ناول

تو بِن اداس من

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ يا ائين کڻي چئجي تہ مختصر خاڪو 2004ع ۾ لکي ٽي وي پروڊيوسر ڀاءُ محمد بخش سميجو (مرحوم ) آڏو راءِ وٺڻ لاء کڻي ويس . جنھن اسڪرپٽ پڙهي چيو تہ تمام سٺو لکيو اٿو، لڳي نہ ٿو تہ ڪنھن پھريون دفعو طبع آزمائي ڪئي آهي.توهان ڪھاڻي کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪيو، اڃا وڌيڪ سٺو لکي وٺندا. ھي اسڪرپٽ دير سان ئي پر وري نئين سر سنواري ناول جي صورت ۾ ڇپيايو ويو آھي.

Title Cover of book تو بِن اداس من

12

ائين ڪيترا ئي ڏينهن بي مقصد گذري ويا. هوء هئي ۽ هن جون تنهايون. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ ڪرسچن چوڪري مونيڪا جارج پيانو ٽيچر ٿي آئي. سنهڙي سيپڪڙي سانوري، تکا نيڻ و نقش، ستاويهه اٺاويهه سال عمر، پهرين نظر ۾ ئي دل هن ڏانهن ڇڪ کائي وڃي، ڇا ته پيانو ٿي وڄايائين ٻڌڻ وارو ته سندس وڄايل ڌنن جي سحر ۾ بس مدهوش ٿي وڃي. غزل ته هئي ئي سونهن جي پوڄارڻ. مونيڪا کي ڏسندي ئي سندس دل عجيب سَٽ کاڌي ۽ هن ڏانهن دوستيء جو هٿ وڌايو ته مونيڪا به سندس دوستيء جو جواب دل سان ڏنو. عمرين جي فرق باوجود ڪجھ ئي ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان گھاٽي دوستي ٿي وئي. ٻئي هر هنڌ گڏ نظر اچڻ لڳيون. فرصت جي وقت غزل دل وندرائڻ لاءِ هن جي پيانو جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳي. ائين غزل گھڻي ڀاڱي پنهنجي دردن جي ان اجھاڳ سمنڊ مان پاڻ کي ڪڍڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ٿي وئي هئي. پوءِ به ڪنهن اداس شام ۾ سندس سور جاڳي پوندا هئا ته سندس ننڊون ڦٽي وينديون هيون. ائين وقت پنهنجي اڍنگي چال سان گذرڻ لڳو هو.
مونيڪا اصل ۾ پنجاب جي رهواسڻ هئي، ليڪن ڪافي عرصو اڳ۾ سندس والدين ڪراچي لڏي آيا هئا. مونيڪا جي تعليم و تربيت جو وڏو حصو ڪراچيء ۾ مڪمل ٿيو هو. سندس والد به ماهر پيانو نواز هو ۽ ڪنهن وڏي هوٽل ۾ پيانو وڄائيندو هو. مونيڪا پنهنجي والد کان پيانو جي سکيا ورتي هئي. مونيڪا ڪراچي کان ٻاهر ڪڏهن به نه وئي هئي، ڪچهرين ۾ هن کي سنڌ جي اندرين علائقن بابت معلوم ٿيو ته هن جو سڄي سنڌ گھمڻ جو تجسس ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. جڏهن به غزل کيس سنڌ جي تاريخي ماڳن، سنڌو ندي، لبِ مهراڻ ۽ ٻين ماڳن متعلق پنهنجي دلفريب انداز سان ذڪر ڪندي هئي ته مونيڪا ڏاڍي انهماڪ( دلچسپي، غور) ۽ شوق سان سندس ڳالهيون ٻڌندي هئي. ڪئي دفعا هن جي شوق جو اهو عالم هوندو هو، ڄڻ هوء اکين ۾ ڪئي خواب سجائي انهن نظارن کي پَسي رهي هجي. هن خيالن ئي خيالن م انهن ماڳن جي تصوير پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ورتي هئي. غزل جو تصوير ڪَشيء جو اندازئي ڏاڍو دل لُڀائيندڙ هوندو هو. مونيڪا جو تجسس وڌندو ويو. آخر هڪ ڏينهن جڏهن سڀ اسٽاف ڪامن روم ۾ ويٺا هئا ته مونيڪا سڀني جي آڏو هڪ تجويز رکي ته ڪجھ ڏينهن لاءِ سنڌ جي اندرين علائقن جو سير ڪجي. هن اهڙي دل لڀائيندڙ انداز ۾ سڄو نقشو چٽيو جوسڀني جو تجسس وڌي ويو. گھڻو ڪري هنن سڀني جو تعلق ڪراچيء سان هو. هو سڀ ڪراچيء ۾ ئي نپنا وڏا ٿيا هئا ۽ ڪڏهن به ڪراچيء کان سواء ٻئي ڪنهن به شهر ۾ وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو هو، ايستائين جو انهن مان ڪِن ته پوري طرح ڪراچي به نه ڏٺي هئي. صرف غزل ئي هئي جنهن جو تعلق سنڌ جي اندرين علائقن سان هو۽ هن پنهنجي يونيورسٽي جي پڙهائيء دوران سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي گھمي ڏٺو هو. ان ڪري واندڪائي جي وقت ۾ جڏهن هو سڀ گڏجي ويهندا هئا ته غزل کين ڪڏهن سکر ۽ اُتر سنڌ سان وابسته قصه ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهندي هئي، خيرپور ميرس، ضلعي جي ڪوٽ ڏيجي جو قلعو، ميرن جو فيض محل ، معصوم شاه جو منارو، ساڌ ٻيلو، لبِ مهراڻ ته ڪڏهن سنڌوء ڪناري ويهي قدرت جي حسين منظرن کي دل ۾ اوتڻ جا قصه، ته ڪڏهن ڄامشوري جي ٿڌين مٺين هوائن ۾ المنظر تي ويهي گرما گرم پلو کائڻ جو مزو وٺڻ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌندو سڀني جي وات ۾ پاڻي اچي ويندو هو. ته هو حسرت سان چوندا هئا ته اسان ته هتي جي دونهين ۽ گھميل فضا ۾ سُڪي سَڙي مرنداسين. جيئن ته سڀئي لطيف فنن سان واسطو رکندڙ هئا، ان ڪري غزل جون ڳالهيون ٻڌي ڪئي دفعا هنن جي من ۾ اشتياق جاڳيو هو ليڪن گونا گون مصروفين ۽ ڪراچي جي تيز رفتار زندگي هنن کي موقعو ئي نه ڏنو هو، اڄ مونيڪا جارج اهڙي انداز سان کين اُتساهيو ته قدرت جي انهن حسين ۽ پُربهار ماڳن کي ويجھڙائي کان ڏسي من جي اُڃ اُجھائجي. مونيڪا جي اها تجويز سڀني لاءِ قابلِ ستائش هئي. فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتيون موڪلون ٿيون ته هو سنڌ جا اندريان علائقا ضرور گھمڻ ويندا، بلڪه هر دفعي موڪلن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڳ مڪان جي ٽوئر جو پروگرام ٺاهبو. ڪجھ ته زندگيء جو مزو ماڻجي هڪ جاء تي رهي ته صاف و شفاف پاڻي به پنهنجو رنگ روپ ۽ ذائقو ڇڏي ويندو آهي. ڀلا کوهه ۾ رهندڙ ڏيڏر کي ٻاهر جي ماحول جي ڪهڙي ڄاڻ. هاڻي صرف اهو طئي ڪرڻو هو ته پهرين ڪهڙي ماڳ جي چونڊ ڪجي. ڪنهن ڪينجھر هلڻ جي صلاح ڏني، ته ڪنهن رني ڪوٽ ۽ ڄامشورو پل هلڻ لاءِ چيو.جڏهن سڀني جو اتفاق نه ٿي سگھيو ته وري به غزل سندن آڏو تجويز رکي ته ڇونه سڀ کان پهرين قلندر لعل شهباز جي مقبري تي حاضري ڏجي ۽ پوءِ پاڪستان، بلڪه ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر جو سير ڪجي. غزل جڏهن کين ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ ايراضيء جي لحاظ کان ايتري ته وڏي آهي جو اتي جا رهاڪو پنهنجي زندگي ٻيڙين ۾ گذاريندا آهن، ٻيڙين ۾ ئي هنن جي ٻارن لاءِ اسڪول موجود آهي.
اهو ٻڌي هنن جو تجسس وڌي ويو ۽ سڀني هڪ راء ٿي فيصلو ڪيو ته سڀ کان اول هو نه صرف منڇر ويندا بلڪن هو اتي رات رهي اتان جي زندگيء کي ويجھڙائيء کان ڏسڻ چاهيندا.
جلد ئي هنن پنهنجي هيڊ کي چئي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ سيوهڻ جي ريسٽ هائوس ۾ ترسڻ جو انتظام ڪرائي ورتو ۽ انتظاميه جي زريعي اتان جا ويجھڙا ماڳ مڪان گھمائڻ لاءِ سونهين ( گائيڊ ) جو انتظام پڻ ڪرائي ورتو هو. جيئن ئي موڪلون آيون هنن هڪ وين ڀاڙي تي ڪئي ۽ ڪجھ مرد استاد ۽ ڪجھ ليڊي ٽيچرس ضرورت جو سمورو سامان کڻي اوڏانهن روانا ٿيا. هو صبح جو سوير ڪراچيء کان نڪتا هئا ۽ منجھند ڌاري سيوهڻ جي ريسٽ هائوس اچي پهتا. جتي هنن لاءِ ڪمرا مخصوص ٿيل هئا.
تازه توانا ٿي سڀ کان پهرين زيارت لاءِ ويا اتان اچي منجھند جي ماني کائي بس ڪين ته سونهون به اچي پهتو. ان جي ايندي ئي هو منڇر طرف روانا ٿي ويا، هو سڀ ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ ڏسڻ لاءِ خاصا بيتاب هئا. هنن جو خيال هو ته جيئن هو سمنڊ جي ڪنهن به پوائنٽ تي ويندا آهن ته سامهون هڪ وسيع وعريض ايراضيء ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو آهي جنهن جو ڪٿي به انت نظر ناهي ايندو، هتي به ساڳي صورت حال هوندي ليڪن جڏهن منڇر جي ڪناري تي پهتا ته کين مايوسي ٿي سندن تصور جي برعڪس صورت حال هئي. خود غزل به پهرين ڪڏهن به هن طرف ڪونه آئي هئي. ساٿين جي چهري جي مايوسي ڏسي هوء دل ئي دل ۾ پاڻ کي شرمسار محسوس ڪري رهي هئي. ساڻن کڏ آيل گائيڊ هنن لاءِ ڪناري تي بيٺل ٻيڙين مان ٻن وڏين ٻيڙين وارن سان ڳالهايو. ٻيڙيون ڪافي ڪشاديون ۽ صاف سٿريون هيون. ٻنهي کي هلائڻ وارا مرد ۽ عورت هئا. هنن پنهنجا آندل بيگ ۽ بيڊنگ ساڻ کنيا ۽ بي دليء سان ٻيڙين ۾ سوار ٿيا، اهو سوچي ته اها آهي منڇر ڍنڍ ! جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته پاڪستان ڇا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي.
گائيڊ ۽ ڊرائيور مردن واري ٻيڙيء ۾ سوار ٿيا. هنن جي چهرن جي مايوسي ڏسڻ وٽان هئي، ليڪن هي جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا هئا، واه ڪناري مهاڻن جا جھوپڙين نما گھر ڏسندا پئي ويا. جن جا اڌ اُگھاڙا ڪارڙا ڪَلوٽڙا ٻار ڪناري جي ويجھو اچي هنن جي ٻيڙين کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. مهاڻيون عورتون ڪي گھرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون هيون ڪي پڌر تي پيل ڇڳل ٽٽل کٽن تي ويهي رئي جي اوڍر ۾ پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن کي ٿڃ پياري رهيون هيون ته ڪي پري کان مٺي پاڻيء جا گھڙا ڪَڇن ۾ ۽ مٿي تي کنيو پئي آيون. سندن مرد بي نيازيء سان کٽن تي اهليا پيا هئا. غزل ۽ شايد ٻيڙين ۾ سوار سڀ مرد عورتون اهو سوچي رهيا هئا ته، هي ويچارا اڌ اگھاڙا ٻارڙا ڪهڙي زندگي گُذاري رهيا آهن. جن جي هر طرف پاڻي هجي جھينگر مڇر ، ڪُت ۽ اونداهي هجي.هنن کي ته بس جيئڻو آهي مانيء ڳڀو ميسر هجي يا نه، هر حال ۾ اتي ئي پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهڻو آهي، معاشيات جو اصول آهي ته غربت جو اصل ڪارڻ غربت ئي آهي، اسان غريب آهيون ان ڪري اسان نه ته سٺي تعليم حاصل ڪري سگھون ٿا، نه زندگيء جا ٻيا سڌريل طريقا ۽ لوازمات ماڻڻ اسان جي اختيار ۾ آهي، نه صحت آهي نه صفائي، اڌ تن اگھاڙا، اڌ پيٽ بکيا، شايد اهوئي اسان جو مقدر آهي، ته پوءِ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي رهنداسين ته اهيئي اڌ بکيا، اڌ اگھاڙا. اهو سڀ سوچي اسان پاڻ کي قسمت جي ڌارا تي ڇڏي ڏيندا آهيون، ته ٻئي طرف اسان جا اختيار ڌڻي به اسان کي اسان جي مقدر جي حوالي ڪري صرف پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن لاءِ سڀ لوازمات ۽ وسيلا استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ اسان اڪتفا پسندن ۽ قسمت تي ڀاڙيندڙن کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن ائين اسان پنهنجي ان خول مان ٻاهر نڪري ئي ناهيون سگھندا. اهو به زندگيء جو هڪ روپ آهي. ٻئي طرف جن کي سڀ ڪجھ ميسر هجي ٿو، ان جي باوجود به هو ڪيڏا نه ناشڪرا آهن.
ٻيڙيون جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيون هيون ڪنارو گم ٿيندو پئي ويو، آس پاس ٻيون به ڪيتريون ٻيڙيون روان دوان هيون . چپو چوريندڙ مهاڻا واٽ تي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيندا پئي ويا. جيئن جيئن سج جا پاڇا لڙندا پئي ويا ته جھينگرن ۽ مڇرن پنهنجا راڳ آلاپڻ شروع ڪيا، انهن جي ڀون ڀون جا آواز سوايا ٿيندا پئي ويا، ته ٻيڙين جو تعداد به وڌندو پئي ويو. اهو ڏسي سڀني جي چهرن جي مايوسي حيرت ۾ بدلجندي پئي وئي اهڙو جهان ته هنن پنهنجي تصور ۾ به نه سوچيو هو. هو هڪ عجب دنيا جو سير ڪري رهيا هئا.
