڌن ٿي. رات جو سمهندي به هوء ان ڪهاڻي جي مختلف پهلوئن جي باري ۾ پنهنجا انومان ڪڍندي رهي ته ضرور هيئن ٿيو هوندو ! هونئن ٿيو هوندو، پنهنجي طرفان ڪهاڻي جا مختلف تاڃيون پيٽا اُڻندي رهي. آخر اهو فيصلو ڪري سمهي رهي، ته صبحاڻي نوڪريء تان موٽي نائله کي سڏي ان اسٽوري کي مڪمل ڪندي.

8

ٻئي ڏينهن هوءَ جيئن ئي واپس آئي، ته هن چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهيا، رستي مان ڪجھه سنيڪس وٺيو آئي هئي. وچون در کڙڪائي نائلا کي سڏي ورتو. ٻئي گڏجي چانهه ۽ سنيڪس سان شغل ڪرڻ لڳيون ۽ نائله اڌوري ڳالهه اتان ئي شروع ڪئي .
جڏهن زرتاج ۽ اياز امتحان کان فارغ ٿي واپس ڳوٺ آيا ته هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ اياز پنهنجي ماء حسنه سان گڏجي زرتاج وارن جي گھر آيو. حسنه پهريون دفعو هنن جي گھر آئي هئي ، ٻاهران ئي ايڏو شاندار گھر ڏسي هن جي دل وسامجي وئي طبعيت ۾ عجيب طرح جي هورا کورا ، بيچني ۽ ڊپ اچي ورايس، هيڏانهن هوڏانهن وائڙن جيا نهاريندي هٻڪندي هوء گھر اندر داخل ٿي. هوء سوچي رهي هئي ته ڀلا ايڏي شاندار گھر ۾ رهڻ وارن جو اسان سان ڪهڙو جوڙ جُڙِي سگھي ٿو ڪاٿي اسان هتي اچڻ جي غلطي ته نه ڪئي آهي. اهو سوچيندي اندر ۾ ڪئي وسوسا ۽ انديشا کڻي هوء اڳتي وڌندي رهي. کين ايندو ڏسي زرتاج جي ماء آمنه اڳتي وڌي خوشدليء سان سندن آدرڀاءُ ڪيو ته هن جي هٻڪ به ڪي قدر گھٽ ٿي. زرتاج به اچي ساڻس احترام سان ملي ۽ پوءِ اندر هلي وئي ، کيس ڄاڻ هئي ته هو ڪهڙي مقصد سان آيا آهن.
حسنه جيتوڻيڪ سادي لباس ۾ ملبوس هئي، پر هُن جي ڳالهائڻ ٻولهائن جي انداز ۾ تدبر ۽ شائستگي بکي رهي هئي . اياز آمنه کي ٻڌايو ته هوء هتي هڪ مقامي سرڪاري هاء اسڪول ۾ ٽيچر آهي.
آمنه به حيران هئي ته اياز هن کان اڳ۾ ڪڏهن به ماء کي سندن گھر وٺي ڪونه آيو هو ۽ نه ڪڏهن کين پنهنجي گھر اچڻ جو چيو هئائين ته پوءِ اچانڪ ائين........ بهر حال آمنه کين ويهڻ جي آڇ ڪئي . احسان احمد جيڪو ڪجھ پَر ڀرو هڪ آرام ڪرسيء تي ويٺو ڪو رسالو پڙهي رهيو هو. ان سان اياز جي دعا سلام ٿي. اياز ئي سندن حيرانگي دور ڪندي چيو،
”آنٽي! مون يونيورسٽيء کان واپسي تي زرتاج کي ٻڌايو هو ته مان امان کي وٺي ايندس، مون سمجھيو هن توهان سان ڳالهه ڪئي هوندي، پر لڳي ٿو هُن کان خيال لهي ويو، بهرحال مان ائين بنا ٻڌائڻ جي اچڻ لاءِ معذرت خواه آهيان. “
”پُٽ ڪا ڳالهه ناهي ، هي توهان جو پنهنجو گھر آهي. ٿي سگھي ٿو زرتاج جي ذهن مان نڪري ويو هجي، خير ڀلي آيا جيء آيا. “
آمنه ملازمه کي سڏي چانهه لاءِ چيو، ان دوران حسنه به پاڻ کي ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار ڪري ورتو هو.
”ڀيڻ! اصل ۾ زرتاج ڌيء هڪ ٻه دفعه اسان جي گھر آئي آهي، توهان جي نياڻي ڏاڍي سُلڇڻي ۽ پياري آهي، مونکي هوء تمام گھڻي پسند آهي. “
احسان احمد به رسالو هڪ طرف رکي هنن جي ڳالهين ۾ شامل ٿي ويو. هو اياز جي ماء جو عنديو( مقصد ) ڪنهن حد تائين سمجھي ويو هو.
”ڀيڻ! توهان جو اياز به نهايت شريف، سمجھدار، بردبار ۽ هونهار ڇوڪرو اهي، هن جو پڙهائيء ۾ شآندار رڪارڊ ڏسي مونکي لڳندو آهي ته کيس سي ايس ايس ڪرڻ گھرجي. “
احسان احمد جي اهڙي حوصلا افزا ڳالهه ٻڌي حسنه دل ئي دل ۾ اطمينان محسوس ڪيو ۽ ڳالهه اڳڀري ڪرڻ خاطر چوڻ لڳي،
”بس ادا! اسان جو فرض هو ته ٻارن جي سٺي تربيت ڪيون کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪيون، اسان پنهنجي فرضن کي نباهڻ جي جيء جانِ سان ڪوشش ڪئي ، هاڻي سندن مرضي ، پنهنجي آئيندي لاءِ جيڪو بهتر سمجھن اهو ڪن. “
ماء جي ڳالهه ٻڌي اياز چوڻ لڳو،
”انڪل ! في الحال ته مون هڪ جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، ڪميشن ۾ ليڪچرر شپ جون جايون آيون هيون بس جلد انٽرويو ٿيڻا آهن ڇوته اهي پوسٽون منهنجي آخري سيميسٽر وقت اعلان ٿيون هيون ۽ گذريل سيمسٽر جي بنياد تي ئي اپلاءِ ڪيو هيم. چاهيان ٿو ته ڪجھ سيٽل ٿي پوءِ اڳتي لاءِ سوچيندس، ته آئينده لاءِ ڪجھ ڪرڻ گھرجي يا ان تي ئي اڪتفا ڪجي.“
ان وقت ملازمه سان گڏ زرتاج به چانهه وغيره کڻائي اندر آئي، ملازمه ميز تي چانهه لڳائي ته زرتاج به ماء جي ڀرسان صوفي تي اچي ويٺي ۽ ڇانهه ٺاهي سڀني جي آڏو رکي. چانهه پئندي حسنه پنهنجي اچڻ جو سبب واضع انداز ۾ پيش ڪيو،
”ڀيڻ! مان توهان جي زرتاج کي پنهنجي ڌيء...... منهنجو مطلب آهي، پنهنجي گھر جي راڻي بنائڻ چاهيان ٿي. “
اهو ٻڌي زرتاج شرمائجي اٿڻ لڳي ته آمنه کيس ٻانهه کان جھلي ويهاريندي چيو،
”ڪيڏانهن پئي وڃين، اسان توهان ۾ ۽ توهان جي ڀائرن ۾ ڪڏهن به ڪو فرق ناهي ڪيو،. تون هڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجھدار ڇوڪري آهين، توکي اسان جي سامهون پنهنجي زندگي جي متعلق فيصلو ڪرڻو آهي . ٻڌاء اياز جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي. ڏٺل وائٺل پَرکيل پوتل ڇوڪرو آهي، تنهنجي پاپا کي به پسند آهي. وڌيڪ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي اسان ان مطابق فيصلو ڪنداسين.“
زرتاج شرمائيندي جواب ڏنو ته جيڪڏهن هنن کي پسند آهي ته پوءِ کيس به ....ايترو چئي هوء خاموش ٿي وئي، سندس چهري جي رنگت حياء وچان ڳاڙهي ٿي وئي هئي، اياز چور نظرن سان هن جي چهري جي حياء آميز تاثرات کي محسوس ڪندي دل ئي دل ۾ گد گد ٿي رهيو هو، هن جي من جي مراد جو پوري ٿيڻ واري هئي.
آمنه سندس هاڪاري جواب ٻڌي خوشي مان اُٿي ۽ آمنه کي ڀاڪر پائي ملي ته اياز به اٿي احسان صاحب جا پير ڇهيا. پوءِ آندل مٺائي هڪ ٻئي کي کارائي ۽ حسنه آندل چُنريء جو رئو زرتاج کي اوڍايو. اهڙي طرح هنن جو رشتو طئي ٿي ويو .
اهو ٻڌي غزل کان رهيو نه ٿيو، وچ ۾ دخل ڏيندي ،
”جيڪڏهن سڀ ڪجھ ائين آسانيء سان طئي ٿي ويو هو ته پوءِ هي سڀ ڪجھه ڇا آهي، ڇا اڳتي هلي اياز بي وفائي ڪئي. يا حالات بدلجي ويا.“
”نه اهڙو ڪجھ به نه ٿيو هو. بس بندي جي من ۾ هڪڙي ، رب جي فيصلن ۾ ڀلا ڪير ٿو دخل ڏئي سگھي .“
نائله ڳالهه جاري رکندي چيو . هوء به اڄ پڪو پهه ڪري آئي هئي ته جيستائين پوري ڪهاڻي غزل جي گوش گُذار نه ڪندي ، هتان ڪونه ويندي کيس به اڄ واندڪائي هئي.
”ها ته پوءِ ڇا ٿيو ،“
غزل ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو .
”اياز ۽ سندس ماء، آمنه وارن وٽان ٿي مٺائي کڻي سڌو مما جي سهيلي آنٽي شمع جي گھر آيا ، شمع آنٽي هنن جي پري جي عزيز آهي ۽ آمنه آنٽي جي بلڪل ڀر واري بنگلي ۾ رهندي آهي.
حسنه مٺائي ڏيندي کين ٻڌايو ته هو احسان صاحب وارن وٽان، اياز جي ڳالهه پڪي ڪري آيا آهن .
اهو ٻڌي آنٽي جي گھر واري جنيد انڪل چيو ته،
”ماڻهو ته تمام سُٺا آهن، پر سندن وڏو پُٽ عمران تمام ڏنگو۽ گھَمنڊي آهي، هُن کي وڏو ماڻهو هجڻ جو تمام گھڻو ڪامپليڪس آهي. هو ڪنهن کي به خاطر ۾ ناهي آڻيندو.“
جُنيد جي اهڙي ڳالهه ٻڌي حسنه کي تشويش ٿيڻ لڳي . ماء جو لٿل منهن ڏسي اياز ماء کي آٿت ڏيڻ لڳو ،
”ڀائو توهان بلڪل بجا پيا چئو ، منهنجو ڪافي وقت کان چاچا احسان وارن جي گھر اچڻ وڃڻ آهي، گھر ۾ سڀ ماڻهو مونکي ڀائيندا گھرندا آهن ليڪن ڀائو عمران جو رويو مونسان ڪڏهن به درست ناهي رهيو ۽ اها ڳالهه سڀني گھر وارن کي چڱي ريت معلوم آهي، اهو انديشو مون زرتاج آڏو ظاهر به ڪيو هو، پر هن مونکي اطمينان ڏياريو هو ته هوء پنهنجي ذاتي زندگيء ۾ ڪنهنجو به عمل دخل پسند ناهي ڪندي . “
جنيد به هن کي دلداري ڏيندي چوڻ لڳو ،
”توهان ڳڻتي نه ڪيو ، احسان صاحب وارا تمام روشن خيال آهن، ضرور سوچي سمجھي فيصلو ڪيو هوندن. توهان به جلد ڪنهن نوڪريء سان لڳو، جيئن پنهنجي گھر داري خوش اسلوبيء سان نڀائي سگھو .
”بس ابا! ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ، جيئن ڪا نوڪري ملي ٿي ته شادي ڪرڻ ۾ دير نه ڪبي، ڪميشن جي انٽرويو جو ليٽر به پهتل اٿس، هن ئي هفتي خير سان انٽرويو اٿس بس دعا ڪجو ته ڪامياب ٿئي.“
غزل وري بيتابي سان پڇڻ لڳي،
”ته پوءِ ڇا ٿيو. شمع آنٽي وڌيڪ ڇا ٻڌايو. نائله غزل جي اهڙي بيتابي ۽ تجسس کي محسوس ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي.“
”آنٽيء ٻڌايو ته جيئن ته زرتاج جي فيملي ڪافي روشن خيال ۽ ايڊوانس هئي، ڳالهه پڪي ٿيڻ کان پوءِ اياز ۽ زرتاج آزاديء سان هڪ ٻئي سان ملندا هئا، مٿن ڪابه روڪ ٽوڪ ڪونه هئي . ليڪن هنن ڪڏهن به پنهنجي گھر وارن جي اعتماد کي ڇيهو پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه وري ڪي حدون اورانگھيون. ڪجھ وقت کان پوءِ اياز کي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچررشپ ملي وئي، ته هنن شاديء جي تياري شروع ڪري ڇڏي. مون توهان کي ٻڌايو ته آنٽي ۽ زرتاج جي گھرن جي وچ ۾ صرف هڪ ڀِتِ آهي هڪ ڏينهن شام جو وقت هئو، ته زرتاج جي گھران زور زور سان ڳالهائڻ جا آواز اچن لڳا، ڄڻ ڪو جھڳڙو ٿيندو هجي آنٽي شمع تجسس وچان پنهنجي ڌيء کي اوڏانهن اماڻيو جيڪا زرتاج جي ننڍي ڀيڻ جي سهيلي آهي. ان واپس اچي ٻڌايو ته عمران جيڪو هڪ وفاقي اداري ۾ ٻئي صوبي ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ گھر آيو هو. اياز ۽ زرتاج جي شادي طئي ٿيڻ جو ٻڌي هو سخت طيش ۾ اچي ويو هو . هن چيو پئي ته هن جي صلاح جي بغير اهو رشتو ڪيئن طيء ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر شادي جي تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي ۽ کيس ٻڌائڻ به ضروري نه سمجھيو. ان تي احسان صاحب کيس گھڻوئي سمجھايو پئي ته اياز، گذريل ٻن ٽن سالن کا سندن گھر ايندڙ ويندڙ آهي هو ڏٺل وائٺل نهايت شريف ۽ سلجھيل ڇوڪرو آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته زرتاج ۽ هو هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه کين ڏسڻ کپندي هئي. هوء هڪ پڙهيل لکيل فيملي آهي، هن جي ماء هاء اسڪول۾ ٽيچر آهي. “
اهو ٻڌي عمران نهايت ڪروڌ ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳو،
”هنن جو گھر گھاٽ ڏسڻ جي به توهان کي توفيق نه ٿي، بس هو ماء سان گڏ آيو ته رشتو طئي ڪري ڇڏيوَ.......... ڪير آهن ڪهڙو خاندان آهي.... ان جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. رشتا ناتا خاندان ڏسي جوڙبا آهن بس ڇوڪري ڇوڪريء هڪ ٻئي کي پسند ڪيو ته شادي طئي ٿي وئي اهو آهي توهانجو رشتن جوڙڻ جو معيار. نه آڳي ڏسڻي آ نه پيڇي، بس طئي ٿي ويو رشتو. “
آمنه پُٽ کي ٿڌو ڪرڻ خاطر وڌي وڃي هُن جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھليا ۽ کاڏي تي هٿ رکي نرم لهجي ۾ کيس سمجھائڻ لڳي، ته هو ٻئي پڙهيل لکيل ۽ سمجھدار آهن، هڪ ٻئي کي تمام گھڻو پسند ڪن ٿا زندگي کين هڪ ٻئي سان گذارڻي آهي ته پوءِ گھر گھاٽ جي ڪهڙي اهميت باقي رهي ٿي، جيون گھارڻ لاءِ هڪ ٻئي جو ساٿ هجڻ ئي ڪافي هجي ٿو . پوءِ به اياز کي ڪاليج ۾ نوڪري ملي آهي . اڳتي سي ايس ايس ڪرڻ جو ارادو اٿس.“
هو ماءُ جا هٿ پري ڪندي نهايت ڪاوڙ ۽ رُکائي سان چوڻ لڳو
”ته ڇا ٿي پيو، رشتا ڇوڪري ڇوڪريء جا نه پر خانداني پس منظر کي آڏو رکي جوڙبا آهن، آخر دنيا داري به ته ڏسڻي پوي ٿي. صرف اهو نه پر توهان ته رشتو طئي ٿيندي ئي کين ايڏي آزادي ڏئي ڇڏي آهي جو هو اڪيلا وتن ٿا حيدرآباد ۾ شاپنگ ڪندا.“
احسان صاحب کي پُٽ تي ڪاوڙ ته ڏاڍي پئي آئي، ليڪن جوان اولاد جي جذباتي پڻي جي کيس چڱي ريت ڄاڻ هئي، ان ڪري برداشت ۽ تحمل کان ڪم وٺندي انتهائي نرم لهجي ۾ کيس سمجھائڻ لڳو،
”پُٽ ! ٿڌو ٿي، اسان پنهنجي نياڻيء جي اهڙي تربيت ناهي ڪئي، جو هوء پنهنجون حدون اورانگھي سگھي. هونئن به ڪجھ ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، پوءِ ته هو جيون ساٿي بنجي ويندا.“
آخر ماء پيء جي گھڻو سمجھائڻ کان پوءِ هن پنهنجي هوڏ تان لهندي لهندي به هڪ شرط رکي ئي ڇڏيو ته هو پهرين هنن جي متعلق مڪمل ڄاڻ لهندو، جيڪڏهن کيس ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته واه نه ته هو اهوسنڱ ٿيڻ نه ڏيندو.
آمنه سندس ڳالهه کي مانُ ڏيندي چيو،
”مونکي ته ڪا گھٽتائي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي، پر تون چئين ٿو ته ڀلي پنهنجواطمينان ڪري وٺجانء ڪٿان به معلوم ڪري سڄي ڄاڻ وٺي سگھين ٿو.“
اڃان اهو بحث هلي ئي رهيو هو ته عمران جو سيل فون وڄڻ لڳو، هن فون کڻي ڳالهايو، ٻئي طرف آفيس طرفان کيس ڪجھ ٻڌايو ويو جنهن کي ٻڌي سندس چهري تي فڪرمندي جا تاثرات ظاهر ٿيا، فون بند ڪري مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ته احسان صاحب کانئس پڇيو، ته هو ڇو ايڏو ڳڻتي ۾ اچي ويو آهي.
”آفيس مان فون آئي هئي، اسلام آباد ۾ هڪ هفتي جي ٽريننگ آهي، صبحاڻي ئي وڃڻو پوندو، ان کان پوءِ مونکي هتي ميرپور خاص ۾ ئي پوسٽنگ ملي ويندي. “
ماڻس فڪر ڀرئي انداز ۾ چيو،
”پر ڏهن ڏينهن کان پوءِ زرتاج جي شادي آهي......... “
عمران ٽوڪ ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳو،
”شايد توهان جي دعا پوري ٿي، هاڻي ته شادي واري ڏينهن ئي پهچڻ ٿيندو. ان ۾ به ڪا مصلحت هوندي، “
اهو چئي هوتيار ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي، ٻنهي طرفن کان شاديء جون تياريون زور شور سان هلي رهيون هيون، آخر اهو ڏينهن به اچي پهتو، ميندي جي رسم، ڳيچ ڳائڻ جون رسمون، هر طرف هُل هنگاما هئا، شادمانه هئا، ٻنهي طرف خوشيون ئي خوشيون وکريل هيون. شاديء واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ۾ شام ڌاري عمران به اسلام آباد مان موٽي آيو هئو. هو هن سڄي معاملي ۾ ڪو بهرو وٺڻ جي بجاء، چپ چاپ پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيو پيو هو، ۽ سوچي رهيو هو،
”هن ڪڏهن به اياز کي پسند نه ڪيو هو ۽ اڄ هو سندن گھر جو ناٺي بنجڻ وارو آهي، هو هن کي هن نئين رشتي ۽ حيثيت ۾ ڪيئن قبول ڪري سگھندو. پر هاڻي هو ڪري به ڇا ٿو سگھي، صبح جو کيس ڪراچي رپورٽ ڪرڻ لاءِ وڃڻو آهي، اتان موٽندي شام ٿي ويندي، پوءِ ڀلا هو ڪيئن جاچ پڙتال ڪري سگھندو، انهن ئي سوچن دوران کيس ننڊ کڄي وئي.
ٻئي طرف زرتاج تمام گھڻي خوش هئي، هوء شروع کان ئي اياز .کي چاهيندي هئي، اڄ سندس اها آرزو پوري ٿيڻ واري هئي، باقي اڄوڪو ڏينهن، پوءِ هوء ۽ اياز هميشه لاءِ هڪ ٿي ويندا ۽ ڪير به کين جدا ڪري نه سگھندو، اهڙا ڪئي ارمان ڪئي آرزوئون اندر ۾ سانڍيو هوء ان گھڙيء جو شدت سان انتظار ڪري رهي هئي.



ٻئي ڏينهن صبح ساڻ عمران ته ڪراچي هليو ويو. احسان صاحب نوڪرن چاڪرن سميت بنگلي جي لان تي شاميانه لڳرائي، شاديء جي تيارين ۾ مصروف لڳو پيو هو. هنن ڄڃ جي آمد جو سمورو انتظام بنگلي جي لان ۾ ئي ڪيو هو، پارٽيشن لڳرائي عورتن ۽ مردن لاءِ جدا جدا انتظام ڪيو ويو هو. شام ٿيندي ئي تياريون عروج تي پهچي ويون. بيوٽي پارلر تان آيل ڇوڪريون زرتاج کي سنواري رهيون هيون، هوء آتشي گلابي زرق برق وڳي ۾ ڏاڍي سهڻي من موهڻي پئي لڳي، گلابي رنگ تي گھرو ميڪ اپ نقش نيڻن کي اجاگر ڪري رهيو هو. ٻاهر هر طرف رنگ برنگي لباس اوڍيل ڇوڪريون ۽ عورتون کل ڀوڳ ۾ مصروف هيڏانهن هوڏانهن پئي گھميون. اهي موقعا به عجيب هوندا آهن، شادي شده عورتون پنهنجي شاديء جا لمحا ياد ڪندي عجيب قسم جي سرشاري محسوس ڪنديون آهن ته ڪنواريون سيني ۾ ڪئي قسم جا ارمان ڪئي آرزوئون سانڍيو تصور ئي تصور ۾ پاڻ کي ڪنوار جي روپ ۾ پَسي دل ۾ عجيب ڪتڪتايون محسوس ڪنديون آهن. هر عورت اهڙن موقعن تي خوب سينگارجڻ سنورجڻ جي ڪوشش ڪندي نظر ايندي آهي. بس اهڙين ئي ڪيفيتن مان گذري رهيون هيون اتي شريڪ ناريون.
ان وقت دهلن شرناين جي وڄڻ جا آواز فضا ۾ گونجڻ لڳا، جيڪي ڄڃ جي پهچڻ جو سنديس ڏئي رهيا هئا. عورتون ۽ مرد ڄڃ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيا، موڙ ٻڌل گھوٽ گلن سان سينگاريل گاڏيء مان ٻاهر نڪري آيو ته ان سان گڏ گاڏي ڊرائيو ڪندڙ اڌ وهي شخص ٻئي پاسي اچي کيس سهارو ڏنو. عمران دل نه چاهڻ باوجود موقعي جي نزاڪت کي سمجھندي پنهنجي ويجھن دوستن ۽ پيء سان گڏ سندن استقبال لاءِ پنڊال کان ٻاهر اچي بيٺو هو. هو اياز سان گڏ ايندڙ شخص کي ڏسي ٿورو حيران ٿيو هو ، پر ان وقت سڀئي پنڊال ۾ داخل ٿي ويا هئا . احسان صاحب گھوٽ کي پاڻ سان وٺي سندس لاءِ مخصوص ڪيل صوفي تي آڻِي ويهاريو ته ساڻ آيل اهوگاڏي ڊرائيو ڪندڙ شخص به صوفي تي ويهڻ جي ڪئي ته عمران تڪڙو تڪڙو صوفي ڏانهن وڌيو ۽ ان شخص کي ٻانهه کان جھلي اٿاريندي چوڻ لڳو،
”سچل چاچا ! تون اتي ڪاٿي پيو ويهڻ جي ڪرين، هي نشست ته گھوٽ، ان جي والد ۽ ويجھن عزيزن لاءِ آهي........ “
آواز تي سچل به غور سان عمران ڏانهن نهاريو ۽ تعجب مان چوڻ لڳو،
”عمران صاحب توهان هتي............ ! “
”ها سچل چاچا ، منهنجي ڀيڻ جي شادي آهي ته مان هتي نه هوندس ته ٻيو ڪٿي هوندس . “
اهو ٻڌي سچل حيران ٿيڻ کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو،
” صاحب ! اهو چا پيا چئو، توهان اياز جي ڪنوار جا ڀاء آهيو......؟ “
” ها پر تون هتي ڪيئن....... ! “
” صاحب ! گھوٽ........ منهنجو مطلب آهي، اياز منهنجو پُٽ آهي. “
اهو ٻڌي عمران ذري گھٽ پنهنجا هوش ئي وڃائي ويٺو، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳو،
”اهو ڇا پيو چوين سچل ! اياز ۽ تنهنجو پُٽ !“
انهي وقت احسان صاحب جنهن پُٽ کي زور زور سان ڪنهن سان ڳالهائيندي ٻڌو ته تڪڙو تڪڙو اوڏانهن وڌيو، عمران جو ڪاوڙ ۾ ڀريل منهن ڏسي هن جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون ،
”عمران ڇا ٿيو آ تون ايڏو جذباتي ڇو پيو ٿين. “
”بابا مون توهان کي چيو هو نه، ته ڏسڻ وائسڻ کان سواء سڱ نه ڪيو..........هي سچل آهي........ منهنجي دوست احمد ڪمال جو ڊرائيور ۽ خدمتگار......نه بابا نه اهو ناممڪن آهي..... اها شادي ڪنهن به صورت ۾ ٿي نه ٿي سگھي. مان ان اصول جو قائل آهيان ته شاديون ۽ رشتا هميشه پنهنجي جوڙ جي ماڻهن سان جوڙجن، نه ڪي ڪنهن ايري غيري سان. مان هنن کي پنهنجو رشتيدار تسليم نه ٿو ڪري سگھان.“
سچل ويچارو چپ چاپ اهو سڀ ڪجھ ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو، هو هن سڄي صورتحال تي ششدر ٿي ويو هو.
احسان پُٽ کي سمجھائڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪري رهيو هو ته هي وقت انهن ڳالهين جو ناهي، نياڻي جي قسمت ۾ جيڪو هو، سو ٿي ويو. ڇا ٿي پيو جو سچل ڊرائيور آهي. محنت مزدوري ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري ٿو. هن انهيء ئي محنت مزدوريء مان پنهنجي اولاد کي اعلي تعليم ڏياري آهي، سندس پُٽ هڪ گزيٽيڊ ملازم آهي. پر عمران پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تي قائم رهيو ته هو اهڙي بي جوڙ مائٽي جو ڪنهن به حالت ۾ قائل ناهي، توهان يا ته ڄڃ کي واپس موٽايو يا پنهنجي پُٽ جي زندگي تان هٿ کڻو. ائين چئي هن کيسي مان پستول ڪڍي کڻي پنهنجي لوندڙيء تي رکيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن اها شادي نه ٿيڻ جو پهرين ئي پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ان ڪري ئي هو مڪمل تياري سان هو ته قدرت به کڻي کيس بهانو مهيا ڪيو، ان سڄي ڊرامي کي اياز پنهنجي موڙن جي اندارن ڏسي رهيو هيو. آخر هن جي سهپ جواب ڏئي وئي، پنهنجي جاء تان اُٿيو، موڙ لاهي ڦٽا ڪيائين ۽ سندن ويجھو اچي چوڻ لڳو،
”اهو سڀ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي، مونکي به اهڙي نيچ سوچ رکندڙ ۽ ڪم ظرف ماڻهن سان رشتو جوڙڻ جو ڪو شوق ڪونهي، مان پنهنجي عظيم پيء، جنهن اسان لاءِ سڀ ڪجھ ڪيو، ان کي ڪنهن به حالت ۾ گھٽ ڪري يا ان جي مانَ ۾ گھٽتائي ڪرائي اها شادي ڪرڻ جو روادار ناهيان. توهان کي توهان جي ڀيڻ ۽ اعلي خاندان مبارڪ........ مردن لاءِ ڪنوارون کوڙ........ پيء کان مٿي ڪير به ڪونهي، مان پنهنجي ماءُ پيء تي فخر ٿو ڪيان هوپنهنجي زندگي جنهن سچائي ۽ ايمانداري سان گذاري ، محنت مزدوري ڪري جنهن رتبي تي مونکي آندو آ، انهن کي مان ائين بي عزت ڪري پنهنجي جذباتي خواهشن کي ڪنهن به صورت ۾ پورو ڪرڻ جو قطعي روادار ناهيان.اڳتي وڌي پيء کي ٻانهه کان جھلي،
بابا هلو.......... مان هڪ منٽ به اهڙي جاء تي ترسڻ نه ٿو چاهيان، جتي منهنجي پيء کي حقير سمجهيو وڃي ۽ حقارت جي نگاه سان ڏٺو وڃي.“
ائين چئي هو اڳتي وڌيو ته سچل پاڻ سان گڏ آيل سڀني مهمانن کي هٿ ٻڌي معافي گھري ۽ احسان صاحب سان مخاطب ٿيو،
”احسان صاحب ! مان معافي طلبگار آهيان، مونکي اها قطعي ڄاڻ
ڪونه هئي ته منهنجي گھرواريء ۽ پُٽ توهان سان سڱابندي ڪئي آهي، عزت افزائي لاءِ مهرباني.“
ڄڃ واپس ٿي ته پنڊال ۾ عجيب افراتفري مچي وئي. عورتن تائين به اهي خبرون پهچي ويون هيون. هنن جي ته ارمانن تي ڄڻ وڄ ڪري هئي، هنن ۾ هڪ ٻئي سان سسُ پُس ۽ اشارن ۾ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ته اخر اهڙو ڇا ٿيو هوندو جو ڄڃ اڃان پهتي ئي مس ته موٽي وئي. ان وقت آمنه اچي سڀني سان معذرت ڪئي. ته سڀني پنهنجا برقعا چادرون سنڀاليون ۽ منهن ڀيلا ڪنديون هليون ويون.
غزل انتهائي انهماڪ (غور) سان نائله جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، جو کيس چانهه جي ٺري وڃڻ جو به هوش نه هو. هن جي چهري جا تاثرات ڏسڻ وٽان هئا. هوء سوچي رهي هئي ته منزل ايترو ويجھو اچي ائين پري ٿي ويندي آهي، خواب ائين به ڀورا ڀورا ٿي ويندا آهن. انسان جي وس ۾ ڪجھ به ناهي، هو ڪهڙي به تدبير ڪري، تقدير جڏهن پنهنجو وار ڪرڻ تي ايندي آهي، ته پوءِ انسان جي هر ڪوشش هر سعي ائين رائگان ٿي ويندي آهي. زرتاج ويچاري........... ! خوشيون ٻه چار قدمن جي مفاصلي تي هيون، ۽ جڏهن کيس خبر پئي هوندي ته هن جي پنهنجن ئي هن کان زندگي جي هر خوشي هر مسرت ائين پنهنجي اَنا ۽ هٺ جي اڏيء تي ٻل چاڙهي ڇڏي ته هوء ڪيئن نه ڀَڳي ڀُري هوندي. خدا اهڙا نصيب ڪنهن جا نه ڪري.
نائله غزل کي ائين سوچن ۾ غرق ڏسي بيڊ تان اُٿي ۽ چانهه جا برتن کڻڻ لڳي.
”آنڻي آپ کي چائي تو بلکل ڻهنڊي هوگئي ، مين دوسري بنا کر لاتي هون.“
”نهين رهني دو مين ويسي بهي زياده گرم نهين پيتي. “
ائين چئي بي دليو هڪ ئي ڍُڪ ۾ ڪوپ خالي ڪري اٿي سامان رڌڻي ۾ رکي آئي. بيڊ تي ويهندي پڇڻ لڳي،
”جب زرتاج کو معلوم هوا هوگا که اس کي خوشيان آتي آتي دروازي سي هي لوٽ گئي هين تو وه تو اس صدمي سي پاگل هو گئي هوگي، اپني ضدي اور خودسر طبعيت کي وجه سي چيخي چِلائي هوگي، هنگامه کهڙا کر ديا هوگا.“
”نهين ايسا کچهه نهين هوا تها، شمع آنڻي بتا رهي تهين که،
”زرتاج بنگلي جي آخري ڪناري واري ڪمري ۾ سينگاريل سنواريل ڪنوار جي روپ ۾ ويٺي هئي، جيڏيون سرتيون ساڻس ڀوڳ چرچا ڪري رهيون هيون، جن کي ٻڌي هوء دل ئي دل ۾ ڪئي ارمان ڪئي آرزوئون لڪايو لبن تي شرمايل مرڪ سجايو خوشين سان سرشار ڪنڌ نمايو ويٺي هئي. هن کي ٻاهر جي سڄي لقاء متعلق ڪابه سُڌ ڪانه هئي، البته دهلن شرناين جا آواز اچڻ بند ٿي ويا هئا. ان وقت آمنه ڪمري ۾ داخل ٿي، ڌيء کي خوشيء ۾ سرشار ڏسي هن جي دل ٻڏڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن تيز ڌار خنجر سندس سيني ۾ ٽنبي ڇڏيو هجي. هن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته کيس ڪيئن ٻڌائي ته سندس پنهنجي ئي ڀاءُ پنهنجي ضد ۽ وڏائي ۾ پنهنجو پاڻ مارڻ جي ڌمڪي ڏئي هن جي ارمانن جو خون ڪري ڇڏيو آهي،هن جي دنيا اجاڙي برباد ڪري ڇڏي آهي. هوء اڃان انهي ٻڏ تر ۾ هئي ته سندس ننڍي ڌيء ايوا اندر آئي ۽ ايندي ئي ڀيڻ کي ڀاڪر پائي زاروقطار روئڻ لڳي. زرتاج هن جي اهڙي حالت ڏسي حيران ٿي وئي، هي ايوا کي آخر اچانڪ ڇا ٿي ويو، ماء ڏانهن نهاريائين، جنهن جي چهري تي عجيب ويچارگي ڏک ۽ پيڙا ڏسي هن جي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا،
”ڇا ٿيو آ، هي ائين ڇو پريشان آهن؟ “
ايوا کي ماڻس گھڻوئي اشارن ۾ خاموش رهڻ لاءِ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايوا ماء جي اشارن ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ روئندي روئندي ٻڌائڻ لڳي،
”آپا! ڄڃ موٽي وئي، ڀائو عمران توهان جي شادي ڀائو اياز سان ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. “
اڃان هن ايترو ئي مَس چيو هو ته زرتاج جي منهن جو رنگ ڦڪو پئجي ويو ۽ بجاء روئڻ جي ڀيڻ کي پاڻ کان پري ڪري، غش کائي پلنگ تي ڪري پئي. ۽ پوءِ کيس ڪو هوش نه رهيو.
آمنه ڊوڙندي ٻاهر آئي ۽ مڙس کي سڏرائي سڄي صورتحال کان آگاه ڪيائين، جنهن ملازم موڪلي ڊاڪٽر کي سڏائي ورتو. ڊاڪٽر سڄي ڳالهه ٻڌي چيو ته هن کي وڏو صدمو رسيو آهي مان سڪون آور سئي هڻان ٿو. پر خيال رهي ته هوء جڏهن هوش ۾ اچي ته ڪير به ساڻس اُن اڻ وڻندڙ واقعي جو ذڪر نه ڪري.
ڊاڪٽر سُئي هنئين ۽ ڪجھ دوائون لکيون ۽ واپس هليو ويو.
سڀئي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويا صرف آمنه سندس ڀرسان ويهي هَنجون هاريندي رهي.۽ سوچيندي رهي ته سندس نياڻي جي خوشين جو قاتل ڪو ٻيو نه هُن جو پنهنجو ئي ڀاءُ آهي، هن کي ذرو به احساس نه ٿيو ته نياڻيء جي ڄڃ هڪ دفعو در تان موٽي وڃي ته نه رڳو خاندان جي عزت تي هميشه جو داغ لڳي ويندو پر، سندس ڀيڻ زنده درغور ٿي ويندي. عمران جيڪڏهن منهنجي ڌيء کي ڪجھ ٿي ويو ته مان ڪڏهن به توکي بخش نه ڪنديس.
اها ڀيانڪ رات آمنه اکين ۾ ڪاٽي هئي. ننڊ هن کان رُسي وئي هئي، پنهنجي نياڻيء جي ارمانن ۽ آرزوئن جي خون تي سندس دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. کيس ڪنهن پل چين نه پئي آيو. خدا، خدا ڪري صبح ٿيو ته ايوا اکيون مهٽيندي ڪمري ۾ داخل ٿي، اها اڃان ڪجھ چوڻ واري هئي ته هن لبن تي آڱر رکي کيس چپ رهڻ جي لاءِ چيو. هوء چپ چاپ ڀر ۾ پيل صوفي تي اچي ويٺي، ان وقت زرتاج اکيون کوليون. ٻنهي ماء ڀيڻ ڏانهن اجنبي نگاهن سان نهاريو ۽ خاموشيء سان اُٿي ويٺي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ جي بجاء سامهون واري ديوار کي هڪ ٽڪ تڪيندي رهي. مٿس سڪتي واري ڪيفيت طاري هئي. آمنه هن جي اهڙي حالت ڏسي نير وهائيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.



