شاعري

ديد جو درشن

زيب ڪنگي جي غزلن  جي ھن مجموعي ۾ جماليات، احساسيات، تخيل جي اوچي اڏام ۽ لفظن جي نئين گهڙت آھي. زيب جي غزلن جا موضوع سادا ھوندي بہ بامعنيٰ آھن. سندس شاعريءَ ۾  ٻاروتڻ جون ٻوليون، لُڙڪ، ٽھڪ، مُرڪ، لوليون، سنڌوءَ جون ڇوليون، پنھنجن لاءِ پيار ڀريا گيت، غيرن لاءِ گوليون،  ڌرتيءَ سان عشق، اندر جي اڌمن ۽ محبوب جي نازن جھڙا تخليقي، جمالياتي ۽ مزاحمتي ستارا جرڪندي نظر اچن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 47
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب ڪنگو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ديد جو درشن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر زيب ڪنگو جي غزلن جو مجموعو ”ديد جو درشن“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
زيب ڪنگي جي غزلن  ۾ جماليات، احساسيات، تخيل جي اوچي اڏام ۽ لفظن جي نئين گهڙت آھي. زيب جي غزلن جا موضوع سادا ھوندي بہ بامعنيٰ آھن. سندس شاعريءَ ۾ ٻاروتڻ جون ٻوليون، لُڙڪ، ٽھڪ، مُرڪ، لوليون، سنڌوءَ جون ڇوليون، پنھنجن لاءِ پيار ڀريا گيت، غيرن لاءِ گوليون،  ڌرتيءَ سان عشق، اندر جي اڌمن ۽ محبوب جي نازن جھڙا تخليقي، جمالياتي ۽ مزاحمتي ستارا جرڪندي نظر اچن ٿا.
ھي ڪتاب 2023ع  ۾ سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي زيب ڪنگي جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي