ناول

پرديسي پادري

هن ڪتاب جو سورمو پاڻ ۾ مکيہ ٽي ڪردار سمائي ٿو، هي پادري آهي، ڪاشتڪار آهي ۽ خاندان جو سرواڻ آهي، هو سيکارڻ لاءِ اهڙو تيار آهي، جھڙو اطاعت لاءِ ۽ جھڙو آسودگيءَ ۾ آهي، تھڙو شاندار غريبيءَ ۾ هن شاهوڪاريءَ ۽ ترقي واري دور ۾ اهڙو اداڪار ڪير ٿي سگهندو؟ آهي، جي اعليٰ زندگي جا شوقين آهن سي هن جي ڳوٺاڻي جي رهڻي ڪھڻي جي سادگي کان ڌڪار سان منھن موڙيندا، اهي جي گارگند کي غلطيءَ وچان چرچو ڪري تصور ڪن ٿا، سي سندس بي ضرر گفتگو ۾ ظرافت نہ ڳولي سگهندا ۽ اهي جن کي مذهب تي ٺٺولي ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، سي هڪ اهڙي ماڻھوءَ تي کلندا، جنھن جي تسلي جا خاص سامان مستقبل مان ئي مھيا ڪيا وڃن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پرديسي پادري

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران آئرلينڊ جي جڳ مشھور ناول نگار اليور گولڊ سمٿ جي لکيل ناول دي وڪار آف ويڪلفيلڊ The vicar of wakefield جو سنڌي ترجمو ”پرديسي پادري“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار احمد خان محمود خان ميمڻ آھي.
”آليور گولڊ سمٿ“ انگريزي ادبي دنيا جي انھن ممتاز ترين هستين مان آهي، جن انگريزي ادب جي پھلوءَ تي ڪاميابي سان لکيو ۽ پنھنجي قلم جي جنبش سان قوم جي سماجي، ذهني ۽ مذهبي خيالات ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو.
هن ڪتاب جو سورمو پاڻ ۾ مکيہ ٽي ڪردار سمائي ٿو، هي پادري آهي، ڪاشتڪار آهي ۽ خاندان جو سرواڻ آهي، هو سيکارڻ لاءِ اهڙو تيار آهي، جھڙو اطاعت لاءِ ۽ جھڙو آسودگيءَ ۾ آهي، تھڙو شاندار غريبيءَ ۾ هن شاهوڪاريءَ ۽ ترقي واري دور ۾ اهڙو اداڪار ڪير ٿي سگهندو؟ آهي، جي اعليٰ زندگي جا شوقين آهن سي هن جي ڳوٺاڻي جي رهڻي ڪھڻي جي سادگي کان ڌڪار سان منھن موڙيندا، اهي جي گارگند کي غلطيءَ وچان چرچو ڪري تصور ڪن ٿا، سي سندس بي ضرر گفتگو ۾ ظرافت نہ ڳولي سگهندا ۽ اهي جن کي مذهب تي ٺٺولي ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، سي هڪ اهڙي ماڻھوءَ تي کلندا، جنھن جي تسلي جا خاص سامان مستقبل مان ئي مھيا ڪيا وڃن ٿا.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان آڻي رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

انساني سماج تغير پسند آهي، جنھن ۾ ٿيندڙ هر تبديلي جا ڪي نہ ڪي اسباب ٿين ٿا، انھن مڙني سببن جو تعلق ڦري گري وري بہ انسان سان ٿئي ٿو، انسان جيئن تہ هڪ شعوروند سماجي جانور آهي، تنھن ڪري هن کي فطرت طرفان اهو ادارڪ حاصل آهي، تہ هو پنھنجي علم، عقل ۽ هوش ذريعي ڪائنات جي سمورن لقائن ۽ ڳجهن جي وسعتن کي نہ صرف سمجهي پر انھن تي ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان قادر بہ رهي، قدرت انسان کي عقل ۽ هوش ان ڪري عطا ڪيو، تہ جيئن هو پنھنجي زندگي ٻي جيوت کان بھتر ۽ نرالي بڻائي ۽ ايندڙ نسل لاءِ رهنمائيءَ جا ڪي اصول ۽ مثال قائم ڪري، هن دنيا ۾ زندگي تہ حيوان بہ گذارين ٿا، پر ڇاڪاڻ تہ اهي علم عقل ۽ هوش کان قاصر آهن، تنھن ڪري اهي پنھنجي ايندڙ نسلن لاءِ پنھنجا تجربا- عبرت ۽ سبق طور ڇڏي نہ ٿا وڃن، پر اهو انسان ئي آهي، جيڪو پنھنجي گذاريل زندگي جا سمورا تجربا پوين جي لاءِ پيش ڪري هڪ نصيحت ڇڏي وڃي ٿو.
ناول، بہ انساني سماج ۾ گذرندڙ حالات جو اهڙو ئي جيئرو جاڳندو عڪس آهي، جنھن کي پڙهي ماڻھو عبرت حاصل ڪري سگهي ٿو، پرديسي پادري هڪ اهڙو ئي ناول آهي، جيڪو انساني نفسيات جي تمام ويجھڙائي کان جائزو وٺندي لکيو ويو آهي، هيءَ ناول اصل ۾ انگريزي ناول جي دي وڪار آف ويڪلفيلڊ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سن 1766ع ۾ آئرليند جي جڳ مشھور ناول نگار آليور گولڊ سمٿ لکيو، آليور گولڊ سمٿ جو نالو انگريزي ادب ۾ هڪ وڏو مقام رکي ٿو، سندس لکتون زندگي ۾ سندس ڪيل قريزي جو نتيجو آهن. آليور بنيادي طرح هڪ غريب عيسائي هو، جيڪو پنھنجي والد چارلس گولڊ سمٿ جي مري وڃڻ کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ اسمٿ هل جي هڪ ڪليسا جو پادري ٿيو، هو پنھنجي طبيعت ۾ خلق لاءِ محبت، شفقت ۽ حساسيت رکندڙ شخص هو، فطرتا حساس هئڻ ڪري هوو پادري مان هڪ مثالي ليکڪ بڻيو ۽ ايڪويھن کان مٿي ڪتاب لکيائين، هي ناول بہ انھن ڪتابن ۾ هڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو،
مسٽر احمد خان محمود خان ميمڻ صاحب هن ناول کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ۽ اصلاحي ناول جو اضافو ڪيو، اسان کي اميد آهي تہ صاحب جي ڪيل هي محنت لائق پڙهندڙ حضرات کي ضرور پسند ايندي.

انعام اللھ شيخ
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، سنڌ
خميس 19- ربيع الثاني 1427ھہ
بمطابق 18- مئي 2006ع

ديباچو

سنڌ يونيورسٽي جي اختياري وارن مون کي ايم- اي فائينل جي امتحان سال 1957ع لاءِ ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ (The vicar of Wakefield) نالي هڪ انگريزي ڪتاب آگسٽ 1956ع ۾ سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ عنايت ڪيو، قياس هو، جيئن ئي هي ناول آهي، تنھن ڪري ترجمي ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نہ ٿيندي، پر اڳيان ”آليور گولڊ سمٿ“ جي شخصيت سان ڪم هو، سو اڪ جي ماکي لاهڻي ڪانہ هئي، گهڻو ئي رت ولوڙڻو پيو ۽ دماغ سوزي ڪرڻي پيئي ۽ آّخر ڪار منھنجي پگهر جو پورهيو، موجودہ ڪتاب جي صورت ۾ تيار ٿي ويو، مون هيءُ ترجمو ”آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس“ جي 1952ع واري ڇپايل ڪتاب تان ڪيو آهي.
ڪن صاحبن جو رايو هو تہ انگريزي نالن جي بدران سنڌي نالا ڪم آڻجن، سندن راءِ کي دل ۾ ڌريندي ڪيترا ترجمي جا ڪتاب نظر مان ڪڍيم، مگر مون کي ڪثرت انھن ڪتابن جي ڏسڻ ۾ آئي جن ۾ نالا ڦيرايل نہ آهن، مطالع ڪيل ڪتابن جا نالا پڇاڙي ۾ عرض رکيا اٿم، ازانسواءِ هن ڪتاب جو پس منظر سڄو مغربي طرز جو آهي ۽ ڪردارن جي رهڻي ڪھڻي، ٻولي، گفتگو، رسومات ۽ عادات سڀئي مغربي آهن، انھن جي معاشي زندگي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالھيون نظر اچن ٿيون، جن کي اسان جي تھذيب ۾ جاءِ ڪانھي. جيڪڏهن سنڌي نالا استعمال ڪجن ها ۽ اهي ڀاڱا ڪڍي ڇڏجن ها، تہ ڪتاب جي اصليت قائم رهي نہ سگهي ها ۽ ڪيترا ٽڪرا ترجمي کان سواءِ ڇڏڻا پون ها، جنھن ڪري ڪتاب جو مفھوم مڪمل ٿي نہ سگهي ها، اهو ئي سبب آهي جو مون اصلوڪا نالا قائم رکيا آهن.
ترجمي ڪرڻ مھل مون کي تمام گهڻين تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو، جھڙوڪ؛ ڪتاب ۾ جملن جوون ترڪيبون تمام ناقص ۽ لنبيون آهن، ٻولي گهرو ۽ جهوني ڪتب آيل آهي، ان کانسواءِ غير مروج محاورا ۽ حرف جملا گهڻا ۽ متروڪ ٿيل فعلن جو انبار ڪم آيل آهي، مذڪورہ دقتن کي پنھنجي ناقص وت آهر منھن ڏيئي رنڊا روڙي هيءُ ڪتاب تيار ڪيو اٿم ۽ اميد اٿم تہ پڙهندڙن کي پسند ايندو آخر ۾ آءٌ سنڌ جي مايہ ناز اديب، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ۽ تعليمي شعبن جي سرواڻ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو دلئون ٿورائتو آهيان، جنھن صاحب مون کي ڪتاب جي ترتيب ۽ سٽاءُ ۾ گهڻي مدد ڪئي آهي. آءٌ پنھنجي استاد محترم محبوب علي چنہ صاحب جن جو پڻ نھايت شڪر گذار آهيان، جن جي بدولت ئي بندہ کي هن ڪتاب جي پيش ڪرڻ جي جرائت ٿي آهي.
هتي آءٌ پنھنجي سعادتمند شاگرد مسٽر ولي محمد کي ڪيئن وساريان، جنھن صاحب جي نقل ڪرائڻ ۾ مون سان ڪافي هٿ ونڊايو آهي.


احمد محمود ميمڻ
هالا نوان

مقدمو

(الف) مصنف جي سوانح حيات

”آليور گولڊ سمٿ“ انگريزي ادبي دنيا جي انھن ممتاز ترين هستين مان آهي، جن انگريزي ادب جي پھلوءَ تي ڪاميابي سان لکيو ۽ پنھنجي قلم جي جنبش سان قوم جي سماجي، ذهني ۽ مذهبي خيالات ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو.

ولادت ۽ اوائلي زندگي:
”آليور گولڊ سمٿ“ آئرلنڊ جي ”راسڪامن“ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سمٿ هل“ ۾ تاريخ 10 نومبر 1728ع ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو ”چارلس گولڊ سمٿ“ هو جو هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس ماءُ ” آئن“ هڪ اسڪول ماستر ”آليور جونس“ جي ڌيءُ هئي.
”چارلس گولڊ سمٿ“ تمام سٻاجهي ۽ وڻندڙ طبعيت وارو هوندو هو، هن پنھنجي ٻارن جي دلين تي پڻ موليَ جي محبت ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جا خيال جاڳايا، جيتوڻيڪ هيءُ تمام غريب هو، تہ بہ جيڪڏهن ڪو واٽھڙو يا غريب ماڻھو کانئس مانيءَ ۽ رهائش جي گهر ڪندو هو تہ هو کيس خالي هٿين نہ ڇڏيندو هو.”آليور“ پڻ پنھنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ بعد ساڳيو طريقو اختيار ڪيو.

تعليم:
”آليور“ کي سندس والدين پھريائين هڪ ٻڍيءَ عورت وٽ (A B C ) پڙهڻ لاءِ موڪليو، جنھن جو چوڻ آهي تہ هن جيڪي بہ ٻار ڏٺا هئا، تن سڀني ۾ ”آليور“ موڳن ۾ موڳو هو. پر ڏسو قدرت جا ڪرشما جي هيءُ ٻارڙو آخر اهڙي تہ ڪڙيءَ تي پھتو، جو ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ ۽ سٽيزن آف دي ورلڊ“ جھڙا بھترين ڪتاب ۽ ”شيءَ سٽوپس ٽہ ڪانڪر ”۽ ” ڊيزرٽيڊ وليج“ جھڙا مشھور نظم لکيائين.
ٿورن مھينن بعد ”آليور“ کي اسڪول ڏانھن موڪليو ويو، پھريائين ڪليسائي حلقي جي ماستر وٽ ۽ پوءِ رفتہ ”ايلفن“ ائٿلون ۽ ايجورٿس شھرن جي اسڪولن ۾ تعليم ورتائين، سندس زندگي تڪليفن سان ڀرپور هئي ۽ پنھنجي اسڪول م نھايت ئي ناخوش هوندو هو، منھن تي ماتا جي نشانن هئڻ ڪري شڪل جو ڪوجهو هو. قد جو پڻ ڇوٽو هو، انھي ڪري سندس هم ڪلاسي کيس گهڻو ڌڪاريندا، ماريندا ۽ ڪٽيندا هئا ۽ مٿانئس ٺٺوليون ڪندا هئا.
سن 1745ع ۾ ”آليور“ ”ڊبلن“ شھر جي ”ٽرنٽي ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو، جنھن جي دروازي اڳيان هن وقت بہ سندس پتلو بيٺل نظر اچي ٿو، سندس پيءُ ڪاليج جي في ڀرڻ کان لاچار هو، انھي ڪري کيس هن شرط تي داخل ڪيو ويو تو هو باغيچي کي ٻھاري ڏيندو ۽ ماني وقت پليٽون وغيره کڻي ڏيندو،
مطلب تہ هڪ اهڙي شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو جو کيس ڪاليج جي في جي گهٽتائي جي عيوض هيٺانھين درجي جا ڪم ڪرڻا پيا، يونيورسٽي ۾ پڻ هن پنھنجا ڏينھن ڏاڍا ڏکيا گذاريا، ڇا ڪاڻ تہ ڪو بہ شاگرد ساڻس تعلق نہ رکندو هو ۽ کيس چڱي نظر سان نہ ڏسندو هو ، تنھن کان سواءِ هيءُ تمام غريب هو ۽ انھي ڪري نھايت پريشان رهندو هو. پنھنجن استادن جي آفرين حاصل ڪرڻ لاءِ بہ هو پاڻ کي هوشيار ثابت نہ ڪري سگهيو، از انسواءِ سندس بي قاعدي عادتن ۽ غير مھذب حرڪتن پڻ کيس يونيورسٽيءَ اختياري سان گهڻو ڪجهہ مقابلي ۾ آندو، انھن خامين سان گڏ منجهنس ڪي خوبيون بہ هيون، جن جي قدرداني ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ هو ڪجهہ وقت لاءِ ”ڪارڪ“ ڏانھن ڀڄي ويو تہ سن 1749ع ۾ هن يونيورسٽي جي بي-اي امتحان جي سند حاصل ڪئي.
يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ ساڳئي سال سندس پيءُ گذاري ويو ۽ ان ڪري هو ڪجهہ وقت پنھنجي ماءُ وٽ رهيو، هن پادري ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ انھي ڪري اهو عرصو پڻ انھي نوڪري جي آرڊر جي انتظار ۾ گذاريائين، پر سندس درخواست رد ٿي ويئي، ان بعد هو ٻھراڙي جي هڪ معزز شخص جي ٻارن جو استاد ٿيو ۽ اهو وقت ڏاڍي خوشي ۾ گذاريائين.
هن پوءِ لنڊن ۾ قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو ۽ پاڻ سان پنجاھہ پائونڊ کڻي اوڏانھن روانو ٿيو، کيس اها پيسا سندس چاچي ڏنا هئا، پر ”ڊبلن“ شھر ۾ پھچندي ئي سڀئي پيسا جوا ۾ هارائي ڇڏيائين. جنھن ڪري اڳتي وڃي نہ سگهيو، آخر سن 1752ع ۾ سندس چاچي کيس وري بہ پيسي جي مدد ڪئي ۽ هو ڳوٺ ڇڏي طب پڙهڻ لاءِ ”ايڊنبرا“ شھر ڏانھن روانو ٿيو.

سيرو سياحت:
آليور ”ايڊنبرا“ ۾ ٻہ سال رهيو، پر سمورو عرصو تعليم پرائڻ کان وڌيڪ تفريح ڪرڻ ۾ گذاريائين، سن 1754ع جي ابتدا ۾ ”هالينڊ“ ڏانھن روانو ٿيو، کيس اميد هئي تہ اتي ڊاڪٽريءَ جي سند حاصل ڪري سگهندو، پر اها سندس اميد پوري نہ ٿي. ڪجهہ وقت کان پوءِ سندس دل ۾ مسافريءَ ۽ سياحت جو شوق پيدا ٿيو ۽ پيرين پنڌ يورپ جي سفر تي روانو ٿيو، ان سفر ۾ برابر کيس ٽي سال لڳي ويا ۽ پھرين فيبروري 1756ع تي ٿورن پيسن ۽ هڪ طب جي سَنَد سان ”ڊوور“ جي بندر تي اچي لٿو.


مشغولي:
سفر تان واپس ورڻ بعد ”آليور“ پنھنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڌنڌا اختيار ڪيائين، پھريائين هڪ دوا فروش جو اسسٽنٽ ٿيو، پوءِ وري حڪيم ٿيو ۽ ڪجهہ وقت اهو ڌنڌو ڪري وري وڃي هڪ ڪتب فروش جو ”پروف ريڊر“[1] ٿيو، ان بعد وري هڪ اسڪول جو نائب ماستر ٿيو، سن 1758ع ۾ هن مضمون ۽ تبصرا لکڻ شروع ڪيائين ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين ساڳئي سال کيس ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هندستان ۾ ڊاڪٽريءَ جي جڳھہ جي آڇ ڪئي پر اها جڳھہ حاصل نہ ٿي سگهيس.
”آليور“ هاڻي نويسيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ سن 1759ع ۾ کيس هڪ هفتيوار رسالي ”دبي“ لاءِ ساري مواد ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، ڪجهہ وقت گذرڻ بعد ”سموليٽ“ جي رسالي ”برٽش مئگزن“ ۽ ٻئي هڪ معياري رسالي”بزي باڊي“ جو باقاعدي مضمون نگار ٿيو، سن 1760ع ۾ هن ”پبلڪ ليجر“ رسالي ۾ پنھنجا مضمون ” هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان سان ڏنا، جي پوءِ سن 1762ع ۾ جمع ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو ويو ۽ سندس نالو ”سٽيزنس آف دي ورلڊ“ رکيو ويو، هيءَ تصنيف ”آليور“ جي نصيب جي ڦيري جو سبب بني.
سن 1761ع ۾ سندس واقفيت ”ڊاڪٽر جانسن“ سان ٿي، جنھن کيس پنھنجي دوستن جي گروھہ ۾ شامل ڪيو ۽ سندس واقفيت ان وقت جي مايہ ناز اديبن سان ڪرائي، ٻن سالن جي عرصي بعد سن 1763ع ۾ جانسن جي اڳواڻي هيٺ جيڪا جماعت ”دي لـٽرري ڪـلـب“ جي نالي سان ٺھي، ان جو هيءُ اوائـلي مـيمبر ٿيـو ۽ مـلـڪ جي وڏن مصنفن مان هڪ ليکجڻ ۾ آيو.
سن 1765ع ۾ هن جو لکيل هڪ ڪتاب ”دي ٽرئولر“ (مسافر) ڇپيو ٻئي سال ڊاڪٽر جانسن“ جي نوازش سان ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ نالي ڪتاب ڇپيو، جنھن جو ترجمو بندہ پيش ڪيو آهي، اها ئي هڪ تصنيف آهي، جنھن کيس دنيا م مشھور ڪيو آهي.، سن 1768ع ۾ هن جي هڪ تصنيف بنام (نيڪ فطرت انسان) ”دي گڊ نيچرڊ مئن“ ڇپي ۽ سن 1770ع ۾ سندس هڪ نظم ”دي ڊيزرٽيڊ وليج“ شايع ٿيو،
گولڊ سمٿ غريب هو يا شاهوڪار، نامعلوم هو يا مشھور مگر سندس خرچ هميشہ آمدني کان زياده هوندو هو، هو فخر سان چوندو هو تہ جيڪو بہ هن خرچ ڪيو ٿي سو سندس قلم جي ڪمائي هو، اهڙيءَ طرح هن پنھنجي تصنيفات جي مدد سان عزت حاصل ڪئي پر رقم تمام قليل ڪمائي.

موت:
پئسي هٿ ڪرڻ لاءِ سخت ڪم ڪرڻ، ۽ بدني ورزش نہ وٺڻ سبب هن جي صحت خراب ٿي پيئي ۽ آخر 4- اپريل 1774ع ۾ 46 ورهين جي عمر ۾ مري ويو، سندس دوستن هن جي يادگار قائم رکڻ لاءِ ”ويسٽ منسٽر آئبي” نالي ديول ۾ هڪ تختي لڳائي، جنھن تي سندس تصوير ۽ جانسن جو جوڙيل ڪتبو اڪريل آهن.


(ب) آليور گولڊ سمٿ جون تصنيفون

1) ”دي بي“ (ماکيءَجي مک) (1759)-1760ع ۾
2) ”دي ڪئپٽوٽي“ (اسيري) 1774ع)
3) ”دي سٽيزنز آف دي ورلڊ“ (دنيا جا شھرواسي) : هن ڪتاب ۾ جملي 123 خط آهن، هيءُ انھن خطن جو مجموعو آهي، جي ”پبلڪ ليجر‎“ اخبار ۾ ايندا هئا ۽ ”چينائي جا خط“ جي عنوان سان 1759ع کان 1762ع تائين شايع ٿيندا رهيا.
4) ” دي ڊيزرٽيڊ وليج“ (ويران ڳوٺ) 1770) هيءُ هڪ بھترين نظم آهي، جنھن وقت انگيز نموني ۾ هي نظم لکيل آهي، تنھن جو مثال انگريزي ادب ۾ تمام ڇڊو ملي ٿو.
5) ”دي ڊبل ٽرانسفارميشن“ 1765ع هي نظم ۾ چيل هڪ آکاڻي آهي.
6) ”دي ايڊ ون آئنڊ ائنجلينا“ 1765ع هيءُ هڪ گيت آهي، جنھن ۾ ”ايڊون ۽ ائنجلينا“ جي عشق جو احوال ڏنل آهن.
7) ” دي ايليجي آن مئڊڊاڳ“ (ڇتي ڪتي تي مرثيہ) 1765ع هيءُ مرثيہ ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
8) ”دي ايسئيز“ 1758ع -1765ع هن ڪتاب ۾ جملي 24 مضمون آهن،
9) ” دي گڊ نيچرڊ مئن“ (نيڪ فطرت وارو انسان 1768ع
10) ”دي هئنچ آف وينزن 1765ع هيءُ هڪ خط آهي،
11) دي هر مٽ“ (راهب) 1765ع: هيءُ هڪ گيت آهي، جو هن ڪتاب ۾ آزاد نظم ۾ ڏنل آهي.ک
12) ”دي هسٽري آف دي ارٿ ائنڊ ائنيميٽڊ نيچر“ 1774ع
13) ” دي لائين آف بالنگ بروڪ“ (بالنبروڪ جي سوانح حياست)
14) ”دي لائين آف رچرڊ ناش“ (رچرڊ ناش جي سوانح حيات ) 1762ع
15) (51) دي لائين آڦ ٽامس پارنپل“ (ٽامس پارنيل جي سوانح حيات 1768ع
16) ” دي لائيف آف واليٽيئر “ (والٽيئر جي سوانح حيات) 1768 .
17) ”پريزنٽ اسٽيٽ آف لٽريچر ان يورپ“ (يورپ ۾ ادب جي موجودہ حالت) 1759ع.
18) ”رٽَليئيشن“(انتقام 1774) هيءُ هڪ نظم آهي.
19) ”شي اسٽوپس ٽو ڪانڪر“ 1773ع .
20) ”دي ٽرولر“ (سياح) 1764ع.
21) ”دي وڪار آف ويڪفيلڊ“ (پرديسي پادري) 1766ع هيءُ ڪتاب ناظرين حضرات جي هٿن ۾ مطالعي لاءِ موجود آهي.


(ج) گولڊ سمٿ جا معاصر ۽ دوست

”گولڊ سمٿ“ هڪ نھايت ئي اعليٰ ۽ خليق طبع جو مالڪ هو، انھيءَ ڪري مفلسيءَ سبب جيتوڻيڪ امير ۽ وڏا ماڻھو سندس دوستي ۾ وڏي تعداد ۾ آيل نہ هئا، تہ بہ سندس صحبت ۾ خوشدل دوستن جو ٽولو هميشہ موجود هو، دوستن بابت پنھنجي موجودہ ڪتاب جي پھرئين باب ۾ چوي ٿو تھ، ”جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نہ هئا، تہ بہ عام طرح اسان جي چوڌاري خوشدل دوستن جو حلقو رهندو هو“ هيءُ پنھنجن دوستن ۾ نھايت ئي پسنديده هو، ڇا ڪاڻ تہ بانسري وڄائي، نظم ٺاهي ۽ ڳائي سگهندو هو ۽ پنھنجي ڪچھري کي پنھنجي ظرافت سان رونقدار ۽ زندھہ رکي سگهندو هو، جيئن تہ زماني جا گهڻائي لاها ۽ چاڙها ڏٺا هئائين، جدا جدا نموني جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۾ آيو هو ۽ گهڻو سير ڪيو هئائين، انھي ڪري سندس واقف ڪارن جو تعداد پڻ ڪافي وڏو هو، ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ سندس واقفيت گهڻن اديبن ۽ شاعرن سان ٿي ۽ انھن جي گروھہ ۾ ئي کيس گذارڻو پوندو هو، مگر سندس خاص تعلقات ”جانسن“ جي جماعت سان رهيا، هن جا چند دوست ۽ معاصر هيٺيان هئا.
1) ”ٿامس پرسي“ (1729-1811) هن صاحب ”آڪسفورڊ“ شھر جي “ڪرائيسٽ چرچ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سن 1782ع ۾ ”ڊرومور“ شھر جو وڏو پادري ٿيو، سن 1765ع ۾ قديم انگريزي نظم تي هڪ ڪتاب ”ريلڪس آف ائنشنٽ انگلش پوئٽري“ نالي لکيائين. ” گولڊ سمٿ“ جي ساڻس نھايت گهڻي محبت هئي ۽ هميشہ سندس عزت ڪندو هو،
2) ”جان نيوبري“: هيءَ صاحب ڪتاب ۽ رسالا ڇپائيندو هو، سندس ”پبلڪ ليجر“ رسالو مقبول هو، ان رسالي ۾ ”گولڊ سمٿ“ جا مضمون خطن جي صورت ۾ ”هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان سان ڇپبا هئا، جي نيٺ گڏ ڪري سال 1762ع ۾ هڪ ڪتاب ”دي سيٽيزنز آف دي ورلڊ“ جي نالي ڇپايو ويو.
3) ”شميول جانسن“ (1709- 1784ع ) هي هڪ ڪتب فروش جو پٽ هو ۽ ”ليچفيلڊ“ شھر ۾ ڄائو هو، هن پنھنجي اوائلي تعليم ”ليچفيلڊ جي گرامر اسڪول ۾ ۽ اعليَ تعليم ”پيمبروڪ ڪاليج“ ۾ ورتي، جڏهن ٻاويھن ورهين جو نوجوان ٿيو، تڏهن سندس پيءُ مري ويو ۽ پنھنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو.
”جانسن“ پنھنجي گذران حاصل ڪرڻ لاءِ مصنفي جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ۽ سن 1735 ”لويو“ جي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيل شعر جو ترجمو هڪ ڪتاب ”وائيج ٽو ائبسينيا“ نالي ڇپايو، مگر گهڻو فائدو ڪو نہ ٿيس.
ساڳئي سال ”مسز ايلزبيٿ پورٽر“ سان شادي ڪيائين ۽ ”ليچفيلڊ“ جي قريب ”ايڊل نالي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪيائين پر ڪامياب نہ ٿيو، ان بعد هن وري بہ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ تمام چڱو نالو ڪڍيائين، سندس ڪيترييون تصنيفون مشھور آهن ”گولڊ سمٿ“ جي هن سان سن 1761ع ۾ واقفيت ٿي، ۽ سندس جماعت جي خاص ميمبرن مان هڪ ٿي پيو.
”جانسن“ کي ”گولڊ سمٿ“ لاءِ دلي محبت هئي ۽ کيس ضرورت وقت مدد ڪندو هو، هڪ دفعي جڏهن ”گولڊ سمٿ“ قرض سبب گرفتار ٿيو، تڏهن هن صاحب 60 پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو، جڏهن ”گولڊ سمٿ“ وفات ڪئي، تڏهن جانسن ئي هو، جنھن سندس دفن ۽ ڪفن جو سمورو خرچ پاڻ تي کنيو، جيتوڻيڪ ”گولڊ سمٿ“ هٿ ڦاڙهو ۽ سندس آخرين ساعتون نا ڪفايت شعاريءَ جي يادگيرين جي بادلن سان اونداهيون ٿيل هيون تہ بہ ”ڊاڪٽر جانسن“ سندس خلاف هڪ لفظ بہ ٻڌڻ پسند نہ ڪندو هو، هو چوندو هو تہ ”اچو تہ سندس اوڻايون ياد نہ ڪريون، هيءُ هڪ تمام اعليٰ انسان هو“
4) ”برڪ“ (1729-1797ع) هن صاحب پنھنجي تعليم ”ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن“ ۾ حاصل ڪئي. سندس پھريان ٻہ ڪتاب هر هڪ ”ونڊيڪشن آف نيچرل سوسائٽي“ ۽ ” فلاسافيڪل انڪوائري ان ٽو دي سبلائيم ائنڊ دي بيوٽيفل“ سال 1756ع ۾ شايع ٿيا، سن 1765ع ۾ هيءُ صاحب پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پھرين تقرير سن 1766ع ۾ آمريڪا جي سوال تي ڪيائين، هو توڙي گورنمينٽ تي تمام سخت اعتراض ڪندو هو ۽ هڪ ڪتاب ”آبزرويشنس آن دي پريزنٽ آف دي نيشن“ جي نالي ڇپايائين . هن صاحب ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب ڇپايا، ۽ ملڪي مکيہ اديبن مان هڪ ليکجڻ ۾ ايندو هو، سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو هن فرينچ انقلاب بنسبت لکيو، سو نھايت گهڻو مقبول ٿيو”برڪ“ ”جانسن“ جي ادبي جماعت“ جي اوائلي ميمبرن مان هڪ هو.
5) ”يوڊ گارڪ“ (1717- 1779ع ) هيءُ ”ايڊل“ ۾ ”جانسن“ جو شاگرد هو ۽ جڏهن جانسن اهو شھر ڇڏي لنڊن ۾ اچي رهيو، تڏهن هيءُ پاڻ ساڻس گڏ لنڊن ۾ آيو، پھريائين هڪ ناٽڪي ڪمپني ۾ اداڪار ٿيو ۽ ”اورونوڪو“ نالي ناٽڪ ۾ حصو ورتائين پر سندس ناماچار”رچرڊ ٽيون“ نالي ناٽڪ ۾ پارٽ وٺڻ سبب وڌيو، هيءُ صاحب ”جانسن“ جي ادبي جماعت جو ميمبر هو،
6) ايڊور ڊگبن“ (1737-1794) هن صاحب پھرين ”ويسٽ منسٽر ديول“ ۽ مئگڊالن“ شھر ۾ تعليم ورتي، مگر ڪجهہ ڪو نہ پرايائين، سورهن سالن جي عمر ۾ ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيائين، سندس پيءُ کيس ”لاسين“ شھر ڏانھن موڪليو، جتي هن ڪئٿولڪ مذهب ڦٽو ڪري پراٽيسٽنٽ مذهب اختيار ڪيو، هن جو اتي ”مئڊم نيڪر“ سان نيھن لڳو، پر سندس پيءُ سان اختلاف ٿيڻ سبب وهانءُ ٽٽي پيو، سن 1758ع ۾ هيءُ صاحب موٽي انگلينڊ ۾ آيو ۽ سن 1764ع ۾ جڏهن اٽلي ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ تصنيف ”دي هسٽري آف دي ڊڪلائين ائنڊ فال آف دي رومن ايمپائر“ لاءِ مسودو جوڙيائين، پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ لنڊن ۾ اچي رهيو، هيءُ صاحب سن 1747ع ۾ پارليامينٽ ۾ گهڙيو، ۽ يڪدم، ”لارڊ نارٿ“ جي طرف ووٽ ڪيائين، ان ووٽ ڏيڻ سبب کيس ”واپار ۽ نئون آبادين جي ڪمشنر“ جو عهدو مليو، سن 1776ع ۾ هن مٿي بيان ڪيل تاريخ جو پھريون جلد شايع ڪيو، سن 1783ع ۾ هيءُ صاحب وري بہ موٽي ”لاسين“ ڏانھن ويو، ۽ اتي سڪونت پذير ٿيو، هن پنھنجيءَ تاريخ جا باقي ٽي جلد سن 1788ع ۾ شايع ڪيا.
7) ”سر جو شوئا رنالڊس“ (1723-1792ع) هيءُ صاحب ”رايل اڪئڊمي آف آرٽس“ جو پھريون پريزيڊنٽ ۽ هڪ وڏو نقاش هو، جانسن برڪ ۽ گولڊ سمٿ سان سندس گهاٽي دوستي هئي ۽ جانسن جي برپا ڪيل ادبي جماعت جي ميمبرن مان هڪ هو. هن انھن ليڪچرن جو هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو، جي ان وقت ”رايل اڪئڊميءَ“ جي شاگردن کي مصوريءَ جي فن جي اصولن تي ڏنا ويندا هئا.


(د) گولڊ سمٿ جي طرز تحرير

گولڊ سمٿ جي گهڻي ۾ گهڻي فضيلت سندس طريقہ تحرير ۾ ئي مضمر آهي، سندس تحرير ۾ اعليٰ درجي جي مستند يوناني ۽ رومي طرز پنھنجي نزاڪت، لطافت، خوش اسلوبيءَ، سليقہ منديءَ خوبيءَ ۽ شان سان نمودار آهي،جا ناقابل اعتراض ۽ سڀ ڪنھن الزام کان پاڪ آهي، گهڻائي مصنف ٿي گذريا آهن، جن پنھنجي تصنيفن ۾ اعليٰ درجي جون لطافتون ۽ نزاڪتون رکيون آهن، مگر شايد ئي ڪو هن جھڙو مصنف ٿيو هجي. جنھن سڀ ڪنھن قسم جي نزاڪتن جو اعليٰ ذخيرو پنھنجي تحرير ۾ ڪم آندو هجي‏.
هن جي تحرير صاف، سيليس ۽ سٿري آهي ۽ موزون وقتن تي زوردار پڻ آهي، سندس بيان، پڙهندڙ جي اکين اڳيان تصوير ڇٽيندڙ آهن ۽ پڙهندڙ هرهڪ واقعي کي پنھنجي اکين اڳيان نقش ٿيل ڏسي سگهي ٿو، سندس خوش طبعي دلچسپ مزيدار ۽ پرمسرت آهي، جيڪي بہ هن لکيو، سنجيدہ، مذهبي خيال سان ڀرپور، خوش طبع يا خوش مزاج، مگر ان ۾ ڪا نہ ڪا لطافت ۽ شائستگي ضرور موجود آهي. اهڙين خاصيتن جي اميد هڪ اهڙي ماڻھوءَ کان رکي نٿي سگهجي، جنھن پنھنجي زندگي چورن، گداگرن، گهومن، ڀنڊن ۽ نقالن سان اهڙن قابل نفرت گند جي چرن ۾ گذاري هجي، جي وڏن شھرن ۾ نفرت جا مرڪز بڻيل هئا.
”گولڊ سمٿ“ جي خيالات جا موضوع عام آهن ۽ سندس احساسات اڪثر طرح ظاهر ۽ پڌرا آهن، سندس پولي رنگين، نفيس ۽ نزاڪت وار واري لباس ۾ ملبوس ٿيل آهي، جھڙيءَ طرح ڪو سفلہ طبع ماڻھو بادشاهي شان و شوڪت ۽ دٻدٻي سان تخت تي براجمان هجي، تھڙي طرح ڪو بہ خسيس موضوع سندس قلم جي ڪمال سان هڪ اعليٰ قسم جي موضوع ڏيکاري ڏئي ٿو.
سندس طرز تي هڪ اعتراض جذباتي امڪانات جي ڪمي جو آهي. رومي ۽ يوناني طريقي تي لکندڙ مصنف، جھڙوڪ: ”جانسن“ ۽ گولڊ سمٿ“ جذباتيت پيدا ڪرڻ وارن بيانن ۾ لاثاني آهن، اهي ڪڏهن بہ اسان جي ذهن کي مطمئن ڪڻ ۾ ناڪام نٿا ٿين، مگر ورلي ڪو اسان جي دل کي اثر انداز ڪن ٿا، انھي ڪري اهو ئي هڪ نقص رومي ۽ يوناني طرز اختيار ڪندڙ مصنفن جي نثر ۾ موجود آهي.
هن ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي، تہ هيءَ هڪ نھايت وڏو مرتبو رکندڙ انسان ۽ وڏي شان شوڪت وارو اديب هو.

(هہ) ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ جي آکاڻي

”ڊاڪٽر پرمروز ويڪفيلڊ“ شھر جي هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس زال ”ڊيبورا“ هڪ اعليٰ پادري خاندان مان هئي، کيس جملي 6 ٻار هئا، وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جنھن کي ”لنڊن“ ۾ اعليٰ تعليم ڏياري ويئي هئي، وڏي ڌيءَ ”اوليويا“ 18 ورهين جي هڪ زنده دل، شگفتہ خاطر ۽ خوش انداز ڇوڪري هئي، سندن ٽيون ٻار، ”صوفيا“ هئي، جا پنھنجي لاءِ ٻين جي دلين ۾ محبت پيدا ڪڻ جي ڪافي قابليت رکندي هئي، سندس ٻئي پٽ ”موزون“ پنھنجي گهر ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، انھي ڪري ڪجهہ موڳو ۽ پنھنجي متعلق ڪجهہ دم هڻندڙ ٿي پيو هو، سندس ٻہ ننڍا ٻار”ڊڪ“ ۽ ”بل“ اڃا پنھنجي ٻالڪپڻي ۾ هئا.
سموري گهر جو واحد گذارو انھن ڏهن هزارن پائونڊن تي هو، جي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي چاچي فوت ٿيڻ وقت ڇڏيا هئا. ديول جي پادريءَ هئڻ ڪري کيس جيڪا رقم وظيفي طور ملندي هئي، سا هو پادي قبيلي جي يتيم ٻارن ۽ بيوھہ عورتن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. هن صاحب کي هڪ شاديءَ واري اصول سان دلي محبت هئي، ۽ ان لاءِ هو دل و جان سان لڙيو. هيءُ ان اصول لاءِ ڄڻ تہ چريو هو، ۽ چاهيائين ٿي تھ، ڪنھن بہ صورت ۾ اهو اصول رائج ڪجي، ۽ ڪوبہ پادري پنھنجي هڪ زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد ٻيءَ زال سان شادي نہ ڪري. هن اصول سبب ”مسٽر ولماٽ“ سان سندس تڪرار ٿي پيو، جنھنڪري سندس پٽ ”جارج“، جو ”ولماٽ“ جي گهران مڱيل هو تنھن جو مڱڻو ٽٽي پيو. ساڳئي وقت تي شھر جو واپاري جنھن وٽ ”مسٽر پرمروز“ جا پئسا ڌراوت طور رکيل هئا، سو ڀڄي ويو، ۽ کيس جيڪو نفعو اُن وٽان ملندو هو، سو بند ٿي ويو. انھيءَ مالي نقصان پھچڻ سبب هيءُ غريب ٿي پيو. ۽ ستر ميلن جي مفاصلي تي پنجويھن پائونڊن جي سالياني وظيفي سان هڪ ننڍڙي ڳوٺاڻي ديول جي پادريءَ جي جڳھہ قبول ڪيائين. اتي هي ڪجهہ ايڪڙ زمين خريد ڪري وڃي رهيو ۽ ”جارج“ کي پئسي ۽ اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ ”لنڊن“ ڏانھن روانو ڪيائين.
رستي تي هڪ غريب مگر شريف الطبع انسان ”مسٽر برچل“ سان سندس ملڻ ٿيو، جنھن ”صوفيا“ کي هڪ نھر ۾ ٻڏڻ کان بچايو.
”ڊاڪٽر پرمروز“ جو ڪٽنب پنھنجي سڪونت گاھہ تي وڃي رهاڪو ٿيو، ان کانپوءِ ”مسٽر برچل“ انھن وٽ اڪثر طرح ملاقاتي تي ايندو هو، ٿوري ئي وقت گذرڻ بعد سندن ڳوٺ جو زميندار ”مسٽر ٿارنھل“ پڻ سندس گهر اچڻ لڳو، هن جلد ئي پنھنجي حسن ۽ دولت جي مد سان ”اوليويا“ جي محبت حاصل ڪري ورتي ۽ ”اوليويا“ پڻ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي.
”ٿارنھل“ هڪ دلير عاشق هو ۽ وقتا وفتا سندن گهر ايندو هو، هن ”اوليويا“ جي والدين اڳيان پڻ پنھنجي عشق کي ڪو نہ لڪايو، ”اوليويا“ خود عشق ۾ ٽمٽار هئي ۽ سندس ماءُ کيس محبت ۾ ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهڻائي جتن ڪيا.
هڪ ڏينھن زميندار ٻن شھري عورتن سان گڏ سندن گهر آيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو تہ اوليويا“ ۽ ”صوفيا“ کي شائستہ بڻجڻ لاءِ ڪجهہ وقت شھر ۾ رهڻ گهرجي، خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ”موزز“ کي ويجھڙائي ۾ لڳندڙ ميلي تي گهوڙي وڪڻڻ لاءِ موڪليو ويو، هي ميلي تي پھتو ۽ گهوڙو وڪڻي پئسا کڻي جيئن ٻئي گهوڙي جي ڳولا ۾ هلندو رهيو، تئين هڪ زبردست دوکي باز ”مسٽر جينڪنسن“ جي ور چڙهي ويو، هن کيس هڪ ٽامي جي ٻانھين سان جڙتو ساين عينڪن جو وڏو تعداد ڏيئي کانئس سڀئي پئسا ڦري ورتا، انھي سبب ٻئي دفعي خود ”ڊاڪٽر پرمروز“ باقي گهوڙي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ميلي تي ويو، گهوڙي ۾ ڪيترائي عيب هئا، ۽ جيڪو بہ خريدار آيو ٿي، سو انھي تي کلي ٺٺوليون ڪري هليو ٿي ويو، ڪجهہ وقت گذرڻ بعد کيس هڪ پادري گڏيو، جو هڪ ڪلال خاني ۾ شراب چڪي پيڻ ۽ تفريح وٺڻ لاءِ وٺي ويس، اتي هيءُ هڪ بزرگ سان مليو، ان سان سندس گفتگو ٿي، ان بزرگ جي گفتگو سندس دل تي تمام گهڻو اثر ڪيو، هن بزرگ گهوڙو خريد ڪيو، پر جيئن ٽيھن پائونڊن جو نوٽ مٽجي نہ سگهيو، انھي ڪري کيس سندس پاڙيسري ”فلمبرو“ جي نالي در سني هنڊي لکي ڏنائين. جڏهن ”پرمروز“ موٽي پنھنجي ڳوٺ آيو، تڏهن پھريائين پنھنجي پاڙيسري وٽ ويو، مگر معلوم ٿيس تہ کيس دوکو ڏنو ويو هو، انھي وچ ۾ ”مسٽر برچل“ ۽ ”پرمروز“ جي ڪٽنب جي وچ ۾ غلط فھمي سبب نفاق پيدا ٿيو ۽ ”مسٽر برچل“ ”صوفيا“ جي ملاقات لاءِ اچڻ بند ڪري ڇڏيو. جلدي ”پرمروز“ جي ڪٽنب لاءِ نھايت سخت بدبختي پيدا ٿي، ”ٿارنھل“ ”اوليويا“ کي ڀچائي ويو، ۽ ”پرمروز“ کيس ڳولڻ لاءِ روانو ٿيو، جڏهن ڳولي لھڻ ۾ ناڪام ٿي واپس ٿي وريو، تڏهن موٽ تي ڪنھن ناٽڪي ڪمپني جي هڪ اداڪار سان ملڻ ٿيو، هو ان سان گڏجي رستي جي ڀر واري ڳوٺ اچي پھتو، جتي ”مس ولماٽ“ ۽ ”مسٽر ولماٽ“ رهندا هئا، ”ڊاڪٽر پروز“ ”مس ولماٽ“ سان گڏجي ناٽڪ ڏسڻ ويو، سندس حيرت جي حد نہ رهي، جڏهن ڏٺائين تہ ”جارج“ ناٽڪ ۾ هڪ اداڪار جو پارٽ ادا ڪري رهيو هوو، ”پرمروز“ نڪي ”جارج“ کي نڪي ”مس ولماٽ“ کي ”اوليويا“ جي نڪري وڃڻ جي احوال کان واقف ڪيو، ”مس ولماٽ“ اڃا تائين ”جارج“ سان محبت ۾ ڦاٿل هئي، مگر ڪيتريون معاشرتي ڳالھيون سنددن وچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ هيون، ”جارج“ کين پنھنجي سموري ڪھاڻي ٻڌائي تہ جڏهن هيءِ لنڊن پھتو، تڏهن مصنف ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر ڪو بہ ماڻھو سندس تصنيف کي نڪي پڙهندو هو ۽ نڪي ڪا تحسين ئي ڏيندو هو ۽ سندس دوست پڻ کيس ڇڏي ويا، ان کانپوءِ هي يورپ ويو ۽ هڪ غريب رولوءَ ڀنڊ وانگر جدا جدا ملڪن ۾ رليو.
اڃا ”پرمروز“ ”جارج“ ۽ ”مس ولماٽ“ پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي تہ ”مسٽر ٿارنھل“ پڻ اتي اچي سھڙيو،. هن ”جارج“ کي ٻاهرين ملڪ ڏانھن وڃڻ خاطر پئسا اڌارا ڏنا. ”جارج“ روانو ٿيو ۽ ”پرمروز“ واپس گهر ڏانھن راهي ٿيو، رستي تي هيءُ هڪ ڪلال خاني ۾ ٽڪي پيو، جتي ”اوليويا،“ سان سندس ملڻ ويو، ”اوليويا“ کيس ٻڌايو تہ کيس ”مسٽر ٿارنھل“ ڀڄائي ويو هو ۽ مصنوعي شادي ڪرڻ بعد ٻہ هفتا کن گڏ رهي، پوءِ کيس ڇڏي ڏنائين.
”ڊاڪٽر پرمروز“ ”اوليويا“ کي پنھنجي گهر وٺي ويو ۽ کيس تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر سموري ڪوشش اجائي ويئي.
زميندار ”ٿارنھل“ جو ”مسٽر پرمروز“ کي پئسن اڌاري ڏيڻ جو سبب دوکو ڏيڻ هو، هڪ پاسي سندن خيال هو تہ ائين ڪرڻ سان ”جارج“ کي ميدان مان ڪڍي، ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪريان، ۽ ٻئي طرف سندس خيال هو تہ پادري سندس دٻاءَ هيٺ هجي، ”جارج“ جي وڃڻ کانپوءِ ”ٿارنھل“ پنھنجي مقصد کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي. هن ”ڊاڪٽر پرمروز“ تي زور رکيو تہ هو کيس ”مس ولماٽ سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، مگر هن ائين نہ ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ سندس چوڻ هو تہ ”اوليويا“ سندس قانوني شادي شدہ زال هئي ۽ هڪڙي زال جي جيئري ٻيءَ سان شادي ڪرڻ غير قانوني آهي، ”مسٽر ٿارنھل ‎“ کي ان تان مٺيان لڳي ۽ کيس قرض جي ادائگي نہ ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيل ڏانھن موڪليائين.
هاڻي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جو سڄو ڪٽنب لڏي اچي انھي ڳوٺ ۾ رهيو، جتي جيل هو، جيل ۾ سندس ملاقات فريبي، ”جينڪنسن“ سان ٿي، جو هاڻي سندس هڪ سٺو مدد گار ثابت ٿي پيو. ”جينڪنسن“ پنھنجي سموري ڪھاڻي کيس ٻڌائي تہ پاڻ ابتدا کان وٺي تمام هوشيار ليکيو ويندو هو، جيڪي بہ هي چوندو هو ۽ جيڪي ڪندو هو، ان تي ماڻھو اعتبار نہ ڪندا هئا، انھي ڪري پنھنجي بچاءِ خاطر کيس دوکيباز ٿيڻو پيو، هن پنھنجي بستري جو گهڻو حصو ”ڊاڪٽر“ کي ڏنو، جڏهن ڊاڪٽر قيدين جي اخلاق کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، تڏهن هيءَ ساڻس ساٿي ٿي بيٺو.
هڪ ڏينھن پادري کي ٻڌايو ويو تہ ”اوليويا“ مري ويئي آهي، هن احوال سندس دل کي زبردست صدمو پھچايو، ”مسٽر جينڪنسن“ ۽ پنھنجي زال جي زور آڻڻ تي هن هڪ خط “مسٽر ٿارنھل“ ڏانھن معافي لاءِ لکيو ۽ کيس اجازت ڏني تہ هو ڀلي ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪري، ”ٿارنھل “ جواب ڏنو تہ وقت گذري چڪو آهي ۽ هن وقت صلح ٿي نٿو سگهي، ستت معلوم ٿيو تہ سندس ڌيءَ ”صوفيا “ کي پڻ ڪو بدمعاش کڻي ويو، اڃا ڪٽنب ”صوفيا جي کڄي وڃڻ تي ماتم ڪري رهيو هو تہ ٻي صميبت اچي مٿانئن نازل ٿي ”جارج “ رت ۾ ڳاڙهو ٿيل، قيدي جي صورت ۾ وٽن پھتو، پڇا ڪرڻ تي هن چيو، ”جڏهن مون کي“ ”مسٽر ٿارنھل“ جي ڪيل ظلمن جي احوال بنسبت پنھنجي ماءُ کان خط پھتو تڏهن مون پنھنجي والدين جي مٿان ٿيل ظمن جي بدلي وٺڻ خاطر، ”مسٽر ٿارنھل“ کي چئلينج موڪليو، هن منھنجي للڪار جو جواب بسر خود نہ ڏنو، مگر پنھنجا چار ماڻھو موڪليائين، جن مون کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو، جيئن تہ پھريائين مون چئلينج ڏنو هو، انھي ڪري آءٌ بي ڏوهي نہ آهيان ۽ مون کي معافي پڻ ملي نٿي سگهي“
حالتون هاڻي وڌيڪ تاريڪ نظر اچڻ لڳيون، ”اوليويا“ مري ويئي هئي، ”صوفيا“ زوري کڄي ويئي هئي. ”جارج“ خون جي مقدمي ۾ ڦاٿل هو، سڄو ڪٽنب مسڪيني ۾ مبتلا هو ۽ ”ڊاڪٽر پرمروز“ جيل ۾ هو، ڪجهہ وقت بعد ”موزز“ ڊوڙندو آيو، ۽ کين ٻڌايائين تہ ”صوفيا“ ”مسٽر برچل“ سان گڏ اچي رهي آهي، اهو جلدي معلوم ٿي ويو تہ ”مسٽر برچل“ هن کي بچايو هو.
”صوفيا“ کين ان ماڻھو جون جملي نشانيون ٻڌايون، جيڪي کيس کڻي ويو هو، انھي احوال ملڻ تي ”مسٽر جينڪنسن“ کيس سڃاتو ۽ ”سر وليم ٿارنھل“ (جو هن وقت تائين ”مسٽر برچل“ جي لباس ۾ هو) ”زميندار ٿارنھل“ پڻ اتي آيو ۽ پاڻ کي بي گناھہ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنائين، انھي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ بئڪسٽر“ سان گڏ آيو، ”بئسڪسٽر“ قبول ڪيو تہ هو زميندار جي حڪم موجب صوفيا کي کڻڻ لاءِ آيو هو، “سر وليم“ حڪم ڪيو تہ ”جارج“ کي آزاد ڪيو وڃي، ”جينڪنسن“ هڪ لکيل شاهدي پيش ڪئي، تہ ”اوليويا“ ”ٿارنھل“ جي سچي پچي زال هئي، ”مس ولماٽ“ پڻ اچي ويئي هئي. جو هوءَ ٻئي ڏينھن تي ”مسٽر ٿارنھل“ سان پرڻجڻي هئي. زميندار جي سموري بدمعاشي پڌري ٿي پيئي ۽ هن ”جارج“ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ”اوليويا“ پڻ اتي حاضر ٿي، جنھن تي پادري کي تمام گهڻو تعجب لڳو ۽ سدنس دل ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿي، ائين ڏٺو ويو تہ ”جينڪنسن“ پادري کي ”اوليويا“ جي فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر فقط هن مراد سان ٻڌائي هئي. تہ هيءُ ”مسٽر ٿارنھل“ کي معافيءَ لاءِ خط لکڻ تي مجبور ٿئي.
هن وقت سڀني جي چھرن تي خوشي ڇائنجي وئي هئي. فقط ”مسٽر ٿارنھل“ ئي هو جو اداس بيٺو هو. هو پنھنجي چاچي جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪي رحم لاءِ التجا ڪري رهيو هو، ”مسٽر وليم ٿارنھل“ ساڻس فقط سندس گذران جيترن پئسن ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ۽ پڌرو ڪيو تہ زميندار جي ملڪيت جو ٽيون حصو ”اوليا“ جو ٿيندو. ڊاڪٽر پرمروز سڄي ڪٽنب جي وري خوش ٿيڻ تي خدا جو شڪريو بجا آندو. جلدي ڀڄي ويل واپاري جي هٿ اچڻ ۽ سندن ڏهن هزارن پائونڊن جي واپس ملڻ جو احوال پھتو. ”صوفيا“ کي ”سر وليم“ سان پرڻايو ويو ۽ ”مس ولماٽ“ کي ”جارج“ سان. هاڻي سڀ ڪنھن طرف خوشي ۽ مسڪراهٽ ڦھلجي ويئي ۽ سڀئي تمام خوش ٿيا.


(و) ”وڪار آف ويڪيفلڊ“ ڪتاب جي تصنيف ۽ اشاعت

هيءُ ترجمو ڪيل ڪتاب جيڪو ناظرين ڪرام ملاحظ ڪري رهيا آهن. ان جي اصل انگريزي ڪتاب، ”وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جي تصنيف جي خاطري واري تاريخ ڏيئي نٿي سگهجي. پر سمجهي ٿو تہ ”گولڊ سمٿ“ ان جي لکڻ جي شروعات 1761ع ڌاري ڪئي هئي، سن 1762ع ۾ جڏهن هيءُ لنڊن ۾ اهڙين حالتن ۾ پنھنجي زندگي بسر ڪري رهيو هو، جيڪي سندس لاءِ اوکيون ۽ تڪليف واريون هيون. تڏهن ان کي لکي ختم ڪيائين. ان کانپوءِ جلدي هو پنھنجي اڍنگي هلت ۽ اجاين خرچن سبب جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي مسواڙ پھچائي نہ سگهيو ۽ ان مائيءَ جي درخواست تي کيس گرفتار ڪيو ويو، مٿئين حالت ۾ هن يڪدم پنھنجي دوست ”ڊاڪٽر جانسن“ کي مدد لاءِ پيغام موڪليو. جانسن تڪڙو ئي تڪڙو سندس گهر پھتو ۽ سٺ پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. انھي وقت گولڊ سمٿ کيس مذڪورہ ڪتاب جو هٿ اکري نسخو ڏنو. ڊاڪٽر هڪ ئي نگاھہ سان ڏٺو تہ اها هڪ اعليٰ تصنيف هئي. هن اهو ڪتاب ”گولڊ سمٿ“ وٽان کنيو ۽ هڪ پبلشر “مسٽر نيريءَ“ کي سٺ پائونڊن ۾ وڪڻي پنھنجو قرض وصول ڪيو. هن روئداد جي تاريخ جي بہ پڪي خبر نہ آهي، مگر ”پروفيسر مئسن“ جي راءِ موجب اها سن 1764ع جي پڇاڙي هئي.
مسٽر نيوبريءَ مارچ 1766ع ۾ هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپايو ۽ سندس قيمت ڇھہ شلنگ رکي، ساڳئي سال مئي مھيني ۾ ٻيو ۽ آگسٽ ۾ ٽيون دفعو ڇپايو ويو، ان کان پوءِ هن جو وڪرو گهٽجي ويو ۽ سن 1771ع تائين چوٿون ڇاپو شايع ٿيو، سندس چوٿون ڇاپو آهستي آهستي نيڪال ٿيو ۽ پنجون 1775ع ۾ ۽ ڇهون مصنف جي مرڻ کان پنج سال پوءِ هن 177ع ۾ شايع ٿيو، ”گولڊ سمٿ“ جي حياتيءَ ۾ ئي هن ڪتاب جا ڪيترا ترجما ٿي ويا هئا ۽ سندس شھرت ٻاهرين ملڪن ڏانھن پکڙجڻ لڳي.
سن 1786ع تائين هن ڪتاب جون گهٽ ۾ گهٽ 94 انگريزي اشاعتون ٿي چڪيون هيون ۽ جيڪو تعداد از ڪتاب بابت تاريخ کان وٺي اڄ تائين ڇپجي چڪو آهي، سو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهي.

(ز) ڪتاب بابت

اصل ڪتاب 32 بابن ۾ ورهايل آهي، هرهڪ باب کي جدا جدا عنوان ڏنل آهي، جو سڄي باب جو حاصل مقصد نظر اچي ٿو، ۽ هڪ نصيحت يا اصطلاح يا هڪ قول جي ڏيکاري ڏئي ٿي.
ائين برابر آهي تہ ڪن جاين تي آکاڻي رڪجي وڃي ٿي ۽ اهي ڳالھيون وچ ۾ اچي پون ٿيون، جي آکاڻي کي اڳتي هلڻ نٿيون ڏين، پر ساڳئي وقت اهي آکاڻيءَ جي متن سان لاڳاپو رکندڙ آهن، اهڙين جاين تي مصنف پنھنجا خيال ۽ ارادا نھايت خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪري ٿو، عيسائي مذهب، سياست، ادبي رجحان ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي بحث ڪري، پنھنجي خيال کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انھي ڪري ائين چوڻ غلط نہ ٿيندو ، تہ هيءُ ڪتاب نہ فقط اسان کي هڪ عشقيہ قصو ٻڌائي ٿو، مگر ان سان گڏ ڪيتريون نصيحتون ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ هدايون پڻ ڪري ٿو.
پھريان باب اسان کي مکيہ اداڪارن جي شخصيت، سندن طبعيت ۽ عشق جي آغاز کان واقف ڪن ٿا، ان کان پويان اهي باب آهن، جيڪي عشق جي اوج تي رسڻ بابت احوال ڏين ٿا، ٽئين نمبر ۾ اهي باب آهن، جي ڏيکارين ٿا تہ ظالم زميندار پنھنجي عشق کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪھڙا ڪڌا ڪرتوت اختيار ڪري ٿو، چوٿين منزل تي اسين ڏسون ٿا تہ پادري جيڪو پنھنجي اصول ۽ ايمان تي پختو رهي ٿو، ان جي ڪٽنب تي ڪيتريون نہ مصيبتون اچي ڪڙڪن ٿيون، پنجين حصي ۾ ”سر وليم“ ”ٿارنھل“ جي نوازش سان سمورو مونجهارو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ ظالم زميندار جي بيھودگين جي سزا کيس ملي ٿي، سرليم جي شادي، صوفيا سان ۽ ”جارج“ جي مس ولماٽ سان ٿئي ٿي ۽ سڄي ڪٽنب تان مصيبتون لھي وڃن ٿيون.
آکاڻي سان لڳو لڳ، مصنف، ڪتاب ۾ ڪيترن اهم مسئلن ۽ملڪي حالات تي ڪافي تبصرو ڪيو آهي. ملڪ جي سياسي حالات تي دل کولي پنھنجا رايا ڏئي ٿو، باب 18 ۾ سمورو ذڪر ان باري ۾ آهي، سندس خيال آهي تہ ملڪ ۾ صرف شاهوڪار ماڻھو آزادي جا خواهشمند آهن، مگر غريب ماڻھو بادشاهي راڄ ۾ خوش و خرم آهن، شاهوڪارن جي ٽڪرن تي پلجندڙ انسان شاهوڪار مربين جي نوازش حاصل ڪرڻ لاءِ سواءِ ڪنھن سوچ ويچار جي آزادي ۽ خودمختياري جو نعرو بلند ڪن ٿا، مگر ائين نٿا سمجهن، تہ اهو نعرو خود سندن آزادي کي نقصان پھچائيندو.
اديبن ۽ ادبي طرز تحرير تي تبصرو ڪندي، هيءُ صاحب، جارج جي واتان چوائي ٿو تہ کيس سندس سئوٽ ٻڌايو تہ اهڙا موڳا ۽ ڪند فھم ماڻھو، جي جيڪڏهن موچيءَ جي گهر ڄمن ها تہ بہ ساري ڄمار هوند صرف جتيون ڳنڍين ها، مگر نيون هر گز بڻائي نہ سگهن ها، سي بہ هن وقت مصنفيءَ جي ڌنڌي ۾ ڪمائي آسودگي سان زندگي پيا گذارين.
ان وقت جي نظم بابت پنھنجا خيال پيش ڪندي چوي ٿو تہ انگريزي نظم، رومين جي آخرين دور واري نظم جو نقل آهي، شاعرن پنھنجي شعر ۾ صفتن جو تمام گهڻو انداز ڪم ۾ آڻي، ان کي بارگير بنائي ڇڏيو آهي. مرثيہ گو شاعرن کي بہ ڪو سنئون سڌو عنوان نظم لاءِ ڪو نہ ٿو ملي. انھي ڪري هو هر ڪنھن خسيس واقعي کي پنھنجي نظم ۾ آڻين ٿا، ان لاءِ دليل ڏئي ٿو تہ جيڪڏهن ڪا حسين عورت پنھنجي ونجڻي يا ڪا اهڙي خسيس شيءِ وڃائي ٿي تہ شاعر پنھنجي گهر ڊوڙي وڃي ٿو ۽ ان واقعي کي پنھنجي شعر ۾ آڻي ٿو.
ملڪ جي ماڻھن جي مزاج تي تبصرو ڪندي ٻڌائي ٿو تہ ماڻھن کي انھي ڳالھہ موهي وڌو آهي تہ پنھنجي صحبت صرف وڏي درجي وارن ماڻھن سان رکن، مگر اها ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي ڪا نہ ٿي اچي تہ ائين ڪرڻ سان هو نہ فقط انھن ما ڻھن وٽ ذليل ٿيندا، مگر اهي غريب جن سان هو پنھنجا تعلقات ٽوڙيندا، سي پڻ کين ڌڪاريندا، ازانسواءِ ناٽڪ يا نظم، بنسبت سندن مذاج پڻ گهڻا فرسودہ آهن، هو ناتڪ ۾ صرف وندر لاءِ وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪو بہ ناٽڪ “جانسن“ يا ”شيڪسپيئر“ جو جوڙيل ڏسن ٿا، تڏهن ڏاڍا خوش ٿين ٿا، ناٽڪ جي آکاڻيءَ يا خوبيءَ سان سندن ڪو بہ واسطو ڪونھي، پر سندن مطلب صرف انھن جذباتن سان آهي، جي هو منجهن جاڳائي ٿو.
هيءُ گهرو ادب جو پھريون شاهوڪار ناول آهي، هن ۾ ڪيترائي خيال موجود آهن، جن مان جيڪر نئون ادب روپ وٺي، هن ۾ تبصري، ماضي بنسبت، فراست، شعور ۽ تصور جا رجحان پڻ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ روحاني فيض پنھنجي نزاڪت، جذبي، خود ضابطگيءَ ۽ استقلال جي سڀني عنصرن سان نمايان آهي، ڪتاب جي ٻولي کري ۽ دلچسپ معلوم ٿئي ٿي، انھي هوندي بہ ان زماني جي مروج فعلن جو گهڻو انداز سمائيندڙ آهي ۽ ان جو رستو علم بيان جي قانون بنسبت سنجيدگي ءَ کان محروم ٿيل آهي.
ان ۾ شڪ نہ آهي تہ ”وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جو سٽاءُ لاڳيتن اتفاقن ۽ ناممڪن ڳالھين سبب شايد اڻوڻندڙ ڏسڻ ۾ اچي، مگر باريڪ بيني جي فراست، بااصول قوت حيات ۽ اداڪارن جي ايمانداري کيس هميشہ لاءِ مقبول بڻائيندڙ آهن، حقيقت ۾ اها اداڪارن جي اندروني حقيقت، مقصد ۽ عمل ئي آهن، جي پڙهندڙ کي دائمي خوشي ڏين ٿا ۽ جي ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ کي ڳوٺاڻي زندگي متعلق تصنيف ڪيل ناولن ۾ اعليَ ۽ اهم جڳھہ ڏين ٿا.
”مئڪاولي“ شڪايت ڪئي آهي تہ هن جي آکاڻي انھن آکاڻين مان هڪ آهي، جيڪي بدترين نموني ۾ تيار ڪيون ويون آهن، هن جو اهو چوڻ آهي تہ ”آکاڻي جو آخرين حصو منڍ واري حصي کان گهڻو گهٽ ترتيب ڏنل آهي، جيئن اسين مصيبتن جي احوال کي ويجها پوندا وڃون ٿا، تيئن بيھودگي وڌندي وڃي ٿي ۽ دلچسپي جا واقعات گهٽ ٿيندا وڃن ٿا، ناول جي سٽاءَ تي اهڙِ نڪتہ چيني کڻي موزون هجي بہ پر ”گولڊ سمٿ“ جي هر گز اها مرضي نہ هئي تہ سندس ڪتاب جو ڪو حصو غير دلچسپ ٿئي، سچ پچ تہ هي پاڻ بہ ڪتاب جي اوڻاين کان با خبر هو ۽ جيڪڏهن سندس گهر جي مالڪياڻي جي سخت هلت ۽ سندس دوست ”جانسن“ جي تڪڙ نہ هجي ها تہ خاطري آهي تہ هيءُ صاحب ڪتاب تي وري بہ نظر ثاني ڪري ها ۽ آکاڻي کان سھڻي ترتيب ڏئي ها.
ڪتاب ۾ کڻي ڪھڙا جهول هجن، مگر اهو قبول ڪرڻو پوندو تہ انگريزي ادب جي ننڍن شاهڪارن ۾ هيءُ وڏي اهميت رکي ٿو، ”واشنگٽن“ آئرونگ“ چوي ٿو تہ هن ڪتاب هر هنڌ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. ”ٿئڪري “ جي چوڻ موجب هن ڪتاب جي مصنف يورپ جي هر ڪنھن قلعي ۽ مڙهي ۾ بازيابي حاصل ڪئي آهي، ”گوئٽي“ پڌرو ڪيو آهي تہ هيءُ انھن بھترين ناولن مان هڪ آهي، جي هر ڪنھن طبع لاءِ لکيا ويا آهن، مٿين سبب ڪري اسين پڻ هن ڪتاب جي مصنف کي نہ صرف سندس ادبي قابليت تي تحسين ڏيون ٿا، مگر سندس دل جي نيڪي ۽ مزاج جي پڻ تعريف ڪريون ٿا.

اظھار

هن تصنيف ۾ سوين نقص آهن ۽ انھن جي خوبين جي ثابت ڪرڻ جي ضمن ۾ سوين ڳالھيون ٻڌائي سگهجن ٿيون، مگر اهو غير ضروري آهي، هڪ ڪتاب بيشمار غلطين سان دلچسپ ٿي سگهي ٿو، يا ڪنھن بہ هڪ نقص کانسواءِ بہ خشڪ ٿي سگهي ٿو، هن ڪتاب جو سورمو پاڻ ۾ مکيہ ٽي ڪردار سمائي ٿو، هي پادري آهي، ڪاشتڪار آهي ۽ خاندان جو سرواڻ آهي، هو سيکارڻ لاءِ اهڙو تيار آهي، جھڙو اطاعت لاءِ ۽ جھڙو آسودگيءَ ۾ آهي، تھڙو شاندار غريبيءَ ۾ هن شاهوڪاريءَ ۽ ترقي واري دور ۾ اهڙو اداڪار ڪير ٿي سگهندو؟ آهي، جي اعليٰ زندگي جا شوقين آهن سي هن جي ڳوٺاڻي جي رهڻي ڪھڻي جي سادگي کان ڌڪار سان منھن موڙيندا، اهي جي گارگند کي غلطيءَ وچان چرچو ڪري تصور ڪن ٿا، سي سندس بي ضرر گفتگو ۾ ظرافت نہ ڳولي سگهندا ۽ اهي جن کي مذهب تي ٺٺولي ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، سي هڪ اهڙي ماڻھو تي کلندا، جنھن جي تسلي جا خاص سامان مستقبل مان ئي مھيا ڪيا وڃن ٿا.

آليور گولڊ سمٿ

باب پھريون: ”ويڪفيلڊ“[1] شھر جي هڪ خاندان جو بيان

آءٌ هميشہ انھيءَ راءِ جو هئس تہ اهو انسان جنھن شادي ڪئي، ۽ پنھنجي وڏي ڪٽنب کي پاليو، تنھن ان ماڻھوءَ کان وڌيڪ خدمت ادا ڪئي، جنھن پنھنجي حياتي اڪيلائيءَ ۾ گذاري ۽ صرف آدمشماريءَ بابت گفتگو ڪئي، اهو اصول دل ۾ ڌريندي، منھنجي پادري ٿيڻ کان هڪ سال اڳ مون شاديءَ بابت خيال سان سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ ان زال جي چونڊ ڪئي هئم، جنھن پنھنجي شاديءَ جو لباس محض نمائشي ۽ ظاهري سينگار جي واسطي نہ پھريو هو، بلڪ انصاف ڪبو تہ هوءَ هڪ سٺو سڀاءُ رکندڙ نالي واري عورت هئي، تربيت ۽ پرورش جي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو تہ تمام ڪي ٿوريون ڳوٺاڻيون عورتون کانئس گوءِ کڻي ٿي سگهيون. اها پڻ هڪ حقيقت آهي تہ هوءَ ڪو بہ انگريزي ڪتاب گهڻي هجي، کان سواءِ پڙهي ٿي سگهي، آچار ۽ مرغي ٺاهڻ، شين کي حفاظت سان سانڍي رکڻ ۽ رڌ پچاءُ جي هنر ۾ ڪا بہ عورت کانئس ڪثر کڻي نٿي سگهي. کيس اهو پڻ فخر هو تہ خانہ داريءَ ۾ هوءَ بھترين ڄاڻ رکندڙ هئي، حالانڪ سندس سڀني هنري قابليتن هوندي بہ آءٌ ڪڏهن بہ نہ سنبران تہ اسين ڪو شاهوڪار ٿياسون.
انھن سڀني ڳالھين هوندي بہ اسين هڪ ٻئي کي دلي پيار ڪندا هئاسون ۽ جيئن عمر جون منزلون طئي ڪندا ٿي وياسون، تيئن اسان جو پيار وڌندو ويجهندو ٿي ويو، سچ پچ تہ ڪابہ اهڙي ڳالھہ ڪا نہ هئي، جا اسان کي هڪ ٻئي سان ڪاوڙائي سگهي. اسان کي هڪ سھڻو ۽ سلوڻو گهر هو، جو ٻاجهہ ڀري ٻھراڙي پاسي پيار ڀري پاڙي ۾ واقع هو. سڄو سال اخلاقي يا ٻھراڙيءَ جي وندرن، سرمائيدار پاڙيسرين جي ملاقاتن ۽ غريب جي مدد ڪرڻ ۾ گذري ويندو هو، انقلابن جو اسان کي خوف نہ هو، نڪي ڪي ٿڪائيندڙ ڪم هئا، جن کي برداشت ڪرڻو ٿو پيو، اسان جون سڀ سر گذشتون گهر پاسي هيون ۽ اسان جي چرپر صرف هڪ ڪوٺيءَ کان ٻي ڪوٺيءِ تائين محدود هئي اسين رستي جي ڀر تي رهندا هئا سون، جتي ڪيترائي مسافر ۽ اجنبي ماڻھو خارتوت مان تيار ڪيل اسان جي مشھور شراب جي ذائقي وٺڻ لاءِ اسان وٽ ايندا هئا ۽ آءٌ هڪ تاريخ نويس جي صداقت سان چوان ٿو تہ مون ڪنھن بہ صاحب کي ان شراب مان وڏ ڪڍندي نہ ڏٺو، اسان جا سئوٽ جي ”اٺين پيڙهيءَ ماڪوڙو ماسات“ جي مصداق وانگر هئا، ۽ جن کي نسلن جي داخلا رکڻ واري دفتر جي مدد کانسواءِ اسان واري عزازت جي يادگيري هئي، سي اسان سان ملاقات لاءِ اڪثر ايندا هئا، انھن مان ڪن اسان جي گهڻي عزت افزائي نٿي ڪئي‏، ڇا ڪاڻ تہ منجهن ڪي انڌا، پنگلا ۽ لولا لونگڙا هئا، پر منھنجي زال زور رکندي هئي تہ جيئن تہ اهي ساڳئي نسل جا آهن، تنھن ڪري انھن کي پڻ اسان سان گڏجي ساڳئي دستر خاني تي ماني کائڻ گهرجي، انھن سببن جي ڪري جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نہ هئا تہ بہ عام طرح اسان جي چوڌاري هميشہ خوشدل دوستن جو حلقو هوندو هو، ڇا ڪاڻ تہ هي رايو واقعي باوقار آهي، ”جيئن مھمان غريب تيئن هو خدمت ڪرڻ سان دائمي وڌيڪ خوش“. جيئن ماڻھو لالھ جي گل جي رنگن يا پوپٽ جي پرن ڏانھن پسندي سان گهور ڪري نھاريندا آهن، تيئن آءٌ پنھنجي فطرت موجب انسان جي خوشنما چھرن جو ثناخوان هئس. انھي هوندي بہ جڏهن اسان جي مائٽن مان ڪوبہ ماڻھو بداخلاق ڏٺو ويندو هو، يا تڪليف ڏيندڙ مھمان هوندو هو تہ يا اهڙو هوندو هو، جنھن مان پَلو آجا ڪرڻ چاهيندا هئا سون تہ اسان جي گهر ڇڏڻ وقت آءٌ هن کي سواريءَ جو ڪوٽ، يا بوٽن جو جوڙو، يا ڪن وقتن تي ٿوريءَ قيمت وارو گهوڙو اڌاري طور ڏيندو هوس، ۽ مان هن معلوم ڪرڻ تي راضي هوس تہ هو انھن شين کي موٽائڻ لاءِ وري ڪو نہ ايندو. انھي طريقي سان انھن ماڻھن کان جن کي اسين پسند نہ ڪندا هئا سون، گهر آجو ٿيندو هو، پر ”ويڪفيلڊ“ جو ڪٽنب، ڪڏهن بہ مسافرن يا محتاجن کي موٽائي ڇڏيندڙن ۾ شمار نہ ڪيو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح اسان ڪيترا سال تمام مسرت جي عالم ۾ گذاريا، نہ فقط ائين مگر اسان کي ڪن وقتن تي اهڙيون ننڍيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون، جيڪي پروردگار سندس نعمتن جي قدر و قيمت وڌائڻ لاءِ موڪليندو آهي، اسڪولي ڇوڪرا منھنجي باغ کي لٽيندا هئا ۽ منھنجي زال جي کيرڻي ٻليءَ ۽ ٻارن جي ور چڙهندي هئي، ڪن وقتن تي ڳوٺ جو زميندار منھنجي وعظ جي تمام دلسوز فقرن جي بيان ڪرڻ وقت ننڍ ۾ پئجي ويندو هو، يا سندس زال ديول ۾ منھنجي زال جي خلق جي جواب ۾ اڻ سھائيندڙ مروت جو مظاهرو ڪندي هئي، اسين اهڙن واقعن مان پيدا ٿيندڙ رنجيدگيءَ تي جلد قابض ٿي ويندا هئا سون، ۽ ٽن يا چئن ڏينھن جي دوران عجب کائڻ لڳندا هئاسون تہ هنن اسان کي ڪيئن نہ تنگ ڪيو ٿي!
منھنجا ٻار پرهيز گاريءَ جا پليل هئا، ۽ کين جيئن تہ نرميءَ کان سواءِ تعليم مليل هئي، تنھن ڪري اهي چڱي بيھڪ وارا ۽ تنومند هئا، منھنجا پٽ جانٺا ۽ چست، منھنجو ڌيئرون حسين ۽ شگفتہ هيون، جڏهن آءٌ پنھنجن انھن ٻارن جي وچ ۾ بيھندو هوس، جي منھنجي پيرسنيءَ جي عالم ۾ پٺڀرائي ڪرڻ جو دلاسو ڏيندڙ هئا، تڏهن آءٌ ”ڪائونٽ ائبسبرگ“ جي مشھور آکاڻيءَ کي دهرائڻ کانسواءِ رهي ڪين سگهندو هوس، هينري ٻئي“ جي جرمني ڏانھن ڪاھہ وقت جڏهن ٻيا درباري خزانا کڻي آيا، تڏهن هو صاحب پنھنجا ٻٽيھه (32) ٻار پاڻ سان وٺي آيو ۽ اهي پنھنجي حاڪم جي خدمت ۾ هڪ قيمتي نذراني طور پيش ڪيائين ، ساڳي طرح حالانڪ مون کي صرف ڇھہ (6) ٻار هئا تہ بہ مون کين پنھنجي ملڪ لاءِ هڪ وڏو قيمتي تحفو پي ٿي سمجهيو.
اسان جي وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جو سندس چاچي جي نالي پويان رکيو ويو هو، جنھن اسان جي لاءِ ڏھہ هزار پائونڊ ڇڏيا هئا. اسان جو ٻيو ٻار هڪ ڇوڪري هئي، جنھن کي سنديس چاچيءَ جي نالي پويان ”جراسيل“ ڪوٺڻ ٿي چاهيم، مگر منھنجي زال، جا اميدواريءَ جي سمي ۾ رومانوي افسانا پڙهندي هئي، تنھن زور رکيو تہ کيس ”اوليويا“ ڪوٺيو وڃي، ٻئي سال اسان کي ٻي ڌيءَ عطا ٿي، ۽ مون پڪ فيصلو ڪيو تہ سندس نالو ”جراسيل“ رکڻ گهرجي، پر هڪ شاهوڪار عزيز عورت جنھن کي ان ٻار جي لاءِ عيسائي مذهب موجب نالي رکڻ وقت اقرار ڪندڙ ٿيڻ جو شوق هو، تنھن جي هدايتن موجب ان ڇوڪريءَ کي ”صوفيا“ ڪوٺيو ويو، اهڙيءَ طرح اسان جي ڪٽنب ۾ ٻہ رومانوي نالا هئا، مگر آءٌ ساک سان چوان ٿو تہ ان ۾ منھنجو هٿ ڪو نہ هو، ”موزز“ انھن کان بعد جو هو ۽ ٻارنھن سالن جي وڇوٽي کانپوءِ اسان کي ٻہ وڌيڪ پٽ تولد ٿيا جڏهن آءٌ پنھنجا ننڍڙا ٻار ڏسندو هوس، تڏهن جيڪا مون کي اڻ کٽ خوشِ ٿيندي هئي، ان کان نٽائڻ بيجا ٿيندو مگر منھنجي زال جي آڪڙ ۽ خوشي مون کان گهڻو وڌيڪ هئي. جڏهن اسان جا ملاقاتي چوندا هئا ”مسز پرمروز“ سچ پچ تہ اوهان کي سڄي ملڪ کان عمدا ٻار آهن“ تڏهن هوءَ جواب ڏيندي هئي، ” جي ها، منھنجا پاڙيسري! اهي اهڙا آهن، جھڙو قدرت کين جوڙيو آهي، ڪافي حسين آهن، جيڪڏهن اهي ڪافي چڱا ٿين، ڇا ڪاڻ تہ حسين اهو آهي، جنھن جا عمل نيڪ آهن“ پوءَ هو پنھنجين ڌيئرن کي حڪم ڪندي هئي، تہ هو پنھنجا مٿا مٿي جهلين، منھنجون ڌيئرون بنا ڪنھن لڪ لڪاءِ جي سچ پچ تہ تمام خوبصورت هيون، صرف ٻاهريون ڏيک ويک منھجي لاءِ اهڙي خسيس حالت آهي، جو جيڪڏهن سڄي ملڪ جي گفتگو جو اهو عام پھلو نہ هجي ها تہ هوند مون کي بيان ڪرڻ لاءِ اصل ياد نہ هجي ها، ”اوليويا“ هاڻي 18 ورهين جي هئي ۽ کيس حسن جي اها جهجهائي هئي، جنھن سان مصور حسن جي ديوءَ هيبيءَ جو نَش چٽيندا آهن، هوءَ هڪ فراخ دل، خوش مزاج، کڙي تڙي ۽ حڪمران طبعيت رکندڙ ڇوڪري هئي.
”صوفيا“ جون روشون پھريائين اهڙيون دل کي ڇڪيندڙ نہ هيون، مگر اڪثر وڌيڪ خاطري وارو عمل ڪنديون هيون، ڇاڪاڻ تہ اهي نرم، حليم ۽ دل لڀائيندڙ هيون، ”اوليويا“ هڪ ئي ضرب سان جيتجي ويندي هئي، مگر ”صوفيا“ اهڙين ڪافي ڪوششن کان پوءِ ئي اثر هيٺ ايندي هئي.
عورت جو سڀاءُ سندس روشن جي تبديلي سان ئي جڙندو آهي، ڪم از ڪم منھنجي ڌيئرن سان اهو اصول لاڳو هو، ”اوليويا“ گهڻن طالبن لاءِ تمنا رکندڙ هئي، مگر ”صوفيا“ جو ارادو فقط هڪ کي هٿ ڪرڻ جو هو، خوش ڪرڻ جي تمام گهڻي خواهش ”اوليويا“ کي متاثر ڪندي هئي، پر ”صوفيا“ پنھنجي ڪنھن زيادتي جي خوف ڪري پنھنجين چڱاين کي بہ دٻائي ڇڏيندي هئي، هڪ مون کي پنھنجي فطري سان سادگيءَ سان وندرائيندي هئي، جڏهن آءٌ خوش هوندو هوس تہ ٻي وري مون کي پنھنجي فھم سان مسرور ڪندي هئي، جڏهن آءٌ غمگين هوندو هوس، اهي خاصيتون ٻنھي ۾ بلنديءَ تائين پھتل نہ هيون ۽ آءٌ اڪثر انھن کي سارو ڏينھن پنھنجين خصلتن کي مٽائيندو سٽائيندو ڏسندو هوس. الم جي پوشاڪ منھنجيءَ البيليءَ ”اوليويا“ کي نخريلي بڻايو ۽ ربينن جي نئين جوڙي سندس ننڍي ڀيڻ کي فطري سادگي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهہ عطا ٿي ڪيو. منھنجي خواهش هئي تہ منھجو وڏو پٽ ”جارج، وڏن تعليمي ماهرن مان هڪ ٿئي، تنھن ڪري کيس ”آڪسفورڊ“ ۾ تعليم ڏياري ويئي، منھنجو ننڍو پٽ ”موزز“ جنھن لاءِ ڌنڌي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنھن پنھنجي گهر ۾ متفرقہ تعيلم حاصل ڪئي، مگر اهي نوجوان شخص، جن دنيا جو تجربو اڃا پوري طرح بہ پرايو آهي، انھن جي خاص اخلاقن کي بيان ڪرڻ غير ضروري ٿيندو.
المختصر ڪٽنب جي هڪ جھڙائي سڀني جي مٿان غالب هئي ۽ سچ پچ تہ ائين کڻي چئجي تہ انھن جو اخلاق هڪڙو ئي هو ۽ اهو اهو هو تہ هو سڀئي هڪجھڙا مروت ڪندڙ، خوش اعتقاد ۽ سادا هئا ۽ هڪ ٻئي تي پيش قدمي ڪندڙ نہ هئا.

_________________
[1] ويڪفيلڊ: هيءُ انگلينڊ ۾ يارڪشائر ضلع ۾ هڪ سٺو شھر آهي.

باب ٻيو: ڪٽنب جون ڪمبختيون

اسان جي ڪٽنب جا سڀئي دنيوي ڪاروبار منھنجيءَ زال جي هٿ هيٺ هئا ۽ روحاني ريجهہ وارا ڪم مون پنھنجي سنڀال ۽ نظرداري هيٺ رکيا هئا، اسان جي اتي رهڻ جو اجورو جملي 53 پائونڊ ساليانو هو، آءٌ اهي پئسا ديول جي پادري فرقي جي يتيم ٻارن ۽ بيوه عورتن کي ڏيئي ڇڏيندو هوس، مون کي پنھنجي ڪافي ملڪيت هئي، آءٌ انھن وظيفن کان بي نياز هوس ۽ ان کان سواءِ ڪنھن عيوضي ملڻ جي پنھنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ مون کي نھايت گهڻي ۽ ڳجهي خوشي حاصل ٿيندي هئي، مون ڪو بہ نائب نہ رکيو، مون ديول جي سموري علائقي جي هر ماڻھوءَ سان واقفيت هئڻ سبب شادي ڪيل مردن کي تحمل ڪرڻ ۽ ڇڙهڻ کي شاديءَ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو، ايتريقدر جو ٿورن ڏينھن ۾ اها هڪ عام چوڻي ٿي پئي تہ ”ويڪفيلڊ“ ۾ ٽي عجيب گهرجون آهن، هڪ پادري بنا غرور وارو، ٻي جوان مرد جوين جي جستجو ۾، ۽ ٽين؛ شراب خانا گراهڪن جا گهرجائو.
شادي هميشہ منھنجي دل گهريو مضمون هوندو هو ۽ مون ڪيترائي خطبا ان جي خوشين کي ثابت ڪرڻ لاءِ لکيا، مگر هڪ خاص اصول هو، جنھن جي حمايت ڪرڻ مون ضروري سمجهي آءٌ وهسٽن“[1] سان شامل راءِ ٿيس، تہ انگلينڊ جي ديول جي پادريءَ لاءِ پنھنجي هڪ زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد ٻي شآدي ڪرڻ غير قانوني آهي، يا ان کي ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ مون پاڻ کي ان اصول تي پڪو رکيو تہ هڪ شآديءَ کان وڌيڪ ڪنھن بہ حالت ۾ ٻي شادي نہ ڪجي.
ابتدائي ڏينھن ۾ مون کي ان مذڪورہ جهڳڙي ڏانھن شوق ڏياريو ويو، جنھن بابت ڪيتريون ئي ضخيم تصنيفون لکيون ويون آهن، مون ان مضمون تي ڪجهہ ننڍڙا ڪتاب ڇپايا ۽ جيئن تہ اهي فروخت نہ ٿيا، تنھنڪري مون کي ائين ڪرڻ معلوم ڪرڻ تي اطمينان آهي تہ اهي صرف ڪن جزوي خوش نصيب صاحبن پڙهيا هوندا، منھنجي دوستن مان ڪن ان کي مھنجو هڪ ضعيف پھلو سڏيو، مگر افسوس! انھن مون وانگر ان موضوع کي گهڻي غور لائق نہ سمجهيو، جيترو گهڻو مون ان تي ويچار ٿي ڪيو، اوترو گهڻو اهو مکيہ نظر ٿي آيو، پنھنجن اصولن کي پڌري ڪرڻ ۾ آءٌ ”وهسٽن“ کان بہ مورڳو هڪ قدم اڳتي وڌي ويس، ”وهسٽن“ پنھنجي زال جي قبر مٿان ڪتبو اڪرايو، هو تہ ”صرف هوءَ ئي هڪ ”وليم وهسٽن“ جي زال هئي.“ مون پڻ اهڙو ساڳيو ئي ڪتبو پنھنجيءَ زال لاءِ لکايو، جيتوڻيڪ هوءُ اڃا زنده هئي، ان ڪتبي ۾ مون سندس ڏاهپ، ڪفايت شعاريءَ ۽ حياتي ڀر وفاداري جي حد کان وڌيڪ تعريف ڪئي ۽ ان کي سھڻي نموني ۾ نقل ڪرائي هڪ سھڻي فريم ۾ وجهي، بخاري جي مٿئين جاري مٿان رکيم، جتي اهو ڪيترن ڪارائتن ڪمن کي پورو ڪري سگهي ٿو، ان منھنجي زال کي پنھنجي خاوند جي خواهشن کان ۽ مون کي پنھنجيءَ گهر واريءَ جي سچائيءَ کان آگاھہ ڪيو ٿي، ان منھنجيءَ زال جي دل ۾ ناموس جو شوق جاڳايو ٿي ۽ سندس پڇاڙي جو خيال هميشہ سندس دل ۾ ڄمايو ٿي.
شايد اڪثر شاديءَ بابت سفارشون ٻڌندي ائين ٿيو، جو منھنجي وڏي پٽ ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ هڪ پاڙيسري جي ڌيءَ سان پنھنجو نينھن لڳايو، هو ديول ۾ هڪ وڏو درجو رکندڙ آفيسر هو، ۽ پنھنجي ڌيءَ کي گهڻي دولت ڏيئي ٿي سگهيو، مگر دولت ان ڇوڪريءَ جي گڻن جي مقابلي ۾ هڪ تمام خسيس شيءَ هئي، ”مس ارابيلا ولماٽ“ سڀني جي راءِ موجب(منھنجي ٻن ڌيئرن کان سواءِ) سڀني کان حسين هئي، سندس جواني، صحت ۽ معصوميت، سندس بيحد شفاف چھري ۽ مسرت بخش نگاھہ ڪري اڃا بہ وڌيڪ دوبالا ٿي ٿي، ۽ ان تي عمر رسيده بزرگ پڻ لاغرضيءَ سان نظر وجهي نٿي سگهيو، ”مسٽر ولماٽ“ کي پڻ معلوم هو تہ آءٌ پنھنجي پٽ کي وڏي جائداد ڏيئي ٿي سگهيس. انھيءَ ڪري هو انھي مائٽيءَ جي خلاف نہ هو، اسان جا ٻئي ڪٽنب اهڙي صلح ۾ گڏ رهڻ لڳا، جھڙو عام طرح رشتيداريءَ کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي، پنھنجي تجربي جي ان يقين تي تہ شاديءَ لاءِ محبت جي اظھار وارا ڏينھن اسان جي زندگيءَ جا نھايت خوشي ڏيندڙ ڏينھن آهن. آءٌ انھيءَ عرصي کي 36-37 ڦيرائڻ لاءِ ڀلائيندي، آءٌ يڪدم ويندس ۽ پنھنجي حالتن کان ٻيءَ ڌر کي واقف ڪندس، جيستائين منھنجي حجت جو سوال آهي، آءٌ مورڳو پنھنجيون اهي سڀئي رعايتون جي پيرسني جي فائدي ۾ هيم، سي واپس وٺندس ۽ آءٌ هاڻي هن کي شادي ڪرڻ جي ڪنھن بہ معنيٰ ۾ هر گز اجازت نہ ڏيندس.
جڏهن مون پنھنجي بدبختيءَ جي خبر پڌري بيان ڪئي، تڏهن ٻنھي ڪٽنبن جا جيڪي مختلف جذبا هئا، انھن جو بيان ايڏو تہ وڏو آهي، جو ڪري ڪين سگهبو، پر جيڪي ٻين محسوس ڪيو، سو جيڪي عاشق برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، ان جي مقابلي ۾ گهٽ هو.
”مسٽر ولماٽ“ جو اڳيئي منھنجي پٽ ۽ ”مس ولماٽ“ جي وهانءَ ٽوڙڻ جي پوريءَ طرح شائق هو، سو هن ضرب سبب جلدي پڪو ارادو رکندڙ ٿي پيو، سڃاڻپ جو گڻ منجهس تمام مڪمل هو، اها ئي صرف هڪ وصف آهي، جا اسان وٽ ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ موجود هوندي آهي.

_______________
[1] وهسٽن: (1667 _ 1756) هيءُ هڪ ٻيءَ شاديءَ جو مخالف ۽ ساڳئي وقت هڪ ناميارو مصنف هوندو هو. هن جا ڪتاب ’سوانح حيات‘ فاسفوس (Fosephus)، اوائلي نصرانيت، (Primitive Christening) ڌرتيءَ جو اصول (Theory of Earth) مشھور آهن.