ڪئي ڏينهن گذري ويا، ليڪن زرتاج جي ذهني ڪيفيت م ڪو سڌارو نه آيو. بس هوء چپ چاپ يا ته سامهون ڀت کي تڪيندي رهندي هئي يا خلائن ۾ ڪجھ تلاش ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي رهندي هئي. هوء هڪ زنده لاش بنجي وئي هئي. جنهن کي نه ڪنهن خوشيء سان سروڪار هو ۽ نه کيس اها ڄاڻ پئي ٿي ته ڏک ۽ غم ڇا ٿيندا آهن. هر ماڻهو کي اجنبي نگاهن سان نهاري وري خلائن ۾ گُم ٿي ويندي هئي. پاڻي يا سوپ وغيره ڪنهن مهل ماڻس ته ڪنهن مهل ڀيڻس زوري پيارينديون هيون. عمران ان واقعي کان پوءِ واپس پنهنجي نوڪريء تي هليو ويو هو. پڻس ايترو ته شرمسار هو جو هو ساڻس نظرون ملائڻ جي پاڻ ۾ همٿ نه پيو ساري سگھي.ان ڪري هو هن جي ڪمري ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندو هو، ها البته، جڏهن هوء سڪون آور دوائن جي اثر هيٺ آرام ۾ هوندي هئي ته گھڙي ساعت لاءِ اچي کيس ڏسي ويندو هو. لاڏن ڪوڏن سان پاليل پنهنجي نياڻي جي دُکن جو ذميدار هو پاڻ کي سمجھندو هو، هو همت ڪري ها ته اڄ سندس نياڻي ائين دنيا جهان کان بي نياز اکين ۾ ڪئي اجڙيل جهان وسائي ائين جئري لاش جيان نه بنجي وڃي ها.

9

ائين مهينو کن گذري ويو زرتاج جي حالت ۾ صرف ايترو سُڌارو آيو جو هوء پاڻ اٿي واش روم تائين ويندي هئي، ليڪن هوء صرف پنهنجي ڪمري تائين محدود هئي.
هڪ ڏينهن سڀ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف هئا، شام جو وقت هو، ان وقت دروازي جي گھنٽي وڳي، ايوا اُٿي دروازو کوليو ته سامهون، اياز هڪ خوبصورت ڇوڪري، جنهن کي ڪنوار جو وڳو اوڍيل هو، ان سان گڏ بيٺو هو . ايوا هنن کي ڏسي حيران و پريشان ٿي وئي، هوء عجب شش و پنج ۾ هئي ته اياز کيس مخاطب ٿيو،
”ايوا....! اسان کي اندر اچڻ لاءِ نه چوندينء.“
هوء ٻڏ تر ۾ پئجي وئي ته کيس اندر اچڻ لاءِ چوڻ گھرجي يا نه، کيس ڀيڻ جي حالت جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، ننڍي عمر هجڻ باوجود هوء ان کان پوءِ جي صورتحال کي سمجھي رهي هئي، هوء اهو ته سمجھي وئي هئي ته اياز سان گڏ آيل ڪير ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن آپا کي ان جي ڄاڻ پئجي وئي، ته ان جو ردِ عمل ڪهڙو ٿي سگھي ٿو، هوء فيصلو نه پئي ڪري سگھي ته کين اندر اچڻ لاءِ چوي يا نه. دير ٿيڻ تي ماڻس ٻاهر نڪري آئي، هوء به اياز ۽ ڇوڪريء کي ڏسي ششدر ٿي وئي. اياز اڳتي وڌي کيس سلام ڪيو،
”آنٽي اڃان ناراض آهيو ڇا؟ توهان مونکي ٻي حيثيت ۾ ته قبول نه ڪيو، پر پُٽ ته چيو اٿو نه........ ان حيثيت سان مان پنهنجي امڙ کان دعائون وٺڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان. “
آمنه اهو ٻڌي شرمسار ٿي وئي، ۽ کين اندر اچڻ لاءِ رستو ڏنو. ته ٻئي اندر داخل ٿيا. هوء کين وٺي ڊرائينگ روم ۾ آئي، ۽ کين ويهڻ لاءِ چيو. صوفي تي ويهندي اياز کين ٻڌايو ته ،
”آنٽي ! شانو.. منهنجو مطلب آ شبانه منهنجي پري جي ڪزن آهي، حيدرآباد ۾ رهندا آهن سندس والد اليڪٽريڪل انجينئر آهي. شانو گذريل سال ايم بي بي ايس ڪئي آهي توهان کي پنهنجي ننهن ڪيئن لڳي.“
آمنه جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا جن کي اکين ئي اکين ۾ پيئندي پنهنجي جاء تان اٿي ڪنوار کي مٿي تي هٿ رکي سدا سُکي رهڻ جي دعا ڏني،هوء اهو سوچي رهي هئي ته،
”هن سڄي صورتحال ۾ اياز جو ته ڪو قصور ڪونهي، عمران ان ڏينهن جيڪا بي عزتي هنن جي ڪئي هئي، ان کان پوءِ هن جو پنهنجي ونيء سان گڏجي اسان وٽ اچڻ هن جو ئي اعلى ظرف آهي.“
انهي وقت اهو ڪجھ ٿيو جنهن هن خاندان جي زندگيء ۾ زهر ڀري ڇڏيو، هنن جي گھر جو سڄو وايومنڊل ئي بدلجي ويو، ٿيو ائين جو، خبر ئي نه پئي ته زرتاج جيڪا ان پوري عرصي دوران ڪمري کان ٻاهر نه نڪرندي هئي، ڪيئن آهسته آهسته قدمن سان هلندي، ڄڻ هوء ننڊ ۾ هجي، يا ڪا غيبي قوت کيس اوڏانهن گهلي وٺي آئي هجي، هوء اچانڪ ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿي. سامهون ويٺل اياز تي نگاه وڌائين ته سندس اَک مان هڪ لڙڪ لڙي آيو، چهرو درد ۽ پيڙا سبب ڪاراٽجي ويو، ليڪن ٻئي لمحي ڪوري ڪاغذ جيان ٿي ويو. ماڻس کيس ڏٺو ته اُٿي سندس ڏي وڌي، ان وقت اچانڪ سندس نگاه اياز جي ڀر ۾ ويٺل ڪنوار جي وڳي ۾ سينگاريل ڇوڪريء تي پئي.ته ائين لڳو ڄڻ کيس بجلي جو ڪرنٽ لڳو هجي ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿي پئي هجي، هڪ زوردار رڙ ڪيائين ۽ ڊرائينگ روم ۾ رکيل شيون اُڇلائڻ لڳي، پوئتي مڙي زور سان دروازو بند ڪيائين ، وري کولي ڌڙام سان ٻيهر بند ڪيائين. ، سڀ حيران پريشان کيس ڏسندا رهيا ڪنوار ته هيسجي اٿي بيهي رهي، اياز جي حالت به تمام خراب ٿي وئي هئي، منهن ٽامڻي هڻي ويو هوس، هن کي ان سڄي عرصي دوران پوئتي جي حال جي ڪابه خبر نه هئي . هو پنهنجي انا جي جنگ وڙهڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو هو، جو هن ڪڏهن زرتاج جو حال به معلوم ڪرڻ جي ضرورت نه سمجھي هئي. ۽ اڄ هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي پاڻ کي مجرم محسوس ڪرڻ لڳو هو ته هو هن مظلوم ڇوڪريء جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ ڇو هتي پهچي ويو هو. هو اُتي جيتري دير موجود رهيا، زرتاج ڀنڃ ڊاهه ڪندي رهي. آمنه اُٿي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڌڪو ڏئي رڙيون ڪندي ٻاهر نڪري وئي. ٻاهر نڪري به هوء سامهون آيل هر شيء کي اڇلائيندي رڙيون ڪندي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي، ته اياز ڪنوار کي وٺي تيزيء سان ٻاهر نڪري ويو.
اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن سانده ٽي سال گذري ويا آهن زرتاج جي حالت ناهي سڌري، ڪنهن وقت ته بلڪل نارمل لڳندي آهي،ليڪن دورو پوندو اٿس ته وٺي رڙيون ڪري شيون اڇلائيندي آهي. ڪيترا علاج ڪرايا ويا دعا ڦڪيون ڦيڻا، هر حيلو هلايو ويو پر ڪو فرق نه پيو. ڪنهن سندس والد کي ٻڌايو ته ڪراچيء ۾ ذهني بيمارين جا وڏا ڊاڪٽر آهن ٿي، سگھي ٿو ته سندس علاج اُتي ٿي سگھي ان ڪري هو کيس هتي وٺي آيا آهن ۽ هڪ وڏي نفسياتي معالج کان سندس علاج شروع ڪرايو اٿن. “
جيئن جيئن نائله زرتاج جي زندگي جا حالات بيان ڪندي ٿي وئي تيئن تيئن غزل جي دل ڊانوان ڊول ٿيندي پئي وئي. اسان جي ارمانن جو خون ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اسان جا پنهنجا ئي هجن ته پوءِ الزام ڪنهن کي ڏجي. عورت ڪيتري به پڙهي لکي وڃي، ڪيڏي به آزاد ۽ خودمختيار پاڻ کي سمجھي، ليڪن سچ ته اهو آهي ته فيصلا ڪرڻ جو اختيار صرف مرد کي هجي ٿو. پوءِ اهو پيء هجي، ڀاءُ ، جيون ساٿي يا محبوب. عورت ته ڄمڻ کان مرڻ تائين بي اختيار بس هيڏانهن هوڏانهن لوڌجندي پئي وتندي آهي. بي اختيار سندس لبن تي هي شعر اچي ويو
سرجيس تان سور، سامائي تان سُک ويا،
اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا.
اکين ۾ آيل لڙڪن کي رئي جي پلوَ سان اُگھندي، بيد تان اُٿي. نائله اڃا ننڍي ٻار هئي ۽ ڪنهن به ڳالهه جي سنجيدگي کي محسوس نه پئي ڪيائين غزل جي اهڙي حالت کي ڏسي ڪافي پريشان ٿي وئي.
” آنڻي ! کيا هوا، آپ ڻهيک تو هين نا، زرتاج آپي کي روداد سن کر آپ بهت اُداس هوگئي هين نا. بس هم اس کي لئي صرف دعا هي کر سکتي هين که ڪوئي ايسا مسيحا ملي جو اس کو بلکل ڻهيک کردي.“
هوء صرف ايترو چئي سگھي.
” انشا الله “



نائله ته پنهنجي گھر هلي وئي ليڪن غزل جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي. کيس ڪنهن به رشتي تي اعتبار نه رهيو هو. جڏهن اسان پنهنجن جي خوشين جو احساس نه ڪيون، اهو نه سوچيون ته اسان جي هَٺ وڏائي ۽ ڪروڌ سان اسان جا پنهنجا عزيز رشتا اسان کان ائين دور ٿي ويندا، زنده هوندي به جيئڻ جي هر اُمنگ هر حوصلو هاري هن دنيا م رهندي به دنيا کان فراريت جي راه اختيار ڪري ڇڏيندا.. ته پوءِ اهڙن مطلبي ۽ خودغرض رشتن جي اسان جي زندگين ۾ ڪهڙي اهميت باقي رهجي وڃي ٿي. عمران جو به اهڙو ئي حال هو، اڄ زرتاج نه جيئرن م آهي نه مئلن ۾، جيڪڏهن هُن کي اياز جي صورت ۾ خوشيون ملن ها ته عمران جو ڪهڙو نقصان ٿي وڃي ها. ٻئي طرف اياز هو، جنهن زرتاج سان محبت جون دعوائون ڪيون هيون ساڻ جيئڻ ساڻ مرڻ جا وچن ڪيا هئا. ان هڪ گھڙيء لاءِ به اهو نه سوچيو هو ته ڄڃ موٽي وڃڻ سان صرف سندس اَنا مجروح ڪونه ٿي هئي، پر هن سا سلهاڙيل اُن نازڪ نفيس وجود جي به ارمانن جو خون ٿيو هو، سپنا ان جا به وکرجي ويا هئا. هُن ته اها خبر چار وٺڻ جي به ضرورت نه سمجھي هئي ته خواب اڌورا رهجي وڃڻ کان پوءِ زرتاج تي ڇا گذري هوندي. اهو سڀ ٻڌي هوء زنده به هوندي الائي نه، بجاء هن سان حال ڀائي ٿيڻ جي، پنهنجي اَنا جي توهين جو بدلو وٺڻ لاءِ پهچي ويو سندس گھر، ان جي زخمي وجود تي مزيد نمڪ پاشي ڪرڻ . هي صرف مردن جو معاشرو آهي، جنهن ۾ عزت به مردن جي آ، ته اَنا به انهن وٽ آهي، شل نه ان تي ڪو حرف اچي ائين تڙپي ڦٿڪي اُٿندا، ڄڻ ڪنهن سندن ڏکويل رڳ تي پير رکيو هجي. ويچاري عورت نرم و نازڪ وجود باوجود کيس پٿر جي بي جان مورتي سمجهيو ويندو آهي. جنهن وٽ نه احساس ٿي سگھن ٿا نه جذبات . هميشه ان جي ئي سهپ کي آزمائش ۾ وڌو وڃي ٿو.
زرتاج جي دماغي ڀڃ ڊاهه جو جيترو ذميدار سندس ڀاءُ آهي اوتروئي کيس چاهت جي راه ۾ روليندڙ سندس اهو نام نهاد محبوب آهي. وڏو ڏوهاري ڪير آهي. اسان جي هن سماج ۾ انا به صرف مرد جي مجروح ٿئي ٿي، عزت نفس کي ٺيس به اُن کي ئي پهچي ٿي ، عورت کي ته صرف انائن جي سُوريء تي چاڙهيو وڃي ٿو. هن کي هڪ بيجان مورت سمجھي ظلم ۽ دردن جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا. اهو سمجھندي ته نه هن وٽ دل آهي نه ان ۾ ڀريل احساس، ۽ نه هن کي درد به ٿيندو هوندو، جڏهن هن جي آرزوئن کي چيڀاٽيو ويندو. هوء ته بس صبر ۽ سهپ جو پيڪر سمجھي وڃي ٿي، ۽ پوءِ هوءَ پنهنجن ۽ پراون جي ڏنل سُور سهڻ جي شڪتيء جي آخري حد تي پهچي وڃي ٿي ته ان سڀ کان فراريت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ذهني توازن وڃائي پاڻ کي دنيا و مافيها کان دور وٺي وڃي ٿي. جيڪڏهن اياز جنهن زرتاج سان پيار جا پيچ پاتا هئا گڏجي زندگي گھارڻ جا عهد و پيمان ٻَڌا هئا.، ته پوءِ هُن ڇو عمران جي ڪيل زيادتيءَ جو بدلو زرتاج کان ائين ورتو. هوء ته آهستي آهستي زندگيء جي طرف موٽي رهي هئي. ڀلا اگر ڪنهن جي ارمانن جو خون ٿي وڃي، اهو زنده درگور ٿي وڃي، ته بجاءِ ان جي مرتئي تي دلداريء جو سبب بڻججي، ان سان عُذر خواهي ڪجي، نه ڪي پنهنجي شادمانين جي نويد کڻي، انهن جي ناڪامين ۽ نامرادين جو ائين مذاق اُڏائڻ جو سبب مهيا ڪجي.
جيڪڏهن اياز پنهنجي ڪنوار کي وٺي ائين زرتاج جي گھر نه پهچي ها، جيڪڏهن سندس اعلى تعليم يافته ڪنوار کيس ان جي اجازت نه ڏئي ها ته عورت جي نازڪ دل کي وڌيڪ ڀورا ڀورا ڪرڻ ڪيئن ٿو جُڳائي، ته اڄ زرتاج ائين ذهني توازن نه وڃائي ويهي ها، جو نه جيئرن ۾ رهي هئي نه مري ويلن ۾. نه صرف هوء بلڪه پورو خاندان به اڄ اهڙي پيڙا مان گذري رهيو هو. اهو ڪير انهن کان ئي پڇي.
اهڙين ئي سوچن، ۽ پنهنجي اڪيلاين جو عذاب ، غزل کان سَٺو نه ٿي ٿيو.الائي هُن جي زندگيء ۾ به ڇا لکيل آهي، فواد به ڪيتري عرصي کان فون نه ڪئي هئي. پوءِ به هوء سندس انتظار ڪري رهي هئي ته هڪ ڏينهن هو ضرور ايندو ۽ هن جون تنهايون ختم ٿي وينديون.

ڪئي ڏينهن تائين غزل زرتاج جي ان پيڙا کي محسوس ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي هئي هِن جو پنهنجو درد به سوايو ٿي ويو هو. زرتاج جون دانهون ڪوڪون هر وقت سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳنديون هيون ۽ جنهن ڏينهن زرتاج کي دورو پوندو هو، اهو ڏينهن گھارڻ ته هن لاءِ اذيت ناڪ بنجي ويندو هو. هوء هڪ محتاط طبعيت جي عورت هئي. ڪڏهن به ڪنهنجي ذاتي زندگيء ۾ دخل ڏيڻ پسند نه ڪندي هئي.ليڪن غير ارادي طور هوء ان درد ڪهاڻيء ۾ شامل ٿي وئي هئي. هن جي دل شدت سان چاهيو ٿي ته هوء زرتاج سان ملي هن جو ڏُک ونڊڻ جي ڪوشش ڪري پر ڪيئن ...... ؟




هڪ ڏينهن صبح ساڻ آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر ڇانيل هئا، بهار جي موسم ۾ ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھُلي رهي هئي. گھڻن ڏينهن کان پوءِ غزل پنهنجي اندر سرشاري ۽ فرحت محسوس ڪري رهي هئي. شام ڌاري جڏهن هوء انسٽيٽيوٽ کان ٻاهر نڪتي ته هلڪي هلڪي بوندا باندي شروع ٿي وئي، ته هن جي دل تي ڄڻ ڇنڊو پئجي ويو. هوء خوش خوش ٽيڪسي روڪرائي ان ۾ سوار ٿي گھر پهتي، ٽيڪسيء واري کي ڀاڙو ڏئي فارغ ڪري جيئن بنگلي جي گيٽ طرف وڌي، ان وقت گيٽ جي دروازي تي هڪ ٻي ٽيڪسي اچي بيٺي، جنهن مان اڳين سيٽ تان هڪ 15 _ 16 سالن جو نينگر لٿو ۽ پويان هڪ اڌ وهي عورت ۽ ٻي 26_ 27 سالن جي ڇوڪري نمودار ٿي. ڇوڪريء تي نگاه پوندي ئي غزل نظرون هٽائڻ ئي وسري وئي. ڳوري بگي رنگت تکا نيڻ و نقش، گلابي ڳل، البته اکين ۾ عجيب وحشت ۽ بيگانگي هئي، هوء ڇاڪاڻ ته آرٽسٽ هئي، خوبصورت چهرا هن جي ڪمزوري هئا، ان ڪري اهڙي حسين و وجيهه چهري کي ڏسي سندس دل چاهيو ته اُتي بيٺي بيٺي هن جي مورت گھڙي وٺي. ٻئي گيٽ تي موجود هيون. غزل سمجھي وئي هئي ته اهائي آمنه ۽ ڪمپني آهي. هن مرڪي آمنه کي سلام ڪيو، آمنه پهرين ته غور سان کيس ڏٺو، پوءِ سلام جو جواب ڏنو. غزل ويجھو اچي زرتاج سان هٿ ملايو،
”مان غزل ....... هن ئي بنگلي ۾ ايما آپيء جي پي اِنگ گيسٽ آهيان، ۽ ڪافي عرصي کان هتي رهائش پذير آهيان .“
زرتاج هٿ ته ملايو پر ان ۾ عجيب سرد مهري ۽ بي اعتنائيء جو احساس هو، البته آمنه نهايت گرم جوشيء سان ملي. هن پرديس ۽ مخدوش حالات ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ۽ پنهنجائپ جو انداز ، اهڙي ئي ڪنهن دوست جي ملڻ سان طمانيت جو احساس وڌي ويندو آهي. خوش دليء سان مسڪرائيندي چيائين،
”ايما ٻڌايو هو ته توهان سندس گيسٽ روم ۾ رهائش پذير آهيو. هي منهنجي ڌيء زرتاج آهي، توهان سان ملي واقعي طبعيت خوش ٿي وئي. “
”پوءِ ته آپا، اڄ موسم به خوشگوار آهي ۽ توهان سان خوش قسمتي سان ائين ملاقات به ٿي وئي آهي، ته پوءِ پليز ! مونکي خوشي ٿيندي ته توهان هڪ ڪوپ چانهه جو مونسان گڏ شيئر ڪيو. مان اڪيلي اڪيلي چانهه پي، يقين ڪيو سخت بيزار ٿي وئي آهيان.“
غزل جي لهجي ۽ صلاحڻ جي انداز م اهڙي ته پنهنجائپ ۽ خلوص هيو، ۽ هن شايد دل سان چاهيو پئي ته زرتاج جو هڪ جيڏين سان ميل ميلاپ ٿئي، ڇوته ڊاڪٽر هن جي ذهئي دٻاء کي گھٽ ڪرڻ لاءِ سماجي سرگرمين ۾ کيس مشغول رکڻ جي خاص هدايت ڪئي هئي. ان ڪري هن انڪار مناسب نه سمجھو ۽ خوش دليء سان چوڻ لڳي،
”ڇو ڪونه، ماڻهو، ماڻهوء جو کاڄ آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجي اڪيلاين کان بيزار ٿي ويون آهيو ته اسان کي به هتي ڪجھ دوستن جي ساٿ جي ضرورت آهي. ڌيءُ ڏي نهاريندي، زرتاج پُٽ ! ڇا خيال آهي غزل جي دعوت قبول ڪرڻ تي توهان کي ڪو اعتراض ته ڪونهي.“
زرتاج نهايت ئي سرد مهريء سان پهرين ماءُ ۽ پوءِ غزل ڏانهن نهاريو، هن جي نهار ۾ هزارين درد، پيڙائون ۽ حسرتون سمايل هيون غزل جي دل ٻڏڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن اندر ۾ ڪاتيء سان وڍ ڏئي وڌا هجن، هوء ته پاڻ دردن جي ماريل هئي. ليڪن هن همٿ ڪري هن من موهڻي ڇوڪريء جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليا ۽ نرم انداز سان مرڪي ڏانهس نهاريندي چوڻ لڳي،
”مس زرتاج سڀ چوندا آهن ته مان چانهه ڏاڍي سُٺي ٺاهيندي آهيان ڏسو نه، موسم ڪيڏي نه خوبصورت آهي، ان ۾ گرم گرم پڪوڙا ۽ چانهه جو مزو يقيناَ توهان کي ايندو.“
هوء سندس هٿن کي نرميء سان دٻائيندي سندس اکين ۾نهارڻ لڳي، ته زرتاج به هن جي هٿن جي نرم، دوستانه ۽ محبت ڀرئي ڇهاء کي محسوس ڪندي پاڻ کي بهتر محسوس ڪرڻ لڳي ۽ خبر ناهي ڪهڙي جذبي تحت غزل سان گڏ اڳتي هلڻ لڳي ته آمنه جي مُک تي اطمينان جي لهر ڊوڙي وئي. هن رضا کي چاٻيون ڏنيون ته گھر هلي ۽ پاڻ غزل جي پورشن طرف وڌڻ لڳي. غزل ٻاهريون در کوليو ۽ ٽئي ڪمري ۾ داخل ٿيون. زرتاج ڪمري ۾ داخل ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، غزل جو ڪمرو نهايت فنڪاراڻه انداز سان سينگاريل هو. جنهن کي ڏسي زرتاج جي چهري تي ٿوري دير لاءِ هڪ خوشگوار تبديلي جو تاثر اُجاگر ٿيو، ليڪن ٻئي لمحي غائب ٿي ويو. هوء اڳتي وڌي چپ چاپ صوفي تي ويهي رهي. غزل ، امنه کي به ويهڻ لاءِ چئي هينڊ بيگ ميز تي رکي، ڪچن ڏانهن وڌي وئي. جيڪو روم کان ٻاهر اوپن پئسيج ۾ هو. گرم گرم پڪوڙا ۽ ڪباب تري اچي ميز تي رکيائين، خالي پليٽون سندن هٿن ۾ ڏئي کين ڪجھ کڻڻ جي صلاح ڪئي، آمنه ڪجھ پڪوڙا ۽ ڪباب پليٽ ۾ وجھي زرتاج ڏي وڌايا ته هن پليٽ پري ڪندي پنهنجي هٿ ۾ جھليل پليٽ ۾ ڪباب کنيو ۽ کائڻ لڳي، هن ايتري دير ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. ليڪن ڪباب کائيندي چوڻ لڳي،
”توهان شايد پنهنجو نالو غزل ٻڌايو هو، ....... ها ته، غزل توهان ڪباب پاڻ ٺاهيا آهن ؟ واقعي ڏاڍا مزيدار آهن.“
اهو چوندي هن جو چهرو هر قسم جي احساسات کان وانجھيل هو. غزل هن جي تبصري تي مسڪرائي چوڻ لڳي،
”ها، اهي مون ئي ٺاهيا آهن، توهان کي پسند آيا، ان لاءِ مون کي خوشي ٿي، ڄڻ منهنجي محنت ساب ٿي . جڏهن ڪير ڪنهن جي ٺاهيل شين کي ائين ساراهيندو آهي نه، ته ، هُن جي حوصله افزائي ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن ساراهيندڙ توهان جهڙي حسين ۽ پياري هستي هجي، ته سون تي سهاڳو ٿي پوندو آهي. “
پنهنجي خوبصورتيء جي تعريف ٻڌي زرتاج جي چهري تي عجيب حسرت، ياسيت ۽ اُداسي ڇانئجي وئي، غزل هن جي چهري جي بدلجندڙ تاثرات کي محسوس ڪندي ڳالهه مٽائيندي چوڻ لڳي،
”آپا توهان جي زرتاج ڏاڍي پياري آهي، توهان سان مون پنهنجو مڪمل تعارف ته ڪرايو ئي نه.، دراصل مان هڪ فنڪاره آهيان ، هتي ڪراچي جي هڪ انسٽيٽيوٽ ۾گذريل ٽن سالن کان مجسمه سازي جي سکيا ڏيندي آهيان زرتاج اهڙي ته من موهڻي آهي جو کيس ڏسندي ئي دل چيو ته کيس آڏو ويهاري سندس مجسمو گھڙي وٺان. “
زرتاج هنن ڳالهين کان لاتعلق ٿيو ڪباب ۽ پڪوڙن سان شُغل ڪندي رهي، ڄڻ هن سڄي گفتگوء سان هن جو ڪو سروڪار ئي نه هجي. البته آمنه اهو ٻڌي لبن تي خوشگوار مرڪ آڻيندي چيو،
”واه ! ته توهان مجسمه ساز آهيو، پوءِ ته توهان پنهنجي ڪاليج ۾ کوڙ ساريون مورتيون گھڙيون هونديون. ڪڏهن اسان کي به توهان پنهنجا گھڙيل فن پاره ڏيکاريو نه.“
”ڇو ڪونه، جڏهن اوهان جي دل چوي اچي وڃجو مان توهان کي ائڊريس ڏئي ڇڏيندس.“
اهو چئي هوء چانهه ٺاهڻ لاءِ اٿي وئي ته آمنه پيار ڀرئي انداز ۾ زرتاج کي چوڻ لڳي،
”پوءِ ڪڏهن هلون نه غزل جا ٺهيل مجسمه ڏسڻ .“
زرتاج ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، پر هميشه جيان ڪو ردِ عمل به ظاهر نه ڪيو ڄڻ هوء نيم رضامند هجي.
آمنه به کيس وڌيڪ زور نه ڀريو، متان سندس ذهن تي ڪو دٻاء نه پوي. چانهه پئندي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون ، زرتاج به ڪنهن ڪنهن مهل هون هان ۾ جواب ڏيندي رهي، سج لهڻ مهل هو موڪلائي پنهنجي پورشن ڏانهن روانيون ٿيون.
ان ڏينهن کان پوءِ ڪابه قابلِ ذڪر ڳالهه ڪانه ٿي. زرتاج جو علاج هلي رهيو هو ۽ هاڻي سندن پورشن مان رڙين ۽ آوازن ۾ به وقفه وڌندا رهيا. ليڪن ائين به نه هو ته بلڪل ختم ٿي ويا هجن. غزل ڪڏهن ڪڏهن از راهِ همدردي آمنه وارن ڏانهن گھڙي ساعت لاءِ چڪر هڻندي هئي. پر زرتاج گھڙي سوا ساڻس ويهي اُٿي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي. مٿئين پورشن ۾ به ٻه ڪمرا ۽ لائونج هو. آمنه ئي هن لاءِ چانهه ٺاهي ايندي هئي.