ڪنارو زري گھت غائب ٿي ويو هو ۽ چوڌاري جيستائين نگاه پئي وئي، پاڻي ئي پاڻي هو. زمين جو نالو نشان به باقي نه رهيو هو. بس هو ته صرف ٻيڙين جو شهر آباد هو، جيڪي به هڪ ترتيب سان هڪ ٻئي کان ڪجهه پَر ڀرو لنگر انداز هيون. هر ڪنهن کي ٻئي جي پرائيوسيء جو خيال هو.
ان وقت سج به اچي لاهو پاهو ٿيو. ڇا ته سج لهڻ جو منظر هو. سڀني پنهنجون آندل ڪيميرائون کڻي فوڪس ڪيون ۽ رات گھري ٿيڻ کان پهرين انهن حسين منظرن کي ڪيميرائن ۾ پنهنجي پنهنجي اک سان محفوظ ڪري رهيا هئا.
اهو سڀ ڪجھ هنن لاءِ بلڪل نئون ۽ انوکو هو. سج آهسته آهسته پاڻيء ۾ ٽٻي هڻي رهيو هو. دور پري پهاڙي سلسلي جا ڌنڌلا پاڇا پسجي سگھيا پئي. شام گھري ٿيندي ئي هر ٻيڙِي ۾ اونداهي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ لالٽينن جون وٽيون اُڀيون ڪيون پئي ويون. اونداهي جي ڪري ڪجھ ٻيڙين ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي ڪيهاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا يا شايد بک ۾ پاهه ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا هجن. آخر ڪار سندن ٻيڙيون به هڪ پر ڀري جاء تي وڃي لنگر انداز ٿيون. رات به گهري ٿيندي پئي وئي ته بک به سوائي ٿي وئي هئي. مهاڻين کانئن رات جي ماني بابت پڇيو. هنن آندل سامان ۽ ٿانو ٿپا کين ڏنا ته هنن گڏجي مانيء جي تياري شروع ڪئي. ٻيڙيء جي مٿئين ڊيڪ تي مٽيء جي ٺهيل چُلهه ۾ ڪاٺيون وجھي باهه ٻاري وئي. اهو سڀ ڪراچيء جي پُر آسائش زندگي گھاريندڙن لاءِ اچرج جهڙو هئو. هو اهو سڀ ڪجھ حيرت سان ڏسي رهيا هئا ۽ اهڙي هر ايڪشن کي ڪيميرائن جي اک قيد ڪري رهي هئي. ان وقت سياري جي آمد آمد هئي. هلڪو هلڪو سياٽ محسوس ڪندي هنن آندل ڪمبل سان پاڻ ڍڪيو. مهاڻيون رڌ پچاءُ ڪري رهيون هيون. ۽ هي سڀ کين اهڙي ڪسمپرسيء جي حالتن ۾ به سندن ڪم خوش اسلوبي سان ڪندي ڏسي اندر ئي اندر ۾ پشيمان ٿي رهيا هيا، .ته اسان اهڙن آسائشن ڀري زندگي جيئندي به ڪيڏا نه ناشڪرا ٿي ويندا آهيون ننڍڙين مشڪلن کي به نڀائڻ جي سگھه ساري نه سگھندا آهيون ۽ هي عورتون آلين ڪاٺين جي باه دونهين ۽ هوا جي باوجود بغير ڪا شڪايت ڪندي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشس ۾ رڌل آهن شاباس آهي هنن جي صبر ۽ همٿ کي. اهو سڀ سوچيندي وقت جي گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو ۽ مهاڻين تازي ورتل مڇي ۽ ٻئي سامان مان هنن لاءِ مذيدار مڇي پلاءِ تيار ڪري ورتو هو. سندن آندل ٿانون ۾ کين ماني وڌائي ڏني وئي. ان وقت هنن کي بک به ڏاڍي لڳي هئي، ۽ جڏهن اهڙو مزيدار طعام آڏو هجي ته بک اڃان به سوائي ٿي وئي هئي. هنن سڀني خوب دل ڀري ماني کاڌي.. ڪجھ ئي دير ۾ چانهه به تيار ٿي وئي جيڪا پئندي سڄي ڏينهن جو ٿڪ ئي لهي ويو هو..
هلڪا ڦلڪا بسترا هنن وٽ هئا، ڪجھ رليون ٻيڙيء ۾ موجود هيون، پر هو ننڊ ڪرڻ ته ڪونه آيا هئا. هنن کي ته هتي جي رات کي انجواء ڪرڻو هو. رات جي وقت ڪيتريون گشتي ٻيڙيون لالٽينن جي روشنيء ۾ سندن ڀرسان لانگھائو ٿيون ته گائيڊ ٻڌايو ته هي گيم وارڊن جون ٻيڙيون آهن، جيڪي گشت ڪندي چيڪ ڪنديون آهن ته ڪو غير قانوني شڪار ته نه ٿو ڪري. بس سڀڪو پنهنجي ڊيوٽي پيو نباهيندو آهي، ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو ٿئي پيو.
بهرحال هي پاڻيء جو شهر نه صرف عجيب و غريب هو، پر دل لڀائيندڙ به هو. اهي سڀ نظارا ۽ زندگيء جو حقيقتون هنن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺيون هيون. هو سڀ سوچي رهيا هئا ته ڪيڏي نه مشڪل هوندي هنن جي زندگي، زندگيء جا سڀ معاملا هو هتي ڪيئن اُڪلائيندا هوندا. شايد هو هري مري ويا هوندا. هو پوري رات ڪچهري ڪندا رهيا هئا. ڀنڀرڪي مهل منڇر جي عجيب دنيا هئي، انهي وقت پرديسي پکين جي آمد آمد هئي ۽ ڪيترا شڪاري جيڪي صرف شڪار سانگي هتي آيل هئا، اهي ڀنڀرڪو ٿيندي ئي ننڍڙين ٻيڙين ۾ سوار ٿين لڳا، جن کي بتيلا پئي سڏيائون. ٻه ٻه شڪاري انهن بتيلن ۾ سوار ٿي شڪار ڪرڻ لاءِ کُلي ڍنڍ ڏانهن هن ٻيڙين جي شهر کان پري نڪري ويا. ۽ پوءِ پري کان ڪارتوسن جي ڇُٽڻ جا ڪن ڦاڙيندڙ آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. ته غزل جي اکين ۾ اداسي ڇانئجي وئي. هوء هڪ دفعو وري قنوطيت جو شڪار ٿي سوچڻ لڳي ته هي ويچارا پکيئڙا پنهنجو ديس ڇڏي جيئدان حاصل ڪرڻ لاءِ سوين هزارين ميلن جا مفاصلا طيء ڪري هتي اچن ٿا ته شايد هو موسمن جي اذيت ناڪ اثرن کان محفوظ ٿي ويا آهن ۽ ماري هنن جي تاڪ ۾ ڏند تکا ڪيو ويٺا آهن. ڪاش ! هنن کي ايتري سمجھ هجي ته هزارين ڪوهن جو مفاصلو طيء ڪري پرديس ۾ وڃي بارود وگھي دردناڪ موت مرڻ کان بهتر پنهنجي ديس جي سرد موسمن ۾ جان ڏجي. پر ويچارا بي زبان جاندار اهو سڀ سهندي به هر سال ڪٽڪن جا ڪٽڪ پرواز ڪري اچي هتي جان جا نذرانه پيش ڪن ٿا. اهو سڀ سوچيندي هو گھڻي ڏکاري ٿي وئي هئي.
ڪجھه ئي دير ۾ ناشتو ۽ چانهه پي موٽڻ جي تياري ڪئي ته ٻيڙين وارن به لنگر کنيا، پنهنجا ونجھ سنڀاليا ۽ واپسيء جي راهه تي هلڻ لڳا. صبح جو به ساڳيا منظر هئا، جيئن جيئن ڪنارو ويجھو پوندو پئي ويو ته ڪناري جي زندگي به روان دوان ڏسڻ ۾ آئي، فرق صرف اهو هو ته شام مهل عورتن سان گڏ مرد به ڪمن ڪارين کان واندا ٿي کٽن تي ويٺل هئا، ليڪن صبح جي وقت صرف عورتون ۽ ٻار ئي موجود هئا. مايون ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف هيون ته ٻار وري راند رهي رهيا هئا.
ٻيڙيون ڪناري سان اچي لڳيون ته لهي ڳچ پنڌ ڪري اچي وين ۾ چڙهيا. جلد ئي سيوهڻ ريسٽ هائوس پهچي ويا. جتي فريش ٿي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيل ڪمرن ۾ ڪجھ دير لاءِ آرام ڪيو. اڃان هڪ ڏينهن موڪل جو هيو. گائيڊ ٻڌايو ته اي سي صاحب صبحاڻي لاءِ توهان لاءِ لڪيء جي چشمن جو پروگرام رٿيو آهي. اڄ توهان ڀلي آرام ڪيو. سڀني فيصلو ڪيو ته اڄ شام سيوهڻ ۾ ترسي اتي ڪجھ جايون گھمڻ گھرجن ۽ شام جو شڪريه ادائي لاءِ اي سي صاحب سان به ملجي، جنهن پرنسپال جي گذارش تي هي سمورو انتظام ڪيو آهي.
ڪجھه ڪلاڪن جي آرام ڪرڻ کان پوءِ هنن جو رات جي اوجاڳي جو ٿڪ به لهي ويو. هو تازه توانا ٿي چانهه پي رهيا هئا ته سندن لاءِ مقرر ڪيل سونهون به اچي پهتو، ته سڀني پنهنجون ڪيمرائون سنڀاليون ۽ نڪري پيا سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس جا علائقه گھمڻ لاءِ. چئو ٿنڀي، لعل باغ وغيره گھمي ڦري واپس موٽي آيا. ريسٽ هائوس مان ئي ايس ڊي ايم جي آفيس فون ڪيائون ته خبر پئي ته صاحب موصوف ڪنهن ميٽنگ سانگي حيدرآباد ويل آهي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ واپسي ٿيندي. ان لاءِ پيغام نوٽ ڪرائي رات جي ماني کائي سڀڪو وڃي آرامي ٿيو.



