ڪھاڻيون

ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون“  ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل حميد سنڌيءَ جي ٽيھن ڪھاڻين جو مجموعو آهي. حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪھاڻيڪار  آهي.  هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪھاڻيون سھانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنھن بہ هڪ ماڻھوءَ جون نہ، پر هر ماڻھوءَ جون ڪھاڻيون آهن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اڄ جي سنڌ، سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياھہ جي ۽ هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان موجود آھي.

  • 4.5/5.0
  • 94
  • 53
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪھاڻيون

ڪنچن ڪايا

هُن هڪ اک چنجهي ڪئي، سندس وچين اَڱر گهمري ڏني ۽ ڌڪ ئي هڪ. ڪَنجو سو بہ ڪَچَ جو ڀڄي ٻہ ڦاڪون ٿي پٽ پيو. گلوءَ کيسي کي کڙڪايو ۽ ڇڻڪي سان گڏ دانھن ڪيائين: ”ڇڏاءِ چار داڻا.“
شموءَ جو منھن لھي ويو. هن چپ چاپ ڪَنجا ڪڍي کيس ڏنا.
”اَهي ڪو ٻيو ميدان تي.
چوڌاري وَلرُ جيڪو گڏ ٿيو هو سو ٽِڙي پکڙي ويو.
”يار ڪڏهن تہ ڪو ڌڪ گسائيندو بہ ڪر. هڻي نوَن ڪنچن جو ڪم لاهيو ڇڏين.“ شموءَ پريان بيھي چيو.
”گلوءَ جو ڌڪ زبرو ڌڪ اَهي شما! جيڪو پچائي وڃي. اَهي ڪنھن ۾ همٿ تہ هن اَڙي ڪاپَ سان مقابلو ڪري.
”هڙئي ڪَنچا ٻُهاري وئين، يارن وٽ ڇڏيو ڇا اٿئي، مقابلو ڌوڙ تي ڪيون.“ ڳالھائيندي شمي جي نظر چاچي نورل تي وڃي پئي، يڪدم رڙ ڪيائين ”چاچو نورل! ڇورن جي وَلر ۾ ائين ٽاڪوڙو پئجي ويو جو ماڻھو نہ ملي ماڻھوءَ سان پر گلو اُتي ئي ڄمي بيھي رهيو. سندس هڪ هٿ ڪَنچن کي کڙڪائيندو رهيو. چاچي نورل وٽس پھچي بريڪ هنيو ۽ گلو کي گهورڻ لڳو. گلو بہ هڪ اک چُنجهي ڪري کيس تڪڻ لڳو. پوءِ گِدِ ڏي منھن ڪري اُن جي چوڌاري ڪَنچا اُڇلڻ لڳو.
”اڙي گلو تون سُڌرندين يا نہ.“
”مون ڇا ڪيو آهي.“ گلوءَ لا پرواهيءَ سان وراڻيو.
”ڇا ڪيو آهي! پاڙي جا هڙئي ڇورا کاري ڇڏيا اٿئي./ پاڻ تہ پڪو جُواري آهين، پر پڻھين جو ڪو حيا ڪر، اُهو تہ شريف ماڻھو آهي.“
”چاچا، شريف آهي تڏهن ماٺ ميٺ ۾ ٽپڙ کڻي تنھنجي جاءِ ڇڏي هليو ويو. سندس جاءِ تي مان هجان ها تہ مُئي ماري هيءَ جاءِ، هيءُ پاڙو، نہ ڇڏيان ها، آخر چوڏهن سال هن پاڙي ۾ گذاريا اٿم. خير، جاءِ وئي تہ مِڙئي خير آ، پاڙي مان تونتہ ڪڍي ڪونہ سگهندين.“
گلو ڪنچي کي وچين آڱر ۾ وجهي زور سان ڌڪ هنيو ۽ اُهو ٻہ ٽڪر ٿي پيو ۽ پوءِ نورل ڏانھن اُنھيءَ چُنجهِي اک سان گهورڻ لڳو، جنھن سان نشانو چِٽيو هئائين.
”تو لوفر سان تہ ڳالھائڻ ئي اجايو آهي.“
چاچو نورل خار مان پير سٽيندو گهر ڏانھن تکو ٿيو. گلو کيسي کي کڙڪايو ۽ رڙ ڪري چيائينس ”چاچا، هيءَ دولت ڏسين ٿو. ڪَنچا بہ وڏي دولت آهن. ڏسجانءِ توکان جاءِ ڪيئن نہ ٿو خريد ڪريان.“
چاچي نورل مُڙي ڏانھس نھاريو ۽ ٽوڪ واري کِل سان چوڻ لڳو: ”اڙي پڻھين وٽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي، هليو آهين ڪَنچن سان جاءِ خريد ڪرڻ. پھريان ڪَنچن سان پيٽ پوڄا ڪر، پوءِ جاءِ جو سوچجانءِ پٽ!“
گلو پيٽ جو ٻُڌي گهڙيءَ پل لاءِ وسامي ويو. يڪدم پيٽ تي هٿ ڦيريائين، سمجهائين ڄڻ تہ وَٽَ پيا پَونس. هو ڀِت کي ٽيڪ ڏئي ويھي رهيو، هاڻي تہ گهٽي بہ خالي هئي. هو ڪي گهڙيون تہ ماٺ ۾ رهيو ڇاڪاڻ تہ کيس خبر هئي تہ گهر ۾ بہ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي، نہ سندس لاءِ، نہ ماءُ لاءِ ۽ نہ پڻس لاءِ.
هن کي پوڙهي پيءَ جي حال جي خبر هئي. نِٻل، بيمار حالتون بي حال، کَٽ جي حوالي. اَنھي وقت کي ساريندي جڏهن هو ڪنھن حال ۾ هو ۽ چاچي نورل وارن جي باغ جو باغائي هو. سندس سڄي ڄمار جهار هڪليندي باغ جي سار سنڀال لهندي گذري. جيستائين چاچي نورل جا وڏڙا جيئرا هئا، تيستائين تہ هو سُکيو هو، کيس رهڻ لاءِ پاڙي ۾ ننڍڙي ڪَچي جاءِ ڏنئونس، ٽِوقتي ماني، ڪپڙو لَٽو ۽ گلوءَ جي پڙهائي جو خرچ بہ سندن ذمي هو. جڏهن پيريءَ جي بيماري ورتس تہ چاچي نورل لَتون ئي ٻہ هنيس ۽ جاءِ کَسي، گهرون بي گهر ڪيائينس. اڄ هو بي گهر بڻيا شھر کان ٻاهر مناهين ٺاهيو آسروند ويٺا هئا تہ ڪو سولو واءُ ورندو. مھينو راتين جو ائين ئي گذريو هو. گلوويچارن ۾ ٻُڏل، اِهي سور پئي پاڻ سان سَليا. هو ڪڏهن تہ اسڪول بہ ويندو هو، پر هاڻ نہ اسڪول، نہ گهر، سڄو ڏينھن ڪَنچا ۽ هُو.
سندس خيال ۾ ڪَنچا بہ ڪمائي هئي ۽ هو تيستائين اِهي خواب لهندو رهيو، پر جڏهن نيڻون بقاليءَ ڪَنچن جي ڀريل دٻي جا ٽي رپيا چيس تہ هو وڏي ويچار ۾ پئجي ويو. هونئن تہ ڪو خيال هئس تہ ڪَنچا سندس سڀ دک درد دور ڪندا، هوڪي طعام، ڪي دم پخت کائيندو ۽ ويل جاءِ ورائيندو، پر هاڻ هو ساڻو بک کان بيحال ڀِت کي ٽيڪ ڏيو پيو هو. هو آهستي آهستي چُريو، ٻه- چار وکون کڻي هو بيھي رهيو. سندس سامھون اُهو در هو، جنھن مان ايندي ويندي هُن ٻارهن سال لڳايا هئا. در تي اُهائي پراڻي ٽپڙي ڏنل هئي، جنھن کي ورائيندي بہ ورھيہ لڳا هئا. هُن اُنھي ٽپڙيءَ کي هٿ لاٿو ۽ ڪا گهڙي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ اُن کي ورائي اندر ليئو پاتائين. اندر ڪير بہ نہ هو، هو سِرندو وڏي اڱڻ ۾ آيو، چوڌاري گارو ڦھليل هو.
هن کي گاري جي خوشبو ائين لڳي ڄڻ اُٺي کان پوءِ جو سڳنڌ. هو وڏا ساھہ کڻڻ لڳو ۽ جاءِ ۾ ڦيريون پائڻ لڳو. هن کي خبر هئي تہ جاءِ جي مرمت هلي پئي ۽ رازا مزور مانيءَ تي لٿا آهن، تنھنڪري هو آرام سان ورانڊي جي ٺُل کي ٽيڪ ڏئي ويھي رهيو. هو ٻالپڻ جي زماني کي ياد ڪرڻ لڳو، هن کي ٿڌيون ڪوسيون ياد آيون، ڏکين ڏينھن جو ڏيل بہ سامھون هيس تہ اُهي سکيا ڏينھن بہ ياد آيا، جڏهن گهر ۾ تاهري پچندي هئي ۽ هو اِنھيءَ ٺُل کي ٽيڪ ڏئي کائيندو رهيو ۽ پوءِ اڱڻ ۾ ڪَنچن سان کيڏندو هو. هُنَ اڱڻ ڏانھن نگاھہ ڪئي ۽ ٽپ ڏئي اُنھيءَ هنڌ پھتو جت سندس پراڻي گِدِ نڪتل هئي. هُن هڪ ڪَنچو اُن لَٽيل گِدِ تي رکيو ۽ پير جي کُڙيءَ سان ڪَنچي کي دٻايائين ۽ پوءِ ڦيري پائي وڌيڪ زور ڏنائين. ڪَنچو ڪافي اندر هليو ويو هو. هُن ويھي ڪَنچو گِد مان ڪڍيو، آڱر سان گِدِ صاف ڪيائين ۽ نئڙي گِد کي ڦوڪون ڏيڻ لڳو. هُنَ کي اُن صاف گِدِ تي پيار اچڻ لڳو ۽ هُن وڌيڪ نئڙي گِد کي چميو. هن کي هڪ دفعو وري ڪوري مِٽيءَ جي خوشبو آَئي۽ ڪا گهڙي اُها خوشبو سُنگهندو رهيو. پوءِ اُٿي ڪَنچن کي چميائين ۽ راند کي لڳي ويو. ’هڪ ڌڪ، ٻہ ڌڪ، چار ڌڪ‘. هو نشانو چِٽيندو ڪنچن کي ڪٽيندو رهيو. کيس خبر بہ نہ رهي تہ ڪير اچي مٿان بيٺو آهي. وات جي چاٻي تي ڪنڌ کنيائين، ڏٺائين تہ اوستو رسول بخش هڪ هٿ ۾ ڪوهر، ٻئي هٿ ۾ تيشي، وات هليس پيو، پر سندس نگاھہ گلوءَ ۾ هئي. اوستي ڪوهرن واري بَند مُٺ سان گلوءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پڇيائينس ”هاڻي پڻھين ڪيئن آهي گلو!“
”ڪجهہ ٺيڪ آهي.“ گلو بي ڏيانيءَ ۾ جواب ڏنس، جو سندس نظر اُنھيءَ چَڻن واري بَند مُٺ تي هئي. اوچتو چاٻا ڏيندو وڃي ورانڊي ۾ بيٺو ۽ گلو سندس چاٻن ۽ بَند مُٺ کي تڪيندو رهجي ويو. کيس هاڻ وري بک تپايو هو. هو آهستي سِريو، ٽپڙي کڻي گهٽيءَ ۾ اچي بيٺو.
سامھون ڪُنڊ تي مولو ڪُهرن واري کي ڏٺائين، جو ڪُهرن جو ٿالھہ هنج ۾ رکيو ويٺو هو. گلوءَ کي ڏٺائين تہ کيس هوڪو ياد آيو:
”هل، تازا ڪوهر، گرما گرم-“
۽ پوءِ اڌ ۾ ماٺ اچي ويس، ائين ڄڻ چاٻي کپي ويئي هجيس. گلو خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي، رڙهندو مولوءَ جي ڀر ۾ آيو:
”مولو يار! ڏاڍي بُک لڳي آ.“
”تہ پوءِ مان ڇا ڪيان؟ تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر!“ مولو هوڪي کي وڄايو. ”يار پاڙي جا آهيون، ڪجهہ تہ قياس ڪر.“
”اڙي اڳيئي رپئي جي اوڌر اٿئي، اڃا بہ اوڌر! مون وٽ اوڌر ڪانھي. ڏوڪڙ ڪڍ ڏوڪڙ.“
گلو کيسي تي هٿ هنيو.
”ڏسين نٿو، جام ڏوڪڙ آهن.“
”مون کي خبر آهي، ڪَنچا اٿئي ڪَنجا. انھن سڀني جو ڪير ٽَڪو بہ نہ ڏيئي، ڪَچَ جي ڀلا ڪھڙي قيمت-- تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر--!“ مولو هوڪي کي وڄائيندو اڳتي وڌي ويو. گلو بہ ڪَنچن کي کڙڪائيندي اڳتي سُرڻ جي ڪئي، پر سندس نظر پَٽَ تي پئي، جتي مولو ويٺو هو. اُتي ڪي ڪَڻا ڪوهرن جا ڪِريل هئا. هو نِئڙيو، ڪي داڻا چونڊيائين. ٻہ داڻا وات ۾ آندائين تہ سڄو وات وات مِٽي ٿي ويس. هُن يڪدم اُهي داڻا واپس اُڇلايا ۽ انھن سان گڏ سندس هٿ مان ڪنچا نڪري هيٺ ڊوڙڻ لڳا. پر هُن ڏٺو تہ سندس اُڇلايل چَڻا پري هئا ۽ ڪنچا اورتي. هوڪي گهڙيون ڪنچن ۽ ڪوهرن کي گهوريندو رهيو. سندس آڏو ڳاڙها، نيرا ۽ پِيلا ڪنچا ڦِرڻي وانگر ڦِرڻ لڳا ۽ هر ڪَنچي سان گڏ ڪوهر بہ ڊوڙڻ لڳا. هُن ڏٺو تہ سندس ڪنچا ڍرا ٿيندا ويا، ۽ ڪوهر تڪڙو تڪڙو ڊوڙڻ لڳا. پوءِ هُن بہ ڊوڙ پاتي، ڊوڙندو سھڪندو اچي پنھنجي مَناهين گهر پھتو. هو اندر ڪا گهڙي جهلائو ڪاٺيءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رهيو. ڪجهہ سامت ۾ آيو تہ زبان ٺوٺ ڀانيائين؛ وڌي اچي مَٽَ وٽ بيٺو. چِٻو جِستي گلاس کڻي مَٽ ۾ وڌائين، پاڻيءَ سندس هٿ ٺاري وڌو، ۽ کيس ائين لڳو ڄڻ تہ سندس رڳ رڳ ٺَري پئي آهي. هُن تڪڙو تڪڙو هڪ گلاس ڀري ڏوڪيو، ٻيو گلاس چپن تي آندو تہ ماڻس رڙ ڪيس: ”اڙي گلو، خالي پيٽ پاڻي نہ پي ڇورا! بس ڪر گلو، بس ڪر!“ پڻس سُتڙ ئي کنگهيو ۽ پوءِ کليو، ”خالي پيٽ پاڻي نہ پئي تہ ٻيو ڇا ڪري. ڪھڙي گهر ۾ پَڪِي پَئِي آهي.“
ماڻس ماٺ ميٺ ۾ ديڳڙيءَ مان لپ ڪوهرن جي ڪڍي، ۽ گلوءَ کي ڇِڪي ٻانھن کان وٺي منجيءَ تي ويھاريو ۽ چيائينس: ”اچي. هنيانءُ جهل ڪر.“
گلو ڪوهرن ڏانھن نھاريو بہ ڪونہ ۽ هو ڇَپر ۾ لڳل ڏانگاڻي ڏانھن تڪيندو رهيو، پوءِ ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ ڪنچن جو دٻو لاهڻ لڳو.
”اڙي تون کاءُ تہ سهين، وري بہ اِهي بِلور. اِنھن بِلورن تہ تُنھنجي ٻيڙي ٻوڙي آهي. نہ پڙهڻ جي نہ ڪڙهڻ جي، رڳو ڇورا ڪنچا! ماٺ ڪري ويھہ نہ تہ هڻنديسانءِ موچڙو.“
گلو ماٺ ڪري ويھي رهيو ۽ پوءِ ڪوهر تريءَ تي رکي چيائين ”امان! ڪَنچا رڌي ڏيندينءَ“
”اڙي گلو، بلور بہ رڌبا آهن؟“ ماڻس وراڻيو.
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو: ”ها، گلو، بلور بہ رڌبا آهن. ماڻس: تون بلور لاهي رڌي ڏينس.“
ماڻس، ٻنھي کي گهورڻ لڳي ”اڙي بُکَ ڇِتو ڪيو اٿوَ يا چَريا ٿيا آهيو؟“
گلو کيسي مان لپ بلورن جي ڪڍي فرش تي اُڇلي ۽ پوءِ مُٺ ڀري ڪوهر بہ کڻي اُڇليائين: ”امان! ڏس ٻئي چمڪن ٿا نہ ۽ گڏ ڊوڙن ٿا نہ، مون ٻنھي کي ڊوڙندي اَڳ پڄائيندي ڏٺو آهي، اَمان! پر ڪوهر، ڪنچن کي اَڳ ڏئي ويا-- اَڳ ڏئي ويا.“
ائين چوندي هو ٽپ دئي اُٿيو، هڪ ٽنگ پڻس جي کٽ تي رکي سَٽ ڏئي ڏانگاڻي تان ڪنچن جو دٻو لاٿائين ۽ ٻئي پير سان واپس ڌرتيءَ تي آيو. پوءِ هڪ ڇلانگ سان مَناهين ٽپي ٻاهر نڪري ويو. ماڻس ڄڻ تہ ڇرڪ ڀريو. ”اڙي گلو-- اڙي گلڻ بيھہ تہ سهين، ڪاڏي ٿو وڃين، بيھہ تہ سهين--.“
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو، پوءِ کنگهدو رهيو، ايستائين جيستائين گلو ٻہ پُڙا کڻي نہ موٽيو.