 

10

ائين ڏينهن گذرندا ويا، فواد جو نه ڪو فون آيو ۽ نه ڪا خبر چار. ڇهه مهينه هن فواد جي بغير ڪيئن گذاريا، رڳو آهن ۽ دانهن ۾ پرين پرڀات ڪيئن گُذري، جي مصداق. هوء هاڻي بلڪل مايوس ٿي وئي هئي. فواد ڪو واعدو به ته ڪونه ڪري ويو هوجو ان تي بيوفائي جو الزام ڌرجي. بس انتظار ڪرڻ جو چيو هئائين، ۽ هوء انتظار ڪري ڪري مايوس ٿي وئي هئي. هن وٽ دل بهلائڻ لاءِ ٻيو ڪجھ هيو به ته ڪونه، اڪيلايون ۽ صرف اڪيلايون. ڪڏهن ڪڏهن گھران فون اچي ويندي هئس ته گھڙي پل لاءِ دل جو ڪجھ درمان ٿي ويندو هئس. هڪ ڏينهن اهڙين ئي سوچن م اُداس ويٺي هئي، ته اچانڪ فون جي گھنٽي وڳي ته بي دلي سان فون کڻي ڏٺائين.، نامعلوم نمبر هو، پهرين ته دل چيس ته فون نه کڻي پر مسلسل گھنٽي وڄندي رهي ته مجبور ٿي کنيائين ته ٻئي طرف فواد جو آواز ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس، فواد وڌيڪ ڪجھ ڳالهائڻ کان گريز ڪندي صرف ايترو چيو ته هو ٻاهر سندس انتظار پيو ڪري جلدي اچي. اهو چوندي فون بند ڪري ڇڏيائين هوء حيران پريشان فون سيٽ ڏي ڏسندي رهي، کيس يقين نه پئي آيو ته فواد ائين اچانڪ فون ڪئي آهي. ڪاٿي اهو هن جو وهم ته ناهي، ڪاٿي ڪنهن فواد جي آواز ۾ مذاق ته ناهي ڪئي. اڄ ڏينهن تائين فواد ڪڏهن به سندس رهائش گاه تائين نه آيو هو ۽ اڄ اوچتو ايتري عرصي کان پوءِ ۽ اهو به سندس رهائش گاه تي. بي يقينيء جي ڪيفيت ۾ هن اهو نمبر بيڪ رِنگ ڪيو ته ٻئي طرف فواد ئي هو.
”ڇو ؟ ڇا ٿيو، اچو ڪونه ٿا ڇا. ؟ “
”دراصل مونکي يقين نه پئي ايو ته ائين اچانڪ ۽ اهو به هتي منهنجي گھر تائين توهان ڪيئن پهچي ويا. “
”اڃان پڇو پيا، مان ساڳي گھٽيء ۾ پاسي تي بيٺو آهيان جتي هميشه توهان کي ڇڏيندو آهيان. جلدي نڪري اچو، ڊنر ڪرڻ لاءِ هلڻو آهي “ .
غزل جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري وئي، گھٽيء جي پاسي تي فواد سلور ڪلر جي ڪرولا کي ٽيڪ ڏيو هن جو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي پري کان ايندو ڏسي هٿ لوڏي اشارو ڪيائين، هوء سڌي گاڏيء ڏانهن وڌي وئي، نگاهن ۾ هزارين شڪوه شڪايتون سانڍيو در کولي گاڏيء ۾ وڃي ويٺي. ته فواد به ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي، ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌي ويو. هوءَ ناراضگي جي انداز ۾ چپ چاپ رئي جي پلوَ کي مروڙي رهي هئي، هڪ لفظ به نه ڳالهايائين ته فواد ئي خاموشيء کي ٽوڙيو،
”نه حال نه احوال، ايتري عرصي کان پوءِ مليا آهيون، ڪجھ ته آدابِ ملاقات ٿيندا آهن.“
هوء پوءِ به خاموش، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي بي مقصد ڏسندي رهي. ناراضگي جتائڻ جو اهو به هڪ خوبصورت انداز آهي. کيس چيڙائڻ خاطر رومانٽڪ انداز ۾ چوڻ لڳو.
”ڀلا انهن ڇهن مهينن ۾ توهان اسان جي ڪا حسين مورت ته ضرور گھڙي هوندي. پهرين ته خيالن جي دنيا ۾ رهي، اسان کي وجود ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻي ته اسان جي زنده جاويد موجودگي ضرور انسپائريشن ڏني هوندي ۽ يقيناَ توهان جي هنن مخروطي آڱرين جي جنبش سان اسان جو ڪو نهايت دلڪش شاهڪار سرجي تيار ٿيو هوندو، پوءِ ڪڏهن ٿا اسان کي اسانجو پاڻ تحفي ۾ ڏيو.“
اهو ٻڌي غزل جي صبر جو مادو لبريز ٿي ويو. اکين مان نير لارون ڪري وهڻ لڳا. ايتري عرصي جو اندر ۾ سانڍيل غُبار سڏڪا بنجي ٻاهر نڪتو ، ڊيش بورڊ تي مٿو رکي سڏڪندي رهي، فواد به هن کي اندر جو اوٻر ڪڍڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. هوء به سڏڪندي سڏڪندي چپ ٿي وئي ڪجھ ئي دير ۾ هن پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي مٿو مٿي کنيو ۽ رئي جي پلوَ سان ڳوڙها اُگھندي سڌي ٿي ويهي رهي. پر پوءِ به ڪجھ نه چيائين، فواد به چپ چاپ گاڏي ڊرائيو ڪندو رهيو. هن گاڏي هڪ چائنيز ريسٽورينٽ جي سامهون روڪي. گاڏيء مان لهي ٻئي پاسي اچي هن جو در کوليو،
”بس هاڻي معافي، اچو ٻاهر اچو، ريئلي آءِ ايم سوري. “
غزل نه چاهڻ باوجود ٻاهر نڪري آئي ۽ هو ريسٽورينٽ طرف وڌي ويا. ريسٽوران ۾ ڪافي رش هئي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڪنڊ ۾ پيل هڪ خالي ميز ڏانهن وڌي ويا. هنن جي ويهڻ جي ڪجھ دير کان پوءِ ويٽر آرڊر وٺڻ آيو، ته فواد پنهنجي پسند جا هڪ ٻه آئٽم آڻڻ لاءِ چيا، رکيل بوتل مان گلاس ڀري غزل ڏانهن وڌايو،
”ڇڏيو ڪاوڙ کي، هي وٺو پاڻي پيو، اهو ڪافي ناهي ته مان واپس اچي ويو آهيان ۽ توهان سان گڏ ويٺو آهيان. “
غزل پاڻي پي ڪجھ سامت ۾ آئي ۽ ڏکاري لهجي ۾ چيائين،
”توهان آخر ڪيستائين منهنجي صبر کي آزمائش ۾ وجھندئو، ٺيڪ آ توهان مصروف هوندئو، ليڪن فون جو نمبر به مٽائي ڇڏيندا، اهو ڪٿان جو انصاف آهي. توهان جي جھلڻ جي باوجود مون ڪئي دفعه توهان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن هر دفعي نمبر بند مليو.“
”جناب اهو ان ڪري جو مان هتان جو نمبر هتي ئي بند ڪرائي ويندو آهيان. تڏهن ئي توهان کي جھليندو آهيان ته فون نه ڪندا ڪيو.“ غزل کي سندس اها منطق سمجھ ۾ نه آئي، ليڪن بحث فضول سمجھندي اهو سوچي ماٺ ٿي وئي ته آخر هن سان ڪهڙي حق سان باز پُرس ( پڇاڻو) ڪيان. هن جي ۽ منهنجي وچ م ڪهڙو ناتو آهي، جنهن مونکي اهو حق ڏنو هجي. مون جڏهن به مستقبل جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيو، هن منهنجي حوصلا افزائي ڪانه ڪئي. ڪو واعدو ڪو عهد و پيمان، ڪجھ به ته نه ٿيو آ اسان جي درميان ، پوءِ ڪنهن ماڻهوء کي زور بار ڪرڻ مان ڇا حاصل. پر اهو به ته درست ناهي ته مان هڪ اهڙي آسري ۾ انتظار ڪندي رهان، ته نيٺ ته هو اسان جي آئيندي جي باري ۾ ڪو سنجيده فيصلو ڪندو، ڇا هو هر دفعي ايندو مونسان چند مهينا وقت گذاريندو ۽ پوءِ هڪ نئين آس، واپس ورڻ جي ڏئي، گم ٿي ويندو ۽ پوءِ ڪئي مهينن کان پوءِ پيو منهن ڏيکاريندو.“
عورت به ڪهڙي نه لاچار ۽ بيوس آهي، جو چاهڻ باوجود پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجي خواهشن جو اظهار ايستائين نه ٿي ڪري سگھي، جيستائين مرد پيش قدمي نه ڪري. قدرت اهو حق صرف مرد کي ڇو ڏنو آهي، وڻيس ته عورت جي نه چاهڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏهن به سندس رستا روڪ ڪري پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري، ڀلي عورت اهو سڀ ڪجھ نه به چاهيندي هجي، ۽ هن جي خواهشن آڏو جيڪڏهن هوء جرئت ڪري بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ته هو برهم ٿي ڪو نه ڪو انتهائي قدم کڻي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ آتو ٿي وڃي،ڪڏهن زور زبردستي ته ڪڏهن وس نه هلڻ جي صورت ۾ کيس تباه و برباد ڪري ڇڏي. پر عورت پنهنجي چاهتن پنهنجي خواهشن جي اظهار ۾ خود مختيار ناهي هوندي. هوء دل ئي دل ۾ ڀَڄندي ڀُرندي ، سڙندي پڄرندي رهندي آهي،حيا رڪاوٽ هوندو آهي ۽ دل جو سور دل ۾ ئي سانڍيو ماٺ ڪيو ان وقت جو انتظار ڪندي رهندي آهي، جڏهن سندس چاهتن جو مرڪز پاڻ اڳتي وڌي هن جو هٿ نه جھلي وٺي. اسان جي هن معاشري ڪيڏا نه ٻٽا معيار ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته مذهب عورت ۽ مرد ٻنهي کي جيون ساٿي جو انتخاب ڪرن جو هڪ جيترو حق ڏنو آهي. اهو سڀ سوچيندي غزل جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي. هوء انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته فواد هٿ وڌائي سندس هٿ جھلي چوڻ لڳو،
”ڪهڙين سوچن ۾ گم ٿي ويا آهيو، جيڪو وقت مليوآهي ان کي کوٽو ڇو ٿا ڪريو، پليز! زندگيء کي انجواء ڪرڻ سکو. جيترو وقت ملي انسان خوش گذاري، هروڀرو قنوطيت(مايوسي) ظاري ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو.“
فواد جي اهڙي ڳالهه تي غزل جي اندر ۾ عجيب بي وسيء جو احساس پيدا ٿيو. فواد ۽ هوء ايترو ويجھا هوندي به هڪ ٻئي کان احساساتي طور ڪيترا دور هئا. جو نه هو هن جي دل جي حالت کي محسوس ڪري رهيو هو ۽ نه سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
انهي وقت ويٽر اسٽارٽر طور گرم گرم پران سُوپ ۽ ڪريڪرس سندن آڏو آڻي رکيا، ته غزل به پنهنجي جذباتي ڪيفيت کي قابو ڪرڻ لاءِ بوتل مان پاڻي کڻي پيڻ لڳي. سوپ پئندي ٻئي رسمي طور ڳالهائيندا به رهيا. ڊنر آئي ۽ غزل بي دليو کائيندي رهي، البته فواد ڪافي هشاش بشاش پئي لڳو. ماني کائي بل ادا ڪري ٻئي ٻاهر نڪري آيا.
زندگي پنهنجي عام رواجي انداز سان روان دوان هئي، هر هفتي جي خاتمي تي فواد غزل جي اداري جي گيٽ تي ايندو هو ٻئي پنهنجون شامون پُر لطف ۽ پُر تڪلف انداز ۾ گُذاريندا هئا، ڪڏهن ڪنهن ريسٽوران ۾ شام جي چانهه يا رات جي ماني گڏجي کاڌائون جنهن جو بل اڪثر ڪري غزل ادا ڪندي هئي، ڪڏهن ڪنهن تفريحي مقام تي وقت گذاريندا هئا. انهي دوران نه فواد جي طرفان ڪا پيشبندي ٿي، ڪا آس ڏياري وئي، نه ئي غزل مستقبل جي باري ۾ ڪجھ چوڻ مناسب سمجھيو،نه همٿ ٿي جيتوڻيڪ هوء سمجهي رهي هئي ته وقت مُٺ جي واريء وانگر سندس هٿن مان نڪرندو پيو وڃي.ليڪن هوء پنهنجي محبت آڏو بيوس هئي، هوء فواد کان علحدگي جو تصور به ڪري نه ٿي سگھي، هن نه ٿي چاهيو ته فواد گھڻو زور ڀرڻ تي متان چڙي اهو ملڻ به ڇڏي ڏئي، ان بيوسيء جي عالم ۾ بس زندگي جا ڏهاڙا جيئن تيئن گذرندا پئي ويا. البته هن دفعي ايترو ضرور ٿيو جو اهو پُر اسرار فون آيو ٿي ته فواد پريشان ڪونه پئي ٿيو، بس ٿورو پر ڀرو وڃي ڳالهائي موٽي آيو ٿي، ائين پئي لڳو ته هن دفعي فون ڪرڻ واري ۽ فواد ۾ معاملا طيء ٿي ويا هجن يا ڪو سمجھوتو ٿي ويو هجي. فواد به ڪافي مطمئن لڳو ٿي. ائين وقت پر لڳائي گذري ويو ۽ اها گھڙي به اچي پهتي جڏهن فواد جي واپسي ٿيڻي هئي. هڪ ڏينهن شام جو هوء جيئن ئي گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته فواد گاڏيء کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، ليڪن هن جي چهري تي پريشانيء جا آثار نمايان هئا. فواد کي اهڙي موڊ ۾ غزل هن کان اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هو ته هميشه کلندو مسڪرائيندو رهندو هو. يقينا” ڪا ڳالهه ضرور آهي جنهن کيس ائين ملول ڪري وڌو آهي. پر ڪهڙي ڳالهه ٿي هوندي، کيس پُڇڻ گھرجي الائي نه. اهو سڀ سوچيندي هوء سندس ويجھو اچي پهتي ته فواد ڪجھ چئي بغير ڦري اچي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ته هوء به بئي طرف در کولي ويهي رهي. انهيء دوران فواد خاموش رهيو ته هن جي اها حالت غزل کان سَٺي نه ٿي ۽ همٿ ڪري پڇي ويٺي،
”ڪجھه منڌل منڌل پيا ڀاسيو، ڪجھ ٿيو آهي ڇا. “
”نه ، ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، بس ائين ئي ڪجھه ڪاروباري معاملا پيا ٿيندا آهن . “
”پر توهان اڳ۾ ته ڪڏهن ائين پريشان ناهيو ٿيندا، ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي ڇا، توهان مونسان شيئر ڪندا ته مونکي اطمينان ٿيندو.“
”نه غزل اهڙو ڪو مسئلو ناهي، توهان اطمينان رکو، مان سيٽل ڪري وٺندس. توهان هروڀرو پيا پريشان ٿيو. “
”ايترو عرصو گڏ رهڻ باوجود به توهان شايد مونکي پنهنجو نه ٿا سمجھو، مون هن کان پهرين ڪڏهن به توهان کي اهڙي موڊَ ۾ ناهي ڏٺو، ان ڪري ئي من ۾ عجيب هورا کورا پئي ٿئي.“
فواد ته دل سان چاهيو پئي ته غزل پاڻ اڳتي وڌي کيس مدد جي آفر ڏئي، پر هن پنهنجي دل جي ڳالهه ظاهر ڪرڻ نه ٿي چاهي، البته هن جي موڊ ۾ ڪابه تبديلي ڪونه آئي ۽ خاموشيء سان ڊرائيونگ ڪندو رهيو. آخرڪار هن سمنڊ ڪناري هڪ نسبتا” الڳ ٿلڳ جڳهه تي اچي گاڏي روڪي، ليڪن ڪافي دير تائين سوچن ۾ گم گاڏيء ۾ ويٺو رهيو، ۽ بي مقصد سمنڊ جي ايندڙ ويندڙ ڇولين کي گھوريندو رهيو، غزل غور سان سندس ان ڪيفيت جو مشاهدو ڪندي رهي، هن جي دل ۾ ڪئي قسمن جا انديشا ۽ وسوسا جنم وٺي رهيا هئا. هميشه خوش باش رهڻ وارو شخص آخر ڪهڙي مشڪل جي وَرِ چڙهي ويو آهي. گھڻي دير گذري وئي ليڪن فواد جي خاموشي برقرار رهي ته غزل کان رهيو نه ٿيو، زندگيء ۾ پهريون ڀيرو نهايت پنهنجائپ ڀرئي انداز ۾ هن جو هٿ جھلي چوڻ لڳي.
”فواد ڏسو ! اسان هاڻي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ناهيون رهيا، گھٽ ۾ گھٽ ان ناتي توهان مونکي ايترو حق ته ڏئي سگھو ٿا، ته مان توهانجي ڪنهن مشڪل گھڙيء ۾ توهان جو ساٿ ڏئي سگھان. پر جيڪڏهن اها منهنجي وس ۾ نه به هجي، تڏهن به چوندا آهن ته ٻه ته ٻارنهن، پنهنجي تڪليف مونسان شيئر ڪندا ته ٿي سگھي ٿو ته توهان جي دل جو بار هلڪو ٿي پوي.“
فواد به اصل ۾ اهوئي چاهيو پئي ته هوء کيس پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪري. آخر گھڻي پس و پيش کان پوءِ هن هٻڪندي چوڻ شروع ڪيو،
”دراصل مون توهان کي پنهنجي ڪاروباري الجھنن کان دور رکڻ پئي چاهيو، پر جي توهان ايتروئي بضد آهيو ته مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس ته ڪجھ ڏينهن پهرين مون جيڪا ڪنسائنمينٽ شارجه موڪلي هئي، اها مال ناقص هجن جو چئي رجيڪٽ ڪئي وئي آهي، مان حيران آهيان ته ائين ڇو ٿيو، ليڪن مونکي هاڻي اهو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هڪ وڏي رقم درڪار آهي. منهنجا پئسه ڪئي هنڌن تي ڦاٿل آهن، جيڪي جلدي ملڻ مشڪل آهن ۽ ڪاروباري ساک کي قائم رکڻ لاءِ مونکي ڪنهن به نموني نئون مال ڊليور ڪرڻوپوندو جنهن لاءِ وڏي رقم جي ضرورت پوندي، ان لاءِ ڪجھ پريشان هوس. ٿڌو سان ڀريندي ڦڪي مرڪ مرڪندي، خير توهان فڪر نه ڪيو، مان ڪوشش ڪيان پيو، ٿي ويندو ڪو نه ڪو بندوبست. “
غزل جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته فواد کي ڪا مالي اُلجھن ٿي سگھي ٿي. هوء ته هميشه کيس سُکيو ستابو ۽ خوش حال سمجھندي هئي، پر ڪاروباري دنيا ۾ اهڙا لاها چاڙها ايندا رهندا آهن ۽ اهڙا ڪاوباري ماڻهو ڪڏهن ڀريء ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندا آهن، پر اهڙي صورت حال ۾ هوء فواد لاءِ ڇا ٿي ڪري سگھي. هو عجيب ٻڏ تر ۾ اچي ڦاٿي هئي، ڊاڙ ته هڻي ويٺي هئي ته هوء فواد جي پريشانيء ۾ سندس مدد ڪرڻ ٿي چاهي، پر فواد کي الائي ڪيتري رقم جي گھرج آهي. ان جو کيس ڪو اندازو ڪونه هئو. آخر گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ هوء فواد جو هٿ جھلي نهايت نرميء سان دٻائيندي چوڻ لڳي،
”ڪيتري رقم مان توهان جو اهو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، شايد مان ان ۾ ڪجھ شيئر ڪري سگھان. “
اهو ٻڌي فواد فورا” پنهنجو هٿ سندس هٿ تي رکي چوڻ لڳو،
”اهو ڇا پئي چوين ، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، مان توکان اهڙي ڪابه مدد قبول نه ٿو سگھان، توهان ڳڻتي نه ڪيو، ڪٿان نه ڪٿان بندوبست ٿي ئي ويندو. “
غزل جيڪا ورهين کان پنهنجي من مندر ۾ هڪ مورت سجايو ان جي پرستش ڪندي رهي هئي، اها ڀلا هن مشڪل گھڙِي ۾ پنهنجي ديوتا جهڙي محب جو ساٿ ڏيڻ کان پاڻ کي ڪيئن پوئتي رکي پئي سگھي. نهايت ڳنڀير لهجي ۾ چوڻ لڳي.
”ڏسو فواد !اهڙي وقت ۾ هڪ دوست، هڪ محبت ڪرڻ وارو ئي ساٿ ڏئي سگھي ٿو. مان توهان جي ڪجھ گھڻي ته نه پر جيڪو منهنجو حال آهي، مان توهان جي ڪم آيس ته پاڻ کي نصيبن واري سمجھنديس. پليز ٻڌايو........... “
فواد ڏٺو ته هوء نهايت سولائي سان هن جي بنا گھرڻ جي ئي هن جي دلي مراد پوري ڪرڻ لاءِ آتي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي هٽڻ واري ناهي ته همٿ ڪندي چئي ڏنو ته کيس فوري طور تي ڏهه لک روپيه گھربل آهن.
ايتري رقم جو ٻڌي غزل جون ته وايون بتال ٿي ويون، دل ٻڏڻ لڳي. هن سوچيو به نه هو ته هُن کي ايڏي وڏي رقم جي ضرورت پئجي سگھي ٿي، هوء سوچ ۾ پئجي وئي، هن وٽ وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي لک روپيه اڪائونٽ ۾ هوندا، جيڪي ڪئي سالن کان هن بچت ڪري ڏک سُک ۾ ڪم اچڻ لاءِ پاسيرا ڪري رکيا هئا، ڪجھ زيور هئا جيڪي به ٻن لکن کان مٿي نه ٿيندا. جذبات ۾ اچي هوء وڏي هام ته هڻي ويٺي هئي پر کيس اندازو نه هو ته فواد کي ايڏي گھڻي لاچاري هوندي.
فواد چور نگاهن سان هن جي چهري جي لاهن چاڙهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو هن جي لٿل منهن کي ڏسندي هن کي پنهنجو داءُ ناڪام ٿيندي لڳي رهيو هو. آخر گھڻي دير ٿي وئي ته هن ئي خاموشيء کي ٽوڙيو،
”غزل ڪهڙي مونجھاري ۾ اچي پيا آهيو، مون توهان کي چيو به هو نه، ته فڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، مان ڪوشش ڪريان پيو رب سڻائي ڪندو. “
اهو ٻڌي غزل اندر ئي اندر ۾ شرمساري محسوس ڪري رهي هئي هاڻي ته اهو مثال صادق پئي ٿيو ته ” نه ڳهيو وڃي نه اوڳاڇيو وڃي.“ جيڪڏهن هوء انڪاري ٿي ٿئي ته ڪانياري ٿي ٿئي، ۽ چاهڻ جي باوجود به هن وٽ ايترو پس انداز ٿيل ڪونه هو جو پنهنجي پرستش ڪرڻ جهڙي محبوب جي پريشانيء جو سامان ڪري سگھي، آخر گھڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ وچ وارو رستو ڪڍڻ ۾ ئي عافيت ڀانيائين.
”نه فواد ! اهڙي ڳالهه ناهي، در اصل مونکي اندازو نه هو ته ڪو توهان کي ايتري رقم جي گھرج آهي، مان ايتري رقم جو بندوبست ته نه ڪري سگھنديس، ها البته ٽي کان چار تائين شايد ٿي ويندا، جيڪڏهن توهان چئو ته مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ توهان کي ڏئي سگھان ٿي. بلڪه چئو به ڇو، توهان جي مدد ڪندي مان پاڻ کي خوش نصيب سمجھنديس، محبتون ڪرڻ وارن لاءِ هميشه پنهنجي دل کي ڪشادو رکڻ گھرجي، مونکي ته ان ڳالهه جو ڏک پيو ٿئي ته مان توهان جو مسئلو پوري طرح حل ڪرڻ جي قابل ڇو ڪونه آهيان .“
فواد ايترو به غنيمت سمجھيو،
”ٺيڪ آ توهان دل نه لاهيو، جيڪڏهن توهان ايترو ئي بضد آهيو ته پوءِ توهان پنهنجي دل جي خوشيء لاءِ جيترو ممڪن آهي انتظام ڪري وٺجو باقي مان پاڻ ڪونه ڪو بِلو ڪري وٺندس. اهو به مان توهان جي دل جي خوشيء لاءِ ئي چوان پيو، ورنه ڪا مجبوري ناهي، ڪونه ڪو بندوبست ڪري وٺان ها.“
غزل شرمساري واري لهجي ۾ چوڻ لڳي،
”توهان يقين ڪيو مان چاهڻ جي باوجود توهان جي پريشاني جو مڪمل طور تي ازالو ڪرڻ کان قاصر آهيان، جنهن لاءِ مان شرمسار آهيان.“
فواد سندس ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھلي جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳو،
”غزل تون اهو ڇا پئي چوين، شرمساري ته مونکي پئي ٿئي، دوستيء ۾ اوڌر وٺڻ دوستي جي قينچي هوندي آهي، بهرحال مان جلد توهان جي اها اوڌر لاهڻ جي ڪوشش ڪندس. “
اهو طئي ٿي ويو ته جيئن بئنڪون کلنديون غزل رقم ڪڍرائي کيس ڏيندي. ان کان پوءِ فواد جي چهري تي به ڪجھ رونق اچي وئي ، ٻئي ڄڻا گھڻي دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا، غزل کي محسوس ٿي رهيو هو ته اڃ فواد جي لهجي ۾ هن لاءِ کوڙ ساري محبت جي چاشني هئي، پنهنجائپ ڀريو انداز هو. نگاهن جو بدليل انداز هو، جنهن ۾ عجب سرشاري هئي. هوء سوچي رهي هئي ته جيڪڏهن هوء ڪجھ ڏئي پنهنجي لاءِ محبتون حاصل ڪري سگھي ٿي ته اهو گھاٽي جو سودو ناهي، هوء ته سدائين محبتن جي متلاشي رهي هئي، پر ڪنهن ڪڏهن کيس نه سمجھيو هو هوء سدائين ان اوسيئڙي ۾ رهندي پئي آئي تن ڪو ته هوندو جيڪو هڪ ڏينهن هن جي آڏو اچي بيهندو ۽ کيس چوندو ڏس غزل ! اهو مان ئي ته آهيان تنهنجا سڀ ڏک سور، تنهنجون ازلي تنهايون، تنهنجون اُداسيون تنهنجون آرزوئون، تنهنجي سڀني جذبن کي پنهنجي سيني اندر سانڍڻ لاءِ، تنهنجي زندگي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو آهيان. هوء ته ازل کان محبتن جي متلاشي هئي. پنهنجن کان دور، پنهنجائپ جي احساسن کان محروم، زندگيء کيس محرومين کان سواء ڏنو ئي ڇا هو. عورت ته هونئن به مجبورين ۽ محرومين جو ٻيو نالو آهي، جيڪڏهن ڪنهن گھڙي پل لاءِ هن کي اهو احساس ڏياريو ته هوء به ڪنهن لاءِ اهم آهي، ته ان گھڙيء هوء سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ ۽ ان مٿان نڇاور ڪرڻ لاءِ بيچين ٿي ويندي آهي. غزل به اڄ فواد جي اکين جي ان والهانه انداز ۽ تپش کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي جِي پئي هئي، هن جون محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي دنيا جي خوش نصيب هستي سمجهي رهي هئي. انهن محبت ڀرين گھڙين جي گذرندي کيس وقت جي ڪل ئي ڪانه پئي ۽ جڏهن هوء هوش جي دنيا ۾ واپس آئي ته ڪافي دير ٿي وئي هئي. هن پريشان ٿي فواد کي واپس هلڻ لاءِ ڇيو ته فواد کي به احساس ٿيو ته ڪافي ٽائيم ٿي ويو آهي، جلدي جلدي اتان نڪري هڪ برگر شاپ تان برگر ۽ ڪولڊ ڊرنڪ خريد ڪري گاڏيء ۾ ئي ڊنر ڪندا گھر طرف روانه ٿي ويا.

