ڪھاڻيون

رات، ريل ۽ رڻ پٽ

ھن مجموعي ۾  انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس بہ چِٽا نظر اچن ٿا، تہ ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪھاڻيون بہ موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.

  • 4.5/5.0
  • 83
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رات، ريل ۽ رڻ پٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار زيب سنڌيءَ جي فليش ڪھاڻين/افسانن جو مجموعو ”رات، ريل ۽ رڻ پٽ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن مجموعي ۾  انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس بہ چِٽا نظر اچن ٿا، تہ ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪھاڻيون بہ موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.
ھي ڪتاب 2023ع  ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

محبت جي رشتن کي موت بہ ماري ناھي سگهندو
امڙ ۽ ڀيڻ عائشہ جي نالي

ڇپائيندڙ پاران

فليش فڪشن کي دنيا جي ٻين ٻولين جيان سنڌي ادب ۾ بہ تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي. فليش ڪھاڻيءَ جو پيرو کڻجي تہ اها سعادت حسن منٽو کان ٿيندي فرانز ڪافڪا، ليوٽالسٽاءِ ۽ ايسپ جي آکاڻين تائين وڃي پھچندي. آڳاٽي دؤر جو ڇپيل ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ هن صنف تي دنيا جو پھريون ڪتاب ليکي سگهجي ٿو، جيڪو سال 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ کان سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو هو.
هيءُ ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ سنڌي ادب جي معروف ڪھاڻيڪار زيب سنڌي صاحب جي فليش فڪشن جو مجموعو آهي، جنھن ۾ انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاري وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس بہ چِٽا نظر اچن ٿا، تہ ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪھاڻيون بہ موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.
زيب سنڌي صاحب جي تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز پڙهندڙن کي اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. زيب سنڌي جي هِن قلمي پورهيي کي مڃتا ڏيندي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءُ ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ جناب چيئرمين صاحب طرفان شروع ڪيل 150 کان 200 صفحن واري اسڪيم تحت ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي تہ، سنڌي ادب جي ناميارن ليکڪن جا معياري ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻجن. موجودہ وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ جو هيءُ پھريون ڇاپو بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي تہ، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش اوهان پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.


سيد سڪندر علي شاھہ
سيڪريٽري
28- رجب المرجب 1444ھہ
20- فيبروري 2023ع

يارهون بگهڙ

نوجوان عورت لڳاتار ڊوڙي رهي هئي. سج لھي رهيو هو ۽ ڪيترائي بگهڙ عورت جو پيڇو ڪري رهيا هئا. عورت بيھڻ کان سواءِ پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر تمام تيز ڊوڙڻ واري حالت سبب هوءَ پوري طرح ڪنڌ ڦيرائي نہ سگهي.
عورت ڊوڙندي رهي.
بگهڙ سندس پيڇو ڪندا رهيا.
اوچتو عورت کي ٿاٻو آيو تہ هن سيني ڀَر وڃي زمين تي ڦھڪو ڪيو. هيٺ ڪِرڻ سان ئي هن وکريل وارن کي مُنھن تان پري ڪري، هڪدم ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو.
ڪيترائي بگهڙ ڊوڙندا عورت ڏانھن وڌي رهيا هئا.
عورت تڪڙ ۾ اٿي ۽ بنا ساهيءَ جي وري ڊوڙڻ شروع ڪيائين. عورت کي پڪ هئي تہ، سندس تيز ڊوڙ سبب بگهڙ هن تائين نہ پھچي سگهندا ۽ سج لھڻ کان اڳ ۾ هوءَ ڪنھن محفوظ هنڌ تي پھچي ويندي.
عورت ڊوڙندي رهي.
بگهڙ سندس پيڇو ڪندا رهيا.
لڳاتار ڊوڙندڙ عورت کي اوچتو احساس ٿيو تہ، بگهڙن جي ڊوڙڻ جا آواز هن جي ويجهو ٿيندا پيا وڃن. نہ چاهيندي بہ هڪ لمحي لاءِ بيھي هن پوئتي نھاريو تہ سندس لڱ ڪانڊارجي ويا!
خونخوار بگهڙن جون زبانون سندن وات جي پاسي وارن وڏن ڏندن وچ مان ٻاهر لُڏي رهيون هيون ۽ اهي تيزيءَ سان اڳتي وڌندا پئي آيا.
عورت پنھنجي جسم جي پوري طاقت گڏ ڪئي ۽ وري ڊوڙڻ شروع ڪيائين. هن سامھون نظر ايندڙ وڻن جي جُهڳٽي تائين پھچڻ ٿي چاهيو، جيئن ڪنھن وڻ مٿان چڙهي پنھنجي جان بچائي سگهي پر جيئن پوءِ تيئن بگهڙن جي ڊوڙڻ جا آواز سندس ويجهو ٿيندا پئي ويا. وڻن جي جُهڳٽي جي ويجهو پھچي عورت جي ڊوڙڻ جي رفتار گهٽجي وئي. هن کي پڪ ٿي ويئي تہ هاڻي هوءَ پاڻ کي بگهڙن جي حملي کان نہ بچائي سگهندي.
سج لھي ويو ۽ بگهڙ عورت جي ويجهو پھچندا ويا.
عورت آخري ڀيرو تيز ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڻن جي جُهڳٽي ۾ پھچي وئي. وڻن جي جُهڳٽي ۾ هن هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙي، چڙهڻ لائق ڪنھن محفوظ وڻ جي ڳولا ڪئي تہ، اڌ اونداهيءَ ۾ بگهڙ سندس چوڌاري ڦِري آيا.
عورت ويجهو موجود هڪ وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، هڪ بگهڙ جا تکا ڏند سندس هڪ پير ۾ چُڀي ويا. هن ڇڪ ڏئي پنھنجو پير بگهڙ جي ڏندن مان ڇڏايو ۽ وڻ تي چڙهي وئي.
سڀئي بگهڙَ وڻ جي چوڌاري گهيرو ڪري ويھي رهيا.
وڻ تي چڙهي ويل عورت هڪ مٿاهين ڏار تي ويھي، هٿ جو زور ڏئي پنھنجي زخمي پير منجهان ٽمندڙ رت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هيٺ نھاري بگهڙن جي ڳڻپ ڪئي. چمڪندڙ اکين سان عورت ڏانھن گُهوريندڙ اهي ڏھہ بگهڙ هئا. سخت تڪليف، ٿڪاوٽ ۽ خوف سبب عورت اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪيتري دير کان پوءِ چنڊ جي روشنيءَ ۾ عورت اکيون کولي، وڻ کي گهيرو ڪري ويٺل بگهڙن ڏانھن ڏٺو.
ڏهن ئي بگهڙن جون چمڪندڙ اکيون عورت ۾ کُتل هيون ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾ بگهڙن جا ڏند چٽا نظر اچي رهيا هئا.
عورت کي هيٺ نھاريندي ڏسي هڪ بگهڙ اٿي بيھي، مٿي مُنھن ڪري اوناڙ ڪئي. جواب ۾ مٿان کان ڪنھن بگهڙ اوناڙ ڪئي تہ، عوت ڇرڪي مٿي نھاريو. وڻ تي ويٺل عورت چنڊ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو تہ، ساڳئي وڻ تي سندس مٿان واري ڏار تي يارهون بگهڙ موجود هو.

مجسمو

سنگتراش هڪ مجسمو گَهڙي مڪمل ڪيو تہ سندس چھري تي مرڪ تري آئي. هو اڃا مجسمي ڏانھن ڏسي رهيو هو تہ، اسٽوڊيو جو در کلڻ جو آواز ٿيو.
سنگتراش ڪنڌ ورائي دروازي ڏانھن ڏٺو.
دروازي ۾ اوور ڪوٽ پھريل هڪ شخص بيٺو هو، جنھن جي هٿ ۾ ننڍڙو بريف ڪيس هو. انھيءَ شخص اسٽوڊيو ۾ موجود مجسمن ڏانھن ڏسي مرڪي چيو، ”مون پنھنجي ملڪ ۾ توھان جي ٺاهيل مجسمن جون فقط تصويرون ڏٺيون هيون. هتي اچي مون کي اندازو ٿيو آهي تہ، توهان جي تراشيل مجسمن جو واقعي جواب ناهي!“
”مھرباني.“ سنگتراش پنھنجا هٿ صاف ڪندي وراڻيو.
”مان پنھنجي ملڪ کان فقط توهان سان ملڻ لاءِ آيو آهيان.“ اوور ڪوٽ پاتل اوپري شخص اڳتي وڌي هڪ ڪرسيءَ تي ويھندي چيو، ”۽ مان ايئرپورٽ تان سڌو هتي آيو آهيان.“
سنگتراش اوپري شخص جي سامھون ويھندي وراڻيو، ”مان توهان جي ڪھڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“
اوپري شخص هڪ نظر اسٽوڊيو ۾ موجود مجسمن ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سنگتراش ڏانھن ڏسندي چيو، ”مان چاهيان ٿو تہ توهان منھنجو مجسمو ٺاهيو.“
سنگتراش انڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، ”نہ مان فرمائش تي مجسما ٺاهيندو آهيان ۽ نہ ئي پنھنجا ٺاهيل مجسما وڪرو ڪندو آهيان.“
اوپري شخص مرڪي چيو، ”مان توهان کي ايترو معاوضو ڏيندس، جيڪو توهان پنھنجي زبان سان گهرندا.“
سنگتراش ناگواريءَ سان مُنھن ورائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
اوپري شخصَ، ٻئي طرف مُنھن ڪري ويٺل سنگتراش ڏانھن ڏسندي چيو، ”هڪ ملين ڊالر.“
سنگتراش ڪنڌ ورائي اوپري شخص ڏانھن ڏٺو پر ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
اوپري شخص بنا دير جي چيو، ”ٻہ ملين ڊالر.“
سنگتراش جي چھري تي حيرت جو تاثر اڀريو. هو چاهيندي بہ ڪجهہ ڳالھائي نہ سگهيو.
اوپري شخص مرڪي چيو، ”ڏھہ ملين ڊالر.“
سنگتراش ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انتھائي حيرت ۽ بي يقينيءَ سبب سندس وات مان ڪو لفظ نہ نڪتو تہ، هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
اوپري شخص پنھنجي ڀرسان رکيل بريف ڪيس کولي ليپ ٽاپ ڪڍي آن ڪيو ۽ سنگتراش ڏانھن ڏسندي چيو، ”توھان پنھنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر ٻڌايو.“
سنگتراش بي يقينيءَ سان پنھنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر ٻڌايو.
اوپري شخص جون نظرون ۽ آڱريون ٿوري دير ليپ ٽاپ تي موجود رهيون ۽ پوءِ هن ڪنڌ کڻي سنگتراش ڏانھن ڏسندي چيو، ”مون ڏھہ ملين ڊالر توهان جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيا آهن.“
ان مھل ئي سنگتراش پنھنجي موبائيل فون تي ميسيج بيپ ٻڌي فون کڻي ميسيج ڏٺو تہ، سندس بي يقيني يقين ۾ بدلجي وئي. ڏھہ ملين ڊالر سندس اڪائونٽ ۾ پھچي چڪا هئا.
سنگتراش ڪيترن ڏينھن تائين اوپري شخص کي سامھون ويھاري سندس مجسمو ٺاهيندو رهيو.
مجسمو ٺھي تيار ٿيو تہ، اوپرو شخص ڪرسيءَ تان اٿي پوئتي وڃي ويٺو.
سنگتراش مجسمي کي صاف ڪري، پنھنجا هٿ اگهي پوئتي نھاريو تہ، اوپرو شخص اسٽوڊيو جي دروازي طرف وڃي رهيو هو. سنگتراش حيرت سان چيو، ”پنھنجو مجسمو تہ کڻي وڃو.“
اوپري شخص ڪوبہ جواب نہ ڏنو. هن مرڪي سنگتراش ڏانھن ڏٺو ۽ دروازو کولڻ کان سواءِ، بند دروازي منجهان ئي ٻاهر نڪري ويو.
سنگتراش سخت حيرت، پريشانيءَ ۽ خوف منجهان اوپري شخص جي مجسمي ڏانھن ڏٺو تہ، مجسمي چيو، ”پريشان نہ ٿيو، مان توهان جي اسٽوڊيو ۾ ئي موجود آهيان!“

پراسرار رستو

هائي وي تي پنھنجي ڳوٺ ڏانھن ويندڙ رستي جي موڙ تي جنھن مھل مان بس منجهان لٿس تہ سج لھي چڪو هو.
سج لھڻ کان پوءِ ڳوٺ ڏانھن ويندڙ رستي تي اڪثر پراسرار واقعا پيش ايندا هئا، جنھن ڪري ڳوٺ جا ماڻھو رات جي وقت انھيءَ رستي تان گذرڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا.
منھنجي سدائين ڪوشش ھوندي ھئي تہ شھر کان وقت تي واپس پھچي، سج لٿي کان اڳ ۾ انھيءَ رستي تان گذري وڃان پر ان ڏينھن رستي تي بس ۾ ڪا خرابي ٿي پئي، جنھن ڪري مون کي واپس پھچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ سج لھي ويو.
اوندھہ ٿي رهي هئي. مون هائي وي تان وڻن جي وچ منجهان ڳوٺ ڏانھن ويندڙ پراسرار رستي ڏانھن ڏٺو تہ، منھنجي جسم ۾ خوف جي لھر ڊوڙي وئي.
مان سخت مجبوريءَ سبب جڏهن بہ رات جي وقت انھيءَ رستي تان گذريو هئس تہ، مختلف هنڌن تي اوچتو ڀوائتي شڪل وارو هڪ شخص منھنجو رستو روڪي بيھي رهندو هو. سندس جي اکين ۾ باھہ ٻرندي رهندي هئي. هو اوچتو رستي تي ظاهر ٿيندو ھو ۽ مون کي خوف ۾ مبتلا ڪري پراسرار نموني گم ٿي ويندو هو. ڪجهہ فاصلي کان پوءِ وري اوچتو منھنجي سامھون ظاهر ٿيندو هو تہ، منھنجا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ مان وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هئس. سخت خوف سبب مان هن سان ڪڏهن بہ ڪجهہ ڳالھائي نہ سگهيو هئس. مون کي پڪ هئي تہ، اهو انسان نہ هو.
خوف سبب مان ڪيتري دير تائين هائي وي تي ئي بيٺو رهيس. ڳوٺ ڏانھن وڃڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو بہ نہ هو، تنھن ڪري انھيءَ رستي تان ئي وڃڻ منھنجي مجبوري هئي. مون ڊگهو ساھہ کڻي تڪڙو تڪڙو وڻن جي وچ منجهان ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ڪيو.
مان ٽن ڪلوميٽرن واري رستي تي هڪ ڪلوميٽر اڳتي ويو هوندس تہ، اوچتو پراسرار رڙ ٻُڌي، ڇرڪي بيھي رهيس. رڙ جي آواز واري طرف نھاريم تہ، رستي کان پرتي اهو ئي ڀوائتي شڪل وارو شخص بيٺو هو ۽ سندس اکين ۾ باھہ ٻري رهي هئي.
مون کي پاڻ ڏانھن نھاريندي ڏسي هو وڌيڪ پرتي هليو ويو. مون کي سخت حيرت لڳي تہ، جنھن کان مون کي خوف ٿيندو هو، اهو مون کان ڊڄي رهيو هو. هن کي خوف ۾ مبتلا ڏسي منھنجو خوف گهٽجي ويو. مون پھريون ڀيرو هن ڏانھن ڏسندي ڳالھايو، ”مون کي سدائين توکان خوف ٿيندو هو پر اڄ تون مون کان ڇو پيو ڊڄين!؟“
چيائين، ”انسانن ۾ ڪورونا جي وبا ڦھلجڻ کان پوءِ، اسان کي انسانن کان خوف ٿيڻ لڳو آهي.“ اهو چئي هو وڌيڪ پرتي هليو ويو.

اجنبي شھر جي عورت

دنيا جي بيحد خوبصورت سمنڊ ڪناري تي ايڏا حَسين چھرا نظر اچي رھيا ھئا، جو ڪنھن هڪ چھري تي نظر ئي نٿي بيٺي! مان هڪ خالي بينچ تي ويٺو انھن بيشمار سھڻن چھرن ڏانھن نھاري رهيو هئس تہ، اوچتو منھنجي نظر هڪ انتھائي خوبصورت عورت جي چھري تي بيھي رهي. دنيا جي سياحت ۾ ايڏي سھڻي عورت مون ڪڏهن بہ، ڪٿي بہ نہ ڏٺي هئي!
مان لڳاتار انھيءَ بيحد حَسين عورت ڏانھن ڏسي رهيو هئس تہ، انھيءَ عورت جي نظر مون تي پئجي وئي ۽ هوءَ مون ڏانھن ڏسندي مرڪي پئي. انھيءَ کان پھرين جو مان سندس مرڪ جي جواب ۾ ڪو ردعمل ظاهر ڪيان، انھيءَ عورت مون ڏانھن اچڻ شروع ڪيو تہ، منھنجي دل جي ڌڙڪڻ وڌي وئي.
خوبصورت عورت ويجهو اچي منھنجي ڀرسان بينچ تي ويھي، پنھنجي موبائل فون ڪڍي مون سان گڏ هڪ سيلفي ٺاهِي ورتي.
مون هن ڏانھن ڏسندي حيرت سان پڇيو، ”توهان کي مون ۾ ڪھڙي خوبي نظر آئي جو توهان مون سان گڏ سيلفي ڪڍي ورتي، محترما!؟“
خوبصورت عورت پنھنجو نرم ۽ نازڪ هٿ منھنجي هٿ مٿان رکندي وراڻيو، ”ڪجهہ ماڻھن کي پنھنجين خوبين جي خبر ناهي هوندي پر اهي خوبيون ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻئي انسان کي نظر اچي وينديون آهن....!“
مون ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ پنھنجي هٿ مٿان پيل سندس نازڪ، نفيس ۽ سھڻي هٿ ڏانھن ڏٺو.
عورت منھنجي هٿ کي زور ڏيندي مرڪي چيو، ”هڪ سيلفيءَ جي بدلي ۾ توهان مون سان گڏ جيتريون تصويرون چاهيو ڪڍي سگهو ٿا.“
مون پنھنجي موبائل فون ڪڍي هن سان گڏ ڪجهہ سيلفيون ٺاهيون ۽ پوءِ ڀرسان گذرندڙ هڪ شخص کي پنھنجي موبائيل فون ڏئي تصويرون ڪڍڻ لاءِ چيم. انھيءَ شخص خوبصورت عورت سان گڏ منھنجيون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون ۽ موبائيل فون مون کي واپس ڏني. مون پنھنجي موبائيل فون وٺي بيحد حَسين عورت سان گڏ نڪتل تصويرون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، عورت مون کي روڪيندي چيو، ”تصويرون تہ تون پوءِ بہ ڏسي سگهين ٿو، تو وٽ جيترو وقت آهي، اهو مون سان گڏ گذاري وٺ.“
مون پنھنجي موبائل فون کيسي ۾ رکي مرڪي هن ڏانھن ڏٺو.
عورت پڇيو، ”مسافر آهين؟“
وراڻيم، ”ها، چئن ڏينھن کان توهان جي ملڪ ۾ گهمي رهيو آهيان.“
پڇيائين، ”ڪٿي رهيل آهين؟“
بينچ جي پاسي ۾ پيل پنھنجي سفري بيگ ڏانھن اشارو ڪندي چيم، ”منھنجو ڪوبہ ٺڪاڻو ناهي!“
حَسين عورت مرڪي وراڻيو، ”تہ پوءِ اڄ رات تنھنجو ٺڪاڻو منھنجي گهر ۾ آهي.“
مون هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو ۽ سھڻي عورت جي گلابي چھري ڏانھن ڏسندي پنھنجي اندر ۾ گلاب ٽڙندي محسوس ڪيا.
عورت اٿي تہ مان پنھنجو سفري بيگ کڻي ساڻس گڏ هلڻ لڳس. ڪجهہ فاصلي تي موجود سندس ڪار ۾ ويٺاسين تہ عورت چيو، ”منھنجو گهر شھر کان ڪجهہ پرتي آهي.“
وراڻيم، ”مان تہ سياح آهيان، نڪتو ئي سفر خاطر آهيان.“
ڪار ڊرائيو ڪندي هوءَ مرڪي پئي.
سج لھڻ کان پوءِ اسان شھر کان پرتي انھيءَ فارم هائوس ۾ پھتاسين، جتي هوءَ اڪيلي رهندي هئي.
عورت مون کي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ويھاري چيو، ”مان جنريٽر هلائي اچان ٿي.“
عورت ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي تہ، مون پنھنجي موبائل فون ڪڍي، جيئن انھيءَ بيحد حَسين عورت سان گڏ نڪتل پنھنجيون تصويرون ڏسان. مون جيئن ئي فون فوٽو گيلري ۾ تصويرون ڏٺيون تہ ڇرڪي پيس ۽ منھنجا لڱ ڪانڊارجي ويا. سمورين تصويرن ۾ سھڻي عورت بجاءِ مون سان گڏ هڪ انساني ڍانچو موجود هو...!
مون هڪدم پنھنجي موبائيل فون جي ٽارچ ٻاري تہ جيئن انھيءَ ڪمري منجهان نڪري وڃان پر ٽارچ جي روشني ٿيڻ کان پوءِ مون ڏٺو تہ، انھيءَ ڪمري ۾ هاڻي ڪوبہ دروازو نہ هو ۽ نہ ئي ڪا دري هئي، جنھن منجهان ٻاهر نڪري سگهجي، فقط چار ديوارن ئي هيون! ۽ پوءِ... هڪ ديوار منجهان اها عورت مون کي اندر ايندي نظر آئي...!

ٻيو ڪھاڻيڪار

اولھہ جي هڪ ملڪ ۾ موڪلون گذارڻ ويس تہ، هڪ ٻئي ملڪ جي سياح ليکڪ سان ملاقات ٿي وئي. تعارف ٿيو تہ ٻنھي کي خوشي ٿي ۽ اسان گڏ گهمڻ جو فيصلو ڪيو. سير سفر ۾ هڪ ليکڪ کي ٻئي ليکڪ جو ساٿ ملي تہ ٻيو ڇا گهرجي!
هو بہ ڪھاڻيڪار هو، تنھن ڪري اسان ٻئي گهمندي ڦرندي ۽ مختلف ملڪن جي سياحن سان ملاقاتن ۾ پنھنجي ڪھاڻين جا نوان ڪردار ڳولي لھندا هئاسين. جنھن جي بہ ذهن ۾ ڪھاڻيءَ جو ڪو نئون خيال ايندو هو تہ، هڪ ٻئي سان صلاح بہ ڪري وٺندا هئاسين.
هڪ رات رنگن ۽ روشنين جي ماحول ۾ زندگيءَ جا ڪجهہ بيحد حَسين لمحا گذاري اسان ٻئي هوٽل طرف وڃي رهيا هئاسين تہ هن چيو، ”لڳاتار پنڌ ڪري مان ٿڪجي پيو آهيان.“
مون ڪجهہ فاصلي تي موجود بس اسٽاپ جي بينچ ڏانھن اشارو ڪيو تہ هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
اسان ٻئي بينچ تي وڃي ويھي رهياسين.
بس جو انتظار ڪندي، هن پنھنجو نوٽ بڪ کوليو ۽ ڪجهہ لکڻ شروع ڪيائين.
کائنس پڇيم، ”ڇا پيو لکين؟“
هن مون ڏانھن ڪنڌ ورائي ڏسڻ کان سواءِ وراڻيو، ”سفرنامي جا نوٽس پيو لکان.“
بس اچڻ ۾ دير ڪئي تہ، مون بہ پنھنجو نوٽ بڪ کوليو ۽ لکڻ شروع ڪيم.
هن مون کي لکندي ڏسي پڇيو، ”تون ڇا پيو لکين؟“
وراڻيم، ”مان پراسرار ڪھاڻي پيو لکان.“
چيائين، ”سٺي پراسرار ڪھاڻي اڌ رات کان پوءِ لکي سگهبي آهي. اڃان اڌ رات ناهي ٿي.“
هن ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ بيزاريءَ سان وراڻيم، ”پراسرار ڪھاڻيون لکڻ جو مون کي وڌيڪ تجربو آهي. توکي ڪھڙي خبر....!“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي هن ٽھڪ ڏنو ۽ گم ٿي ويو...!

فڪشنسٽ

قديم تاريخي ماڳ جا آثار ڏسڻ کان پوءِ جڏهن سج لھڻ وارو هو تہ، مان رات گذارڻ لاءِ تاريخي ماڳ کان ڪجهہ فاصلي تي موجود ننڍڙي شھر پھتس. انھيءَ ننڍڙي شھر ۾ پھچي خبر پئي تہ، اتي ڪوبہ هوٽل يا مسافرخانو موجود ناهي. جڏهن ننڍڙي شھر جا رستا ويران ٿيڻ لڳا تہ، مون پڙهيل لکيل نظر ايندڙ هڪ ماڻھوءَ کي روڪي پنھنجي پريشاني بيان ڪئي.
منھنجي ڳالھہ ٻُڌي سٺي شخصيت واري انھيءَ ماڻھوءَ چيو، ”بھتر آهي تہ توهان ريلوي اسٽيشن تي هليا وڃو. رات جو دير سان ٻنھي پاسن ڏانھن ويندڙ گاڏيون هن شھر جي اسٽيٽس تي بيھنديون آهن.“
مون انھيءَ شخص کان ريلوي اسٽيشن جو رستو پڇيو.
ھن وراڻيو، ”ريلوي اسٽيشن شھر کان ڪجهہ پري آهي پر هن مھل توهان کي ريلوي اسٽيشن ڏانھن وڃڻ لاءِ ڪا بہ سواري نہ ملندي.“
مان وڌيڪ پريشان ٿي ويس.
مون کي پريشان ڏسي انھيءَ شخص مُرڪي چيو، ”ڪلاڪ کن جو پنڌ آهي ۽ خطري جھڙي بہ ڪا ڳالھہ ناهي. هليا وڃو.“
مون ڊگهو ساھہ کڻي هن کان رستو پڇيو ۽ سندس مھرباني مڃي، ريلوي اسٽيشن واري رستي ڏانھن هليو ويس.
چانڊوڪي رات هئي، تنھن ڪري هر طرف چِٽي نظر پئجي رهي هئي. ڪلاڪ بدران مون ڏيڍ ڪلاڪ پنڌ ڪيو پر ڪنھن ريلوي اسٽيشن جا آثار نظر نہ آيا. واپس موٽڻ لاءِ سوچيم پر پويان رات گذارڻ جو ڪو وسيلو نہ هو، تنھن ڪري وري بہ اڳتي وڌيس. اڍائي ڪلاڪن جي لڳاتار پنڌ کان پوءِ ڏاڍي ٿڪل حالت ۾ ريلوي اسٽيشن تي پھتس.
پليٽ فارم تي ٻہ ليمپ پوسٽ هئا جن جي روشني هونئن تہ اڻ پوري هجي ها پر چانڊوڪي رات هجڻ ڪري سڀ ڪجهہ صاف نظر اچي رهيو هو. پليٽ فارم بلڪل خالي ۽ ويران هو. مون سڄي ريلوي اسٽيشن گهمي ڏٺي پر عملي جو ڪوبہ ماڻھو مون کي نظر نہ آيو. مان پليٽ فارم تي موجود هڪ بينچ تي ويھي رهيس ۽ پنھنجو سفري بيگ ڀرسان رکي ڇڏيم. مون سگريٽ دکائي پليٽ فارم تي هڪ طرف ڏٺو تہ، ڪجهہ فاصلي تان هڪ شخص کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺم. هي اهو ئي شخص هو، جنھن ننڍڙي شھر ۾ مون کي ريلوي اسٽيشن جو رستو ٻُڌايو هو. اهو شخص منھنجي ويجهو پھتو تہ، مون اٿي بيھي هن ڏانھن هٿ وڌائيندي چيو، ”جيڪڏھن توھان کي بہ هتي اچڻو هو تہ گڏجي اچون ها.“
انھيءَ شخص بينچ تي ويھندي چيو، ”مون کي ڪلاڪ ڏيڍ جو ڪم هو، ان ڪري توهان کي نہ چيو هئم.“
مون هن جي ڀرسان ويھي پڇيو، ”هتي اچڻ لاءِ توهان وٽ ڪا سواري هئي ڇا؟“
هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، ”نہ مان بہ پنڌ آيو آهيان. ڪلاڪ اڳ ۾ شھر کان نڪتو هئس.“
مون حيرت سان چيو، ”پر مون کي تہ هتي پھچڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا!“
هن مُرڪي وراڻيو، ”ڪڏهن ڪڏهن اهو رستو ڊگهو ٿي ويندو آهي!“
مون ڪوبہ جواب نہ ڏنو. مون کي هن جي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ، ڪڏهن ڪڏهن اهو رستو ڊگهو ڇو ٿي ويندو آهي! هن جي ڳالھہ ۾ ڪجهہ پراسراريت محسوس ٿي رهي هئي.
هو خاموش ويٺو رهيو.
هن جي خاموشي مون کي وڌيڪ پراسرار لڳي، تنھن ڪري سندس خاموشي ختم ڪرڻ لاءِ پڇيم، ”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
چيائين، ”مان ليکڪ آهيان.“
پڇيومانس، ”ڇا لکندا آهيو؟“
چيائين، ”پراسرار ڪھاڻيون لکندو آهيان.“
اهو چئي هو غائب ٿي ويو!

ڪمرو نمبر ستون

آفيس ۾ ست ڪمرا هئا. ڪمري نمبر هڪ ۾ ويھندڙ شخص آفيس ايندي حادثي ۾ مري ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪمري نمبر ٻہ ۾ ڪم ڪندڙ شخص آفيس کان گهر پھتو ۽ اوچتو فوت ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪمري نمبر ٽئين ۾ ويھندڙ ملازم صبح جو آفيس ايندي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪمري نمبر چوٿين ۾ ويھي ذميواريون نڀائيندڙ شخص دل جي دوري سبب پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ئي اجل جو شڪار ٿي ويو.
اهڙي صورتحال سبب ڪمري نمبر پنجين ۾ ويھندڙ وڏو صاحب خوف جو شڪار ٿي ويو. هو ڪمرو نمبر ستون خالي ڪرائي انھيءَ ۾ وڃي ويٺو. سوچيائين، ’جيڪڏھن ڪمري نمبر پنجين ۾ ويٺل شخص مري ويو تہ، هو ڪمري نمبر ڇھين ۾ ويٺل ماڻھوءَ جي مرڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفيس ڇڏي هليو ويندو.‘
ڪمرو تبديل ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينھن تي صبح سان هڪ قدآور شخص اندر آيو تہ، صاحب انھيءَ کان ڪم پڇڻ بجاءِ گهنٽي وڄائي. پٽيوالو اندر آيو تہ صاحب سخت ڪاوڙ منجهان پٽيوالي ڏانھن ڏسندي چيو، ”هي شخص بنا اجازت جي اندر ڪيئن آيو آهي!؟“
پوڙهي پٽيوالي پنھنجِي ٿلھن شيشن وارِي عينڪ لاهي صاف ڪندي ادب سان وراڻيو، ”سر، مون تہ ڪنھن کي توهان جي ڪمري ۾ ايندي ناهي ڏٺو.“
صاحب، پوڙهي پٽيوالي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو، ”هاڻي تون انڌو ٿي ويو آهين. تنھنجي نوڪري ختم ڪرڻي پوندي. گيٽ آئوٽ!“
پوڙهي پٽيوالي جون اکيون آليون ٿي ويون. هن پنھنجِي ٿلھن شيشن واري عينڪ کي ڏک سان ڏٺو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
صاحب سخت ڪاوڙ منجهان سامھون بيٺل شخص ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”تون ڪنھن جي اجازت سان اندر آيو آهين!؟“
قدآور شخص سنجيدگيءَ سان وراڻيو، ”مون کي ڪنھن وٽ وڃڻ لاءِ اجازت جي ضرورت ناهي هوندي.“
صاحب وڌيڪ ڪاوڙ سان چيو، ”ڪير آهين تون!؟“
قدآور شخص وراڻيو، ”مان اهو ئي آهيان، جيڪو هن آفيس جي چئن ماڻھن کي پاڻ وٺي ويو هو.“
صاحب انتھائي حيرت ۽ ڪاوڙ سان رڙ ڪئي، ”ڇا...!؟“
قدآور شخص وراڻيو، ”ڪمرو نمبر تبديل ٿيڻ سان دنيا مان وڃڻ جو وقت تبديل ناهي ٿيندو.“

ڏهين فيبروري

رنگين راتين ۽ حَسين منظرن واري اولھہ جي انھيءَ سائنسي ترقيءَ ۾ اڳڀري ۽ بيحد خوبصورت ملڪ ۾ مون ڪيترائي ڏينھن رولاڪيون ڪيون. رنگن ۽ روشنين جي ماحول ۾ ڪيئي راتيون گذارڻ کان پوءِ، مون انھيءَ ملڪ جي ڏوراهين پنڌ تي موجود سفاري پارڪ ڏسڻ جو فيصلو ڪيو، جتان مون کي پنھنجي اڳئين منزل طرف وَڃڻو هو.
هڪ رات جي ڊگهي سفر کان پوءِ مان سفاري پارڪ پھتس. سڄو ڏينھن جانورن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ، سفاري پارڪ مان ئي مون شام جي وقت پنھنجي سمارٽ فون وسيلي آن لائين ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ۽ سج لھڻ واري وقت سفاري پارڪ جي ويجهو نيم ويران ننڍڙي ريلوي اسٽيشن تي پھتس. انھيءَ اسٽيشن تان مون کي ريل رستي، ڀر واري ٻئي ملڪ روانو ٿيڻو هو.
مان مقرر وقت کان ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ ريلوي اسٽيشن پھتس، جتي ٻہ ٻيا سياح بہ ساڳئي ٽرين جي انتظار ۾ موجود هئا.
لڳاتار رولاڪين ۽ اوجاڳن سبب مون ڏاڍي ٿڪاوٽ پئي محسوس ڪئي. منھنجي نئين منزل ڏانھن ويندڙ ٽرين جي اچڻ ۾ اڃا ٽي ڪلاڪ هئا، تنھن ڪري مون پنھنجي سمارٽ فون ۾ الارم تي ٽائيم سيٽ ڪيو ۽ ريلوي اسٽيشن تي موجود هڪ سليپنگ ڪيپسول ۾ وڃي سمھي پيس.
مان الارم جي آواز کان سواءِ ئي جاڳيس. اڃا رات هئي پر محسوس ڪيم تہ مون گهڻي ننڊ ڪئي هئي. مون سليپنگ ڪيپسول کان ٻاهر نڪري پليٽ فارم جي ٻنھي پاسي نھاريو پر اهي ٻئي سياح مسافر نظر نہ آيا، جيڪي ساڳئي ريل ۾ روانا ٿيڻا هئا. شايد مون کي گهاٽي ننڊ اچي وئي هئي ۽ ٽرين اچي، هلي بہ وئي هئي!
انھيءَ ملڪ ۾ ريلوي جي مڪمل آٽوميٽڪ ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم سبب، ريلوي اسٽيشن تي عملي جو ڪو ماڻھو بہ موجود نہ هو ۽ هاڻي مان انھيءَ پليٽ فارم تي اڪيلو انسان موجود هئس.
مان پنھنجو سفري بيگ گهليندو هڪ بينچ تي وڃي ڪنڌ هيٺ ڪري ويھي رهيس. ڪجهہ دير کان پوءِ ڪو مشيني آواز ٻڌڻ سبب ڪنڌ کڻي نھاريم تہ، انساني جسم جھڙو هڪ روبوٽ مون ڏانھن اچي رهيو هو. روبوٽ منھنجي ڀرسان اچي چيو، ”سر، مھرباني ڪري پنھنجي سڃاڻپ ڪرايو.“
مون پنھنجي ملڪ جي حڪومت پاران جاري ڪيل پنھنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ کيسي منجهان ڪڍي روبوٽ ڏانھن وڌايا پر روبوٽ اهي ڏسڻ بدران، پنھنجي هٿ جي تِري منھنجي ٻانھن جي ڪَرائيءَ تي رکي ڇڏي. روبوٽ جي هٿ منجهان ڪجهہ روشنيون نڪتيون ۽ پوءِ روبوٽ منھنجي ٻانھن تان پنھنجو هٿ کڻي چيو، ”حيرت آهي تہ توهان وٽ پنھنجي سڃاڻپ جا ڊاڪيومينٽس موجود ناهن.“
مون پنھنجي ملڪ جي حڪومت پاران جاري ڪيل پنھنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ روبوٽ جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”هي آهن منھنجي سڃاڻپ جا ڊاڪيومينٽس!“
روبوٽ منھنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏسي چيو، ”سر، ڪاغذ جو دور گذري چڪو آهي. هاڻي انساني جسم اندر لڳل چِپ (Chip) ۾ هر ماڻھوءَ جا سڀ ڊيٽا موجود هوندا آهن.“
مون سخت ڪاوڙ منجهان وراڻيو، ”مون اڄ شام جي وقت ئي هن ريلوي اسٽيشن تان سفر ڪرڻ لاءِ آن لائين بڪنگ ڪرائي هئي!“ اهو چئي مون پنھنجي سمارٽ فون ڪڍي ۽ آن لائين بڪنگ جو عڪس روبوٽ کي ڏيکاريو.
روبوٽ منھنجي سمارٽ ڏانھن ڏسي وراڻيو، ”سر، توهان جي انھيءَ قديم فون ۾ آن لائين بڪنگ جي تاريخ تہ بلڪل ٺيڪ، ڏهين فيبروري آهي پر اها هڪ صدي اڳ جي تاريخ آهي.“
مون روبوٽ جي ڳالھہ کي رد ڪرڻ لاءِ پنھنجي فون ۾ موجود ڪئلينڊر کوليو تہ، منھنجي آن لائين ٽڪيٽ ۽ ڪئلينڊر جي تاريخ ۾ واقعي هڪ صديءَ جو فرق موجود هو!

ٽيھن سالن کان پوءِ

مان ٽيھہ سال پرڏيھہ ۾ گذاري واپس آيس. مون زندگيءَ جو باقي وقت پنھنجي ننڍپڻ جي شھر ۾ گذارڻ پئي چاهيو، تنھن ڪري ڪو گهر خريد ڪرڻ ٿي چاهيم.
مون هڪ اسٽيٽ ايجنسي واري سان رابطو ڪيو ۽ هن مون کي شھر جي مختلف علائقن ۾ گهر ڏيکارڻ شروع ڪيا.
مان روز صبح جو اسٽيٽ ايجنسي تي ويندو هئس ۽ اسٽيٽ ايجنسيءَ جو مالڪ مون کي ڪيترائي گهر روز ڏيکاريندو هو پر مون کي ڪوبہ گهر پسند نٿي آيو.
روز جيان هڪ ڏينھن مان اسٽيٽ ايجنسيءَ تي پھتس تہ، اسٽيٽ ايجنسيءَ جي مالڪ معذرت ڪندي چيو، ”هاڻي مون وٽ وڪري لاءِ ڪوبہ اهڙو گهر ناهي، جيڪو توهان کي ڏيکاري سگهان!“
چيم، ”جيڪڏهن اها ڳالھہ ڪالھہ ٻُڌايو ها تہ، اڄ مان توهان وٽ اچي پنھنجو وقت ضايع نہ ڪيان ها!“
مان واپس وڃڻ وارو هئس تہ هن چيو، ”باقي هڪ گهر آهي پر اهو ڪير بہ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. توهان خريد ڪرڻ چاهيو تہ، تمام گهٽ قيمت تي ملي ويندو.“
چيم، ”ڳالھہ قيمت جي ناهي. جيڪڏهن مون کي پسند اچي ويو تہ مان ڪنھن بہ قيمت تي خريد ڪندس.“
اسٽيٽ ايجنسيءَ وارو مون کي اهو گهر ڏيکارڻ هليو.
هن گهر جي دروازي تي تالي ۾ چاٻي وجهندي چيو، ”هن گهر ۾ ست ڪمرا آهن ۽...“
انھيءَ کان پھرين جو هو ڪجهہ وڌيڪ ٻُڌائي، مون هڪدم چيو، ”۽ انھن ستن ئي ڪمرن ۾ هڪ شخص جي ساڳئي تصوير ٽنگيل آهي.“
هن مون ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ چيو، ”شايد هي گهر توهان جو اڳ ۾ ئي ڏٺل آهي!“
مون ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
ڪاريڊور ۾ پھچي مون هڪ ڪمري جي در ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”اڳ ۾ انھيءَ ڪمري جو دروازو کوليو.“
هن انھيءَ ڪمري جو دروازو کوليو ۽ اسان ٻئي انھيءَ ڪمري ۾ داخل ٿياسين.
ڪمري اندر ميز تي هڪ اخبار پيل هئي، جنھن جي مٿان ڪافيءَ جو مگ رکيل هو. مگ منجهان تازي ڪافيءَ جي ٻاڦ نڪري رهي هئي.
مون اڳتي وڌي ڪافيءَ جو مگ کنيو تہ، مگ منجهان ٻاڦ نڪرندي ڏسي، هن جي چھري تي خوف ۽ پريشانيءَ جو تاثر ظاهر ٿيو. ڳيت ڏيندي چيائين، ”اهڙين ڳالھين جي ڪري ئي هي گهر ڪير بہ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي!“
مون ڪافيءَ جو ڍُڪ ڀري، مگ ميز تي رکندي وراڻيو، ”مان هي گهر خريد ڪرڻ ٿو چاهيان.“
هن سخت حيرت منجهان مون ڏانھن ڏٺو. چيائين، ”هي جاءِ مالڪ وڪڻي ويو تہ، ٽيھن سالن ۾ وري ڪنھن بہ خريد نہ ڪئي ۽ توهان ٽن منٽن ۾ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا!“
ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانھن اشارو ڪري مُرڪي چيم، ”هن گهرَ جي هر ڪمري جي ديوار تي اها ساڳئي تصوير لڳل آهي. توهان اها تصوير اڳ بہ ڏٺي هوندي پر اڄ انھيءَ تصوير کي وري ڏسو...“
هن ديوار تي ٽنگيل تصوير ڏانھن ڏٺو ۽ ھڪدم مون ڏانھن ڏسي، حيرت سان چيو، ”هي تہ هوبھو توهان جھڙي شخص جي تصوير آهي!“
مون اخبار کڻي ڏٺي، جنھن تي ٽيھہ سال اڳ جي تاريخ لکيل هئي ۽ ميز تي پيل مگ منجهان ڪافيءَ جي ٻاڦ نڪري رهي هئي!

سرحد پار جي عورت

بيحد سھڻي عورت هائي وي جي پاسي تي بيٺي هئي.
هڪ ڪار اچي عورت جي ڀرسان بيٺي. ڪار ۾ ويٺل نوجوان عورت ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ڇا توهان کي لفٽ جي ضرورت آهي؟“
عورت هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو تہ، نوجوان ڪار جو دروازو انلاڪ ڪيو. عورت مرڪندي فرنٽ سيٽ تي ويھي رهي.
نوجوان ڪار ڊرائيو ڪندي پڇيو، ”توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي؟“
عورت سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ نوجوان کان سوال پڇيو، ”ڇا توهان مون کي منھنجي منزل تي پھچائي ڇڏيندا؟“
نوجوان ميوزڪ سسٽم آن ڪندي چيو، ”توهان جھڙي خوبصورت عورت گڏ هجي تہ، بنا ڪنھن منزل جي بہ سفر ڪري سگهجي ٿو.“
عورت وڏو ساھہ کڻي سڪون سان وراڻيو، ”انھيءَ جو مطلب تہ، منھنجي منزل تائين توهان مون سان گڏ هوندا.“
نوجوان بيحد سھڻي عورت جي چھري ڏانھن ڏسي ڳالھايو، ”ها. ڪٿي وڃڻو آهي توهان کي؟“
عورت سامھون رستي ڏانھن ڏسندي چيو، ”مون کي سرحد پار ڪري ٻئي ملڪ وڃڻو آهي.“
نوجوان ڪار جي ايڪسيليٽر تان پير جو دٻاءُ گهٽ ڪندي وراڻيو، ”نہ سرحدي علائقي جون حالتون ٺيڪ آهن ۽ نہ ئي هن وقت مون وٽ پاسپورٽ موجود آهي!“
خوبصورت عورت جلترنگ جھڙو ٽھڪ ڏئي چيو، ”گهٻرايو نہ. توهان مون کي سرحد کان ٿورو اورتي لاهي ڇڏجو. مان پاڻيھي اڳتي هلي وينديس.“
نوجوان هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو ۽ ڪار جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي. ڪجهہ دير کان پوءِ ڪار ٻئي ملڪ جي سرحد کان ٿورو اورتي پھتي تہ، عورت پاڻ ئي نوجوان کي ڪار بيھارڻ لاءِ چيو.
نوجوان ڪار روڪِي تہ خوبصورت عورت شڪر گذار نظرن سان نوجوان ڏانھن ڏسندي، پنھنجا هٿ نوجوان جي هٿن مٿان رکي ڇڏيا. نوجوان جي چپن تي جوانيءَ جي مُرڪ ڦھلجي وئي ۽ هن پنھنجيون آڱريون عورت جي آڱرين ۾ ڦاسائي ڇڏيون. عورت پنھنجو چھرو نوجوان جي چھري جي ويجهو ڪيو تہ، نوجوان کي عورت جي ساهن منجهان رت جي بوءِ محسوس ٿي. نوجوان پنھنجا هٿ عورت جي هٿن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو عورت جِي جڪڙ منجهان پاڻ کي آزاد ڪرائي نہ سگهيو.
عورت ڪار مان لٿي تہ سندس وات منجهان رت ڳڙي رهيو هو. هن جي رت هاڻن چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي ۽ هوءَ اڳتي وڌي، سرحد پار ڪري ٻئي طرف هلي ويئي.

رات، ريل ۽ رڻ پٽ

انتھائي تيز رفتار ريل ۾ رات جو مان ننڊ پيو هئس تہ اوچتو تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ڌماڪو ٿيڻ شرط مون سخت تڪليف محسوس ڪئي ۽ پوءِ مون کي ڪابہ خبر نہ پئي.
هوش آيو تہ مان ريل جي اونڌي ٿيل ڪمپارٽمينٽ ۾ لاشن جي وچ ۾ پيل هئس. مان ڏاڍي مشڪل سان اٿيس ۽ ڪمپارٽمينٽ کان ٻاهر نڪري ويس. ٻاهر نڪتس تہ حادثي جي شڪار ٿيل ريل منجهان ڪيترن زخمي ماڻھن جا مدد لاءِ آواز اچي رهيا هئا. مان پاڻ زخمي بہ هئس ۽ منھنجي جسم منجهان رت بہ وهي رهيو هو. مون ۾ ايتري طاقت ئي نہ بچي هئي جو ڪنھن ٻئي جي مدد ڪري سگهان.
مون بنا سوچڻ جي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف هلڻ شروع ڪيو تہ، جيئن جلد کان جلد ڪنھن اهڙي هنڌ پھچي سگهان، جيئن گهڻو رت وهڻ سبب مري نہ وڃان!
ڪجهہ پنڌ کان پوءِ مون کي اونداهيءَ ۾ هڪ طرف روشنين ۾ موجود وڏو محل نظر آيو. ويجهو پھتس تہ رڻ پٽ ۾ اهو هڪ ننڍڙو گهر هو!
مون گهر جي در وٽ لڳل ڪال بيل جو بٽڻ دٻائڻ لاءِ اڃان سوچيو مس تہ، گهر جو دروازو کلي ويو ۽ وڏن اڇن وارن وارو هڪ تمام پوڙهو شخص ٻاهر نڪري آيو.
هن مون کي منھنجي نالي سان مخاطب ٿيندي چيو، ”مان تنھنجو ئي انتظار ڪري رهيو هئس!“
حيرت سان چيم، ”تون منھنجو انتظار ڇو ڪري رهيو هئين ۽ توکي منھنجي نالي جي خبر ڪيئن پئي!؟“
هن ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
هن کي خاموش ڏسي چيم، ”ريل جو حادثو ٿيو آهي ۽ مان زخمي حالت ۾ مدد خاطر هتي پھتو آهيان!“
هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، ”ها، مون کي سڀ خبر آهي!“
مون سخت تڪليف ۽ هيڻائيءَ سان چيو، ”مون کي مدد ۽ آرام جي سخت ضرورت آهي. هاڻي مان وڌيڪ بيھي نٿو سگهان!“
هن پنھنجي کيسي منجهان ريموٽ ڪنٽرول ڪڍي بٽڻ دٻايو تہ، گهر جي چوڌاري لڳل سموريون لائيٽس روشن ٿي ويون. هو مون کي سھارو ڏئي گهر جي پوئين پاسي وٺي ويو، جتي ڪيتريون ئي قبرون موجود هيون.
هن مون کي هڪ قبر جي ڀرسان وڃي بيھاريو، جنھن تي منھنجي نالي جو ڪتبو لڳل هو!
سخت حيرانيءَ سان چيم، ”مان تہ اڃان هاڻي ئي ريل جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ هتي پھتو آهيان ۽ هن قبر تي منھنجي مرڻ کان اڳ ۾ ئي منھنجي ئي نالي جو ڪتبو لڳل آهي!“
وڏن اڇن واري پوڙهي شخص وراڻيو، ”ريل جو اهو حادثو اڄ نہ ستر سال اڳ ٿيو هو...!“ اهو چئي هو پاڻ ڀرسان واري قبر وٽ وڃي گم ٿي ويو!

ڊسڪوري 2047

ڌرتيءَ تان موڪليل خلائي مشن ڊسڪوري 2047 ڪيترن سالن کان پوءِ، ڪائنات ۾ موجود انھيءَ سَياري جي ويجهو پھتو، جتي زندگي موجود هئي.
سَياري جي ويجهو پھچڻ شرط ڊسڪوري 2047 منجهان ڌرتيءَ تي موجود ليبارٽريءَ ڏانھن تصويرون موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو تہ سڄي دنيا ۾ موجود ماڻھن، انسانَ جي خلائي ڪاميابيءَ جو جشن ملھائڻ شروع ڪيو. اڃان ڌرتيءَ ڏانھن تصويرون موڪلڻ جو سلسلو جاري هو ۽ خلائي مشن سَياري جي سطح تي لٿو ئي نہ هو تہ، مختلف قسمن جون ڪيتريون ئي اڏامندڙ مشينون خلا ۾ ظاهر ٿيون. انھن اڏامندڙ مشينن ڊسڪوري 2047 کي سَياري جي سطح تي پنھنجي مرضيءَ جي هنڌ تي لھڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
سَياري جي سطح تي لھڻ شرط ڊسڪوري 2047 جو ڪنٽرول مشن ۾ موجود خلا بازن جي هٿن مان نڪري ويو. ڌرتيءَ تان آيل ٽنھي خلابازن اڃان صورتحال کي سمجهيو ئي نہ هو تہ، ڊسڪوري 2047 جا دروازا پنھنجو پاڻ ئي کُلي ويا ۽ خلائي مخلوق جا ڪيترائي فرد اندر داخل ٿي ويا.
ڊسڪوري 2047 ۾ داخل ٿيل خلائي مخلوق جي اڳواڻ، ڌرتيءَ کان آيل خلاباز انسانن ڏانھن ڏسندي چيو، ”اسان جي سَياري جي مدار ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي، توهان جي مشن جو ڪنٽرول اسان جي هٿن ۾ اچي ويو هو. توهان پاران ڌرتيءَ ڏانھن موڪليل تصويرون بہ اسان جي مرضيءَ سان ئي ويون آهن.“
ڌرتيءَ تان آيل هڪ خلاباز انتھائي حيرت سان چيو، ”توهان تہ اسان جي ٻولي بہ ڄاڻو ٿا!“
خلائي مخلوق جي اڳواڻ وراڻيو، ”توهان انسانن جي ٻولي مون ڪجهہ انسانن کان ئي سکي آهي.“
خلاباز وڌيڪ حيرت ۽ پريشانيءَ منجهان پڇيو، ”ڇا مطلب... ڇا توهان اسان جي ڌرتيءَ تي وڃي چڪا آهيو!؟“
خلائي مخلوق جي اڳواڻ وراڻيو، ”ها، اسان ڌرتيءَ تي ويندا رهيا آهيون ۽ ڌرتيءَ تان انسانن کي کڻي بہ ايندا آھيون.“
ڌرتيءَ تان آيل ٽئي خلاباز انسانَ حيرت ۽ پريشانيءَ سبب ڪجهہ بہ ڳالھائي نہ سگهيا.
خلائي مخلوق جي اڳواڻ چيو، ”اسان جي بايولاجيڪل ليبارٽريز ۾ تجربن خاطر ڪيترا انسان اڳ ۾ ئي قيد ڪيل آهن. هاڻي اسان توهان ٽنھي کي بہ انھن ۾ شامل ڪري ڇڏينداسين.“

سپريم پاور

ٽين عالمي جنگ دوران، ايٽمي سائنسدان کان سپر ايٽم بم ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غلطي ٿي وئي. سپر ايٽم بم جا تابڪاري اثر بنا دير جي ڌرتيءَ جي سڄي گولي تي ڦھلجي ويا، جنھن ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وقت تباهي مچي وئي.
دنيا جي سموري انساني آبادي ختم ٿي وئي.
سائنسدان، سپر ايٽم بم جي تابڪاري اثرن کان بچاءَ خاطر پنھنجي ايجاد ڪيل لباس (Atomic protect wearing) ۾ هجڻ سبب، ڌرتيءَ جي گولي تي بچي ويل آخري انسان هو.
سائنسدان گهڻي عرصي تائين دنيا ۾ اڪيلو رهيو.
ڪيترن سالن جي اڪيلائيءَ سائنسدان کي زندگيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيو تہ هن خودڪشيءَ جو فيصلو ڪيو.
سائنسدان خودڪشي ڪرڻ لاءِ روالور ڏانھن هٿ وڌايو تہ، روالور تائين هٿ پھچڻ کان اڳ ئي، هڪ طرف کان آيل گولي سندس لوندڙيءَ ۾ اچي لڳي!

مصنوعي ذهانت واري عورت

سائنسدان سان سندس بيحد حَسين ۽ ذهين محبوبا بيوفائي ڪئي تہ کيس سخت صدمو پھتو. هن پنھنجي بيوفا محبوبا کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سائنسدان جي اڳوڻي محبوبا اڪثر پنھنجي نئين بواءِ فرينڊ سان گڏ ڊنر ڪرڻ کان پوءِ، رات جي وقت هڪ نيم ويران رستي تي پسار ڪندي هئي.
هڪ رات سائنسدان روالور کڻي اڳواٽ انھيءَ رستي تي هڪ وڻ جي پويان وڃي لڪي بيھي رهيو. ڪجهہ دير کان پوءِ سائنسدان کي ليمپ پوسٽ جي هلڪِي روشنيءَ ۾ پري کان اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ ايندي نظر آيا تہ، هن روالور ڪڍي پنھنجي هٿ ۾ مظبوطيءَ سان جهليو. هن چاهيو ٿي تہ اهي ٻئي سندس ڀرسان گذري اڳتي هليا وڃن تہ، جيئن هو ٻنھي تي پٺيان گولي هلائي. هن نٿي چاهيو تہ سندس حملي کان پوءِ جيڪڏهن اتفاقي طور تي ٻنھي منجهان ڪو هڪ بچي وڃي تہ، هو قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿي وڃي.
سائنسدان جي اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ هٿُ هَٿ ۾ ڏئي وڻ جي ڀرسان گذري اڳتي وڌي ويا. وڻ جي پويان لڪل سائنسدان، پنھنجي اڳوڻي محبوبا ۽ سندس بواءِ فرينڊ کي قتل ڪرڻ خاطر، پٺيان گولي هلائڻ لاءِ روالور سڌو ڪيو پر هو گولي هلائي نہ سگهيو. کيس احساس ٿيو تہ، ڪنھن بہ انسان کي مارڻ سندس وس جي ڳالھہ ناهي!
سائنسدان کي ڪنھن بہ انسان کي قتل ڪرڻ مشڪل لڳو تہ، هن پنھنجي اڳوڻي محبوبا جي همشڪل مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن هو انھيءَ باربي ڊول کي ماري پنھنجي اندر ۾ موجود انتقام جي باھہ کي وِسائي سگهي.
سائنسدان ڪيترين ئي راتين جي اوجاڳن کان پوءِ پنھنجي بيوفا محبوبا جي همشڪل مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول ٺاهي ورتي. هن ڪجهہ راتيون انھيءَ باربي ڊول سان گڏ گذاريون. مصنوعي ذهانت واري اها باربي ڊول سائنسدان جي هر حڪم جي تعميل ڪندي هئي...!
هڪ رات سائنسدان پنھنجي بيوفا محبوبا جي همشڪل باربي ڊول کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن پاڻ سان گڏ ستل باربي ڊول کي الماڙيءَ منجهان روالور کڻي اچڻ لاءِ چيو.
مصنوعي ذهانت واري باربي ڊول بستري تان اٿي الماڙيءَ ۾ پيل روالور ڪڍيو ۽ سائنسدان کي گولي هڻي ڇڏي.

آخري جنگ

بايولاجيڪل هٿيارن جي عالمي جنگ ۾ دنيا جا سڀ ماڻھو مري ويا. سائنسي ترقيءَ ۾ سڀ کان اڳڀري ملڪ جي هڪ شھر ۾ فقط ٻہ انسان زندھہ بچيا ۽ اهي ٻئي مرد هئا.
ڪيترن ڏينھن جي اڪيلائيءَ کان پوءِ ٻنھي مردن جي اوچتو ملاقات ٿي تہ، هنن گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو.
ٻَئي مرد فڪرمند رهندا هئا تہ، سندن مرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تان انسان جو وجود ختم ٿي ويندو، جو دنيا ۾ ڪابہ عورت موجود ناهي، جيڪا انساني نسل کي اڳتي وڌائي سگهي!
هڪ ڏينھن ٻَئي مرد انسانن کان خالي شھر جي هڪ رستي تان وڃي رهيا هئا تہ، کين هڪ اڪيلي عورت نظر آئي.
اڪيلي عورت نوجوان ۽ انتھائي حَسين هئي.
ٻَئي مرد عورت جي ڀرسان پھتا.
هڪ مرد عورت کي چيو، ”توکي ڏسي بيحد خوشي ٿي آهي.“
عورت وراڻيو، ”مون کي بہ توهان ٻنھي کي ڏسي بيحد خوشي ٿي آهي.“
ٻِئي مرد عورت کان پڇيو، ”ڇا تون اسان ٻنھي مان ڪنھن هڪ سان گڏ رهڻ چاهيندينءَ؟“
عورت مرڪي وراڻيو، ”جيڪڏهن توهان چاهيو تہ، مان توهان ٻنھي سان گڏ رهي سگهان ٿي.“
عورت جي ڳالھہ ٻنھي مردن کي نہ وڻي.
ٻَئي مرد وڙهي پيا ۽ هڪ مرد ٻِئي مرد کي قتل ڪري ڇڏيو.
عورت انتھائي حيرت ۽ ڏک واري انداز سان قاتل مرد کان پڇيو، ”تو پنھنجي دوست کي ڇو ماري ڇڏيو!؟“
مرد وراڻيو، ”مون کي تو ۾ شراڪت قبول نہ هئي. مان چاهيان ٿو تہ، تون فقط منھنجي ٻارن جي ماءُ بڻجين ۽ دنيا مان انساني وجود کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهين.“
عورت وراڻيو، ”مان تنھنجي ضرورت تہ پوري ڪري سگهان ٿي، پر ٻار نٿي ڄڻي سگهان.“
مرد پريشانيءَ منجهان پڇيو، ”پر ڇو... تون ٻار ڇو نٿي ڄڻي سگهين!؟“
عورت وراڻيو، ”ان ڪري تہ مان حقيقي عورت ناهيان. مان مصنوعي ذھانت واري روبوٽڪ ڊول آهيان.“

سمنڊ، سندري ۽ بادل

سمنڊ، بادل سان ڳالھائي رهيو هو تہ سندري سمنڊ ڪناري تي آئي. سمنڊُ، سندريءَ تي موهت ٿي پيو ۽ هن بادل سان گفتگو اڌ ۾ ڇڏي، سڄو ڌيان سندريءَ ڏانھن ڏٺو. بادل کي سمنڊ جي بي رخي نہ وڻي ۽ هو سمنڊ کان ناراض ٿي ويو.
سمنڊَ جي لھرن اڳتي وڌي سندريءَ جي پيرن کي چميو تہ سندري پنھنجي پيرن ۾ لھرن کي ڏسي مُرڪي پئي. سمنڊَ کي سندريءَ جي مُرڪ ويتر موهي وڌو. سمنڊ بي اختيار ٿي پنھنجي لھرن سان سندريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سمنڊ جي ڀاڪر ۾ اچي سندريءَ ٽھڪ ڏنا تہ سمنڊ مست ٿي ويو. سمنڊ جي مستي محسوس ڪري سندري ڊڄي وئي ۽ هن خشڪيءَ طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو. سمنڊ جي لھرن سندريءَ جو پيڇو ڪيو پر سندري سمنڊ ڪناري پيل پٿرن مٿان چڙهي وئي. سمنڊَ، پٿرن مٿان بيٺل سندريءَ کي ڇنڊا هڻي سڏيندو رهيو پر سندري هيٺ نہ لٿي. ڪجهہ دير کان پوءِ سندري اتان هلي وئي تہ سمنڊ اداس ٿي پيو.
ان ڏينھن کان وٺي سمنڊ بيچين رهڻ لڳو. هو روز صبح کان وٺي سندريءَ جو انتظار ڪندو هو. ڏينھن گذرڻ سان گڏ سمنڊ جي بيچيني وڌڻ لڳندي هئي ۽ شام کان پوءِ هو ديوار سان ٽڪرائجڻ لڳندو هو.
سمنڊ ڪيترائي ڏينھن سندريءَ جو انتظار ڪيو پر سندري وري سمنڊ ڪناري نہ آئي. سمنڊ سڄو ڏينھن سندريءَ جو انتظار ڪرڻ کان پوءِ، رات جو چنڊ کي منٿون ڪندو هو تہ، هو سُندريءَ تائين سندس نياپو پھچائي ۽ سندريءَ کي سندس بيچينيءَ بابت ٻُڌائي پر چنڊُ، سمنڊ کي نظر انداز ڪري پنھنجو سفر جاري رکندو هو. جيئن جيئن چنڊ مٿي چڙهندو هو، تيئن سمنڊ جي بيچيني وڌڻ لڳندي هئي.
ڪيترن ڏينھن کان پوءِ بادل آيو تہ سمنڊَ، بادل ڏانھن ڏسي کيس منٿ ڪئي تہ هو سندريءَ کي ڳولي ۽ کيس ٻُڌائي تہ، سمنڊَ هن لاءِ بيچين آهي ۽ کيس سڏي ٿو.
بادل، سندريءَ خاطر کيس نظر انداز ڪرڻ سبب سمنڊ کان ناراض هو، پر بادل کي سمنڊ جي بيچينيءَ سبب، سمنڊ تي رحم اچي ويو ۽ هو سندريءَ جي ڳولا ۾ هليو ويو.
بادل ڪيترن ئي ڏينھن تائين شھرن، ڳوٺن، وستين، واهڻن، پھاڙن ۽ صحرائن مٿان مٿان هلندو ۽ سندريءَ جي ڳولا ڪندو رهيو پر هن کي ڪٿي بہ سندري نظر نہ آئي. گهڻي وقت جي ڳولا کان پوءِ، هڪ ڏينھن بادل اونچائيءَ تان سندريءَ کي ڏسي ورتو. سندريءَ کي سمنڊ جو نياپو ڏيڻ لاءِ بادل هيٺ لھي آيو. سندريءَ کي ڀرسان اچي ڏسڻ کان پوءِ، بادل پاڻ سندريءَ تي موهجي پيو ۽ هن سندريءَ کي سمنڊ جو نياپو نہ ڏنو.
هزارين صديون گذري ويون آهن پر سمنڊ اڄ تائين سندريءَ لاءِ بيچين آهي!

چنڊ، چڪور ۽ سُندري

چڪورَ سُندريءَ کي گذارش ڪئي، ”مھرباني ڪري تون چنڊ کي چئو تہ هڪ هنڌ بيھي، جيئن مان سِڌو چنڊ تائين پھچي سگهان.“
سُندريءَ مرڪي وراڻيو، ”منھنجي چوڻ سان چنڊ پنھنجي مدار تي ڦِرڻ ڇڏي تہ نہ ڏيندو!“
چڪور چيو، ”تنھنجي چوڻ سان تہ موسمون تبديل ٿي سگهن ٿيون، ستارا آسمان تان لھي ڌرتيءَ تي وڇائجي سگهن ٿا، گلَ ۽ پوپٽَ پنھنجا رنگ تبديل ڪري سگهن ٿا، پھاڙَ پنھنجي جاءِ تان سُري سگهن ٿا، آبشار انڊلٺ جھڙا رنگ اختيار ڪري سگهن ٿا!“
سُندريءَ حيرت سان پڇيو، ”اهو سڀ ڪجهہ ڪيئن ممڪن آهي!“
چڪور وراڻيو، ”جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهہ ممڪن نہ هجي ها تہ، مان چنڊ کي هڪ هنڌ بيھارڻ لاءِ توکي نہ چوان ها!“
سندري سوچ ۾ پئجي وئي.
چڪورَ چيو، ”تون پنھنجي سامھون موجود آبشار کي چئي ڏس.“
سُندريءَ سامھون ڏسي رڙ ڪئي، ”آبشار... انڊلٺ جھڙو ٿي ڏيکار....!“
واديءَ مان اڃان سُندريءَ جي آواز جو پڙاڏو ختم ئي نہ ٿيو تہ، آبشار جو پاڻي انڊلٺ جي ستن رنگن ۾ بدلجي ويو!
سندري حيران ٿي وئي.
چڪور پنھنجي گذارش کي ورجايو، ”سندري، مھرباني ڪري تون چنڊ کي چئو تہ هڪ هنڌ بيھي، جيئن مان سِڌو چنڊ تائين پھچي سگهان.“
سُندريءَ مُرڪي وراڻيو، ”ها، مان رات جو چند کي چونديس تہ هڪ هنڌ بيھي رهي.“
رات جو چنڊ کڙيو تہ، سُندريءَ چنڊ ڏانھن ڏسي رڙ ڪئي، ”او چنڊ...! هڪ هنڌ بيھي رھہ... جيئن تنھنجو عاشق... چڪور سڌو تو تائين پھچي سگهي!“
چنڊ هيٺ لھي سندريءَ جي چھري جي سامھون پھچي چيو، ”منھنجا عاشق تہ بيشمار آهن پر... مان فقط توتي عاشق آهيان.“

محبت جو نظم

مون ڪيترا سال اڳ، پھريون ڀيرو هن کي سمنڊ جي ڪناري تي ڏٺو هو. هن کي ڏسڻ کان پوءِ، منھنجي دل هن سان گڏ هلي وئي هئي.
مان هن کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ روز سمنڊ جي ڪناري تي ويندو هئس، هن جو انتظار ڪندو هئس پر هوءَ ڪيترن سالن تائين وري ڪڏهن بہ مون کي نظر نہ آئي ۽ نہ ئي هن سان گڏ ويل منھنجي دل واپس آئي!
ڪيترن سالن جي انتظار کان پوءِ هوءَ مون کي ٻيھر سمنڊ جي ڪناري تي نظر آئي تہ، مون هن جي ڀرسان وڃي پڇيو، ”مون کي سڃاڻين ٿي؟“
انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيائين، ”مان فقط سمنڊ کي سڃاڻندي آهيان!“
چيم، ”ڪيترا سال اڳ منھنجي دل توسان گڏ هلي وئي هئي!“
هن بي نيازيءَ سان وراڻيو، ”مون سان گڏ تہ هوائون ۽ بادلَ هلندا آهن. مون کي تنھنجي دل جي خبر ناهي!“
چيم، ”توکي پھريون ڀيرو ڏسڻ کان پوءِ، ٻيھر ڏسڻ لاءِ مون ڪيترائي سال روز تنھنجو انتظار ڪيو آهي!“
هن حيرت سان مُرڪي مون ڏانھن ڏٺو.
ڊگهو ساھہ کڻي چيم، ”ڪيترا سال اڳ جڏهن مون پھريون ڀيرو توکي ڏٺو هو ۽ منھنجي دل توسان گڏ هلي وئي هئي، تڏهن مون تنھنجي لاءِ محبت جو نظم لکيو هو. ايترا سال گذرڻ کان پوءِ، هاڻي تہ انھيءَ ڪاغذ جا اکر بہ ڌنڌلا ٿي ويا آهن!“
منھنجي ڳالھہ ٻُڌي هن مُرڪي مون ڏانھن ڏٺو تہ، سمنڊ جي هڪ لھر اوچتو ويجهو اچي ڇنڊا هنيا!
سمنڊ جھڙي هلڪي نيري رنگ جي لباس ۾ هن جي ڀنل جسم ڏانھن ڏسندي چيم، ”انھيءَ کان اڳ جو اکر ميسارجي وڃن، مان اهو محبت جو نظم توکي ڏيڻ چاهيان ٿو. انھيءَ لاءِ مون کي تنھنجي دل جي ايڊريس گهرجي.“
هن جلترنگ جھڙو ٽھڪ ڏئي چيو، ”محبت جو نظم مون کي سمنڊ جي ايڊريس تي موڪلي ڇڏجانءِ!“
اهو چئي هوءَ سمنڊ ڏانھن هلي وئي!

سپنو ۽ ساڀيان

بيحد خوشيءَ منجهان مون ڏانھن ڏسندي چيائين، ”مان خواب پئي ڏسان يا واقعي توهان منھنجي سامھون موجود آهيو!“
مون ڪو بہ جواب نہ ڏنو، فقط مُرڪي پيس.
هوءَ ڪجهہ دير منھنجي مُنھن ۾ چِتائي ڏسندي رهي. مُرڪندي رهي ۽ پوءِ ڪو خيال سندس ذهن ۾ آيو تہ چيائين، ”پاڻ کي چھنڊي هڻي ڏسان، جيئن پَڪَ ٿئي تہ توهان حقيقت ۾ منھنجي سامھون آهيو!“
مون پنھنجو هٿ هن ڏانھن وڌائي مُرڪي وراڻيو، ”چھنڊي پاڻ کي نہ مون کي پاءِ، جيئن مون کي بہ خبر پوي تہ تون سچ ۾ منھنجي سامھون آهين!“
هن ڪنڌ هيٺ ڪري هڪدم منھنجي هٿ تي چھنڊي پائي خوشيءَ منجهان چيو، ”توهان تہ حقيقت ۾ مون سان گڏ آهيو. مان خواب نہ پئي ڏسان!“
مون ڊگهو ساھہ کڻي وراڻيو، ”مان هڪ خواب ئي آھيان!“
هن منھنجي هٿ تان اکيون مٿي کڻي، منھنجي چھري ڏانھن ڏٺو پر مون کي نہ ڏسي سگهي، جو سندس سپنو پورو چڪو هو!

هٿ تي موجود شھر

هوءَ ٽيبل جي ٻئي پاسي منھنجي سامھون ويٺي هئي.
مون ڪجهہ دير هن ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجو هٿ کولي ڏسڻ لڳس. مون ڏاڍي غور سان لڳاتار پنھنجي هٿ کي پئي ڏٺو.
پڇيائين، ”پنھنجي هٿ کي مسلسل ڇو پيو ڏسين! ڇا آهي تنھنجي هٿ تي؟“
ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ وراڻيم، ”منھنجي هٿ تي هڪ شھر آهي، جنھن ۾ ريکائن جي صورت ۾ بيشمار ڏنگيون ڦڏيون ۽ آڏيون ابتيون گهٽيون آهن!“
پڇيائين، ”ڇا پيو ڪرين تون هٿ جي لڪيرن وارين انھن گهٽين ۾؟“
پنھنجي هٿ ريکائن ۾ وڌيڪ غور سان ڏسندي وراڻيم، ”مان انھن گهٽين ۾ توکي پيو ڳوليان!“
پڇيائين، ”ڪڏهن کان پيو مون کي انھن گهٽين ۾ ڳولين؟“
هن ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ چيم، ”تڏهن کان، جڏهن مون توکي پھريون ڀيرو ڏٺو هو...!“
حيرت سان چيائين، ”اڃان تائين نہ ڳولي سگهيو آهين!“
پنھنجي هٿ تان نظر هٽائڻ کان سواءِ وراڻيم، ”مان انھن آڏين ابتين گهٽين ۾ ڀلجي پيو آهيان!“
منھنجي هٿ کي پنھنجي هٿ ۾ جهلي پاڻ ڏانھن سوري چيائين، ”تنھنجي هٿ تي فقط ڏنگين ڦَڏين گهٽين جهڙيون ريکائون ناهن. آڱرين تي ڪيتريون ئي سڌيون لڪيرون بہ تہ آهن!“
مون پنھنجين آڱرين کي ڏسندي چيو، ”منھنجي آڱرين تي موجود سڌيون لڪيرون اهڙن رستن جيان آهن، جيڪي منھنجي هٿ تي موجود شھر کان ٻاھر ويندا آهن!“
هن پنھنجيون آڱريون منھنجي کُليل هٿ جي آڱرين مٿان رکندي چيو، ”مون ڏانھن ڏس!“
مان پنھنجي هٿ ريکائن ۾ ڀٽڪندو رهيس، هن کي ڳوليندو رهيس.
چيائين، ”تنھنجي هٿ تي موجود شھر جو سمنڊ تہ منھنجين اکين ۾ آهي. منھنجي اکين ڏانھن تہ ڏس نہ...!“
مون هن جي سمنڊ جھڙين نيرين اکين ڏانھن نہ ڏٺو.
هن ڊگهو ٿڌو ساھہ کنيو تہ، مون کي سندس ساھہ جو آواز طوفان جھڙو محسوس ٿيو.
مان هن کي پنھنجي هٿ جي لڪيرن ۾ ڳوليندو رهيس. ڪجهہ دير کان پوءِ مون ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو تہ هوءَ وڃي چڪي هئي!
مون پنھنجيون اکيون آليون ٿيندي محسوس ڪيون. ڪنڌ هيٺ ڪيم تہ، منھنجي هٿ تي موجود شھر مٿان بارش ٿيڻ لڳي

پاڙيسري

شھر، جهنگُ، پھاڙُ ۽ سمنڊُ پاڙيسري هئا.
شھر کي پنھنجي ترقيءَ تي فخر هو.
شھر پنھنجي پاڙيسرين کي چيو، ”توهان ٽئي منھنجي نظر ۾ غير اهم آهيو.“
جهنگ، شھر کي چيو، ”اها تنھنجي غلط فھمي آهي. تنھنجيون ڪيتريون ئي ضرورتون مان پوريون ڪندو آهيان ۽ تنھنجي ماحولياتي سونھن منھنجي ڪري ئي برقرار آهي!“
شھر کي جهنگ جي ڳالھہ نہ وڻي.
پھاڙ، شھر کي چيو، ”اها تنھنجي غلط فھمي آهي. تنھنجا ڪيترائي شھر واسي توکان بيزار ٿي، روز منھنجي تفريحي ماڳن تي اچي سُک جون ڪڄھہ گهڙيون گذاريندا آهن!“
شھر کي پھاڙ جي ڳالھہ نہ وڻي.
سمنڊ، شھر کي چيو، ”اها تنھنجي غلط فھمي آهي. منھنجيون هوائون توکي گرميءَ جي شدت کان بچائينديون آهن!“
شھر کي سمنڊ جي ڳالھہ نہ وڻي.
شھر ٽنھي پاڙيسرين کي ڪاوڙ مان چيو، ”ترسو، ڪجهہ وقت اندر مان توهان کي ضرور سبق سيکاريندس!“
شھر جهنگ ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو ۽ جهنگ کي ڳڙڪائي ويو. شھر پھاڙ مٿان چڙهي ويو تہ پھاڙ تي موجود تفريح گاھہ ۽ جهنگلي جيوت ختم ٿي ويو. انھيءَ کان پوءِ شھر، سمنڊ جي حدن تي قبضو ڪري بيشمار گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي ڇڏيون تہ سمنڊ شھر کان ناراض ٿي، پنھنجي اصل حدن کان گهڻو پوئتي هليو ويو!
هاڻي شھر اهڙو جهنگ بڻجي ويو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڪنڪريٽ جا بيشمار پھاڙ آهن. هوائون شھر کان رُسي ويون آهن ۽ شھر جي ماڻھن لاءِ ساھہ کڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي!

بادشاھہ جي بانسري

بادشاھہ بانسري وڄائي رهيو هو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”ماڻھن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهہ ناهي، بک مري رهيا آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”معصوم ٻارڙن جي اغوا ٿيڻ ۽ انھن سان ڏاڍائي ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن. اهڙن ڪيترن معصوم ٻارڙن جا لاش بہ ملي رهيا آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”غيرت جي نالي ۾ عورتن جي قتل جا واقعا وڌي ويا آهن. انھن ۾ ڪيتريون بي قصور عورتون بہ شامل آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”انصاف مھانگو ٿي ويو آهي. عدالتن بدران اوطاقن تي فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ ڏوهارين بدران بي ڏوهي ماڻھن کي سزائون ڏنيون پيون وڃن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”بدامني وڌي وئي آهي. ماڻھو شاهراهن، گهٽين ۽ گهرن ۾ بہ محفوظ ناهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”وبا جو راڪاس اسان جي ملڪ ۾ زندگيون ڳڙڪائيندو ٿو وتي ۽ مسڪين ماڻھو واهر جي آسري تي چيڀاٽجي ۽ لتاڙجي رهيا آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”ماڻھو چيچلائي رهيا آهن، رڙيون ڪري رهيا آهن!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاھہ کي ٻُڌايو، ”هاڻي رعايا ڏاڍو بيزار ٿي پئي آهي ۽ ڪنھن بہ وقت ڪا باھہ ڀڙڪي سگهي ٿي!“
بادشاھہ بانسري وڄائيندو رهيو.
تبديليءَ جي اها بي سُري بانسري اڄ تائين وڄندي رهي ٿي!

بندرا نِيرُو

ڪيترن ئي بيگناھہ پورهيتن کي قتل ڪيو ويو. قتل ٿيل پورهيتن جا وارث پنھنجن پيارن جا لاش رستي تي رکي ويھي رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
بي سمجهہ معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انھن سان ڏاڍائي ڪرڻ کان پوءِ، کين قتل ڪري سندن لاش اڇلائڻ جا واقعا وڌي ويا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
ڪيترين ئي بي گناھہ عورتن تي بدڪاريءَ جا الزام مڙهي کين ماريو، ڪُٺو ۽ ڳڀا ڳڀا ڪيو پئي ويو.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
رستي ويندڙ انسانن کي سلطنت جي سپاهين بنا ڪنھن ڏوھہ جي نشانو بڻائي مارڻ شروع ڪيو. سندن وارث ريھاٽ ڪري ماتم ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
سلطنت جي سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيندا رهيا. قبضو ڪندڙن هٿان گهٽيون، شاهراهون، راندين جا ميدان ۽ قبرستان بہ محفوظ نہ رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پئي ويو. ڪنھن بہ اداري کنڀجي ويل ماڻھن جي ذميواري قبول نہ پئي ڪئي. خبر نٿي پئي تہ، کنڀي گم ڪيل ماڻھن کي زمين ڳھي وئي يا آسمان کائي ويو.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوان زندگيءَ کان مايوس ٿي خودڪشيون ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
ڳرا ٽيڪس مڙهي رعايا جي چيلھہ چٻي ڪئي وئي. سلطنت ۾ هر طرف بک، بدحالي، مصيبتون، پريشانيون، بيماريون ۽ وبائون پکڙجي ويون.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
عدالتن بدران طاقتور سردارن جرڳا ڪري ماڻھن تي ڏنڊ مڙهڻ ۽ سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ اهي سردار ڏوهارين جي پٺڀرائي بہ ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
خلق جو جيئڻ جنجال ٿي ويو تہ، سلطنت ۾ هر طرف کان رڙين، ريھن، واڪن ۽ پاراتن جا آواز گونجڻ لڳا.
نيروءَ پنھنجي چپن تان بانسري ٿوري پاسيري ڪري، سخت ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي، ”مان اهي سڀ آواز نٿو ٻڌڻ چاهيان!“
نيروءَ جي چوڌاري ڪيترائي ننڍڙا بندرا نيرو موجود هئا. انھن سڀني ننڍڙن بندرن نيرُن، نيروءَ کان وڌيڪ وڏي آواز سان بانسريون وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيون!

پينڊورا جي پيتي

ڪنھن زماني ۾ هڪڙو هو رانديگر، جيڪو اتفاقي طور تي بادشاھہ بڻجي ويو هو. رانديگر بادشاهي تخت تي ويٺو تہ، هن پھريون فرمان اهو جاري ڪيو تہ، پينڊورا جي پيتي سندس خدمت ۾ حاضر ڪئي وڃي.
شاهي سپاهي پينڊورا جي گهر پھتا.
بادشاهي قاصد پينڊورا کي شاهي فرمان بابت ٻُڌايو تہ، پينڊورا پريشان ٿي وئي. چيائين، ”منھنجي پيتيءَ ۾ ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون بند پيل آهن!“
قاصد وراڻيو، ”اسان جو ڪم بادشاھہ سلامت جي حڪم جي تعميل ڪرڻ آهي.“
شاهي سپاهين پينڊورا جي پيتي کنئي تہ، پينڊورا پاڻ بہ پيتيءَ سان گڏ بادشاهي درٻار ۾ پھتي.
بادشاھہ پينڊورا جي پيتي کولڻ جو حڪم ڏنو تہ، پينڊورا پريشانيءَ منجهان رڙ ڪئي، ”منھنجي پيتيءَ ۾ ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون بند پيل آهن. انھن کي ٻاهر نہ ڪڍو.“
بادشاھہ پينڊورا ڏانھن چتائي ڏسندي چيو، ”تو بہ تہ اها پيتي کولي هئي!“
پينڊورا ڊگهو ساھہ کڻي وراڻيو، ”هزارين سال اڳ مون تہ اها پيتي کولي غلطي ڪئي هئي. توهان انھيءَ کي ٻيھر نہ کوليو.“
بادشاھہ پينڊورا تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پيتي کولڻ جو حڪم ڏنو.
بادشاھہ جي حڪم تي پينڊورا جي پيتي کولي وئي تہ، هر طرف ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون ڦھلجي ويون.
پينڊورا جون اکيون آليون ٿي ويون. ڏک سان بادشاھہ ڏانھن ڏسندي پڇيائين، ”توهان ٻيھر منھنجي پيتي کولي ماڻھن کي ڏکن، بيمارين، وبائن ۽ مصيبتن ۾ ڇو مبتلا ڪري ڇڏيو!؟“
بادشاھہ مرڪي وراڻيو، ”ان ڪري تہ مون کي پنھنجي بادشاھت برقرار رکڻي آهي!“
* پينڊورا يوناني ڏندڪٿائي ڪردار آهي. يوناني ميٿالاجي مطابق دنيا هر قسم جي مصيبتن کان آجي هئي پر جڏهن پينڊورا پنھنجي پيتي کولي تہ سندس پيتيءَ مان وبائون، بيماريون، پريشانيون ۽ هر قسم جون مصيبتون دنيا ۾ پکڙجي ويون.

ڀولڙن جو بادشاھہ

ڪنھن زماني جي ڳالھہ آهي تہ، هڪ ملڪ ۾ ڀولڙن جي آبادي انسانن کان وڌيڪ ٿي وئي.
هڪ ڏينھن شھر ۾ اوچتو بيشمار ڀولڙا گهڙي آيا.
ڪيترن ڀولڙن جي هٿن ۾ لٺيون هيون، ڪيترن جي هٿن ۾ پٿر هئا ۽ ڪجهہ ڀولڙن جي هٿن ۾ بندوقون بہ هيون.
ڀولڙن شھر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي انسانن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا.
لٺ بردار ڀولڙا انسانن جا هڏ گُڏَ پڃڻ لڳا.
پٿر کڻي آيل ڀولڙن ماڻھن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا.
بندوق بردار ڀولڙا ٻانھون لوڏيندا ۽ گوليون هلائيندا رهيا.
شھر ۾ انسانن جا لاش ڪِرڻ لڳا ۽ رستا رت سان ريٽا ٿي ويا.
سڄي شھر تي خوف ڇانيل هو ۽ انسانَ پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙي رهيا هئا.
شھر جي وڏي چوواٽي تي افراتفريءَ جي وچ ۾ هڪ ماڻھو مائيڪ هٿ ۾ جهلي تقرير ڪري رهيو هو، ”مان دنيا جي سڀني بادشاهن جي اڳواڻي ڪري تحريڪ هلائيندس ۽ سڄي دنيا ۾ تبديلي آڻي ڏيکاريندس.....“
هڪ شخص انسانن جي ڀاڄ ۾ پنھنجو ڀرسان ڊوڙندڙ ڏاهي کان حيرت سان پڇيو، ”هي چريو ڪھڙيون ڳالھيون پيو ڪري!؟“
ڏاهي ڊوڙندي ۽ سھڪندي وراڻيو، ”جيئن ڀولڙي کي بندوق هٿ اچي وڃي تہ ڪنھن کي بہ هڻي سگهي ٿو، تيئن اناڙيءَ کي مائيڪ ملي وڃي تہ ڪجهہ بہ چئي سگهي ٿو....!“

انصاف جو دڪان

پُراڻي زماني جي ڳالھہ آهي تہ، هڪ سلطنت ۾ شھر جي هڪ دڪان تي وڪري جو ظاهري طور تي ڪوبہ وَکر موجود نہ هو پر هڪ تارازي رکيل هئي. انھيءَ دڪان تي تارازيءَ جي پويان اڇي مٿي وارو هڪ شخص ويٺل هو.
هڪ واپاري دڪان تي آيو. واپاريءَ تارازيءَ جي هڪ پُڙَ کي چانديءَ جي سِڪن سان ڀري ڇڏيو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، چانديءَ جي قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾ انصاف وجهي، تورَ ڪري واپاريءَ کي ڏئي ڇڏيو.
واپاري، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي هليو ويو.
هڪ دولتمند ماڻھو دڪان تي آيو. دولتمند ماڻھوءَ تارازيءَ جي هڪ پُڙَ کي سونَ جي سِڪن سان ڀري ڇڏيو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، سونَ جي قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾ انصاف وجهي، تورَ ڪري دولتمند ماڻھوءَ کي ڏئي ڇڏيو.
دولتمند شخصُ، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي هليو ويو.
هڪ امير دڪان تي آيو. امير تارازيءَ جي هڪ پُڙَ ۾ ايترا هيرا جواهر وڌا جو اُهي تارازيءَ جي پُڙَ کان بہ ٻاهر نڪري آيا.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، هيرن جواهرن جي قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾ انصاف وجهي، تورَ ڪري امير کي ڏئي ڇڏيو.
امير، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي هليو ويو.
هڪ غريب ماڻھو دڪان تي آيو ۽ انصاف جي اميد سان تارازيءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، غريب ماڻھوءَ کي تارازيءَ ۾ ڪجهہ وجهڻ جو اشارو ڏنو.
غريب ماڻھوءَ چيو، ”منھنجو پيٽ ۽ کيسو، ٻئي خالي آهن. انصاف جي تارازيءَ ۾ وجهڻ لاءِ مون وٽ ڪجهہ بہ ناهي!“
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص وراڻيو، ”دڪان بند ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي!“
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، غريب ماڻھوءَ کي دڪان مان ٻاهر ڪڍي، انصاف جي دڪان جو در بند ڪري ڇڏيو!

صدين تائين ورجائجندڙ آکاڻي

پراڻي زماني جي آکاڻي آهي تہ، هڪڙي ملڪ تي هڪ ظالم ۽ جابر بادشاھہ حڪومت ڪندو هو. رياست ۾ انسانَ جانورن جھڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا پر بادشاھہ سلامت کي رعايا جي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي. هو پنھنجي بادشاهت کي برقرار رکڻ لاءِ رعايا تي روز پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا مڙهيندو هو ۽ ڪنھن بہ قسم جي ڏاڍَ ۽ جبر ڪرڻ کان نہ ڪيٻائيندو هو.
ملڪ جي رعايا بادشاھہ جي جبر ۽ ظلم سبب بيزار ٿي پئي. اهڙين حالتن سبب رياست جي ڏاهن ماڻھن بادشاھہ جي خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ، بادشاهي محل مان شاهي فرمان جاري ٿيو، ”ملڪ جو ڪوبہ ماڻھو ڪنھن بہ ڏاهي جي ڳالھہ نہ ٻُڌي.“
رياست جي ڪيترن ئي ماڻھن انھيءَ شاهي فرمان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ملڪ جي جيترن ماڻھن شاهي فرمان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھہ انھن سڀني ماڻھن جي ڪنن ۾ شيھو وجهرائي، انھن سڀني کي ٻُڌڻ جي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو!
بادشاھہ جي اهڙي ڏاڍ خلاف ڏاهن آواز بلند ڪيو تہ، بادشاهي محل مان ٻيو فرمان جاري ڪيو ويو، ”ملڪ جا ڏاها بادشاھہ سلامت جي خلاف ڳالھائڻ بجاءِ زبان بند رکن ۽ موٽ ۾ بادشاهي محل ۾ حاضر ٿي وظيفو حاصل ڪن. زبان بند رکڻ وارن ڏاهن کي شانائتو شاهي وظيفو ڏنو ويندو، جڏهن تہ بادشاھہ سلامت جي ثنا خواني ڪندڙ ڏاهن کي وڌيڪ مالا مال ڪيو ويندو.“
اهڙو شاهي فرمان ٻُڌي، ڏيھہ اڪثر ڏاها بادشاهي محل ۾ وڃي حاضر ٿيا ۽ انھن سڀني بادشاھہ سلامت کي بار بار فرشي سلامَ ڪيا. انھن ڏاهن پنھنجي ڏاهپ وڪڻي، مال متاع ورتو. انھن جو ظيفو بہ مقرر ڪيو ويو تہ، کين بادشاهي تمغا بہ عطا ڪيا ويا.
ڏيھہ جي ڪجهہ ڏاهن مراعتن جي بدلي ۾ پنھنجي ذهن ۽ ضمير جو سودو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
انڪاري ڏاهن کي سزا ڏيڻ لاءِ بادشاھہ حڪم جاري ڪيو، ”انڪار ڪندڙ سڀني ڏاهن جون زبانون وڍيون وڃن.“
بادشاهي حڪم مطابق ڪيترن ئي ڏاهن جون زبانون وڍيون ويون پر ڪجهہ ڏاها لِڪِي ويا. اهي لِڪِي ويل ڏاها، لڪل نموني رعايا ۾ شعور بيدار ڪندا رهيا ۽ پوءِ هڪ ڏينھن اهڙو بہ آيو جو، جابر بادشاھہ خلاف رياست جي رعايا اٿي کڙي ٿي ۽ بادشاھہ کي پنھنجي ئي ملڪ ۾ لِڪَڻَ جي جاءِ نٿي ملي!
انھيءَ آکاڻيءَ جي ليکڪ، اها آکاڻي لکڻ کان پوءِ هيٺان لکيو هو تہ، ”منھنجي هي آکاڻي صدين تائين ورجائبي رهندي ۽ هڪ ڏينھن اهڙو بہ ايندو، جڏهن دنيا مان جبر جو خاتمو ٿي ويندو!“

قيدي شھر

شھر جي چوڌاري ديوار ڏياري، سڄي شھر کي قيدخانو بڻايو ويو ۽ عوام کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ڳالھائڻ تي بندش پئي تہ هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو، ”جيڪڏهن زبان کوليندين تہ تنھنجي زبان وڍي ڇڏينداسين.“
هن پنھنجي زبان بند ڪري ڇڏي.
ٻُڌڻ تي بندش وڌي وئي تہ هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو، ”جيڪڏهن ٻُڌڻ بند نہ ڪندين تہ تنھنجي ڪنن ۾ شيھو وجهي ڇڏينداسين.“
هن پنھنجي ڪنن ۾ ڪپھہ وجهي ڇڏي.
ڏسڻ تي پابندي لڳي تہ هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو، ”جيڪڏهن ڏسڻ بند نہ ڪندين تہ تنھنجيون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.“
هن پنھنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
سوچڻ تي بندش جو فرمان جاري ٿيو تہ هن حڪم جي انحرافي ڪندي رڙ ڪئي، ”سوچَ تي پھرو نٿو لڳائي سگهجي!“
کيس چيو ويو، ”جيڪڏهن سوچڻ بند نہ ڪندين تہ توکي ماري ڇڏينداسين.“
هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
هاڻي هو شھر جي چوڌاري ڏنل ديوار کي ڊاهڻ ۽ آزاديءَ جا خواب ڏسي رهيو آهي!

هڪ مُلڪ جو منظر نامو

ڪنھن زماني جي ڳالھہ آهي تہ، هڪ ملڪ جي سرحدن اندر بہ هڪ سرحد هئي.
ملڪ جي اندرئين سرحد جي هڪ طرف طاقتور ماڻھو رهندا هئا، جن وٽ زندگيءَ جون سڀ آسائشون موجود هيون. اهي سگهارا ماڻھو ملڪ جي اندرئين سرحد جي ٻئي پاسي رهندڙ هيڻن ماڻھن تي پنھنجي مرضيءَ جا حڪم مڙهيندا هئا. حڪم نہ مڃيندڙن لاءِ سخت ترين سزائون مقرر ٿيل هيون.
ملڪ جي اندرئين سرحد جي ٻئي پاسي رهندڙ ڪمزور ماڻھن کي زندگيءَ جا بنيادي انساني حق بہ حاصل نہ هئا. اهي ذلتن جا ماريل ماڻھو ساھہ بہ ڊڄي ڊڄي کڻندا هئا تہ، متان ساھہ کڻڻ جي ڏوھہ ۾ کين سزا نہ ڏني وڃي.
هڪ قدآور باغي شخصَ، سگهارن ماڻھن خلاف بغاوت جو عَلم بلند ڪيو تہ، سگهارن ماڻھن کيس ڦاهي ڏئي ڇڏي ۽ بنديخانن کي بغاوت جي علمبردار جي حامين سان ڀري ڇڏيو.
هڪ هٿين خالي بهادر نياڻيءَ سگهارن ماڻھن کي للڪاريو تہ، کيس تير سان نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو.
هڪ ٿُلھي ماڻھوءَ پاڻ کي سگهارن ماڻھن خلاف باغي ظاهر ڪيو تہ، مصيبتن جا ماريل ماڻھو آهستي آهستي سندس چوڌاري مِڙندا ويا.
سگهارن ماڻھن ٿلھي ماڻھوءَ ڏانھن اک کڻي ڏٺو تہ ٿلھو ماڻھو اک بچائي، پنھنجي ديس جي سرحد پار ڪري ٻئي ملڪ ڏانھن هليو ويو.
ڪمزور ماڻھن پاڻ کي بيوس سمجهڻ بدران هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ شروع ڪيو تہ طاقتور ماڻھن پاران، پنھنجن ڪجهہ ماڻھن جو ويس مٽائي کين ڪمزور ماڻھن ڏانھن موڪليو ويو.
ويس مٽائي آيل اهي ماڻھو پاڻ کي هيڻن جا مسيحا چئي هجوم جي اڳيان اچي بيٺا.
ڪمزور ماڻھن، مصيبتن کان نجات ڏيارڻ جي دعويدارن ڏانھن غور سان ڏٺو تہ، اهي قدآور بدران ڪوتاھہ قد نظر آيا.
هيڻن جي هجوم سگهارن ماڻھن طرفان موڪليل ٻھروپين تي اعتبار نہ ڪيو تہ، سگهارن کي سخت ڪاوڙ لڳي.
طاقتور ماڻھن هيڻن جي هجوم کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مصيبتن جي ماريل ماڻھن جو هجوم منتشر ٿيڻ بدران مظبوط ٿيندو ويو ۽ پنھنجي ئي اندران ڪنھن قدآور ماڻھوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ٽوپي ڊرامو

عام ماڻھو شھر ۾ گندگيءَ جي شڪايت کڻي شھر جي قاضيءَ وٽ پھتو.
قاضيءَ عام ماڻھوءَ کي لکت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ چيو.
عام ماڻھوءَ لکت ۾ درخواست ڏني.
قاضيءَ شھر جي نگران ڏانھن پڇاڻو ڪرڻ لاءِ خط لکيو. انھيءَ کان پوءِ هن پنھنجي ٽوپي لاهي شھر جي نگران واري ٽوپي پاتي ۽ شھر جي نگران جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
شھر جي نگران جي حيثيت سان هن صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ ڏانھن پڇاڻي جو خط لکيو. انھيءَ کان پوءِ هن صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ واري ٽوپي پاتي ۽ صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ جي حيثيت سان هن شھر جي قاضيءَ ڏانھن خط لکيو، جنھن ۾ هن ڄاڻايو تہ شھر ۾ گندگيءَ جو ذميوار عام ماڻھو آهي. انھيءَ کان پوءِ هن شھر جي قاضيءَ واري ٽوپي پاتي ۽ واپس قاضيءَ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
شھر جي قاضيءَ عام ماڻھوءَ کي طلب ڪيو.
عام ماڻھو قاضيءَ جي سامھون اچي حاضر ٿيو.
قاضيءَ پنھنجي سامھون ڪٽھڙي ۾ بيٺل عام ماڻھوءَ ڏانھن ڏسندي فيصلو ٻڌايو، ”عام ماڻھو گندگي ڦھلائڻ جو ذميوار آهي، تنھن ڪري شھر کي صاف رکڻ خاطر عام ماڻھوءَ کي سزا طور بنديخاني ۾ داخل ڪيو وڃي.“

آئينو ڏوهاري آهي

مڪروھہ مھانڊن وارن ماڻھن انھيءَ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو کين پنھنجي آئيني ۾ سندن اصلي شڪليون ڏيکاريندو هو.
مڪروھہ مھانڊن وارا سندس آئيني ۾ پنھنجيون شيطاني شڪليون ڏسي ڪاوڙجي پوندا هئا. مڪروھہ چھرن وارا اهي ماڻھو، آئينو ڏيکاريندڙ شخص کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا تہ، هو انھن کي آئيني ۾ سندن اصل شڪل نہ ڏيکاري پر آئينو ڏيکاريندڙَ شخصَ سندن ڳالھہ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هو روز صبح جو آئينو کڻي گهران نڪرندو هو. هن کي جتي بہ، جيڪو بہ مڪروھہ مھانڊن وارو ماڻھو نظر ايندو هو تہ، هو سندس اڳيان وڃي آئينو جهلي بيھي رهندو هو.
هو آئينو ڏيکارڻ کان نہ مڙيو تہ مڪروھہ مھانڊن وارن ماڻھن گڏجي هن کي ماري ڇڏيو ۽ سندس لاش جي چوڌاري رقص ڪرڻ لڳا. اڃا موت جو رقص جاري هو تہ، شيطاني شڪل واري هڪ شخص رڙ ڪري چيو، ”اسان آئينو ڏيکاريندڙ کي تہ ماري ڇڏيو پر آئينو تہ اڃا بہ موجود آهي!“
موت جو رقص ڪندڙ، مڪروھہ چھرن وارا سڀ وحشي بيھي رهيا. سڀني وحشين ڪاوڙ منجهان قتل ڪيل شخص جي لاش ڏانھن ڏٺو، جنھن جي هٿ ۾ اڃا بہ آئينو موجود هو.
هڪ وحشي اڳتي وڌيو ۽ هن قتل ٿي ويل شخص جي هٿ منجهان آئينو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو مري ويل شخص جي هٿ مان آئينو ڦُري نہ سگهيو. اهو ڏسي ڪجهہ ٻيا قاتل اڳتي وڌيا ۽ انھن گڏجي مري ويل ماڻھوءَ جي هٿ منجهان آئينو ڦُرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي. انھيءَ کان پوءِ سڀني قاتلن گڏجي ڪوشش ڪئي پر پوري طاقت جي باوجود بہ، هو قتل ٿي ويل شخص جي هٿ منجهان آئينو کَسي نہ سگهيا.
ڪيترا ئي سال گذري ويا آهن پر مڪروھہ چھرن وارا اهي وحشي، سندن شيطاني چھرا ڏيکاريندڙ آئيني کي اڄ تائين نہ ٽوڙي سگهيا آهن!

رَتُ پياڪَ

چيائين، ”انسانن کي ڇڏي تو اڄڪلھہ جِنَنِ ۽ جانورن تي ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون آهن!“
وراڻيم، ”ان ڪري تہ اڄڪلھہ ڪجهہ ماڻھو جِنَنِ ۽ خطرناڪ جانورن کان وڌيڪ خونخوار ٿي ويا آهن!“
طنز سان مرڪي چيائين، ”ليکڪ لاءِ مشاهدو بيحد ضروري آهي. تنھن ڪري ڪجهہ وقت توکي جهنگ ۾ وڃي جانورن سان ۽ جِنَنِ جي واديءَ ۾ وڃي جِنَنِ سان گڏ رهڻ گهرجي!“
وراڻيم، ”مان پوري تحقيق ۽ مشاهدي کان پوءِ ئي ڪجهہ لکندو آهيان.“
ٽوڪ سان مرڪي پڇيائين، ”ڪڏھن جِنُ ڏٺو اٿئي؟“
وراڻيم، ”ها، مون بيشمار جِنَ ۽ جانور ڏٺا آهن. هر طرف اهڙا جِنَ ۽ جانور موجود آهن، جيڪي انسانن کي آزاريندا رهن ٿا!“
هو ڪجهہ دير غور سان مون ڏانھن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پڇيائين، ”ڪٿي ڪٿي ڏٺا اٿئي؟“
وراڻيم، ”مان جتي ڪٿي انسان دشمن جِنَنِ ۽ جانورن کي ڏسي سگهندو آهيان.“
هن جي چھري تي سنجيدگي طاري ٿي وئي. چيائين، ”مون ٻُڌو آهي تہ پراسرار ڪھاڻيون لکندڙ ليکڪ پراسرار صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن!“
مون ڪو بہ جواب نہ ڏنو، فقط مُرڪي پيس.
هن پنھنجي ڪرسيءَ تي ٿورو اڳتي سُري پڇيو، ”ڇا تون مون کي بہ ڪجهہ ڏيکاري سگهين ٿو؟“
مون هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
هو پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ منھنجي ڪرسيءَ جي ڀرسان اچي بيٺو. پڇيائين، ”انھيءَ لاءِ ڪٿي هلڻو پوندو؟“
چيم، ”انسانن کي آزاريندڙ اها مخلوق مان توکي هتي ئي ڏيکاري سگهان ٿو.“
هن ٿوري تجسس مان پڇيو، ”هتي ڪيئن!؟“
مون هن کي آئيني جي سامھون وڃي بيھاريو.
چيم، ”آئيني ۾ غور سان ڏس!“
هن هڪ نظر آئيني ۾ ڏسي مرڪندي چيو، ”پنھنجي شڪل تہ مان روز آئيني ۾ ڏسندو آهيان!“
اهو چئي هو واپس وڃي، عام انسانن جي زندگين تي اثر انداز ٿيندڙ، تمام وڏي عھدي واري پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو تہ چيم، ”جنھن ڏينھن آئيني توکي پنھنجي اصلي صورت ڏيکاري، ان ڏينھن توکي خبر پئجي ويندي تہ تون انسان ناهين!“
هن مرڪي وراڻيو، ”مون کي خبر آهي تہ مان ڇا آهيان!“
ايترو چوڻ کان پوءِ، سندس وجود رت پياڪ جانور ۾ تبديل ٿي ويو. سندس وات منجهان انساني رت ڳڙي رهيو هو پر مُرڪ تڏهن بہ سندس چپن تي موجود هئي.

