سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر وشال امير جي شاعريءَ جو مجموعو ”ريشم جھڙا خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي.
وشال امير جو شمار سنڌ جي سريلن سرجڻھارن ۾ ٿئي ٿو. وشال جي شاعريءَ ۾ تشبيھن، استعارن ۽ ڪناين جو استعمال حساس دلين جو آواز محسوس ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي، رومانٽڪ منظرنگاري ۽ معاشرتي ڀڃ ڊاھہ جا عڪس جهلڪندي نظر ايندا.
ھي ڪتاب 2009ع ۾ راول پبليڪيشن، خيرپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي