سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران وفا جانوري جي شاعريءَ جو مجموعو ”خوابن جي اڪيلائي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
وفا جانوري جي ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. وفا جانوري جا غزل فڪري، فني توڙي موضوع جي مناسبت سان روايتي غزل کان جان ڇڏائي ھڪ خوبصورت جديد غزل جي سفر تي روان دوان آھن. سندس نظم پڻ ھڪ حساس تخليقڪار جي گواھي ڏين ٿا جن ۾ جماليات، فڪر، فن، مزاحمت، حوصلو نمايان آھن.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ نول سندر پبليڪيشن، مٺيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.