2
”ڌيءَ سنڌيا توهان ڇا پڙهنديون آهيو.“
”آپا اسين ٻئي انٽر ڪامرس پيا ڪيون.“
”ڏاڍو سٺو، ان جو مطلب ته توهان بئنڪ وغيره جوائن ڪندوَ .“
”بس آپا في الحال ته پڙهون پيا اڳتي جيڪو نصيب ۾ هوندو.“
شمسه ۽ گل بانو کي سنڌيا ڏاڍي پسند اچي ٿي سندس ڳالهائڻ جو ڌيمو انداز سندن دل ۾ گهر ڪري وٺي ٿو، گل بانو کي رحمان جو رويو ۽ خوشي ڀريو. انداز حيران ڪري رهيا آهن. رحمان وجه وٺي ان صوفي تي اچي ويهي ٿو جتي ٿوري دير پهرين سنڌيا ويٺي هئي، ان وقت ڊور بيل وڄي ٿي ۽ رحمان تڪڙ ۾ اٿي ٻاهر وڃي ٿو ۽ واپس اچي ٻڌائي ٿو ته سنڌيا جو ڀاءُ کين وٺڻ آيو آهي، ٻئي اٿي سڀني کان موڪلائي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. رحمان پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو. هو پنهنجي اندر ۾ عجيب طرح جي بيچيني ۽ بيتابي محسوس ڪري رهيو آهي ڄڻ سندس دل خالي خالي ٿي وئي هجي عجيب نموني جي پريشاني محسوس پيو ڪري، ان حالت ۾ ڪڏهن اٿي ٽهلڻ لڳي ٿو ڪڏهن بيڊ تي ويهي رهي ٿو سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي ٿو ٽوٽن سان ايشٽري ڀرجي وڃي ٿي پر سندس بيقراري جيئن پوءِ تيئن سوائي ٿيندي وڃي ٿي، ننڊ ڄڻ هن کان رسي وئي هجي. پري ڪنهن مسجد مان بانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو هو سمهڻ جي ڪري ٿو، شمسه ۽ گل بانو نماز لاءِ اٿن ٿيون نماز وغيره کان فارغ ٿي شمسه معمول موجب رحمان جي ڪمري ۾ اچي ٿي، رحمان ڀيڻ کي ايندو ڏسي بيچيني کي لڪائيندي نارمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،کيس ٿڪل ٿڪل ڏسي پڇيس ٿي ته هو اڄ آفيس نه ويندو ڇا؟ رحمان ٻڌائيس ٿو ته کيس رات چڱي طرح ننڊ ناهي آئي ان ڪري اٿڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. شمسه سندس دل جي حالت کي سمجھي رهي آ پر پوءِ به کائنس پڇي ٿي ته ڇا ڪا خاص ڳالهه آ سندس طبيعت ته ٺيڪ آ نه، رحمان بَهانو ڪري ٿو ته رات هڪ دوست ڏي هليو ويو هو جتي ڪافي دير ٿي وئي. شمسه سندس بَهاني کي سمجھي وڃي ٿي پر سندس ڳالهه رکندي کلي چوي ٿي:
”هاڻي تنهنجي پيرن ۾ رسو وجھبو جيئن گھر ۾ تنهنجي دل لڳي، گھڻئي دوستن سان رات رهاڻيون ڪيئي.“
ڀيڻ جي مذاق کي سمجھندي کلي چوي ٿو:
”لڳي ٿو توهان سمهڻ نه ڏيندئو، توهان هلي ناشتو ٺاهيو مان تيار ٿي اچان ٿو.“
شمسه مرڪي ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته رحمان بي دلي سان اٿي باٿ روم ڏانهن وڃي ٿو.
رحمان جيڪو سڄي رات بيچيني ۾ تڙپندو ۽ پڄرندو رهيو هو، پنهنجي جلندڙ جسم جي باهه اجھائڻ لاءِ شاور کي فل کولي چڏيو، وهندڙ پاڻي جون ڌارون هن جي باهرين بدن کي ته سڪون ڏنو پر هن جي اندر جي آتش ويتر ڀڙڪي اٿي. مون کان هي ڇا ٿي ويو، وري اهو سوچي ته سنڌيا هن جو خط پڙهي شرم وچان ڳاڙهي ٿي وئي هوندي، دل ۾ سيسراٽ پوڻ لڳا، جيئن تيئن ڪري باٿ روم مان ٻاهر نڪري آيو ۽ آئيني جي آڏو ڦڻي ڏيندي جھونگارڻ لڳو:
”يار ڏاڍي عشق آتش لائي اي.“
رابعه ڪچن ۾ ڪجهه ڪم پئي ڪيو ته سنڌيا اتي اچي کائنس پڇيو ته ڪالهه پارٽي ۾ سندس جيڪو پرس هوءَ کڻي وئي هئي اهو ڪاٿي پيو آ ان ۾ منهنجا ٽاپس پيل آهن رابعه کيس چيو ته اتي ئي پيو هوندو هن ناهي کنيو، سنڌيا ڀيڻ جي ڪمري مان پرس کڻي ٽاپس ڪڍڻ جي ڪري ٿي ته اوچتو سندس نظرهڪ نيري لفافي تي پوي ٿي ٿورو حيران ٿي سوچي ٿي ته:
”آپيء جو پرس ته خالي هو جڏهن هوءَ نجمه جي گھر کڻي وئي هئي هينئر آپي ٻڌايو ته ان کان پوءِ هن پرس ناهي ڏٺو ته پوءِ هي لفافو پرس ۾ ڪٿان آيو، ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر کيس ڪجھ به ياد نه ٿو اچي آخر تجسس کان مجبور ٿي لفافو ٿورو ٻاهر ڪڍي ٿي ته سندس نڪ ۾ پرفيوم جي خوشبوء گھڙي وڃي ٿي وڌيڪ حيران ٿئي ٿي. انهي لمحي رحمان جو چهرو سندس اکين آڏو ڦري وڃي ٿو جيڪو صوفي تي پيل پرس جي ڀرسان ويٺو هو. اهو خيال ايندي ئي سندس چهري جو رنگ اڏامي وڃي ٿو، تڪڙ ۾ پرس مان لفافو ڪڍي رئي جي هيٺان لڪائي حيران پريشان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي، جلدي جلدي دروازو بند ڪري اچي بيڊ تي ويهي ٻيهر لفافو ڪڍي کولي ٿي خوشبوءَ ۾ ٻڏل هڪ خوبصورت آسماني رنگ جي رائيٽنگ پيڊ جي ڪاغذ تي لکيل خط پيل آهي جيڪو سندس نالي لکيل آهي، خط پڙهڻ لڳي ٿي جيئن جيئن پڙهندي وڃي ٿي سندس چهري جا تاثرات هر لمحي بدلجندا رهن ٿا، ڪڏهن ڪاوڙ ڪڏهن مسڪرائي ٿي ته ڪنهن خاص جملي تي شرمائجي وڃي ٿي. خط پڙهي پورو ڪري ٿي، آخر ۾ نالو پڙهي ٿي.
”توهان جو پنهنجو، رحمان.“
هوءَ سوچي ٿي ته رحمان کي ايڏي جرئت ڪيئن ٿي جو خط کڻي منهنجي پرس ۾ رکيائين، اهو ته شڪر آ جو آپيءَ پرس کوليو ڪونه، جي هوءَ ڏسي وٺي ها ته منهنجي باري ۾ ڇا سوچي ها. ۽ هو رحمان نجمه جو ماما، هو يا مان هڪ ٻئي کي سڃاڻون ئي ڪيترو ٿا جو هن ايڏي وڏي حرڪت ڪئي، ڇا ڪو شخص بغير ڪنهن جي نيچر کان واقف هجڻ جي ڪنهن جي پرس ۾ ائين خط رکي سگھي ٿو..... پر مون کي هاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي، خط جو مضمون بار بار سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳي ٿو. ان عمر ۾ هر ڇوڪري جي زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو ايندو آ جڏهن ڪير سندس ٿوري به تعريف ڪري ته سندس دل ۾ ڪتڪتائي ٿيڻ لڳندي آ. هوءَ چاهيندي آ ته ڪو کيس اهميت ڏئي هن کي پسند ڪري هن جي حسن جي تعريف ڪري ۽ اها خواهش چند روزن لاءِ ناهي هوندي بلڪ ان وهيءَ ۾ ان جي شروعات ٿيندي آ ۽ جيئن جيئن عمر وڌندي ويندي آ تيئن تيئن اها خواهش به پروان چڙهندي ويندي آ. سنڌيا ته ننڍڙي هوندي کان ماءُ جي ممتا کان ان جي محبتن کان محروم رهي هئي جيتوڻيڪ شوڪت علي ماءُ بنجي هنن جي پرورش ڪئي هئي ليڪن ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي رهجي وئي هئي ماءُ جي هنج ۾ لڪي سڏڪا ڀرڻ، دل جون سڀ ڳالهيون اورڻ اهو ته صرف ماءُ سان ئي ڪري سگھجي ٿو. پيءُ ته جھنگ جو جھانگي هوندو آ ڀلا اهي سڀ انگل ان سان ڪيئن سونهن ٿا انهن سڀني محرومين سان گڏ سنڌيا پروان چڙهي هئي ۽ رحمان جي ٿوري تعريف هن جي دل ۾ عجيب احساسات کي جنم ڏنو .... هوءَ به پاڻ کي چاهي وڃڻ جي قابل سمجھي رهي هئي، هوءَ سوچڻ لڳي.
”مان ته هڪ معمولي عام ڇوڪري هئس رحمان مو نکي پيار ڀرين نظرن سان ڏسي خوبصورت بنائي ڇڏيو، جيئن تاج محل هڪ سنگ مرمر جي پٿر جي ٺهيل عمارت هئي شاهجهان ان کي پيار سان ڏسي خوبصورت بنائي ڇڏيو ۽ اڄ اها عمارت عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.“
سندس لبن تي بي ساخته مرڪ ڇانئجي وئي، انهي وقت ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جي آواز تي خط وهاڻي جي هيٺان لڪائي ڇڏي ٿي.
رابعه جي شادي جي تاريخ پڪي ٿي وڃي ٿي ته کيس ڪيئي طرح جا خيال کيس پريشان ڪرڻ لڳن ٿا. گھر ۾ سڀني کان وڏي هئڻ جي ڪري اڄ تائين گھر جي هر ذميداري سندس بلي هئي ماضي جي هر ڳالهه سندس اکين آڏو ڦري رهي آهي. هوءَ سوچي ٿي ته امان ته اسان ننڍڙا هئاسين ته اسان کي ڇڏي راههِ رباني ورتي، سنڌيا ان وقت صرف ٻن سالن جي هئي مان به کانئس صرف ست اٺ سال وڏي هئس پر گھر ۾ ٻي ڪا عورت نه هجڻ ڪري ننڍڙي عمر ۾ ئي گھر جي سموري ذميواري منهنجي مٿان اچي پئي، بابا سائين جي نوڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي.... رات جو ٻارهين هڪ بجي گھر موٽڻ، شابس آ خاله زهره کي جنهن پئي اسان جي سار سنڀال لڌي. پنهنجي ننڍڙن ٻارن هوندي به آڌي مانجھي جنهن مهل به سڏيوسينس، سڏ ۾ سڏ ڏنائين ۽ اڄ رب جو احسان آ جو ٿڙي ٿاٻڙي ڪنهن نه ڪنهن مقام تي اچي پهتا آهيون ته مون کي گھر ڇڏڻو پيو پوي، سنڌيا جيڪا سڀني کان ننڍڙي هئي امان جي وڃڻ کان پوءِ ماءُ جي ممتا کان محروم رهجي وئي، اڄ به خاموش خاموش بغير ڪنهن سان پنهنجو ڏک سک ونڊڻ جي بس پنهنجي زندگي جئي رهي آهي هڪ مان ئي هوندي هئس جنهن کي سندس ٿورو گھڻو خيال ٿيندو هئو مان به هلي وينديس ته الائي سندس ڪهڙو حال ٿيندو، اهو سوچي رابعه جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، انهي وقت سنڌيا سندس ڪمري ۾ اچي ٿي ڀيڻ کي خيالن ۾ گم ڏسي مذاق ڪندي چوي ٿي:
”ڪهڙن خيالن ۾ گم آ منهنجي آپي؟“
جھونگارڻ لڳي ٿي.
”پيا ڪي گھر جانا هئي.“.......
ڀيڻ کي ائين مذاق ڪندي ڏسي سندس اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا.
”ڇڏ ان مذاق کي سنڌيا، مونکي ته صرف توهان سڀني جو فڪر آ تون اڪيلي اهو سڀ ڪيئن مينيج ڪندينءَ؟“
سنڌيا جي اندر ۾ ڄڻ ڪجهه ڀُري پوي ٿو پر ڀيڻ جي دلجوئي خاطر کيس آٿت ڏئي ٿي.
”آپي توهان اسان جو فڪر نه ڪيو مان هاڻي سترهن سالن جي ٿي وئي آهيان، وقت انسان کي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آهي........آپي توهان جيڪو ڪجهه اسان لاءِ ڪيو، ان جو ته ڪوبه بدل نه ٿو ٿي سگھي، پنهنجو ٻاروتپڻو قربان ڪري پنهنجن پتڪڙن هٿن سان اسان لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون مانيون پچايون اسان کي پنهنجي ٻنهي پاسي سمهاري لوليون ڏنيون ۽ هاڻي جڏهن توهان کي پنهنجي زندگي جيئڻ جو موقعو مليو آ ته اسان جو فڪر ڪري پنهنجي ايندڙ خوشين کي بي قيمت نه ڪيو، توهان جيڪو ڪجهه اسان لاءِ ڪيو خدا توهان کي ان جي بدلي کوڙ ساريون خوشيون عطا فرمائي.“
رابعه سندس ڳلن کي پنهنجي هٿن ۾ جھلي پيار ڀري انداز ۾ چوي ٿي...
”اڄ ته منهنجي ننڍڙي گڏڙي ڀيڻ ڏاڍيون وڏيون وڏيون ڳالهيون پئي ڪري، بس هاڻي مونکي فڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. سنڌيا کيس پيار ڪندي چوي ٿي:
”سو انجواءِ يوئر سيلف.“
رابعه اٿندي کيس چوي ٿي:
”چڱو منهنجي وڏڙي اٿ ته هلي رات جي ماني جو ڪو بلو ڪيون احمد بک بک ڪندو ايندو.
رحمان ان ڏينهن کان پوءِ ڪافي پريشان رهڻ لڳو هو سندس دماغ ۾ عجيب خيال گردش پيا ڪن ته هن سنڌيا جي پرس ۾ ائين خط رکي هڪ نا مناسب حرڪت ڪئي هئي سنڌيا هن جي باري ۾ ڇا سوچيندي هوندي، ڪهڙي راءِ قائم ڪندي، هن کي ايتري جلد بازي نه ڪرڻ کپندي هئي، سڄو اميج ئي برباد ٿي ويو ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن هن منهنجي خط جو ڪوبه جواب ناهي ڏنو. جڏهن ته هن پنهنجي ليٽر ۾ آفيس جي ائڊريس به لکي هئي، هو هر روز بيچيني سان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيو، آفيس ٽپال ايندي هئي ته ان ۾ ڪنهن نئين تحرير کي تلاش ڪندو هو پر هر روز مايوس ٿي ويندو هو سنڌيا سان ملڻ جي ان کي ڏسڻ جي ڏاڍي شديد خواهش هئي. سندس متلاشي نگاهون روز بس اسٽاپ تي کيس ڳولهينديون هيون، پر هن شايد پنهنجي اچڻ وڃڻ جا رستا ئي بدلائي ڇڏيا هئا.
ٻئي طرف سنڌيا به خط ملڻ کان پوءِ بيچين هئي، هر روز قلم ڪاغذ کڻي جواب لکڻ جو سوچيندي هئي پر کيس اهو ڪنهن به طرح مناسب نه ٿي لڳو. جيڪڏهن هن رحمان سان راه وڌائي ته اهو سندس گھر وارن سان دوکو ٿيندو. بابا سائين ۽ رابعه آپيءَ، منهنجي اهڙي ته تربيت نه ڪئي آ جو مان ڪنهن اجنبي شخص جا چند پيار ڀريا ٻول ٻڌي يا پڙهي، سندن عزت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيان.“
اهو سوچي سوچي ڪئي ڏينهن گذري ويا بيچيني هئي ته اها هر ڏينهن گذرڻ کانپوءِ وڌندي پئي وئي. آخر ڪيترا ڏينهن سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ آخر کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هن ٻه اکر لکي ائڊريس ڪري ڪاليج ويندي رستي تي پوسٽ جي دٻي ۾ لفافو پوسٽ ڪري ئي ڇڏيو. پر پوءِ جڏهن هوءَ ڪاليج کان واپس آئي ته پنهنجي ان حرڪت تي سخت پشيمان هئي، رحمان سندس باري ۾ ڇا سوچيندو. مونکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو، پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگھي ڏڌو کير ٿڻي ته ڪونه پئجي سگھندو نه. هاڻي ته جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو.
هوڏانهن رحمان معمول موجب ٽپال ڏسي ٿو ته اچانڪ هڪ لفافي تي نظر پويس ٿي سندس اکيون چمڪي پون ٿيون، لفافي کي ابتو سبتو ڪري ڏسي ٿو ۽ وڏي اشتياق سان لفافو کولي ٿو ته ان مان هڪ ننڍڙو ڪاغذ نڪري ٿو، رحمان جي چهري تي مايوسي طاري ٿي وڃي ٿي هو هڪ لمبي چوڙي تمهيد جي توقع ڪري رهيو هو پر هي مختصر ڪاغذ جو پرزو ته عجيب ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو. ان تحرير کي پڙهڻ جي همٿ ئي نه پئي ٿيس، آخر ڪار دل جھلي ڪاغذ کولي پڙهڻ لڳو،
”ڇا واقعي توهان کي مونسان محبت آهي، ته پوءِ اربع جي ڏينهن مونسان ڪاليج جي سامهون واري پارڪ ۾ يارهين بجي بريڪ ٽائيم ۾ ملو.“
اهو مختصر پيغام پڙهي رحمان جي چهري تي خوشي جا تاثرات ڇانئجي وڃن ٿا، سوچي ٿو ته اڄ اربع جو ئي ڏينهن آهي، گھڙي ڏسي ٿو ۽ اٿي آفيس کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
هوڏانهن گلبانو پريشان ويٺي آهي ته شمسه اچي ڀر ۾ ويهيس ٿي ۽ ماءُ کان ائين ويڳاڻپ جو سبب پڇي ٿي، ماڻس ٻڌائيس ٿي.
”شمسه الائي ڇو رحمان ڪجهه ڏينهن کان عجيب اڻ تڻ ۾ پيو لڳي.“
”امان هوندس ڪو مسئلو.... مرد آهن، ٻاهرين دنيا ۾ رهن ٿا سوين ڪم ڪاريون اٿن.“
”ڏسين نه ٿي جڏهن کان ٻاهران آيو آ، سندس عادتون ئي عجيب ٿي ويون آهن، رات جو دير سان گھر اچڻ، هر وقت چڙچڙو رهڻ، اهڙو ته ڪونه هو منهنجو ٻچڙو.“
”امان...توهان به هروڀرو پريشان پيا ٿيو مونکي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪون ٿي نظر اچي هو بلڪل نارمل آ.“
”بس جيجل توهان جي بابا جي وڃڻ کانپوءِ اهو ئي آسرو وڃي بچيو آ، ڪير آ اسان جو الله ۽ رحمان کان سواءِ تون به ڀري جواني ۾ بيوه ٿي وئينءَ، نجمه جو سهارو نه هجيئي ها ته الائي تنهنجا ڪهڙا حال ٿين ها.“
شمسه اداس ٿي وڃي ٿي ته سليم جي حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس ته دنيا ئي لٽجي وئي، ڄڻ ته هن کان دنيا جي هر خوشي کسجي وئي هجي، زندگي جهنم بنجي وڃي ها اگر ننڍڙي نجمه نه هجي ها. هن وٽ جيئڻ جو ڪو مقصد ئي نه رهي ها. اهو به رب جو احسان مئٽرڪ تائين تعليم هئي جو نوڪري ڪري پاڻ به وندرايائين ۽ نجمه جي پرورش جو بلو به ٿي ويو.
گلبانو کيس سوچن ۾ ائين گم ڏسي.
”وري ڪهڙين سوچن ۾ گم ٿي وئينءَ؟ الله جو شڪر آ ٿڙي ٿاٻڙِي وڃي هڻي هنڌ ڪيوسين اڳتي به ان کي پارت آ.. هاڻي اٿي ماني ڪنيءَ جي ڪر، رحمان آيو ته تڪڙ ڪندو.“
شمسه اٿي ڪچن ڏي وڃي ٿي.
سنڌيا ۽ سنيتا ڪاليج جي لان ۾ بريڪ ٽائيم ۾ ڇولا پيون کائن، سنڌيا بار بار گھڙِي ۾ ٽائيم ڏسي ٿي، سنيتا کي چوي نه چوي، جي ڪشمڪش کيس بيچين ڪري رهي آهي. سنيتا سندس ان ڪيفيت کي محسوس ڪندي، رهي نه سگھي،
”ڇا ڳالهه آ جو گهڙي گھڙي ٽائيم پئي ڏسين اڄ ته لاسٽ ٻه پيرڊ فري آهن ميڊم رضوانه ۽ فريده موڪل تي آهن.“
”ان ڪري ئي.... دراصل.... دراصل.... مونکي ڪنهن ضروري ڪم سان ڪيڏانهن وڃڻو آ.“
”نه سنڌيا نه... ڪاليج ٽائيم تي ڪيڏانهن وڃڻ مناسب ناهي ڪنهن ڏسي ورتو ته خواه مخواه جي خواري ٿيندي،... پر اهڙو ڪهڙو ضروري ڪم آ...“
”ڏس پليز سنيتا تون خيال ڪجانءِ مان اجھو اڌ ڪلاڪ ۾ واپس ٿي اچان، واپس اچي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿي.“
سنيتا گھڻو ڪجهه سمجھي وڃي ٿي کيس وري سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر سنڌيا جي ايلاز ڪرڻ تي.
”سنڌيا خيال ڪجانءِ متان ڪنهن مصيبت ۾ نه پئجي وڃون، توکي خبر آ نه وڏي ميڊم ڪيڏي سخت آ ان معاملي ۾....“
”ڏس سنيتا لاسٽ ٻه پيرڊ فري آهن ۽ سڀني کي خبر آ ته اسان جي روٽ بس موڪل ٽائيم تي ملندي، جي ڪير پڇي ته چئجانءِ ته لئبرري مان بوڪس ايشو ڪرائڻ وئي آ.“
سنيتا اهو ٻڌي بيوس ٿي وڃي ٿي، هوءَ پنهنجي سهيلي جي بيتابي کي محسوس ڪري وٺي ٿي،
”ٺيڪ آ جيئن تنهنجي مرضي، پر ڏس خيال ڪجانءِ گھڻي دير نه ٿي وڃي مان ڪامن روم ۾ وڃي ڪجهه نوٽس ٿي ٺاهيان.“
سنڌيا جلدي جلدي اٿي ٻاهر هلي وڃي ٿي.
هوڏانهن ڪاليج جي ڀرسان پبلڪ پارڪ ۾ رحمان هڪ بينچ تي ويٺو آهي بيچيني سان سنڌيا جو انتظار ڪري رهيو آهي، بار بار ٽائيم ڏسي ٿو ڪڏهن اٿي واڪ ڪرڻ لڳي ٿو وري اچي بينچ تي ويهي ٿو ڏينهن جي وقت پارڪ ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هتي هُتي موجود آهن، واچ ۾ ٽائيم ڏسي ڀڻڪندي چوي ٿو:
”سنڌيا ته يارهين بجي اچڻ جو لکيو هو ته ان وقت ڪاليج ۾ بريڪ هوندي آ، پر هينئرته ٻارهن پيا ٿين، اڃان نه آئي آهي، ٿي سگھي ٿو ته کيس ڪاليج مان نڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو هجي،.... ڪجهه دير ٻيو انتظار ڪيان ٿو متان موڪل جي وقت اچي.... سندس اکيون پارڪ جي گيٽ ۾ کتل آهن، انهي مهل سنڌيا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گيٽ ۾ داخل ٿئي ٿي سندس چهري تي خوف طاري آهي اندر ايندي ئي خوفزده هرڻي جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاري رحمان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي انهي وقت سندس نگاهه رحمان تي پئجي وڃي ٿي رستو مٽائي اوڏانهن وڌي وڃي ٿي هن جي چهري تي خوف، تجسس ۽ خوشي جا گاڏڙ ساڏڙ تاثرات آهن. رحمان به جيئن ئي کيس ڏسي ٿو بيتابي سان ان جا قدم اوڏانهن وڌن ٿا، ٻئي جڏهن هڪ ٻئي جي ويجھو اچن ٿا ته ٻنهي جي چهرن تي عجيب ڪيفيت آهي سنڌيا جي لاءِ اهو زندگي جو انوکو تجربو آهي. رحمان بيقراريءَ مان پڇي ٿو...
” ڇو ايڏي دير ٿي وئي يارهن بجي جو چيو هيو ؟“
سنڌيا شرمائيندي مختصر جواب ڏئي ٿي،
” بس ٿي وئي.“
رحمان هن کي ساڻ وٺي هڪ ڪنڊ واري بينچ تي اچي ويهي ٿو سنڌيا ڊنل ڊنل هن کان ٿورو پرڀرو ٿي ويهي ٿي، رحمان سندس ان ڪيفيت کان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. ان وقت هوءَ کيس دنيا جي حسين ترين ڇوڪري لڳي رهي آهي، سندس اکين ۾ عجيب بيتابي آهي هو آهسته آهسته سندس هٿ جھلڻ جي ڪري ٿو پر سنڌيا نرمي جي انداز ۾ سندس هٿ پري ڪري ڇڏي ٿي ۽ سرڪي پري هٽي ويهي ٿي رحمان کي سندس اها ادا ڏاڍي وڻي ٿي، ٿورو ترسي رحمان ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.
” توهان منهنجي خط جو جواب نه ڏنو.“
” ڏنو ته هوم .“
مختصراً جواب ڏئي ٿي.
”محبت جي خطن جو ايترو مختصر جواب ڏبو آ؟“
هو مسڪرائي چوي ٿو.
( شرمائيندي)” مونکي خبر ناهي.“
”ته پوءِ ڇا خبر آ جنابِ من کي.“
سنڌيا شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ٿي.
”توهان پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته توهان واقعي مونسان محبت ڪيو ٿا ....ته جنابِ من ان جو جواب هي آهي ته:
”انڌو چاهي هڪڙي اک، مون کي ته ٻئي اکيون ملي ويون آهن.“
توهان سمجھي نه ٿا سگھو......توهان کي هتي پاڻ سان گڏ ڏسي منهنجي اندر جي ڇا ڪيفيت آهي مان لفظن ۾ پنهنجي خوشي کي بيان نه ٿو ڪري سگھان. ٻئي بينچ تان اٿي ٽهلڻ لڳن ٿا، ڳالهيون ڪندي کين وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿو ٿئي، اچانڪ سنڌيا کي احساس ٿئي ٿو ته گھڻي دير ٿي وئي آ، گھڙي ڏسي گھٻرائجي چوي ٿي:
”اوهو ... ڏيڍ ٿي ويو سنيتا سخت پريشان هوندي، موڪل جو ٽائيم ڪڏهو ڪو ٿي ويو آ، هاڻي مونکي هلڻ کپي.“
رحمان جي دل ته نه ٿي چاهي ته سنڌيا ايترو جلدي هلي وڃي پر هو سندس مجبوري سمجھي ٿو ۽ کيس اهو چئي خداحافظ چوي ٿو ته کيس به نجمه کي وٺڻو آهي. ٻئي گيٽ تائين گڏ گڏ وڃن ٿا پوءِ سنڌيا تڪڙا قدم کڻندي ڪاليج ڏي وڌي وڃي ٿي رحمان سرشاري سان کيس ويندو ڏسي ٿو.
ڪاليج جي گيٽ تي پهچي ٿي ته ڇوڪريون ڪي پنڌ ڪي سوارين ۾ گھرن ڏانهن روانيون ٿي رهيون آهن. سنيتا حيران پريشان گيٽ جي ڀرسان بيٺي آهي کيس ڊپ آهي ته جي ميڊم سنڌيا کي ٻاهران ايندي ڏٺو ته ڏاڍي بيعزتي ٿيندي، سندس اچڻ جو آسرو نه ڏسي گيٽ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته سامهون سنڌيا تڪڙي تڪڙي سندس ڏي وڌي ٿي سندس چهري تي خوشي ۽ سرشاري جا تاثرات صاف نظر پيا اچن پر سنيتا سخت ڪاوڙ ۾ آهي ان ڪري کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري اڳتي وڌندي پئي وڃي سنڌيا ساڻس گڏ هلڻ لڳي ٿي، ”سوري سنيتا اچڻ ۾ دير ٿي وئي.“
سنيتا ڪاوڙ مان چويس ٿي:
”بس سنڌيا آئينده ڪڏهن به اهڙي غلطي نه ڪجانءِ نه ته ميڊم توسان گڏ مونکي به ڪڍندي ڪاليج مان.“
سنڌيا ٻيهر کيس سوري چوي ٿي ۽ آئينده اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو وعدو ڪري ٿي، تڏهن وڃي سنيتا جو موڊ ڪجهه درست ٿئي ٿو. ته تجسس مان پڇيس ٿي،
”پر هاڻي ته ٻڌاءِ ته محترمه وئي ڪيڏانهن هئي؟ هن کان پهرين ته تو ڪڏهن به ائين ناهي ڪيو ...“
سنڌيا عجيب ٻڏ تر ۾ پئجي وڃي ٿي سوچي ٿي ته:
”سنيتا هنجي ننڍپڻ جي سهيلي آهي هن کان ڪجهه لڪائڻ مناسب ناهي.“ ٿورو شرمائيندي کيس ٻڌائي ٿي،
”هو رحمان آ نه ، نجمه جو ماما....“
”ڇا ٿيو نجمه جي ماما کي....“
سنيتا جو تجسس وڌي وڃي ٿو،
”در اصل.... ان مونکي خط لکيو هو......“
”خط لکيو هو....! ته نوبت ايستائين پهچي وئي آ، ٿورو ترسي، پر تون هينئر ڪيڏانهن وئي هئينءَ.“
”رحمان مونکي ڀر واري پارڪ ۾ ملڻ لاءِ سڏيو هو.“
سنيتا سنڌيا جي همت تي حيران ٿي وڃي ٿي سنڌيا جيڪا ايڏي ڊڄڻي آ جيڪا اڪيلي هڪ قدم به ٻاهر نه ويندي آ، محبت هن ۾ ايتري جرئت پيدا ڪئي جو اڪيلي هڪ اڻ ڄاڻ، غير مرد تي اعتبار ڪري ان سان پارڪ ۾ ملڻ هلي وئي، ..... سنڌيا سنيتا جي قائم ڪيل راءِ کان بيخبر خرامان خرامان بس اسٽاپ ڏانهن هلندي پئي وئي رکي رکي رحمان جون ڳالهيون سندس چهري تي مرڪ آڻي رهيون هيون سنيتا خاموش نظرن سان سندس منهن جا بدلجندڙ رنگ ڏسي دل ئي دل ۾ حيران پئي ٿي.