11

جيئن ئي موڪلون ختم ٿيون ته غزل سڀ کان پهرين جيولري کڻي سوناري جي دڪان تي وئي، اها سيل ڪري جيڪا رقم ملي اها کڻي بئنڪ وئي ۽ ڪجھ رقم ضرورت لاءِ ڇڏي باقي رقم ڪڍرائي سڌي انسٽيٽيوٽ پهتي ، هن جا شروعاتي پيرڊ فري هئا، ان ڪري سڌو ريسٽ روم ۾ هلي وئي ۽ اتي ويهي رقم ڳڻيائين، ڪل پنج لک ويهه هزار هئا هن اهي پئسا لفافي ۾ وجھي لفافو پنهنجي لاڪر ۾ رکيو ۽ ڪلاس ۾ هلي وئي.
شام ڌاري هوء جيئن ئي گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته فواد کي پنهنجي انتظار ۾ بيٺل ڏٺائين، هو ڪافي منڌل منڌل ۽ بيچين پئي ڀانيو. جيئن ئي غزل کي ايندي ڏٺائين ته بيچيني مان اڳتي وڌيو۽ غزل جي ڀرسان اچي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو، غزل کي سندس اهو انداز ڪجھ عجيب لڳو، ايتري عرصي ۾ هو هميشه يا ته گاڏيء ۾ اندر يا گاڏيء جي ڀرسان ئي هن جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهندو هو. هوء هِن جي ان ڪيفيت کي ڪو نالو نه ڏئي سگھي ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گاڏيء جي ويجھو پهچي دروازو کولي سيٽ تي ويهي رهي، ته فواد به ٻئي طرف اچي سيٽ سنڀالي، ليڪن گاڏي ڊرائيو ڪرڻ جي بجاء پُر اميد نگاهن سان هن ڏانهن نهاريندو رهيو. اڄ غزل هن جي هر انداز ۾ عجيب روين کي محسوس ڪري رهي هئي، آخر کانئس رهيو نه ٿيو،
”ڇا ٿيو گاڏي ڇو نه ٿا اسٽارٽ ڪيو؟ “
”ها ، ها ، هلون ٿا....... پر ......!“
هن سواليه نظرن سان ڏانهس نهاريو، ته هوء سمجھي وئي ۽ پرس کولي لفافو ڪڍي هن طرف وڌايو. فواد لفافو وٺندي هِن جو هٿ جھلي ورتو.
”توهان کي ڪا پريشاني ته نه ٿي.“
”نه ، نه ، خير آ . مونوٽ به پيا ئي ته هئا، جيڪڏهن توهان جي ڪنهن ڪم اچي وڃن ٿا ته ان ۾ فڪر يا پريشان ٿيڻ جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي. “
”مان ڪوشش ڪندس ته توهان کي جلد موٽايان. مان ڪجھ ڏينهن اڃان اِتي ئي آهيان ،. ڪوشش ڪندس ته مسئلو حل ٿي وڃي.“
”ڏسو وري غيرن واريون ڳالهيون، توهان فڪر نه ڪيو، جڏهن به دل چوي واپس ڪجو ( ڪجھ دير توقف کان پوءِ چوڻ لڳي،) ها پليز ! هاڻي جڏهن به ٻاهر وڃو، توهان مونکي اتان فون ضرور ڪندا ڪيو، يا ته مونکي نمبر ڏئي ڇڏيو، مان پاڻ ڳالهائي وٺنديس.“
”ٺيڪ آهي، مان وڃڻ کان پهرين توهان کي فون نمبر ڏئي ويندس جيڪو اُتي منهنجي استعمال ۾ هوندو آهي. ، بس هاڻ ته خوش. مان توهان کي ڪڏهن به دکي ڪرڻ نه چاهيندس “
اهو چئي هن گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ غزل جي رهائش طرف هلڻ لڳو، ته اها ڳالهه غزل کي عجيب لڳي، پر هن کيس ٽوڪيو نه ، هن جي گھر جي گھٽي ٻاهران گاڏي روڪي، هن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھليو، ليڪن غزل کي محسوس ٿيو ته هن جي هٿن جي ڇهاء ۾ عجيب بيگانگي ، سرد مهري ۽ اجنبيت جو احساس هو. ڄڻ ڪو اڻ ڄاڻ ماڻهو ملڻ يا موڪلائڻ مهل سرسري طور هٿ ملائيندو آهي، بغير ڪنهن تاثر جي، غزل جي دل ٻڏڻ لڳي، هن نرمي سان پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو، ته فواد اکيون ملائي بغير چوڻ لڳو،
”غزل ! مون کي تمام جلدي ۾ وڃڻو پيو پوي، ان ڪري ڪيڏانهن آئوٽنگ تي نه هلياسين ، هڪ ٻئي هنڌ آسرو مليو آهي، شايد اها رقم ملي وڃي ته ٻئي ملائي منهنجو ڪم ٿي وڃي. تون دل ۾ نه ڪجانء. “
غزل دل ئي دل ۾ ڀُري رهي هئي، هن جي اهڙي رويي هن کي لوڏي ڇڏيو هو پر پوءِ به سندس دل رکڻ لاءِ چيائين،
”ڪا ڳالهه ناهي، هونئن به اسان ته صرف ويڪ اينڊ تي ئي ڪيڏانهن هوا خوريء لاءِ ويندا آهيون نه، توهان ضرور اوڏانهن وڃو جتي آسرو مليو اٿوَ. خدا ڪري توهان جو ڪم ٿي وڃي. ملڻ، گھمڻ ڦرڻ ته پيو ٿيندو. “
آخري جملا چوندي سندس هانو ڀرجي آيو، ته هوء ساڻس موڪلائي تڪڙ ۾ گھر طرف وڌي وئي، ليڪن هو اتي ئي گاڏي روڪي ويٺو کيس ڏسندو رهيو، هڪ دفعو غزل به مڙي کيس نهاريو ۽ کيس ائين لڳو ڄڻ هوء هاڻي وري ڪڏهن به کيس ملي نه سگھندي، هن جي اندر ۾ هڪ عجيب ڀڃ ڊاه ٿي رهي هئي، رقم جي ته کيس ايتري پرواه نه هئي پر اڄ اها رقم ڏيڻ کان پوءِ جيڪا هن پنهنجي خوشيء سان ڏني هئي، هن جي دل جي شيشي ۾ ڄڻ ڪا سِير پئجي وئي هئي. هن پنهنجي خيالن ۽ خوابن ۾ جيڪو بُت جوڙيو هو، اهو ته هر اهڙي تصور کان بالا ۽ بلند هو. هُن ته پنهنجي هن رشتي ۾ ڪنهن ننڍڙي سوکڙي پاکڙي ڏيڻ ۽ وٺڻ کي به مناسب ته ڇا مها پاپ سمجھيو هو. ڇا مون اها رقم ڏئي فواد جو اهو عڪس اهو اميج پنهنجي اندر ۾ گھٽائي ڇڏيو آهي. نه، نه ، مان اهو ڇا پئي سوچيان، ان ۾ فواد جو ڪهڙو قصور. اها رقم ته مون کيس زوري وٺڻ تي مجبور ڪيو هو. ته پوءِ بار بار منهنجي دل ۾ اهڙا ڪبيهه ۽ بيهوده خيال ڇو پيا اچن. اهڙن ئي خيالن جي زير اثر هوء ڪمري ۾ داخل ٿي، ۽ پرس هڪ طرف رکي، پنهنجو پاڻ ذري گھٽ سٽيندي بيڊ تي ڊهي پئي.ضبط جو بند ٽُٽِي پيو، اکين مان بي اختيار نير وهڻ لڳس، هوء پنهنجي هن ڪيفيت کي پاڻ به سمجھڻ کان قاصر هئي، مٿي ۾ شديد سور جو احساس ٿي رهيو هوس، ڄڻ ڪو هٿوڙا هڻي رهيو هجيس، ٻنهي هٿن سان مٿو جھلي ورتائين ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين گرم گرم ڳوڙها نيڻن جي ڪنارن مان وهي سندس لوئڻن کي ڀِڄائي رهيا هئا هن ڪجھ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي انهي ڪيفيت ۾ ڇڏي ڏنو هو، خبر ناهي ڪيڏي مهل سندس اک لڳي وئي ۽ اهڙي بي خبر سمهي رهي جو جڏهن سجاڳ ٿي ته ڪمري جي دريء جي سرڪيل پردي جي وٿيء مان روشني ڏسي حيران ٿي وئي سمجھ ۾ نه پئي آيس ته هوء ڪيتري دير ائين بيخبر رهي آهي، پاسو ورائي سامهون گھڙيال تي نگاهه وڌائين صبح جا ست ٿي رهيا هئا،
”ان جو مطلب ته مان شام کان ننڊ پئي هئس، بُکي اُڃي، ڪجھ کائي پئي بغير.......... اهڙي ڪهڙي ننڊ هئي جنهن مونکي دنيا مافيها کان ائين بي خبر ڪري ڇڏيو.“
اهو سڀ سوچيندي آرس ڀڃندي بي دليء سان اٿي هٿ منهن ڌوئي پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهيائين، ڪجھ کائڻ تي دل نه چيس ته چانهه پي تيار ٿي انسٽيٽيوٽ لاءِ رواني ٿي وئي.



غزل جا انديشا غلط نه هئا، ان ڏينهن کان پوءِ نه فواد موٽيو هو ۽ نه ئي کيس فون ڪري حال احول ئي ڏنو هئائين. پوءِ به هوء دل کي آٿت ڏئي سمجهائي رهي هئي، ته جنهن مسئلي ۾ هو الجھيل هو، ان ۾ ئي مصروف هوندو. دل جي دنيا به عجيب هوندي آهي، انسان آسن جي سهاري پاڻ کي دلداري پيو ڏيندو آهي اهو چئي پاڻ کي وندرائڻ جي هر ممڪن سعي ڪندو آهي، ته جي هن جا جذبا سچا آهن ته هن سان ڪجھ غلط ناهي ٿيڻو. ان ڏينهن هفتي جو آخري ڏينهن هو ۽ غزل ان اميد سان گيٽ کان ٻاهر نڪتي ته اڄ هو معمول موجب ضرور ايندو، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، ليڪن پري پري تائين فواد جي گاڏيء جو ڪو اتو پتو ڪونه هو. هن جون نگاهون مايوس ٿي موٽي آيون. هن ڀرسان گذرندڙ رڪشه کي روڪيو ۽ سوار ٿي فواد کي فون ڪرڻ لڳي، پر ٻئي طرف آواز آيو ته نمبر في الحال بند آهي. اتان به مايوس ٿي ايس ايم ايس ڪيائين ته مونسان رابطو ڪيو.
وقت گذرندو رهيو، ليڪن نه فواد جو فون آيو ۽ نه ميسيج. ڪئي قسمن جا انديشه ۽ وسوسه کيس گھيري ويا هئا. ڇا فواد ڪنهن مشڪل ۾ آهي، ڇا هن جي طبعيت ناساز آهي، آخر ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي جو هن سان هر طرح جو رابطو منقطع ٿي ويو آهي.
هن کي پڪ هئي ته دير سوير هو ساڻس ضرور رابطو ڪندو، ايتري عرصي ۾ اهو ڪڏهن نه ٿيو هو ته هو کانئس موڪلائي بغير دبئي ويو هجي، هو يقينا“ ڪٿي مصروف هوندو، ائين سندس راهون تڪيندي ڪيترا ڏينهن گذري ويا، هوء اهو ته سوچڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگھي ته فواد ڪو هن سان دوکو ڪري سگھي ٿو. هن کي ته بس سندس سلامتي ۽ حفاظت جو اونو بيقرار ڪري رهيو هو، ته ڪاٿي هو ڪنهن مشڪل ۾ نه هجي، ڪٿي کيس غزل جي مدد نه گھرجندي هجي . هر روز نه چاهڻ جي باوجود اخبار ۾ حادثاتي خبرون پڙهڻ لڳندي هئي. ايڏي وڏي شهر ۾ هوء کيس ڪٿي ڳولهي، ڪٿي تلاش ڪري. بدقسمتي سان هِن جي ٺڪاڻي جو به ڪو اتو پتو ڪونه هئو. هو ته بس ٻاهر ئي ملندا رهيا. فواد هميشه کيس ٻڌايو هو ته هوٽل ۾ رهائش پذير آهي. ڪهڙي هوٽل ۾، اهو پڇڻ جي هن ڪڏهن ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. هوء حيران هئي ته فواد ڇهه ڇهه مهينه ڪراچي ۾ هوندو هو ليڪن هن ماريه کان سواء ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن عزيز، ڪنهن دوست متعلق نه ٻڌايو هو، ته پوءِ هو هتي ڇا ڪرڻ ايندو هو. اهڙين سڀني ڳالهين تي هوء جڏهن گھرائي سان ويچارڻ لڳندي هئي ته کيس فواد جي شخصيت انتهائي پُر اسرار لڳڻ لڳندي هئي ۽ پنهنجي بيوقوفي تي افسوس ۽ ڪاوڙ ايندي هئي. هوء پنهنجو ڏک سور ڪنهن سان سلي، نه ڪو حال ڀائي نه ساٿي ثمر. بس هوء هئي ۽ هن کي ڊيڄاريندڙ سوچون. ڪنهن سان حال اوري ڪنهن وٽ دانهين ٿئي. ڀلا هٿ جي وڍيءَ جو به ڪو ويڄ طبيب ٿيندو آهي؟ ڪنهن چيو هو کيس ته هڪ اڻ ڄاتل شخص سان ايترو دور تائين وڃي. هوء ڪا الهڙ ڇوڪري ته ڪونه هئي، زماني جون لاهيون چاڙهيون ڏٺل هڪ پخته عمر عورت. پوءِ هوء ڪيئن اهڙا جذباتي فيصلا ڪري ويٺي، ڪنهن کان ته صلاح ڪري ها، پر ڪنهن کان ؟ هن به ته زندگي ۾ ڪو حال ڀائي دوست، ڪا ساهيڙي ڪونه ڪئي هئي.وري هوء پاڻ کي آٿت ۽ دلداري ڏيڻ لڳندي هئي، فواد اهڙو نه ٿو ٿي سگھي، هو يقينا” ڪنهن اهڙي حالت ۾ آهي، جو هو ساڻس رابطو نه ٿو ڪري سگھي. ائين سوچيندي هوء دعائون گھرڻ لڳندي هئي، ته بس هُن ڏانهن خير هجي. .
اهڙي ئي هڪ اُداس شام جو هوء پنهنجي سوچن ۾ گم اکين تي ٻانهن ڏيو ليٽي پئي هئي، ته وچين دروازي تي هلڪو کڙڪو ڪري نائله اندر هلي آئي. غزل اکين تان ٻانهن هٽائي بي دليء سان کيس ڏٺو، هُن ان گھڙيء پنهنجي پريشانين ۽ سوچن ۾ ڪنهن جو مخل ٿيڻ نه ٿي چاهيو، پر نائله الائي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ائين اچانڪ سندس ڪمري ۾ داخل ٿي هئي، هو پاڻ رک رکاَءَ جا قائل هئا ۽ ڪنهن جي ذاتي زندگيء ۾ ڪڏهن به مداخلت ڪانه ڪئي هئائون. پر اڄ الائي ڇو ۽ ڪيئن هوء ائين اچانڪ هلي آئي هئي. غزل مجبور ٿي اٿي ويٺي ۽ سواليه نگاهن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي. نائله سمجھي وئي ۽ پوئتي مڙي اشاري سان ڪنهن کي سڏيو ۽ پاڻ ڪمري ۾ هلي آئي، ته سندس پويان زرتاج خاموشيء سان اندر گھڙي آئي. غزل کي بلڪل به اها توقع ڪانه هئي ته زرتاج ائين هن سان ملڻ اچي ويندي. هوء ته ڪنهن سان به ملڻ نه چاهيندي هئي. غزل کيس ڏسندي ئي لبن تي زبردستي مرڪ آڻيندي سندس آڌر ڀاء لاءِ اٿي بيٺي، ۽ اڳتي وڌي ساڻس هٿ ملايائين، ليڪن هن کي محسوس ٿيو ته هِن جي هٿ جي ڇهاءَ ۾ اها پهرين جهڙي سرد مهري نه هئي، بلڪه هڪ دوستانه گرمجوشي هئي. غزل لاءِ اهو احساس تقويت ڏيندڙ هو. هن هميشه دل سان چاهيو هو ته زرتاج ان بيگانگيء واري ڪيفيت مان نڪري اچي. زندگي کي ڀرپور انداز سان جيئي. جيتوڻيڪ هن جو چهرو هر قسم جي جذبات کان بلڪل عاري هو، ليڪن هٿ جو اهو لمس، اهو ڇهاءُ زندگي طرف واپسيء جو احساس ڏياري رهيو هو، جيڪا هڪ خوش آئينده ڳالهه هئي. غزل گھڙي پل لاءِ پنهنجي سڀني پيڙائن ۽ محرومين کي وساري، ڀرپور انداز سان هن جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جھلي ورتو ۽ اڳتي وڌي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ته سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، کيس ائين پئي لڳو ته سندس پنهنجي ننڍي ڀيڻ بيگانگيء جو ڊگھو سفر طئي ڪندي ڪنهن ڇانوري ۾ پهچي وئي هجي، ۽ زرتاج به سندس پنهنجائپ ڀري محبت کي محسوس ڪندي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. غزل کيس ڪجھ دير لاءِ روئڻ ڏنو، جيئن سندس اُجھاڻيل، صحرائن جهڙن خشڪ نيڻن ۾ نَم ٿيڻ جو احساس جاڳي پوي، جن اکين ورهين کان روئڻ ئي وساري ڇڏيو هوهوء ته خوشي توڙي غم جي هر احساس کان بيگاني ٿي وئي هئي.. ان گھڙيء هوء سسڪندي، سُڏڪندي رهي. آخر ڪار پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتائين ۽ هڪدم غزل کان پري هٽي بيهي رهي. غزل نرمي سان کيس ٻانهن کان جھلي اچي بيڊ تي ويهاريو. هوء ڪوشش ڪرڻ لڳي ته گھڙي ساعت اڳ۾ هوءَ جنهن جذباتي ڪيفيت مان گذري هئي، ان جو هروڀرو کيس احساس نه ڏيارجي جو هن کي ڪا ندامت يا شرمساري محسوس ٿئي.
نائله فرج مان ٿڌو پاڻي کڻي آئي ۽ کيس ڏنائين جيڪو يڪساهي پي وئي، ڄڻ اندر جي آڳ تي ڇنڊو وجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي هجي. پاڻي پيڻ کان پوءِ هو هڪدم سنجيده ٿي وئي، هر قسم جي تاثر کان عاري. عجيب ڪيفيت هئي، غزل ڪا نفسيات دان ته ڪونه هئي پر زماني جا لاها چاڙها گھڻائي ڏٺا هئائين، هن جي ان ڪيفيت مان رڳو ايترو سمجھي سگھي ته شايد اهي سڀ تبديليون سندس زندگي ڏانهن موٽ جون علامتون آهن. هوء ٺيڪ ٿي رهي آهي، رشتن کي نئين سري کان سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪا غزل لاءِ اميد افزا ۽ خوش آئيند ڳالهه هئي. هن دل سان چاهيو ٿي ته زرتاج ٻيهر ڀرپور زندگي جيئي. اسان جي پنهنجن جا ڏنل گھاوَ ڪيڏا نه گهرا، دردناڪ ۽ اذيت ڏيندڙ هوندا آهن جو انهن کي سهڻ جي سگھ اسان ساري ناهيون سگھندا ته پوءِ اسان جا اهي پنهنجا اسان سان محبتن جا دعويدار، اهو ڇو وساري ويهندا آهن، اهي رشته جيڪي سندن دلين جي قريب هوندا آهن. انهن لاءِ اهي ڇو ايڏو درد جو باعث بنجي ويندا آهن.
نائله ٻڌائڻ لڳي ته آمنه آنٽي ۽ زرتاج آپي ڪجھ وقت لاءِ واپس ميرپورخاص پيون وڃن ڇو ته انڪل جي طبعيت ڪجھ ٺيڪ ناهي، ان ڪري آنٽيء چيو ته آپي توهان سان ملي اچي خود آپيء به توهان سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. اهو ٻڌي غزل زرتاج جي ڀر ۾ اچي ويٺي ته نائله کي ماء سڏ ڪيو ۽ هوء جلدي موٽڻ جو چئي هلي وئي. زرتاج بي تاثر نگاهن سان کيس ويندو ڏسندي رهي.. هوء هاڻي شايد پاڻ کي وڌيڪ بهتر ۽ پرسڪون سمجھي رهي هي. غزل ڪجھ دير چپ چاپ کيس چور نگاهن سان ڏسندي رهي، هن جي چهري جي تاثرات کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. کيس سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هوء ڪٿان شروع ڪري جيئن زرتاج جي ذهن تي ڪو برو اثر به نه پوي. ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ٿڌو ساه ڀريندي ساڻس مخاطب ٿي.( ان دوران هوء سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش به ڪندي رهي هئي. )
”زرتاج ! منهنجي ننڍڙي ڀيڻ، هيء زندگي صرف اسان جي پنهنجي آهي، جنهن تي صرف ۽ صرف اسان جو پنهنجو حق آهي. ٻئي ڪنهن کي به اسان ان تي اختيار ڏئي نه ٿا سگھون، ته هو اُن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪري. منهنجو مطلب آهي ته ڪنهن کي به....هن به لفظ تي زور ڏيندي چيو.
قدرت اها زندگي اسان کي صرف هڪ دفعو عطا ڪئي آهي، جنهن کي ڀرپور انداز ۾ جيئڻ اسان جو فرض آهي.، ته پوءِ اسان هروڀرو پنهنجي زندگيء ۾ ٻين جي دست اندازي ڇو سهون. انهن کي ڪوبه اهڙو اختيار ڇو ڏيون، جو هو اسان جي خوشين ۾ روڙا اٽڪائينِ ۽ اسان ڪنهنجي هَٺ ۽ انا جي اڏيء تي پاڻ کي ٻَل چاڙهيون.، جو هو ته پنهنجي زندگيء ۾ اڳتي وڌي وڃن ۽ اسان جي راهن کي کوٽو ڪري ڇڏين. ان ڪري منهنجي ڀيڻ! گذريل وقت کي جيڪو ماضي بنجي ويو هجي ۽ ماضي ته گذري ويل وقت هوندو آهي نه، جيڪو گذري ويو ان کي ائين ڇو نه سمجھون ته اهو هڪ ناهموار ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو هو، هڪ پٿريلي راه هئي، جنهن تي هلندي هلندي اسان پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا، اسان کي ڦَٽي رتو ڇاڻ ڪري وڌو هئائين، انهن کي گھليندو رهڻ، ان جي ناسور بنجڻ جو انتظار ڪرڻ ۽ روشن زندگيء جا خواب اکين ۾ سجائڻ کان لنوائڻ اسان کي ڀلا سونهين. ٿو، اڄ اسان کي پنهنجي زندگي جي گاڏيءَ مان پوئتي رهجي ويل منظر ڏسڻ واري هر آرسي لاهي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڦٽي ڪرڻي پوندي چو ته اهڙو هر منظر نهايت ڀوائتو،اذيتناڪ ۽ دل کي دهلائيندڙ هئو، اسان کي هاڻي سامهون واري آئيني تي پنهنجي نظر رکڻي آهي، جيڪو اسان کي فقط آڏو ايندڙ اهي حسين ۽ دلڪش منظر ڏيکاري سگھي، زندگيء کي ان جي ڀرپور انداز سان محسوس ڪيون، اسان جو مثال ڏيندڙن آڏو، اسان پنهنجو پاڻ کي بي مثال بڻائي ڇڏيون، جيئن اسان کي ڏکن ۽ محرومين جي اوڙاه ۾ ڌڪو ڏيندڙ اسان کي ائين زندگي سان ڀرپور ۽ سرشار ڏسي پاڻ نادم ۽ شرمسار ٿي وڃن..“
غزل پاڻ به ڏکايل هئي ان ڪري هن دل سان چاهيو پئي ته هوء زرتاج لاءِ ڪجھ ڪري سگھي، چوندا آهن ته جيڪي لفظ اندر جي اونهاين مان نڪرندا آهن، اهي سيني جي پار ٿي ويندا آهن. پر جي ساڳيا لفظ صرف سرسري انداز م چيا وڃن ته اهي پنهنجو ڪو اثر ناهن ڇڏيندا. غزل ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڏُکاري ٿي وئي هئي ، سندس آواز ڳورو ٿي ويو هو، لڙڪ اکين ۾ تري آيا هئس، زرتاج خاموشيء سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، سندس سپاٽ چهري تي زندگيءَ جي رمق ظاهر ٿيندي پئي وئي. هن جون پاٻوه ۽ محبت ڀرئي لهجي ۾ ڪيل ڳالهيون زرتاج جي اندر ۾ آب حيات جيان اوتجنديون پئي ويون. هوءَ سوچي رهي هئي ته، غزل جي ڳالهين ۾ خلوص آهي سچائي آهي، نه صرف هن جي ڀاء عين شاديء جي وقت پنهنجي ضد ۽ وڏائيء جي بدولت هن جي ڄڃ موٽائي هئي، پر هن جي محبوب به هن کي ذهني اذيت ۽ ڪرب ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي هئي. هو به پنهنجون خوشيون ماڻڻ لاءِ هن کي ان اوڙاهه ۾ اڪيلو ڇڏي اڳتي نڪري ويو هو، ۽ وري مُڙي به نه ڏٺو هئائين ته مان ڪهڙي حال ۾ آهيان. هي ويچاري غزل جيڪا به شايد پنهنجن جي ئي ڏنگيل آهي، تڏهن هنن کان سوين ڪوه پري هتي اڪيلاين جي اوڙاهه ۾ زندگيء کي پئي ٿي گهلي. ان جي انداز ۾ ڪيڏو نه خلوص ، پنهنجائپ ۽ گھرائي آهي، ڪيڏو نه حوصلو آهي، يا شايد مشترڪ درد اسان جي دلين کي ويجھو ڪري ڇڏيو آهي. ڪاش ! هوء هميشه مونسان ائين گڏ هجي، اسان، هڪ ٻئي جي سورن جي پچار ڪنديون رهون، هڪ ٻئي جي زخمن تي پَها رکنديون رهون. شايد ائين ئي اسان جي اندر جي آڳ اُجھامي سگھي.
ائين لڳي رهيو هو ڄڻ غزل اهو سڀ ڪجھ پنهنجو پاڻ کي چئي رهي هجي، هن جي مڌم آواز ۾ اهي سڀ درد ۽ پيڙائون سمايل هيون، ڄڻ هن جي آڏو ٻيو ڪير به موجود نه هجي، زندگي سان ڪئي شڪايتون، ڪئي ڏوراپا هجن. شايد اهو ئي سبب هو جو زرتاج نهايت تحمل ۽ غور سان هن جي خوابناڪ انداز ۾ سندس زبان مان نڪرندڙ هر لفظ کي پنهنجي اندر کي جھنجھوڙيندي محسوس ڪيو.
غزل کيس ائين سوچن ۾ غرق ڏسي پاڻ به خوابن مان بيدار ٿي وئي. دل ئي دل ۾ اطمينان محسوس ڪرڻ لڳي ته زرتاج هن جي ڪيل ڳالهين تي غور پئي ڪري، ۽ اها هڪ خوش آئيند علامت هئي، زندگيءَ ڏانهن واپسيء جي. طرف اڳيون قدم.
انهيء دوران نائله به موٽي آئي هئي ۽ هنن جي ڳالهين ۾ مخل ٿيڻ جي بجاءِ فرج مان ڪباب کڻي تري آئي هئي ۽ ساڻ چانهه به ٺاهي ورتي هئائين..هنن ٻنهي کي ائين سوچن ۾ ٻڏل ڏسي ماحول کي نارمل ڪرڻ لاءِ خوش دليء سان چوڻ لڳي،
”معاف کرنا آنڻي ، مين آپ هي کي گھر مين آپ کي مهمانداري کر رهي هون.“
سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي زرتاج جي لبن تي هڪ بي ساخته مرڪ ڇانئجي وئي، هوء ان لمحي تمام گھڻي خوبصورت لڳي رهي هئي. گلابي لباس پهريل هئڻ ڪري سندس چهري تي ان جي پوندڙ عڪس جي ڪري هن جو چهرو گلاب جي گل جيان لڳي رهيو هو، ان وقت هن جي چهري جي اها ڇڪ جيڪا هن کي ڪرخت بنائي رکندي هئي، اها ختم ٿي وئي هئي ان جي جاءِ تي هڪ معصوم مرڪ هن جي منهن جي ان ڇڪ ۽ سپاٽ پڻي کي ڪيڏانهن گم ڪري ڇڏيو هو. ويتر غزل جون محبتن ڀريون سمجھاڻيون سندس دل کي ڇُهي رهيون هيون، جن سندس اکين ۾ زندگي جي چمڪ آڻي ڇڏي هئي، ان ڪري هوء ان گھڙيء ڏاڍي پُر ڪشش ۽ حسين پئي لڳي.
اهي زندگيء جا دلفريب ۽ پُربهار رنگ ئي ته آهن، جن کي ڇهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي تمنا هر انسان چاهيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن دل نشين، دلفريب ۽ زندگيء سان ڀرپور رنگن تي ڪو حاسد پنهنجي بغض، ڪيني ۽ نفرتن جا اُگرا.۽ بد رنگ برش ڦيري انهن جي سونهن ۽ سوڀيا کي تباه و برباد ڪري ڇڏيندو آهي.
ڪجھه دير لاءِ ٽئي ڄڻيون چپ چاپ چانهه ڪبابن سان شغل ڪنديون رهيون. چانهه ختم ڪندي ئي زرتاج هڪدم اٿي کڙي ٿي، ته غزل به اٿي بيٺي ۽ ايتري دير ۾ پهريون ڀيرو زرتاج کيس مخاطب ٿي،
”غزل! مان وڃان پئي، واپس ان درد وندن جي ديس ۾، دعا ڪجو ته مان توهان جي انهن محبت ۽ خلوص ڀرين سمجھاڻين کي هئين سان هنڊائڻ جي هر ممڪن سعي ڪري سگھان. “
ائين چوندي سندس اکين ۾ لڙڪ لَڙي آيا، جن کي ڪمالِ ضبط سان اندر ئي اندر پي وئي. اڳتي وڌي ڀاڪر پائي غزل سان ملي ۽ پوءِ ٻئي هليون ويون. غزل جو نگاهون بس ان بند ٿيل دروازي ۾ کُپي ويو هيون . زرتاج سان بيشڪ هن جو ڪو اهڙو تعلق، ڪا ويجھڙائي ڪونه هئي، سواءِ چند سرسري گڏجاڻين جي، پر پوءِ به ٻنهي جو درد مشترڪ هو جيڪو کين هڪ ٻئي جي ويجھو، هڪ ئي تار سان ٻڌي ويو هو ۽ شايد اهوئي سبب هو جو غزل جي پيار ڀري سمجھاڻي ۽ گفتگوءَ کي زرتاج هنئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان ڪري ئي اندر جي اوٻر کي اکين جي ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي غزل جي آڏو کيس ڪابه ندامت يا شرمساري نه ٿي هئي. اهو سڀ سوچيندي غزل کي پنهنجي پيڙا پنهنجو درد ڪجھ جھَڪو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ڪئي ڏينهن جي ان اذيت کان پوءِ اڄ کيس طمانيت جو احساس پئي ٿيو. اهو سوچي ته، هوء جڏهن ڪنهن ٻئي کي جيئڻ جو حوصلو ڏئي سگھي ٿي ته پاڻ ان تي عمل ڇو نه ڪري سگھي. پر اهو ايترو به آسان نه هو. ٻين جي دک درد کي محسوس ڪري انهن جي دردن جو درمان بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ شايد ايترو ڏکيو نه هجي، پر پاڻ کي ان پيڙا مان ٻاهر ڪڍڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور هجي ٿو. فواد سان گھاريل اهي پيار ڀريون گھڙيون هن جي دور ٿيندي ئي صدين جا فاصلا محسوس ٿي رهيون هيون، هن کان سواء، جدائي جي هر گھڙي صدين تي محيط پئي لڳي. جيتوڻيڪ فواد پهرين به ڪئي ڪئي مهينه غائب ٿي ويندو هو، پر هن ڀيري جيان بنا موڪلائڻ جي ائين ڪڏهن به گم نه ٿيو هو. هميشه موٽي اچڻ جي آس ڏئي ويندو هو ۽ هوء اکين ۾ سپنن جو سنسار سجائي سندس واپسيء جي اوسيئڙي ۾ رهندي هئي. ليڪن هن دفعي الائي ڇو من ويڳاڻو ۽ وياڪل پئي ڀانيو، ڄڻ هن جا سڀ خواب اڌورا رهجي ويا هجن. من اندر ورهين کان سانڍيل مورت جھَڪي ۽ جھيڻي ٿيندي پئي وئي، اهي سڀ احساس سندس لاءِ نوان هئا، ڄڻ کيس اندر ئي اندر ڌونڌاڙي چئي رهيا هجن، ته بس، اهو باب اتي ئي ختم ٿي ويو. هوء سوچيندي هئي ته جيڪڏهن منهنجي جيون ڪهاڻي جي اها.ئي پڄاڻي هئي ته پوءِ من ۾ اها آنڌ مانڌ چو آهي، خواب تشنه چو پيا ڀانئجن. مونکي انهن حسين سپنن جي دنيا ۾ رهڻ ڇو نه ڏنو ويو. اهو ڪير ظالم هو، جنهن منهنجي خيالن ۽ خوابن جي دنيا مان مون کي جاڳائي منهنجي انهن سپنن کي ائين تاراج ڪري ڇڏيو، اهي ۽ اهڙيون ڪئي محروميون ۽ مايوسيون هوء پنهنجي من اندر سانڍيو پئي وتي.



ماريه جڏهن کان اسلام آباد شفٽ ٿي هئي غزل سان هن جو ڪوبه رابطو نه ٿيو هو. نه ته هن جو ڪو اتو پتو هو ۽ نه فون نمبر ئي وٽس هو. هن ته ڪڏهن ان جي ضرورت به نه سمجھي هئي. هوء ته بس فواد جي دنيا ۾ ايڏي مگن هئي جو هن زندگي جي باقي رشتن ناتن کي ايترو اهم ئي نه سمجھيو هو هن جي دنيا ته بس فواد سان شروع ٿي ٿي ۽ فواد تي ئي ختم هئي. ليڪن موجوده سنگين حالتن ۾ جڏهن فواد ائين اچانڪ سڀ وعدا، آسون اميدون پاسيرا رکي هن جي دنيا مان الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو هو ته غزل کي ماريه جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي هئي. ليڪن وقت جي دز ۾ ماريه هن کي بلڪل وساري ويٺي هئي، يا زماني جي گونا گون مصروفيتن ۾ هن کي سندس سار لهڻ جو وقت ئي نه مليو هو. هوء ته ڪراچيء واري نوڪري به ڇڏي چڪي هئي. بلڪه اُتان ئي استعيفا موڪلي ڇڏي هئائين. ان ڪري چاهڻ جي باوجود به غزل کي هنن جي ڪا به خبر چار نه پئجي سگھي هئي ۽ هوء چپ چاپ پنهنجي ارمانن ۽ آرزوئن جو قتل ٿيڻ تي رت روئڻ جي ٻيو ڪجھ ڪرڻ کان لاچار هئي. ايسيتائين جو پنهنجي بيوقوف بنجڻ جو حال بيان ڪرڻ جي همت به نه پئي ساري سگھي.
ٻئي طرف ماريه جو ڀاء افراز جيڪو نوڪريء جي سلسلي ۾ اسلام آباد هليو ويو هو. ان اتي نوڪري سان گڏ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ اڪيڊميء جي ٽريننگ ڪرڻ کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ بلوچستان صوبي جي ڪنهن شهر ۾ ڪجھ عرصو مقرر رهيو ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت سان مقرر ٿيندو رهيو هو.

12

ائين ڪيترا ئي ڏينهن بي مقصد گذري ويا. هوء هئي ۽ هن جون تنهايون. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ ڪرسچن چوڪري مونيڪا جارج پيانو ٽيچر ٿي آئي. سنهڙي سيپڪڙي سانوري، تکا نيڻ و نقش، ستاويهه اٺاويهه سال عمر، پهرين نظر ۾ ئي دل هن ڏانهن ڇڪ کائي وڃي، ڇا ته پيانو ٿي وڄايائين ٻڌڻ وارو ته سندس وڄايل ڌنن جي سحر ۾ بس مدهوش ٿي وڃي. غزل ته هئي ئي سونهن جي پوڄارڻ. مونيڪا کي ڏسندي ئي سندس دل عجيب سَٽ کاڌي ۽ هن ڏانهن دوستيء جو هٿ وڌايو ته مونيڪا به سندس دوستيء جو جواب دل سان ڏنو. عمرين جي فرق باوجود ڪجھ ئي ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان گھاٽي دوستي ٿي وئي. ٻئي هر هنڌ گڏ نظر اچڻ لڳيون. فرصت جي وقت غزل دل وندرائڻ لاءِ هن جي پيانو جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳي. ائين غزل گھڻي ڀاڱي پنهنجي دردن جي ان اجھاڳ سمنڊ مان پاڻ کي ڪڍڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ٿي وئي هئي. پوءِ به ڪنهن اداس شام ۾ سندس سور جاڳي پوندا هئا ته سندس ننڊون ڦٽي وينديون هيون. ائين وقت پنهنجي اڍنگي چال سان گذرڻ لڳو هو.
مونيڪا اصل ۾ پنجاب جي رهواسڻ هئي، ليڪن ڪافي عرصو اڳ۾ سندس والدين ڪراچي لڏي آيا هئا. مونيڪا جي تعليم و تربيت جو وڏو حصو ڪراچيء ۾ مڪمل ٿيو هو. سندس والد به ماهر پيانو نواز هو ۽ ڪنهن وڏي هوٽل ۾ پيانو وڄائيندو هو. مونيڪا پنهنجي والد کان پيانو جي سکيا ورتي هئي. مونيڪا ڪراچي کان ٻاهر ڪڏهن به نه وئي هئي، ڪچهرين ۾ هن کي سنڌ جي اندرين علائقن بابت معلوم ٿيو ته هن جو سڄي سنڌ گھمڻ جو تجسس ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. جڏهن به غزل کيس سنڌ جي تاريخي ماڳن، سنڌو ندي، لبِ مهراڻ ۽ ٻين ماڳن متعلق پنهنجي دلفريب انداز سان ذڪر ڪندي هئي ته مونيڪا ڏاڍي انهماڪ( دلچسپي، غور) ۽ شوق سان سندس ڳالهيون ٻڌندي هئي. ڪئي دفعا هن جي شوق جو اهو عالم هوندو هو، ڄڻ هوء اکين ۾ ڪئي خواب سجائي انهن نظارن کي پَسي رهي هجي. هن خيالن ئي خيالن م انهن ماڳن جي تصوير پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ورتي هئي. غزل جو تصوير ڪَشيء جو اندازئي ڏاڍو دل لُڀائيندڙ هوندو هو. مونيڪا جو تجسس وڌندو ويو. آخر هڪ ڏينهن جڏهن سڀ اسٽاف ڪامن روم ۾ ويٺا هئا ته مونيڪا سڀني جي آڏو هڪ تجويز رکي ته ڪجھ ڏينهن لاءِ سنڌ جي اندرين علائقن جو سير ڪجي. هن اهڙي دل لڀائيندڙ انداز ۾ سڄو نقشو چٽيو جوسڀني جو تجسس وڌي ويو. گھڻو ڪري هنن سڀني جو تعلق ڪراچيء سان هو. هو سڀ ڪراچيء ۾ ئي نپنا وڏا ٿيا هئا ۽ ڪڏهن به ڪراچيء کان سواء ٻئي ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو هو، ايستائين جو انهن مان ڪِن ته پوري طرح ڪراچي به نه ڏٺي هئي. صرف غزل ئي هئي جنهن جو تعلق سنڌ جي اندرين علائقن سان هو۽ هن پنهنجي يونيورسٽي جي پڙهائيء دوران سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي گھمي ڏٺو هو. ان ڪري واندڪائي جي وقت ۾ جڏهن هو سڀ گڏجي ويهندا هئا ته غزل کين ڪڏهن سکر ۽ اُتر سنڌ سان وابسته قصه ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهندي هئي، خيرپور ميرس، ضلعي جي ڪوٽ ڏيجي جو قلعو، ميرن جو فيض محل ، معصوم شاه جو منارو، ساڌ ٻيلو، لبِ مهراڻ ته ڪڏهن سنڌوء ڪناري ويهي قدرت جي حسين منظرن کي دل ۾ اوتڻ جا قصه، ته ڪڏهن ڄامشوري جي ٿڌين مٺين هوائن ۾ المنظر تي ويهي گرما گرم پلو کائڻ جو مزو وٺڻ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌندو سڀني جي وات ۾ پاڻي اچي ويندو هو. ته هو حسرت سان چوندا هئا ته اسان ته هتي جي دونهين ۽ گھميل فضا ۾ سُڪي سَڙي مرنداسين. جيئن ته سڀئي لطيف فنن سان واسطو رکندڙ هئا، ان ڪري غزل جون ڳالهيون ٻڌي ڪئي دفعا هنن جي من ۾ اشتياق جاڳيو هو ليڪن گونا گون مصروفين ۽ ڪراچي جي تيز رفتار زندگي هنن کي موقعو ئي نه ڏنو هو، اڄ مونيڪا جارج اهڙي انداز سان کين اُتساهيو ته قدرت جي انهن حسين ۽ پُربهار ماڳن کي ويجھڙائي کان ڏسي من جي اُڃ اُجھائجي. مونيڪا جي اها تجويز سڀني لاءِ قابلِ ستائش هئي. فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتيون موڪلون ٿيون ته هو سنڌ جا اندريان علائقا ضرور گھمڻ ويندا، بلڪه هر دفعي موڪلن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڳ مڪان جي ٽوئر جو پروگرام ٺاهبو. ڪجھ ته زندگيء جو مزو ماڻجي هڪ جاء تي رهي ته صاف و شفاف پاڻي به پنهنجو رنگ روپ ۽ ذائقو ڇڏي ويندو آهي. ڀلا کوهه ۾ رهندڙ ڏيڏر کي ٻاهر جي ماحول جي ڪهڙي ڄاڻ. هاڻي صرف اهو طئي ڪرڻو هو ته پهرين ڪهڙي ماڳ جي چونڊ ڪجي. ڪنهن ڪينجھر هلڻ جي صلاح ڏني، ته ڪنهن رني ڪوٽ ۽ ڄامشورو پل هلڻ لاءِ چيو.جڏهن سڀني جو اتفاق نه ٿي سگھيو ته وري به غزل سندن آڏو تجويز رکي ته ڇونه سڀ کان پهرين قلندر لعل شهباز جي مقبري تي حاضري ڏجي ۽ پوءِ پاڪستان، بلڪه ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر جو سير ڪجي. غزل جڏهن کين ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ ايراضيء جي لحاظ کان ايتري ته وڏي آهي جو اتي جا رهاڪو پنهنجي زندگي ٻيڙين ۾ گذاريندا آهن، ٻيڙين ۾ ئي هنن جي ٻارن لاءِ اسڪول موجود آهي.
اهو ٻڌي هنن جو تجسس وڌي ويو ۽ سڀني هڪ راء ٿي فيصلو ڪيو ته سڀ کان اول هو نه صرف منڇر ويندا بلڪن هو اتي رات رهي اتان جي زندگيء کي ويجھڙائيء کان ڏسڻ چاهيندا.
جلد ئي هنن پنهنجي هيڊ کي چئي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ سيوهڻ جي ريسٽ هائوس ۾ ترسڻ جو انتظام ڪرائي ورتو ۽ انتظاميه جي زريعي اتان جا ويجھڙا ماڳ مڪان گھمائڻ لاءِ سونهين ( گائيڊ ) جو انتظام پڻ ڪرائي ورتو هو. جيئن ئي موڪلون آيون هنن هڪ وين ڀاڙي تي ڪئي ۽ ڪجھ مرد استاد ۽ ڪجھ ليڊي ٽيچرس ضرورت جو سمورو سامان کڻي اوڏانهن روانا ٿيا. هو صبح جو سوير ڪراچيء کان نڪتا هئا ۽ منجھند ڌاري سيوهڻ جي ريسٽ هائوس اچي پهتا. جتي هنن لاءِ ڪمرا مخصوص ٿيل هئا.
تازه توانا ٿي سڀ کان پهرين زيارت لاءِ ويا اتان اچي منجھند جي ماني کائي بس ڪين ته سونهون به اچي پهتو. ان جي ايندي ئي هو منڇر طرف روانا ٿي ويا، هو سڀ ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ ڏسڻ لاءِ خاصا بيتاب هئا. هنن جو خيال هو ته جيئن هو سمنڊ جي ڪنهن به پوائنٽ تي ويندا آهن ته سامهون هڪ وسيع وعريض ايراضيء ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو آهي جنهن جو ڪٿي به انت نظر ناهي ايندو، هتي به ساڳي صورت حال هوندي ليڪن جڏهن منڇر جي ڪناري تي پهتا ته کين مايوسي ٿي سندن تصور جي برعڪس صورت حال هئي. خود غزل به پهرين ڪڏهن به هن طرف ڪونه آئي هئي. ساٿين جي چهري جي مايوسي ڏسي هوء دل ئي دل ۾ پاڻ کي شرمسار محسوس ڪري رهي هئي. ساڻن کڏ آيل گائيڊ هنن لاءِ ڪناري تي بيٺل ٻيڙين مان ٻن وڏين ٻيڙين وارن سان ڳالهايو. ٻيڙيون ڪافي ڪشاديون ۽ صاف سٿريون هيون. ٻنهي کي هلائڻ وارا مرد ۽ عورت هئا. هنن پنهنجا آندل بيگ ۽ بيڊنگ ساڻ کنيا ۽ بي دليء سان ٻيڙين ۾ سوار ٿيا، اهو سوچي ته اها آهي منڇر ڍنڍ ! جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته پاڪستان ڇا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي.
گائيڊ ۽ ڊرائيور مردن واري ٻيڙيء ۾ سوار ٿيا. هنن جي چهرن جي مايوسي ڏسڻ وٽان هئي، ليڪن هي جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا هئا، واه ڪناري مهاڻن جا جھوپڙين نما گھر ڏسندا پئي ويا. جن جا اڌ اُگھاڙا ڪارڙا ڪَلوٽڙا ٻار ڪناري جي ويجھو اچي هنن جي ٻيڙين کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. مهاڻيون عورتون ڪي گھرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون هيون ڪي پڌر تي پيل ڇڳل ٽٽل کٽن تي ويهي رئي جي اوڍر ۾ پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن کي ٿڃ پياري رهيون هيون ته ڪي پري کان مٺي پاڻيء جا گھڙا ڪَڇن ۾ ۽ مٿي تي کنيو پئي آيون. سندن مرد بي نيازيء سان کٽن تي اهليا پيا هئا. غزل ۽ شايد ٻيڙين ۾ سوار سڀ مرد عورتون اهو سوچي رهيا هئا ته، هي ويچارا اڌ اگھاڙا ٻارڙا ڪهڙي زندگي گُذاري رهيا آهن. جن جي هر طرف پاڻي هجي جھينگر مڇر ، ڪُت ۽ اونداهي هجي.هنن کي ته بس جيئڻو آهي مانيء ڳڀو ميسر هجي يا نه، هر حال ۾ اتي ئي پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهڻو آهي، معاشيات جو اصول آهي ته غربت جو اصل ڪارڻ غربت ئي آهي، اسان غريب آهيون ان ڪري اسان نه ته سٺي تعليم حاصل ڪري سگھون ٿا، نه زندگيء جا ٻيا سڌريل طريقا ۽ لوازمات ماڻڻ اسان جي اختيار ۾ آهي، نه صحت آهي نه صفائي، اڌ تن اگھاڙا، اڌ پيٽ بکيا، شايد اهوئي اسان جو مقدر آهي، ته پوءِ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي رهنداسين ته اهيئي اڌ بکيا، اڌ اگھاڙا. اهو سڀ سوچي اسان پاڻ کي قسمت جي ڌارا تي ڇڏي ڏيندا آهيون، ته ٻئي طرف اسان جا اختيار ڌڻي به اسان کي اسان جي مقدر جي حوالي ڪري صرف پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن لاءِ سڀ لوازمات ۽ وسيلا استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ اسان اڪتفا پسندن ۽ قسمت تي ڀاڙيندڙن کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن ائين اسان پنهنجي ان خول مان ٻاهر نڪري ئي ناهيون سگھندا. اهو به زندگيء جو هڪ روپ آهي. ٻئي طرف جن کي سڀ ڪجھ ميسر هجي ٿو، ان جي باوجود به هو ڪيڏا نه ناشڪرا آهن.
ٻيڙيون جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيون هيون ڪنارو گم ٿيندو پئي ويو، آس پاس ٻيون به ڪيتريون ٻيڙيون روان دوان هيون . چپو چوريندڙ مهاڻا واٽ تي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيندا پئي ويا. جيئن جيئن سج جا پاڇا لڙندا پئي ويا ته جھينگرن ۽ مڇرن پنهنجا راڳ آلاپڻ شروع ڪيا، انهن جي ڀون ڀون جا آواز سوايا ٿيندا پئي ويا، ته ٻيڙين جو تعداد به وڌندو پئي ويو. اهو ڏسي سڀني جي چهرن جي مايوسي حيرت ۾ بدلجندي پئي وئي اهڙو جهان ته هنن پنهنجي تصور ۾ به نه سوچيو هو. هو هڪ عجب دنيا جو سير ڪري رهيا هئا.
ڪنارو زري گھت غائب ٿي ويو هو ۽ چوڌاري جيستائين نگاه پئي وئي، پاڻي ئي پاڻي هو. زمين جو نالو نشان به باقي نه رهيو هو. بس هو ته صرف ٻيڙين جو شهر آباد هو، جيڪي به هڪ ترتيب سان هڪ ٻئي کان ڪجهه پَر ڀرو لنگر انداز هيون. هر ڪنهن کي ٻئي جي پرائيوسيء جو خيال هو.
ان وقت سج به اچي لاهو پاهو ٿيو. ڇا ته سج لهڻ جو منظر هو. سڀني پنهنجون آندل ڪيميرائون کڻي فوڪس ڪيون ۽ رات گھري ٿيڻ کان پهرين انهن حسين منظرن کي ڪيميرائن ۾ پنهنجي پنهنجي اک سان محفوظ ڪري رهيا هئا.
اهو سڀ ڪجھ هنن لاءِ بلڪل نئون ۽ انوکو هو. سج آهسته آهسته پاڻيء ۾ ٽٻي هڻي رهيو هو. دور پري پهاڙي سلسلي جا ڌنڌلا پاڇا پسجي سگھيا پئي. شام گھري ٿيندي ئي هر ٻيڙِي ۾ اونداهي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ لالٽينن جون وٽيون اُڀيون ڪيون پئي ويون. اونداهي جي ڪري ڪجھ ٻيڙين ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي ڪيهاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا يا شايد بک ۾ پاهه ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا هجن. آخر ڪار سندن ٻيڙيون به هڪ پر ڀري جاء تي وڃي لنگر انداز ٿيون. رات به گهري ٿيندي پئي وئي ته بک به سوائي ٿي وئي هئي. مهاڻين کانئن رات جي ماني بابت پڇيو. هنن آندل سامان ۽ ٿانو ٿپا کين ڏنا ته هنن گڏجي مانيء جي تياري شروع ڪئي. ٻيڙيء جي مٿئين ڊيڪ تي مٽيء جي ٺهيل چُلهه ۾ ڪاٺيون وجھي باهه ٻاري وئي. اهو سڀ ڪراچيء جي پُر آسائش زندگي گھاريندڙن لاءِ اچرج جهڙو هئو. هو اهو سڀ ڪجھ حيرت سان ڏسي رهيا هئا ۽ اهڙي هر ايڪشن کي ڪيميرائن جي اک قيد ڪري رهي هئي. ان وقت سياري جي آمد آمد هئي. هلڪو هلڪو سياٽ محسوس ڪندي هنن آندل ڪمبل سان پاڻ ڍڪيو. مهاڻيون رڌ پچاءُ ڪري رهيون هيون. ۽ هي سڀ کين اهڙي ڪسمپرسيء جي حالتن ۾ به سندن ڪم خوش اسلوبي سان ڪندي ڏسي اندر ئي اندر ۾ پشيمان ٿي رهيا هيا، .ته اسان اهڙن آسائشن ڀري زندگي جيئندي به ڪيڏا نه ناشڪرا ٿي ويندا آهيون ننڍڙين مشڪلن کي به نڀائڻ جي سگھه ساري نه سگھندا آهيون ۽ هي عورتون آلين ڪاٺين جي باه دونهين ۽ هوا جي باوجود بغير ڪا شڪايت ڪندي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشس ۾ رڌل آهن شاباس آهي هنن جي صبر ۽ همٿ کي. اهو سڀ سوچيندي وقت جي گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو ۽ مهاڻين تازي ورتل مڇي ۽ ٻئي سامان مان هنن لاءِ مذيدار مڇي پلاءِ تيار ڪري ورتو هو. سندن آندل ٿانون ۾ کين ماني وڌائي ڏني وئي. ان وقت هنن کي بک به ڏاڍي لڳي هئي، ۽ جڏهن اهڙو مزيدار طعام آڏو هجي ته بک اڃان به سوائي ٿي وئي هئي. هنن سڀني خوب دل ڀري ماني کاڌي.. ڪجھ ئي دير ۾ چانهه به تيار ٿي وئي جيڪا پئندي سڄي ڏينهن جو ٿڪ ئي لهي ويو هو..
هلڪا ڦلڪا بسترا هنن وٽ هئا، ڪجھ رليون ٻيڙيء ۾ موجود هيون، پر هو ننڊ ڪرڻ ته ڪونه آيا هئا. هنن کي ته هتي جي رات کي انجواء ڪرڻو هو. رات جي وقت ڪيتريون گشتي ٻيڙيون لالٽينن جي روشنيء ۾ سندن ڀرسان لانگھائو ٿيون ته گائيڊ ٻڌايو ته هي گيم وارڊن جون ٻيڙيون آهن، جيڪي گشت ڪندي چيڪ ڪنديون آهن ته ڪو غير قانوني شڪار ته نه ٿو ڪري. بس سڀڪو پنهنجي ڊيوٽي پيو نباهيندو آهي، ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو ٿئي پيو.
بهرحال هي پاڻيء جو شهر نه صرف عجيب و غريب هو، پر دل لڀائيندڙ به هو. اهي سڀ نظارا ۽ زندگيء جو حقيقتون هنن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺيون هيون. هو سڀ سوچي رهيا هئا ته ڪيڏي نه مشڪل هوندي هنن جي زندگي، زندگيء جا سڀ معاملا هو هتي ڪيئن اُڪلائيندا هوندا. شايد هو هري مري ويا هوندا. هو پوري رات ڪچهري ڪندا رهيا هئا. ڀنڀرڪي مهل منڇر جي عجيب دنيا هئي، انهي وقت پرديسي پکين جي آمد آمد هئي ۽ ڪيترا شڪاري جيڪي صرف شڪار سانگي هتي آيل هئا، اهي ڀنڀرڪو ٿيندي ئي ننڍڙين ٻيڙين ۾ سوار ٿين لڳا، جن کي بتيلا پئي سڏيائون. ٻه ٻه شڪاري انهن بتيلن ۾ سوار ٿي شڪار ڪرڻ لاءِ کُلي ڍنڍ ڏانهن هن ٻيڙين جي شهر کان پري نڪري ويا. ۽ پوءِ پري کان ڪارتوسن جي ڇُٽڻ جا ڪن ڦاڙيندڙ آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. ته غزل جي اکين ۾ اداسي ڇانئجي وئي. هوء هڪ دفعو وري قنوطيت جو شڪار ٿي سوچڻ لڳي ته هي ويچارا پکيئڙا پنهنجو ديس ڇڏي جيئدان حاصل ڪرڻ لاءِ سوين هزارين ميلن جا مفاصلا طيء ڪري هتي اچن ٿا ته شايد هو موسمن جي اذيت ناڪ اثرن کان محفوظ ٿي ويا آهن ۽ ماري هنن جي تاڪ ۾ ڏند تکا ڪيو ويٺا آهن. ڪاش ! هنن کي ايتري سمجھ هجي ته هزارين ڪوهن جو مفاصلو طيء ڪري پرديس ۾ وڃي بارود وگھي دردناڪ موت مرڻ کان بهتر پنهنجي ديس جي سرد موسمن ۾ جان ڏجي. پر ويچارا بي زبان جاندار اهو سڀ سهندي به هر سال ڪٽڪن جا ڪٽڪ پرواز ڪري اچي هتي جان جا نذرانه پيش ڪن ٿا. اهو سڀ سوچيندي هو گھڻي ڏکاري ٿي وئي هئي.
ڪجھه ئي دير ۾ ناشتو ۽ چانهه پي موٽڻ جي تياري ڪئي ته ٻيڙين وارن به لنگر کنيا، پنهنجا ونجھ سنڀاليا ۽ واپسيء جي راهه تي هلڻ لڳا. صبح جو به ساڳيا منظر هئا، جيئن جيئن ڪنارو ويجھو پوندو پئي ويو ته ڪناري جي زندگي به روان دوان ڏسڻ ۾ آئي، فرق صرف اهو هو ته شام مهل عورتن سان گڏ مرد به ڪمن ڪارين کان واندا ٿي کٽن تي ويٺل هئا، ليڪن صبح جي وقت صرف عورتون ۽ ٻار ئي موجود هئا. مايون ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف هيون ته ٻار وري راند رهي رهيا هئا.
ٻيڙيون ڪناري سان اچي لڳيون ته لهي ڳچ پنڌ ڪري اچي وين ۾ چڙهيا. جلد ئي سيوهڻ ريسٽ هائوس پهچي ويا. جتي فريش ٿي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيل ڪمرن ۾ ڪجھ دير لاءِ آرام ڪيو. اڃان هڪ ڏينهن موڪل جو هيو. گائيڊ ٻڌايو ته اي سي صاحب صبحاڻي لاءِ توهان لاءِ لڪيء جي چشمن جو پروگرام رٿيو آهي. اڄ توهان ڀلي آرام ڪيو. سڀني فيصلو ڪيو ته اڄ شام سيوهڻ ۾ ترسي اتي ڪجھ جايون گھمڻ گھرجن ۽ شام جو شڪريه ادائي لاءِ اي سي صاحب سان به ملجي، جنهن پرنسپال جي گذارش تي هي سمورو انتظام ڪيو آهي.
ڪجھه ڪلاڪن جي آرام ڪرڻ کان پوءِ هنن جو رات جي اوجاڳي جو ٿڪ به لهي ويو. هو تازه توانا ٿي چانهه پي رهيا هئا ته سندن لاءِ مقرر ڪيل سونهون به اچي پهتو، ته سڀني پنهنجون ڪيمرائون سنڀاليون ۽ نڪري پيا سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس جا علائقه گھمڻ لاءِ. چئو ٿنڀي، لعل باغ وغيره گھمي ڦري واپس موٽي آيا. ريسٽ هائوس مان ئي ايس ڊي ايم جي آفيس فون ڪيائون ته خبر پئي ته صاحب موصوف ڪنهن ميٽنگ سانگي حيدرآباد ويل آهي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ واپسي ٿيندي. ان لاءِ پيغام نوٽ ڪرائي رات جي ماني کائي سڀڪو وڃي آرامي ٿيو.



صبح جو سوير ڀرو سجاڳ ٿي ناشتو پاڻي ڪري رهيا هئا ته سونهون به اچي پهتو. پروگرام اهو ٺهيو ته هتان لڪيء جا چشما وغيره گهمڻ کان پوءِ هو ڪراچيء لاءِ روانه ٿي ويندا.
ٻاهر نڪتا ته وين تيار هئي، ناصر صاحب جيڪو هونئن ته چترڪار هو، پر في الحال هو قدرت جي خوبصورت منظرن کي پنهنجي ڪئمرا ۾ قيد ڪندو پئي ويو. جڏهن هو لڪيء جي پهاڙي سلسلي وٽ پهتا ته اهو ڏسي کين حيرت لڳي ته اتي هڪ ٽڪريء جي دامن ۾ هڪ ننڍڙو مندر ٺهيل هو. جنهن مان اندازو پئي ٿيو ته هتي قديم زماني کان هندو مذهب سان واسطو رکندڙ پنهنجي مذهبي تهوارن تي مٿي چشمن تي وهنجڻ کان پوءِ ضرور هتي پوڄا پاٺ ڪندا هوندا. بلڪه سونهين اهو پئي ٻڌايو ته هو اڃان تائين هتي تهوار تي وهنجڻ ايندا آهن. هو چاڙهيون چڙهڻ لڳا ته جبلن مان وهي ايندڙ هڪ جھرڻي جي ٿڌي ۽ شفاف پاڻيء سندن استقبال ڪيو. جيتوڻيڪ جھرڻو تمام ننڍو هو پر هنن جي دل چاهيو ته ڪجھ دير لاءِ هتي ويهي پير پُسائجن. سڀني جوتا لاهي جھرڻي جي ٻنهي پاسن تي اچي ديرو ڄمايو. جيتوڻيڪ موسم ڪي قدر سرد هئي، پر اهڙي شفاف پاڻيء ۾ پير پُسائڻ کان روح رهي نه سگھيو. پهرين ته کانئن هلڪو ڇرڪ نڪتو پر پوءِ سندن اندر جي تپش پاڻيء جي ٿڌاڻ کي ماٺو ڪري ڇڏيو هو.
غزل جنهن جو اندر سڙي پڄري رهيو هو، اها پير پسايو عجيب فرحت محسوس ڪري رهي هئي. ۽ دور خلائن ۾ ڪجھ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. شايد پنهنجو پاڻ، جيڪو الائي ڪيڏانهن وڃائجي ويو هو. بس ان وقت هن جي دل چاهيو پئي ته سسئيءَ وانگي پنهنجو پنهون تلاش ڪرڻ لاءِ بجاءِ ڏونگر ڏارڻ جي اُتي ئي ويٺي رهي، هميشه لاءِ، اڪيلي، تنها، ڀلا ڪڏهن جبل جھاڳيندي به ڪنهن پنهون پَسيو آهي، ته پوءِ هي ويچارو ڀورڙو انسان سدائين سرابن ۽ رُڃ جي پويان اهڙو خوار و خراب ڇو ٿيندو آهي. جيڪڏهن کيس اها پَروڙ پئجي وڃي ته هو صرف پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسي، کيس سڀ ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويندو، ته اهو دُک ، اهو درد وڌيڪ سوايو آهي ڪنهن کي ڳولهي وڃائڻ کان. اها تڪيف، نسبت ان تڪليف جي جيڪا اڪيلاين جو عذاب ڀوڳي، پنهنجي وجود کي ڳولهي لهڻ جي. غزل اڄ صرف ۽ صرف پنهنجي وڃايل وجود جي متلاشي هئي، جيڪو آدرشن جي تمنا لاحاصل ۾ الائي ڪٿي ڀَڃي ڀُري ريزه ريزه ٿيو پيو هو. انسان جي زندگي آخر ايتري اڙانگھي ۽ ڏُکي ڇو هوندي آهي، جنهن ۾ جھريل ۽ پاش پاش ٿيل اميدون ۽ آرزوئون، لُٽيل ڦريل حسرتون هن دردن ڀري ڌرتيء تي ڦٽجي پيل دليون نامڪمل رهجي ويندڙ آسون. آخر انسان زندگيء جي هر قدم هر موڙ تي انهن حالات، انهن لا محدود تمنائن جي وَرِ پنهنجو پاڻ کي ڇو ٿو چاڙهي ڇڏي. انسان ته سمجھ رکي ٿو، هو سڀني مخلوقن کان وڌيڪ عقلمند ۽ مرتبي وارو آهي. ته پوءِ پاڻ کي انهن حالتن ۽ اڻ کُٽ خواهشن آڏو ايترو لاچار ۽ بي وس ڇو سمجھي ويهي ٿو. هو ته ڏونگر ڏارڻ ۽ سمنڊ اُڪرڻ جي همٿ ۽ حوصلو رکي ٿو ته پوءِ پاڻ ، انهن فضول ۽ بي سود تمنائن ۽ آرزوئن آڏو سر نوائڻ لاءِ ڇو مجبور ٿي وڃي ٿو، جو اهي سڀ درد پيڙائون نا اميديون نراسايون ڪنهن خوفناڪ جن ڀوت جيان سندس من اندر واسو ڪري ويهي رهن ٿيون. ۽ پوءِ انسان ان زندگيء کي بار سمجھي ڍوئڻ جي بي لاڀ سعي ڪرڻ لڳندو آهي. آخر اسان انهن فضول ۽ لاحاصل تمنائن جا غلام ۽ محتاج ڇو بنجي ويندا آهيون. اسان کي انهن پوريون نه ٿيڻ وارين خواهشن کي پنهنجي مٿان حاوي ڪرڻ ڀلا ڪو چڱو عمل آهي.
”هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري.“
اهو سڀ سوچيندي هن جي اکين مان هڪ ڀٽڪيل لڙڪ نمودار ٿيو ۽ ڳلن تي پهچڻ کان اول ئي پلڪن ۾ جذب ٿي ويو. مونيڪا جيڪا هن جي بلڪل ڀرسان ويٺي هئي ۽ ڪافي دير کان هن جي چهري جي بدلجندڙ رنگن جو بغور جائزو پئي ورتائين. هن غزل کي اهڙي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو، هوء ته کيس هميشه برد بار، سنجيده ۽ هر فڪر کان بي پرواه لڳندي هئي، ته پوءِ اهڙي خوب صورت ماحول ۾ هن جو موڊ ايترو نااميدي ۽ مايوسيءَ جو شڪار ڇو ٿي ويو آهي. اهڙي وڻندڙ صبح ۾ جڏهن آس پاس ايڏا حسين ۽ سحر انگيز منظر هجن، جن کي پسندي انسان پنهنجون سڀ پريشانيون، مونجھارا ۽ دک درد هڪ پاسي ڪري صرف زندگي کي جيئڻ چاهيندو آهي. اهڙي مقام تي ته اسان تي هڪ طلسماتي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي ۽ هيء عورت اهڙي اداس ۽ غمگين ڇو ٿي وئي آهي. سندس نيڻ ڇو ڀڄي ويا هئا جن کي هوء اکين ئي اکين ۾ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻيا سڀ هن جي اندر جي ڪيفيت کان بي خبر انهن خوبصورت گھڙين کان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. اچانڪ ان خاموشيء جو سحر ٽُٽي ويو جڏهن ناصر صاحب جي خوشيء ۾ هلڪڙي رڙ نڪري وئي. هن جي آواز تي سڀني هن ڏانهن نهاريو ۽ هنن جو نظرون، سندس نگاهن جو تعاقب ڪنديون اوڏانهن کڄي ويون. هڪ تمام اوچي ٽڪريء تي هڪ ننڍڙو ٻڪري جو ٻچڙو ٺينگ ٽپا ڏيندو تمام اوچائي تي پهچي ويو هو ۽ شرارت مان هيٺ چَرندڙ ٻڪرين کي ڏسي رهيو هو. ناصر صاحب سان گڏ باقي سڀني به هن جي هر چُر پُر جون تصويرون پئي فوڪس ڪيون ۽ پوءِ چاڙهيون چڙهي مٿي پهتا. ڪافي بلند پهاڙي سلسلو هو. ڪجھ پنڌ تي هڪ پاسي مسافر خانو هو، جنهن جي سامهون هڪ ڪوٺڙي هئي جنهن لاءِ اتي ويٺل ڪجھ ماڻهن ٻڌايو ته هن جي اندر هڪ غار جو رستو آهي. اهو ڏسي اڳتي وڌيا ته ڪجھ پنڌ تي گرم پاڻيء جا چشمه هئا جن مان گندرف جي بوء پئي آئي . هڪ پاسي کان اندران ئي اندران پاڻي نڪري رهيو هو ۽ شايد ڪنهن طرف کان چشمي جو وهڪرو هو جيڪو ان پهاڙي سلسلي جي ڪنهن ٽڪريء مان پنهنجو رستو ٺاهي جھرڻي جي صورت ۾ وهي رهيو هو، ائين چشمي جو پاڻي هر وقت صاف و شفاف بنجي پئي ويو. جتي ڦٽن ڦرڙين جا مريض شفا ياب ٿيڻ لاءِ ايندا رهندا آهن. چشمي جي بلڪل وچ ۾ پردو ڏئي عورتن لاءِ الڳ ڪيو ويو هو. پاڻيء ۾ هٿ وجھڻ سان ڪافي گرم پئي لڳو. قدرت جو به عجب انتظام آهي، هيٺ جھرڻي جو پاڻي جيترو سرد هو اوترو ئي مٿي هي پاڻي گرم هو. ڪجھ دير ترسي فوٽو گرافي ڪيائون. قدرت جي هنن حسين منظرن مان حِظ حاصل ڪندا رهيا.
ڪجھه دير کان پوءِ واپسيء جو سفر شروع ٿيو. سونهين کي بس اسٽاپ تي ڇڏيائون. آخر اچي ڄامشورو پهتا. وقت به ڪافي ٿي ويو هو. ۽ بک به کين بي حال ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري هو سنڌوء ڪناري لان تي پيل ڪرسين تي اچي ويٺا، ڀرسان هڪ ننڍي ڍاٻي نما هوٽل هئي. جتي تازي ماريل مڇي فراء ٿي رهي هئي. جنهن جي خوشبو هنن جي بُک جي اشتها کي سوايو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. درياء ۾ ايترو پاڻي ڪونه هو، صرف وچ تي واهه وانگر پاڻي موجود هو، جتي مهاڻا ٻيڙين تي پنهنجي ڄارن ۾ مڇي ڦاسائي رهيا هئا.. جيستائين سندن آرڊر تيار ٿئي، هو پُل جي چئني طرفن جو نظارو پسڻ لاءِ پسار ڪندا، المنظر هوٽل طرف وڌي ويا. ان وقت ٿڌي هوا گھلي رهي هئي جيڪا ڪراچيء جي دونهاٽيل ۽ گھميل موسم جي مقابلي م هنن کي فرحت جو احساس ڏياري رهي هئي. واڪ ڪندي تصويرون به ڪڍندا رهيا.غزل ته يونيورسٽي ۾ پڙهائيء دوران ڪيترائي ڀيرا هتي اچي چڪي هئي. باقي سڀني لاءِ اهڙي پُر فِضا مقام تي اچڻ جو هي پهريون موقعو هيو. هو ان سڄي ماحول کان ڪافي لطف اندوز ٿيندا رهيا. مونيڪا گھڙي ڏسي کين ياد ڪرايو ته ڪافي دير ٿي وئي آهي، ڪاٿي ڍاٻي وارا اهو نه سمجھي وٺن ته اسان هنن کي آرڊر تيار ڪرڻ جو چئي رفو چڪر ٿي ويا آهيون. هن جي ياد ڏيارڻ سان سڀني کي بُک جو احساس به شديد ٿي ويو. هو جيئن پُل وارو روڊ ڪراس ڪري پُل جي ٻئي طرف وڃي رهيا هئا، ان وقت هڪ اڇي رنگ جي سرڪاري نمبر پليٽ سان جيپ اتان گذري، گھڙي پل لاءِ ان جي رفتار ڪجھ جھڪي ٿي، ته غزل جي نگاهه اتفاقيه طور تي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل شخص تي پئي، هڪ لمحي لاءِ سندس اکين ۾ حيرت جو احساس اُجاگر ٿيو، ليڪن ٻئي لمحي سندس چهري تان اهو تاثر ختم ٿي ويو. هوء سوچڻ لڳي،
”ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي، جيپ ۾ ويٺل شخص افراز جهڙو پئي لڳو، پر افراز ته اسلام آباد ۾ آهي. هن جو هتي ۽ اهو به سرڪاري جيپ ۾..... ماڻهو ماڻهن جهڙا. اهو منهنجو وهم ٿي سگھي ٿو. پر، جيپ واري به ته کين ڏسي گھڙي پل لاءِ گاڏيء جي رفتار گھٽائي ڇڏي هئي......... نه، افراز جو هتي ڪهڙو ڪم........ اسان کي گذرندو ڏسي شايد رستو ڏيڻ لاءِ هن گاڏي ڍري ڪئي هجي ؟ “
اهو سڀ سوچي مٿو جھٽڪي اچي لان تي پيل ڪرسيء تي ويٺي. ان لمحي ماريه ۽ سندس گھر وارن جي ياد شدت سان اچي رهي هئي. سڀ ڪٿي آهن ؟ ڪهڙي حال ۾ آهن ؟ اهڙو وڃي اسلام آباد وساين جو ڪڏهن ڀلجي به ڪراچيء جو رُخ نه ڪين. حيدرآباد ۾ ته هن جي مائٽن جو گھر هو. اتي ته ايندا هوندا. پوءِ به منهِنجي سڪ نه ستاين جو ٻن ڪلاڪن جو مفاصلو طيء ڪري مونسان اچي ملي وڃن ها. پر ڇو مونسان هنن جو هڪ سرسري ناتو هو، دوستيء جو، يا منهنجي ضرورت ۽ مجبوريء جو، جڏهن مان ٻئي هنڌ ٿانيڪي ٿي ويس، ته اهو ضرورت جو رشتو به وقت جي دز ۾ ڪٿي گم ٿي ويو، نوان ساٿي نيون دوستيون. هي دنيا ئي ائين آهي، جيڪي اڳتي وڌيا سي نڪري ويا پوئتي مڙي ڏسڻ جي بغير، جيڪي بيٺا، اهي اتي ئي ساڪت ۽ جامد بيهجي ويا، پنڊ پهڻ ٿي ويا، ڀلاڪو اهڙن پنڊ پهڻ ٿي بيٺلن لاءِ به ڪير پنهنجو وقت کوٽو ڪرڻ چاهيندو، ته پوءِ مان ڪنهن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان،انهن ئي خيالن ۾ هئي ته ماني تيار ٿي اچي وئي هئي، سڀني ڏاڍو انجوء ڪيو. ۽ پوءِ ڪراچي لاءِ نڪري ويا.