ماڻس جيئن ئي ڏانھنس وڌي، هُن يڪدم جِست جي ڀڳل ٿالھہ ۾ وڏو پُڙو کڻي پلٽيو ۽ ڃڻ ڃڻ ڪندا ڪچا چڻا ڦيريون پائڻ لڳا.
”امان ڏس منھنجا ڪنچا، تنھنجا بلور، ڪيئن نہ پيا ڊوڙن، ڏس آهن نہ کڙڪندڙ ڪنچا. ڪارا، پيلا ڪنچا--.“
ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ”تو ڪنچا ڇو وڪيا گلڻ، تو ڪنچا ڇو وڪيا؟“ گلو ڳالھائيندو هليو ”امان، هنن ۾ ساوا ۽ صاف اڇا ڪنچا بہ اٿئي.“
”گلڻ، ڪنچا وڪڻي ڀلا وري چڻا ڇو آندا اٿئي. جي توکي چڻا نٿي وڻيا تہ پنھنجي لاءِ ڪجهہ ٻيو وٺي اچين ها مِٺا!“ ماڻس روئندي سندس مٿي تي هٿ ڦيريو، کيس مٿس بي اختيار پيار آيو هو.
گلو هاڻي ڪم ۾ رُڌل هو. هُنَ ديڳڙي کي ٿالھي ۾ خالي ڪيو، پوءِ چڻا منجهس وجهي چُلھہ تي رکيائين ۽ منجهس چٻِي جِستي گلاس سان پاڻي پيٽيندو ويو. سندس هٿ ڪم ڪندا هليا؛ باھہ پاڻ ٻاريئين، بصر وڍيائين، ليمي جون ڦاڪونِ ڪيائين، لوڻ مرچ گڏي مصالحو ٺاهيائين، ۽ جِستي ٿالھہ ڌوئي سامھون رکيائين ۽ پوءِ وري ڳالھائڻ کي جنبي ويو.
”امان، چاچو نورل ٿو چوي تہ مان جواري آهيان، لوفر آهيان ۽ هو ڏانھن مولو ڪوهرن وارو خبر اٿئي ڇا پيو چوي. چي، ’ڪچ جي ڀلا ڪھڙي قيمت؛ اَمان! مون کي بُک بہ ڏاڍي لڳي ٿي، اَمان جاءِ بہ تہ مون کي ورائڻي آهي ۽ ڏٺو اٿئي بابو هاڻي ڪيڏو نہ کنگهي ٿو-- ڏس اَمان؛ تنھنجا ڪپڙا بہ ڦاٽي ويا آهن، پيرن ۾ جُتي بہ ڪانھي-- اَمان هيءُ ڪُهر بہ ڪنچا اٿئي، ڏس تہ ڪيئن نہ قيمت ٿا ڪن، هن ڪَچ جي وڏي قيمت آهي. اَمان، ڏس تہ ڪيئن نہ قيمت ٿا ڪن، ڏسجانءِ اَمان--.“
گلو وڦلندو هليو، سندس ڳالھائڻ ايستائين هلندو رهيو، جيستائين هن ٿالھہ مٿي تي رکيو ۽ مَنھہ کان ٻاهر نڪري دانھن ڪيائين ”تازا ڪوهر، هيءُ بلوري ڪوهر-- هيءُ ڪَنچا اٿئي سھڻا-- هيءُ رنگ برنگي ڪوهر-- هلُ ڪَنچا ڪوهر دلبر-- هيءُ ڪَنچا ڪوهر--!“
سندس آواز آهستي آهستي پري ٿيندو ويو ۽ سندس پيءُ هاڻي نہ کنگهيو، نہ کليو، اُٿي زال جي ڀر ۾ بيھي سندس ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي اُگهڻ لڳو.

(مھراڻ)