شاعري

ھوائن ڇير ڇمڪائي

وسيم آڪاش سيتائي شاعريءَ جي ڪئنواس تي پوپٽ جھڙا رنگ چٽيندڙ شاعر آھي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“انهن ڏينھن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ ھئي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. وسيم آڪاش وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنھن کي هو شاعريءَ جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو. وسيم جي شاعريءَ مان لڳندو آھي تہ سندس شاعري انھن گُلن جيان آهي جيڪي پاڻ تہ وکري وڃن ٿا پر انھن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالھا ۾ سپنن جون سندرتائون بہ آهن تہ شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون پڻ موجود آهن..

Title Cover of book ھوائن ڇير ڇمڪائي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر وسيم آڪاش سيتائيءَ جو پھريون شعري مجموعو ”ھوائن ڇير ڇمڪائي“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
وسيم آڪاش سيتائي شاعريءَ جي ڪئنواس تي پوپٽ جھڙا رنگ چٽيندڙ شاعر آھي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“انهن ڏينھن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ ھئي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. وسيم آڪاش وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنھن کي هو شاعريءَ جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو. وسيم جي شاعريءَ مان لڳندو آھي تہ سندس شاعري انھن گُلن جيان آهي جيڪي پاڻ تہ وکري وڃن ٿا پر انھن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالھا ۾ سپنن جون سندرتائون بہ آهن تہ شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون پڻ موجود آهن..
ھي ڪتاب 2014ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سعيد سومري جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي