سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، مفڪر ۽ اديب رسول بخش پليجي جو لکيل ڪتاب ”ڇا سنڌين لاءِ ملڪي سياست حرام آھي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي سياست ۽ پارلياماني سياست جي تقابلي بحث سان گڏ رسول بخش پليجي پنھنجو سياسي تجزيو پيش ڪيو آهي. ھن ”خالص سنڌي سياست“ ۽ ”ملڪي سياست“ بابت اڀرندڙ سوالن جي تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ادبي پبلشنگ، ايجنسي پاران 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي