سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر آڪاش انصاريءَ جي نظمن جي انگريزي ترجمي تي مشتمل ڪتاب "An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow - Poems of Love, Revolution and Resolve" اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو انگريزي ترجمو سحر گل صاحبہ ڪيو آھي.
آڪاش انصاريءَ جي سڃاڻ ھڪ رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر طور آھي. سندس نظم نوجوان دلين جا ترجمان آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي چونڊ شاھڪار نظمن انگريزي ترجمو ڪيل آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون روشني پبليڪيشن ۽ آڪاش انصاري جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.