رابعه جي شادي جا ڏينهن جيئن جيئن ويجھا پوندا پيا وڃن شوڪت علي جي اداسي وڌندي پئي وڃي. هو پنهنجي ڪمري ۾ سوچن ۾ گم ليٽيو پيو آهي ته رابعه چانهه کڻي سندس ڪمري ۾ اچي ٿي،
”بابا خير ته آهي بي وقتو ليٽيا پيا آهيو، نرڙ تي هٿ رکي، طبيعت ته ٺيڪ آ نه، مون سلائي پئي ڪئي سوچيم توهان سان هڪ ڪوپ چانهه وڃي پيان.“
”بس امان.... اڄ توهان جي ماءُ حيات هجي ها ته اهو سڀ ڪجهه توکي نه ڪرڻو پوي ها، اهو به الله جو ڪرم آهي جو بي ماءُ جي نياڻين کي همت ڏنائين جو ماءُ جي بغير به سگھڙ سياڻيون ٿي ويئو اڄ سلائي ڪڙهائي، رڌ پچاءُ هر ڪم ۾ توهان جو ڪو مٽ ثاني ڪونهي.“
”بابا اهي سڀ توهان جون مهربانيون آهن، جي توهان به ٻين مردن وانگر اسان جو خيال نه ڪندي ٻي شادي ڪري پنهنجو گھر وڃي وسايو ها ته اسان جو ڇا ٿئي ها، ان وقت توهان جي عمر مشڪل سان اٺاويهه ٽيهه ورهيه هوندي جڏهن اميءَ اسان کي ڇڏي راههِ رباني ٿي هئي.“
”توهان جي ماءُ سان مون واعدو ڪيو هو ته سندس ٻارن کي ڪڏهن به ڪا تڪليف اچڻ نه ڏيندس. اها ٻي ڳالهه آ ته مان ڪوشش باوجود توهان کي ماءُ جي ممتا ڏئي نه سگهيس. سنڌيا جڏهن ننڍڙي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪُتي جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌندي هئي يا ڪو وڏو آواز، ته هيسجي ويندي هئي ۽ امي، امي ڪري روئڻ لڳندي هئي ۽ مان پنهنجي مردانه سخت گير ۽ رزرو طبيعت جي ڪري کيس هنج ۾ لڪائي ڊپ لاهي نه سگھندو هيس، ان ڪري سندس اندر ۾ خوف ۽ احساسِ محرومي پاڙئون پختو ٿيندو ويو. اڄ به ننڍي ننڍي ڳالهه تي ڊڄي سهمجي وڃي ٿي. هن ۾ خود اعتمادي جو فقدان آهي، هوءَ پنهنجي ڪنهن حق لاءِ به ويڙهه نه ٿي ڪري سگھي.“
”بابا سچ ٿا چئو مونکي به ايڏي سمجهه ڪونه هئي جو هن جي ان ڪيفيت کي سمجھي سگھان هان، ان ڪري اڄ به هوءَ جيڪڏهن ڪنهن پرابلم ۾ هوندي آهي ته ڪنهن سان به شيئر ناهي ڪندي. مونکي انجو ئي خيال ٿو ٿئي ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ هوءَ پاڻ کي وڌيڪ تنها محسوس ڪندي .“
”بس پٽ هر ڇوڪري کي هڪ نه هڪ ڏينهن اباڻو گھر ڇڏي نوان ڪک وسائڻا پوندا آهن اها ئي ريت آ، الله چڱي ڪندو.“
رابعه اداس ٿي وڃي ٿي.
سنڌيا ۽ رحمان لِڪ چوري ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪاٿي ملندا رهن ٿا ٻئي تمام گھڻا خوش آهن. ان ڏينهن به جڏهن آسمان تي گھاٽا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا سنڌيا هڪ سهيلي جي گھر جو بهانو ڪري رحمان سان گڏ سمنڊ ڪناري گهمڻ لاءِ آئي هئي، سمنڊ جون لهرون هوا جي زور تي تمام بلندي تي وڃي رهيون هيون، هوا تمام تيز هئي جيڪا ٽڪرين سان ٽڪرائجي عجيب آواز پيدا ڪري رهي هئي، اهي آواز ۽ بادلن جي ڪاراڻ ڏسي سنڌيا دل ئي دل ۾ ڊڄي رهي هئي.
آخر هن کان رهيو نه ٿيو،
”لڳي ٿو ته برسات اچڻ واري آ هاڻي هلڻ گھرجي.“
رحمان هن جي دل جي حالت کي محسوس ڪندي کيس چيڙائيندي چوڻ لڳو ”تون ايتري ته ڊڄڻي آهين جو هن دنيا ۾ ڪجهه به نه ڪري سگھندين ، شايد محبت به نه.“
”اهڙي ڳالهه ناهي نه مان ڊڄڻي آهيان نه وري محبت ڪرڻ ڪو رستمن جو ڪم آ.“ هوءَ مصنوعي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي.
رحمان کي سندس ان ڳالهه تي کل اچي وڃي ٿي وري به کيس وڌيڪ تنگ ڪرڻ لاءِ ڇيڙڻ لڳو.
”توکي ڪڏهن نه ڪڏهن اهو مڃڻو پوندو ته محبت ڪرڻ وڏي دليري جو ڪم آهي.“
انهي وقت زوردار گجگوڙ ٿئي ٿي ته سنڌيا اٿي کڙي ٿئي ٿي.
”هاڻي هتي وڌيڪ ترسڻ مناسب ناهي، هلو هاڻي،“
رحمان کيس وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهي سندس هٿ پڪڙي اٿي ٿو ۽ ٻئي اچي گاڏي ۾ ويهن ٿا. ٻئي طرف گلبانو رحمان جي ڪمري مان سندس ميرا ڪپڙا کڻي ٻاهر اچي ٿي سندس منهن تي پيار گاڏڙ ڪاوڙ آهي،
”هن ڇوڪري به ڏاڍو بيزار ڪيو آ، ڪو ڪپڙو ڪاٿي ٿو اڇلائي ته ڪو ڪاٿي، بوٽ ڏسو ته هُت پيا اٿس جوراب آهن ته پلنگ جي سيراندي کان پيا اٿس ڪو ته ڍنگ هوندو آ رهڻ جو.“
شمسه ماءُ جي ان پيار ڀري اندازِ ناراضگي تي کلي ڏئي ٿي،
”امان هاڻي ته ٽيهن سالن جو به ٿي ويو، ڇو نه ٿي شادي لاءِ زور ڀرينس“
”مائي ڇا ڪيان ڪيترا ڀيرا ڳالهه چوري ٿمانس ان ڏينهن چيائين به ته پنهنجي پسند ٻڌائيندو،الائي من ۾ ڇا اٿس هر دفعي نٽائي ٿو وڃي اڄ اچي ته تون ئي ڳالهه ڪري ڏسينس.“
نجمه خاموشي سان سندن بحث ٻڌي پئي، مامي جي سنڌيا ۾ دلچسپي جي ٿوري گھڻي کڻڪ اٿس. کلي چوي ٿي:
”هاڻي ڇڏيو ان بحث کي هلي چانهه پيو. ماما به اهڙي خوبصورت موسم الائي ڪنهن سان پيو انجواءِ ڪري، اسان کي ته ڪڏهن به ڪيڏانهن ناهي وٺي ويندو، اهو ڪم توهان مونتي ڇڏي ڏيو ڏسو مان ڪيئن ٿي مڃرايانس.“
شمسه کلندي،
”بس امان.... اسان جي دادي امان جو ويٺي آ گھر ۾، مامي جي لاڏلي جو آ، جيڪو ڪم اسان کان ناهي ٿيو اهو هيءَ ڪندي.“
ان وقت رحمان گاڏي جون چاٻيون آڱر ۾ گھمائيندو سيٽي واري آواز ۾ جھونگاريندو اندر اچي ٿو.
” ڇا ٿيو آ ماما جي لاڏلي کي.“
”منهنجا پيارا پيارا ماما سائين، امي ۽ ناني چون پيون ته توهان ڏاڍا لاپرواهه ٿي ويا آهيو، ان ڪري توهان کي قيد ڪرڻ جون سازشون پيون ٿين.“
رحمان سمجھي وڃي ٿو ته ڪهڙي سازش جي ڳالهه پئي ٿئي دل ۾ خوش ٿيندي ليڪن مٿاڇرو نٽائڻ جو انداز اختيار ڪندي چوڻ لڳو.
”امان کي ته منهنجي آزادي ڪڏهن به ناهي وڻي، جيڪڏهن امان جي انهي ۾ خوشي آ ته مان آزاد نه رهان ته هي وٺو منهنجا هٿ حاضر آهن پارايو هٿ ڪڙيون.“
شمسه ۽ گلبانو کي اميد نه هئي ته ايڏو سؤلائيءَ سان راضي ٿي ويندو ٻئي حيرت ۽ خوشي مان هڪ ٻئي کي ڏسن ٿيون ۽ جلدي جلدي چون ٿيون متان وري نه ڦري وڃي،
”ته پوءِ ڳولهيون نه قيد ڪرڻ واري.“
رحمان خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿو سندس تصور ۾ سنڌيا جو خوبصورت ۽ معصوم چهرو اچي وڃي ٿو، اکين آڏو اهي سڀ منظر فلم جيان ڦرڻ لڳن ٿا جنهن ۾ هو ۽ سنڌيا ڪڏهن پارڪ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڪولڊ ڪارنر تي آئيسڪريم کائيندي ته ڪڏهن سمنڊ ڪناري ٿڌي ٿڌي واري تي گھمندي، سنڌيا شرمايل شرمايل، گھٻرايل سندس آڏو اکيون جھڪايو هلڪڙي آواز ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي. نجمه مامي کي ائين تصورات ۾ گم ڏسي پاڻ ئي سندس مشڪل آسان ڪري ٿي.
”ناني امان ماما لاءِ ڪنوار مان پسند ڪنديس، شرير نگاهن سان ڏسندي، بلڪه مون پسند به ڪري ڇڏي آهي، مامي تي هڪ سرسري نگاهه وجھندي، ٺيڪ آ نه ماما سائين...! منهنجي پسند تي ڪو اعتراض ته ڪونهي نه،..؟“
شمسه چڙ مان،
”ڳجھارتن ۾ ڇو پئي ڳالهائين، سڌي ڳالهه ٻڌائين ڇونه ٿي.“
مامي ڏي ڏسندي،
”امي هوءَ سنڌيا آهي نه... منهنجي دوست، توهان کي ڪيئن ٿي لڳي.“
اهو ٻڌي رحمان جو چهرو خوشي وچان ٻهڪڻ لڳي ٿو، حيران ٿي وڃي ٿو ته ننڍڙي ڀاڻج ايڏي وڏي ڪيئن ٿي وئي جو سندس دل جي ڳالهه پرکي ورتائين گلبانو ۽ شمسه اهو ٻڌي حيران ٿي وڃن ٿيون، ٻئي هڪ آواز ٿي چون ٿيون، ” سنڌيا...يا ....يا.....“
شمسه کان رهيو نه ٿو ٿئي،
”پر سنڌيا ته رحمان کان کوڙ ساري ننڍي آ، ۽ اڃان انٽر ۾ پئي پڙهي، ڪاٿي رحمان ڪاٿي سنڌيا.“
”ليڪن امي سنڌيا مونکي ماما لاءِ تمام گھڻي پسند آ،.... ڪيئن ماما ...“
رحمان کلي چوي ٿو،
”ته چئبو ته منهنجي لاڏلي نجمه گھڻي سمجھدار ٿي وئي آ، ڀلا مان پنهنجي نجمه جي پسند کي نا پسند ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھان ٿو.“
شمسه ۽ گلبانو سمجھي وڃن ٿيون ته رحمان سنڌيا کي پسند ڪري ٿو، سنڌيا ته هنن ٻنهي کي به وڻندي آهي پر هنن ڪڏهن به ان جي باري ۾ اهو نه سوچيو هو. رحمان جي خوشي کي ڏسندي شمسه چوي ٿي:
”ته پوءِ مان صبحاڻي ئي ٿي سندن گھر جو چڪر هڻان.“
”امي مان به هلنديس“
رحمان دل ۾ ته خوش پئي ٿيو، پر بظاهر پنهنجي خوشي کي لڪائيندي.
”چڱو پوءِ پيا پروگرام ٺاهجو في الحال ته ڪو چانهه ناشتو ڪرايو پيٽ ۾ ڪُئا پيا ڊوڙن، يا صرف شاديءَ جي ڳالهين سان پيٽ ڀرجي.“
شمسه ۽ نجمه خوش ٿي اٿن ٿيون. ٻئي ڏينهن جڏهن نجمه جلدي جلدي چانهه پي رهي هئي ته شمسه کيس چوڻ لڳي ته هوءَ اسڪول نه وڃي ڇو ته کين ڪنهن سان ملڻ وڃڻو آهي نجمه سمجھي وڃي ٿي پر اڻ ڄاڻ بنجي پڇي ٿي ته ڪيڏانهن وڃڻو آ جو هوءَ اسڪول جي ڇٽي ڪري، شمسه ٻڌائي ٿي ته سنيتا چيو پئي ته سنڌيا جي ڀيڻ رابعه جي اڄ ڪلهه شادي جي تياري پئي هلي ان ڪري هن اسڪول کان ڇٽي ڪئي آ، ”مان سوچان پئي ته بهاني سان ساڻس ملي اچجي.“
ڳالهين ڪندي رحمان به اچي ٿو، نجمه کي تيار نه ٿيل ڏسي پڇيس ٿو ته نجمه کيس ڇيڙيندي چوي ٿي:
”ماما سائين اڄ مابدولت ڇٽي ڪئي آ، ڇو ته اسان جي سواري ڪنهن خاص جاءِ ڏانهن وڃڻ واري آ.“
”صبح مردان سان ڪيڏانهن جي تياري آ جو اسڪول کان موڪل پئي ٿئي.“
”سمجھي وڃو ته هٿ ڪڙيون خريد ڪرڻ پيا وڃون.“
”پوءِ ته مان به ڪيان ٿو آفيس جي ڇٽي.“رحمان کلندي چوي ٿو.
