سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
تاجل بيوس ھن ڪتاب ۾ انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ کي سھڻي نموني پيش ڪيو آھي. ھن شاعريءَ کي مختلف دورن ۾ ورھائي انھن جي سڀني پاسن تي لکيو آھي جن ۾ بنيادي انگريزي ادب، رومانوي دور ۽ ان دور جي شاعرن ۽ شاعريءَ جو مختصر جائزو پيش ڪيو آھي. ان کانسواءِ وڪٽوريہ دور جي شاعري، ويھين صديءَ جي ٻنھي دورن جي شاعريءَ جو جائزو پڻ پيش ڪيو آھي. تاجل شاعريءَ تي تنقيدي ڀاڱي بہ ناھي وساريو. ھن نفسياتي تجزياتي تنقيد ۽ لاتعميريت جو بہ ذڪر ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 2004ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي