سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نثر نگار عنايت حسين رند جو لکيل پھريون ناول ”فراق“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ناول ۾ رومانس سان گڏوگڏ سماجي مسئلن کي تمام خوش اسلوبي سان بيان ڪيو ويو آھي. خاص نقطا ٻھراڙي ۽ شھري ماحول جو ٽڪراءُ آھي. ھڪ ٻھراڙي جو مارو ڇوڪرو شھر جي رنگينين ۾ رچي پنھنجي اصل پانڌيئڙن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو، پوءِ تضاد آھي ماحول جو، اميري، غريبي ۽ اسٽيٽس جو. ايئن ڪھاڻي پنھنجو رخ اختيار ڪري ٿي جيڪا بعد ۾ تمام نازڪ صورت اختيار ڪري وڃي ٿي ۽ وڇوڙي جا وڏا ويڇا پئجيو وڃن. ناول ۾ محبت بہ آھي تہ مزاح بہ، سُکن جي سيج بہ آھي تہ ڏکن جا ڏاڍا ڏونگر بہ آھن.
ھي ڪتاب 1990ع ۾ موھن جو دڙو پبلشنگ ھائوس، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.