ڪھاڻيون

ڪاري راڻي

هن ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن. نور ڪنڀر  پنھنجي سماج جو  سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن،. انھيءَ ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت رکن ٿيون

  • 4.5/5.0
  • 88
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نور ڪنڀر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪاري راڻي

لاپرواهي

محسن چئين وڳي نوڪريءَ تان موٽي ماني کائي. سمھڻ لاءِ کٽ تي ليٽيو ئي مس تہ رحيما جو آواز ڪنن تي پيس.
”نہ سمھہ، پندرنھن منٽن کان پوءِ دلبر کي ٽيوشن تي ڇڏي اچڻو اٿئي.“
محسن رحيما جو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري دلبر ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڪمري جي اولھہ پاسي پيل کٽ تي چادر مٿان وجهي پيءُ طرف ڏسي، ”بابا.“ چئي وري چادر ۾ لڪي رھيو ھو.
محسن دلبر کي ڏسي اکيون بند ڪيون. ننڊ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻکي ورتس.
ڏسي ته.
گهڙيال جا ڪانٽا تيزيءَ سان ڊوڙندا پنجن کان ٽپي، ڇھن تي پھتا آھن. رحيما اٿاريس.
”ننڍڙو ٽيوشن تان نہ موٽيو آھي. وڃ، وڃي وٺي اچيس.“
گهڙيال ڏانھن اکيون ڪري اٿي، چمپل پائي ننڍڙي کي ٽيوشن تان وٺڻ لاءِ ويو. جيڪو پنھنجي گهٽيءَ کان ٻي گهٽي ۾ نجي اسڪول جي ماسترياڻيءَ وٽ پڙھندو ھيو. ماسترياڻيءَ جي در تي پھتو، در کڙڪايائين. ماسترياڻيءَ جو ڀاءُ نڪري آيو.
محسن چيس، ”دلبر کي موڪل.“
”چاچا، دلبر تہ اڄ ٽيوشن تي ڪو نہ آيو آھي.“
”دلبر ٽيوشن تي نہ آيو آھي!؟ ھي تون ڇا پيو چئين!؟“
”ھا چاچا، بلڪل سھي پيو چوان، دلبر ٽيوشن تي نہ آيو آھي.“ ماسترياڻي جو ڀاءُ چئي گهر اندر هليو ويو.
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڪتاب کڻي ٽيوشن لاءِ نڪتو ھيو. ڪاڏي ويو؟ پڙھائيءَ کان نٽائي پاڙي ۾ ٻارن سان کيڏڻ ويو ھوندو.“ سوچيندو وکون وڌائيندو اچي گهر پھتو.
”دلبر تہ ٽيوشن تي ڪو نہ ويو آھي.“ رحيما کي ٻڌايائين.
”ھان!؟ ھي تون ڇا چئي رھيو آھين. دلبر ٽيوشن تي نہ ويو، باقي ڪاڏي ويو!؟“
”تون پاڙي جي گهرن ۾ ڏسينس، پڙھائي کان نٽائي پاڙي جي ٻارن سان کيڏڻ ويو ھوندو.“ رحيما برقعو پائي، پاڙي جي گهرن ڏانھن رواني ٿي، ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ تڪڙي گهر واپس آئي. مُنھن ڏکارو، نرڙ پريشانيءَ جي پگهر ۾ آلو هيس. ڏک جي ڪيفيت مان محسن سان مخاطب ٿي، ”پاڙي جي ڪنھن بہ گهر ۾ دلبر ڪو نہ آھي، چون ٿا تہ اسان وٽ اڄ آيو بہ ڪونھي.“
محسن رحيما جي واتان دلبر پاڙي ۾ نہ ھجڻ جو ٻڌو تہ لڱ وسامي ويس. ذھن ۾ ڪيترن ئي سوالن ورايس۔ عجيب خيالن جي ول وانگر دماغ کي وڪوڙيندا ويس. پٽ جي ڳولا ۾ گهران نڪري، پاڙي جي ٻارن، وڏن، پڪن پوڙھن کان پڇا ڪندو رھيو. ڪنھن بہ ڄاڻ نہ ڏنس.
محسن شھر جي گهٽين طرف ڪاھجي پيو. پاڙي جا ھڪ ٻہ ٻار ۽ وڏا بہ ساڻس رلجي پيا. شھر جون گهٽيون، بازارون، ھوٽلون، بس اسٽاپ لتاڙيندا، پڇا ڪندا رھيا. ڪٿان ڏس پتو نہ پئي مليو. ريلوي اسٽيشن تي پھتا، معلوم ٿيو تہ اھڙي قسم جو ٻار ھت ناهي آيو، نہ ئي اڄ جي ريل گاڏي پھتي آھي. شھر جي سرڪاري اسپتال پھتا. خبر پين تہ مين روڊ تي هڪ ننڍڙي ٻار جي مٿان ڪار چڙھي وئي آھي، سخت زخمي حالت ۾ ماڻھن کيس آندو ھيو، سور نہ سھندي فوت ٿي ويو آھي.
محسن جيئن ٻڌو، جسم مان ساھ ڇڏائجي ويس. اکين اڳيان ترورا اچي ويس.
محسن ايمرجنسي وارڊ ۾ آيو. سامھون بيڊ تي ننڍڙي ٻار جو لاش ڪفن ۾ ويڙھيل پيو ھو. جيئن محسن جون اکيون ڪفن ۾ پيل لاش ڏانھن ويون. اکيون روئڻ لاءِ ڀرجي آيس. چپ خشڪ ٿي ويس. لاش طرف قدم وڌائيندو ويو. پٽ دلبر جا انگل اکين اڳيان ايندا ويس.
”بابا.“
”جي دلبر.“
”بابا.“
”جي دلبر.“
”بابا.“
”دلبر بابا کي ذري ذري سڏ ڪري ڇو تنگ ڪندو آھين.“
”بابا جڏھن تون ٻاھران ايندو آھين تہ مان چادر ۾ لڪي توکي سڏ ڪندو آھيان جيئن تون مون کي ڳولين.“
”مون کي تہ خبر ھوندي آھي، تون چادر ۾ لڪيل ھوندو آھين.“
”پوءِ بابا تون چادر پري ڪري تہ مون کي ڪونہ ڏسندو آھين.“
”ٺيڪ آھي، مان تنھنجي چادر پري ڪري توکي ڏسان ٿو...“
محسن چادر پري ڪرڻ لاءِ ھٿ وڌايا.
سندس ھٿ ڪفن طرف وڌيا. ھٿ ڏڪي رھيا ھئا۔ ڪفن جي مٿي کان ٻڌل پٽيءَ کي ڇوڙڻ لاءِ ھٿ وڌا، دل ۾ خوف سان گڏ ھڪ ئي ڳالھہ ھئس، ”خدا ڪري دلبر نہ ھجي. حوصلو ٻڏتر ۾ ھيو تہ ڪنن تي روئڻ جو آواز پيس. محسن ڪنڌ ورائي، روئڻ وارن جي طرف ڏٺو. ڪجهہ ماڻھو روئيندا ڊوڙندا ننڍڙي جي لاش مٿان آيا. انھن مان ھڪ محسن جا ڪفن ۾ پيل ھٿن کي ھٽائي ڪفن کوليو ۽ ھڪ عورت پار ڪڍي روئي رھي ھئي. ”منھنجو معصوم پٽ گڊو!! ڇو مون ننڍڙي کي برف وٺڻ لاءِ موڪليو. نڀاڳو منھنجي ننڍڙي کي ڪار ھڻي ماري ويو. خدا ڪو پاڙ پٽيس. مون سان قھر ڪري، مون ماءُ جي جهولي خالي ڪري ويو...“
مائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
