لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا قادر داد خان

آغا قادر داد خان
اصل نالو: قادر داد خان
ادبي نالو: آغا قادر داد خان
والد جو نالو: گل خان پٺاڻ، جيڪو هڪ تاجر هيو انڊيا تجارت لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس شهيد ڪيو ويو جنهن بعد سنڀال ماءُ ۽ مامي رحمت خان ڪئي.
ذات: پٺاڻ
قبيلو: ڪاڪڙ
ڄم جي تاريخ: 16 جنوري 1844ع شڪار پور
تعليم: مدرسي مان عربي فارسي
رھائش: خيرپور ۽ شڪارپور
ڪرت: 1859ع شڪارپور جي ڪليڪٽر آفيس ۾ رڪارڊ ڪيپر رهيو. اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ ۾ منشي ۽ 12 آڪٽوبر 1863ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ منشي مقرر ٿيو، 19 جولاءِ 1866ع تي سيوهڻ جو مختيارڪار ٿيو ۽ ترقي ڪندي 1878ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. رياست خيرپور جو والي مير فيض محمد خان پنهنجي والد مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ 7 اپريل 1894ع تي گاديءَ تي ويٺو ته انگريز سرڪار آغا قادرداد خان کي خيرپور جو وزير اعظم مقرر ڪيو، هن جي قابليت پرکي انگريز سرڪار کيس وڏي اهميت ڏني. وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ آغا قادرداد خان ڪمشنر ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي راءِ کي گهڻي اهميت ڏيندو هو. سندس همعصر دور جو منشي ۽ تاريخ نويس خدا داد خان لکي ٿو ته “هن اچڻ سان اڳوڻو نظام بدلائي نئون نظام شروع ڪيو. (1) ديوان اتم چند ۽ ٻيا منشي رياست جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويٺا هئا، تن کي ڪڍي ڇڏيائين. الڳ الڳ کاتا کوليائين. مير صاحب جي شخصي ڪاروبار لاءِ جدا شاهي ڪئمپ جو عملو مقرر ڪيائين.(2) هڪ سئو کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيائين.(3) هنري اسڪول ۽ ديني مدرسا قائم ڪيائين. (4) ڍل توڙي بٽئيءَ جو سرشتو سڌاريائين. (5) واهن مٿان پليون تعمير ڪرايائين. (6) ڪيتريون خوبصورت عمارتون جوڙايائين جن مان فيض محل به هڪ آهي. (7) خيرپور ۾ هڪ شاندار لائبريري قائم ڪيائين. (8) شاگردن لاءِ هاسٽلون تعمير ڪرايائين وغيره. سندس دور ۾ رياست خيرپور جي روينيو پيداوار، سال 1903ع تائين، تيرهن لک ڇهه هزار رپيا ٿي. هن سنڌ مدرسي کي ڇهن هزارن جي گرانٽ کان سواءِ 10 هزار رپيا هاسٽل لاءِ مدد طور ڏنا. انگريز سرڪار آغا صاحب کي سندس انتظامي هوشياريءَ، غير معمولي وفاداريءَ ۽ ڪامياب عملدار جي مڃتا طور 1892ع ۾ خانبهادر جو اعزاز ڏنو. اهڙيءَ طرح 1887ع ۾ انگريز سرڪار پاران کيس سي. آءِ. اي جو خطاب ڏنو ويو. اهڙي ريت “خانبهادر قادر داد خان” پهرين جون 1903ع تي خيرپور ۾ وفات ڪئي. شڪارپور ۾ دفن ٿيل آهي. وڏو سخي ۽ فياض ماڻھو ٿي گذريو آھي. شڪارپور ۾ گرين سيلوسائٽي قائم ڪئي هيائين. 50 رپيا سنڌي نوجوانن کي اسڪالرشپ ڏيندو هيو. بيواهه عورتن ۽ غريبن لاءِ ماهوار وظيفا مقرر ڪيائين.
**