باغي

مون کي ڳالھائڻ کان روڪيو ويو. مون سبب پڇيو تہ، مون کي کنڀي گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويھاريو ويو ۽ ٻہ ماڻھو منھنجي ٻنھي پاسن کان ويھي رهيا. گاڏي هلي تہ انھن منھنجين اکين تي پَٽي ٻَڌي ڇڏي ۽ مون کي خاموش رهڻ لاءِ چيو.
مون پريشانيءَ منجهان پڇيو، ”توهان مون کي ڇو کنيو آهي؟“
منھنجي ساڄي پاسي ويٺل شخص وراڻيو، ”اسان کي اختيار حاصل آهي تہ اسان ڪنھن بہ ڳالھائيندڙ ماڻھوءَ کي، ڪنھن بہ وقت، ڪٿان بہ کڻي سگهون ٿا.“
چيم، ”مان بي زبان جانور ناهيان. مان انسان آهيان، تنھن ڪري ڳالھايان ٿو. منھنجو قصور ڪھڙو آهي؟“
منھنجي کاٻي پاسي ويٺل شخص جواب ڏنو، ”پنھنجو قصور پڇڻ وارو ماڻھو ئي اسان جي نظر ۾ قصوروار هوندو آهي، تنھن ڪري خاموش رهڻ ئي تنھنجي حق ۾ بھتر آهي.“
مون رڙ ڪري چيو، ”خاموشيءَ جو ٻيو نالو موت آهي. مان جيئڻ ٿو چاهيان، ڳالھائڻ ٿو چاهيان.“
انھيءَ کان پھرين جو مان ڪجهہ وڌيڪ ڳالھايان، انھن ماڻھن منھنجي وات تي بہ پَٽي ٻَڌي ڇڏي.
ڊگهي سفر ۽ ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ گاڏي هڪ هنڌ بيٺي، جتي مڪمل خاموشي هئي. هنن مون کي هيٺ لاٿو تہ مون کي يقين ٿي ويو تہ، هو مون کي ڪنھن ويران علائقي ۾ کڻي آيا آهن پر جڏهن انھن منھنجين اکين تان پٽي لاٿي تہ، مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس تہ مان اهڙي هنڌ موجود هئس، جتي مڪمل خاموشي هئي. هر طرف بيشمار ماڻھو تہ هيا پر ڪنھن بہ ڪجهہ نہ ٿي ڳالھايو.
گاڏيءَ ۾ اڳيان ويٺل شخص، هر طرف موجود ماڻھن ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”هي سڀ ماڻھو ان ڪري جيئرا آهن، جو اهي نٿا ڳالھائين. اڄ کان پوءِ تون بہ نہ ڳالھائجانءِ، نہ تہ اسان توکي ماري ڇڏينداسين.“
مون پنھنجي چپن تان پَٽي لاهي رڙ ڪئي، ”مان ڳالھائيندس. مون کي ماري ڏسو، مان مرڻ کان پوءِ بہ ڳالھائيندس.“

احتجاج

اوچتو رت جي بوءِ محسوس ٿي تہ مون گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺو. منھنجي گهر تي رت جا ڇنڊا لڳل هئا ۽ گهر جو رستو بہ رت سان ريٽو ٿيل هو.
مان پاڙي جي ٻين گهٽين ڏانھن ويس. پاڙي جون سڀ گهٽيون رت هاڻيون هيون.
مان شھر ۾ نڪري پيس. شھر جا سڀ رستا رت ۾ ٻُڏل هئا.
مان انسانيت جي قتل جِي ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ پوليس اسٽيشن تي پھتس پر منھنجي فرياد داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.
مان شھر جي پوليس چيف وٽ ويس ۽ کيس چيم، ”شھر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر منھنجي ايف آئي آر نٿي داخل ڪئي وڃي!“
پوليس چيف پڇيو، ”تو وٽ ڪھڙو ثبوت آهي تہ انسانيت جو قتل ٿيو آهي؟“
چيم، ”منھنجي شھر جا سڀ رستا رت سان ڳاڙها ٿيل آهن!“
پوليس چيف وراڻيو، ”هن شھر جا رستا تہ گهڻي وقت کان ڳاڙها آهن. اها ڪا نئين ڳالھہ ناهي!“
پوليس چيف کان مايوس ٿي مون احتجاج ڪيو ۽ شھر جي اهم شاهراھہ تي ڌرڻو هڻي ويھي رهيس.
وقت جو حڪمران مون وٽ پھتو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ چيائين.
وراڻيم، ”شھر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر پوليس چيف منھنجي ڳالھہ ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. جيسين انسانيت جي قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو ويندو، تيسين منھنجو احتجاج جاري رهندو.“
حڪمران پڇيو، ”ڪنھن جي خلاف ڪارروائي ڪيون؟“
چيم، ”انھن سڀني رت پياڪ جانورن جي خلاف، جن کي هن شھر ۾ داخل ٿيڻ کان نہ روڪيو ويو ۽ هاڻي انھن منھنجي شھر جي رستن جو رنگ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي!“

متحرڪ ماڻھو

اڇي رنگ جا ڪپڙا پھريندڙ متحرڪ ماڻھو روز صبح جو گهر کان نڪرندو هو. رات جو گهر واپس پھچندو هو تہ، اڌ رات تائين ڪتاب ۽ اخبارون پڙهندو هو. بستري تي سمھڻ کان پوءِ، ننڊ اچڻ تائين لڳاتار ڪجهہ سوچيندو رهندو هو.
هڪ ڏينھن صبح جو هو گهر کان ٻاهر نڪتو تہ، هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پھريل ڪجهہ ماڻھو هن کي کنڀي کڻي ويا.
هو ڪيترن ڏينھن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻھن سندس اکين تي پٽي ٻڌي، کيس شھر جي ويران رستي تي ڇڏي ڏنو. هو واپس پنھنجي گهر موٽي آيو.
متحرڪ ماڻھو غير متحرڪ نہ ٿيو.
هڪ ڏينھن هو پنھنجي شھر جي رستي تان وڃي رهيو هو تہ، ٻي رنگ جا ڪپڙا پھريل ڪجهہ ماڻھو هن کي کنڀي کڻي ويا.
هو ڪيترن ڏينھن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻھن سندس اکين تي پٽي ٻڌي، کيس زخمي حالت ۾ ٻئي شھر جي ويران رستي تي ڇڏي ڏنو. هو زخمي حالت ۾ ٻئي شھر کان واپس پنھنجي شھر موٽي آيو.
هن ڪيترن ئي ڏينھن تائين پنھنجي تشدد ٿيل جسم جو علاج ڪرايو ۽ وري متحرڪ ٿي ويو.
هڪ رات هو گهر ۾ ستل هو تہ، ٽئين رنگ جا ڪپڙا پھريل ڪجهہ ماڻھو زبردستيءَ هن جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ کيس کنڀي کڻي ويا.
هو ڪيترن ڏينھن تائين گم رهيو ۽ پوءِ هڪ رات هن کي کڻي ويندڙ ماڻھن، کيس سندس شھر کان ٻاهر هائي وي جي ڀرسان ڦٽي ڪري ڇڏيو.
متحرڪ ماڻھوءَ جو جسم غير متحرڪ هو ۽ هن کي اڇي رنگ جي ڪپڙن بدران ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پھريل هئا..

دوربين

مان هڪ وڏي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو هئس ۽ مون وٽ تمام گهڻو پرتي ڏسڻ واري دوربين موجود هئي.
مون دوربين وسيلي پھاڙ جي ڀرپاسي ۾ موجود انساني آبادين ڏانھن ڏٺو. وڏي پھاڙ جي چئني پاسي بنيادي ضرورتن کي بنا انساني آبادي موجود هئي!
مون پرتي ميداني علائقي ڏانھن نھاريو، جتي هر طرف هيڻن حالن وارا انسان موجود هئا. عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ پريشان هيون ۽ انھن جا مٽيءَ هاڻا ٻار انگ اگهاڙا هئا!
مون صحرا طرف نظر ڦيرائي، جتي شڪاري مورن ۽ هرڻن کي ماري رهيا هئا. صحرائي ڳوٺن ۾ معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب تڙپي تڙپي مري رهيا هئا!
مون چئني ڏسائن ۾ پنھنجي ديس جي شھرن ڏانھن ڏٺو. سڀني شھرن ۾ بدامني ۽ گندگي ڦھليل هئي. گندگيءَ ۽ ڌپ سبب ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا هئا!
مون پنھنجي پرڳڻي جي گاديءَ واري شھر طرف نھاريو. شھر جي زمين تي قبضا گيرن گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي، روشنين جي شھر کي ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻائي ڇڏيو هو، جنھن ڪري هوائون شھر کان رُسي ويون هيون ۽ شھر واسي ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا!
مون پرڳڻي جي گاديءَ واري شھر کان اڳتي سمنڊ طرف نھاريو. سمنڊ جي گدلي ٿيل ڪناري کان پرتي، ٻيٽن تي ڌارين لاءِ نوان شھر ٺاهڻ لاءِ قبضا ٿي رهيا هئا ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کي ٻيٽن جي ويجهو اچڻ کان بہ روڪيو پئي ويو!
مون پرڳڻي جي گاديءَ واري شھر ۾ موجود حڪمران جي محل ڏانھن ڏٺو. پرڳڻي جي حڪمران ۽ سندس واڳ ڌڻيءَ سميت ڪجهہ وزير فقط ڳالھيون ڪري رهيا هئا ۽ ٻيا سڀئي وزير، مشير ۽ درٻاري ننڊ پيا هئا!

سمنڊ ڪناري روئندڙ ماءُ

سمنڊ جي ڪناري تي اُها بيحد حَسين ۽ نوراني چھري واري ٻڍڙي عورت هڪ پٿر مٿان ويٺي روئي رهي هئي.
هن کي ڏسي مون کي پنھنجي امڙ ياد اچي وئي. مان نوراني چھري واري ٻڍڙي عورت جي ڀرسان وڃي، سندس پيرن ۾ ويھي رهيس.
هن هڪ نظر مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ وري سمنڊ ڏانھن ڏسندي روئندي رهي.
مون امڙ جھڙي عورت ڏانھن همدرديءَ ۽ محبت سان ڏسندي پڇيو، ”ڇو پئي روئين امان!؟“
هن ڪوبہ جواب نہ ڏنو. سمنڊ ڏانھن پري ڪٿي ڏسندي رهي ۽ سندس اکين منجهان لڳاتار لڙڪ وهندا رهيا.
مون هن جو هٿ جهلي ڏک ۽ پيار سان وري پڇيو، ”امڙ، ڇو ٿي روئين تون؟“
امڙ جھڙي عورت ٿڌو ساھہ کڻي هڪ نظر مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانھن ڏسندي چيائين، ”مان پنھنجي ٻچڙن لاءِ پيئي روئان!“
منھنجي دل کي ڌڪ لڳو، اندر منجهان سُور جي سَٽَ اڀري. سوچيم، ’جنھن ماءُ جا ٻچڙا سمنڊ ۾ گم ٿي وڃن، انھيءَ جو درد ڇا هوندو...‘ امڙ جھڙي پياري عورت جو درد مون پنھنجي اندر ۾ اوتجندي محسوس ڪيو. ڪجهہ دير خاموش رهيس ۽ پوءِ پڪ ڪرڻ خاطر پڇيم، ”تنھنجا ٻار سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن ڇا؟“
هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي، آسائتين اکين سان مون ڏانھن ڏسندي چيو، ”نہ منھنجا ٻچڙا سمنڊ ۾ موجود آهن پر انھن کي بچائڻ جي ضرورت آهي.“
هن جي ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. حيرت سان پڇيم، ”ڇا مطلب امان!؟“
سُڏڪا ڀريندي جواب ڏنائين، ”سمنڊ ۾ موجود ٻيٽَ منھنجا ٻچا آهن!“
مون حيرت سان پڇيو، ”تون ڪير آهين امان؟“
منھنجي امڙ جھڙي عورت ڏکويل نظرن سان سمنڊ ڏانھن ڏسندي وراڻيو، ”مان سنڌ آھيان!“

وتايو فقير اِن ٽربل

وتائي فقير چيو، ”ٻُڌو اٿم تہ ادبي ميلي ۾ تو مون کي فليش فڪشن رائيٽر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي!“
وراڻيم، ”ها فقير، مون چيو هو تہ وتايو فقير سنڌ جو سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر آهي.“
وتايو فقير ڪاوڙجي پيو.
چيم، ”ناراض ٿيڻ بدران توکي منھنجي مھرباني مڃڻ کپي فقير.“
وتائي حيرت سان پڇيو، ”ڪھڙي ڳالھہ جي مھرباني مڃيان!؟“
چيم، ”انھيءَ ڳالھہ جي تہ، مون توکي سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر چيو.“
وتائي سخت ڪاوڙ منجهان پڇيو، ”تو ايئن ڇو ڪيو!؟“
چيم، ”اڄڪلھہ جي ليکڪن کي پنھنجي نڪ کان اڳتي ڪجهہ بہ نظر ناهي ايندو. مون بہ پنھنجي نڪ کان اڳتي نھارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، مون کي ٻيو ڪوبہ ڪھاڻيڪار نظر نہ آيو...“
وتائي منھنجي ڳالھہ ڪَٽيندي پڇيو، ”تہ پوءِ تو منھنجو نالو ڇو ورتو؟“
وراڻيم، ”جڏهن مون کي پنھنجي نڪ کان اڳتي ٻيو فليش فڪشن رائيٽر نظر نہ آيو تہ، پوءِ وري مون تصور جي اک سان ڏٺو تہ منھنجي نظر توتي پئجي وئي!“
وتائي فقير جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. فڪرمنديءَ سان چيائين، ”۽ تو بنا سوچڻ سمجهڻ جي چئي ڇڏيو تہ، وتايو فقير سنڌ جو سڀ کان وڏو فليش فڪشن رائيٽر آهي!“
چيم، ”ها فقير، حقيقت بہ اها ئي آهي.“
وتايو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. چيائين، ”مون کي ڪھاڻيڪار چئي غلط ڪيو تو...!“
وراڻيم، ”مون غلط ڳالھہ ناهي ڪئي!“
وتائي وراڻيو، ”اڄڪلھہ ڪھاڻيڪار سڏرائڻ خطري کان خالي ناهي!“
مون ڪو جواب نہ ڏنو. سوچ ۾ پئجي ويس.
وتائي فقير سخت فڪرمنديءَ سان چيو، ”تو وارو يار جهونو جوڳي پنھنجي هڪ ڪھاڻيءَ جي ڪري مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. منھنجيون تہ ﷲ سان ڪيل سڀ ڳالھيون منھنجي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون!“

انسان جي آتم ڪٿا

ڌرتيءَ تي هر طرف جنگيون، وبائون، بيماريون، آفتون ۽ مصيبتون پکڙجي ويون. چئني ڏَسائن ۾ ڪٿي بہ سڪون واري ماڳ جو ڏَسُ نہ پئي مليو. اهڙي ڪنھن ماڳ جو ڏَسُ پَتو نہ ملڻ سبب، مون بنا ڪنھن منزل جي سفر جو سانباهو ڪيو.
مان سرسبز وادين منجهان گذريس تہ ڪٿي اهي هاري ۽ مالھي بہ نظر نہ آيا، جيڪي ڌرتيءَ جي ڪينواس تي رنگَ ڀريندا هئا!
صحرا منجهان لنگهيس تہ ڪٿي اهي لاڏائو بہ نظر نہ آيا، جيڪي سدائين سفر ۾ هوندا هئا ۽ سندن پيرا پويان ايندڙن کي رُڃ ۾ اُڃ مرڻ کان بچائي، واٽ ڏيکاريندا هئا!
پھاڙن جا پنڌ ڪيم تہ ڪٿي اهي ڌراڙ بہ نظر نہ آيا، جيڪي پنھنجين رڍن کي چارڻ لاءِ ايندي ويندي نظر ايندا هئا ۽ پھاڙن تي چڙهندڙ ٿڪل مسافرن کي کير پياريندا هئا!
سامونڊي پَٽيءَ تي ڊگهو پنڌ ڪيم تہ ڪٿي پرڏيھين جا پاڻيءَ وارا جهاز ۽ مھاڻن جا اهي ٻيڙا بہ نظر نہ آيا، جن جي لنگرانداز ٿيڻ سان سمنڊ ڪناري زندگي رقص ڪندي هئي!
سرسبز وادين، صحرائن، پھاڙن ۽ سامونڊي ڪنارن تي هر طرف ويراني نظر آئي تہ مان ٿڪجي، شام ڌارا ساهي پٽڻ لاءِ سمنڊ ڪناري هڪ ناريل جي وڻ هيٺان ليٽي پيس. سمنڊ کي پٺي ڏئي اکيون بند ڪيم تہ اک لڳي وئي.
تيز ڇولين جي آواز تي جاڳيس تہ، منھنجو مُنھن سمنڊ طرف هو. سج لھي رهيو هو ۽ هڪ خالي ٻيڙي منھنجي سامھون خشڪيءَ تي بيٺل هئي! ٻيڙيءَ کي قدرت جو تحفو سمجهي مان پنھنجي جاءِ تان اٿيس ۽ ٻيڙيءَ ۾ وڃي ليٽي پيس. سج لٿو تہ وري تيز لھرن جو آواز ٿيو ۽ اهي لھرون ٻيڙيءَ کي گهلي سمنڊ ۾ کڻي ويون!
خشڪيءَ تي تہ مون کي جنگين، وبائن، بيمارين، آفتن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ ڪٿي بہ ڪا پناهگاھہ نظر نہ آئي هئي، تنھن ڪري مون پاڻ کي سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
رات ٿي تہ سمنڊ مٿان ستارا جهرمر ڪري رهيا هئا. دور ڪٿي آسمانُ سمنڊ مٿان نِوڙي آيو هو. سمنڊ ۾ ٻيڙي لوڏا کائي رهي هئي ۽ ڊگهي فاصلي تي ستارا سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. ٻيڙيءَ جي هندوري ۾، منھنجي اکين ۾ ننڊ لھي آئي!
صبح جو اک کُلي تہ ٻيڙي هڪ ننڍڙي ٻيٽ جي ڪناري تي بيٺي هئي. انھيءَ ٻيٽ تي ڪجهہ ڊگها وڻ هئا ۽ وڻن جي وچ ۾ هڪ جهوپڙي هئي.
مون جهوپڙيءَ جي ويجهو وڃي سڏ ڪيو،”وئي آهي...؟“
اندران آواز آيو، ”ها، ڪوئي آهي ۽ اُهو تنھنجي لاءِ اوپرو ناهي. اندر هليو اچ.“
مان اندر داخل ٿيس تہ هڪ شخص پٺيرو ويٺل هو. مُنھن ورائي مون ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ چيائين، ”جتان آيو آهين، اوڏانھن واپس هليو وڃ.“
وراڻيم، ”پر مان تہ جنگين، وبائن، بيمارين، آفتن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ ڪنھن پناهگاھہ جي ڳولا ۾ آهيان!“
هن پٺيرو ويٺي ئي جواب ڏنو، ”جنھن ڏينھن تو پاڻ سان دشمني ختم ڪري ڇڏي، ان ڏينھن توتان سڀ جنگيون، وبائون، بيماريون، آفتون ۽ مصيبتون دور ٿي وينديون، نہ تہ هڪ ڏينھن تون پاڻ ختم ٿي ويندين!“ ايترو چئي هن مون ڏانھن مُنھن ڦيرايو ۽ مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس تہ، هن جي جاءِ تي بہ مان ئي موجود هئس!

ديوارون

وقت جو حڪمران عوام پاران تنقيد ڪرڻ تي ڪاوڙجي پيو.
حڪمران، نہ فقط سچ چوڻ پر سچ ٻُڌڻ تي بہ پابندي لڳائي ڇڏي.
سچ تي پابندي لڳي تہ گامون تپي باھہ ٿي ويو.
چيائين، ”مان اظھار جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائيندس!“
مان ڊڄي ويس.
چيومانس، ”آهستي ڳالھاءِ ديوان کي بہ ڪَنَ هوندا آهن!“
ڏاڍيان چيائين، ”مان سڀني ماڻھن کي ٻُڌائيندس تہ اظھار جي آزادي انھن جو بنيادي انساني حق آهي!“
اهو چئي هو اٿي هليو ويو.
هن اظھار جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس تحريڪ ناڪام ٿي وئي.
هو واپس موٽي آيو.
پڇيومانس، ”تنھنجي تحريڪ ناڪام ڇو وئي؟“
گامونءَ ڏُک سان چيو، ”اڳي ديوارن کي ڪَنَ هوندا هئا، هاڻي ماڻھن ڪَنن ۾ ديوارون ٺھرائي ڇڏيون آهن!“

افسانو

گامونءَ افسانہ لکڻ شروع ڪيا تہ چيومانس، ”توکي افسانہ نگار ٿيڻ بجاءِ تاريخ نويس ٿيڻ گُهرجي ها.“
چيائين، ”تاريخ ڪوڙ سان ڀري پئي آهي. مان اهڙو ڪم نہ ڪري سگهندس.“
چيم، ”افسانن ۾ جو ڪوڙ لکندو آهين!“
گامونءَ مُرڪي چيو، ”افساني کي ڪوڙ ۽ تاريخ کي سچ سمجهي پڙهيو ويندو آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ، تاريخ ۾ ڪوڙ ۽ افساني ۾ سچ لکيو ويندو آهي!“

گامون روڊ

گامونءَ مختلف سياسي پارٽين، سماجي جماعتن ۽ ادبي تنظيمن جي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو. هو سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن جون تقريرون ڏاڍي غور سان ٻُڌڻ لڳو. ڪيترن ئي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ هن جلسن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو.
ڪنھن ٻُڌايو تہ گامون بيمار ٿي پيو آهي.
مان گامونءَ جي طبيعت پڇڻ لاءِ سندس گهر ويس تہ، هو مون کي چڱو ڀلو نظر آيو.
افسوس سان چيم، ”سچ ڳالھائڻ جي ڪري تو پنھنجا بيشمار دشمن پيدا ڪيا آهن.“
گامون بي فڪريءَ سان مرڪي پيو.
چيم، ”تنھنجي دشمنن هُلايو آهي تہ گامون بيمار ٿي پيو آهي!“
گامونءَ وراڻيو، ”مان واقعي بيمار ٿي پيو آهيان.“
گامونءَ ڏانھن غور سان ڏسندي پڇيم، ”ڇا ٿيو آهي توکي؟“
گامونءَ جي چھري تي اڳ ۾ ڪاوڙ ظاهر ٿي ۽ پوءِ هن ٿڌو ساھہ کڻي ڏک سان چيو، ”جلسن ۾ ڪوڙ ٻُڌي ٻُڌي منھنجا ڪَنَ پچي پيا آهن!“
گامونءَ جلسن ۾ وڃڻ تہ ڇڏي ڏنو پر هو مختلف سياسي پارٽين، سماجي جماعتن ۽ ادبي تنظيمن جي جلوسن ۾ نظر اچڻ لڳو. هن ڪيترن ئي جلوسن ۾ شريڪ ٿي وڏا پنڌ ڪيا. ڪجه عرصي کان پوءِ اوچتو هن جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ بہ ڇڏي ڏنو.
هڪ ڏينھن هو رستي ويندي مليو تہ پڇيومانس، ”تو جلوسن ۾ هلڻ ڇو ڇڏي ڏنو؟“
گامونءَ ڏک سان ڊگهو ساھہ کنيو ۽ پوءِ ذومعني انداز سان وراڻيو، ”جلوس سان گڏ غلط رستي تي پنڌ ڪرڻ کان بھتر آهي تہ اڪيلي سِر پنڌ ڪجي.“ اهو چئي گامون اڪيلو ئي ڊگهي رستي تي هليو ويو.
گامون انھيءَ ڊگهي رستي تي روز پنڌ ڪندو آهي، جنھن ڪري انھيءَ رستي کي شھرواسي ”گامون روڊ“ چوندا آهن.
ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن گامون روڊ تان گذرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

بدمعاش

نوجوان ڇوڪرِي گهٽيءَ مان وڃي رهي هئي.
ڪجهہ فاصلي تي ناليءَ ۾ هڪ ڪتو ويٺو هو. ڇوڪري ويجهو پھتي تہ ناليءَ ۾ ويٺل ڪتي ڇوڪري ڏانھن ڏسي ڀونڪڻ شروع ڪيو.
ڇوڪريءَ ڇرڪي ڪتي ڏانھن ڏٺو ۽ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌي وئي.
ڪجهہ فاصلي تي هڪ نوجوان دِڪيءَ تي ويٺو هو. ڇوڪري ويجهو پھتي تہ دِڪيءَ تي ويٺل نوجوان ڇوڪريءَ ڏانھن ڏسي سيٽي وڄائڻ شروع ڪئي.
ڇوڪريءَ ڇرڪي نوجوان ڏانھن ڏٺو ۽ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌي وئي.
گهٽيءَ جي ٻئي طرف کان گامون اچي رهيو هو، جنھن اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو.
ڇرڪيل ڇوڪري تحفظ جي احساس سبب گامونءَ جي ڀرسان پھچي بيھي رهي.
گامونءَ، ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو، ”هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ويٺل ٻن بدمعاشن ۾ فرق فقط اهو ئي آهي تہ، هڪ کي ڀونڪڻ ايندو آهي ۽ ٻئي کي سيٽي وڄائڻ ايندي آهي!“

گامون گردي

گامونءَ وڌندڙ غنڊا گرديءَ خلاف احتجاج ڪيو تہ، غنڊن گامونءَ تي حملو ڪري کيس مارڪٽ ڪئي.
غنڊن کيس چيو، ”اسان جي خلاف ڳالھائڻ ڇڏي ڏي، نہ تہ اسان توکي ماري ڇڏينداسين.“
گامونءَ وراڻيو، ”سچ چوڻ منھنجي لاءِ ساھہ کڻڻ جيترو ضروري آهي. مان سچ ڳالھائڻ ڇڏي ڏيندس تہ مري ويندس. مان زندھہ رهڻ خاطر سچ ڳالھائيندو رهندس!“
گامون، غنڊن خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پھتو.
پوليس، گامونءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري، کيس ڌمڪيون ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
گامونءَ پوليس گرديءَ خلاف احتجاج ڪيو تہ، صوبيدار گامونءَ وٽ اچي کيس چيو، ”پوليس جي خلاف ڳالھائڻ ڇڏي ڏي، نہ تہ اسان توکي فل فرائي ڪري ماري ڇڏينداسين.“
گامونءَ وراڻيو، ”سچ چوڻ منھنجي لاءِ ساھہ کڻڻ جيترو ضروري آهي. مان سچ ڳالھائڻ ڇڏي ڏيندس تہ مري ويندس. مان زندھہ رهڻ خاطر سچ ڳالھائيندو رهندس!“
گامونءَ کي پوليس، گامون گرديءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري، چالان ڪري ڇڏيو.
گامونءَ عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي ۽ هاڻي وڪيل گرديءَ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي!

پنج سال

مون شاهراھہ تي پھچي ڊگهو پنڌ ڪيو ۽ چوڪ تي پھچي، حڪمران جي محل واري رستي تي وڃڻ چاهيو تہ، چوڪ تي بيٺل سپاهيءَ مون کي اڳتي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.
مون ڪاوڙ منجهان سپاهيءَ ڏانھن ڏسندي چيو، ”تون منھنجو رستو روڪڻ وارو ڪير ٿيندو آهين!“
سپاهيءَ وراڻيو، ”مان سرڪاري سپاهي آهيان ۽ مون سرڪار جي حڪم تي ئي تنھنجو رستو روڪيو آهي.“
مون ڊگهو ساھہ کڻي چيو ”هاڻوڪي حڪمران ووٽ وٺڻ کان اڳ ۾ مون کي چيو هو تہ، حڪمران ٿيڻ کان پوءِ هُو وري مون ڏانھن ايندو پر اڃا تائين ناهي آيو.“
سپاهيءَ ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
چيم، ”جيڪڏهن تون مون کي حڪمران جي محل طرف وڃڻ نہ ڏيندين تہ، مان حڪمران سان تنھنجي شڪايت ڪندس.“
سپاهيءَ بنا ڪنھن تاثر جي وراڻيو، ”انھيءَ ڳالھہ جي مون کي ڪابہ پرواھہ ناهي، ڇوتہ حڪمران پاڻ مون کي انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ، جيئن مان محل ڏانھن ويندڙ ماڻھن کي روڪيان.“
مون انتھائي ڏُکَ سان محل ڏانھن ويندڙ رستي کي ڏسي سپاهيءَ کان پڇيو، ”تہ ڇا مان واپس هليو وڃان؟“
سپاهيءَ وراڻيو، ”اها تنھنجي مرضي، باقي جيڪڏهن تون هتي بيٺو رهين تہ مون کي ڪو اعتراض ناهي.“
مان اتي ئي رستي تي بيھي رهيس. سوچيم، حڪمران جي سواري هتان گذرندي تہ مان حڪمران جو رستو روڪي کيس پنھنجا وعدا ياد ڏياريندس.
مان سڄو سال رستي تي موجود رهيس پر حڪمران انھيءَ رستي تان نہ گذريو.
سپاهيءَ چيو، ”وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. واپس هليو وڃ.“
مون واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
مان ٻيو سال رستي تي موجود رهيس پر حڪمران انھيءَ رستي تان نہ گذريو.
سپاهيءَ چيو، ”وڌيڪ انتظار ڪرڻ اجايو آهي. واپس هليو وڃ.“
مون واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سپاهيءَ پڇيو، ”تون حڪمران سان ملڻ لاءِ ايڏو انتظار ڇو پيو ڪرين؟“
چيم، ”ووٽ وٺڻ کان اڳ ۾ حڪمران ڪيترائي وعدا ڪيا هئا. هن اهو بہ چيو هو تہ، حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ مان هڪ ڪروڙ ماڻھن کي روزگار سان لڳائيندس پر سندس دور ۾ مون کي بيروزگار ڪيو ويو آهي!“
سپاهيءَ ڪوبہ جواب نہ ڏنو، هو منھنجي ڳالھہ ٻڌي مرڪي پيو.
منھنجي انتظار جو ٽيون سال هلي رهيو هو تہ، هڪ ڏينھن حڪمران جي سواري شاهراھہ تي ايندي نظر آئي. منھنجي اکين ۾ اميد جي جوت جرڪي پئي.
حڪمران جي سواري منھنجي انتظار واري رستي بدران چوڪ تان ٻي رستي ڏانھن هلي وئي!
مون ڏک ۽ حيرت سان سپاهيءَ کان پڇيو، ”حڪمران جي سواري هن رستي تي ڇو نہ آئي؟“
سپاهيءَ ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
رستي تان گذرندڙ گامونءَ مون ڏانھن ڏسي چيو، ”انتظار ڪرڻ بدران ٻيو ڪجهہ وڃي ڪر...“
گامونءَ ڏانھن ڏسندي پڇيم، ”پر ڇو؟“
گامونءَ ڪاوڙ منجهان وراڻيو، ”ان ڪري جو حڪمران جنھن رستي تان ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن، انھيءَ رستي تان پنج سال ناهن گذرندا.“

مارڪيٽ ويليو

گامونءَ جون مالي حالتون سخت خراب ٿي ويون. بکون ڪاٽڻ سبب هو ڏٻرو ٿي ويو ۽ سندس پاسراٽيون نڪري آيون.
چيومانس، ”سچ ڳالھائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم بہ ڪندو ڪر، نہ تہ بک مري ويندين!“
چيائين، ”سچ ڳالھائڻ کان سواءِ مون کي ٻيو ڪو بہ ڪم نٿو اچي!“
چيومانس، ”ڪو ڌنڌو روزگار بہ ڪر، ڳالھين سان پيٽ ناهي ڀربو!“
گامونءَ پڇيو، ”ڇا ڪيان مان؟“
ڪجهہ سوچي وراڻيم، ”ڪيترائي وزير مُشير تنھنجا واقفڪار آهن. ڪنھن وزير مشير کي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏي.“
ڪاوڙ منجهان مُنھن ۾ گُهنڊ وجهي چيائين، ”مان گامون آهيان، درخواستي دانشور ناهيان!“
مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. گامونءَ جھڙي ماڻھوءَ کي اهڙي صلاح نہ ڏيڻ گهربي هئي.
گامون مون کي خاموش ڏسي مرڪي پيو. چيائين، ”وزيرن ۽ مشيرن جا ڪَنَ ڪوڙ تي هريل آهن، تنھن ڪري مون کي ڏسي، اهي پنھنجو رستو مَٽائي ٻئي طرف هليا ويندا آهن!“
چيم، ”تو وٽ ڪو ٻني ٻارو بہ ناهي، تنھن ڪري تون ڪو ڪاروبار ئي ڪر.“
گامونءَ کي منھنجي اها صلاح وڻي ۽ هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مليو تہ پڇيومانس،”تنھنجو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي؟“
گامونءَ افسوس سان چيو، ”ايوانن کان فوٽ پاٿن تائين، سڄي ملڪ ۾ ڪوڙ ٿو وڪامي. اسان جي ملڪ ۾ سچ جي ڪا بہ مارڪيٽ ويليو ناهي!“

گامون ۽ مان

گامونءَ پنھنجي ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب ڇانٽي ڪرڻ جو فيصلو ڪري، شاعريءَ واري بڪ شيلف منجهان ڪجهہ ڪتاب کنيا ۽ انھن کي ڦاڙڻ لڳو تہ مون هڪدم چيو، ”شاعري تہ روح کي گرمائيندي آهي. شاعريءَ جو دنيا جي انقلابن ۾ وڏو ڪردار آهي ۽....“
گامونءَ منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو، ”مان انھن قصيدا گو شاعرن جا ڪتاب ضايع پيو ڪيان، جن وقت جي حڪمرانن جي شان ۾ قصيدا لکيا آهن.“
مون ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
گامونءَ ڪجهہ دانشورن جا ڪتاب ڪڍي ڦاڙڻ شروع ڪيا تہ، مون ڪاوڙ منجهان چيو، ”اهي ڪتاب تہ انھن ڏاھن جا آهن، جن عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالھيون لکيون آهن. انھن ڪتابن کي تہ نہ ڦاڙ.“
گامونءَ وراڻيو، ”جڏهن ڏاها پنھنجي ڏاهپ کي ڪيش ڪرائڻ لڳن تہ، پوءِ سندن ڏاهپ کوٽي سِڪي جھڙي ٿي پوندي آهي.“
مان خاموش رهيس.
گامون تاريخ جي شيلف منجهان ڪجهہ ڪتاب کڻي ڦاڙڻ لڳو تہ، مون رڙ ڪري چيو، ”اهو ڇا پيو ڪرين گامون، تاريخ تہ قومن جي يادگيري هوندي آهي!“
گامونءَ جي چھري تي سخت ڪاوڙ جو تاثر ظاهر ٿيو. تاريخ جي هڪ ڪتاب جا ورق ڦاڙيندي چيائين، ”هن ڪتاب جھڙا سمورا ڪتاب تاريخ نہ پر وقت جي حڪمرانن پاران منشين کي ڏنل ڊڪٽيشن آهن!“
گامون اڃان تاريخ جا ڪتاب ڦاڙي رهيو هو تہ، مون افسانوي ادب جي بڪ شيلف منجهان پنھنجا سمورا ڪتاب کڻي ورتا.
گامونءَ حيرت سان مون ڏانھن ڏسندي پڇيو، "تو پنھنجا ڪتاب ڇو کنيا آهن!؟“
وراڻيم، ”تو افسانوي ادب جا ڪتاب ڦاڙڻ شروع ڪيا تہ، مان پنھنجن ڪتابن جو اهڙو حشر ٿيندي نہ ڏسي سگهندس.“
گامونءَ مون ڏانھن چتائي ڏسندي چيو، ”پنھنجا ڪتاب واپس رکي ڇڏ.“
واپس رکڻ بدران مان پنھنجن ڪتابن کي وڌيڪ مظبوطيءَ سان جهلي بيٺو رهيس.
گامون منھنجي مُنھن تي پريشاني ڏسي مُرڪي پيو. چيائين، ”فڪر نہ ڪر، مان افسانوي ادب جو ڪوبہ ڪتاب نہ ڦاڙيندس.“
منھنجي چھري جي پريشاني حيرت ۾ بدلجي وئي. چيم، ”تو شاعريءَ، ڏاهپ ۽ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب جو ضايع ڪيا آهن....“
مون اڃا پنھنجي ڳالھہ پوري ئي نہ ڪئي تہ، گامونءَ چيو، ”مان افسانوي ادب جو ڪوبہ ڪتاب ان ڪري ضايع نہ ڪندس تہ، حڪمران پنھنجي شان ۾ افسانو ناهن لکرائيندا.“

اندرَ جو ٻار

گامونءَ، ماڻھن جي هڪ وڏي ميڙ جي سامھون، هڪ بيحد اهم ۽ سگهاري شخص تي سخت تنقيد ڪئي ۽ سڀ سچ چئي ڏنو.
بيحد اهم ۽ سگهاري شخص ۾ تنقيد برداشت ڪرڻ جي عادت نہ هئي. سچ ٻُڌي کيس سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هُو گامونءَ کي ڪرڙين نظرن سان ڏسي، اکين ئي اکين ۾ ڌمڪي ڏئي ھليو ويو.
مون بيحد فڪرمنديءَ سان گامونءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”موقعو مھل ڏسي ڳالھائيندو ڪر. اڄ تو تمام سگهاري ماڻھوءَ کي ڪاوڙايو آهي، جيڪو ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿو!“
گامونءَ سنجيدگيءَ سان چيو، ”سچ کان وڌيڪ طاقتور ڪو بہ ناهي!“
چيومانس، ”تنھنجو موقعي مھل کان سواءِ ڳالھائڻ، مون کي ٻاراڻي حرڪت لڳندي آهي!“
منھنجي ڳالھہ ٻُڌي گامون مُرڪي پيو. چيائين، ”ها، ان ڪري تہ منھنجي اندر جو ٻار اڃان زندھہ آهي.“
ٿورو ڪاوڙ منجهان چيومانس، ”آخر تنھنجي اندر جو ٻار ڪڏهن وڏو ٿيندو ۽ ڪڏهن تون عقل کان ڪم وٺندين!؟“
گامونءَ وراڻيو، ”جنھن ڏينھن اندر جو اهو ٻار وڏو ٿي ويو، ان ڏينھن گامون مري ويندو.“
حيرت مان پڇيم، ”اندر جو ٻار وڏو ٿيڻ سان گامون ڇو مري ويندو!؟“
گامونءَ چيو، ”سڀ سچ بہ تہ اندر جو اهو ٻار ئي ڳالھائيندو آهي، جيڪو ڪنھن کان بہ نٿو ڊڄي!“

ٽيون دوست

نواب کي سرڪاري ڪرسي ملي تہ، هن پنھنجن اعتبار جوڳن ٽن دوستن جي ميٽنگ ڪوٺائي ۽ رازداريءَ سان چيو، ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪنھن خوشنصيب کي موقعو ملندو آهي تہ، هو ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري ۽ سڄي زندگي آرام سان گذاري!“
ٻن دوستن حسرت سان ٿڌو ساھہ کڻي هاڪار سان ڪنڌ لوڏيا ۽ ٻنھي کيس بي دليءَ سان واڌايون ڏنيون. ٽئين دوست ڪوبہ ردعمل ظاهر نہ ڪيو.
نواب ٽئين دوست جي خاموشيءَ کي نظرانداز ڪري، وڌيڪ رازداريءَ سان چيو، ”توهان ٽئي منھنجا دوست آهيو. مان چاهيان ٿو تہ منھنجي ڪرسيءَ منجهان توهان ٽئي بہ فائدو حاصل ڪيو.“
ٻن دوستن جون واڇون کُلي پيون. ٽيون وري بہ خاموش رهيو.
نواب وري بہ ٽئين دوست جي خاموشيءَ کي نظر انداز ڪري، ڪجهہ سوچي چيو، ”جيڪڏهن توهان منھنجي لاءِ ڪم ڪيو تہ مان توهان کي دولتمند ڪري ڇڏيندس.“
هڪ دوست چيو، ”دولتمند ٿيڻ لاءِ مان توهان جي حڪم جو غلام ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.“
ٻئي دوست، پھرين دوست ڏانھن اشارو ڪري هڪدم چيو، ”دولت خاطر مان اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ بہ تيار آهيان، جيڪو هي نہ ڪري سگهندو...“
نواب ٽئين دوست ڏانھن ڏسي پڇيو، ”تون ڇو چپ آهين؟“
ٽئين دوست وراڻيو، ”مان ڪجهہ ڳالھائڻ کان اڳ ۾ دعا جا هَٿَ کڻڻ چاهيان ٿو.“ اهو چئي ٽئين دوست دعا لاءِ هٿ کنيا تہ نواب ۽ ٻن دوستن بہ دعا گهري.
دعا کان پوءِ ٽئين دوست، نواب ۽ ٻن دوستن ڏانھن ڏسندي چيو، ”مان هن ميٽنگ ۾ آخر تائين فقط ان ڪري ويٺو هئس تہ، مون کي توهان ٽنھي سان، توهان جا ضميرَ مري وڃڻ جي تعزيت ڪرڻي هئي!“
اهو چئي ٽيون دوست اٿي هليو ويو.
انھيءَ ٽئين دوست جو نالو گامون هو.

وتايو، گامون ۽ ٽيون شخص

بادشاهي درٻار جي ٻاهران کوڙيل خيمي ۾ شعر و شغل کاتي جو وزير ويٺو هو. سندس خيمي جي ٻاهران تمام ڊگهي قطار ۾ ڪيترائي شاعر، قصه گو، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تاريخ نويس بيٺا هئا. انھن سڀني جي هٿن ۾ درخواستون هيون ۽ اهي سڀئي هڪ ٻئي کي اڻ وڻندڙ نظرن سان ڏسي رهيا هئا. خيمي جي ٻاهران بيٺل دربانَ، شعر و شغل کاتي جي وزير کي فرشي سلام ڪرڻ ۽ درخواست پيش ڪرڻ لاءِ، ڊگهي قطار ۾ بيٺل قلمڪارن کي واري واري سان خيمي ۾ اندر پئي موڪليو.
قلمڪارن جي ڊگهي قطار کان ٻاهر هڪ اهڙو قلمڪار بيٺو هو، جيڪو ڪنھن مھل قطار ۾ بيٺل قلمڪارن ڏانھن ڏسي ٽھڪ ڏئي رهيو هو تہ، ڪنھن مھل رڙيون ڪري روئي رهيو هو!
وتائي اهو لڪاءُ ڏٺو تہ هن خيمي جي ٻاهران بيٺل دربانَ کان وڃي پڇيو، ”اهي سڀ قلمڪار شعر و شغل کاتي جي وزير کي ڇاجيون درخواستون ڏيڻ لاءِ بيٺا آهن؟“
دربان وراڻيو، ”اهي سڀ قلمڪار تمغي جا طلبگار آهن. هرڪو چاهي ٿو تہ وزير باتدبير، بادشاھہ سلامت کي سفارش ڪري کيس بادشاهي تمغو عطا ڪرائي.“
وتائي حيرت سان قلمڪارن جي قطار ڏانھن ڏٺو.
دربان پڇيو، ”تون بہ ڪو قلمڪار آهين ڇا؟“
وتائي وراڻيو، ”نہ. منھنجو نالو وتايو آهي ۽ قطار ۾ بيٺل اهي قلمڪار منھنجي گفتن کي مشڪري سمجهندا آهن!“
دربان رازداريءَ سان چيو، ”قلمڪارن جي چوغي ۾ ڪيترائي ماڻھو اصل ۾ پاڻ مشڪرا هوندا آهن. چاهين تہ تون بہ بادشاهي تمغي لاءِ درخواست داخل ڪرائي سگهين ٿو.“
وتائي وراڻيو، ”فقيرن کي تمغي جي طلب ناهي هوندي.“
وتايو ڪجهہ فاصلي تي پيل خالي بينچ تي وڃي ويھي رهيو ۽ سوچَ ۾ پئجي ويو.
اوچتو گامون اچي وتائي جي ڀرسان ويٺو.
وتائي هڪ نظر بادشاهي تمغي جي طلبگار قلمڪارن جي قطار کان ٻاهر بيٺل اڪيلي قلمڪار ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ گامونءَ ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”اهو قلمڪار ٽھڪ بہ ڏئي ٿو تہ رڙيون ڪري روئي بہ ٿو. اها ڪھڙي ماجرا آهي؟“
گامونءَ وراڻيو، ”اِهو قلمڪار ٽھڪ بادشاهي تمغي جي طلبگار قلمڪارن ڏانھن ڏسي پيو ڏئي ۽ روئي ديس جي دردن سبب احتجاج خاطر ٿو.“
وتائي ڪنڌ ورائي هڪ ئي وقت کِلندڙ ۽ روئندڙ قلمڪار ڏانھن ڏٺو تہ گامونءَ چيو، ”اِهو اُهو قلمڪار آهي، جنھن بادشاهي تمغو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي!“
وتائي مُرڪي وراڻيو، ”فقيرن جيان اهو قلمڪار بہ تمغي جو تمنائي ناهي تہ، پڪ سان اهو بي تاج بادشاھہ آهي!“