13

غزل جي زندگي بي مقصد ۽ بي رونق بنجي وئي هئي، گھر کان انسٽيٽيوٽ ۽ اتان گھر. ڪئي دفعه کيس خيال آيو ته هتي ائين رهيو پيو هجڻ کان بهتر آهي ته ڳوٺ موٽي وڃجي ڪجھ به هجي اُتي سڀ پنهنجا آهن، انهن سان رت جا رشتا جڙيل آهن، پر بس هوء ڪنهن اڻڄاتل وقت جو انتظار ڪري رهي هئي، نه ڪو نياپو نه سنيهو، نه وري واپسيء لاءِ ڏياريل ڪا آس ڪا اميد. پوءِ به هوء انهن اڻ ڄاتل راهن تي هلندي پئي وئي. ته متان هڪ ڏينهن فواد پنهنجو سڀ ڪجھ ڇڏي واپس موٽي اچي، انسان به ڪهڙو عجيب جناور آهي، هر طرف اونداهين مايوسين جي گھور انڌيرن ۾ به اميد جو دامن ناهي ڇڏيندو، متان ڪو روشنيء جومڌم ڪرڻو ڪنهن جھروڪي مان ليئو پائي، ۽ مان ان گھڙيء موجود نه هجان. بس اها ئي آس لڳائي اُتي رهي پئي هئي.
هن جي مونيڪا جارج سان ڪافي ويجھڙائي ٿي وئي هئي. مونيڪا به هينئر تائين شادي نه ڪئي هئي، ليڪن هوء پنهنجي گھر وارن سان گڏ هڪ مطمئن زندگي بسر ڪري رهي هئي. هوء جڏهن غزل کي اهڙي ياس ۽ نراسائيء جي ڪيفيت ۾ ڏسندي هئي، ته کيس ڪافي دلاسا ڏيندي هئي، جيئڻ جي اميد جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ هميشه چوندي هئي،
”اور بهي دک هين زماني ۾ محبت ڪي سوا. “
هن کي غزل جي هنن اداسين جو ڪي قدر اندازو ٿي ويو هو، پر هن ۾ ڪُريد جي عادت نه هئئ پوءِ به هوء هر موقعي تي سندس دلجوئي ڪندي رهندي هئي.
هنن محرومين ۽ اداسين جي دنيا مان نڪري ڏس، ڇو نٿي ان ياسيت کي مِٽائڻ جي ڪوشش ڪرين. دنيا ايتري به بدصورت ناهي، بس اسان کي ان ۾ پنهنجي تسڪين جا رنگ ڀرڻ اچن. غزل جو ته هاڻي پنهنجي ان فن سان به ڪو چاهه نه رهيو هو، جنهن سان ڪنهن زماني ۾ سندس عشق هو تڏهن ئي ته هن جي هٿن جي جنبش سان شاهڪار مجسمه سرجي پوندا هئا. ڪنهن ڪنهن مهل ته ساڳيو ڪم سيکاريندي کيس سخت بيزاري ٿيندي هئي. بي جان مجسمن مان هاڻي دل ڀرجي وئي هئس.، جن ۾ نه احساس هئا، نه جذبه، ته پوءِ هوء چند سڪا ڪمائڻ ۾ وقت ڇو پئي وڃائي.

.

هڪ ڏينهن جڏهن موسم ڪافي خوشگوار هئي، هوء مونيڪا سان گڏ پيانو تي هڪ نئين ڌُن ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ۾ هئي ته اچانڪ مونيڪا ڪجھ ياد ڪندي چيو،
”اڄ شام جو اسان جي گھر هڪ ننڍڙي تقريب آهي، اصل ۾ منهنجي ڀاءُ جي برٿ ڊي آهي ۽ تون مونسان گڏ اسان جي گھر هلين پئي.“
غزل انهي سڄي عرصي ۾ جڏهن کان فواد ويو هو، تمام گھٽ ڪيڏانهن ايندي ويندي هئي، ان ڪري هن گھڻئي حيلا بهانا ڪيا، ڪيئن هلي سگھان ٿي، گھر وڃين تيار ٿيان ته سواري ناهي، اڪيلي واپس ڪيئن موٽنديس، وغيره وغيره. پر مونيڪا سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس سمجھايو ته هيء ڪا عام روائتي برٿ ڊي پارٽي ناهي، جتي بنجي سنورجي وڃڻ ضروري هجي ٿو. بس هيء ته هڪ رسم آهي ۽ ڪيڪ کائڻ جو بهانو. تون هلندينءَ ته توکي ضرور مزو ايندو. هن جي ايتري خلوص ۽ زور ڀرڻ تي هوء شام جو اُتان ئي مونيڪا سان گڏ سندس ننڍڙي فوڪسي ڪار ۾ سوار ٿي مونيڪا جي گھر پهتي. مونيڪا جو گھر ننڍو پر نهايت خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ انداز ۾ تعمير ٿيل هو. هوء مونيڪا سان گڏجي سندس بيڊ روم ۾ هلي آئي، جتي فريش ٿي هن جي بيڊ تي اچي ويٺي. ان وقت مونيڪا جي ننڍي ڀيڻ ٻارهن تيرهن سالن جي لانگ فراڪ ۽ لانگ ساڪس پهريل ٽري ۾ ٻه ڪوپ چانهه ۽ ڪجھ سنيڪس کڻي آئي. سادگيء سان سلام ڪري چانهه رکي هلي وئي. غزل ۽ مونيڪا چانهه پي، جلدي جلدي ڊريسنگ آڏو وار سنواري ٻاهر لائونج ۾ اچي ويٺيون. ڪجھ ئي دير ۾ هڪ اڌ وهي ڪڻڪ رنگي عورت سادي ساڙهي پهريل، نظر جو چشمو لڳل ڪمري ۾ داخل ٿي، ته غزل سمجھي وئي ته اها يقيناَ مونيڪا جي ماء هوندي. هن اٿي کيس سلام ڪيو، ته هن به وڌي نرڙ تي چمي ڏئي کيس دعا ڏني. خاتون انتهائي مهذب ۽ پُر خلوص هئي.. مونيڪا غزل کي ماءُ سان ويهاري پاڻ ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي. ڪجھه ئي دير ۾ سندس ڀاء جيڪو بلڪل مونيڪا جو هم عمر پئي لڳو، پنهنجي گھر واري ۽ ٻن پيارن ڌيء پُٽ سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيو، غزل کي سلام ڪري هو هڪ طرف اچي ويٺا ته مونيڪا ۽ ڀيڻس ٽراليء ۾ هڪ گھر جو ٺهيل ڪيڪ ۽ ڪجھ پليٽون کڻي آيون، ڪيڪ سندس ڀاءُ چارلس سادگيء سان ڪٽي سڀني کي کارايو. ۽ هڪ پليٽ ۾ غزل ڏانهن به وڌايو. غزل اهڙي سادي سالگره تقريب پهرين ڪڏهن ڪونه ڏٺي هئي. ان کان علاوه ٻيو ڪوبه اهتمام ٿيل ڪونه هو.
ڪيڪ جي رسم کان فارغ ٿي چارلس ٻاهر نڪري ويو، ته مونيڪا غزل کي چيو ته هل ته توکي هڪ نئين دنيا ٿي ڏيکاريان. ائين چئي کيس ٻانهه کان جھلي ٻاهر نڪري آئي، جتي هڪ وين موجود هئي. ٻئي وين ۾ اچي ويٺيون ته ڪجھ ئي دير ۾ مسٽر ۽ مسز جارج، چارلس پنهنجي خاندان سان گڏ، سڀ اچي وين ۾ سوار ٿيا. وين جي باقي سيٽن تي کوڙ ساترا ننڍا ننڍا پئڪيٽ رکيل هئا. غزل وائڙي ٿي اهو سڀ ڪجھ پسي رهي هئي. مونيڪا هن جي حيرانگي دور ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌائڻ لڳي،
”چارلس منهنجو ٽوئينز ( جاڙو ڀاءُ ) آهي، هو هڪ بين الاقوامي اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ پنهنجي سالگره مونکان هڪ ڏينهن پوءِ الڳ سان اِن طريقي سان ملهائيندو آهي. “
انهي وقت هو هڪ اهڙي جاء تي پهتا، جتي هر طرف جھُڳيون ٺهيل هيون ۽ غريبن جا ٻارڙا اڌ اُگھاڙا هيڏانهن هوڏانهن راند رهي رهيا هئا. هو غربت باوجود به پنهنجي حال ۾ مست مگن هئا. گاڏيء کي پنهنجي گھرن جي طرف ايندو ڏسي سڀ راند ڇڏي تجسس مان گاڏيء جي ويجھو اچي بيٺا، ته گاڏيء جي آواز تي ڪجھ عورتون به جھڳين مان نڪري آيون. ڊرائيور گاڏي ڪجھ مفاصلي تي بيهاري ته سڄي جارج فيملي گاڏيء مان لهي آئي. ان وقت هنن سڀني کي تمام ساده لباس پهريل هئا، ايستائين جو ٻنهي ننڍڙن ٻارڙن کي به معمولي لباس پاتل هو. ڊرائيور ساڳي ٽرالي وين مان ٻاهر ڪڍي ته چارلس پاڻ هڪ وڏو دٻو کڻي آيو ۽ اهو اچي ٽراليء تي رکيائين. غريب وسنديء جا ٻرڙا تجسس سان اهو سڀ ڏسي رهيا هئا. جارج ۽ فيملي به اچي ڀرسان بيٺي. مونيڪا غزل کي پاڻ سان گڏ اڳتي وٺي آئي ۽ سڀني ننڍڙن ٻارڙن کي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيائين. سڀ ڊڄندا ڊڄندا پهرين مائرن ڏي ڏٺائون ۽ پوءِ اڳتي وڌي آيا، ته چارلس پنهنجي ٻارڙن کي انهن سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ڪيڪ ڪٽي آندل ڊسپوز ايبل پيالين ۾ وجهندو پنهنجي ٻارن کي ڏيندو ويو ۽ انهن سڀني ٻارن ۾ ڪيڪ ورهايو، ته مونيڪا ۽ غزل بيٺل عورتن ۾ پڻ ڪيڪ ورهايو. ۽ پوءِ پاڻ به کائڻ لڳا. ٻارڙن ۽ عورتن جي چهرن تي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ڪنهن گاڏيء مان لهندڙ خاندان پهريون دفعو هنن مسڪينن کي پنهنجي خوشين ۾ ائين شريڪ ڪيو هو، جو کين اهو احساس به ٿيڻ نه ڏنو هو، ته هو ڪپڙي لٽي ۾ هنن کان بهتر آهن ۽ اهو سڀ ڪندي سندن چهرن تي عجيب اطمينان، آسودگي ۽ خوشي بَکي رهي هئي. هنن کي بناوت کان پاڪ خوشي ۾ ٻهڪندو ڏسي، غزل جي به عجيب ڪيفيت هئي. هن پهريون ڀيرو اهڙي ڪا تقريب ڏٺي هئي ۽ انهن غريب وسنديء وارن جي چهرن تي به اهڙو اطمينان ظاهر هو جيئن هو پنهنجي رَب جي رضا تي راضي هجن. بس هو اڄ وڌيڪ خوش ان ڪري پئي لڳا جو ڪنهن خاندان پنهنجين خوشين ۾ هنن کي شريڪ ڪيو هو.
غزل جي ان گھڙِيء عجيب ڪيفيت هئي. هي اڌ اگھاڙا ٻارڙا ڦاٽل ڦوٽل لباس پهريل، ميرانجھڙيون عورتون هن حال ۾ به بي فڪر پئي لڳيون. نه حاصل ڪرڻ جي حسرت ۽ نه وڃائڻ جو خوف. بس جيڪا زندگي هنن کي هن معاشري گذارڻ تي مجبور ڪيو هو، بغير ڪو شڪوه شڪايت ڪئي، بس گذاريائون پئي. رب جي رضا تي راضي رهڻ سِکي ورتو هئائون ۽ اسان جن کي خدا جي هر نعمت حاصل آهي، پوءِ به خود ساخته حسرتون ۽ آشائون اندر ۾ پالي، هرو ڀرو پاڻ کي دڏکارو ۽ مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهون ٿا. ڄڻ زندگيء صرف اسان سان بيواجبي ۽ بي انصافي ڪئي هجي. اڄ هن زندگيء جو نئون سبق پِرايو هو. چارلس ۽ فيملي گھڙي پل لاءِ ئي سهي، هن وسنديء جي مڪينن ۾ اهو احساس ضرور روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته هو به باقي انسانن سان، جيڪي هنن جي خوابن جي دنيا کان ڪوهين دور رهن ٿا، هنن سان پنهنجو هجڻ جو احساس جاڳائڻ جي هڪ معمولي سهي،ڪوشش ضرور ڪئي اٿائون.
ٻارن ڪيڪ کائي ڪاغذ جو پياليون اڇلائڻ جي بجاء پنهنجي مائرن کي سانڍڻ لاءِ ڏنيون. ايتري ۾ جارج سمورا پئڪيٽ گاڏيء مان لهرائي سڀني ٻارن ۾ ورهايا نه صرف انهن ٻارن ۾ پر يڪجهتي طور ساڳيو هڪ هڪ پئڪيٽ پنهنجي ٻارن کي به ڏنو، متان ٻيا ٻار پاڻ کي هنن آڏو الڳ محسوس ڪن، ۽ ائين پنهنجون خوشيون انهيء وسنديء وارن سان ونڊي واپس موٽي آيا.
رستي ۾ مونيڪا غزل کي ٻڌايو ته هو شروع کان پنهنجون سالگرهون اهڙين ئي بستين ۾ ملهائيندا آهن ۽ شايد ائين هو پنهنجي لاءِ تسڪين جو سامان ڪندا آهن.



اڄوڪو ڏينهن غزل لاءِ ڪيترائي سرپرائيزز ۽ نياپا کڻي آيو هو. هوء پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ۽ هوائن ۾ محسوس ڪري رهي هئي. مهينن بلڪه ورهين جا ٿڪ ڄڻ لهي ويا هئس. هن کي زندگيء جيئڻ جو هڪ نئون حوصلو، هڪ نئون رُخ ملي ويو هو. هن ايترو عرصو رُڃ پويان ڊوڙندي ڊوڙندي پير پِٿون ڪري ڇڏيا هئا. اڄ کيس ڄاڻ پئي هئي ته اسان انسان ڪيڏا نه خودغرض مطلبي ۽ موقع پرست آهيون. پاڻ ئي خواب لهون ۽ وري انهن کي ساڀيان ٿيندو نه ڏسي پاڻ کي ئي لهولهانِ ڪري وجھون. ڇا اسان کي جيڪا زندگي صرف هڪ دفعو ملي آهي، اها بس ائين رُڃ ۽ سَرابن جو پيڇو ڪندي گذاري ڦٽي ڪيون. صرف ڪنهن سان محبت ڪري حاصل ڪرڻ جي تمنا ۾ پنهنجي ئي جذبن کي رسوا ڪري ڇڏيون. اطمينان ته تڏهن ملندو جڏهن اسان هڪ ڀيرو هن مليل جيون کي ڀرپور انداز ۾ جيئون ۽ زندگي جيئڻ ته آهي ئي ٻين سان گڏجي جيئڻ جو نالو. اهڙن انسانن سان پنهنجا حوصلا، پنهنجون تمنائون، گڏجي گھارڻ جو مزو باقي سڀني خوشين کان وڌيڪ اُتم ۽ سڪون ڏيندڙ آهي.
هوءَ اڄ ڪيتري عرصي کان پوءِ سڪون جي ننڊ سُمهي هئي، جنهن ۾ نه هن ڪو خواب لڌو هو ۽ نه بي چين ننڊ سمهي هئي. خواب ته هوندا ئي نا آسوده تمنائن ، اڻ پوريون ٿيندڙ خواهشن جو پرتوو ياعڪس.جڏهن انسان پنهنجي زندگي ۾ اهڙين آرزوئن کي جاء ڏئي ويهندو آهي جيڪي اڻ ٿيڻيون هونديون آهن ته انهن جو اسان جي لاشعور ۾ اهڙو ته گھرو عڪس رهجي ويندو آهي جو اسان جڏهن بي چين ننڊ سمهندا آهيون ته اهي عڪس لاشعور جو ديوارون ٽپي خوابن جي صورت ۾ اسان جي آڏو اچي ويندا آهن ۽ اسان انهن جي پنهنجي مرضيء جي تعبير ماڻڻ لاءِ سرگردان ٿي ويندا آهيون. ڀلا اهڙن خوابن جي ڪا تعبير به ماڻي سگھبي آهي.

موڪل هئڻ ڪري هوء صبح جو گھڻي دير تائين سمهي رهي ۽ جڏهن سُجاڳ ٿي ته صبح جا ڏهه پئي ٿيا. هوء اطمينان سان اٿي باٿ روم ۾ وڃي گھڻي دير تائين مٿي تي پاڻي نائيندي رهي، ۽ ورهين جي ٿڪ کي لاهي تازي تواني ٿي ٻاهر نڪري ڀرپور ناشتو ڪري اچي بيڊ تي ويٺي ڪالهوڪي واقعي هن جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي هئي. سوچ جو انداز ئي مَٽجي ويو هوس. کيس جيون گھارڻ جو هڪ نئون رستو، نئون ڏَس ملي ويو هو. هوء سوچي رهي هئي ته هاڻي ڪافي نوڪري ڪئي، گھڻئي پرديس ڪاٽيو. سڀ ڪجھ ڇڏي واپس پنهنجن ڏانهن ورجي. هن کي گھران ڪئي دفعا فون آئي هئي ته سندس بابا جي طبعيت ٺيڪ نه ٿي رهي.
بس اهو سڀ سوچي هن ٻئي ڏينهن انتظاميه سان ڳالهايو ۽ ڊگھي موڪل ورتي.
ٻئي ڏينهن هن واپس وڃڻ لاءِ سامان سهيڙيو پئي ته نائله وچون دروازو هلڪي آواز ۾ کڙڪائي اندر داخل ٿي، هن کي سامان سهيڙيندو ڏسي چوڻ لڳي،
”آپ ڪهين جارهي هئين“
”هان، مين ڪچهه دير مين آپ لوگون کو بتاني آني والي تهي. که مين ني لمبي چهڻي لي هي، اور واپس گھر جا رهي هون.“
اهو ٻڌي نائله اداس ٿي وئي، هنن جو ڪافي عرصي جو ساٿ هو،ان ڪري هن سان ڪافي انسيت ٿي وئي هئي،
”اب آپ بهي چلي جائين گي تو هم تو بلڪل اکيلي ره جائين گي. خير هر ايک کو جانا هي هوتا هي، ڪوئي جلدي چلا جاتا هي تو ڪوئي دير سي، الله آپ ڪو بهي اپني گهر جاکر ڍير ساري خوشيون سي همکنار کري. مين تو آپ سي ايک اچهي خبر شيئر کرني آئي تهي، ليکن آپ کي جاني کا سن کر ساري خوشخبري دهري رهه گئي.“
”نهين ، نهين سنائو نا کوئي اچهي خبر، مين آج ايسي هي خبرين سنني کي خواهان هون. “
”دراصل مين آپ کو يه بتاني آئي تهي که وه زرتاج آپي، جو چند دنون مين آپ کي اچهي دوست بن گئي تهي، اس کي اپني کسي کزن سي شادي هوگئي. اور وه بهي اس کي مرضي سي، اور وه کيناڊا چلي گئين. “
”اري واه ! يه تو واقعي بهت بڙي خبر هي، آج کا دن واقعي بهت اچها دن هي. ميرا رب بڙا کارساز هي، مجھي تو اب بهي اس کي روني چلاني کي آوازين کانون مين گونجتي رهتي هين. اچها هوا اس ني اپني آپ کو ڊهونڊ ليا. خدا اس کي خوشيون کو سلامت رکهي، آمين.“
اهڙيون ئي کوڙ ساتريون ڳالهيون ڪنديون ۽ پيڪنگ ڪنديون رهيون. ان ئي ڏينهن ايما وارن شام کان هن کي پنهنجي طرف سڏي ورتو هو، شام جي چانهه رات جي ماني هنن کيس ڪرڻ ئي نه ڏني هئي.هو گهڻي دير تائين ڪچهري ڪنديون رهيون.
ٻئي ڏينهن ايما آنٽي ۽ نائله کان موڪلائي ڳوٺ هلي آئي.



گھر وارن کيس ائين اچانڪ سامان سوڌو ايندي ڏٺو ته وائڙا ٿي ويا. ”هن کي ڇا ٿيو جو سڀ ڪجھ ميڙي سهيڙي اچي پهتي آهي. پهرين ته ڪڏهن به ائين نه آئي آهي. پڪ نوڪريء کان جواب مليو هوندس.“
هن به ڪنهن کي ٻڌائڻ ضروري نه سمجھو ۽ سڀني سان ملي پنهنجي ڪمري ۾ سامان کڻي هلي وئي. ڪجھ ڏينهن ائين ئي گذري ويا. هڪ ڏينهن ائين ڳالهين ڳالهين ۾ سرسري انداز ۾ ڀاڄاين کان پڇيائين ته هتي سکر ۾ ڪي اهڙيون سماجي تنظيمون ته ضرور هونديون جيڪي ٻين لاءِ پاڻ پتوڙينديون هجن.
هن جون ٻئي ڀاڄايون شهر جي پڙهيل ڳڙهيل گھرن جون هيون ۽ اٿڻ ويهڻ ڪافي سٺن گھرن سان هين. انهن کيس ڪجھ سماجي تنظيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن ڪجھ ڏينهن رکي، پاڻ مرادو انهن تنظيمن سان رابطو ڪيو ۽ روبرو سندن آفيسن ۾ وڃي ملي به، ليڪن هن کي ائين لڳو ڄڻ هر ماڻهو نام نهاد شهرت ۽ صرف پاڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِ اهڙين تنظيمن سان ڳانڍاپو رکيو پيو وتي. انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو بي لوث جذبو بس نالي ماتر آهي. هر تنظيم پنهنجي منشور ۾ بس چند ڪم ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ لڪير جون فقير بنجي پئي هليون.
هن کي اهڙي ڪنهن تنظيم جوحصو بنجڻ جو حوصلو نه ٿيو. هوء سوچ ۾ پئجي وئي ته اجايو نوڪري ڇڏي هتي هلي آئي. هن موقعي پرست دنيا جو هر ماڻهو مفاد پرست بنجي ويو آهي. زندگيء کي ان انداز سان جيئڻ جو ڪنهن ۾ جذبو ڏسڻ ۾ نه ٿواچي، جيڪو هن جارج فيمليء ۾ ڏٺو هو. ائين هوء ڪافي بد دل ٿيندي پئي وئي.
هاڻي هن پنهنجو وڌ کان وڌ وقت پيء سان گڏ گذارڻ شروع ڪيو هو، جيڪو پنهنجي عمر جي تقاضائن سبب ڪافي ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويو هو. هوء سندس ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪندي وتندي هئي.
مٿئين پورشن ۾ جتي ٻه ڪمرا هئا، هڪ ۾ سندس ماء پيء رهندا هئا ۽ ٻئي ۾ هاڻي هوء پاڻ اچي رهي هئي. سڄو وقت پيء جي ڀرسان ويهي کيس ڪراچيء جا احوال ڪندي رهندي هئي. هن زرتاج جي ڪهاڻي به پيء کي ٻڌائي ته مونيڪا جارج جي متعلق به احوال ڏنو، بلڪه پيء کي اهو ٻڌايائين ته هوء انهن کان متاثر ٿي سڀ ڪجھ ڇڏي هتي آئي آهي. هوء ته بس هاڻي ٻين لاءِ جيئڻ ، ٻين لاءِ ڪجھ ڪرڻ جي آرزو پنهنجي اندر ۾ سانڍي هتي پهتي آهي.



احمد شفيع هڪ ديانت دار سرڪاري آفيسر ٿي رهيو هو ۽ هميشه حق حلال جي روزي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت مذدوري ڪري پنهنجي ڪٽنب جي ڪفالت ڪندو رهيو هو. ڌيء جي اهڙي جذبي کي ڏسي کيس فخر ۽ ستائش ڀرين نظرن سان ڏسندو رهيو.
غزل کيس ٻڌايو ته هوء هتي اچي ڪيترين نالي چڙهين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ سرڪرده اڳواڻن سان ملي آهي، ڪي صرف شهرت ماڻڻ خاطر سماجي ڪم پيون ڪن، ته ڪي نمائش ۽ نمود لاءِ نالي ماتر تنظيمون جوڙي غريبن جي علائقن ۾ وڃي اين جي اوز معرفت ملندڙ فنڊن مان ٻه چار کاڌي پيتي جون شيون ته ڪي ڪپڙا لٽا ورهايو، فوٽو سيشن ڪرايو سوشل ميڊيا تي يا اخبارن ۾ اهي تصويرون ڏئي پنهنجو اُلو سِڌو ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
پڻس مرڪندي چوڻ لڳو،
”پُٽ ! اهوئي ته اڄ جي دور جو طريقو ۽ وتيرو وڃي رهيو آهي. اهي نالي چڙهيا سماجي خدمتگار هجن يا سياستدان، ڪنهن کي به ڪنهن جي عملي ڀلائيء يا خدمت سان ڪو واسطو ڪونهي. بس اهي سڀ ڏيکاء خاطر اهو سڀ ڪري اسان جي هن معاشري جي اٻوجھ ماڻهن جي احساسن ۽ جذبات سان راند رهي رهيا آهن، هنن کي انهن انسانن جي نه غربت سان ڪو سروڪار آهي ۽ نه ئي عزت نفس سان. مان توهان کان هڪ ڳالهه معلوم ڪرڻ چاهيندس، توهان مونيڪا جارج ڪٽنب جي متعلق پئي ٻڌايو، ته هنن پنهنجو جنم ڏينهن ان غريب وسنديء جي ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏجي ملهايو. ڇا انهن اتي اهي تحفه يا ڪيڪ ڪٽيندي ڪجھ فوٽو به ڪڍرايا هئا. “
”نه بابا مون اتي اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونه ڏٺي هئي. “
”هنن ان غريب بستيء جي ماڻهن ۾ راشن پاڻي وغيره ورهايو، يا ٻارن کي ڪپڙا لٽا تحفي طور ڏنا هئا. “
”نه بابا اهڙي ڪا به ڳالهه اتي ڪونه ٿي هئي.، بس هنن اهو وڏو ڪيڪ ڪٽي ٽڪرا ڪري ٻارن جي پليٽن ۾ رکيا ۽ پوءِ جيڪي تحفه ڏنا، اهي به خاص قيمتي نه هئا. دٻن ۾ ننڍڙا جهاز، سائيڪلون، اسڪوٽر، هيلي ڪاپٽر، رڌ پچاء جا ٻاراڻا رانديڪا ۽ اهڙي ئي قسم جا پلاسٽڪ جا رانديڪا هئا. شايد 20_30 روپين تائين هوندا. جنهن کان پوءِ انڪل جارج مونيڪا ۽ چارلس پنهنجي ميوزڪ انسٽرومينٽ تي هڪ ٻاراڻي ڌن وڄائي ۽ سندن ننڍڙا ٻارڙا نچڻ لڳا، ته وسنديء جي ٻارن به سندن ساٿ ڏنو. هو سڀ ان گھڙِيء ڏاڍا خوش پئي لڳا. “
احمد شفيع صاحب هن جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيوهو ۽ انهن آڌار پنهنجي نياڻي جي پُرخلوص جذبي جي پوئواري لاءِ ڪنهن خاص سمت ڪنهن خاص جِهت جو تعين ڪرڻ جو سوچي رهيو هو .
”پُٽَ ! ان سموري وارتا مان توهان کي يقيناَ ڪو پيغام سمجھ ۾ آيو هوندو. تڏهن ته توهان سڀ ڪجھ ڇڏي واپسي جي رستي تي نڪري پيو“
” نه بابا سائين، مون کي ان وقت ته ڪا ڳالهه سمجھ ۾ ڪونه آئي هئي، ليڪن اتان جي ٻارن ۽ عورتن جي چهرن تي عجيب قسم جي رونق ۽ اطمينان ضرور محسوس ٿيو ۽ انهي احساس ئي منهنجي اندر ۾ هڪ آسودگي ۽ طمانيت جو احساس جاڳايو، لڳو ته ڪنهن ۾ لمحن لاءِ خوشيون ورهائڻ سان انسان پنهنجي اندر ۾ ڪيڏو نه آسودو ۽ سرشار محسوس ڪري ٿو ۽ اهو سڀ جارج فيملي جي چهرن کي ڏسي سمجھ ۾ آيو ٿي ۽ ان احساس ئي منهنجي اندر ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ مان ان طرف متوجه ٿي وئي هئس.“
احمد شفيع کيس سمجھائڻ لڳو ته جيڪي بقول سندس، نالي چڙهيون تنظيمون اسان جي هن سماج ۾ ڪم ڪن پيون، اهي به ايتريون غلط ناهن، اگر سُٺائي ۽ نيڪيء طرف ڪو قدم وڌائجي ٿو، پوءِ کڻي ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪو مقصد يا مفاد سلهاڙيل هجي ٿو. ڀلي اهو ڪم اسان ڏيکاء يا نمائش لاءِ ڪيون ٿا. بيشڪ اسان انهن سان نڪتل تصويرون اخبارن يا ٻي ميڊيا تي آڻيون ٿا، ان ۾ کڻي اسان جو ڪهڙو به مقصد ڪار فرما هجي، ليڪن اهي تصويرون ڏسندڙن کي اسان جي اندر جي حال جي پروڙ ته ڪانه ٿي پئجي سگھي نه. اهي فوٽو ڏسي ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ ٻين ماڻهن ۾ به ڀلائي ڪرڻ جو تحرڪ پيدا ٿئي. اها هڪ سُٺي ڳالهه آهي، پر ان سان اسان کي اهو به خيال رکڻ گھرجي ته ان ڀلائيء واري عمل سان ڪنهن جو عزتِ نفس ڪنهنجي خود داري ته مجروح ڪونه ٿي ٿئي، يا انهن جو قيمتي لباس يا وڏي گاڏي ڪنهن لاءِ احساس ڪمتريء جو سبب ته نه پئي بڻجي، يا اسان ماڻهن ۾ ڄاڻي واڻي ڪم چوري ، محتاجي ۽ پنڻ جي عادت ته نه پيا وجھون . هڪڙا ماڻهو واقعي دل سان محنت ڪري اڳتي وڌڻ چاهيندا آهن ليڪن هو ان جي طرف يا رُخ جو تعين ناهن ڪري سگھندا، ليڪن ڪجھ ڪم چور ڪاهل ۽ سست هجڻ ڪري به ٻين جي مدد لاءِ پيا واجھائيندا آهن، هو بس ايترو چاهيندا آهن ته اسان ويٺا رهون ۽ ڪو خدائي فوجدار اچي ۽ اسان جي هٿ تي چند سڪا يا مانيء ڳڀو رکي وڃي. اهڙا ماڻهو به اسان جي هن معاشري ۾ اڻ ڳڻيا ملندا .توهان جارج خاندان جي ان سڄي عمل کان صرف ان ڪري متاثر ٿيوَ ته هنن اصل ۾ اهڙين وسندين ۾ وڃي اتان جي رهاڪن کي سندن وجود جو، سندن هئڻ جو احساس ڏياريو، ته هو به سندن جهڙا آهن ۽ هنن سان گڏجي هنن جيان زندگي گھاري سگھن ٿا. ڪيڪ جي ننڍڙي ٽڪري سان ڪنهنجو پيٽ ته ڪونه ڀرجي سگھندو نه، پر هنن ۾ اهو تحرڪ ضرور پيدا ٿيندو ته هو به باقي دنيا جهڙا آهن تڏهن ته هنن جي خوشين ۾ شريڪ آهن. ننڍڙا رانديڪا هنن يقيناَ ان مقصد لاءِ چوند ڪيا هوندا ته مشينن ۽ جهازن ۽ ٻين رانديڪن کي ڏسي ٿي سگھي ٿو ته انهن ننڍڙن ذهنن ۾ اهو جهاز اُڏائڻ، اها مشين هلائڻ جي تمنا پيدا ٿئي ۽ ان تمنا کي پورو ڪرڻ لاءِ هنن ۾ ڪجھ ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿئي. عام طور تي اسان جا اهي نام نهاد ادارا اهڙن هنڌن تي وڃي ڪجھ ڪپڙا يا کاڌو تقسيم ڪري، انهن وسندين ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي نفسياتي طور اهڙو ته احساسِ ڪمتريء ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، جو هو اهو سمجھڻ لڳندا آهن ته بس اهي چند ٽڪا، اهي اَن جا ڪجھ داڻا ئي سندن مقدر آهي ڇو ته هو اهڙي هنڌ پيدا ٿيا آهن ۽ هو ته بس ان اوسيئڙي ۾ رهندا آهن ته ڪو ايندو ۽ سندن هٿ کان وٺي سندن نصيب تي لڳل تالا کوليندو، ۽ پوءِ بس هو ان فرشتي، ان مسيحا جي انتظار ۾ رهندي سڀ قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن، جي قسمت جي ديوي مهربان ٿي ته ڪير هنن جي بيمار ٻارن لاءِ مسيحا بنجي، چند دوائون ۽ خوراڪ جا ڪجھ داڻا کڻي سندن در تي پڄندو ۽ جي نه ٿي ته سندن معصوم ٻارڙو بِلڪي بِلڪي، سسڪي سسڪي يا ته هي جهان ڇڏي ويندو يا،معذور بنجي زندگي تي بوجھ بنجي ويندو. اسان جا نام نهاد مسيحا، اڳواڻ، سماجي ڀلائيء جا ٺيڪيدار اڄ ڪلهه بس اهوئي ته ڪن پيا. انسان کي اپاهج بنائيندا پيا وڃن. ماڻهن کي قطارن ۾ بيهاري، ڪڏهن راشن ۽ ڪپڙن ورهائڻ ۾ پنهنجي تسڪين جو سامان پيا ڳوليندا، ته ڪڏهن پنهنجو ووٽ بئنڪ پيا ٺاهيندا ۽ اسان جا اهي غربت جي چڪيء ۾ پيسجندڙ انسان ته ان ۾ ئي راضي ۽ خوش ٿي ويندا ته سندن ليڊرن خيرخواه بنجي هنن جي ڪيتري نه سار لڌي آهي. ائين اهي غريب بک جون ماريل هٿ سان وٺي معذور بنايل وسنديون، اسان جي اقتدار پرست ٽولن جي هوَس ۽ لالچ جو هميشه ٻارڻ بنجي انهن جي حرص جي مشينن ۽ فيڪٽرين کي هلائي رهيون آهن.
هاڻي اسان کي صرف اهو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته اسان اهڙن اٻوجھ ماڻهن جي ويجھو وڃون انهن سان گڏجي ويهون، انهن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هنن کي سندن وجود جو، سندن هئڻ جو احساس ۽ اُتساهه ڏيون. هنن کي ٻڌايون ته راشن جو ڪٽو، چند ڪپڙا ۽ چند پئسه سندن مقدر ڪڏهن ڪونه بدلائيندا، بلڪه هو جيستائين پنهنجو پاڻ کي انهن چند هزار ماڻهن جي مقابلي ۾ آڻي نه بيهاريندا، پنهنجي پاڻ کي محتاج بنجڻ کان نه بچائيندا، پنهنجو پاڻ کي ڳولي نه لهندا، تيستائين سندن مقدر، سندن نصيب جو ڪو علاج نه ٿيندو. هو اُٿن ۽ ڌرتيء جو سينو چيري پنهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ جي همٿ ۽ ڪوشش ڪن، جيڪا سندن ۽ سندن ايندڙ نسلن جي قسمت بدلائي سگھي ٿي. باقي رزق ڏيڻ ته رب سائين جو واعدو آهي، اهو پٿر جي اندر ڪيڙي کي به پهچائي سگھي ٿو، ته پوءِ هنن جي ڪيل محنت ۽ همٿ سان هنن جو مقدر ڇونه ٿو بدلائي سگھي. جيڪڏهن انهن انسانن جي ڀلائيء لاءِ سوچڻو آهي ته پوءِ ان لاءِ نه ڪنهن سرمائي جي، نه ڪنهن وڏي تنظيم يا جماعت جي ضرورت آهي، توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو، بس ڪري گذرو.“
غزل پيء جون اتساهيندڙ ڳالهيون غور سان ٻڌندي رهي پنهنجي مستقبل جو لائحه عمل سوچيندي ۽ ترتيب ڏيندي رهي، هوء ننڍپڻ ۾ به پيء جي ڀر ۾ ويهي اهڙيون ئي اتساهيندڙ ڳالهيون ٻڌي هنئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي پر سندس ڪچڙي معصوم ذهن ۾ ايڏيون وڏيون سمجھاڻيون سمائجي نه سگھنديون هيون،اڄ کيس اهو سڀ سمجھ ۾ آيو پئي ته ،کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿيندو. بس مسئلو صرف اهو هو ته هوء ڪٿان شروع ڪري.

14

ڪجھه ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ هوء پنهنجي پراڻين ڪلاسين سان وڃي ملي. جن مان ڪجھ ته شادي شده هيون . ليڪن انهن جا ٻارڙا ايترا وڏا ضرور هئا جو هنن جو خيال رکڻ ڪو مسئلو نه هو ڪجھ اڃان هن وانگر گھرن ۾ ويٺيون هيون. انهن سان صلاح مشورو ڪري چند عورتن جو هڪ اهڙو گروپ تيار ڪري ورتائين، جيڪي اسڪول جي زماني ۾ سٺيون مقرر هيون، ۽ غزل جي مقصد سان سهمت پڻ هيون. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ اهڙي ته برسات وسي جو ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيائين. ڪچين وسندين وارن علائقن ۾ هر طرف تباه ڪاري نظر پئي آئي.
غزل پنهنجي گروپ سان گڏجي، پيء جي هڪ پراڻي جيپ ۾ چڙهي وڃي اهڙن هنڌن تي پهچندي هئي ۽ سرڪاي مدد جي آسري ۾ ويٺل ماڻهن جي اندر پنهنجي مدد پاڻ جي تحت حوصلو ۽ همت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون ته هو هن مشڪل مان پنهنجو پاڻ کي ڪڍي سگھن ٿا، هو کين سمجھائينديون هيون ته جي توهان هنن جي مدد جي آسري ويٺا ته ايندا ضرور، پر ان سان انهن جو ئي ڀلو ٿيڻ وارو اهي بلڪه ٻٽو فائدو. پهرين ته توهان جي نالي تي ملندڙ ان امدادي سامان جو عُشر عُشير به توهانکي ڪونه ملندو، باقي سڀ اهي ورهائيندڙ، پنهنجا ڀَڀ ڀرڻ لاءِ لڪائي رکندا. ٻيو ته هو ان سرڪاري مدد جي جيڪا هنن ڪڏهن به پنهنجي هڙان وڙان نه ڏني هوندي آهي، ليڪن هو توهان تي اهڙو ٿورو ٿڦيندا ڄڻ هنن توهان مٿان قارون جا خزانا لُٽايا هجن. بدلي ۾ اسان جا اٻوجھ ماروئڙا هميشه لاءِ سندن ٿورائتا ٿي سندن مٿان اوَل گھول پيا ويندا. اڳتي هلي هو انهي سرڪاري مدد کي ووٽ جي شڪل ۾ ڪيش ڪرائيندا. ته اسان جا اهي ڪامورا به وهندي گنگا ۾ پنهنجا هٿ ٻوڙڻ کان ڪونه گھٽائيندا. هو کين انهن ماڻهن جا مثال ڏينديون هيون، جن جا جهاز ٻڏي ويا، يا ڪريش ٿي ويا، ته انهن مان جيڪي بچي ڪنهن ويران علائقي ۾ وڃي پهتا. پنهنجي همت ۽ حوصلي سان نه صرف پنهنجي پر پنهنجي ساٿين جي به زندگي بچايائون.
اهي ماڻهون جيڪي هميشه اهڙي صورت حال ۾ سرڪار جي آسري هوندا هئا ۽ سرڪار جي ڪوتاهين تي ان کي الزام ڏيندي پيا گھٽ وڌ ڳالهائيندا هئا ۽ ميڊيا وارا صرف پنهنجي چينلن ۽ اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سندن ويچارپڻي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کانئن انٽرويو وٺي پيا پنهنجي ميڊيا جي شهرت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ سرڪار کي خوار و خراب ڪندا هئا.. اهي هنن چند سرڦرين عورتن جي تقريرن جو مذاق اڏائيندا هئا، ڳوٺن جون عورتون ته انهن سان وڙهي پونديون هيون ته،
”هتي اسان هيڏي مصيبت ۾ آهيون ۽ هي ويچاريون پهرجي سهرجي گاڏين ۾ چڙهي آيون آهن اسان کي ليڪچر ڏيڻ ، جيڪڏهن اسان جي مدد نه ٿيون ڪري سگھو ته اسان جي غربت تي چرچا ته نه ڪيو. هو کين گھڻوئي سمجھائينديون هيون ته مشڪل مان نڪرڻ جا ڪئي رستا آهن، صرف همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي، صرف پاڻ کي ڳولڻ جو ارادو ڪرڻو آهي. پر اسان جي هن پيڙهيل ۽ مجبور سماج تي ورهين جي ڪَٽ چڙهيل آهي، جيڪا ڄاڻي واڻي اسان جي ڀوتار طبقي مسلسل پنهنجي ڪوششن سان مٿن چڙهڻ ڏني آهي. جيڪڏهن توهان انتهائي پيار و محبت جو اظهار ڪري، ڪنهن جا هَٿ پير مفلوج ڪري ٻين جو محتاج بنائي رکڻ جي سعي ڪندا رهندا، ته انسان جيڪو فطري طور تي جيترو مضبوط، همٿ وارو ۽ محنت ڪرڻ وارو آهي، اوترو ئي آساني پسند به آهي ۽ جڏهن ڪنهن کي گھر ويٺي مانيء ڳڀو يا ڪجھ روپيه بخشش طور ملي وڃن ، ته هو ائين ئي سمجھي ٿو ته بس ايترو ئي سندن نصيب آهي جيڪو سولائيء سان کين ملي پيو.
اسان کي انهن سهل پسند ماڻهن جي اندر ۾ پنهنجي وجود کي ڳولڻ ۾سندن مدد ڪرڻي پوندي. منجھن چند روپين يا اَن جي داڻن لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهي پنهنجي عزتِ نفس جي مجروح ٿيڻ جو احساس ڏيارڻو پوندو. جنهن لاءِ اسان کي صبر آزما حوصلي جي ضرورت آهي، ان لاءِ اهو سوچي قدم پُٺتي ناهن ڪرڻا، ته اسان هنن جي اندر اهو احساس نه ٿا جاڳائي سگھون. وقت کي ۽ حالتن کي بدلجڻو آهي ۽ ضرور بدلجندو. بس اسان کي همت ۽ حوصلي جي شمع روشن رکڻي پوندي.



غزل اهڙيون ئي ڳالهيون پنهنجي گروپ جي ساٿين سان ڪندي هئي ۽ سندن حوصلن ۽ اميدن کي پست ٿيڻ نه ڏيندي هئي. هوء هميشه کين سمجھائيندي رهندي هئي ته معاشري جي اندر ايترو ته بگاڙ اچي ويو آهي، تنهن کي ايتري آسانيء سان درست ڪري نه ٿو سگھجي. ماڻهو ان ڳالهه تي هري ويا آهن ۽ هيرين کي ڦيرڻ ڪافي صبر آزما ڪم آهي، پر مايوس ٿي ويهڻو ناهي. اسان کي وري وري ڪوشش ڪرڻي پوندي. ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪوششن سان هنن جي ذهنن تي چڙهيل ڪٽ جو پهريون پرت هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پوءِ باقي تهه سولائي سان لهي ويندا. سندن ان جماعت جو ڪوبه نالو نه هو. ٻيا به ڪجھ سر ڦريا ماڻهو هنن سان شامل ٿيندا ويا.هو بستي بستي ،ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن ۾ اتساه پيدا ڪندا رهيا. هاڻي ڪجھ ماڻهو هنن جي مذاق اڏائڻ جي بجاء سندن ڳالهه سنجيدگيء سان ٻڌڻ لڳا هئا. انهي جاکوڙ دوران هنن اهو مشاهدو ڪيو ته ڪجھ گھرن ۾ ويچاريون عورتون صبح ساڻ پنهنجي ٻارڙن کي گھرن ۾ ڇڏي پاڻ ٻين گھرن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ نڪري وڃن ۽ سندن مرد يا ته جوا ۽ نشي جي بلي ۽ ٻيا ڪبوتربازي، ڪڪڙن ويڙهائڻ ۽ ٻيا فضول شوق پالي انهن جي پويان لڳا وتن ۽ عورتون جيڪي ڪمائي اچن، انهن کان زوري کسي پنهنجي ڪُڪڙن جي ويڙهه يا ڪبوتر بازي جي شوق ۾ لُٽايو ڇڏن. يا نشه پته ۽ جوا کيڏي هنن ويچارين جي سڄي مهيني جي ڪمائي گھڙيء ۾ اُڏائي ڏنڊا مُسٽنڊا ٿيو ڊٺا پيا هوندا. هڪ واندڪائي ٻيو ڊَل ٻارن جي پٺيان. ويچاريون مايون پِني سِني ٻچن جي پورت به ڪن ته هنن نِکَٽو مردن کي به پالن. بيشڪ اسان جي سرڪار جون پاليسيون انتهائي غلط آهن، تنهنجي ڪري سماج جو وڏو حصو غربت جي چڪيء ۾ پيسجي رهيو آهي ۽ صرف ڪجھ آڱرين تي ڳڻجندڙ ماڻهو جائز ۽ ناجائز طريقن سان دولت لُٽي امير کان امير ترين ٿيندا پيا وڃن ۽ ڪجھ ماڻهو صرف حسرت ڀرين نظرن سان کين ڏسي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي رهي سهي سگھ به وڃائيندو پيو وڃي. انهن ئي چند ماڻهن جي ٺاهيل پاليسين جي ڪري، اسان جو اٻوجھ ماڻهو نادانسته طور هنن جي اڻيل ڄار ۾ ڦاسندو پيو وڃي، پر سڄو ڏوهه سرڪار يا سندن پاليسين کي ڏئي پاڻ کي بري الذمه ڪرڻ به نه ٿو جُڳائي. ڪجهه ڪوتاهيون اسان جون به هجن ٿيون. اسان به ڏينهون ڏينهن يا ته هڏ حرام ٿيندا پيا وڃون، ان چواڻي جيان،
” پڄي پاڻ کان ڪونه لک لعنت گوڏن کي “
هن ڌرتيء تي اهڙا اهڙا ڪردار به موجود آهن جن پنهنجي غربت کي هٿيار بنائي ڏونگر ڏاري ڇڏيا ، ان لاءِ هڪ ارادي جي قوت ٻيو همت ۽ پوءِ دنيا ۾ اهڙا مثال قائم ٿيا، جيڪي ٻين لاءِ اتساهه جو باعث بنجي سگھن.
هنن به همت نه هاري ۽ بار بار انهن وسندين ۾ ويندا رهيا، آخر ڪار هنن ڏٺو ته وسندين جي چند ماڻهن هنن کي موٽ ڏيندي، غزل گروپ جي ڳالهين کي سنجيدگي سان هيئين سان هنڊايو، هنن اڳتي وڌي پنهنجي سڀني سُستين ۽ ڪاهلين کي پسِ پشت رکي همت ۽ مردانگي ڏيکاري، اهي پنهنجي ڪٽنب، لاءِ خوشي ۽ خوشحاليء جو باعث بنجندا ويا. هن گروپ جو مقصد به اهوئي هو ته ڪو هڪ ته اڳتي اچي، باقي ان جي پويان نڪري نروار ٿيندا.
ائين هنن پنهنجي ان مشن کي جاري رکيو هنن جي ڪوشش هئي ته هو گھٽ کان گھٽ ماڻهن کي، جيڪي سندن اعتماد جوڳا هجن، پاڻ ۾ شامل ڪن. ڇو ته هو پنهنجي خالصتاَ سماجي خدمت کي ڪنهن سياست جي ور چاڙهڻ نه پيا چاهن. هو گھڻا ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪري ان مقصد کي ماڻڻ کان وڌيڪ انهن کي سنڀالڻ هنن لاءِ ڏکيو هو. جيترا ميمبر هئا سڀني جي حيثيت يا پوزيشن جماعت ۾ هڪ جيتري هئي، ڪو به نه صدر هو نه سيڪريٽري ۽ نه سربراه. جهڙو نام نهاد عهديدار. ائين هو ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ وڃي ڪم ڪندا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن هو انهن ماڻهن لاءِ صاف پاڻي، صفائي وغيره لاءِ انتظاميه کي به زيرِ بار ڪندا هئا ۽ کانئن مدد به وٺندا هئا. ليڪن گھڻو ڪري پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هو ڳوٺاڻن کي سمجھائيندا هئا ته پنهنجي گھر جيان پنهنجي ڳوٺ کي به صاف سٿرو رکڻ اسان جي ذميداري آهي. ان لاءِ به اسان ٻين ڏانهن ڇو واجھايون. ۽ ماڻهو سندن ڳالهه تي ڌيان به ڌريندا هئا.
اهڙي طرح غزل پنهنجو پاڻ کي ايترو ته مصروف ڪري ڇڏيو هو جو کيس پاڻ سان ٿيل جذباتي استحصال ۽ ويساه گھاتي جي يادگيري به نه ايندي هئي، يا هوء ان کي ياد ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي لنوائيندي هئي.، البته ڪن انڌيارين راتين ۾ جڏهن ننڊ کانئس رُسي ويندي هئي، ته اچانڪ ڪا ڪَسڪ، ڪا خلش کيس بيچين ڪري وجھندي هئي. هوء سوچيندي هئي، ته هن ته ڪنهن سان ڪا برائي نه ڪئي هئي ته پوءِ اهو سڀ ڪجھ هن سان ڇو ٿيو. فواد آخر ائين پُراسرار نموني ڇو غائب ٿي ويو. ڪراچي ڇڏي اچڻ کان پوءِ به ماريه وارن جو به ڪو حال احوال کيس ڪونه مليو هو.



هوء ۽ سندس گروپ، ماڻهن جي اها تربيت ڪئي هئي ته هاڻي هو ٻين ڏانهن واجھائڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت گھرن ۾ ۽ گھرن کان ٻاهر پنهنجي لاءِ ننڍڙا معاشي وسيلا هٿ ڪري وٺندا هئا.
هڪ ڏينهن سندس ساٿي گروپ کيس ٻڌايو ته هڪ ڳوٺ جي ڪجھ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو ميلو رٿيو آهي، جتي هو گڏجي ڪجھ اسٽال لڳائيندا، هنن اسان کي به سڏيو آهي، ته ان سلسلي ۾ سندن رهنمائي ڪيون.
ٻئي ڏينهن سڄو ساٿي گروپ پنهنجين پنهنجين سوارين ۾ اتي پهتو، ته اهو ڏسي کين خوشي ٿي ته هنن کي ٻوڏ جي وقت جيڪي خيما مليا هئا، اهي هڪ قطار ۾ لڳائي، انهن ۾ پنهنجي هٿ جي پورهئي سان ٺاهيل ڪيتريون دستڪاريون ۽ ٻيون شيون رکيون هيون. انهن ڳوٺاڻن مان ڪجھ ماڻهن ساٿي گروپ کي چيو ته هو سندن اهو سامان ڪنهن نموني شهرن تائين رسائڻ ۾ سندن مدد ڪن، يا ڪو اهڙو بندوبست ڪن، جيئن ٻين ماڻهن تائين اها ڳالهه پهچي سگھي.
گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ساٿي گروپ جا ڪجھ ساٿي ۽ ڪجھه ڳوٺاڻا گڏجي ضلعي جي انتظامي عملدار سان ملي ان کان مدد وٺن. اهو طئي ڪري هنن چند ماڻهن کي ان ڪم لاءِ منتخب ڪيو ۽ پاڻ مان غزل کي ئي هيڊ چونڊيو، جيڪا اتي سڀني جي نمائندگي ڪندي.
ٻئي ڏينهن وقت وٺي ڇهن ڄڻن جو گروپ، جنهن ۾ چار عورتون ۽ ٻه مرد هئا، اهي ڊي سي سان ملڻ ويا. جنهن هفتو کن اڳ۾ ئي ضلعي جي دپٽي ڪمشنر جي حيثيت سان چارج ورتي هئي.
غزل جي وهم و گمان ۾ به اها ڳالهه ڪونه هئي ته اڄ هن جي ملاقات هڪ اهڙي شخص سان ٿيڻ واري آهي، جيڪو هن جي کرنڊ پيل ّمن کي ٻيهر اُڊيڙِي رکندو.
هو جيئن آفيس ۾ داخل ٿيا ته سامهون ويٺل آفيسر تي هميشه جيان غزل هڪ سرسري نگاه وڌي ۽ ان شخص جي به جڏهن غزل تي نظر پئي ته هو ڪرسيء تان اُٿي بيٺو. غزل تي ته حيرتن جا پهاڙ ڪري پيا هئا. هن جي سامهون نئين ڊي سي جي حيثيت سان ڪو ٻيو نه پر افراز، ماريه جو ننڍو ڀاء هو. هوء حيران هئي ته افراز ته ڪراچيء مان ايم بي اي ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن نوڪريء جي سلسلي ۾ اسلام آباد ويو هو، ته پوءِ هن ڪڏهن ڊسٽرڪٽ مينيجمينٽ لاءِ امتحان پاس ڪيو، ڪيئن اهي سڀ مرحلا طئي ڪندي هو اڄ سندس سامهون موجود هو.
ٻئي طرف افراز به جڏهن غزل کي ڏٺو ته سندس چهري تي حيرت گاڏڙ خوشيء جي جھلڪ ظاهر ٿي هن اهڙي اچانڪ ملاقات لاءِ سوچيو به ڪونه هو.. بهرحال هن هڪدم سنجيده مسڪراهٽ سان ايترو چيو،
”مس غزل توهان هتي.......... ! “
ايتري دير ۾ غزل به پنهنجي حيرت تي قابو حاصل ڪري ورتو هو، هلڪي مرڪ لبن تي آڻيندي،
”مان پاڻ حيرت ۾ آهيان ته هتان جا ڊي سي توهان ٿي سگھو ٿا. “
افراز جلدئي ٻين ماڻهن جو احساس ڪندي خوش دلي سان سڀني کي ويهڻ لاءِ چيو. ڪجھ ئي دير ۾ پٽيوالو چانهه کڻي آيو ۽ سڀني کي پيش ڪيائين. افراز به پنهنجي پوزيشن جي لحاظ کان غزل کان ان وقت وڌيڪ ذاتي سوال ڪونه ڪيا. بلڪه هو جنهن مقصد لاءِ آيا هئا، ان جو ۽ پنهنجي ساٿي گروپ جو تعاف ڪرايو، ۽ کانئس ان سلسلي ۾ مدد گھري. جنهن تي افراز ساڻن واعدو ڪيو، ته هو صبحاڻي پاڻ ان ڳوٺ ۾ اهو ميلو ڏسندو ۽ جيڪا مدد ٿي سگھي ضرور ڪندو.ان کان پوءِ هو موڪلائي هليا آيا.



غزل ٿَڪي ٽُٽِي جڏهن گھر واپس پهتي ته ماني کائي حسبِ معمول پيء جي ڪمري ۾ وئي ۽ اڄوڪي سڄي ڳالهه کيس ٻڌائي ۽ اهو به ٻڌايو ته هتان جو نئون ڊي سي ماريه جو ننڍو ڀاء ٿي آيو آهي.ٻئي ڏينهن واري ڳوٺ سڌار ميلي جي متعلق به ٻڌايائين. احمد شفيع سندس حوصله افزائي ڪئي، پر کيس اها به تلقين ڪئي ته هوء ڀلي ساٿي گروپ جي حيٿيت سان ڊي سي کان ڪم وٺي، ليڪن ذاتي حيثيت سان مٿس حاوي نه ٿئي ۽ نه کيس زيرِ بار ڪري. ڇو ته بيشڪ هو تنهنجي پياري سهيلي جو ڀاء آهي، توهان ڪجھ عرصو هڪ ٻئي سان گڏجي به رهيا آهيو، ليڪن اهو ٻيو وقت هو، هينئر هو جنهن حيثيت سان هتي آهي، ان ۾ سندس رتبي جو خيال ڪرڻ لازمي آهي انهي جاء تي اچي ماڻهو ڪافي سنجيده مزاج ۽ رزرو ٿي ويندا آهن هنن کي پنهنجي سيٽ جو خيال ڪرڻو پوندو آهي. ۽ وڌيڪ حجت يا بي تڪلفي سان ٿي سگھي ٿو ته توهان جي لاءِ سندس ڪا ناپسنديده راء قائم ٿئي.ان لاءِ توهان کي هر طرح جو احتياط ڪرڻو پوندو. غزل پيء کي اطمينان ڏياريو ته هوء ڪڏهن به وڌيڪ ذاتي نه ٿيندي.
ٻئي ڏينهن ساٿي گروپ تيار ٿي سوير ئي ڳوٺ پهتو، ته ڳوٺاڻن ڏاڍيون تياريون ڪيون هيون. هڪ وڏو سرڪاري عملدار سندن ڳوٺ، سندن ئي ڪاوشن کي هَٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ اچي رهيو هو.
غزل ۽ ساٿي گروپ کي پڪ هئي ته هر وڏي سرڪاري عملدار جيان پنهنجي اهميت جو احساس ڏيارڻ لاءِ هو به دير ڪندو ۽ انتظار ۾ سُڪائيندو ان ڪري هو آرام سان هڪ طرف ويهي ڳوٺاڻن جي تيارين کي ڏسندا ۽ ساراهيندا رهيا. هنن کي پنهنجي تربيت جي ڪاميابي تي خوشي محسوس ٿي رھي هئي. هو سوچي رهيا هئا ته ڪاش ! هنن کي سندن محنتن جي لاءِ ڪا مارڪيٽ ملي وڃي ورنه هو وري بد دل ٿي همت هاري ويهندا.
هو اڃان اهوئي سوچي رهيا هئا، ته اهو ڏسي کين حيرت ٿي ته افراز ڏنل وقت تي اتي اچي پهتو. هن سان گڏ ڪجھ ٻيا عملدار به هئا. سڀني گڏجي ڳوٺاڻن جي محنت کي ستائشي نظرن سان ڏٺو، ۽ ڪافي ساراه ڪئي. ساٿي گروپ ان دوران الڳ ٿلڳ بيٺو رهيو، جيئن هو سڀ خود اعتماديء سان پنهنجي مسئلن کي بيان ڪري سگھن. ڳوٺاڻن طرفان مقرر ڪيل ٻن عورتن ۽ هڪ مرد کين اهي ڏهه ئي اسٽال ڏيکاريا.
اسٽال گھمڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن کٽن تي رليون وڇائي هڪ جاء تي کين ويهارڻ جو انتظام ڪيو هو، هو اتي اچي ويٺا، ساٿي گروپ به ساڻن گڏ هو. افراز پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته هو تمام جلد ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي سطح تي اهڙوئي هڪ ميلو منعقد ڪرڻ جو اهتمام ڪندو، جتي سڀئي ڳوٺاڻا پنهنجو ٺاهيل سامان کڻي ايندا ۽ اهڙي طرح هو سندن محنت ۽ ڪاوش لاءِ مارڪيٽ مهيا ڪري سگھي ٿو . جنهن لاءِ هن ساٿي گروپ جي هن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت روزگار پيدا ڪرڻ جي مشن کي ساراهيندي چيو ته اسان جي هن پوري ميلي جي انعقاد جو ڪم ساٿي گروپ کي سونپجي ٿو. باقي جيڪا انتظامي مدد درڪار هوندي اها ڪنداسين. ائين ڳوٺاڻن لسي پاڻيء سان سندن مهمانداري ڪئي.

15

ان ڏينهن کان پوءِ غزل جو افراز سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ٿيو. البته ميلي جو سمورو انتظام، انتظامي عملدارن ساٿي گروپ سان گڏجي ڪيوهو. جنهن ۾ ڳوٺاڻا پڻ شامل هئا. نه صرف ان ڳوٺ جا بلڪه جتي به ساٿي گروپ ڪم ڪيو هو، اتان جي به ڪجھ ڪٽنبن هن ڳوٺ سڌار ميلي ۾ شرڪت ڪئي.
ائين ئي ڪافي ڏينهن گذري ويا هڪ ڏينهن غزل جي گھر جي لينڊ لائين فون جي گھنٽي وڳي، سندس ڀاء فون اٽينڊ ڪيو ته چيو ويو ته غزل صاحبه لاءِ ڊِي سي صاحب جي بنگلي تان فون آهي. غزل جيئن ئي فون کنئي ته پي اي فون ملائي. ته هڪ عورت جو ڄاتل سڃاتل آواز سندس سماعت سان ٽڪرايو،
”وڏا ماڻهو ڪٿي پيا هلندا وتو. “
هن اهو آواز هڪدم سڃاڻي ورتو جنهن لاءِ هن طويل عرصي کان واجھايو پئي. هوء ماريه هئي، هن جي پياري سهيلي، جنهن پنهنجو اتو پتو ئي گم ڪري ڇڏيو هو. سندس آواز ٻڌي هن جا ورهين جا ڦٽ ٻيهر اُڊڙِي پيا هئا . هن روئڻهارڪي آواز ۾ ۽ نهايت عجلت ڀرئي انداز ۾ چيو،
”ماريه ! تون ڪيڏانهن غائب ٿي وئي هئينء. نه خبر نه چار، نه اتو نه پتو. ڇا پنهنجن کي ائين وساري ڇڏبو آهي. اهو به نه سوچئي ته تنهنجي هيء ڀيڻ الائي اُتي اڪيلي ڪيئن هوندي. “
ٻئي طرف ماريه کي اهو اندازو به نه هو ته هوء هن کي ائين مِس ڪندي رهي هئي. هوء ته اسلام آباد جي مصروفيتن ۾ ايڏي ته مگن ٿي وئي هئي، جو هن کي پوئتي جي سار ئي نه رهي هئي. هن جو روئڻ هارڪو آواز ٻڌي ماريه کي بيچيني ٿيڻ لڳي. هِن کيس ٻڌايو ته هوء ڪجھ ڏينهن لاءِ هتي افراز وٽ رهڻ آئي آهي. هو ڪيترن ڏينهن کان کيس هتي اچڻ لاءِ چئي رهيو هو.
هوء غزل جي ڏکاري لهجي جي ڪري پريشان ٿي وئي هئي، هن کيس دلداري ڏيندي چيو ته،
”مان گاڏي موڪليان پئي، تون فورا” مونسان اچي ملي وڃ، يا پنهنجي ائڊريس ٻڌاء ته مان ٿي توسان ملڻ اچان. “
غزل اهو ٻڌي سوچڻ لڳي ته، جيڪڏهن هوء ماريه کي هتي سڏيندي ته گھر ۾ اڪيلائيء ۾ کيس ڳالهائڻ جو موقعو نه ملندو. ڇونه هوء سندس گھر وڃي ماريه سان ملي اچي. اهو فيصلو ڪري هن ماريه سان سندس گھر اچي ملڻ جو چئي کيس گاڏي موڪلڻ کان به جھليو، ته هوء پاڻهي اچي ويندي.



شام جو تيار ٿي پيء جي جيپ کڻي هوء ماريه سان ملڻ ڊي سي هائوس هلي وئي. جيئن هوء اتي پهتي، ته ماريه کي پنهنجو منتظر ڏٺائين، ٻئي ڊوڙي ڀاڪر پائي هڪ ٻئي سان مليون، ته غزل جي ضبط جا بند ڀَڄي پيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ايتري عرصي کان اندر ۾ سانڍيل درد ڳوڙها بنجي سندس چهري کي ڀِڄائيندو رهيو. ماريه هن جي اندر جي ڪيفيت کان بيخبر هن جي اهڙي حالت تي حيران و پريشان ٿي رهي هئي، کيس هٿ کان جھلي پنهنجي بيڊ روم ۾ وٺي آئي، جيڪو افراز سندس لاءِ مخصوص ڪيو هو. کيس بيڊ تي ويهاري ٿڌو پاڻي کڻي آئي. پاڻي پي غزل ڪجھ سامت ۾ آئي. هوء پنهنجي اهڙي ڪيفيت تي دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي رهي هئي. ماريه ڇا سوچيندي هوندي، ته مونکي ڇا ٿي ويو آهي، ڇو ائين ضبط جو دامن ڇڏي ڏنو اٿم. ماريه به ڪجھ دير لاءِ کيس نه ڇيڙيو. ڪجھ ئي دير ۾ هن پاڻ تي ضابطو آڻي ورتو هو ۽ ماريه کان حال احوال وٺڻ لڳي. ماريه کيس ٻڌايو ته،
” افراز اتي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندي سي ايس ايس جي به تياري ڪئي ۽ پوءِ چٽاڀيٽيء جو امتحان پاس ڪيو اڪيڊميء جي ٽريننگ کان پوءِ سندس پوسٽنگ بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٿيندي رهي. مرينه جي تعليم اڃان مڪمل ئي نه ٿي هئي ته هڪ سٺو رشتو آيو، ته ان جي شادي ڪري ڇڏي سين. ائين اسلام آباد ۾ صرف مان عاشر ۽ ارسلان رهجي وياسين، ان ڪري مون نوڪري به ڇڏي ڏني ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويس. سنڌ ۾ ڪڏهن اچڻ ٿيندو هو ته صرف حيدر آباد امان وارن سان ملي هليا ويندا هئاسين. مون سوچيو هو ته تون به ضرور پنهنجي زندگيء ۾ اڳتي وڌي وئي هوندينء. پر جڏهن افراز ٻڌايو ته تو پنهنجي زندگي سماجي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ته مان حيران ٿي ويس.“
ماريه کيس پنهنجي متعلق سڀ ڪجھ تفصيل سان ٻڌائيندي رهي.. آخر ماريه هن جي اهڙي ڪيفيت جي باري ۾ سوال ڪيو. پهرين ته هوء نٽائڻ لڳي، ليڪن پوءِ هن الف کان ي تائين سربستو احوال ماريه سان ڪيو.
هوء جيئن جيئن پنهنجي دکدائڪ وارتا ٻڌائي رهي هئي، ماريه حيرت ۽ صدمي ۾ وڪوڙجندي پئي وئي ، هن جي پياري سهيليء سان هن جي سادگي ۾ ايڏو وڏو فريب ٿي ويو ۽ کيس خبر ئي نه پئي. هوء کيس ٻڌائي رهي هئي ته هن ايترو عرصو ماريه جو انتظار صرف ۽ صرف ان ڪري پئي ڪيو، جيئن کانئس فواد جي پُراسرار شخصيت ۽ رويي جي متعلق ڄاڻي سگھي.
غزل جيئن جيئن فواد ۽ پنهنجي داستان متعلق ٻڌائي رهي هئي، ماريه هڪ ٽڪ سندس چهري کي تڪيندي رهي، هن کي غزل جي اُن مورت ۽ فواد جي صورت جي هڪجهڙائيء وارو قصو حيران ڪري رهيو هو. غزل هڪ پخته ذهن ۽ سنجيده عمر جي ڇوڪري هئي ، هن مان کيس اهڙي پاگل پڻي جي بلڪل اميد نه هئي. ڀلا ڪا ڇوڪري ان حد تائين به پنهنجي آئيڊئل جي جستجو ۾ وڃي سگھي ٿي، ان جو کيس ذرو به احساس نه هو. هن کي ان ڳالهه جو سخت افسوس ٿي رهيو هو، ته هن غزل کي فواد جهڙي گھاگھ ۽ شاطر شخص سان ڇو ملايو. ڪاش ! کيس ان مورتيء جي باري ۾ ٿوري به ڄاڻ هجي ها، ته هوء غزل کي اهڙي غلطي ڪرڻ ڪڏهن به نه ڏئي ها. پر ڇا ٿو ڪري سگھجي، قسمت يا شيطان غزل کي فواد سان ملائڻو هو، تڏهن ته هو سندس اسلام آباد وڃڻ کان چند مهينه پهرين اتي اچي ويو. غزل سان ايڏو دوکو ٿيندو. اهڙي پياري عورت، جيڪا اڳ۾ ئي پنهنجن جي ستايل هئي. اها به منهنجي ڪري اهڙي شخص جي ڄار ۾ ڦاسي وئي.
هوء دل ئي دل ۾ اهو سڀ سوچيندي رهي، شرمسار ٿيندي رهي، هن کي رکي رکي پنهنجو پاڻ تي ۽ فواد تي ڪاوڙ اچي رهي هئي وس نه ٿي پُڳس ته فواد سندس سامهون هجي، ته هن جو اهو حشر ڪري جو دنيا ڏسي. ڏائڻ به هڪڙو گھر ٽاري ويندي آهي، هن کي ڀيڻ جهڙي ڪزن جو به خيال نه ٿيو. آخر غزل منهنجي پياري سهيلي هئي، منهنجي گھر ۾ رهائش پذير هئي. ان جو ئي لحاظ پويس ها. .
غزل هن کي اهڙي گھري سوچ ۾ ٻڏل ڏٺو ته وري هڪ سوال ڪري ويٺي،
” ماريه آخر فواد اهو سڀ ڇو ڪيو. “
ماريه هن جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جھلي نهايت ڳنڀيرتا مان چيو،
”چري ڇوڪري ! فواد بيشڪ منهنجو ڪزن آهي، پر هو انتهائي چالاڪ ۽ گھاگهه انسان آهي. اتي شارجه ۾ سندس زال ۽ ٻار آهن ۽ جنهن پراسرار فون جي ڳالهه ٿي ڪرين نه، اها ضرور سندس زال جي هوندي، هو زال کان تمام گھڻو ڊڄندو آهي، تڏهن سندس اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هوندي، ڇوته هوء به ڪي قدر هن جي ڪرتوتن کان واقف آهي ۽ کيس ڇڪي رکندي آهي، بلڪه هوء کيس حدن کا تجاوز ڪرڻ ناهي ڏيندي.
هن جڏهن ڏٺو هوندو ته تون هن سان گھڻي محبت ڪرڻ لڳي آهين ۽ هاڻي اهو سڄو سلسلو سندس ڳچيء پئجي رهيو آهي، ته هُن تومان جان ڇڏائڻ لاءِ پئسن جو ڊرامو ڪيو، يا ٿي سگھي ٿو ته هو پهرين به ماڻهن سان ائين فريب ڪندو رهيو هجي.مونکي ان جي ڄاڻ ناهي، هن سان اسان جو ملڻ ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو آهي، ان ڪري سندس سرگرمين جي مونکي ڪا خاص خبر ڪونهي.
جڏهن غزل جي سامهون ان شخص جي حقيقت کُلي ۽ سندس اصل چهرو سامهون آيو، ته هن جي وجود اندر ڪيترا ئي خوابن ۽ آرزوئن جا شيش محل ڊهي ڀورا ڀورا ٿي وڃي پَٽِ پيا هئا، هوء ڪنهن زخمي هرڻيء وانگيان بي وس، لاچار، لُڇي پُڇي ، پَڄري ۽ کامي رهي هئي. هن جي اندر جي آڳ کيس جلائي ڀسم ڪري رهي هئي، هن جو عزت نفس ايترو ته مجروح ٿيو هو، جو هن جي دل چاهيو پئي ته زمين ڦاٽي پوي ۽ هوء ان ۾ سمائجي وڃي. هر ڳالهه ياد ڪري هوء پاڻ کان ڪراهت محسوس ڪري رهي هئي. مان اهڙي شخص کي پنهنجي من مندر جو ديوتا سمجھي هن سان پرستش جي حد تائين محبت ڪري ويٺس، ايتري پخته عمر جي عورت هوندي، ڇوڪرين وانگر هن جي خوبصورت ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسندي ويس. ڀلا ان ۾ ڪنهن ٻئي جو ڪهڙو ڏوهه.
”پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نه طبيب.“
ڪجھ دير هو ٻئي پا. ۾ ڏک سور اورينديون رهيون. ڳالهين ڪندي غزل جي ذهن تي هڪ ڳالهه تري آئي ته هن ماريه کي ٻڌايو ته،
”ڪجھه عرصو اڳ۾ هوء پنهنجي اسٽاف سان منڇر ۽ پوءِ سيوهڻ گھمڻ وئي هئي، ڄامشورو پل ڪراس ڪندي هن هڪ شخص کي جيپ ۾ ويندي ڏٺو هو، ڪجھه لمحن لاءِ کيس لڳو هو ته اهو افراز هو، ليڪن ٻئي لمحي هن کي اها خام خيالي لڳي، ته ڀلا افراز جو هتي ڪهڙو ڪم ، ڇو ته مان ته اهوئي سمجھي رهي هئس ته هو اتي اسلام آباد ۾ هوندو. ها البته ان وقت دل چاهيو هو ته ڪاش اهو واقعي به افراز هجي ها ته کيس روڪي مان تنهنجو پتو ئي معلوم ڪري وٺان ها.“
سندس ڳالهه ٻڌي ماريه کلڻ لڳي،
”واه جي ڳالهه ٻڌايئي، افراز مونسان ذڪر ڪيو هو، ته هن توهان کي اسٽاف سان گڏ ڄامشورو پل تي ڏٺو هو، پر توهان کي روڪڻ مناسب نه سمجھائين. ان وقت سندس پوسٽنگ ايس ڊي ايم طور سيوهڻ ۾هئي..“
”ان جو مطلب ته سيوهڻ ۾ هن سان ان ڪري ملڻ نه ٿي سگھيو جو هو ڪنهن ميٽنگ ۾ حيدرآباد ويل هو. “
”اهو ته هُن ڪونه ٻڌايو هو. ڪاش توهان جو ملڻ ٿي وڃي ها ته گھٽ ۾ گھٽ منهنجو توسان رابطو ته ٿي پوي ها.۽ ائين تون اڪيلي ايڏو وڏو صدمو سهڻ کان بچي پوين ها. چوندا آهن ته دردن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سان اهي اڌو اڌ گھٽجي ويندا آهن، جيئن خوشي ۾ حصو ونڊائڻ سان اها ٻيڻي ٿي ويندي آهي.“
هو ٻئي اهڙيون دنيا جهان جون ڳالهيون ڪنديون رهيون جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو ۽ ملازم اچي چيو ته صاحب مانيء تي انتظار پيا ڪن.
غزل گھڻوئي نٽايو ته هوء ماني ڪونه کائيندي، پر ماريه سندس هڪ به نه ٻُڌي ۽ هو ٻئي ڊائننگ روم ۾ آيون، جتي افراز سندن انتظار ڪري رهيو هو. هو کين ايندو ڏسي آڌرڀاء لاءِ اٿي بيٺو، سلام دعا کان پوءِ ماني کائڻ لڳا. ڊنر ۾ ڪافي اهتمام ٿيل هو.ان دوران افراز جيڪو پهرين به ڪافي سنجيده مزاج هو، وڌيڪ مهذب ۽ متين ٿي ويو هو. بيشڪ هن جو رويو افيس جهڙو دٻدٻي وارو نه هو، ليڪن پوءِ به عمر ۽ عهدي جي لحاظ کان هن ۾ ڪافي رک رکاء اچي ويو هو.
ماني ختم ڪري هوء وڃڻ لاءِاُٿي کڙي ٿي ته ٻئي ڄڻا کيس دروازي تائين خداحافظ چوڻ لاءِ آيا.

 

غزل جي وڃڻ کان پوءِ، جڏهن ٻئي ڀاءُ ڀيڻ لائونج ۾ ڪافي پي رهيا هئا ته ماريه کيس غزل جي پوري بپتا تفصيل سان ٻڌائي ۽ اهو به ذڪر ڪيو ته فواد جي صورت ڪيئن سندس ٺاهيل ان مجسمه سان مشابهت پئي رکي، جنهن جي عرصي کان کيس تلاش هئي.
افراز غزل جهڙي ميچئور عورت کان اهڙي بيوقوفانه حرڪت جي توقع نه پئي رکي، ان ڪري هو ڀيڻ جي ٻڌايل ان ڳالهه تي مسڪرائي بغير رهي نه سگھيو.
ماريه کيس ان معني خيز انداز ۾ مسڪرائيندو ڏسي مصنوعي ناراضگي واري لهجي ۾ چيو،
“ توهان سڀ مرد هڪ جهڙا هوندا آهيون، عورت ويچاري پنهنجي سادگيء ۾ هميشه مردن جي چالاڪين جي فريب ۾ ڦاسي ويندي آهي“
ڀيڻ جي اهڙي تبصري تي هو مسڪرائي پهرين ته چپ ٿي ويو، ليڪن ڪجھ توقف کان پوءِ نهايت سنجيدگي سان چوڻ لڳو،
” ماڻهو بلڪل درست چوندا آهن ته عورت ڪيترو به پڙهي لکي وڃي، عمر جي سنجيدگي جي باوجود انهن کي سولائي سان بيوقوف بنائي سگھجي ٿو، ٻه ٻول همددردي يا پيار جا چئي هن جي سڄي توجهه پاڻ ڏانهن مبذول ڪرائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. “
” بس، بس، ڊي سي صاحب، عورت ايتري به ڀورڙي ڪونهي، پر رستي ۾ جو فواد جهڙا شاطر مرد پنهنجا ڄار پکيڙيو تاڪ ۾ بيٺا هجن، ته ويچاري عورت ڪٿي ٿي پاڻ بچائي سگھي. “
” مونکي ته توهان جو اهو نام نهاد فواد صاحب شروع کان پسند نه هو. توهان ئي ان کي ايتري لفٽ ڪرائيندا هئا. “
” بس اهو سڀ ڪجھ ائين ئي ٿيڻو هو، مان واقعي پنهنجي دوست لاءِ دکي آهيان، پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگھي. “
ڪجھ دير اهي ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ڪافي پئندا رهيا،پوءِ افراز اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. .



ائين ئي ڪجھه ڏينهن گذري ويا، غزل ۽ ماريه ڪنهن مهل موبائيل تي ڪچهري ڪري هڪ ٻئي کان حال احوال وٺنديون رهنديون هيون.
هڪ ڏينهن شام جو غزل وهنجي سهنجي ٻاهر نڪتي ۽ آئيني جي آڏو وارن کي برش ڪري رهي هئي ته دروازي جي گھنٽي وڳي، ته سندس ڀاء دروازي تي ويو ۽ انهن ئي پيرن تي موٽي آيو.، هن پنهنجي ننڍڙي پٽ کي مٿي موڪليو ته پڦو کي ٻڌائي ته ڊي سي صاحب جي گاڏي آئي آهي ۽ توهان جي باري ۾ ڊرائيور پڇي پيو. پٽ کي موڪلي پاڻ مهمانن جي آدرڀاء لاءِ ٻاهر نڪتو ته هن جي حيرت نه رهي ته هڪ عورت سان گڏ ستٽيهن اٺٽيهن سالن جو هڪ سنجيده صورت جوان شخص گاڏي مان لٿو. هو اڳتي وڌي ساڻس اچي مليو ۽ کيس ٻاهرين طرف کلندڙ اوطاق ڏانهن وٺي ويو.
ٻاهريون در کولي ماريه اندر داخل ٿي ته غزل ڊوڙ پائي اچي ساڻس ڀاڪر پائي ملي .
”تون واعدو ڪري ايترن ڏينهن ۾ وري نه آئينءَ ، ته مون ئي سوچيو ته پاڻ اچي توسان ملي وڃان.. “
غزل نٽائيندي چيو ته،
”بابا سائين جي طبعيت ٺيڪ نه هئي. “
اصل ۾ هوء ان ڏينهن جي ڳالهين کان پوءِ ٻيهر هنن سان نظرون ملائڻ جي پاڻ ۾ همت ساري نه پئي سگھي. هن کي هر وقت اهو خيال پريشان ڪندو رهيو ته ڪٿي ماريه افراز کي اهو سڀ نه ٻڌايو هجي. هوء سخت شرمندگي محسوس ڪري رهي هئي.
هوء ماريه کي ڊرائينگ روم ۾ وٺي آئي ۽ ڀاڀيء کي چانهه لاءِ به تاڪيد ڪندي آئي.
ماريه هڪ صوفي تي ويهندي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ڪمري ۾ هنن کان سواء ٻيو ڪير به ڪونه هو. ماريه بغير ڪنهن تمهيد جي چوڻ لڳي،
”غزل منهنجي هڪڙي صلاح مڃندينءَ . “
”ڪهڙي صلاح.........؟ “
”تون شادي ڪري وٺ، گھڻئي بيوقوفيون ڪيئي، جيڪي ڇوڪريون آدرشن جي تلاش ۾ ڀٽڪنديون وتنديون آهن انهن کي ڪجھ حاصل ناهي ٿيندو، سواءِ خوارين ۽ دوکن جي اهو ته تون خوش قسمت آهين جو ڪنهن وڏي دوکي کان خدا توکي پناهه ۾ رکيو، ورنه اٻوجھ قسم جون الهڙ ڇوڪريون پنهنجي غزت ناموس سڀ ڪجھ وڃائي رسواين جي گھري کاهيء ۾ وڃي ڪرنديون آهن. اهڙا مڪر و فريب سان ڀريل ماڻهو چَپي چَپي وِک وِک تي انهن جي تاڪ ۾ هوندا آهن.“
ڪجھ لمحن جي لاءِ خاموشي اختيار ڪندي، ماريه وري چوڻ لڳي،
”هاڻي گھڻو ٿيو، ڇڏ انهن سماجي خدمتن کي، تنهنجي اڪيلي سان سماج ڪونه سڌري پوندو. اسان پنهنجي دنيا ۽ عاقبت سنواري ته به کٽيو سين.“
غزل هن جون ڳالهيون غير سنجيدگيء سان ٻڌندي رهي ۽ زير لب مرڪندي رهي. جڏهن ماريه خاموش ٿي پنهنجي ڳالهه جي اثر ڏسڻ لاءِ کيس سواليه نگاهن سان ڏٺو ته هوء چوڻ لڳي،
”ماريه لڳي ٿو ته هاڻي تون چري ٿي پئي آهين. مان پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيان ۽ اهو ڪم ڪندي مونکي جيڪا ذهني آسودگي ۽ سرشاري حاصل ٿي آهي، اها شاديء جهڙي فضوليات ۾ ڀلا ڪٿي ملي سگھندي، ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي هيٺ مان باقي زندگي گذارڻ جو پاڻ سان ڪيل عهد ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قيمت تي ٽوڙي نه ٿي سگھان. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجي هينئر شاديء جي عمر به ناهي رهي.. “
”ڇو ناهي رهي، تون صرف ها ته ڪري ڏس، قطار ٺهي ويندي تنهنجي اميدوارن جي. “.
”ڇڏ ان ڳالهه کي، ڪا ٻي ڳالهه ڪر.“
هن نٽائيندي چيو.
ماريه کيس ٻانهن کان جھلي پنهنجي ويجھو ڪندي، سندس اکين ۾ پيار ۽ پاٻوهه ڀرين نگاهن سان نهاريندي،
”غزل منهنجي ڀيڻ ! ائين نٽاء نه، اڄ مان توکي هڪ حسين زندگي ڏانهن قدم وڌائن لاءِ تنهنجو ساٿ ڏيڻ جي نويد کڻي آئي آهيان، اڄ مان تنهنجو ڪوبه انڪار ڪونه ٻڌنديس، رهيو سوال توکي پاڻ سان ڪيل عهد نڀائڻ جو ته اهو شاديء کان پوءِ به نڀجي سگھي ٿو تون پوءِ به پنهنجي مرضيء جي زندگي جئِي سگھين ٿي.“
”ماريه پليز! ڇڏ نه، ان ڳالهه کي، عمر هئي ته ڪنهن منهنجي لاءِ سوچيو ڪونه، ته ڀلا هينئر ڪير سوچيندو. “
ماريه مسڪرائيندي چوڻ لڳي،
”۽ جي مان چوان ته، ڪنهن انسان ورهين کان صرف ۽ صرف تنهنجي باري ۾ سوچيو آهي، تنهنجي ساٿ جي آرزو ڪئي آهي. هو تنهنجي هن بي رونق ، بي رنگ ۽ نا اميد زندگيء ۾، اميدن، امنگن ۽ تمنائن جا اهي سڀئي رنگ ڀرڻ لاءِ هميشه کان تنهنجو منتظر رهيو آهي،بغير توکي احساس ڏيارڻ جي، توکي دل ئي دل ۾ چاهيو آهي، هن ڪنهن به موٽ جي تمنا نه ڪئي. هو اڄ به انهيء آس ۾ زندگيء جو سفر طئي ڪري رهيو آهي ته هڪ ڏينهن تون سندس جيون ۾ شامل ٿي هن جي زندگي کي خوبصورت بنائي ڇڏيندينء، ته پوءِ ان جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو جواب ٿي سگھي ٿو. “
اهو سڀ ٻڌي غزل هڪ دفعو وري ڏُکاري ٿي وئي، سندس نيڻن جا ڪنارا ڀِڄي ويا، ڀريل آواز سان چوڻ لڳي،
”ماريه پليز ! هڪ ڀيرو وري مان اهڙي ڪنهن خواب ۾ جيئڻ نه ٿي چاهيان، جنهن جي تعبير ماضيء جيان ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ هجي، مان خوش ۽ پرسڪون آهيان، منهنجي زندگي هاڻي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين جي خوشين لاءِ آهي. مون ته توکي پنهنجي ماضيء جي تڙپائيندڙ ۽ خوفائتي تصوير ان ڪري ڏيکاري هئي، جيئن مان ان جي حقيقت ۽ پس منظر پروڙي سگھان، جيئن مونکي سڪون حاصل ٿي سگھي، جيئن اها خلش دور ٿي سگھي ته ڪاٿي مون پنهنجي ڪنهن عمل سان پاڻ کي دکي ته ناهي ڪيو.ان کان علاوه منهنجو ڪوبه مقصد نه هو. نه ئي ڪنهن همدرديء جي ضرورت.“
ائين چوندي سندس لهجو ڪي قدر تلخ ٿي ويو هو. ماريه هن جي لهجي جي پرواه نه ڪندي ٻيهر چوڻ شروع ڪيو،
”جيڪڏهن ڪو انسان پوري زندگي هڪ آس، هڪ انتظار ۾ گذاري ڇڏي، ته ڪڏهن ته سندس اڌوري زندگي مڪمل ٿيندي، توکي ان جو به احساس ڪونه ٿيندو.“.
”تون غلط ٿي چوين، هينئر اگر ڪو شخص منهنجي طرف هٿ وڌائيندو به ته صرف همدرديء ۾ ۽ مونکي رحم، قياس جهڙن لفظن کان چڙ ٿي وئي آهي.......... ان ڪري پليز ماريه......... ! “
اهو چوندي هوء ڪجھ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي ته آخر اهو ڪير ٿي سگھي ٿو.ڪاٿي فواد ته واپس موٽي ناهي آيو ۽ کيس پنهنجي ڪئي تي پڇتاء هجي، پر هو هاڻي کڻي سون جو به ٿي پوي، هُن سان هاڻي منهنجو ڪوبه واسطو نه ٿو جُڙي سگھي. خير ڪير به هجي. منهنجو فيصلو اٽل آهي، ته پوءِ مان ان جي باري ۾ ڇو فڪرمند ٿيان.
ماريه کيس سوچيندو ڏسي سندس جواب جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن هن ڪوبه جواب نه ڏنو، ته ماريه وري سِرڪي سندس ويجهو ٿي ويٺي ۽ نهايت ئي نهٺائي ۽ سنجيدگيءَ سان چوڻ لڳي،
”تون آخر احساس ڪمتري ۽ خود رحميء جو شڪار ڇو ٿي رهي آهين، تون ڪنهنجي نگاهن ۾ اڳ۾ به سڀني کان وڌيڪ هئينءَ ۽ هاڻي به آهين.
غزل پليز! انڪار نه ڪر، مان هڪ آس کڻي پنهنجي پياري سهيليء جي جيون کي سنوارن چاهيان ٿي. شايد خداوند ڪريم کي تنهنجي صبر تي رحم اچي ويو هجي ۽ هن تنهنجي لاءِ هڪ خوبصورت زندگيء جو اهتمام ڪيو هجي.. مونکي به پنهنجي ڪيل هڪ غلطي جي تلافي ته ڪرڻ ڏي. “
”ماريه ! تون آخر ايڏو اصرار ڇا لاءِ پئي ڪرين. هونئن ته مونکي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ڪانهي، پر هاڻي ٿورو تجسس ضرور ٿيو آهي. ٻڌاء عمر جي هن حصي ۾ ڪير پيدا ٿي پيو آهي، منهنجي زندگي سنوارڻ لاءِ مونکي پنهنجي جيون ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ، ڀلا ڪنهن کي کُٽيء کنيو آهي..“
ماريه کي اهو ٻڌي ڪجھ اطمينان ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ غزل ان شخص کي ڄاڻڻ لاءِ تيار ته ٿي. نهايت پيار ڀرئي انداز ۾ هٿ پڪڙي چوڻ لڳي،
”پهرين ته مونکي به يقين نه آيو هو. مان به حيران ٿي وئي هئس. مون سمجھيو هو ته تنهنجي زندگي جي الميه تي رحم کائي توکي اپنائڻ ٿو چاهي. ليڪن جڏهن مونکي خبر پئي ته هو ته توکي ان وقت کان پنهنجي دل اندر هڪ اوچو مقام ڏئي ويٺو آهي، جڏهن کان هن توکي ڏٺو هو. هن تنهنجي خاطر پنهنجي دوست فهد جي ڀيڻ کي جيڪا اڻ ڄاڻائيء ۾ هن کي دل ڏئي ويٺي هئي ۽ اسلام آباد تائين هلي آئي هئي، ان کي انڪار ڪري ڇڏيو هو. مان پاڻ حيران ٿي وئي هئس ۽ سندس ئي اصرار تي ان سان گڏجي توهانجي گھر آئي آهيان، چاچا ۽ تنهنجي گھر وارن سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ئي مان سندس خوشين لاءِ تو وٽ سوالي بنجي آئي آهيان، توکي ان جو نالو ڄاڻڻ جو تجسس آهي نه، ته ٻڌ اهو ڪو ٻيو نه، پر ” افراز “ آهي منهنجو ڀاءُ.“
اهو چئي هوء خاموش ٿي وئي. پر اهو ٻڌي غزل جو ردِ عمل انتهائي شديد هو، هن کيس ذري گھٽ ڌونڌاڙيندي چيو،
”تون پاڳل آهين، ڪاٿي افراز ڪاٿي مان، اهو ڪيئن ممڪن آهي، نه اهو نه ٿو ٿي سگھي نه بلڪل به نه....... “
هن جي اکين آڏو اهي سڀ منظر هڪ هڪ ڪري ڦرڻ لڳا، فواد سان بي تڪلف ٿين تي هُن جو سخت ردِ عمل. سندس ڪمري جي دروازي تي بهاني بهاني اچڻ ، هن جون نظرون بچائي چوري چوري نهارڻ. هر منظر ٽي وي اسڪرين جيان هن جي سامهون اچي رهيو هو. هاڪس بي تي زوري سڀني کي وٺي وڃڻ، اتي معني خيز جملا ڳالهائڻ . ليڪن هن انهن ڳالهين کي ننڍو سمجھي ڪڏهن ڪا اهميت نه ڏني هئي. ۽ هو هو جو ورهين کان هينئر تائين ائين تنها پيو ڦري . هوء ڪيتري دير تائين صدمي هيٺ اهڙيون ئي ابتيون سبتيون ڳالهيون سوچندي رهي، ماريه به خاموشيء سان هن جي چهري جي بدلجندڙ تاثرات کي ڏسندي رهي، بهرحال هن ان دوران افراز کي هڪ ميسيج ڪري ورتو هو ته هوء نيم رضامند ٿي وئي آهي، هاڻي هن جي اچڻ جو وارو آهي. هو ته ڪافي دير کان اوطاق ۾ سندس والد احمد شفيع سان ڳالهين ۾ مصروف هو، جنهن کيس واضع لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڌيء ماريه کيس مڃرائي ورتو ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. ماريه به غزل کي ايستائين سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جو پورو پورو موقعو فراهم ڪيو هو، ان يقين سان ته هوء پڪ سان پنهنجي خوبصورت مستقبل جي باري ۾ ئي فيصلو ڪندي.
هوء اڃان انهن ئي ئي خيالن ۾ گم هئي ته هن جو ڀاء ڊرائينگ روم جو دروازو کڙڪائي، اندر گھڙي آيو ۽ ان سان گڏ ٻيو ڪيرنه پر افراز هو، گلن جو بُڪيٽ هٿن ۾ کنيو اندر داخل ٿيو ۽ اچي سندس هٿن ۾ ڏنائين.
غزل ان وقت هلڪي سبز رنگ جي لان جي سوٽ ۾ ان وقت به تمام حسين ۽ پُر ڪشش پئي لڳي. افراز کي پنهنجي سامهون هڪ نئين روپ ۾ ڏسي هوء شرم وچان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ ماريه سندس اها ڪيفيت ڏسي مطمئن ٿي وئي.