”توهان...! نه بابا نه، هي لنڊن ناهي هتي صرف اسان کي وڃڻ جي اجازت آهي، توهان خيرا“ سان آفيس وڃڻ جي تياري وٺو.“
”پر توهان کي سواريءَ جي ته ضرورت پوندي نه....؟
شمسه ڀاءُ جي بيتابي کي ڏسي کلي ٿي.
”ايتري بي صبري ٺيڪ ناهي تون وڃ آفيس، اسان ٽيڪسيءَ ۾ هليا وينداسين.“
”نيڪي جو ته زمانو ئي ناهي، ٺيڪ آ نه ٿا هلو منهنجي شاهي سواري ۾ ته مان هلان ٿو آفيس.“
رحمان آفيس لاءِ نڪري وڃي ٿو شمسه کلندي چوي ٿي ته ڪيتري عرصي کان پوءِ رحمان ايڏو خوش نظر پئي آيو، خدا اسان جي گھر ۾ ٻيهر خوشين جو سبب پيدا ڪيو آ شال اهي خوشيون سدا قائم رهن. ٿوري دير کانپوءِ ٻئي تيار ٿي ٻاهر نڪرن ٿيون، گلبانوءَ جي پڇڻ تي کيس ٻڌائن ٿيون، اهو ٻُڌي گلبانو خوش ٿئي ٿي،
”امان في الحال ته گھمڻ جي خيال سان سنڌيا جي گھر وڃون پيا، هڪدم رشتي جي ڳالهه ڪرڻ مناسب ناهي، نجمه کي به ان ڪري ڇٽي ڪرائي اٿم ته هوءَ رابعه جي اسٽوڊنٽ رهي آ ۽ منهنجي هن سان پهرين ڪا ڄاڻ سڃاڻ ته آهي ڪونه. ائين ڪيئن هلي وڃان.“
”تو بلڪل سهي سوچيو آ، ته پوءِ جلدي نڪري وڃو ڏينهن ٿو تپي.“
ٻئي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
ٻئي طرف رحمان ۽ سنڌيا هڪ پارڪ جي هڪ پرسڪون ڪنڊ ۾ هڪ بينچ تي رازو نياز ونڊڻ ۾ مصروف آهن، رحمان سندس اکين ۾ نهاري پيار ڀرئي انداز ۾ چوي ٿو:
”ڇا ڳالهه آ سائين ايتري دير کان ڳالهايان پيو پر تون الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم آهين.“
”اهڙي ته ڳالهه ڪانهي... توهان ڳالهايو پيا مان ٻڌان پئي...... دراصل... دراصل....“
”ها، ها، سنڌيا چئو.... تون ڪجهه چوڻ پئي چاهين، ڪنهن شئي جي ضرورت آ ڇا....“
”نه، نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي...“
ته پوءِ ڇا ڳالهه آ “
”هو دراصل...“
”ڇا دراصل.... چئو نه.“
سنڌيا جيڪا هميشه کان گھٽ ڳالهائيندي آ، کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هوءَ اها ڳالهه ڪيئن چوي، آخر همت ڪندي چوي ٿي،
”دراصل منهنجا انٽر جا اگزيمس ٿيڻ وارا آهن....“
”ها ته پوءِ .....“
سنڌيا چوندي چوندي شرمائجي وڃي ٿي ۽ رحمان کي سنڌيا جي ان ادا تي پيار اچي وڃي ٿو،
”ها ته پوءِ ....“
” توهان آنٽي وارن کي اسان جي گھر موڪليو نه،.....آپي رابعه جي به شادي ٿي ويندي پوءِ ڪنهن وٽ ايندا.“
”بس! ايتري ڳالهه جي ايڏي تمهيد،“
سنڌيا شرمائجي وڃي ٿي.
”تون فڪر ئي نه ڪر هو جلد ئي توهان جي گھر اينديون، امان ۽ آپا توکي تمام گھڻو پسند ڪنديون آهن، بلڪه امان ته توسان ڏاڍو پيار ڪري ٿي.“
سنڌيا ٿورو شرمائيندي،
”۽ توهان.....؟
رحمان شرارت مان چوي ٿو:
”مان نه، مان ته بلڪل به نه.“
سنڌيا مصنوعي ناراضگي سان
”توهان هروڀرو ڇو ستائيندا آهيو.“
”اڙي، اڙي تون ته ناراض ٿي وئينءَ بس جلد، شهزادي صاحبه اسان جي دلين سان گڏ گهر تي به راڄ ڪرڻ واري آ.“
اهو ٻڌي سنڌيا جو چهرو شرم وچان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. گھڙي کي ڏسندي، ”هاڻي هلڻ گھرجي، تمام گھڻي دير ٿي وئي آ.“
”ٺيڪ آ هلو ته هلون ٿا،“
ٻئي اٿي پارڪ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
شمسه ۽ نجمه ٽيڪسي مان لهي رابعه جي فليٽ تي اچن ٿيون رابعه گھر ۾ داخل ٿيندڙ ٻنهي عورتن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي نجمه کي سڃاڻي وٺي ٿي، جيڪا سندس اسڪول ۾ پڙهندي هئي،
”تون نجمه آهين نه،“
”جي ميم، ۽ هي منهنجي امي آهي،“
رابعه شمسه سان ملي ٿي، نجمه هٿ ۾ کنيل شاپر کيس ڏيندي چوي ٿي.
”ميم هي ڪيڪ توهان لاءِ آهي.“
”هن جي تڪليف ڇو ڪيو، اچو اچو اندر اچو.“
رابعه انهن کي وٺي اندر اچي ٿي، شمسه کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڳالهه کي اڳتي ڪيئن وڌائجي، آخر سوچي سمجھي چوي ٿي ته:
”ڪيترن ڏينهن کان نجمه پئي چيو ته امي سنڌيا اسان جي گھر کوڙ دفعا آئي آهي اسان کي به ڪڏهن ان جي گھر ساڻس ملڻ لاءِ هلڻ گھرجي، پر ڇا ڪجي مصروفيت ايتري آ جو چاهڻ جي باوجود نڪرڻ جو موقعو نه پئي مليو، اڄ گھر لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو هو، هتان گذرياسين ته نجمه ٻڌايو ته هي سنڌيا جو گھر آهي، هلو ته ٿوري دير لاءِ ملندا هلون.“
نجمه رابعه کان پڇي ٿي:
”توهان شايد اڄ ڪلهه اسڪول ڪونه پيا وڃو سنيتا ٻڌايو پئي ته توهان جي ميريج آ ان جي تياري پيا ڪيو.“
”ها ان ڪري ئي موڪل ورتم گھر ۾ ٻيو ڪو وڏو آهي ڪونه سڄي تياري پاڻ کي ڪرڻي ٿي پوي.“
اهو ٻڌي شمسه افسوس جي انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ها سنڌيا ٻڌايو هو ته توهان جي والده بچپن ۾ ئي فوت ٿي وئي هئي ۽ توهان ئي کانئس وڏي هئڻ ڪري ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي پرورش ڪئي آ، سچ پڇو ته سنڌيا ڏاڍي پياري ۽ سلڇڻي ڇوڪري آهي.“
رابعه ڀيڻ جي تعريف ٻڌي خوش ٿئي،
”ها منهنجي ڀيڻ مونکي ٻارن جيان پياري آ، مان صرف اٺن سالن جي هيس ۽ سنڌيا ته اڃان بانبڙا پائڻ مس شروع ڪيا هئا ته امي اسان کي ڇڏي وئي، بابا، مون ۽ پاڙي واري خاله زهره کيس پالي وڏو ڪيو.“
شمسه پڇي ٿي:
”ڪڏهن آ توهان جي شادي، منهنجي نجمه ته توهان جي ڏاڍي فين آ، هر وقت توهان جون ڳالهيون ڪندي رهندي آ.
”بس جلد ئي....“
شمسه گھڙي ڏسندي نجمه کي چوي ٿي ته کين هاڻي هلڻ گھرجي.
رابعه کين ائين اٿندو ڏسي هٿ جھلي ويهڻ لاءِ روڪي ٿي.
”ڪمال آ هينئر آيا آهيو ۽ وڃڻ جي ڳالهه پيا ڪيو، ويهو مان ڪجهه ٺاهي ٿي اچان.“
”نه، نه تڪلف جي ڪا ڳالهه ناهي، ٿوري دير پهرين ئي ناشتو ڪري نڪتا آهيون بلڪل به گنجائش ناهي.“
”ٺيڪ آ ڏينهن چڙهي آيو آ منجھند جي ماني ٺاهڻ جو وقت ٿي ويو آ، ماني کائي پوءِ وڃجو.“
”مون چيو نه، تڪليف جي ڪابه ضرورت ناهي، هاڻي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو وري ڪنهن ٻئي ڀيري،“
”ڀلا ڪولڊ ڊرنڪ ته هلندي نه...؟“
”اگر ايترو ئي ضروري آهي ته ڀلي پنهنجي خوشي پوري ڪيو.“
شمسه کلندي چيو:
رابعه ڪولڊ ڊرنڪ کڻڻ وڃي ٿي، انهي وقت سنڌيا به خوش، خوش اندر اچي ٿي، نجمه کيس ڏسي ٿي ته ڊڪي وڃي ڀاڪر پائي مليس ٿي ۽ شرارتي نگاهن سان کيس ڏسي ٿي،
”اڄ ڪاليج کان جلدي اچي وئينءَ.“
”لاسٽ ٻه پيرڊ فري هئا ان ڪري جلدي نڪري آياسين، پر اڄ آپا ۽ تون صبح ساڻ هتي....“
شمسه نگاهن ئي نگاهن ۾ ڳراٽڙِي پائيندي،
”اڄ تنهنجي آپي سان ملڻ جو شوق ٿيو ته هليا آياسين.“
سنڌيا خوش ٿي وڃي ٿي. رابعه ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي ٿي، ان سان گڏ کائڻ لاءِ ڪجهه سنيڪس به آهن، سندن آڏو رکي ٿي..........
”چڱو هاڻي گھڻي دير ٿي وئي آهي امان به انتظار ڪندي هوندي ته الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويون،“
سنڌيا جي اکين ۾ عجيب چمڪ اچي وڃي ٿي، هوءَ سمجھي وڃي ٿي ته هنن جو ائين اچڻ جو ضرور ڪو خاص ڪارڻ هوندو. رابعه سندس خيالات کان بيخبر پنهنجي روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي.
اڄ وري سنيتا ڪلاس ۾ سيٽ تي اڪيلي، سنڌيا لاءِ فڪرمند ٿي رهي آهي، رهي رهي کيس سنڌيا جي انهن ايڪٽوٽيز لاءِ تشويش ٿي رهي آهي، سنڌيا کي الائي ڇا ٿي ويو آهي روز روز ڪاليج کان غائب رهڻ لڳي آ سنڌيا ته اسڪول جي زماني کان وٺي ڪلاس جي موسٽ ريگيولر اسٽوڊنٽ هوندي هئي ۽ هر سال کيس موسٽ ريگيلر اسٽوڊنٽ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو هو، جڏهن ڪاليج هلڻ جو چيومانس ته طبيعت جي خرابي جو چئي نٽائي وڃي ٿي، هر وقت چپ، چپ، الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم رهي ٿي، اڳ ۾ ته آپي رابعه هوندي هئي، هاڻي جي ان جي شادي ٿي وئي ته سنڌيا جو الائي ڇا ٿيندو. اڄ به ڪاليج اچڻ لاءِ نڪتي ۽ ٻاهر اچي چيائين ته تون هل مان هڪ پيرڊ کان پوءِ ٿي اچان. رحمان جي چڪر ۾ ڪاٿي زندگي نه برباد ڪري ويهي. رحمان مونکي ته هڪ چالاڪ ماڻهو ٿو لڳي، سندن عمرين ۾ به ڪيترو نه فرق آ. ڀڳوان ڪري هو هن سان ڪا چالاڪي نه ڪري، انهي وقت سنڌيا ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿي، اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي ٿي. سنيتا جو موڊ خراب ڏسي کيس ان سان ڳالهائڻ جي همت نه ٿي ٿئي. چپ چاپ سيٽ تي ويهي ڪجهه لکڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي.
ڪاليج جي اڄ جلدي موڪل ٿي وئي آهي، سنيتا ۽ سنڌيا چپ چاپ گيٽ کان ٻاهر نڪري بس اسٽاپ ڏانهن وڌن ٿيون ته هڪ نسبتا“ خالي روڊ تي رحمان گاڏي جھلي انتظار ڪري رهيو آهي، سنيتا جي نظر جيئن ئي مٿس پوي ٿي ته سندس چهري تي حيراني ۽ ٿوري ناگواري جا تاثرات اڀرن ٿا، سنڌيا سنيتا جي احساسات کان بيخبر رحمان کي ائين انتظار ۾ بيٺل ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي وڃي ٿي. رحمان کين ايندو ڏسي گاڏي کان ٻاهر نڪري در کولي چوي ٿو:
”سنڌيا گاڏي ۾ ويهو ته مان توهان کي گھرتائين ڊراپ ڪري ٿو اچان.“ سنيتا سنڌيا جو جواب ڏيڻ کان پهرين ئي چوي ٿي:
”نه، نه، ڀائو اسان بس ۾ هليا وينداسين.“
رحمان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري چوي ٿو،
”اصل ۾ مونکي سنڌيا سان ڪجهه ڳالهائڻو آ.“
سنڌيا سنيتا جو خراب موڊ ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته، سنيتا صبح جو سندس ائين وڃڻ تي اڃان ناراض آهي هوءَ ڪنهن به صورت ۾ سنيتا کي خفا ڏسڻ نه ٿي چاهي، هوءَ ئي ته سندس ۽ رحمان جي هن رشتي جي رازجي امين آهي ان کي ڪنهن به حالت ۾ ناراض ڪرڻ درست نه ٿيندو، ان ڪري رحمان کي چوي ٿي ته سنيتا ٺيڪ ٿي چوي هو بس ۾ ئي هليون وينديون ۽ اگر ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي ته شام جو فون تي ڳالهائي وٺي. رحمان به وڌيڪ ضد نه ٿو ڪري. پري کان روٽ بس ايندي ڏسي هو جلدي جلدي اسٽاپ ڏانهن وڌي وڃن ٿيون ۽ رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري پنهنجي راهه وٺي ٿو.
شمسه وارن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌيا جي من ۾ ڏاڍي هورا کورا متل آهي آخر کانئس رهيو نه ٿو ٿئي، ڀيڻ جي پاسي ۾ اچي ويهي ٿي ۽ شمسه ۽ نجمه جي اچڻ جي باري ۾ پڇي ٿي ته اهي ڪيئن آيون هيون........ رابعه کيس ٻڌائي ٿي،
”الائي ڪيئن آيون هيون هي مٺائي الائي ڪيڪ به ڏئي ويون آهن، چيائون پئي ته هتان گذرياسين ته دل چيو ته توهان سان ملندا وڃون، پهريون دفعو اچڻ ٿيو ان ڪري هٿين خالي اچڻ مناسب نه لڳو.“
سنڌيا کي ٿورو اطمينان ٿيو پوءِ به سندس من ۾ مانڌاڻ متل هو. ماني کائڻ کانسواءِ ئي ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ليٽي پئي.
”خبر ناهي رحمان گھر وارن کي اسان جي رشتي جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آ،.....؟ الائي آپا واريون ڇو آيون هيون......؟ شمسه آپا مونکي ڏاڍو ڀائيندي آ، خبر ناهي منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ قائم ڪئي هوندائين ته مان ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهيان، ٿورن ڏينهن جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ ئي رحمان سان ناتو ڳنڍي ويٺي آهيان، جيڪڏهن رابعه آپي کي ٿوري به کڻڪ پئجي وئي ته هوءَ ته اڳ ۾ ئي پنهنجي شادي جي باري ۾ پريشان ٿي رهي، ويتر وڌيڪ فڪر مند ٿي ويندي، رحمان به الائي ڇا چوڻ پئي چاهيو، صبح ته اهڙي ڳالهه ڪونه ڪيائين ته آپا وارا ايندا. هوءَ انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته رابعه ٻاهران کيس سڏ ڪيو،
”سنڌيا ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ ماني کائڻ جو پروگرام ناهي ڇا ....“
”اچان پئي آپي.“
جلدي اٿي ٻاهر اچي ٿي..
”هن ڇوڪري جو الائي ڇا ٿيندو،“
سنڌيا ماني کائيندي ڀيڻ کي چوي ٿي ته:
”آپي هڪ ڳالهه چوان اگر مڃو ته.“
”وري ڇا آهي اهڙي ڪا فرمائش نه ڪجانءِ جيڪا مان پوري نه ڪري سگھان.
”فرمائش ته ڪانهي هڪ رڪئيسٽ آهي.“
”ها چئو.“
آپي اصل ۾ اڄ ڪومل سڀني فرينڊس کي شام جو چانهه تي سڏيو آ مونکي ۽ سنيتا کي به اوڏانهن وڃڻو آ.“
نه بابا نه، مان انجي اجازت نٿي ڏئي سگھان، بابا اچي ته ان کان موڪل وٺجانءِ.“
”آپي پليز....“
”ٺيڪ آ پر جلدي واپس اچجو.“
”ٿينڪس آپي.....“
شام جو سنڌيا تيار ٿي سنيتا سان گڏ ڪومل جي پارٽي ۾ وڃي ٿي، انهي وقت شوڪت علي ۽ احمد کوڙ ساترو سامان کڻي اندر اچن ٿا. احمد شرارتي نظرن سان ڀيڻ کي ڏسي ٿو، رابعه ٿورو شرمائجي وڃي ٿي جلدي جلدي پيءَ کان سامان وٺي ٽيبل تي رکي ٿي. شوڪت علي ٿڪل ٿڪل پيو لڳي، رابعه کيس چوي ٿي:
”بابا توهان ويهو ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيو، مان توهان لاءِ پاڻي کڻي ٿي اچان.“
رابعه فرج مان پاڻي جي بوتل ڪڍي پيءَ ۽ ڀاءُ کي پاڻي ڏئي ٿي. پاڻي پي شوڪت علي سنڌيا جو پڇي ٿو رابعه کيس ٻڌائي ٿي ته سنڌيا ۽ سنيتا ڪنهن سهيلي جي پارٽي ۾ ويون آهن.
”پٽ سنڌيا جي اها ڳالهه درست ناهي هن وقت کيس تنهنجو هٿ ونڊائڻ کپي، اڃان وتي ٿي سهيلين جا گھر گھمندي.“
”بابا ويچاري ڪاٿي ويندي آهي ڪيڏانهن، صفا گھر جو ڪُڪُڙ آ سهيلي فون تي ڏاڍيون منٿون ڪيس، صفا جواب ڏئي ڇڏيو هئائينس، مون ئي زور ڀريومانس ته ٿوري دير لاءِ ٿي اچ.....مون کان پوءِ ته هونءَ به نه نڪري سگھندي.“
”ڏٺوَ نه بابا...! ڪيئن پنهنجي لاڏلي ڀيڻ کي دڙڪن کان بچائي وئي، ان جاءِ تي مان هجان ها نه، ته هاسيڪار دڙڪا کارائي ها.“
رابعه پيار مان ڌڪ الاريندي چويس ٿي،
”ڏاڍو شيطان ٿي ويو آهين، ننڍڙي ڀيڻ آ.... اصل ڪونه ٿو سهينس،“
پڻس ٻنهي جي ڳالهين تي مرڪي پوي ٿو،
”پٽ اٿي چانهه ٺاهي وٺ ڏاڍي ٿڪاوٽ پئي محسوس ٿئي.“
”بابا چانهن تيار آ دم تي رکي اٿم، اجھو ٿي آڻيان.“
احمد اٿي ميز تان پڪوڙن جي پليٽ کڻي ٿو.
شام جي وقت رحمان آفيس کان واپس اچي ٿو ته سڀ چانهه پي رهيا آهن شمسه کيس ڏسي چوي ٿي ته وقت سان آيو آهين گرم گرم چانهه پي وٺ، هو کين هڪ شاپر ڏئي چوي ٿو ته هي سنيڪس لاهي وٺو مان فريش ٿي گھڙيءَ ۾ اچان ٿو، هو جلدي فريش ٿي ٻاهر اچي ٿو، نجمه سندس آڏو چانهن ۽ سنيڪس رکي ٿي پر هو تجسس وچان ڀيڻ کان پڇي ٿو،
”اڄ توهان اسڪول نه ويا هئا ڇا، مان توهان کي پِڪ ڪرڻ ويس ته خبر پئي، توهان ويا ئي ناهيو.“
شمسه ڀاءُ جي بي صبريءَ کي سمجھي وڃي ٿي کلندي چوي ٿي:
”سئون سڌو پڇ نه ته سنڌيا وارن ڏي ويا آهيون يا نه.“
گلبانو مسڪرائيندي.
”ويون هيون، ويون هيون، سنڌيا جي گھر، ملي آيون آهن سندس ڀيڻ سان، مٺائي به ڏئي آيون آهن، اهوئي يا ڪجهه ٻيو به ٻڌڻو اٿئي.“
”ته پوءِ ڇا چيو سنڌيا جي ڀيڻ.“
”چوندي وري ڇا....چيائين ته رحمان اسان کي قبول آ....“
”آپا...پا... مذاق ڇو ٿا ڪيو سيريئس لي ٻڌايو نه،“
”ڀاءُ منهنجا، في الحال ته صرف ملڻ ويا هئاسين، ائين ٿوروئي ٿيندو آ ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ جھٽ وڃي رشتي جي ڳالهه ڇيڙبي...، هڪ ٻه دفعا اچبو وڃبو، پوءِ وڃي ڳالهه ڪبي، هونءَ به رابعه جي شاديءَ جون تياريون پيون هلن، هي وقت ٿوروئي آ... ٻي ڀيڻ جي رشتي جي ڳالهه ڇيڙڻ جو.“
اهو ٻڌي رحمان جو منهن لهي وڃي ٿو، شمسه سندس دل رکڻ لاءِ چوي ٿي:
”ها.... اسان اٿياسين ته سنڌيا به اچي وئي ڪاليج مان، اسان سان ڏاڍو خوشي سان ملي. ايتري ته خاطر مدارات ڪيانئين جو مجھند جي ماني کائڻ جي گنجائش ئي نه رهي.“
رحمان خوش ٿيندي.
”ته پوءِ سنڌيا توهان کي پسند ته آئي نه...“
گلبانو پٽ جي خوشي خاطرمرڪندي چوڻ لڳي،
”اسان کي ته اڳ ۾ ئي پسند هئي، تو ته هاڻي چيو آهي.“
نجمه شرارت مان ناني کي ڏسندي.
”ناني امان...! ماما لاءِ نه سنڌيا ته اسان کي پنهنجي لاءِ کپي نه.“
”چُپ ڪر مينڊڪي، توکي به هاڻي پر لڳي ويا آهن...“
رحمان مصنوعي ڪاوڙ مان کيس چوي ٿو.ته سڀني جي منهن تي مرڪ ڇانئجي وڃي ٿي.
شام ٿيندي ئي ڪراچي جي موسم انتهائي خوشگوار ۽ رومانٽڪ ٿي وئي آهي. اهڙي موسم کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پريمي جوڙا ۽ فيمليون گھرن کان نڪري تفريحي ماڳن ڏانهن روان دوان آهن سنڌيا به سهيلي جي گھر جو بهانو ڪري رحمان سان گڏ هڪ خوبصورت ريسٽورينٽ ۾ اچي ويٺي آهي هنن اهڙي ميز سليڪٽ ڪئي آهي جتان شيشي جي درين مان ٻاهر جو منظر نهايت خوبصورت لڳي رهيو آهي، مختلف ماڊلز جون رنگ برنگي گاڏيون تيز رفتاريءَ سان گذري رهيون آهن، آسمان تي هلڪا هلڪا بادل تيزيءَ سان ڊوڙي رهيا آهن، ڄڻ هو ورهين جا اڃايل هجن ۽ سمنڊ مان پاڻي پيڻ لاءِ ڊوڙي اتي پهچڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ هجن، ويٽر ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿو... سنڌيا هلڪي نيري رنگ جي لباس ۽ هلڪي ڦلڪي ميڪ اپ ۾ تمام خوبصورت پئي لڳي.
رحمان سنڌيا جي اکين ۾ پيار سان نهاري چوڻ لڳو:
”هاڻي ته خوش آهين نه، تنهنجي خواهش موجب آپا وارا تنهنجي گھر آيا هئا نه،“
”صرف منهنجي خواهش....توهان جي نه هئي ڇا؟“
سنڌيا شرمائيندي سوال ڪري ٿي.
”اڙي سائين منهنجي خواهش ٿا پڇو....... مان ته چاهيان ٿو ته جلد کان جلد توهان منهنجي جيون ۾ شامل ٿي وڃو پر ڇا ڪجي توهان جي رابعه آپي ٻن دلين جي درميان ديوار جو بنجي بيٺي آهي.“
”رابعه آپي جو ڀلا ان ۾ ڪهڙو قصور آ، هوءَ وڏي آ ان ڪري پهرين هن جي شادي ٿيندي نه.“
”اهوئي ته چوان پيو نه سائين منهنجا ته نه رابعه آپي وڏي هجي ها نه ان جي شادي پهرين ٿئي ها، ... بنجي وئي نه ٻن دلين جي وچ ۾ ديوار.....“
رحمان کلندي سندس اکين ۾ نهاري کيس ڇيڙي ٿو.
هو ڪولڊ ڊرنڪ ختم ڪن ٿا ته رحمان غور سان سنڌيا کي ڏسندي چوي ٿو:
”هڪڙي ڳالهه چوان سنڌيا ...! ناراض ته نه ٿينديءَ نه....“
” ناراض ٿيڻ واري هوندي ته ضرور ٿينديس.“
”واه ايڏو رعب هينئر کان ئي.... دراصل آفيس جي ڪم سان ڪجهه ڏينهن لاءِ حيدرآباد پيو وڃان.“
سنڌيا اهو ٻڌي اداس ٿي وڃي ٿي ۽ تڪڙا تڪڙا سوال ڪرڻ لڳي، گھڻا ڏينهن نه لڳائجو... فون ته ڪندا نه ....“
”منهنجي وس ۾ هجي ته وڃان ئي نه.... نه صرف فون ڪندس پر روزانه رات جو توهان جي خيالن ۽ خوابن ۾ اچي خوب ڪچهريون ڪندس. بس نه.... ڳالهه به ايتري نه.“
سنڌيا شرمائجي وڃي ٿي.
”توهان به ايستائين پنهنجي آپيءَ جي شادي ۾ سندس هٿ ونڊايو، چپٽي وڄائيندي، ائين گذري ويندا اهي ڏينهن جو خبر ئي نه پوندي، ٺيڪ آ نه ...“
گھڙِي ڏسندي سنڌيا چوي ٿي:
”ڪافي دير ٿي وئي آ هاڻي هلڻ گھرجي.“
ٻئي اٿن ٿا ۽ ٻاهر نڪري وڃن ٿا، سنڌيا سڄي رستي اداس ويٺي آهي اهو سوچي ته رحمان سان هاڻي الائي ڪيترا ڏينهن ملڻ نه ٿيندو...... سڄي واٽ هن جي دل ۾ عجيب طرح جا وسوسا، انومان اچي رهيا هئا، الائي ڇو هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ رحمان سان وري الائي ائين دل جون ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو ملندو الائي نه، جڏهن کان مليا هئا پهريون ڀيرو ائين وڇڙي رهيا هئا چند ڏينهن لاءِ ئي سهي، سنڌيا کان اهو وڇوڙو سٺو نه ٿي ٿيو، پر دل تي پٿر رکڻو ئي پيو، ڇو ته هوءَ کيس ڪم کان روڪي به ته نه ٿي سگھي..
سانجھي جي وقت جڏهن سڄي دنيا ڏينهن جي عام رواجي ڪمن ڪارين کان واندي ٿي گھرن ڏانهن موٽي رهي آ پکي پکڻ، جيت جانور به پنهنجن واهيرن ۽ وٿاڻن ڏي وري رهيا آهن، گلبانو به رحمان جي اوسيئڙي ۾ ويٺي آهي، مجھند کان سندس طبيعت ڪجهه سست آهي، مٿي ۾ سور ۽ هلڪو هلڪو بخار محسوس ڪري رهي آهي پوءِ به سندس نظرون ٻاهرئين در ڏانهن واجھائي رهيون آهن ته اجھو ٿو رحمان اندر اچي، شمسه بورچيخاني جي ڪمن ڪارين کان واندي ٿي ڪمري ۾ آئي ۽ ماءُ کي موڙهيل سوڙهيل ڏسي پريشان ٿي پڇيس ٿي:
”امان ڏيو خبر مٿي جو سور ڪجهه جھڪو ٿيو.“
”شمسه تون ته هاڻي ڏاڍي ڊڄڻي ٿي پئي آهين جھٽ پريشان ٿي ٿي وڃين. مان هينئر بلڪل ٺيڪ آهيان، هيءَ تنهنجي ڌيءَ جو ڊاڪٽرياڻي لڳي پئي آ، اهڙا زور ڏئي ٿي جو جهڙي........“
”ناني...ني...بس توهان به ...“
گلبانو کلي ڏنو ته شمسه به مطمئن ٿي وڃي ٿي ته امان ڪجهه بهتر آهي.
”امان گرم گرم چانهه ٺاهي اچان پيڻ سان شايد ڪجهه بهتر محسوس ڪيو...“
”نه ترس گھڙِي کن اجھو ٿو ڀاڻين اچي پوءِ گڏجي ٿا پيون.“
”بس امان سمجھي ويس ته توهان جي مٿي ۾ سور به رحمان جي ڪري پيو آهي هڪ ڏينهن به سندس دوري سهي نه ٿا سگھو، خبر به اٿوَ ته رحمان هفتي لاءِ آفيس جي ڪم سان حيدرآباد ويل آهي پوءِ به چانهه تي انتظار پيا ڪيوس.“
”ڏس ته مئو دماغ ڪم ئي نه ٿو ڪري، ٽيو ڏينهن کان رحمان اتي ڪونهي پوءِ به ان جي اوسيئڙي ۾ ويٺي آهيان، نجمه...تون وڃي چانهه ٺاهي اچ، ماءُ کي گھڙي ساعت آرام ڪرڻ ڏي.“
نجمه چانهه ٺاهڻ وڃي ٿي ته گلبانو پلنگ تي اٿي ويهي ٿي ۽ رازداريءَ جي انداز ۾ ڌيءَ کان پڇي ٿي،
”ڀاڻين چيو پئي ته آفيس جي ڪم کان واندو ٿي ڳوٺ ويندس، گھڻا سال ٿي ويا آهن چاچيءَ وارن ڏي وڃڻ ئي ناهي ٿيو، ڀلا اهو اوچتو ڳوٺ ۽ چاچي جي ڪٿان ياد اچي ويس.“
شمسه سمجھي وڃي ٿي ته امان جي طبيعت خراب ٿيڻ جو اصل سبب رحمان جو ڳوٺ وڃڻ آهي ڇو ته کيس خبر آ ته چاچس شهربانو ۽ سندس ماءُ جي ڪڏهن به نه بڻي، ان ڪري ئي پاڻ ڳوٺ راڄ زمينون زڙيون ڇڏي اچي ڪراچي وساين. ڳالهه ٽاريندي چويس ٿي،
”امان ... تون به هروڀرو ڳڻتي پئي ڪرين چاچي شهربانو ايڏي به ويل ڪونهي، ننڍا وڏا جھڳڙا گھرن ۾ ٿيندا رهندا آهن. رهيو سوال رحمان جي ڳوٺ وڃڻ جو ته هو ڪيتري عرصي کانپوءِ حيدرآباد ويو آ، ڳوٺ به حيدرآباد کي ويجھو آ بلڪه رستي ۾ پوي ٿو، انڪري پئي چيائين ته ورهيه ٿي ويا آهن، سائي سان وڃان پيو ان طرف ته ڳوٺان به چڪر هڻندو ايندس، ماڻهو نئون سئون ٿي ويندو...“
”بس جيجل جيئن اوهان جي مرضي باقي منهنجي دل کي شهربانو سان توهان اولاد جو رستو رکڻ نه ٿو آئڙي...“
نجمه چانهه کڻي اچي ٿي ته ماءُ ۽ نانيءَ کي ڳوٺ جون ڳالهيون ڪندي ٻڌي چوي ٿي:
”امي اسان ته ڳوٺ ناهي ڏٺو ڪڏهن وٺي هلو نه اوڏانهن....“
”بس ڪر ته ناني امان کي وري نه مٿي ۾ سور پوي، هيڏي ڪر چانهه ڏي، ٿڌي ٿي ٿئي.“ انهي وقت دروازي جي کڙڪڻ جو آواز ٻڌي....
”وري ڪير آيو آ پڪ اها سنيتا هوندي، اڄ الائي ڇو دير ٿي وئي اٿس نه ته ٽائيم جي ته پابند آهي.“
انهي وقت سنيتا اندر اچي ٿي:
”ڇو سڀ ڪمري ۾ ويٺا آهيو، ناني امان جي طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا...“
”ٺيڪ آ ويهه چانهه پي....“
نجمه سڀني کي چانهه ڏئي ٿي.
سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ اداس ويٺي آهي، سامهون ٽنگيل ڪيلينڊر تي تاريخ ڏسي ٿي،
”رحمان کي وئي سڄا سارا ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پهرين ڏينهن اتي پهچي فون ڪرڻ کان پوءِ وري فون ڪري ڪو حال احوال به نه ڏنو اٿائين، اهي ٽي ڏينهن به منهنجي لاءِ ٽي صديون بنجي گذرندا ان جي رحمان کي چڱي طرح خبر آ، مان ته رحمان جي بغير هاڻي هڪ پل به رهي نه ٿي سگھان سڄو هفتو ڪيئن گذرندو.... تصور ئي تصور ۾ رحمان کي مخاطب ٿي، رحمان پليز....! فون ڪر، ڏس مان تنهنجي بغير ڪيڏي نه اداس آهيان، ڇو ايڏا ڏينهن لاتا اٿوَ، توهان جي بغير سنڌيا جي زندگي ۾ ڪوبه مزو ناهي، نه آپي جي شادي جي تياري ۾ دل لڳي ٿي،.... موٽي آ رحمان پليز.... جلدي واپس اچ...“
انهي وقت فون جي گھنٽي وڄي ٿي سنڌيا ڊوڙي وڃي فون کڻي ٿي ٻئي طرف رحمان جو آواز ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿي:
”مان توهان سان سخت ناراض آهيان توهان ايترن ڏينهن کان فون ڇونه ڪئي...“
”معاف ڪري ڇڏيو سائين منهنجا...! ڪم ۾ مصروف هوس ورنه هتي به ساڳيو حال آ، ها سنڌيا مان صبحاڻي ڳوٺ ويندس، اتي فون جي سهوليت ناهي، شايد مان هڪ اڌ ڏينهن فون نه ڪري سگھان پريشان نه ٿجانءِ ... چڱو پنهنجو خيال رکجانءِ تون منهنجي امانت آهين پاڻ وٽ، ان کي سنڀالي رکجانءِ ....“
فون بند ڪري سنڌيا پرسڪون ٿي وڃي ٿي.
•
رابعه جي شادي آ، هر طرف رنگ برنگي ويس پهريل ڇوڪريون ۽ عورتون گھمي ڦري رهيون آهن شوڪت علي ۽ احمد علي مهمانن کي اٽينڊ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻئي طرف سنڌيا ۽ سنيتا به مهمان عورتن کان سندن ضرورتون پڇڻ ۾ رڌل آهن، سنڌيا بيشڪ کڻي ڪاج جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي پئي آ پر رحمان جي غير حاضري ۽ ڀيڻ جي جدائي جو تصور سندس جيءُ جھوري رهيو آهي، رابعه جي رخصتي جو وقت ايندي کي سنڌيا ۽ سنيتا جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا، رابعه ڪنوار جي روپ ۾ ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي، ميرون رنگ جو زرق برق لنهنگوسوٽ ۽ هلڪا ڦلڪا زيور هن جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ چار چنڊ لڳائي رهيا آهن. مٿس اهڙو ته روپ آيو آهي، جو هر ماڻهو جون نگاهون هن تان هٽن ئي نه ٿيون. آخر اها گھڙي به اچي وڃي ٿي جنهن ۾ هر ڇوڪري کي مائٽن جو گھر هميشه لاءِ ڇڏڻو پوندو آهي، شوڪت علي ۽ احمد به اداس چهرن سان عابد علي ۽ گھوٽ طارق جي ڀرسان بيٺا آهن.... شوڪت علي دوست عابد علي کي چوي ٿو:
”دوست مون پنهنجن نياڻين کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليو آهي ۽ رابعه ته منهنجي گھر جي راڻي هئي، هر ڳالهه سندس مرضي سان ٿيندي هئي، منهنجي نياڻيءَ جي پارت اٿوَ، ماءُ ته اٿن ڪونه، ڀاڀي سائره توهان ئي هاڻي سندس ماءُ آهيو هن کي ڪڏهن به تڪليف اچڻ نه ڏجو....“
”ڀاءُ...! رابعه منهنجي به ڌيءُ آهي توهان فڪر نه ڪيو... بس دعا ڪيوس ته نئون گھر سندس لاءِ کوڙ ساريون خوشيون آڻي....“
ڳوڙهن ۽ اداسين جي درميان رابعه پنهنجي نئين گھر لاءِ وداع ٿي وڃي ٿي ۽ پويان شوڪت علي جو گھر خالي ڪري وڃي ٿي.
رابعه جي شادي ٿي وڃڻ کانپوءِ گھر ۾ عجيب ويراني ۽ اداسي ڇانئجي وئي آهي هر ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان ڄڻ ته ڪمرو کائڻ ٿو اچي هوڏانهن رحمان کي به وئي سڄو هفتو گذري ويو آهي نه رحمان آيو ۽ نه ئي ان ڏينهن کانپوءِ فون ئي ڪيائين، شوڪت علي پري کان سنڌيا کي ان ڪيفيت ۾ ڏسي پيو، ڄڻ هن کان ڪا شيءَ وڃائجي وئي هجي، سنڌيا وري رابعه جي ڪمري ۾ اچي ٿي سندس تصوير کي ڏسي کيس ياد ڪري ٿي ڳوڙها اکين مان وهڻ لڳنس ٿا، تصوير سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿي.....
”آپي تون ته پرينءَ جي گھر رخصت ٿي هلي وئينءَ ڏس نه، مان تنهنجي بغير ڪيڏي نه اڪيلي ٿي وئي آهيان ڪنهن کي ٻڌايان پنهنجي اندر جي پيڙا، دل جو درد، ڪوبه ته حال ڀائي ڪونهي، اڄ دل چوي ٿي ته ڪو انتهائي پنهنجو هجي جنهن جي جھوليءَ ۾ منهن لڪائي پنهنجي اندر جو هر ڏک، هر تڪليف سندس جھوليءَ ۾ اوتي ڇڏيان... ڪاش...ڪاش...“
سنڌيا وري روئڻ لڳي ٿي، ايتري ۾ شوڪت علي اندر اچي ٿو، ڌيءَ کي ائين سڏڪا ڀريندي ڏسي سندس دل به ڀرجي اچي ٿي، ڌيءَ جو مٿو سيني سان لائي کيس تسلي ڏئي ٿو، شوڪت علي ڏکاري آواز سان کيس ماٺ ڪرائيندي چوي ٿو:
”بس ڪر منهنجا ٻچا، مان سمجھان ٿو ته ماءُ کان پوءِ ڀيڻ جي جدائيءَ توکي جھوري وڌو آ توکي اڪيلو ڪري ڇڏيو آ، ليڪن پٽ اهو زماني جو دستور آ، هر نياڻي کي هڪ ڏينهن پنهنجي اباڻي گھر کي الوداع چوڻو پوندو آ... هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن تون به اسان کي سڏڪندو ڇڏي پرائي گھر هلي ويندينءَ، رب پاڪ توهان ڀينرن جا ڀاڳ ڀلا ڪري....“
سنڌيا پيءَ کي اداس ڏسي پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي شرمائجي وڃي ٿي... ۽ جلدي جلدي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٿي. خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي ڪنوار ۽ رحمان کي گھوٽ جي روپ ۾ ڏسي ٿي، گھر ۾ شاديانا وڄي رهيا آهن سهيليون کيس ڇيڙن ٿيون ڏاڍي خوش آهي انهي وقت احمد ڪمري ۾ اچي ٿو ته سندس خيالن جو سلسلو ٽُٽي پوي ٿو، ڇرڪ ڀري ڀاءَ کي ڏسي ٿي، ڀيڻ کي اڪيلو ڪمري ۾ ڏسي سندس دل به ڀِڄي پوي ٿي سندس دلجوئي ڪرڻ لاءِ کيس چوي ٿو:
”اٿي هتي اڪيلي ڇو ويٺي آهين، هل بابا جي ڪمري ۾، مون تنهنجي لاءِ تنهنجي پسند جي چاڪليٽ آئسڪريم آندي آ.“
ٻانهن کان جھلي بابا جي ڪمري ڏانهن وٺي وڃيس ٿو.
•
ٻئي طرف رحمان جيڪو ڪيترن سالن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ پنهنجي پراڻي گهر جيڪو هاڻي سندس پيءُ جي سئوٽ جي فيملي جي استعمال ۾ آهي، اتي آيل آهي، ڳوٺ جو ماحول اتان جي ماڻهن جون بي لوث محبتون سندس دل کي موهي وجھن ٿيون ايتري قدر جو هن کان سڀ ڪجهه ٿوري وقت لاءِ وسري وڃي ٿو، روز صبح جو نيرن پاڻي ڪري مامي مراد خان سان جيڪو سندس چاچي شهربانو جو ڀاءُ آ ان سان زمينن تي نڪري وڃي ٿو ته شام جو گھر موٽن ٿا. اڄ به سڄو ڏينهن مراد خان سان گڏ زمينن تي گذاريو، شام جو ٿڪل ٽٽل گھر اچن ٿا، گهر پهچي شهربانو کي ڏسي رحمان خوشيءَ مان کيس چوي ٿو:
”چاچي اڄ ڏاڍو مزو آيو، واقعي ڳوٺن جي ڳالهه ئي نرالي آ، تازي هوا پرخلوص ماڻهو، ڪيڏي نه عزت ڏين ٿا، پنهنجي مهمانن کي. ۽ هوڏانهن وڏن شهرن ۾ آمهون سامهون گھر هوندو ته ڪنهن کي اها خبر نه هوندي ته پاڙي واري گھر ۾ رهي ڪير ٿو، خوش آ، دُکي آ، تڪليف ۾ آ، هر ماڻهو پنهنجي ئي مصروفيتن ۾ مگن، ۽ هتي اگر ڪنهن گھر ۾ ڪو مهمان ٿي آيو ته ڄڻ سڄي ڳوٺ جو مهمان آ، ڪو لسي کنيو پيو اچي، ڪو چانهه بسڪيٽ، ته ڪو وري مکڻ جو چاڻو مانيءَ تي رکيو کنيو پيو اچي، سچ پڇو ته مون اڄ تائين اهو سڀ مِس ڪيو آ هتان وڃڻ تي دل ئي نٿي چوي.“
”ته پوءِ رهي پئو نه ڪجهه ڏينهن، ماڻهن سان مل دعوتون کاءُ پوءِ وڃجانءِ ڪراچي.“
”نه چاچي موڪل ڪانهي، هي به سرڪاري ڪم سان اچڻ ٿيو، تڏهن هليو آيس.“
اٿندي چوي ٿو ته هو ٿوري دير لاءِ ڪمري ۾ وڃي آرام ڪرڻ چاهي ٿو . هو ٻئي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو..“
شهربانو، ڀاءُ مراد خان کي اڪيلو ڏسي ساڻس دل جي ڳالهه ڪري ٿي.
”مراد خان...! رحمان خان توکي مريم لاءِ ڪيئن ٿو لڳي.“
”ادي چري ٿي آهين ڇا.... هونئن ته رحمان هڪ سهڻو ڳڀرو جوان آ پر شهري ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيو آ، ٻاهريان ملڪ گھمي ڏٺا اٿس... اسان جي مريم ٻهراڙي جي ماحول ۾ پلجي وڏي ٿي آ، تنهن کان سواءِ هوءَ رحمان کان ڏهه ٻارهن سال ننڍي آ...“
”ان ڳالهه کي ڇڏ، ماحول ماڻهوءَ کي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آ، هونئن به اسان جي مريم پڙهيل لکيل آ ڏهه درجا پڙهي آ....تون رڳو صلاح ڏي ته ڳالهه چوري ڏسانس.....“
”تنهنجي مرضي....مونکي ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي... پر خيال سان... پهريون ڀيرو هتي آيو آ متان هن کي ڏکيو لڳي...“
”اهو سڀ مونتي ڇڏ....“
آرام ڪرڻ کان پوءِ رحمان ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو ۽ مراد خان جي ڀرسان ويهي ٿو. شهربانو ٻڏ تر ۾ آهي... ته ڳالهه ڪيئن چوري.... آخر ڪجهه سوچي پڇي ٿي.....
”ابا ڀلا ڪڏهن ٿو شاديءَ جو ڀت کارائين؟“
رحمان کلندي چوي ٿو....
”بس چاچي دعا ڪريو..“
تصور ۾ سنڌيا ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي ٿو، مراد خان کيس سوچ ۾ ٻڏل ڏسي ڳالهه اڳتي وڌائي ٿو،
”ڪٿي سڱ وڱ ڇڪرايو اٿوَ ... يا....“
” نه ماما اڃان ته نه....“
شهربانو کي اطمينان ٿئي ٿو.... سوچي سمجهي داءُ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿي...
”ابا سوٽاڻ سئوٽ سهي پر تون به چاچنهن جو وارث ته ٿين نه....“
”نه چاچي... اها وري ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو.... مريم ئي چاچي ڪريم داد جي اڪيلي وارث آ...“
”اهائي ڳالهه ته ادي چئي پئي....“
”مون سمجھيو نه.. خبر ناهي چاچي ڇا ٿي چوڻ چاهي....“
مراد خان پيرائتي ڳالهه ڪري کيس ٻڌائي ٿو، رحمان حيران پريشان ڪڏهن مراد خان ڏي ته ڪڏهن شهربانو ڏي نهاري ٿو کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙو جواب ڏئي، اهڙي اچانڪ صورتحال سندس وهم و گمان ۾ به ڪونه هئي. شهربانو سندس خاموشي تي ٿورو مايوس ٿي وڃي ٿي پر وري به همت نه ٿي هاري.
”ابا مون چاهيو پئي ته چاچنهن مرهيات جي هيڏي ساري زمينداري آهي، گھر جي ملڪيت گھر ۾ ئي رهي. ڌاريو ماڻهو آيو ته پوءِ منهنجي مُئي کان پوءِ مريم کي خوش رکي الائي نه ... نياڻي گھر جو گھر ۾ هوندي ته مان به بي الڪي هونديس.“
”اهو ته سڀ سون ٿيو پر چاچي، اهو به ته سوچيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، امان ۽ آپا ڪڏهن به نه مڃنديون، توهان کي امان جي ته خبر آ .....“
”ابا پراڻيون ڳالهيون ڪنهن کي ياد ٿيون بيهن، منهنجي مريم ۾ ڀلا ڪهڙي گھٽتائي آ جو ادي گلبانو نه مڃيندي .....“
رحمان خاموش ٿي وڃي ٿو.... سنڌيا جو معصوم چهرو سندس نگاهن آڏو ڦري اچي ٿو دل من هڻي نيٺ جواب ڏئي ٿو،
”ٺيڪ آ چاچي سوچينداسين ان ڳالهه کي به....“
مراد خان وڌيڪ زور ڀرڻ نه ٿو چاهي ته متان صاف انڪار نه ڪري ويهي ۽ پوءِ ڳالهائڻ جي گنجائش ئي نه رهي.... ڀيڻ کي به اشاري سان وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ٿو.
”ٺيڪ آ ابا.... اسان کي به تڪڙ ناهي تون ڀلي ان ڳالهه تي دل من هڻ، الله ڀلي ڪندو....“
شهربانو مائي خاني کي ماني لڳائڻ لاءِ چوي ٿي.
•
هوڏانهن سڄو هفتو گذرڻ کان پوءِ به جڏهن رحمان ڳوٺان واپس نه ٿو اچي ۽ نه ئي ڪو حال احوال اچي ٿو ته گلبانو پريشان ٿيڻ سان گڏ ڪاوڙ جي به پوي ٿي ۽ شمسه کي سندس آفيس فون ڪري پڇڻ لاءِ چوي ٿي شمسه اندر وڃي فون ڪري ٻاهر اچي ٿي ته ماڻس ڪاوڙ مان پڇيس ٿي.
”ڪا خبر پئي لاڏلي جي.... ڪاٿي وڃي گم ٿيو آ هڪ هفتي جي لاءِ آفيس جي ڪم جو چئي ويو هو، اڄ نائون ڏينهن اٿس....“
”امان آفيس فون ڪيم ته ٻڌاين ته آفيس جو ڪم ته ختم ٿي ويو آ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ هليو ويو آ...“
”اهو ته چئي ويو هو ته ڳوٺان ٿيندو ايندس الائي اوچتو چاچي ڪيئن ياد اچي ويس.
”امان...! توهان به اجايو پيا ٿا پريشان ٿيو... سالن کانپوءِ ان طرف ويو آ، ڳوٺ اتان کان ڪجهه ميل ئي ته پري آهي سرڪاري گاڏي ۽ ڊرائيور اٿس، چڪر هڻندو ايندو. ان ۾ فڪر جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي. اچي ويندو ڏينهن ٻن ۾، مامي مراد خان روڪيو هوندس.“
انهي وقت سنيتا به اچي ٿي ۽ نجمه جو پڇي ٿي شمسه ڳالهه ٽاريندي کيس چوي ٿي ته پنهنجي ڪمري ۾ آ. سنيتا اوڏانهن وڃي ٿي ته وري گلبانو ڪاوڙيل لهجي ۾ چوي ٿي:
”مائي شمسه تون چاچهن جي چالبازين کا واقف ناهين، مون عمر آندي آ ان عورت سان، سندس ڏنگيو ساهه ئي نه کڻي سگھندو...
”پر امان رحمان هاڻي ڪو ٻار ته ناهي، ڀلا ان سان ڪهڙي چال کيڏندي. هو به سڄي دنيا گهميو ويٺو آ....ڳڻتي نه ڪيو.... هو بس ملي واپس اچي ويندو.... توهان ڪمري ۾ هلي آرام ڪيو، خواه مخواه پنهنجو بلڊپريشر نه وڌايو....“
اٿاري ڪمري ڏانهن وٺي وڃيس ٿي....
•
رحمان شهربانو جي گھر، ڪمري ۾ هڪ پلنگ تي ليٽيو پيو آهي، سندس اندر ۾ ماڌاڻ متو پيو آهي عجيب ڪشمڪش ۾ آهي، اٿي ننڍڙي ٽپائي تي رکيل جڳ مان پاڻي کڻي پئي ٿو، سگريٽ دُکائي ڪمري ۾ هلڻ لڳي ٿو سندس خيالن ۾ شهربانو جي آفر... ٻئي طرف سنڌيا سان محبت جا عهد و پيمان... ماءُ ڀيڻ جا چاچي سان اختلاف سڀ خيال واري واري سان سندس ذهن ۾ اچي رهيا آهن. سندس ذهن ۾ هڪ مانڌاڻ متو پيو آهي. ننڍپڻ جي احساس محرومي سندس طبيعت ۾ هلڪي ڦلڪي لالچ جو مادو پيدا ڪندي رهندي آهي جلد کان جلد دولتمند بنجڻ جي تمنا هميشه سندس دل ۾ رهي آهي ان کان علاوه سندس ننڍپڻ ۾ سندن پيءُ جون زمينون پڻس جي سوٽ طرفان هيراڦري سان پنهنجي قبضي ۾ ڪري کين گھر کان ئي بيدخل ڪري ڇڏڻ، اهي سڀ ڳالهيون سندس دماغ ۾ گھمي رهيون آهن ڪڏهن شهربانو جا لفظ، ”ملڪيت ڌارين ۾ هلي ويندي ته منهنجي مُئي کانپوءِ مريم سان الائي ڪهڙو سلوڪ ڪن، ڪڏهن سنڌيا جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجيس ٿو، ”رحمان توهان جي بغير هاڻي مان جيئڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگھان،“ گلبانو سخت ڪاوڙ مان کيس چوي پئي، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته شهربانوءَ جي ڌيءَ هن گھر ۾ ڪنوار بنجي اچي، اهڙي ڳالهه دل ۾ هيئي ته اسان کي ڇا لاءِ بڇڙو ڪيئي سنڌيا جي گھر موڪلي، وري شهربانو جو التجا ڀريو آواز، ابا مريم شهر وڃي سڀ ڪجهه سکي ويندي. مراد خان کانپوءِ زمينداري ڪير سنڀاليندو، جھيڙا جھٽا ڪهڙن خاندانن ۾ ناهن ٿيندا، ڪڏهن ننهن کان ماس به جدا ٿيو آ، پراڻيون ڳالهيون ڪير ٿو ياد ڪري. شهر بانو جو آواز پڙاڏو بنجي سندس دماغ ۾ گونجڻ لڳي ٿو ”زمينون ڪير سنڀاليندو... زمينون ڪير سنڀاليندو.... زمينون ڪير سنڀاليندو...“
لالچ بري بلا آهي جيڪا سڀني جذبن ۽ رشتن تي حاوي ٿي وڃي ٿي... ان جي چنبي ۾ ڦاسي وڃي ٿو،
”گھر آئي دولت کي پٺي ڏيڻ ناداني آ، سنڌيا جو ڇاهي... مان محبت ته سنڌيا سان ڪيان ٿو نه، ضروري ته ناهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان سان شادي به ڪجي جي مون مريم سان شادي ڪئي ته محبت به ملندي ته دولت به... اهڙي سونهري موقعي کي هٿان وڃائڻ بيوقوفي آ... رهيو امان جي ناراضگي جو سوال ته ماءُ آ... مونکان سواءِ سندس ڪير آ... پٽ جي ضد آڏو کيس هار مڃڻي پوندي. مان امان کي ڪنهن نه ڪنهن نموني راضي ڪري وٺندس. چاچي ٺيڪ ٿي چوي، خاندان جي دولت خاندان ۾ ئي رهڻ گھرجي.. هونئن به چاچي ڪريم داد بابا سان دوکو ڪري اسان جون زمينون پنهنجي نالي ڪري ڇڏيون هيون. انهن ۾ اسان جو به حصو آهي. امان کي سمجھائي وٺندس ته پنهنجو حق جيڪڏهن ان نموني ئي واپس ملي ٿو ته ان ۾ ڀلا ڪهڙي برائي آهي...“
فيصلو ڪري سک جو ساهه کڻي ٿو. سندس بيچيني شانت ٿي وڃي ٿي. پلنگ تي پاسو ورائي سمهي پوي ٿو ۽ ننڊ جي ديوي کيس لولي ڏئي سمهاري ڇڏي ٿي،
•
سنڌيا پنهنجي ڪمري جي گيلري ۾ اداس دور پري خلائن ۾ گھوري رهي آهي، ٿڌڙي هوا جا جھوٽا سندس وکريل وارن کي ڇيڙي رهيا آهن گھڙي گھڙي سندس هٿ وارن جي چڳ کي ڪنن جي پويان ڪن ٿا، کيس اهو منظر ياد اچي ٿو، جڏهن پارڪ ۾ ويٺا هئا ۽ هوا سندس وارن سان ڇيڙخاني ڪري رهي هئي ۽ رحمان کيس پنهنجي وارن کي سنڀاليندي ڏسي شرارت مان جھونگارڻ لڳو هئو.
”لٽ الجھي سلجھا جا ري بالم مين نا لگائون هاتهه ري.“
اڄ رحمان جي ياد کيس شدت سان ستائي رهي هئي.... اڄ رحمان کي سڄا سارا ڏهه ڏينهن ٿي ويا هئا، هفتي جو چئي ويو هو فون به ڪونه ڪئي اٿس، الائي ڇا ڳالهه آ، سنيتا ٻڌايو پئي ته نجمه چيو ته ڳوٺ ويو آ.... اهو ته مونکي به ٻڌايو هئائين پر ايترا ڏينهن. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا، انهي وقت پڻس ڪمري ۾ اچي ٿو.... سنڌيا رئي جي پلو سان اکيون اگھي وٺي ٿي.... شوڪت علي تنبيه ڀرئي انداز ۾ چويس ٿو:
”وري اچي ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي آهين.“
” بس ائين ئي بابا...“
احمد به کين ڳولهيندو ڪمري ۾ اچي ٿو،
”ڇو هتي اچي ويٺا آهيو... سنڌيا چانهه ڪون ملندي ڇا؟“
”اجھو ٿي آڻيان.“
”جلدي اچ مونکي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي...“
سنڌيا ٿورو حيران، پريشان ٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿي، ٿوري دير ۾ چانهه کڻي اچي ٿي، چانهه پئندي احمد علي چوي ٿو، ته آپي رابعه جو فون آيو هو....
”ڇو خير ته آهي نه....ڇا ٿيو آ آپيءَ کي...“
” آپيءَ کي ته ڪجهه ناهي ٿيو پر....“
”پر ڇا... سهي طرح سان ٻڌائين ڇو ڪونه ٿو....“
شوڪت علي ڌيءَ جي بيتابي ڏسي مسڪرائي ٿو تڏهن وڃي سنڌيا جي جان ۾ جان اچي ٿي،
”بابلا ڀيڻين چوي ٿي ته سنڌيا کي يونيورسٽي ۾ آنرز سائيڊ تي ايڊميشن ڪرايو، ڪاليجز ۾ ڊگري ڪلاسز ۾ سٺي ۽ معياري پڙهائي نه ٿي ٿئي....“
احمد سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو، ڪجهه سوچي چوي ٿو:
”پر بابا يونيورسٽي ۾....“
سنڌيا جلدي سندس ڳالهه ڪٽيندي چوي ٿي،
”ها بابا مان انگلش ۾ ماسٽرز ڪرڻ چاهيان ٿي ان لاءِ يونيورسٽي جوائن ڪرڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو....“
احمد کي اها ڳالهه دل کي نه لڳي... ليڪن يونيورسٽي ايترو پري آهي..... منهنجو به آخري سال آهي اهو به ريسرچ ورڪ لاءِ آئي ڏينهن ٻاهر وڃڻو پوي ٿو اڪيلي ڪنهن سان ويندي.“
”بابلا هڪ ٻه دفعا کڻي گڏجي وڃجائنس پوءِ سيٽ ٿي وئي ته پاڻهي پئي ويندي.“
انهي وقت رابعه به ملڻ لاءِ اچي وڃي ٿي، سنڌيا کيس ڏسي خوش ٿي ڊوڙي وڃي ساڻس ملي ٿي ته ڪوته سندس ساٿ ڏيڻ وارو اچي ويو. رابعه سڀني سان ملندي،
”ڪهڙو بحث پيو هلي جو سڀئي مٿا جوڙي گڏ ٿي ويٺا آهيو.“
”ڪا خاص ڳالهه ناهي رونيورسٽي ۾ داخلا جي ڳالهه پئي هلي ته انٽر جي رزلٽ اچڻ واري. آ... هيڏانهن اچي ويهه... سنڌيا ڀيڻ لاءِ به چانهه کڻي اچ.“
سنڌيا وڃي ٿي شوڪت علي طارق بابت پڇي ٿو ته اهو ڇو ڪونه آيو. رابعه ٻڌائيس ٿي ته کيس ٿورو ڪم هو ان ڪري هو کيس ڊراپ ڪندو اوڏانهن هليو ويو واپسي تي هيڏانهن ئي ايندو.
صبح جي وقت مراد خان اخبار پيو پڙهي ته شهربانو اچي ٿي ۽ رازداري واري لهجي ۾ پڇيس ٿي:
”مراد خان رات منهنجي وڃڻ کانپوءِ رحمان توسان مريم جي سڱابندي جي باري ۾ وڌيڪ ڪا ڳالهه ڪئي؟“
”ادي تون ته صفا ڪا چري آهين.... رحمان پڙهيل ڳڙهيل سمجھدار ماڻهو آ.... سڀ ڪجهه سمجھي ٿو، ڪنهن به ڳالهه ۾ تڪڙ ڪرڻ سان سڀ ڪجهه بگڙي سگھي ٿو.“
اوڏي مهل رحمان بيگ هٿ ۾ کڻي ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو، ورانڊي ۾ شهربانو ۽ مراد خان اڳ ۾ ئي ناشتي لاءِ سندس انتظار ۾ آهن.
”اچ ابا... تنهنجو ئي انتظار پئي ڪيوسين، اچي نيرن ڪر.... خاني او خاني... رحمان خان لاءِ گرم، گرم اوڦراٽو لاهي آ...“
خاني دٻڪيءَ تي اڦراٽو کڻي اچي ٿي سڀئي گڏجي نيرن ڪن ٿا... شهربانو ڳالهه ڇيڙيندي.
”ابا ننڊ ته سُٺي آيئي نه.... هتي شهر واري سهوليت ته آهي ڪونه.“
”نه چاچي اهڙي ڳالهه ناهي... ٻٽن ڏينهن کان رهيو پيو اچان.....“
”ڀلا مون واري صلاح جي باري ۾ ڪجهه سوچيئي.....“
مراد خان گھڻئي اکين جي اشاري سان کيس جھلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر شهربانو پنهنجي ئي ڌن ۾... ڌيان نٿي ڏئي... ۽ چوندي رهي ٿي.
”مريم به هينئر ڏهين جو امتحان ڏنو آ، هتي ڳوٺن ۾ ارڙهن اوڻويهه سال وڏي عمر سمجھي ويندي آهي، ان ڪري فڪر اٿم ته سندس بار لاهي ڇڏيان.“
”چاچي مون به ان ڳالهه تي گھڻو سوچ ويچار ڪيو آهي، پر امان ۽ آپا ڪڏهن به نه مڃينديون.“
شهربانو چپ ٻٽا ڪندي چوي ٿي:
”ڇو... ڀلا ڪهڙي گھٽتائي آ منهنجي مريم ۾ ...“
رحمان وڌيڪ بحث نه ٿو ڪري،“
ٺيڪ آ چاچي، في الحال ته مان ڪراچي هلان ٿو، امان وارن سان ڳالهائي ڏسان، رک الله تي مڙئي چڱي ٿيندي شهربانو کي ڪجهه اميد ٿئي ٿي، مراد خان به اشارو ڪريس ٿو ته هاڻي وڌيڪ بحث درست ناهي. مراد خان اٿي هٿ ڌوئي ٿو ۽ چوي ٿو ته هو اوطاق تي وڃي ڏسي ٿو ته ڊرائيور گاڏي تيار ڪئي يا نه.
شهربانو اندر ڪمري جي در تي وڃي ڌيءَ کي سڏيندي چوي ٿي:
”مريم امان اٿي آ، ڏس ڪيڏو سج چڙهي آيو آ سوٽهن به وڃي پيو. اچي موڪلائينس.“
ننڊ مان جاڳائڻ تي مريم جو موڊ سخت خراب ٿي وڃي ٿو پر رحمان جو لحاذ ڪري اکيون مهٽينندي ٻاهر اچي ٿي.
انهي مهل رحمان به وڃڻ جي لاءِ اٿي ٿو،
”ڇڱو چاچي، چڱو مريم مان هلان ٿو.“
”ابا الله واهي سڀني کي دعائون ۽ سلام چئجانءِ.“
رحمان موڪلائي ٻاهر نڪري وڃي ٿو، مريم موڊ خراب ڪري اندر ويندي ويندي چوي ٿي،
”ويو پئي ته مونکي ڇا لاءِ اچي ننڊ مان اٿاريئي، هونهن...“
ماڻس پنهنجي منهن ڀڻڪندي.
”هي ڇوڪري الائي ڇا ڪندي، مان وتان ٿي سندس چڱي آئيندي لاءِ ڪوششون ڪندي، پر هن کي ڪو عقل ئي ڪونهي، الله سندس قسمت چڱي ڪري.“
•
اڄ موڪل جو ڏينهن آهي، ڪراچي ۾ موڪل جي ڏينهن اڪثر ڪري روڊ رستا سنسان ۽ ويران هوندا آهن. ماڻهو سڄي هفتي جي ڪمن ڪارين کانپوءِ موڪل جو ڏينهن گھر ۾ آرام ڪري سڄي هفتي جو ٿڪ لاهيندا آهن، ان ڪري صبح جي وقت رستن تي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون هلندي نظر اينديون آهن، هر گھر جي صبح يارهين ٻارهين بجي کان اڳ ۾ ناهي ٿيندي. رحمان جي گھر جو به ساڳيو حال آ، صبح جا يارهن پيا ٿين گلبانو، شمسه ۽ نجمه لائونج ۾ ويٺيون آهن، گلبانوءَ جو موڊ به ڪافي بهتر آهي، انهي وقت رحمان به ٽوال سان منهن اگھندو ڪمري کان نڪري لائونج ۾ اچي ٿو ۽ ڪرسي سرڪائي ڊائننگ ميز تي ويهي چوي ٿو ته ڪا چانهه ملندي، ڀيڻس خوشدلي سان چويس ٿي ته:
”کوڙ چانهه... رات دير سان پهتين ڪو حال احوال به ڪونه ڪيئي، ذري گھٽ ٻه هفته ٿي ويا تنهنجي هن دفعي واري ٽرپ کي.“
”بس آپا هفتو ته سڄو آفيس جي سروي ورڪ ۾ گذري ويو. اتان پوءِ ڳوٺ ويس ته چاچي شهربانو ۽ ماما مراد خان اصل نه پيا ڇڏن. چون ايترن سالن کانپوءِ آيو آهين ائين هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿوروئي ڇڏينداسين، ڪجهه ڏينهن ترس زمينون وغيره گھم پوءِ وڃجانءِ.“
گلبانو اهو ٻڌي سڙي وڃي ٿي.
”شهربانو جي طبيعت بدلي آ يا اهائي پراڻي چال اٿس.“
شمسه ماءُ کي طنز ڪندي ڏسي، ٽوڪي ٿي.
”امان توهان به بس، شل نه ڪنهن سان نه ٺهو.“
رحمان به شهربانو جو پاسو کڻندي.
”نه امان چاچي هاڻي صفا بدلجي وئي آهي، چاچي ڪريم داد کان پوءِ اها هستي نه رهي اٿس.“
رحمان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مريم ۽ پنهنجي شادي جي آفر جي باري ۾ ماءُ کي ڪيئن ٻڌائي، خبر اٿس ته سندس ماءُ اهو ٻڌي آسمان کڻي مٿي تي کڻندي. آخر شمسه ئي کيس موقعو فراهم ڪري ٿي.
”رحمان ڏي، خبر چاچي شهربانو جي هڪڙي ڌيءَ به هئي، ڇا نالو هوس... ها ياد آيو مريم... اها ته وڏي ٿي وئي هوندي. نجمه کان پنج ڇهه سال وڏي هئي، ڪاٿي شادي وادي ڪرائي ٿئينس يا نه.....“
رحمان موقعو غنيمت سمجھندي ڳالهه ڇيڙي ٿو،
”آپا مريم مئٽرڪ ڪئي آ، ڳوٺ ۾ ڪاليج ته آهي ڪونه، چاچي سندس لاءِ ڏاڍي فڪرمند هئي، چيائين پئي ته اسان جو ته ڪير آهي ڪونه توهان کانسواءِ. مان نه ٿي چاهيان ته مريم جي مٽي ڌارين ۾ ڪيان....“
شهربانو ۽ پنهنجي گفتگو پيرائتي کين ٻڌائي ٿو. جيئن جيئن رحمان ڳالهه ڪندو وڃي ٿو گلبانوءَ جو پارو چڙهندو وڃي ٿو، چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃيس ٿو. رحمان جيئن ڳالهه پوري ڪري ٿو گلبانو ڄڻ ته ڦاٽي پوي ٿي.
”دماغ خراب ٿيو آ شهربانوءَ جو، سندس همٿ ڪيئن ٿي توسان پنهنجي جاهل ڳنوار ڌيءَ جي سڱ جي ڳالهه ڪرڻ جي، کيس خبر ڪانهي، شايد اهي ڏينهن وسري ويا اٿس. هن مونسان ڪهڙا ڪلور، ڪهڙيون جٺيون ڪيون هيون توهان جي پيءَ جي گذرڻ کانپوءِ، شمسه کي وارن کان جھلي گھلي، گھلي مارون ڪڍندي هئي ۽ تون ڊڄي منهنجي هنج ۾ لڪي ويندو هئين... رڳو ان ڪري ته متان اسان پنهنجي ملڪيت جو حصو نه گھري وٺون ۽ هو تنهنجو مرهيات چاچو ڪريم داد، ان ته جھٽ وڃي سڀ کاتا مٽائي زمينون پنهنجي کاتن تي چاڙهائي ڇڏيون. ويچارو مراد خان رڙيون ڪندو رهيو ته يتيمن ۽ بيواه سان ظلم نه ڪيو، خدا جي قهر کان ڊڄو، رحم ڪيو سندن حق نه کائو. تڏهن به نه مڙيا... ۽ هاڻي هلي آ ڌيءَ جو سڱ رحمان خان سان ڪرڻ....“
شمسه به ماءُ جي تائيد ڪندي چوي ٿي،
”رحمان.... امان چوي سچ ٿي.... اهو ته امان اٺ درجه فائينل پاس هئي، بابا سان نوڪرين سانگي شهرن ۾ اچڻ وڃڻ رهيو هوس تڏهن چاچي ۽ چاچيءَ جي ظلمن کان اسان کي بچائڻ لاءِ راتو رات لِڪ چوري گھر ڇڏي اسان کي ساڻ ڪري ڪراچي هلي آئي. شابس هجي مامي مرادخان کي جنهن لِڪ چوري اسان جي مدد پئي ڪئي. پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري جي مدد سان هتي امان کي پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ٽيچر جي نوڪري ڏياري تڏهن وڃي اسان پيرن تي بيٺاسين. توکان ڀلي اهو سڀ وسري ويو هجي پر مونکي چڱي طرح ياد آ.“
رحمان وري به انهن جي حمايت ڪندي چيو:
”پر آپا..... ان ۾ مريم جو ڪهڙو ڏوهه، هن ته مائٽن کي ڪونه چيو هونه ته اسان تي ظلم ڪن....“
”حيرت آ، اهو تون پيو چوين...تون ته سنڌيا سان محبت پيو ڪرين نه ... ان جو ته ڪجهه خيال ڪر...“
”آپا توهان کي سنڌيا جو فڪر آ، پر منهنجي ڪيل ڪنهن واعدي جو ڪوبه خيال ناهي...“
اهو ٻڌي گلبانوءَ جو ڄڻ برداشت جو مادو بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. سخت ڪاوڙ مان پٽ ڏي نهاري ٿي.
”واعدا ته تو سنڌيا سان به ڪيا هئا، گڏ جيئڻ جا گڏجي مرڻ جا. سنڌيا هڪ معصوم سلڇڻي ڇوڪري آ، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هوءَ توسان بي پناه محبت ڪري ٿي... نه رحمان نه، مان توکي پرائي نياڻيء سان ايڏي وڏي ويساه گھاتي ڪرڻ نه ڏينديس... مان به ماءُ آهيان ۽ هوءَ ويچاري بنا ماءُ جي پلجي وڏي ٿي آهي ... هن هميشه مونکي ماءُ ۽ شمسه کي وڏي ڀيڻ جيان سمجھو آهي... مان هن جي درد کي سمجھي سگھان ٿي... اگر هن کي تنهنجي ان دوکي ۽ فريب جي خبر پئي ته هوءَ جئي نه سگھندي. مان نياڻيء کي ائين جھرندي مرندي ڏسي نه ٿي سگهان . توکي پنهنجو اهو فيصلو هر حالت ۾ مٽائڻو پوندو...“
پررحمان تي لالچ جو انڌ سوار هو، هن ڏکيا ڏينهن ڏٺا هئا. انڪري هو اهو موقعو هٿان وڃائڻ نه پيو چاهي، دولت جي ديوي هن تي مهربان ٿيڻ لاءِ آتي آ... ۽ هو هڪ فضول جذبي جي ڪارڻ ان کي ٿڏي ڇڏي اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آ.
”بس امان بس، گھڻي طرفداري ٿي وئي سنڌيا جي.... توهان کي هڪ غير ڇوڪري جي درد جو ايترو خيال آ ... باقي مان جيڪو توهانجو پنهنجو آهيان ان جي پرواهه نه اٿو...ڏسو نه چاچي وارن دوکي سان اسان جون زمينون ڦٻايون هيون، قدرت انهن کي حاصل ڪرڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪيو آ، مان ان کي هٿان وڃائڻ نه ٿو چاهيان.... محبت ته ڪڏهن به ڪنهن سان به ڪري سگھجي ٿي ۽ رهي سنڌيا ته اها ڪيڏانهن ٿي ڀڳي وڃي ڏسي وٺبو ان ڳالهه کي به....“
”ته پوءِ ٺيڪ آ.... جيڪا تنهنجي مرضي... تون هينئر لالچ جي انڌ جي گھوڙي تي سوار آهين، توکي روڪڻ ناممڪن آهي ، پر منهنجي به هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ... اسان جي طرفان اڄ به انڪار ٿئي، صبحاڻي به انڪار ٿئي. اسان مان ڪابه اميد نه رکجانء. تنهنجي دل جيئن چوي تيئن وڃي ڪر. مان سنڌيا سان ٿيندڙ بي واجبي ڏسي تنهنجو ساٿ نه ٿي ڏئي سگھان..“
سندس بلڊپريشر هاءِ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان اٿي اندر هلي وئي. شمسه ۽نجمه ماءُ جي بگڙيل طبيعت ڏسي ان جي پويان هليون ويون. رحمان لائونج ۾ اڪيلو رهجي ويو ... پوءِ به هن کي ڪو پڇتاء ڪونه ٿيو، بلڪه هو گھر وارن جي انهي رويه تي چڙي پيو ،
”ڪمال آ.... هنن کي منهنجي فيلنگس جي ڪا پرواهه ناهي ، گھر آئي دولت کي ٺڪرائڻ ناداني آهي، سنڌيا جو ڇاهي... مان محبت ته سنڌيا سان ڪيان ٿونه... ان لاءِ اهو لازمي آ ته شادي به ساڻس ڪيان ... شادي اگر مريم سان ڪيم ته محبت سان گڏ دولت به ملي ويندي.... اهڙي سونهري موقعي کي هٿان وڃائڻ سراسر بيوقوفي آهي، پر امان کي ڪير سمجھائي، ڪير کيس راضي ڪري، هن کي ته ننُهن جي صورت ۾ سنڌيا کان سواءِ ٻي ڇوڪري نه ٿي وڻي.....هڪ دفعو وري ڪوشش ڪندس ته امان کي راضي ڪري وٺان. جي خوشي سان اجازت ڏنائين ته ٺيڪ نه ته پوءِ ٻيو ڪجهه سوچي وٺبو....“
فيصلو ڪري پُر سڪون ٿي وڃي ٿو، ۽ سگريٽ دکائي اٿي گھر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
•