باب ٽيون: هجرت

اسان جي ڪٽنب جي هاڻي صرف اها تمنا هئي تہ اسان جي بد نصيبي واري خبر شال بغض واري يا قبل از وقت هجي، پر جلد ئي منھنجي شھر واري ايلچي جو هڪ خط آيو، جنھن ۾ ساري تفصيل جي تصديق ڪيل هئي، ملڪيت جو نقصان مون لاءِ شخصي طرح تمام خسيس ٿئي ها، مگر جيڪا ڏکيائي مون محسوس ڪئي، سا منھنجي گهر جي ڀاتين بنسبت هئي، جن کي حقارت کان بي نياز ٿيڻ جي تعليم نہ هوندي، هيٺائون ٿيڻو پيو هو.
جيئن تہ اڳواٽ آٿت صرف غم جي يادگيري ڏياريندڙ آهي، انھيءَ ڪري ٻن هفتن گذرڻ تائين مون سندسن رنج روڪڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، انھي عرصي ۾ منھنجا خيال سندسن پرورش ڪرڻ لاءِ ڪن، مستقبل جي ذريعن سوچڻ ۾ مصروف هئا ۽ آخر ساليانو 15 پائونڊن جي قليل وظيفي سان مون کي نائب پادريءَ جي جڳھہ پر انھينءَ پسگردائيءَ ۾ آڇي ويئي، جتي آءٌ اڃا تائين پنھنجا اصول ڪنھن بہ اهنج کانسواءِ برقرار رکي ٿي سگهيس، هڪڙي ننڍڙي ٻني جي بندوبست دوران پنھنجي ڪمائي وڌائڻ جي ارادي سان مون اها رٿ خوشي سان قبول ڪئي.
انھي تجويز کي قبول ڪرڻ بعد منھنجو ٻيو فڪر پنھنجي دولت جي باقي ڀڳ ٽوٽ کي گڏ ڪرڻ ڏانھن هو ۽ سڀني قرضن گڏ ڪرڻ ۽ ادا ڪرڻ بعد اسان وٽ چوڏهن هزار پائونڊن مان باقي صرف چار سئو بچيل هئا، تنھن ڪري هاڻي منھنجو خاص ڌيان پنھنجي ڪٽنب جي وڏائيءَ کي سندن حالتن مطابق هيٺ آڻڻ جو هو، ڇا ڪاڻ تہ مون کي چڱيءَ پر پروڙ هئي، تہ خواهشات جو وڌائڻ بجاءِ خود هڪ عذاب آهي، مون چيو، ” منھنجا ٻچا“ اوهان ان ڳالھہ کان بي خبر ٿي نٿا سگهو، تہ اسان جي ڪا بہ سياڻپ اسان جي گذريل بدبختيءَ کي روڪي نہ سگهي ها، مگر ان جي اثرن کي بيڪار بڻائڻ ۾ سياڻپ شايد گهڻو ئي ڪي ڪري، پاڻ هاڻي مسڪين آهيون، منھنجيون خواهشيون ۽ سياڻپ اسان کي پنھنجيءَ هيڻيءَ حالت سان موافقت پيدا ڪرڻ جو آمر ڪن ٿيون. پوءِ اچو تہ سواءِ ڪنھن چون و چرا جي انھن عياشين کي ڇڏي ڏيون، جن جي اختيار ڪرڻ ڪري ڪيترا ماڻھو ذليل ٿي پيا آهن ۽ انڪساريءَ وارين حالتن ۾ اهو آرام ڳوليون،جنھن سان سڀئي خوش ٿيون، غريب اسان جي مدد کان سواءِ گذارين ٿا، پوءِ ڇو نہ اسان کي پڻ انھن جي مدد کانسواءِ زندگي گذارڻ جو سبق سکڻ گهرجي؟ منھنجا ٻچا اچو تہ هن ساعت کان وٺي پنھنجا فرضي حق ڇڏي ڏيون، جيڪڏهن اسين سياڻا آهيون تہ اڃا تائين اسان وٽ خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي بقايا ڇڏيل آهن ۽ اچو تہ نصيب جي اوڻاين کان راضي رهڻ لاءِ ڪمر ڪشيون.“
منھنجو وڏو پٽ هڪ تربيت ورتل تعليم يافتہ هو، تنھن ڪري مون کيس شھر ڏانھن موڪلڻ جو ارادو ڪيو، تہ جيئن اتي سندن لياقتون اسان جي ۽ سندس پٺڀرائي ڪن. دوستن ۽ ڪٽنب جي جدائي شايد تمام الم انگيز ڪيفيتن مان هڪ آهي، جا مفلسيءَ جي خدمتگار آهي، اهو ڏينھن جلد آيو، جنھن تي اسان کي پھريون دفعو ڌار ٿيڻو پيو. منھنجو پٽ پڻ پنھنجي ماءُ ۽ ٻين جي گهر جي ڀاتين کان موڪلائڻ بعد مون وٽ دعا لاءِ آيو، جنھن پنھنجين مٺين سان پنھنجا لڙڪ بہ ملايا هئا، مون کيس دلي طرح دعا ڪئي، جا پنجن گينين سميت اباڻي ميراث هئي، جيڪا ان وقت آءٌ مٿس عنايت ڪري ٿي سگهيس، مون چيو ”منھنجا ٻچا تون پنھنجي وڏي ڏاڏي ”هوڪر“ وانگر پيرين پنڌ لنڊن ڏانھن وڃين ٿو، مون کان اهو ساڳيو گهوڙو جو کيس نيڪ پادريءَ ”جويل “ ڏنو هو، ۽ هيءَ لٺ وٺ، ۽ هيءُ ڪتاب پڻ وٺ، جو تنھنجي لاءِ رستي تي تسلي بخش ثابت ٿيندو، هن جون هي ٻہ سٽون ڏهن هزارن سٽن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن، ”آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو آهيان، تڏهن بہ مون ڪڏهن بہ حق تي هلندڙ ماڻھوءَ کي وساريل يا سندس اولاد کي پنھنجي پيٽ پالڻ لاءِ پنندڙ ڪو نہ ڏٺو، جيئن تون مسافري ڪندو رهين تيئن ڀلي هيءَ تنھنجي لاءِ دلداري ٿئي، منھنجا پٽ وڃ ۽ تنھنجو نصيب ڪھڙو بہ ٿئي، تڏهن بہ ائين ڪج جيئن آءٌ تو کي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڏسان، انھي هوندي بہ دل وڏي ڪر، شال خدا تنھجو نگهبان ٿئي“ هو وڏي درجي ۽ عزت جو طالب هو، تنھن ڪري زندگيءَ جي هن کيل ۾ کيس بي سرو سامان موڪلڻ ۾ مون کي ڪو بہ خطرو ڪو نہ ٿيو. مون کي معلوم هو تہ هو ڪامياب ٿئي يا ناڪام، پر هو پنھنجو پارٽ تمام سٺو ادا ڪندو.
هن جي روانگيءَ اسان لاءِ پڻ اهو ئي جدائيءَ جو رستو تيار ڪيو، جنھن جو وقت ان کان ٿورا ڏينھن پوءَ آيو، اهو پاڙو جنھن ۾ اسان ڪيتريون ئي ساعتون آرام ۽ سک سان گذاريون هيون، ان کي ڳوڙهن ڳاڙڻ کان سواءِ ڇڏي ڪين سگهياسون، ان سان گڏ اهو ڪٽنب جنھن ڪڏهن بہ پنھنجي گهر کان ڏھہ ميل پري مسافري نہ ڪئي هئي، ان لاءِ ستر ميلن جي مسافري واقعي صبر آزما هئي، ۽ اهي غريب جي ڪجهہ ميل اسان جي پويان آيا، تہ جي آهن ۽ دانھن پڻ غم وڌائڻ ۾ حصو ورتو، پھرئين ڏينھن جي مسافريءَ اسان کي سلامتيءَ سان اسان جي مستقبل واري پناھہ گاھہ کان ٽيھن ميلن جي مفاصلي تائين پھچايو، اسان اها رات هڪ رستي جي ڀرتي هڪ ڳوٺ جي گمنام مھمان سراءِ ۾ گذاري، جڏهن اسان کي ڪوٺي ڏيکاري ويئي، تڏهن مون پنھنجي دستور موجب مڪان جي مالڪ جي ڪچھريءَ جي طلب ڪئي، جا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ جيڪي بہ هن پيتو ٿي، ان ٻئي صبح جو اسان جو بل وڌايو ٿي، هن کي ان سڄيءَ پسگردائيءَ جي خبر هئي، جنھن ڏانھن آءٌ لڏي پئي ويس ۽ خاص طرح زميندار ”تارنھل“ کي سڃاڻندو هو، جو منھنجو زميندار ٿيڻو هو ۽ ان جاءِ کان ٿورن ميلن جي مفاصلي تي رهندو هو، هن ٻڌايو تہ اهو سکر ماڻھو خاص طرح صنف نازڪ سان ناتي رکڻ ۾ مشھور هئڻ سبب دنيوي خوشين کان وڌيڪ ٻي ڪنھن بہ قسم جي دنيوي ڄاڻ جي خواهش نہ رکندو آهي. هن چيو تہ ڪو بہ اخلاق سندس هنرن ۽ اورچائيءَ کي روڪي نٿو سگهي ۽ ڏهن ميلن جي گهيري ۾ ورلي ڪا هاريءَ جي ڌيءَ هوندي، جنھن کيس سواءِ ڪامياب ٿيڻ ۽ بي وفا هئڻ جي ڏٺو هوندو، جيتوڻيڪ هن احوال مون کي ڏک پھچايو، مگر منھجي ڌيئرن تي ان جو تمام مختلف اثر پيو، سندن چھرا قريب ڪاميابيءَ جي اميد ۾ روشن ٿيندا پئي ڏٺا ويا، منھنجي زال پڻ ڪا گهٽ خوش ڪين ٿي ۽ کيس سندن ڪشش ۽ اخلاق تي يقين هو، جڏهن اسان جا خيال انھي طور مشغول هئا، تڏهن ميزبانڻ ڪوٺي ۾ پنھنجي مڙس کي اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي تہ اهو اجنبي سکر ماڻھو جو سندس گهر ۾ ٻہ ڏينھن رهيو هو، تنھن وٽ پئسا ڪو نہ هئا ۽ کين سندس ليکي سان مطمئن ڪري نٿي سگهيو، ”پئسا ڪو نہ اٿس؟“ ميزبان وراڻيو”اهو ضرور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ اڃا ڪالھو ڪي ڳالھہ آهي تہ هڪ ٻڍي زخمي ٿيل سولجر کي، جنھن کي ڪتي جي چوريءَ ۾ شھر جي وچان ڦٽڪا لڳڻا هئا، بچائڻ لاءِ هن اسان جي سزا ڏيندڙ چپڙاسيءَ کي ٽي گينيون ڏنيون.“ ان هوندي بہ جيئن تہ ميزباڻن پنھجيءَ ڳالھہ تي اڃا بہ زور رکڻ لڳي، تنھن ڪري هن قسم کنيو تہ هو ڪنھن بہ طريقي مطمئن ٿيندو ۽ ڪوٺي ڇڏڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، مون کيس عرض ڪيو تہ ، منھنجو تعارف مذڪورہ سخي ماڻھوءَ سان ڪرايو وڃي، هن مون کي اهو سکر ماڻھو ڏيکاريو، ۽ منھنجي عرض جي ادائگي ڪئي، هو اٽڪل ٽيھن ورهين جو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ انھن ڪپڙن ۾ ملبوس هو، جن تي ڪنھن وقت زري لڳل هئي، سندس بدن جي بناوت سٺي هئي ۽ سندس چھري تي ويچار جا سر هئا، هٿن جي ڳالھائڻ ۾ ڪجهہ ڪمي ۽ کهراڻ هئي ۽ آداب مجلس جي پابنديءَ جو ڄاڻو يا نفرت ڪندڙ ڪو نہ هو، جاءِ جي مالڪ جي ڪوٺيءَ ڇڏڻ بعد آءٌ هڪ معزز ماڻھو کي اهڙين حالتن ۾ ڏسي، ان اجنبيءَ سان پنھنجي ڪاروبار کي بيان ڪرڻ کان روڪي ڪو نہ سگهيس، ۽ ان وقت جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس پنھنجو ٻٽون آڇيم، هن جواب ڏنو تہ ”سائين آءٌ دل و جان سان وٺان ٿو ۽ مون کي خوشي آهي، جو مون جيڪا پنھنجن پئسن ڏيڻ ۾ نظر چوڪ ڪئي آهي، تنھن مون کي ڏيکاريو آهي‏ ، تہ اڃا تائين ڪي ماڻھو توهان جھڙا آهن ، تنھن هوندي بہ آءٌ ضرور التجا ڪندس تہ مون کي منھنجي محسن جو نالو ۽ رهڻ جي جاءِ معلوم ڪرائي وڃي، جيئن جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد کيس اهي واپس ڪيا وڃن.“
اهڙي طرح مون کيس نہ فقط پنھنجي نالي ۽ گذريل بدبختين پر پنھنجي مقصود جڳھہ بہ ٻڌائڻ سان پوريءَ طرح مطمئن ڪيو، ”هي“ هن دانھن ڪري چيو”منھنجي اميد کان وڌيڪ نيڪ شگون آهي جو مان پڻ ساڳئي رستي تان هلڻو آهيان ۽ هت اٿل سبب ترسيو پيو هوس، جا اميد تہ سڀاڻي تائين لنگهڻ جي قابل ٿي ويندي“ سندس رفاقت ۾ مون کي جيڪا خوشي ٿيڻ کپيندي هئي، ساظاهر هئي ۽ منھنجي التجا ۾ منھنجيءَ زال ۽ ڌيئرن جي شامل ٿيڻ سبب هو رات جي مانيءَ لاءِ ترسڻ تي مجبور ٿي پيو، ان اجنبيءَ جي گفتگو جا ساڳئي وقت وڻندڙ ۽ نصيحت آميز هئي، تنھن مون کي ان جي جاري رکڻ جي تمنا ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو پر هاڻي آرام ڪرڻ ۽ ايندڙ ڏينھن جي ٿڪ خلاف تفريح وٺڻ جو ٺيڪ وقت هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو اسين سڀ اڳتي روانا ٿيا سون، منھنجو ڪٽنب گهوڙن تي سوار هو، ”مسٽر برچل“ اسان جو نئون ساٿي رستي جي پاسي کان فوٽ پاٿ تان پئي هليو ۽ مشڪ سان چوندو پئي هليو تہ اوهين خراب نموني سوار ٿيل آهيو، آءٌ اهڙو تہ مھربان ٿيندس جو اوهان کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش تہ ڪندس، جيئن تہ اڃا اٿل ماٺي ڪانہ ٿي هئي تنھن ڪري اسان کي هڪ بورائو“ روز تي رکڻو پيو، جو اڳيان ڊگ پئي هليو، مسٽر برچل ۽ آءٌ سڀني جي پويان پئي آياسون، اسان رستي جي ٿڪ کي فلسفيانہ بحثن سان هلڪو پئي ڪليو، جي ڏسڻ ۾ ٿي آيو تہ هو پوري طرح سمجهي سگهيو ٿي، مگر جنھن ڳالھہ مون کي گهڻي ۾ گهڻو عجب ۾ وڌو سا اها هئي تہ جيتوڻيڪ هو پئسا اڌارا وٺندڙ هو تڏهين بہ پنھجي راءِ کي ايتري گهڻي ضد ۽ هوڏ سان ٿي بچايائين، جو جهڻ تہ هو منھجو مربي هو، جيئن اسان رستو وٺيو پئي وياسون، تيئن هو وقت بہ وقت مون کان آگاھہ ڪندو پئي هيلو تہ اهي جدا جدا جايون اسان جي اڳيان نظر ۾ آيون ٿي سي ڪنھن جن هيون، هن ڪجهہ مفاصلي تي بيٺل تمام عاليشان گهر ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”هي هڪ نوجوان سکر ماڻھوءِ ”مسٽر ٿارنھل“ جو گهر آهي، جو هڪ وڏي دولت جو مالڪ آهي، ليڪن مڪمل طرح پنھنجي ان چاچي جي مدار رکي ٿو، جو پاڻ گهڻو ڪري شھر ۾ گذاري ٿو، ۽ ٿوري تي راضي رهي، باقي سمورو ڌن پنھنجي ڀائٽي جي حوالي ڪري ٿو، تہ ڀلي هو ان مان لطف حاصل ڪري“ مون چيو، ”ڇا! منھنجو نوجوان زميندار تڏهن ان ماڻھوءَ جو ڀائٽيو آهي جنھن جا اخلاق، سخاوت ۽ خاص گڻ ساري علائقي ۾ مشھور آهن؟ مون ٻڌو آهي تہ ”سر وليم ٿارنھل“ سموريءَ حڪومت ۾ تمام سخي مگر پورالن ماڻھن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هڪ مڪمل فيض وارو ماڻھو آهي“ مسٽر برچل وراڻيو، ”شايد ڪم و بيش ائين ئي آهي. ڪم از ڪم جڏهن هو جوان هو، تڏنھن پنھنجي سخاوت کي تمام ڪثرت سان هلايائين، جيئن تہ ان وقت سندن سرگرميون تمام مضبوط هيون ۽ اهي سڀ اخلاق جي طرف هيون، انھي ڪري انھن هن جي سخاوت کي عجب جي حد تائين پھچايو، هن شروعات ۾ سولجر ۽ عالم جي سندن حاصل ڪرڻ کي پنھنجو مقصد بنايو، جلد لشڪر ۾ هڪ نامور سولجر ٿي پيو ۽ علم وارن ماڻھن ۾ ڪجهہ ناموس ٿيس. چاپلوسي هميشہ لالچي ماڻھوءَ جي پٽ وٺندي آهي، ڇا ڪاڻ تہ صرف اهڙي ماڻھوءَ کي خوشامد مان خوشي حاصل ٿئي ٿي. هيءَ انھن ماڻھن جي ميڙن سان گهيريل هو، جي کيس پنھنجي هلت جو صرف هڪ پاسو ڏيکاريندڙ هئا، انھي ڪري هن عالم گير همدرديءَ ۾ پنھنجي خانگي دلچسپيءَ جو لحاظ وڃائڻ شروع ڪيو، هن سڄيءَ انسانذات کي پيار ڪيو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ دولت کيس ان ڄاڻڻ کان روڪيو ٿي تہ اهي اٺوري هئا، حڪيم اسان کي بدن جي هڪ بي اعتداليءَ بابت ٻڌائيندا آهن، جنھن ۾ سڄو بدن ايترو تہ حد درجي جو حساس ٿيندو آهي، جو تمام ٿورو ڇهڻ پڻ ايذاءُ ڏيندو آهي.
اهڙيءَ طرح جيڪي ڪن ماڻھن جسماني طرح سٺو ٿي، ان کي هن معزز انسان پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو ٿي، تمام ٿوري ۾ ٿوري پريشانيءَ پوءِ اها سچي هئي يا ڪوڙي، مگر ان سندس دل تي تمام تڪڙو اثر ڪيو ٿي ۽ هن جي روح ٻين ماڻھن جي اهنجن جي ناساز احساس هيٺ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو ٿي. اهڙيءَ طرح دستگيري ڪرڻ ڏانھن راغب هئڻ سبب سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، تہ هن ماڻھن جو ڪيترو اندازو ڏٺو هوندو، جي منٿ ڪرڻ ڏي مائل هئا، هن جي فضول خرچيءَ سندس دولت کي ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيو، پر نہ سندس نيڪ فطرت کي اها سچ پچ تہ وڌندي ويجهندي ڏٺي ويئي، جيئن هو غريب ٿيندو ٿي ويو، تيئن بي احتياط پڻ ٿيندو ٿي ويو ۽ جيتوڻيڪ هن هڪ سمجهيو ماڻھو وانگر ڳالھايو ٿي، مگر سندس ڪم بي عقلن وارا هئا، تنھن هوندي بہ اڃا تائين تقاضا ڪندڙن سان وڪوڙيل هو ۽ جيڪو عرض کيس ڪيو ٿي ويو، ان هر هڪ کي جيئن تہ وڌيڪ وقت لاءِ پورو رڪري نٿي سگهيو، تنھن ڪري پئسن بدران انجام ٿي ڏنائين اهي ئي سڀ ڪجهہ هئا، جي هي ٻين تي عنايت ڪري سگهيو ٿي ۽ کيس ڪنھن بہ ماڻھوءِ کي انڪار سان ڏک ڏيڻ جو ڪافي پڪو ارادو نہ هو، ان نموني هن پنھنجي چوڌاري انھن محتاجن جا ميڙ ڪٺا ڪيا، جن کي اميد ڪرڻ جي جيتوڻيڪ کيس خاطري هئي تہ بہ سندن دستگيري ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪيائين، اهي ڪجهہ وقت لاءِ سندس پويان لڳندا رهندا هئا، پر نيٺ مناسب عتابن ۽ حقارت سان کيس ڇڏي ويندا هئا، پر نسبتا جيئن هي ماڻھن ۾ حقارت جي قابل ٿيو، تيئن پاڻ مرادو بہ ڏاڍو ڌڪار جوڳو ٿي پيو، سندس دل انھن ماڻھن جي چاپلوسيءَ تي مدار رکيو هو ۽ ان چاپلوسيءَ جي پٺ ڀرائي نڪري وڃڻ سبب، هي پنھنجي دل جي ان تحسين مان، جنھن جو هيءُ ڪڏهن بہ احترام ڪرڻ نہ سکيو هو، خوشي حاصل ڪري نہ سگهيو، دنيا هاڻ نئون ڏيک وٺڻ شروع ڪيو، سندس دوستن جي چاپلوسي سادگي پسندي ۾ گهٽجڻ لڳي، پسندي هاڻي مشوري جو وڌيڪ دوستانہ روپ ورتو ۽ جڏهن مشورو نامنظور ڪيو ويو، تڏهن ان عتاب پيدا ڪيو، هن هاڻي ڏٺو هت اهي دوست جي فائدن لاءِ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا، سي عزت لائق نہ هئا، هن ”هاڻي اهو پڻ محسوس ڪيو تہ ٻئي جي دل وٺڻ لاءِ هميشہ پنھنجي دل ڏيڻ گهرجي، هن سوچيو آءٌ هاڻي ڏسان ٿو تھ. جيڪو آءٌ رهيو هوس، سو وساري رهيو آهيان“
المختصر سائين، هن پاڻ کي تعظيم ڏيڻ جو قصد ڪيو ۽ پنھنجي ڪرندڙ نصيب کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ رٿ رٿي، هن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنھنجي وهمي طريقي سان ساري، ”يورپ“ جو پيرين پنڌ سفر ڪيو ۽ هن وقت جيتوڻيڪ ٽيھن ورهين جي عمر کي مس پھتو آهي، تہ بہ سندس حالتون هميشہ کان وڌيڪ عاقلانہ ۽ وچٿريون آهن، پر ان هوندي بہ هو هڪ خوش مزاج انسان آهي ۽ سودائيءَ طبعيت مان خوشي حاصل ڪري ٿو،
”مسٽر برچل“ جي احوال ۾ منھنجو ڌيان ايترو تہ محو ٿي ويو، جو جيئن هو اڳتي پئي هيلو تيئن مون ورلي ڪو اڳيان نھاريو، جيستائين اسين پنھنجي ڪٽنب جي واڪن تي خبردار ٿياسون، ان وقت مون پنھنجيءِ ننڍي ڌيءَ کي تيز وهندڙ نھر جي وچ ۾ گهوڙي تان ڪريل ۽ نھر سان ڪشمڪش ڪندڙ ڏٺو، هن ٻہ دفعا غوطو کاڌو، مگر اهو منھنجي وس ۾ نہ هو، جو آءٌ ان جي مدد ڪري سگهان، منھنجا حواس اهڙا تہ باختہ ٿي ويا جو آءٌ سندس دستگيريءَ لاءِ ڪابہ ڪوشش ڪري نہ سگهيس، يقين آهي تہ هوءَ ناس ٿي وڃي ها، جيڪڏهن منھنجو دوست هن کي خوف ۾ ڏسندي يڪدم سندس بچاءُ ۾ ٽپو نہ ڏئي ها ۽ ڪجهہ تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوءِ کيس سلامتي سان ٻئي ڪناري تي نہ آڻي ها، نھر سان گڏ ڪجهہ اڳتي وڌڻ سان ، باقي ڪٽنب سلامتي سان اڪري پار پيو، جتي اسان کي هن سان پنھنجي واقفيتن کي ملائڻ جو موقعو مليو، سندس احسانمندي بيان ڪرڻ کان وڌيڪ جلد تصور ڪري سگهجي ٿي، هن (منھنجي ڌيءَ) پنھنجي بچائيندڙ جو شڪريو لفظن کان وڌيڪ پنھنجي نگاهن سان ڪيو، سندس ٻانھن تي ليٽي رهي،ڄڻڪ کانئس مدد ملڻ جي اڃا تائين خواهش پئي رکيائين، منھنجي زال پڻ ڪنھن ڏينھن پنھنجي گهر ۾ هن جي احساس موٽائڻ جي خوشي حاصل ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪئي، اهڙيءَ طرح ڀرواري مھمان سراءِ ۾ تفريح وٺڻ لاءِ گڏجي طعام تناول ڪرڻ بعد ”مسٽر برچل“ اسان کان موڪلائي ويو، ڇا ڪاڻ تہ کيس ملڪ جي ٻئي حصي ڏانھن وڃڻو هو ۽ اسان پنھنجي مسافري اڳتي وڌائي، جيئن هو ويو، تئين منھنجيءَ زال چيو، ”آءٌ هن کي حد کان وڌيڪ پسند ڪريان ٿي ۽ دعويٰ سان چوان ٿي تہ جيڪڏهن هن جو نسل ۽ دولت اهڙا هجن جي کيس اسان جھڙي ڪٽنب مان شادي ڪرڻ جو حقدار بڻائين تہ پوءِ مون کي ٻيو ڪو بہ ماڻھو ڪو نہ ٿو سمجهي ، جنھن کي آءٌ ان ڪم لاءِ جلد ۾ جلد انتخاب ڪريان“ سندس اهڙي بلند مرتبي واري طريقي ۾ ڪيل گفتگو ٻڌڻ تي آءٌ مشڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪري نٿي سگهيس، مگر سندس اهڙن بي ضرور وهمن کان جي اسان کي گهڻو خوشي ڪرڻ ڏانھن مائل ٿين ٿا. ڪڏهن بہ ناراض نہ ٿيس.

باب چوٿون: نصيب ۽ خوشي

اسان جي رهائش جي جڳھہ هڪ ننڍڙي پاڙي ۾ هئي. جنھن ۾ هاري رهندا هئا، جيڪي پنھنجون زمينو ن پوکيندا هئا، کين نڪا شاهوڪاريءَ جي خبر هئي ۽ نڪي غريبيءَ جي سڌ، هنن کي زندگي جون سڀئي سھوليتون پنھنجن گهرن ۽ پاڙن ۾ موجود هيون، تنھن ڪري ٻاهر ٻئي ڪنھن شھر ڏانھن نہ ويندا هئا، اهي پاڻ وٽ اڃا تائين اخلاقن جي قديم سادگي سانڍيندا ٿي آيا ۽ عادت موجب ٿور خرچائو هئا، کين اها بہ خبر ڪا نہ هئي تہ برد باري بہ ڪو هڪ گڻ آهي.
پورهئي وارن ڏينھن تي هو خوشيءَ سان ڪم ڪندا هئا، مگر وڏن ڏينھن کي آرام ۽ خوشيءَ جا تھوار ڪري ملھائيندا هئا، هو ڪرسمس راڳ جاري رکندا ٿي آيا، وئلنٽائين[1] ڏينھن تي هو پنھنجي محبت جون ڳنڍيون سوکڙي طور موڪليندا هئا، ڏوھہ باس وارن ڏينھن[2] تي تئيءَ ۾ تريل پڪوڙا کائيندا هئا. پھرين تي هو پنھنجون حرفتون ڏيکاريندا هئا، ۽ مذهبي طرح ميڪالمس[3] جي اڳئين ڏينھن جي شام تي سوپاريون ڀڃيندا هئا، اسان جي ويجهي پھچڻ جي اطلاع ملڻ تي سڄي پاڙي جا ماڻھو عاليشان وڳن سان ملبوس ٿيل شرنائي وڄائيندا، پنھنجي مذهبي رهنما سان ملڻ لاءِ ٻاهر آيا، اسان جي اعزاز ۾ دعوت جو پڻ انتظام ڪيل هو. جنھن ۾ اسين خوشيءَ سان شريڪ ٿياسون، انھي مجلس ۾ جا گفتگو، خيال ۽ ويچار سان ٿيڻ کپندي هئي، سا کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پئي ڪئي ويئي.
اسان جي رهائش واري ننڍڙي جاءِ هڪ هيٺ جهڪندڙ ٽڪريءَ جي دامن ۾ واقع هئي، جا پويان سھڻن ننڍڙن ٻوٽن سان ڇانيل هئي، ان جي اڳيان هڪ نھر هئي جا گڙ گڙ ڪري پئي وهي، ان نھــر جي هڪ پاسي چــراگاهه، ٻئي پاسي ساوڪ هئي، منھنجي ٻــنــي اٽڪل ويھارو، ايڪڙ هئي. اهو بھترين زمين جو ٽڪرو مون پنھنجي مالڪ کان هڪ وڏي رقم لونگيءَ طور ڏيئي ورتو هو، منھنجي ننڍڙي احاطي جي صفائي بي مثال هئي، ان ۾ ايلمس[4] جھڙا جهنگلي ٻوٽا بيٺل هئا ۽ لوڙهن جي قطارن ۾ هيج روز[5] بھترين رونق لڳايو بيٺا هئا، منھنجي گهر کي صرف هڪ طبقو هو، جو ڇپر سان ڍڪيل هو ۽ منجهس نھايت فرحت بحش هوا هئي، اندرين ڀيتين کي عمدي چن جي اڇي پوچي ڏنل هئي ۽ منھنجي ڌيئرن انھن کي پنھنجي خيال موجب مورتن سان سينگارڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو هو، جنھن ڪري اها ساڳي ڪوٺي اسان کي ويھڻ جي صفحي ۽ رڌڻي طور ڪم آئي ٿي، جنھن ڪري اها گرم رهي ٿي، ازانسواءِ جيئن تہ اها ڪوٺي تمام گهڻي صاف رکي ويندي هئي ۽ منجهس پليٽون، ساسرين ۽ ٽامي جا سڀئي چمڪندڙ ٿانو سلسليوار قطارن ۾ رکيل هوندا هئا، دلفريب منظر لڳايو بيٺا هوندا، تنھن ڪري ڪنھن بہ وڌيڪ قيمتي فرنيچر جي ضرورت محسوس نٿي ٿي، ان ۾ ٻيا بہ ٽي ڪمرا هئا، هڪ مون ۽ منھنجي زال لاءِ ۽ ٻيو اسان جي ٻن ڌيئرن لاءِ ۽ ٽيون جو اسان جي ڪوٺيءِ اندر ٻن بسترن سان هو، سو ٻين باقي ٻارن لاءِ هو.
اها ننڍڙي جهموري رياست جنھن ۾ مون قانون رائج ڪيا، سا هيٺئين طريقي انتظام هيٺ رکي ويئي، سج اڀرڻ وقت اسين سڀ پنھنجي وڏي صفحي ۾ گڏ ٿيندا هئاسون، جتي نوڪر باھہ اڳيئي ٻاري ڇڏيندو هو، ڇو تہ مون چڱي نسل جي پرورش لاءِ ڪجهہ اهي غير ارادي طريقا جاري رکڻ ٺيڪ ٿي سمجهيا، جن کان سواءِ آزادي هميشہ دوستي کي ناس ڪري ڇڏي ٿي، تنھن ڪري هڪ ٻئي کي مناسب رسم موجب سلام ڪرڻ کان پوءِ اسين سڀئي شگر گذاري ءِ لاءِ ان هستيءَ ڏي جهڪنداهئا سون، جنھن اسان کي (زندگي جو) ٻيو ڏينھن عنايت ٿي ڪيو، هن فرض ادائگيءَ کانپوءِ آءٌ ۽ منھنجو پٽ دستوري پورهئي تي ٻاهر ويندا هئاسون ۽ منھنجي زال ۽ ڌيئرون نيرن تيار ڪرڻ ۾ مشغول رهنديون هيون، اسان جي نيرن مقرر وقت تي تيار ٿيندي هئي، آءٌ هڪ ڪلاڪ سڀني کي پورهئي کان رخـــصــت ڏيندو هــوس، اهــــو وقــت منھنجي زال ۽ ڌيئرون انتھائي خوشيءَ ۾ گذارينديون هيون ۽ آءٌ منھنجو پٽ فلسفيانہ دليل و دلائل ۾ صرف ڪندا هئاسون. اسين سج اڀرئي اٿندا هئا سون، ۽ سج لٿي کان پوءِ پورهيو بند ڪري گهر ڏانھن پنھنجي منتظر ڪٽنب وٽ واپس ايندا هئا سون، جتي مشتڪندڙ نگاهون گرم چلھه، ۽ وڻندڙ باھہ اسان جي استقبال لاءِ تيار هوندا هئا، اسان وٽ هميشہ مھمان خانو لڳو پيو هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن اسان جو پاڙيسري گهڻ ڳالھائو هاري فلمبرو ۽ اڪثر ڪري معذور شرنائي وجائيندڙ ملاقات تي ايندا هئا ۽ اسان جي شراب مان مزو حاصل ڪندا هئا، جنھن جي تيار ڪرڻ ۾ نہ اسان رسد وڃائي هئي ۽ نہ پنھنجي واکاڻ. هنن ماڻھن کي سٺي ساٿي بڻجڻ جا گهڻي ئي طريقا ايندا هئا، جڏهن هڪ ساز ڇيدڙيندو هو تہ ٻيو وري ڪو دل ڏکوئيندڙ گيت ڳائيندو هو، رات جي وقت منھنجن ننڍڙن پٽن کي ڏينھن وارو سبق پڙهايو ويندو هو ۽ انھن مان جيڪو بہ بلند آواز، چٽو ۽ سٺو پڙندو هو، ان کي آچر جي ڏينھن اڌي پيني غريبن جي خيرات واري پيتيءَ ۾ وجهڻ لاءِ ڏني ويندي هئي.
آچر جو ڏينھن گهر جي ڀاتين لاءِ سچ پچ تہ ڏيک ويک جو ڏينھن هوندو هو، ان ڏيک ويک کي منھنجو سڀئي عيش عشرت جي بر خلاف ڪيل فھمائشون روڪي نٿي سگهيون، جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي تہ وڏائي جي خلاف ڏنل منھجين سمجهاڻين منھنجي ڌيئرن جي غرور تي فتح حاصل ڪئي هئي، مگر مون ڏٺو تہ هو اڃا تائين پنھنجن اڳيئن ڏيکن ويکن ڏانھن ڳجهي طرح مائل هيون، هنن اڃا تائين بہ زريءَ ربين، شيشي جي ڪشن(هارن) ۽ ٽاٽ وارن ريشمي ڪپڙن کي پسند ڪيو ٿي، منھنجي زال پڻ اڃا تائين قرمچي رنگ جي ريشمي ڪپڙي پھرڻ جو شوق رکندڙ هئي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڳي چوندو هوس تہ اهو کيس ڏاڍو ٺھيو ٿي.
خاص طرح پھرئين آچر تي منھنجي ڌيئرن جي هلت مون کي شرمنده ڪيو، اڳئين رات تي مون کين چيو، تہ ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ڪپڙا پائي تيار ٿين، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ هميشہ ٻيءَ جماعت کان چڱو وقت اڳ ديول ۾ پھچڻ پسند ڪندو هوس، هنن منھنجن حڪمن جي پوريءَ طرح بجا آوري ڪئي، پر جڏهن صبح جو اسان سڀني کي نيرن جي مانيءَ لاءِ وڏي صفحي ۾ گڏ ٿيڻو هو. تڏهن هو پنھنجين اڳين رونقن سان زرق برق وارن ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل نظر آيون، وارن جي سرهي تيل سان سندن وار چمڪايل، وڻندڙ ڪاري سلڪي ڪپڙي سان نقاب نڪتل چوغن جون دامنيون پويان هڪ وڏي ڍڳ وانگر گڏ ٻڌل، ۽ سڀ ڪنھن تحرڪ تي کڙ کڙ ڪندڙ هيون، آءٌ سندن وڏائيءَ تي کلڻ کان پاڻ کي روڪي نہ سگهيس، خاص طرح پنھنجيءَ زال تي مون کي گهڻو تعجب لڳو،و جو مون کي اميد هئي تہ کيس وڌيڪ شعور هوندو، هن نازڪ وقت ۾ مون وٽ فقط اهو اُپاءُ هو تہ پنھنجي پٽ کي هڪ تمام ضروري نموني جي آواز ۾ حڪم ڪريان تہ گاڏي وٺي اچ، ڇوڪريون منھنجي حڪم تي حيران ٿي ويون، مون وري بہ اڳئين کان بہ وڌيڪ سنجيدگي سان پنھنجي اڳئين حڪم کي دهرايو، اسان تمام چڱي طرح پنڌ هلي سگهن ٿيون ۽ اسان کي هاڻي گاڏي جي طلب نہ آهي. منھنجي زال چيو پيارا مون کي خاطري آهي تہ توهين چرچو ٿا ڪريو. اسان تمام چڱي طرح پنڌ هلي سگهون ٿيون، ”ٻار جھڙي! تون ڀليل آهن“ مون وراڻيو، ”اسان کي گاڏي گهرجي، ڇا ڪاڻ تہ اسين جيڪڏهن هن ٺٺ ٺانگر سان پنڌ ديول ڏانھن هلنداسون تہ هن ديول جي علائقي جا ڇوڪرا اسان کي اهو اهو ڪندا“ ،”تحقيق، منھنجيءَ زال جواب ڏنو، ”مون هميشہ اهو تصور ڪيو ٿي، تہ منھجو ”چارلس“ پنھنجي اردگرد پنھنجن ٻارن کي صاف ۽ حسين ڏسڻ جو شائق آهي.“ مون هن جي ڳالھہ کي وچ ۾ روڪي چيو، ”توهين ڀلي اهڙا صاف ۽ سٿرا ٿيو، جھڙا اوهان ٿيڻ چاهيو ۽ آءٌ اوهان کي ان لاءِ وڌيڪ پيار ڪندس، پر هي سڀ ڪجهہ صفائي نہ آهي، مگر بيھودي نمائش آهي. هي چڻيون، گلابي رنگ جي لالائي ۽ نقاب اسان کي پاڙي وارن جي زالن وٽ متفر ڪندا“ مون وڏيڪ سنجيدگيءَ سان چيو، ”منھنجا ٻچا، اهي چوغا ڪنھن سٺي اگھہ واريءَ شيءِ ۾ تبديل ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ تہ اسان جي فضيلت وارا طريقا طلبيندڙ آهيون، انھن وٽ اهي بلڪل اڻ سونھندڙ آهن، آءٌ نٿو سمجهان، تہ ڪپڙن تي اهڙيون جهالرون ۽ ٺٺ ٺاھہ ڪو شاهوڪارن ۾ بہ سھائيندڙ آهي، جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون تہ ٿلھي ليکي بہ هنن خود نمائيءَ جي پٽِن سان دنيا جي غريبن جي اوگهڙ ڍڪجي سگهي ٿي،
هيءُ اعتراض حقيقي رنگ ۾ اثرائتو ٿيو، هو گهڻي جميعت سان يڪدم پنھنجي لباس کي بدلائڻ ويون ۽ ٻئي ڏينھن مون ڏٺو تہ منھنجو ڌيئرون پنھنجي دامنين کي ٻنھي ننڍڙن ٻارن، ”ڊڪ“ ۽ ”بل“ جي لاءِ
آچر جي ڏينھن پائڻ وارن واسڪوٽين ٺاهڻ ۾ مشغول هيون ۽ اڃا بہ جا ڳالھہ تسلي بخش هئي، سا اها تہ هن ڇنڊ ڇاڻ بعد سندن چوغا وڌيڪ وڻندڙ ڏسڻ ۾ آيا. 


_____________
[1] عاشقن جو ڏينھن ڪرستاسنن ۾ هي هڪ پاڪ ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي.
[2] ڏوھہ باس وارا ڏينھن؛ (shrove tide) هنن ڏينھن تي عيسائي پنھنجن پادرين جي اڳيان وڏا ڏوھہ باسيندا آهن ۽ معافيون گهرندا آهن.
[3] ميڪالمس شام ((Mechaelmas eve هي عيسائين جو وڏو ڏينھن آهي ۽ سينٽ ميڪائيل جي ياد ۾ ملھايو ويندو آهي.
[4] ايلمس (Elms) ولايتي جهگلي ٻوٽو آهي، جنھن جا پن ننڍا ۽ ڏندن وارا ٿيندا آهن.
[5] هيج روز (Hed ge rose) هي ٻوٽا عام طرح ولايت ۾ گهرن جي ٻاهران پوکيا ويندا آهن ۽ سڄي احاطي جي چوڌاري لوڙهن جو ڪم ڏيندا آهن.

باب پنجون: هڪ نئين واقفيت، اميدون هميشہ برصواب نٿيون ٿين

گهر کان ٿورو پري منھنجي اڳئين جاءِ نشين هڪ اوطاق هاٿارن[1] ۽ هني سڪل[2] نالي انگريزي ولين سان ڍڪيل ٺھرائي هئي، جڏهن موسم عمدي هوندي هئي ۽ اسان جو پورهيو جلد پورو ٿيندو هو، تڏهن اسين اتي بدستور گڏجي شام جي سناٽي ۾ هڪ وسيع نظاري مان حظ حاصل ڪرڻ ويھنداهئا سون، اتي اسين چانھه پڻ پيئندا هئاسون، يا وقتي طرح ماني کائڻ جي محفل پڻ ٿي پوندي هئي، جيئن تہ اهڙي مجلس ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي، انھي ڪري تيارين جي چڱي خاصي گوڙ گهمسان سبب، اها هڪ نئين خوشي ڦھلائي ڇڏيندي هئي، انھن موقعن تي اسان جا ٻہ ننڍڙا ٻار اسان جي ماني کائڻ وقت ويھي ڳائيندا هئا ۽ اسان جي مانيءَ ختم ڪرڻ کانپوءِ کين باقاعدي کارايو ويندو هو، ڪن وقتن تي پنھنجي وندر ۾ ڦيرگهير ڪرڻ لاءِ ڇوڪريون ستار تي ڳائينديون هيون، اهي جيستائين ننڍڙي راڳ جي مجلس تيار ڪنديون هيون. تيستائين منھنجي زال ۽ آئون هيٺ ، ”بلو بيل“ ۽ ”سينٽاري“[3] نالي گلن سان سينگاريل سلاميءَ واري ٻنيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندا هئاسون. اتي اسين بيحد خوشيءَ سان پنھنجي ٻارن بابت ڳالھائيندا ۽ ان هير جو مزو ماڻيندا هئا سون جا تندرستي ۽ سڪون پاڻ سان آڻيندي هئي.
هن نموني گذارڻ سان اسان ائين معلوم ڪرڻ ڪيو تہ زندگي جو هر ڪو درجو پنھنجيون خاص خوشيون ڏئي ٿو، هر ڪو صبح اسان کي محنت جي وري ڪرڻ لاءِ جاڳائيندو هو، پر شام اسان کي ان جو عيوضو کل ۽ خوشيءَ ۾ ڏيندي هئي.
اها اڃا بھار جي شروعات هئي، هڪ موڪل جي ڏينھن، جيئن تہ آءٌ اهڙن ڏينھن کي پورهئي کان آزاديءَ جا لمحا ڪري سمجهندو هوس،انھي ڪري پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پنھنجي مٿئين بيان ڪيل دستوري وندر جي جڳھہ تي وٺي ويو هوس ۽ اسان جي موسيقارن پنھنجي راڳ جي مجلس شروع ڪئي هئي، جيئن اسين راڳ ٻـڌڻ ۾ مـــشــغــول هئا سين، تيئن اسان هڪ هرڻ، پنھنجي ويھڻ واري جاءِ کان اٽڪل ويھن قدمن اندر تڪڙو لانگهائو ٿيندو ڏ‎ٺو ، سندس سھڪڻ مان ائين معلوم ٿيو تہ کيس شڪارين تمام گهڻو تنگ ڪيو هو، اسان کي ان غريب جانور جي مصيبت تي ويچار ڪرڻ لاءِ اڇا گهڻو وقت ئي نہ مليو هو تہ اسان ڪتن ۽ گهوڙي سوارن کي پويان ڪجهہ مفاصلي تي تمام گهڻي ڇوھہ ۾ ساڳيو رستو وڃي لانگهائو ٿيندو ڏٺو، مون يڪدم پنھنجي ڪٽنب کي موٽائي گهر وٺي هلڻ جو ارادو ڪيو، مگر منھنجي زال ڌيئرون هر کر يا عجب، يا ڪنھن ڳجهي مقصد سبب ويٺيون رهيون، شڪاري، جو سڀني جي اڳيان ه، سو پاڻ جھڙن چئن يا پنجن ماڻھن سان تڪڙو اسان جي اڳيان لنگهي ويو، ان کان پوءِ هڪ اميراڻيءَ شڪل وارو نوجوان اڳتي وڌي آيو، ۽ ڪجهہ وقت اسان بنسبت ويچار ڪرڻ کان پوءِ شڪار جي پويان پوڻ بدران بيھي رهيو، هن پنھنجي هڪ حاضريءَ واري نوڪر کي پنھنجو گهوڙو ڏنو ۽ بي پرواهي ۽ شانائتي نموني سان اسان ڏانھن وڌي آيو، کيس تعارف جي ڪا بہ گهرج نہ رکندڙ ڏٺو ويو، هن اهڙي نموني منھنجي ڌيئرن کي سلام ڪيو، جو ڄڻ تہ کيس مھرباني واري استقبال جي خاطري هئي، پر منھنجون ڌيئرون اڳيئي شڪل مان انومان ڪڍڻ جو سبق سکيل هيون، جنھن تي هن اسان کي ٻڌايو تہ سندس نالو ”ٿارنھل“ هو ۽ جيڪا زمين اسان جي چوڌاري پکڙيل هئي، تنھن جو هو مالڪ هو، هن وري ٻيھر ڪٽنب جي زناني عالم کي سلام ڪيو ۽ دولت ۽ عمدن ڪپڙن کي اهڙو تہ زور ٿيو جو سندس ڪلام جو انڪار نہ ڪيو ويو، سندس خطاب بي باڪ ۽ تحسين بخش هو، تنھن ڪري اسان وڌيڪ گهرا ٿيا سون، موسيقي جا ساز قريب پيل ڏسي هن هڪ راڳ سان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو، آءٌ اهڙيءَ نامناسبت واري ءَ واقفيت کي پسند نہ ڪندو هوس، ۽ مون پنھنجي ڌيئرن کي ائين نہ ڪرڻ لاءِ اک جو اشارو ڪيو مگر منھنجو اشارو منھنجي زال کان مليل اشاري سان رد ٿي ويو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هنن تمام مسرت بخش آواز ۾ هڪ شاعر ”ڊرائيڊرن“[4] جو دلپسند راڳ ڳائي ٻڌايو، ”مسٽر ٿارنھل“ سندس ادائگي ۽ پسند کان تمام گهڻو خوش ڏسڻ ۾ آيو. هن پوءِ پاڻ ستار کنئي جيتوڻيڪ هن ستار گهڻي لاپرواهي سان وڄائي، تہ بہ منھنجي وڏي ڌيءَ سندس اڳئين ڏنل داد جي موٽ گهڻي چاھہ سان ڪئي ۽ کيس خاطري ڏني، تہ سندس آواز مرڳو سندس استاد جي آواز کان بہ وڌيڪ بـــلــنــد هو، اهڙي داد تي هن ڪنڌ هيٺ نــمــايو، جنھن جي واپسي منھنجيءَ ڌي گهڻي خاطر تواضع سان ڪئي، هن هن جي پرک کي ساراهيو ۽ هن سندس سمجهہ جي واکاڻ ڪئي، ڪيترو بہ گهڻو عرصو کين ان کان وڌيڪ واقف بڻائي نہ سگهي ها، سندن ساده دل ماءُ پڻ پنھنجي زميندار جي اندر اچڻ ۽ شراب مان ذائقي وٺڻ تي اصرار ڪيو، ائين چئجي تہ سڄو ڪٽنب کيس خوش ڪڻ ۾ سرگرم ڏٺو ويو، منھنجي ڌيئرن انھن مسئلن سان هن کي وندرائڻ جون ڪوششون ڪيون، جن کي پاڻ تمام جديد ٿي سمجهيائون ۽ منھنجي پٽ وري ان جي برعڪس کيس هڪ ٻہ سوال قديم مسائل مان ڏنا، جن لاءِ کيس کلڻ هاب ٿيڻو پيو، منھنجا ننڍڙا ٻار پڻ ان ڪم ۾ پوئتي نہ پيا ۽ تمام گهڻي چاھہ سان ان اجنبيءَ جي ويجهو چھٽيارهيا، سندس خراب هٿن کي زميندار جي ڪپڙن تي جا زري لڳل هئي، ان کي جهلڻ ۽ داغ ڪرڻ ۽ جيڪي اندر هو ان جي ڏسڻ لاءِ کيسي جي ڦڙڪين کي ڇڪڻ کان روڪڻ لاءِ سڀئي منھنجون ورتل ڪوششون ناڪام ٿيون، شام ٿيڻ تي هن موڪلايو، مگر تيستائين نہ جيستائين هن وري بہ ملاقات کي تازي ڪرڻ لاءِ اجازت نہ گهري، جا جيئن تہ هو اسان جو زميندار هو، تنھن ڪري اسان يڪدم قبول ڪئي.
اڃا اهو ٻاهر نڪتو ئي مس هو تہ منھنجي زال ان ڏينھن تي جيڪا سرگذشت ٿي هئي، ان بابت مجلس سڏائي، هوءَ انھيءَ راءِء جي هئي تہ اهو سڀاڳو داءُ هو، هن نہ ٿيڻ جھڙيون ڪيتريون عجيب ڳالھيون سمجهيون هيون. هن وري بہ ان ڏينھن ڏسڻ جي اميد ٿي ڪئي، جڏهن اسين پنھنجا ڪنڌ انھن بھترين ماڻھن سان گڏ مٿي جهلي سگهياسون ٿي، هن صداءِ احتجاج بلند ڪندي چيو تہ کيس ڪو بہ ڊپ ڏسڻ ۾ ڪو نہ ٿي آيو تہ ڇو ٻہ ”رنڪلر“ جون ڪڪيون وڏن دولتمندن سان شاديون ڪن ۽ سندس ٻارن کي ڪو بہ لائق مڙس نہ ملي، جيئن تہ هيءُ پويون دليل مون ڏانھن خطاب ڪيل هو، تنھن ڪري مون اعتراف ڪيو تھ، ان لاءِ آءٌ پاڻ ڪو سبب ڏسي ڪو نہ ٿو سگهان. نڪي ان لاءِ تو ڇو ”مسٽر سمڪنس“ خوبصورتيءَ ۾ ڏھہ هزار پائونڊ انعام طور حاصل ڪيا ۽ اسان ٺلھائي ٺلھا رهجي وياسون، منھنجيءِ زال واڪو ڪري چيو، ”چارلس“ آءٌ دعويٰ سان ٿي چوان تہ هن ئي نموني تون منھنجين ڌيئرن ۽ مون کي خوشيءِ وقت دل شڪستو ڪرين ٿو، ”صوفيا“ منھنجي پياري، مون کي ٻڌاءِ تہ تنھنجو اسان جي نئين ملاقاتي بابت ڪھڙو رايو آهي؟ ڇا تون نٿي سمجهين تہ هو تمام سٺي طبيعت وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو،“ ”امان سچ پچ تہ گهڻي قدر ائين هو“ صوفيا وراڻيو ”آءُ سمجهان ٿي تہ هر شيءَ تي هن کي گهڻو ئي ڪجهہ چوڻو آهي ۽ ڪڏهن بہ شڪست کائڻ وارو نہ آهي، جيئن ڪا شيءِ وڌيڪ خسيس تيئن هن کي وڌيڪ ڳالھائڻو آهي“ ”اوليويا“ چيو، ”هيءَ مرد ٿيڻ جي لائق آهي، مگر آءٌ کيس گهڻو پسند نٿي ڪريان، هي حد کان بي ادب ۽ گستاخ آهي، پر ستار تي ضرب رسائيندڙ آهي.“ هن ٻنھي ڇوڪرين جيڪي ڪجهہ چيو، تنھن جي مون ابتڙ تشريح ڪئي، مون معلوم ڪيو تہ صوفيا اندروني طرح هن کي ايترو ئي ڌڪاريو ٿي، جيترو ڳجهي طرح اوليويا کيس پسند ٿي ڪيو، مون چيو، ”منھنجا ٻچا، هن بابت اوهان جا کڻي ڪھڙا بہ رايا هجن، مگر حق جي ڳالھہ اها آهي تہ هن مون کي، سندس فائدي ۾ پاڻ ڏانھن راغب نہ ڪيو آهي، نامناسبت واريون دوستون هميشہ نفرت ۾ ختم ٿين ٿيون، هن جي ايتري نرم مزاجيءَ جي باوجود مون سمجهيو تہ هو اسان جي وچ ۾ جيڪو ويڇو آهي، ان کان پوريءَ طرح واقف آهي، مون کين چيو، اچو تہ پاڻ کي ساڳئي درجي وارن ماڻھن سان رفاقت ۾ رهون، ڪو بہ شخص ان ماڻھو کان وڌيڪ حقارت جوڳو نہ آهي، جيڪو دولت جي ڳولا ۾ آهي، ۽ مون کي ڪوبہ اهڙو سبب ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي، تہ ڇو نہ دولت ڳوليندڙ عورتون بہ ڌڪار جوڳيون هئڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سندس خيال شريفاڻا آهن، تہ اسين نفرت جوڳا ٿينداسون، مگر جيڪڏهن اهي ٻئي نموني هجن تہ پوءِ ......! مگر مون کي ان تي ويچار ڪرڻ کان بہ ڪنبڻ گهرجي، ائين صحيح آهي تہ مون کي پنھنجن ٻارن جي هلت مان ڪو بہ خطرو نہ آهي، مگر مون کي هن جي اخلاق مان گهڻو انديشو آهي.“ آءٌ ڪجهہ وڌيڪ چوان ها. مگر زميندار کان آيل نوڪر رڪاوٽ جو سبب بڻيو، هن پنھنجي سلامن سان گڏ اسان کي شڪار جو هڪ حصو بہ موڪليو هو ۽ انجام ڪيو هو تہ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هو اسان وٽ ماني کائيندو. جيڪي ڪجهہ مون کي زميندار کي دفع ڪرڻ لاءِ چوڻو هو، ان کان وڌيڪ سندس پوري وقت تي موڪليل سوغات سندس فائدي ۾ تمام زور سان وڪالت ڪئي، انھي ڪري پنھنجي ڌيئرن کي ايندڙ خوف کان آگاھہ ڪرڻ ۽ ان جي دور ڪرڻ جو ڪم سندن ئي اختياري ۾ ڇڏڻ تي راضي ٿي، صبر ۾ رهڻ جاري رکيم، اهو اخلاق جو هميشہ سنڀال جي ضرورت رکي ٿو، سو ڪڏهن بہ ڪنھن سنڀاليندڙ جي قيمت لائق نہ آهي.

_______________
[1] ها ٿارن: هڪ ڪنڊن واري ول آهي، جنھن ۾ عجيب قسم جا گل ٿيندا آهن، هن قسم جون وليون انگلينڊ ۾ عام جام آهن.
[2] هني سڪل: هي بہ هڪ ٻوٽو آهي جو انگلينڊ ۾ جام ٿيندو آهي.
[3] بلو بيل، ۽ سينٽاري: هي ٻئي جهنگلي ٻوٽا آهن، جن ۾ سھڻا ۽ وڻندڙ گل ٿيندا آهن.
[4] ڊرائيڊن: هي انگلينڊ جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي.

باب ڇهون: ٻھراڙيءَ جي خوشي

جيئن تہ اسان اڳيون تڪرار پئي ڪيو، تيئن انھن معاملن کي وڌيڪ موافق بڻائڻ لاءِ اهو قبول ڪيو ويو، تہ اسان کي انھيءَ شڪار جو ڪجهہ حصو رات جي ماني طور واپرائڻ گهرجي. ڇوڪرين اهو ڪم پاڻ تي کنيو، مون چيو، ”مون کي ارمان آهي تہ اسان جي هن عمدي، دعوت ۾ ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بہ پاڙيسري يا اجنبي ماڻھو نہ آهي، هن نموني جون دعوتون مھمان نوازيءِ مان ٻٽو مزو حاصل ڪن ٿيون“ منھنجيءَ زال چيو، ”مون کي دعا ڪر، اجهو اسان جو دوست، ”مسٽر برچل“ جنھن اسان جي ”صوفيا“ کي ٻڏڻ کان بچايو، ۽ تون کي بحث ۾ گهڻي قدر کٽايو، اچي پيو.“ مون چيو، ”مون کي مناظري ۾ ڪوڙو ڪيائين، منھنجي پياري تون ان ۾ غلطي ٿي ڪرين، مون کي يقين آهي تہ ڪي تمام جزوي ماڻھو هوندا جي ائين ڪري سگهن ٿا، آءٌ ڪڏهن بہ تنھنجي شراب تيار ڪرڻ جي قابليتن بابت تڪرار ڪو نہ ٿو ڪريان ۽ عرض ٿو ڪريان تہ توهين پڻ بحٽ کي مون تي ڇڏي ڏيو“ جيئن مون ڳالھايون تيئن ”مسٽر برچل“ گهر ۾ گهڙيو ۽ سڄي ڪٽنب ان جو آڌرڀاءُ ڪيو، هنن کيس هٿ ڏيئي کيڪاريو، مگر ”ڊڪ“ اڳرائي ڪري هن کي ڪرسي ڏني.
آءٌ هن غريب ماڻھو جي دوستي کان ٻن سبب ڪري راضي هوس، هڪ تہ مون کي خبر هئي، تہ هن کي منھنجي دوستي جي ضرورت هئي ۽ ٻيو تہ مون سمجهيو ٿي، تہ جيتري قدر کانئس ٿي سگهيو ٿي، اوتري قدر هو اسان سان دوستاڻي سلوڪ ۾ هو، هو اسان جي پاڙي ۾ ”غريب سکر ماڻھو“ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو، هن جوانيءَ ۾ ڪو بہ پاڻ لاءِ چڱو ڪم نہ ڪيو هو، جيتوڻيڪ هو اڃا ٽيھن ورهين جو مس هو، هو ڪن وقتن تي نھايت عقل سليم سان ڳالھائيندو هو، مگر گهڻو ڪري ٻارن جي ڪچھريءَ جو شوقين هوندو هو، ۽ کين ”ننڍڙا ماڻھو“ ڪوٺيندو هو. مون کي معلوم ٿيو تہ هو ٻارن کي راڳ ڳائي ٻڌائڻ لاءِ مشھور هو، ۽ هميشہ ڪانہ ڪا شيءِ، جنجر ڪيڪ جا ٽڪرا يا هڪ پيني جي توتاري پنھنجي کيسي ۾ کڻي وڃڻ کان سواءِ ٻاهر نہ نڪرندو هو. هو گهڻو ڪري ساليانو هڪ دفعو ڪجهہ ڏينھن لاءِ اسان جي پاڙي ۾ ايندو هو ۽ پاڙي وارن جي مھمانداريءَ تي گذاريندو هو، هو اسان سان گڏ رات جي مانيءَ تي ويٺو ۽ منھنجي زال کيسي خارتوتي شراب پيارڻ ۾ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي. ڳالھہ چوڌاري پکڙجي ويئي، هن اسان کي جهونا راڳ ٻڌايا ۽ ٻارڙن کي صابر جراسيل[1] جي تاريخ، بيورلئنڊ جي هرڻ جي آکاڻي، ڪئٽسڪن جا حيرت انگيز ڪارناما ۽ سوڀياوان روزامند[2] جي خلوق گاھہ جي آکاڻي ٻڌائي، اسان جو ڪڪڙ، جو هميشہ يارهين بجي ٻانگ ڏيندو هو، تنھن هاڻي اسان کي اطلاع ڏنو تہ اهو آرام ڪرڻ جو وقت هو، اوچتو برچل“ جي سمھڻ جي جاءِ بنسبت تڪليف پيدا ٿي، اسان جا جملي بسترا اڳيئي وڇايا پيا هئا ۽ ايتري تہ دير ٿي ويئي هئي، جوکيس ڀر واريءَ سراءِ ۾ موڪلي نٿي سگهياسون، هن مشڪلات جي وقت ”ڊڪ“ کيس پنھنجي بستري جو حصو آڇيو، بشرطيڪ هن جو ڀاءُ ”موزز“ کيس پاڻ سان گڏ سمھڻ ڏيندو، ”بل“ دانھن ڪري چيو، ”جيڪڏهن منھنجيون ڀينرون مون کي پاڻ سان گڏ سمھاريون تہ آءٌ ”مسٽر برچل“ کي پنھنجو بسترو ڏيندس، مون چيو شاباس منھنجا ٻالڪ! مھمانداري عيسائين جي اولين فرضن مان هڪ فرض آهي، حيوان پنھنجي اجهي ۾ پناھہ وٺي ٿو ۽ پکي پنھنجي آکيري ڏي اڏامي وڃي ٿو، مگر محتاج انسان صرف پاڻ جھڙي مخلوق کان ئي پناھہ حاصل ڪري ٿو، مون پنھنجي زال کي چيو ”ڊيبورا! هنن ٻارن مان هر هڪ کي هڪ لپ کنڊ جي ڏي، ۽ ڀلي تہ ”ڊڪ“ جي لپ وڏي ۾ وڏي هجي، ڇا ڪاڻ تہ هن پھريائين ڳالھايو آهي.“
صبح جو سويل مون پنھنجي ڪٽنب کي پاڇاٽي گاھہ جي اوڀڙ کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ سڏيو ۽ برچل جي آڇ ڪرڻ تي کيس ڪم ۾ لڳايو ويو، اسان جي محنت بي توجهيءَ سان پئي هلي ۽ اسان ڏانٽي سان لڻيل گاھہ جو رخ هوا ڏانھن ڦيرايو. آءٌ سڀني کان اڳ ويس ۽ ٻين واري وٽيءَ سان منھنجي پٺ ورتي. ”مــسـٽـر بــرچـــل، جيڪا منھنجي ڌيءَ کي مدد ڪئي، اها آءٌ آساني سان ڏسي سگهيس ٿي، پنھنجي ڪم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو منھنجي ڌيءَ جي ڪم ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان سان گفتگو ۾ مشغول ٿي ويو، مگر مون کي ”صوفيا“ جي سمجهہ بابت اهڙو تہ سٺو رايو هو ۽ سندس دلي طلب کان ايترو تہ مطمئن هوس، جو هن ڪريل بخت واري ماڻھوءَ کان ڪا بہ بيچيني محسوس ڪري نہ سگهيس، جڏهن اسان ڏينھن جو ڪم ختم ڪيو تڏهن ”مسٽر برچل“ کي اڳئين رات وانگر مدعو ڪيو سون، مگر جيئن تہ هن کي هڪ پاڙيسريءَ جي گهر ۾ رهڻو هو، جنھن جي ٻار لاءِ هو توتاري کڻي آيو هو، تنھن ڪري هن انڪار ڪيو، جڏهن ويو تڏهن رات جي ماني تي اسان سندس بابت گفتگو ڪئي، مون چيو ، ”هيءَ غريب ماڻھو انھن پريشانين جو هڪ مثال آهي، جيڪي هڪ هلڪائي واري نوجوان کي حصي ۾ مليل آهي، هيءُ ڪنھن بہ نموني شعور جو گهرجائو نہ آهي، جو صرف سندس اڳئينءَ غلطيءَ کي وڌيڪ سنگين ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، هيءَ هڪ غريب ڏتڙيل مخلوق آهي، ڪٿي آهن، هاڻي اهي عيش عشرت ۾ ساٿي ٿيندڙ، چاپلوسي ڪندڙ،جن کي هي ڪنھن وقت همٿائي ۽ حڪم هيٺ رکي سگهيو ٿي! اهي هن جي فضول خرچيءَ مان شاهوڪار ٿي شايد بدڪاريءَ جي اڏن جي مجيرين وٽ ڏن ڏيڻ ويا آهن، اهي ڪڏهن هن جي تعريف ڪندا هئا. مگر هاڻي ڌوتن جي تعريف ڪن ٿا، هنن جون اڳيون خوشيون سندس ظرافت باعث هيون، سي هاڻي هن جي بي عقليءَ ڪري طعني ۾ تبديل ٿي ويون آهن، هيءَ غريب آهي ۽ شايد غربت جو لائق بھ، ڇو تہ نڪي هن کي پاڻ تي ڀاڙڻ جي تمنا آهي ۽ نڪي ڪارائتي ٿيڻ جو هنر اٿس.“ شايد ڪن ڳجهن سبب جي روح افزائيءَ ڪري مون هي پنھنجا تاثرات تمام تيزي سان (ٻين تائين) پھچايا. منھنجي ڌيءَ ”صوفيا نرميءَ سان چيو،“ بابا هن جي اڳئين هلت ڪھڙي هجي، مگر سندس موجودہ حالات کي گهرجي تہ اهي هاڻي کيس ڪنھن بہ ملامت کان بري ڪن. هن جي هاڻوڪي تنگدستي سندس اڳئينءَ غلطيءَ جي ڪافي سزا آهي، ۽ مون پنھنجي پيءُ کي خود چوندو ٻڌو آهي، تہ اسان ان مظلوم کي غير ضروري ضرب نہ رسايون، جنھن تي اللھ تعاليٰ پنھنجي ناراضگي ظاهري ڪري چڪو آهي.“ منھنجي پٽ ”موزز“ چيو تہ ”صوفي“! تون صحيح آهين، جهونين آکاڻين مان هڪ ۾ ان ٻھراڙي واري ماڻھوءَ بابت احوال ڏنل آهن، جنھن ”مرسياس“[3] جي جيئري کل لاٿي هئي،
اها آکاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي تہ انھي جي کل وري ٻئي جي هٿان ٽڪرا ٽڪرا ٿي لٿي، آءٌ نٿو سمجهان تہ هن غريب ماڻھوءَ جو درجو اهڙو ڪو ڪريل آهي، جھڙو اسان جو پيءُ ان کي پيش ڪري ٿو. اسين ٻين ماڻھن جي احساس جو فيصلو انھن احساسن سان ڪري نٿا سگهون. جيڪي هوند اسان احساس محسوس ڪريون، جيڪڏهن هنن جي حالت ۾ هجون، ڪاري انڌي ڪئي جي رهڻ جي جاءِ اسان کي ڪيتري بہ کڻي اونداهي نظر اچي، تہ بہ ان جانور کي اها ڪوٺي ڪافي روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿي. حق جي ڳالھہ اها آهي تہ هن ماڻھوءَ جي دل سندس درجي سان پوريءَ طرح ٺھڪي اچي ٿي، ڇا ڪاڻ تہ اڄ جنھن وقت هن تو سان گفتگو پئي ڪئي، ان وقت هو اهڙو تہ خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جنھن جھڙو مون ڪنھن بہ ماڻھوءِ کي ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو،“ جيتوڻيڪ ”موزز“ مٿئين ڳالھہ سواءِ ڪنھن مقصد جي ڪئي، تہ بہ انھيءَ صوفيا جي حياءَ کي ڀڙڪايو، جنھن حياءَ کي مصنوعي کل سان ڍڪڻ لاءِ هن ڪوشش ڪئي ، هن خاطري ڏني تہ هن جيڪي بہ کيس چيو هو، ان ڏانھن پاڻ ورلي ڪو توجهہ ڏنو هئائين. هن اهو پڻ قبول ڪيو تہ کيس يقين هو تہ هو ڪنھن وقت هڪ باوقار شريف ماڻھو هو، جنھن ڦڙتائيءَ سان ”صوفيا“ پاڻ کي بي ڏوهي ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪي سندس شرمساريءَ جون علامتون هيون، تن کي مون اندرونيءَ طرح پسند نہ ڪيو، مگر پنھنجن شڪن کي دٻائي ڇڏيم. جيئن تہ اسان کي اميد هئي تہ زميندار ٻئي ڏينھن تي اسان وٽ ايندو، تنھن ڪري منھنجي زال شڪار واري گوشت جو سنبوسو تيار ڪرڻ ويئي، ان وقت موزز، پڙهڻ ويٺو ۽ مان ننڍن ٻارن کي سيکارڻ ويٺس. منھنجون ڌيئرون پڻ ٻين وانگر مشغول ڏٺيون ويون، هنن ڪافي وقت کان باھہ تي ڪا شيءَ پي پچائي، مون پھريائين سمجهيو تہ انھن پنھنجيءَ ماءُ کي مدد پئي ڪئي، پر ننڍڙي ”ڊڪ“ مون کي آهستي ٻڌايو، تہ اهي منھن ڌوئڻ جو ڌوپ ٺاهي رهيون هيون، سڀني قسمن جي ڌوپن لاءِ مون کي فطري طرح نفرت هوندي هئي، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ سمجهندو هوس تہ اهي چھري کي سنوارڻ جي عيوض ان کي بگاڙين ٿا، مون پنھنجي ڪرسييءَ کي مخفي طرح آهستي آهستي باھہ ڏانھن ويجهو ڪيو ۽ باھہ چورڻ واري سيخ کنئي ۽ بظاهر اتفاقاً سڄي ڌوپ کي اونڌو ڪري ڇڏيم ۽ ايتري دير ٿي ويئي هئي جو ٻيو تيار ٿي نٿي سگهيو.

______________
[1] صابر جراسيل؛ چاسر جي ڪئنٽربري ٽيسل (Chaucers Centerbury Tales) مان هڪ آکاڻي ڪلرڪس ٽيل (The clerks Tale) ۾ هيٺين طرح احوال اچي ٿو، هيءُ هڪ ٻھراڙيءَ جي ڇوڪري آٿي، جا مارڪئس آف سليوسزMarquis of selues) ) سان شادي ڪري ٿي، سندس مڙس هن کان ٻار کسي وٺي ٿو ۽ کيس مفلسيءَ ۾ اوڙاھہ ۾ ڦٽو ڪري ٿو ۽ کيس حڪم ڪري ٿو تہ ٻيءَ شادي ڪرڻ ۾ مدد ڪري. چٽيل ۽ هي عورت سڀ ڪجهہ صبر سان سھي ٿي ۽ ڪنھن بہ قسم جي دانھن نٿي ڪري ، هن نالي سان هڪ ڪتاب بہ لکيل آهي ، جو ڊيڪر Chettle and Dekher 1606ع ۾ ڇپايو.
[2] سوڀيا وان روزامنڊ؛ (وفات 1176ع والٽر –ڊي ڪئليفورڊ) (Walter –de –califird) جي ڌي هئي، چيو وڃي ٿو تہ سن 1174ع ۾ هي هينري ٻئي جي سريت هئي ۽ راڻي ايلينز (Queen Eleans) کيس زهر پيئاري مارايو. سندس موت جي حڪايت انگريزي شاعرن جدا جدا نظمن ۾ بيان ڪئي آهي.
[3] مرسياس ــــ يوناني ڏند ڪٿائن ۾ چيو وڃي ٿو تہ مرسياس جي هڪ مشھور بانسري وڄائيندڙ هو، جنھن اپالو (Apollo) کي موسيقي ۾ چئلينج ڏنو، ٻنھي جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي ٿي، جنھن ۾ اپالو ڪامياب ٿيو ۽ مرسياس جي جيئري کل لھرائي ڇڏيائين.

باب ستون: هڪ شھري مذاق

اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، تہ جنھن ڏينھن اسان کي پنھنجي نوجوان زميندار جي مھماني ڪرڻي هئي، تڏهن پاڻ کي ڪنڌ کڻڻ جھڙو ڪرڻ لاءِ ان تي ڪيترو سيڌو کپائڻو پيو ۽ منھنجي زال ۽ ڌيئرن انھي موقعي تي پنھنجي بھترين نمائشي زرق برق واري لباس جي ڪيتري نمائش ڪئي، ”مسٽر ٿارنھل“ پنھنجن ٻن رفيقن سان آيو، جن مان هڪ سندس پادري هو ۽ ٻيو سندس ماني کارائيندڙ، ساڻس ٻيا جيڪي بيشمار نوڪر هئا، تن کي هن مھذب طريقي ٻئي ڪلال خاني ڏانھن روانو ڪيو، ليڪن منھنجيءِ زال پنھنجيءَ فراخ دليءَ ڪري، انھن سڀني کي مھماني ڪرڻ تي اصرار ڪيو، جنھن ڪري اسان جي ڪٽنب پويان ٽي هفتا تڪليف ۾ گذاريو، جيئن تہ ”مسٽر برچل“ اڳئين ڏينھن تي اسان سان اشارتاً ظاهر ڪيو هو، تہ زميندار ”ٿارنھل“ ”جارج“ جي اڳئين محبوبہ ”مس ولماٽ“ کي شادي جون درخواستون ڪري رهيو هو، تنھن ڪري ان احوال سندس استقبال جي خلوص کي گهڻي ڀاڱي شڪستہ ڪري وڌو، پر هڪ اوچتي واقعي اسان جي پريشانيءَ کي ڪجهہ قدر گهٽايو، ڇاڪاڻ تہ سندس ساٿين مان هڪ ماڻھو جڏهن مس ولماٽ جو نالو زبان تي آندو، تڏهن ”مسٽر ٿارنھل“ قسم کڻي چيو تہ اهڙيءَ خوفائتيءَ کي حسين سڏڻ کان وڌيڪ واهيات ٻيءَ ڪنھن بہ ڳالھہ جي کيس اصل خبر نہ هئي، هن سلسھ ڪلام جاري رکندي چيو، ”جيڪڏهن آءٌ سينٽ ڊنسٽن“ جي ديول واري گهڙيال هيٺان رکيل بتيءَ جي معلومات سان پنھنجيءَ محبوب جي چونڊ ۾ ايتري گهڻي خوشي حاصل نہ ڪريان تہ پوءِ مون کي هڪ بداطور لاءِ نشان ڪيو وڃي.“ ائين چئي هن کليو ۽ اسان پڻ کليا سين ڇو تہ شاهوڪارن جا چرچا هميشہ ڪامياب ٿيندا آهن. ”اوليويا“ پڻ ڪافي بلند آواز سان ڀڻ ڀڻ ڪرڻ کان پاسو ڪري نہ سگهي تہ ”ٿارنھل“ تمام خوش مزاج هو.
رات جي ماني کانپوءِ مون ديول جي سلامتيءَ جي دستوري صحت جام پيڻ جي شروعات ڪئي، جنھن لاءِ پادريءَ منھنجي شڪر گذاري ڪئي. هن چيو تہ تہ ديول ئي سندس اڪيلي محبوب هئي، زميندار پنھنجي دستوري عياريءَ سان چيو تہ ”جرمن نسل وارا اچ، سمجهہ تہ هڪ طرف تنھنجي موجودہ محبوب ديول ريشمي چوغن ۾ ملبوس ٿيل ۽ ٻئي طرف ”مس صوفيا“ مذڪورہ چوغن کان سواءِ بيٺل آهي، اسان کي ايمانداري سان ٻڌاءِ تہ تون ڪنھن کي پنھنجو ڪندين؟“ يقيناً ٻنھي کي “، پادريءَ واڪو ڪري چيو، زميندار وڏي آواز ۾ چيو، ”ٺيڪ، ڇا ڪاڻ تہ هڪ خوبصورت ڇوڪري سڄي ڪائنات ۾ پادريءَ جي شايان شان حڪمت عمليءَ جي قيمت رکي ٿي، جيڪڏهن ائين نہ هجي تہ پوءَ ڀلي هيءَ گلاس مون کي گهٽي وجهي، ڇا ڪاڻ تہ هي ڏهون حصو ڏن ۽ حرفتون ڇا آهن؟ محض محصول، اها صرف پڪي مڪاري آهي ۽ آءٌ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو“ منھنجي پٽ موزز چيو، آءٌ چاهيان ٿو تہ تون اهو ثابت ڪرين ۽ آءٌ سمجهان ٿو تہ مان تو کي ان جو جواب ڏيئي سگهندس“ زميندار چيو، ”سائين تمام چڱو“ ۽ يڪدم هن ڏانھن غور سان نھارڻ شروع ڪيائين، ”جيڪڏهن تون انھيءَ موضوع تي ٿڏي سيني سان بحث ڪرڻ جي فائدي ۾ آهين. تہ آءٌ تنھنجي للڪار قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر پھريائين ٻڌاءِ تہ تون پنھنجي بحث جي ترتيب منطقي طرح ڪندين يا غير منطقي طرح؟“
منھنجي پٽ مناظري جي اجازت تي خوش ٿي چيو، ”آءٌ ان کي عقلي طور تي ترتيب ڏيڻ جي فائدي ۾ آهيان.“ ”زياده چڱو“ زميندار چيو ”پھريائين مون کي اميد آهي تہ تون ان کان ڪو نہ نٽائيندين، تہ جيڪي آهي، تنھن کي وجود آهي، جيڪڏهن تون اها ڳالھہ قبول نہ ڪندين تہ آءٌ اڳتي نہ هلندس.“ ”موزز“ وراڻيو، ڇو، منھنجو خيال آهي تہ آءٌ اهو قبول ڪريان، ۽ ان مان بھترين فائدو حاصل ڪريان“ زميندار جواب ڏنو، ” آءٌ اميد رکان ٿو تون اهو پڻ قبول ڪندين، تہ هڪ حصو سڄي کان گهٽ . آهي.“ موزز جواب ڏنو”آءٌ اهو پڻ قبول ڪريان ٿو . اهو چوڻ بلڪل صحيح ۽ مناسب آهي،“ زميندار چيو. ”مون کي اميد آهي تہ تون ان کان پڻ انڪاري نہ ٿيندين تہ هڪ ٽڪنڊي جون ٽي ڪنڊون ٻن گوني ڪنڊن جي برابر آهن.“ ٻئي جواب ڏنو، ڪا بہ ان کان وڌيڪ صحيح ۽ پڌري ڳالھہ ٿي نٿي سگهي ۽ چوڌاري دستوري فوقيت سان نھاريائين، زميندار تڪڙو ڳالھائيندي چيو، ”تمام چڱو، مقدمات جي ان نموني ۾ فيصل ٿيڻ تي آءٌ هن چوڻ سان اڳتي وڌان ٿو، تہ شخصي وجود جو هڪ ٻئي تي مدار رکندڙ شين جو سلسلو نقل واريءَ نسبت ۾ هو بھو وڌيندي فطري طرح بحث مباحثي لائق گفتگو پيدا ڪري ٿو، جا ڪجهہ قدر ثابت ٿي ڪري تہ روحانيت جو جــوهــر، ”ارســطــوءَ“[1] جي منطقي مـحـمـول[2] جي سپرد ڪيو وڃي.“ ٻئي چيو، ”جهل جهل آءٌ ان کان انڪاري آهيان، ڇا تون سمجهين ٿو تہ آءٌ ائين ڍرائيءَ سان اهڙن بي ديني جي اصولن اڳيان جهڪندس“؟ زميندار جذبات ۾ اچي جواب ڏنو، ”ڇا تون قبول نہ ڪندين! مون کي هڪ سنئين سڌي سوال جو جواب ڏئي، ڇا تون ارسطوءَ کي صحيح ٿو سمجهين، جڏهن هو چوي ٿو تہ سڀ رشتيدار پاڻ ۾ هڪ خاص نسبت رکندڙ آهن؟“ ”بيشڪ“ ٻئي جواب ڏنو، زميندار چيو. ”جيڪڏهن ائين تہ پوءِ جيڪي آءٌ پيش ڪريان ٿو، ان جو سڌي طرح جواب ڏي، جيڪڏهن تون منھنجي قياس استشنائيءَ واري نامڪمل نسبت جي طور تي يا بہ لحاظ منفي پھرئين جي تجزي جي طريقي واريءَ تحقيقات سان فيصلو ڪرين ٿو تہ آءٌ چوان ٿو تہ ، سڌيءَ طرح مون کي پنھنجا دليل ڏي، موزز چيو ”آءٌ اعتراض طور چوان ٿو تہ آءٌ توهان جي بحث جي معنيٰ پوريءَ طرح سمجهي نٿو سگهان. مگر جيڪڏهن ان کي ڪنھن سوليءَ ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنو وڃي تہ آءٌ ڀانئيان ٿو ، تہ پوءِ شايد ان جو جواب ڏيئي سگهان ٿو.“ زميندار چيو، ”او سائين آءٌ اوهان جو نماڻو خادم آهيان. آءٌ سمجهان ٿو تہ توهين چاهيون ٿا تہ آءٌ اوهان کي دليل ۽ فھم فراست پھچايان، نھ، آءٌ دعويٰ سان ٿو چوان تہ توهين مون سان بحث ۾ تمام سخت آهيو.“ هن موثر طريقي ۾ غريب موزز جي مٿان کل کي اڀاريو، جو ئي صرف خوش مزاج چھرن جي ٽوليءَ ۾ غم جو مجسمو بنيو ويٺو هو، هن سڄيءَ وندر جي عرصيءَ ۾ هڪ بہ و‎ڌيڪ ڀڻڪو نہ ڪڍيو.
جيتوڻيڪ هن سجهي روئداد مون کي ڪو بہ مزو ڪو نہ ڏنو، پر ”اوليويا“ تي ان جو تمام منفرد اثر پيو، هن غلطي کان ان گفتگوءَ کي خوش طبعي ڪري سمجهيو، ۽ انھيءَ ڪري زميندار کي هڪ نھايت شريف ماڻھو ڪري سمجهيو، اهي جي سھڻي صورت، عمده ڪپڙن ۽ دولت کي ڪنھن بہ شخص لاءِ تمام طاقتور شيون سمجهن ٿا، سي کيس سھوليت سان معاف ڪندا، مسٽر ”ٿارنھل“ باوجوديڪ سندس اڻ ڄاڻائپ جي آزاديءِ سان ڳالھايو ۽ تمام معمولي موضوعن تي بيحد تڪڙائيءَ سان تفصلي وار بيان ڪرڻ لڳو، اها ڇوڪري جيڪا تعليم سان شڪل شبيھه جي پنھنجي اندر ۾ قيمت ڪرڻ سکي آهي، سا ٻئي ۾ پڻ ان جي قيمت رکي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل لياقتون سندس پيار حاصل ڪن تہ ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي.
نوجوان زميندار جي رواني ٿيڻ تي، اسين وري سندس خوبين بنسبت بحث مباحثي ۾ لڳي وياسون. جيئن تہ هن پنھنجويون نگاهون توڙي گفتگو، ”اوليويا“ ڏانھن مخاطب ٿي ٿي ڪئي، تنھن ڪري گهڻو وقت شڪ ڪرڻو نہ پيو، مگر خاطري ٿي تہ هوءَ ئي هڪ مقصد هئي، جنھن کيس اسان جي ملاقاتي ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو هو، ”اوليويا“ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ مٿان ان موقعي تي ٿيل ناحق ٺٺوليءَ تي گهڻو ناراض ڏسڻ ۾ نہ آئي، مورڳو ”ڊيبورا“ پڻ ان ڏينھن جي خوشين ۾ حصو وٺندڙ ڏٺي ويئي ۽ پنھنجي ڌيءَ جي ڪاميابي تي گهڻي خوشي ڪرڻ لڳي... هن مون کي چيو پيارا، آءٌ دعويٰ سان چونديس، تہ اها آءٌ ئي هيس، جنھن پنھنجي ڌيئرن کي زميندا جي خطابن جي حوصلي افزائي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي، اها ئي منھنجي دلي تمنا هئي ۽ هاڻي تون ڏسين ٿو تہ آءٌ صحيح هيس، ڇا ڪاڻ تہ ڪنھن کي خبر تہ آخر ڇا ٿيڻو آهي.؟“ مون ڪنجهڪار ۾ جواب ڏنو، ”ها بيشڪ، اهو ڪير ڄاڻي ٿو، آءٌ پنھنجي سر پڻ ان کي پسند نٿو ڪريان، آءٌ هن خوبصورت، دولتمند ۽ بي دين سکر ماڻھوءَ کان وڌيڪ ان ماڻھوءَ کان خوش ٿي سگهان ها، جو غريب ۽ ايماندار هجي، ڇا ڪاڻ تہ اها خاطري ڪر تہ جيڪڏهن هيءُ اهڙو آهي، جھڙو مون کي هن ۾ شڪ آهي تہ پوءِ ڪو بہ آزاد ماڻھو منھنجي ٻارن کي پنھنجو نہ ڪندو.“
”موزز“ چيو ”تحقيق بابا توهان انھي ۾ مڪمل طرح غلط آهيو، ڇاڪاڻ تہ آسمان ڪڏهن بہ انسان کي ان لاءِ ڏوهي نہ ٺھرائيندو، جيڪي هو ويچاري ٿو، پر ان لاءِ ڏوهي ٺھرائيندو، جيڪي هو ڪري ٿو، هر ڪنھن ماڻھو کي دل ۾ هزارين خيال پيدا ٿين ٿا. جي سندس دٻاءَ جي طاقت نہ هئڻ سبب اڀرن ٿا، دين بابت آزاديءَ سان خيال ڪرڻ، هن سکر ماڻھوءَ لاءِ شايد بغير ڪنھن خواهش جي هجي، انھي ڪري جيڪڏهن کڻي هن جي جذبن جو غلط هئڻ قبول ڪجي، تہ بہ جيئن تہ هي انھن کان دٻائي ڇڏڻ کان مجبور آهي، انھيءَ ڪري هو انھيءَ شھر جي گورنر کان وڌيڪ مياري نہ آهي، جنھن شھر کي بچاءُ جون ديوارون نہ آهن ۽ گورنر دشمن کي اجهي ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو.
مون چيو، ”منھنجا پٽ، سچ، پر جيڪڏهن گورنر دشمن کي اتي مدعو ڪري، تہ پوءِ انصاف جي تقاضائن مطابق قصور وار آهي ۽ اهائي حالت هميشہ انھن ماڻھن جي آهي، جيڪي غلطي کي اختيار ڪن ٿا، جيڪي ثابتيون، هو ڏسن ٿا، انھن کي قبول ڪرڻ ۾ خرابي نہ آهي، مگر جيڪي ثبوت سندن اڳيان پيش ٿين ٿا، انھن مان گهڻن ڏانھن غور چشميءَ ۾ آهي، انھن لاءِ جيتوڻيڪ اسان جا غلطين وارارايا، جڏهن جڙن ٿا، تڏهن کڻي غير ارادي هجن، تہ بہ جيئن تہ اسين عمدا خراب ٿي پيا آهيون. يا انھن جي بنائڻ ۾ تمام بي توجهہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ پنھنجي بڇڙاين سبب اسين سزا يا پنھنجي چڪن سبب حقارت لائق آهيون.“
منھنجي زال هاڻي پنھنجي گفتگو شروع ڪئي، حالانڪ ان لاءِ کيس ڪو بہ موزون دليل نہ هو، هن چيو ”اسان جي واقفيت وارن ماڻھن مان ڪيترا ماڻھو آزاد خيال رکندڙ هئا. تہ بہ اهي چڱا خاوند ٿي پيا ۽ مون کي ڪن سمجهدار ڇوڪرين جي خبر آهي، جن پنھنجن مڙسن کي ديني ڳالھين ۾ ڦيرايو ۽ منھنجا پيارا ڪنھن کي خبر، تہ اسان جي ”اوليويا“ ڇا ڪري سگهندي.“ هن پنھنجي ڪلام جو سلسلو جاري رکندي چيو،“ ڇوڪري کي گهڻو مواد هر ڪنھن موضوع تي چوڻ لاءِ آهي ۽ منھنجي ڄاڻ موجب هوءَ مکيہ نازڪ مذهبي مباحثن ۾ تمام قابل آهي.“
مون واڪو ڪري چيو، ”ڇو منھنجي پياري! هوءَ ڪھڙي مباحثو جو مطالعو ڪري سگهندي؟ مون کي ڪڏهن بہ ياد نٿو اچي، تہ مون ڪو اهڙا ڪتاب هن جي هٿن ۾ ڏٺا، تون سچ پچ تہ هن جي لياقت جو وڌيڪ اندازو لڳائين ٿي. ”اوليويا“ جواب ڏنو، ”بابا سائين، سچ پچ تہ هوءَ منھنجي بنسبت وڌيڪ اندازو نٿي لڳائي، مون مباحثن جو ڪافي مواد مطالعو ڪيو آهي. مون ”ٿواڪم ۽ شڪائر“[3] ”رابنسن ڪروزو جهنگلي فرائيڊي“[4] جي مباحثن جي احوال پڙهيو آهي، ۽ مان هاڻي ديني شادين جي آغازي مــحــبــت[5] جي مطالعي ۾ مصروف آهيان،“ مون واڪــو ڪري چيو، ”تمام چڱو، تون سٺي ڇوڪري آهين، مان سمجهان ٿو تہ تون مڙسن جي فطرت کي ڦيرائڻ جي اهل آهين، پر هاڻي وڃي، پنھنجيءَ ماءُ کي شراب ٺاهڻ ۾ مدد ڪر.

_____________
1. ارسطو (Aristotle) : 384-322ق.م) وڏو يوناني فيلسوف هو، اٿينس ۾ پئلٽو (plato) جي زير نظر تعليم حاصل ڪيائين، اتي ويهه سال رهيو، جلد فلپ مقدونيا جي بادشاهه کيس پنهنجي پٽ سڪندر جو استاد مقرر ڪيو، جڏهن سڪندر (335ق م) تخت تي ويٺو، تڏهن ارسطو اٿينس ڏانهن واپس آيو، اتي هن وڏن تعليمي ماهرن کي ڪيترا خطبا ڏنا ۽ پنهنجي تصنيفن جو وڏو انداز جوڙيائين. هن جون تنصيفون جن جو ذهن تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو اهي جدا جدا ڪيترن ڪلمن تي آهن. منطق، اخلاق، علم نفسيات، نظم، علم، طبعي، علم حيوانات ۽ علم انشا، هن جون نهايت ئي اعليٰ تصنيفون علم اخلاق ۽ سياست تي آهن، جيتوڻيڪ سندس سياست جي عمل جو دائرو صرف شهري حڪومت تائين محدود آهي.
[2] يونائي منطق ۾ محمولات (predicables) جي سلسلي ۾ ارسطوءَ (384-322 ق.م) کان اڳ محض محمول اول رواج ۾ هو، ۽ ٻيو نمبر محمول ثانيہ دليل چٽو ڪرڻ لاءِ ارسطوءَ رواج ۾ آندو.
[3] ٿواڪم ۽ شڪائر؛ فيلڊنگ جي ناول ٽام جونس (Tom jonus) جا ٻہ اداڪار آهن، جي پاڻ ۾ جدا جدا مسئلن تي دليل دلائل ڪن ٿا.
[4] رابنس ڪروزو ۽ فرائيڊي؛ هڪ ناول رابنسن ڪروزو نالي ”ڊينئل ڊيفو“ (1660-1731) جو لکيل آهي، ان ۾ ڏيکاريل آهي تہ هي هڪ ڏينھن سفر تي نڪتو، جهاز جي ڀڄي پوڻ ڪري هڪ ٻيٽ تي اچي پھتو، ڪيترا ڏينھن تنھا گذرڻ بعد هن اتي هڪ “ريڊ انڊين“ کي ڏٺو، جنھن کي آدم خورن اتي آندو هو، هن کيس آزاد ڪرايو، اهو ڏينھن جمعي جو هو، انھيءَ سبب هن جو نالو فرائيڊي (Friday) رکيائين ۽ کيس پنھنجو ساٿي نوڪر ڪري رکيائين.
[5] ديني شادين جي آغازي جي محبت؛ هن نالي تي هڪ ڪتاب”ڊينئل ڊيفو“ (Danial Defoe) (1731ع-1660) جو لکيل آهي، جنهن ۾ شادين جي ابتدائي محبت بنسبت نهايت ئي گهڻي خوش اسلوبيءَ سان منطقي بحث ٿيل آهي. ”ڊينئل ڊيفو“ Danial Defoe ؛1731-1660ع ) هي لنڊن جي هڪ ڪاسيءَ جيمس فو Uames foe) جي گهر ۾ پيدا ٿيو، 1703ع ۾ ويلم ٽئين ۾ پنهنجو نالو بدلائي ڊيفو (Defoe) رکيائين، منمائوٿ انقلاب ۾ بهرو ورتائين ۽ 1688ع ۾ وليم ٽئين جي لشڪر ۾ داخل ٿيو، سن 1701ع ۾ هڪ ڪتاب (دي ٽرو بارن انگلش مئن) (The true born Englishman) ”خلف الصدق انگريز“ نالي تصنيف ڪيائين، 1704ع ۾ (دي شارٽ وي وٿ دي ڊسينٽرس) (The short way with the Dessenters) ڪليسا جي مخالفن سان ڇوٽي ۾ ڇوٽو پنڌ، لکيائين، هڪ بهترين خيالي ناول رابنسن ڪروزو نالي (1719ع ۾ سندس قلم مان نڪتو، (The religious courtship) پڻ هڪ چڱو ممتاز درجو رکي ٿو.

باب اٺون: عشق نہ آهي راند

ٻئي ڏينھن مسٽر ”برچل“ اسان وٽ آيو جيتوڻيڪ آءٌ ڪن سبب ڪري هن جي بار بار اچڻ تي ناراض ٿيس، تہ بہ پنھنجي صحبت ۽ گهر کان هن کي روڪي نہ سگهيس، ائين صحيح آهي تہ ان ڏينھن هن جيڪو اسان سان گڏ پورهيو ڪيو، ان اسان کي سندس ڪيل مھمانيءَ کان وڌيڪ اجورو ڏنو، هن اسان سان گڏ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو ۽ چراگاهن توڙي سڪل گاھہ جي دن ٺاهڻ جي ڪم ۾ پاڻ کي سڀني کان اڳڀرو رکيو، ان کان سواءِ هو هميشہ ڪا نہ ڪا اهڙي دلچسپ ڳالھہ ڪندو هو، جا اسان جي محنت کي گهٽائيندي هئي ۽ هڪڙي ڀيري هن اهڙي تہ غير رواجي پر عاقلانہ هلت ڪئي جو آءٌ کيس پيار ڪرڻ کا رهي ڪين سگهيس. سندس اهڙيءَ هلت تي مون کي مٿس کل آئي ۽ قياس پڻ ٿيم، هن منھنجي ڌيءَ سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چرچي طور کيس پنھنجي ”ننڍڙي خانم“ ڪوٺيندو هو ۽ جڏهن منھنجي ڌيئرن مان هر هڪ لاءِ ربينن جو سيٽ خريد ڪري آيو، تڏهن اهو سيٽ جو هن ”صوفيا“ کي ڏنو، سو تمام عمدو هو، مون کي خبر نہ آهي، تہ ڪيئن مگر هي ڏينھان ڏينھن وڌيڪ سنجيدہ ٿيندو. ڏسڻ ۾ آيو، سندس سمجهہ سڌرڻ لڳي ۽ سندس سادگيءَ مٿانھين درجي جي سياڻپ جو رويو ورتو.
اسان جي ڪٽنب ٻنيءَ ۾ ماني کاڌي، ۽ اسين مانيءَ جي چوڌاري ويٺا هئاسون ۽ اسان جو دستر خوان سڪل گاھہ مٿان وڇايل هو، ان وقت ”مسٽر برچل“ اسان جي کاڌي جي مجلس کي مسرت پئي ڏني. اسان جي تسڪين کي اوج تي پھچائڻ لاءِءَ ٻن انگريزي ڪوئلن آمھون سامھون لوڙهن تا، هڪ ٻئي کي جواب پئي ڏنا ۽ ڳاڙهي ڇاتي واري چيھي پکي اسان جي هٿن مان اچي ڀور چونڊيا ٿي. انھيءَ مسرت بخش عالم ۾ سندس هرڪو آواز صرف آسائش ۽ آسودگيءَ جو پڙاڏو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ”صوفيا“ چيو” آءٌ ائين ڪانہ ويٺي آهيان، پر آءٌ ”مسٽر گي“ جي تمام سٺي طريقي سان بيان ڪيل انھن ٻن عاشقن بابت ويچار پيئي ڪريان جيڪي هڪ ٻئي جي ٻانھن ۾ ماويا، ان احوال ۾ اهڙي ڪا دلسوز ڳالھہ آهي ، جو مون ان کي وري وري سوين دفعا نئين شوق سان پڙهيو آهي، منھنجي پٽ چيو، ”منھنجي راءِ ۾ ان جا بھترين ضرب ”اووڊ جي ائڪس“ ۽ ”گئليٽا“ واري نظم ۾ آيل ضربن کان گهڻو گهٽ آهي، رومي شاعر تضاد جو استعمال بھتر ڄاڻي ٿو، ۽ هنر سان سنواريل انھيءَ صنعت تي دلسوزي جي سموري طاقت مدار رکي ٿي، مسٽر برچل چيو، ”اها قابل ذڪر ڳالھہ آهي، تہ جن ٻنھي شاعرن جوذڪر اوهان ڪري رهيا آهيون.انھن پنھنجن سڀني نظمن کي صفاتي جملن سان بار گير ڪري پنھنجن جدا جدا ملڪن ۾ غلط طرز کي رواج ڏيڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ورتو آهي. ٿوري استعداد وارن ماڻھن انھن کي پنھنجيءَ غلط فھميءَ سبب آساني سان نقل ٿيندو ڏٺو ۽ انگرزي نظم روم جي آخرين شھنشاهيت واري وقت جي نظم وانگر هن وقت بغير آکاڻيءَ يا لاڳاپي جي صرف عيش عشرت جي عڪس جي ملاوت کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي، هن وقت جو انگريزي نظم ڪنھن بہ مطلب بر آمد ٿيڻ کانسواءِ صرف هڪ صفاتي جملن جي لڙهي آهي، جا آواز کي سڌاري ٿي، محترمہ خاتون، تون شايد ائين واجبي سمجهنبدين تہ جھڙيءَ طرح آءٌ ٻين تي الزام رکان ٿو، تھڙيءَ طرح مناسب آهي تہ آءٌ کين پڻ اهو وجهہ ڏيان تہ هو مون کان پنھنجو عيوضو وٺي سگهن، سچ پچ تہ مون هي رايو صرف مجلس کي هڪ گيت ٻڌائڻ جي وجهہ ملڻ لاءِ ڏنو آهي، ان گيت ۾ ٻيون کڻي ڪھڙيون بہ خاميون هجن، مگر آءٌ سمجهان ٿو تہ ڪم از ڪم جيڪي نقص مون مٿي بيان ڪيا آهن. انھن کان پاڪ آهي.

گيت
(1)
مون شريف سنياسي ماٿريءَ وارا،
رهنمائي ڪر منھنجي اڪيلائي واري رستي جي،
اوڏانھن جتي موم بتي ماٿريءَ کي روشن ڪري ٿي،
ساڻ مھمان نواز ڪرڻي.
(2)
ڇاڪاڻ تہ هتي وساريل ۽ وڃايل آئون هلان ٿو،
ساڻ ماندن قدمن ۽ ڍلو،
جتي جهنگل بيشمار پکڙجن ٿا،
پسجن ٿا وڏا ٿيندا، جيئن آئون هلان ٿو.
(3)
”صبر ڪر منھنجا پٽ“ راهب دانھن ڪري ٿو،
تغريب ڏيڻ کان ان خوفناڪ ماٿريءَ کي،
ڇا ڪاڻ تہ پريان بي ايمان وهمي صورت اڏامي ٿي،
لالچائي ڦاسائڻ لاءِ تو کي تنھنجي آخرت ڏانھن.
(4)
هتي ضرورت واري بي گهر ٻار لاءِ،
منھنجو دروازو کليل آهي اڃا تائين،
۽ جيتوڻيڪ منھنجو حصو آهي مگر ٿورو،
آءٌ ڏيان ٿو اهو گهڻي خوشيءَ سان.
(5)
پوءِ موٽ اڄ رات ۽ آزاديءَ سان حصو وٺ،
جيڪي ڪي منھجو غار عنايت ڪري ٿو،
منھنجو گاھہ وارو غار ۽ غريباڻو، منھنجي دعا ۽ آرام.
(6)
نڪي ڌڻ جي ڦرن گرن ٿا ماٿريءَ ۾ آزاد،
ڪوس ڪرڻ کي ڪرڻ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو،
ان طاقت کان جو مون تي رحم ڪري ٿو،
انھيءَ لاءِ تہ رحم ڪرڻ سکان ٿو.
(7)
پر جبل جي گاھہ واري پاسي کان،
هڪ حلال کاڌو آءٌ آڻيان ٿو،
هڪ جهولي گاھہ ۽ ٻوٽن جي ميون سان ڀرپور،
۽ پاڻي ان چشمي مان.
(8)
تڏهين، زيارتي، هڙ، پنھنجون ڳڻتيون ڇڏي ڏي،
سڀئي دنيوي ڳڻتيون غلط آهن،
ماڻھو ضرورت رکي ٿو مگر ٿورڙي هتي هيٺ،
نڪي ضرورت رکي ٿو ان جي ڪجهہ وقت لاءِ.
(9)
جيئن نفيس ماڪ آسمان کان هيٺ لھي ٿي،
تيئن سندس دل لُڀائيندڙ الفاظ لھن ٿا،
اُهو باشعور اجنبي هيٺ نمي ٿو،
۽ پٺيان هلي ٿو ان چُرَ ڏانھن.
(10)
پري هڪ گمنام ويرانيءَ ۾،
اهو اڪيلائي وارو محلات بيٺل آهي،
هڪ پناه گاه پاڙي وارن غريبن لاءِ،
۽ اجنبي ڀٽڪيلين لاءِ.
(11)
نڪي سامانن ان جي غريباڻي پکي هيٺان،
ضرورت رکي هڪ مالڪ جي سنڀال جي،
اها ڳڙکي هڪ تاڙيءَ سان کلندي،
استقبال ڪيو ان بي ضرر جوڙي جو.
(12)
۽ هاڻي جڏهين پورهيت حشام ماڻھن جا موٽن ٿا،
وٺڻ لاءِ پنھنجي رات جو آرام،
ان سنياسي ٺيڪ ٺاڪ ڪيو پنھنجيءَ ننڍڙيءَ باه کي،
۽ دلداري ڏنائين پنھنجي دُکِي مھمان کي.
(13)
۽ پکيڙيائين پنھنجي نباتاتي سامان کي،
۽ البيلائيءَ سان نپوڙيائين ۽ مشڪيائين،
۽ قابل هجڻ سان داستاني روايات ۾،
اهي انگهندڙ ساعتون ڀنڀلايائين.
(14)
چوڌاري خوشيءَ واري نموني ۾،
پنھنجون حرفتون ٻليءَ جو ٻچو آزمائي ٿو،
تِڏَ چُلھہ ۾ چون چون ڪري ٿي،
ٽڙڪو ڪندڙ ڦوڙاٺيءَ جون چڻگون اُڏامن ٿيون.
(15)
مگر ڪجهہ بہ خوشي عنايت ڪري نہ سگهيو،
تسلي ڏيڻ ڪاڻ ان اجنبيءَ جي مصيبت کي،
ڇاڪاڻ تہ دک سخت هو سندس دل کي،
۽ لُڙِڪَنِ شروع ڪيو وَهَڻُ.
(16)
هن جون وڌندڙ ڳڻتيون ان سنياسيءَ ڏٺيون،
واپسي ڪاروائي ڪندڙ ڳڻتيءَ سان دٻايل،
”۽ ڪٿان دلگير نوجوان،“ هن چيو،
”اهي غم تنھنجي سيني جا آهن ڇا؟“
(17)
بھتر آبادين کان ٿڏجي،
ناخوش تون رلين ٿو؟
يا ڏک ڪرين ٿو دوستيءَ نہ واپس ڪيل لاءِ،
يا اڻ توجہ ڪيل، پيار تي.
(18)
افسوس! اهي خوشيون جي نصيب آڻي ٿو،
آهن خسيس ۽ تباه ڪُن،
۽ اهي جي عزت ڪن ٿا خسيس شين جي،
وڌيڪ خسيس آهن اڃا بہ انھن کان.
(19)
۽ ڇا آهي دوستي صرف هڪ نالو،
هڪ جادو، جو لولي ڏئي ٿو ننڊ ڏيارڻ لاءِ،
هڪ پاڇو دولت يا ناموس پويان هلي ٿو،
پر ڇڏي ٿو ان ڪمبخت کي رُئڻ لاءِ.
(20)
۽ عشق اڃا بہ وڌيڪ خالي آواز آهي،
هڪ مہ جبين جو نئون مذاق
ڌرتيءِ تي اڻ ڏٺل يا صرف معلوم ڪيل،
يا گرم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميءَ جي گهرڙي کي.
(21)
”شرم ڪر، اي نادان نوجوان تنھنجا دک دٻجي وڃن ٿا“
۽ هڪالي ڪڍن ٿا جنس کي “ بہ هن چيو،
پر جيئن هن ڳالھايو، تيئن هڪ اڀرندڙ رعنائيءِ جو،
هن جي پيار کان ڌڪاريل مھمان دلبو ڏنو.
(22)
حيران ٿي هيءَ نوان حسن اڀرندا ڏسي ٿو،
تڪڙو پوش ڏيندا ان لقاءَ کي،
رنگن وانگر مٿان صبح واري آسمان جي،
جھڙا روشن تھڙا پڻ بي جٽا.
(23)
هڪ شرميلي نگاهه، اها اڀرندڙ ڇاتي،
واري تي پکيڙين ٿا خطرا،
قبوليندي اهو حسين اجنبي بيھي ٿو،
پنھنجي سمورين رنگنين ۾ هڪ نوجوان دوشيزه.
(24)
۽ ”افسوس ! معافي ڏي هڪ اجنبيءَ بي ادب کي،
هڪ ڪمبخت ويڳاڻي کي، هن چيو ،
جنھن جا ناپاڪ پير بي جاءِ داخل ڪن ٿا،
جتي بھشت آهي ۽ توهين رهو ٿا
(25)
پر ڀلي تہ هڪ نوجوان دوشيزه تنھنجي رحم ۾ حصو وٺي،
جنھن کي پيار سيکاريو آهي ڀٽڪڻ،
جا ڳولا ڪري ٿي آرام لاءِ، پر لھي ٿي نا اميديءَ کي،
ساٿي پنھنجي رستي جو.
(26)
منھنجو پيءُ رهندو هو ڀر ۾ ”ٽائين“ جي،
هڪ دولتمند امير هوندو هو هيءَ،
۽ سڀ هن جي دولت منھنجي نالي نشان ڪيل هئي،
هن کي هوئس آءُ.
(27)
حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي سندس پيار ڀرين ٻانھن مان،
بي شمار طالبو آيا،
جن ساراھہ ڪئي، منھنجي بنسبت غير حقيقي سونھن جي،
۽ محسوس ڪيائين يا بھانو ڪيائين هڪ شعلي جو
(28)
هر ڪنھن ساعت ڌن جي لالچ تي شادي ڪندڙ جي ميڙ،
ساڻ تمام وڌيڪ دلفريب نذرانن ڪوشش ڪئي،
بچيلن جي وچ مان نوجوان ”ايڊون“ نمي سلام ڪيو،
مگر ڪڏهين بہ پيار جي ڳالھہ نہ ڪيائين،
(29)
حليم ۽ تمام سادي لباس ۾ ملبوس ٿيل،
نڪي دولت نڪي طاقت هن کي هئي،
ڏاهپ ۽ لياقت ئي هئا جي هن کي هئا
مگر منھنجي لاءِ اهي سڀ ڪجهہ هئا.
(30)
۽ جڏهين منھنجي ڀر سان ان ماٿريءَ ۾،
هن ڳاتا راڳ پيار جا،
هن جي آواز اڌاري ڏني سرهاڻ هوا کي
۽ سرور وڻن جي جهڳٽي کي.
(31)
اها مکڙي ان ڏينھن تي کلندڙ،
اها ماڪ آسمان جي صاف ڪيل،
اصل نہ ڏيکاري سگهي پاڪائي
سبقت ڪرڻ لاءِ سندس دل کان.
(32)
اها هاڪَ ۽ اَها مکڙي وَڻَ تي،
حسنَ ناپائدار سان چمڪن ٿا،
انھن جي سونھن هن جي هئي مگر افسوس منھنجي حال تي،
هنن جي پائداري منھنجي هئي.
(33)
پر تنھن هوندي بہ هر هڪ ناپائدار هنر جي،
سخت ڪوشش سان مگر اجائي، آزمائش ڪئي،
۽ جيستائين هن جي سرگرميءَ منھنجي دل کي موثر ڪيو،
مون هن کي دردن ۾ ڏسي ناز ڪيو.
(34)
جيستائين پري طرح اداس منھنجي نفرت سان،
هن ڇڏيو مون کي منھنجي فخر ۾،
۽ حاصل ڪيائين هڪ بيڪار ۽ غير آباد اڪيلائي
لڪل جاءِ تي ۽ اتي ئي مري ويو.
(35)
پر منھنجو اهو غم، منھنجي اها غلطي،
۽ منھنجي زندگي ان جو عوض ڏيندا،
آءٌ ڳوليندس اها اڪيلائي جا هن ڳولي لڌي،
۽ پاڻ کي ليٽائينديس ان جاءِ تي جتي هو ليٽيل آهي.
(36)
۽ اتي ويڳاڻو، نا اميد لڪل،
آءُ پاڻ کي ليٽائينديس هيٺ ۽ مرديس،
اهو ائين هو جيئن ”ايڊون“ منھنجي لاءِ ڪيو،
۽ انھي ڪري هن جي لاءِ آءٌ ڪنديس.
(37)
(شال) آسمان ان کي روڪ ڪري! ان سنياسيءِ چيو،
۽ لڳايائين ان کي پنھنجي ڇاتيءَ سان
حيرت ۾ پيل حسينہ ڪئي طعنہ بازي،
اها هئي ايڊون جي شخصيت جنھن زور ڏنو،
(38)
مڙ، اينجلينا، هميشہ لاءِ پياري،
مون تي جادو ڪندڙ! مڙ ڏسڻ لاءِ
تنھنجو پنھنجو، تنھنجو گهڻو وقت اڳي گم ٿيل ايڊون هتي
وري محبت تو ڏانھن آيل،
(39)
اهڙيءَ طرح ڇڏ تہ آءٌ تو کي پنھنجي دل سان جهليان
۽ هر ڪا ڳڻتي ڦٽي ڪريان،
۽ اسين ڪڏهن بہ اصل نہ جدا ٿينداسون،
منھنجي زندگي، منھنجا سڀ ڪجهہ ۽ جيڪي منھنجو آهي،
(40)
نہ ڪڏهين بہ نھ، هن ساعت کان وٺي جدا ٿيڻ،
اسين رهنداسون ۽ پيار ڪنداسون اهڙو سچو،
اهڙو ٿڌو شوڪارو جو ڏاري ٿو، تنھنجيءَ پختيءَ دل کي،
ٽوڙيندو تنھنجي ايڊون جي دل کي پڻ.

جيئن هن گيت پيئي ڳاتو، تيئن صوفيا کي پنھنجي خواهش سان ڪوملتا جي تان کي ملائيندي ڏٺو ويو، اسان جو آرام اسان جي ڀر ۾ ٿيل بندوق جي آواز سبب بگڙجي پيو، ان کانپوءِ اسان هڪڙو ماڻھو پنھنجي ڪيل شڪار کي کڻڻ لاءِ لوڙهي مٿان لنگهندي ڏٺو، هيءُ شڪار جو ڪوڏيو، زميندار جو پادري هو، هن انھن ٻنھي ڪوئلن مان هڪ کي ماريو هو، جي تمام گهڻي خوشيءَ سان اسان کي وندرائي رهيون هيون، بندوق جي ايڏي وڏي ۽ ايتري قريب آواز، منھنجي ڌيئرن کي ڊيڄاري ڇڏيو، مون ڏٺو تہ ”صوفيا“ خوف ۾ پاڻ کي مسٽر برچل جي ٻانھن ۾ کڻي اڇليو هو، اهو ماڻھو اڳتي وڌي آيو ۽ اسان کي يقين ڏياريائين تہ کيس اسان جي ايتري ويجهي هئڻ جي خبر نہ هئي ۽ اسان جي مجلس ۾ جيڪو خال پيو هو، تنھن جي معافي گهريائين، هو منھنجي ننڍي ڌيءُ جي پاسي ۾ ويھي رهيو ۽ شڪار باز جي شان مطابق، جيڪو ان ڏينھن شڪار ڪيو هئائين، سو سندس اڳيان پيش ڪيائين، هوءُ انڪار ڪرڻ تي هئي، مگر سندس ماءُ جي اشاري تي هن جي تحفي کي ڪجهہ بي دليءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي، منھنجيءَ زال دستور موجب ان بابت پنھنجو فخريہ خيال ظاهر ڪيو، هن چيو تہ ”صوفيا، پادريءَ تي ۽ سندس ڀيڻ زميندار تي فتح حاصل ڪئي هئي، ان هوندي بہ مون کي شڪ هو تہ کيس ڪنھن ٻئي لاءِ پيار هو، پادريءَ پنھنجي زميندار وٽان پيغام آندو هو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ ان رات اسان جي گهر جي اڳيان چانڊوڪيءَ ۾ گاھہ واري ميدان تي منھنجي گهر جي نوجوان عورتن کي گاني جي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ان لاءِ راڳ ۽ ناشتي جو بندوبست بہ پاڻ ڪيو هئائين. هن وڌيڪ ٻڌايو تہ مون کي ان پيغام پھچائڻ ۾ پنھنجو هڪ شخصي مقصد پڻ آهي، ڇا ڪاڻ تہ مون کي اميد آهي تہ هن پيغام پھچائڻ جي عيوضي ۾ ”صوفيا“ مون سان گڏ ناچ ڪندي، منھنجي ڌيءَ جواب ڏنو، ”جيڪڏهن آءٌ اهو ڪم آبروءَ سان ڪري سگهيس، تہ مون کي ان لاءِ ڪو بہ اعتراض ڪونھي.“
هن ڪلام جي سلسلي کي جاري رکندي مسٽر برچل ڏانھن نھاريندي چيو، ”مگر هي هڪ شريف ماڻھو آهي، جو اڄوڪي ڏينھن جي ڪم ۾ منھنجو ساٿي ٿي رهيو آهي ۽ مناسب ائين آهي تہ ان جي وندر ۾ پڻ هو منھنجو ڀائيوار هجي“ ”مسٽر برچل“ سندس مٿئين ارادي لاءِ کيس آفرين ڏني، مگر کيس سرڪاري پادريءَ جو سپرد ڪيائين. هن چيو تہ ”مون کي ان رات مانيءَ جي دعوت هئڻ سبب پنج ميل پري وڃڻو آهي، هن جو انڪار مون کي ڪجهہ قدر غير معمولي لڳو، مون کي خيال ۾ بہ نہ اچي سگهيو، تہ ڪيئن ”صوفيا“ جھڙي سمجهو ڇوڪري ۽ برچل جھڙي ڪريل بخت واري ماڻھوءَ کي هڪ اعليٰ اميدن واري ماڻھو تي ترجيح ڏيئي سگهي، مگر جيئن تہ مرد عورتن جي لياقتن کي سڃاڻڻ لاءِ تمام گهڻو اهل آهن، تيئن عورتون پڻ اڪثر مردن لاءِ تمام صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿيون، ٻئي جنسون هڪ ٻئي جي مٿان جاسوسن جيان مقرر ڪيل ڏسجن ٿيون ۽ جدا جدا لياقتن سان سينگاريل ۽ باهمي جاچ جونچ لاءِ هڪ ٻئي جي ڀيت پيل آهن.

باب نائون: ٻن اعليٰ درجي وارين عورتن سان واقفيت

”مسٽر برچل“ اڃا مس رخصت ورتي ۽ ”صوفيا“ سرڪاري پادريءَ سان ناچ ڪرڻ قبول ڪيو تہ منھنجا ننڍا ٻار ٻاهران ڊوڙندا مون کي ٻڌائڻ آيا، تہ زميندار پنھنجي رفيقن جي ٽوليءَ سان آيو آهي، اسان جي موٽي اچڻ تي اسان پنھنجي زميندار کي ٻن سکر ماڻھن سان گڏ ايندو ڏٺو، ساڻس گڏ قيمتي ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل ٻہ عورتون پڻ هيون، هن اسان کي ٻڌايو تہ اهي ٻئي وڏي مرتبي ۽ ٺٺ واريون شھري عورتون آهن، جيئن تہ اسان وٽ سڀني ماڻھن جي ويھڻ لاءِ ڪافي ڪرسيون موجود نہ هيون، انھي ڪري ”مسٽر ٿارنھل “ رٿ ڏني تہ هر هڪ مرد هڪ عورت جي گود ۾ ويھي، مون انھيءَ رٿ جي پنھنجي زال جي نا پسنديدگي جي باوجود قطعي طور مخالفت ڪئي، ڪرسين جي پورائي لاءِ ”موزز“ کي ٻن ڪرسين جي اڌاري وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، اسان وٽ جيئن تہ ٻھراڙي جي ناچ واسطي عورتن جو پورو انداز موجود نہ هو، تنھن ڪري زميندار سان گڏ آيل ٻہ نوجوان ”موزز“ سان گڏجي عورتن جي تلاش ۾ ويا، گهربل عورتون ۽ ڪرسيون جلد ميسر ڪيون ويون، ٻئي نوجوان اسان جي پاڙيسري فلمبرو جي ٻن ڌيئرن سان موٽي آيا، انھن ڇوڪرين جو رنگ گلاب جھڙو هو، ۽ سندسن ڳاڙها چوٽا هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهيا هئا، انھن نوجوان ڇوڪرين جي چونڊ ڪرڻ ۾ هڪ تشويش پيدا ڪندڙ حالت ڏانھن ڌيان نہ ڏنو ويو هو، جا اها ئي هئي، جو جيتوڻيڪ فلمبرو جون ڇوڪريون سڄي ڪليسا جي حلقي جي بھترين ناچڻين ۾ شمار ڪيون وينديون هيون، ۽ ناچ ڪرڻ لاءِ گهربل ساز ۽ ڦيري ۽ چڪر وارو ناچ اعليٰ درجي جوڄاڻنديون هيون، تہ بہ هو ”ٻھراڙي جي ناچ“[1] کان پوريءَ طرح نا آشنا هيون، هن حالت پھريائين اسان کي تشويش ۾ وڌو مگر ڪجهہ ڌڪ سڪ گيھل پيھل کان پوءِ چڱو ناچ ڪرڻ لڳيون، اسان جي سازن ۾ ٻہ باجا هڪ توتاري ۽ هڪ دهل هو.
چنڊ پنھنجي پوري آب ۽ تاب سان روشن هو، ”مسٽر ٿارنھل“ ۽ منھنجي وڏي ڌيءَ تماش بــيـنـن کي گهڻي مــســرت پھچائيندا ۽ ناچ جي مجلس کي گرم ڪندا رهيا، ڪيترائي پاڙيسري اهو ٻڌي تہ اسان وٽ ڇا ٿي رهيو هو، جوق درجوق اسان جي چوڌاري اچي مڙيا هئا، منھنجي ڇوڪريءَ سونھن ۽ فطري سادگي سان اهڙو تہ سٺو ناچ ڪيو، جو منھنجي زال فخر سان مون کي خاطري ڏني، تہ جيتوڻيڪ ننڍڙي ڇوڪري هوشياريءَ سان ڪم ڪيو ٿي، تہ بہ سڀئي قدم کانئس مخفي پئي چريا، شھري عورتن آرامده ٿيڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، مگر کين ڪاميابي نصيب نہ ٿي، اهي تريون، چريون، پوئتي هٽيون ۽ ٽپا ڏنائون، مگر سندن ڪا بہ ڪوشش ڪارگر ٿي نہ سگهي، ڏسندڙن اعتراف ڪيو تہ منھنجي ڌيءُ جو ناچ بھترين هو، پر پاڙيسري فلمبرو رايو ڏنو تہ ”مس لويءَ“ جا پير ساز سان اهڙا تہ ٺھڪي ٿي آيا، جھڙو ان جو پڙاڏو، ناچ اٽڪل هڪ ڪلاڪ مسلسل هليو، ان کانپوءِ انھن ٻنھي شھري عورتن، جن کي ٿڌ لڳڻ جو خطرو هو، ناچ جي مجلس کي ختم ڪرڻ لاءِ اشآرو ڪيو، مون ڏٺو تہ انھي موقعي تي انھن عورتن مان هڪ جڏهن ڏٺو تہ روح رچندڙ ناچ ڪري هوءَ سڄي پگهر ۾ شل ٿي ويئي هئي. تڏهن پنھنجا جذبا نھايت اڻوڻندڙ نموني ۾ ظاهر ڪيائين.
گهر واپس اچڻ تي هڪ تمام پسنديده رات جي ماني پنھجي اڳيان رکيل ڏٺي، اها ماني ”مسٽر ٿارنھل“ پاڻ سان آڻڻ جو بندوبست ڪيو هو، مانيءَ تي اسان جي گفتگو دستور کان وڌيڪ رکي هئي، اهي بئي عورتون منھنجي ڌيئرن کان آب ۽ تاب ۾ سرس هيون، سندن گفتگو اميراڻي زندگي، بلند معيار واريءَ صحبت ۽ انھي سان گڏ ٻين فيشني عنوانن جھڙوڪ، مورتون، مذاق، ”شيڪسپيئر“ ۽ سازيندڙ شيشن کانسواءِ ٻي ڪا نہ هئي، اها حقيقت آهي، تہ انھن ٻہ دفعا قسم جي تڪڙي کڻڻ سان اسان کي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرايو، مگر اها مون کي سندن مرتبي جي پڪي ۽ پختي نشاني ڏسڻ ۾ آئي، (جيتوڻيڪ مون کي هن وقت معلوم ٿي ويو آهي. تہ قسم کڻڻ فيشن جي بلڪل بر خلاف آهي) سندن ڏيک ويک سندن ڪيل گفتگوءَ جي سڀ ڪنھن ناشائستگي تي نقاب وجهي ٿي ڇڏيو، منھنجو ڌيئرون انھن جي اعليٰ فضيلت تي رشڪ ڪري رهيون هيون ۽ جيڪي بيجا ڏسڻ ۾ ٿي آيو، انھيءَ کي عمديءَ تربيت جي خوبيءَ جو نتيجو سمجهيو ٿي ويو، انھن عورتن جي غريب پروري جي گڻڻ کان وڌيڪ اعليٰ هئي، انھن مان هڪ چيو تہ ”مس اوليويا“ کي جيڪڏهن دنيا جو ڪجهہ وڌيڪ تجربو هجي ها، تہ اهو کيس گهڻي قدر سڌاري ڇڏي هئا، جنھن تي ٻيءَ چيو تہ ننڍي ”صوفيا“ جيڪڏهن شھر ۾ هڪ سيارو گذاري، تہ اهو هوند کيس اصل منفرد شيءَ بڻائي ڇڏي، منھنجيءَ زال ٻنھين عورتن جي ڳالھہ قبول ڪئي ۽ چيو تہ هن جي پڻ مرضي هئي تہ سندس ڌيئرن کي هڪ سياري لاءِ شھر ڏانھن ڪجهہ بھتري واسطي موڪليو وڃي، اها ئي هڪ تمنا هئي، جنھن لاءِ هن تمام گهڻي چاهت رکي ٿي، آءٌ سندن ڪيل گفتگو جي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪري ڪين سگهيس، مون چيو”سندن پرورش سندن دولت کان اڳي ئي اعليٰ آهي، ۽ اها گهڻي شستگي صرف سندن غريبيءَ کي وڌيڪ ڌڪار جوڳي بنائڻ جو ڪم ڪندي ۽ کين انھن عيش عشرتن ڏانھن مائل ڪندي، جن تي قبضي رکڻ جو کين ڪو بہ حق حاصل نہ آهي“ ”مسٽر ٿارنھل“ واڪو ڪري چيو، ” اهي ڪھڙيون عيش عشرتون آهن، جن تي قبضي رکڻ جو، انھن عورتن کي ڪو بہ حق حاصل نہ آهي، جي ٻين تي نوازش ڪرڻ جي طاقت رکندڙ آهن.“ جيتري قدر منھنجو ان ڳالھہ سان واسطو آهي تہ منھنجي دولت ڪافي وڏي آهي ۽ پيار، آزادي ۽ عيش منھنجي زندگيءَ جا اصول آهن، جيڪڏهن منھنجيءَ ملڪيت جي اڌ جو انتقال منھنجي من مھڻيءَ ”اوليويا کي خوش رکي سگهي، تہ آءٌ ان جي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، آءٌ ان جي بدلي ۾ صرف نوازش طلبيندس تہ آءٌ پڻ ان مان خوشيءَ حاصل ڪرڻ ۾ ساڻس ڀائيوار ڪيو وڃان، آءٌ انھن دنيوي ڳالھين کان ايتري قدر بي خبر نہ هوس، جو هن ڪميڻي تجويز جي گستاخيءَ کي لڪائڻ لاءِ اها جيڪا نئين نموني جي چورائڻي ٻولي آندي ويئي هئي، ان کان غير واقف هجان، پر مون پنھنجي ناراضگيءَ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، مون چيو، ”سائين اهو ڪٽنب جنھن تي توهين پنھنجي نوازش ڪندا رهو ٿا، سو اهڙي ئي عزت جي احساس سان پليل آهي، جنھن سان توهين. ان کي ڏکوئڻ جي ڪابہ ڪوشش خوفناڪ نتيجن جي حامل ٿيندي، هن وقت صرف عزت ئي آهي، جنھن کي اسين پنھنجي سمجهون ٿا ۽ ۽ ان آخرين خزاني جي اسان کي خاص نگهباني ڪرڻي آهي، منھنجي ايتري چوڻ تي ان نوجوان منھنجو هٿ جهلي ساک تي چيو، ”جيتوڻيڪ آءٌ توهان جي گمانن کي پسند نٿو ڪريان تہ بہ توهان جي جذبات جي ساراھہ ڪريان ٿو.“ اهو ٻڌي مون کي ساڻس جوش سان ڳالھائڻ جو جلدي ڏک محسوس ٿيو، هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”توهان جي هن اشاري بنسبت آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو تہ اهڙي ڳالھہ منھنجي خواب و خيال ۾ بہ ڪا نہ هئي، انھن سڀني ترغيبن جي باوجود منھنجيءَ دل کي اهڙي فضيلت مرغوب نہ آهي، جا انتھائي جدوجهد سان بہ حاصل ٿي نہ سگهي، ڇا ڪاڻ تہ منھنجي عشق جو جزبو ناگهاني بلا آهي.“
شھري عورتن اسان جي گفتگوءَ کان بي خبر هجڻ جو مڪر ڪيو، ۽ جنھن آزاديءَ سان مون گفتگو ڪئي هئي، ان تي تمام گهڻو ناراض نظر آيون، هنن موقعي پٽاندر اخلاق تي فھميدائيءَ سان قابل ذڪر گفتگو شروع ڪئي، منھنجي زال، پادري ۽ آءٌ جلدي ساڻن ان گفتگو ۾ شامل ٿي وياسون ۽ خود زميندار کي بہ سندس ڪيل زيادتين تي پشيمان ٿيڻو پيو، اسان پرهيزگارييءَ جي لطيف ۽ گناهن کان پاڪ دل جي سرور بابگت گفتگو ڪئي. آءٌ ايترو تہ خوش ٿيس، جو مون پنھنجن ننڍڙن کي اهڙيءَ سٺي گفتگو مان روحاني ۽ ديني فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ دستوري وقت کان بہ وڌيڪ سجاڳ رکيو، ”مسٽر ٿارنھل“ تہ مورڳو مون کان بہ گوءِ کڻي ويو ۽ مون کي مولا جي حمد و ثنا ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين، مون سندس رٿ خوشيءَ سان قبول ڪئي، جيستائين ٻاهرين رفيقن واپس ورڻ بابت خيال ظاهر ڪيو، تيستائين رات خوشيءَ جي لمحات ۾ گذري ويئي، ٻئي شھري عورتون منھنجي ڌيئرن کان جدا ٿيڻ ۾ ناراض نظر اچڻ لڳيون، ڇا ڪاڻ تہ کين ساڻن تمام گهڻي محبت هئي، هنن مون کي عرض ڪيو تہ آءٌ کين اجازت ڏيان تہ هو ٻنھين ڇوڪرين کي پنھنجي گهر وٺي وڃن ۽ سندن محبت مان خوشي حاصل ڪن. زميندار ان رٿ جي تائيند ڪئي، منھنجي زال پنھنجو التجائون ان سان شامل ڪيون ۽ ڇوڪرين اهڙيءَ گهور سان مون ڏانھن نھاريو، جو ڄڻ تہ انھن پڻ وڃڻ جي خواهش ٿي ڪئي، هن مونجهاري جي وقت ۾ مون ٻہ ٽي عذر ڏنا، جي منھنجي ڌيئرن جلد رد ڪري ڇڏيا ۽ آءٌ قطعي طور انڪار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، انھيءَ ڪري ٻئي ڏينھن تي اسان وٽ غمگين نگاهن ۽ مختصر جوابن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو.

___________
[1] ٻھراڙي جو ناچ؛ (Country dance) هن ناچ ۾ مرد ۽ عورتون جوڙا ٺاهي، هڪ ٻئي جي سامھون قطار ۾ بيھي نچندا آهن.

باب ڏهون: وڏي درجي وارن ماڻھن سان ڪلھي رس ٿيڻ جي ڪوشش

مون کي هاڻي ڏسڻ ۾ آيو تہ منھنجا پرهيزگاريءَ سادگيءَ ۽ قناعت بابت سمورا ڊگها ۽ پر تڪليف خطبا پوريءَ طرح نظر انداز ڪيا ويا هئا. پاڻ کان وڏي درجي وارن جيڪي مرتبا تازو اسان کي ڏنا هئا، انھن اسان جي دلين ۾ اها وڏائي جاڳائي، جنھن کي مون دٻائي ڇڏيو، مگر موقوف نہ ڪري ڇڏيو هو. اسان جو دريون وري بہ اڳيئين وانگر ڳچيءَ ۽ منھن جي صفا ڪرڻ وارن ڌوپَن سان ڀريل هيون، ٻاهر سج کي چمڙيءَ جو دشمن سمجهي ان جو خوف ڪيو ٿي ويو ۽ اندر وري باھہ کي شڪل جو خراب ڪندڙ تصور ڪيو ٿي ويو، منھنجيءَ زال چيو تھ، تمام سوير جاڳڻ سندس ڌيئرن جي اکين کي تڪليف پھچائيندو ۽ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ڪم ڪرڻ سندن نڪن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو. هن مون کي خاطري ڏياري ٿي تہ هٿن جي اڇائي فقط تڏهن قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن ڪو بہ ڪم ڪيو نٿو وڃي، انھيءَ ڪري ”جارج“ جي قميصن کي سبي پوري ڪرڻ بدران، هاڻي منھنجون ڌيئرون اڳين ريشمي ڪپڙن کي نئين نموني ۾ تبديل ڪري رهيون هيون، يا لباس جي وڌيڪ سوڀيا لاءِ ٿلھن ڪپڙن تي ڀرت ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون. هنن پنھنجين اڳين دل گهرندڙ سھيلين ”فلمبرو“ جي ڪيڪن کي معمولي واقفڪارن وانگر نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ سندن سموري گفتگو اميراڻي زندگيءَ، مٿانيھن درجي واريءَ صحبت، مورتن، مذق، ”شيڪسپيئر“ ۽ سازيندڙ گلاسن بابت ٿيڻ لڳي.
اسين اهو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري سگهون ها، جيڪڏهن هڪ اڳ ڪٿي ڪندڙ خانہ بدوش عورت کين بلند پروازيءَ تي پھچائڻ لاءِ اتي نہ اچي ها، اڃا اها ڪاري رنگ واري جوڳياڻي آئي ئي مس تہ منھنجون ڇوڪريون ڊوڙنديون مون وٽ آيون، ۽ کيس نذراني ڏيڻ لاءِ مون کان هڪ شلنگ طلب ڪيائون، حق جي ڳالھہ اها آهي تہ آءٌ هميشہ لاءِ سياڻي ٿيڻ کان بيزار هوس ۽ سندن عرض قبول ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍائي نہ سگهيس، ڇا ڪاڻ تہ مون کين خوش ڏسڻ چاهيو ٿي، مون هر هڪ کي هڪ شلنگ ڏنو، اهو ٻڌائڻ بہ غير ضروري نہ ٿيندو تہ خاندان جي مرتبي بر قرار رکڻ لاءِ هو ڪڏهن بہ پئسي کانسواءِ ٻاهر نہ وينديون هيون، جڏهن بہ اهي ٻاهر نڪرنديون هيون، تڏهن منھنجي زال هميشہ هر هڪ کي کيسي ۾ وجهڻ لاءِ هڪ گني ڏيندي هئي ۽ کين سخت هدايت ڪندي هئي، تہ هو ان کي ڪنھن بہ حالت ۾ نہ مٽائين، منھنجين ڌيئرن ان عورت سان ڪجهہ وقت خلاصو ٿي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ۽ سندن موٽڻ تي مون معلوم ڪيو تہ کين ڪنھن وڏي مرتبي جو دلاسو ڏنو ويو هو( مون کين چيو) ”ڇا، اوهان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيون؟“ ”لوي“ ان نصيب ٻڌائيندڙ تو کي پينيءَ جي قيمت جيترو ڪي ڏنو؟“ ”بابا، جيڪي هن چيو ان جي آءٌ مخالفت ٿي ڪريان،“ ڇوڪري چيو، ”مون کي يقين آهي تہ اها ڳالھہ ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان تعلق رکي ٿي، ڇا ڪاڻ تہ هن چٽيءَ طرح پڌرو ڪيو تہ آءٌ ٻارنھن مھينن کان اڳ ڪنھن زميندار سان شادي ڪنديس،“ مون چيو، ”چڱو، ”صوفي“ منھنجا ٻچا هاڻي ٻڌاءِ تہ توکي ڪھڙي مڙس جو دلاسو مليو آهي؟“ هن جواب ڏنو. ”بابا“ ”لوي“ جي زميندار سان شاديءَ ٿيڻ کان جلدي پوءِ منھنجي شادي هڪ امير سان ٿيڻي آهي، مون چيو، ”ڇا! اهوئي سڀ ڪجهہ آهي، جو اوهان کي ٻن شلنگن عيوض ملڻو ٿيو آهي! ٻن شلنگن ۾ صرف هڪ امير ۽ هڪ زميندا! بي وقوف ڇوڪريون آءٌ اوهان کي اڌ پئسن ۾ هڪ شھزادو ۽ هڪ نواب ڏيئي سگهان ها.“
منھنجي ڌيئرن جو اهو انتظام تمام نازڪ نتيجن جو سبب بنيو، اسان هاڻي سمجهڻ لڳاسون تہ نصيب جي ستارن اسان کي ڪنھن اعليٰ درجي لاءِ تجويز ڪيو هو، ۽ پنھنجي مستقبل جي اقتدار جي اڳواٽ ئي اميد رکڻ لڳاسون. اهو هزارين دفعا چيو ويو آهي ۽ آئون ضرور هڪ دفعو وڌيڪ چوندس تہ اهي ساعتون جي اسين خوشيءَ وارين اميدن کي نظر ۾ رکي گذاريون ٿا، سي انھن کان وڌيڪ خوشيءَ واريون آهن، جي ڪاميابيءَ سان نتيجه خيز آهن. پھرينءَ حالت ۾ اسان پنھنجي خوراڪ پنھنجي اشتياق موافق پچايون ٿا، ٻيءَ ۾ قدرت اها اسان جي لاءِ تيار ڪري ٿي، اهو دلنواز خيالن جو سلسلو جو اسان پنھنجي وندر لاءِ بنايو آهي، ان کي وري دهرائڻ ناممڪن آهي.اسان پنھنجي نصيب کي وري بہ هڪ دفعو چڙهندڙ سمجهيو ۽ جيئن تہ سڄي ديول جي پسگردائيءِ وارن ماڻھن جو چوڻ هو تہ زميندار منھنجي ڌيءُ جو عاشق آهي، تنھن ڪري هوءَ پڻ سچ پچ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي، ڇا ڪاڻ تہ انھن ما ڻھن جي ڳالھين کيس شوق ۾ ترغيب ڏني هئي، هن خوشگوار وقت ۾ منھنجي زال نھايت بخت خواب ڏسندي هئي، جو هوءَ اسان کي صبح جو تمام گهڻي خبرداريءَ، سنجيدگيءَ ۽ درستگي سان ٻڌائيندي هئي، هن هڪ خواب ۾ لاشي واري پيتي ۽ صليب جا هڏا ايندڙ شاديءَ جي نشاني طور ڏٺا، ٻئي وقت تي هن پنھنجي ڌيئرن جا کيسا پئسن سان ڀريل ڏٺا، جا سندن جلدي سون سان مالا مال ٿيڻ لڳا. هنن شمع ۾ گول ڇلا، باھہ مان ٽپا ڏيندڙ ٻٽئون ۽ هر هڪ چانھن جي ڪوپ ۾ سچيون محبت جون ڳنڍيون پيل ڏٺيون ٿي.
هفتي جي آخر جي ويجھڙائيءَ ۾ اسان کي شھري عورتن وٽان هڪ چٺي پھتي. جنھن ۾ پنھنجي دعائن ان گڏ هنن ايندڙ آچر تي اسان جي سڄي ڪٽنب کي ديول ۾ ڏسڻ جي اميد ڪئي هئي، ان جي نتيجي ۾ مون ڏٺو تہ سڄو ڇنڇر جو ڏينھن منھنجيءَ زال ۽ ڌيئرن هڪ ٻئي سان تمام رازدارنہ صلاحون پئي ڪيون، ۽ هر وقت مون ڏانھن اهڙين نگاهن سان پئي نھاريائون جن ڄڻ تہ سندن ڳجهي منصوبي بابت چغليون پئي هنيون، حقيقت اها آهي تہ مون کي پڻ شڪ هو تہ ايندڙ ڏينھن تي شان سان ڏسڻ ۾ اچڻ جي تياريء لاءِ ڪا بيھودي تجويز تيارپئي ڪئي ويئي، شام جو هنن پنھنجو ڪم باقاعده ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ منھنجي زال مون کي وڪوڙڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، چانھه کان پوءِ جڏهن منھنجو رخ چڱو ڏٺائين، تڏهن هن هيٺينءَ طرح شرروعات ڪئي، ”منھنجا پيرا چارلس! آءٌ ڀانئيان ٿي تہ سڀاڻي ديول ۾ پاڻ سان گڏ هڪ وڏي جماعت هوندي“، مون جواب ڏنو، ” شايد هجي پر منھنجي پياري توهان کي ان لاءِ ڪو بہ انتظار نہ هئڻ گهرجي، اتي وڏي جماعت هجي يا نھ، مگر اوهان کي ديني نصيحت اتي ملندي،“ هن جواب ڏنو، ”اها ئي ڳالھہ آهي، جنھن جي مون کي اميد آهي، مگر منھنجا پيارا، اسان کي گهرجي تہ جيترو مڪن ٿي سگهي، اوترو فضيلت سان اتي هلون، ڇا ڪاڻ تہ ايندڙ وقت جي ڪنھن کي ٿي خبر پوي؟“ مون جواب ڏنو، ”تنھنجا انديشا سچ پچ تہ نھايت قابل تعريف آهن. فضيلت واري هلت ۽ ديول ۾ حاضري ئي آهن، جي مون کي خوش ڪن ٿيون، اسان کي ديندار، حليم خوش مزاج ۽ بردبار ٿيڻ گهرجي.“ هن واڪو ڪري چيو، ” ها اها مون کي بہ خبر آهي، مگر منھنجو مطلب آهي، تہ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، اوتري قدر ڪنھن مناسب طريقي ۾ اتي هلون، ۽ پنھنجي پسگردائيءَ وارن نيچ ماڻھن جھڙا ڏسڻ ۾ نہ اچون“ مون وراڻي ڏني، ” منھنجي پياري، تون انھيءَ ۾ صحيح آهين ۽ آءٌ پڻ ساڳئيءَ تجويز ڏيڻ تي هوس، هلڻ جو صحيح طريقو اهو آهي تہ جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سوير اتي پھچجي، ۽ عبادت شروع ٿيڻ کان اڳ ڪجهہ وقت مراقبي ۾ هلي ويھجي،“ هن وچ ۾ چيو، ” او چارلس“! اوهان جو چوڻ بلڪل درست آهي، پر ان جي اها معنيَ نہ آهي، جيڪا منھنجي خواهش آهي، منھنجو مطلب آهي تہ اسان اتي مھذب نموني ۾ هلون، توهان کي خبر آهي تہ دول ٻہ ميل پري آهي، ۽ آءٌ احتجاجن چوان ٿي، تہ آءٌ پنھنجي ڌيئرن کي ائين ڏسڻ نٿي چاهيان، تہ اهي ديول ڏانھن پيرين پنڌ گهلجنديون هلن ۽ پنڌ ڪرڻ سبب خراب نموني ۾ ملبوس ٿيل ۽ پگهر ۾ شل هجن ۽ سڀني ماڻھن جي اڳيان ائين ڏسڻ ۾ اچن جو ڄڻ تہ اهي زناني ڪڙتي واريون شرط کٽندڙ آهن. هاڻي منھنجي تجويز هيءَ آهي تہ ،اسان کي هر کيڙڻ جا ٻہ گهوڙا آهن، هڪ ٻھاڻ جو اسان جي ڪٽنب ۾ نو سال رهيو آهي، ۽ ٻيو ان جو ساٿي ”بلئڪ بيري“[1] جنھن گذريل مھيني ۾ ورلي ڪو ڪم ڪيو آهي، اهي ٻئي ٿلھا ۽ سست ٿي پيا آهن، اهي بہ ڇو نہ اسان وانگر ڪو نہ ڪو ڪم ڪن؟ آءٌ اوهان کي يقين سان ٻڌايان ٿي تہ جڏهن ”موزز“ کين ٿورو ئي سنواريندو، تڏهن اهي نھايت پسنديده ڏسڻ ۾ ايندا.“
جيئن تہ ”بلئڪ بيري“ اکين کان انڌو هو، ۽ ٻھاڻ کي پڇ ڪونہ هو، اهي ڪڏهن بہ لغام تي هريل ڪونہ هئا، مگر سوين گنديون عادتون هئن، ۽ اسان کي سڄي گهر ۾ فقط هڪ هنو ۽ هڪ ٽيڪ هئي، تنھن ڪري مون هن رٿ تي اعتراض ورتو تہ پيرن پنڌ ڪرڻ اهڙي خسيس مسافريءَ جي طريقي کان ويھه دفعا وڌيڪ تعظيم وارو ٿيندو، تنھن هوندي بہ منھنجا اهي سڀيئي اعتراض رد ٿي ويا، ۽ آءٌ سندس تجويز جي ادائگي لاءِ مجبور ٿي پيس، ايندڙ صبح جو کين اهڙين شين گڏ ڪرڻ ۾ گهڻو مشغول ڏٺو، جي مسافريءَ لاءَ ضروري ٿي سگهيون ٿي، مون ڏٺو تہ اهو ڌنڌو گهڻو وقت وٺندو، تنھن ڪري آءٌ اڳ ديول ڏانھن روانو ٿيس ۽ هنن جلد پويان اچڻ جو واعدو ڪيو، آءٌ سندن آمد لاءِ تقريباً هڪ ڪلاڪ مطالعي جي بينچ تي ترسيس، پر جيئن اميد هئي، تيئن انھن کي ايندو نہ ڏسي، آئون (عبادت جي) شروع ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ کين غير حاضر ڏسڻ گهڻيءَ تڪليف سان عبادت جو ڪم هلايم، تڪليف وڌيڪ وڌي، جڏهن سارو (ڪم) ختم ٿيو ۽ منھنجو ڪٽنب ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو، آءٌ تنھن ڪري گهوڙن واري رستي تان پوئتي موٽيس، اهو رستو ڦيري تي پنج ميل ڊگهو هو، جيتوڻيڪ پيادل پنڌ فقط ٻہ ميل هو، جڏهن گهر کي اٽڪل اڌ پنڌ ويجهو ٿيس، تڏهن مون سڄي سرگس آهستگيءَ سان ديول ڏانھن ايندي ڏٺي. منھنجو پٽ، منھنجي زال ۽ ٻہ ننڍڙا هڪ گهوڙي تي سوار هئا ۽ منھنجون ٻہ ڌيئرون ٻئي تي سوار هيون، مون هنن کان دير جو سبب پڇيو، مگر سندن نگاهن مان سھي ڪيم تہ رستي تي ساڻن هزارين بد بختيون سامھون ٿيون هونديون، گهوڙن پھريائين در کان اڳتي هلڻ کان نابري واري، مگر ”مسٽر برچل“ پنھنجي لڪڻ سان کين ڌڪ هڻي، اڳتي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ وري منھنجي زال جي ٽيڪ جا تنگ ٽٽي پيا ۽ اڳتي هلڻ کان اڳ مــرمــت ڪرڻ واسطي هو اتي ترسڻ لاءِ مجبور ٿي پيا، ان کانپوءِ گـهـوڙن مان هڪڙي جي مغز ۾ هڪ هنڌ بيھڻ جي خرابي اچي پيدا ٿي ۽ نڪي ڌڪ، نہ ڪي ٻيون ڪوششون کيس اڳتي و‎ڌڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيون، جڏهن مون گهوڙي کي ڏٺو، تڏهن ان مس پنھنجي انھيءَ نا اميديءَ جھڙي حالت مان نجات حاصل ڪئي هئي، پر سڀني کي سلامت ڏسي آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ سندن موجودہ افسردگيءَ مون کي ڪجهہ بہ ناخوش نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو خيال هو تہ سندن افسردگيءَ مون کي مستقبل جي گهڻن ئي ڪاميابين جا وجهہ ڏيندي ۽ منھنجي ڌيئرن کي وڌيڪ تواضع سيکاريندي.

_________
[1] بلئڪ بيري: هيءَ ڊاڪٽر پر مروز جي هڪ گهوڙي جو نالو آهي.

باب يارهون: ڪٽنب جو پنھنجي شان کي برقرار رکڻ جو ارادو

ٻئي ڏينھن ”ميڪالمس“[1] جي اڳئين ڏينھن هئڻ سبب اسين پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ وارن وٽ سوپارين ساڙڻ[2] ۽ راندين کيڏڻ لاءِ مدعو ڪيا وياسون، اسان سان جيڪي اڳي گهٽتايون ٿيون هيون، انھن اسان جو منھن ڀت سان هنيو هو، ٻيءَ حالت ۾ ائين ممڪن هو تہ اسين اهڙي دعوت کي حقارت سان رد ڪري ڇڏيون ها،
ڪيئن بہ اسان کي خوش ٿيڻ لاءِ (ڪجهه) سھڻو پيو، اسان جي پاڙيسري جو هنس پکي ۽ کيرڻي عمدا هئا ۽ منھنجي زال جا ان قسمن پرکڻ ۾ قابل هئي، ان جي راءِ موجب سندس گهيٽي جي پشم بھترين هئي، اهو صحيح آهي، تہ سندس آکاڻين ٻڌائڻ جو طريقو ڪو اهڙو دلپسند نہ هو، اهي بلڪل ڊگهيون، غير دلچسپ ۽ سڀئي سندس ئي متعلق هيون، جيتوڻيڪ اسان انھن تي اڳيئي گهڻا ئي دفعا کليو هو، تنھن هوندي بہ اسان کي انھن تي وري بہ هڪ دفعو کلڻو پيو.
”مسٽر برچل“ جو اسان جي ٽوليءَ مان هو ۽ هميشہ ڪنھن نہ ڪنھن ٻاراڻيءَ وندر کي ڏسڻ پسند ڪندو هو، تنھن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اک ٻوٽ راند ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، منھنجي زال پڻ انھيءَ راند ۾ حصي وٺڻ لاءِ هرکي ۽ مون کي سندس اهڙي هلت ڏسي ان معلوم ڪرڻ جي خوشي حاصل ٿي، تہ هوءَ اڃا پوڙهي نہ ٿي هئي، منھنجو پاڙيسري ۽ آءٌ اهي رانديون ڏسندا، انھن تي کلندا ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي هنر ۽ قابليت جي ساراھہ ڪندا رهياسون، اک ٻوٽ راند ختم ٿيڻ کانپوءِ مار ڪُٽَ ”ڊَڊَ بلي“ ۽ پڇاڙي ۾ سليپر واري راند ٿي ، جيئن تہ شايد هرڪو ماڻھو سليپر واري جهوني نموني جي راند کان واقف نہ هجي، انھي ڪري اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو، تہ هن راند ۾ هڪڙي رانديگر کانسواءِ ٻي سڄي ٽـولـي زمين تي گــول جي شــڪـل وٺي بيھندي آهي ۽ باقي رهيل رانـديـگــر وچ ۾ بـيھـنـدو آهي، وچ ۾ بيٺل رانديگر جو ڪم هوندو آهي، تہ ٽولي وارا جيڪو پادر ڪوريءَ جي نڙي وانگر پنھنجيءَ ران جي هيٺيان هڪ ٻئي ڏي اڇلين، ان کي جهٽي، هن حالت ۾ جيئن تہ هڪ عورت لاءِ سڄي ٽوليءَ کي هڪ ئي وقت منھن ڏيڻ ناممڪن آهي، تنھن ڪري راند جي خوبي ان ۾ آهي تہ کيس بوٽ جي کڙيءَ سان ڌڪ انھي پاسي هنيو وڃي، جنھن جو هوءَ پوريءَ طرح بچاءُ ڪري نہ سگهي، اهائي حالت هئي، جنھن ۾ منھنجي وڏي ڌيءَ وڪوڙيل هئي ۽ کيس ڌڪ هنيا پئي ويا، سڄو منھن لعل هوس پر همت ۾ برجستي هئي، ۽ ”سھڻي راند“ ”سھڻي راند“ جا واڪا اهڙي تہ دلسوز ۽ بلند آواز ۾ ٿي ڪيائين، جو اهي هوند ٻڌندڙن کي ڪنن ۾ تاڙيون وجهي ڇڏين، انھيءَ وقت هڪ وڏو مونھارو پيدا ٿيو، ڇا ڪاڻ تہ اسان جون واقفڪار ٻہ شھري عورتون ”بيگم“ بلئرني“ ۽ ”مس ڪارولينا ولھلمينا اميليا سڪيگس“ اندر گهڙيون. منھنجي ڌيءَ جي جيڪا حالت هئي، ان جو احوال ڪري سگهجي ٿو، مگر اهو احوال هڪ بيکارڻ جي احوال جھڙو ٿيندو، اهڙي اعليَ نسل واريون عورتون اسان کي هن قسم جي ذليل حالت ۾ ڏسن ، ان کان موت ڀلو آهي، ”مسٽر فلمبرو“ جي رٿ موجب اهڙيءَ قسم جي رواجي راند کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ چڱي راند ٿي نٿي سگهي، اسين ڪجهہ وقت لاءِ زمين تي کتل پئي ڏسڻ ۾ آيا سون ڄڻ تہ واقعي حيرت ۾ پنڊ پھڻ ٿي پيا هئاسون.
جيئن تہ انھن عورتن اسان جيءَ ملاقات لاءِ اسان جي گهر آيون هيون ۽ اسان کي گهر ۾ جاچي پوءِ اسان جي پويان اتي آيون هيون، ”اوليويا“ اسان جي پاران اڳواڻ ٿي ڳالھائڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ سڄو احوال مختصر نموني فقط ائين چوڻ سان ڏنو تہ ؛ ”اسين گهوڙن تان ڪري پيا هئاسون.“ انھي احوال سندن دلين تي گهڻو اثر ڪيو، پر جڏهين کين ٻڌايو ويو تہ اسان کي ڪا بہ تڪليف نہ پھتي، تڏهن هو دلئون خوش ٿيون، پر جڏهن کين وري ٻڌايو ويو تہ اسين خوف کان ڄڻ مري ويا هئاسون، تڏهن تمام گهڻو غمگين ڏسڻ ۾ آيون، مگر جڏهن معلوم ٿين تہ اسان جي رات تمام خير خوبيءَ سان گذري، تڏهن کين وري بہ گهڻي خوشي ٿي، هنن منھنجي ڌيئرن لاءِ ازحد گهڻي مروت ڏيکاري، اڳئين ڏينھن تي سندن هلت تند مزاجيءَ واري هئي، مگر هن وقت هو تمام گهڻو خوش مزاج هيون، هنن دل سان وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ واقفيت جي خواهش ٿي ڪئي، ”بيگم بلئرني“ خاص طرح ”اوليويا“ سان پيوند رکندڙ هئي ۽ ”مس ڪارولينا ولھلمينا اميليا سڪيگس “ (آءٌ سڄو نالو ڏيڻ پسند ڪندو آهيان) سندن ڀيڻ ۾ گهڻو چاھہ ٿي ورتو، انھن ٻنھي عورتن سندن وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو جي حمايت ٿي ڪئي ۽ منھنجي ڌيئرن ماٺ ۾ ويٺي سندن اعليٰ تعليم جي واکاڻ ڪئي، جيئن تہ هرڪو پڙهندڙ جيتوڻيڪ پاڻ کڻي فقير هجي، مگر وڏي درجي وارن جي گفتگو ۽ اميرن، اميرياڻين، جنگي جوڌن جي آکاڻين ٻڌڻ جو شوقين ٿيندو آهي، تنھن ڪري آءٌ ضرور اجازت گهرندس تہ کيس ان گفتگو جو پڇاڙي وارو حصو ٻڌايان.
مس سڪيگس چيو: ”مون کي ان احوال جي جيڪا سموري خبر آهي سان هيءَ آهي، پوءَ اها سچي هجي يا ڪوڙِ، پر پنھنجي بيگم صاحبہ کي خاطري ڏيئي سگهان ٿي، تہ سڀئي موجود ماڻھو حيرت ۾ هئا، امير صاحب کيس پرچائڻ جا سڀئي طريقا استعمال ڪيا، منھنجي سانئڻ روئڻ ۾ اچي پيئي، نيٺ ”سر ٽامڪن“ ، پنھنجي تلوار ڪڍندي قسم کنيو تہ ” هو پنھنجي رت جي آخري ڦڙي تائين سندس ئي هوندو.“
”ٺيڪ“ اميرياڻيءَ جواب ڏنو، ”آءٌ چئي سگهان ٿي تہ نواب صاحب جي بيگم ”ڊچيس“ ڪڏهن بہ انھيءَ ڳالھہ جي نسبت مون کي ڪو ڀڻڪو بہ ڪو نہ ٻڌايو، مون کي يقين آهي تہ هو مون کان ڪا بہ ڳالھہ ڳجهي نہ رکندي آهي، تون ان حقيقت جيترو ڀروسو رکي سگهي ٿي، تہ ان کان پوءِ ايندڙ ڏينھن تي نواب پنھنجي ڪمري جي خدمتگار کي ٽي دفعا واڪا ڪري سڏ ڪيا، ”جرنيگان..... جرنيگان.... جرنيگان! “ منھنجي جنگي جوڌي جي خطاب واري ڦيٿ کڻي اچ.“
هن احوال ڏيڻ کان اڳ مون کي ”مسٽر برچل“ جي اڻ سھائيندڙ هلت جو احوال ڏيڻ گهربو هو، هو هن گفتگو جي عرصي ۾ باھہ ڏانھن منھن ڪيو ويٺو هو ۽ هر هڪ جملي جي اختمام تي واڪو ڪري چوندو رهيو، ”بيوقوفي“ هيءُ هڪ اهڙو اصطلاح هو، جنھن اسان سڀني کي ناراض ٿي ڪيو ۽ گفتگو جي وڌندڙ روح کي پڻ ڪجهہ قدر جهڪو ڪري ٿي ڇڏيائين.
اسان جيءَ اميرياڻيءَ سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو، ”منھنجي پياري ”سڪيسگس“ ”ڊاڪٽر برڊاڪ“[3] انھي موقعي تي جيڪي شعر ٺاهيا هئا، انھن جي چوپڙي ۾ ان ڳالھہ بابت ڪو بہ ذڪر آيل نہ آهي“ (بيوقوفي)
”مس سڪيگس“ چيو آءٌ انھي تي حيران آهيان، ڇا ڪاڻ تہ جيئن تہ هو صرف وندر واسطي لکي ٿو، تنھن ڪري ڪا ڳالھہ ورلي ڇڏي ڏئي ٿو، پر اوهين نوازش فرمائي مون کي اها چوپڙي ڏسڻ لاءِ ڏيندا؟“ ....... (بيوقوفي....)
اسان جيءَ اميرياڻيءَ جواب ڏنو، ”منھنجي پياري سھيلي ڇا تون سمجهين ٿي، تہ اهڙيون شيون مون سان متعلق آهن؟“ جيتوڻيڪ ان ۾ شڪ ۽ شبھو نہ آهي، تہ اهي خاطريءَ ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن ۽ ان لاءِ آءٌ پاڻ کي ڪجهہ قدر منصف سمجهان ٿي، ڪم از ڪم مون کي خبر آهي تہ موکي ڪھڙي شي خوش ڪري ٿي. اها حقيقت آهي تہ آءٌ هميشہ ”ڊاڪٽر بڊاڪ“ جي ننڍين تصنيفين کي پسند ڪندي هيس، ڇا ڪاڻ تہ جيڪي هو اسان جي پياري اميرياڻي ”هئنوئر شڪائر“ ۾ ڪن ٿا ان کانسواءِ اتي جو ڪو بہ احوال بغير فطرت جي تمام گهٽ درجي جي لغويات جي ٻيو ڪو بہ منجهن شايع نٿو ٿئي. اميرياڻيءَ زندگيءَ بابت تہ ذرو بہ احوال ان ۾ موجود نہ آهي_“ (بيوقوفي......)
ٻيءَ وراڻي ڏني، ”بيگم صاحبہ جن کي عورتن جي مخزن ۾ پنھنجي ڏنل مضمونن کي عليحدو ڪرڻ گهرجي ڇا آءٌ اميد ڪريان، تہ توهين چوندو تہ ان ۾ ڪا بہ هيٺائين درجي جي زندگيءَ واري ڳالھہ نہ آهي؟ پر آءٌ سمجهان ٿي تہ انھي رسالي مان اسان کي ٻيو ڪجهہ بہ وڌيڪ حاصل ٿيڻو نہ آهي(بيوقوفي....!!
بيگم چيو: ”ڇو منھنجي پياري تو کي خبر آهي تہ منھنجي پروف پڙهندڙ ۽ هم صحبت ”ڪئپٽن روچ“ سان شادي ڪرڻ سبب مون کي ڇڏي ويئي آهي.
جيئن تہ منھنجون اکيون مون کي پاڻ لکڻ جو ڪم برداشت ڪرڻ نٿيون ڏين، تنھن ڪري آءٌ ڪجهہ وقت کان ٻيءَ جي ڳولا ۾ آهيان، مون کي خاطري آهي تہ هڪ تربيت يافتہ بااخلاق ڇوڪري جا لکي پڙهي ۽ سوسائٽي ۾ سٺي هلت هلي سگهي ٿي، ان لاءِ ساليانو ٽيھه (30) پائونڊ تمام گهٽ وظيفو آهي، تنھن ڪري هڪ مناسب ماڻھو هٿ ڪرڻ سولو ڪم نہ آهي، شھر وارين ڇوڪرين مان تہ ڪنھن هڪ جي بہ پوري خاطري ٿي نٿي سگهي. (بيوقوفي...)
مس سڪيگس چيو، ”تجربي مان مون کي پڻ اهڙي ڄاڻ پيئي آهي تہ شھري ڇوڪريون ڪارائيتون نہ ٿينديون، گذريل اڌ سال ۾ منھنجون جيڪي ٽي ساهڙيون هيون، انھن مان هڪ سڄي ڏينھن ۾ هڪ ڪلاڪ سنئين سڌي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ٻيءَ 25 گينيون تمام ٿورو ساليانو پگهار سمجهيو ۽ ٽينءَ کي آءٌ ڪڍي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيس، ڇا ڪاڻ تہ مون کي شڪ پيو تہ سندس سرڪاري پادريءَ سان خراب تعلق هو، منھنجي پياري خاتون، ”بلئرني“ اخلاق، اخلاق ڪيتري بہ قيمت رکي سگهي ٿو، مگر هڪ با اخلاق ماڻھو ڪٿان ملي سگهندو؟“ (بيوقوفي.........)
سارو وقت منھنجي زال جو سمورو ڌيان سندن انھيءَ گفتگو هو، پر انھي جي پڇاڙيءَ واري حصي کيس خاص طرح سخت پريشان ڪيو، ساليانو ٽيھه پائونڊ ۽ پنجويھه گينيون ڇاونجاھہ پائونڊن ۽ پنجن شلنگن جي برابر هئا ۽ اهي سڀ (پئسا) سھولت سان ملي سگهيا ٿي ۽ تمام سولائيءِ سان ڪٽنب کي حاصل ٿي سگهيا ٿي، منھنجي زال منظوريءَ لاءِ ڪجهہ ساعت منھنجي نگاهن کي چڪاسيو، حقيقت قبول ڪجي تہ آءٌ انھي راءِ جو هوس، تہ اهڙيون ٻئي جڳهيون منھنجي ٻنھي ڌيئرن لاءِ مڪمل طرح لائق آهن، تنھن کان سواءِ اهو پڻ ويچار ڪيم، تہ جيڪڏهن زميندار کي منھنجيءَ وڏيءَ ڌيءَ سان ڪجهہ بہ سچو پچو پيار هوندو، تہ سندس لاءِ هي رستو تمام سھڻو (ٿيندو) جنھن جي وسيلي هو منھنجي ڌيءَ کي خوش نصيب بڻائي سگهندو، تنھن ڪري منھنجي زال ان راءِ جي هئي، تہ جيتوڻيڪ اها خاطري نہ آهي، تہ کين اهي جايون ملن يا نھ، تہ بہ اسان کي اهڙن فائدن کان محروم رهڻ نہ گهرجي، هن ڪٽنب جي پاران شد مد سان ڳالھائڻ جو ڪم پنھنجي ذمي کنيو، هن چيو، ”مون کي اميد آهي تہ اوهين هيءَ منھنجي گستاخي معاف ڪنديون. اها حقيقت آهي تہ اسان کي اهڙين نوازشن تي دعويٰ رکڻ جو ڪو بہ حق نہ آهي، پر تڏهن بہ پنھنجي ٻارن کي دنيا ۾ ترقي ڏيڻ جي تمنا منھنجي لاءِ فطري آهي ۽ مون کي ائين چوڻ جي بہ جرائت ٿيندي تہ ڪم از ڪم ٻھراڙي ۾ انھن کان وڌيڪ تعليم ۽ لياقت واري ٻي ڪا بہ ڇوڪري نہ آهي، اهي لکي پڙهي ۽ حساب ڪتاب رکي سگهن ٿيون، سئي جو ڪم ڄاڻن ٿيون، عمدي ڀرت جا جدا جدا قسم ۽ هالو چالو ڪم جا سڀ نمونا ڄاڻن ٿيون، تنھن کان سواءِ هو ڄاري، نوڪون ۽ جهالرون ٺاهي سگهن ٿيون ۽ ڪجهہ موسيقي پڻ ڄاڻن ٿيون،هو ننڍا ڪپڙا تيار ڪري سگهن ٿيون۽ ٿلھي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪرڻ ڄاڻن ٿيون، منھنجي وڏي ڌيءَ پنن جا گل ٺاهي سگهي ٿي ۽ منھنجيءَ ننڍي ڌيءَ کي پتن وسيلي نصيب ٻڌائن جو تمام سھڻو رستو آهي. (بيوقوفي................)
جڏهن منھنجي زال پنھنجي هيءَ فصاحت ڀريل سھڻي گفتگو ختم ڪئي، تڏهن ٻنھي عورتن ڪجهہ منٽن لاءِ هڪ ٻئي ڏانھن شڪ ۽ اهميت جي نگاهن سان نھاريو، آخر ڪار ”مس ڪارولينا ولھلمينا اميليا سڪيگس“ هن پڌري ڪرڻ جي عنايت ڪئي، تہ هوءِ هن ٿوريءَ واقفيت هوندي بہ اهو رايو ڏئي سگهي ٿي، تہ اهي نوجوان عورتون اهڙيءَ مشغوليءَ لاءِ نھايت لائق ڏسڻ ۾ آيون ٿي، هن منھنجيءَ زال کي مخاطب ٿي چيو،” پر بيبي صاحبھ، هن قسم جي ڪم لاءِ انھن جي اخلاقن جي پوريءَ چڪاس ۽ هڪ ٻئي جي واقفيت جي ضرورت آهي.“ هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”بيبي، مون کي هنن نوجوان عورتن جي اخلاق، سياڻپ ۽ شعور ۾ ڪو رتيءَ جيترو بہ شڪ نہ آهي، مگر نوريءَ ڏيڻ جو اهو هڪ طريقو آهي، يقيناً اهو ئي هڪ طريقو آهي، جنھن موجب اهڙا ڪم ڪجن ٿا.“
منھنجيءَ زال اميرياڻيءَ جي شڪن ئي ائين چوندي گهڻو پسند ڪيو، تہ هوءَ پاڻ بہ خود شڪي ٿيڻ لائق هئي ۽ اميرياڻيءَ کي سڀني پاڙيسرين ڏانھن پنھنجي ڌيئرن جي اخلاق بابت خبر لھڻ لاءِ رجوع ڪيائين، مگر اسان جي اميرياڻيءَ ان کي غير ضروري سمجهي انڪار ڪيو، هن چيو تہ منھنجي سئوٽ ”ٿارنھل“ جي سفارش ڪافي ٿيندي ۽ ان تي اسان پنھنجي عريضيءَ جو مدار رکيو.


________________
[1] ميڪالمس شام؛ Me chaelmas eve ميڪالمس جي ڏينھن کان اڳئين ڏينھن جي شام جا 28 سيپٽمبر تي ٿيندي آهي، اهو جو ڏينھن عيسائن جو هڪ پاڪ ڏينھن آهي، ميڪالمس شام تي عيسائي خوشيون ڪندا آهن ۽ سڄي شام راندين روندين ۽ محبت جي سوغاتن موڪلڻ ۽ وٺڻ ۾ صرف ڪندا آهن.
[2] سوپاريون ساڙڻ؛ (Burn nuts) اتر انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ هيءَ هڪ جهوني رسم هوندي هئي ۽ ميڪالمس شام تي ادا ڪئي ويندي هئي. ”رابرٽ بزنس“ (Robert Burns) پنھنجي نظم ۾ ٻڌائي ٿو، تہ اها هڪ نھايت دلچسپ رسم هئي.
[3] ڊاڪٽر برڊاڪ: هيءُ انگلينڊ جو هڪ ناليوار شاعر ٿي گذريو آهي. 

باب ٻارهون: ويڪفيلڊ جي ڪٽنب سان نصيب جي ناهمواري

گهر واپس اچڻ تي اسان سموري رات مستقبل جي ڪاميابين لاءِ تجويزن سوچڻ ۾ گذاري، ”ڊيبورا“ پنھنجي تيز فھميءَ سان اندازي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، تہ ٻنھين ڇوڪرين مان ڪھڙيءَ کي بھترين درجي ۽ سٺيءِ صبحت نصيب ٿيڻ جا گهڻا وجهہ ملي سگهيا ٿي، اسان جي سرفرازيءَ لاءِ زميندار جي سفارش حاصل ڪرڻ ئي صرف هڪ رنڊڪ هئي، هو اسان کي ڪيترائي مرتبا پنھنجي دوستي ڏيکاري چڪو هو، جنھن دوستيءَ ۾ هينئر اسان کي شڪ ڪرڻو هو. بستري تي بہ منھنجيءَ زال ساڳي گفتگو جاري رکي، هن چيو ”پيارا چارلس“ آءٌ سمجهان ٿي تہ اڄوڪي ڏينھن تي پاڻ هڪ بھترين ڪم ڪيو آهي، ”چڱو موچارو!“ هن وراڻيو، ”آءٌ سمجهان ٿي اهو ڪم تمام سٺو آهي، فرض ڪريو تہ ڇوڪريون شھر ۾ پنھنجي پسند موجب (ڪنھن سان) واقفيت ڪن ٿيون، مون کي پڪي خاطري آهي، تہ ساريءَ دنيا ۾ صرف لنڊن ئي آهي، جتي هر قسم جا مڙس موجود آهن، تنھن کانسواءِ منھنجا پيارا، روزانو ڪئين عجيب ڪارناما پيدا ٿين ۽ جيئن هي اخلاق واريون عورتون منھنجي ڌيئرن تي مفتون ٿي پيون آهن، تيئن ڇا گڻن وارا مرد پڻ ڇڪجي نہ ايندا؟ آءٌ دعويٰ سان چوان ٿي تہ جيتوڻيڪ ”ليڊي بلئرني“ جا نھايت گهڻُ احسان ڪندڙ آهي، ان کي آءٌ تمام گهڻو پسند ڪريان ٿي، تنھن هوندي بہ ”ڪارو لينا ولھلمينا اميليا سڪيگس“ سان منھجو دلي پيار آهي، انھن سڀني ڳالھين هوندي بہ جڏهن هنن شھر ۾ نوڪريءَ جي جڳهن بابت گفتگو ڪئي، تڏهن توهان ڏٺو تہ مون ڪيئن نہ کين سوڙهو کڻي گهٽيو، منھنجا پيارا مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ائين نٿو سمجهين تہ اهو سڀ ڪجهہ مون پنھنجي ٻارن جي فائدي لاءِ ڪيو؟“ مون جواب ۾ چيو، ”هائو ڌڻي ڪري تہ اهي ٻئي اڄ کان ٽن مھينن اندر ڪنھن بھتر حالت ۾ اچن،“ هي انھن فقرن مان هڪ فقرو هو جي آءٌ هميشہ پنھنجي زال کي پنھنجي قابليت جي راءِ کان اثر انداز ڪرڻ لاءِ چوندو هوس، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن ڇوڪريون ڪامياب ٿي پيون تہ اها هڪ پاڪ تمنا هئي، جا بر صواب ٿي پر جيڪڏهن ڪا بدنصيبي پيدا ٿي، تہ ان کي وري اڳڪٿي ڪري ليکيو ويندو.
اسان جي هيءُ سموري گفتگو ڪنھن ٻيءَ رٿ جي تياريءَ لاءِ هئي، جڏهن کان سچ پچ تہ آءٌ گهڻو ڊنس ٿي، رٿ اها هئي جيئن تہ اسين هاڻي دنيا ۾ مٿانھون درجو حاصل ڪرڻ وارا هئاسون، انھيءَ ڪري اهو ضروري ٿيندو تہ اسين پنھنجو ننڍو وڇيرو پسگردائيءَ ۾ لڳندڙ ميلي تي وڪڻي، هڪ اهڙو گهوڙو خريد ڪريون، جو هڪ يا ٻہ ماڻھو کڻي سگهي ۽ ديول يا ڪنھن ٻئي گهر ڏانھن وڃڻ وقت سھڻو ڏيک ڏيکاري، مون پھريائين رٿ جي سخت مخالفت ڪئي، مگر ايتريءَ ئي سختيءَ سان ان جو بچاءُ ٿيو، منھنجي لاچار ٿي پوڻ سبب مخالفن طاقت حاصل ڪئي ۽ آخر فيصلو ڪيو ويو تہ وڇيري کي وڪيو وڃي.
ٻئي ڏينھن تي ميلو هو ۽ مون پاڻ اوڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو، مگر منھنجيءَ زال مون کي ذهن نشين ڪرايو تہ مون کي ٿڌ هئي، انھيءَ ڪري ڪنھن بہ صورت ۾ منھنجي زال مون کي گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان تيار نہ هئي، هن چيو، ”منھنجا پيارا، پنھنجو پٽ ”موزز“ هڪ فھميندو ڇوڪرو اهي ۽ تمام چڱي فائدي سان خريد و فروخت ڪري سگهي ٿو، توهان کي اڳئيي خبر آهي تہ هيءَ سودي خريد ڪرڻ تائين پيڙھہ ٻڌي بيھي ٿو ۽ پنھنجيءَ ريڙھہ پيڙھہ سان سچ پچ تہ سودي وارن کي ٿڪايو ڇڏي.
جيئن تہ مون کي پنھنجي پٽ جي ڏاهپ بنسبت ڪافي چڱو رايو هو، انھيءَ ڪري آءٌ هي ڪم سندس حوالي ڪرڻ ۾ پوري طرح راضي هوس، ايندڙ ڏينھن تي مون تي مون سندس ڀينرن کي کيس تيار ڪرڻ، سندس وارن کي ڪترڻ، بڪلن کي برش هڻڻ ۽ سندس ٽوپيءَ کي ٽاچڻيون لڳائڻ جي ڪم ۾ تمام گهڻو مصروف ڏٺو، اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي تہ جڏهن سينگار کانپوءِ اسان کيس وکر جي پيتي سان گهوڙي تي سوار ٿيل ڏٺو، کيس هڪ ڪوٽ پيل هو،جو ان ڪپڙي جو هو، جنھن کي منھنجون ڌيئرون ”جھڙو ڪڪر “ وارو ڪپڙو ڪوٺين ٿيون، ڪوٽ جيتوڻيڪ ننڍو هو، مگر اهڙو تہ سٺو هو، جو ان کي اڇاڻ نہ گهربو هو، سندس واسڪوٽ سائي چتونءَ رنگ جو هو ۽ سندس ڀينرن هن جي وارن کي ويڪريءِ ڪاري ربين سان ٻڌو هو، اسين سڀيئي تيستائين در کان ٻاهر هن جي پويان ”سٺو بخت، سٺو بخت“ جا واڪا ڪندا وياسون، جيستائين هو اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويو.
هو اڃا روانو ٿيو ئي مس هو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ جو بورچي اسان جي خوشنصيبيءَ تي اسان کي مبارڪون ڏيڻ آيو، هن چيو. ”مون پنھنجي نوجوان مالڪ کي اوهان جا نالا ڏاڍيءَ ساراھہ سان ذڪر ڪندي ٻڌو.“
ڏٺو ويو تہ بخت اڪيلي سر اچڻ جو ارادو نہ ڪيو هو، ساڳئي گهر جو ٻيو نوڪر، منھنجي ڌيئرن لاءِ هڪ چٺي کڻي آيو، ان ۾ احوال هو تہ مذڪورہ امير عورتن کي اسان بنسبت ”مسٽر ٿارنھل“ کان اهڙو تہ احوال پھتو هو، جو کين اميد هئي تہ ٿورين اڳواٽ خبرن چارن کان پوءِ هو مڪمل طرح مطمئن ٿينديون، منھنجيءَ زال چيو، ”ها، مون کي هاڻي معلوم ٿيو آهي تہ وڏن ماڻھن جي ڪٽنبن ۾ شامل ٿيڻ ڪو سوکو ڪم نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو بہ هڪ دفعو انھن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ جيئن ”موز“ چوي ٿو، تہ اهو ڀلي سمھي وڃي ننڊ ڪري،“ هن چرچي جي گفتگو کي، جيئن تہ منھنجيءَ زال ظرافت جي ارادي سان استمعال ڪيو هو انھي ڪري ڇوڪرين ان جي قبوليت خوشيءَ جي وڏي ٽھڪ سان ڏني، المختصر، هن پيغام پھچڻ تي منھنجي زال ايترو تہ گهڻو خوش ٿي، جو هن پنھنجي کيسي ۾ هٿ وڌو، ۽ پيغام آڻيندڙ کي ساڍا ست ”پينس ڏنائين.“
هيءَ اسان جي لاءِ ملاقات جو ڏينھن ٿيڻو هو، ان کان پوءِ ”مسٽر برچل“ آيو، جو پاڻ بہ ميلي تي ويل هو، هن منھنجن ننڍڙن مان هر هڪ لاءِ هڪ ”پينس“ جي قيمت وار جنجر جي روٽي آندي هئي، منھنجي زال اهي ٽڪر پاڻ وٽ رکيا، ۽ کين وقت سر ڏيڻ جو ڪم پنھنجي ذمي کنيو، هن منھنجي ڌيئرن لاءِ پڻ هڪ جوڙو پيٽين جو آندو هو، جنھن ۾ هو ٽڪليون ننڍا بسڪوٽ، ناس، چتيون، يا ريزڪي پئسا رکي سگهيون ٿي، ان کانسواءِ منھنجي زال لاءِ پڻ نور جي کل وارو هڪ ٻٽون آندو هئائين، ڇاڪاڻ تہ هو ان ٻٽون جي شائق هئي، ۽ پنھنجي ويساھہ موجب ان کي نصيب وارو سمجهندي هئي، جيتوڻيڪ ”مسٽر برچل“ جي اڳوڻي غير مھذب هلت ڪجهہ قدر اڻوڻندڙ هئي، تہ بہ اسان کي سندس لاءِ عزت هئي، ۽ هينئر اسين کيس پنھنجي خوشين جي احوال ٻڌائڻ ۽ کانئس صلاح وٺڻ لاءِ تيار هئاسون، جڏهن هن شھري عورتن کان آيل چٺي پڙهي، تڏهن ڪنڌ ڌوڻيائين ۽ چيائين تہ هن قسم جي ڪم ۾ تمام گهڻي خبرداريءَ ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي، هن بي اعتماديءَ جي خيال منھنجيءِ زال کي تمام گهڻو ناراض ڪيو، هن چيو، ”جناب مون کي ڪڏهن اهو گمان بہ ڪو نہ هو، تہ تون ڪو منھنجي ۽ منھنجي ڌيئرن جي مخالفت ۾ ايترو گهڻو سرگرم هوندين، تو کي ضرورت کان وڌيڪ چؤڪسي ڪرڻ جي عادت آهي، منھنجو خيال آهي، تہ جڏهن بہ اسان ڪنھن کان صلاح پڇون، تڏهن صرف انھن ماڻھن کي عرض ڪريون جن ان تي خود عمل ڪيو هجي.“ هن جواب ڏنو، ”خاتون، هن وقت اهو سوال نہ آهي تہ منھنجي هلت ڪھڙي آهي، ۽ جيتوڻيڪ مون پاڻ ڪنھن جي بہ صلاح تي عمل نہ ڪيو اهي، تاهم مون کي پنھنجي ضمير موجب صلاح صرف انھن ماڻھن کي ڏيڻ گهرجي، جي ان تي عمل ڪندا“ جيئن تہ مون کي خطرو هو تہ شايد هن جو جواب اهڙيءِ سخت ڪلاميءَ ۾ ڏنو وڃي، جنھن ۾ عقل جي ڪوتاهي هجي، ۽ آّخر قصو زباني جهڳڙي جي حد تائين پھچي وڃي، انھي ڪري گفتگو جي پھلوءِ کي ڦيرائڻ لاءِ ”موزز“ جي دير ڪرڻ متعلق عجب کائڻ جو ڏيکاءُ ڪيم. مون چيو، ”هاڻي تہ اصلي رات پوڻ جو وقت ٿي ويو آهي، پوءِ ڪھڙو سبب آهي، جنھن ڪري اسان جو پٽ ميلي تي ترسي پيو آهي، منھنجي زال چيو، ”پنھنجي پٽ جو فڪر نہ ڪريو، خاطري ڪريو، تہ جيڪو ڪم سندس حوالي ڪيو ويو آهي، تنھن جي کيس ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، آءٌ توهان کي خاطري ڏيان تہ توهان کيس ڪڏهن بہ گجر بصر ڪري وڪڻندو نہ ڏسندا، مون کيس اهڙآ سودا ڪندي ڏٺو آهي، جي جيڪو ٻيو ڪو ڏسي تہ هوند حيرت ۾ پئجي وڃي، آءٌ اوهان کي ان بابت هڪ اهڙي ڳالھہ ٻڌائينديس، جنھن جي ٻڌڻ سان اوهين کل ۾ کيرا ٿي پوندو، ايتري خاطري جيتري اها تہ آءٌ جيئري آهيان، اجهو پريان ” موزز“ پيٽي پنھنجي پٺيءَ تي رکي پيو اچي، گهوڙو پڻ ساڻس نہ آهي.
جيئن هن ائين چيو، تيئن اسان ڏٺو تہ ”موزز“ پريان پئي آيو، وکرجي پيٽي سندس ڪلھن سان گهورڙئي وانگر ٻڌل هئي، ۽ پيٽيءَ جي بار ڪري پگهر ۾ شل ٿيل هو، منھنجي زال چيو، ”ڀلي آئين، جيءَ آئين ”موزز“ چڱو منھنججا پٽڙا، تو اسان جي لاءِ ميلي تان ڇا آندو آهي؟“ ”موزز“ پيٽيءَ کي ڊريسنگ ميز تي رکندي شر ميلي نگاھہ سان جواب ڏنو، ”مون اوهان لاءِ پنھنجو پاڻ آندو آهي“ انھي تي منھنجي زال واڪو ڪري چيو، ”ها موزز، اها اسان کي خبر آهي، مگر گهوڙو ڪٿي آهي؟“ ”موزز“ جواب ڏنو، ”مون اهو ٽن پائونڊن پنجن شلنگن ۽ ٻن پينسن ۾ وڪڻي ڇڏيو، منھنجيءَ زال چيو، ”شاباس، ڏاڍو سٺو ڪيئي، منھنجا سدورا پٽڙا، مون کي اڳيئي خبر هئي تہ تون گراهڪن کي چڱي طرح خوش ڪندين، پاڻ ٿا ڳالھہ ڪريون، ”ٽي پائونڊ“، پنج شلنگ ۽ ٻہ پينس هڪ ڏينھن لاءِ ڪو خراب روزگار نہ آهي، هاڻي ڀلا اهي پئسا، اسان کي ڏي“، موزز وري جواب ڏنو، ”آءُ پئسا کڻي ڪو نہ آيو آهيان، مون اهي سڀئي هڪ واپار ۾ سيڙايا آهن، اهو خريد ڪيل سامان هيءُ آهي.“ ائين چئي هن پنھنجي واسڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ هڙ ٻاهر ڪڍي چيائين، “هيءَ انھن ساين عينڪن جو گروس آهي، جن جون ٻانھون چانديءَ جون آهن ۽ دٻليون سائي نرم چمڙي جون آهن،“ منھنجي زال جهڪي آواز ۾ چيو، ”هڪ گروس ساين عينڪن جو! تو گهوڙي کي وڪرو ڪيو آهي ۽ اسان کي صرف بيڪار عينڪن جو گروس آڻي ڏنو اٿيئي!“ ڇوڪري چيو، ”امان تون ڇو سبب ڏانھن ڌيان نٿي ڏئين؟ مون ساڻن ٻڌو سودو ڪيو، يا تہ مورڳو آءٌ اهي خريد ئي نہ ڪري سگهان ها، صرف چانديءَ جون ڪانيون ئي ٻيڻن پئسن ۾ وڪامنديون.“ منھنجيءَ زال جذبات ۾ اچي واڪو ڪري چيو، ”ڌوڙ پئي آهي، چانديءَ جي ڪانين کي، آءٌ قسم تي چوڻ جي جرائت ڪريان ٿي، تہ ڀڳل چانديءَ جي اگھہ پنجين شلنگن في آئونس جي حسان سان اهي اڌ رقم کان بہ مٿي نہ وڪامنديون.“ مون چيو، ”اوهان کي انھن ڪانين جي وڪڻڻ بنسبت ڪابہ اون ڪرڻ نہ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏسان ٿو تہ اهي صرف ٽامي مٿان ملمعو چڙهيل آهن.“ منھنجي زال واڪو ڪري چيو، ”ڇا چاندي نہ آهي!؟ ”نھ“ مون جواب ڏنو، ”تنھنجي تئي کان زياده چاندي نہ آهي“ اهڙي طرح هن جواب ڏنو، ”اسان گهوڙي کان جدا ٿيا آهيون، ۽ هڪ گروس ساين عينڪن جو ٽامي جي ڪانين ۽ سائي رنگ جي چمڙي جي دٻلين سان حاصل ڪيو اٿئون، مصيبت پوي اهڙين نمائشي شين تي ، هيءُ بيوقوف ٺڳيو ويو آهي ۽ هن کي سندس سنگت کي چڱيءِ طرح سڃاڻن گهربو هو“ مون چيو، ”پياري تون انھيءَ ۾ ڀليل آهين، هن کي سندن اصلي خبر ئي نہ پوي ها“، هن وراڻي ڏني ”مون کي اهڙي ردي سامان آڻي ڏيڻ تي شان هن بيوقوف جي مٿان مصيبت نازل ٿئي، جيڪڏهن مون کي اهي ڏنيون وينديون تہ آءٌ کين باھہ ۾ اڇلي ڇڏينديس، “ مون دانھن ڪري چيو، ”منھنجي پياري، ان ۾ بہ وري تون ڀليل آهين، ڇا ڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اهي ٽامي جون آهن، تڏهن بہ اسين کين پاڻ وٽ رکنداسون، تو کي خبر آهي تہ ڪجهہ بہ نہ هجي، تنھن کان وري بہ ٽامي جون عينڪون وڌيڪ چڱيون آهن، ٻڏل ٻيڙيءَ جون هريڙون بہ چڱيون.“
هن وقت تائين بد نصيب ”موزز“ ٺڳيو نہ ويو هو، هن هاڻي ڏٺو تہ کيس انھي شاهينگ فريب ڏنو هو، جنھن سندس شڪل ڏسندي ئي کيس سوکي شڪار لاءِ اک ۾ رکيو هو، مون انھي ڪري کانئس سندس ٺڳجڻ جا سبب پڇيا، ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ هن گهوڙو وڪيو ۽ ٻئي جي ڳولا ۾ هو، هن چيو، ”ان وقت هڪ ڏسڻ ۾ پرهيزگار ماڻھو مون کي هڪ تنبوءَ ۾ آندو، هن مون سان مڪر ڪيو تہ وٽس هڪ گهوڙو وڪري لاءِ هو، اتي اسين هڪ تمام خوش پوش شخص سان ملياسون، جنھن پنھنجي آندل عينڪ عيوض ويھن ”پائونڊن“ اڌارن وٺان جي خواهش ٿي ڪئي،“ هن چيو تہ مون کي پئسن جي ضرورت آهي ۽ کين سندن قيمت جي ٽئين پتيءَ ۾ نيڪال ڪندس، پھريون سکر ماڻھو جنھن منھنجي دوست هئڻ جو ڍونگ ڪيو هو، تنھن مون کي ڪن ۾ چيو، ”آءٌ اهي خريد ڪريان ۽ خبردار ڪيائين تہ اهڙي فائديمند سودي کي هٿان نہ ڇڏيان، مون ”مسٽر فلمبرو“ کي گهرايو ۽ هنن هن سان بہ اهڙي عمدي گفتگو ڪئي، جھڙي مون سان اهڙي طرح آخر اسين پاڻ ۾ ڀائيواري ڪري ٻن گروسن جي خريد ڪرڻ تي آماده ٿي وياسون.“

باب تيرهون: مسٽر برچل جي باري ۾ هڪ غلط فھمي

اسان جي ڪٽنب هاڻي خوش وضع ٿيڻ جون گهڻي ئي ڪوششون ڪيون، پر ڪنھن نامعلوم مصيبت هر ڪنھن ڪوشش کي اڀرندي ئي ختم ڪري ٿي ڇڏيو، منھنجي ڌيئرن جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون هيون، تنھن ڪري سندن عقل سليم کي سڌارڻ لاءِ مون هر ڪنھن نااميدي مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، مون چيو، ”منھنجا ٻچا هاڻي اوهان کي معلوم ٿي چڪو آهي، تہ دنيا تي پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وسيلي پاڻ کان وڏن سان همسري ڪرڻ ۾ ڪيترو نہ ٿورو حاصل ڪجي ٿو، اهي غريب، جي شاهوڪارن کانسواءِ ٻئي ڪنھن سان ميلاپ نہ ڪندا، انھن کي اهي ماڻھو ڌڪاريندا، جن کان پاڻ نٽائيندا، ۽ اهي جن جي پاڻ پويان لڳندا، سي کين ڪين جھڙو ڪري سمجهندا، ناموافقت واريون دوستيون هميشہ ضعيفن پاسي لاءِ نقصانڪار آهن، شاهوڪارن کي عيش عشرتون نصيب آهن ۽ غريبن کي عيشن ماڻن لاءِ اهي تڪليفون سھڻيون پون ٿيون، جي انھن جي پيدائش آهن، منھنجا پٽ! ڊڪ اچ ۽ سڀني رفيقن جي ڀلي لاءِ اها آکاڻي وري ٻڌاءِ جيڪا تو پئي پڙهي.
ڊڪ چيو ”هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي، تہ هڪ جن ۽ هڪ ڄامڙو پاڻ ۾ دوست هئا ۽ پاڻ ۾ گڏ گذاريندا هئا، هنن پاڻ ۾ انجام ڪيو تہ بھادريءِءَ جي ڪمن جي ڳولا ڪندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ هڪ ٻئي کي ڪين ڇڏيندا، سندن پھرين لڙائي ٻن مسلمانن سان ٿي، ڄامڙو جو زياده همٿ وارو هو، تنھن ڪاوڙ ۾ ڀرجي، انھن ٻنھي جوڌن مان هڪ کي زور سان ٺونشو هنيو، انھيءَ ڌڪ ان مسلمان کي تمام ٿورو زخم پھچايو ۽ هن تلوار جو وار ڪندي غريب ڄامڙي جي ٻانھن مڪمل طرح ڪپي ڇڏي، ان وقت هي هڪ دکدائڪ حالت ۾ هو، مگر جن سندس مدد لاءِ آيو ۽ ٿوريئي وقت ۾ ٻنھين مسلمانن کي اتيئي ماري ڇڏيائين، ڄامڙي ڪاوڙ ۾ انھن مان هڪ جو سر وڍي ڇڏيو، ان کانپوءِ هو ڪنھن ٻئي بھادريءَ جي ڪم جي ڳولا ۾ اڳتي روانا ٿيا، واٽ تي سندن لڙائي انھن ٽن خوني ٻانڀن سان ٿي، جي هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي برباديءَ طرف کنيو پئي ويا، ڄامڙو هاڻي اهڙو جوشيلو نہ هو، جھڙو اڳ هو، پر انھيءَ هوندي بہ هيءِ ئي هو جنھن اول هنن مان هڪ کي ڌڪ هنيو جو ٻئي وري موٽايو، جنھن هن جي اک ڪڍي ڇڏي، اهو ڏسندي جن انھن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ جيڪڏهن هو ڀڄي نہ وڃن ها، تہ هوند سڀئي قتل ٿي وڃن ها، هن فتح تي کين ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ نوجوان ڇوڪري جا آزاد ٿي هئي، اسان جن تي عاشق ٿي پيئي، ۽ ساڻس شادي ڪيائين، هو هاڻ ايترو تہ گهڻو پري ويا، جنھن جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان، آخر ڦورن جي هڪ ٽوليءَ کي اچي گڏيا، هيءَ ئي پھريون دفعو هو، جنھن ۾ جن اڳيان ٿيو، پر ڄامڙو بہ ڪو گهڻو پويان ڪو نہ هو، لڙائي تمام سخت هئي‏، ۽ گهڻو وقت هلي جتي بہ جن آيو ٿي اتي اهي سڀئي ڪري ٿي پيا، پر ڄامڙو ڪيترائي ڀيرا قتل ٿيڻ تي هو ، آخر فتح ٻنھين جانبازن جي پڌري ٿي، پر ڄامڙي پنھنجي ٽنگ وڃائي، هاڻي ڄامڙي کي هڪ اک، هڪ ٽنگ ۽ هڪ ٻانھن ڪا نہ هئي ۽ جن کي هڪ بہ زخم ڪو نہ هو، جنھن تي جن پنھنجي ننڍڙي ساٿيءَ کي واڪو ڪري چيو، ”منھنجا ننڍڙا بانڪا! هي هڪ شاندار تفريح آهي، اچو تہ هڪ وڌيڪ فتح حاصل ڪريون ۽ پوءِ اسان کي هميشہ لاءِ عزت ملندي.“ ڄامڙو جو ان عرصي اندر وڌيڪ سياڻو ٿي چڪو هو، تنھن جواب ڏنو، ”نہ تہ مون بس ڪئي، آءٌ وڌيڪ ڪو نہ وڙهندس، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ڏسان ٿو تہ سڀ ڪنھن لڙائي ۾ تون جملي عزت ۽ عيوضا حاصل ڪرين ٿو، پر سڀئي ڌڪ منھنجي نصيب ۾ آهن.“
اڃا آءٌ هن آکاڻيءَ وسيلي نصيحت سيکارڻ وارو هوس تہ اسان جي توجهہ اسان جي ڌيئرن جي شھر ڏانھن وڃڻ جي سوال تي ”مسٽر برچل“ ۽ منھنجي زال جي وچ ۾ ٿيندڙ گرم جهڳڙي ڏانھن ڇڪجي وئي، منھنجي زال گهڻي جا نفشانيءَ سان انھن فائدن تي زور ڏنو، جن جي حاصل ٿيڻ جي اميد هئي، ”مسٽر برچل“ گهڻيءَ گرم جوشيءَ سان کيس سمجهائي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آءٌ غير جانبدار رهيس، ”مسٽر برچل“ جون اهي ارادي تان لاهڻ واريون هدايتون، انھن هدايتن جو صرف ٻيو حصو ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي صبح جو تمام اڻ وڻندڙ نموني ۾ گوش گذار ڪيون ويون هيون، تڪرار ايترو تہ گهڻو وڌيو، جو غريب. ”ڊيبورا“ مضبوط دليلن ڏيڻ بدران وڏي سر ڳالھائڻ شروع ڪيو، ۽ آخر شڪست کان بچڻ کان اجهي وٺڻ تي مجبور ٿي پيئي، تنھن هوندي بہ سندس شد مد سان ڳالھائڻ جو نتيجو آخرڪار اسان جي لاءِ اڻ وڻندڙ ٿيو، هن چيو ”مون کي ڪن ماڻھن جي خبر آهي. جي جيڪا بہ صلاح ڏين ٿا، تنھن ۾ کين ڪي نہ ڪي ڳجها مقصد آهن، منھنجي مرضي آهي، تہ اهڙا ماڻھو آئينده لاءِ اسان جي گهر کان پري هجن،“ ”برچل“ نھايت جميعت جي نگاهن سان جي ”ڊيبورا“ کي وڌيڪ گرم ڪرڻ جو باعث هيون، چيو، ”بيبي صاحب، جيتري قدر ڳجهن سبب جو سوال آهي تہ ان ۾ تون صحيح آهين، مون کي ڪي ڳجها سبب آهن، جن کي بيان ڪرڻ کان آئون پاڻ کي روڪيان ٿو، ڇا ڪاڻ تہ تون آهن جو بہ جواب نہ ڏيئي سگهينءَ، جن کي آءٌ ڳجهو نٿو رکان، آءٌ ڏسان ٿو تہ هاڻي منھنجو هتي اچڻ تڪليف ده ٿي پيو آهي، تنھن ڪري آءٌ اجازت وٺندس ۽ جڏهن ٻھراڙي ڇڏيندس، تڏهن شايد وري بہ هڪ ٻہ دفعو آخرين موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ ايندس،“ ائين چئي هن پنھنجو ٽوپلو کنيو، ”صوفيا“ جنھن جون نگاهون هن جي اٻھرائي کان ڏوراپو ڏيندڙ هيون، تنھن جون ڪوششون پڻ کيس وڃڻ کان روڪي نہ سگهيون.
هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان هڪ ٻئي ڏانھن ڪجهہ منٽن لاءِ پريشانيءَ سان نھاريو، منھنجي زال جنھن پاڻ کي ان جو سبب سمجهيو، تنھن خاموشي جي لھجي ۾ زوريءَ کل سان، جنھن کي آءٌ ڇينڀڻ چاهيندو هوس، پنھنجي تشويشن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کيس چيو، ”ڪيئن زال، اهو ئي اسان جو اجنبين سان برتاءُ ڪرڻ جو طريقو آهي؟ اهو ئي نمونو آهي، جنھن سان اسين انھن جي احساسن جو معاوضو ڏيون ٿا؟ خاطري ڪر تہ ، اهي ئي سخت ۾ سخت ۽ منھنجي لاءِ ناگوار الفاظ هئا، جي تنھنجي واتان نڪتا!؟ ”پوءِ هو مون کي چيڙائي ڇو ٿو؟“ هن جواب ڏنو، ”پر آءٌ سندس ارادا چڱي طرح ڄاڻان ٿي، هي منھنجي ڌيئرن کي شھر ڏانھن وڃڻ کان انھي لاءِ روڪيندو هوندو تہ جيئن هو هتي منھنجي ننڍڙي ڌيءَ سان ملي خوشي حاصل ڪري سگهي، پر ڇا بہ ٿي پوي، هوءَ اهڙي هيٺيائين درجي واري ماڻھو کان وڌيڪ سٺو رفيق پسند ڪندي،“ مون چيو، ”منھنجي پياري تون هن کي ذليل ڪوٺين ٿي ممڪن آهي، تہ اسين هن جي ڪردار صحيح ڪرڻ ۾ غلطي ڪندا هجون، ڇاڪاڻ تہ هي ڪن موقعن تي اهڙو تہ شريف انسان ڏسڻ اچي ٿو، جنھن جھڙو مون شايد ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هجي، منھنجي صوفيا مون کي ٻڌاءِ تہ هن ڪڏهن مخفي طرح تو سان پنھنجي تعلقات بنسبت ڪا گفتگو ڪئي آهي! منھنجيءَ ڌيءَ جواب ڏنو، ”سائين! هن جي مون سان گفتگو هميشہ عاقلانھ،حليم ۽ دلچسپ ٿي آهي، جيئن ٻي ڪابہ ڳالھہ هئڻ گهرجي سا نہ هڪ دفعي سچ پچ تہ مون کي ياد آهي، تہ مون کيس چوندي ٻڌو، تہ کيس اصل اهڙيءِ ڪنھن بہ عورت جي خبر نہ هئي، جنھن ان ماڻھوءَ ۾ گڻ ڏٺو هجي، جو ڏسڻ ۾ غريب آيو ٿي،“ مون چيو، ”منھنجي پياري عام طرح ڏٺو ويو آهي تہ سڀئي سست ۽ بد نصيب ماڻھو اهڙي چوراڻي ٻولي ڳالھائيندا آهن، پر مون کي اميد آهي تہ تو کي اهڙن ماڻھن کي پوريءَ طرح سڃاڻڻ جي تعليم مليل آهي ۽ پڻ خبر اٿيئي تہ اهرو ماڻھو جو پنھنجي هلت ڪري پنھنجي واسطي اهڙي خراب معاشي حالتن وارو ٿي پيو هجي، ان مان خوشيءَ جي اميد رکڻ مورڳو چريائي ٿيندي، تنھنجي ماءُ ۽ مون کي هاڻي تنھنجي بھتر واڌاري ڪرڻ جون اميدون آهن، ايندڙ سيارو جو تون شايد شھر ۾ گذاريندينءَ، سو تو کي وڌيڪ سياڻپ ڀري وهانءِ هٿ ڪرڻ جو وجهہ ڏيندو“.
”صوفيا“ جا ان وقت ڪھڙا خيال هئا، آءٌ انھن بنسبت ڪو بہ اندازو لڳائي نٿو سگهان، پر آءٌ دلي طرح ناراض نہ هوس، ڇو تہ اسين هاڻي اهڙي مھمان کان آزاد ٿيا هئاسون، جنھن کان مون کي گهڻو ڊپ ڪرڻو پوندو هو، ”برچل سان منھنجيءَ زال جيڪي ڪيو هو، تنھن اسان جي مھمانوازيءَ ۾ هڪ رخنو پيدا ڪيو، ان رخني منھنجي ضمير کي ڪجهہ قدر ڀڙڪايو، مگر مون جلد پنھنجن ٻن يا ٽن خوشنما دليلن وسيلي ان نيڪيءَ جي صلاح ڏيندڙ کي صبر ڪرايو ۽ اطمينان ڏياريو، اهو درد جو ضمير ڪنھن ان ماڻھوءَ کي ڏئي ٿو، جنھن اڳيئي ڪو گناھہ جو ڪم ڪيو آهي، سو جلدي دور ٿي وڃي ٿو، ضمير هڪ بزدل اندروني تحريڪ آهي ۽ اهي غلطيون جن جي روڪڻ لاءِ کيس ڪافي طاقت نہ آهي، انھن کي ڏوهي ٺھرائڻ لاءِ هو ورلي ڪا فتويٰ صادر ڪري سگهي ٿو.

باب چوڏهون: تازيون پريشانيون

جيئن تہ ”مسٽر ٿارنھل“ نوازش روءَ منھنجي ڌيئرن جي هلت جي جاچ ڪرڻ ۽ ان احوال کان اسان کي خط وسيلي آگاھہ ڪرڻ جو وعدو ڪيو، انھيءَ ڪري شھر ڏانھن سندن مسافريءَ جو پڪو ارادو ڪيو ويو، اهو لازمي طور ضروري سمجهيو ويو، تہ سندن ظاهري ڏيک ويک، سندن اميد ڪيل شان سان برابر هئڻ گهرجي، پر اهو ڪم پئسن کانسواءِ ٿي نٿي سگهيو. انھيءَ ڪري اسان پنھنجي سڄي ڪٽنب ۾ ان ڳالھہ تي بحث ڪيو تہ پئسن هٿ ڪرڻ جا ڪھڙا سولي ۾ سولا طريقا آهن، يا اڃا بہ وڌيڪ مناسب طرح ائين چئجي تہ ڪھڙي شيءِ اسين گهڻي سھوليت سان وڪڻي ٿي سگهياسون. اسان جو بحث جلدي ختم ٿيو، ڏٺو ويو تہ اسان جو باقي پچيل گهوڙو جيئن تہ ڪاڻو هو، تنھنڪري پنھنجي ساٿيءَ کانسواءِ هر لاءِ صفا بيڪار ۽ رستي هلڻ کان لاچار هو، انھي ڪري مٿي ڏيکاريل مقصدن خاطر ان کي پسگردائي ۾ لڳندڙ ميلي تي نيڪال ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، ۽ دوکي کان بچڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو، تہ آءٌ پاڻ ان کي اوڏانھن ڪاهي وڃان، جيتوڻيڪ هيءُ ڪم منھنجي حياتيءَ جي اوائلي واپاري ڏي وٺ جي ڪمن مان هڪ هو، تہ بہ مون کي خاطري هئي تہ آءٌ اهو ڪم ڪاميابي سان سرانجام ڏيندس، ماڻھو پنھنجي دانائيءَ بابت جيڪو قياس بنائي ٿو، تنھن جو اندازو سندس هم صحبتين جي راين مان لڳائي سگهجي ٿو، ۽ جيئن تہ منھنجو قياس منھنجي ڪٽنب جي طريقي موجب هو، تنھن ڪري مون پنھنجي دنيوي سياڻپ بابت ڪو بہ ناموافق خيال تصور ۾ نہ آندو، تنھن هوندي بہ منھنجيءَ زال، ايندڙ ڏينھن صبح جو موڪلاڻيءَ وقت، جيئن، آءٌ پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪتس تئين مون کي صلاح ڏيڻ لاءِ واپس سڏ ڪيو ۽ ڪن ۾ مون کي خبردار رهڻ لاءِ چيائين.
جڏهن آءٌ ميلي تي آيس، تڏهن دستور موجب پنھنجي گهوڙيِ کي سڄي ميلي ۾ سندس پنڌن موجب هلايم، مگر ڪجهہ وقت لاءِ ڪوبہ واڪ ڏيندڙ ڪونہ هو، آخر هڪ گهورڙيو ويجهو آيو، ۽ چڱو سارو وقت کيس چئوطرف جاچي. ڪاڻو ڏسي، ڪا بہ قيمت نہ چيائين، ان بعد هڪ ٻيو گراهڪ آيو، مگر اهو ڏسندي تہ کيس هڏيءَ جي سوچ جو مرض هو، چيائين تہ هو ان کي مفت ۾ بہ خريد نہ ڪندو، ٽيئن گراهڪ سھي ڪيو، تہ هن کي آبگير جو مرض هو ۽ واڪ ئي ڪونہ ڏنائين، ڇوٿين هن جي اک مان ڏٺو، تہ کيس ”باٽس“ جي بيماري هئي، پنجين عجب کاڌو، تہ اهو انڌو، هڏيءَ جي سوچ وارو، آبگيري ۽ ”باٽس“ جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل گهوڙو، جو ڪھي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن جي لوڌ ۾ اڇلڻ جھڙو هو، تنھن کي ميلي تي آڻي مون ڪھڙو نہ آزار مچايو هو، ان وقت مون کي پڻ غريب جانور کان تمام گهڻي نفرت ٿيڻ شروع ٿي ۽ مان هر ڪنھن گراهڪ جي اڳتي اچڻ تي شرمسار ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ جيڪي انھن ماڻھن مون کي چيو ٿي، تنھن سموري کي مون پوريءَ طرح قبول نٿي ڪيو، مگر تنھن هوندي بہ ويچار ڪيم تہ شاهدن جو وڏو انداز سندن صحيح هجڻ جي وڏي حجت هو ۽ ”سينٽ گريگريءَ“[1] جي پڻ نيڪ ڪم بنسبت ساڳي راءِ آهي.
جڏهن آءٌ اهڙي افسردگيءَ واريءَ حالت ۾ هوس، تڏهين هڪڙو جهونو واقفڪار پادري ڀاءُ، جنھن کي پڻ ميلي تي ڪو ڪم هو، مون وٽ آيو، هن مون کي هٿ ڏيئي کيڪار ڪئي، ۽ شراب خاني ڏانھن هلڻ ۽ اتي سندس سرنديءَ سارو شراب جي گلاس پيئڻ جي مون کي آڇ ڪيائين، مون سندس آڇ يڪدم قبول ڪئي، ۽ ڪلال خاني ۾ گهرڻ تي اسان کي پٺ واريءِ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ڏانھن اشارو ڪيو ويو، ڪوٺيءَ ۾ هڪ معزز پير مرد ويٺل هو، جو هڪ ڪتاب جي مطالع ۾ پوريءَ طرح محو هو، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اهڙي صورت ڪا نہ ڏٺي، جنھن کانئس وڌيڪ پسنديده نموني وارا گهنج ۾ منھنجيءَ دل تي اثر ويھاريو هجي، سدنس چانديءَ جھڙا سفيد وار، بزرگيءَ نموني سندس پيشانيءَ مٿان پيل هئا، هن جي سدا سائي، وڏي عمر، سندس تندرستيءَ ۽ فيض جو نتيجو ڏسڻ ۾ آئي ٿي.ڪيئن بھ، سندس موجودگيءَ اسان جي گفتگوءَ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ ڪا نہ وڌي، مون ۽ منھنجي دوست، ڪيترن انھن نصيب جي ڦيرن تي گفتگو ڪئي، جي اسان جي زندگيءَ ۾ آيا هئا، ”وهسٽن“ جي تڪرار منھنجي آخرين چوپريءَ ديول جي وڏي پادريءَ جي جواب ۽ مون سان سندس ورتل سخت برتاءُ بنسبت احوال ڪيو سين، ٿوري ئي وقت کان پوءِ اسان جو ڌيان، هڪ نوجوان جي اچڻ تي ڦري ويو، هن ڪوٺيءَ ۾ گهڙي، تمام گهڻي ادب ۽ نرميءَ سان ڪا ڳالھہ ان ويٺل اجنبيءَ پيرسن کي چئي، پيرسن چيو، ”منھنجا ٻچا، دلگير نہ ٿيءِ، پاڻ جھڙن ٻين مخلوقن سان نيڪي ڪرڻ اسان تي فرض آهي، هي وٺ، منھنجي چاهنا آهي، تہ هوند اڃا بہ وڌيڪ هجن ها، تہ چڱو هي پورا پنج پائونڊ تنھنجي مصيبت ٽاريندا ۽ تون ڀلي آئين“. انھيءَ تي ان لڄاري نوجوان، احسانمنديءَ جا ڳوڙها ڳاڙيا، تنھن هوندي بہ سندس احسان گذاري منھنجي شڪر گذاريءِ سان ڪڏهن بہ مٽ پئجي نہ سگهي، بزرگ جي فيض مون کي اهڙو تہ خوش ڪيو، جو مون چاهيو، تہ آءٌ هوند ان نيڪ پيرسن کي ڀاڪر پائي، پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳايان، هن پنھنجو مطالعو چالو رکيو ۽ اسان پنھنجي گفتگو جاري رکي، ڪجهہ وقت کان پوءِ منھنجي دوست کي ياد آيو، تہ کيس ميلي ۾ سندس ڪاروبار سر انجام ڪرڻو هو ۽ هن جلد واپس اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ موڪلايو، هن چيو ”آءٌ هميشہ ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي ايتري گهڻيءَ ڪچھري جي چاهنا ڪندو آهيان، جيتري گهڻي ممڪن ٿي سگهي ٿي.“ پيرسن منھنجو نالو ذڪر ٿيندي ٻڌو، ڪجهہ وقت مون ڏانھن توجهہ سان نھاريندي نظر آيو، جڏهن منھنجو دوست روانو ٿيو، تڏهن تمام گهڻيءَ تعظيم سان مون کان پڇيائين، ”ڇا ، اوهين ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ جا عزيز آهيو، جو ٻي شادي جو مخالف آهي ۽ عيسائي مذهب جو پشت پناھہ آهي؟“ منھنجيءَ دل ان وقت جيڪا خوشي محسوس ڪئي، ان کان وڌيڪ ڪڏهن بہ محسوس ڪو نہ ڪئي هئائين. مون چيو، ”سائين! منھنجيءَ دل ۾ اوهان جي فيض و ڪرم جي ڪري جا خوشي اڳيئي پيدا ٿي آهي، ان ۾ اوهان جھڙي نيڪ ماڻھوءَ جون تعريفون اضافو ڪن ٿيون، سائين هڪ کان وڌيڪ شاديءَ جو مخالف، جنھن کي اوهان ”اعظم“ ڪوٺڻ جي نوازش ڪئي آهي، ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ کي توهان پنھنجي اڳيان ڏسو ٿا، جو هن زماني ۾ ٻيءَ شادي جي بر خلاف ڪاميابي سان لڙيو آهي.
”ان بزرگ حيرت ۾ پئجي وڏي آواز سان چيو، ”سائين مون کي معاف ڪجو، آئون اوهان سان ايترو گستاخ ٿيو آهيان، پر مون کي اميد آهي تہ توهين منھنجيءَ هن دريافت ڪرڻ تي‏، مون کي معاف ڪندا، سائين! آءٌ معافي طلبيان ٿو،“ مون سندس هٿ پڪڙيندي چيو، ”جناب عالي، توهين پنھنجي گهرائي سان مون کي ناراض ڪرڻ کان ايترو تہ گهڻو پري آهيو جو آءٌ توهان کي عرض ڪندس تہ جيئن تہ مون کي اوهان لاءِ اڳيئي عزت آهي، تنھن ڪري توهان منھنجي دوستيءَ قبول ڪرڻ جي نوازش ڪريو،“ هن منھنجي هٿ کي زور ڏيندي چيو، ”مذهب جي پختگيءَ جا شاندار ٿنڀا، آءٌ اوهان جي آڇ احسانمنديءَ سان قبول ڪريان ٿو ۽ ڇا آئون ڏسان ٿو.... هو چوڻ تي هو، تنھن کي مون اتي روڪيو ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ هڪ مصنف جي حيثيت ۾، آءٌ خوشامد جي ڪنھن بہ ننڍڙي حصي جي ٻڌڻ کان رهي نٿي سگهيس، تنھن هوندي بہ منھنجي علم هاڻي مون کي وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ اجازت نہ ڏني، ڪي بہ عاشق عشق ۾ ڪڏهن بہ ايترو جلد جڪڙجي نہ ويندا آهن، جيترو جلد اسين هڪ ٻئي جي دوستيءَ ۾ جڪڙجي ويا هئاسون. اسان ڪيترن عنوانن تي ڳالھايو، پھريائين آءٌ کيس عالم جي بدران زاهد سمجهڻ لڳس ۽ ائين سمجهيم تہ هن سڀئي انساني اصول بيڪار شين وانگر ڌڪاري ڇڏيا هئا، انھي هوندي بہ منھنجي ائين سمجهڻ کيس منھنجي قياس ۾ گهٽ نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون پاڻ ڪجهہ عرصو اهڙو عقيدو پنھنجي اندر ۾ سانڍيو هو، مٿئين سبب ڪري مون ائين چوڻ جو موقعو ورتو، تہ دنيا عام طرح اصولي ڳالھين ڏانھن قابل ملامت طريقي ۾ لاپرواھہ ٿيڻ شروع ڪيو آهي، ۽ انساني قياس جي تمام گهڻي پيروي ڪئي ٿي وڃي، ”هائو سائين“، هن جواب ڏنو، ڄڻ تہ سموري علم کي ان ساعت لاءِ سانڍي رکيو هئائين، ”هن وقت دنيا پنھنجي موھہ ۾ آهي، تنھن هوندي بہ علم پيدائش يا دنيا جي خلقت سڀني زمانن جي حڪيمن کي منجهائي وڌو آهي، ڪھڙن راين جو منجهيل ميڙ آهي جو هنن دنيا جي خلقت تي نہ ڇيڙيو آهي؟ ”سنچونيٿن“[2]، مئنيشو[3]، بيروسوس،[4] ۽ ”آسيلوس ليوڪانسو“ سڀني انھيءَ تي اجايون ڪوششون ڪيون آهن، پوئين جا هي لفظ آهن؛ ”سڀني شين کي نڪا ابتدا آهي. ۽ نڪا انتھا“. مئنيثو جو ”نيبيوچئڊان اثر“[5] جي زماني ڌاري رهندو هو، ان پڻ هڪ اهڙو نامعقول قياس ٺاهيو، جيئن تہ اسين چئون ٿا تہ ڪتاب ڪڏهن بہ دنيا کي نہ سيکاريندا، تنھن ڪري هن تفتيش ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ”اثر“ هڪ شاهي لفظ آهي، جو ان ملڪ جي بادشاهن سان ڪنيت جي نالي طور لڳايو ويندو هو، جيئن ”تغلت فائل اثر،“ ۽ ”نيبن اثر“ پر سائين آءٌ معافي ٿو گهران، جو آءٌ مقصد کان وڇڙيو پيو وڃان،“ سچ پچ تہ هي سوال کان وڃڙيو پئي ويو، آءٌ پڻ پنھنجيءَ ساريءَ ڄمار ۾ اهو معلوم ڪري نہ سگهيس تہ جيڪي مون چيو هو، ان سان هن دنيا جي پيدائش جو ڪو تعلق هو، مگر هن جي گفتگو مون کي ڏيکارڻ لاءِ ڪافي هئي، ته هو هڪ علم وارو ماڻهو هو، ۽ هاڻي آءٌ کيس وڌيڪ عزت ڏيڻ لڳس، لهذا مون لَيس ڪسوٽيءَ تي آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو، مگر هو ايترو ته گهڻو نرم دل ۽ حليم هو، جو هن ڪاميابيءَ لاءِ لڙڻ نٿي چاهيو، جڏهن مون ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي ڪئي، جا تڪرار لاءِ للڪار ڏسڻ ۾ ٿي آئي، تڏهن هن مشڪيو ٿي، ڪنڌ ڌوڻيوٿي ۽ ڪجهه به نٿي چيو، جنهن مان مون سجهيو ٿي ته جيڪڏهن هو مناسب سمجهي ها ته گهڻو ئي ڪي چئي سگهي ها، انهيءَ ڪري گفتگو جو موضوع ڪنهن به سعيي کان سواءِ قديم زماني جي ڪاروبار کان ڦري، ان شغل تي آيو، جنهن اسان ٻنهي کي ميلي تي آندو هو، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو مقصد گهوڙي وڪڻڻ جوهو، ۽ سچ پچ ته خوش نصيبيءَ سان سندس مقصد وري سندس هارين مان هڪ لاءِ گهوڙو خريد ڪرڻ جو هو، منهنجو گهوڙو جلدي پيش ڪيو ويو، ۽ تمام سٺي نموني ۾ اسان سودي جي تاڙي هنئي، هاڻي فقط مون کي پئسا ملڻا هئا، هن ٽيهن پائوندن جو نوٽ ڪڍيو ۽ مون کي ان جي مئائڻ لاءِ چيائين ، جيئن ته سندس مطلب پوري ڪرڻ جي صلاحيت مون ۾ ڪا نه هئي، انهيءَ ڪري پنهنجي حاضريءَ واري نوڪر کي اندر سڏيائين، نوڪر تمام گهڻي ادب سان اچي حاضر ٿيو، هن چيو ”ابرهام، هيءُ نوٽ وٺ، وڃ ۽ هن جو سون وٺي اچ، اهو ڪم تون پاڙيسريءَ ”جئڪسن“ جي دڪان تان لاهي اچ“. جڏهين نوڪر ويو، تڏهن هن مون کي چانديءَ جي قلت جي مسئلي تي نهايت دلسوز شدمد سان وندرايو، جنهن کي سڌارڻ جو ٿوري وقت کان پوءِ وري ويچار ڪرڻ تي مون اهو خيال ڪيو ته مون هڪ اجنبيءَ کان هنڊي وٺڻ ۾ تمام وڏي غلطي ڪئي آهي، انهي ڪري خريدار جي پويان پوڻ ۽ سياڻپ سان کانئس پنهنجي گهوڙي وٺڻ جو ارادو ڪيم، مگر هاڻي اهو وقت گذري چڪو هو، انهيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد پنهنجي دوست وٽان هنڊيءَ کي پئسن ۾ تبديل ڪرڻ جي ارادي سان آءٌ سڌو گهر ڏانهن روانو ٿيس، مون پنهنجي ايماندار پاڙيسريءَ کي سندس در وٽ ٻيڙي ڇڪيندو ڏٺو، جڏهين مون کيس ٻڌايو ته مون کي هڪ ننڍي رقم جي هنڊي ملي آهي تڏهن هن ان کي ٻه دفعا پڙهي چيو، ”آئون سمجهان ٿو ته توهين نالو پڙهي سگهو ٿا، ”ايفريم جينڪنسن“ هائو ايفريم جينڪنن هن جواب ڏنو، ”نالو ڪافي چٽو لکيل آهي ۽ آءٌ هن آسمان جي نيليءَ ڇٽيءَ هيٺان رهندڙ ان هڪ وڏي ۾ وڏي بدمعاش کي سڃاڻان. هي اهو ساڳيو اٺوري آهي. جنهن اسان کي عينڪون وڪيون هيون، ڇا هي اڇيءَ ڏاڙهي سان ڏسڻ ۾ بزرگ انسان نه هو ۽ سندس کيسي کي جهالرون نه هيون؟ ڇا هن يوناني ۽ جدا جدا قسمن جي ماڻهن جي مجموعي ۽ دنيا بابت ڊگهي علمي گفتگو ڪا نه ڪئي؟“ مون ان جو جواب ڪنجهڪار ۾ ڏنو، هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”ها هن وٽ علم جو صرف اهو ئي ذرڙو آهي ۽ جڏهن ڪو به تعليم يافته پنهنجيءَ صحبت ۾ ڏسندو آهي، تڏهن اها ئي گفتگو ڪندو آهي، آءٌ انهي بدمعاش کي سڃاڻان، ۽ کيس ڏسي رهندس.“

جيتوڻيڪ آءٌ اڳيئي شرمسار هوس، مگر منهنجي وڏي ۾ وڏي جدوجهد گهر ۾ اچڻ ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيئرن کي منهن ڏيڻ ۾ هئي، ڪوبه گوسڙو شاگرد پنهنجي اسڪول ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي استاد جي منهن لڳڻ کان ايترو گهڻو نه ڊنو هوندو، جيترو آءٌ پاڻ پنهنجي گهر وڃڻ کان ڊنس ٿي، تنهن هوندي به مون انهن جي ڪاوڙ ۾ اچڻ کان اڳ پاڻ خود ڪاوڙ ۾ اچڻ جو پڪو پهه پچايو.
مگر افسسوس! اندر لنگهڻ تي، مون پنهنجي ڪٽنب کي ڪنهن به حالت ۾ جهڳڙي ڏانهن لاڙو ڪندڙ نه ڏٺو، منهنجي زال ۽ ڌيئرون ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون، ڇا ڪاڻ ته ”مسٽر ٿارنهل“ انهيءَ ڏينهن اتي اچي اطلاع ڏنو هو ته، سندن شهر واري مسافري مڪمل طرح ختم ٿي چڪي هئي، ٻئي عورتون ڪنهن بدخواهه شخص کان اسان بابت خبرون ٻڌي، انهن ڏينهن ”لنڊن“ ڏانهن روانيون ٿي ويون هيون. هو نڪي انهن بدخواهين جي خبر وٺي ٿي سگهيو ۽ نه ئي انهن جي بانيڪارن کي هٿ ڪري ٿي سگهيو، اهي ڪهڙيون به هيون ۽ انهن جو ڇيڙيندڙ ڪير به هو، مگر هو اسان کي پنهنجي دوستيءَ ۽ حمايت جو يقين ڏياريندو هو، مون ڏٺو ته جيئن ته سندن پريشاني منهنجيءَ نراسائي کان وڌيڪ هئي. انهيءَ ڪري هنن منهنجي مايوسيءَ کي تمام گهڻي صبر سان برداشت ڪيو، جنهن ڳالهه اسان کي گهڻي ۾ گهڻي مونجهاري ۾ وڌو، سا هئي اهو خيال ڪرڻ ته ڪير اهڙو ڪميڻو هو، جو اسان جهڙي بي ضرر، حسد کي ڀڙڪائڻ کان پرهيز ڪندڙ، ۽ نفرت پيدا ڪرڻ کان بري ڪٽنب جي اخلاق تي ڇنڊن هڻڻ جو ڪم ڪري سگهيو ٿي.


___________
[1] سينٽ گريگري؛ هيءِ 590ع کان 604ع تائين ڪئٿولڪ مذهب وارن جو پوپ هو، هيءُ ئي اهو ماڻھو هو، جنھن آگستائين (Augustine) کي انگلينڊ ڏانھن موڪليو هو، هن ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا جي اڪثر ڪري ڊائگلاگن وارن خطن جي صورت ۾ آهن.
[2] سنچونيشن Sanchoniathon : هيءَ بيروت جو رهاڪو هو، چيو وڃي ٿو تہ هن شام جي مغربي علائقي ۽ مصر جي تاريخ لکي هئي، جنھن جو عيسوي پھرينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فلو بيبلس (Philo Byblas) وڏي ڪشالي سان يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، هن جي راءِ موجب هيءُ صاحب سيمرامس (Semaramis) شام جي راڻيءِ جي زماني ۾ رهندو هو ۽ پنھنجي تاريخ جو ڪتاب بيروت جي بادشاھہ کي هديہ طور پيش ڪيو هئائين.
[3] مئنيشويا منيٿو(Manetho) (280-ق م) : هيءَ هڪ مصري مذهبي رهنما هو، هن جو مقصد هو تہ يوناني بادشاهن کي مصري روايتن کان واقف ڪريان ، هن يوناني ٻوليءَ ۾ مصري تاسريخ سڪندر اعظم جي فتح تائين لکي، هن پراڻين روايتن کي پڪيءَ طرح سنواريو ۽ ٺاهيو ۽ ان ڪم ۾ نھايت خلوص دليءَ سان محنت ڪيائين، سندس اها هڪ تصنيف هئي، ۽ ان جو دارو مدار ان وقت جي معتبر روايات تي هو.
[4] بيروسوس (Berosus) هيءُ هڪ ڪلئڊين (Caladean) مذهبي پيشوا هو.
[5] نيبيو چئڊن اثرNebuchadon Assar هن 605 ق.م کان 562 ق .م تائين بئبلونا (Bobylonid) تي حڪومت ڪئي، هن بئبلان جون ديوارون ٺهرايون، هن پروشلم (بيت المقدس) تي ڪاهه ڪئي ۽ اهو فتح ڪري يهودين کي قيد ڪري بئبلان ڏانهن وٺي ويو.ڪم مون پڻ سون جي گهڻيءَ قلت تي افسوس ڪرڻ سان پاڻ تي کنيو، اهڙيءَ طرح جنهن وقت ”ابرهام“ واپس آيو، تنهن وقت تائين اسان ٻنهي اها ڳالهه قبول ڪئي ته پئسو ڪڏهن به اهڙو ڏکيو هٿ اچي نٿي سگهيو، جهڙو ان وقت ڏکيو هٿ آيو ٿي، ”ابرها،“ اسان کي اطلاع ڏيڻ لاءِ واپس آيو ته هيءُ سڄي ميلي ۾ هليو، مگر نوٽ مٽائي ڪين سگهيو، جيتوڻيڪ ان جي لاءِ هن ”اڌڪرائون“ ڏيڻ جي آڇ به ڪئي هئي، پيرسن ٿوري ترسڻ کانپوءِ مون کي چيو،”ڇا توهين پنهنجي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ هڪ ”سالومن فلمبرو “ کي سڃاڻو؟“ منهنجي جواب ڏيڻ تي نه ”فلمبرو“ منهنجي گهر جي ڀر ۾ رهندڙ پاڙيسري آهي، هن وراڻي ڏني، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مون کي يقين آهي، ته پاڻ سودو ڪري سگهنداسون. توهان کي هن تي هڪ درسني هنڊي ڏيان ٿو ۽ اهو به ٻڌايون ٿو ته چوڌاري پنجن ميلن جي گهيري ۾ ان جهڙو دولتمند ٻيو ڪوبه ڪونهي، ”سالومن“ ۽ آئون ڪيترا سال لاڳيتا پاڻ ۾ دوست ٿي رهيا آهيون، مون کي ياد آهي ته آءٌ هميشه کين ٽن ٽپن واريءَ راند ۾ هارائيندو هوس، پر هڪ ٽنگ تي ٽپن ڏيڻ ۾ هو مون کان گوءِ کڻي ويندو هو“. مون لاءِ فلمبرو تي هنڊي اهڙي ئي هئي. جهڙا پئسا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سندس لياقت کان اڳيئي بخوبي واقف هوس، هنڊي صحيح ڪئي ويئي ۽ مون کي ڏني ويئي، ان بعد ”مسٽر جينڪنسن“ پير مرد بزرگ، سندس نوڪر ”ابرهام“ ۽ منهنجو گهوڙو ”بلئڪ بيري“ هڪ ٻئي سان گڏ تمام گهڻيءَ خوشي ۾ ڊڪندا ويا.

باب پندرهون: مسٽر برچل جي بدمعاشيءَ جو ظاهر ٿيڻ

اها شام ۽ ايندڙ ڏينھن جو پھريون حصو پنھنجن دشمنن جي جستجو ۾ اجايو صرف ڪيو ويو، ورلي ڪو پاڙي جو ڪٽنب هوندو، جنھن ۾ اسان کي شڪ نہ پيو هوندو، اسان مان هر هڪ کي پنھنجي گمان لاءِ جدا جدا دليل هئا، جي صرف اسان کي ئي معلوم هئا، اڃا اسان پنھنجيءَ تشويش ۾ هئاسون تہ اسان جا ننڍڙا ڇوڪرا جن ٻاهر راند پئي ڪئي، انھن مان هڪ اسان وٽ خطن جي پيٽي کڻي آيو، جا هن ٻاهران ساوڪ تان لڌي هئي، جلدي خبر پئجي ويئي تہ اها ”مسٽر برچل“ جي هئي، جنھن وٽ اها اڳ ڏٺي ويئي هئي، جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ ان ۾ جدا جدا ڳالھين تي اشارا هئا، پر جنھن شيءِ اسان جي ڌيان کي خاص طرح ڇڪيو، سو هو هڪ بند ٿيل، خط، جنھن جي مٿان لکيل هو، ”ان خط جو نقل جو ٿارنھل ڪوٽ ۾ عورتن ڏانھن موڪلڻو آهي“ اسان کي يڪدم سجهي آيو تہ هيءَ ئي اهو ڪمينو اطلاع ڏيندڙ هو ۽ ويچار ڪيوسون تہ خط کي کولجي يا نھ! آءٌ خط کولڻ جي بر خلاف هئس. مگر ”صوفيا“ جنھن چيو تہ کيس خاطري هئي، تہ اهڙيءَ ڪميڻپ جي ڪم لاءِ هو سڀني ماڻھن جي پويان هوندو. تنھن ان جي کولي پڙهڻ تي زور ڏنو، هن ڳالھہ ۾ سڀني گهر وارن سندس تائيد ڪئي ۽ سڀني جي گڏيل عرض تي مون اهو خط کولي هيٺينءَ طرح پڙهڻ شروع ڪيو.
معزز بيگمات!
”خط جو کڻي ايندڙ توهان کي ان شخص بابت مڪمل طرح مطمئن ڪندو، جنھن وٽان هيءَ اچي ٿو، ڪم از ڪم هيءُ هڪ اهو انسان آهي، جو اٻوجهائيءَ جو دوست آهي ۽ ان جي بر غلائجڻ کي روڪڻ لاءِ تيار آهي، مون کي معلوم ٿيوآهي تہ اهي ٻہ نوجوان عورتون جن سان منھنجي ڪجهہ واقفيت آهي، انھن کي توهان سھيلين طور شھر ۾ آڻن جو ڪجهہ ارادو رکو ٿيون، جيئن تہ آءٌ نڪي سادگيءَ جي ٺڳجڻ ۽ نڪي اخلاق جي ناپاڪ ٿيڻ جو طرفدار آهيان، تنھن ڪري آءٌ اوهان کي ضرور مطلع ڪندس تہ ناجائزگيءَ جو اهڙو قدم خوفناڪ نتيجن جو سبب بڻبو، بدنام يا لانگ ڇوٽي سان مون ڪڏهن بہ سختيءَ جي هلت اختيار نہ ڪئي آهي، هينئر پڻ آءٌ اوهان کي سمجهائڻ يا ان حماقت کي تنبيھه ڪرڻ جو هيءُ طريقو نہ وٺان ها، جيڪڏهن اوهان جي ان هلت جو مقصد گناھہ جو نہ هجي ها، انھي ڪريءَ هڪ دوست جي نصيحت وٺو ۽ خلوت وارين جاين ۾ جتي هن کان ڳ امن ۽ معصوميت رهندا آيا آهن اتي بدناميءَ ۽ بڇڙائي جي داخل ڪرڻ جي نتيجن تي ڳوڙهو ويچار ڪريو.
اسان جي شڪن جي هاڻي پڄاڻي ٿي، هن خط ۾ سچ پچ تہ ڪجهہ مڙوئي اهڙو مواد هو، جو ٻنھي طرفن سان لڳي ٿي آيو، ان جي ملامت انھن ماڻھن سان اهڙو ئي واسطو رکندڙ هئي، جن ڏانھن اهو خط لکيل هو، جھڙو اسان سان، پر بدخواهيءَ جو مطلب پڌرو هو ۽ اسين اڳتي ڪونہ وياسون، منھنجي زال خط جي پڇاڙيءَ تائين ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هئي، پر لکندڙ تي اجهل ڪاوڙ سان ملامتون ڪيائين. ”اوليويا“ بہ اهڙي ئي سخت ڪاوڙيل هئي، ۽ ”صوفيا“ هن جي ڪميڻائپ تي مڪمل طرح حيران ڏسڻ ۾ آئي، مون کي وري اهو هڪ اڻ ڪوٺيل احسان فراموشيءَ جو بڇڙي ۾ بڇڙو مثال ڏسڻ ۾ آيو، جنھن سان مون کي دوچار ٿيڻو پيو هو، آءٌ پڻ انھيءَ راءِ جو هوس تہ هن تھمت رکڻ لاءِ هن کي سواءِ هن جي ٻيو ڪو بہ سبب نہ هو تہ جيئن منھنجي ننڍڙي ڌيءَ ٻھراڙي ۾ ترسي پئي ۽ کيس ساڻس ملاقات ڪرڻ جا وڌيڪ وجهہ ملي سگهن، انھي ڪري اڃا سڀني کانئسن وير وٺڻ جي رٿن تي ويچار پئي ڪيو تہ اسان جو ٻيو ٻار ڊوڙندو آيو ۽ اسان کي ٻڌايائين تہ ”مسٽر برچل“ ٻنيءَ جي ٻئي ڇيڙي کان ويجهو وڌندو پئي آيو جيڪي سخت درد، تازي پھتل زخم کان محسوس ڪجن ٿا، ۽ جيڪا خوشي بدلي وٺڻ جي ويجهي اچڻ تي محسوس ڪئي وڃي ٿي، ان کي بيان ڪرڻ کان خيال ۾ آڻڻ وڌيڪ سولو آهي، جيتوڻيڪ اسان جو ارادو صرف کيس سندس احسان فراموشيءَ متعلق ڏوراپي ڏيڻ جو هو، تنھن هوندي بہ فيصلو ڪيو ويو، تہ اهو ڪم پوريءَ طرح ڇنڻ جي طريقي ۾ ڪيو وڃي، ان مقصد لاءِ اسان پاڻ ۾ ساڻس دستوري مشڪ سان ملڻ، شروعات ۾ معمولي مھربانيءَ کان وڌيڪ چرچي گهٻي ڪرڻ ، کيس ڪجهہ وندرائڻ ۽ ان کانپوءِ خوشامد ڪندڙ سانت جي وچ ۾ ڌرتيءَ جي زلزلي وانگر سندس مٿان ڪڙڪڻ ۽ سندس ڪيل ڪميڻپ جي احساس سان کيس ويڙهي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي ٿيڻ تي منھنجي زال، جنھن کي اهڙي ڪم جي سر انجام ڪرڻ لاءِ سچ پچ تہ ڪجهہ لياقتون هيون، تنھن سموري ڪاروبار جو بار پاڻ تي کنيو، اسان کيس ايندو ڏٺو، هي اندر آيو، هڪ ڪرسي ريڙهيائين ۽ ان تي ويھي رهيو، (مون چيو) ”مسٽر برچل“ اڄ ڏينھن تہ واھہ جو ٿيو آهي،“ هن جواب ڏنو، ”ڊاڪٽر اڄوڪو ڏينھن برابر عمدو آهي، جيتوڻيڪ آون ڀانيان ٿو تہ منھنجي فصل جي سنگن نسرڻ وقت ڪجهہ مينھن پوندو، ”تنھنجي سنگن جي نسرڻ تي مينھن؟“ منھنجي زال بلند آواز سان ٽھڪ ڏيندي چيو ۽پوءِ ڪيل چرچي لاءِ معافيءَ جي طلب ڪيائين، هن جواب ڏنو، ”آءُ پنھنجيءَ دل وجان سان تو کي معاف ڪريان ٿو، آءٌ ساک سان چوان ٿو تہ تون جيڪڏهن مون کي نہ ٻڌائين ها تہ آءٌ هوند ان کي چرچو نہ سمجهان ها.“ منھنجيءَ زال اسان ڏانھن اک جو اشارو ڪندي چيو، ”سائين شايد (نہ سمجهيو هجيو) تنھن هوندي بہ مون کي خاطري آهي تہ توهين ٻڌائي سگهندا، تہ اڌ آني ۾ ڪيترا چرچا ترندا“ مسٽر برچل وراڻيو، ” آءٌ ڀانيان ٿو تہ توهان اڄ صبح جو چرچن جو ڪتاب پئي پڙهيو آهي، اهو اڌ آنو چرچن جو تمام سٺي خود پسندي آهي، ۽ مون اڃا تائين عقل جو اڌ آنو بہ ڪو شايد محال ڏٺو هجي،“ منھنجي زال اڃا تائين اسان ڏي نھاريندي پئي کليو، جيتوڻيڪ اها کل سندس ئي مٿان هئي، ۽ واڪو ڪري چيائين،“ مون کي يقين آهي تہ اهو ڏٺو هوندو، مون ڪي ماڻھو ڏٺا آهن، جن کي جيتوڻيڪ تمام ٿورو علم هوندو آهي، تہ بہ هو گهڻي ڄاڻپ جو مڪر ڪندا آهن.“ مسٽر برچل جواب ڏنو، ان ۾ شڪ نہ آهي تہ توهان کي انھن عورتن جي خبر آهي، جن کي نڪتہ سنجيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، مگر اها منجهن نہ آهي.“ مون جلدي محسوس ڪيو، تہ منھنجي زال هن ڪم ۾ گهڻي قدر ڪامياب نہ ٿيندي. انھيءَ ڪري مون خود سا ڻس وڌيڪ سختيءَ سان برتاءُ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، مون واڪو ڪري چيو، ”عقل ۽ ڄاڻپ ٻئي ايمانداري کانسواءِ بيڪار آهن، ايمانداري اها شيءَ آهي، جا هر هڪ ڪار پرداز قيمت ڏئي ٿي، غلطين کان آجو ڀولو ڀولو ڀالو ڪڙمي. گهڻين غلطين واري فيلسوف کان وڌيڪ عزت وارو آهي، ڇا ڪاڻ تہ ذهن ۽ ذڪاءُ يا جرائت دلي پاڪائي کان سواءِ ڇا آهن. هڪ ايمانداري ماڻھو خدا جي بھترين مخلوق آهي.“
مسٽر برچل وراڻيو. ”مون هميشہ پوپ جي ان تمثيل تي عمل ڪيو آهي، تہ ڪند فھم ماڻھو پنھنجو شان نہ سڃاڻندو آهي، جيئن ڪتابن جي ناموس سندس وڏن کان آجي هئن سبب نٿي وڌي، مگر منجهن جيڪي خوبيون آهن، انھن جي تعداد موافق وڌي ٿي، تيئن ماڻھن کي پڻ سندس، ڏوهن کان بري هئڻ سبب نھ، مگر انھن وصفن جي انداز مطابق اعليٰ سمجهڻ گهرجي، جي منجهن موجود آهن، تعليم يافتہ ڀلي سياڻپ جي ڊاڙ هڻي، مدبر کي ڀلي فخر هجي ۽ جنگي جوڌي کي ڀلي شوخي ۽ ڪرڙائي هجي، مگر ڇا اسين انھن کي هڪ هيٺائين درجي تي رهندڙ ڪاسبيءَ تي ترجيح ڏينداسون، جو محنت ۽ ڪشالي سان زندگي گذاري ٿو ۽ تحسين کان سواءِ حياتي جو سمنڊ جهاڳي ٿو، ساڳيءَ طرح اسين ”فليمش اسڪول[1] جي جهڪن صحيح نقشن کي رومي نقاشن جي نقصن وارين مگر عمدين ۽ جاندار شڪلين تي ترجيح ڏينداسون.“
مون جواب ڏنو . ”سائين توهان جي هاڻوڪي چوڻي تڏهن انصاف تي مبني آهي، جڏهن گَڻَ روشن آهن ۽ وڏون خسيس آهن، پر جڏهن ائين ظاهر ٿو ٿئي تہ وڏيون وڏيون ساڳيءَ دل ۾ غير معمولي ڳڻن سان مقابلي ۾ آهن، تڏهن اهڙو انسان حقارت جي لائق آهي.“
هن چيو ”جھڙا اوهان بيان ڪريو ٿا، تھڙا گهڻين براين سان گڏ گهڻيون نيڪيون رکندڙ راڪاس شايد ڪي هجن، مگر مون پنھنجي زندگيءَ جي دوران ۾ سندن وجود جو صرف هڪ بہ مثال نہ ڏٺو آهي، ان جي برعڪس، مون هميشہ ائين معلوم ڪيو آهي تہ جتي دل وسيع آهي، اتي محبت وڌيڪ نيڪ آهي، سچ پچ تھ، اسان جو پروردگار هن تفصيل ۾ اسان تي نھايت گهڻي مھرباني ڪندڙ ۽ مشفق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انھيءَ ڪري جتي دل گندي آهي، اتي عقل کي هيڻو ڪرڻ ۽ جتي ڪا حرڪت ڪرڻ جي طلب آهي، اتي طاقت کي گهٽائڻ جو ڪم ڪيو اٿس، هي قاعدو ٻين جانورن سان پڻ لاڳو ٿيندڙ نظر اچي ٿو، ننڍڙن هلاڪ ڪندڙ جيون جي جنس هميشہ تڪليف ڏيندڙ، ظالم ۽ گيدي آهي، وري اهي جيڪي طاقت ۽ زور سان نوازيل آهن، سي سخي بھادر ۽ نھايت حليم آهن.“
مون وراڻي ڏني، ”توهان جا اهي رايا چڱا ڏسڻ ۾ ٿا اچن، پر اهو وڌيڪ چڱو ٿيندو، جو هڪ اهڙي ماڻھوءَ ڏانھن اشارو ڪيو وڃي، (ائين چئي مون ڏانھنس گهور سان نھاريو ۽ چيو) جنھن جي دل ۽ دماغ پاڻ ۾ نفرت جھڙا اختلاف رکن ٿا.“ مون پنھنجو آواز بلند ڪندي ۽ سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو، ”آءٌ ان ماڻھوءَ تي سندس وهمي اطمينان جي باوجود سھي ڪرڻ جي موقف ملڻ تي نھايت خوش آهيان.“ ”جناب، تون هيءَ چوپڙيءَ سڃاڻين ٿو؟“ ”هائو سائين.“ هن بي پرواهيءَ سان جواب ڏنو، ”اها چوپڙي منھنجي آهي، ۽ آءٌ خوش ٿيو آهيان، جو اوهان اها لڌي آهي.، مون واڪو ڪري چيو ”۽ هي خط سڃاڻين ٿو؟ اصل پس و پيش نہ ڪر، پر منھنجي منھن ۾ چڱي طرح نھار آءٌ چوان ٿو، تہ هيءُ خط سڃاڻين ٿو؟“ هن وراڻيو، ”اهو خطا ها، مون ئي اهو خط لکيو آهي،“ مون چيو ” ۽ تون ڪيئن ايتري ڪميڻپ ۽ احسان فراموشيءَ سان هن خط لکڻ جي جرائت ڪري سگهئين؟“
هن لاثاني بي حيائيءَ جي نگاهن سان جواب ڏنو، ”۽ اوهان ڪيئن بي حيائي ڪري هن خط جي سيل ٽوڙي، ان جي کولڻ جي جرئت ڪئي، توهان کي خبر آهي تہ هن سبب آءٌ هينئر جو هينئر اوهان سڀني کي سزا ڏياري سگهان ٿو، سڀ ڪجهہ جيڪي مون کي ڪرڻو پوندو، سو اهو تہ آءٌ ويجھڙائي واري جج وٽ قسم کڻان، تہ اوهين منھنجي کيسي جي ڪتابڙيءَ جي ڪلف ڀڃڻ جا ڏوهي ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح ان جي دروازي تي اوهان کي جوابدار ٺھريان،“ هن جي غير متوقع جي بي ادبيءَ جي هن فقري مون کي ڪاوڙ جي اهڙيءَ تہ چوٽي تي پھچايو، جو آءٌ پنھنجي جذبي کي اصل سنڀالي نہ سگهيس، ”احسان فراموش، ڪميڻا نڪري وڃ ۽ پنھنجي بڇڙائي سان منھنجي مڪان کي وڌيڪ وقت لاءِ پلين نہ ڪر، نڪري وڃ ۽ ڪڏهن بہ منھنجي اڳيان نہ اچج، منھنجي در تان هليو وڃ ۽ صرف سزا جنھن جي آءٌ تنھنجي طلب رکان ٿو، سا اها آهي، تہ تنھنجو ضمير تو کي ڪافي ايذاءُ رسائيندو رهي.“ ائين چوندي، مون ڏانھنس کيسي واري چوپڙي اڇلائي جا هن مشڪندي کنئي ۽ ان جا ڦڙڪا نھايت سنجيدگيءَ سان بند ڪري، اسان کي سندس خود اعتماديءَ ۽ برباديءَ تي حيران ٿيل ڇڏي هليو ويو، منھنجي زال خاص طرح ڪاوڙي، ڇا ڪاڻ تہ ڪا بہ ڳالھہ کيس ڪاوڙائي يا پنھنجي دغابازين تي شرمسار ڪر ي نہ سگهي. جيڪي جذبا اسان سڀنيءَ ۾ چوٽيءَ تي چڙهي ويا هئا، انھن جي ماٺي لاءَ مون چيو. ”منھنجي پياري اسان کي ان تي حيران ٿيڻ نہ گهرجي تہ خراب ماڻھن ۾ شرم جي گهٽتائي آهي، جڏهن سندن چڱائي پڌري ٿي پوي ٿي، تڏهن هو شرم سان ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، مگر پنھنجي بڇڙاين تي ناز ڪن ٿا.“
هڪ تمثيلي آکاڻي آهي تہ ڏوھہ ۽ شرم پھريائين پاڻ ۾ رفيق هئا ۽ پنھنجيءَ مسافريءَ ۾ يڪھ جان دو قالب نموني هڪ ٻئي سان گڏ رهندا هئا، مگر جلدي سندن ايڪتا ٻنھي جي نا پسنديده ۽ جوکائتي معلوم ٿي، گناھہ شرم کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون ۽ شرم اڪثر گناھہ جي لڪل منصوبن کي ڇينڀيو، تنھن ڪري گهڻي وقت جي نا پسنديدگيءَ کان پوءِ هنن آخر هميشہ لاءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ قبول ڪيو، گناھہ نصيب تي، جو قاتل جي شڪل ۾ اڳيان پئي ويو، ڪامياب پوڻ لاءِ بھادريءَ سان اڪيلي سر اڳتي وڌايو، پر شرم، جيئن تہ فطري طرح ڊڄڻو هو، انھيءَ ڪري موٽي ان نيڪيءَ سان پنھنجو پيوند رکڻ آيو، جنھن کي هنن پنھنجيءَ مسافريءَ جي شروعات ۾ پوئتي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح منھنجا ٻچا، جڏهن ماڻھن گناھہ جي ڪن منزلن کي طئي ڪيو آهي، تڏهن شرم انھن کي ڇڏي ڏي ٿو ۽ موٽي اچي انھن ٿورين نيڪين جي خدمت ۾ گذاري ٿو، جي اڃا تائين منجهن بچيل آهن.

_____________
[1] فليمش اسڪول؛ هيءُ هڪ نقاشيءَ جو اسڪول آهي، جو پندرهين صديءَ جي وئن اويڪ (Euck van) ۽ سندس ڀائرن برپا ڪيو هو، هن ۾ اوائلي استاد ميلملنگ (Memling) ويڊن (Weuden) مئٽسز (Metsys) مئبوز(Mabuse) ۽ مور (More) هئا، ان کان پوئين زماني ۾ منجهس هيٺيان مکيہ استاد هڪ ٻئي جي پويان ڪم ڪندا آيا، ربنس ريمبرئنڊ (Rembrand) پالپاٽر (paulpatter) ۽ جوريڊينس(Jordaens).

باب سورهون: ڪٽنب جون حرفتون

”صوفيا“ جا جذبا ڪھڙا بہ کڻي هجن، مگر ٻئي سڄي ڪٽنب ”مسٽر برچل“ جي غير حاضري متعلق زميندار جي ڪچھريءَ ذريعي تسلي حاصل ڪئي هئي، جنھن جون ملاقاتون متواتر ٿيڻ لڳيون، جيتوڻيڪ جيئن هن چاهيو ٿي، تيئن منھجي ڌيئرن کي شھر جي وندرن حاصل ڪري ڏيڻ ۾ هو نا اميد ٿي پيو هو، تنھن هوندي بہ جيتري قدر اسان جي رهڻ جي جڳھہ ۾ ٿي سگهيو ٿي، هو هميشہ صبح جو ايندو هو ۽ جيستائين آئون ۽ منھنجو پٽ ٻاهر پنھنجي ڌنڌي تي هوندا هئاسون. تيستائين گهر جي ٻين ڀاتين وٽ ويھندو هو، ۽ کين شھر جي انھن حصن جي بيان ڪرڻ سان وندرائيندو هو، جن جو هو خاص طرح واقف هو، هو اهي سڀئي ڳالھيون دهرائي سگهندو هو، جيڪي وندر گاهن جي فضا ۾ تفصيل سان بيان ٿينديون هيون ۽ سڀئي اعليٰ ظرافت واريون سٺيون ڳالھيون مزاحيا ڪتابن ۾ شايع ٿيڻ کان اڳ برزبان ياد هونديون هيس، گفتگوءَ جي وچ وارو وقت منھنجي ڌيئرن کي پتي راند سيکارڻ يا ڪن وقتن تي منھنجن ننڍڙن کي ڦڙت بنائڻ لاءِ ٺونشي بازي سکڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ گذاريندو هو، پر کيس پننجي ناٺيءَ بڻائڻ جي اميدن، اسان سڀني کي ڪجهہ قدر سندس خامين کان انڌو ڪري ڇڏيو هو، اهو ضرور قبول ڪرڻ گهرجي، تہ منھنجيءَ زال کيس ڦاسائڻ لاءِ هزارين تجويزون رٿيون هيون، يا وڌيڪ نزاڪت سان ائين کڻي چئجي، تہ پنھنجي ڌيئرن جي لياقتن کي وڌائڻ لاءِ پنھنجو هر ڪو فن ڪم آندو هئائين، جيڪڏهن چانھه سان کائڻ وارا ڪيڪ ننڍڙا ۽ کڙ ڪيدار هوندا هئا تہ اهي ”اوليويا“ جا ٺاهيل هئا، ، جيڪڏهن خارتوت جو شراب چڱي ريت هو، تہ خا رتوت جا پير وري سندس چونڊيل هئا، ۽ اهي سندس ئي آڱريون هيون، جن آچارن کي خاص قسم جي تازگي ڏني ۽ پڊنگ جي بناوت ۾ سندس ئي محنت شامل هئي، ڪن وقتن تي اها آلي ڀولي عورت زميندار کي چوندي هئي تہ توهين ۽ ”اوليويا“ ٻئي هم قد آهيو ۽ ان ڏسڻ لاءِ تہ منجهائن ڪير وڌيڪ ڊگهو هو، هوءَ ٻنھي کي گڏ بيھڻ جو حڪم ڪندي هئي، سندس اهي اٽڪلن واريون فرمائشون جيڪي بي اثر هئڻ جي باوجود بہ ، ٻين چڱيءَ طرح معلوم ٿي ڪيون ۽ انھن اسان جي خير خواھہ کي تمام گهڻو خوش ٿي ڪيو، زميندار سڀ ڪنھن ڏينھن تي پنھنجي قرب جا نوان نوان ثبوت ڏيندو هو، جي جيتوڻيڪ شاديءَ جي تجويزن تائين نہ پھتاهئا، تڏهن بہ اسان کين ان کان ٿورڙو ئي گهٽ سمجهيو ٿي ۽ سندس ڍرائيءَ کي ڪن وقتن تي فطري حيا ۽ ڪن وقتن تي سندس چاچي جي ناراض ٿيڻ جي خوف جو سبب قرار ڏنو ٿي ويو، تنھن هوندي بہ هڪ واقعو جو ان کان پوءِ جلدي رونما ٿيو، تنھن اسان جي ان خيال کي پختو ڪيو تہ هن اسان جي ڪٽنب سان هڪ ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو، منھنجيءَ زال تہ مورڳو ان کي پورو پورو واعدو ڪري شمار ڪيو.
منھنجي زال ۽ ڌيئرون جڏهن پاڙيسري ”فلمبرو“ وارن وٽ ملاقات تي ويون، تڏهن ڏٺائون تہ ان ڪٽنب تازو پنھنجون صورتون هڪ نقاش کان نقش ڪرايون هيون، اهو نقاش ٻھراڙي ۾ مسافري ڪري رهيو هو ۽ 15 شلنگن في مورت جي حسان ساب مورتون نقش ڪيائين ٿي. جيئن تہ اسان جي ڪٽنب ۽ هن جي ڪٽنب جي وچ ۾ گهڻي عرصي کان مذاق جي رقابت چالو هئي، تنھن ڪري اسان جي دل اسان جي مٿان ٿيل ڳجهيءَ فوقيت کان آگاھہ ٿي ۽ منھنجي منع ڪرڻ جي باوجود اهو پڪو ارادو ڪيو ويو تہ اسان کي پڻ پنھنجون صورتون نقش ڪرائڻ گهرجن، نقاش کي ڪم سان لڳائڻ کانپوءِ اسان جو ٻيو ويچار پنھنجي مذاق کي بلند درجي تي ڏيکارڻ جو هو، جيتري قدر اسان جي پاڙيسريءَ جي ڪٽنب جو احوال آهي، تہ ان ۾ ست ماڻھو هئا ۽ کين ستن سنگتڙن سان مشابھت ڏيئي نقش ڪيو ويو هو اهو هڪ اهڙو نقش هو جو دلچسپي کان بلڪل خالي هو، جاندارن ۾ اهڙي ڪا جنس ئي ڪونھي ۽ ڪابہ اهڙي ملاوت دنيا ۾ نہ آهي، اسان پاڻ کي ڪنھن اعليٰ طريقي نقش ڪرائڻ جا خواهشمند هئاسون، ۽ گهڻن بحثن کان پوءِ آخرڪار يڪراءِ هن فيصلي تي آياسون، تہ اسين سڀ گڏ هڪ تاريخي ڪٽنب مٽل نقش ڪيا وڃون، جيئن تہ سڀئي ڪٽنب هڪ ئي مورت ۾ نقش ڪيا ويا هئا، انھيءَ ڪري اسان سڀني لاءِ پڻ صرف هڪ فريم ڪم اچي سگهي ٿي، ۽ اهو وڌيڪ سستو ۽ ان سان گڏ وڌيڪ عمدو بہ ٿيڻو هو، جيئن تہ اسين ڪو تاريخي مضمون يڪدم دل تي آڻي سن سگهياسون، انھي ڪري اسان مان هر هڪ پنھنجي خيال موجب تاريخي شخصيتن مان ڪنھن بہ هڪ جي حيثيت ۾ نقش ٿيڻ تي راضي ٿيو، منھنجي زال ”زهره“[1] جيئن نقش ٿيڻ جي خواهش ڪئي ۽ نقاش پنھنجن هٿن کي سندس وارن ۽ ڇاتيءَ تي لڳائڻ ۾ ڪنجوس نہ هو، سندس ٻئي پٽ سندس پاسي ۾ ”محبت جي ديوتائن“[2] جي شڪل ۾ نقش ٿيل هئا، ۽ آءٌ وري پنھنجي جبي ۾ ملبوس ٿيس ”وهسٽن“ جي مخالف وارن ڪتابن سان اتي حاضر هوس، ”اوليويا“ گلن جي ٻاري تي هٿ ۾ هڪ چھبڪ کڻي ويٺل سون سان مڙهيل سائي جبي ۾ هڪ لڙائي ڪندڙ يوناني عورت وانگر نقش ٿيڻي هئي، ”صوفيا“ ايترين گهڻين رڍن سان نقش ٿيڻي هئي، جيتريون نقاش نقش ڪري ٿي سگهيو، ۽ ”موزز“ پنھنجي کنڀ لڳل ٽولي سان نقش ٿيڻو هو، اسان جي مذاق زميندار کي ايترو تہ خوش ڪيو، جو هن پاڻ کي اسان جي ڪٽنب جي هڪ ڀاتيءَ وانگر ”سڪندراعظم“[3] جي نشان سان ”اوليويا“ جي پيرن وٽ ان ۾ نقش ٿيڻ تي زور ڏنو. اسان سڀني سندس هن خواهشن کي اسان جي ڪٽنب ۾ سندس گڏجڻ جي تمنا جو هڪ دليل ڪري سمجهيو ۽ کيس انڪار ڪري نہ سگهياسون، آخر نقاش کي ڪم سان لڳايو ويو، جيئن تہ هن مسلسل توجهہ ۽ تڪڙ سان ڪم ڪيو، تنھن ڪري اهو سمورو نقش چئن ڏينھن کانپوءِ بہ گهٽ عرصي ۾ پورو ٿيو، نقشو وڏو هو ۽ هي ضرور قبول ڪرڻ گهرجي تہ نقاش پنھنجي رنگن ۾ ڪابہ ڪوتاهي نہ ڪئي هئي، جنھن لاءِ منھنجي زال سندس تعريف ڪئي ۽ اسين سڀئي سندس هنر جي تڪميل کان راضي هئاسون، پر هڪ بدبختيءَ جي حالت جا هاڻي نھايت مايوسيءَ سان اسان کي هري آئي، تيستائين اسان جي دل تي نہ آئي، جيستائين مورت، پوري ٿي، نقش ايڏو تہ وڏو هو، جو اسان کي گهر ۾ ان جي رکڻ جي جاءِ ڪا نہ هئي، اهڙي نقطي کي اسين ڪيئن نظرانداز ڪري سگهياسين، اها هڪ خيال ۾ نہ اچڻ جھڙي ڳالھہ آهي، پر خاطري آهي تہ اسان سڀ گهڻي قدر ٺڳجي ويا هئاسون، تنھن ڪري مورت جيئن اسان اميد ٿي ڪئي تيئن اسان جي آڪڙ کي وڌائڻ جي بدران، نھايت ذلت ڀريي نموني رڌڻي جي ڀت کي ٽيڪ ڏياري رکي ويئي، جتي ٿلھي سڻيءَ جي ڪپڙي کي پکيڙيو، ۽ نقش ڪيو ويو هو، تصوير ڪنھن بہ دروازي وچان نڪرڻ کان گهڻو وڏي ۽ سڀني پاڙيسرين لاءِ هڪ چرچو هئي، هڪ ان کي ”رابنسن ڪروزو“[4] جي کڄي سگهڻ کان وڏي ٻيڙيءَ سان مشابھت ڏني، ٻئي وري چيو تہ اها شيشي ۾ پيل ڍيري سان وڌيڪ مشابھت ٿي رکي، ڪنھن عجب کاڌو، تہ اها ٻاهر ڪيئن نڪري سگهندي، پر اڃا بہ گهڻن عجب کاڌو تہ اها ڪيئن اندر وڃي سگهي. انھيءَ نقش جيتوڻيڪ ڪن ماڻھن ۾ ٺٺوليءَ کي ڀڙڪايو، مگر گهڻن جي دلين ۾ بغض وارا خيال پڻ اڀاريا، زميندار جو اسان سان گڏ تصوير ۾ موجود هئڻ هڪ نھايت وڏيءَ عزت جي ڳالھہ هئي، ۽ اها يقيناً حسد کان بچي نٿي سگهي، اهڙيون بدنامي جھڙيون روشون اسان سان هلڻ لڳيون ۽ اسان جو آرام بہ مسلسل انھن ماڻھن جي ڪري ڦٽڻ لڳو، جي دوستن وانگر اسان کي اهي ڳالھيون ٻڌائڻ ايندا هئا، اهي خبرون اسين هميشہ حوصلي واري مزاج سان دل ۾ رکندا هئاسون، جيئن تہ بدناميءَ جھڙي ڳالھہ مخالفت سان درست ڪئي ويندي آهي، انھيءَ ڪري اسين وري هڪ دفعو وڌيڪ پنھنجن دشمنن جي بدخواهيءَ کي ٽارڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳاسون، اسين آخر هڪ اهڙي ٺھراءِ تي پھتاسون، جنھن ۾ ايتري تہ گهڻي حرفت رکيل هئي، جو اهو مون کي اصل پسند نہ پيو، جيئن تہ اسان جو مقصد هو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ کليءَ طرح ”اوليويا“ سان شاديءَ ڪرڻ جي تمنا جي پڌرائي ڪري انھي ڪري منھنجيءَ زال سندس پڪ وٺڻ لاءِ مڪر ڪري کانئس ”اوليويا) جي لاءِ مڙس جي چونڊ بنسبت صلاح پڇڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو تہ جيڪڏهن اهو کيس ڪنھن پڌرائي لاءِ آماده ڪرڻ ۾ ڪافي نہ ڏٺو، ويو تہ هو. ”ٿارنھل“ جي خلاف تيار ڪيل رقيب سان شادي ڪندي، جيڪڏهن هو کيس هٿ ڪرڻ لاءِ ان کي پنھنجي کليءَ پڌرائي سان نہ روڪيندو، اها هڪ اهڙي تجويز پيش ڪئي ويئي هئي، جنھن جي جيتوڻيڪ آءٌ زوردار مخالفت ڪري نہ سگهيس، تہ بہ ان کي پوري طرح پسند بہ نہ ڪيم.
ٻئي دفعي جڏهن ”مسٽر ٿارنھل“ اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو، تڏهن منھنجو ڌيئرون پنھنجي ماءُ کي سندس تجويز کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وجهہ ڏيڻ خاطر وچ مان هٽي ويون ۽ ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويٺيون ، جتان سموري گفتگو ٻڌي سگهيون ٿي، منھنجيءَ زال قابليت سان پنھنجيءَ تجويز کي پيش ڪيو، هن چيو تہ ”فلمبرو“ وارين ڇوڪرين مان هڪڙيءَ کي نھايت عمدو مڙس ملڻ وارو آهي، جو هنن ”مسٽر ٿارنھل“ ”مسٽر اسپينڪر“ کي ان لاءِ چونڊيو آهي،“ زميندار جي هائو ڪرڻ تي هن چيو ”اهي ڇوڪريون جي دنيادار آهن، انھن کي سٺن مڙسن ملڻ جي خاطري آهي، مگر رب سائين شال انھن ڇوڪرين جي واهر ڪري جي سندن اثر ۾ آهن، ”مسٽر ٿارنھل“ ! هن خود غرضيءَ جي زماني ۾ حسن ڪھڙي معنيٰ رکي ٿو؟ يا هن دنيا ۾ هي سڀئي فضيلتون ۽ خوبيون ڪھڙي معنيٰ رکن ٿيون؟ ان جو خيال نہ آهي، تہ هوءَ ڪھڙي آهي، مگر پڇا صرف اها آهي، تہ هن کي ڇا آهي.“
هن جواب ڏنو، ”آءٌ توهان جي سٺي راءِ کي تمام گهڻو پسند ٿو ڪريان ۽ اوهان کي دلجاءِ ٿو ڏيان تہ جيڪڏهن آءٌ بادشاھہ هجان ها ، تہ شاديون ڪنھن ٻئي نموني ٿين ها، سچ پچ تہ اهو وقت انھن ڇوڪرين لاءِ تمام گهڻيون خوشيون آڻيندڙ ٿي پوي ها، جي دولتمند نہ آهن، اسان جون هي ٻہ نوجوان ڇوڪريون پھريون ئي هجن ها، جن لاءِ آءٌ هوند تمام لائق مڙس هٿ ڪريان ها، منھنجي زال جواب ڏنو، ”هائو سائين، توهان نھايت خوش مزاج ٿيڻ جي نوازش ڪئي آهي، آءٌ پڻ چاهيان ٿي، تہ آءٌ هوند راڻي هجان، ۽ پوءِ معلوم ڪريان تہ منھنجي ءَ وڏيءَ ڌيءَ کي مڙس لاءِ ڪٿي اميد رکڻ گهرجي، پر هاڻي جيئن تہ توهان منھنجي ڌيان تي اها ڳالھہ آندي آهي، تنھن ڪري ”مسٽر ٿارنھل“ سچي پچي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ان جي لاءِ مون کي ڪنھن لائق خاوند جي صلاح ڏيئي نٿو سگهين،؟ هوءِ هن وقت اڻويھن سالن جي، ڪافي وڏي چڱي تعليم يافتہ آهي، ۽ منھنجيءَ نماڻي راءِ موجب منجهس ڪنھن بہ قسم جي لياقت جي گهٽتائي نہ آهي.“
هن جواب ڏنو،”خاتون، جيڪڏهن مون کي چونڊ ڪرڻي هجي تہ آءٌ هوند هڪ اهڙو شخص هٿ ڪريان، جيڪو سڀني فضيلتن جو مالڪ هجي ۽ جيڪو هڪ ملائڪ کي خوش رکي سگهي، اهو شخص جو سياڻپ، دولت، اعليٰ: مزاج ۽ سچائيءَ وارو آهي، اهو ئي منھنجيءَ راءِ موجب، سندس لائق خاوند ٿيندو،“ منھنجي زال چيو، ”هائو سائين، پر توهان کي ڪنھن اهڙي شخص جي خبر آهي؟“ هن جواب ڏنو تھ.”خاتون اهڙو ڪو بہ ماڻھو هٿ ڪرڻ ناممڪن آهي، جو هن جي خاوند ٿيڻ جي لائق هجي، هوءَ ڪنھن ماڻھوءَ جي قبضي ۾ اچڻ کان وڌيڪ اهميت وارو خزانو آهي، هوءَ هڪ ديوي آهي، منھنجي روح جو قسم منھنجيءَ سمجهہ موجب هو هڪ ملائڪ آهي.“ ”افسوس ! ”مسٽر ٿارنھل“ تون صرف منھنجيءَ ڇوڪريءَ کي پڏائين ٿو، پر اسين کيس تنھنجي هڪ ان ڍل ڀروءَ سان شاديءَ ڪرائڻ تي ويچار ڪري رهيا آهيون، جنھن جي ماءُ ٿورو وقت ٿيو آهي، تہ مري ويئي آهي۽ جنھن کي هينئر گهر جي ڪاروبار هلائيندڙ جي ضرورت آهي، توهان کي خبر آهي تہ منھنجو مطلب ڪنھن سان آهي؟ هڪ نواجوان ”وليمس“ هاري هو، کيس سکيو رکي سگهي ٿو ۽ هن ڪيترائي دفعا شاديءَ لاءَ درخواستون ڪيون آهن.(اها هڪ حقيقت هئي). آءٌ نھايت گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن اسان جيءَ هن چونڊ تي اسان کي توهان جي منظوري ملندي! هن جواب ڏنو، ”ڇا خاتون منھجي منظوري! منھنجي منظوري هڪ اهڙيءَ چونڊ تي! هر گز نھ. ڇا! ايتري حسن، عقل ۽ نيڪيءَ کي هڪ اهڙي ماڻھوءَ مٿان قربان ڪيو وڃي، جو نعمت کان نا آشنا آهي! مون کي معاف ڪجو، آءٌ ڪڏهن بہ اهڙو بي انصافيءَ جو وهانءَ پسند ڪري نٿو سگهان، مون کي ان لاءِ ڪي پنھنجا دليل آهن.“ ”ڊيبورا“ واڪو ڪري چيو، ”سچ پچ تہ سائين، جيڪڏهن اوهان کي ڪي پنھنجا دليل آهن، تہ پوءِ اهو ٻيو معاملو آهي، پر مون کي انھن دليلن معلوم ڪرڻ تي خوش ٿيڻ گهرجي.“ خاتون، مون کي معاف ڪريو“. هن وراڻي ڏني، ”اهي ڳولي لھڻ کان گهڻو اونھو پيل آهن، (پنھنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکي) اهي هتي جڙ لڳل ۽ دفن ٿيل آهن.“
سندن وڃڻ کانپوءِ اسان جي عام مصلحت ڪرڻ تي، اسين پنھنجو ادانزو لڳائي نہ سگهياسون، تہ سندس اهڙن عمدن، جذبن جو مطلب ڪھڙو هو، ”اوليويا“ انھن کي اعليٰ شوق جا مثال ڪري سمجهيو، پر آءٌ اهڙي وڏي اميد رکندڙ نہ هوس، مون کي ڪافي پڌرو ڏسڻ ۾ آيو، تہ انھن ۾ شادي کان وڌيڪ عشق جو مقصد هو، جيتوڻيڪ اهي اسان کي ڪھڙا بہ نيڪ شگون ڏيندڙ هئا، مگر اهو ارادو ڪيو ويو تہ “وليمس“ هاري، جنھن ٻھراڙيءَ ۾ منھنجي ڌيءَ جي آمد کان وٺي کيس شاديءَ لاءِ آڇون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، ان جي تجويز کي عمل ۾ آندو وڃي.

______________

[1] زهر (Venus) هي هڪ سعد گره سمجهيو ويندو آهي، کيس عشق ۽ محبت جي ديوي ڪوٺيو ويندو آهي.
[2] محبت جو ديوتا (Cupid) يوناني ڏند ڪٿائن موجب عشق کي هڪ انڌي ڇوڪرسان تمثيل طور پيش ڪيو ويندو آهي، ان خيالي ڇوڪر کي هٿ ۾ تير ڪمان آهي، جڏهن اهو تير چٽيندو آهي، تڏهن هڪ ٻئي انسان تي عاشق ٿي پوندو آهي.
[3] سڪندر اعظم (Alexander the great) (356 ق.م کان 323 ق. م تائين) هيءُ مقدونيا جو بادشاھہ هو، هن ساري دنيا فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ هن جدا جدا ملڪن تي ڪاهون ڪيون، هندستان پڻ سندس ڪاھہ کان بڇيل نہ هو.
[4] رابنسن ڪروزو؛ هن جو احوال باب ستين ۾ صفحي 55 جي حاشيہ [2] ۾ ڏنو ويو آهي.

باب سترهون؛ حرص جي مقابلي ۾ اخلاق جي ناڪامي

جيئن تہ مون صرف پنھنجيءَ ڌيءَ جي سک جو ويچار ٿي ڪيو ۽ جيئن تہ ”مسٽر وليمس“ سکيو سياڻو ۽ سچو ماڻھو هو، تنھن ڪري سندس قبوليت مون کي خوش ڪيو، سندس اڳئين شوق کي تازي ڪرڻ لاءِ فقط ٿوريءَ همت افزائي جي ضرورت هئي، هڪ يا ٻہ دفعا شام وقت هو ۽ ”مسٽر ٿارنھل“ اسان جي گهر ۾ مليا ۽ هڪ ٻئي کي ڪجهہ قدر ڪاوڙ جي نگاهن سان ڏٺائون، پر ”مسٽر وليمس“ پنھنجي زميندار جو ڍل مقروض نہ هو، انھيءَ ڪري سندس غصي جي ٿوري بہ پرواھہ ڪا نہ ڪيائن.”اوليويا“ پنھنجي طرفان نئين عاشق تي سندس سموري پيار نثار ڪرڻ جو ڍونگ ڪندي واھہ جو نخرو ڪيو، جنھن کي جيڪر اداڪاري ڪوٺجي تہ بہ بجا آهن، هي سندس سچو پچو سڀاءُ هو، ”مسٽر ٿارنھل“ هن ترجيح تي نھايت اداس ڏسڻ ۾ آيو، ۽ دکدائڪ لھجي ۾ موڪل ورتائين، آءٌ اهو قبول ٿو ڪريان تھ، کيس اهڙي درد ۾ ڏسڻ تي آءٌ حيران ٿي ويس. ڇا ڪاڻ تہ مون کي خبر هئي تہ کيس هڪ باعزت محبت جي پڌرائي ڪرڻ وسيلي تمام سھولت سان ان درد کي ٽاري ڇڏڻ جي طاقت هئي، اهو سولائيءَ سان معلوم ٿي سگهي ٿي، تہ جيڪا بہ تڪليف هن برداشت ڪئي، ان کان ”اوليويا“ جو دک اڃا بہ وڌيڪ هو، سندس عاشقن جي وچ ۾ مٿي بيان ڪيل ملاقات جھڙيون گهڻيون ئي ملاقاتون ٿينديون هيون، هوءَ سڀ ڪنھن ملاقات کان پوءِ وڃي، اڪيلائي ۾ گذاريندي هئي ۽ درد کي پنھنجو ساٿي ڪري رکندي هئي. هڪ ڏينھن شام جو جڏهن هوءَ ڪجهہ وقت لاءِ بناوتي شگفتہ مزاجيءَ جي حمايت ڪري فارغ ٿي هئي، تڏهن مون کيس مٿي بيان ڪيل حالات ۾ ڏٺو، مون چيو، ”منھنجا ٻچا، هاڻي تون ڏسين ٿي، تہ ”مسٽر ٿارنھل“ جي محبت ۾ جيڪو تنھنجو ڀروسو هو، سو سڀ هڪ خواب آهي، ڇا ڪاڻ تہ جيتوڻيڪ کيس معلوم آهي تہ کليءَ پڌرائي ڪرڻ سان هو تو کي حاصل ڪري سگهي ٿو تہ بہ هڪ اهڙي ماڻھو جي رقابت قبول ڪري ٿو، جيڪو سڀ ڪنھن لحاظ کان کانئس درجي ۾ گهٽ آهي“ هن جواب ڏنو، ”هائو بابا! هن دير لاءِ ڪي پنھنجا سبب آهن. مون کي خبر آهي تہ کيس ڪي سبب آهن، هن جي نگاهن ۽ گفتگوءِ جي سچائي، مون کي سندس سچيءَ محبت جو ويساھہ ڏئي ٿي، مون کي اميد آهي تہ ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجي دل جي عالي همتي ظاهر ڪندو ۽ توهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندو، تہ منھنجو اندازو توهان جي راءِ کان وڌيڪ منصفانہ آهي.“ مون جواب ڏنو، ”اوليويا“ هن کان اڳ جيڪي بہ تجويزون کيس پڌرائيءَ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيون ويون آهن، سي سڀيئي تنھنجون ئي رٿيل ۽ تجويز ڪيل هيون، تون ائين چئي نٿي سگهين، تہ مون تو کي ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ مجبور ڪيو آهي، پر منھنجي پياري، تو کي هر گز ائين نہ سمجهڻ گهرجي، تہ آءٌ ڪڏهن بہ سندس ايماندار رقيب کي تنھنجي غلط جاءِ تي رکيل محبت جو ”الو بڻجڻ ڏيندس، جيڪو بہ وقت تو کي ڪنھن کليل بيان تي آڻڻ لاءِ گهريو، سو تو کي ڏنو ويندو، پر ان ميعاد جي ختم ٿيڻ تي اجيڪڏهن هو اڃا بہ بي پرواھہ رهيو، تہ آءٌ ضرور ان ڳالھہ تي زور ڏيندس، تہ ايماندار ”وليمس‎“ کي سندس سچائي جو عيوضو ڏيڻ گهرجي، اخلاق، جنھن جي مون پنھنجي حياتيءِ ۾ هن وقت تائين حمايت ڪئي آهي، سو مون کان اها ئي تقاضا ڪري ٿو تہ هڪ مائٽ جي حيثيت ۾ منھنجي نرمائي، منھنجي هڪ مرد هئڻ واريءَ ايمانداريءَ تي ڪڏهن بہ اثر نہ وجهي. تون پنھنجي مرضيءَ موجب ڪو ڏينھن مقرر ڪر، ڀلي اهو ايترو پري هجي، جيترو تون ٺيڪ سمجهين ۽ ساڳئي وقت اهو خيال رک، تہ ”مسٽر ٿارنھل“ کي پڻ ان مقرر ڪيل وقت جي خبر پوي، جنھن تي آءٌ توکي ٻئي جي حوالي ڪرڻ جي چاهنا رکان ٿو، جيڪڏهن هو سچ پچ تو کي پيار ڪري ٿو تہ پوءِ سدنس عقل، سليم کيس يڪدم ڏسيندو تہ صرف هڪڙو ئي طريقو آهي، جنھن وسيلي هو تنھنجيءَ هميشہ جي جدائيءَ کي روڪي سگهي ٿو“ جيئن تہ ”اوليويا“ هيءُ مڪمل طرح انصاف تي بيٺل سمجهي ، تنھن ڪري ان کي ٽاري نہ سگهي، ۽ يڪدم قبول ڪيائين، هن ”مسٽر ٿارنھل“ جي بيوفائيءِ جي حالت ۾ ”مسٽر وليمس“ سان شادي ڪرڻ جو جو قطعي وعدو ڪيو، ان کانپوءِ ايندڙ موقعي تي ”مسٽر ٿارنھل“ جي موجودگيءَ ۾ ”مسٽر وليمس“ سان ”اوليويا“ جي شادي جو ڏينھن مقرر ڪيو ويو.،
ڏٺو ويو تہ مٿي بيان ڪيل زور ڀرين ڪاررواين زميندار ”مسٽر ٿارنھل“ جي انتظار کي ٻيڻو ڪيو ٿي، پر سچ پچ تہ جيڪي ”اوليويا“ محسوس ڪيو ٿي، تنھن مون کي ڪجهہ پريشان ڪيو، هن عقل ۽ عشق جي جهڳڙي ۾ سندس شگفتہ دلي کيس ڇڏي ويئي، هوءَ هر ڪو وجهہ خلوت ۾ گذارڻ جو وٺندي هئي ۽ اهو وقت ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ صرف ڪندي هئي، هڪ هفتو گذري ويو، مگر”مسٽر ٿارنھل“ سندس شاديءَ کي روڪڻ جي ڪا بہ ڪوشش نہ ڪئي. ايندڙ هفتي تي پڻ هو اڃا تائين پنھنجي ارادي تي محڪم رهيو ۽ ڪجهہ بہ پڌرو نہ ڪيائين، ٽئين هفتي هن پنھنجو اچڻ مڪمل طرح بند ڪري ڇڏيو، منھجي ڌيءَ ڪنھن بي صبريءَ جي ظاهر ڪرڻ بدران، جيئن مون اميد ٿي ڪئي، تيئن پنھنجو دکدائڪ صبر محفوظ رکندي ڏٺي ويئي، سندس صبر کي مون تسليم جي نشاني ڪري سمجهيو، مون کي پنھنجي سر ائين معلوم ڪرڻ تي دلي خوشِ حاصل ٿي تہ منھنجي ٻچي جي شادي کل خوشيءَ ۽ صبر سانت ۾ ڪئي ٿي وڃي ۽ ديکا ديکيءَ تي خوشيءَ کي ترجيح ڏيڻ واري سندس فيصلي تي بار بار آفرين ڪيم.
سندس شاديءَ لاءِ مقرر ڪيل ڏينھن کان اٽڪل چار ڏينھن اڳ سڀيئي گهر جا ڀاتي رات جي وقت دل کي فرحت ڏيندڙ باھہ جي چوڌاري مڙيا ويٺا هئا ۽ گذريل زماني جون آکاڻيون ٻڌائي ۽ مستقبل لاءِ تجويزون رٿي رهيا هئا، هو هزارين تجويزون جوڙڻ تي جيڪا حماقت وڏي ۾ وڏي صادر ٿئي ٿي، ان تي کلڻ ۾ مشغول هئا، مون چيو، ”منھنجا پٽ موزز، پنھنجي گهر ۾ جلد وهانءَ ٿيڻ وارو آهي، وهنواري حالات ۽ معاملات بابت تنھنجو ڪھڙو رايو آهي؟“ ”بابا، منھنجو اندازو آهي تہ سڀ ڪم پوريءِ طرح هلي رهيا آهن، اجهو هاڻي آءٌ خيال ڪري رهيو هوس تہ جڏهن اسان جي ڀيڻ ”وليمس“ هاريءَ سان شادي ڪندي ، تڏهن اسان کي سندس صوفن مان عرق ڪڍڻ جي چاپ ۽ شراب کي چڪائڻ جا پيپ سواءِ ڪنھن اجوريءِ ڏيڻ جي ملي سگهندا.“ مون چيو،”اسين اهو وهانءَ ڪنداسسون، ۽ ان جي عيوض هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ راڳ، ”موت ۽ اها عورت “ڳائي ٻڌائيندو.“ موزز چيو، ”هن اهو راڳ پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ ”ڊڪ“ کي پڻ سيکاريو اهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو راڳ تمام چڱيءَ نموني ۾ ڳائي سگهي ٿو.“ مون چيو ، ”ڇا هو اهو راڳ ڳائي سگهي ٿو؟ تہ پوءِ اچو تہ ٻڌون، ننڍڙو ”ڊڪ“ ڪٿي آهي؟ ڀلي هو اسان کي اهو راڳ ڳائي ٻڌائي.“ ننڍڙي ”بل“ واڪو ڪري چيو، منھنجو ڀاءُ ”ڊڪ“ اجهو هاڻ اديءَ ”لوي“ سان ٻاهر ويو آهي. پر ”مسٽر ويلمس مون کي پڻ ٻہ راڳ سيکاريا آهن، جي آءٌ اوهان کي ڳائي ٻڌائيندس، اوهان کي ڪھڙو راڳ وڌيڪ پسند آهي، مرڻينگ هنس پکي وارو يا ڇتي ڪتي جي موت تي مرثيو؟“ مو چيو، ”مون کي هر حالت ۾ مرثيو پسند آهي، مون اهو اڃا تائين نہ ٻڌو آهي، ۽ منھنجي پياري ”ڊيبورا“ تو کي خبر آهي تہ درد ڪھڙو نہ ڏکوئيندڙ آهي، اچو تہ هڪ شيشو خارتوتي شراب جو پنھنجي دل کي بھاريءَ ۾ رکڻ لاءِ پيون، مون اڳي سڀني قسمن جي مرثين تي ايترو تہ گهڻو رنو آهي، جو مون کي خاطري آهي، تہ دل ۾ نئين روح ڦوڪيندڙ گلاس کانسواءِ اهو مون تي قابض پئجي ويندو، ”صوفي“ پنھنجي ستار کڻ ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ڪجهہ وقت لاءِ اها وڄاءِ.

هڪ ڇتي ڪتي جي موت تي مرثيو
(1)
چڱا ماڻھو سڀئي، سڀ ڪنھن قسم جا،
ڪن ڏين ٿا، منھنجي راڳ ڏانھن
۽ جيڪڏهين اوهين ڏسو ٿا ان کي عجيب ٿورو،
تہ اهو نٿو شائق رکي سگهي، اوهان کي گهڻو وقت.
(2)
هتي ”آئلنگٽن“ ۾ هو هڪ ماڻھو،
جنھن لاءِ دنيا ڀلي شايد چوي،
تہ اڃا تائين پرهيزگاري قائم رکيائين ٿي،
جڏهين جڏهين هو ويو ٿي عبادت ڪرڻ.
(3)
هڪ نرم ۽ مھربان دل هن کي هئي،
دوستن ۽ دشمنن کي آٿت ڏيڻ لاءِ،
اگهاڙا سڀ ڪنھن ڏينھن هڪ ڍڪيا ٿي،
جڏهين پاڻ هن پنھنجا ڪپڙا پھريا ٿي.
(4)
انھيءَ شھر ۾ هڪ ڪتو ڏٺو ويو،
جيئن ڪيترا اتي هئا،
ٻئي منگريل، پونگڙا، گلر ۽ تازي
۽ ڇتا ڪتا هيٺاهين درجي جا.
(5)
هي ڪتو ۽ هيءَ ماڻھو پھريائين دوست هئا،
پر جڏهين تڪرار شروع ٿيو،
اهو ڪتو، حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي شخصي مقصدن،
چريو ٿيو ۽ ان ماڻھوءَ کي چڪ پاتائين.
(6)
چوڌاري سڀني پاڙيوارن گهٽين منجهان،
عجب کائيندا پاڙيسري ڊوڙيا،
۽ قسم کنيائون تہ ڪتو چريو ٿيو هو،
چڪ پائڻ ۾ اهڙي نيڪ ماڻھو کي.
(7)
اهو ڦٽ ڏٺو ويو نازڪ ۽ دکدائڪ،
سڀ ڪنھن عيسائي جي نظر ۾،
۽ جڏهين انھن قسم پئي کنيو تہ ڪتو ڇتو آهي،
تڏهين هنن قسم کينو، تہ اهو ماڻھو مري ويندو.
(8)
پر جلد هڪ عجب پڌرو ٿيو،
جنھن ڏيکاريو، انھن بدمعاشن کي تہ ڪوڙ ڪيائون،
ماڻھو صحتياب ٿيو ان چڪ مان،
ڪتو اهو هو جو مري ويو.[1]

آءٌ ايمانداري سان چوان ٿو تھ، ”بل“ هڪ سٺو ڳائيندڙ ڇوڪر آهي، ۽ هيءَ هڪ اهڙو مرثيو آهي، جنھن کي دکدائڪ ڪوٺي سگهجي ٿو، منھنجا ٻچا اچو، هيءَ شراب جو پيالو ”بل“ جي تندرستيءَ جي دعا آهي، شال هو ڪنھن ڏينھن پادري ٿئي، منھنجيءَ زال چيو، ”آءٌ سچيءَ دل سان دعا ٿي ڪريان تہ شال ائين ٿئي، جيڪڏهن هي ائين تبليغ ڪندو، جيئن هيءَ ڳائي ٿو تہ سندس پادريءَ ٿيڻ ۾ مون کي ڪو بہ شڪ ڪو نہ آهي، ماءُ جي طرف کان سندس خاندان مان گهڻا سٺو راڳ ڳائي سگهندا هئا، اسان جي پسگردائي ۾ هيءَ هڪ عام چوڻي آهي، تہ ”بليڪنساپ“ وارن جو خاندان سندن اڳيان بيھي بہ نٿي سگهيو، نڪي . ”ميوجين“ وارا ڪنھن بہ محفل ۾ کانئس گوءِ کڻي ٿي سگهيا، ڪو بہ ”گروگرام“ وارن مان اهڙو ڪو نہ هو، جو راڳ ڳائي نٿي سگهيو، يا ”مارجورم“ جي خاندان مان ڪو اهڙو نہ هو جو آکاڻي ٻڌائي نٿي سگهيو، مون چيو، اهو ڪيئن بہ هجي، تہ بہ سندسن هڪ معمولي بيت بہ مون کي عمدن جديد غزلن ۽ اهي نظم جن جي هڪ اڪيلي مصرع تہ اسان کي حيرت ۾ پنڊ پھڻ بنائي ڇڏي ٿي، انھن کان وڌيڪ خوش ڪري ٿو ۽ انھن تصنيفن کان وڌيڪ اعليٰ درجو رکي ٿو، جن کي اسين نفرت سان ڏسون ٿا، يا ساراهيون ٿا، موزز، تون پنھنجي ڀاءُ کي هڪ گلاس ڏي، انھن مرثيہ گو شاعرن جي وڏي غلطي اها آهي، جو اهي انھن ڏکن جا ڳولائو آهن، جي انسانذات جي سمجهو حصي کي تمام ٿورو درد ڏين ٿا، هڪ عورت پنھنجو پشمي دستانو، پنھنجو پکو يا پنھنجو پاليل ڪتو وڃائي ٿي، تہ ائين بيوقوف شاعر پنھنجي گهر ڊوڙي وڃي ٿو، ۽ ان برباديءَ کي نظم ۾ آڻي ٿو.“
موزز چيو، ”اهو کڻي اعليٰ تصنيفن جو طريقو هجي، پر ”رئنلاف“۾ جا راڳ جي اسان تائين پھچن ٿا، سي مڪمل طرح مقبول آهن ۽ سڀئي هڪ ئي سانحي مان نڪتل آهن، ”ڪالن“ ”ڊولي“ کي ملي ٿو ۽ اهي هڪ ٻئي سان گفتگو ڪن ٿا، هو هن کي هڪ بڪل تحفي طور وارن ۾ وجهڻ لاءِ ڏئي ٿو، ۽ هوءِ کيس هڪ گلدستو ڏئي ٿي، پوءِ هو ٻئي گڏجي ديول ڏانھن وڃن ٿا، جتي نوجوان ڇوڪرين ۽ نوجوان عاشقن کي نيڪ صلاح ڏين ٿا، تہ جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر جلد شادي ڪن.“
مون چيو ”اها تمام سٺي صلاح آهي، مون کي ٻڌايو ويو آهي تہ دنيا ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪابہ اهڙي جڳھہ نہ آهي، جتي صلاح اهڙي يقين سان ڏيئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئن اها جاءِ اسان کي شاديءَ ڪرڻ لاءِ هر کائي ٿي، تئين اسان کي زال بہ ميسر ڪري ڏئي ٿي، منھنجا پٽ خاطري آهي تہ اها ضرور بھترين منڊي هوندي‏، جتي اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ضرورت پوي ٿي، تڏهن اها شيءِ اسان کي ميسر ڪري ڏني وڃي ٿي.
”موزز“ جواب ڏنو، ”هائو بابا سائين مون کي يورپ ۾ صرف ٻن مارڪيٽن جي خبر آهي، جتان زالون هٿ ڪري سگهجن ٿيون، ”رئنلاف“ انگلينڊ ۾ ”فان ٽاربيا“ اسپين“ ۾، اسپين واري مارڪيٽ سال ۾ هڪ دفعو کلي ٿي، پر اسان جون انگريز زالون هر رات وڪرو ٿي سگهن ٿيون،
”موزز“ جي ماءُ چيو، ”منھنجا پٽ“ تون صحيح آهين، پراڻي انگلينڊ ئي دنيا ۾ صرف هڪ جڳھہ آهي، جتي مرد، زالون هٿ ڪري سگهن ٿا، ۽ زالن لاءِ مڙسن هٿ ڪرڻ بنسبت“ مون چيو، ”اهو هڪ پھاڪو ٻاهرين دينا ۾ عام آهي، تہ جيڪڏهن سمنڊ جي مٿان پل اڏايل هجي، تہ هوند سڄي کنڊ جون سڀيئي عورتون، اسان جي مثال وٺڻ لاءِ هتي اچن، ڇا ڪاڻ تہ جھڙيون اسان جون عورتون آهن، تھڙيون يورپ ۾ نہ آهن، هاڻي ”ڊيبورا“ اچو تہ هڪ شيشو وڌيڪ پيون ۽ ”موزز“ تون اسان کي ڪو سٺو راڳ ٻڌاءِ.
مولا سائين اسان تي، امن، تندرستيءَ ۽ کل خوشي عطا ڪرڻ جون جيڪي نوازشون ڪيون آهن، انھن لاءِ سندس ڪھڙا شڪرانا ڪرڻ اسان تي فرض نہ آهن. هن وقت آءٌ پاڻ کي دنيا جي هڪ وڏي ۾ وڏي حاڪم کان بہ وڌيڪ خوش سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ تہ بادشاھہ کي نڪي اهڙيءَ وٺندڙ چلھہ جو پاسو، ۽ نڪي اهڙا پسنديده چھرا چوڌاري ”آهن، ”ڊينورا“ پاڻ هاڻي ٻڍا ٿيندا ٿا وڃون، پر پنھنجي حياتيءَ جي شام خوشيءِ واري ٿيڻي آهي۽ اسين پنھنجن ٻارن جو هڪ با اخلاق ۽ نيڪ نسل پويان ڇڏينداسون، جيستائين اسين زندھہ آهيون، تيستائين هو اسان جي ٽيڪ ۽ اسان جي خوشي ٿيندا، ۽ جڏهن اسين مري وينداسون، تڏهن هو اسان جي بي داغ عزت سندن پوين ڏانھن منتقل ڪندا، منھنجا پٽ اچ، اسين راڳ لاءِ ترسيل آهيون، اچو تہ سنگيت جي محفل ڪريون، پر منھنجي پياري ”اوليويا“ ڪٿي آهي؟ محفل ۾ ان ملائڪ صفت ڇوڪريءَ جو آواز هميشہ مٺي ۾ مٺو آهي، جيئن مون ڳالھايو، تيئن ”ڊڪ“ ڊوڙندو اندر آيو، ”بابا او بابا، هوءِ اسان وٽان ويئي هلي....! اهوءِ...... اسان .... جي .... هٿن ...... مان.... هلي ... ويئي. منھنجي... ڀيڻ لوي... اسان وٽان... هميشھ... لاءِ هلي... ويئي“! مون چيو ”ٻچا ويئي هلي“! ”هائو بابا، هوءَ ٻن سکر ماڻھن سان چئن ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ هلي ويئي، انھن مان هڪ کيس چمي ڏني ۽ چيو آءٌ تو کان سواءِ مري ويندس.“ هن تمام گهڻيون دانھون ڪيون ۽ موٽي اچڻ لاءِ آماده هئي، پر سکر ماڻھوءَ وري بہ کيس ڌتاريو، ان کانپوءِ هوءَ گاڏي ۾ چڙهي ويٺي، ۽ چيائين، ”افسوس! منھنجو غريب پيءِ ڇا ڪندو، جڏهن کيس معلوم ٿيندو، تہ آءٌ ڀڄي ويس! “ مون چيو، ”تڏهن منھنجا ٻچا، هاڻي وڃو ۽ وڃي ڏک ۾ گذاريو، ڇا ڪاڻ تہ اسين هڪ ساعت بہ وڌيڪ خوشي نہ ڪنداسون، اي آسمان جا هميشہ جٽادار غضب، هن ۽ جيڪي بہ هن جو آهي، ان جي مٿان ڪڙڪ! هن نموني مون کان منھنجو ٻار ڦريائين! خاطري آهي تہ ، منھنجو معصوم مٺڙو ٻچو، جنھن کي آءٌ نيڪيءَ ڏانھن وٺيو پئي ويس، تنھن کي وري واپس موٽائڻ سبب اهو آسماني ڏمر مٿس ڪڙڪندو ڇا اهائي سچائي هئي، جا منھنجي ٻچي کي مون لاءِ هئي! اسان جي سموري دنيوي خوشي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، منھنجا ٻچا وڃو ۽ وڃي ڏکي ۽ بدنام زندگي گذاريو، منھنجي پٽ واڪو ڪري چيو، ”بابا ڇا اها ئي توهان جي بردباري آهي؟ ٻچا بردباري! دشمن ڏسندو تہ آئون برابر بردبار آهيان، مون کي منھنجو پستول آڻي ڏي، آءٌ انھيءَ دغاباز جي ڪڍ لڳندس، جيستائين هو زمين تي آهي، تيستائين آءٌ سندس پويان پوندس، جيتوڻيڪ آءٌ ٻڍو آهيان، تنھن هوندي بہ کيس معلوم ٿي ويندو تہ آءٌ کيس تڪليف پھچائي سگهان ٿو، بدمعاش! نمڪ حرام، بدمعاش! آءٌ ان وقت تائين پنھنجي پستول واريءَ جاءِ وٽ اچي پھتو هوس، تہ منھنجي زال جا ايتري قدر جذبي ۾ آيل نہ هئي، تنھن کڻي مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ جهيلو، هن چيو، ”سرتاج، هن ٻڍاپڻ جي وقت ۾ صرف انجيل ئي هڪ هٿيار آهي، جو تنھنجي هٿن ۾ سونھي ٿو، منھنجا پيارا، ان کي کول ۽ اسان کي جيڪو ڏک پھتو آهي، ان کي صبر سان سھه، ڇاڪاڻ تہ هن بدمعاش پاڻ کي ڪميڻپ سان ٺڳيو آهي،“ منھنجي پٽ ٿوريءَ ساهيءِ کان پوءِ چيو، ”سچ پچ تہ بابا توهان جي ڪاوڙ تمام تکي ۽ غير واجبي آهي، توهان کي اسان جيءَ ماءُ جو غمگسار ٿيڻ گهرجي، مگر توهين پاڻ هن جو دک وڌايو ٿا، پنھنجي دشمن کي اهڙيءَ طرح پٽڻ توهان ۽ توهان جي اعليٰ عزت جي شايانہ شان نہ آهي، هو اڳيئي بدمعاش آهي، تنھن ڪري کيس پٽڻ نہ گهربو هو،“ مون جواب ڏنو، ”ٻچا مون تہ هن کي پٽيو ئي ڪو نہ ، ڇا مون ان کي پٽيو؟ “ هن چيو، ”سچ پچ تہ بابا، توهان هن کي ٻہ دفعا بد دعا ڏني.“ ”جيڪڏهن مون ائين ڪيو تہ پوءِ شال آسمان مون کي ۽ هن کي بخش ڪري ، منھنجا پٽ، هاڻي آءٌ ڏسان ٿو تہ اها انسانذات کان وڌيڪ سخاوت واري هستي هئي، جنھن اسان کي دشمن کي بہ دعا ڪرڻ سيکاريو، سڳورو هجي، ان جو پاڪ نالو، ان جملي چڱائي لاءِ جا هن عطا ڪئي آهي، ۽ سڀني انھن تڪليفن لاءِ جي هن دفع ڪيون آهن، پر اها تباهي ڪا معمولي نہ آهي، اها ڪا هڪ ننڍي بربادي نہ آهي،جا هنن ٻڍاپڻ جي اکين مان، جن هيترن سالن لاڪر نہ رنو آهي، ڳوڙها نچوئي سگهي، ڇا منھنجيءَ پياريءَ ڌيءَ کي تباھہ ڪيو ويو! شال هيءَ پريشاني دفع ٿي وڃي،! موليٰ سائين مون کي بخش ڪر، آءٌ ڇا چوڻ تي آهيان! منھنجي پياري ياد ڪر تو هوءِ ڪھڙي نہ نيڪ دل وڻندڙ هئي، هن نڀاڳيءَ ساعت تائين کيس صرف اسان کي خوش رکڻ جي ڳڻتي هئي، ڪاش! هوءَ هوند مري وڃي ها تہ چڱو ٿئي ها“ مگر افسوس هوءَ اسان جي خاندان کي ٽڪو لائي ڀڄي ويئي، هاڻي آءٌ خوشي کي هتي زمين تي ڳولڻ بدران ٻي دنيا ۾ ڳوليندس، ڇا، منھنجا ٻچا، تو کين پري ويندو ڏٺو؟ شايد هو کيس زوريءَ وٺي ويو، جيڪڏهن هن کيس زوري کنيو هوندو، تہ پوءِ بہ هو اڃا تائين معصوم ٿي سگهي ٿي،“ ڇوڪري چيو، ”نہ بابا هن صرف کيس چمي ڏني ۽ پنھنجو ملائڪ ڪوٺيو، هوءَ تمام گهڻو رني ۽ سندس ٻانھن تي ليٽي پيئي ۽ پوءِ هو رفوچڪر ٿي ويا،“ منھنجي زال جا روئڻ کان ڳالھائي نٿي سگهي، تنھن چيو، ”اسان سان اهڙي نموني جي برتاءَ ڪرڻ ۾، هوءَ هڪ احسان فراموش ڇوڪري آهي، سندس پيار تي ٿوري ۾ ٿوري مجبوري بہ ڪڏهن ڪانہ وڌي ويئي هئي، بڇڙي فاحش عورت ، سواءِ ڪنھن رنجيدگيءَ جي پنھنجن مائٽن کي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي هلت سان توهان کي اڇن ۾ قبر ڏانھن موڪلي ٿي ۽ مون لاءِ پڻ اهو ساڳيو رستو تيار ڪري ٿي.“
اهڙيءَ طرح اسان جي اها سچين بدبختين واري پھرين رات، فريادن جي ڪوڙائي، ۽ جذبن جي اوچتن اڌمن ۾ گذري ويئي، مون ان دغاباز کي ڪٿان بہ ڳولي لھڻ ۽ سندس بڇڙائيءِ کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ايندڙ ڏينھن تي صبح وقت اسان پنھنجي ان ڪمبخت ٻار کي نيرن جي مانيءَ تي ياد ڪيو، جو اسان سڀني کي حياتي ۽ خوشي ڏيندو هو، منھنجي زال اڳئين وانگر کيس ڇينڀڻ سان پنھنجيءَ دل کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، هن چيو، ”اها ڇوڪري جا اسان کي ڪٽنب لاءِ هڪ بڇڙو ڪلنڪ جو ٽڪو آهي، سا هنن بي ضرور دروازن کي وري ڪڏهن بہ داغدار نہ ڪندي، آءٌ هن کانپوءِ ڪڏهن بہ کيس پنھنجي ڌيءَ ڪري نہ ڪوٺيندس، ڇڏي ڏيو تہ ڀلي اها فاحش عورت، پنھنجي بڇڙي ڀڄائي ويندڙ سان گڏ رهي، هوءَ اسان لاءِ شرم آڻي سگهي ٿي، مگر اسان کي وڌيڪ وقت لاءِ ٺڳي نٿي سگهي.“
مون چيو، ”پياري اهڙو سختيءَ سان نہ ڳالھاءِ آءٌ سندس گناھہ کي ايتريءَ نفرت سان ڏسان ٿو، جيتري سان تون، پر هيءَ گهر هيءَ دل هڪ واپس ايندڙ پڇتائيندڙ گنھگار لاءِ هميشہ کليل رهندا، ”ڀلي ڀلي جا ڀاڻ ائي سان بہ نہ ڀلي،“ جيترو جلد هوءَ پنھنجيءَ نافرمانيءَ کان بازي ايندي، اوترو وڌيڪ هو مون کي پسند پوندي، تمام اعليٰ انسان بہ هڪ دفعي لاءِ چڪ ڪري سگهي ٿو، انسان خطا جو گهر آهي، فن هر کائي سگهي ٿو ۽ رنگيني پنھنجو جادو پکيڙي سگهي ٿي، پھرين ڀل ٻاراڻي سادپڻي جي آهي، پر هر ڪا ٻي چوڪ گناھہ جي پيدائش آهي، پنھنجو اهو ڪمبخت ٻچو هزارين گناهن سان داغدار هئڻ جي باوجود هن دل۽ هن گهر ۾ هميشہ آڌرڀاءُ ڪيو ويندو، جيڪڏهن مون کي صرف سندن دل ۾ پڇتاءُ ڏسڻ ۾ آيو، تہ پوءِ وري بہ سندس آواز جي ورلاپ ڏانھن ڌيان ڏيندس ۽ وري بہ سندس ڇاتيءَ تي شوق سان لٽڪيو رهندس، منھنجا پٽ، ڌيان ڏيندس ۽ منھنجي لٺ کڻي اچ، ۽ جيتوڻيڪ آءٌ کيس شرم کان بچائي نٿو سگهان، تڏهن بہ شايد آءٌ کيس بڇڙائي جي لاڳيتي سلسلي کان روڪي سگهان.

