ڳوٺ جون مشھور معروف شخصيتون ۽ ڪردار
اسانجي سماج اڃان ايتري ترقي نہ ڪئي آهي جو اسان هر ماڻھو جو ٻئي پاسا پيش ڪري سگهون. اصل ۾ روشن ۽ سگهارا پاسا ان ڪري لکبا ۽ پڙهبا آهن. جو ان شخصيت ۽ ڪردارن کان ٻين ماڻھن کي اتساھہ ۽ شوق ملي. ٻيا ماڻھو سندس نقش قدم تي هلي دنيا کي ڪو نئون گس ڏئي سگهن، ڪمزور پاسو وري ان ڪري بہ پڙهبو آهي. جو ان ماڻھو جي ڪمزورين جو بہ احساس رهي ۽ پڙهندڙ اهڙين بيمارين ۽ ڪمزورين کان پاڻ ڇوٽڪارو حاصل ڪري. پر جيئن تہ اسان جو سماج مجموعي طرح الاهي اڻ سڌريل آهي. اهو ماڻھو جي ڪمزورين مان سکڻ بجاءِ، ان کي مذاق ۽ ٺٺول ۾ بدلائي ٿو. ان ماڻھو جي چڱائين کي در گذر ڪري صرف ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي ڳالھائيو ويندو آهي. چوندا آهن تہ ٻہ ڄڻا مرد يا عورتون پاڻ ۾ گڏبا آهن تہ اگر ڪو ٻيو موضوع نہ هوندو آهي تہ ٽي همراه جي ويھي گلا ڪندا مطلب تہ ان جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي ڳالھائيندا.
انھيءَ ڳالھہ جي مد نظر هن ڪتاب ۾ شخصيتن جي روشن ۽ سگهاري پاسن تي وڌيڪ توجھہ ڏنو ويو آهي ۽ ڪمزورين محدود دائري تائين پيش ڪيون ويون آهن. ۽ انھن جو بہ ڪجهہ ذڪر ڪيو ويو آهي.