صبح جو سوير ڀرو سجاڳ ٿي ناشتو پاڻي ڪري رهيا هئا ته سونهون به اچي پهتو. پروگرام اهو ٺهيو ته هتان لڪيء جا چشما وغيره گهمڻ کان پوءِ هو ڪراچيء لاءِ روانه ٿي ويندا.
ٻاهر نڪتا ته وين تيار هئي، ناصر صاحب جيڪو هونئن ته چترڪار هو، پر في الحال هو قدرت جي خوبصورت منظرن کي پنهنجي ڪئمرا ۾ قيد ڪندو پئي ويو. جڏهن هو لڪيء جي پهاڙي سلسلي وٽ پهتا ته اهو ڏسي کين حيرت لڳي ته اتي هڪ ٽڪريء جي دامن ۾ هڪ ننڍڙو مندر ٺهيل هو. جنهن مان اندازو پئي ٿيو ته هتي قديم زماني کان هندو مذهب سان واسطو رکندڙ پنهنجي مذهبي تهوارن تي مٿي چشمن تي وهنجڻ کان پوءِ ضرور هتي پوڄا پاٺ ڪندا هوندا. بلڪه سونهين اهو پئي ٻڌايو ته هو اڃان تائين هتي تهوار تي وهنجڻ ايندا آهن. هو چاڙهيون چڙهڻ لڳا ته جبلن مان وهي ايندڙ هڪ جھرڻي جي ٿڌي ۽ شفاف پاڻيء سندن استقبال ڪيو. جيتوڻيڪ جھرڻو تمام ننڍو هو پر هنن جي دل چاهيو ته ڪجھ دير لاءِ هتي ويهي پير پُسائجن. سڀني جوتا لاهي جھرڻي جي ٻنهي پاسن تي اچي ديرو ڄمايو. جيتوڻيڪ موسم ڪي قدر سرد هئي، پر اهڙي شفاف پاڻيء ۾ پير پُسائڻ کان روح رهي نه سگھيو. پهرين ته کانئن هلڪو ڇرڪ نڪتو پر پوءِ سندن اندر جي تپش پاڻيء جي ٿڌاڻ کي ماٺو ڪري ڇڏيو هو.
غزل جنهن جو اندر سڙي پڄري رهيو هو، اها پير پسايو عجيب فرحت محسوس ڪري رهي هئي. ۽ دور خلائن ۾ ڪجھ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. شايد پنهنجو پاڻ، جيڪو الائي ڪيڏانهن وڃائجي ويو هو. بس ان وقت هن جي دل چاهيو پئي ته سسئيءَ وانگي پنهنجو پنهون تلاش ڪرڻ لاءِ بجاءِ ڏونگر ڏارڻ جي اُتي ئي ويٺي رهي، هميشه لاءِ، اڪيلي، تنها، ڀلا ڪڏهن جبل جھاڳيندي به ڪنهن پنهون پَسيو آهي، ته پوءِ هي ويچارو ڀورڙو انسان سدائين سرابن ۽ رُڃ جي پويان اهڙو خوار و خراب ڇو ٿيندو آهي. جيڪڏهن کيس اها پَروڙ پئجي وڃي ته هو صرف پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسي، کيس سڀ ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويندو، ته اهو دُک ، اهو درد وڌيڪ سوايو آهي ڪنهن کي ڳولهي وڃائڻ کان. اها تڪيف، نسبت ان تڪليف جي جيڪا اڪيلاين جو عذاب ڀوڳي، پنهنجي وجود کي ڳولهي لهڻ جي. غزل اڄ صرف ۽ صرف پنهنجي وڃايل وجود جي متلاشي هئي، جيڪو آدرشن جي تمنا لاحاصل ۾ الائي ڪٿي ڀَڃي ڀُري ريزه ريزه ٿيو پيو هو. انسان جي زندگي آخر ايتري اڙانگھي ۽ ڏُکي ڇو هوندي آهي، جنهن ۾ جھريل ۽ پاش پاش ٿيل اميدون ۽ آرزوئون، لُٽيل ڦريل حسرتون هن دردن ڀري ڌرتيء تي ڦٽجي پيل دليون نامڪمل رهجي ويندڙ آسون. آخر انسان زندگيء جي هر قدم هر موڙ تي انهن حالات، انهن لا محدود تمنائن جي وَرِ پنهنجو پاڻ کي ڇو ٿو چاڙهي ڇڏي. انسان ته سمجھ رکي ٿو، هو سڀني مخلوقن کان وڌيڪ عقلمند ۽ مرتبي وارو آهي. ته پوءِ پاڻ کي انهن حالتن ۽ اڻ کُٽ خواهشن آڏو ايترو لاچار ۽ بي وس ڇو سمجھي ويهي ٿو. هو ته ڏونگر ڏارڻ ۽ سمنڊ اُڪرڻ جي همٿ ۽ حوصلو رکي ٿو ته پوءِ پاڻ ، انهن فضول ۽ بي سود تمنائن ۽ آرزوئن آڏو سر نوائڻ لاءِ ڇو مجبور ٿي وڃي ٿو، جو اهي سڀ درد پيڙائون نا اميديون نراسايون ڪنهن خوفناڪ جن ڀوت جيان سندس من اندر واسو ڪري ويهي رهن ٿيون. ۽ پوءِ انسان ان زندگيء کي بار سمجھي ڍوئڻ جي بي لاڀ سعي ڪرڻ لڳندو آهي. آخر اسان انهن فضول ۽ لاحاصل تمنائن جا غلام ۽ محتاج ڇو بنجي ويندا آهيون. اسان کي انهن پوريون نه ٿيڻ وارين خواهشن کي پنهنجي مٿان حاوي ڪرڻ ڀلا ڪو چڱو عمل آهي.
”هزارين خواهشون اهڙيون جو هر خواهش تي دم نڪري.“
اهو سڀ سوچيندي هن جي اکين مان هڪ ڀٽڪيل لڙڪ نمودار ٿيو ۽ ڳلن تي پهچڻ کان اول ئي پلڪن ۾ جذب ٿي ويو. مونيڪا جيڪا هن جي بلڪل ڀرسان ويٺي هئي ۽ ڪافي دير کان هن جي چهري جي بدلجندڙ رنگن جو بغور جائزو پئي ورتائين. هن غزل کي اهڙي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو، هوء ته کيس هميشه برد بار، سنجيده ۽ هر فڪر کان بي پرواه لڳندي هئي، ته پوءِ اهڙي خوب صورت ماحول ۾ هن جو موڊ ايترو نااميدي ۽ مايوسيءَ جو شڪار ڇو ٿي ويو آهي. اهڙي وڻندڙ صبح ۾ جڏهن آس پاس ايڏا حسين ۽ سحر انگيز منظر هجن، جن کي پسندي انسان پنهنجون سڀ پريشانيون، مونجھارا ۽ دک درد هڪ پاسي ڪري صرف زندگي کي جيئڻ چاهيندو آهي. اهڙي مقام تي ته اسان تي هڪ طلسماتي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي ۽ هيء عورت اهڙي اداس ۽ غمگين ڇو ٿي وئي آهي. سندس نيڻ ڇو ڀڄي ويا هئا جن کي هوء اکين ئي اکين ۾ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻيا سڀ هن جي اندر جي ڪيفيت کان بي خبر انهن خوبصورت گھڙين کان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. اچانڪ ان خاموشيء جو سحر ٽُٽي ويو جڏهن ناصر صاحب جي خوشيء ۾ هلڪڙي رڙ نڪري وئي. هن جي آواز تي سڀني هن ڏانهن نهاريو ۽ هنن جو نظرون، سندس نگاهن جو تعاقب ڪنديون اوڏانهن کڄي ويون. هڪ تمام اوچي ٽڪريء تي هڪ ننڍڙو ٻڪري جو ٻچڙو ٺينگ ٽپا ڏيندو تمام اوچائي تي پهچي ويو هو ۽ شرارت مان هيٺ چَرندڙ ٻڪرين کي ڏسي رهيو هو. ناصر صاحب سان گڏ باقي سڀني به هن جي هر چُر پُر جون تصويرون پئي فوڪس ڪيون ۽ پوءِ چاڙهيون چڙهي مٿي پهتا. ڪافي بلند پهاڙي سلسلو هو. ڪجھ پنڌ تي هڪ پاسي مسافر خانو هو، جنهن جي سامهون هڪ ڪوٺڙي هئي جنهن لاءِ اتي ويٺل ڪجھ ماڻهن ٻڌايو ته هن جي اندر هڪ غار جو رستو آهي. اهو ڏسي اڳتي وڌيا ته ڪجھ پنڌ تي گرم پاڻيء جا چشمه هئا جن مان گندرف جي بوء پئي آئي . هڪ پاسي کان اندران ئي اندران پاڻي نڪري رهيو هو ۽ شايد ڪنهن طرف کان چشمي جو وهڪرو هو جيڪو ان پهاڙي سلسلي جي ڪنهن ٽڪريء مان پنهنجو رستو ٺاهي جھرڻي جي صورت ۾ وهي رهيو هو، ائين چشمي جو پاڻي هر وقت صاف و شفاف بنجي پئي ويو. جتي ڦٽن ڦرڙين جا مريض شفا ياب ٿيڻ لاءِ ايندا رهندا آهن. چشمي جي بلڪل وچ ۾ پردو ڏئي عورتن لاءِ الڳ ڪيو ويو هو. پاڻيء ۾ هٿ وجھڻ سان ڪافي گرم پئي لڳو. قدرت جو به عجب انتظام آهي، هيٺ جھرڻي جو پاڻي جيترو سرد هو اوترو ئي مٿي هي پاڻي گرم هو. ڪجھ دير ترسي فوٽو گرافي ڪيائون. قدرت جي هنن حسين منظرن مان حِظ حاصل ڪندا رهيا.
ڪجھه دير کان پوءِ واپسيء جو سفر شروع ٿيو. سونهين کي بس اسٽاپ تي ڇڏيائون. آخر اچي ڄامشورو پهتا. وقت به ڪافي ٿي ويو هو. ۽ بک به کين بي حال ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري هو سنڌوء ڪناري لان تي پيل ڪرسين تي اچي ويٺا، ڀرسان هڪ ننڍي ڍاٻي نما هوٽل هئي. جتي تازي ماريل مڇي فراء ٿي رهي هئي. جنهن جي خوشبو هنن جي بُک جي اشتها کي سوايو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. درياء ۾ ايترو پاڻي ڪونه هو، صرف وچ تي واهه وانگر پاڻي موجود هو، جتي مهاڻا ٻيڙين تي پنهنجي ڄارن ۾ مڇي ڦاسائي رهيا هئا.. جيستائين سندن آرڊر تيار ٿئي، هو پُل جي چئني طرفن جو نظارو پسڻ لاءِ پسار ڪندا، المنظر هوٽل طرف وڌي ويا. ان وقت ٿڌي هوا گھلي رهي هئي جيڪا ڪراچيء جي دونهاٽيل ۽ گھميل موسم جي مقابلي م هنن کي فرحت جو احساس ڏياري رهي هئي. واڪ ڪندي تصويرون به ڪڍندا رهيا.غزل ته يونيورسٽي ۾ پڙهائيء دوران ڪيترائي ڀيرا هتي اچي چڪي هئي. باقي سڀني لاءِ اهڙي پُر فِضا مقام تي اچڻ جو هي پهريون موقعو هيو. هو ان سڄي ماحول کان ڪافي لطف اندوز ٿيندا رهيا. مونيڪا گھڙي ڏسي کين ياد ڪرايو ته ڪافي دير ٿي وئي آهي، ڪاٿي ڍاٻي وارا اهو نه سمجھي وٺن ته اسان هنن کي آرڊر تيار ڪرڻ جو چئي رفو چڪر ٿي ويا آهيون. هن جي ياد ڏيارڻ سان سڀني کي بُک جو احساس به شديد ٿي ويو. هو جيئن پُل وارو روڊ ڪراس ڪري پُل جي ٻئي طرف وڃي رهيا هئا، ان وقت هڪ اڇي رنگ جي سرڪاري نمبر پليٽ سان جيپ اتان گذري، گھڙي پل لاءِ ان جي رفتار ڪجھ جھڪي ٿي، ته غزل جي نگاهه اتفاقيه طور تي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل شخص تي پئي، هڪ لمحي لاءِ سندس اکين ۾ حيرت جو احساس اُجاگر ٿيو، ليڪن ٻئي لمحي سندس چهري تان اهو تاثر ختم ٿي ويو. هوء سوچڻ لڳي،
”ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي، جيپ ۾ ويٺل شخص افراز جهڙو پئي لڳو، پر افراز ته اسلام آباد ۾ آهي. هن جو هتي ۽ اهو به سرڪاري جيپ ۾..... ماڻهو ماڻهن جهڙا. اهو منهنجو وهم ٿي سگھي ٿو. پر، جيپ واري به ته کين ڏسي گھڙي پل لاءِ گاڏيء جي رفتار گھٽائي ڇڏي هئي......... نه، افراز جو هتي ڪهڙو ڪم........ اسان کي گذرندو ڏسي شايد رستو ڏيڻ لاءِ هن گاڏي ڍري ڪئي هجي ؟ “
اهو سڀ سوچي مٿو جھٽڪي اچي لان تي پيل ڪرسيء تي ويٺي. ان لمحي ماريه ۽ سندس گھر وارن جي ياد شدت سان اچي رهي هئي. سڀ ڪٿي آهن ؟ ڪهڙي حال ۾ آهن ؟ اهڙو وڃي اسلام آباد وساين جو ڪڏهن ڀلجي به ڪراچيء جو رُخ نه ڪين. حيدرآباد ۾ ته هن جي مائٽن جو گھر هو. اتي ته ايندا هوندا. پوءِ به منهِنجي سڪ نه ستاين جو ٻن ڪلاڪن جو مفاصلو طيء ڪري مونسان اچي ملي وڃن ها. پر ڇو مونسان هنن جو هڪ سرسري ناتو هو، دوستيء جو، يا منهنجي ضرورت ۽ مجبوريء جو، جڏهن مان ٻئي هنڌ ٿانيڪي ٿي ويس، ته اهو ضرورت جو رشتو به وقت جي دز ۾ ڪٿي گم ٿي ويو، نوان ساٿي نيون دوستيون. هي دنيا ئي ائين آهي، جيڪي اڳتي وڌيا سي نڪري ويا پوئتي مڙي ڏسڻ جي بغير، جيڪي بيٺا، اهي اتي ئي ساڪت ۽ جامد بيهجي ويا، پنڊ پهڻ ٿي ويا، ڀلاڪو اهڙن پنڊ پهڻ ٿي بيٺلن لاءِ به ڪير پنهنجو وقت کوٽو ڪرڻ چاهيندو، ته پوءِ مان ڪنهن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان،انهن ئي خيالن ۾ هئي ته ماني تيار ٿي اچي وئي هئي، سڀني ڏاڍو انجوء ڪيو. ۽ پوءِ ڪراچي لاءِ نڪري ويا.