____________
[1] گولڊ سمٿ هيءُ مرثيو پنھنجي تصنيف، ماکيءِ جي مک، The Be ۾ اڳيئي ڏنو آهي.

باب ارڙهون: گم ٿيل ٻار لاءِ پيءُ جي ڳولا

جيتوڻيڪ ”ڊڪ“ ان سکر ماڻھوءَ جي شخصيت متعلق ڪو بہ احوالي ڏيئي نٿي سگهيو، جنھن سندس ڀيڻ کي هٿ کان و‎ٺي گاڏي تي چاڙهيو، تہ بہ مون کي مڪمل طرح اسان جي نوجوان زميندار ۾ شڪ پيو، جنھن جو اخلاق پراين عورتن سان لڪائي عشق بازيءَ ڪرڻ متعلق چڱيءَ طرح مشھور هو. تنھن ڪري آءٌ کيس ڇنڊ ڪڍڻ، ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي تہ پنھنجي ڌيءَ کي واپس آڻڻ جو ارادو ڪري، ”ٿارنھل“ جي ڪوٽ ڏانھن روانو ٿيس، سندس جڳھہ تي پھچڻ کان اڳ مون کي پنھنجي ديول جو جماعتي گڏيو، جنھن چيو، ”مون هڪ نوجوان عورت کي، جنھن تنھنجيءَ ڌيءَ سان مشابھت ٿي رکي، هڪ نوجوان سکر ماڻھوءَ سان چئين ڦيٿن واريءَ گاڏي ۾ ڏٺو، ۽ اهي تمام تڪڙا پئي ويا،“ ان مليل احوال مان آءٌ صرف “مسٽر برچل“ جي هجڻ جو اندازو لڳائي ٿي سگهيس، بھرحال هيءَ خبر مون کي ڪنھن بہ طرح راضي ڪري نہ سگهي، آءٌ انھي ڪري نوجوان زميندار جي اوطاق تي ويس ۽ جيتوڻيڪ اڃا سوير هئي، تہ بہ کيس يڪدم ڏسڻ جي خواهش ڪيم هو جلدي دستوري نموني ۾ تمام ڪشاده دليءَ سان مون سان مليو، ۽ منھنجي ڌيءَ جي لڪي ڀڄي وڃڻ تي مڪمل طرح حيران ڏسڻ ۾ آيو ۽ پنھنجي عزت جي ساک تي چيائين تہ کيس ان بنسبت ڪا بہ خبر ڪا نہ هئي، هاڻي مون پنھنجن اڳوڻن سڪن کي ننديو ۽ انھن کي صرف”مسٽر برچل“ ڏانھن تبديل ڪري سگهيس، مون کي يادگيري پيئي تہ سندس منھنجي ڌيءَ سان اڳيئي گهڻيون خلاصيون رهاڻيون ٿيون هيون، پر ٻئي شاهد جي ملاقات سندس بدمعاشي ۾ شڪ هجڻ متعلق مون لاءِ ڪا بہ وٿي ڪان ڇڏي، ان نئين ملاقاتي ءِ خاطري ڏني، تہ يقينا هو ۽ منھنجي ڌيءَ اتڪل ٽيھه ميل پري، ”ويلس“ ڏانھن وڃي رهيا هئا، جتي سندس رفيقن جو وڏو انداز موجود هو. دل جي اهڙي ڪيفيت جنھن ۾ اسان سچ جي معلوم ڪرڻ کان وڌيڪ اٻھرائي سان عمل ڪرڻ لاءِ جلد تيار ٿيندا آهيون. ان ڏانھن ڇڪجي وڃڻ سبب، مون ڪڏهن بہ پنھنجي دل جو قاضي نہ ڪيو، تہ متان اهي انھن ماڻھن جا احوال هجن، جن کي عمدا منھنجي واٽ ۾ مون کي گمراھہ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي، مگر پنھنجي ڌيءَ ۽ سندس دغاباز عاشق کي اتي ڳولڻ جو ارادو ڪيم. آءٌ سچائي سان اڳتي هليس، ۽ رستي تي ڪيترن کان پڇيم، مگر جيستائين شھر ۾ گهڙيس، تيستائين ڪو بہ احوال ڪو نہ مليم، شھر ۾ مون کي هڪ گهوڙيسوار مليو، جو مون کي ياد آيو، تہ مون زميندار جي جاءِ تي ڏٺو هو، هن مون کي يقين ڏياريو تہ جيڪڏهن آءٌ سندن پويان ٽيھه ميل پري شرط گاھہ ڏانھن ويندس تہ کين خاطري سان پڪڙي سگهندس، هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو تہ ”اڳئين رات مون کين اتي ناچ ڪندي ڏٺو هو ۽ سڄي مجلس توهان جي ڌيءِ جي اداڪاريءَ تي جادوءَ جي اثر هيٺ‎ آيل ڏسڻ ۾ آئي ٿي.“ ٻئي ڏينھن صبح جو سوير آءٌ شرط گاھہ ڏانھن روانو ٿيس ۽ شام جو اٽڪل چئين بجي ڌاري اتي پھتس، موجودہ جماعت اميد افزا ۽ دلپسند ڏيکاري ڏني، سڀئي رفيق هڪ ئي جستجو ۾ مشغول هئا، جا هئي خوشيءَ جي هئي اها هڪ گمراھہ ڪيل ٻار کي سنئين اخلاق جي رستي تي آڻڻ واريءَ منھنجي جستجو کان ڪيترو نہ نرالي هئي، مون سمجهيو تہ مون، ”مسٽر برچل“ کي ڪجهہ مفاصلي تي ڏٺو، پر ڏانھس ويجهي وڃڻ تي، هو ميڙ ۾ اهڙي طرح گڏجي ويو، جو ڄڻ تہ منھنجيءَ ملاقات کان ڊنو ٿي، مون هاڻي ويچار ڪيو تہ منھنجي وڌيڪ ڳولا ڪنھن بہ نتيجي واري نہ ٿيندي ۽ پنھنجي ان معصوم ڪٽنب ڏانھن واپس موٽي اچڻ جو ارادو ڪيم، جنھن منھنجي مدد جي طلب ٿي ڪئي، پنھنجيءَ دل جون اڇلون ۽ مشقتون جي مون برداشت ڪيون هيون، انھن مون کي بخار ڏيئي ڇڏيو، جنھن جون علامتون مون شرط گاھہ کان ٻاهر اچڻ کان اڳ محسوس ڪيون، جيئن تہ آءٌ پنھنجي ڳوٺ کان ستر ميلن کان بہ وڌيڪ مفاصلو پري هوس، تنھن ڪري هيءَ هڪ ٻي اوچتي ضرب هئي، جنھن سان مون کي منھن ڏيڻو پيو، اڳتي هلڻ کان لاچار هئڻ سبب آءٌ رستي تي هڪ مھمان سراءِ ۾ ٽڪي پيس، ۽ ان دستوري اڻ هوند ۽ ڪفايت واري ۽ ايڪانت جي جڳھہ ۾ صبر سان پنھنجي بيماريءَ جي نتيجي ظاهر ٿيڻ تائين ترسي پيس، آءٌ اتي تقريبا ٽي هفتا بيمار پيو هوس، آخر منھنجي طبيعت سالم ٿي، پر مون وٽ پنھنجي کاڌ خوراڪ جي خرچ لاءِ پيسا ڪو نہ هئا، ائين ممڪن آهي تہ جيڪڏهن هڪ مسافر جو اتي هلڪي ناشتي لاءِ اچي ترسيو هو، سو جيڪڏهن مون کي اهي پئسا نہ ڏئي ها تہ صرف انھيءَ آخرين حالت مان پيدا ٿيل ڳڻتي مون کي موٽائي بيمار ڪري وجهي ها، هيءَ شخص ”سينٽ پال“[1] ديول واري عام ڀلي جي ڪم ڪندڙ ڪننب فروش کانسواءِ ٻيو ڪو نہ هو، هن ٻارن لاءِ ڪيترا ننڍا ڪتاب لکيا آهن ۽ پاڻ کي ٻارن جو دوست ڪوٺيندو هو، هن کي هميشہ ڪو نہ ڪو ضروري ڪم هوندو هو، انھي ڪري اڃا مھـمـان ســـراءِ ۾ اچي لٿو ئي مـــس هو، تہ جلدي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، اها حقيقت آهي، تہ ان وقت هو ”مسٽر ٿامس ٽرپ“ جي تاريخ لاءِ مواد جمع ڪري رهيو هو، مون يڪدم ان نيڪ سيرت انسان جي موهيڙن واري سرخ چھري کي سڃاتو، ڇا ڪاڻ تہ هن صاحب منھنجي پاران ان زماني جي ٻيءَ شاديءَ جي حامين خلاف پڌرائي ڪئي هئي، مون کانئس ڪجهہ پئسا موٽي اچڻ تي واپس ڏيڻ جي انجام سان اڌرا ورتا، جيئن تہ مھمان سراءِ ڇڏڻ وقت آءٌ اڃا ضعيف هوس، تنھن ڪري ڏھہ ميل روز جي حساب سان سوليءَ طرح مسافري ڪرڻ سان پنھنجي گهر ڏانھن موٽڻ جو ارادو ڪيو، منھنجي تندرستي ۽ آسودگي مون کي مڪمل طرح موٽي مليون ۽هاڻي آءٌ پنھنجي ان فخر کي نندڻ لڳس، جنھن مون کي اصلاح ڪرڻ کان روڪ ڪئي ٿي، صبر کان وڌيڪ ڪھڙيون مصيبتون ماڻھو کي سھڻيون آهن، انھن جي کيس تيستائين خبر ئي ڪا نہ ٿي پوي، جيستائين هو انھن کي آزمائي نٿو، جيئن هيٺان روشن ڏسڻ ۾ ايندڙ هوس جي اتاهين تي چڙهندي هر ڪو قدم جيڪو اسين مٿي چڙهون ٿا، سو اسان کي ڪجهہ نئون ۽ ڪجهہ جهڪو نظارو لڪل نااميديءَ جو ڏيکاري ٿو، تھڙي طرح خوشي اتاهينءَ تائين اسان هي هيٺ لھڻ تي جيتوڻيڪ هيٺ بدبختيءَ جي ماٿري پھرين اونداهي ۽ ڏکن ڀريل نظر اچي ٿي مگر جيئن اسين هيٺ لھندا ٿا وڃون، تيئن اڃا تائين پنھنجي دلچسپين ڏانھن توجهہ ڪندڙ دل، ڪا نہ ڪا شيءِ ڪشش ڪندڙ ۽ خوشي ڏيندڙ ڏسي ٿي، ۽ جيئن اسان اڃا بہ ويجها پوندا وڃون ٿا. تيئن اونداهي ۾ اونداهيون شيون روشن ڏسجن ٿيون ۽ اسان جي دماغي اک پنھنجي مايوسيءَ واريءَ حالت سان ٺھڪي اچي ٿي.
آءٌ هاڻي اڳتي وڌيس، ۽ اٽڪل ٻن ڪلاڪن جي پنڌ ڪرڻ بعد مون پري کان هڪ بار گاڏيءَ جھڙي ڪا شيءِ ايندي ڏٺي، جنھن کي مون پھچڻ جو ارادو ڪيو، جڏهن آءٌ ان تائين پھتس، تڏهن ڏٺم تہ اها هڪ گهومو ناٽڪي ڪمپنيءَ جي گاڏي هئي، جا پردا ۽ ٻيو ناٽڪي فرنيچر ٻئي ڳو‎ٺ ڏانھن کڻيو پئي ويئي، جتي کين ناٽڪ ڪرڻو هو، گاڏي سان صرف هڪ ڪمپني جو ماڻھو هو، جنھن ان کي هلايو پئي ۽ باقي اداڪار ٻئي ڏينھن تي اچڻا هئا، چوندا آهن تہ ڳالھين ڪندي پنڌ کٽي، تنھن ڪري آءٌ ان غريب اداڪار سان گفتگو ۾ شامل ٿي ويس ۽ جيئن تہ ڪنھن وقت مون ۾ پڻ ناٽڪي صلاحيتون موجود هيون، انھيءَ ڪري مون اهڙن مسئلن تي آزاديءَ سان گفتگو ڪئي، آءٌ هاڻوڪي اسٽيج جي حالت کان گهڻو ڪجهہ اڻ واقف هوس، تنھن ڪري مون هن کان پڇيو، ”هن وقت ڪھڙا ناٽڪ نويس عوام ۾ مقبول پيل آهن ۽ ڪير هن وقت جا ”ڊرائيڊن“[2] ۽ ”اوٽوي“[3] آهن؟ اداڪار چيو، ”سائين آءٌ ڀانئيان ٿو تہ، جن مصنفن بابت توهين بيان ڪريو ٿا، تن سان مشابھت رکڻ ۾ ڪو مشڪل جديد ناٽڪ نويس پاڻ کي عزت وارو سمجهندو. ”ڊرائيڊن“ ۽ ”روو“[4] جي لکڻ جو طريقو هن وقت اصل رواجہ۾ نہ آهي، اسان جو مذاق سڄي صدي پوئتي هليو ويو آهي. هن وقت صرف ”فليچر“[5] ۽ ” بين جانسن“[6] جون تصنيفون ۽ شيڪسپيئر جا جملي ناٽڪ ماڻھن کي پسند اچن ٿا“ مون چيو ”اهو ڪيئن ممڪن ٿيو آهي، جو موجودہ زمانو اوهان جي بيان ڪيل تفصيلن ۾ ڪم آيل اهڙي جهوني محاوري، اهڙي غير مروج خوش طبعي ۽ اهڙو گهڻو ڪم ڪندڙ اداڪارن کان مطمئن ٿي سگهي ٿو، منھنجي ساٿيءَ وراڻي ڏني، ”سائين خلق محاوري، خوش طبعي يا اداڪارن بنسبت ڪو بہ ويچار نٿي ڪري، ڇاڪاڻ تہ انھن ڳالھين سان سندن ڪو بہ واسطو نہ آهي هو صرف وندرڻ لاءِ ناٽڪ ڏسڻ وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن ”شيڪسپيئر“[7] يا ”جانسن“ جو ڪوبہ گونگو ناٽڪ ڏسن ٿا، تہ ڏاڍا خوش ٿين ٿا“ . مون چيو ”جيڪڏهن ائين آهي، تہ پوءَ آءٌ سمجهان ٿو، تہ اسان جا هاڻوڪا ناٽڪ نويس فطرت کان وڌيڪ ”شيڪسپيئر“ جا نقل ڪندڙ آهن.“ منھنجي ساٿيءَ چيو، ”حق جي ڳالھہ اها آهي، تہ مون کي خبر نہ آهي، تو هو ڪو ڪنھن جو بہ نقل ڪن ٿا، نڪي سچ پچ خلق کانئن اهڙي تقاضا ڪري ٿي، جديد زماني ۾ ناٽڪ جي مضمون ڏانھن ڪنھن بہ قسم جو توجهہ نٿو ڏنو وڃي، صرف دل جي اڇلن ۽ ڍونگن جو انداز جو ان ۾ موجود آهي، ان کي ئي تحسين جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو، مون کي ماڻھن ۾ مقبول پيل هڪ ناٽڪ جي خبر آهي، جنھن ۾ هڪ بہ چرچو نہ آهي ۽ ٻيو هڪ ناٽڪ جنھن ۾ مصنف کل پيدا ڪرڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ورتي آهي، سو پڻ هن وقت پسند اچي رهيو آهي. سائين اڄڪلھہ جي شوق موجب ”ڪانگريو“[8] ۽ ”فارڪيوهر“[9] جي تصنيفن ۾ تمام گهڻي ظرافت رچيل آهي، اسان جو جديد محاورو گهڻو ڪجهہ قدرتي آهي. ايتري ۾ گهومو ڪمپنيءَ جي سامان جي مڏي ڳوٺ تائين اچي پھتي، جنھن کي شايد اسان جي ويجهي اچڻ جي خبر اڳيئي پئجي ويئي هئي ۽ سڄو ڳوٺ اسان کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو، منھنجي ساٿيءَ چيو، تہ گهومو ناٽڪن جا ڏسندڙ اندر کان ٻاهر گهڻا آهن، جيستائين مون ماڻھن جو وڏو انبوھہ پنھنجي چوڌاري نہ ڏٺو، تيستائين پنھنجو اهڙيءَ ناٽڪي ڪمپنيءَ سان گڏ هئڻ ناجائز نہ سمجهيم، انھيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد مون ويجهي ۾ وجهي ڪلال خاني ۾ اجهو ورتو۽ عام ورانڊي ۾ وڃي ويٺس، اتي مون کي هڪ خوش پوش سکر ماڻھو مليو، جنھن مون سان ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ شروع ڪئي، هن مون کان پچيو، ”اوهين هن ڪمپنيءَ جا سرڪاري پادري آهيو، يا اهو اوهان جو ناٽڪ ۾ اداڪاريءَ جو لباس آهي؟“ هن کي مون جواب ڏنو، ”آءُ هن ڪمپنيءَ جي ڪم ڪندرن مان نہ آهيان“ هن حقيقت ٻڌڻ بعد هن ڪافي تواضع سان مون ۽ اداڪار کي پنھنجي شراب جي پيالي ۾ شريڪ ڪيو، دوران گفتگو هن گهڻيءَ سچائي ۽ دلچسپيءَ سان جديد سياست تي بحث مباحثو ڪيو، مون پنھنجيءَ دل ۾ کيس ڪم از ڪم پارليامينٽ جو ميمبر سمجهيو، پر پنھنجي اندازي بنسبت پوري خاطري تڏهين ٿيم، جڏهن مون ان جاءِ جي مالڪ کان رات جي مانيءَ جي پڇا ڪئي ۽ هن اسان ٻنھين تي سندس گهر ۾ مانيءَ واپرائڻ لاءِ زور رکيو، اسان پھريائين انڪار ڪيو، مگر ڪجهہ منٿن کانپوءِ اسين سندس عرض قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پياسين.

________________
[1] سينٽ پال (St .Paul) هڪ ديول جو نالو آهي.
[2] ڊرائيڊن (John Drydon) (1631-1700) هن صاحب ويسٽ منسٽر ۾ بسبي (Busby) جي زير نگراني ۽ ڪئمبرج (Cambrige) جي ٽرنٽي ڪاليج (Trinity college) ۾ تعليم ورتي، هيءُ انگلينڊ جو مشهور شاعر ناٽڪ نويس، شاعر ۽ تاريخ نويس ٿي گذريو آهي، ڪجهه وقت لاءِ 1668 ۾ هيءَ درٻاري شاعر ۽ 1670ع ۾ تاريخي ماهر مقر ٿيو، هن جملي 14 ناٽڪ لکيا، جيڪي بهترين ليکجن ٿا.
[3] اوٽوي (Thornas otway) (1652-1685) هيءَ به انگلينڊ جو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي. هن جا ٽي المبه ناٽڪ مقبول پيا، مگر هيءَ ڪو مقبول ناٽڪ نويس نٿي ليکيو ويو، ڪجهه شعر به چيائين مگر گهڻو نه. ڪيترائي سال بيگم بيري (Mrs Barry) هڪ اداڪاره جي عشق ۾ ڦاٿل رهيو.
[4] روو(Rove) (1674-1718) مڊل ٽيمپل (Middle Temple) ۾ پهريائين وڪيل ٿيو، مگر جلدي اَدب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين جلدي ادب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين پنهنجا تعلقات پوپ (Pope) ۽ ايڊيسن(Addison) سان رکيا ۽ ڪيترا الميه ناٽڪ شايع ڪيائين، هيءَ پنهنجي وقت جو سٺو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي.
[5] فليچر(Fleteher john) (1579-1625) هيءُ فليچر جو ڀائيٽيو هو، هن فرنسز ٻيو منٽ (Francis Beamcout) جي شموليت سان 1606ع کان 1616ع تائين ناٽڪ ٺاهيا، هن جي ناٽڪن جي پوري خاطري نه آهي، مگر 15 کان ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه هئا، امڪان آهي ته هيءَ شيڪسپيئر جي هينري اٺين واري ڊراما ۾ شيڪسپيئر سان شامل هو.
[6] بين جانسن (1709-1774) هيءُ ليچ فيلڊ(Lich Field) ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ ڪتب فروش هو، هيءَ ليڇ ليڊ گرامر سڪول ۽ پيمبرورڪ ڪاليج(Penbroke college) ۾ تعيلم ورتي، سندس پيءُ 1731ع ۾ گذاري ويو، ۽ پنهنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو، سن 1735ع ۾ هن لوبو (Lobe) جي فرينچ ٻولي ۾ چيل نظم جو ترجمو ”ائبيسينيا ڏانهن بحري مسافري (Abysinia Voyage to) نالي ڇپايو، ساڳئي سال ”مسنر ايلزبيٽ“ پورٽر سان شآدي ڪئي ۽ ليچ فيلڊ جي قريب ايڊل (Edial) نالي هڪ ڳوٺ ۾ اسڪول برپا ڪيائين مگر ڪامياب نه ٿيو، هن ان بعد زندگيءَ جي ڪيترن لاهن چاڙهن مان پنهنجو گذر ڪيو ، هو گولڊ سمٿ جو همعصر ۽ محسن هو.
[7] شيڪسيئر Shakespeare هي سن 1564ع ۾ سنرٽفورڊ آن ايون ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ معزز ماڻهو هو ۽ ميونسپل جي ڪيترن عهدن تي سرفراز هو، هيءُ انگلينڊ جو بهترين ناٽڪ نويس ليکيو وڃي ٿو، هن جا جملي 37 ناٽڪ آهن، جي نهايت مقبول آهن.
[8] ڪانگريو Congave William: (1670-1729ع ) هن سوفٽ (swift) سان گڏ ڪلڪني (Kilieny) اسڪول ۽ ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن ۾ تعليم ورتي، هن پهريائين وڪالت لاءِ چاهه رکيو، مگر جلدي ان کي ڇڏي ادب ڏانهن لاڙو ڪيائين، سن 1662ع ۾ اوچتو ئي اوچتو ”اولڊ بئچلر( The Old bachelor) 1664ع ”لو فار لو“ (Love for Love) 1665ع ۽ ”د وي آف دي ورلڊ (The way of the world) 1700ع ۾ لکيائين، هن ناٽڪ نويسيءَ ۾ تمام گهڻي مشهوري حاصل ڪئي، فوت ٿيڻ تي کيس ”ويسٽ منسٽر ائبي“ (West minister Abey) ۾ دفن ڪيو ويو.
[9] فارڪيو هر (Forquher Georger) 1678-1707ع پهريائين لشڪر ۾ هڪ آفيسر هو، ان بعد هڪ ناٽڪي اداڪار ٿيو ۽ ناٽڪ لکڻ شروع ڪيائين ، هن ڪيترا ناٽڪ لکيا، جيئن ته ”عشق ۽ شراب جو شيشو“ (Love and bottle) 1699ع) دي ڪانسٽنٽ ڪپل ۽ دي ٽون رائيوليس“ (The Twin Rivals) وغيره هن جي پڇاڙي تمام مسڪيني ۾ گذري ، ۽ وفات به سقيم حالت ۾ ڪيائين.

باب اوڻويھون: هڪ غير مطمئن شخص

گهر جتي اسين مھمان ٿيا هئاسون، اهو ڳوٺ کان ڪجهہ پري هو، اسان جي ميزبان اسان کي چيو، ”جيئن تہ گاڏي تيار نہ آهي، تنھنڪري آءٌ توهان کي پيادل وٺي هلندس.“ اسين جلدي عاليشان محل وٽ پھتاسون، اهو محل، ٻھراڙي ۾ جيڪي اعليٰ درجي جا محلات مون ڏٺا هئا، انھن مان هڪ هو، ڪمرو جيڪو اسان جي حوالي ڪيو ويو، سو نھايت نزاڪت وارو، ۽ جديد نموني جو ٺھيل هو، جيڏهن اسان جو ميزبان رات جي مانيءَ لاءِ چوڻ ويو، تڏهن اداڪار اک جي اشاري سان مون کي ٻڌايو تہ اسين مڪمل طرح خوش نصيب هئاسون، اسان جو ميزبان جلد موٽيو، هڪ سٺي، سوادي ۽ سلوڻي رات جي ماني آندي ويئي، ۽ ڍلي ۽ گهرو پوشاڪ ۾ ملبوس ٿيل ٻن يا ٽن عورتن جو اسان سان تعارف ڪرايو ويو، ۽ گفتگو ڪجهہ زنده دليءَ سان شروع ٿي، سياست ئي هڪ عنوان هو، جنھن تي اسان جي ميزبان خاص طرح تفصيل وار گفتگو ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هن دعويٰ ٿي رکي تہ آزادي سندس فخر ۽ ساڳئي وقت سندس خطرو هئي. دسترخاني جي کڄڻ کانپوءِ هن مون کان پڇيو تہ آيا مون تازي، ”مانيٽر“ اخبار ڏٺي هئي يا نہ جنھن جي انڪاري جواب تي، هن واڪو ڪري چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو تہ توهان ”آڊيٽر“ اخبار بہ نہ ڏٺي آهي؟“ ۽ مون جواب ڏنو، ”ڪا بہ نہ .“ منھنجي ميزبان چيو، ”تحقيق اها هڪ عجيب ڳالھہ آهي، تمام عجيب، هن وقت آءٌ سڀ سياسي اخبارون جيڪي بہ شايع ٿين ٿيون، سي پڙهندو آهيان. ”دي ڊيلي اخبار“ ”دي پبلڪ ليجر“ ”دي ڪرانيڪل،“ ”دي لنڊن ايوننگ،“ ”دي وائيٽ هال ايوننگ پوسٽ“[1] سترنھن رسالا ۽ ٻہ تنقيدي رسالا، ۽ جيتوڻيڪ اهي سڀيئي هڪ ٻئي کي ڌڪارين ٿا، تنھن هوندي بہ آءٌ سڀني کي گهڻو پسند ڪريان ٿو، آزادي، سائين، آزادي ئي صرف انگريزن جو فخر آهي ۽ پنھنجي ڪارنوال وارين سڀني آڱرن جي کاڻين جي ساک سان چوان ٿو، تہ آءٌ ان جي محافظن جو احترام ڪريان ٿو.“ مون چيو، ”تڏهن اها اميد ڪجي، تہ توهين بادشاھہ سلامت جو پڻ احترام ڪريو ٿا؟“ ”هائو“، منھنجي ميزبان جواب ڏنو، ”جڏهن هو اسان جي خواهشن مطابق هلت ڪري ٿو، پر جيڪڏهن هو پنھن جي اها هــلــت جــاري رکندو هــلــنــدو، جا تــازو هنن ڪئي آهي تہ پوءِ آءٌ سندس متعلق ڪجهہ بہ نہ چوندس، آءٌ ڪجهہ ڪو نہ ٿو چوان، آءٌ صرف خيال ٿو ڪريان، آءٌ ڪي بھتر صلاحون ڏيئي سگهان ٿو، آءٌ نٿو ڀانيان، تہ بادشاھہ وٽ ڪو صلاحڪارن جو ڪافي انداز آهي. هن کي هر ڪنھن ان ماڻھوءَ کان صلاح وٺڻ گهرجي، جو ماڻھو صلاح ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ پوءَ اسان ڏسنداسون، تہ ڪاروبار ڪنھن ٻئي بھتر طريقي ۾ هلي ٿو.“
مون چيو، ”منھنجي مرضي آهي تہ اهڙن اڻ ڪوٺيلن صلاحڪارن کي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهيو وڃي، ايماندار ماڻھن تي فرض هئڻ گهرجي، تہ هو پنھنجيءَ حڪومت جي جوڙجڪ جي ڪمزور پھلوءَ کي مدد ڪن. اها پاڪ طاقت ڪيترن سالن کان روز بہ روز گهٽ ٿيندي وڃي ٿي ۽ حڪومت ۾ پنھنجي روز جو مناسب حصو وڃائي چڪي آهي، پر اڻڄاڻ ماڻھو اڃا تائين آزادي جي دانھن جاري رکندا اچن ها، ۽ جيڪڏهن کين ڪوبہ وزن هجي، تہ هوند حڪومت کي ڪميڻپ سان روز بہ روز تنزل ۾ آڻي ڇڏين.
انھن عورتن مان هڪ واڪو ڪري چيو، ”اهو ڪميڻو ۽ خود غرض انسان، جو آزاديءَ جو دشمن، ۽ ظالمن جو بچاءُ ڪندڙ آهي، ان کي ڏسڻ لاءِ آءٌ جيئري پيئي رهان ڇا؟ آزادي، هڪ خدائي نعمت ۽ انگريزن جو شاندار حق آهي؟“
اسان جي ميزبان چيو، ”ڇا هن وقت ڪوبہ اهڙو ماڻھو لھي سگهڻ ممڪن آهي، جو غلاميءَ جي وڪالت ڪندو هجي؟ اهڙا بہ ڪي ماڻھو هٿ اچي سگهن ٿا ڇا، جي ڪميڻائپ سان انگريزن کي خاص حقن کي ڇڏڻ لاءِ تيار هجن؟ ڇا، ڪوبہ ماڻھو اهڙو نيچ ٿي سگهي ٿو ڇا؟“
مون جواب ڏنو، ”نہ سائين، آءٌ آزادي جو طرفدار آهيان، اها ئي ديوتائين جي وصف ۽ جديد جوشيليءَ تقرير جو عنوان آهي. منھنجي خواهش آهي تہ سڀ ماڻھو بادشاھہ هجن، آءٌ پاڻ بہ خود بادشاھہ هجان، اسان سڀني کي تخت تي هڪ جھڙو قدرتي حق آهي، اسين سڀئي اصل کان هڪ جھڙا آهيون، هيءُ منھنجو اصول آهي ۽ اهو ئي هڪ دفعي هڪ ايماندار ماڻھن جي ٽوليءَ جو بہ اصول هو، جيڪي مساوات جا حامي ڪوٺيا ويندا هئا. هنن پاڻ کي هڪ اهڙي جماعت ۾ منظوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ سڀئي هڪ جھڙا آزاد هجن، مگر افسوس! انھي اصول کين اصل ڪاميابي نہ ڏني، منجهن ڪي وڌيڪ زور وارا ۽ ڪي وڌيڪ هوشيار هئا، انھي ڪري اهي باقي رهيلن جا اڳواڻ ٿيا، جھڙي طرح سئس گهوڙن تي سوار ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ تہ انسان ٻين جانورن کان وڌيڪ چالاڪ آهي، تھڙي طرح اهو جاندار، جو کانئس وڌيڪ زور وارو يا حرفتي هوندو، سو مٿس سواري ڪندو، اهڙيءَ طرح انسان ذات کي مٿي بيان ڪيل اصول تحت هلڻو پوي ٿو،ڪي ٿورا حڪم هلائڻ لاءِ پيدا ٿين ٿا ۽ ٻيا ا انھن جي فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ، سوال اهو آهي، تہ جيئن تہ انھن ۾ ضرور ڪي ظالم ٿيندا تہ پوءِ ڇا اهو وڌيڪ چڱو آهي، تہ انھن ظالمن کي پان سان گڏ ساڳئي گهر ۾ رهايون ۽ يا ساڳئي ڳوٺ ۾، يا اڃا بہ گهڻو پري دارالحڪومت ۾ رهڻ ڏيون. منھنجي خيال موجب جيئن تہ آءٌ قدرتي طرح ظالم جي شڪل ڏسڻ کان بہ نفرت ڪندو آهيان‏، تنھن ڪري جيترو انھن کي مون کان گهڻو پري ڪيو ويندو، اوترو وڌيڪ آءٌ خوش ٿيندس، انسان ذات جي عموميت پڻ منھنجي ئي خيال سان متفق آهي. هنن يڪراءِ ٿي هڪڙو بادشاھہ بنايو آهي، جنھن جي چونڊ ظالمن جي تعداد کي يڪدم گهٽائي ڇڏي ٿي ۽ ماڻھن جي وڏي انداز کي انھن ظلمن کان محفوظ رکي ٿي. هاڻي اهي وڏا ماڻھو جي هڪ ظالم جي چونڊ کان اڳ پاڻ بہ ظالم هئا، سي پنھنجي مٿان ان ٻيءَ طاقت جي کڙي ٿيڻ تي قدرتي طرح راضي نہ آهن، ڇا ڪاڻ تہ ان طاقت جو اثر سندس ماتحت طبقن تي تمام ڳورو پوي ٿو، انھي ڪري انھن وڏن ماڻھن جو مقصد آهي تہ جيترو گهڻو ممڪن ٿي سگهي اوترو گهڻو بادشاهن جو زور گهٽائجي، هنن جو خيال آهي تھ، هو سندن بادشاھہ کان جيڪي بہ وٺندا، سو قدرتي طرح کين ئي واپس ملندو، هنن جو محض مقصد اهو آهي، تہ ان اڪيلي ظالم جون پاڙون پٽين، ۽ ائين ڪرڻ سان پنھنجي اڳئين اختياري وري حاصل ڪن، هاڻي شايد حڪومت جون حالتون اهڙيون هجن، يا ان جا قانون شايد اهڙي نموني عمل ۾ آندا وڃن، يا ان جا پئسي وارا ماڻھو شايد اهڙا خيال رکندڙ هجن، جو بادشاهيءَ جي پاڙَن پَٽَڻَ جي ڪم هلائڻ لاءِ سڀيئي شاهوڪار ماڻھو پاڻ ۾ منصوبو ٺاهين. پھرينءَ حالت ۾ جيڪڏهن اسان جي حڪومت جون حالتون اهڙيون هجن، جو اهي دولت جي ڪٺي ڪرڻ جي طرفداري ڪن ۽ شاهوڪارن کي وڌيڪ شاهوڪار ڪن تہ پوءِ اهي حالتون يقيناً وڏن ماڻھن جي حرص کي وڌائينديون، ڪيئن بھ، حڪومت جي اهڙيءَ نيتيءِ جو آخر ڪار نتيجو ٿيندو، دولت جو ڪٺو ٿيڻ، جيئن هن وقت، گهڻي دولت اندروني هنر مان پيدا ٿيڻ کان وڌيڪ ٻاهرئين واپار مان اندر داخل ٿي رهي آهي، ٻاهرئين واپار کي فائديمند طريقي تي هلائڻ جو انتظام صرف شاهوڪارن جي ئي هٿان ٿي سگهي ٿو ۽ ساڳئي وقت اندرئين هنر مان پيدا ٿيندڙ سڀئي منافع پڻ کين ئي ملندا رهن ٿا، انھيءَ ڪري اسان وٽ شاهوڪارن کي دولت حاصل ڪرڻ جا ٻہ ذريعا آهن، مگر غريبن کي صرف هڪڙو آهي، مذڪورہ سبب ڪري دولت سڀني واپاري حڪومتن ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙيون حڪومتون هن وقت تائين ٿوري ئي وقت ۾ ٻين شاهوڪار شاهي ۽ حڪومتون ٿي پيون آهن.
وري جڏهن هن ئي ملڪ جا ساڳيا قائدا، دولت جي ڪٺي ٿيڻ کي مدد ڪندڙ هجن، يعني جڏهن سندن وسيلي اهي قدرتي ڳنڍ، جي شاهوڪار ۽ غريب کي هڪ ٻئي سان ملائين ٿا، ٽٽي پيل هجن ۽ فيصلو ڪيو ويو هجي تہ شاهوڪار صرف شاهوڪار گهر مان شادي ڪندو، يا جڏهن عالمن کي صرف دولت نہ هئڻ سبب ملڪ جي صلاحڪار ٿيڻ لاءِغير سند يافتہ قرار ڏنو ويو هجي ۽ اهريءَ طرح دولت کي سياڻي ماڻھوءَ لاءِ ڪٺن بنايو ويو هجي، تہ پوءِ انھن ۽ اهڙن ٻين طريقن سان دولت سان ڪٺي ٿيندي، هاڻي جمع ٿيل دولت جو مالڪ، جڏهن زندگيِ جي ضرورتن ۽ خوشين سان لطف اندوز آهي، تڏهن کيس پنھنجيءَ زياده دولت کي سيڙائڻ جو ذريعو سواءِ طاقت خريد ڪرڻ جو ٻيو ڪو بہ ڪو نہ آهي، ٻين الفظن ۾ ائين چئجي تہ هو پنھنجيءَ دولت کي ضرورت وارن ضمير فروشن ۽ انھن ماڻھن جي آزاديءَ جي خريد ڪرڻ ۾ ۽ کين پنھنجي زير دستن بنائڻ ۾ لڳائي ٿو، جي مانيءَ لاءِ ڪيتري بہ ذلت برداشت ڪرڻ جا خواهان آهن، اهڙيءَ طرح هرهڪ شاهوڪار ماڻھو پنھنجي چوڌاري غريب ماڻھن جا گروھہ گڏ ڪري ٿو، گڏ ٿيل گهڻي دولت ۾ مالا مال ٿيل دستور سلطنت کي ”ڪارٽيزن“[1] جي طريقي سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جنھن ۾ ڪَنَ جو هر هڪ چڪر پنھنجي گردش سان پان پيدا ٿيل آهي، اهي ماڻھو جي وڏي ماڻھوءَ جي گرداب ۾ تحرڪ ڪرڻ جا طالبو آهن، اهي صرف اهڙا آهن جي ضرور غلام ۽ انسانذات جو بيڪار حصو ٿيڻ گهرجن، سندن روح ۽ سندن تعليم غلاميءَ جي راھہ تي پئجي ويا آهن ۽ اهي سواءِ نالي جي، آزاديءَ بابت ٻيو ڪجهہ نہ ڪوبہ ٿا ڄاڻن پر شاهوڪار ماڻھوءَ جي اثر کان ٻاهر بہ ضرور اڃا ماڻھن جو وڏو انداز هوندو، يعني ماڻھن جو اهو طبقو جو تمام شاهوڪارن ۽ تمام بيڪار حصن جي وچ ۾ زندگي بسر ڪري ٿو، اهي ماڻھو ايتري تہ دولت وارا آهن، جو پاڻ کان وڌيڪ زور واري پاڙيسري کي پيش پوڻ وارا نہ آهــن، تنھن هوندي بہ ايترو تہ غــريــب آهن، جو ڪو بہ نئون ظـلــم کــڙو ڪري نٿا سگهن


[1] ڪارٽيزن جو طريقو (Cartesian System)؛ فرينچ فلاسافر ڊيڪارٽس (Decartas) جو ايجاد ڪيل طريقو.
ڊيڪارٽس (1675-1734ع) هڪ فرينچ علم رياضي، علم طبعيءَ جو ماهر فلاسافر ۽ ڪارٽيزن جي نالي مشھور فلاسافي جو موجد هو، هن جي فلسفي جي ابتدا سندس مکيہ تصنيف (Le-Daiscourse-De-le-Methode) (1737ع) ۾ وضاحت سان ڏنل آهي، سندس نظريو هيءَ آهي سندس نظريو هيءَ آهي ”آءُ خيال ڪريان ٿو ، تنھن ڪري آءٌ آهيان، روح ۽ مادي جي فرق سمجهائڻ لاءِ هن پنھنجي فلسفي جو سمورو مدار قياس تي رکيو ۽ عالم بابت سندس خيال ڪي قدر ڪل وانگر هو، هي مادي ۽ روح جي وچ وارو تعلق پوريءِ طرح سمجهائي نہ سگهيو، هن جا ڪيترا اصول نيوٽن جي ايجادن کان پوءِ ٽٽي پيا، مگر هن پنھنجي فلسفي ۾ قياس جي شاهراھہ قائم ڪئي.
هن انسان ذات جي وچئين طبقي ۾ عام طرح سڀئي فن، سڃاڻپ ۽ جماعت جا اخلاق لڀن ٿا، صرف هيءُ ئي طبقو آهي، جو سچو پچو آزاديءَ جو تحفظ ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان ئي عوام ڪوٺيو وڃي ٿو، هاڻي شايد ائين ٿي پوي، جو اهو انسان ذات جو وچيون طبقو حڪومت ۾ پنھنجو جملي اثر وڃائي ڇڏي ۽ سندس آواز پڻ اهڙيءَ طرح گم ٿي وڃي، جھڙي طرح بيڪار طبقي جو ، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي حڪومت جي ڪاروبار ۾ آواز جي حق ڏيڻ سَنَدَ يافتہ بنائڻ ۾ هن وقت جيڪا ملڪيت ڪافي ٺھرائي وڃي ٿي، سان پھريائين جوڙجڪ ٺاهڻ وقت جيڪا ڪافي ٺھرائي ويئي هئي، ان کان ڏھہ دفعا گهٽ ٿي پوي، تہ پوءِ اهو پڌرو آهي تہ وڏو انداز بيڪارن جو سياسي طبقي ۾ داخل ٿي ويندو، ۽ اهي هميشہ شاهوڪارن جي اثر هيٺ هلندا، هوڏانھن هلندا جيڏانھن وڏا ما ڻھو سندسن رهنمائي ڪندا. تنھن ڪري اهريءَ رياست ۾ اهو سڀ ڪجهہ جيڪي وچئين طبقي ڇڏي ڏنو آهي، سو آهي، تمام پاڪيزه چوڪسي سان پنھنجي محافظ جي خاص حَقَن ۽ اختيارات جو تحفظ ڪرڻ، ڇاڪاڻ تہ هو شاهوڪار طبقي جو زور ڀڃي ڇڏي ٿو ۽ اعليٰ طبقي کي وچئين طبقي تي ظلم ڪرڻ کان روڪي ڇڏي ٿو. وچيون طبقو هڪ ان شھر سان مشابھت ڏيئي سگهجي ٿو، جنھن جو شاهوڪار گهيرو ڪري بيٺا آهن، ۽ جنھن جي دستگيريءَ لاءِ ٻاهران گورنر ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن گهيري ڪندڙ پنھنجي مٿان ڪنھن دشمن جي خوف ۾ هوندا آهن، تڏهن شھر وارن کي تمام فائدي وارا شرط آڇڻ، لقبن سان تعظيم سندن ڪرڻ ۽ رعايتن سان کين راضي ڪرڻ هڪ قدرتي طريقو آهي، جو هو اختيار ڪندا آهن، مگر جيڪڏهن هو گورنر کي فتح ڪندا تہ پوءِ شھر جون ڀتيون ان جي رهاڪن لاءِ فقط تمام ٿورو بچاءُ ٿي سگهنديون، اهڙي شھر جي رهواسين کي پوءِ ڪھڙي اميد رکڻ گهرجي سا پنھنجيون اکيون ”هالينڊ“[2] ”جينوئا“ ۽ ”وينس“[3] ڏانھن ڦيرائڻ سان ڏسي سگهجي ٿي، جتي قانون غريب تي حڪومت هلائي ٿو ۽ شاهوڪار قانون کي سنڀالي ٿو. آءٌ انھي ڪري بادشاهي راڄ جي طرف آهيان ۽ بادشاهي راڄ جي فائدي ۾ مرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن ماڻھن ۾ ڪا مقدس هستي آهي تہ اها آهي، اهو بادشاھہ جو خدائي خدمت گار ٿي حڪومت هلائي ٿو، لڙائيءَ يا امــن جي وقت ۾ سندس طاقت ۾ مون ڏٺو تہ منھنجي جوش منھنجيءَ گفتگوءَ کي چڱيءِ تربيت جي قائدن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، پر منھنجو ميزبان جو اڪثر ان لاءِ وچ ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان جي بي صبري وڌيڪ وقت لاءِ روڪجي نہ سگهي، هن واڪو ڪري چيو، ”ڇا ، تڏهن آءٌ هيءُ سمورو وقت انساني لباس ۾ ملبوس ٿيل هڪ شيطان سان گفتگو ڪري رهيو هوس؟ پر آءٌ ساک سان چوان ٿو تہ جيڪڏهن منھنجو نالو ”ولڪنسن“ آهي تہ پوءِ ان انسان نما شيطان کي جلد ٻاهر ڪڍيو ويندو.“ مون هاڻي ڏٺو، تہ آءٌ جد کان ٻاهر نڪري ويو هوس ۽ جنھن جوش سان مون ڳالھايو هو، ان جي معافيءَ لاءِ گهر ڪيم، ۽ ”معافي“ ميزبان ڪاوڙ ۾ چيو، ”آءُ سمجهان ٿو، تہ اهڙا اصول ڏھہ هزار معافين جي ضرورت رکن ٿا، ڇا، اسين آزادي ۽ ملڪيت ڇڏي ڏيون،۽ سرڪاري ترجمان جي چوڻ موجب هر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون! مھربان آءٌ بدترين نتيجن جي روڪڻ خاطر اوهان تي زور رکان ٿو، تہ اوهين جلد هن گهر مان نڪري وڃو، سائين آءٌ اوهان جي نڪري وڃڻ جي زوردار طلب ڪريان ٿو،“ آءٌ پنھنجين حجتن کي وري بہ دهرائڻ تي هوس، مگر عين انھيءَ وقت اسان هڪ نوڪر جو آواز در تي ٻڌو ۽ انھن ٻنھين عورتن دانھن ڪري چيو، ”موت جھڙي خاطري آهي، تہ اسان جو آقا ۽ خاتون پيا اچن“، ان وقت اسان کي خبر پيئي تہ اسان جو ميزبان سڄي ڄمار بورچي ٿي رهيو هو ۽ هن پنھنجي ڌڻيءَ جي غير حاضريءَ ۾ پنھنجي نالي ڪڍڻ ۽ ڪجهہ وقت لاءِ پاڻ کي ”ميان مٺو“ سڏائڻ جي خواهش ڪئي هئي ۽ سچ چئجي تہ هن سياست تي اهو چڱو ڳالھايو، جھڙو ٻھراڙيءَ جا گهڻا سکر ماڻھو ڳالھائيندا آهن، ان سکر ماڻھوءَ ۽ خاوتون جي اندر اچڻ تي جيڪا پريشان ٿي، ان جي نڪا حد نڪو حساب، پر اهڙيءَ محفل ۽ سٺيءَ کل ڀوڳ ڏسڻ تي جيڪا کين حيرت لڳي، سان پڻ اسان جيءَ حيرت کان گهٽ نہ هئي، حقيقي مالڪ مون کي ۽ منھنجي ساٿيءَ کي چيو، ”موززو، منھنجي زال ۽ آءٌ اوهان جا نھايت شڪر گذار آهيون ۽ هيءَ اوهان جي اسان جي اهڙي تہ خلاف توقع نوازش آهي، جو اسان جا گردن اوهان جي احسانن هيٺ‎ هميشہ جهڪيل رهندا. هنن لاءِ اسان جي ملاقات کڻي ڪيتري قدر بہ اچانڪ هئي، مگر مون کي خاطري آهي، تہ سندن اسان سان گڏجاڻي، اڃا بہ وڌيڪ خلاف توقع هئي، ان کان پوءِ جلدي مون پياريءَ ”اربيلا ولماٽ“ کي اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ڏٺو ۽ پنھنجيءَ بيھودگيءَ جي انديشي کان منھنجون وايون بتال ٿي ويون، هن کي پھريائين منھنجي پٽ ”جارج“ سان پرڻائڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو هو پر جيئن اڳي بيان ڪيو ويو آهي، تيئن اهو وهانءُ ٽٽي پيو هو، مون کي ڏسڻ شرط هوءَ خوشي ۾ ڊوڙي اچي منھنجي ڀاڪر ۾ پيئي، هن چيو، ”سائين ڪھڙي خوشيءَ جي موقعي سبب اسين اوهان جي اهڙيءَ اوچتي ملاقات جو حق رکون ٿا، مون کي خاطري آهي، تہ منھنجو چاچو ۽ چاچي ڏاڍا خوش ٿيندا، جڏهن کين معلوم ٿيندو تہ نيڪ ”ڊاڪٽر پرمروز“ وٽن مھمان ٿيو آهي،“ پيرسن بزرگ ۽ خاتون جڏهن منھنجو نالو ٻڌو، مون ڏانھن وڌي آيا، ۽ مون کي تمام مخلصانہ تواضع سان آڌرڀاءُ ڪيائون، جڏهن مون کين پنھنجيءَ حاضري ملاقات جو سبب ٻڌايو، تڏهن هو پنھنجيءَ دل کي روڪي ڪين سگهيا، ۽ بدبخت بورچي جنھن کي ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هئائون، ان کي منھنجيءَ سفارش تي معافي ڏنائون.
”مسٽر آرنلڊ“ ۽ سندس بيگم، جن جو اهو گهر هو، تن مون تي زور رکيو تہ آءٌ ڪجهہ ڏينھن لاءِ وٽن مھمان ٿي رهان ۽ جيئن تہ سندن ڀائٽي ۽ منھنجي سعادتمند شاگرد جا ڪجهہ قدر منھنجين هدايتن هيٺ پليل هئي، ساڻن منٿن ۾ شامل هئي، تنھن ڪري مون اها ڳالھہ قبول ڪئي، اها رات آءٌ هڪ عاليشان ڪوٺيءَ ۾ ٽڪيس، ايندڙ صبح جو سوير ”مس ولماٽ“ مون سان گڏ باغ ۾ گهمڻ جي خواهش ڪئي، اهو باغ جديد نموني تي سينگاريل هو، ڪجهہ وقت ان باغ جي خوبين ڏانھن اشارن ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ کان پوءِ هن بي واسطيداريءَ نموني مون کان پڇا ڪئي، تہ مون کي پنھنجي پٽ ”جارج“ وٽان آخرين احوال ڪڏهن پھتو آهي، مون چيو، ”افسوس! خاتون، ٽي سال ٿيا آهن، جو هن ڪڏهن بہ مون ڏانھن يا پنھنجي دوستن مان ڪنھن ڏانھن خط نہ لکيو آهي، مون کي خبر نہ آهي تہ هو ڪٿي آهي، شايد آءٌ ڪڏهن بہ هن کي يا خوشيءَ کي وري نہ ڏسندس. منھنجي سعادتمند ڇوڪري اسان جھڙيون خوشيءَ واريون ساعتون ”ويڪفيلڊ“ ۾ پنھنجي گهر گذاريون. اهڙيون وري شايد ڪڏهن بہ ڪين ڏسي سگهنداسون، اسان جو ننڍو ڪٽنب هاڻي تمام تڪڙو ڇڙ وڇڙي ٿيندو وڃي ٿو، ۽ مفلسيءَ نہ فقط ضرورت مگر بدنامي پڻ اسان تي آندي آهي، نيڪ سيرت ڇوڪريءَ جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، کيس گهڻو احساس رکندڙ ڏسي، پنھنجي مشڪلاتن جي سربستي احوال ڏيڻ کان پاڻ کي روڪي، جڏهن مون ڏٺو تہ وقت سندس پيار ۾ ڪا بہ تبديلي نہ آندي هئي ۽ جنھن وقت کان وٺي اسان سندس ملڪ ڇڏيو هو، ان وقت کان وٺي هن ڪيترا سڱ رد ڪري ڇڏيا هئا، تڏهن منھنجيءَ دل کي ڪافي تسلي پھتي، هوءَ ڪيترن رستن ۽ محرابدار واٽن ڏانھن اشارا ڪندي سڀ ڪنھن شيءِ مان ڪو نہ ڪو اشارو منھنجي پٽ سان تعلق رکندڙ ڪنھن سوال لاءِ چونڊيندي، مون کي ان جاءِ جي سڀني وسيع ۽ زرخيز ڀاڱن جي چوڌاري گهمائيندي رهي.
اهڙي نموني ۾ اسين ٽپھريءَ تائين گهمندا رهياسين، جيستائين گهنڊ جي آواز اسان کي معافيءَ واسطي اندر سڏيو، اتي اسان مٿي بيان ڪيل ناٽڪي ڪمپنيءَ جو مئنيجر ڏٺو، هو ”سٺو پڇتائيندڙ“ نالي هڪ کيل لاءِ ٽڪيٽون نيڪال ڪرڻ آيو هو، اهو کيل انھي ڏينھن شام جو ٿيڻو هو، هن چيو تہ ”هوريشو“ جو پارٽ هڪ اهو نوجوان ادا ڪندو، جو ڪڏهن بہ اسٽيج تي نہ آيو آهي“، هن نئين اداڪار جي تمام گهڻي ساراھہ ڪئي ۽ خاطريءَ سان چيائين، ”مون ڪڏهن بہ اهڙو ڪو بہ اداڪار نہ ڏٺو آهي، جنھن اهڙي سھڻي اداڪاريءَ سبب پنھنجو نالو ڪڍيو هجي“. هن وڌيڪ چيو، ابڪاريءَ هڪ ڏينھن ۾ ڪانہ سکي ويندي آهي پر هيءَ نوجوان ڄڻ تہ ناٽڪ ۾ ”اداڪاريءَ لائي ڄائو آهي، هن جو آواز، هن جو ڊول ۽ هن جون روشون جملي تعريف جوڳيون آهن، اسان کي هو رستي ۾ مسافريءَ ڪندي اوچتو هٿ لڳي ويو،“ هن احوال اسان جي دلين ۾ ان ناٽڪ ڏسڻ لاءِ خواهش پيدا ڪئي، ۽ عورتن جي التجا تي، آءٌ ساڻن گڏ ناٽڪ تي هلڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ ناٽڪ جي جاءِ هڪ ڀانڊي جھڙي هئي ۽ جيئن تہ اها هڪ جماعت جنھن سان آءٌ گڏ هوس، سان انھيءَ ڳوٺ ۾ سڀني جي قبوليت موجب مکيہ ۽ اعليٰ هئي، تنھن ڪري اسان جو تمام وڏي عزت سان استقبال ڪيائون ۽ اسان کي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ اڳيان جاءِ ڏنائون، اسين ”هوريشو“ جي ڏسڻ لاءِ تمام گهڻو منتظر هئاسون. آخر اهو نئون اداڪار اسٽيج تي آيو ۽ جڏهن مون ڏٺو تہ اهو منھنجو پٽ هو، تڏهن منھنجي دل ۾ جيڪي احساس پيدا ٿيا، سي ڀلي والدين پنھنجي احساسات سان تصور ۾ آڻين، هيءُ پنھنجي ڪم شروع ڪرڻ تي هو، مگر جڏهن هن پنھنجيون اکيون تماشبينن ڏانھن ڦيرايون، تڏهن ”مس ولماٽ“ ۽ مون کي ڏسي، سندس وايون وائڙيون ٿي ويون، پڙدي جي پويان ويٺل اداڪارن هن جي فطري ڊپ کي سندس ماٺ جو سبب سمجهيو ۽ کيس همت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائون مگر ڪم ڪرڻ بدران، هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ۽ يڪدم اسٽيج تان هيٺ لٿو، آءٌ چئي نٿو سگهان، تہ ان وقت منھنجي دل ۾ ڪھڙا خيال پيدا ٿيا هئا، ڇا ڪاڻ تہ اهي سندس احوال دريافت ڪرڻ لاءِ ايترو تہ تڪڙو هڪ ٻئي جي پويان پئي چڙهيا ۽ لٿا، جو انھن جو احوال ڪري نٿو سگهجي، ”مس ولماٽ“ جلدي مون کي اهڙي اڻوڻندڙ خمار مان جاڳايو، ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ مون کي عرض ڪيائين تہ آءٌ کيس چاچي جي گهر وٺي هلان، مسٽر آرنلڊ“ جو اسان جي هن غير رواجيءَ هلت کان اڃا تائين اڻ واقف هو، تنھن کي جڏهن خبر پيئي تہ اهو نئون اداڪار منھجو پٽ هو، تڏهن پنھنجي گاڏي ۽ هڪ ماڻھو کيس وٺي اچڻ لاءِ ڏياري موڪلائين، منھنجي پٽ وري ناٽڪ ۾ ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو، تنھن ڪري اداڪارن ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ۽ جلدي اسان سان اچي مليو، ”مسٽر آرنلڊ“ سندس آڌر ڀاءُ تمام سھڻي نموني ۾ ڪيو ۽ آءٌ ساڻس پنھنجي دستوري خوشي سان مليس. ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڪوڙيءَ ناراضگي جو ڪڏهن بہ مڪر ڪري ڪين سگهندو هوس. ”مس ولماٽ“ جو آڌرڀاءُ ظاهري طرح بي توجهيءَ وارو هو، پر تنھن هوندي بہ مون سھي ڪيو تہ هن گهڻي تڪليف کان ڪم ورتو هو، تمام گهڻي خوشيءَ سبب هن پھريائين ڪيتريون بيھوشيءَ جون ڳالھيون ڪيون ٿي، ۽ پوءِ وري بلند آواز سان پنھنجي ڪم عقلي تي کليائين ٿي، ڪن وقتن تي هن آرسيءَ ۾ ليئو پاتو ٿي، ڄڻ تہ پنھنجي لاثاني حسن جي آگاهيءَ تي خوش ٿي هئي، ۽ اڪثر پئي پڇيائين مگر جوابن ڏانھن ڪنھن بہ قسم جي توجهہ ڪونہ ٿي ڏنائين.

_____________
[1] هي سڀئي اخبارن جا نالا آهن، جي اخبارون گولڊ سمٿ جي زماني ۾ نڪرنديون هيون.
[2] هالينڊ (Holland) يورپ کنڊ ۾ الھندي ڪناري تي هڪ ننڍو ملڪ آهي، جنھن کي واهن وارو ملڪ ڪري ڪوٺجي ٿو، هتي جي رهاڪن کي ڊچ ڪوٺبو آهي.
[3] وينس (Venice) اٽليءَ جو سامونڊي بندر آهي، ائڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل آهي، ۽ وينس علائقي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
جَوَ جيتري ڪمي آڻن رعيت جي سچيءَ آزادي جي هڪ وعدي شڪني آهي، وطن جي حب ۽ انگريزن جي آزاديءَ جي نعرن اڳيئي گهڻو ڪجهہ ڪيو آهي ۽ اها اميد ڪجي ٿي تہ منھنجي پنھنجي زماني جي انھن آزاديءَ جي مڪر ڪندڙ سورمن مان گهڻن سان واقفيت هئي، مگر مون کي ڪو بہ اهڙو ماڻھو ڪو نہ سمجهي، جو پنھنجي دل ۽ پنھنجي خاندان ۾ ظالم نہ هو.“

باب ويھون: هڪ رولو فيلسوف

رات جي ماني کانپوءِ ”مسز آرنلڊ“ منھنجي پٽ جي سامان کڻي اچڻ لاءِ، ٻن نوڪرن جي موڪلڻ جي آڇ ڪئي، پھريائين ائين ڏسڻ ۾ ٿي آيو تہ هو ان آڇ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو، پر ”مسز آرنلڊ“ جي اصرار تي، هو کيس ان ٻڌائڻ تي مجبور ٿيو، تہ هن دنيا جي تختي تي سندس جملي متحرڪ شيون صرف هڪ لٺ ۽ هڪ بگري آهن، جن تي هيءَ فخر ڪري ٿي سگهيو، مون دانھن ڪري چيو، ”منھنجا پٽ! جڏهن تون مون وٽان ويو هئين، تڏهن بہ غريب هئين، ۽ جڏهن موٽي آيو آهين، تڏهن بہ تو کي غريب ٿو ڏسان، پر ان هوندي بہ مون کي خاطري آهي، تہ تو دنيا کي ڪافي حد تائين پروڙيو هوندو“ ڇوڪر جواب ڏنو، ”هائو سائين، پر دولت جي پويان مسافري ڪرڻ، ان جي حاصل ڪرڻ جو طريقو نہ آهي، ۽ سچ پچ تھ، گهڻي وقت کان وٺي مون ان جي جستجو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي،“ مسز آرنلڊ چيو ”آءُ ڀانيان ٿي، تہ تنھنجين سر گذشتن جو احوال ڏاڍو دلچسپ هوندو، انھن جو پھريون حصو مون اڪثر پنھنجي ڀائٽيءَ کان ٻڌو آهي، پر جيڪڏهن ڪچھريءَ کي باقي رهيل حصي کان واقف ڪيو ويندو، تہ اهو اوهان جو هڪ مزيد احسان ٿيندو،“ منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”خاتون، توهان کي خاطري ٿو ڏياريان، تہ جيڪا خوشي اوهان کي ان احوال ٻڌڻ مان حاصل ٿيندي، سا جيڪو فخر مون کي انھن جي وري بيان ڪرڻ ۾ ٿيندو، ان جي اڌ جيتري بہ نہ هوندي، تنھن هوندي بہ سموري احوال ۾ آءٌ پنھنجي هڪ ڪار گذاريءَ جو بہ وعدو ڪري نٿو سگهان، ڇا ڪاڻ تہ منھنجو بيان جيڪي مون ڪيو، ان جو نہ آهي، مگر ان جو آهي، جيڪي مون ڏٺو، اوهان کي خبر آهي تہ منھنجي حياتيءَ جي پھرين بدبختي تمام وڏي هئي، جيتوڻيڪ ان مون کي تڪليف ڏني پر مون کي تباھہ ڪري نہ سگهي، ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي مون کان وڌيڪ اميد ڪرڻ جو فن نہ هو، هڪ وقت تي نصيب کي گهٽ مھربان ڏٺم، تہ ان (اميد) جي ئي طفيل ٻئي دفعي ان جي وڌيڪ مھربان ٿيڻ جي توقع ڪيم، جڏهن بخت جو چڪر مون کي تنزل جي تري ۾ وڃي ڦٽو ڪندو هو، تڏهن اميد ڪندو هوس تہ ان جو هر ڪو ڦيرو مون کي مٿي ڇڪي سگهندو، مگر مون کي ناس ڪري نہ سگهندو، هڪ وڻندڙ صبح جو لنڊن ڏانھن روانو ٿيس ۽ ايندڙ ڏينھن بنسبت ڪنھن بہ طرح بي آرام ۽ بي چين نہ هوس، پر اهڙو خوش هوس، جھڙا اهي پکي جن رستي جي پاسن تي خوشيءَ جا گيت ڳايا ٿي ۽ پاڻ کي هن خيال سان تسلي ڏنم، تہ لنڊن هڪ اهڙي منڊي آهي، جتي هر قسم جي لياقتن کي مرتبي ۽ انعام ملڻ جي خاطري آهي، شھر ۾ پھچڻ کانپوءِ، مون کي پھرين پنھنجي سئوٽ کي توهان جي خط پھچائڻ جي ڳڻتي لڳي، جنھن جون حالتون مون کان بھتر نہ هيون، بابا! توهان کي خبر آهي تہ منھنجي پھرين خواهش ڪنھن درسگاھہ ۾ نائب ماستر ٿيڻ جي هئي ۽ مون انھيءَ بابت کانئس صلاح پڇي، هن ان رٿ کي سٺي نموني کلندي ٻڌو، هن چيو ، ”ها سچ پچ تہ اهو تمام سٺو پيشو آهي، جو توهان پنھنجي لاءِ رٿيو آهي، آءٌ پاڻ هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ نائب ماستر ٿي رهيو آهيان. آءٌ اهڙي نيو گيٽ[1] جي جيل مثل بنديخاني ۾ نوڪري ڪريان، ان کان ائين چڱو آهي تہ ڪاري نانگ جي چڪ وگهي مري وڃان.
آءٌ اويل سول اٿندو هوس تہ ماستر مون کي ڌمڪائيندو هو، ماسترياڻي بد شڪل هئڻ سبب مون کي ڌڪاريندي هئي، اندر ڇوڪرا مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ ٻاهر نڪري ٻين مانھن سان ملڻ لاءِ ڪڏهن بہ اجازت نہ ملندي هيم. تو کي خاطري آهي تہ تون اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لائق آهين؟ اچ، تہ آءٌ تنھنجو امتحان وٺان، ڇا تو انھيءَ ڌنڌي جي ڪڏهن سکيا ورتي آهي؟ نہ تہ پوءِ اسڪول لائق ٿي نہ سگهندين، ڇا تون ڇوڪرن جا وار ٺاهي سگهندين؟ نہ تہ پوءِ اصل اسڪول لاءِ ڪارائتو نہ ٿيندين، ڇا توهين ٽي ٽي ٿي هڪ بستري تي سمھي سگهو ٿا؟ نہ تہ پوءِ تون اسڪول لاءِ ڪارگر ٿي ڪين سگهندين. ڇا تنھنجو پيٽ سالم آهي؟ ها، تہ پوءِ تہ ڪنھن بہ صورت ۾ اسڪول لاءِ ٺيڪ نہ ٿيندين. سائين جيڪڏهن توهين هڪ آسان ۽ شريف ڌنڌي جي طلب رکو ٿا، تہ پوءِ ڪتر جي مشين ڦيرائڻ لاءِ پاڻ کي ستن سالن لاءِ شاگرد طور پابند رکو، مگر ڪنھن بہ نموني اسڪول کان پاسو ڪريو“ هن سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو. ”تنھن هوندي بہ اچ، آءٌ ڏسان ٿو تہ تون علم ۽ اتھاس وارو نوجوان آهين. مون وانگر مصنف ٿيڻ بابت تنھنجو ڪھڙو خيال آهي؟ تو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، تہ هن وقت ڪيترا ذهن ۽ ذڪا وارا ماڻھو واپار ۾ بک پيا مرن، مگر آءٌ توکي اهڙا بنھه ڪند دماغ ماڻھو شھر ۾ ڏيکاري سگهندس، جيڪي ان مصنفيءَ جي ڌنڌي تي تمام سکيو وقت پيا گذارين، اهي سڀئي ايماندار عام ماڻھو جي نرميءِ ۽ ساده دليءَ سان گذارين ٿا، تاريخ ۽ سياست تي ڪتاب لکن ٿا ۽ ساراهيا وڃن ٿا، سي جيڪڏهن بنياد کان وٺي موچي هجن ها، تہ بہ هوند سڄي عمر صرف بوٽ ڳنڍين ها، مگر نوان اصل ٺاهي ڪين سگهن ها.
جيئن تہ مون معلوم ڪيو تہ هڪ نائب ماستريءَ جي ڌنڌي سان ڪوبہ فضيلت وارو درجو وابستا ڪو نہ آهي، تنھن ڪري سندس تجويز قبول ڪيم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي هئڻ سبب، ”گربرز سٽريٽ“[2] ۾ رهندڙن جو احترام سان سلام ڪيم. مون ان رستي تي هلڻ پنھنجي لاءِ اقتدار وارو سمجهيو، جو مون کان اڳ مشھور مصنفن ”ڊرائيڊن“ ۽ ”اوٽوي“ لتاڙيو هو، مون هن ڀاڱي جي ديويءِ کي فضيلت جو سر چشمو سمجهيو ، ۽ تنھن هوندي بہ سمجهيم، تہ دنيا سان ميل جول شايد اسان کي سٺو مزاج بخشي، غربت، جا ان نوازش ڪئي، تنھن کي مون غير معمولي ذهانت جي دائي ڪري سمجهيو، انھن ويچارن سان مالا مال ٿيڻ تي پاڻ کي تمام خوش سمجهيم، مون ڏ‎ٺو تہ بھترين ڳالھيون صرف غلط طرف ڏانھن ئي لکڻ لاءِ رهيل هيون ۽ اهڙي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيم جو، مڪمل طرح نئون هجي، انھيءَ ڪري مون ڪن غلط نما حقيقتن کي قابليت سان سينگاريو، اهي درحقيقت غلط هيون، مگر نيون هيون، سچ جا جواهر اڪثر ٻين مصنفن ايتري قدر تہ پنھنجين تصنيفن ۾ آڻي ڇڏيا هئا، جو منھنجي لکڻ لاءِ سواءِ ڪن عجيب شين جي پريان سڀ ڪنھن نموني ۾ سچيون نظر آيون ٿي، ٻي ڪابہ شيءِ ڇڏيل نہ هئي، خبر نہ آهي، تہ جڏهن مون لکيو پئي، تڏهن ڪھڙي وهمي طاقت منھنجي قلم تي پنھنجا کنڀ کولي ويٺي ٿي، مون کي خاطري هئي، تہ سڄي تعليم يافتہ دنيا منھنجي طريقي جي مخالفت لاءِ اٿي کڙي ٿيندي، مگر آءٌ سڄي علمي دنيا جي مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار هوس، جيئن سيڙھہ پنھنجي چھنبدار ڪنڊن وسيلي دشمن سان لڙڻ لاءِ تيار ٿي وڙهندي آهي، تيئن آءٌ پڻ پنھنجي قلم وسيلي، سڀ ڪنھن مخالفت سان لڙڻ لاءِ مڪمل اطمينان سان تيار ٿي ويھي رهيس.
مون واڪو ڪري چيو، ”منھنجا پٽ، چڱو چيئي ۽ ڪھڙي مضمون تي تو قلم فرسائي ڪئي؟ مون کي اميد آهي، تہ تو هڪ شاديءَ جي اهميت تي چشم پوشي نہ ڪئي هوندي، پر آءٌ وچ ۾ ڳالھايان ٿو، هلندو هل، تو پنھنجون غلط نما حقيقتون ڇپايون، تمام چڱو ۽ علمي دنيا تنھنجي غلط نما حقيقتن تي ڇا چيو؟ “
منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”بابا، پڙهيل دنيا منھنجي غلط نما حقيقتن تي ڪجهہ بہ نہ چيو، اصل ڪجهہ بہ نھ، هنن مان هرهڪ پاڻ کي پنھنجن دوستن کي ساراهڻ ۾، يا پنھنجن دشمنن کي نندڻ ۾ مشغول هو، ۽ بدنصيبي سان جيئن تہ منھنجو نڪو هو، ڪو دوست نڪو دشمن، انھيءَ ڪري مون بي توجهيءَ جي نھايت ظالماڻي ذلت برداشت ڪئي. هڪ ڏينھن جيئن آءٌ هڪ ”ڪافي گهر“ ۾ پنھنجي غلط نما حقيقتن جي نصيب تي ويچار ڪري رهيو هوس، تيئن هڪ ڇوٽي قد وارو ماڻھو اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ۽ منھنجي اڳيان ڪوچ تي اچي ويٺو، ڪجهہ اوائلي گفتگو کانپوءِ، هن مون کي تعليم يافتہ ڏسي ٻڌايو تہ هو ”پراپرٽيس“[3] جو شرح سان نئون ڇاپو دنيا اڳيان پيش ڪري رهيو هو، ۽ هڪ تجويزن جو ٿهو منھنجي اڳيان رکي، مون کان ان لاءِ چندي جي طلب ڪيائين، مون کيس جواب ڏنو، ”مون کي پئسو ڪونھي“. هن جواب کيس مون کان منھنجن ارادن جي نوعيت بنسبت احوال پڇڻ تي آماده ڪيو، جڏهن هن ڏٺو، تہ منھنجا ارادا اهڙا ئي وڏا هئا. جھڙو منھنجو ٻٽون، تڏهن هن دانھن ڪري چيو، ”آئون سمجهان ٿو تہ تون هن شھر جي جي زندگيءَ کان اڻ واقف آهين. آءٌ تون کي ان بابت ڪجهہ سمجهائيندس‏. هي تجويزن جا ڪاغذ ڏس، هن ساڳين تجويزن جي بدولت مون ٻارنھن سال آسودگيءَ سان گذران ڪيو آهي، جنھن وقت ڪو بہ عزت وارو امير ماڻھو پنھنجي سفر تان واپس اچي ٿو، هڪ گاڏڙ نسل وارو ڏکڻ ”آفريقا“ جو رهاڪو ”جميڪا“ کان، يا ڪا شاهوڪار بيوه عورت، پنھنجي ٻھراڙيءَ واري رهائشگاھہ کان، تہ آءٌ يڪدم ان کي چندي لاءِ چوان ٿو. آءٌ پھريائين سندن دلين کي خوشامد سان خوش ڪندو آهيان، ۽ پوءِ پنھنجون تجويزون پيش ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو پھرئين دفعي ٺھہ پھہ چندو ڏيندا آهن، تہ آءٌ پنھنجي عرض کي وري عطيي لاءِ نئون ڪندو آهيان، جيڪڏهن اهي مون تي ان جي بہ نوازش ڪندا آهن، تہ آءٌ کين اڳواڻ جي حيثيت ۾ مشھور ڪرڻ تي اڪن ڇڪن ڪندو آهيان، اهڙيءَ طرح آءٌ سندن رقم تي فخر سان رهندو آهيان، ۽ مٿانئن کلندو آهيان، پر هاڻي هو مون کي گهڻي قدر سڃاڻن ٿا، آءٌ نھايت گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن اوهين ٿوري وقت لاءِ منھنجي جاءِ وٺندا، هن وقت هڪ وڏي مرتبي وارو امير اٽليءَ کان واپس وريو آهي، منھنجي شڪل سندس دربان سان گهڻي قدر گهايل مايل آهي، تون جيڪڏهن هيءَ شعر جو ڪتاب کيس پيش ڪندين تہ منھنجي حياتيءَ جو قسم تون ان ۾ ڪامياب ٿيندين ۽ پوءَ پاڻ ٻئي اها رقم پاڻ ۾ ورهائينداسون.
مون واڪو ڪري چيو، ”ڌڻي شال پناھہ ڏئي! ڇا شاعرن لاءِ اهو ڌنڌو وڃي بچيو آهي! ڇا اعليٰ لياقتن وارا ماڻھو هن نموني پنڻ کي چنبڙي پيا آهن؟ ڇا اهي پنھنجي پيشي کي ايترو ذليل ڪري سگهن ٿا، جو پيٽ خاطر ساراھہ ڪرڻ جوا ادنيٰ واپار اختيار ڪن؟“ هن جواب ڏنو، ”نہ سائين، هڪ سچو پچو شاعر ڪڏهن بہ اهڙو خسيس ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ذهن ۽ ذڪاءُ آهي، اتي خو داري آهي، ماڻھو جن جو آءٌ ذڪر ڪريان ٿو، سي صرف شاعراڻي لباس ۾ پينو آهن. سچو شاعر جيئن ناموس لاءِ سڀ ڪنھن سختيءَ سان لڙي ٿو، تيئن بدناميءَ کان بہ ڊڄي ٿو، مگر اهي ماڻھو جي پاڻ خود اڻ لائق آهن، سي نظم گوئيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري پنھنجو گذران حاصل ڪن ٿا، جيئن تہ منھنجي دل ايتري خوددار هئي، جو اها ڪنھن بہ گهٽتائيءَ اڳيان ڪنڌ نمائي نٿي سگهي، ۽ ان هوندي بہ اهڙو تہ هيٺائون نصيب هئم جو ناموس خاطر ٻيءَ ڪنھن ڪوشش ڪرڻ لاءِ دل جهلي نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري هاڻي آءٌ وچئين رستي اختيار ڪرڻ ۽ مصنفيءَ جي ڌنڌي وسيلي گذران حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، پر جتي صرف ڪاريگريءَ سان ئي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي، آءٌ ڪنھن بہ ڌنڌي لاءِ سَندَ يافتہ نہ هوس، منھنجيءَ دل ۾ داد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا خواهش هئي، ان کي ختم ڪري نہ سگهيس، اهو وقت جو مون کي ڪنھن وچٿري ڌنڌي ۾ لڳائي، ان مان هميشہ لاءِ فائدي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ گهربو هو، سو مون ان سر بلنديءَ پويان ڪوششن ۾ خرچ ڪيو، جنھن تمام ٿوري اهميت ٿي رکي، منھنجي ننڍڙي اخبار، نوبتي مخزنن سان گڏ گمناميءَ ۾ ڇپجڻ لڳي، خلق منھنجي تحرير جي سلاست ۽ روانيءَ يا منھنجي قسطن جي ميل ڏانھن چتائي ڏسڻ کان وڌيڪ، ڪنھن ٻئي خاص ڪم ۾ مشغول هئي. پرچي پويان پرچو گوشئه گمناميءَ ۾ اڇلايو ويندو هو. منھنجا مضمون آزاديءَ. اڀرندي وارن ملڪن جي ڳالھين، ڇتي ڪتي جي چڪ جي علاجن وارين تصنيفن سان گڏ دفن ڪيا ويا، ليڪن ساڳئي وقت ٻين سڀني خود پسند، حق پسند آزادي پسند ۽ انسان پسند مضنفن کي سڄو ليکڪ سمجهيو ويو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ هنن مون کان وڌيڪ تڪڙو لکيو ٿي.
هاڻي آءٌ انھن پاڻ جھڙن دل شڪستہ مصنفن کانسواءِ ٻئي ڪنھن سان بہ تعلق ڪو نہ رکندو هوس، جي هڪ ٻئي کي ساراهيندا، هڪ ٻئي تي افسوس ڪندا، ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪاريندا هئا، ادبي فن جي ادائگي جيڪا اسان سڀ ڪنھن مشھور مصنف جي تصنيفن ۾ ڏٺي، سان سندن لياقتن جي بر عڪس هئي، مون ڏٺو تہ جيڪو شعور ٻين ۾ موجود هو، سو مون کي راضي ڪري نٿي سگهيو، منھنجي غلط نما حقيقتن تسليءَ جو چسمو مڪمل طرح خشڪ ڪري ڇڏيو هو. آءٌ خاطر جمعيءَ سان نڪي لکي ۽ نڪي پڙهي ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ تہ ٻئي جي سر بلندي منھنجي ناپسندي هئي،۽ لکڻ منھنجو ڌنڌو هو، هڪ ڏينھن جيئن آءٌ ”سينٽ جيمس جي باغيچي“ ۾ هڪ بينچ تي اداسي جي خيال ۾ ويٺو هوس، تيئن هڪ اعليٰ مرتبي وارو نوجوان ، جو يونيورسٽيءَ ۾ منھنجو گهرو دوست هو، سو منھنجي ويجهو آيو، اسان هڪ ٻئي کي ڪجهہ هٻڪ سان سلام ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ کيس هڪ اهڙي ماڻھو سان آشنائيءَ هئڻ تي شرم ٿيو، جنھن جو ظاهري ڏيک ويک تمام خراب هو ۽ مون کي وري سندس ڌڪار جو خوف هو، پر منھنجا شڪ جلدي دور ٿي ويا، ڇا ڪاڻ تہ ”نيڊ ٿارنھل“ تمام سٺيءَ سيرت وارو نوجوان هو.
مون کيس وچ ۾ روڪيندي چيو، ”جارج“ تو ڇا چيو؟ ڇا، سندس نالو ”ٿارنھل“ هو؟ مون کي خاطري آهي، تہ اهو پنھنجي زميندار کان سواءِ ڪو ٻيو نہ هوندو“ ”مسز آرنلڊ“ واڪو ڪري چيو، ”مھرباني ڪري مون کي ٻڌايو تہ ڇا ”مسٽر ٿارنھل“ توهان جو ايترو ويجهو پاڙيسري آهي؟ هو گهڻي وقت کان وٺي اسان جي خاندان جو دوست ٿي رهيو آهي، ۽ اسان کي اميد آهي تہ هو جلد اسان وٽ ايندو“
”جارج“ پنھنجي گفتگو جاري رکندي، چيو، ”منھنجي دوست جي پھرين ڳڻتي اها هئي، تہ آءٌ سندس عاليشان ڪپڙن جي وڳي پھڙڻ سان پنھنجو ظاهري ڏيک بدلايان، ان کانپوءِ مون کي اڌ دوست ۽ اڌ زبردست جي حيثيت ۾ سندس کاڌي جي دستر خوان تي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي، نيلامن تي سندس حاضريءَ ۾ رهڻ، فوٽو ڪڍائڻ وقت کيس مسرت ۾ رکڻ، سندس محبوبہ جي غير موجودگيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ هئڻ، ۽ جيئن ٿورن لفظن ۾ چئجي، تہ جڏهن اسان کي روشني ڪرڻ تي دل هوندي هئي، تڏهن رات جي وقت پھريدار سان تڪرار ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪرڻ منھنجو ڌنڌو هوندو هو، ان کانسواءِ مون کي گهر ۾ ٻيون ڪيتريون سنھيون مشغوليون پڻ هيون، آءٌ سواءِ حڪم ملڻ جي گهڻي ئي سنھا ڪم ڪندو هوس، ٻوچ ڪڍڻي کڻڻ، بورچيءَ جي ٻارن جي نالي رکڻ وقت نيڪ ڪمن لاءِ وعدي ڪندڙ ٿيڻ، حڪم ملڻ تي ڳائڻ، ڪڏهن بہ خوش مزاجي نہ ڇڏڻ ، هميشہ حليم ٿي گذارڻ ۽ جيترو ممڪن هو اوترو گهڻو خوش رهڻ،
تنھن هوندي بہ هن عزت ڀريي عهدي تي آءٌ هڪ رقيب کان آجو نہ هوس، هڪ جهاز جو ڪپتان، جنھن کي قدرت هن جاءِ لاءِ منتخب ڪيو هو، تنھن منھنجي آقا وٽ منھنجي مخالفت ڪئي، سندس ماءُ هڪ سکر ماڻھوءَ جي ڌوٻياڻي هئي، انھيءَ ڪري هن جي دل ۾ خسيس ڪمن ۽ بدنامي جي ڪمن ڪرڻ لاءِ دلچسپي پيدا ٿي، هن سکر ماڻھوءَ پنھنجي زندگيءَ جو خاص شغل، اميرن سان واقفيت رکڻ بنايو هو، جيتوڻيڪ بيوقوفي جي ڪري ڪيترا ڌڪاريندا هئس، تڏهن بہ اهڙن ڪيترن ماڻھن کي هٿ ڪيائين، جي جھڙس ئي موڳا هئا ۽ جن سندس ڪوششن کي ڪامياب بنايو، خوشامد سندس پيشو هو، ۽ ان کي تصور ۾ اچي سگهڻ جھڙيءَ ڪثرت سان استعمال ڪائين، پر مون کي ٻئي خوشامد ڪرڻ بيھودي ۽ مشڪل لڳندي هئي، جيئن هر روز منھنجي آقا جي خواهش خوشامد لاءِ وڌندي رهي هئي. تيئن هر گهڙيءَ ۾ سندس ڪمزورين کان وڌيڪ واقف ٿيڻ ڪري، آءٌ خوشامد ڪرڻ کان بيدليو ٿيندو ويس، اها حالت ان نوبت کي پھتي، جو هڪ دفعي جڏهن منھنجي آقا منھنجيءَ مدد جي طلب ڪئي، تڏهن آءٌ اهو ميدان ڪپتان لاءِ ڇڏڻ تي دلي طرح راضي هوس، اها مدد سندس بدران ان معزز سان دوبدو مقابلي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا نہ هئي، جنھن جي ڀيڻ بنسبت ڪوڙي دعويٰ ڪئي ٿي ويئي، تہ ”ٿارنھل“ ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، مون يڪدم سندس حڪم جي بجا آوري ڪئي،۽ جيتوڻيڪ آءٌ ڏسان ٿو، تہ توهين منھنجيءَ ان هلت تي ناراض ٿيا آهيو، تہ بہ جيئن تہ اهو ڪم دوستيءِ سبب لازما ڪرڻو هو، انھيءَ ڪري آءٌ انڪار ڪري ڪين سگهيس، مون اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ حريف کان هٿيار ڇڏايم، ۽ جلدي مون کي اهو معلوم ڪري خوشي نصيب ٿي، تہ هوءَ هڪ شھري تجربيڪار عورت هئي ۽ اهو شخص صرف سندس غنڊو ۽ دغاباز هو، خدمت جو عيوضو مون کي گهڻن ئي احسانمنديءَ جي اقرارن سان ڏنو ويو، پر جيئن تہ منھنجو دوست ٿورن ڏينھن بعد شھر ڇڏڻ وارو هو، انھيءَ ڪري سندس چاچي ”سروليم ٿارنھل“ ۽ هڪ ٻئي وڏي مرتبي واري سرڪاري عهديدار امير ماڻھوءَ کي منھنجي سفارش ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ منھنجي خدمت ڪرڻ جو رستو ڪو نہ ٿي سمجهيو، سندس رواني ٿيڻ بعد آءٌ سندس سفارشي خط سندس چاچي ڏانھن کڻي ويس، جو هڪ اهڙو ماڻھو هو، جنھن جو اخلاق سڀني فضيلتن بنستب عالمگير هو، ليڪن انصاف تي مبني هو، سندس نوڪرن منھنجو استقبال گهڻي مھمان پروريءَ سان ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ گهرو نوڪر هميشہ پنھنجي آقا جي فيض جي نموداري ڪندا آهن، مون کي هڪ عاليشان صفحي ۾ ويھاريو جتي ”سر وليم“ جلد آيو، مون پنھنجو خط کيس ڏنو، خط پڙهيائين ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ مون کي چيائين، ”سائين، مھرباني ڪري مون کي ٻڌايو، تہ توهان منھنجي عزيز لاءِ ڇا ڪيو آهي، جو اهڙي زبردست سفارش جا مستحق ٿيا آهيو؟ آئون سمجهان ٿو ۽ توهان جي لياقتن بابت اندازو لڳائي سگهان ٿو، تہ توهان سندس پاران وڙهيا آهيون ۽ انھيءَ ڪري توهان مون وٽان هڪ اجوري حاصل ڪرڻ جي اميد رکندا هوندئو، ڇا ڪاڻ تہ توهين سندس بَدَيَن ۾ ساڻس مددگار ٿيا آهيو، آءٌ چاهيان ٿو ۽ دلي خواهش رکان ٿو، تہ منھنجو هينئر انڪار توهان جي گناھہ جي سزا ٿئي ، پر اڃا بہ وڌيڪ خواهش اٿم تہ اها توهان کي پڇتاءَ لاءِ سبق ڏيندڙ ٿئي،“ هن جي ڇينڀ مون صبر سان برداشت ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ مون سمجهيو، تہ اها انصاف تي مبني هئي، هاڻي منھنجون جملي اميدون امير ڏانھن لکيل سفارشي خط سان وابستا هيون، جيئن تھ، اميرن جا در گهڻو ڪري انھن فقيرن سان گهيريل آهن، جي سڀئي اندر ڪنھن مڪاريءَ واري عريضي موڪلڻ لاءِ تيار هوندا آهن، تنھن ڪري مون اجازت حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نہ ڏٺو ۽ جيڪا بہ دنيوي دولت هيم، ان جو اڌ نوڪرن کي رشوت طور ڏيڻ سان مون کي هڪ وسيع ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ملي، مون پنھنجو خط امير صاحب جي ملاحظي لاءِ اڳيئي موڪليو هو، امير لاءِ انتظار ۾ ويھڻ واري عرصي ۾ مون کي پنھنجي چوڌاري نھارڻ جو موقعو ملي ويو، هر ڪا شيءَ شاندار ۽ وڻندڙ نموني سينگاريل هئي، نقاشيءِ، فرنيچر ۽ ململا سازيءَ مون کي پنھنجي رونق سان حيرت ۾ پنڊ پھڻ بنائي ڇڏيو ۽ سندن مالڪ بنسبت منھنجي اندازي کي وڌائي ڇڏيو، مون دل ۾ عجب کاڌو ۽ ويچار ڪيو، تہ هنن سڀني شين جو مالڪ ضرور ڪيڏيءَ نہ اعليٰ حيثيت وارو هوندو، جو پنھنجي دماغ ۾ سڄيءَ حڪومت جي ڪاروبارجو انتظام رکي ٿو، ۽ جنھن جي گهر ۾ هڪ بادشاهيءَ جو دولت اڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، خاطري آهي تہ سندس غير معمولي ذهانت ناقابل فھم هوندي، انھن ويچارن ڪندي مون هڪ ماڻھوءَ جي پيرن جو آواز ڳورائيءَ سان اڳتي ويندو ٻڌو، ”اجهو هيءُ خود اهو امير پاڻ آهي“. مون دل ۾ چيو، نھ، اها صرف هڪ ڪمري جي نوڪرياڻي هئي، جلدي ٻئي جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هيءُ ضرور اهو هوندو“. نہ اهو صرف ان امير جي حاضريءَ جو نوڪر هو، آخر امير تشريف فرما ٿيو، هن واڪو ڪري چيو، ”ڇا ، اهو تون آهين، جنھن هيءَ خط آندو آهي،؟“ مون هيٺ جهڪڻ سان جواب ڏنو، هن وڌيڪ چيو، ”هن مان آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو ڪيئن ٿيو....“ پر انھيءَ وقت هڪ نوڪر کيس هڪ چٺي آڻي ڏني، سواءِ ڪنھن بہ وڌيڪ توجهہ ڏيڻ جي هيءُ ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو، ۽ مون کي پنھنجي خوشيءَ تي حسرت کائڻ لاءِ ڇڏي ويو، مون کيس وريءَ ڏٺو، جيستائين سندس نوڪر مون کي ٻڌايو امير صاحب پنھنجي گاڏيءِ ڏانھن وڃي رهيو آهي، آءٌ يڪدم سندس پويان لڳس، ۽ ٻين ٽن يا چئن عرضدارن سان گڏ سندس پويان واڪا ڪندو هليس. مگر امير اسان کان وڌيڪ تڪڙو هلندو ويو ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو وڃي، گاڏيءَ جي دروازي تائين پھتو، آءٌ جواب معلوم ڪرڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيس . هو ان وقت تائين گاڏي ۾ اندر پھچي چڪو هو، ۽ ڪو جواب چپن ۾ چيائين‏، جنھن جو فقط اڌ مون ٻڌو، ۽ ٻيو اڌ گاڏيءَ جي ڦيٿن جي آواز ۾ گم ٿي ويو. آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ ڳاٺ مٿي ڪري هڪ ان ماڻھوءَ وانگر بيٺو هوس جو ڪن شاندار لفظن ڏانھن ڌيان ڏيئي رهيو هجي، آخر چوڌاري نھاريندي مون ڏ‎ٺو ، تہ آءٌ امير جي دروازي تي اڪيلو بيٺو هوس.
منھنجي پڻ سلسلئه ڪلام جاري رکندي چيو، ”منھنجي صبر جو پيالو هاڻي مڪمل طرح لبريز ٿي چڪو هو، هزارين بي آبرو ٿيل سامن کي منھن ڏيڻو پيو هو، انھن کان بيزار هئڻ سبب مون پاڻ کي فنا ڪرڻ جي تمنا ٿي رکي، فقط ڪا ڳڙڪ مون کي پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ گهربل هئي، مونپاڻ کي انھن خسيس شين مان هڪڙو سمجهيو، جن کي قدرت ڪن ڪچري واريءَ جاءِ تي اڇلڻ ۽ اتي گمناميءَ ۾ ناس ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو آهي، انھن سڀني ڳالھين هوندي بہ مون وٽ اڃا تائين اڌ گني بچيل هئي، مون ان اڌ گنيءَ بابت ويچار ڪيو، تہ قدرت کي پڻ مون کي ان کان محروم ڪرڻ نہ گهرجي، پر ان کان مطمئن ٿيڻ لاءِ مون يڪدم ان کي خرچ ڪرڻ ۽ پوءِ وڌيڪ وقت لاءِ حالات تي ڀروسي رکڻ جو ارادو ڪيو، جيئن آءٌ ان ارادي سان وڃي رهيو هئس، تيئن مون کي ”مسٽر ڪرسپ“ جو دفتر ڏسڻ ۾ آيو، جو نھايت دلڪشيءَ پيدا ڪندڙ نموني ۾ کليل هو، ۽ مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهيو هو، هن آفيس ۾ ”مسٽر ڪرسپ“ سرڪار نامدار جي سڀني رعيتن کي ساليانو ٽيھن پائونڊن جي ڏيڻ جو سخاوت ڀريو وعدو ڪري رهيو هو ۽ ان وعدي جي عيوض سڀ ڪجهہ جيڪي ڪجهہ هنن ڏنو ٿي، سو هو حياتيءَ ڀر پنھنجي آزاديءَ تان هٿ کڻڻ، ۽ کيس اها اجازت ڏيڻ تہ هو ڀلي کين ”آمريڪا“ ڏانھن غلامن طور روانو ڪري آءٌ اهو دفتر ڏسي خوش ٿيس، ڇا ڪاڻ تہ اتي آءٌ پنھنجي نا اميدي جي خوفن کي وڃائي ٿي سگهيس، آئون انھيءَ غار ۾ گهڙيس، جنھن جو ظاهري ڏيک هڪ راهب جي عابد گاھہ جھڙو هو، اتي مون پاڻ جھڙن ٻين غريب انسانن جو وڏو هجوم ڏٺو، اهي سڀئي مون وانگر خراب حالتن ۾ مبتلا ٿيل هئا ۽ ”مسٽر ڪرسپ“ جي تشرف فرما ٿيڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا هئا ۽ انگريزي بي صبريءَ جو حقيقي نمونو پيش ڪري رهيا هئا. هر هڪ بد نصيب انسان پنھنجي بدنصيبي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو، آخر ”مسٽر ڪرسپ“ تشريف فرما ٿيو ۽ اسان جي سموري ڀڻ ڀڻ بند ٿي ويئي، هن مون تي خاص نموني ۾ تعظيم ڪرڻ جي نوازش ڪئي ۽ سچ پچ تہ گذريل مھيني کان هيءُ ئي پھريون ماڻھو، جنھن مون سان مشڪي ڳالھايو، ٿورن سوالن پڇڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو، تہ آءٌ دنيا جي هر ڪنھن ڪم ڪرڻ لائق هوس، هن ڪجهہ وقت منھنجي لاءِ تمام موزون طريقن مھيا ڪرڻ جي سوال تي ويچار ڪيو ۽ پنھنجي پيشانيءَ تي اهڙي نموني ڌڪ هنيائين جو ڄڻ تہ کيس اهـو طـريـقـو سجهي آيو هـو، هـن مون کي چـيـو، ” هن وقت ”پينسلوينيا“[4] جي ڪـائـونـسـل طرفان ڏکڻ ”آمريڪا“ جي هڪ قوم، ”چڪاسا انڊين“[5] ڏانھن هڪ ايلچيءَ موڪلڻ بنسبت گفتگو هلي رهي آهي، آءٌ پنھنجي سموري طاقت توکي سيڪريٽري جي جڳھہ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪم آڻيندس“. مون پنھنجيءَ دل ۾ سھي ڪيو، تہ هن ڪوڙ ڳالھايو، پر سندس آواز ۾ اهڙي ڪا ڪوشش هئي، جو ان هوندي بہ سندس وعدي مون کي خوشي ڏني، انھيءَ سبب مون پنھنجيءَ اڌ گنيءَ کي ايمانداريءَ سان ورڇيو، ان جو اڌ سندس ٽيھن هزارن پائونڊن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس حوالي ٿيو، ۽ ٻئي مان مون ڀر واري شراب خاني ۾ کانئس وڌيڪ خوش ٿيڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو.
جيئن آءٌ انھيءَ ارادي سان ٻاهر پئي ويس، تيئن دروزاي وٽ مون کي هڪ جهاز جو ڪپتان مليو، ان ماڻھوءَ سان منھنجي اڳي ڪجهہ واقفيت هئي، ۽ هن مون سان شراب جي پيالي ۾ شريڪ ٿيڻ قبول ڪيو.
جيئن تہ مون پنھنجي حالات کي ڳجهو رکڻ پسند نہ ڪيو، انھي ڪري هن مون کي خاطري ڏني، تہ ان آفيس جي ڪارڪنن جي وعدن تي اعتبار ڪرڻ سبب آءٌ اصل پنھنجي برباديءَ جي ڪڙيءَ تي اچي پھتو هوس، ڇاڪاڻ تہ ”مسٽر ڪرسپ“ جو ارادو صرف مون کي آمريڪا جي نو آبادين ڏانھن وڪري ڪرڻ جو هو، هن وڌيڪ چيو، ”مون کي اميد آهي، تہ تمام ننڍي بحري مسافريءَ بدولت، تون بلڪل سھولت ۽ شرافت سان روزگار جو ذريعو هٿ ڪري سگهندين، منھنجي صلاح وٺ، منھنجو جهاز سڀاڻي ”آئمسٽرڊئم“[6] ڏانھن روانو ٿيندو، تو کي خبر آهي تہ جيڪڏهن تون اوڏانھن هلندين ، تہ ڇا ٿيندو؟ انھيءَ ساعت جڏهين تون زمين تي پير رکندين، تڏهين تو کي ڊچن کي انگريزي سيکارڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو، ۽ آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان تہ تو کي ڪافي شاگرد ۽ پئسا ملندا، هن پنھنجي سلسلي ڪلام کي جاري رکندي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو تہ تون هن وقت تائين انگريزي چڱيءِ طرح ڄاڻين ٿو، نہ تہ ان ڪم ۾ مشڪلات ٿي پوندي“. مون ان بابت کيس خاطري ڏني، مگر ڊچن جي انگريزيءَ سکڻ جي چاهنا متعلق شڪ ظاهر ڪيم، هن قسم تي مون کي خاطري ڏني، تہ ڊچ ماڻھو ان جي سکر جي شوق ۾ پريشان آهن، هن جي يقين ڏيارڻ تي مون سندس رٿ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينھن ڊچن کي انگريزيءِ سيکارڻ لاءِ جهاز رستي ”هالينڊ“ ڏانھن روانو ٿيس، هوا سڻائي ۽ مسافري ننڍي هئي، پنھنجي متحرڪ ملڪيت جو اڌ ڀاڙي طور ڏيڻ کان پوءِ، مون پاڻ کي ”ائمسٽرڊئم“ جي گهٽين مان هڪ ۾ آسمان مان هيٺ ڪريل هڪ اجنبي ماڻھوءَ وانگر ڏٺو، هن حالت ۾ مون نٿي چاهيو، تہ منھنجو ڪجهہ بہ وقت سيکارڻ ۾ مشغول هئڻ کانسواءِ گذري، تنھن ڪري مون کي جيڪي بہ ماڻھو مليا، انھن مان اهڙن ٽن چئن ماڻھن سان پنھنجو احوال ڪيم، جن جو ٻاهريون ڏيک ويک اميد افزا هو، مگر اسان جو هڪ ٻئي کي پوريءَ طرح سمجهڻ ناممڪن هو، ان ساعت تائين مون کي ڪڏهن بہ اها ڳالھہ ڌيان تي نہ آئي، تہ ڊچن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ اهو تمام ضروري هو، تہ کين پھريائين مون کي ڊچ ٻولي سيکارڻ گهرجي، آءٌ ڪيئن اهڙو پڌرو عذر نظر انداز ڪري سگهيس، تنھن جو مون کي پڻ عجب آهي، پر اها خاطري اٿم، تہ مون ان کي نظرانداز ڪيو.
هن تجويز جي ناڪام ٿيڻ بعد، منھنجيءَ دل ۾ جهاز وسيلي ”انگلينڊ“ ڏانھن واپس ورڻ جو خيال پيدا ٿيو، پر هڪ ”آئير لنڊ“ جو شاگرد جو ”لوون“[7] کان واپس وريو هو، ان سان ملڻ تي اسان جي گفتگو ادب جي موضوعن تي پھتي، (ڇاڪاڻ تہ لٿي پٿي ائين چئجي تھ، جڏهين آءٌ اهڙن موضوعن تي گفتگو ڪري سگهندو هوس، تڏهن پنھنجي حالات تي گهٽتائيءَ کي وساري ڇڏيندو هوس) ۽ کانئس مون کي معلوم ٿيو، تہ ان سڄيءَ دانشڪده ۾ صرف ٻہ ماڻھو بہ ڪو نہ هئا، جن يوناني ٻولي سمجهي ٿي ان ڳالھہ مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ مون يڪدم ”لوون“ ڏانھن مسافري ڪرڻ ۽ اتي يوناني ٻوليءَ سيکارڻ وسيلي گذران حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، هن ارادي ۾ منھنجي شاگرد ڀاءُ منھنجي همت افزائي ڪئي، ۽ ڪجهہ اهڙيون هدايتون ڏنائين، جن جي وسيلي دولت حاصل ٿي سگهي ٿي.
ايندڙ صبح جو آءٌ جرائت سان اڳتي وڌيس.
هرڪنھن ڏينھن ”لقمان حڪيم“[8] ۽ سندس مانين جي ٽوڪري“ وانگر منھنجي متحرڪ ملڪيت کي گهٽايو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ جيئن مون اڳتي مسافري پئي ڪئي، تيئن اهي پئسا ڊچن کي رهائش واسطي پئي ڏنم، جڏهن ”لوون“ پھتس، تڏهن پھريائين مخفي طرح پروفيسرن وٽ نہ ويس، مگر کليءَ طرح پنھنجن لياقتن کي ”پرنسيپال“ وٽ پيش ڪــرڻ جـو ارادو ڪـيـم. آءٌ ويس، اجازت مـلـيـم، ۽ پـنھـنـجـون خـدمـتـون يوناني ٻوليءَ جـي ماستريءَ لاءِ آڇيم، جنھن جي لاءِ مون ٻڌو هو تہ ان دانشڪده ۾ ضرورت هئي، پرنسيپال پھريائين منھنجي لياقتن بنسبت شڪي ڏسڻ ۾ آيو، پر کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ آڇ ڪيم، تہ هو پاڻ مون لاءِ ڪنھن بہ يوناني تصنيف جي ڪنھن بہ ڀاڱي کي لاطيني ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪري. مون کي پنھنجي تجويز ۾ بلڪل پختو ڏسندي هن نموني مون کي خطاب ڪيو، ”نوجوان تون مون کي ڏسين ٿو“. هن وڌيڪ چيو، ”مون اصل يوناني ڪانہ سکي آهي، ۽ آءٌ نٿو ڀانيان تہ مون ڪڏهن بہ ان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. مون کي ڊاڪٽريءَ جي سند يونانيءَ سکڻ کان سواءِ مليل آهي، يوناني ٻوليءَ کانسواءِ مون کي ڏھہ هزار فلارينس (ويھه هزار شلنگ) ساليانو ملن ٿا. المختصر: جيئن تہ آءٌ يوناني ٻولي ڪو نہ ڄاڻان، انھيءَ ڪري مون کي يقين ئي ڪونھي، تہ ان ۾ ڪو هڪ بہ قابل ماڻھو ملي سگهي ٿو.
آءٌ هاڻي گهر کان ايترو تہ پري هوس، جو موٽڻ جو خيال ئي ڪري نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري مون اڃا بہ اڳتي هلڻ جو ارادو ڪيو، مون کي موسيقيءَ جي پوري پني ڄاڻ هئي، هاڻي اها، جا ڪنھن وقت منھنجي وندر هئي، تنھن کي هن وقت مون روزگار حاصل ڪرڻ جي ذريعي ۾ تبديل ڪيو آءٌ ”فلينڊرس“ جي بي ضرور هارين ۽ انھن فرينچن جي ڳوٺن وٽان لانگائو ٿيس، جي اهڙا تہ ڪافي غريب هئا، جو آسودگيءَ سان گذران ڪري نٿي سگهيا، مگر مون کين سندن ضرورت جي نسبت ۾ هميشہ خوش طبع ڏٺو، جڏهن بہ رات پوڻ وقت آئون ڪنھن هاريءَ جي گهر کي ويجهو ٿيندو هوس، تڏهن خوشي پيدا ڪندڙ سرن مان ڪو هڪ ڇيڙيندو هوس ۽ اهو مون کي نہ فقط رهائش مگر ايندڙ ڏينھن جو قوت پڻ حاصل ڪري ڏيندو هو، مون ٻہ يا ٽي دفعا نئين فئشن وارن ماڻھن اڳيان موسيقيءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هنن منھنجي پيشڪش کي هميشہ حقارت وارو سمجهيوٿي ۽ مون کي ڪا خسيس شيءِ بہ معاوضي طور نٿي ڏنائون، هيءَ منھنجي لاءِ هڪ وڏي غير معمولي ڳالھہ هئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پنھنجي آسودگيءَ وارن ڏينھن ۾ پنھنجي سنگت (جيءُ بھلائڻ) لاءِ وڄت ڪندو هوس، ۽ جڏهن موسيقيءَ جي پيشڪش منھنجي وندر هوندي هئي، تڏهن ڪڏهن بہ منھنجي وڄت کين خاص طرح صنف نازڪ کي بيحد خوش ڪرڻ ۾ ناڪامياب نہ ٿيندي هئي، مگر جيئن تہ هينئر اها صرف منھنجي گذران جو ذريعو هئي، تنھن ڪري کيس حقارت سان ڏٺو ٿي ويو، (هيءُ) هڪ ثبوت آهي (جو ڏيکاري ٿو) تہ دنيا انھن لياقتن جو ڪيترو نہ گهٽ قدر ڪري ٿي، جن جي بدولت ماڻھو پلجي ٿو.
هن طريقي آءٌ ڪنھن بہ تجويز کان بغير، صرف پنھنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي هلڻ لاءِ ”پيرس“ ڏانھن وڌيس، ”پيرس“ جا ماڻھو لياقتن کان وڌيڪ سرمائيدار اجنبين جا شائق آهن. جيئن تہ آءٌ ٻنھي مان ڪنھن بہ هڪ جي هام هڻي نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري کين گهڻو پسند نہ پيس، شھر جي چوڌاري اٽڪل چئن يا پنجن ڏينھن جي گهمڻ، ۽ عاليشان گهرن جي ٻاهرين پاسن کي ڏسڻ کانپوءِ آءٌ جوفي جي مھمان نوازيءَ واري پناھہ گاھہ مان نڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هوس، تہ مکيہ گهٽين مان گهمندي، آءٌ اتفاقاً هڪ ماڻھوءَ سان گڏيس، جو پنھنجو اهو سئوٽ هو، جنھن کي توهان پھرين منھنجي لاءِ سفارش ڪئي هئي، هيءَ ملاقات مون لاءِ تمام پسنديده هئي، مون کي يقين آهي تہ سندس لاءِ ناراضگيءَ واري نہ هئي، هن مون کان پيرس منھنجي مسافريءَ جو سبب پڇيو، ۽ مون کي پڻ پنھجيءَ مشغوليءِ کان آگاھہ ڪيائين، سندس مشغولي هئي، ”لنڊن“ جي هڪ سکر ماڻھوءَ لاءِ مورتيون ٻلا ، جواهر ۽ ٻيون سڀ ڪنھن قسم جون قديم شيون گڏ ڪرڻ، جنھن ماڻھوءَ کي تازو انھن لاءِ شوق پيدا ٿيو، هو، ۽ وڏيءَ دولت جو مالڪ بڻيو هو. آءٌ پنھنجي سئوٽ کي هن ڪم لاءِ مقرر ٿيل ڏسي ڏاڍو حيران ٿيس، ڇاڪاڻ تہ هن خود اڪثر طرح مون کي ٻڌايوهو، تہ پاڻ ان بابت ڪجهہ بہ نہ ڄاڻندو هو، جڏهن مون .کانئس پڇيو تہ تون ڪيئن ايترو جلدي اهڙو عيب ڪڍڻ جو هنر سکئين؟ تڏهن هن مون کي يقين ڏياريو، تہ ڪو بہ ڪم ان کان وڌيڪ سولو نہ آهي، ”سمورو راز ٻن قانونن جي پوريءَ پوريءَ استقامت ۾ پنھان آهن، هڪ تہ هميشہ ائين ظاهر ڪرڻ تہ مورت وڌيڪ سٺي ٿئي ها، جيڪڏهن نقاش وڌيڪ تڪليف وٺي ها، تہ ٻيو ”پيٽرو پيروگنو“[9] جي نقشت کي ساراهڻ. هن چيو، ”پر جيئن مون تو کي هڪ دفعي لنڊن ۾ مصنف ٿيڻ سيکاريو هو، تيئن آءٌ هاڻي تو کي پيرس ۾ مورتن خريد ڪرڻ جي هنر سيکارڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندس.“
جيئن تہ هن جي تجويز دلپسند هئي، انھيءَ ڪري مون ان کي يڪدم قبول ڪيو، هاڻي منھنجو سمورو ذوق زنده رهڻ ڏانھن هو، آءٌ سندس رهاش گاھہ تي ويس، سندس مدد سان پنھنجي لباس کي درست ڪيم ۽ ساڻس گڏ مورتن جي نيلام گاهن ڏانھن رفيق ٿي ويس، جتي اميد هئي تہ معزز انگريز خريدا هوندا. آءٌ زيب و زينت وارن انھن ماڻھن سان سندس گهرائي ڏسي ٿورو حيران ٿيس، جن هر هڪ ٻلي يا مورت تي هڪ صحيح پسنديءَ جو ڪسوٽيءَ وانگر سندس رايو پڇيو ٿي، هن اهڙن موقعن تي منھنجي مدد مان تمام گهڻو فائدو ورتو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن سندس رايو پڇيو ٿي ويو، تڏهن سنجيدگيءَ سان مون کي هڪ پاسي وٺي ٿي ويو ۽ منھيجو رايو پڇيائين ٿي، ڪلھو موڙيائين ٿي، موڙو ڏنائين ٿي، سياڻپ سان نھاريائين ٿي، موٽيو ٿي ۽ پڇندڙن کي چيائين ٿي، تہ اهڙيءَ تمام اهم ڪم تي آءٌ پنھنجو رايو ڏيئي نہ ٿو سگهان ، صرف ڪن وقتن تي سندن چونڊ جي پٺڀرائي ڪيائين ٿي، ۽ کين ان شيءَ جي سھڻائي بنسبت خاطري ڏنائين ٿي. مون کي ياد آهي تہ مون کيس ڏٺو تھ، پنھنجي ان رائي ڏيڻ کان پوءِ تہ مورت جو رنگ پوريءِ طرح رسيلو نہ آهي، تمام سوچي ۽ ويچاري هڪ برش ڀوري رنگ جو کنيائين جو اتفاقاً اتي پيو هو، ۽ تمام گهڻيءَ دل جي جمعيت سان سڄيءَ جماعت جي روبرو ان مورت جي مٿان لڳايائين، ان کانپوءِ پڇيائين تہ آيا، سندس ائين ڪرڻ ان چِٽَ کي سڌاريو هو يا نہ. هن جڏهن ”پيرس“ ۾ پنھنجو رکيل ڪم ختم ڪيو، تڏهن ڪيترن ئي اعليٰ مرتبي وارن ماڻھن وٽ مون کي سياحت جي استاد جي جڳھہ لاءِ هڪ نھايت موزون شخص طور زوردار سفارش ڪيل ڇڏيائين. سندس وڃڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ هڪ معزز جنھن پنھنجي سنڀال هيٺ رهندڙ هڪ صغير ڇوڪري کي يورپ جي سير تي اڳتي رواني ڪرڻ لاءِ پيرس ۾ آندو هو، ان مون کي هڪ استاد جي حيثيت ۾ مقصد ڪيو. آءٌ ان ڇوڪر جو استاد ٿيڻو هوس، پر ان شرط سان تہ کيس هميشہ اجازت رهندي، تہ هو پنھنجي نگراني پاڻ ڪندو، حقيقت ۾ منھنجو شاگرد پئسي جي ڪاروبار ۾ رهبريءَ جو فن مون کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻندو هو، هي ٻہ سئو هزار پائونڊن جو مالڪ هو، جي سندس چاچي سندس لاءِ ويسٽ انڊيز [10] ۾ ڇڏيا هئا، سندس سنڀاليندڙن کيس انھن جي پوريءَ ڪاروبار هلائڻ ۾ لائق بنائڻ لاءِ کيس هڪ مختيار وٽ شاگرد ڪري رکيو هو، انھي ڪري هو لالچي ٿي پيو هو، رستي تي هن جا سڀئي سوال ان متعلق هئا، تہ پئسو ڪيئن بڇائجي، مسافريءَ جو ڪھڙو طريقو گهٽ ۾ گهٽ خرچ وارو ٿيندو، ڪا بہ شيءِ اهڙي خريد ڪري سگهجي ٿي، جا جڏهن وري ”انگلينڊ“ ۾ نيڪال ڪجي، تہ پئسا موٽي وري بہ ساڳيا ملن، رستي تي اهڙيون تشويش پيدا ڪندڙ شيون جي ڪجهہ ڏيڻ کان سواءِ ڏسي ٿي سگهياسون، انھن جي ڏسڻ لاءِ هو ڪافي تيار هو، پر جيڪڏهن انھن جي ڏسڻ لاءِ ڪجهہ ڏيڻو ٿي پيو، تہ هو هميشہ چوندو هو تہ مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ اهي ڏسڻ لائق نہ آهن، هن ڪڏهن بہ اهڙو هڪ بہ خرچ جو بل نہ ڏنو، جنھن تي ائين نہ چيو هجيس، تہ مسافري ڪيتري نہ خرچ واري آهي، جيتوڻيڪ پاڻ اڃا (جھڙيون مٿي بيان ڪيون ويون آهن). جڏهن ”ليغارن “ پھتاسون. تڏهن اسين بندر ۽ جـهـازن ڏسڻ لاءِ اوڏانھن گـهـمـڻ وياسون، بـنـدر تي هـن انگلينڊ ڏانھن سـمـنـڊ رستي مسافريءَ جي خرچ جي پڇا ڪئي، کيس ٻڌايو ويو تہ اهو (خرچ) سندس خشڪيءَ رستي وڃڻ جي مقابلي ۾ ٿورو آهي، انھيءَ ڪري هن مون کي منھنجي پگهار جو حصو جو ڏانھس وارو هو، سو ڏيئي، مون کان موڪلايو ۽ لنڊن وڃڻ لاءِ صرف هڪ خدمتگار سان گڏ جهاز ۾ روانو ٿيو.
آءٌ هاڻي هيڏي وڏي دنيا ۾ وري بہ هڪ دفعو اڪيلو ڇڏيو ويس، پر ان وقت اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي، جنھن تي آءٌ هري ويو هوس، بھرحال منھنجو موسيقي ۾ فن هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنھن ۾ هر هڪ هاري مون کان وڌيڪ سٺو سنگيت ڪار هو، مون کي فائدو ڏيئي نہ سگهيو، پر هن وقت تائين مون هڪ ٻيو هنر بہ حاصل ڪيو هو، جنھن منھنجي مقصد جي چڱي طرح مدد ڪئي، اهو هو بحث ڪرڻ جو هنر، سڀني خارجي يونيورسٽين ۽ مَڙَهَين ۾ ڪن ڏينھن تي ٻاهرئين ايندڙ بحث ڪندڙ واسطي مشقي مناظرا مقرر ڪيا ويندا آهن ان ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿيندڙ ماڻھو ڪنھن ڪاريگريءَ سان مقابلو ڪندو آهي، تہ هو انعام، ماني ۽ رات لاءِ بستري جو حق رکي سگهندو آهي، تنھن ڪري انگلينڊ ڏانھن ويندي رستي جو سفر انھيءَ نموني جي جدوجهد سان هٿ ڪيم، هڪ شھر کان ٻئي شھر ڏانھن پنڌ ڪيم ۽ انسانذات کي وڌيڪ قريب ٿي جانيچيم، يا ائين چوان تھ، مورت جا ٻئي پاسا ڏٺم، تاهم منھنجا چند رايا هي آهن: مون ڏٺو تہ شخصي حڪومت غريبن جي رهڻ لاءِ بھترين آهي ۽ شاهوڪارن لاءِ رعيتي راڄ. مون ڏٺو تہ عام طرح شاهوڪار آزاديءَ جو ٻيو نالو آهن ۽ ائين تہ هرڪو ماڻھو پنھنجي سر خود آزادي جو ايترو شوقين آهي، جيترو جماعت ۾ ڪن فردن جي خواهشن کي پنھنجي ما تحت ڪرڻ لاءِ خواهشمند نہ ٿيڻ جو.
انگلينڊ ۾ منھنجي پھچڻ تي مون پھريائين اوهان کي تعظيم پيش ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پھرين مھم جا اڳتي وڃي رهي آهي، ان ۾ رضا ڪار طور پنھنجي نالي داخل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر مسافري ڪندي، منھنجا ارادا هڪ جهوني واقفڪار سان ملڻ تي بدلجي ويا، جو مون ڏٺو تہ هڪ ناٽڪي ڪمپنيءَ جي ٽولي مان هو، جا ٻھراڙيءَ ۾ اونھاري جي سير تي پئي ويئي، ان ٽوليءِ مون کي هڪ رفيق طور پاڻ سان شآمل ڪيو، ۽ مون کي ان ڪم جي اهميت کان آگاھہ ڪيو، جنھن کي مون پنھنجو نصب العين بنايو هو، هنن چيو تہ عوام الناس گهڻن ذهنن واري عجيب خلقت آهي ۽ صرف اهو جنھن کي تمام سٺو دماغ آهي، اهو ئي ان کي راضي ڪري سگهي ٿو، ۽ ائين تہ اداڪاري هڪ ڏينھن ۾ سکي نٿي سگهجي ۽ ماڻھن کي سواءِ ڪن روايتي موڙن جي، جي صدين کان وٺي اسٽيج تي ۽ صرف اسٽيج تي ٿي رهيا آهن، آءٌ ڪڏهن بہ راضي ڪرڻ جو ڍونگ ڪري نٿي سگهيس. ٻي مشڪلات پاڻ کي پنھنجن ڪردارن متعلق لائق بنائڻ جي هيم، ڇاڪاڻ تہ گهڻو ڪري سڀڪو اداڪار پنھنجي ڪردار لاءِ تيار هوندو هو آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ هڪ پارٽ کان ٻئي پارٽ ڏانھن تبديل ڪيو پئي ويس، جيستائينڪ آخر مون کي ”هوريشو“ جي پارٽ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنھن کي ادا ڪرڻ کان خوش نصيبي سان اوهان جي تشريف آوريءَ مون کي روڪيو.