محسن اسپتال مان نڪري رحيما ڏي ڪال ڪئي.
”ڏي احوال ننڍڙي جا؟“
”تون ڏي نہ احوال، ڇا اڃا دلبر نہ مليو آھي ڇا؟“ ڏک ڀري آواز ۾ رحميا پڇيو.
”چيو ھومانءِ نہ، ننڍڙي کي ٽيوشن تي ڇڏي آ. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پاسو ورائي سمھي پئين. جي دلبر کي وٺي وڃين ھا... ايڏي لاپرواھي نہ ڪرين ھا. ھينئر ايڏو پريشان ڇو ٿيون ھا. منھنجو معصوم الائي ڪاٿي آھي... الائي ڪھڙي حال ۾ ھوندو؟... منھنجي پٽ کي گهر نہ وٺي آئين تہ دلبر جا پيءُ مان مري ويندين سانءِ....“
رحيما روئڻ لڳي.
سندس روئڻ ۾ تمام وڏو درد سمايل ھيو. جنھن محسن جو بہ سينو چيري رکيو.
محسن ڳوڙھن سان پنھنجو چھرو آلو ڪري ڇڏيو. ڏک جي شدت مان زبان مان آواز نہ نڪتو جو کڻي رحيما کي آٿت ڏئي. رحيما جو روئڻ وڌيڪ پريشانيءَ جو سبب بنجي محسن جي دل دماغ ۾ جذب ٿيندو ويو.
محسن دلبر جي گم ٿيڻ جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي. ڳولا جاري رکي۔
ڳولا جي شدت زور وٺندي وئي. مايوسين جا پاڇولا دل مٿان ڇائجندا رھيا. منجهند شام ۾ جذب ٿي رات طرف پر پکيڙيا. تيئن محسن جي دل وسامندي پئي وئي. عضوا بيوس ٿيندا پئي ويا. محسن جي نظرن ھر اھا جاءِ ڳولي، جتي ھو پھچي سگهيو. پڇا ڳاڇا سان گڏ وڏي آواز ۾ سڏ ڪندو رھيو ”دلبر! دلبر!! دلبر!!!“ پر دلبر جو ڪٿان آواز نہ آيو.
محسن جو وجود ٿڪجي پيو. جهري پيو. جسم سان گڏ ڄڻ روح بہ آزارجي پيو. پنھنجي دلبر کي ٽيوشن تي نہ ڇڏي اچڻ تي رانڀاٽ ڪري روئي پيو. جسم جي رڳ رڳ غم مان دکي پئي.
دلبر جي گم ٿيڻ جو ڏوهي محسن پاڻ کي سمجهندي، منھن مٿو پٽيو. دل ئي دل ۾ ماتم ڪيو. پير ڳورا، رستا ويڪرا ۽ ڊگها ٿيندا ويا. اڻ کٽ ڳولا. ڪاڏي وڃي؟ ڪاٿي ڳولي؟ ڳالھہ سمجهہ کان ٻاھر ٿيندي پئي وئي. واپس بہ گهر نہ پئي وڃي سگهيو جو رحيما جون اکيون دلبر جي انتظار ۾ ھيون.
گهٽين ۾ پنڌ جاري ھيا. اوچتو آواز آيو، تڪڙو سڏ ٿيو.
”چاچا محسن! چاچا محسن! دلبر ھيڏي پيو آھي.“ سڏ ۾ درد سمايل ھو. محسن پاڙي جي ڇوڪري جي آواز تي ڦٽل ٽٽل جڳھہ ۾ ڀڳو. ڏسي تہ دلبر سلوار کان آجو مئل پيو ھيو. محسن درد مان اُڀ ڏاريندڙ دانھن ڪئي، ”دلبر!!!....“
محسن ھڪ ڀيانڪ رڙ ڪري ننڊ مان اٿيو. سڌو ٿي کٽ تي ويٺو ۽ وڏا ساھ کڻڻ لڳو. سامھون ڏسي تہ دلبر ڪتابن جو ٿيلو پٺي تي پائي ٽيوشن تي وڃي رھيو هو. محسن تڪڙو اٿيو، دلبر کي ٻانھن مان وٺي ٽيوشن طرف روانو ٿيو....