______________
[1] نيو گيٽ: هيءُ لنڊن جو مشھور جبل آهي.
[2] گربز سٽريٽ لنڊن جي هڪ گهٽي، جا گولڊ سمٿ جي ڏينھن ۾ مصنفن جي رهائش کان مشھور هوندي هئي.
[3] پراپرٽيس هي هڪ مشھور رومي شاعر ٿي گذريو آهي.
[4] Pensylvania.
[5] چڪاسا انڊين؛-اتر آمريڪا جي هڪ قوم کي هن نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي.
[6] ائمسٽرڊئم ـــ هيءُ هالينڊ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
[7] لوون ــــ هي هڪ بيلجم جو مشھور شھر آهي.
[8] لقمان حڪيم: هي 600 سال عيسوي سن کان اڳ رهندو هو، هيءُ يونان جو رهاڪو هو، ۽ سندس ڪيتريون آکاڻيون ”ايسپ جي آکاڻين“ جي نالي سان مشھور آهن. شروعات ۾ هي هڪ غلام هو، مگر پوءِ آزاد ٿيو.
[9] پيٽرو پيروگنو: هي اٽليءَ جو هڪ مشھور نقاش هو.
[10] ويسٽ انڊيز: هي هڪ ٻيٽن جو ميڙ آهي.

باب ايڪيھون: باهمي راضپي واري دوستي

منھنجي پٽ جو احوال ايترو تہ وڏو هو، جو هڪ ئي وقت بيان ٿي نٿي سگهيو. ان جو پھريون حصو پاڻ رات جو پورو ڪيو هئائين ۽ ٻيو حصو جيئن هو ڏينھن جو منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ختم ڪري رهيو هو، تيئن اوچتو ”مسٽر ٿارنھل“ جي گاڏي در تي پھتي، جنھن جي اچڻ اسان جي موجودہ سڪون ۾ خلل وڌو، بورچي جو هاڻ منھنجو دوست ٿي ويو هو، تنھن مون کي ڪن ۾ ٻڌايو تہ زميندار ”مس ولماٽ“ کي شاديءَ جي باري ۾ گهڻي ئي درخواستون ڪيون آهن ، ۽ اهو بہ ٻڌايائين تہ سندس چاچي ۽ چاچو ان سڱ کي گهڻو پسند ڪندڙ ڏسجن ٿا. اسان ڏٺو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ اندر داخل ٿيڻ وقت مون کي ۽ منھنجي پٽ کي ڏسي، پوئتي هٽڻ واري ڪئي، پر مون سندس ان ورتل رويي جو سبب سندس حيرت کي سمجهيو ۽ نہ ناراضگيءَ کي. تنھن هوندي بہ جڏهن اسين کيس ملڻ لاءِ وڌياسين، تڏهن هن اسان کي کيڪار جو جواب ظاهر تمام صاف دليءَ سان ڏنو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو تہ سندس تشريف آوريءَ صرف چرچي گهٻي وڌائڻ جو ڪم ڪيو هو.
چاءِ نوشيءَ کان پوءِ، ”مسٽر ٿارنھل“ منھنجي ڌيءَ بنسبت خبر چار وٺڻ لاءِ مون کي هڪ پاسي سڏيو، پر جڏهن مون کيس ٻڌايو، تہ منھنجي ڳولا ناڪامياب ٿي، تڏهن هو تمام گهڻو حيران ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ”آءٌ پاڻ ان وقت کان وٺي اوهان جي گهر باقي ڪٽنب کي تسلي ڏيڻ لاءِ ويندو آهيان ۽ هو منھنجي هيڏانھن اچڻ وقت بلڪل خوش خرم هئا“. هن پوءِ مون کان پڇيو، تہ آيا، مون پنھنجي ڌيءَ جي بدبختيءَ جو احوال ”مس ولماٽ“ ۽ پنھنجي پٽ کي تہ ڪو نہ ٻڌايو هو، مون جواب ڏنو تہ مون اڃا تائين کين ڪو نہ ٻڌايو آهي. هن منھنجي سڃاڻپ ۽ دورانديشيءَ کي گهڻو پسند ڪيو، ۽ هدايت ڪيائين تہ آءٌ ڪنھن بہ حالت ۾ ان کي هڪ راز ڪري رکان. هن چيو، ”ڇا ڪاڻ تہ اهو پنھنجيءَ بدناميءَ جو از خود پڙ پڌرو ڪرڻو آهي ۽ شايد ”مس لوي“ اهڙي ڏوهارڻ نہ هجي، جھڙي پاڻ کيس سمجهون ٿا.“ اتي هڪ نوڪر اسان جي گفتگوءَ ۾ رنڊڪ وڌي جو کيس ديھاتي ، ناچ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چوڻ آيو هو، تنھن ڪري هن مون کي سندس ان دلچسپيءَ کان راضي ٿيل ڇڏيو، جا هو منھنجي ڪاروبار ۾ وٺندڙ ڏٺو ٿي ويو. جيتوڻيڪ هن جا ”مس ولماٽ“ ڏانھن خطاب غلطيءَ ڪرڻ کان وڌيڪ چٽا هئا، تاهم هوءَ پوريءَ طرح خوش ڏسڻ ۾ نٿي آئي، پر اهي پنھنجي دلي لاڙي کان وڌيڪ پنھنجي چاچي جي مرضي رکڻ لاءِ برداشت ٿي ڪيائين، ”مس ولماٽ“ کي منھنجي بد نصيب پٽ جي مٿان مھربانين جي نظر وجهندڙ ڏسي آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيندو هوس، هي اهي نگاهون هيون جي مسٽر ٿارنھل جي ظاهري ڌيرج مون کي ڪو ٿورو حيرت ۾ نہ وڌو، ”مسٽرآرنلڊ“ جي زوردار منٿن تي اسان هڪ هفتو اتي رهيا سين، پر هر ڪنھن ڏينھن ”مس ولماٽ“ منھنجي پٽ ڏانھن وڌيڪ حليمائي ڏيکاري ٿي، ۽ ”مسٽر ٿارنھل“ جي ساڻس دوستي نسبتا وڌندڙ ڏٺي ويئي ٿي.
”مسٽر ٿارنھل“ اسان کي اڳيئي نھايت نوازش ڀريون خاطريون ڏنيون هيون، تہ هو پنھنجي سموري دلچسپي اسان جي ڪٽنب جي خدمت ۾ ڪم آڻيندو، پر هاڻي سندس سخاوت صرف انجامن ۾ مقيد نہ هئي. جنھن ڏينھن مون وڃڻ جو ارادو ڪيو هو، ان ڏينھن صبح جو ”مسٽر ٿارنھل“ پرمسرت نگاهن سان مون کي ان نئين خدمت جي ڪم کان آگاھہ ڪرڻ آيو، جا هن پنھنجي دوست جارج لاءِ ڪئي هئي، اها نوازش کيس ”ويسٽ انڊيز“ ڏانھن ويندڙ هڪ فوجي دستي ۾ علمبردار جي عهدي وٺي ڏيڻ جي هئي، جيئن تہ هن ان ڪم ۾ ڪافي دلچسپي ورتي هئي، انھيءَ ڪري ٻين ٻن اميدوارن کي رد ڪرائڻ لاءِ هڪ سئو پائونڊن جي ڏيڻ جو وعدو ڪيو هئائين. ”جيستائين هن خسيس خدمت جو سوال آهي“، ”مسٽر ٿارنھل“ چيو، ”مون کي پنھنجي دوست جي خدمت ڪرڻ ۾ جيڪا خوشي ٿي آهي، ان کان وڌيڪ آءٌ ٻيو ڪو بہ عيوضو ڪونہ طلبيان، ۽ باقي سئو پائونڊ، سي جيڪڏهن توهين پاڻ هٿ ڪري نٿا سگهو، تہ مان توهان کي قرض طور ڏيندس، ۽ توهين ڀلي اهي مون .کي پنھنجي سھولت مطابق ڏجو“ هيءَ هڪ اهڙي نوازش هئي، جنھن بنسبت پنھنجي دلي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پورا لفظ ئي موجود ڪو نہ هئا. انھي ڪري مون يڪدم پئسن لاءِ دستاويز لکي ڏنو، ۽ ايتري قدر تہ شڪر گذاري ڪيم، جو ڄڻ تہ مون کي انھن جي موٽائي ڏيڻ جو ارادو ئي ڪونہ هو.
جيئن تہ ”جارج“ جي فراخ دل مربيءَ سندس تڪڙي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان لاءِ تہ متان انھيءَ عرصي اندر ڪو ٻيو ماڻھو وڌيڪ پئسن ڏيڻ سان اهو عهدو کڻي وڃي، انھي ڪري سندس هدايتن جي تعميل ڪندي کيس ٻئي ڏينھن انھي عهدي وٺڻ لاءِ روانو ٿيڻو پيو، صبح جو سوير اسان جو نوجوان سپاهي مسافريءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ائين ڏسڻ ۾ آيو تہ اسان سڀني مان هي ئي هڪ هو، جنھن تي ان جو اثر نہ ٿيو هو، نڪي انھن ٿڪن ۽ خوفن جي جن سان هو مقابلو ڪرڻ پئي ويو ۽ نڪي پوئتي ڇڏيل دوستن ۽ سندس محبوبہ ”مس ولماٽ“ جي جدائيءِ ۾ ڪنھن بہ نموني کيس دلشڪستہ ڪيو، سڀني رفيقن کان موڪلائڻ بعد، مون کيس اهو سڀ ڪجهہ ڏنو، جيڪي مون وٽ هو، يعني منھنجون دعائون مون چيو، ”منھنجا پٽ، تون هاڻي پنھنجي ملڪ واسطي وڙهڻ لاءِ وڃي رهيوآهين، ياد رکجان، تہ جڏهن وفاداريءِ کي انگريزن ۾ هڪ گڻ ليکيو ويندو هو، تڏهن تنھنجو ڏاڏو پنھنجي سڳوري بادشاھہ لاءِ ڪيئن وڙهيو“، ”منھنجا پٽ وڃ، جيتوڻيڪ تون کڻي بي ڪسيءَ جي حالت ۾ اگهاڙو، ملڪ کان دور۽ پنھنجي پيار ڪندڙن جي روڄ راڙي کان سواءِ مري پوين، تڏهن بہ اهي ڳوڙها لاثاني آهن، جن سان آسمان هڪ غير مدفون سولجر جي سر کي تر ڪري ٿو.
ٻئي ڏينھن صبح جو مون ”مسٽر ٿارنھل“ جي تازي احسان لاءِ سندس شڪريو بچا آندو ۽ ان نيڪ ڪٽنب کان موڪلايو، جنھن مون کي پاڻ وٽ ايترا ڏينھن مھمان ڪري رکڻ جي نوازش ڪئي هئي، مون هنن کي انھيءَ خوشيءَ ۾ مست مگن ڪري ڇڏيو، جا خوشي آسودگيءَ ۽ سٺي پرورش مان ملي سگهي ٿي، آءٌ پنھنجي ڌيءَ کي وري ڏسڻ کان نااميد، آسمان ڏي نھاريندو، سندس نجات ۽ عفو لاءِ ٿڌا ساھہ کڻندو، گهر ڏانھن موٽيس، ضعيف هئڻ سبب سواريءَ لاءِ هڪڙو گهوڙو ڀاڙي تي ڪيو هئم. هاڻي آءٌ پنھنجي گهر کان ويھن ميلن جي اندر اچي پھتو هوس ۽ پاڻ کي انھن سڀني گهر جي ڀاتين سان ملڻ جي اميدن سان تسلي ڏنم، جن کي ئي سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان پيارو ٿي سمجهيم. رات جو رستي جي ڀرسان ننڍڙيءَ سراءِ ۾ ٽڪي پيس ۽ پنھنجي شراب جي بوتل ۾ جاءِ جي مالڪ جي رفاقت طلب ڪيم. اسين رڌڻي واري بھترين ڪمري ۾ باھہ جي ڀرسان ويٺا هئاسون ۽ سياست ۽ ٻھراڙيءَ جي خبرن تي خيال پي اورياسون، آخر ٻين احوالن ڪندي ڪندي اسين اچي نوجوان زميندار ”مسٽر ٿارنھل“ جي گفتگو تي پياسسون، جنھن بابت ميزبان مون کي ٻڌايو تہ هو ايترو ئي گهڻو ڌڪار جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، جيترو گهڻو سندس چاچو، ”سر وليم ٿارنھل“ جو ڪن وقتن تي ٻھراڙيءَ ۾ ايندو هو، پيار جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو، هن وڌيڪ چيو، ” هن پنھنجي صرف اها تحصيل ڪئي آهي تہ اهي ماڻھو جيڪي پنھنجي گهر ۾ سندس استقبال ڪن، انھن جي ڌيئرن سان هي ڊوھہ ڪري ۽ ٻن ٽن هفتن لاءِ کين قبضي ۾ رکي بعد ۾ بنا اجوري ۽ تباھہ ٿيل حالت ۾ لوڌي ڪڍي. جيئن اسين هن نموني جي گفتگو ۾ مشغول هئاسون، تيئن هن جي زال جا ٻاهر هوا خوريءَ لاءِ ويل هئي واپس آئي ۽ ائين ڏسندي تہ سندس مڙس اهي موجون ماڻي رهيو آهي. جن ۾ پاڻ ڀائيوار نہ هئي، ڪاوڙجي پڇيائين تہ هن اتي ڇا پئي ڪيو، جنھن جي جواب ۾ سندس مڙس چيو، ”تنھنجي صدقي ۾ صحت جام پي رهيو آهيان“. هن واڪو ڪري چيو، ”مسٽر سائمنڊس“ توهان مون سان تمام خراب برتاءُ ڪريون ٿا، آءٌ اهو وڌيڪ وقت لاءِ برداشت ڪري نہ سگهنديس، ڪم جا ٽي حصا منھنجي حوالي ڪيل آهن ۽ باقي جيڪو چوٿون حصو آهي، سو بہ اڻ پورو ٿيل ڇڏين ٿو، جڏهن تون صرف مھمانن سان پيئڻ ۾ مشغول آهين، تڏهين جيڪڏهن شراب جو هڪ چمچو مون کي بخار کان شفا ڏئي ٿو، تہ بہ آءٌ ان کي نٿي ڇهان“. مون هاڻي ڏٺو تہ سندس خواهش ڪھڙيءَ هئي، ۽ يڪدم هڪ گلاس ڀري کيس ڏنم، جنھن جو هن تواضع سان استقبال ڪيو، ۽ منھنجي تندرستيءَ جي صدقي پيئڻ شروع ڪيائين، هن چيو ”سائين ، اهو ڪو گهڻو شراب تي خرچ ايندڙ رقم جو سبب نہ آهي، جنھن کان آئون ناراض آهيان، مگر جناب جڏهن گهر جو ڪاروبار سڄو درهم برهم ٿيندو ٿو وڃي، تڏهن ڪو بہ پاڻ کي روڪي نٿو سگهي، جيڪڏهن گراهڪن يا مھمانن کي پئسن لاءِ دق ڪرڻو ٿو پوي، تہ سمورو بار منھنجي ڪلھن تي اچي پوي ٿو ۽ هيءُ اهڙيءَ خوشيءَ سان اهو گلاس پيئندو، جھڙيءَ طرح پاڻ خود هن جي پويان هڪ جاءِ تان اٿي ٻيءَ جاءِ ڏانھن وڃي ٿو، هينئر هتي ماڙيءَ تي هڪ عورت رهائش لاءِ آيل آهي ۽ مون کي پڪ آهي تہ کيس سواءِ انسانيت جي ٻيو ڪجهہ پاڻ سان ڪونھي، مون کي خاطري آهي تہ هو پئسن ڏيڻ ۾ تمام ڍلي آهي ۽ منھنجي مرضي آهي تہ ان باري ۾ کيس ڪن کڻائجي“. ”هن کي يادگيري ڏيارڻ جو ڪھڙو ڪم آهي“. ميزبان چيو، ”جيڪڏهن هوءَ ڍلي آهي، تہ پاڻ خاطريءَ واري آهي“زال جواب ڏنو، ”آءٌ ائين نٿي سمجهان هوءَ هتي ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو رهي آهي، مگر اسان اڃا تائين سندس هڪڙي سکڻي ڪوڏي بہ نہ ڏٺي آهي.“ هن چيو تہ ”منھنجي پياري، آءٌ سمجهان ٿو تہ پئسا پاڻ کي يڪا ٿي ملندا“. پر زال واڪو ڪري چيو، ”يڪا آءٌ چاهيان ٿي تہ اهي ڪنھن بہ نموني ۾ ملن، ان لاءِ مون اهو ارادو ڪيو آهي تھ، يا تہ اڄ ئي رات اسين کانئس پئسا وٺنداسون يا کيس سامان سوڌو ٻاهر ڪڍنداسون.“ مڙس دانھن ڪري چيو، ”منھنجي پياري وري ويچار ڪر، هوءَ هڪ شريف عورت آهي، ۽ قابل تعظيم پڻ“. ميزبانڻ جواب ڏنو، ”معزز“ يا حقير، ان جو ڪو بہ سوال نہ آهي، پر پئسن نہ ڏيڻ جي حالت ۾ هن کي زوريءَ ٽپڙ ٻڌايا ويندا.“ سکر ماڻھو ڀلي اتي چڱيون وٿون هجن، جتي کين ائين سمجهيو ٿو وڃي، مگر منھنجي خيال ۾ تہ مون کين خوفناڪ وقتن تي بہ ڪڏهن چڱو نہ ڏٺو.“ ائين چوندي هو ڊوڙي ڏاڪڻ جي سوڙهيءَ چاڙهيءَ جا رڌڻي جي مٿان اڏيل ڪوٺيءَ ۾ پھتي ٿي، ۽ مون جلدي سندس آواز جي بلندي ۽ ڇينڀن جي تلخيِءَ مان سمجهيو، تہ کيس مسافر وٽان ڪجهہ بہ پئسا نہ ٿي مليا، آءٌ سندن رد ڪد تمام چٽائيءَ سان ٻڌي ٿي سگهيس. ”آءٌ چوان ٿي تہ هن ئي ساعت ٽپڙ ٻڌي ٻاهر نڪري، بدنام ۽ ڪميڻي عورت وڃي رل، نہ تہ اهڙو تہ ڌڪ هڻنديسانءِ جو وري سال نہ ايندئين. ڇا بيھودي عورت، تون ايماندار ماڻھو جي گهر ۾ اچي مفت ۾ رهڻ چاهين ٿي، آءٌ چوان ٿي تہ يڪدم هيڏانھن اچ،“ مسافر عورت چيو، ”خاتون مون تي رحم ڪر، ۽ باقي ڪم موت اچي سرانجام ڪندو“. مون يڪدم پنھنجي تباھہ ٿيل غريب ڌيءَ جو آواز سڃاتو. جنھن وقت اها عورت کيس وارن کان وٺي گهلي رهي هئي، تنھن وقت آءٌ سندس بچاءَ لاءِ ڊوڙيس، مون يڪدم پنھنجي پياري بدنصيب ڌيءَ کي پنھنجي ٻانھن ۾ جهليو ۽ چيو، ”مرحبا! منھنجا وڃايل خزانا، تون ڪنھن بہ نموني پنھنجي غريب پيءُ وٽ ڀلي آئين. جيتوڻيڪ اهو بدڪار تو کي وساري سگهي ٿو، تاهم هن دنيا ۾ اڃا هڪڙو انسان باقي آهي، جيڪو تو کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندو. جيتوڻيڪ تو کڻي هزارين ڏوھہ ڪيا هوندا تہ بہ هو انھن سڀني کي وساري ڇڏيندو.“ ”او منھنجا پيارا“ ڪجهہ لمحن لاءِ هوءَ وڌيڪ چئي نہ سگهي، ”منھنجا مٺڙا بابا ، فرشتا بہ ڪو هن کان وڌيڪ مھربان ٿي سگهن ٿا! آءٌ ڪيئن ايتريءَ نوازش جي لائق ٿي سگهان ٿي! هو بدمعاش هو، آءٌ پاڻ کي نيڪيءَ تي بدنما داغ هئڻ سبب ڌڪاريان ٿي، تون مون کي معاف ڪري نٿو سگهين، آءٌ سمجهان ٿي تہ تون ڪري نٿون سگهين“. ”نہ منھنجا ٻچا، آءٌ تو کي دل و جان سان معاف ڪريان ٿو، صرف توبھه ڪر، ۽ اسين انھيءَ هوندي بہ خوش رهي سگهنداسون، منھنجي ”اوليويا“ تنھن هوندي بہ پاڻ گهڻيئي خوشيءَ وارا ڏينھن ڏسنداسون“. ”افسوس! ڪڏهن بہ نھ، سائين هرگز نہ هن کان پوءِ رهيل منھنجي نڀاڳي زندگي ٻاهر وارن لاءِ بدنامي ۽ اندر وارن لاءِ شرمساريءَ جو باعث ٿيندي، پر افسوس بابا، توهين جھڙا هئا، تنھن کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويل ٿا ڏسجو، ڇا ٻي ڪا بہ شيءِ اوهان کي ڪا مون جھڙي تڪليف ڏيئي سگهي؟ مون کي يقين آهي تہ اوهان ۾ ايتري تہ گهڻي سياڻپ آهي، جو توهين منھنجي گناھہ جون پريشانيون خود پاڻ تي نہ کڻندا. مون وراڻيو، ”نوجوان عورت، اسان جي سياڻپ“، ”افسوس بابا، ڇو اهڙو رکو نالو؟“ هن واڪو ڪري چيو، ”هي پھريون ئي دفعو آهي، جو توهان مون کي اهڙي رکي نالي سان سڏيو آهي“ مون چيس، ”پياري معاف ڪجان، مگر آءٌ ظاهر ڪري رهيو هوس تہ سياڻپ تڪليف جي مقابلي ۾ ڍلي آهيم مگر آخر ۾ خاطر خواھہ بچاءُ ڪري ٿي“. جاءِ جي مالڪياڻي هاڻي اسان کان ان معلوم ڪرڻ لاءِ موٽي، تہ آيا، اسان کي ڪنھن وڌيڪ موزون ڪوٺيءَ جي ضرورت هئي، جنھن لاءِ هائوڪار ڪرڻ تي اسان کي هڪ ڪوٺي ڏني ويئي، جتي اسين وڌيڪ آزاديءَ سان گفتگو ڪري ٿي سگهياسون، اسان پاڻ ۾ ڪجهہ قدر ڌيرج سان گتفتو ڪئي، ان کان پوءِ آئون کانئس ان ذلت جي ڪجهہ احوال پڇڻ کان رهي ڪين سگهيس، جنھن کيس موجودہ حالت ۾ آندو هو، هن چيو، ”سائين هن بدمعاش اسان جي پھرين ملاقات جي ڏينھن کان وٺي مون کي عزت ڀريون مگر مخفي طرح شاديءَ جون درخواستون ڪيون هيون.
مون واڪو ڪري چيو، ”تحقيق هو بدمعاش آهي، پر حيرت اها اٿم تہ ”مسٽر برچل “ جھڙو چڱي تميز وارو ڏسڻو وائسڻو ماڻھو ڄاڻي واڻي، هڪ ڪٽنب کي برباد ڪرڻ جھڙو اڳ رٿيل ڪميڻائي وارو ڏوھہ ڪيئن ڪري سگهيو!“
منھنجي ڌيءَ وراڻيو، ”بابا توهان عجيب غلطيءَ ۾ آهيو، ”مسٽر برچل“ ڪڏهن بہ مون کي ٺڳڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، پر ان جي برعڪس هن ”مسٽر ٿارنھل“ جي حرفتن خلاف مون کي تاڪيد ڪرڻ جو هرڪو موقعو ورتو، جو هاڻي سمجهان ٿي، تہ جھڙو هن کان اڳ ٻڌو هئم، ان کان بہ وڌيڪ خواب هو“. مون وچ ۾ چيو، ”مسٽر ٿارنھل“ ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟“ هن جواب ڏنو، ”هائو سائين اهو ”ٿارنھل“ ئي هو، جنھن مون کي اغوا ڪيو ۽ جنھن انھن ٻن بيگمن کي، اسان کي دلبو ڏيئي لنڊن وٺي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو، جي سچ پچ تہ بدلڇڻيون ۽ بي رحم شھر جون ڌڪاريل رنون هيون، توهان کي ياد هوندو تہ انھن جون حرفتون، ”مسٽر برچل“ جي ان خط بغير خاطريءَ سان ڪامياب ٿين ها، جنھن دوران هن کين انھن عتابن سان جهڻڪيو، جيڪي پاڻ، پاڻ سان لڳايا، ڪيئن، ”مسٽر برچل“ انھن جي مقصدن کي ناڪام بڻائڻ جيترو اثر حاصل ڪيو، اهو سوال مون لاءِ اڃا تائين هڪ راز آهي، پر مون کي خاطري آهي تہ هو هميشہ اسان جو سچو دوست هو.“
مون چيو ، ”پياري تون مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پر هاڻي مون کي معلوم ٿيو تہ مون کي جيڪي ”ٿارنھل“ جي ڪميڻپ ۾ شڪ هئا، سي صحيح بنياد وارا هئا، پر هو ڳالھين ۾ سوڀارو ٿي سگهي ٿو، ڇو تہ هو شاهوڪار آهي ۽ اسين غريب. چڱو ٻچڙا ٻڌاءِ تہ اها ڪھڙي لالچ هئي، جا هن طرح اهڙي اعليٰ تعليم و تربيت جا سڀ اثر ۽ تنھنجي اهڙي خليق مزاج کي ميٽي سگهي.؟“
هن جواب ڏنو،”سائين تحقيق، هو پنھنجي سڄيءَ ڪاميابيءَ لاءِ منھنجي خواهش جو مقروض آهي، جا مون هن کي ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ رکي ٿي، مون کي خاطري آهي تہ اسان جي شاديءَ جي رسم جا ”پــوپ“[1] جي هڪ پادريءَ ڳجهي طرح ادا ڪئي هئي، سـا

[1] پوپ (Pope) هي ڪرستاني مذهب جو وڏي ۾ وڏو پيشوا ليکيو ويندو آهي.
ڪنھن بہ نموني مٿس ٻنڌن نہ هئي ۽ مون لاءِ هن جي آبروءَ کانسواءَ ٻي ڪابہ شيءِ اعتبار ڪرڻ جھڙي نہ هئي،“ مون وچ ۾ پڇيو، ”ڇا ! سچ پچ تنھنجي شادي پادريءَ جي هٿان مذهبي قانون موجب ٿي هئي. مگر اسان ٻنھي کان سندس نالي لڪائڻ جو قسم ورتو ويو هو“ ”تڏهن تہ منھنجا ٻچا، منھنجي ڀاڪر ۾ وري اچ، هاڻي تون اڳي کان بہ هزارڀيرا وڌيڪ آڌرڀاءُ لائق آهين، ڇا ڪاڻ تہ تون سڀني مذهبي حڪمن ۽ قاعدن موجب هن جي زال آهين، اسان جا سڀئي قانون، جيتوڻيڪ اهي کڻي سخت پٿر جي ڇپن تي اڪريل هجن تہ بہ انھيءَ سڳوري ڳانڍاپي جو زور گهٽائي نٿا سگهن، “ هن جواب ڏنو، ”افسوس!بابا ، توهان هن جي مڪارين کان ناواقف آهيو، هن کان اڳ ساڳئي پادريءَ جي هٿان هن ڇهن يا اٺن ٻين زالن سان شادي ڪئي آهي. ۽ آخر انھن سڀني کي بہ مون وانگر هڪ ٻئي پٺيان ٺڳي ۽ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، مون دانھن ڪري چيو، ”ڇا ! هن ائين ڪيو آهي؟ تڏهن اسين ضرور انھيءَ پادري کي ٽنگينداسون، تون هن جي خلاف احوال ڏيندين؟.“ هن جواب ڏنو، ”پر بابا مون کي ان کي ڳجهي رکڻ جو قسم ڏنو آهي، “ مون وراڻيو، ”پياري جيڪڏهن تو اهڙو انجام ڪيو آهي، تو پوءَ آءٌ هن کي ٽنگائي نٿو سگهان ۽ نڪي تو کي قسم تان ڦرڻ لاءِ آماده ڪندس، جيتوڻيڪ اهو کڻي خلق لاءِ فائديمند ٿئي، تہ بہ تو کي ان جي خلاف بيان ڏيڻ جو ضرور نہ آهي، انسانذات جي سڀني جماعتن ۾ ننڍرو ڏوھہ گهڻي نيڪي جي حاصل ڪرڻ لاءِ جائز ڪيل آهي. جيئن سياست ۾ بادشاهي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ علائقي کي ڇڏي ڏجي، طب ۾ هڪڙو عضوو بدن جي حفاظت لاءِ ڀلي ڇانگي ڇڏجي، پر مذهب ۾ قانون لکيل اڻ ڦرندڙ ۽ ڪڏهن بہ گناھہ نہ ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ آهي.
”اوليويا“ وڌيڪ چيو، ”ٻئي ڏينھن صبح جو ئي مون کي معلوم ٿي ويو، تہ سندس سچائيءَ مان مون کي ڪھڙيون نہ ننڍڙيون اميدن رکڻ گهرجن. ساڳئي صبح جو هن مون کي ٻن وڌيڪ عورتن سان واقف ڪرايو، جن کي پڻ مون وانگر ٺڳيو ويو هو، پر هو بدڪاريءَ ۾ رهڻ تي راضي هيون، مون هن کي ايترو تہ گهڻو پيار ٿي ڪيو، جو آءٌ اهڙين رقيبن کي برداشت ڪري نہ سگهيس، ۽ پنھنجي خواريءَ کي خوشيءَجي گوڙ ۾ وسارڻ جي ڪوشش ڪيم، مون انھيءَ خيال سان ناچ ڪيو، پوشاڪ پھري ۽ گفتگو ڪئي، پر ان هوندي بہ آءٌ اڃا تائين بہ ناخوش رهيس، جيڪي بہ معزز ماڻھو اتي ملاقات لاءِ آيا ٿي تن هر گهڙيءَ مون سان منھنجي حسن بابت گفتگو ٿي ڪئي، مگر سندسن اهڙي گفتگو صرف منھنجي دک کي وڌائڻ ۾ حصي داري ٿي ڪئي، اهڙيءَ طرح آءٌ هر ڪنھن ڏينھن وڌيڪ ڏکايل ٿيندي ٿي ويس، ۽ هو مون کي وڌيڪ گستاخ. جيستائين ڪا کيس خاطري ٿي تہ هو مون کي سندس هڪ واقفڪار نوجوان امير جي حوالي ڪري سگهيو ٿي، هن تجويز تي آءٌ مڪمل طرح پاڳل ٿي پيس، مون جداس ٿيڻ جي خواهش ڪئي، جيئن آئون وٽائنس نڪتيس. تيئن هن مون کي هڪ ٻٽئون اڇليو، پر اهو مون غصي ۾ اچي ڏانھنس اڇلي ڇڏيو ۽ ڪاوڙ ۾ کانئس پري ڀڳس، ان حالت ڪجهہ وقت مون کي پنھنجي بدحاليءَ کان بي حس رکيو، پوءِ مون پنھنجي چوڌاري نگاھہ ڪئي ۽ پاڻ کي هڪ بدڪار، نيچ ۽ مجرم انسان ۽ هن دنيا ۾ فرياد ڪرڻ لاءِ بي يارو مدد گار ڏٺم. انھيءَ وقت اتان هڪ ڀاڙي واري گاڏي اچي لانگهائو ٿي، جيئن تہ منھنجو مقصد هو تہ آءٌ هن نامراد کان پر انھين ٿيان، جنھن کي مون ڌڪاريو ٿي، تنھن ڪري آءٌ ان ۾ چڙهي ويٺيس ۽ اچي هتي لٿيس، ان ڏينھن کان وٺي صرف منھنجو ڳڻتيون ۽ هن عورت جي بي قياسي منھنجا ساٿي ٿي رهيا آهن اهو زمانو، جو مون امڙ ۽ ادين سان گڏ خوشيءَ ۾ گذاريو، سو مون لاءِ هاڻي نھايت گهڻو ڏکوئيندڙ ٿي پيو آهي، انھن جا غم واقعي زياده آهن، مگرمنھنجا غم، گناھہ ۽ بدنامي ءَ سان گڏ هئڻ ڪري انھن جي غمن کان بہ وڌيڪ آهن.
مون دانھن ڪري چيو، ”ٻچڙا صبر ڪرڻ چڱو آهي، مون کي اميد آهي تہ حالتون اڃا بہ بھتر ٿيندوين، اڄ رات سمھي ڪجهہ آرام وٺ، سڀاڻي آءٌ تو کي تنھنجي ماءُ ۽ ٻين گهر جي ڀاتين وٽ وٺي هلندس، مون کي اميد آهي تہ تو کي مھربانيءَ وارو استقبال ملندو، تنھنجي اغوا ٿيڻ، تنھنجي ماءُ جي دل تي گهڻو اثر ڪيو آهي، پر ”اوليويا، هو اڃا تو کي پيار ڪري ٿي ۽ ضرور ان کي وساري ڇڏيندي.“

باب ٻاويھون: پيار ۽ ڏوهن جي معافيءَ بابت

ايندڙ ڏينھن صبح جو مون پنھنجيءَ ڌيءَ کي گهوڙي تي پنھنجي پويان کنيو ۽ پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿيس. واٽ تي آءٌ سندس غمن ۽ خطرن کي ٿڌي ڪرڻ ۽ سندس ڪاوڙيل ماءُ جي ناراضگيءَ برداشت ڪرڻ لاءِ کيس سمجهاڻيون ڏيندو هليس. جهن بہ دلپسند وسنديءَ مان لنگهياسون ٿي، تنھن جي نظاري مان مون هرڪو وجهہ کيس ائين سمجهائڻ لاءِ ورتو ٿي، تہ جيتري قدر اسين هڪ ٻئي تي مھربان آهيون، ان کان ڪيئن دفعا وڌيڪ مولا اسان تي مھربان آهي، ۽ قدرت طرفان پيدا ٿيل مشڪلاتون تمام ٿوريون آهن. مون هن کي دلجاءِ ڏني تھ، کيس منھنجي پيار ۾ ڪڏهن بہ تبديلي محسوس ڪرڻ نہ گهرجي ۽ منھنجي حياتي جي عرصي ۾ جا شايد اڃا بہ گهڻي هجي، هوءَ مون کي پنھنجو سنڀاليندڙ ۽ هدايت ڪندڙ سمجهي، کيس دنيا جي ملامت خلاف هٿياربند ڪيم. مون کيس ٻڌايو تہ هڪ ڏکويل انسان لاءِ ڪتاب عتاب نہ ڏيندڙ دلپسند ساٿي آهن. اهي جيڪڏهن اسان کي حياتيءَ جي مزي ماڻڻ تائين نہ آڻيندا، تہ بہ ڪم از ڪم اسان کي سيکاريندا، تہ ڏک کي ڪيئن برداشت ڪريون.
جنھن گهوڙي تي اسين سوار هئاسون، اهو گهوڙو ان رات رستي جي ڀر واريءَ هڪ سراءِ ۾ ڇڏڻو هو، جا منھنجي گهر کان پنج ميل پري هئي. جيئن تہ مون گهر جي ڀاتين کي پنھنجيءَ ڌيءَ جي استقبال لاءِ تيار ڪرڻ جي خواهش ڪئي هئي، تنھن ڪري کيس اها رات سراءِ ۾ رهائڻ ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو سوير پنھنجيءِ ڌيءَ ”صوفيا“ سان گڏ موٽي اچڻ جو ارادو ڪيم. اسين انھيءَ سراءِ ۾ پھتاسون، ان کان اڳ رات ٿي ويئي، تنھن هوندي بہ کيس مناسب ڪوٺيءَ مھيا ڪري ڏيڻ ۽ سندس لاءِ مناسب ناشتي تيار ڪرڻ جي حڪم ڪرڻ کانپوءِ مون کيس چمي ڏني ۽ پنھنجي گهر ڏانھن اڳتي وڌيس، جيئن آءٌ پنھنجي امن ڀريل گهر ڏانھن ويجهو پوندو ٿي ويس، تيئن منھنجي دل ۾ خوشيءَ جا نوان امنگ پيدا ٿيندا ٿي ويا.
منھنجي پيار جا جذبا هڪ پنھنجي آکيري مان ڊيڄاريل پکيءَ وانگر، منھنجي رفتار جي تيزيءِ کان بہ وڌيڪ تڪڙا ٿي ويا ۽ منھنجي ننڍڙي گهر جي چوڌاري بيحد خوشيءَ جي اميد سان هوا ۾ ڦرڻ لڳا، مون کي ڪيتريون اهي وڻندڙ ڳالھيون ياد آيون، جي مون کي ٻڌائڻيون هيون ۽ جيڪا آڌر ڀاءُ مون کي ملڻي هئي، تنھن جي اڳواٽ ئي اميد ڪيم، مون اڳواٽ ئي پنھنجيءِزال جو دلنواز ڀاڪر محسوس ڪيو ۽ پنھنجن ننڍڙن ٻارن جي خوشيءَ تي مشڪيس، جيئن آءٌ آهستي آهستي پنڌ ڪندو هليس، تيئن رات تڪڙي تڪڙي گذرندي ويئي، سڀئي ڏينھن جو پورهيو ڪندڙ مزدور، آرام سان ستا پيا هئا، روشني سڀني جهوپڙين ۾ گل ٿيل هئي ۽ تمام پر انھن مفاصلي تي، تکي چيخ ڪندڙ ڪڪڙ ۽ پھري ڏيندڙ ڪتي جي آوازن . کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ٻڌڻ ۾ نٿي آيو، آءٌ پنھنجي خوشيءَ واري رهائش گاھہ ڏانھن وڌيس، ۽ اڃا ان جاءِ کان هڪ فرلانگ تي هوس، تہ اسان جو ايماندار گهرو پھريدار ڪتو منھنجي آڌر ڀاءُ لاءِ ڊوڙندو آيو.
هاڻي تقريبا اڌ رات جو وقت هو، جو آءٌ پنھنجي گهر جي در تي ڪڙي کڙڪائڻ لاءِ پھتس. چوطرف سناٽو ڇانيل هو. جڏهن منھنجي دل نہ بيان ڪري سگهڻ جھڙي خوشيءَ سان ڀرپور هئي، تڏهن مون حيرت ۾ پنھنجي گهر کي باھہ جي ڄڀي ۾ جلندو ۽ هر هڪ شيءَ کي باھہ سان ڳاڙهو ٿيل ڏٺو، مون هڪ تمام بلند ۽ ٿرٿلي ۾ وجهندڙ جوشيلي دانھن ڪئي ۽ بيھوش ٿي پٽ تي ڪري پيس، منھنجي دانھن تي منھنجو ننڊ ۾ ستل پٽ سجاڳ ٿيو، هن باھہ جي ڄڀين کي ڏسندي يڪدم پنھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي جاڳايو، سڀئي ڀاتي خوفزده ٿي ٻاهر نڪري آيا، ۽ مون کي وري هوش ۾ آندائون. پر اهو هوش صرف نئين خوف لاءِ هو، ڇا ڪاڻ تہ ڄڀين هن وقت تائين اسان جي رهائشگاھہ جي ڇت تي اچي وڪوڙيو هو، جڏهن ان جو ٽڪر، ٽڪر جي پويان اندر ڪرڻ لڳو. تڏهن اسان جي ڪٽنب وارا دل دائڪ صبر سان ان ڏانھن ائين نھاريندا رهيا، جو ڄڻ تہ باھہ جي ڀنڀٽ جو مزو وٺي رهيا هئا، مون واري سان هنن ڏانھن ۽ ان ڀنڀٽ ڏانھن گهور سان پئي نھاريو، ڪجهہ وقت بعد مون پنھنجن ٻن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ پنھنجي چوڌاري نگاھہ ڪئي، پر اهي ڏسڻ ۾ ئي ڪو نہ آيا، ”برباديءَ! ڪٿي .ڪٿي آهن، منھنجا ننڍڙا ٻالڪ؟ “ مون واڪو ڪري چيو.منھنجي زال ڌيرج سان جواب ڏنو،”اهي باھہ ۾ سڙي موت کي وڃي پھتا آهن، ۽ آءٌ پڻ انھن سان گڏ مرنديس،،“ انھيءَ ساعت مون اندران ٻارڙن جي دانھن ٻڌي، جي هاڻي باھہ جي گرميءَ تي سجاڳ ٿيا هئا، مون ڄڀين وچان ڊوڙندي ۽ اهو ڪمرو جنھن ۾ هو ستل هئا، ان جي دروازي اندر گهڙندي دانھن ڪئي، ”ڪٿي، ڪٿي آهن منھنجا ٻچا، ڪٿي آهن منھنجا ننڍڙا ٻالڪ؟“ باھہ جون ڄڀيون، جنھن بستري تي هو ستل هئا. ان کي وڪوڙڻ تي هيون، هنن گڏجي وراڻي ڏني، ”هتي بابا اسين هتي آهيون،“ مون انھن ٻنھي کي پنھنجي ٻانھن ۾ جهليو ۽ ايترو تڪڙو جيترو ممڪن هو، کين باھہ جي وچان جهپو ڏيندي، جيئن اڃا آءٌ ٻاهر نڪتس تہ ڇت ڪري پيئي. مون ٻارڙن کي مٿي جهليندي چيو، ”هاڻي ڀلي تہ باھہ ٻرندي رهي، ۽ منھنجي سموري ملڪيت ناس ٿي وڃي. اجهي هي آهن، اهي خزانا، جي مون بچايا آهن، اجهي منھنجي پياري هي آهن، اسان جا خزانا ۽ اسين اڃا بہ آسودي زندگي گذارينداسون،“ اسان پنھنجن ننڍڙن پيارن کي ڪيترائي دفعا مٺيون ڏنيون، هو اسان جي ڳچيءَ ۾ چوڌاري چنبڙي پيا ۽ اسان سان گڏ خوش ٿيڻ لڳا ۽ سندن ماءُ واري تي کلي بہ پئي ۽ رني بہ پئي.
آءُ هاڻي ڄڀين جو هڪ تمام ماٺيڻو تماشبين ٿيو، بيٺو هوس، ڪجهہ وقت کان پوءِ محسوس ڪرڻ شروع ڪيم تہ منھنجي ٻانھن ڪلھي وٽ تمام خطرناڪ نموني سڙي پئي هئي، انھيءَ ڪري اهو منھنجي وس کان ٻاهر هو تہ آءٌ پنھنجي پٽ کي اسان جي سامان جي بچائڻ جي ڪوسش ۾، يا باهه، جا اسان جي ان مٿان پکڙجي رهي هئي، ان جي روڪڻ ۾ ڪا مدد ڏيئي سگهان، ايتري ۾ پاڙيسرين کي خبر پئجي ويئي ۽ اسان جي مدد لاءِ ڊڪندا آيا پر سڀ ڪجهہ جيڪي هو ڪري سگهيا، سو هو اسان وانگر ان مصيبت جا تماشابين ٿي بيھڻ، منھنجو سامان جنھن ۾ اهي نوٽ بہ هئا، جي مون پنھنجين ڌيئرن جي ڏاج لاءِ محفوظ رکيا هئا، سواءِ رڌڻي ۾ رکيل ڪن ڪاغذن جي پيتيءَ ۾ منھنجي پٽ جي شروعات ۾ آندل ٻن يا ٽن معمولي شين جي، ٻيو سمورو سڙي ڀسم ٿي ويو، پاڙيسرين اسان جي مصيبت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنھنجي وس سارو اسان جي ڪافي مدد ڪئي، هنن اسان کي ڪپڙا آڻي ڏنا ۽ اسان جي ٻاهرئين مڪان کي رڌڻي جي ٿانون سان سينگاريائون، اهڙي طرح صبح ٿيڻ تي اسين ٻئي گهر ۾ وڃي رهياسون، جيتوڻيڪ رهائش لاءِ اها هڪ ناموزون جڳھہ هئي، منھنجي ڀرواري پاڙيسري ۽ سندس ٻارن اسان کي سڀ ڪنھن ضروري شيءَ جي ميسر ڪري ڏيڻ، ۽ جيڪا تسلي حقيقي فيض ۽ ڪرم هدايت ڪري سگهي ٿو، ان جي پيش ڪر۾ ڪا بہ ڪثر نہ ڇڏي.
جڏهن منھنجي گهر جي ڀاتين جا لڙڪ ڍرا ٿيا، تڏهن هنن مون کان منھنجي دير جو سبب پڇيو، مون هنن کي سمورو احوال ٻڌايو ۽ کين پنھنجي گم ٿيل ٻار جي استقبال لاءِ تيار ڪرڻ خاطر ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي، جيتوڻيڪ اسان وٽ سواءِ ڪم بختيءِ جي ٻيو ڪجهہ بہ عنايت ڪرڻ لاءِ نہ هو. تہ بہ پنھنجي حال سارو سندس استقبال ڪرڻ جو خواهان هوس، اهو ڪم هوند وڌيڪ ڏکيو ٿي پوي ها، پر هڪ نئين مصيبت سھوليت جو سبب بني، ان منھنجيءَ زال کي هيٺانھون ۽ کيس سخت عذابن سان نرم ڪري ڇڏيو هو، جيئن تہ منھنجي ”موزز“ کي ”صوفيا“ سان گڏ اوڏانھن موڪليم، هو ان ڪم نصيب تباھہ حال کي وٺي جلدي موٽي آيا، جا پنھنجيءَ ماءُ ڏانھن نھارڻ جي همت ڪري نہ سگهي، سندس ماءُ کي منھنجيون سمجهاڻيون مڪمل پرچاءِ لاءِ آمادهڪري نہ سگهيون، ڇا ڪاڻ تہ عورتن کي زنانيءِ غلطيءَ جو مردن کان وڌيڪ احساس آهي. ماڻس واڪو ڪري چيو، ”خاتون ايتري گهڻيءَ رونق ۽ مرتبي سان گذارڻ بعد تون جنھن جڳھہ تي آئي آهين، جا صرف هڪ غريباڻي جهوپڙي آهي، اهي ماڻھو جن پنھنجي رفاقت مرتبي وارن ماڻھن سان ڪئي آهي، انھن کي آءٌ ۽ منھنجي ڌيءَ ”صوفيا “ تمام ٿوري آسائش ڏيئي سگهون ٿيون. ها. ”مس لوي“، تنھنجي غريب پيءُ ۽ مون اڳيئي گهڻو ئي ڪي سٺو آهي، پر مون کي اميد آهي تہ موليٰ تو کي بخش ڪندو.“ هن استقبال جي عرصي ۾ ويچاري مظلوم ڇوڪري زردي ٿيل ۽ ڏڪيندڙ بيٺي هئي، هوءَ نڪي روئي ٿي سگهي ۽ نڪي جواب ڏيئي پر آءٌ گهڻي وقت لاءِ سندس مظلوميت جو خاموش تماشبين رهي ڪين سگهيس، تنھن ڪري ڪجهہ سختيءَ واري لھجي ۾ مون چيو، ”عورت، آءٌ تو کي التجا ٿو ڪريان، تہ منھنجا هي لفظ هميشہ لاءِ خيال ۾ رکيا وڃن مون هن رلندڙ ۽ گمراھہ غريب ڇوڪريءَ کي تو وٽ موٽائي آندو آهي. سندس واپسي اسان کان تقاضا ڪري ٿي تہ اسين پنھنجيون اڳوڻيون نوازشون وري جاري رکون، ، حياتيءَ جون سچيون پچيون سختيون پنھنجي مٿان هاڻي تڪڙيون اچن پيون، اچو تہ پاڻ انھن کي هڪ ٻئي جي وچ ۾ اڻبڻت سان نہ وڌايون، جيئن تہ اسان مان ڪافي افراد خواريءِ جي دنيا کي روڪيندڙ ۽ هڪ ٻئي کي ميلاپ ۾ رکندڙ آهن، تنھن ڪري جيڪڏهن اسين پاڻ ۾ صلح سان رهنداسون تہ پوءِ يقينا اسين اڃا تائين بہ آسودا ۽ خوش رهي سگهنداسون، خدا جي رحمت توبہ ڪندڙ کي واعدو ڪيل آهي، اچو تہ اسان جي نوازش پڻ ان جي پيروي ڪندڙ ٿئي، اسان کي يقين آهي تہ آسمان سچائيءَ جي سڌي رستي جي حمايت ڪندڙ نوانوي ماڻھن کان وڌيڪ هڪ توبہ تائب گناهگار کي ڏسڻ تي خوش ٿئي ٿو ۽ اهو صحيح آهي، ڇا ڪاڻ تہ اها هڪڙي ڪوشش جا اسان کي تباهيءَ کان روڪي ٿي، سان هڪ سئو اجر وارن عملن کان وڌيڪ نيڪ آهي.

باب ٽيويھون: محض مجرم ئي ذليل ٿي سگهي ٿو

اسان جي هاڻوڪيءَ رهائش واري جاءِ کي سھوليت واري بنائڻ لاءِ ڪجهہ محنت جي ضرورت هئي، ۽ جلد اسين وري بہ پنھنجي اڳئين صبر ۽ سانت سان رهڻ لڳاسون، جيئن تہ آءٌ پنھنجي پٽ کي دستوري ڌنڌي ۾ مدد ڪري نٿي سگهيس، تنھن ڪري پنھنجي ڪٽنب کي باقي جيڪي بچيل ڪتاب هئا، خاص طرح اهي، جن تصور کي وندرائيندي دل کي آٿت ڏيڻ ۾ مدد ٿي ڪئي‏ ، انھن مان ڪجهہ پڙهي ٻڌائيندو هوس، اسان جا نيڪ پاڙيسري پڻ رحمدليءَ واري نسليءَ ڏيڻ لاءِ روزانو اسان وٽ ايندا هئا ۽ وقت مقرر ڪيائون جنھن تي انھن سڀني کي منھنجي اڳئين گهر جي مرمت جي ڪم ۾ مدد ڪرڻي پوندي هئي، ايماندار هاري ”وليمس“ انھن ملاقاتن ۾ پوئتي پيل نہ هو، پر دل و جان سان پنھنجي دوستيءَ جي خاطري ڏنائين، هومنھنجيءَ ڌيءَ لاءِ پنھنجي درخواستن کي وري نئون ڪري ها، ”اوليويا“ هن کي اهڙيءَ طرح رد ڪري ڇڏيو، جو هن جون آئيندي لاءِ التجائون مڪمل طرح روڪجي ويون، سندس درد کي پائدار ڏٺو ويو، ۽ اسان جي ننڍڙي جماعت ۾ هيءَ ئي هڪ فرد هئي، جا هڪ هفتي تائين موٽي سرهي ٿي نہ سگهي، هن هاڻي اها معصوميت وڃائي ڇڏي هئي، جنھن کيس عزت ڏيڻ ۽ خوش ڪرڻ، لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي هئي، پر ڳڻتي پوءِ بہ هن جي دل تي گهر ڪري ورتو هو. سندس حسن، تندرستيءَ سميت خراب ٿيڻ لڳو، ۽ بي توجهيءَ اڃا بہ ان جي گهٽائڻ ۾ وڌيڪ مدد ڪئي ، سندس ڀيڻ تي نوازش ڪيل هر ڪا نرم، دليءَ واري هلت سندس دل ۾ نھايت گهڻو درد ۽ سندس اکين ۾ آلاڻ آڻيندي هئي، ۽ جيئن هڪ بدي جيتوڻيڪ اها معاف ٿيل آهي، تڏهن بہ جتي اها ٿيل آهي، اتي ٻين بدَيَن کي اڀاري ٿي اهڙي طرح سندس اڳيون ڏوھہ جيتوڻيڪ معاف ڪرڻ جي باوجود بہ هن کي ٻاهر هڪاليو ويو هو، تڏهن بہ هو حسد ۽ رشڪ پٺيان ڇڏي ويو هو، مون سندس ڳڻتي گهٽائڻ لاءِ هزارين طريقن سان ڪوششون ڪيون نہ فقط ايترو پر مون ان ڪم لاءِ تاريخ جا دلچسپ ٽڪرا جي تمام تکي يادگيري ۽ مطالعو ئي پيش ڪري سگهن ٿا، انھن کي ياد ڪندي پنھنجو درد بہ وساري ڇڏيو، آءٌ چوندو هوس، ”منھنجي پياري، اسان جي خوشي هڪ هستيءَ جي طاقت ۾ آهي، جو ان کي انھن هزارين اڳواٽ ڏٺل رستن تان آڻي ٿو، جي اسان جي دورانديشيءَ تي ٺٺولي ڪن ٿا، منھنجا ٻچا، جيڪڏهن ان جي ثابت ڪرڻ لاءِ مثال ڏيڻ ضروري آهي، تہ آءٌ تو کي هڪ آکاڻي ٻڌائيندس، جا اسان کي هڪ وڏي قابل انسان جي ٻڌايل آهي، جو ڪن وقتن تي هڪ خيالي قصا ٺاهيندڙ تاريخ نويس هو.
”مئٽلڊا“ نالي هڪ ڇوڪريءَ ننڍيءَ هوندي ”نيپولين“ جي هڪ اعليٰ ترين وصفن واري امير سان شادي ڪئي ۽ پندرهين ورهين جي عمر ۾ پاڻ کي بيوه ۽ ماءُ ڏٺائين، هڪ ڏينھن جيئن هوءَ پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ”وولٽرنا“ نديءَ جي مٿان هڪ ڪوٺيءَ جي دريءَ ۾ لاڏ ڪوڏ سان راند ڪرائي رهي هئي، تيئن ٻار اوچتي اڇانگ سان سندس هٿن مان هيٺ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو ۽ هڪ ساعت ۾ گم ٿي ويو، ماءُ اچانڪ حيرت سبب ۽ ان کي بچائڻ لاءِ پويان ٽپو ڏنو، پر ٻار کي مدد ڪري سگهڻ کان گهڻو پري هئڻ سبب هوءَ تمام گهڻيءِ تڪليف سان ٻئي طرف واري ڪناري تي اصل ان وقت اچي پھتي، جڏهن ڪي فرينچ سولجر ان طرف ملڪ کي لٽي رهيا هئا ۽ انھن يڪدم کيس پنھنجو قيدي بنايو.
ان وقت لڙائي فرينچن ۽ اٽليءَ وارن جي وچ ۾ تمام سخت بي رحميءَ سان هلي رهي هئي، ٻئي قومون انھن حدن تائين ڏوھہ ڪري رهيون هيون، جن ڏانھن بک ۽ ظلم کين اشارو ڪيو ٿي. تنھن هوندي بہ هڪ نوجوان آفيسر هن نيچ ارادي جي مخالفت ڪئي ۽ جيتوڻيڪ کين تمام تڪڙائي سان پوئتي هٽڻو هو، تہ بہ ”مئٽلڊآ“ کي پاڻ سان ٻيلھہ کنيائين ۽ سلامتي سان کيس پنھنجي رهڻ واري شھر ۾ آندائين. مئٽلڊا جي حسن سندس اک کي ۽ جلدي پوءِ سندس لياقت هن جي دل کي گرفتار ڪيو، هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي، هو تمام وڏن عهدن تي فائز ٿيو، هو گهڻو وقت گڏ رهيا ۽ ڏاڍا خوش هئا، پر هڪ فوجي ماڻھو جي خوشي ڪڏهن بہ جٽاندار ٿي نٿي سگهي، ڪيترن سالن جي عرصي کانپوءِ اهي دستا جن جو هيءَ مھندار هو، انھن کي شڪست نصيبہ ٿي، ۽ انھيءَ شھر ۾ اجهي وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو، جتي هو پنھنجيءَ زال سان رهيو هو، اتي هنن کي هڪ گهيري جو مقابلو ڪرڻو پيو، مگر آخر ڪار شھر دشمن جي هٿ ۾ اچي ويو، ان وقت ”فرينچن“ ۽ ”اٽلي“ وارن هڪ ٻئي جي مٿان جيڪي ظلم ڪيا، انھن کان وڌيڪ ظلمن جي جدا جدا قسمن جا مثال ڪي ٿوريون تاريخون پيش ڪري سگهن ٿيون، شھر وٺڻ کانپوءِ فاتحن سڀني فرينچ قيدين کي پر خاص طرح سان بد نصيب ”مئٽلڊا“ جي مڙس کي جو گهيري جي وڌائڻ ۾ خاص طرح مددگار هو، موت جي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيو، عام طرح هنن جا فيصلا اڃا تجويز ئي مس ڪيا ويندا هئا، تہ يڪدم عمل ۾ آندا ويندا هئا. قيد ٿيل سولجر کي اڳتي آندو ويو ۽ جلاد پنھنجيءَ تلوار سان تيار بيٺو هو، تماشبين تمام غمگينيءَجي صبر ۽ موتمار ڌڪ جي انتظار ۾ بيٺا هئا، جو جنرل جي اشآري جي انتظار ۾ هو، هن غم ۽ انتظار جي عالم ۾ ”مئٽلڊا“ پنھنجي مصيبت زده حالت ۾ بدنصيبي تي، جنھن کيس ”وولٽرنا“ نديءَ ۾ سندس بي وقتي موت سان نابود ٿيڻ کان اڃا بہ وڌيڪ وڏين مصيبتن جي ڏسڻ لاءِ بچايو هو، ان تي افسوس ڪندي پنھنجي مڙس ۽ آزاديءِ ڏيندڙ جي آخري موڪلاڻي لاءِ آئي. ڪپتان جو هڪ نوجوان هو، تنھن کي سندس حسن تي حيرت لڳي ۽ سندس پريشاني تي رحم آيس، پر جڏهن سندس اڳئين تڪليفن جو بيان ٻڌايائين تڏهن اڃا بہ وڌيڪ جذبات جي اثر هيٺ اچي ويو، هيءَ هن جو پٽ هو ۽ اهو ئي ٻالڪ هو،جنھن لاءِ کيس ايترين تڪليفن ۽ خطرن سان مقابلو ڪرڻو پيو هو، هن کيس يڪدم پنھنجي ماءُ قبول ڪيو ۽ سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ باقي آساني سان سمجهي سگهجي ٿو، قيدي آزاد ڪيو ويو ۽ سڀ خوشيون جي محبت، دوستي ۽ فرض هر هڪ تي عطا ڪري سگهيا، سي سڀئي پاڻ ۾ گڏجي ويون.“
مذڪورہ نموني ۾ آءٌ پنھنجي ڌيءَ کي وندرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو هوس، پر هوءَ ان ڏانھن توجهہ نہ ڏيندي هئي، ڇا ڪاڻ تہ سندس بد نصيبن سندس ان رحم کي ناس ڪري ڇڏيو هو،جو کيس ڪنھن وقت ٻين جي ڪمبختين تي هوندو هو، ڪا بہ شيءَ کيس تسلي نہ ڏيندي هئي، مجلس ۾ هن کي حقارت جو خوف هوندو ۽ خلوت ۾ کيس ڳڻتي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جڏهن سندس بيڪسيءَ جو اهو حال هو، تڏهن اسان کي اها خبر پھتي تہ ”مسٽر ٿارنھل“ ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪري رهيو آهي، جنھن لاءِ مون کي هميشہ شڪ هو تہ کيس سچو پچو شوق هو، جيتوڻيڪ هو مون وٽ سندس شخصيت ۽ دولت بنسبت پنھنجي نفرت ڏيکارڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪندو هو، هن خبر صرف ”اوليويا“ جي رنج کي وڌائڻ جي خدمت ڪئي، ڇا ڪا ڻ تہ ڏٺيءَ وائٺي بي وفائي جي حمايت ڪري سگهڻ سندس همت کان ٻاهر هئي، وڌيڪ خاطري واري معلومات وٺڻ لاءِ ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي تہ سندس ارادي جي پوري ڪرڻ کي شڪست ڏيڻ خاطر مون پنھنجي پٽ کي پيرسن ”مسٽر ولماٽ“ وٽ خبر جي صداقت معلوم ڪرڻ جي هدايتن سان ۽ اسان جي ڪٽنب سان ”مسٽر ٿارنھل“ جي ڪيل هلت بنسبت هڪ خط “مس ولماٽ“ کي پھچائڻ لاءِ موڪلڻ جو ارادو ڪيو، منھنجو پٽ منھنجي هدايتن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ويو، ۽ انھي احوال جي صداقت بابت خبرڏيڻ لاءِ ٽن ڏينھن بعد واپس آيو ، پر مس ولماٽ کي خط پھچائي نہ سگهيو، ڇا ڪاڻ تہ ”مسٽر ٿارنھل“ ۽ ” مس ولماٽ“ ٻھراڙي گهمڻ ويا هئا، تنھن ڪري هيءَ ان خط کي اتي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو، هن ٻڌايو تہ سندس اتي پھچڻ کان اڳئين آچر تي ڪنوار ڇهن نوجوان، عورتن۽ گهوٽ ايترن معززن سان گڏجي وڏي شان و شوڪت سان ديول ۾ حاضر ٿيا هئا، ۽ سندن شادي ٿورن ڏينھن ۾ ٿيڻ واري هئي، سندسن قريب ايندڙ شاديءَ سڄيءَ ٻھراڙيءَ کي خوشين ۽ شادمانن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو هو، هو هميشہ وڏي اٽالي سان جو ٻھراڙيءَ ۾ گهڻن سالن کانپوءَ ڏٺو ويو هو، سوار ٿي ٻاهر نڪرندا هئا، هن چيو تہ ٻنھين ڪٽنبن جا دوست خاص طرح زميندار جو چاچو، ”سروليم ٿارنھل“ جو تمام سٺي اخلاق جو مالڪ هو، اتي هئا، هن وڌيڪ چيو تہ خوشيءَ ۽ کاڌي جي مجلسن کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ڪاروبار هلندڙ نہ هو، سڄي ٻھراڙيءَ ڪنوار جي حسن ۽ گهوٽ جي اعليٰ شخصيت جي تعريف ٿي ڪئي ۽ ائين ٿي چيو تہ اهي ٻئي هڪ ٻئي جو ازحد گهڻو شوق رکندڙ هئا ۽ اختتام هن چوڻ سان ڪيائين تہ هو ”مسٽر ٿارنھل“ کي دنيا ۾ تمام خوش نصيب ماڻھن مان هڪ سمجهڻ کانسواءِ پاڻ کي روڪي نٿي سگهيو،
مون جواب ڏنو، ”جيڪڏهن هو شادي ڪري سگهي ٿو، تہ ڀلي ڪري، پر منھنجا پٽ هيءَ ڪکائون بسترو ۽ اڻ اڏيل ڇت، اهي ڪمزور ٿيندڙ ڀتيون ۽ پوسل وارا فرش، هن طرح باھہ سان لاچار ٿيل منھنجو دکي جسم، ۽ ماني لاءِ چوڌاري روئندڙ منھنجا ٻار ڏس منھنجا ٻچا، تون هتي اهي سڀ حالات ڏسين ٿو، تنھن هوندي بہ اڃا هتي، اصل هن جاءِ تي تون هڪ اهڙو ماڻھو ڏسي سگهين ٿو، جو هزارن دنيائن سان بہ پنھنجي حالت کي نہ بدلائيندو، اي منھنجا ٻالڪو! جيڪڏهن توهين صرف پنھنجي دلين سان حال ونڊڻ سکي سگهو، تہ هوند هن ڪين جھڙي زينت، نزاڪت ۽ شان شوڪت لاءِ توهان کي ٿورو ئي ڪا عزت هجي، جملي ماڻھو حياتيءَ کي رستو ۽ پاڻ کي رهگذر سڏڻ سيکاريا ويا آهن، تشيل اڃا بہ وڌيڪ نصيحت آميز ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسين چئون ٿا، تہ نيڪ انھن مسافرن وانگر خوش ۽ سانتيڪا آهن، جي پنھنجي گهرن ڏانھن وڃي رهيا آهن ۽ بد ڪار انھن مسافرن وانگر ڪن وقتن تي خوش آهن، جي ڪنھن مصيبت کان جلاوطنيءَ ۾وڃي رهيا آهن، مون کي پنھنجي ڏکويل ڌيءَ لاءِ جيڪو رحم هو، تنھن تي جيڪي آءٌ اڳتي چوڻ وارو هوس، ان ۾ رڪاوٽ وڌي، مون سندس ماءُ کي کيس ٽيڪ ڏيڻ لاءِ چيو، ۽ ٿورڙي وقت کان پوءِ هوءَ وري هوش ۾ آئي، هوءَ ان وقت کان وٺي وڌيڪ صابر ڏسڻ ۾ آئي، مون سمجهيو تہ هن پڪي ارادي جو نئون درجو حاصل ڪيو آهي، مگر ڏيکاءُ مون کي ٺڳي ڇڏيو، ڇا ڪاڻ تہ سندس راحت گهڻي جوش ۾ آيل رنج جي ماندگيءَ سبب هئي، منھنجي مھربان جماعتين جيڪو سيڌو اسان ڏانھن سخاوت نموني موڪليو، تنھن ڪٽنب جي باقي ڀاتين ۾ نئين خوش مزاجي ڦھلائي ۽ آءٌ پڻ انھن کي وري بہ هڪ دفعو وڌيڪ ڦڙت، خوش ۽ آسودو ڏسي ناراض نہ ٿيس، انھن جي خوشيءَ کي خراب ڪرڻ، صرف پختي غم سان اعزا پرسي ڪرڻ، يا جيڪو غم انھن محسوس نہ ڪيو هو، ان اسان انھن کي بار گير ڪرڻ، هڪ بي انصافي ٿي پوي ها، اهڙيءَ طرح وري بہ هڪ دفعو وڌيڪ اها ڳالھہ وچان نڪري وئي، راڳ جي محفل جاري ٿي ۽ مسرت اسان جي غريباڻي گهر مٿان هوا ۾ ڦرڻ جي نواز ش ڪئي.

باب چوويھون: نيون مصيبتون

ٻئي ڏينھن صبح جو سج دستور کان زياده ان سڄيءَ موسم ۾ گرمائش سان اڀريو، انھيءَ ڪري اسان ”هني سڪل“ انگريزي ٻوٽي کي کوڙي ۾ نيرن ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جيستائين اسين اتي ويٺا هئاسون، تيستائين منھنجي ننڍيءَ ڌيءَ منھنجي چوڻ تي پنھنجو آواز وڻن تي ٿيندڙ پکين جي راڳ جي محفل سان هلائي پئي ڳايو، هيءَ اها جڳھہ هئي، جتي ”اوليويا“ پنھنجي اغوا ڪندڙ کي پھرين دفعي ملي هئي، سڀ ڪنھن شيءَ سندس غم کي وري تازو ٿي ڪيو، پر اهو غم جي خوشيءَ جي شين سان جوش ڏياريو ويو آهي، يا صلح سانت جي آوازن سان ڀڙڪايو ويو آهي، سو دل کي آهستي آهستي کائي وڃڻ جي بدران آٿت ڏيئي ٿو، هن موقعي تي سندس ماءُ پڻ مصيبت کي خوشي ڏيندڙ محسوس ڪيو، هوءَ رني ۽ پنھنجي ڌيءَ کي اڳئين وانگر پيار ڪيو، هن واڪو ڪري چيو، ”منھنجي پياري ”اوليويا“، اسان کي اهو غمگينيءَ وارو راڳ ٻڌاءِ، جنھن جي ٻڌڻ لاءِ تنھنجو پيءُ شائق هوندو هو، تنھنجيءَ ڀيڻ ”صوفي“ اسان تي اڳيئي احسان ڪيو آهي، ٻچا، چوڻ ڪر اهو تنھنجي ٻڍڙي پيءُ کي خوش ڪندو، “ هن اهڙي تہ عمدي ۽ دلسوز آواز سان راڳ ڳايو، جو منھنجي دل ڀرجي آئي.
”جڏهين حسين عورت غلطيءَ جي آڻ مڃي ٿي.
۽ دير سان ڏسي ٿي، تہ مرد ئي ڪن ٿا ڊوه،
ڪھڙو جادو رکي ٿو، ان جي غم کي تسلي ڏيڻ جو اثر،
ڪھڙيءَ فنڪاري هن جي جرم کي ڏئي سگهي ٿي؟
سندس گناھہ کي ڍڪڻ لاءِ صرف فن
سندس شرم کي هر ڪنھن اک کان لڪائڻ لاءِ
سندس پياري کي پڇتاءُ تي آڻڻ لاءِ،
۽ هن جي دل کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي مرڻ“.
جيئن هوءَ آخري مصرع ختم ڪري رهي هئي، جنھن کي سندس آواز ۾ غم سبب پيدا ٿيل هڪ اثر خاص قسم جو ميٺاج ڏنو هو، تيئن پريان ”مسٽر ٿارنھل“ جي اٽالي اسان سڀني کي خبردار ڪيو، پر ان منھنجي وڏي ڌيءَ جي بي آرامي کي خاص طرح وڌايو جا پنھنجي ڊوه ڪندڙ کان پاسي ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڀيڻ سان گڏ گهر ڏانھن واپس هلي ويئي، ٿورن لمحن ۾ هو پنھنجي گاڏي مان لٿو ۽ جتي آءٌ ويٺو هوس ان جاءِ تي اچي، پنھنجي دستوري گهرائيءَ جي لھجي ۾ منھجي تندرستيءَ بابت پڇا ڪيائين، مون جواب ڏنو، ”سائين توهان جي موجودہ خاطري صرف توهان جي اخلاق جي نيچ پٽي کي وڌائي ٿي، ۽ هن کان اڳ ڪو اهڙو وقت هو، جڏهن آءٌ توهان جي هن طرح جرائت سان منھنجي اڳيان اچڻ تي توهان جي بي ادبيءَ کي سزا ڏيان ها، پر هاڻي توهين سلامت آهيو، ڇاڪاڻ تہ مھنجن جذبن کي عمر ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي ۽ منھنجو ڌنڌو انھن کي روڪي ٿو.“
هن جواب ڏنو، ”سائين آءٌ ساک سان چوان ٿو، تہ جيڪي توهين چئي رهيا آهيو، تنھن تي آءٌ حيران آهيان، آءٌ سمجهي نٿو سگهان، تہ ان جو مطلب ڇا آهي، مون کي اميد آهي تہ اوهين ائين نہ سمجهندا هوندو، تہ مون سان گڏ توهان جي ڌيءَ اڳئين گهمڻ گهتڻ ۾ ڪا ڏوھہ جھڙي ڳالھہ هئي.“
مون واڪو ڪري چيو، ”وڃ، تون هڪ ڪميڻو آهين، هڪ ذليل قياس جوڳو ڪميڻو، ۽سڀ ڪنھن نموني ۾ ڪوڙو، پر تنھنجي ڪميڻائي تو کي منھنجيءَ ڪاوڙ کان بچائي ٿي جناب آءٌ هڪ اهڙي نسل مان آهيان، جنھن هوند هي برداشت نہ ڪيو هجي ها، پر تون هڪ ذليل انسان آهين، تو هڪ عارضي جذبي کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ غريب ڇوڪريءَ کي ساري عمر لاءِ مصيبت زده بنائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ اهڙي ڪٽنب کي پليد ڪيو آهي. جنھن وٽ عزت کانسواءِ ٻي ڪا بہ شيءَ نہ هئي.
هن وراڻيو، ”جيڪڏهن توهان، يا هن پريشان رهڻ جو ارادو ڪيو آهي تہ آءٌ ان لاءِ ڪجهہ بہ ڪري نٿو سگهان، پر توهين اڃا بہ خوش رهي سگهو ٿا. مون بنسبت توهان جو کڻي ڪھڙو بہ رايو هجي، مگر مون کي هميشہ سندس مدد لاءِ تيار ڏسندو، اسين کيس ٿوريئي، وقت ۾ ٻئي سان شاديءَ ڪرائي سگهون ٿا ۽ ساڳئي وقت ڀلي هوءَ پنھنجي عاشق سان بہ محبت رکي، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ساک سان چوان ٿو تہ آءٌ کيس هميشہ سچي تعظيم ڏيندو رهندس.“
هن نئين بيھودي تجويز تي مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، جيتوڻيڪ اڪثر ماڻھو جي دل کڻي گهڻن زخمن هوندي بہ صبر ۾ هوندي آهي. مگر ڪن وقتن تي هڪ خسيس بدمعاشي سندس روح ۾ اندر ڇڀي کيس ڪاوڙ ۾ آڻي سگهي ٿي، مون واڪو ڪري چيو، ” او زهريلا نانگ، منھنجي نظرن کان ٽري وڃ، پنھنجي موجودگيءَ سان منھنجي بي عزتي نہ ڪندو رهه، جيڪڏهن منھنجو پيارو پٽ گهر ۾ هجي ها تہ هوند هي برداشت نہ ڪري ها، پر آءٌ ٻڍو ۽ لاچار آهيان ۽ سڀ نموني تباھہ ٿيل.“
هن چيو تہ ”آءُ ڏسان ٿو، تہ توهين مون کي، منھنجي ڪيل ارادي کان وڌيڪ سخت نموني ۾ ڳالھائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهيو، پر جيئن مون اوهان کي ڏيکاريو آهي، تہ منھنجي دوستي مان ڪھڙي اميد رکي سگهجي ٿي، تيئن اهو ڏيکارڻ بہ بيجا نہ ٿيندو تہ منھنجي غصي جا ڪھڙا نتيجا ٿين ٿا، منھنجو عام مختيار جنھن کي مون اوهان جو اڳيون دستاويز ڦيرائي ڏنو آهي، سو سخت دڙڪا ڏيئي رهيو آهي، مون کي انصاف جي ڪارروائيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪا بہ واٽ ڪا نہ ٿي سجهي، سواءِ هن جي تہ آءٌ اهي پئسا ڀري ڏيان، پر جيئن تہ تازو مون کي پنھنجيءَ شاديءَ کان اڳ جو خرچ ڪرڻو پيو آهي، تنھن ڪري اهو منھنجي لاءِ اهڙو سولو نہ آهي، جوآءُ ڪري سگهان، تنھن کانسواءِ منھنجو ڪمدار ڍل ۾ اوهان جي مال ڪاهڻ بنسبت گفتگو پيو ڪري، اها خاطري آهي تہ هو پنھنجو فرض پاڻ ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڪڏهن بہ اهڙن قسمن جي ڪمن بابت پاڻ کي تڪليف نہ ڏيندو آهيان، تا هم اڃا تائين بہ آءٌ اوهان جي خدمت ڪرڻ ۽ خصوصاً منھنجي ان شاديءَ تي اوهان ۽ اوهان جي ڌيءَ جي اچڻ جي خواهش ڪري سگهيس ٿي، جا شادي ٿوريئي وقت ۾ ”مس ولماٽ“ سان وڏيءَ ڌام ڌوم سان ٿيڻي آهي، منھنجيءَ محبوبہ ”اربيلا“ جو پڻ اهو ئي عرض آهي ۽ مون کي اميد آهي .تہ توهين انڪار نہ ڪندو.“
مون جواب ڏنو، ”مسٽر ٿارنھل“ ، مون کان هميشہ لاءِ ٻڌي ڇڏ، منھنجيءَ ڌيءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن سان بہ تنھنجي شاديءَ جي آءٌ اجازت نہ ڏيندس، تنھنجي دوستي مون کي کڻي تخت تي ويھاري يا تنھنجو غصو مون کي کڻي قبر داخل ڪري، پر آءٌ ٻنھين کي ڌڪاريان ٿو، تو مون کي دکدائڪ ۽ناقابل تلاقي نموني ۾ ٺڳيو آهي، مون تنھنجي عزت تي ڀروسو رکي، پنھنجي دل کي چين ۽ آرام ڏنو ۽ ان جو نتيجو ڏٺم، انھي ڪري مون ۾ ڪڏهن بہ وڌيڪ دوستي جي اميد نہ رک، وڃ ۽ جيڪي نصيب تو کي ڏنو آهي. سو پنھنجي قبضي ۾ رک، ۽ حسن، شاهوڪاري، تندرستيءَ ۽ خوشي، وڃ، ۽ مون کي ضرورت بدناميءَ مرض ۽ غم ۾ ڇڏي ڏي، جيئن آءٌ ذليل ڪيو ويو آهيان، تنھن ڪري اڃا تائين بہ منھنجي دل پنھنجي عزت جو بچاءُ ڪندي ۽ جيتوڻيڪ آءٌ تو کي معاف ڪريان ٿو،پر توکي هميشہ لاءِ نفرت سان ڏسندس.“
هن وراڻي ڏني، ”جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءَ خاطري ڪر، تہ تون هن گستاخيءَ جا نتيجا جلد ڏسندين، اسين جلدي ڏسي رهنداسون، تہ ڪير اسان مان وڌيڪ حقارت لائق آهي، تون يا آئون، “ ائين چوڻ بعد هو روانو ٿي ويو،
منھنجي زال ۽ پٽ، جي انھيءَ ملاقات وقت موجود هئا، سي ڏاڍو گهڻو ڊنا،. سندس وڃڻ کان پوءِ منھنجو ڌيئرون اسان جي گفتگو جي نتيجي کان آگاھہ ٿيڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو، ۽ جڏهن کين احوال ٻڌايو ويو تہ تڏهن اهي پڻ ٻين وانگر خوف زده ٿي پيون، پر مون سندس بدخواهيِءَ جي ڪيڏي بہ وڏي ڪوشش جي پرواھہ نہ ڪئي، هن اڳيئي وار ڪيو هو، ۽ هاڻي آءٌ اهڙڻ جنگي اوزارن مان هڪ اوزار وانگر سندس سڀ ڪنھن نئين ڪوشش کي هٽائڻ لاءِ تيار بيٺو هوس، جي ڪھڙي بہ نموني ۾ اڇليا وڃن، مگر دشمن کي خاطريءَ سان پھچي سگهن ٿا.
جلدي اسان ڏٺو، تہ هن ڪو اجايو خوف نہ ڏنو هو، ڇاڪاڻ تہ اصل ايندڙ ڏينھن صبح جو سندس ڪمدار مون کان سالياني ڍل گهرڻ آيو، جا مٿي بيان ڪيل واقعات جي سلسلي سبب آءٌ ڏيڻ کان لاچار هوس، منھنجي بي پھچ هئڻ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هن انھيءَ شام جو اسان جو مال ڪاهرايو، ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو ان جي قيمت ڪٿي، سندس قيمت کان اڌ قميت ۾ ان جو وڪرو ڪيو، تنھن ڪري منھنجيءَ زال ۽ ٻارن هاڻي ٻيءَ ڪنھن مصيبت کي پنھنجي سر تي آڻن کان بچڻ لاءِ ڪن بہ شرطن جي قبول ڪرڻ لاءِ التجائون ڪيون، هنن مورڳو التجا ڪئي تہ آءٌ زميندار جي ملاقاتن جي هڪ دفعو وڌيڪ اجازت ڏيان، اهي مصيبتون جيڪي مون کي سھڻيون هيون، انھن کي نقش ڪرڻ ۾ هنن پنھنجي سموريءَ فصيح زبانيءَ کي ڪم ۾ آندو، هنن ان هلندڙ موسم جھڙي سخت موسم ۾ جيڪي جيل جا خطرا ۽ خوف هئا، ۽ ان سان گڏ اهو خوف جنھن منھنجي تندرستيءَ کي باھہ سان ٿيل اڳئين حادثي کان ڊيڄاريو هو، بيان ڪيا پر آءٌ اڏول رهيس.
مون واڪو ڪري چيو،”منھنجا پيارئو، ڇو اوهين مون کي ان ڪم ڏانھن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، جو جائز نہ آهي، منھنجي فرض مون کي سيکاريو آهي تہ آءٌ کيس معاف ڪريان، مگر منھنجو ضمير مون کي اها اجازت نہ ڏيندو، تہ آءٌ کيس پسند ڪريان، ڇا توهين مون تي زور رکندؤ تہ آءٌ ان دنيا کي عزت ڏيان، جنھن کي منھنجي دل اندرونيءَ طرح ضرور نفرت ڪندي؟ ڇا توهين مون کي هڪ پاليل (ڪانئر) وانگر ويھاري، مون کان پنھنجي بدنام ڪندڙ جي خوشامد ڪرائيندا، ۽ قيد کي ٽارڻ لاءِ مون کي دماغي قيد جي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ۽ وڌيڪ خفي ڪندڙ ٻنڌڻن سھڻ لاءِ مجبور ڪندا؟ نہ ڪڏهن بہ نھ. جيڪڏهن اسين هن رهائشگاھہ کان ٻاهر نڪرڻا آهيون، تہ صرف اچو تہ حق کي قابو جهليون ۽ (اميد رکون) تہ جڏهن اسين پنھنجي دلين جي چوڌاري بھادريءَ ۽ مسرت سان نھاري سگهون ٿا، تڏهن جتي بہ اسان کي اڇلايو ويندو، اتي اسين هڪ دل موهيندڙ مڪان ۾ آرام ڪري سگهون ٿا.“
ان نموني اسان اها رات گذاري، ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن تہ ان رات برف تمام گهڻي پيئي هئي، تنھن ڪري منھنجو پٽ ان کي صاف ڪرڻ ۽ دروزاي اڳيان لنگھہ ٺاهڻ لاءِ ٻاهر ڪم ڪري رهيو هو، اڃا ٿورو وقت ئي ڪو نہ گذريو تہ هو پريشان حالت ۾ ڊوڙندو اسان کي ٻڌائڻ لاءِ اندر آيو، تہ ٻہ اجنبي، جن کي هن عدالتي ڪامورا ڪري سمجهيو هو، سي اسان جي گهر ڏانھن پئي آيا.
اڃا هن ڳالھہ پئي ڪئي تہ هو اندر آيا ۽ منھنجي بستري جي ويجهو اچي، پھريائين مون کي سندن مشغولي ۽ ڪم ڪرڻ کان آگاھہ ڪيائون۽ پوءِ مون کي تيار ٿي پاڻ سان گڏ ٻارنھن ملي پري ٻھراڙيءَ جي جيل ڏانھن هلڻ جو حڪم ڏيئي، گرفتار ڪيائون.
مون چيو، ”منھنجا دوستو هيءُ تمام خراب موسم آهي، جنھن ۾ اوهين مون کي جيل ڏانھن وٺي هلڻ لاءِ آيا، آهيو، هن وقت منھنجو هلڻ تہ خاص طرح وڌيڪ ڏکيو آهي، ڇا ڪاڻ تہ منھنجي هڪ ٻانھن ٿورن ڏينھن کان تمام سخت نموني ۾ سڙي پيل آهي، ۽ ان مون کي ٿورو بخار بہ ڏيئي ڇڏيو آهي، مون کي پنھنجي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا ڪو نہ آهن ۽ آءٌ اهڙو ضعيف ۽ ٻڍو آهيان، جو اهڙيءَ سخت برف ۾ هلڻ کان لاچار آهيان، پر جيڪڏهن ائين ضرور ٿيڻو آهي تھ....“
ان کان پوءِ آءٌ پنھنجي زال ۽ ٻارن ڏانھن مخاطب ٿيس ۽ باقي جيڪي ٿوريون شيون اسن وٽ ڇڏيل هيون، انھن جي گڏ ڪرڻ ۽ ان جڳھہ جي يڪدم ڇڏڻ جي تياري ڪرڻ لاءِ کين هدايت ڪيم. مون کين تڪڙي ٿيڻ لا التجا ڪئي ۽ پنھنجي پٽ کي سندس ڀيڻ جي مدد ڪرڻ لاءِ چيم، جا پاڻ کي اسان جي مصيبتن جو باعث سمجهي، بي هوش ٿي ڪري پيئي هئي، ۽ ڏک کي بيھوشي ۾ گم ڪري ڇڏيو هئائين، مون پنھنجيِءَ زال کي همٿايو، جا پيلي ٿي ويئي هئي. ۽ ڏڪندي پنھنجن انھن ننڍڙن کي کڻي قابو ڪيو هئائين،جي انھن اجنبين کان ڊنا ٿي ۽ سندس ڇاتي کي چھٽيا پيا هئا، انھيءَ وقت ”صوفيا“ اسان جي روانگيءَ لاءِ تياري پئي ڪئي ۽ جيئن تہ کيس گهڻيون ئي هدايتون تڪڙي ٿيڻ لاءِ ڪيون هيم، تنھن ڪري اٽڪل هڪ ڪلاڪ ۾ اسين تيار ٿي وياسون.

باب پنجويھون: ڪو بہ مقام چڱائي کان خالي نہ آهي

اسين هن آرام واري ڳوٺ کان ٻاهر نڪتاسون ۽ آهستي پنڌ ڪرڻ لڳاسون، منھنجي وڏيءَ ڌيءَ جنھن جي طبيعت کي گهڻن ڏينھن کان ايندڙ سنھي تپ بگاڙي ۽ کيس ڪمروز ڪري ڇڏيو هو، تنھن کي ڪامورن مان هڪ گهوڙيسوار پنھنجي پويان کنيو، ڇو تہ اهڙا ماڻھو بہ پاڻ کي انسانيت کان صفا پري ڪري نٿا سگهن، منھنجو پٽ ننڍڙن مان هڪڙي کي هٿ کان وٺي هليو ۽ منھنجي زال ٻئي کي، انھي وقت مون پنھنجي ننڍيءَ ڌي تي ٽيڪ ڏني هئي، جا پنھنجي لاءِ نہ مگر منھنجي مصيبتن تي روئي رهي هئي.
اسان پنھنجيءَ اڳئين رهائش گاھہ کان اٽڪل ٻن ميلن تي پھتاسون تہ ڪليسائي حلقي جي قريبا پنجاھہ کن تمام غريب ماڻھن جو ميڙ پويان ڊوڙندو ۽ دانھون ڪندو ڏٺوسون، انھن تمام خوفناڪ پٽن ۽ پاراتن سان جلدي اچي ٻنھي عدالتي عملدارن کي سوڙهو گهٽيو، ۽ قسم کنيائون، تہ جيستائن سندن بدن ۾ رت جو آخري قطرو بہ موجود هوندو، تيستائين هو پنھنجي پادريءَ جي بچاءَ ۾ لڙندا، پر کيس ڪڏهن بہ جيل ڏانھن وڃڻ نہ ڏيندا، هو ڪامورن سان سخت هلت ڪرڻ وارا هئا، جيڪڏهن آءٌ وچ ۾ نہ پوان ها، پر مون ڪجهہ تڪليف وٺي ڪامورن کي ڪاوڙيل هجوم جي هٿن کان آجو ڪيو، منھنجا ٻار جن منھنجي آزاديءَ کي هاڻي يقيني سمجهيو، سي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا، پر جڏهن هنن مون کي انھن ماڻھن کي خطاب ڪندو ڏٺو، جو سندن خيال موجب منھنجي خدمت ڪرڻ آيا هئا، تڏهن جلدي غير فريب خورده ٿي پيا.
مون واڪو ڪري چيو، ”دوستو ڇا هي ئي طريقو آهي، جنھن ۾ توهين مون کي پيار ڪريو ٿا! هيءُ ئي نمونو آهي، جنھن ۾ توهين منھنجي انھن هدايتن تي عمل ڪريوٿا، جي مون اوهان کي منبر تان ڏنيون آهن، ! هن نموني انصاف جي سامھون اچڻ ۽ منھنجي لاءِ پنھنجي تباهي آڻڻ! اوهان جو سردار ڪھڙو آهي ؟ مون کي اهو ماڻھو ڏيکاريو، جنھن اوهان کي هن ڪم لاءِ ڀڙڪايو آهي،، يقينا هن مون کي ناراض ڪيو آهي، افسوس! منھنجا پيارا ڀليل دوستو، واپس موٽو، ۽ اهي فرض وڃي پورا ڪريو، جيڪي اوهان کي خدا جا منھنجا ۽ وطن جا ادا ڪرڻا آهن، مون کي اميد آهي تہ ڪن ڏينھن آءٌ توهان کي گهڻيءَ سعادت ۾ ڏسندس ۽ اوهان جي زندگين کي خوشحال بنائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪندس، پر جڏهن آءٌ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪندس، تڏهن ڀلي تہ گهٽ ۾ گهٽ اها منھنجي لاءِ تسلي ٿئي تہ جيڪي هتي موجود آهن، انھن مان ڪو بہ غائب نہ هوندو، منھنجي هدايت کان پوءِ هي سڀ پڇتاءُ ڪندڙ ڏسڻ ۾ آيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان، ڳوڙها ڳاڙيندي، مون کان موڪلائڻ آيا، مو ن هر هڪ کي نرمي سان هٿ ڏنو ۽ کين پنھنجي دعا سان ڇڏي، پوءِ ٻيءَ ڪنھن رڪاوٽ جي پيش نہ اچڻ سبب اڳتي وڌياسين، رات پوڻ کان ٿورو اڳ اسين هڪ ڳوٺ مثل شھر ۾ پھتاسون، ڇو تہ اتي صرف چند غريباڻا گهر هئا، ان شھر پنھنجي سموري شاهوڪاري ۽ جيل کان سواءِ ٻيا پنھنجي قديم فوقيت جا جملي آثار وڃائي ڇڏيا هئا.
ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ تي اسين اچي هڪ سراءِ ۾ ٽڪياسين، جتي اسان کي ناشتي لاءِ اهي شيون مليون، جي تمام تڪڙ ۾ حاصل ٿي ٿي سگهيون، مون پنھنجي ڪٽنب سان گڏ دستوري نموني خوشي سان رات جي ماني کاڌي، ۽ ان رات لاءِ کين چڱي طرح جاءِ گزين ڪري، پوءِ آءٌ جيل ڏانھن ويس، ۽ عدالتي آفيسرن وٽ حاضر ٿيس، اهو جيل تازو جنگي سببن ڪري اڏايو ويو هو، منجهس هڪ وڏو صفحو مضبوط پڃري ۽ فرش سان هو، اهو صفحو سڀني بدمعاش، ڏوهارين ۽ مقروض قيدين لاءِ چوويھن ڪلاڪن مان فقط چند ڪلاڪ لاءِ عام هو، هر ڪنھن قيديءَ کي جدا جدا ڪوٺي مليل هئي، جتي هو رات جو بند ڪيو ويندو هو.
اندر داخل ٿيڻ تي مون آھہ و فغان ۽ پريشاني جي شورو غل کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڏسڻ جي اميد نٿي ڪئي، پر هي هڪ مختلف نموني جو جيل هو، سڀ قيدي خيال کي خوشيءَ يا تڪرار ۾ وسا رڻ جي ساڳئي هڪ تجويز ۾ مڪمل مشغول ڏٺم،. مون کي گهربل دستوري لاڳ کان آگاھہ ڪيو ويو ۽ يڪدم ان جي ادائگي ڪيم، جيڪا پوري سوري رقم جو نوٽ هئي، سا يڪدم شراب آڻڻ لاءِ موڪلي وئي، ۽ سارو جيل جدل گوڙ، کل ۽ بيھودگي جي آوازن سان گونجي ويو.
مون واڪو ڪري چيو، ”اهڙا مجرم انسان ڪيئن خوش هوندا ۽ آءٌ غمگين هوندس! آءٌ هنن لاءِ پڻ ساڳيو ئي بنديخانو محسوس ڪريان ٿو ۽ سمجهان ٿو تہ مون کي تہ پاڻ خوش ٿيڻ جو وڌيڪ سبب آهي.
اهڙن خيالن سان مون پنھنجي دل خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خوشي ڪوشش سان حاصل ٿي نٿي سگهي، ڪوشش تہ پاڻ ايذاءَ ڏيندڙ عمل آهي، تنھن ڪري جيئن آءٌ جيل جي هڪ ڪنڊ ۾ سوڙهو ويٺو هوس، تيئن منھنجي قيدي ڀاين مان هڪ وڌي آيو ۽ ڀر۾ ويھي گفتگو شروع ڪيائين، اهو منھنجو زندگيءَ ڀر پڪو اصول هو تہ ڪنھن بہ ماڻھو جي گفتگو جا هو مون سان ڪرڻ چاهيندو هو، تنھن جي پرڻ کان مان نٽائيندو نہ هوس. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هن اها چڱي هجي تہ آءٌ سندس هدايتن مان فائدو پرايان ۽ جي خراب تہ ڀلي اڳلو سمجهيو، پر کيس صرف انساني فطرت جي غلط پھلوءَ جي ڄاڻ هئي، هن ڇڇيو تہ آيا مون پنھنجي لاءِ بستري مھيا ڪرڻ جي خبرداري رکي آهي، سچ تہ اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي، جنھن ڏانھن مون اصل هڪ دفعو بہ ڌيان نہ ڏنو هو.
هن چيو، ”اها هڪ وڏي غلطي ڪئي اٿئي، ڇا ڪاڻ تہ تو کي هتي ڪکن کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ ملندو ۽ تنھنجي ڪوٺي وڏي ۽ ٿڌي آهي، تنھن هوندي بہ تون هڪ شريف ماڻھو ٿو ڏسڻ ۾ اچين، ۽ جيئن تہ مان پاڻ بہ ڪنھن وقت اهڙو شريف انسان هوس، انھيءَ ڪري پنھنجي بستري جي ڪپڙن جو اڌ توهان جي خدمت ۾ حاضر ڪريان ٿو.“
جيل جي چوڌاري اندر اهڙين مصيبتن ۾ وڪوڙيل هئڻ وقت اهڙيءَ رحمدليءَجي هلت ڏسي مون کي حيرت لڳي، مون سندس شڪريو بجا آندو ۽ کيس ائين ڏيکارڻ لاءِ تہ آءٌ هڪ علم آهيان. مون چيو ڏسجي ٿو تہ جهوني زماني جي ان بزرگ کي مصيبت ۾ رفيق جو قدر هو، جنھن چيو آهي تہ اڪيلو نہ روئندو، سونھين نہ پٽِندو،“ مون سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو ”سچ پچ“ ان دنيا ۾ ڇا رکيو آهي،جا صرف خلوت ڏئي سگهي ٿي؟“
منھنجي قيدي ڀائيءَ جواب ڏنو، ”سائين تون دنيا جي ڳالھہ ٿو ڪرين، دنيا پنھنجي موھہ ۾ آهي، تنھن هوندي بہ پيدائش جي علم ۽ دنيا جي خلقت هر ڪنھن زماني ۾ حڪيمن کي منجهائي وڌو آهي. دنيا جي حڪيمن ڪھڙو راين جو منجهيل ميڙ دنيا جي خلقت تي نہ ڇيڙيو آهي؟ ”سئنچونيثن“ ”مئنيثي“ ”بيروس“ ۽ ”آسيلوس ليوڪانس“ سڀني ان تي اجايون ڪوششون ڪيون آهن. انھن مان پوئين جا هي لفظ آهن، تہ Anaerchon arakia atehitation “ جنھن جو مطلب آهي، مون چيو، ”سائين آئون اهڙيءَ عالمانہ گفتگو جي وچ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي معافي ٿو گهران، پر سمجهان ٿو تہ هي جيڪي اوهين چئي رهيا آهيو، سو سڀ مون کان اڳ بہ ڪڏهن ٻڌو آهي، ڇا مون هڪ دفعو ”ويلبرج“ ميلي تي اوهان کي ڏسڻ جي مسرت نصيب نہ ٿي هئي؟ ۽ اوهان جو نالو ”ايفريم جينڪنسن“ نہ آهي؟“ منھنجي هن سوال پڇڻ تي هن ٿڌو ساھہ کنيو ۽ مون وري پنھنجي سوال کي دهرائي چيو آءٌ سمجهان ٿو توهين ضرور ان ”ڊاڪتر پر مروز“ کي ياد ڪندا هوندا، جنھن کان توهان هڪ گهوڙو خريد ڪيو هو.“
هن يڪدم مون کي سڃاتو، ڇا ڪاڻ هت جاءِ جي اونداهيءِ ۽ رات جي ويجھڙائي کيس ان کان اڳ منھنجي شڪل شبيھه کي سڃاڻڻ کان روڪي ڇڏيوهو، ”مسٽر جينڪنسن“ جواب ڏنو، ”هائو سائين، آءٌ توهان کي تمام چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو، مون اوهان کان گهوڙو خريد ڪيو، پر ان جي رقم ڏيڻ وسري ويم. توهان جو پاڙيسري ”فلمبرو“ هڪڙو ئي فريادي آهي،جنھن کان آءٌ ڪنھن بہ نموني عدالت جي وقت نھايت خائف آهيان، ڇا ڪاڻ تہ هو منھجي خلاف قسم کڻڻ لاءِ تيار آهي تہ آءٌ جعلي سڪا ٺاهيندڙ آهيان، سائين، مون کي افسوس آهي، جو مون اوهان کي يا سچ پچ تہ ٻئي ڪنھن کي ٺڳيو آهي،“ هن سلسلھ ڪلام جاري رکندي ۽ پنھنجون ٻيڙيون ۽ هٿ ڪڙيون ڏيکاريندي چيو ، ”ڇا ڪاڻ تہ توهين ڏسو ٿا تہ منھنجي حرفتن مون کي ڪيستائين رسايو آهي“
مون جواب ڏنو، ”چڱو سائين، جڏهن توهين ڪنھن بہ عيوضي جي اميد ڪري نٿي سگهيا، تڏهن اوهان جيڪا منھنجي مدد ڪئي آهي، ان جو مڪافات ”مسٽر فلمبرو “جي شاهديءَ کي نرم ڪرڻ يا اصل مڪمل طور دٻائڻ سان ڪئي ويندي، انھيءَ مقصد سان آءٌ پنھنجي پٽ کي جلد ڏانھس موڪليندس، مون کي خاطري آهي تہ هو منھنجو عرض قبول ڪندو ۽ منھنجي شاهديءَ بنسبت تو کي ڪنھن بہ قسم جي ڳڻتي ڪرڻ نہ گهرجي.
هن چيو تہ ”چڱو سائين! جيڪو بہ عيوضو آءٌ حاصل ڪري سگهندس، سو سمورو اوهان جو ئي ٿيندو، اڄ رات منھنجي بستري جا اڌ کان بہ وڌيڪ ڪپڙا اوهان کي ڏنا ويندا ۽ آءٌ جيل ۾ اوهان جو دوست ٿي رهندس، جتي سمجهان ٿو تہ منھنجو ڪجهہ اثرآهي“.
مون سندس ٿورو مڃيو ۽ سندس ظاهري شڪل ۾ موجودہ جوانيءَ واري تبديليءَ تي عجب کائڻ کان رهي نہ سگهيس، ڇا ڪاڻ تہ جنھن وقت اڳي مون کيس ڏٺو هو، تنھن وقت هو گهٽ ۾ گهٽ سٺ سالن جو ٻڍو ٿي نظر آيو، هن جواب ڏنو، ”سائين توهين دنيا کان غير واقف آهيو، مون کي ان وقت جڙتو وار هئا، مون سترنھن ورهين کان وٺي ستر سالن تائين جڙتو ڄمار نڀائڻ جو فن حاصل ڪيو آهي، سائين افسوس مون جيڪي تڪليفون بدمعاش ٿيڻ لاءِ ورتيون آهن، انھن جو صرف اڌ جيڪڏهن واپار ۾ لڳايان ها تہ هوند هن وقت شاهوڪار ماڻھو هجان، ها، جيتوڻيڪ آءٌ بدمعاش آهيان، مگر تنھن هوندي بہ آءٌ اوهان جو شايد ان وقت سچو دوست ٿي سگهان ، جڏهن اوهان کي ان جي ڪا بہ اميد ڪا نہ هوندي.
ان وقت اسين جيلر جي انھن نوڪرن جي اچڻ تي وڌيڪ گفتگو کان روڪجي وياسون، جي قيدين جا نالا پڪارڻ لڳا ۽ کين رات لاءِ منتقل ڪرڻ آيا هئا، هڪ ماڻھو جو منھنجي سمھڻ لاءِ سڪل گاھہ جو گڏو کڻي آيو، سو مون کي هڪ اونداهي سوڙهي رستي کان وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ آيو، جنھن کي عام رواجي جيل وانگر فرش لڳل هو، مون ان جي هڪ ڪنڊ ۾ پنھنجو بسترو ۽ پنھنجي دوست قيديءَ کان مليل ڪپڙا وڇايا، ان بعد ان لحاظ ڀري ماڻھو مون کي رات جو سلام ڪيو ۽ موڪلايو، آءٌ پنھنجي دستوري مراقبي ۽ خدا جي حمد و ثنا کان پوءِ ليٽي پيس ۽ تمام گهڻيءَ راحت سان صبح تائين آرام ڪيم.

باب ڇويھون: جيل ۾ هڪ سڌارو

ٻئي ڏينھن صبح جو سوير مون کي پنھنجي ڪٽنب جي انھن ڀاتين جاڳايو، جن کي مون پنھنجي بستري جي چوڌاري ڳوڙها ڳاڙيندو ڏٺو، ڏسجي ٿو تہ اسان جي چوڌاري هر ڪنھن شيءِ جي ڀيانڪ وحشت کين ڊيڄاريو هو، مون ڌيرج سان سندن غم کي گهٽايو ۽ کين خاطري ڏني، تہ مون ڪڏهن بہ ان وقت کان وڌيڪ راحت سان سمھي ننڊ نہ ڪئي، ان بعد پنھنجي وڏيءَ ڌيءَ بابت پچا ڳاڇا ڪيم، جا ساڻن نہ هئي، انھن مون کي آگاھہ ڪيو، تہ اڳئين ڏينھن جي تڪليف ۽ ٿڪ سندس تپ کي وڌايو هو ۽ کيس پوئتي ڇڏڻ مناسب سمجهيو ويو، مون کي ٻي تشويش ڪٽنب جي رهائش لاءِ جيل جي ويجھڙائيءَ ۾ هڪ يا ٻن ڪوٺين هٿ ڪرڻ لاءِ پنھنجي پٽ جي موڪلڻ متعلق هئي، هن حڪم جي بجا آوري ڪئي، پر صرف هڪ ڪوٺي هٿ ڪري سگهيو، جيئن تہ جيلر نوازش ڪري کيس اجازت ڏني تہ ڀلي هو ۽ سندس ٻہ ننڍا ڀائر مون سان گڏ جيل ۾ سمھن، تنھن ڪري اها ڪوٺي سندس ماءُ ۽ ڀينرن لاءِ ٿوري خرچ سان مسواڙ تي ورتي ويئي، اجازت ملڻ بعد سندن لاءِ هڪ ڪنڊ ۾ سھولت وارو بسترو تيار ڪيو ويو، تنھن هوندي بہ مون پھريائين کانئن پڇڻ چاهيوٿي تہ آيا منھنجا ننڍڙا ان جاءِ ۾ رهڻ پسند ڪندا، جا اندر داخل ٿيڻ وقت خوف واري معلوم ٿئي ٿي.
انھيءَ دريافت تي ”ڊڪ“ جواب ڏنو ، ”نہ بابا ڪنھن بہ جاءِ تي جتي توهين آهيو، اتي آءٌ سمھڻ کان ڀو ڪو نہ ٿو ڪريان“
”بل“ جو اڃا صرف چئن سالن جو هو، تنھن چيو، ”آءُ سڀ ڪنھن جاءِ کي تمام گهڻو پسند ٿو ڪريان،جنھن ۾ منھنجو پيءُ آهي.
ان کان پوءَ ڪٽنب جي هرهڪ ڀاتيءَ کي سندن ڪم ورڇي ڏنو، منھنجي ڌيءَ کي خاص طرح سان پنھنجيءَ ڀيڻ جي پوئتي پوندڙ صحت جي سنڀال ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي، منھنجي زال کي منھنجي خدمت ڪرڻي هئي ۽ منھنجن ننڍڙن کي مون کي پڙهي ٻڌائڻو هو، مون پنھنجي ڪلام جو سلسلو جاري رکندو چيو، ”منھنجا پٽ، جيتري قدر تنھنجو سوال آهي، اهو تنھنجي هٿن جو ئي پورهيو آهي، جنھن تي اسان سڀني کي گذران ڪرڻ جي خاطريءَ واري اميد آهي، تنھنجي روزمره جي مزدوري اسان سڀني جي پرورش ڪرڻ ۽ پڻ سھنج سان گذارڻ لاءِ تمام ڪافي ٿيندي، تون هاڻي سورنھن سالن جو آهين ۽ تون کي طاقت آهي، جا تو کي تمام ڪارائتن ڪمن لاءِ عنايت ڪئي ويئي آهي . انھيءَ لاءِ تہ اها ضرور تنھنجي والدين ۽ ڪٽنب کي ڏڪار کان بچائي، تنھنڪري اڄ شام جو سڀاڻي لاءِ ڪم ڳولي لھڻ جي تياري ڪر، ۽ جيڪي پئسا ڪمائين سي هر رات پنھنجي پرورش لاءِ گهر آڻيندو ڪج.“
هن کي ائين سمجهائي ۽ ٻين کي جائيتو ڪري، آءٌ عام جيل ڏانھن ويس، جتي آءٌ وڌيڪ هوا ۽ خلاصيءَ جڳھہ جو لطف ماڻي ٿي سگهيس، اڃا آءٌ اتي گهڻو وقت ترسيس ئي ڪين تہ لعنت، بد اخلاقيءَ ۽ وحشت سڀني طرفن کان مون تي حملا ڪيا ۽ مون کي هڪالي پنھنجيءَ ڪوٺيءَ ڏانھن موڪليو ويو، اتي آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ انھن نامرادن جي عجيب نادانيءَ تي غور ڪندو رهيس، جي سڄيءَ انسانذات کي پنھنجي بر خلاف دشمن ڏسندي بہ پاڻمرادو ان کي مستقبل لاءِ تمام زودار دشمن بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا.
انھن جي بيحسيءَ منھنجي قياس کي اڀاريو ۽ منھنجيءَ دل جي بي آراميءَ کي ميٽي ڇڏيو، کين سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ منھنجي لاءِ مورڳو هڪ لازمي فرض ٿي پيئي، مون انھيءَ ڪري هڪ دفعو وري واپس وڃڻ ۽ سندن نفرت جي باوجود کين پنھنجي صلاح ڏيڻ سان انھن تي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تنھن ڪري آءٌ وري بہ وٽن ويس ۽ مون ”مسٽر جينڪنسن“ کي پنھنجي ارادي کان واقف ڪيو، جنھن تي هو دل کولي کليو، هن اهو احوال پنھنجي سڀني قيد ڀاين کي ٻڌايو، هنن منھنجي رٿ کي پنھنجي وندر جو هڪ نئون ذريعو سمجهيو ۽ خوشيءَ سان ان جو استقبال ڪيائون.
ان مقصد کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مون کين عبادت جي ڪتاب مان هڪ ٽڪرو بلند ۽ سڀاويڪ آواز سان پڙهي ٻڌايو ۽ پنھنجن ٻڌندڙن کي انھيءَ موقعي تي مڪمل طرح خوش ڏٺم، بد اخلاقي، ڀڻ ڀڻ، ٽوڪائتي نموني ۾ پشيمانيءَ (ڪنجهڪار) اکين جي اشارن ۽ واري سان کنگهه، کل کي اوڀاريو، پرآءُ پنھنجي فطري سنجيدگيءَ سان پڙهندو رهيس، مون خيال ڪيو تہ جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان سو شايد ڪنھن نہ ڪنھن کي سڌاري وجهي.
دعائن پڙهڻ کانپوءَ آءٌ پنھنجي نيڪ صلاح ڏيڻ تي شروع ٿي ويس، جا پھريائين ڇينڀڻ جي بدران خوش ڪرڻ سان سھڻي نموني اختيار ڪئي ويئي هئي، مون اڳيئي چيو آهي، تہ سندن ڀلائيءَ کانسواءَ ٻئي ڪنھن بہ مقصد مون کي ان ڪم لاءِ آماده نہ ڪيوهو، ڇو تہ آءٌ پڻ سندن قيد ڀائي هوس۽ وعظ ڪرڻ سان ڪجهہ بہ حاصل ڪري نٿي سگهيس، کين اهڙو گهڻو ناپاڪ ڏسي مون کي نھايت گهڻو ارمان ٿيو، ڇا ڪاڻ تہ هنن ان مان ڪجهہ بہ حاصل نٿي ڪيو، مگر گهڻو ئي ڪجهہ (شايد) وڃائي ويٺا هجن، مون چيو،”منھنجا دوستو، ان لاءِ خاطري ڪريو، ڇا ڪاڻ تہ ڪيتري قدر بہ دنيا توهان جي دوستيءَ تان هٿ کڻي تہ بہ توهين منھنجا دوست آهيو، جيتوڻيڪ توهين کڻي يارنھن هزار قسم هڪ ڏينھن ۾ کڻو، مگر ان ڪري اوهان کي ڪجهہ بہ پلئه نہ پوندو، جڏهن اوهان کي خبر آهي تہ شيطان ڪھڙيءَ نہ ڪميڻپ جي نموني اوهان سان سلوڪ ڪري ٿو، تہ پوءِ اوهان جي سڀ ڪنھن ساعت ۾ ان سان ملاقات ۽ ساڻس دوستي ڪھڙِ معنيٰ رکي ٿي، توهان ڏسو ٿا، تہ هن اوهان کي هتي سواءَ قسمن جي گرنھه ۽ خالي پيٽ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏنو آهي ۽ بھترين مثالن سان، جي هن جا مون وٽ موجود آهن، (آءٌ اوهان کي خاطري ڏيان ٿو) تہ هيءِ اوهان کي هن کان پوءِ بہ اهو ڪجهہ بہ نہ ڏيندو ، جو چڱو هجي.
جيڪڏهن اسان جي ڪاروبار ۾ ڪو بہ اسان سان سٺو برتاءُ نٿو ڪري، تہ اسين ازخود ڪھڙي ٻيءَ جاءِ تي وڃون ٿا، ڇا اهو اوهان لاءِ فائيديمند نہ ٿيندو، تہ توهين پڻ بہ ٻيو مالڪ، جو اوهان کي ڪم از ڪم پا ڻ وٽ اچڻ لاءِ دلپسند وعدا ٿو ڪري، ان جو بہ آزمود ڪريو، تہ توهين ڪيتري قدر سندس دستور پسند ٿا ڪريو؟
منھنجا دوستو يقينا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بيوقوفي ضرور ان شخص جي ٿيندي، جيڪو ٻئي جي گهر لٽڻ کانپوءِ چور ڳوليندڙ وٽ پناھہ لاءِ ڊوڙي ٿو، توهين ڪيئن وڌيڪ سياڻا آهيو،؟ جڏهن توهين سڀئي انھن چور جهليندڙن مان ڪنھن بہ هڪ کان وڌيڪ زبردست بدخواھہ هستيءَ کي پنھنجي تسليءِ لاءِ عرض ڪري رهيا آهيون، جنھن اوهان سان اڳيئي ڊوه ڪيو آهي، چور جهليندڙ تہ صرف دلبو ڏين ٿا ۽ پوءِ توهان کي ڦاسائين ٿا، پر هيءَ ڊوه ڪري ٿو ۽ ٽنگي ڇڏي ٿو، ياد رکو تہ اهو جيڪو خراب ۾ خراب هوندو، سو توهان کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ بہ آزاد نہ ڇڏيندو.
جڏهن مون پنھنجو وعظ ختم ڪيو، تڏهن مون کي پنھنجي ساٿين کان آفرينون مليون، منجهانئن ڪي آيا ۽ قسم کڻندي مون کي هڪ ايماندار ماڻھو تسليم ڪيائون، هنن منھنجي وڌيڪ واقفيت جي طلب ڪئي ۽ منھنجو هٿ وٺي مرحبا ڪئي، تنھن ڪري مون وري ٻئي ڏينھن پنھنجيءَ تقرير کي دهرائڻ جو وعدو ڪيو، مون اتي سڌاري آڻڻ جون ڪجهہ اميدون دل ۾ ڌريون، ڇا ڪاڻ تہ منھنجو هميشہ اهو اندازو رهندو هو، تہ ڪو بہ ماڻھو درستيءَ جي گهڙيءَ کان مٿي چڙهي ويل نہ آهي، صرف جيڪڏهن تير انداز پورو نشان وٺي سگهي، تہ هر ڪا دل عتاب جي تير اڳيان کلي پيئي آهي، جڏهن مون اهڙيءَ طرح پنھنجي دل کي مطمئن ڪيو، تڏهن موٽي پنھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن واپس آيس، جتي منھنجي زال هڪ ڪفايتي خرچ واري ماني تيار ڪئي هئي، انھي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ اسان جي مانيءَ سان پنھنجي ماني گڏڻ ۽ منھنجي گفتگو ٻڌڻ مان خوشي حاصل ڪرڻ جي طلب ڪئي، هن منھنجي ڪٽنب وارن کي اڃا تائين نہ ڏٺو هو، ڇا ڪاڻ تہ اهي منھنجي ڪوٺيءَ ۾ ان سوڙهي رستي واري دروازي کان ايندا هئا، جنھن جوو احوال اڳي ڪيو ويو آهي ۽ انھي طريقي عام جيل کان پاسو ڪندا هئا، هن پھرئين ملاقات تي مون ڏٺو، تہ منھنجي ننڍي ڌيءِ جي حسن، جنھن کي سندس غمناڪ چھري دوبالا ڪري ڇڏيو هو، ”مسٽر جينڪنسن“ کي ڪا ٿوري چوٽ نہ هنئي ۽ هن منھنجن ننڍڙن کي پڻ گهڻي توجهہ سان ڏٺو.
هن چيو تہ ”ڊاڪٽر، هي ٻار اهڙا تہ حسين ۽ نيڪ آهن، جو هيءَ جڳھہ سندن لائق ٿي نٿي سگهي؟“
مون جواب ڏنو، ”ڇو ، ”مسٽر جينڪنسن“ خدا جو شڪر آهي، جو منھنجا ٻار اخلاق ۾ گهڻو موچارا آهن، ان سان گڏ جيڪڏهن نيڪ ٿي پون، تہ پوءِ باقي ڪھڙي پرواھہ آهي؟،
منھنجي قيد ڀائيءَجواب ڏنو، ”آءُ ڀانيان ٿو تہ تنھنجي چوڌاري هن تنھنجي ننڍڙي ڪٽنب جي موجودگيءَ تو کي ضرور تمام گهڻي تسلي ڏني هوندي“.
مون جواب ڏنو، ”تسلي، ”مسٽر جينڪنسن“ ها، سچ پچ اها تسلي آهي،۽ آءٌ سڄي دنيا هوندي بہ هنن کان سواءِ هوند رهي نہ سگهان ها، اهي جيل کي بہ مون لاءِ محلات جھڙو بنائي سگهن ٿا، هن حياتي ۾ منھنجي خوشيءَ کي زخم رسائڻ جو صرف هڪ طريقو آهي، جو آهي انھن کي ڏکوئڻ“.
هن چيو تہ ”سائين آءٌ ڊڄان ٿو، جو آءٌ ڪنھن حد تائين قاصر آهيان، آءٌ سمجهان ٿو تہ هتي هڪ اهو شخص ڏسان ٿو، جنھن کي مون ڏکويو آهي ۽ جنھن کان آءٌ معافي وٺڻ جي خواهش ڪريان ٿو.“
منھنجي پٽ جيتوڻيڪ هن کي اڳي بدليل پوشاڪ ۾ ڏٺو هو، تڏهن بہ هينئر کيس يڪدم سندس آواز ۽ مھانڊا ياد آيا ۽ کيس هٿ کان جهلي مشڪندي معافي ڪيائين، هن وڌيڪ چيو. ”ان هوندي بہ جيڪي تون منھنجي منھن ۾ فريب جي پڳوري نشاني سمجهڻ لاءِ ڏسي سگهين، ان تي آءٌ اڃا تائين عجب کائڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان“.
”جينڪنسن“ چيو”سائين منھنجا! اهو تنھنجو چھرو نہ هو، پر توهان جا اڇا موزا ۽ تنھنجن وارن واري ڪاري ربين هئي، جنھن مون کي گمراھہ ڪيو، پر ان ۾ تنھنجي ڪا بہ گهٽتائي نہ آهي، مون پنھنجي وقت ۾ تو کان وڌيڪ سياڻن ماڻھن کي ٺڳيو آهي.“
منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”آءُ سمجهان ٿو تہ تنھنجي حياتي جو احوال ضرور گهڻو نصيحت آميز ۽ دلچسپ هوندو“
”مسٽر جينڪنسن“وراڻي ڏني، ”نہ اهي ماڻھو جي صرف انسانذات جون حرفتون ۽ گناھہ بيان ڪن ٿا، سي حياتي ۾ اسان جي شڪن کي وڌائڻ سان اسان جي ڪاميابي کي پوئتي هٽائين ٿا، اهو مسافر جو هر ڪنھن ان ماڻھوءَ تي شڪ آڻي ٿو، جو کيس گڏجي ٿو ۽ هر ڪنھن ان ماڻھوءَ کان منھن موڙي ٿو، جو کيس ڏسڻ ۾ ٿورو اچي ٿو، سو پنھنجيءِ مسافريءَ جي منزل تي ڪڏهن بہ پوري وقت تي نٿو پھچي سگهي.
سچ پچ تہ آءٌ پنھنجي تجربي مان سمجهان ٿو، تہ اهو ماڻھو جو پاڻ کي ڪجهہ سمجهي ٿو، سو هن چمڪندڙ سج جي هيٺيان وڏي ۾ وڏو بيوقوف ماڻھو آهي، آءٌ پنھنجي ٻاروتڻ کان وٺي اٽڪلي سمجهيو ويندو هوس، جڏهن ستن سالن جو ٿيس، تڏهن عورتون چونديون هيون تہ آءٌ مڪمل طرح ننڍو مرد هوس، چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مون دنيا کي سمجهيو ، پنھنجي ٽوپلي کي هڪ پاسي تي رکيم ۽ عورتن کي پيار ڪيم. ويھن ورهين جي عمر ۾ جيتوڻيڪ آءٌ مڪمل طرح ايماندار هوس، تنھن هوندي بہ سڀ ڪنھن ماڻھوءِ مون کي اهڙو تہ اٽڪلي سمجهيو، جو هڪ بہ مون تي اعتبار نہ ڪندو هو، اهڙيءَ طرح آءٌ پنھنجي بچاءُ ۾ دغاباز ٿيڻ تي مجبور ٿي پيس ۽ ان وقت کان و‎ٺي منھنجو ذهن ٺڳڻ جي تجويزن سوچڻ ۾ مشغول رهيوآهي، ۽ منھنجي دل ظاهر ٿيڻ جي خوفن کان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي آهي آءٌ اڪثر تنھنجي ايماندار ۽ ساده دل پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ تي کلندو هوس ۽ گهڻو ڪري هر سال هڪ دفعو هڪ نہ ٻئي نموني کيس ٺڳيندو هوس، تنھن هوندي بہ هو ايماندار ماڻھو وڌيڪ ترقي ڪندو ويو ۽ شاهوڪار ٿي پيو، مگر مون اڃا تائين پنھنجي ٺڳي، دغابازي ۽ چالاڪيءَ کي قائم رکيو، ايماندار هئڻ جي تسلي نہ هئڻ سبب، غريب آهيان،“ هن پنھنجو سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو، ”مون کي پنھنجي حال جي خبر ڏيو، تہ ڪھڙي ماجرا اوهان کي هتي آندو آهي، جيتوڻيڪ مون کي اهڙو هنر نہ آهي، جو آءٌ پاڻ کي جيل کان بچائي سگهان، مگر شايد آءٌ پنھنجن دوستن کي ڇڏائي سگهان.
مون انتظار کي ڏسي کيس انھن سڀني واقعن کان واقف ڪيو، جن مون کي موجودہ تڪليفن ۾ آندو هو۽ کيس پنھنجي آزاد ٿيڻ جي مڪمل لاچاري کان آگاھہ ڪيو،
منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ ۽ ڪجهہ منٽن لاءِ ويچار ڪڻ کانپوءِ هن پنھنجي پيشانيءَ تي اهڙيءَ طرح ڌڪ هنيو، جو ڄڻ تہ ڪا فائدي واري تجويز سوچي هئائين ۽ ائين چوندي موڪل ورتائين تھ، ”جيڪا ڪوشش مون کان ٿي سگهندي سا آءٌ ڪندس.“

باب ستاويھون: ساڳيو مضمون هلندڙ

ٻئي ڏينھن صبح جو مون پنھنجيءَ زال ۽ ٻارن کي تجويز ٻڌائي، جا مون قيدين جي سڌارڻ لاءِ رٿي هئي، هنن ان کي ناممڪن ۽ نا مناسب بيان ڪندي، ان کي منظور ڪيو ۽ چيو تہ منھنجون ڪوششون ڪنھن بہ طرح سندن اصلاح ۾ ڪم نہ ڪنديون، پر وڏو امڪان آهي، تہ شايد اهي منھنجن مذهبي قَرضن جي بي حرمتي ڪن.
مون وراڻي ڏني، ”مون کي معاف ڪريو، اهي ڪيتري قدر بہ کڻي پسست پيل آهن، مگر هو اڃا تائين مرد آهن۽ اهو ئي منھنجن انھن پيارن تي سٺي ۾ سٺو لقب آهي، ردٿيل سٺي صلاح ڏيندڙ جي دل کي وڌيڪ مالا مال ڪرڻ لاءِ موٽي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اها هدايت، جا آءٌ کين ڏيان ٿو، سا انھن کي کڻي درست نہ بہ ڪري، تڏهن بہ اها يقينا مون کي درست ڪندي، جيڪڏهن اهي منھنجا ڪم نصيب ٻچا، شھزادا هجن ها، تہ جيڪر هزارين ماڻھو انھن جي مذهبي رهنما ٿيڻ لاءِ تيار ٿين ها- مگر منھنجيءَ راءِ مطابق اها دل جا ترم ۾ دفن ٿيل آهي، سان اهڙي ئي بي بھا آهي. جھڙي تخت تي براجمان ٿيل. هائو، منھنجا پيارا جيڪڏهن انھن سڀني کي درست ڪري سگهيس تہ ڪندس، شايد اهي سڀئي مون کي نہ ڌڪارين، ممڪن آهي تہ آءٌ ان گرداب مان صرف ڪنھن هڪ کي جهلي سگهان ۽ اهو هڪ وڏو فائدو ٿيندو، ڇا ڪاڻ تہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪو هڪ هيرو آهي جو اهڙو املھہ هجي، جھڙو انسانذات جو روح ائين چوندي مون کين ڇڏيو، ۽ عام جيل ڏانھن ويس اتي مون قيدين کي ڏاڍو خوش ۽ منھنجيءَ تشريف آوريءَ لاءِ منتظر ڏٺو، هر هڪ ڊاڪٽر جي مٿان ٺٺوليءَ ڪرڻ لاءِ ڪنھن نہ ڪنھن حرفت سان تيار هو، اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ وعظ شروع ڪري رهيو هوس، تڏهن هڪ منھنجي جڙتو وارن کي آڏو ڦيرايو، ڄڻ تہ اتفاق سان ۽ پوءِ معافي گهريائين ۽ ٻيو ڪجهہ مفاصلي تي بيٺو هو، ۽ کيس ڏندن وچان ٿڪڻ جو هنر هو، تنھن اهڙي طرح ٿڪ اڇلي، جو اها منھنجي ڪتاب تي اچي ڪري ، ٽيون (آمين) اهڙي اثرائتي نموني ۾ چوڻ لڳو، جو گويا ٻين کي کي گهڻو خوش ٿي ڪيائين. چوٿين منھنجي کيسي مان لڪائي عينڪ ڪڍي ورتي، پر اتي ٻيو هڪڙو بيٺل هو، جنھن جيءَ حرفت سڀني کي ٻين کان وڌيڪ خوشي ٿي ڏني، ڇا ڪا ڻ تہ جنھن طريقي ۾ مون ڪتاب ميز تي رکيا هئا، سو نمونو ڏسي هن نھايت چالاڪيءَ سان هڪڙوءَ ڪتاب کڻي ورتو ۽ ان جي جاءِ تي هڪڙو پنھنجو فاحش چرچن جو ڪتاب رکي ڇڏيو، تنھن هوندي بہ هي حرڪتي خسيس ماڻھن جو ٽولو جيڪي بہ ڪري سگهيو، تنھن تي مون ڪو بہ ڌيان ڪو نہ ڏنو، پر اڳتي هلندو رهيس، ڇا ڪاڻ تہ مون کي خاطري هئي تہ جيڪي بہ منھنجيءَ ڪوشش ۾ بيھودو هوندو، سو صرف پھريائين يا ٻئي دفعي خوشي جاڳائيندو، پر جيڪي بہ ضروري هوندو، سو هميسھ لاءِ قائم رهندو، منھنجي تجويز ڪامياب ٿي ۽ڇهن ڏينھن کان ڪي توبھه ڪندڙ ۽ ڌيان ڏيندڙ بنجي پيا.
مون هاڻي کين آسودي بنائن لاءِ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو، هن وقت تائين سندن وقت ڏڪر ۽ ارزانيءَ هل مچائيندڙ فساد ۽ تمام گهڻي پڇتاءُ ۾ ورهايو هو، سندن صرف مشغولي هوندي هئي، پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ، ٻارين وارين راند کيڏڻ ۽ تماڪ جون ٻنجيون وڍڻ. ان آّخري سستي واري ڌنڌي مان ڪن کي ، جن چاهيو ٿي، مون تما وڪڻندڙن ۽ بوٽن ٺاهيندڙن لاءِ ڪاٺ جي گهوڙين ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳائڻ جو سبق ورتو. موزون ڪاٺ عام جي چندي مان خريد ڪيو ويو ۽ جڏهن مال جڙي تيار ٿيو، تڏهن اهڙي نموني وڪيو ويو، جو هر هڪ روزانو ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪمايو، اهو اجورو سچ پچ تہ تمام ٿورو هو، مگر سندن گذر لاءِ ڪافي هو.
مون پنھنجي ڪم کي اتي ختم نہ ڪيو، مگر بد اخلاقي جي سزا لاءِ ڏنڊ ۽ خاص هنرن لاءِ انعام جاري ڪيم، اهڙي طرح ٻن هفتن کان گهٽ عرصي ۾ مون کين ڪجهہ قدر رلڻو ملڻو ۽ نرم دل بنايو.
اهو نھايت گهڻي، قدر پسنديده ڪم ٿيندو جو قانون جوڙيندڙ طاقت . قانون کي سختيءَ بدران هن نموني سڌاري ڏانھن رجوع ڪري. ڇا ڪاڻ تہ اهو ثابت ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو تہ گناهن کي پاڙون پٽي ڪڍڻ جو ڪم سزائن کي عام ڪرڻ سان نھ، مگر سخت ڪرڻ سان ٿيندو آهي، اسان جا موجودہ جيل جي ماڻھن کي گنگهار ڏسن ٿا، يا ڪن ٿا، جي ڪمبختن کي هڪ گناھہ جي سلسلي ۾ بند ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن هو جيئرا آهن تہ کين وري هزارين گناهن ڪرڻ لاءِ تمام لائق بنائي موٽائي موڪلين ٿا، انھن جي بدران اسان وٽ ”يورپ“ جي ٻين ملڪن وانگر پڇتاءُ ۽ خلوت جون جايون هئڻ گهرجن، جتي اهڙا ماڻھو جوابدارن وٽ حاضريءَ ۾ هجن، جي کين، جيڪڏهن هو ڏوهي هجن، تہ توبھه ڪرڻ تي آماده ڪن ۽ جيڪڏهن معصوم هجن، تہ کين اخلاق جا نوان مقصد ۽ طريقا سيکارين. هيءَ ئي طريقو سياست کي سڌارڻ جو آهي، مگر سزائن وڌائڻ سان ڪو بہ کڙتيل نہ نڪرندو، آءٌ مورڳو ان حق جي سچائيءَ تي حجت اٿارڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، جو سماجي جماعتن خسيس ڏوهن لاءِ موت جي سزائن ڏيڻ ۾ اختيار ڪيو آهي، خون جي مقدمن ۾ سندن حق واجبي آهي، ڇا ڪاڻ تہ پنھنجي حفاظت جي قانون مطابق، ان ماڻھو کي جنھن ٻئ جي حياتيءَ ڏانھن بي لحاظي ڏيکاري آهي، قتل ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اهڙن جي خلاف سموري خلق دشمن ٿي سگهي ٿي، مگر ان ماڻھوءَ جي خلاف اهڙي سزا واجبي نہ آهي، جو منھنجي ملڪيت چورائي ٿو، قدرت جو قانون مون کي سندس حياتي ءَ وٺڻ جو حق نٿو ڏئي، ڇا ڪاڻ تہ (قانون) موجب اهو گهوڙو جو هو چورائي ٿو، سو اوترو ئي هن جي ملڪيت آهي، جيترو منھنجي. وحشي، جي صرف قدرت جي قانون جي ئي رهنمائيءَ هيٺ هلن ٿا، اهي هڪ ٻئي جي حياتيءَ بنسبت ڏاڍا حليم آهن، اهي اڳئين ظلم جي بدلي وٺڻ کان سواءِ ورلي ڪا رتو ڇاڻ ڪن ٿا.
اسان جا ”سئڪسن“ ابا ڏاڏا، جيترو لڙائيءَ وقت تمام خوفناڪ هئا، اوترو ئي صلح جي وقت ڪي ٿوريون ڦاسيءَ جون سزائون ڏيندا هئا ۽ اهي سڀئي بنيادي حڪومتون جن تي اڃا تائين قدرت جو نشان پختو آهي، انھن ۾ ورلي ڪو ڏوھہ موت جي سزا لائق ٺھرايو ويو آهي.
سڌريل قوم جي شھر واسين وٽ سزا جا قانون، جي شاهوڪارن جي هٿن ۾ آهن، سي غريبن جي مٿان مڙهيا وڃن ٿا، ڏٺو ويو آهي تہ حڪومت جيئن جهوني ٿئي ٿي. تيئن پنھنجي بقا لاءِ وڌيڪ منتظر ٿئي ٿي، جھڙي طرح جيئن اسان جي ملڪيت وڌي ٿي، تيئن اسان کي وڌيڪ پياري ٿئي ٿي، جيئن اسان جي ڌن جو وڌيڪ انداز، تيئن اسان جو خوف بہ بي حد وڌيڪ. اسان جون سڀئي ملڪيتون روزانو نون فرمانن سان محفوظ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر ڪنھن حملي ڪندڙ کي خوف ڏيارڻ لاءِ اهي ٽِڪِٽِڪَينَ جي وچ ۾ ٽنگيل آهن.
آءُ چئي نٿو سگهان، تہ آيا اهو اسان جي سزا جي قانون جي ڪثرت کان آهي، يا اسان جي ماڻھن جي عيش سبب، جو اسان جو ملڪ ساليانو اڌ”يورپ“ جي گڏيل حڪومتن کان بہ زياده سزا ڏنل ڏوهي ڏيکاري ٿو، شاديد اهو ٻنھي ڪري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ٻئي هڪ ٻئي کي پيدا ڪن ٿا. جڏهن هڪ قوم، سوچ ۽ ويچار کان سواءِ جڙيل سزا جي قانون موجب ڏوھہ جي مختلف درجن لاءِ ساڳي سزا مقرر ٿيل ڏسي ٿي، تڏهن سزا ۾ ڪنھن بہ فرق نہ ڏسڻ سبب، ماڻھوءَ ڏوھہ ۾ تفاوت محسوس ڪرڻ جي تميز وڃائي ويھن ٿا، ۽ ڏوھہ ڪرڻ لاءِ راغب ٿين ٿا.
تنھن هوندي بہ ائين هجي، جو گناهن جي سزا ڏيڻ لاءِ نون قاعدن جوڙڻ جي تجويز ڳولي ڪڍڻ بدران، اسان حڪومت جي پابندي وجهندڙ فنن کي آزمايون، ۽ قانون کي ماڻھن جو سنڀاليندڙ نہ ئي انھن مٿان ظلم ڪندڙ بنايون، پوءِ اسين ڏسنداسون تہ اهي ماڻھو جن جي روح کي نيچ جھڙو سمجهيو وڃي ٿو، تن کي صرف ڪنھن اصلاح ڪندڙ جي هٿ جي ضرورت آهي، اسين ڏسنداسون تہ اهي مخلوق جي هن وقت عذابن ۾ آهن، انھن سان جيڪڏهن پوري طرح هلت ڪئي وڃي تہ شايد اهي خوف جي وقت حڪومت کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جي خدمت ڪن.

باب اٺاويھون: مرڪ ۽ لڙڪ

آئون هينئر ٻن هفتن کان وڌيڪ قيد ۾ رهيو هوس، پر پنھنجي پياريءَ ڌيءَ جي ملاقات کان محروم رهيو هوس ۽ کيس ڏسڻ جي تمام گهڻي خواهش هيم. مون پنھنجي خواهشن کان پنھنجيءَ زال کي آگاھہ ڪيو، ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو اها غريب ڇوڪريءَ سندس ڀيڻ جي ٻانھن تي ٽيڪ ڏيندي ، منھنجي ڪوٺيءَ ۾ اندر گهڙي، مون جا سندس چھري ۾ تبديلي ڏٺي تنھن مون کي ضرب هنئين. بيشمار زيب زينتون جي ڪنھن وقت اتي جاءِ گزين هيون، سي هاڻي اڏامي ويون هيون، سندس لوندڙيون اندر پيھي ويون هيون، سندس پيشاني تاڻيل ۽ موت جي پيلاڻ سندس ڳلن تي جاءِ گزين هئي.
مون چيو .”منھنجي پياري، آءٌ تو کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، پر ”لوي “ اها اداسائي ڇو؟ منھنجي پياري، مون کي اميد آهي تہ تو کي منھنجي لاءِ ايتري گهڻي عزت آهي، جو تون نا اميديءَ ڪري هن طرح هڪ ان حياتيءَ کي جنھن کي آءٌ پنھنجي زندگيءَ جھڙيءَ قيمتي سمجهان ٿو، ناس ڪرڻ جي اجازت نہ ڏيندس، ٻچا خوش خلق ٿيءَ، ڇو تہ اسين اڃا بہ شايد وڌيڪ خوشيءَ وارا ڏينھن ڏسون.“
هن وراڻي ڏني، ”توهين هميشہ مون تي مھربان رهيا آهيون ۽ اهو خيال منھنجي درد ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو، تہ آءٌ ڪڏهن بہ خوش بہ اها خوشي جنھن جو توهين انجام ڪريو ٿا، ان ۾ شريڪ ٿي نہ سگهندس، مون کي خوف آهي تہ خوشي منھنجي لاءَ ڪو بہ وڌيڪ عرصو محفوظ ٿيل نہ آهي، آءٌ ان جاءِ کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي، جتي مون صرف بربادي ڏ‎ٺي آهي، سچ پچ تہ سائين آءٌ چاهيان ٿي، تو توهين ”مسٽر ٿارنھل“ کي پوريءَ طرح پيش پئو، اوهان جو پيش پوڻ شايد ڪجهہ قدر کيس اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ۽ اهو مون کي مرڻ ۾ آرام ڏيندو.
مون جواب ڏنو،”ٻچا، ڪڏهن بہ نھ. ڪڏهن بہ آءٌ پنھنجي ڌيءَ کي هڪ بد اخلاق عورت قبول نہ ڪندس، ڇا ڪاڻ تہ جيتوڻيڪ دنيا ڀلي تنھنجي گناھہ کي حقارت سان ڏسي، مگر منھنجو خيال ان کي بي سمجهيءَ جي ۽ نہ گناھہ جي نشاني سمجهندو، منھنجي پياريءَ آءٌ ڪنھن بہ حالت ۾ هن جڳھہ ۾ دکي نہ آهيان، پوءَ ڀلي اها ڪيتري قدر بہ ڀيانڪ ڏسڻ ۾ اچي ۽ خاطري ڪر جيستائين تون پنھنجي حياتي سان مون تي نوازش ڪرڻ جاري رکندينءَ تيستائين هو ڪڏهن بہ مون کان ٻيءَ شاديءَ جي اجازت حاصل ڪري، ان سان تو کي وڌيڪ دکي نہ ڪندو،
منھنجي ڌيءَ کي موڪلاڻيءَ بعد ڀر ۾ ويٺل منھنجي قيد ڀائيءَ جنھن مون کي آزاديءَ ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو، منھنجي پيش پوڻ جي انڪار ڪرڻ جي شدت تي ڪافي دلسوزي سان بحث ڪيو، هن چيو، ” پنھنجي باقي ڪتنب جي ڀاتين کي اهڙي اڪيلي ٻار جي سک خاطر قربان نہ ڪيو وڃي، جنھن توهان جي جذبات کي تمام زبردست ضرب هنئي آهي، “. هن وڌيڪ چيو، ” ان سان گڏ آئون نٿو سجهان تہ اهڙيءَ طرح زال ۽ مڙس جي اهڙي ميلاپ جي وچ ۾ رنڊڪ وجهڻ ڪو جائز ٿيندو، جنھن کي تون هن وقت هڪ ”وهان“ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ سان وڌيڪ پوئتي وجهي نٿو سگهين، پر شايد نا خوشيءَ سان قبول ڪرين،
مون جواب ڏنو، ”سائين توهين ان ماڻھوءُ جا واقف نہ آهيو، جو اسان کي ايذائي ٿو، مون کي تمام چڱي طرح معلوم آهي تہ آءٌ ڪا بہ اهڙي تابعداري ڪري نٿو سگهان، جا آزاديءَ جو صرف هڪ ڪلاڪ مون کي ڏيئي سگهي، جيستائين ڪا منھنجي ڌيءَ زنده آهي، تيستائين هن جي ٻي شادي ڪڏهن بہ منھنجي نظرن ۾ جائز نہ ٿيندي، جيئن تہ هيءُ بدمعاش آهي، تنھن ڪري مون کي سندس مستقبل جي مڪاريءَ جي نتيجن کي روڪڻ لاءِ سندس شادي شدہ هئڻ جي خواهش رکڻ گهرجي، پر آءُهاڻ پنھنجي لاءِ صرف قيد کان پاسي ڪرڻ خاطر ان اقرار نامي صحيح ڪرڻ ۾ سڀني پيئرن کان وڌيڪ ظالم نہ ٿيندس ڇا، جو ضرور پنھنجي ڌيءَ کي قبر ڏانھن روانو ڪندس، ڇا اهڙي طرح هڪ تڪليف مان آزاد ٿيڻ لاءِ پنھنجي ٻار جي دل، هڪ هزار دردن سان ٽوڙيان.؟
هن جواب جي معقوليت قبول ڪئي، پر هن چوڻ کان پاسو ڪري ڪين سگهيو، تہ کيس خوف هو تہ منھنجي ڌيءَ زندگي قيد ۾ رهڻ سبب اڳيئي زبو ن ٿي چڪي هئي، تنھن هوندي بھ، هن وڌيڪ چيو، ”جيتوڻيڪ تون ڀائٽي کي عرض ڪرڻ کان انڪار ڪرين ٿو، مگر مون کي اميد آهي تہ تو کي سندس چاچي جي اڳيان پنھنجي ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ڪو اعتراض نہ آهي، جنھن جو اخلاق هن حڪومت ۾ هر ڪنھن واجبي ۽ چڱي ڪم لاءِ اول درجو رکي ٿو؟ آءٌ توهان کي صلاح ڏيندس، تہ توهين ڏانھس ٽپال رستي خط موڪليو، جنھن ۾ سندس ڀائٽي جيڪو بہ اوهان سان خراب برتاءُ ڪيو آهي، ان کان کيس آگاھہ ڪريو ۽ منھنجي حياتيءَ جو قسم تہ ٽن ڏينھن اندر اوهان کي ان جو جواب ملندو“. مون هن جي ڪيل هدايت جو شڪريو ڪيو، يڪدم ان جي بجا آڻڻ لاءِ تيار ٿيس، پر مون کي ڪاغذ گهربو هو، ۽ قد قدقسمتي سان سمورو اسان جو پيسو ان صبح جو سيڌي خرچ ٿي ويو هو، انھيءَ ڪري اهو پڻ هن مون کي ميسر ڪري ڏنو.
ايندڙ ٽن ڏينھن آءٌ ان معلوم ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ هوس، تہ منھنجي خط جو ڪھڙي نموني خير مقدم ڪيو ويو هوندو، پر انھيءَ عرصي اندر منھنجي زال هتي رهڻ بدران ڪن بہ شرطن تي پيش پوڻ لاءِ بار بار عرض ڪندي رهي ۽ هر ڪنھن ساعت پنھنجي ڌيءَ جي زوال پذير تندرستيءَ جو احوال پھچڻ لڳو، ٽيون چوٿون ڏينھن آيا، مگر مون کي پنھنجي خط جو ڪو بہ جواب ڪو نہ مليو، هڪ دل گهريي ڀائٽي جي خلاف هڪ اجنبي جون فريادون ڪنھن بہ صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ جوڳيون نہ هيون، انھي ڪري اهي اميدون منھنجن سڀني لڳين اميدن وانگر جلدي غائب ٿي ويون، تنھن هوندي بہ منھنجي دل اڃا تائين خود پنھنجي حمايت ڪرڻ لڳي، جيتوڻيڪ قيد ۽ خراب هوا منھنجيءَ تندرستيءَ ۾ ظاهر ظھور تبديلي ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ منھنجي ٻانھن جا باھہ ۾ سڙي هئي سا وڌيڪ خراب ٿي پيئي هئي، تنھن هوندي بہ منھنجا ٻار منھنجي بستري ڀرسان ويٺا هوندا هئا، ۽ جنھن وقت آءٌ پنھنجي ڪکن واري بستري تي ليٽيو پيو هوندو هوس، ان وقت واري واري تي مون کي انجيل پڙهي ٻڌائيندا هئا، يا منھنجي هدايتن تي توجهہ ڏيندا روئندا هئا، مگر منھنجيءَ ڌيءَ جي صحت مون کان وڌيڪ تڪڙي خراب ٿيڻ لڳي، وٽانئس ايندڙ هر هڪ پيغام منھنجي انديشي ۽ درد کي وڌايو......مون ”سر وليم ٿارنھل“ کي جنھن ڏينھن خط لکيو هو ان کي پوءِ پنجين ڏينھن بہ صبح جو مون کي هڪ احوال سان خبردار ڪيو ويو تہ هوءَ ڳالھائي نٿي سگهي . هاڻي ائين ٿيو، جو قيد منھنجي دل لاءِ سچ پچ تہ تڪليف ده ٿي پيو هو، منھنجي دل پنھنجي ٻار جي سيرانديءَ هئڻ، کيس تسلي ڏيڻ، کيس تقويت ڏيڻ، سندس آخري خواهشن ٻڌڻ ۽ سندس روح کي بھشت ڏانھن وڃڻ جي طريقي سيکارڻ لاءِ پنھنجي قيد خاني مان اڌ مان ڏيئي ٻاهر نڪرڻ لڳي، ٻيو احوال آيو تہ هوءَ سڪرات ۾ هئي، منھنجو قيد ڀائي ان کان ٿورو وقت پوءِ آخرين احوال سان آيو، هن مون کي صابر ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو تہ هوءَ مري ويئي، ٻئي ڏينھن صبح جو هو واپس آيو ۽ مون کي پنھنجن ٻن ننڍڙن سان ڏٺائين، جي ئي هاڻي منھنجا فقط ساٿي هئا ۽ جي پنھنجون جملي معصوم ڪوششون مون کي تسلي ڏيڻ لاءِ خرچ ڪري رهيا هئا، هن مون کي دعائن پڙهي ٻڌائڻ لاءِ التجائون ڪيون ۽ مون کي دانھن نہ ڪرڻ لاءِ چيائون، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ايترو گهڻو ٻڍو هوس، جو روئي نٿي سگهيس، وڏي پٽ دانھن ڪري چيو، ”بابا ڇا هاڻي منھنجي ڀيڻ ملائڪ نہ آهي؟ پوءَ ڇو توهين ان لاءِ اداس آهيو، آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪڏهن بابا مون سان گڏ هجي تہ آءٌ هن خوفناڪ جڳھہ کان ٻاهر جيڪر ملائڪ هجان“. منھنجي ننڍڙي پياري پٽ چيو. ”هائو بھشت، جتي اسان جي ڀيڻ آهي، هن کان وڌيڪ عمدو آهي، اتي نيڪ ماڻھن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي، ۽ هتي تمام خراب ماڻھو آهن.“
”مسٽر جينڪنسن“ سندن ٻاراڻيءَ گفتگو کي وچ ۾ روڪيو، هن چيو، ”تنھنجي ڌيءَ فوت ٿي چڪي آهي. تو کي پنھنجي خاندان جو خيال نھايت سنجيدگيءَ سان ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي زندگي جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جا ڏينھن بہ ڏينھن ضروريات زندگي ۽ صحت بخش هوا جي ڪميءَ سبب پوئتي پوندي ٿي وڃي،“ هن وڌيڪ چيو، ”اهي تنھنجا ٻچا جي توتي پالنا لاءِ ڀروسو رکن ٿا، انھن جي ڀلي ڪاڻ ڪنھن بہ فخريا ناراضپي کي قربان ڪرڻ هاڻي تو تي لازم آهي“. ان ڪري هاڻي آءٌ مٿين ٻنھي سببن ۽ انصاف ڪري پنھنجي زميندار سان صلح ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ مجبور ٿي پيس.
مون جواب ڏنو، ”مولا سائين جو حَمَد ڪيو وڃي، مون وٽ هاڻي ڪجهہ بہ فخر نہ رهيو آهي، جيڪڏهن آءٌ فخر يا غصي کي پنھنجي دل ۾ ڇَپَ ماري ويٺل ڏسان ها، تہ هوند ان تي تمام سخت نفرت ڪريان ها، جيئن تہ منھنجو ستمگر ڪنھن وقت منھنجي حلقي جو فرد ٿي رهيو آهي، تنھن ڪري آءٌ کيس ڪنھن ڏينھن هڪ پاڪ روح وانگر دائمي عدالت اڳيان پيش ڪرڻ جي اميد رکان ٿو، تہ سائين هاڻي مون کي ڪو بہ غصو نہ آهي، جيتوڻيڪ هن مون کان اهو ڪجهہ کسيو آهي، جو مون سندس سڀني خزانن کان وڌيڪ پيارو سمجهيو هو، منھنجا قيد ڀائي جيتوڻيڪ هن منھنجيءَ دل کي نپوڙيوآهي، ڇاڪاڻ تہ هن وقت آءٌ صفا بي هوش ٿيڻ تي بيمار ۽ تمام بيمار آهيان، انھيءَ هوندي بہ منھنجي دل ڪڏهن بہ مون کي بدلي وٺڻ جي تلقين نہ ڪندي ، آءٌ هاڻي سندس شاديءَ منظور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهيان، جيڪڏهن هي پيش پوڻ کيس ڪجهہ بہ راضي ڪري سگهي تہ کيس اطلاع ڪريو تہ مون جيڪڏهن کيس ڪو بہ ايذاءُ پھچايو آهي، تہ ان لاءِ مون کي ارمان آهي.“
”مسٽر جينڪنسن“ مس ۽ قلم کنيا ۽ منھنجي اقرار نامي کي جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي، تيئن لکيو، مون ان تي پنھنجي صحيح وڌي ۽ پنھنجي پٽ کي ”مسٽر ٿارنھل“ ڏانھن خط کڻي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو، ان وقت هو صاحب ٻھراريءَ ۾ پنھنجي صدر مقام تي هو، هو ويو ۽ اٽڪل ڇهن ڪلاڪن ۾ زباني جواب سان واپس آيو، هن چيو تہ جيئن تھ، سندس نوڪر گستاخ ۽ شڪي هئا، تنھن ڪري کيس پنھنجي زميندار جي ديدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهہ تڪليف ٿي، پر جيئن هو پاڻ سندس شاديءَ جي تياريءَ لاءِ ڪاروبار سان ٻاهر پئي ويو، جا ٽن ڏينھن اندر ٿيڻي هئي، تيئن هن اوچتو کيس ڏٺو هن اسان کي وڌيڪ ٻڌايو تہ هو نھايت ئي نھٺائي۽ حليمائي سان ڏانھنس ويو ۽ کيس خط ڏنائين، جو جڏهن “مسٽر ٿانھل“ پڙهيو، تڏهن چيائين، ”سموري تابعداري هاڻي تمام ديري واري ۽ غير ضروري آهي، ڇا ڪاڻ تہ مون اوهان جي ان درخواست بابت ٻڌو آهي، جا اوهان منھنجي چاچي ڏانھن موڪلي آه ۽ جا حقيراڻي نموني نيڪال ڪئي ويئي آهي، باقي وڌيڪ جي لاءِ هن کان پوءِ سڀئي درخواستون منھنجي مختيار ڏانھن موڪليون وڃن، ۽ نہ مون ڏانھن“ موزز ڏٺو تہ جيئن تہ کيس انھن ٻن عورتن جي شعور بنسبت تمام سٺو گمان هو، تنھن ڪري اهي شايد تمام موزون سفارشي ٿيون هوندويون.
مون پنھنجي قيد ڀائيءَ کي چيو، ”چڱو سائين! تون هاڻي ان ماڻھوءَ جو مزاج معلوم ڪري سگهين ٿو، جنھن اسان تي ظلم ڪيو آهي، هو ساڳئي وقت تي خوش مزاج ۽ظالم ٿي سگهي ٿو، ڀلي هو مون سان جيئن وڻيس، تيئن برتاءُ ڪري، مگر هنن قيد ڪندڙ جملي لوھہ جي تاڙين جي باوجود، آءٌ جلدي آزاد ٿيندس، آءٌ هاڻي هڪ ان قيام گاھہ ڏانھن اڳتي وڌندو پيو وڃان، جا جيئن آءٌ ويجهو ٿو وڃان، تيئن وڌيڪ روشن نظر اچي ٿي، هيءَ (اميد) منھنجين مصيبتن کي هلڪو ڪري ٿي ۽ جيتوڻيڪ آءٌ پويان بيوس يتيمن جو ڪٽنب ڇڏيان ٿو، تنھن هوندي بہ اميد اٿم تہ اهي اصل وساريل نہ ٿيندا. ڪو دوست شايد سندن غريب پيءُ جي صدقي هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ لڀي پوندو ۽ شايد ڪي پنھنجي آسماڻي خدا جي واسطي سخاوت سان سندن دستگيري ڪندا“.
جيئن مون ڳالھايو تيئن منھنجي زال جنھن مون کي ان ڏينھن نہ ڏٺو هو، سان خوفزده نگاهن سان ڳالھائڻ جون ڪوششون ڪندي حاضر ٿي، مگر ڳالھائي نہ سگهي، مون چيو، ”ڇو منھنجي پياري، ڇو تو اهڙي نموني پنھنجن ڏکن سان گڏ منھنجا ڏک بہ وڌائين ٿي، ڇا ٿيو، جيڪڏهن ڪي بہ تابعداريون اسان جي سخت مالڪ کي موڙي نٿيون سگهن، جيڪڏهن هن مون کي هن مصيبت جي حالت ۾ مرڻ جي سزا ڏني آهي ۽ اسان پنھنجو پيارو ٻچو وڃايو آهي، تنھن هوندي بہ اڃا تائين تون پنھنجن ٻين ٻارن مان تسلي حاصل ڪري سگهندينءَ جڏهن آءٌ زنده نہ هوندس“. هن جواب ڏنو، ”پاڻ سچ پچ تہ هڪ ٻار وڃايو آهي، منھنجي ”صوفيا“ منھنجي پياري صوفيا اسان وٽان هلي ويئي آهي، اسان کان ڦرجي ويئي ۽ کيس بدمعاش کڻي ويا.“
منھنجي قيد ڀائيءَ چيو، ”ڪيئن خاتون، مس صوفيا بدمعاشن هٿان کڄي ويئي، ؟ خاطري ڪر، ائين ٿي نٿو سگهي،
هوءَ صرف مستحڪم نگاھہ ۽ ڳوڙهن جي سيلاب سان جواب ڏيئي سگهي، پر قيدين جي زالن مان هڪ زال جا، اتي حاضر هئي ۽ ساڻس اندر آئي هئي، تنھن اسان کي وڌيڪ چٽو احوال ڏنو، هن اسان کي آگاھہ ڪيو تہ جيئن منھنجي زال، منھنجي ڌيءَ ۽ پاڻ ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر شاهي رستي تي گهمي رهيون هيون، تيئن هڪ چئن ڦيٿن واري گاڏي ۽ هڪ جوڙو سوارن جو ڏانھن وڌيو ۽ اوچتو بيھي ويا، جلد ئي هڪ خوش لباس ماڻھو جيڪو ”مسٽر ٿارنھل“ نہ هو، ٻاهر قدر رکندي منھنجي ڌيءَ کي چيلھہ ۾ ٻک وڌو ۽ زوريءَ کيس اندر ڪري ڪوچوان کي اڳتي هلڻ جو حڪم ڪيو ، ايتري قدر جو هو هڪ ساعت ۾ نظرن کان غائب ٿي ويا.
مون چيو، ”هاڻي منھنجي مصيبتن جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻي ڌرتيءَ جي ڪنھن بہ شيءَ کي اهو سندس وس ۾ نہ آهي، جو مون کي ڪو بہ ٻيو،ڏک ڏيئي سگهي، ڇا هڪ بہ نہ ڇڏي ويئي! مون وٽ هڪ بہ نہ ڇڏي ويئي! راڪاس! اهو ٻار جو مون کي پنھنجي دل کان ٻيو نمبر پيارو هو، ۽ کيس هڪ ملائڪ جو حسن ۽ سياڻپ هئي..... مگر ان عورت کي ٽيڪ ڏي، هن کي ڪرڻ نہ ڏي، هڪ بہ مون وٽ نہ ڇڏي ويئي،
منھنجي زال چيو، ”افسوس ، منھنجا پيارا مڙس ڏسجي ٿو تھ، تون مون کان بہ وڌيڪ تسڪين چاهين ٿو، اسان جون مصيبتون وڏيون آهن، پر آءٌ اهي ۽ ان کان بہ وڌيڪ برداشت ڪري سگهان ٿي، جيڪڏهن آءٌ صرف تو کي آسودو ڏسان، جيڪڏهن هو صرف تو کي مون وٽ ڇڏين تہ پوءِ ڀلي منھنجا سڀ ٻار ۽ سموري دنيا کڻي وڃن.“
منھنجو پٽ جو حاضر هو، تنھن اسان جي ڏک کي هلڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن اسان کي تسليءَ ڏيڻ لاءِ چيو، ڇا ڪاڻ تہ هن اميد ٿي ڪئي، تہ شايد اسان کي اڃا تائين بہ شڪر گذار رهڻ جو سبب هو، مون چيو، ”منھنجا ٻچا تون چوڌاري نظر ڪر ۽ ڏس، جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا بہ خوشيءَ منھنجي لاءِ ڇڏيل هجي‏، ڇا تسڪين جو هر هڪ ڪرڻو بند ٿيل نہ آهي؟ هن وقت اسان جون جملي ترقيءَ جون روشن اميدون صرف قبر جي پويان رکيل آهن“. هن جواب ڏنو، ”مگر منھنجا پيارا والد صاحب مون کي اميد آهي تہ اڃا تائين ڪا بہ شيءِ آهي، جا توهان کي ڪجهہ عرصي لاءِ خوشي ڏيندي، ڇا ڪاڻ تہ مون وٽ منھجي ڀاءُ جارج جو خط آيل آهي“. مون وچ ۾ رنڊڪ وجهي چيو، ”ٻچا هن جو ڪھڙو احوال آهي،ڇا کيس اسان جي تڪليفن جي خبر آهي؟ مون کي اميد آهي تہ منھنجو ڇوڪر، جيڪي بہ سندس دکي ڪٽنب برداشت ڪري رهيو آهي، تنھن جي هر ڪنھن اثر کان بري آهي“. هن جاب ڏنو، ”هائو سائين، هو مڪمل طرح خوش ۽ آسودہ خورم ۽ راضي آهي،سندس خط سٺيءَ خبر کان علاوه ٻيو ڪجهہ بہ نٿو آڻي، هو پنھنجي ان ڪپتان جو منظور نظر آهي، جنھن کيس اصل هن کانپوءِ خالي ٿيندڙ ليفٽينٽ جي جڳھہ وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي“.
منھنجي زال چيو، ۽ تون ان سڀ کان مطمئن آهين؟ ۽ تو کي يقين آهي تہ ڪابہ مصيبت منھنجي ڇوڪري جي مٿان نازل نہ ٿي آهي، “. منھنجي پٽ چيو، ” ها يقينا ڪجهہ بہ نہ جڏهن توهين اهو خط ڏسندو، تڏهن اهو توهان کي گهڻي ۾ گهڻي خوشي ڏيندو ۽ جيڪڏهن هن وقت ڪا بہ شيءَ توهان کي تسلي ڏيئي سگهي ٿي تہ مون کي خاطري آهي تہ اهو ئي ڏيندو.“ وري بہ سندس ماءُ دهرائي چيو، ”پر تون کي خاطري آهي تہ اهو خط وٽانئس آيل آهي ۽ سچ پچ تہ اهو اهڙو خوش آهي؟“ ”موزز“ جواب ڏنو، ”هائو امان، خاطري آهي، تہ اهو خط سندس ئي آهي ۽ هو ڪنھن ڏينھن اسان جي ڪٽنب جو ناموس ۽ شان ٿيندو“. هن چيو ”تڏهن آءٌ پروردگارجو شڪر ڪريان ٿي، جو منھنجو ڏانسھن موڪليل خط پوري پتي تي نہ پھچايو ويو“. ”ها، منھنجا پيارا“. هن مون ڏانھن مھڙ ڪندي چيو، ”هاڻي آءٌ قبول ڪنديس، تہ جيتوڻيڪ ٻين واقعن ۾ اسان تي آسمان تمام سخت ٿيو آهي، تاهم هن وقت مھربان ثابت ٿيو آهي، آخري خط جو مون تمام سخت ڪاوڙ جي ڪوڙائي ۾ پنھنجي پٽ کي لکيو هو، تنھن ۾ مون کانئس گهر ڪئي هئي تہ جيڪڏهن کيس هڪ مرد جي دل هئي تہ پوءِ سندس ماءُ جي دعائن جي صدقي هو، سندس ڀيڻ ۽ پيءُ جو بدلو وٺي، پر ان موليٰ سائينءَ جا شڪرانا ڪجن، جو سڀني شين کي انتظام هيٺ هلائي ٿو، ڇا ڪاڻ تہ اهو خط پوري پتي تي نہ پھچايو ويو ۽ آءٌ هاڻي خوش آهيان“. مون چيو، ”عورت تو تمام خراب ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪنھن ٻئي وقت تي منھنجيون ملامتون شايد گهڻو سخت هجن ها، تحقيق پروردگار، جيترو خود اسين پاڻ تي مھربان آهيون، ان کان وڌيڪ هن ڪم ۾ اسان تي مھربان ٿيو آهي، هن پنھنجي پٽ کي انھيءَ لاءَ محفوظ رکيو آهي تہ جڏهن آءٌ مري وڃان تڏهن هو منھنجي ٻارن جو سنڀاليندڙ ٿئي، پر هن هاڻي ڪھڙيون ڀينرون ڇڏيون آهن، هن کي هاڻي ڪي بہ ڀينرون نہ آهن، اهي ٻئي هليون ويون، اهي مون کان کسيون ويون ۽ آءٌ برباد ٿي ويو آهيان“. منھنجي پٽ وچ ۾ چيو، ”بابا آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين مون کي هن خط پڙهڻ جي اجازت ڏيو، مو ن کي خبر آهي تہ هيءُ خط اوهان کي خوش ڪندو“. ان بعد هن منھنجي اجازت سان اهو خط هيٺين طرح پڙهڻ شروع ڪيو.
محترمہ قبلھ سائين
”مون پنھنجي خيال کي ڪجهہ ساعتن لاءِ انھن خوشين کان جي مون وٽ موجود آهن. هٽائين انھن شين ڏانھن متوجهہ ڪرڻ لاءِ ڦيرايو آهي، جي اڃا بہ وڌيڪ خوشي ڏيندڙ آهن، يعني گهر جي وڻندڙ ننڍڙيءِ چلھہ جو پاسو. منھنجو وهم اهو انومان ڪڍي ٿو، تہ اهي ضرر ٽولو هن جي سڀ ڪنھن سٽ ڏانھن جميعت سان متوجهہ آهي، آءٌ اهي ماڻھو مسرت سان ڏسان ٿو،جن ڪڏهن بہ حرص يا مصيبت جو بي ڊولو ڪندڙ هٿ محسوس نہ ڪيوآهي، گهر ۾ اوهان کي کڻي ڪيتري بہ خوشي هجي، مگر مون کي يقين آهي، تہ اهي احوال اوهان جي خوشيءَ ۾ اضافو آڻيندو، آءٌ پنھنجيءَ حالت تي مڪمل طرح خوش۽ سڀ ڪنھن طريقي مطمئن آهيان، اسان جو فوجي دستو منسوخ ٿيو آهي ۽ ان کي حڪومت جون حدون ڇڏڻيون نہ آهن، ڪپتان جو منھنجي دوست هئڻ جي هام هڻي ٿو، سو مون کي سڀني فوجي دوستن ڏانھن جتي بہ سندس واقفيت آهي، پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو ۽ پنھنجي پھرين ملاقات کانپوءِ آءٌ عام طرح ڏسان ٿو تہ وري ان جي دهرائڻ تي منھنجو وڌيڪ عزت سان استقبال ڪيو وڃي، گذريل رات مون ”ليڊي گرانٽ“ سان ناچ ڪيو، مگر اوهان کي معلوم هجي تہ اها محبوبہ جنھن کي حاصل ڪرڻ ۾ آءٌ شايد ڪامياب ٿيان، جو اڃا گهڙي بہ آءٌ وساري ڪين سگهيس، منھنجو نصيب ئي ڪو اهڙو آهي، جو اڃا تائين بہ آءٌ ٻين کي ياد ڪريان ٿو، حالانڪ آءٌ پاڻ پنھنجن غير حاضر دوستن مان تمام گهڻن کان وسريل آهين ۽ مون کي خوف آهي تہ آءٌ ضرور اوهان کي بہ انھن ۾ شمار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون گهڻو ئي وقت گهر جي طرف کان خط جي مسرت جي بي فائدي اميد رکي آهي، اوليويا ۽ صوفيا پڻ خط لکڻ جو وعدو ڪيو هو، پر ڏسجي ٿو تہ انھن پاڻ مون کي وساري ڇڏيو آهي، کين ٻڌايو تہ هو ٻہ ”لوٺيا فقير“ آهن ۽ ائين بہ تہ آءٌ هن ساعت ساڻن تمام سخت ڪاوڙيل آهيان، جيتوڻيڪ آءٌ ڪجهہ شوخي ڪرڻ چاهيان ٿو، تنھن هوندي بہ اڃاتائين مون کي خبر نٿي پوي تہ ڪيئن منھجي دل صرف نرم جذبن ڏانھن جوابده آهي، تڏهن بہ سائين! کين ٻڌايو تہ انھي هوندي بہ آءٌ کين دلي محبت ڪريان ٿو، هميشہ خاطري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو فرمانبردار فرزند آهيان.“
مون واڪو ڪري چيو، ”منھنجا پٽ، اسان جي سڀني مصيبتن جي باوجود ڪھڙن احساسن جو شڪرانو ڪرڻ گهرجي، جو اسان جي ڪٽنب مان ڪم از ڪم هڪڙو، جيڪي اسين ڀوڳيون ٿا، ان کان بري آهي، موليٰ شل سندس نگهبان ٿئي ۽ اهڙي طرح منھنجي ڇوڪري کي پنھنجي بيوه ماءُ جي هدايت ڪرڻ ۽ هنن ٻن ٻارن جي سنڀاليندڙ ٿيڻ لاءِ خوش رکي، اهو ئي جملي اباڻو ورثو آهي، جو آءٌ کيس ورثي ۾ ڏيئي سگهان ٿو، شال هو سندس معصوميت کي ضرورت جي لالچ کان پري رکي، ۽ عزت جي رستي تي سندن هلائيندڙ ٿئي“ مون اڃا اهي لفظ مس چياس تہ هڪ هل هنگامو پريان جيل جي دروازي کان ويجهو ايندو، ٻڌو ويو، جلدي اهو جهڪو ٿي ويو ۽ منھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن ايندڙ رستي ٻيڙين جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو، جيل جو داروغو، خون ۾ رتوڇاڻ ٿيل، ۽ زخميل ۽ سخت ڳرين ڪڙين سان ٻيڙيون پيل هڪ ماڻھو کي جهليندي اندر داخل ٿيو، جيئن هو ويجهو آيو تيئن مون هن ڏي قياس سان نھاريو، مگر جڏهن مون ڏٺو تہ هو منھنجو پٽ هو، تڏهن مون خوف سان نھاريو، منھنجا جارج! منھنجا جارج، ڇا آءٌ تو کي هن نموني ۾ ڏسان ٿو! زخميل ڪڙيون لڳل! ڇا هيءَ ئي تنھنجي خوشي آهي؟ ڇا اهي تنھنجو طريقو آهي، جنھن ۾ تون مون ڏانھن واپس اچين ٿو؟ ڪاش! هي نظارو منھنجيءَ دل کي يڪدم ٽوڙي ڇڏي، ۽ مون کي ماري ڇڏي.
منھنجي پٽ دليراڻي آواز سان چيو، ”سائين ڪيڏانھن وئي توهان جي برباديء؟ آءٌ ضرور تڪليف برداشت ڪندس، منھنجي زندگي ضبط ٿي ويئي آهي ۽ ڀلي هو اها وٺن“.
مون پنھنجن جذبن کي ڪجهہ لمحن لاءِ صبر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر مون سمجهيو تہ آءٌ شايد ان ڪوشش ڪرڻ سان مري پوان ها، ”افسوس منھنجا پٽ منھنجي دل تو کي هن حالت ۾ ڏسڻ تي روئي ٿي، پر آءٌ ڪجهہ ڪري نٿو سگهان ۽ ان کي روڪي بہ نٿو سگهان، ان ساعت جنھن ۾ تو کي نوازيل سمجيو ويو ۽ تنھنجي سلامتي لاءِ التجا ڪئي ويئي، انھي وقت ۾ وري تو کي هن حالت ۾ ڏسان! زنجيرون پيل ۽ زخمي واقعي جوانيءَ جو موت خوشي وارو آهي پر آءٌ پيرسن آهيان، تمام پيرسن ۽ شايد هن ڏينھن ڏسڻ لاءِ زنده رهيو آهيان، جنھن وقت آءٌ ڪمبخت پس ماندہ برباديءَ جي وچ ۾ پيو رهان ان وقت پنھنجن ٻارن کي بي وقتو پنھنجي اڳيان مرندو ڏسان! شال جملي بد دعائون هميشہ لاءِ روح کي تباھہ ڪري ڇڏين، سي منھنجن ٻارن جي خونيءَ مٿان تمام ڳوريون ڪڙڪن !ڀلي تہ هيءَ بہ مون وانگر اهڙن ڏينھن ڏسڻ لاءِ زنده رهي“
منھنجي پٽ چيو، ”نہ سائين! هاڻي توهان جو فرض آهي تہ، توهين مون کي ان خسيس موت لاءِ تيار ڪريو، جو مون کي ضرور سھڻو پوندو، مون کي اميد ۽ پختي ارادي سان مسلح ڪريو ۽ ان تمام سخت ڪوڙاڻ پيئڻ لاءِ ڏياريو جا جلدي منھنجو حصو ٿيندي. همت منھنجا ٻچا تون کي مرڻ مناسب نہ آهي، مون کي خاطر آهي تہ تنھنجو ڪو بہ جرم اهڙيءَ بڇڙيءَ سزا جو لائق ٿي نٿو سگهي، منھنجو ”جارج “ ڪڏهن بہ پنھنجن وڏن کي پاڻ کان شرمسار ڪرڻ لاءِ ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوهاري ٿي نٿو سگهي.“
منھنجي پٽ وراڻيو، ”مون کي خوف آهي تہ منھنجو ڏوھہ ناقابل معافي آهي، جڏهن مون کي گهر مان محترمہ والده صاحبہ کان خط پھتو، تڏهن آئون يڪدم اتان روانو ٿيس، اسان جيءَ عزت سان ڊوه ڪندڙ کي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيم ۽ کيس مون سان ملڻ لاءِ چيم، جنھن جو جواب هن پنھنجو پاڻ نھ، مگر پنھنجن چئن گهرو ماڻھن کي منھنجي پڪڙڻ لاءِ موڪلڻ سان ڏنو، مون هڪ کي زخمي ڪيو پر بچيلن مون کي قيدي بنايو آهي، انھيءَ ڊڄڻي قانون کي منھنجي بر خلاف عمل ۾ آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي ۽ ثابتيون نٽائڻ جھڙيون نہ آهن، پھرين مون للڪار موڪلي آهي ۽ جيئن تہ آءٌ قانون موجب پھريون قصور وار آهيان، تنھن ڪري آئون معافيءَ جي اميد ڪا نہ ٿو ڏسان، پر توهان اڪثر مون کي بردباريءَ جي سبقن سان مسلح ڪيو آهي، مون کي اجازت ڏيو، تہ آءٌ انھن کي اوهان جي مثال ۾ ڏسان.“
”منھنجا پٽ تون انھن کي حاصل ڪندين، هاڻي آءٌ دنيا ۽ جيڪي جملي شيون اها پيدا ڪري ٿي، انھن کان بلند آهيان، هن ساعت کان وٺي آءٌ پنھنجي دل جا سڀ ٻنڌڻ جن کيس دنيا ۾ قابو جهليو، ٽوڙيان ٿو ۽ پاڻ ٻنھين کي جا وداني حياتيءَ جي لائق بنائڻ واسطي تيار ڪندس هائو منھنجا پٽ، آءٌ ان رستي ڏانھن اشارو ڪندس ۽ منھنجو روح تنھنجي مٿي چڙهڻ ۾ رهنمائي ڪندو، ڇا ڪاڻ تہ پاڻ بئي گڏ هجرت ڪنداسون، آءٌ هاڻي ڏسان ٿو ۽ مطمئن آهيان، تہ تون هتي ڪنھن بہ معافيءَ جي اميد رکي نٿو سگهين ۽ آءٌ تو کي اها صرف ان وڏي ۾ وڏي عدالت وٽ جتي پاڻ ٻنھي کي ٿوري ئي عرصي ۾ جواب ڏيڻوپوندو، حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهاڻي ڏيئي سگهان ٿو، پر اچو تہ پاڻ پنھنجي سمجهاڻي ۾ فراخ دل ٿيون.

باب اوڻٽيھون: خالق جو مخلوق سان هڪ جھڙو برتاءُ

منھنجا دوستو، منھنجا ٻچا، ۽ مصيبت زده رفيقو، جڏهن آءٌ هتي هيٺ نيڪيءَ ۽ بديءَ ڏي نـظرٿو ڪريان تہ ڏسان ٿو تہ انسان کي گهڻو ئي ڪجهہ لطف وٺڻ لاءِ عطا ڪيو ويو آهي، ليڪن اڃا بہ گهڻو سھڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن اسان دنيا کي جانچينداسون، تہ اسان ڪو بہ هڪ ماڻھو اهڙو خوش ڪون نہ ڏسنداسون، جو ڪنھن بہ شيءِ جي طلب ڪندڙ نہ هجي، پر اسان روزانو هزارين اهڙا ماڻھو ڏسون ٿا، جي ”آپگهات“ ڪرڻ سان اسان کي ڏيکارين ٿا، تہ وٽن ڪا بہ شيءِ اميد ڪرڻ لاءِ رهيل نہ آهي، تنھن ڪري هن حياتيءَ ۾ اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ اسين مڪمل طرح نوازيل ٿي نٿا سگهون، پر تنھن هوندي بہ شايد اسين مڪمل طرح دکي ٿي سگهون ٿا.
ماڻھن کي ڇو اهڙيءَ طرح دک محسوس ڪرڻ گهرجي، ڇو عالمگير خوشحاليءَ جي حلقي ۾ اسان جي ڪمبختي لاءِ طلب هجي، جڏهن ٻيا سڀئي سرشتا سندن ماتحت ڀاڱن جي تڪميل سان مڪمل ڪيل آهن، تڏهن ان وڏي سرشتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اهي ڀاڱا، جي نہ فقط ٻين جا زيردست آهن، پر خود پنھنجو پاڻ بہ اڌورا آهن، جي طلب ڪرڻ گهرجي، هي آهي سوال آهن، جي ڪڏهن بہ سمجهائي نٿا سگهجن ۽ جيڪڏهن معلوم ٿين تہ بيڪار ٿي پون، هن موضوع تي پروردگار اسان جي انتظاريءَ کي ٽارڻ مناسب سمجهيو ۽ تسليءَ خاطر اسان کي مقصدن عطا ڪرڻ سان مطمئن ڪيو ،
هن حالت ۾ انسان فلسفي جي مدد جي طلب ڪئي آهي، آسمان ان کي تسلي ڏيڻ لاءِ نااهل ڏسندي، کيس مذهب جي مدد ڏني آهي، حڪمت جون تسليون گهڻي خوشي ڏيندڙ آهن، مگر اڪثر فريبي آهن، اها اسان کي ٻڌائي ٿي، تہ زندگي سھنجن سان ڀرپور آهي، جيڪڏهن اسين صرف انھن مان لطف وٺون ۽ ٻئي طرف جيتوڻيڪ ا سان جي لاءِ هتي ڪيتريون ناگزير مصيبتون آهن، پر حياتي ننڍي آهي ۽ اهي جلد ختم ٿي وينديون، اهڙيءَ طرح هي تسليون هڪ ٻئي کي ناس ڪري ڇڏين ٿيون، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن حياتي آرام جي جڳھہ آهي، تہ ان جي ڇوٽائي ضرور دکدائڪ ٿيندي ۽ جيڪڏهن اها ڊگهي ٿي پوندي، تہ اسان جا ڏک بہ گهڻو وقت جٽاندار ٿي پوندا، اهڙيءَ طرح حڪمت ڪمزور آهي، مگر مذهب مٿانھين انداز ۾ تسلي ڏيئي ٿو، اسان کي ٻڌائي ٿو تہ انسان هتي پنھنجي دل کي لائق بنائڻ لاءِ ۽ ان کي ٻيءَ رهائش گاھہ جي تيار ڪرڻ لاءِ آيل آهي، نيڪ ماڻھو جڏهن پنھنجو بدن وساري ڇڏي ٿو ۽ سڄو شاندار روح آهي، تڏهن هيءُ ڏسندو، تہ هو خود هتي هڪ خوشيءَ جو بھشت ٺاهي رهيو آهي، پر ڪمبخت جو پنھنجن بڇڙاين سان جڏو ڪيل ۽ ناپاڪ ڪيل آهي سو خوف سبب پنھنجي بدن کان بہ پري ڀڄي ٿو ۽ ڏسي ٿو تہ پاڻ آسمان جي وير جي اميد رکي اٿس، تنھن ڪري حياتي جي سڀ ڪنھن مرحلي ۾ اسين مذهب کي ضرور پنھنجو سچي ۾ سچو سک ڪري وٺون، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين اڳيئي خوش آهيون تہ ائين سمجهڻ ئي خوشي آهي تہ اسين انھيءَ خوشيِءَ کي بي انتھا بنائي سگهون ٿا، ۽ جيڪڏهن اسين دکي آهيون تہ ائين سمجهڻ ئي وڏي راحت آهي تہ هتي آرام جي جڳھہ آهي، اهڙيءَ طرح مذهب بختاور لاءِ نعمت جي لاڳيتي سلسلي ۽ دکيءَ لاءِ دک جي تبديلي جي خاطري ڏئي ٿو.
ازانسواءِ جيتوڻيڪ مذهب، سڀني ماڻھن تي تاهم ان درد مند ماڻھن لاءِ خاص عيوضا واعدا ڪيا آهن، بيمار، اگهاڙي، بي گهر. ڳريءَ مصيبت هيٺ آيل ۽ قيديءِ لاءِ تمام گهڻا واعدا اسان جي پاڪ مذهب ۾ موجود آهن، اسان جي مذهب جو جوڙيندڙ هر هنڌ مصيبت زده جي دوست هئڻ جي دعويٰ رکي ٿو، بي سمجهہ ماڻھن ان روش کي لياقت بغير پسنديدگي سمجهي خوشامد جو عتاب ڏنو آهي، پر اهي ڪڏهن بہ اهو خيال نٿا ڪن تہ خود آسمان کي بہ طاقت نہ آهي، جو دائمي مسرت جي پيشڪش کي آسودن ماڻھن وٽ اهڙي وڏي نعمت بنائي سگهجي، جھڙي ڏتڙيل ماڻھن وٽ. پھرين وٽ دائمي جٽاءُ فقط هڪ نعمت آهي، ڇاڪاڻ تہ گهڻي ۾ گهڻو تہ هوءَ صرف، جيڪي هو اڳيئي قبضي ۾ رکن ٿا، ان کي وڌائي ٿي، پوئين وٽ اها ٻٽي فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ اها انھن جو درد هتي گهٽائي ٿي ۽ کين هن کانپوءِ آسماني نعمت وسيلي اجورو ڏئي ٿي.
پروردگار ٻيءَ حالت ۾ شاهوڪارن کان وڌيڪ غريبن تي مھربان آهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هو مٿي بيان ڪيل پيشڪش وسيلي موت کان پوءِ سندس حياتيءَ کي وڌيڪ پسنديده ڪري ٿو، تيئن هو اوڏانھن جي رستي کي بہ سڌو سنواٽو ڪري ٿو. مصيبت زده جي هر ڪنھن خوف جي حالت سان دراز عرصي کان بي تڪليف هوندي آهي، جڏهن موت اچي ٿو، تڏهن غمن وارو ماڻھو سواءِ ڪن بہ ملڪيتن تي افسوس ڪرڻ جي پاڻ کي صبر سان پيش ڪري ٿو ۽ کيس سندس رحلت کان روڪڻ لاءِ صرف ڪي تمام ٿورڙيون بندشون آهن، هو آخري جدائيءَ ۾ صرف اهو فطرت جو درد محسوس ڪري ٿو، جو ڪنھن بہ حالت ۾ ان کان وڌيڪ وڏو نہ آهي، جنھن هيٺ هيءُ اڳي اڪثر طرح زير بار ٿيو هو،
پروردگار مصيبت زده کي هن حياتي ۾ آسودي جي مٿان ٻہ فائدا ڏنا آهن، هڪ مرڻ ۾ گهڻي آسودگي ۽ ٻيو بھشت ۾، ان خوشيءَ جي فوقيت، جا مقابلا ڪيل لطف مان اڀري ٿي، منھنجا دوست، هيءَ فوقيت ڪو ننڍو فائدو نہ آهي ۽ اها مٿي ڏيکاريل تمثيل ۾ غريب ماڻھو جي خوشين مان هڪ خوشي آهي،
اهڙيءَ طرح منھنجا دوستو، توهين ڏسو ٿا، تہ مذهب اهو ڪم ڪري ٿو، جو حڪمت ڪڏهن بہ ڪري نٿي سگهي. مذهب آسودن ۽ دردمندن لاءِ آسمان جو هڪ جھڙو سلوڪ ڏيکاري ٿو ۽ سمورين انسانذات جي خوشين کي قريبا هڪ ئي درجي تي سنواري سڌو ڪري ٿو، هو ٻنھي، غريبن توڙي شاهوڪارن کي هن حياتيءَ کانپوءِ ساڳي خوشي ۽ هڪ جھڙيون اميدون ۽ آرزوئون رکڻ لاءِ ڏئي ٿو، جيڪڏهن شاهوڪارن کي هتي موج ماڻڻ جو لاڀ آهي، تہ هن کانپوءِ جڏهن غريب لا محدود سعادت سان تاج پھرايل آهن، تڏهن کين هن معلوم هئڻ جو لا محدود راضپو حاصل ٿئي ٿو، تہ هڪ وقت ڪمبخت ٿيڻ ڇا هو، جيتوڻيڪ ان کي ننڍو فائدو ٿئي ٿو تہ هڪ وقت ڪمبخت ٿيڻ ڇا هو، جيتوڻيڪ ان کي ننڍو فائدو سڏڻ گهرجي، تنھن هوندي بہ جٽادار هئڻ سبب اهو پنھنجي عرصي جي وسيلي وڏي ماڻھو جي بي جٽا خوشيءَ پنھنجي گهڻائيءَ سبب جيڪا واڌ ڪئي هوندي، ان جو ضرور پورائو ڪندو.
اهي ئي تسليون آهن، جي بد نصيبن کي خاص قسم جون آهن ۽ انھيءَ ۾ هو ٻئي انسان ذات کان مٿي آهن، پر ٻين ڳالھين ۾ انھن کان هيٺ آهن، اهي جي غريبن جون پريشانيون ڄاڻندا هوندا، سي ضرور زندگي ڏسندا ۽ اها برداشت ڪندا، اهي فاني فائدا جي هو ماڻين ٿا، انھن تي جوش و خروش سان ڳالھائڻ صرف ان کي دهرائڻ آهي،جنھن کي نڪي ڪو قبول ڪري ٿو، ۽ نڪي عمل ۾ آڻي ٿو، اهي جن وٽ ضروريات زندگيءَ جون شيون موجود آهن، سي غريب نہ آهن ۽ اهي جيڪي انھن جي طلب رکن ٿا، سي ضرور خستہ حال هوندا، باريڪ بين قوت متخيلھ جون اجايون ڪوششون نڪي قدرت جي ضرورت کي دلاسو نڪي جيل جي پرنم خيال خام کي حالات جي مطابق رنگ اختيار ڪرڻ وارو ميٺاج،نڪي شڪستہ دل جي ڌڪ ڌڪ کي فرحت ڏيئي سگهن ٿيون، ڀلي تہ حڪيم پنھنجيءَ فرمائش واري فرحت گاھہ مان اسان کي ٻڌائي تہ اسين انھن سڀني جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، افسوس! اها ڪوشش جنھن سان اسين آهن جو مقابلو ڪريون ٿا، سو اڃا بہ وڏي ۾ وڏو درد آهي، موت سوکو آهي ۽ هر ڪو ماڻھو ان کي گوارا ڪري سگهي ٿو، مگر عذاب تمام خوفناڪ آهي ۽ اهو ڪو بہ ماڻھو برداشت ڪري نٿو سگهي.
اهڙي طرح منھنجا دوستو، تڏهن اسان کي بھشت ۾ خوشيءَ جا واعدا خاص طرح پيارا هئڻ گهرجن، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن اسان جو اجورو صرف هن حياتيءَ ۾ ئي هجي، تہ پوءَ اسين سچ پچ تہ سڀني ماڻھن کان وڌيڪ دکي آهيون، جڏهن آءٌ هنن انڌوهناڪ ڀتين جي چوڌاري نھاريان ٿو، جي مون کي ڊيڄارڻ ۽ بند رکڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن، جڏهن آءٌ هي روشني ڏسان ٿو، جا صرف هن جڳھہ جي خوفن ۽ انھن ڪڙين ڏيکارڻ جو ڪم ادا ڪري ٿي، جي ظلم مون کي وڌيون آهن يا ڏوھہ انھن کي ضروري ڪيو آهي، جڏهن آءٌ اهي جهڪيون نگاهون ڏسان ٿو ۽ اهي ڪنجهڪارون ٻڌان ٿو، او! منھنجا دوستو، تڏهين بھشت انھن لاءِ ڪھڙي نہ شاندار تبديلي ٿيندي، هوا وانگر لامحدود ملڪن وچان اڏامڻ،لا فاني نعتمن جي سورج جي روشنيءَ ۾ اس وٺڻ، حمد و ثنا جا پورا نہ ٿيندڙ نغما ڳائڻ، اسان کي ڊيڄارڻ يا بي عزت ڪرڻ لاءِ ڪو بہ آقا نہ هجڻ، مگر صرف نيڪيءَ جو خاڪو ، خود بخود هميشہ اسان جي اکين ۾ هجڻ. جڏهن آءٌ انھن ڳالھين جو ويچار ڪريان ٿو، تڏهن موت تمام سٺين بشارتن جو پيغام آڻيندڙ ٿي پوي ٿو، جڏهن آءٌ انھن ڳالھين جو ويچار ڪريان ٿو،تڏهن هن جو تيز تير منھنجي ٽيڪ جي لٺ ٿي پوي ٿو، جڏهن آءٌ انھن ڳالھين تي ويچار ڪريان ٿو، تڏهن حياتيءَ ۾ ڪھڙي شيءِ هئڻ جي لائق آهي؟ جڏهن آءٌ انھن شين جو ويچار ڪريان ٿو، تڏهن ڇا آهي، جو ڌڪاري ڇڏڻ نہ گهرجي؟ بادشاهن کي پنھنجي محلاتن ۾ اهڙن فائدن لاءِ ڪنجهڻ گهرجي، پر اسين جيئن تہ نماڻا آهيون، تنھن ڪري اسان کي انھن لاءِ آرزو رکڻ گهرجي.
ڇا اهي شيون اسان جون ٿينديون؟ اهي خاطريءَ سان اسان جون ٿينديون ، جيڪڏهن اسين صرف انھن لاءِ ڪوشش ڪنداسون ۽ اها اسان لاءِ هڪ تسڪين آهي، جو اسين انھن ڪيترن زيبن کان دور رکيل آهيون، جي جيڪر اسان جي جستجوءَ ۾ روڪ وجهن، اچو تہ صرف اسين انھن لاءِ ڪوشش ڪريون ۽ خاطريءَ سان اهي اسان جون ٿي پونديون، اڃا بہ جيڪا تسلي آهي، سا اها تہ اهو ڪم تما ٿوري عرصي ۾ ٿيندو، ڇا ڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين گذريل حياتي ڏانھن پوئتي نھاريون ٿا، تہ اها اسان کي صرف تمام ننڍڙي وڇوٽي نظر اچي ٿي ۽ جيڪو بہ اسين پنھنجي باقي حياتيءَ لاءِ ويچار ڪنداسون، اهو اڃا بہ گهٽ عرصو ڏسڻ ۾ ايندو، جيئن اسين ٻڍا ٿيندا ٿا وڃون، تيئن ڏينھن وڌيڪ ننڍا ٿيندا ٿا وڃن ۽ اسان جي وقت سان گهرائي هميشہ سندس انتظار جي پروڙ ۾ ڪمي وجهي ٿي، تڏهن اچو تہ هاڻي آرام ڪريون ڇاڪاڻ تہ اسين جلد پنھنجي مسافريءَ تي ڇيڙي جتي پھچنداسون، اسين جلد اهو ڳورو بار جو آسمان اسان تي رکيوآهي، سو لاهي ڇڏينداسون. جيتوڻيڪ موت، جو ئي خستہ حال جو صرف هڪ دوست آهي، سو ڪجهہ وقت لاءِ ان ٿڪل مسافر کي ڏسڻ سان ٺٺولي ڪري ٿو ۽ سندس دائره نگاھہ وانگر اڃا تائين بہ سندس اڳيان اڏامي ٿو، تنھن هوندي بہ خاطري آهي، تہ ٿوري ئي عرصي ۾ اهو وقت ايندو، جڏهن اسين مشقت ڪرڻ کان بس ڪنداسون، جڏهن دنيا جا اعليٰ طبقي وارا انسان اسان کي گهڻو وڌيڪ ڌرتي تي نہ لتاڙيندا، جڏهن اسين خوشيءَ سان پنھنجي مصيتبن تي ويچار ڪنداسون، جڏهن اسين پنھنجي سڀني دوستن يا اهڙن سان، جن اسان جي دوستيءَ جي لياقت رکي ٿي، گهيريا وينداسون، جڏهن اسان جي نعمت نہ بيان ڪرڻ جوڳي ۽ اڃا تائين بہ سڀني کي فائيديمند ٿيڻ لاءِ نہ ختم ٿيڻ جوڳي ٿيندي.

باب ٽيھون: خوشيءَ واريون اميدون

جڏهن مون پنھنجو خطبو ختم ڪيو، تڏهن جيل جوداروغو، جو نرم دل ماڻھن مان هڪ هو، تنھن چيو، ”مون کي اميد آهي تہ توهين ناراض نہ ٿيندا، ڇا ڪاڻ تہ جيڪي بہ آئون ڪريان ٿو، سو صرف منھنجو فرض آهي، آءٌ توهان جي پٽ کي ڪنھن وڌيڪ مضبوط ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ مجبور آهيان، مگر آءٌ کيس اجازت ڏيندس تہ ڀلي روزانو توهان سان ملاقات ڪري“ مون سندس رحم واري هلت تي سندس شڪر گذاري ڪئي ۽ پنھنجي پٽ جو هٿ جهلي کيس خدا حافظ ڪري هدايت ڪيم، تہ جيڪو وڏو فرض کيس اڳيان هو ان لاءِ خبردار ٿئي.
آءُ وري ليٽي پيس، منھنجي ننڍڙن مان هڪڙو منھنجي بستري جي ڀرسان پڙهڻ ويٺو ۽”مسٽر جينڪنسن“ اندر ايندي مون کي آگاھہ ڪيو، تہ منھنجي ڌيءَ جي خبر ملي آهي، تہ کيس هڪ ماڻھو، ٻہ ڪلاڪ اڳي هڪ اجنبي سکر ماڻھو سان گڏ ڏٺو، جنھن چيو تہ هو هڪ پسگردائي واري ڳوٺ ۾ ناشتي لاءِ ترسيا هئا ۽ ائين ڏٺو ويو تہ ڄڻ تہ هو شھر ڏانھن پئي موٽيا، هن اڃا اها خبر مشڪل ڪا ڪئي هوندي، تہ داروغو تڪڙو ۽ خوشيءَ جي نگاهن سان مون کي اطلاع ڏيڻ آيو، تہ منھنجي ڌيءَ هٿ ڪئي ويئي هئي، ان کان هڪ ساعت پوءِ ”موزز“ ڊوڙندو واڪا ڪندو آيو تہ سندس ڀيڻ ”صوفيا“ اسان جي جهوني دوست ”برچل“ سان گڏ پئي آئي.
جئين ئي هن هيءَ خبر پھچائي، تيئن منھنجي پياري ڌيءَاندر گهڙي ۽ خوشيءَ جي بيتاب نگاهن سان، محبت جي بيخوديءَ ۾، مون چمي ڏيڻ لاءِ ڊوڙي، سندس ماءُ جي لڙڪن ۽ صبر پڻ سندس خوشيءَ ڏيکاري. موهيندڙ ڇوڪريءَ چيو، ”بابا اجهو هيءُ ئي اهو بھادر آهي، جنھن جي آءٌ پنھنجي آزاديءَ لاءِ ممنون آهيان، ۽ پنھنجي خوشيءَ ۽ سلامتي لاءِ پڻ هن معزز ماڻھوءَ جي مقروض آهيان”مسٽر برچل“ جنھن جي خوشيءَ مورڳو سندس خوشيءَ کان بہ وڌيڪ ڏٺي پئي ويئي، ان جي هڪ چميءَ جيڪي هوءَ چئي رهي هئي، ان ۾ رڪاوٽ وڌي.
مون چيو، ”افسوس ”مسٽر برچل“ هيءَ هڪ خستہ حال رهائش گاھہ آهي، جنھن ۾ تون هاڻي اسان کي ڏسين ٿو ۽ اسين هاڻي جھڙو تو اسان کي اڳي ڏٺو هو، ان کان گهڻو مختلف آهيون، تون اسان جو هميشہ دوست هئين، اسان بنسبت پنھنجيون غلطيون هن کان گهڻو اڳ محسوس ڪيون آهن ۽ پنھنجيءَ بي شڪريءَ تي پڇتاءُ اٿئون، آءٌ پنھنجي خراب برتاءُ ڪري تنھنجي منھن ڏسڻ کان بہ شرمندو آهيان، تنھن هوندي بہ مون کي اميد آهي تہ مون کي معاف ڪندين، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ڪميڻي، ظالم ۽ ڪمبخت کان ٺڳجي ويو هوس، جنھن دوستيءَ جي پردي ۾ مون کي برباد ڪيو آهي.“
”مسٽر برچل“ جواب ڏنو ،”جيئن تہ توهان ڪڏهن بہ منھنجي ناراضگي جا مستحق نہ هئا، تنھن ڪري اهو ناممڪن آهي، جو آءٌ توهان کي معافي ڏيان، ان وقت مون ڪجهہ قدر توهان جو خيال خام ڏٺو ۽ جيئن تہ ان کي روڪڻ منھنجي طاقت کان ٻاهر هو، تنھن ڪري آءٌ ان تي صرف قياس ڪري ٿي سگهيس“.
مون چيو، “اهو هميشہ منھنجو اندازو هو تہ تنھنجي دل شريف آهي جو آءٌ توهان کي معافي ڏيان، ان وقت کان ٻاهر هو، تنھن ڪري آءٌ ان تي صرف قياس ڪري ٿي سگهيس،“
مون چيو، ”اهو هميشہ منھنجو اندازوهو تہ تنھنجي دل شريف آهي ۽ هاڻي بہ آءٌ ان کي اهڙيءَ طرح ئي ڏسان ٿو، پر منھنجا ٻچا، مون کي ٻڌاءَ تہ تون ڪيئن آزاد ٿين، يا اهي ڪھڙا لفنگا هئا، جي تو کي کڻي ويا“.
هن جواب ڏنو، ”سچ پچ“ تہ بابا اهو بدمعاش جو مون کي کڻي ويو، ان بابت آئون اڃا تائين بيخبر آهيان، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ۽ منھنجي ماءُ جيئن ٻاهر پئي گهميونسين، تيئن هو اسان جي پويان آيو ۽ ان کان اڳ جو آءٌ مدد لاءِ سڏ ڪري سگهان، هن مون کي زوري ءَ چوڦيٿي گاڏيءَ ۾کڻي ويھاريو، ۽ يڪدم تيز هلائڻ شروع ڪيائين، مون رستي ۾ ڪيترائي ماڻھو ڏٺا، جن کي مون مدد لاءِ سڏ ڪيا، مگر هنن منھنجي التجائن کي بي لحاظيءَ سان ٽڪرائي ڇڏيو، انھيءَ وقت ۾ ان بدمعاش مون کي دانھن ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سڀڪو هنر ڪم ۾ آندو، هن مون کي واري تي ساراهيو ڊيڄاريو ۽ قسم کنيو، تہ جيڪڏهن آءٌ صرف صبر ۾ رهنديس تہ کيس مون کي نقصان پھچائڻ جو ڪو بہ ارادو نہ هو، انھيءَ وقت مون هن جي ڏنل پردي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اهو ماڻھو جنھن کي مون ڪجهہ مفاصلي تي سڃاتو، سو توهان جو جهونو دوست ”مسٽر برچل“ هو پنھنجي دستوري تڪڙ سان هلي رهيو هو ۽ کيس اها ساڳي ڊگهي لٺ هئي، جنھن تان پاڻ مٿانئس گهڻيون ئي ٺٺوليون ڪندا هئاسون، اسين اڃا سڏ پند تي مس آياسون تہ مون کيس نالو وٺي سڏ ڪيو ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪئي، مون پنھنجا واڪا ڪيترا دفعا دهرايا، جنھن تي هن تمام وڏي بلند آواز سان گاڏيءَ واري کي بيھڻ جو حڪم ڪيو، پر گاڏي هلائيندڙ ماڻھو ڪو بہ توجهہ ڪو نہ ڏنو ۽ اڃا بہ وڌيڪ تيز رفتار سان گاڏيءَ کي هڪليندوهليو، مون هاڻي خيال ڪيو تہ تو هو ڪڏهن بہ اسان کي پھچي نہ سگهندو، مگر منٽ اڌ ۾ مون ”مسٽر برچل“ کي گهوڙن سان گڏ ڊوڙندو ڏٺو ۽ هڪڙي ئي ٺونشي سان گاڏيءَ واري کي پٺ تي ڪيرائي وڌائين، جڏهن هو ڪريو، تڏهن گهوڙا پاڻ مرادو بيھي رهيا ۽ ان بدمعاش قدم گاڏيءَ کان ٻاهر رکي تلوار مياڻ مان ڪڍي ۽ موت کان بچڻ لاءِ ”مسٽر برچل“ کي ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڪيائين، پر ”مسٽر برچل“ ڏانھس ڊوڙندي سندس تلوار کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پاءُ ميل تائين سندس پويان پيو، پر هو ڀڄي ويو، آءٌ ان وقت پنھنجي ڇڏائيندڙ کي مدد ڪرڻ جي ارادي سان پاڻ ٻاهر نڪري آيس پر هو ڪاميابي سان جلد مون ڏانھن واپس آيو، گاڏي وارو، جو هاڻي سرت ۾ آيو هو، سو پڻ ڀڄڻ لڳو، پر ”مسٽر برچل“ کيس سندس برباديءَ جي خطري کان بچڻ لاءِ وري سوار ٿيڻ ۽ واپس شھر ڏانھن گاڏي ڪاهي هلڻ لاءِ چيو، مقابلو ڪرڻ ناممڪن ڏسي، هن ڪيٻائيندي حڪم جي پيروي ڪئي، جيتوڻيڪ کيس پھتل زخم مون کي خوفناڪ نظر آيو، جيئن اسين اڳتي گاڏي هڪليندا وياسون، تيئن هن پنھنجي درد جي دانھن ڪرڻ جاري رکي، ايتري قدر جو ان آخر ”مسٽر برچل“ جي رحم کي ڀڙڪايو، جنھن منھنجي عرض تي هڪ مھمان سواءِ وٽ پھچي سندس ملم پٽي ڪئي.
مون چيو، ”مرحبا منھنجا ٻچا، تون ۽ تنھنجو بھادر ڇڏائيندڙ، توهان کي هزار مرحبائون جيتوڻيڪ اسان جي خوشي صرف ڪمبختيءَ واري آهي، تنھن هوندي بہ اسان جون دليون توهان جي استقبال ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ هاڻي ”مسٽر برچل“ جيئن تہ تو منھنجي ڌيءَ کي ڇڏايو آهي، تنھن ڪري جيڪڏهن تو کيس عيوضو سمجهين، تہ هوءَ تنھنجي آهي، جيڪڏهن تون اسان جھڙي هڪ غريب خاندان سان رشتيداري رکڻ لاءِ رضا مند آهين تہ هن کي پنھنجي هٿ ڪر ۽ سندس قبوليت حاصل ڪر، جيئن مون کي معلوم آهي تہ تو کي هن جي دل جو پيار حاصل آهي، تيئن تو کي منھنجي دل جو پيار پڻ حاصل آهي، سائين مون کي هن ٻڌائڻ جي اجازت ڏي تہ آءٌ تو کي ڪو ٿورو خزانو ڪو نہ ٿو ڏيان“.
”مسٽر برچل“ چيو، ”سائين آءٌ سمجهان ٿو تہ توهين منھنجي ءَ حالات ۽ جنھن پرورش جي هوءَ مستحق آهي، تنھن نموني پرورش ڪرڻ واري منھنجيءَ لاچاري کان با خبر آهيو“.
مون جواب ڏنو ”جيڪڏهن توهان جو هاڻوڪو اعتراض منھنجي آڇ کي رد ڪرن جي معنيٰ رکي ٿو تہ آءٌ هٿ کڻان ٿو، آءٌ ڪو بہ ماڻھو اهڙو سندس مستحق نٿو سمجهان، جھڙو تون آهين، جيڪڏهن آءٌ کيس هزار مڙس ڏيئي سگهان ۽ هزار مرد مون کان ان جي طلب ڪن تہ بہ منھنجو ايماندار دوست ”برچل“ منھنجو پياري ۾ پيارو انتخاب ٿيڻ گهرجي“.
هنن سڀني ڳالھين تي سندس ماٺ، شرمندو ڪندڙ ڏٺي ويئي ۽ منھنجيءَ آڇ جو ڪو بہ جواب نہ ڏيندي، هن پڇا ڪئي تہ آيا، انھي ڀر واريءَ سراءِ مان کيس ناشتي سان نوازيو ويندو، جنھن جو جواب هائوڪار ۾ ملندي، هن صاحب کي بھترين ماني جا ٿوري اطلاع تي ميسر ٿي سگهي ٿي، موڪلڻ جو حڪم ڪيو، هن بھترين شراب جي هڪ درجن بوتلن ۽ منھنجي لاءِ طاقت ڏيندڙ دوائن جو اڳيئي سٺو انتظام ڪيو هو، هن مشڪ سان خاطري ڏيندي، وڌيڪ چيو تہ جيتوڻيڪ پاڻ جيل ۾ ڪڏهن بہ نہ رهيو هو، تڏهن بہ هو هڪ دفعي لاءِ ڪجهہ وقت اتي ليٽندو ، پيشگار ماني جي تيارين سان جلدي حاضر ٿيو، هڪ ميز اسان کي داروغي کان اڌاري ملي، هو نھايت چڱي مزاج وارو ڏسڻ ۾ آيو، شراب دستور موجب تقسيم ڪيو ويو، ۽ ٻہ تمام چڱي طرح ڍڪيل طعام خومچا اندر آيا.
منھنجي ڌيءَ اڃا تائين پنھنجي ڀاءُ جي دکدائڪ حالت بابت نہ ٻڌو هو، ۽ اسان پڻ ان بيان سان سندس خوشيءَ کي افسرده ڪرڻ نٿي چاهيو، اهو اجايو هو، جو مون پاڻ خوش مزاج ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ منھنجي بدبخت پٽ جي حالتن ڍوئنگ جي سڀني ڪوششن کي ايتري قدر تہ ٽوڙي ڇڏيو، جو آءٌ هن جي بدبختين کي بيان ڪرڻ ۽ چاهنا ڪرڻ سان تہ هو اسان سان هن خوشيءَ جي ننڍڙي وقفي ۾ حصي وٺڻ لاءِ آندو وڃي، پنھنجي خوشيءَ کي شڪستہ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، منھنجا مھمان منھنجي بيان جي پيدا ڪيل ٿرٿيل مان سڌير ٿيا، ان کان پوءِ مون عرض ڪيو تہ ”مسٽر جينڪنسن“ کي پڻ ٿرٿلي مان سڌير ٿيا، ان کان پوءِ مون عرض ڪيو تہ ”مسٽر جينڪنسن“ کي پڻ اجازت ملي، داروغي اها غير دستوري فرمانبرداري جي نموني ۾ منظور ڪئي، اڃا مننھنجي پٽ جي ٻيڙين جو کڙڪو رستي تي مس ٻڌڻ ۾ آيو، تہ سندس ڀيڻ ساڻس ملڻ لاءِ بي صبريءَ سان ڊوڙي ان وقت ”مسٽر برچل“ مون کان پچيو تہ آيا منھنجي پٽ جو نالو جارج هو، جنھن جو جواب هاڪاريءَ ۾ ملندي، هن اڃا تائين منھنجي ماٺ جاري رکي، جيئن منھنجو پٽ ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، تيئن مون ڏٺو تہ هن ”مسٽر برچل، جي عجيب ۽ تعظيم واري نگاھہ سان عزت ڪئي.
مون چيو ”منھنجا پٽ هليو اچ، جيتوڻيڪ اسين تمام گهڻو تباھہ ٿي ويا آهيون، تنھن هوندي بہ پالڻھار اسان کي ڏکن مان ڪجهہ ڇوٽڪاري ڏيڻ تي مھربان ٿيو آهي، منھنجي ڌيءَ اسان کي واپس ملي آهي ۽ اهو ئي ماڻھو هن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، هن ئي بھادر انسان جو آءٌ احسانمند آهيان، جو منھنجي هڪ ڌيءَ هاڻي منھنجي قبضي ۾ آهي، منھنجا پٽ، کيس پنھنجي دوستيءِ جو هٿ ڏي، هو اسان جي گرما گرم شڪريي جو مستحق آهي“.
منھنجو پٽ هيءُ سمورو عرصو جيڪي مون چيو، ان ڏانھن توجهہ نہ ڏيندڙ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اڃا تائين عزت ڀرئي مفاصلي تي بيٺو رهيو، سندس ڀيڻ چيو، ”منھنجا پيارا ڀاءُ ڇو تون منھنجي نيڪ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو شڪريو بجا نٿو آڻين؟ پھلوانن کي هميشہ هڪ ٻئي کي پيار ڪرڻ گهرجي.“
هن اڃا تائين بہ پنھنجي ماٺ ۽ حيرت جاري رکي، جيستائين اسان جي مھمان آخر پاڻ کي سڃاتل ڏٺو، ۽ پنھنجو اصل شان اختيار ڪندي، منھنجي پٽ جي اڳتي اچڻ جي خواهش ڪئي، جھڙي مقدارادا هن موقعي تي اختيار ڪئي، تھڙي مون هن کان اڳ ڪڏهن بہ هن ۾ ڪا نہ ڏٺي هئي، هڪ معتمد فيلسوف چوي ٿو تہ ”سرشتيءَ ۾ اعليٰ ترين وٿ اهو نيڪ ماڻھو آهي، جو مصيبت سان ڪشمڪش ڪندڙ آهي، تنھن هووندي ان کان بہ وڌيڪ اعليٰ اهو نيڪ ماڻھو آهي، جو ان مصيبت کان ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ اچي ٿو،“ هن منھنجي پٽ جو نھايت عهدي طريقي ۾ ڪجهہ وقت لحاظ رکيو، ۽ ان کانپوءَ چيو ”وري بہ آءٌ ڏسان ٿو بي خيال ڇوڪر تہ اهو ساڳيو ڏوهه!“ مگر اتي هو داروغي جي نوڪرن مان هڪ جي اچڻ تي رڪجي ويو، اهو نوڪر اسان کي اطلاع ڏيڻ آيو هو، تہ هڪ مرتبي وارو ماڻھو، جو هڪ گاڏيءَ ۽ ڪيترن حاضري وارن نوڪرن سان گڏ شھر ۾ آيو هو، تنھن پنھنجيون ماڻھو لاءِ موڪليون هيون، جو اسان سان گڏ هو ۽ ان معلوم ڪرڻ جو عرض ڪيائين، تہ هو ڪڏهن بہ مناسب سمجهندو، جڏهن هو ساڻس ملاقات ڪري، اسان جي مھمان جواب ڏنو، ”ان کي چئو تہ تيستائين اتي ترسي، جيستائين مون کي ساڻس ملڻ جي فرصت ملي“، ان کان پوءِ منھنجي پٽ ڏانھن مخاطب ٿي وڌيڪ چيائين ”آئون وري بہ ڏسان ٿو، تہ تون ساڳئي ڏوھہ جو مجرم آهين، جنھن لاءِ مون تو کي اڳي هڪ دفعو جهڻڪيو هو، ۽ جنھن لاءِ قانون هاڻي تمام واجبيءَ ۾ واجبيءَ سزائون پيو تيار ڪري، تون سمجهين ٿو تہ شايد تنھنجي پنھنجي حياتيءَ لاءِ حقارت تو کي ٻئي جي حيايتي وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿي، سائين هڪ املھہ حياتيءَ کي جوکي ۾ وجهندڙ موڳي ۾ موڳي ماڻھو ۽ هڪ حفاظت سان عمل ڪندڙ خوني جي وچ ۾ ڪھڙو تفاوت آهي؟ جواريءَ جي دغا ۾ اها ڪا ڪمي آهي، ڇا جڏهن هو دليل پيش ڪري ٿو تہ پاڻ هڪ ڪوڙو سڪو شرط ٻڌو هئائين.
مون چيو ”افسوس، سائين تون ڪير بہ هجين، غريب گمراھہ مخلوق تي رحم ڪر، ڇا ڪاڻ تہ جيڪي ڪي هن ڪيو آهي، سو هڪ گمراھہ ماءُ جي فرمانبرداريءَ ڪري، سندس ماءُ پنھنجي بغض جي شديد غصي ۾ پنھنجي دعائن جي نالي تي کانئس طلب ڪئي تہ هوو سندس تڪرار جو عيوض وٺي سائين اجهو، هيءُ خط آهي، جو توهان کي هن جي بيوقوفي ثابت ڪري ڏيکاريندو ۽ سندس ڏوھہ گهٽ ڪندو“.
هن خط کنيو ۽ ان کي تڪڙو پڙهيو، هن چيو، ”هيءَ جيتوڻيڪ هن گناھہ جو هڪ مڪمل عذر نہ آهي، پر هڪ اهڙي جرم کي خفيف ثابت ڪندڙ آهي. جو مون کي کيس معاف ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو“.
هن پنھنجو سلسلي ڪلام جاري رکندي ۽ مھرباني سان جارج جي هٿ کان جهليندي چيو، ”هاڻي سائين آءٌ ڏسان ٿو تہ مون کي هتي ڏسي، اوهين حيران ٿيا آهيو! پر مون اڪثر جيلن کي گهٽ پسند ايندڙ موقعن تي ڏٺو آهي، آءٌ هينئر ڏسڻ آيو آهيان تہ هڪ لائق ماڻھو، جنھن لاءِ مون کي تمام سچي دل عزت آهيم ان سان انصاف ٿئي، آءٌ گهڻو ئي تنھنجي والد جي فيض و ڪرم جو چمڙا پوشيءَ ۾ تماشبين ٿي رهيو آهيان، مون سندس ننڍڙي رهائشگاھہ تي خوشامد کان پاڪ عزت حاصل ڪئي آهي ۽ سندس باھہ جي چوڌاري مزيدار سادگي مان اها خوشي حاصل ڪئي اٿم، جا بادشاهي درٻارون بہ ڏيئي نہ سگهنديون هونديون، منھنجو ڀائٽيو منھنجي هتي اچڻ جي ارادن کان واقف ٿيو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو آيو آهي، سندس پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس ڏوهي ٺھرائڻ ساڻس ۽ توهان سان ظلم ٿيندو ۽ هيءُ آءٌ سواءِ ڪنھن ٻٽاڪ جي چئي سگهان ٿو تہ ڪڏهن بہ ڪنھن ”سر وليم“ ٿارنھل“ تي بي انصافيءَ جو الزام نہ لڳايو آهي.
هاڻي اسان ڏٺو تہ اها شخصيت جنھن کي اسان ايترو گهڻو وقت هڪ غريب ۽ دلچسپ ساٿيءَ وانگر مھمان رکيو هو، سو نامور ، ”سر وليم ٿارنھل“ کان سواءِ ٻيو ڪو نہ هو، جنھن جي اخلاقن ۽ خاص خوبين کان ورلي ڪو غير واقف هو، غريب ”مسٽر برچل“ سچ پچ تہ هڪ وڏي دولت ۽ گهڻي اثر وارو ماڻھو هو، جنھن ڏانھن قانون جوڙڻ واريءَ جماعت جي ميمبرن گهڻي تعريف سان توجهہ ڏنو ٿي ۽ جنھن کي ان جماعت اعتماد سان ٻڌو ٿي، هو پنھنجي ملڪ جو دوست مگر پنھنجي بادشاھہ سان وفادار هو، منھنجي غريب زال، پنھنجي اڳئين گهرائي ياد ڪندي انديشي کان کانئس ڪو ڪرڻ لڳي، پر صوفيا جنھن ڪجهہ منٽ اڳ کيس پنھنجو ٿي سمجهيو، سا هاڻي کيس تمام دور مقام تي جنھن تي کيس نصيب کڻي ويو هو ڏسندي پنھنجي لڙڪن لڪائڻ کان لاچار هئي، منھنجيءَ زال نھايت قابل رحم حالت ۾ چيو، ”سائين اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، تہ مون کي ڪڏهن بہ اوهان جي معافي ملي سگهندي؟ اڳئين دفعي جڏهن مون کي اوهان کي پنھنجي گهر ۾ ڏسڻ جي عزت نصيب ٿي هئي، تڏهن مون کان جيڪي بي مانائي وارا چرچا ٿيا، سي مون اوهان سان ڪيا، هاڻي مون کي خوف آهي تہ اهي ڪڏهن بہ معاف ٿي نہ سگهندا.“
هن جواب ڏنو، ”خاتون جيڪڏهن تو ڪو چرچو ڪيو هوندو، تہ مون ان جو جواب ڏنو هوندو، آءٌ اهو سڄيءَ جماعت تي ڇڏيندس، تہ اتي اهو فيصلو ڪن تہ آيا، منھنجا چرچا اهڙا سٺا نہ هئا، جھڙا تنھنجا سچ تہ مون کي ڪو بہ اهڙو ماڻھو ڪو نہ ٿو سمجهي جنھن سان آءٌ هن وقت ناراض آهيان، سواءِ ان شخص جي جنھن منھنجيءَ پياري ڇوڪري کي اهڙو ڊيڄاريو آهي، مون کي مورڳو ان بدمعاش جي بدن کي جاچڻ جو بہ وقت ڪو نہ مليو، جو کيس اشتھار ۾ پڌرو ڪري سگهجي، منھنجي پياري ”صوفيا“ ڇا تون کيس وري سڃاڻي سگهندين؟“
صوفيا جواب ڏنو، ”سائين آءٌ خاطري سان چئي نٿي سگهان پر هاڻي مون کي ياد اچي ٿو تہ سندس ڀرن مان هڪ جي مٿان هڪ وڏو نشان هو،“ ”جينڪنسن“ جو ڀر ۾ بيٺو هو، تنھن وچ ۾ چيو، ”بيبي تڪليف معاف ڪجو، نوازش ڪري مون کي ٻڌايو تہ ڇا ان شخص جا وار ڳاڙها هئا؟“ صوفيا جواب ڏنو ”ها آءٌ ائين سمجهان ٿي،“ هن ”سر وليم“ ڏانھن مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو، ”سائينءِ جن هن جي ٽنگن جي لمبائي ڏٺي؟ امير جواب ڏنو، ”آءُ سندس ڊگهائيءَ بنسبت خاطري ڏيئي نٿو سگهان، مگر مون کي سندس تڪڙي هئڻ جي خاطري آهي، ڇا ڪاڻ تہ هو مون کان اڳتي نڪري ويو، جو هڪ اهڙو ڪم آهي، جو مون خيال ڪيو تہ هن حڪومت ۾ ڪي چند ماڻھو ڪري سگهندا هوندا،“ ”حضور جن اطمينان ڪن“. ”جينڪنسن“ دانھن ڪئي، ”آءُ ان ماڻھو کي سڃاڻان ٿو، يقينا اهو ساڳيو ماڻھو آهي“. هو ”انگلينڊ“ جو بھترين ڊوڙندڙ آهي، هن ”نيو ڪئسل“ جي ”پنوائر“ کي جيتيو، سندس نالو ”ٽموٿي بئڪسٽر“ آهي، آءٌ کيس مڪمل طرح سڃاڻان ۽ سندس موجودہ لڪڻ جي جڳھہ جي بہ ڄاڻ اٿم جيڪڏهن حضور جن داروغي کي حڪم ڪن تہ هو مون کي سندس ٻن ماڻھن سان گڏ ڇڏي تہ آءٌ گهڻي ۾ گهڻو کيس هڪ ڪلاڪ ۾ توهان وٽ پيش ڪرڻ جو ذمو کڻندس“. انھي تي داروغي کي ڪوٺايو ويو، داروغي جي حاضرٿيڻ تي ”سر وليم“ کانئس پڇيو، ”ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“ داروغي جواب ڏنو، ”هائو حضور خاطري ڪريو، آءٌ ”سر وليم ٿارنھل“ کي چڱي طرح سڃاڻان ۽ هر ڪو ماڻھو جنھن کي هن جي خبر آهي، سو کيس وڌيڪ سڃاڻڻ جي خواهش رکي ٿو“. ان تي امير چيو، ”تڏهن تمام چڱو منھنجو عرض آهي تہ تون منھنجي اختياريءَ تي هن ماڻھوءَ ۽ پنھنجن نوڪرن مان ٻن کي هڪ پيغام پھچائڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏي، آءٌ عدالتي ڪاروبار هلائيندڙ جماعت جو ميمبر آهيان، تنھن ڪري آءٌ انھن کي هٿ ڪري ڏيڻ جو ڪم پنھنجي ذمي کڻان ٿو“. ٻئي جواب ڏنو، ”توهان جو وعدو ڪافي آهي۽ هڪ منٽ جي اطلاع سان حضور جن کيس ساريءَ ”انگلنيڊ“ ۾ جڏهن موزون سمجهن تڏهن ڀلي موڪلين“.
داروغي جي اجازت بعد ”جينڪنسن“ کي ”ٽموٿي بئڪسٽر“ جي تلاش ۾ موڪليو ويو، سندس وڃڻ کانپوءِ اسين پنھنجي ننڍڙي ”بل “ جي راند روند ۾ وندريا پيا هئاسون، جو ان وقت اتي آيو هو، ۽ ”سر وليم“ کي چمي ڏيڻ لاءِ سندس ڪلھن تي چڙهي ويٺو، سندس ماءُ کيس گوشمالي ڪڻ لاءِ پئي ويئي، مگر ان بابت اسان کيس روڪيو، ۽ ڪرڻ جيئن ئي هو ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ هو، تيئن ئي کيس پنھنجي گوڏن تي کڻندي چيائين، ”ڇا بل ڳٽڪالچ، تون پنھنجي جهوني دوست، ”برچل“ کي سڃاڻين ٿو؟ ۽ تون ”ڊڪ“ منھنجا آزمودگار سپاهي، تون پڻ هتي آهين؟ توهين ڏسندو تہ مون توهان کي ڪو نہ وساريو آهي“. ائين چوندي هن هر هڪ کي هڪ وڏو خبر جي مانيءَ جو ٽڪرو ڏنو، جو انھن غريبن تمام خوشيءَ سان کاڌو، ڇا ڪاڻ تہ کين ان صبح جو تمام ٿورڙي نيرن ملي هئي.
اسين هاڻي مانيءِ تي ويٺاسون، جا ٿڌي ٿي ويئي هئي، پر ان کان اڳ جيئن تہ مون کي ٻانھن ۾ اڃا تائين سور هو، تنھن ڪري ”سر وليم“ هڪ نسخو لکيو، ڇا ڪاڻ تہ هن علم طبعيءَ جو اڀياس ڪرڻ پنھنجي وندر ڪيو هو، ۽ ڌنڌي ۾ وچٿري هنر واري کان وڌيڪ هو، اهو نسخو ڳوٺ جي دوائن وڪڻندڙ ڏانھن موڪليو ويو، منھنجيءَ ٻانھن جي ملم پٽي ڪئي ويئي ۽ مون جلدي آرام حاصل ڪيو، ،ماني تي اسان جي حاضريءَ داروغي ڀري، جو اسان جي مھمان جي ايتري تعظيم ڪري رهيو هو، جيتري سندس طاقت ۾ هئي، اسان چڱي طرح کائي ورتو، ان کان اڳ ٻيو پيغام سندس ڀائٽي کان آيو، جو پاڻ کي بي ڏوهي ٺھرائڻ لاءِ حاضر ٿيڻ جي اجازت جي خواهش ڪري رهيو هو، امير اهو عرض قبول ڪيو ۽ ”مسٽر ٿارنھل“ کي اندر اچڻ جي اجازت ڏنائين.

باب ايڪٽيھون: اڳئين ڪريم النفسي

”مسٽر ٿارنھل“ هميشہ وانگر مشڪندي ظاهرٿيو ۽ سڌو پنھنجي چاچي کي ڀاڪر پائڻ ويو، مگر چاچس کيس حقدار سان موٽائي ڇڏيو، امير سختيءَ سان چيو، ”هن وقت ڪا بہ چاپلوسي نہ گهرجي، منھنجيءَ دل کي قبول پوڻ جو صرف هي طريقو آهي، عزت جي رستي کان اچڻ، پر هتي آءٌ صرف ڪوڙ“ گيديپڻي ۽ظالم جا منجهيل واقعات رستي ڏسان ٿو، جناب! اهو غريب ماڻھو جنھن سان تو دوستيءَ جي دعويٰ ٿي رکي، ان سان اهڙي نموني برتاءُ ڪرڻ ڪھڙي معنيٰ ٿو رکي؟ سندس ڌيءَ سندس مھمان نوازيءَ جي عيوض ڪميڻپ جي نموني زوري ڀڄائي ويئي ۽ شايد صرف بي عزتيءَ کي روڪڻ لاءِ سندس پيءُ کي جيل ۾ اڇلايو ويو آهي، هن جو پٽ جنھن کي تون هڪ مرد وانگر منھن ڏيڻ کان دنئين ٿي سو پڻ...“ ”مسٽر ٿارنھل“ گفتگو ٽوڙيندي چيو، ”سائين، ڇا اهو ممڪن آهي، تہ منھنجو چاچو ان ڪم تي هڪ گناھہ وانگر اعتراض وٺي، جنھن کي ڇڏڻ لاءِ سندس وري وري هدايتن ئي مون کي آماده ڪيو آهي“.
”سر وليم“ جواب ڏنو، ”تنھنجو چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي، هن موقعي تي تو چڱيءَ طرح سياڻپ سان ڪم ڪيو آهي، مگر اهڙو نہ جھڙو هوند تنھنجو پيءُ ڪري ها، منھنجو ڀاءُ سچ پچ تھ،م عزت جو روح روان هو، پر توهان ...... هائو تو هن موقعي تي مڪمل طرح ٺيڪ ڪم ڪيو آهي، ۽ آءٌ ان کي گهڻو پسند ڪريان ٿو“.
سندس ڀائٽي چيو، ”مون کي اميد آهي تہ منھنجي باقي هلت ملامت جي لائق نہ ڏٺي ويندي، سائين آءٌ هن معزز ماڻھوءَ جي ڌيءَ سان گڏ ڪن عوامي وندر گاهن تي حاضر ٿيس، اهڙيءَ طرح جيڪا هلڪائي هئي، تنھن کي بدنامي جي سخت نالي سان ڪوٺيو ويو ۽ ظاهر ڪيو ويو تہ منھنجو ساڻس گهرو تعلق هو، سندس راضپي موجب ڳالھہ کي صفا ڪرڻ لاءِ آءٌ شخصي طرح سندس پيءُ وٽ ويس، پر هن منھنجو استقبال صرف بي عزتيءَ ۽ گارين سان ڪيو، باقي ٻين ڳالھين بنسبت منھنجا عام مختيار ۽ وڪيل اوهان کي چڱي طرح آگاھہ ڪري سگهندا، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ پنھنجو سمورو ڪاروبار سندن ئي حوالي ڪريان ٿو، جيڪڏهن هن قرض کنيا آهن ۽ موٽائي ڏيڻ جي لائق نہ آهي، تہ سندن ئي ڪم آهي، تہ هن نموني سان ڪارروائي ڪن ۽ آءٌ داد رسيءَ لاءِ انھن تمام قانوني طريقن اختيار ڪرڻ ۾ ڪابہ سختي يا بي انصافي ڪو نہ ٿو ڏسان“.
”سر وليم“ چيو ”جيڪڏهن اهو ائين آهي جيئن تو بيان ڪيو اهي تہ پوءَ تنھنجي ڪيل ڪم ۾ ڪا بہ اهڙيءَ ڳالھہ نہ آهي، جا معاف ٿيڻ جوڳيءَ نہ هجي، هيءَ معزز انسان اهڙي ظلم سان دٻايو وڃي ، ان کي برداشت نہ ڪرڻ ۾ تنھنجي هلت وڌيڪ سخاوت واري ٿئي ها. تنھن هوندي بہ هيءُ ڪارروائي ڪم از ڪم انصاف ڪارڻ ٿي آهي“.
زميندار جواب ڏنو، ”هيءُ ڪنھن بہ هڪ تفصيل جو ڏيئي نٿو سگهي، ۽ آءٌ ائين ڪرڻ لاءِ کيس سامھون ٿيان ٿو، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو، ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ منھنجن نوڪرن مان ڪيترا تيار آهن.“ مون کي صبر ۾ ڏسي، هن وڌيڪ چيو تہ ”اهڙي طرح سائين ثابت ٿئي ٿو تہ آءٌ بي ڏوهي آهيان، پر جيتوڻيڪ اوهان جي استدعا تي، آءٌ هن معزز ماڻھوءَ کي ٻيو سڀ گناھہ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان تہ بہ مون کي توهان وٽ بي آبرو ڪرڻ لاءِ هن جيڪي ڪوششون ورتيون آهن، سي اهڙو غصو اڀارين ٿيون، جو آءٌ پاڻ کي سنڀالي نٿو سگهان ۽ اهو پڻ ان وقت تي جڏهن سندس پٽ سچ پچ تہ منھنجي حياتيءَ وٺڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ان لاءِ چوان ٿو تہ هڪ اهڙو ڏوھہ آهي، جنھن کي مون قانون تي ڇڏڻ لاءِ ارادو ڪيو آهي، تہ اهو ڀلي پنھنجو رستو اختيار ڪري، مون وٽ سندس چئلينج ۽ ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻہ شاهد موجود آهن، منھنجي نوڪرن مان هڪ خوفناڪ نموني ۾ ڦٽيو ويو آهي ۽ جيتوڻيڪ منھنجو چاچو پاڻ کڻي مون کي سمجهائي ان کان باز آڻيندو، جو آءٌ سمجهان ٿو تہ هو نہ ڪندو، تنھن هوندي بہ آءٌ قانوني انصاف ٿيل ڏسندس ۽ هي ان لاءِ ڀوڳيندو“. منھنجيءَ زال چيو، ”بدمعاش تو اڳيئي پنھنجو وير نہ ورتو آهي ڇا، جو منھنجو ڇوڪرو تنھن جو ظلم ضرور چکندو،؟ مون کي اميد آهي تہ نيڪ ”سر وليم“ اسان کي بچائيندو، ڇا ڪاڻ تہ منھنجو پٽ اهڙو تہ معصوم آهي، جھڙو ٻار، مون کي خاطري آهي، تہ هيءُ بي ڏوهي آهي ۽ هن ڪڏهن بہ ڪنھن بہ ماڻھو کي نقصان نہ رسايو آهي.“.
ان نيڪ انسان جواب ڏنو، ”بيبي ! سندس سلامتيءَ لاءِ توهان جون دلي خواهشون منھنجين کان وڌيڪ نہ آهن، پر مون کي افسوس آهي، جو آئون ڏسان ٿو، تہ هن جو ڏوھہ بلڪل پڌرو آهي ۽ جيڪڏهن منھنجو ڀائيٽو ان تي زور رکي ٿو.....“ پر ”جينڪنسن“ داروغي جي نوڪرن هاڻي اسان جي ڌيان کي ڇڪي ورتو، جو هڪ قداور خوش پوش شخص کي ڇڪيندا، اندر گهڙيا، ”جينڪنسن “ کيس اندر ڌڪيندي چيواجهوهي اسان وٽ حاضر آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڪڏهن بہ ”ٽائبرن“ لاءِ اميدوار هو تہ اهو هي شخص آهي.“
جنھن ساعت ”مسٽر ٿارنھل“ ان قيديءَ ۽ ”جينڪنسن“ جنھن جي هو حوالات ۾ هو، سڃاتو، تنھن وقت خوف کان پوئتي هٽندو ڏٺو ويو، سندس منھن پنھنجي ڪيل گناھہ کان پيلو ٿو ويو، پر “جينڪنسن“ سندس ارادو پر کي ورتو ۽ کيس بيھاري ڇڏيائين، هن چيو، ”ڇا، زميندار صاحب، تون پنھنجن ٻن جهونن واقف ڪارن، ”جينڪنسن“ ۽ ”باڪسٽر کان شر مسار آهين؟ پر هي ئي طريقو آهي، جنھن ۾ سڀيئي وڏا ماڻھو پنھنجن دوستن کي وساري ڇڏيندا آهن، جيتوڻيڪ منھنجو پڪو ارادو آهي تہ اسين توهان کي ڪڏهن بہ ڪين وسارينداسون“. هن ” سر وليم“ ڏانھن مخاطب ٿي چيو، ” حضور جن خاطري ڪن، تہ اسان جي قيديءَ اڳيئي سڀ ڪجهہ قبول ڪيو آهي، هي اهو ئي سکر ماڻھو آهي، جنھن لاءِ سخت زخمي هئڻ جي پڪار ڪيل آهي، هي ظاهر ڪري ٿو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ ئي هو، جنھن پھريائين کيس هن ڪم تي مقرر ڪيو، هن ئي کيس اهي ڪپڙا ڏنا، جي هو هاڻي هڪ معزز ماڻھو وانگر ڏسڻ ۾ اچڻ لاءِ پھري ٿو، هن ئي کيس هڪ گاڏي مھيا ڪري ڏني، سندن وچ ۾ اها رٿ رٿيل هئي، تہ هي نوجوان عورت کي ڪنھن سلامتيءَ واري جاءِ ڏانھن کڻي ويندو ۽ اتي کيس خوف ۽ ڊپ ڏيندو، پر ”مسٽر ٿارنھل“ ان وقت اندر ڄڻ تہ اتفاقاً سندس آزادي لاءِ اتي پھچي ويندو، ۽ ٻئي ڪجهہ وقت پاڻ ۾ وڙهندا، ان کانپوءِ هو ڀڄي ويندو، جنھن موجب ”مسٽر ٿارنھل“ کي بچائيندڙ هئڻ جي حيثيت ۾ هن عورت جي پيار حاصل ڪرڻ جو بھتر وجهہ ملندو“.
”سر وليم“ اهو ڪوٽ سڃاتو، جو اڪثر سندس ڀائٽو پھريندو هو، قيدي پاڻ مرادو وڌيڪ تفصيل وار بيان سان ائين اختتام ڪندي قبول ڪيو تہ ”مسٽر ٿارنھل“ اڪثر ساڻس ظاهر ڪيو ويو ۽ هو ساڳئي وقت تي ٻنھين ڀينرن سان محبت ۾ ڦاٿل هو.
”سر وليم“ واڪو ڪري چيو، ”خدايا! ڪھڙو نہ کپر نانگ، آءٌ پنھنجيءِ ڇاتيءَ تي پالي رهيو هوس، جنھن انصاف جو شوق هو رکندڙ آهي، اهو ئي کيس ملندو، محترم داروغا، کيس حفاظت سان رک، تنھن هوندي بہ جهل مون کي خوف آهي تہ کيس روڪڻ لاءِ اسان وٽ ڪا بہ قانوني شاهدي نہ آهي“.
ان تي ”مسٽر ٿارنھل“ نھايت حلم سان التجا ڪئي، تہ انھن ٻن بدمعاشن کي سندس بر خلاف شاهدن طور قبول نہ ڪيو وڃي، پر سندس نوڪر ڀلي پڇيا وڃن، ”سر وليم“ جواب ڏنو، ”منھنجا نوڪر! بدبخت کين وڌيڪ لاءِ پنھنجو نہ ڪوٺ، پر اچو تہ ٻڌون، تہ انھن ماڻھن کي ڇا چوڻو آهي، سندس بورچي کي سڏيو“.
جڏهن بورچي کي اندر داخل ڪيو ويو، تڏهن هن پنھنجي اڳئين مالڪ جي نگاهن مان ڏٺو، تہ سندس سمورو زور هاڻي ختم ٿي چڪو هو، ”سر وليم، “ سختيءَ سان واڪو ڪري چيو، ”مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڪڏهن پنھنجي آقا ۽ هن ماڻھوءَ کي سندس ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل ۽ هڪ ٻئي سان گڏ ڏٺو آهي؟“بورچي جواب ڏنو، ”هائو، حضور جن خاطري ڪن هڪ هزار دفعا، هي اهو ماڻھو آهي، جو هميشہ سندس ڪَذَن، ڪرتَوتَنَ ۾ ساڻس شامل رهندو هو“.
”مسٽر ٿارنھل“ وچ ۾ پڇيو، ”ڪيئن، هي سڀ منھنجي منھن تي!“ بورچيءَ جواب ڏنو، ”هائو، ابا ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي منھن تي ..... تو کي سچ ٻڌايان ٿو، تہ مون ڪڏهين بہ تو کي پيار نٿي ڪيو ۽ نڪي تو کي پسند ٿي ڪيو ۽ مون کي ڪا بہ پرواھہ نہ جيڪڏهن هينئر آءٌ تو کي پنھنجي دل جو راز ٻڌايان ٿو“. ”جينڪنسن“ واڪو ڪري چيو. ”جيڪڏهن تو کي مون بابت ڪا بہ خبر هجي، تہ اها حضور جن کي ٻڌاءِ“، بورچيءَ جواب ڏنو ، ”آءُ چئي نٿو سگهان، تہ مون کي ڪا تو بابت گهڻي خبر آهي، مگر ان رات جڏهن هن معزز ماڻھوءَ جي ڌيءَ کي فريب ڏيئي اسان جي گهر آندو ويو هو. تڏهن تون انھن مان هڪڙو هئين، ”سر وليم“ چيو، ”اهڙي طرح آءٌ ڏسان ٿو تہ تو پنھنجي معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ تمام عمدو شاهد آندو آهي، تو ن انسان ذات تي داغ لڳائين ٿو،! اهڙن بدمعاشن سان صحبت ڪرڻ! (پر هن جي شاهدي جاري رکندي) ها محترم بورچي تون مون کي ٻڌاءِ، ڇا، هيءَ اهي ماڻھو آهي، جنھن هن وٽ هن ٻڍيءَ ماڻھوءَ جي ڌيءَ آندي آهي؟“ بورچيءَ جواب ڏنو، ”نہ سائين حضور جن خاطري ڪن تہ هن ان کي نہ آندو هو، ڇا ڪاڻ تہ اهو ڪاروبار زميندار پاڻ تي کنيو هو، پر ان پادريءَ کي آندو هو، جنھن کين پرڻائڻ جو ڍوئنگ ڪيو هو“ ”جينڪنسن“ چيو، ”اهو اهڙو تہ پورو پورو سچ آهي، جو آءٌ ان کان ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهان، اهو ئي ڪم هو، جو مون کي سپرد ڪيو ويو هو ۽ آءٌ پنھنجيءَ پشيمانيءَ سان اهو قبول ٿو ڪريان“
امير عجب ۾ پئجي چيو، ”سڳورا موليٰ سائين! ڪئين نہ هن جي ڪميڻپ جي هر هڪ نئين خبر مون کي خبر دار ٿي ڪري، هن جو هر ڪو ڏوھہ تمام پڌرو آهي ۽ آءٌ ڏسان ٿو تہ هن جو مقدمو ظلم، گيدي پڻي ۽ انتقام سان تيار ڪيل آهي، محترم داروغا، منھنجي ڀروسي تي هن نوجوان عملدار کي جو هن وقت تنھنجي قيدي آهي، آزاد ڪر، ۽ نتيجن لاءِ مون تي ڀروسو رک، آءٌ هن ڪم کي ان پنھنجي دوست جج وٽ صحيح روشنيءَ ۾ پيش ڪرڻ جو ڪم پنھنجي ذمي کڻندس، جنھن کيس جيل ڏانھن موڪليو آهي، مگر اها بد نصيب نوجوان عورت ڪٿي آهي؟ ڀلي تہ هوءَ هن ڪمبخت کي سامھون پوڻ لاءِ حاضر ٿئي، آءٌ معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو، تہ هن ڪھڙن هنرن سان کيس ٺڳيو آهي، کيس اندر اچڻ لاءِ التجا ڪريو، هوءَ ڪٿي آهي؟“
مون چيو، ”افسوس سائين! اهو سوال مون کي دل ۾ ڏنگ هڻي ٿو، آءٌ سچ پچ تہ ڪنھن وقت هن ڌيءَ مان خوش هوس، مگر سندس تباهي .... “اتي منھنجي ڳالھائڻ ۾ از خود رڪاوٽ پئي، جڏهن مون ڏٺو، تہ جا عورت ان وقت حاضر ٿي رهي هئ، سا هئي، ”مس ارابيلا ولماٽ“ جا ايندڙ ڏينھن تي ”مسٽر ٿارنھل“ سان پرڻجڻي هئي، ”سر وليم ۽ سندس ڀائيٽي کي اتي پنھنجي اڳيان ڏسي، جيڪا حيرت کيس لڳي، تنھن جو بيان ڪري نٿو سگهجي، ڇا ڪاڻ تہ سندس اتي اچڻ بلڪل اتفاقي هو، ائين ٿيو جو سندس چاچيءَ زور رکيو هو، تہ سندس شاديءَ ”مسٽر ٿارنھل“ سان سندس گهر ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ان جي گهر ڏانھن ويندي هوءَ ۽ سندس ٻڍو پيءُ شھر جي وچان لنگهي رهيا هئا، پرتفريحا ترسندي، هو شھر جي ٻئي ڇيڙي تي هڪ سراءِ ۾ رهي پيا، اتي ائين ٿيو جو دريءَ کان هڪ نوجوان عورت منھنجي ننڍڙن ڇوڪرن مان هڪ کي گهٽيءَ ۾ راند ڪندي ڏٺو ۽ يڪدم ڇوڪر کي هڪ نوڪر هٿان پاڻ وٽ گهرائي، کانئس اسان جي ڪجهہ مصيبتن جو احوال معلوم ڪيائين، مگر اڃا تائين کيس اها خبر ڏني ويئي تہ ”مسٽر ٿارنھل“ ڪو انھن جو سبب هو جيتوڻيڪ سندس پيءُ ملاقاتن لاءِ اسان وٽ جيل ۾ اچڻ جي نامناسب هلت تي گهڻيئي اعتراض ڪيا، تنھن هوندي بہ اهي بي اثر ٿيا، هن ڇوڪري کي وٺي هلڻ لاءِ چيو، جو ڪم هن ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هن جي غير متوقع ٽاڻي تي آمد انسان کي حيرت ۾ وڌو،
آءُ انھن اتفاقي ملاقاتن تي روشني وجهڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهان ، جي جيتوڻيڪ روزمره پيون ٿين، مگر سواءِ ڪنھن غير معمولي موقعي جي اسان جي حيرت کي ڪو ورلي اڀارين ٿيو، اسين پنھنجين زندگين جي سڀ ڪنھن خوشيءَ لاءِ ڪھڙي اتفاقي ماجرا جا مرهون منت نہ آهيون؟ اسين ڪپڙا پھرايا يا کاڌو کارايا وڃون ٿا، ان کان اڳ ڪيترا نہ گهڻا ظاهر ظھوو محنت ڪرڻ ڏانھن متوجهہ هئڻ گهرجن، وسڪارو ضرور وسي، هوا واپار لاءِ ويندڙ جهاز جي سڙھہ کي ڀري ۽ ماڻھو ضرور دستوري سامان جي ضرورت رکندا هجن. اسان سڀني ڪجهہ ساعتن لاءِ پنھنجو صبر قائم رکيو، هن زميندار کي چيو، جو هن سمجهيو تہ اسان جي مدد لاءِ ۽ نہ ئي ظلم ڪرڻ لاءِ آيو هو، ”سچ پچ تہ منھنجا پيارا ”ٿارنھل“ آءٌ ان کي ڪجهہ بي مروتيءِ جو طريقو سمجهان ٿي، جو تون مون کان سواءِ هتي اچين ۽ مون کي هن ڪٽنب جي حالت کان آگاھہ نہ ڪرين، جو پاڻ ٻنھين کي تمام گهڻو پيارو آهي، تو کي خبر آهي تہ مون کي پنھنجي معزز بزرگ استاد، جنھن کي آءٌ هميشہ لاءِ تعظيم ڏيندس، ان جي دستگيري لاءِ مدد ڪرڻ ۾ ايتري ئي مسرت هئڻ گهرجي، جيتري تون حاصل ڪري سگهين ٿو، پر آءٌ ڏسان ٿي، تہ تون پنھنجي چاچي وانگر ڳجهيءَ طرح نيڪي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ڪرين ٿو.
”سر وليم“ وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، هي نيڪيءَ ڪرڻ ۾ مسرت حاصل ڪري ٿو! نہ منھنجي پياري هن جون خوشيون اهڙيون ئي ذليل آهن، جھڙو هي پاڻ آهي، خاتون، تون هن جي شڪل ۾ اهو پورو بدمعاش ڏسين ٿي، جنھن هميشہ انسان ذات جي گهٽتائي ڪئي، هڪ ڪميڻو جنھن هڪ غريب ماڻھوءَ جي ڌيءَ کي گمراھہ ڪرڻ کانپوءِ ۽ سندس ڀيڻ جي معصوميت خلاف منصوبي رٿڻ کانپوءِ سندس پيءُ کي قيد ۾ اڇلايو ۽ وڏي ڀاءُ کي ٻيڙين ۾ وڌو آهي، ڇا ڪاڻ تہ هن کي سندس ڊوه ڪندڙ سان سامھون ٿين جي همت هئي ۽ خاتون تون مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ تو کي هن راڪاس جھڙي بچي وڃڻ تي مبارڪون ڏيان“.
اڻ وڻندڙ ڇوڪريءَ چيو، ”او خدا، آءٌ ڪيئن نہ ٺڳجي ويئي آهيان! ”مسٽر ٿارنھل“ مون کي خاطريءَ جھڙو اطلاع ڏنو تہ هن بزرگ جو وڏو پٽ ”ڪيپٽن پرمروز“ پنھنجي نئين شادي ڪيل زال سان ٻاهر آمريڪا ڏانھن ويل هو“.
منھنجي زال چيو، ”منھنجي مٺڙي ڪڪي، هن تو کي ڪوڙن کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪو نہ ٻڌايو آهي، منھنجي پٽ ”جارج“ ڪڏهن بہ حڪومت جون حدون نہ ڇڏيون، نڪي ڪڏهن بہ ڪا شادي ڪيائين، جيتوڻيڪ تو کيس وساري ڇڏيو آهي، مگر هن تو کي هميشہ ايترو تہ گهڻو پيار ڪيو آهي، جو ڪنھن ٻيءَ جو خيال بہ نہ ڪري سگهيو آهي، مون کيس ائين چوندي ٻڌو آهي تہ هو تنھنجي واسطي ڪنوارو مرندو“ هوءَ پوءَ پنھنجي پٽ جي عشق جي سچائي جو تفصيلوار احوال ڏيڻ لڳي، هن سندس ۽ ”ٿارنھل“جي جڳهڙي کي صحيح روشنيءَ پيش ڪيو، ان کان پوءِ ان ڳالھہ کان نڪري وڃي، زميندار جي بد اخلاقين ۽ سندس مڪر وارين شادين جي ڳالھہ ڪيائين ۽ سندس گيدپڻي کي نھايت بي عزتيءَ واريءَ تصوير ۾ پيش ڪري، پنھنجيءَ گفتگو کي ختم ڪيائين.
”مس ولماٽ“ چيو، ”خدايا آءٌ ڪيترو نہ برباديءَ جي ڪناري کي ويجهو اچي پھتي هئس، پر ان کان بچڻ تي مون کي ڪيڏي نہ وڏي خوشي ٿي آهي! هن ماڻھوءَ مون کي ڏھہ هزار ڪوڙ ٻڌايا آهن، هن کي اهڙو ڪو فن هو جو هو آخر مون کي ان خاطريءَ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، تہ منھنجو ان معزز ماڻھوءَ جي ڪوڙن مون کي هڪ اهڙي ماڻھوءَ کي ڌڪارڻ سيکاريو، جو مڪمل طرح بھادر ۽ مھربان هو“.
هن وقت تائين، جيئن تہ جيڪو ماڻھو زخمي ٿيل سمجهيو ٿي ويو، سو مڪار ثابت ٿيو هو، تنھن ڪري منھنجو پٽ انصاف جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي ويو، ”مسٽر جينڪنسن“ جنھن خدمتگار وانگر ڪم پئي ڪيو، تنھن پڻ سندس وارن کي سنواريو ۽ معزز ڏسڻ ۾ اچڻ لاءِ جيڪي ڪجهہ ضروري هو، سو کيس ميسر ڪري ڏنو، هاڻي هي تمام سھڻي نموني سان فوجي لباس ۾ اندر گهڙيو، ۽ آءٌ سواءِ ڪنھن فخر جي چوان ٿو، (ڇاڪاڻ تہ آءٌ ان کان مٿي آهيان) تہ هي اهڙو تہ سھڻو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جھڙو هڪ اهو انسان جنھن هميشہ فوجي لباس پھريو هجي، جيئن هي اندر گهڙيو، تيئن هن پرانھون ۽ نماڻائي سان ”مس ولماٽ“ کي سلام ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ سندس ماءُ جي فصيح زبانيءَ جيڪا تبديلي سندس فائدي ۾ آندي هئي، ان کان هي قطعا غير واقف هو، ڪا بہ فضيلت هن لڄاريءَ عورت جي بي صبريءَ کي معافي ڏيڻ کان روڪي نٿي سگهي، سندس لڙڪن ۽ نگاهن، سندس پھرئين وعدي کي وساري ڇڏڻ سبب سندس دل ۾ جيڪي ندامت جا جذبات ٿيا، تن کي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، منھنجو پٽ سندس هيءَ شفقت ڏسي حيران ٿي ويو ، تہ ان کي ورلي ڪو سچو سمجهي سگهيو، هن چيو، ”خاتون، هي صرف وهمي خيال آهي، آءٌ ڪڏهن بہ اهڙي لياقت رکي نٿو سگهان، اوهان جي هن نموني نوازش ڪرڻ تي آءٌ نھايت گهڻو خوش ٿيو آهيان، ”مس ولماٽ“ جواب ڏنو، ”نہ سائين مون سان دوکو ڪيوويو آهي، آءٌ نھايت ذليل نموني ٺڳجي ويئي هيس، نہ تہ منھنجي دوستيءَ جي خبر آهي، تو ان کي گهڻو ئي آزمايو آهي، مگر جيڪي ڪجهہ مون ڪيو آهي، ان کي وساري ڇڏ، جيئن تو کي اڳي تمام گهڻا سچائي جا وعدا مليل هئا، تيئن وري بہ اهي تو سان دهرايل آهن ۽ خاطري ڪر تہ جيڪڏهن تنھنجي ”اربيلا“ تنھنجي ٿي نٿي سگهي، تہ هوءَ ٻئي جي بہ ڪڏهن نہ ٿيندي“.”سر وليم“ چيو جيڪڏهن مون کي تنھنجي پيءُ تي ڪجهہ بہ اثر آهي، تہ پوءِ تون ٻئي ڪنھن جي بہ نہ ٿيندين“.
هي اشارو منھنجي پٽ ”موزز“ لاءِ ڪافي هو، هو جيڪي ٿيو هو،. تنھن کان ٻڍڙي رئيس کي آگاه ڪرڻ لاءِ يڪدم مسافر خاني ڏانھن ڊوڙيو، جتي هو موجود هو، پر انھيءَ وقت سڀ ڪنھن طرف کان برباد ٿيل زميندار اهو معلوم ڪندي تہ فريب ۽ خوشامد ۾ بہ ڪي اميدون باقي ڇڏيل نہ هيون، ان نتيجي تي پھتو تہ سندس لاءِ بھترين رستو ٿيندو تبديل ٿيڻ، ۽ سنس پيڇو ڪندڙ کي منھن ڏيڻ، اهڙيءَ طرح سڀ شرم ڇڏي هيءَ بي باڪ بدمعاش ظاهر ٿيو، هن چيو، ”تڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ آءٌ هتي ڪنھن بہ انصاف ٿيڻ جي توقع نٿو رکان، پر مون ارادو ڪيو آهي تہ اهو آءٌ ضرور حاصل ڪندس، “. .سر وليم“ ڏانھن مخاطب ٿيندي هن چيو تہ ”سائين توهان کي خبر هجي آءٌ هن کان وڌيڪ عرصو توهان جي نوازش تي مدار رکندڙ نہ آهيان، آءٌ انھن کي نفرت سان ڏسان ٿو، ڪا بہ طاقت .مس ولماٽ“ جي ان دولت کي مون کان پري رکي نٿي سگهي، جا سندس اورچائيءَ ڪري ڪافي ڪٺي ٿي چڪي آهي، سندس ملڪيت لاءِ صحيح ٿيل دستاويز ۽ اقرار ناما مون وٽ محفوظ آهن، اهو سندس مال ئي هو، جنھن مون کي هن سڱ لاءِ هرکايو ۽ نہ سندس شخصيت، دولت مون پنھنجي قبضي ۾ آندي آهي، هاڻي ڏسجي تہ ٻئي کي ڪير ٿو پنھنجي حوالي ڪري“
هيءَ هڪ خوفناڪ ضرب هئي، ”سروليم“ سندس حقن جي راستبازيءَ کان واقف هو، ڇا ڪاڻ تہ هيءَ شاديءَ جي شرطن فيصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس ٻانھن ٻيلي هو، تنھن ڪري ”مس ولماٽ“ اهو ڏسي تہ سندس دولت وڃڻ کي ويئي، منھنجي پٽ ڏانھن مخاطب ٿي، کانئسن پڇيو تہ آيا، دولت جو نقصان سندس قدر وٽس گهٽ ڪري سگهيو آهي؟ هن وڌيڪ چيو، ”جيتوڻيڪ هاڻي دوست منھنجي وس کان ٻاهر آهي، تہ بہ آءٌ ڪم از ڪم پنھنجو هٿ اوهان کي ڏيئي سگهان ٿي.“
سندس عاشق چيو، ”پياري اهو ئي سڀ ڪجهہ هو جو تو کي ڏيڻو هو، منھنجي ”اربيلا“ آءٌ هاڻي هر ڪنھن خوش نصيب سان دعوا رکندي چوان ٿو، تہ هن وقت تنھنجي دولت جي ڪمي منھنجي خوشي وڌائي ٿي ۽ اها منھنجيءَ پياريءَ محبوبہ کي منھنجي سچائءَ جي خاطري ڏئي ٿي“
”مسٽر ولماٽ“اندر لنگهندي، پنھنجي ڌيءَ کي ان وقت خوف مان نجات حاصل ڪيل ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ يڪدم سڱ رد ڪرڻ جي اجازت ڏنائين، مگر اهو معلوم ڪندي دلشڪستو ٿي پيو تہ جا سندس دولت ”مسٽر ٿارنھل“ کي دستاويز موجب ڏني هئائين، تنھن تان هٿ کڻڻو پوندس، هن هاڻي ڏٺو تہ سندس جملي ملڪيت ان ماڻھوءَ جي حوالي ٿيڻي هئي، جنھن وٽ پنھنجي اصلي ملڪيت نہ هئي، هو سندس بدمعاش هئڻ برداشت ڪري سگهيو ٿي، مگر ملڪيت تان هٿ کڻي نٿي سگهيو، تنھن ڪري ڪجهہ منٽن لاءِ ڳوڙهي خيال ۾ محو ٿي ويو، ايستائين جو ”سر وليم“ سندس ڳڻتي کي گهٽائڻ لاءِ چيو، ”سائين آءٌ قبول ڪريان ٿو، تہ تنھنجي موجودہ نااميدي مون کي ناخوش نٿي ڪري، تنھنجو دولت لاءِ غير معتدل ذوق هاڻي واجبي نموني ۾ سنواريو ويو آهي، جيتوڻيڪ هيءَ تنھنجي ڇوڪري شاهوڪار ٿي نٿي سگهي، مگر هوءَ اڃا بہ کيس اطمينان ڏيڻ جي ڪافي لياقت رکي ٿي، تون هتي هڪ ايماندار نوجوان سپاهي ڏسين ٿو، جو کيس بغير دولت جي قبول ڪرڻ چاهي ٿو، هنن گهڻو عرصو هڪ ٻئي کي پيار ڪيو آهي ۽ منھنجي دلچسپي سندن ترقيءِ جي راھہ ۾ پوئتي نہ پوندي، تنھن ڪري اهو حرص ڇڏي ڏي،. جو تو کي نااميد ڪري ٿو، ۽ هڪ دفعي لاءِ ان خوشيءَ کي اجازت ڏي جا تنھنجي قبوليت چاهي ٿي.“
پيرسن سکر ماڻھوءَ جواب ڏنو، ”سر وليم“ خاطري ڪريو، مون هيستائين ڪڏهن سندس تمنائن کي مجبور نہ ڪيو آهي، نڪي ڪي هاڻي ائين ڪندس،(تہ پوءِ آءٌ) پنھنجي دل و جان سان اجازت ڏيان ٿو، تہ هو ڀلي کيس هٿ ڪري خداجو شڪر آهي، جو اڃا تائين ڪجهہ ملڪيت ڇڏيل آهي، ۽ اميد آهي تہ توهان جو واعدو ان کي ڪجهہ قدر زياده ڪندو، صرف منھنجو دوست (مطلب آءُ) منھنجيءَ ڌيءَ کي ڇهن هزارن پائونڊن ڏيڻ جو وعدو ڪري، جڏهين بہ پاڻ شاهوڪار ٿئي، آءٌ ان اجازت ڏيڻ لاءِ پڻ تيار آهيان، تہ هو ڀلي اڄ ئي رات پاڻ ۾ گڏجن“.
جيئن تہ هاڻ اهو مون تي ئي ڇڏيل هو، تہ آئون نوجوان جوڙي کي خوش ڪريان، تنھن ڪري مون يڪدم رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جا هن چاهي ٿي، اهو ڪم هڪ مون جھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪو وڏو احسان نہ هو، جنھن کي اهڙيون اميدون نہ هيون، تنھن ڪري هاڻي اسان کي سندن بيءَ خوديءَ ڪري هڪ ٻئي جي آغوش ۾ ڊوڙي وڃڻ جي خوشي حاصل ٿي، منھنجي پٽ ”جارج“ چيو، آخر ڪار مون بدنصيب کي هن نموني عيوضو، ملڻ! خاطري آهي، تہ هي (نوازش) ان کان وڌيڪ آهي، جنھن جي آءٌ ڪڏهن بہ اميد ڪري ٿي سگهيس، تڪليف جي ايتري عرصي کان پوءِ ان سڀ جو مالڪ ٿيڻ جو خوشي ڏيندڙ آهي، منھنجون تمنائون ڪڏهن بہ ايڏيءَ بلنديءَ تي نہ پھچي سگهيون“. ”مس ولماٽ“ وراڻيو، ”هائو، منھنجا جارج، هاڻي ڇڏ تہ ڀلي هيءَ نامراد منھنجي دولت حاصل ڪري، ڇا ڪاڻ تہ تون ان کان سواءِ بہ خوش رهي سگهين ٿو، ۽ آءٌ پڻ اهڙي طرح او! ڪھڙي نہ بدل سدل مون ڪئي آهي، نيچن ۾ نيچ انسان جي طرف کان منھن موڙي پيارن ۾ پيارن سپرين ڏانھن ! ڀلي تہ هو اسان جي دولت مان لطف حاصل ڪري آءٌ هاڻي تنگدستيءَ ۾ پڻ خوش رهي سگهان ٿي“.
زميندار ڪوڙي کل سان چيو، آءٌ تو کي خاطري ٿو ڏيان تھ، جنھن دولت کي تون ڌڪارين ٿي، ان کي حاصل ڪرڻ سان آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيندس“. ”جينڪنسن“ چيو جهل سائين جهل، انھي باري ۾ اڃا مون کي ٻہ لفظ ڳالھائڻا آهن، جيتري قدر ان عورت جي ملڪيت جو سوال آهي تہ تون ڪنھن بہ صورت ۾ ان جي هڪ پئسي کي بہ هٿ نہ لائي سگهندين“. هن ”سر وليم“ کي مخاطب ٿي چيو، ”حضور جن کي عرض آهي تہ جيڪڏهن زميندار جي ٻيءَ عورت سان شادي ڪيل هوندي تہ پوءِ بہ هن خاتون جي ملڪيت کيس ملي سگهي ٿي ڇا؟“امير چيو، ”تون هڪ اهڙو سادو سوال ڪئين ڪري سگهين، ٿو؟ سچ پچ تھ، هو اها حاصل ڪري نٿو سگهي“. ”جينڪنسن“ چيو، ”مون کي ان لاءِ افسوس آهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن تہ ڪنھن زماني ۾ اسين گڏ رانديون کيڏيندا هئاسون، تنھن ڪري منھنجي ساڻس دوستي آهي، پر جيئن آءٌ کيس پيار ڪريان ٿو، تيئن اهو پڻ ظاهر ڪندس تہ سندس اقرار نامو هڪ تماڪ جي ٽوٽي جيتري بہ قيمت نٿو رهي ڇاڪاڻ تہ سندس اڳيئي شادي ڪيل آهي زميندار پنھنجي پنھنجي بي عزتي ڏسي جوش ۾ اچي ويو ۽ چيائين ”تون هڪ ڪم ذات وانگر ڪوڙي ٿو ڳالھائين، مون قانوني طرح اصل ڪنھن سان بہ شاندي نہ ڪئي آهي“.
”جينڪنسن“ جواب ڏنو، ”حضور جن جي معافيءَ جو طلبگار آهيان، توهان شادي ڪئي هئي ۽ مون کي اميد آهي تہ توهين پنھنجي دوستيءَ جو پورو عيوضو پنھنجي ان ايماندار دوست، ”جينڪنسن“ کي ڏيندو، جو توهان کي زال هٿ ڪري ڏئي ٿو، جيڪڏهن سڀئي رفيق ڪجهہ منٽن لاءِ پنھنجي انتظارکي روڪيندا ، تہ اهي ان عورت کي ڏسندا، جنھن سان هن اڳي شادي ڪئي هئي، ائين چوندي هو پنھنجي دستوري تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ويو ۽ اسان سڀني کي سندس مراد متعلق اندازي لڳائڻ کان لاچار ڇڏي ويو، زميندار چيو، ”ها ڇڏيو س تہ وڃي، جيڪي بہ ٻيو مون کڻي ڪيو هوندو تہ ان لاءِ آءٌ کيس اتي جواب ڏيندس، آءٌ هاڻي اهڙين چوپڙين کان ڪو نہ ڊڄان“.
”مون کي حيرت آهي“. ”امير جواب ڏنو، ”تھ، هن شخص جو ان ڳالھہ سان ڪھڙو مطلب آهي؟ آءٌ ان کي ڪجهہ بازاري نموني جو چرچو ٿو سمجهان“. مون جواب ڏنو، ”شايد هن جو ڪو سنجيدو مطلب هجي،ڇاڪاڻ تہ جڏهن اسين هن ويچار ڪريون ٿا، تڏهن شايد ڪو هڪ هن کان وڌيڪ هنر وارو اهڙو شخص بہ هجي، جنھن کيس ٺڳيو هجي، جڏهن اسين خيال ٿا ڪريون تہ ڪيترو نہ وڏو انداز ماڻھن جو هن برباد ڪيو آهي ۽ ڪيترا والدين هاڻي سندس آندل دک سان گڏ رسوائي ۽ ناپاڪائي محسوس ڪن ٿا، تڏهن اهو مون کي حيرت ۾ نہ وجهندو، جيڪڏهن منجهانئن ڪو........حيرت! ڇا هيءَ ئي منھنجي مري ويل ڌيءَ آهي،؟ ڇا! هوءَ اڃا تائين زنده آهي،؟ اهائي آهي، اها ئي منھنجي زندگي ۽ منھنجي خوشي آهي، منھنجي ”اوليويا“ مون تو کي مري ويل سمجهيو ٿي، مگر آءٌ تون کي اڃا تائين زنده ڏسان ٿو، مون کي اميد آهي تہ تون مون تي نوازش ڪرڻ لاءِ اڃا بہ زنده رهندينءَ ”جينڪنسن“ مون کي ”اوليويا“ سان گڏ اندر ايندو، ڏٺو، تڏهن ڪنھن تمام جوشيلي عاشق جي بي خوديءَ کان بہ منھنجا جذبات تيز هئا ۽ پنھنجي ڌيءَ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ آندم، هن جي صرف ماٺ سندس خوشي بيان ٿي ڪئي.
مون چيو تہ منھنجي پياري تون مون وٽ پيرسنيءَ ۾ تڪسين ڏيڻ لاءِ واپس آئي آهين! ”جينڪنسن“ چيو، ”هيءَ سچ پچ تھ، تو لاءِ تسڪين آهي، ۽ ان تي تمام گهڻي خوشي ڪر، واقعي هيءَ تنھنجي معزز نياڻي آهي ۽ اهڙي ايماندار عورت ٻي ڪا بہ هن ڪوٺي ۾ مشڪل هوندي، زميندار! هيءَ نوجوان خاتون تنھنجي قانوني شادي ڪيل زال آهي، ۽ تون کي خاطري ڏيارڻ لاءِ آءٌ حق کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نٿو چوان، اجهو هيءَ اجازت ناموآهي، جنھن موجب اوهان ٻنھي جي شادي ٿي هئ“. ائين چوندي هن اهو اجازت نامو امير جي هٿ ۾ ڏنو، جنھن ان کي پڙهيو ۽ ان سڀني پرئين پورو ڏٺو، هن وڌيڪ چيو، ”معزز صاحبو! آءٌ هاڻي ڏسان ٿو تہ توهين هن سموري ڪارگذاريءَ تي حيران آهيو، پر ٿورائي لفظ اها مشڪل حل ڪندا، هيءَ زميندار، جنھن سان منھنجي گهاٽي دوستي آهي، سو اڪثر ڪري پنھنجا اڍنگا ڪم مون کان ڪرائيندو هو، ٻين ڪمن سان گڏ هن عورت کي دلبي ڏيڻ لاءِ هن مون کي پنھنجي شادي لاءِ هڪ جڙتو اجازت نامي ۽ هڪ پادريءَ هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليو پر جيئن تہ آءٌ سندس سچو دوست هوس، تنھن ڪري مون ڇا ڪيو جو هڪ سچو اجازت نامو ۽ هڪ سچو پادري هٿ ڪيم، ۽ هنن ٻنھي جي ايترو تڪڙو شادي ڪرايم، جيترو تڪڙو پادري ءَ کين ڪرائي سگهيو ٿي، شايد توهان سمجهنداتہ مون ڪنھن ڪرم فرمائيءَ مطابق ائين ڪيو، پر نھ، آءٌ شرمساريءَ سان قبول ٿو ڪريان، تہ منھنجي صرف اها مراد هئي، تہ آءٌ اهو اجازت نامو پاڻ وٽ محفوظ رکان ۽ زميندار کي ان ڳالھہ کان آگاھہ ڪريان، تہ موقعي ملڻ تي آئون ان بابت مٿس ثبوت رکي سگهيس ٿي ۽ اهڙيءَ طرح پئسن جي ضرورت وقت کيس زير بار ڪري سگهيس ٿي، ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، تہ خوشيءَ جي لھر سڄي ڪمري کي ڀري ڇڏيو هو، اسان جي خوشيءَ عام ڪوٺيءَ تائين بہ پھچي ويئي، جتي قيدين پڻ ان خوشيءَ ۾ حصو ورتو ۽ پنھنجون زنجيرون بيحد خوشيءَ ۽ اڍنگي سر ۾ لوڏيائون.
هر ڪنھن جو چھرو خوشيءَ وچان بھڪڻ لڳو ۽ ”اوليويا“ جا ڳل پڻ خوشيءَ سبب سرخ ڏسڻ ۾ آيا، اهڙيءَ طرح ناموس دوستن ۽ دولت جي وري حاصل ڪرڻ جي بيحد مسرت تباهيءَ جي واڌاري کي روڪڻ ۽ اڳئين تندرستيءَ ۽ خوش طبعيءَ کي واپس آڻڻ لاءِ ڪافي هئي، مگر شايد انھن سڀني مان جيڪي اتي موجود هئا، ڪو بہ اهڙو ڪو نہ هو، جنھن مون کان زياده خوشي محسوس ڪئي هجي، اڃا تائين بہ پنھنجي ٻچي کي پنھنجين ٻانھن ۾ جهليندي مون پنھنجيءَ دل کان پڇيو تہ آيا اهي خوشيون وهمي تہ نہ هيون مون ”مسٽر جينڪنسن“ ڏانھن مخاطب ٿي واڪو ڪري چيو، ”تون اهو ڪم ڪئين ڪري سگهين؟ مگر اها ڪا وڏي ڳالھہ نہ آهي، هن کي وري ڏسڻ تي مون کي جيڪا خوشي ٿي آهي، سا ان درد جي عيوضيءَ کان وڌيڪ آهي“. ”جينڪنسن“ جواب ڏنو، ”توهان جي سوال جو جواب هيءَ آهي، تہ مون توهان کي قيد کان آزاد ڪلرائڻ جو صرف ممڪن طريقو زميندارجي آڏو اوهان جو پيش پوڻ ۽ سندس هڪ نوجوان خاتون سان شادي ڪرڻ تي قبوليت ڏيڻ سمجهيو هو، پر جيستائين اوهان جي ڌيءَ زندھہ هئي، تيستائين ڪڏهن بہ ان جي منظور ڪرڻ کان توهان قسم کنيو هو، تنھن ڪري بغير توهان کي مطلع ڪرڻ جي تہ هوءَ فوت ٿي ويئي هئي، ٻيو ڪو بہ طريقو مون کان ڪو نہ سمجهيو، مون توهان جي زال کي ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ هن وقت تائين اهڙو ڪو مناسب موقعو ئي ڪو نہ مليو، جو اوهان کي هن حقيقت کان هاڻي هن سڄي ميڙ ۾ صرف ٻہ ماڻھو هئا، جي خوش ڏسڻ ۾ نٿي آيا، ”مسٽر ٿارنھل“ کي پنھنجيءَ ڪاميابيءَ جو جيڪو يقين هو، سو هميشہ لاءِ ٽٽي پيس، هن هاڻي رسوائيءَ ۽ افلاس جي ڪن کي پنھنجي اڳيان ڏٺو ۽ ٽٻيءَ ڏيڻ کان آگاھہ ڪريون ڏڪڻ لڳو، تنھن ڪري پنھنجي چاچي جي اڳيان گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ تمام دل ۾ چڀندڙ درديلي آواز ۾ رحم لاءِ التجا ڪيائين، ”سر وليم“ کيس حقارت سان ڌڪاري ڇڏڻ تي هو، مگر منھنجي عرض تي هن کيس مٿي کنيو۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ چيو، تنھنجيون بد ڪاريون، ڏوھہ ۽ احسان فراموشي ڪنھن بہ فرمائش جي لياقت نٿيون رکن تنھن هوندي بہ تون مڪمل طرح وساريو نہ ويندين، هڪ معمولي رقم حياتي جي ضروريات جي پورائيءَ لاءِ پر تہ ان جي ڪڌاين لاءِ تنھنجي حوالي ڪئي ويندي، هن نوجوان خاتونءَ تنھنجيءَ زال کي ان دولت جو ٽيون حصو ڏنو ويندو ۽ صرف ان جي ئي سفارش سان تون مستقبل ۾ وڌيڪ ڪنھن غير معمولي امداد جي اميد رکي سگهين ٿو“. هو هن جي اهڙي نوازش لاءِ پنھنجي احسانمندي کي هڪ با رونق گفتگو ۾ ظاهر ڪري رهيو هو، پر امير کيس روڪي ڇڏيو، هن کيس چيو تہ هو پنھنجي ڪميڻائيءَ کي وڌيڪ زياده نہ ڪري جا اڳيئي گهڻو ظاهر ٿي ڇڪي هئي ۽ کيس ساڳئي وقت تي نڪري وڃڻ ۽ سندس گهرو نوڪرن مان ڪنھن بہ هڪ کي پنھنجي حاضريءَ لاءِ چونڊڻ جو حڪم ڪيو،
اڃا هن اسان کي ڇڏيو ئي مس تہ ”سر وليم ۾ مڪمل دلي اطمينان سان پنھنجي ڀائٽي وٽ مشڪندي آيو ۽ کيس خوشيءَ لاءِ دعا ڪيائين، سندس مثال ”مس ولماٽ“ ۽ سندس پيءَ عمل ۾ آندو، منھنجي زال پڻ گهڻي پيار سان پنھنجي ڌيءَ کي چُمي ڏني، جيئن تہ سندس اصطلاح ۾ چئجي تہ هوءَ ان وقت هڪ بي وفا عورت بنائي ويئي هئي، ”صوفيا“ ۽ ”موزز“ واري سان پيروي ڪئي ۽ اسان جي مھربان ” جينڪنسن“ پڻ ان اخلاقي رسم ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڪئي، اسان جي دل ۾ بيحد گهڻو سڪون حاصل ٿيو، ”سر وليم“ جنھن جي زياده ۾ زياده خوشي نيڪي ڪرڻ ۾ هئي، تنھن هاڻ سج جھڙي روشن چھري سان چوڌاري نھاريو ۽ سڀني جي اکين ۾ خوشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏٺو، سواءِ منھنجي ڌيءَ ”صوفيا“ جي جا ڪن سبب ڪري، جي اسين پروڙي نٿي سگهياسون. مڪمل طرح خوش نہ ڏٺي ويئي، هن مشڪندي چيو، ” آءٌ هاڻي سمجهان ٿو تہ سواءِ هڪ يا ٻن ماڻھن جي هيءُ سموري مجلس پوريءَ طرح خوش ڏسجي ٿي، صرف باقي هڪ حق جو ڪم منھنجي ڪرڻ لاءِ رهيل آهي“. هن مون کي مخاطب ٿي چيو، ”سائين تون انھن احسانن کان واقف آهين، جن لاءِ پاڻ ٻئي”جينڪنسن“ جا مرهون منت آهيون ۽ اهو صرف انصاف آهي، تہ پاڻ ٻنھي کي ان لاءِ کيس معاوضو ڏيڻ گهرجي، مون کي خاطري آهي، تہ ”مس صوفيا“ هن کي تمام گهڻو مطمئن ڪري سگهندي ۽ آءٌ کيس پنج سئو پائونڊ ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي يقين آهي تہ انھيءَ رقم ملڻ تي هي ٻئي تمام آسودگيءَ سان گذاري سگهندا، ”مس صوفيا“ اچ، تون هن منھنجي تجواز ڪيل وهاءَ لاءِ ڇا ٿي چوين ”ڇا تون هن کي قبول ڪندين؟“ ڪھن خوفائتيءَ تجويز تي منھنجيءَ ڌيءَ پنھنجيءَ ماءُ جي ٻانھن ۾ چھٽل ۽ هنيون هاريل ڏٺي ويئي،”سائين آءٌ هن کي قبول ڪريان! “ هن جهڪي آواز ۾ چيو، ”نہ سائين، ڪڏهن بہ نھ“ ڇا“ ”امير “ وري چيو، ”پنج، سئو پائونڊ ۽ تمام سھڻن اميدن واري پنھنجي مھربان حسين نوجوان ”مسٽر جينڪنسن“ کي قبول نہ ڪندين!“ هن ڳالھائڻ کان بيوس هوندي جواب ڏنو، ”سائين آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ توهين ان تجويز تان دستبردار ٿيو، ۽ مون کي اهڙو گهڻو دکي نہ ڪريو، هن وري چيو، ”اهڙو ضد بہ ڪڏهن ڪو ڏٺو ويو! هڪ ان ماڻھوءَ کان انڪار ڪرڻ، جنھن جا هن ڪٽنب تي بيشمار احسان آهن، هن تنھنجي ڀيڻ کي بچايو آهي ۽ هي پنج سئو پائونڊن جو مالڪ ٿيندو، ڇا، هن کي قبول نہ ڪندينءَ! هن ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو، ”نہ سائين ، ڪڏهن بہ نھ، هن کان اڳ آءٌ هوند مري وڃان ها“. هن چيو، ”جيڪڏهن اها حالت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کي قبول نہ ڪندين، تہ پوءِ آءٌ خيال ڪريان ٿو، تہ مون کي ئي ضرور تو کي قبول ڪرڻ گهرجي“ ائين چوندي هن کيس تمام گهڻي شوق سان پنھنجيءَ ڇاتيءَ سان لاتو، هن چيو، ”پياري ، سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ سمجهو، منھنجي محبوبہ تو ڪيئن ويساھہ ڪري سگهين ٿي؟ يا ائين تہ ”سر وليم ٿارنھل“ ڪڏهن بہ پيار ڪرڻ بند ڪري سگهندو؟ مون ڪجهہ سالن کان وٺي هڪ اهڙيءَعورت جي تلاش پئي ڪئي جا منھنجيءَ دولت کان غير واقف هئڻ جي حالت ۾ بہ سمجهي سگهي. تہ مون ۾ هڪ مرد هئڻ جي لياقت آهي، شوخ توڙي بد مزاج ماڻھن جي ڪٽنبن جي ڪٽنبن ۾ ڳولا ڪرڻ بعد هڪ با اخلاق ۽ آسماني حسن تي فتحياب ٿيڻ سبب مون کي ڪيتري تہ گهڻي خوشي ٿيڻ گهرجي“. هن پوءِ ”جينڪنسن“ ڏانھن مخاطب ٿي چيو،”جناب، آءٌ هن ڇوڪريءَ کان جدا ٿي نٿو سگهان، ڇا ڪاڻ تہ هن مون جھڙي ماڻھوءَ جي طبيعت کي سٺو سمجهيو آهي، تنھن ڪري جملي معاوضو جو تو لاءِ مقرر ڪري سگهان ٿو، سو آهي، سندس ملڪيت تو کي ڏيڻ ۽ سڀاڻي تون ڀلي پنج سئو پائونڊن لاءِ منھنجي عام مختيار وٽ وڃج“، ان بعد اسان سڀني کي پنھنجيون مبارڪون دهرائڻيون پيون ۽ ”بيگم ٿارنھل“ کي پڻ ساڳيءَ رسم جي ادائگي ڪرڻي پيئي، جا سندس ڀيڻ اڳي ادا ڪئي هئي، ان وقت اندر ”سر وليم“ جو ڪمدار اسان کي ٻڌائڻ آيو تہ گاڏيون اسان کي سراءِ ڏانھن کڻي هلڻ لاءِ تيار هيون ۽ اتي هر ڪا شيءَ اسان جي استقبال لاءِ موجود هئي، منھنجيءَ زال ۽ مون اڳواڻي ڪئي، ۽ جلدي اهي غم جون انتدوهناڪ جڳهيون ڦٽيون ڪيوسون، ڪشاده دل امير صاحب حڪم ڪيو تہ چاليھه پائونڊ قيدين ۾ ورهايا وڃن ۽ ”مس ولماٽ“ سندس مثال کان متاثر ٿي اڌ رقم ڏني، ٻاهر نڪرڻ تي ڳوٺاڻن نعرن سان اسان جو استقبال ڪيو، مون پنھنجن ٻن ايماندار جماعيتن کي ان ميڙ ۾ ڏٺو ۽ کين هٿ ڏيئي کيڪاريو، اهي ا سان سان سراءِ تائين گڏجي هليا جتي هڪ عمدي کاڌي جو بندوبست ڪيل هو، ۽ سادو سودو سامان گهڻي انداز ۾ عام ماڻھن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو،
رات جي مانيءَ بعد پنھنجن رفيقن کي مسرت جي مستيءَ ۾ ڇڏي پنھنجي دل کي خوشي ۽ غم جي ڏيندڙ جي مھربان ياد ۾ مصروف ڪيم ۽ صبح تائين ڪنھن بہ قسم جي پريشانيءَ کان سواءِ سمھي ننڊ ڪيم.

باب ٻٽيھون: پڄاڻي

ايندڙ صبح جو آءٌ اڃا ننڊ مان مس جاڳيس، مون پنھنجي وڏي پٽ کي بستري جي ڀر ۾ ويٺل ڏٺو، هو منھنجي فائدي ۾ ٿيل نصيب جي ٻئي ڦيري سان منھنجي خوشيءَ کي زياده ڪرڻ آيو پھريائين مون کي پنھنجي ان وعدي کان آزاد ڪيائين، جو مون اڳئين ڏينھن تي سندس فائدي ۾ ڪيو هو ۽ پوءِ مون کي ٻڌايائين تہ منھنجو ڀلاوڻو جو شھر ۾ ناڪام ٿيو هو، سو ”ائنٽورپ“ وٽ گرفتار ٿيو هو ۽ جيڪو سندس قرضين جو مٿس قرض هو، ان کان وڌيڪ قيمت واري جائدادا تي ڇڏي هئائين، منھنجي پٽ جي ڪرم فرمائيءَ مون کي ايترو ئي خوش ڪيو، جيترو هن غير متوقع سٺي نصيب مون کي خوش ڪيو هو. مگر مون کي ڪجهہ شڪ هئا تہ اصولي طرح مون کي اها آڇ قبول ڪرڻ نہ گهرجي، آءٌ اڃا انھيءَ ڳالھہ تي ويچار ڪري رهيو هوس، تہ ”سر وليم“ ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، ۽ مون کيس پنھنجن شڪن کان واقف ڪيو، سندس راءِ هئي تہ جيئن منھنجو پٽ پنھنجي شادي سبب وسيع دولت جو مالڪ ٿيو هو، تنھن ڪري مون کي سندس آڇ ڪنھن بہ هٻڪ کان سواءِ قبول ڪرڻ گهرجي، تنھن هوندي بہ هو مون کي آگاھہ ڪرڻ لاءِ آيو هو، تہ جيئن تہ پاڻ اڳئين رات جي شاديءَ جي اجازت نامن لاءِ ماڻھو موڪليا هئائين ۽ سڀ ڪنھن ساعت انھن جي پھچڻ جي توقع پئي ڪيائين، تنھن ڪري کيس اميد هئي تہ ان صبح جو آءٌ سڄيءَ مجلس کي مسرور ڪرڻ لاءِ پنھنجيءَ شموليت کان انڪار نہ ڪندس، جنھن وقت اسان پاڻ ۾ گفتگو پئي ڪئي، ان وقت هڪ نوڪر قاصد جي واپس اچڻ بنسبت اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر گهڙيو، آءٌ ان وقت تائين تيار ٿي چڪو هوس ۽ اوڏانھن ويس، اتي مون سڄيءَ جماعت کي ايترو خوش ڏٺو، جيترو دولتمندي ۽ معصوميت کين خوش ڪري سگهي ٿي، تنھن هوندي بہ جيئن تہ هو هاڻي تمام پر رعب ديني رسم لاءِ تياري ڪري رهيا هئا، تنھن ڪري سندن کل مون کي ناراض ڪيو، مون کين هن روحاني موقعي تي سنجيدہ، سونھندڙ ۽ بلند طريقي واريءَ هلت جي اختيار ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي، ۽ کين تيار ڪرڻ لاءِ ٻہ گيت ۽ هڪ پنھنجو تيار ڪيل مضمون پڙهي ٻڌايا، ان هوندي بہ اڃا تائين کين ضدي ۽ ٻي ضابط ڏٺو ويو، جيئن اسين ديول ڏانھن پئي وياسون ۽ مون سندن اڳواڻي پئي ڪئي، تيئن سموري سنجيدگي کين مڪمل طرح ڇڏي ويئي هئي ۽ آئون اڪثر ڪري غصي ۾ پوئتي موٽڻ لاءِ آماده پئي ٿيس، ديول ۾ هڪ نئون مونجهارو پيدا ٿيو، جنھن کيس ڪنھن سولي حل جو منھن نہ ڏنو، مونجهارو اهو هو تہ ڪھڙي جوڙي کي پھريائين پرڻايو وڃي، منھنجي پٽ جي ڪنوار زور رکڻ لڳي، تہ ”بيگم وليم ٿارنھل“ (ڇا هوءَ ٿيڻي هئي) پھرين اڳواڻي ڪري پر ان جو ٻيءَ بہ گرم جوشيءَ سان مقابلو ڪيو، هن اعتراض طور چيو، ”آءُ دنيا جي اڳيان اهڙيءَ بي ادبي ڪرڻ جي مجرم نہ ٿينديس“. اهو دليل ڪجهہ وقت لاءِ سندن وچ ۾ هڪ جيتري ضد ۽ سھڻي نموني جي تڪرار سان هلي رهيو هو، پر جيئن تہ آءٌ هيءُ سمورو وقت پنھنجي ڪتاب سان تيار بيٺو هوس، تنھن ڪري آخر ان چٽا ڀيٽيءَ کان گهڻو ٿڪجي پيس ۽ ان کي بند ڪندي، ڪڙڪي سان چيم، ”آءٌ ڏسان ٿو، تہ اوهان مان ڪنھن کي بہ شاديءَ ڪرڻ جو ارادو نہ آهي، انھيءَ ڪري اسان جو اهڙو ئي گهر موٽي هلڻ چڱو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سمجهان ٿو تہ هتي اڄ ڪو بہ ڪم نہ ٿيندو“. هن چوڻ کين يڪدم هوش ۾ آندو پھريائين امير ۽ سندس بيگم جي شادي ڪرائي ويئي ۽ پوءِ منھنجي پٽ ۽ سندس دلپسند محبوبہ جي مون اڳيئي انھيءَ ڏينھن صبح جو پنھنجي ايماندار پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ ۽ سندس ڪٽنب جي گهرائڻ لاءِ هڪ گاڏيءَ موڪلڻ جو حڪم ڪيو هو، جڏهن اسين مھمان سراءِ ڏانھن واپس موٽياسون، تڏهن ”فلمبرو“ جي ٻن ڪڪين کي پنھنجي اڳيان گاڏيءَ مان لھندو ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا سون، “ مسٽر جينڪنسن“ پنھنجو هٿ وڏيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنو ۽ منھنجي پٽ ”موزز“ ٻيءَ کي هٿ ڏيئي مٿي آندو، (۽ ان وٽ کان وٺي مون ڏٺو آهي تہ کيس ان ڇوڪري لاءِ سچي محبت آهي ۽ جڏهن بہ هو منھنجي اجازت ۽ نوازش جي طلب ڪرڻ جو موزون وقت سمجهندو، تڏهن کيس اها ملندي) اسين اڃا مھمان سراءِ ڏانھن مس موٽي آيا هئاسون تہ منھنجي علائقي وارن جا ٽولا، منھنجي ڪاميابيءَ جي احوال ٻڌڻ تي مون کي مبارڪ ڏيڻ آيا، انھن ۾ اهي بہ هئا، جي مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کڙا ٿيا هئا ۽ جن مون کي اڳي تمام گهڻيءَ سختي سان جهڻڪيو هو، مون منھنجي ناٺيءَ ”سر وليم کي سڄي سر گذشت ٻڌائي ۽ هو کين وڌيڪ سختيءَ سان ڇينڀڻ لاءِ ٻاهر ويو، پر ائين ڏسندي تہ سندس سخت ڇينڀ سبب اهو سڀيئي دلگير ٿي پيا هئا، هن کين اڌ گيني پنھنجي زندگيءَ جي صدقي ۽ سندن روح کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڏني.
ان کان پوءِ جلدي اسان جي هڪ دلپسند مانيءَ جي دعوت ڪئي ويئي، اها ماني”مسٽر ٿارنھل“ جي بورچيءَ تيار ڪئي هئي، هن سکر ماڻھوءَ لاءِ ائين چوڻ نا مناسب نہ ٿيندو، تہ هاڻيءَ هڪ عزيز جي گهر ۾ ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ رهي ٿو، ڪن لاچاري وقتن کان سواءِ هميشہ هنن سان گڏ ساڳئي دستر خوان تي ماني کائي ٿو، ڇا ڪاڻ تہ ان گهر جا ڀاتي کيس ڌاريو ڪري نٿا سمجهن، سندس گهڻو وقت پنھنجي عزيز کي سنڀالڻ ۾ صرف ٿي وڃي ٿو، جو ڪجهہ قدر سودائي آهي ۽ جهيڙي جهڳڙي جي ڪمن سکڻ جي ماليخوليا اٿس، منھنجي وڏي ڌيءَ اڃا تائين کيس افسوس سان ياد ڪري ٿي، بلڪ مون هن کي ٻڌايو آهي۽ جيتوڻيڪ آءٌ ان کي گهڻو مخفي رکان ٿو، تہ جڏهن هو سڌرندو تڏهن هوءَ مٿس رحم ڪندي.
آءٌ وري بہ موٽي ساڳيءَ ڳالھہ تي واپس اچان ٿو، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ اهڙي طرح هڪ ڳالھہ کي ڇڏي ٻيءَ ڏانھن وڃڻ وارو نہ آهيان، جڏهن اسان کي مانيءَ تي ويھڻو هو تڏهن اسان جون رسمون وري نيون ٿيڻ لڳيون، سوال هو تہ آيا منھنجي وڏي ڌيءَ جا شادي شدہ هئي، ان کي هنن ٻن عورتن کان مٿي ويھڻ گهرجي يا نھ؟ پر بحث مباحثي کي منھنجي پٽ ”جارج“ ڇوٽو ڪري ڇڏيو، هن رٿ ڏني تہ سڀني رفيقن کي ڪلنھن بہ فرق کان سواءِ ويھڻ گهرجي ۽ هر هڪ معزز پنھنجي زال جي ڀرسان ويھي، اها رٿ منھنجيءَ زال کان سواءِ جا مڪمل طرح راضي نہ هئي، ٻين سڀني تحسين سان پسند ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هن اميد ٿي ڪئي تہ کيس مسز جي مٿئين پاسي تي ويھڻ ۽ سڄيءَ محفل لاءِ گوشت ڪورڻ جي اڳواڻيءَ جي عزت حاصل ٿيندي، پر باوجود انھيءَ جي اسان جي خوش طبعيءَ جو بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، آءٌ چئي نٿو سگهان تہ ان وقت اسان ۾ ڪا دستور کان زياده ظرافت هئي، پر مون کي يقين آهي تہ اسان ۾ زياده کل هئي، جنھن پڇاڙيءَ تائين جٽاءُ ڪيو، هڪ چرچو جو مون کي خاص طرح ياد آهي، سو هيءُ آهي، جڏهن پيرسن”مسٽر ولماٽ“ ”موزز“ کي پيالو ڏيئي رهيو آهي.تڏهن منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”خاتون، آءٌ توهان جو شڪر گذار آهيان“، جنھن تي ان پيرسن معزز باقي رفيقن کي اک جو اشارو ڪندي چيو، تہ لاهيءَ پنھنجي قربدار جو خيال ڪري رهيون آهيو“. هن چرچي تي مون ڏٺو تہ ”فلمبرو“ جون ٻئي ڪڪيون ايترو تہ کليون جو شايد مري پون ها، اڃا ماني مس ختم ٿي تہ مون پنھنجي جهوني دستور موجب پنھنجي خوشيءَ ڏيندڙ گهرو زندگي ۾ هڪ دفعو وڌيڪ پنھنجي ڪٽنب کي ڏسڻ جي خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، تہ ميز پري ڪئي وڃي، منھنجا ٻہ ننڍڙا ٻار هر هڪ منھنجي گوڏي تي ۽ باقي ڪٽنب جا ڀاتي پنھنجن رفيقن سان گڏ ويٺا. هاڻي قبر جي هن طرف منھنجي لاءِ ڪا بہ شيءِ طلب ڪرڻ لاءِ رهيل نہ هئي، سڀيئي منھنجيون حاجتون پوريون ٿي ويون هيون، منھنجي خوشي بيان ٿيڻ جوڳي نہ هئي، هاڻي صرف ايترو رهيو هو تہ منھنجي سٺي نصيب واري وقت جي اعتراف کان زياده ٿيڻ گهرجي.