ٻيا ماڻھو

گامونءَ کان پڇيم، ”مان سدائين ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ڇو آھيان، منھنجي زندگيءَ جون مشڪلاتون ختم ڇو نٿيون ٿين؟“
گامونءَ ٿورو ڪاوڙ منجهان مون ڏانھن ڏسندي چيو، ”انھيءَ جو قصوروار تون پاڻ آهين!“
حيرت سان وراڻيم، ”مون ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن جي سزا ختم ئي نٿي ٿئي پر اها سزا منھنجي زندگيءَ سان گڏ جاري رهي ٿي!؟“
گامونءَ منھنجي ڇاتيءَ تي آڱر رکي تلخيءَ سان چيو، ”تو سدائين عھديدار کي ليڊر سمجهيو آهي. اها ئي تنھنجي سڀ کان وڏي غلطي آهي!“
مون کي گامونءَ جي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
مان سوچَ ۾ پئجي ويس.
گامونءَ مون کي خاموش ڏسي چيو، ”جنھن ڏينھن تو عھديدار ۽ ليڊر جي فرق کي سمجهي ورتو، انھيءَ ڏينھن تنھنجي تقدير بدلجي ويندي. تون ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي زنجيرن منجهان آزاد ٿي ويندين.“
ڪجهہ سوچي پڇيم، ”ليڊر ۽ عھديدار ۾ ڪھڙو فرق هوندو آهي؟“
گامونءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”ليڊر پنھنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي، جڏهن تہ عھديدار فقط ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو آهي ۽ فيصلا ڪي ٻيا ماڻھو ڪندا آهن.“

شڪاري

گامونءَ هرڻ جو شڪار ڪرڻ ۽ هرڻ کي ڪُھڻ جي وڊيو فيس بڪ تي ڏٺي تہ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. گامونءَ هرڻ جي درد کي پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا.
گامونءَ گيم انسپيڪٽر کي شڪاريءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڏني پر گيم انسپيڪٽر شڪاريءَ خلاف ڪابہ ڪارروائي نہ ڪئي.
گامون شڪاريءَ ۽ گيم انسپيڪٽر خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پھتو تہ، گامونءَ جي ڳالھہ ٻُڌي صوبيدار ٽھڪ ڏيئي چيو، ”سڄي ملڪ ۾ روز ڪيترائي ماڻھو ماريا وڃن ٿا، انھن مارجي ويل انسانن مان بہ ڪيترن جي رپورٽ ئي داخل نٿي ٿئي. تون وري هرڻ کي مارڻ جي دانھن کڻي آيو آهين!“
گامونءَ حيرت ۽ ڏک سان وراڻيو، ”هرڻ انھن جانورن ۾ شامل آهي، جن جي شڪار تي اسان جي ملڪ ۾ بندش آهي.“
ٿلھي پيٽ واري صوبيدار اوڳرائي ڏيندي چيو، ”هرڻ جو مزيدار گوشت کائي ڏسين تہ خبر پوئي. اهي بندشون مڙئي سرڪاري ڪاغذن ۾ هونديون آهن!“
گامونءَ شڪاريءَ، گيم انسپيڪٽر ۽ صوبيدار خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو.
گامون عدالت کان گهر ڏانھن واپس وڃي رهيو هو تہ، سندس موبائيل فون تي ڪنھن نئين نمبر تان ڪال آئي. ڪال ڪندڙ کيس ڌمڪي ڏيندي چيو، ”شڪار جو شوق تہ اسان ضرور پورو ڪنداسين، پوءِ هرڻ جو شڪار ڪيون يا ماڻھو ماريون. ياد رکجانءِ تہ جيڪڏهن اسان ماڻھوءَ جو شڪار شروع ڪيو تہ، اسان جو سڀ کان پھريون شڪار تون ئي هوندين.“
گامونءَ بنا خوف جي سڪون سان وراڻيو، ”مون کي هر دور ۾ هيسائڻ، دٻائڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر گامون هر دور ۾ موجود هوندو آهي ۽ سچ ڳالھائيندو رهندو آهي!“

شرم

گامونءَ جون اکيون ڳاڙهيون هيون. سخت ڪاوڙ منجهان چيائين، ”تو سچ لکڻ بند ڪري سٺو ناهي ڪيو!“
وراڻيم، ”منھنجي سچ لکڻ سان ماڻھن کي ڪاوڙ ٿي لڳي!“
چيائين، ”اهو تنھنجو مسئلو ناهي. اهو انھن ماڻھن جو مسئلو آهي، جن کي سچ نٿو وڻي.“
چيم، ”سچ لکي ماڻھن کي ڪاوڙائي، مان تو جيان پنھنجا دشمن پيدا نٿو ڪرڻ چاهيان.“
چيائين، ”ڪُوڙ تي واھہ واھہ ڪندڙ ماڻھو ڪڏھن بہ تنھنجا دوست نہ ٿي سگهندا، اهي فقط پنھنجي مفادن جا دوست هوندا آهن.“
وراڻيم، ”ها، مڃان ٿو تہ تنھنجي ڳالھہ سئو سيڪڙو سچ آهي!“
گامونءَ غور سان منھنجي مُنھن ۾ ڏسندي چيو، ”خسيس مفادن خاطر سچ نہ لکڻ کان پوءِ، تو آئيني ۾ پنھنجو مُنھن ڏٺو آهي؟“
چيم، ”نہ.“
گامونءَ آئينو کڻي منھنجي سامھون جهليو.
مون آئيني ۾ پنھنجو مُنھن ڏٺو ۽ پنھنجي چھري تي ندامت جا آثار ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيم.
گامونءَ پڇيو، ”ڪنڌ ڇو هيٺ ڪري ڇڏيئي؟“
وراڻيم، "مون کي پنھنجي شڪل نٿي وڻي!"
چيائين، ”تنھنجو ضمير اڃا زندھہ آهي، تڏهن تہ سچ نہ لکي سگهڻ کان پوءِ توکي پنھنجي شڪل نٿي وڻي!“
مون ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس.
گامونءَ چيو، ”ڪنڌ ڇونہ ٿو مٿي ڪرين؟“
مان خاموش رهيس. منھنجو ڪنڌ جُهڪيل ئي رهيو.
گامون ڪجهہ دير مون ڏانھن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاوڙ منجهان چيائين، ”جيڪو ليکڪ سچ نہ لکي سگهي، ان کي ٻُڏي مرڻ گهرجي!“
مون ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
گامونءَ پڇيو، ”ڪنڌ ڇو نٿو مٿي ڪرين؟“
ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ چيم، ”مان شرم ۾ ٻڏي ويو آهيان.“

انتظار حسين جون اکيون

صبح جو گامون ضروري ڪم لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو تہ، وبا جي ڏينھن سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنھنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو. گامون ٽن ڪلاڪن کان پوءِ واپس آيو، تڏهن بہ انتظار حسين پنھنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي ساڳئي حالت ۾ ئي ويٺل هو.
منجهند جو گامونءَ گهرَ کان ٻاهر ليئو پائي ڏٺو تہ، وبا جي ڏينھن سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنھنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو.
شام جو گامون ضرورت جو سامان وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاھر نڪتو تہ، وبا جي ڏينھن سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنھنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو.
رات جو گامون پَسار ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاھر نڪتو تہ، وبا جي راتين سبب سڄي گهٽي ويران هئي پر انتظار حسين پنھنجي گهرَ جي دِڪيءَ تي انتظار جي حالت ۾ ويٺل هو!
گامون روز صبح، منجهند، شام ۽ رات جو انتظار حسين کي ساڳئي انتظار واري حالت ۾ ويٺل نظر ايندو رهيو.
ڪيترائي ڏينھن گذري ويا پر انتظار حسين جو انتظار ختم نہ ٿيو!
هڪ ڏينھن گامونءَ، انتظار ڪندڙ انتظار حسين جي ڀرسان وڃي کائنس پڇيو، ”انتظار حسين، تون ڪيترن ڏينھن کان لڳاتار ڪنھن جو انتظار پيو ڪرين؟“
انتظار حسين ڊگهو ساھہ کڻي، خشڪ ٿي ويل چپن سان وراڻيو، ”مان پنھنجي ليڊر جو انتظار پيو ڪيان!“
گامونءَ حيرت سان پڇيو، ”ڇو پيو ليڊر جو انتظار ڪرين!؟“
انتظار حسين ڏرا ڏئي ويل اکين سان اڳ ۾ گهٽيءَ جي ٻنھي پاسي نھاريو ۽ پوءِ هن گامونءَ ڏانھن ڏسندي چيو، ”ووٽ وٺڻ مھل ليڊر مون سان واعدو ڪيو هو تہ، هر مشڪل وقت ۾ هُو مون سان گڏ هوندو!“
گامونءَ پڇيو، ”ڇا ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ، ليڊر وري ڪڏهن توسان ملڻ آيو آهي؟“
انتظار حسين ناڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، ”نہ انھيءَ کان پوءِ تہ مون هن کي ڏٺو بہ ناهي. هاڻي تہ انتظار ۾ منھنجيون اکيون پٿر ٿي ويون آهن!“
گامونءَ پڇيو، ”توکي خبر آهي تہ تنھنجيون اکيون پٿر جون ڇو ٿي ويون آھن؟“
انتظار حسين انڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
گامونءَ غور سان انتظار حسين جي اکين ۾ ڏسندي چيو، ”انتظار حسين، تنھنجيون اکيون ان ڪري پٿر جون ٿي ويون آهن، جو تنھنجي ليڊر جي دل پٿر جي آهي!“

دشمنن جي شھر ۾

شھر واسي سچ ٻُڌڻ جا عادي نہ هئا پر گامونءَ کي سچ ڳالھائڻ جي عادت هئي.
گامون سچ ڳالھائيندو رهيو.
شھر ۾ سندس دشمنن جو تعداد وڌندو رهيو.
کيس چيم، ”سچ ڳالھائڻ ڇڏي ڏي، نہ تہ مارجي ويندين!“
چيائين، ”مان سچ ڳالھائڻ ڇڏي ڏيندس تہ مري ويندس!“
چيومانس، ”تہ پوءِ ڪنھن ٻئي شھر وڃي سچ ڳالھاءِ. هن شھر جا سڀ ماڻھو تنھنجا دشمن ٿي چڪا آهن!“
گامون پنھنجي شھر مان لڏي ٻئي شھر هليو ويو.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ هو واپس موٽي آيو.
پڇيومانس، ”واپس ڇو موٽي آئين؟“
گامونءَ وراڻيو، ”جنھن شھر ۾ لائبريري، باغ ۽ راندين جو ميدان نہ هجي، انھيءَ ۾ رهڻ کان دشمنن جي شھر ۾ رهڻ وڌيڪ بھتر آهي!“

ڪتا

ٻار کي ڇِتي ڪتي چڪ پاتو تہ غريب ماءُ پنھنجي معصوم ٻار کي کڻي سرڪاري اسپتال پھتي. کيس چيو ويو، ”اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ جي ويڪسين موجود ناهي.“
ماءُ پريشانيءَ منجهان پڇيو، ”ڪٿان ملندي ويڪسين؟“
کيس چيو ويو، ”اسپتال جي ٻاهران ميڊيڪل اسٽور تي ملندي.“
پريشان ماءُ ننڍڙي ٻار کي سيني سان لائي ميڊيڪل اسٽور تي پھچي ويڪسين جي گُهر ڪئي پر ويڪسين جي قيمت ٻُڌي، مسڪين ماءُ جو ساھہ سُڪي ويو. بيوس ماءُ مايوس ٿي، ٻار کي گهر واپس کڻي وئي.
هر گذرندڙ ڏينھن سان ٻار جي حالت خراب ٿيندي رهي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ٻار مري ويو تہ ماءُ، ٻار جو لاش کڻي احتجاج ڪيو.
رستي تان گذرندڙ گامونءَ، ڏکويل ماءُ جي ويجهو پھچي پڇيو، ”تنھنجو ٻار تہ مري ويو، هاڻي ڇو پئي احتجاج ڪرين!“
ماءُ هٿن ۾ جهليل پنھنجي ٻار جي لاش ڏانھن ڏسندي، سُڏڪو ڀري چيو، ”مون کي ٻُڌايو وڃي تہ، ڪتي جي چَڪَ جِي ويڪسين جا سرڪار طرفان ملندڙ پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن!؟“
گامونءَ افسوس سان وراڻيو، ”اهي پئسا وڏا ڪتا کائي ٿا وڃن....!“
انھيءَ مھل اوچتو ڪٿان ڪتو ڀونڪيو تہ، مري ويل ٻار جي ماءُ ڇرڪي پئي ۽ هن دهشت منجهان رڙ ڪري پڇيو، ”ڪتا مار مھم جا پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن!؟“
گامونءَ ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”اهي پئسا وري ننڍا ڪتا کائي ٿا وڃن... !“

امرتا جي ماءُ

گامون شھر جي چوواٽي تي بيھي هجوم جي سامھون احتجاج ڪندي چئي رهيو هو، ”هاسٽل ۾ مارجي ويل شاگردياڻي امرتا جي موت جي جاچ کان اڳ ۾، درسگاھہ جِي سڄي انتظاميہ کي عھدن تان هٽايو وڃي!“
انتظاميہ جي همدرد هڪ شخص سخت ڪاوڙ منجهان پڇيو، ”درسگاھہ جي انتظاميہ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي!“
گامونءَ رڙ ڪري چيو، ”اصل مجرم کان وڏو ڏوهاري اهو هوندو آهي، جيڪو ڏوھہ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. درسگاھہ جي انتظاميہ پنھنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ ڪَکَ رکڻ ٿي چاهي. انتظامه شاگردياڻيءَ جو خون لوڙهڻ ٿي چاهي!“
هجوم ۾ موجود هڪ ڏکويل عورت اوچتو گامونءَ ڏانھن وڌي آئي ۽ کيس چتائي ڏسندي پڇيائين، ”انتظاميہ خلاف احتجاج ڪري تون پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿو وجهين!؟“
گامونءَ ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”ڏاڍ خلاف آواز نہ اٿاري سگهجي تہ ٻُڏي مرجي!“
عورت گامونءَ جا هٿ جهلي چيو، ”تنھنجي جذبي کي ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي آهي تہ امرتا جون خون نہ لُڙهندو.“
گامونءَ حيرت سان پڇيو، ”توهان ڪير آهيو؟“
گامونءَ جي سوال تي عورت جون اکيون آليون ٿي ويون. تمام وڏو ساھہ کڻي، انتھائي ڪَرب سان چيائين، ”مان امرتا جھڙين سڀني ڇوڪرين جي ماءُ آهيان!“
گامون جي اکين منجهان ٻہ لڙڪ ٽميا ۽ ڏکويل عورت جي پيرن تي وڃي ڪِريا.

ٽارچر سيل

اظھار جي آزاديءَ تي پابندي لڳي تہ، گامون ڪاوڙ منجهان ٽڀي باھہ ٿي ويو. هن بندش جي باوجود سچ ڳالھائڻ بند نہ ڪيو.
ڪجهہ ماڻھو آيا ۽ گامونءَ جون اکيون ٻَڌي، کيس کنڀي کڻي ويا. ڊگهي سفر کان پوءِ، انھن گامونءَ کي پنھنجي صاحب جي اڳيان پيش ڪيو.
صاحب گامونءَ کي سمجهائيندي چيو، ”سچ ڳالھائڻ نہ ڇڏيندين تہ مارجي ويندين!“
گامونءَ ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”مان سچ نہ ڳالھائيندس تہ مري ويندس!“
صاحب گامونءَ کي وارننگ ڏئي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صاحب جا ماڻھو گامونءَ جي اکين تي پٽي ٻَڌي کيس سندس شھر جي ٻاهران ڦٽي ڪري ويا. گامونءَ پنھنجي اکين تان پَٽي لاهي ڦٽي ڪئي ۽ شھر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي، اڳي کان وڌيڪ ڪَڙو سچ ڳالھائڻ شروع ڪيو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ شھر منجهان گامون گم ٿي ويو.
ٽارچر سيل ۾ سخت تشدد کان پوءِ گامونءَ جي زبان وڍي وئي. زبان وڍيندڙ گامون جي زبان کڻي ٽارچر سيل جو دروازو بند ڪري رهيا هئا تہ، گامونءَ ٻيھر ڳالھايو، ”توهان منھنجي زبان تہ وڍي سگهو ٿا پر تڏهن بہ مون کي سچ ڳالھائڻ کان روڪي نٿا سگهو!“
گامونءَ جي زبان ٻيھر وڍي وئي تہ گامونءَ وري بہ ڳالھايو، ”توهان ڪڏهن بہ مون کي سچ ڳالھائڻ کان نہ روڪي سگهندئو!“
گامونءَ جي زبان ڪيترائي ڀيرا وڍي وئي پر هو ڳالھائيندو ئي رهيو. ٽارچر سيل جي انچارج پنھنجي صاحب کي رپورٽ ڪئي، ”گامونءَ وٽ بيشمار زبانون آهن. انھن سڀني زبانن کي وڍڻ ناممڪن آهي!“
صاحب پنھنجي باس کي رپورٽ موڪلي، جنھن ۾ لکيل هو، ”گامونءَ کي آزاد ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، ڇو تہ اڄ جي دؤر ۾ زبان بندي ممڪن ناهي!“
گامون اڃان بہ ٽارچر سيل ۾ موجود آهي ۽ سچ ڳالھائي رهيو آهي!

جيئري مري ويل ماڻھو

ٻيانوي سالن جو اهو ٻڍڙو شخص، ٻن سالن کان پوءِ انھيءَ ساڳئي دڪان تي ويو، جتان هن نوي سالن جي عمر ۾ هڪ ڪفن خريد ڪيو هو.
دڪان تي اڳ ۾ ئي ڪجهہ گراهڪ موجود هئا، تڏهن بہ دڪاندار نئين آيل پوڙهي گراهڪ ڏانھن مُرڪي ڏٺو ۽ چيو، ”اڳتي هليا اچو سائين. ڇا کپي؟“
پوڙهو پوئتي ئي بيھي رهيو. کنگهندي چيائين، ”توهان گراهڪن منجهان واندا ٿي وٺو. مون کي تڪڙ ناهي.“
دڪاندار ٻين گراهڪن سان مصروف ٿي ويو ۽ پوڙهو شخص پنھنجي لَٺِ هٿ ۾ جهلي، پاسي تي پيل اسٽول تي ويھي رهيو.
دڪاندار آخري گراهڪ کي سامان ڏئي واندو ٿيو تہ، هن پوڙهي ڏانھن ڏسي چيو، ”حڪم ڪيو سائين، توهان کي ڇا کپي؟“
پوڙهو شخص اڳ ۾ کنگهيو ۽ پوءِ پنھنجي لَٺِ جي سھاري سان اٿيو ۽ ڪائونٽر وٽ پھچي چيائين، ”مون کي خريد تہ ڪجهہ ناهي ڪرڻو پر ڪجهہ کپائڻو آهي!“
دڪاندار ناگواريءَ سان وراڻيو، ”اسان هول سيل مارڪيٽ منجهان مال خريد ڪندا آهيون. رستي ويندڙن کان ڪجهہ ناهيون وٺندا.“
پوڙهي شخص پنھنجي ڪلھي تان بوڇڻ لاهي، بوڇڻ ۾ ٻَڌل ڳنڍ کولي ۽ هڪ اڇو ڪپڙو ڪڍي ڪائونٽر تي رکندي چيو، ”ٻہ سال اڳ هي ڪفن مون توهان جي ئي دڪان تان خريد ڪيو هو.“
دڪاندار حيرت سان پڇيو، ”ڪنھن جي لاءِ خريد ڪيو هو توهان اِهو ڪفن؟“
پوڙهي شخص وراڻيو، ”مون هي ڪفن پنھنجي لاءِ خريد ڪري رکيو هو.“
دڪاندار مُرڪي، طنز سان چيو، ”مرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو اَٿَوَ ڇا؟“
پوڙهي شخص تمام ڊگهو ساھہ کڻي وراڻيو، ”فلحال تہ مھانگائيءَ اسان غريبن کي جيئري ماري ڇڏيو آهي!“
دڪاندار ڪفن جي ڪپڙي کي کولي، چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو. ڪفن کي پاڻ وٽ رکي، هن ڪجهہ نوٽ ڪڍي پوڙهي شخص کي ڏنا.
ٻيانوي سالن جو اهو ٻُڍڙو شخص ڏڪندو، پنھنجي لَٺِ جي سھاري سان ڪفن واري دڪان تان هيٺ لٿو ۽ پوءِ هو دال، چانور ۽ اٽو خريد ڪرڻ لاءِ، ڪفن واري دڪان جي ڀرسان ئي موجود ٻئي دڪان ۾ اندر هليو ويو.

ڪفن موٽائي ڏيو

ٻيانوي سالن جو اهو ٻڍڙو شخص پنھنجي لاءِ ٻيو ڀيرو ڪفن خريد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، جنھن پھريون ڀيرو پنھنجي لاءِ خريد ڪري رکيل ڪفن، بک مرڻ کان بچڻ لاءِ واپس ڪري ڇڏيو هو!
انھيءَ ٻڍڙي شخص ٻن سالن کان ڪجهہ وڌيڪ عرصو پھرين پنھنجي لاءِ ڪفن خريد ڪري رکيو هو. ڪجهہ مھينا اڳ جڏهن انھيءَ پوڙهي ماڻھوءَ وٽ کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ هو، تڏهن هن ساڳئي دڪان تي ڪفن واپس ڪري وڃي دال، چانور ۽ اٽو خريد ڪيو هو.
ڪفن دفن جي سامان واري انھيءَ دڪان تي ڪجهہ نہ ڪجهہ گراهڪ تہ اڳي بہ هر وقت موجود هوندا هئا پر وبا جي ڏينھن ۾، هاڻي انھيءَ دڪان تي ڪفن خريد ڪندڙن جي وڌيڪ رش هئي.
ٻيانوي سالن جي ٻڍڙي ماڻھوءَ کي لٺ جي سھاري تي بيھي پنھنجي واري جو ڪيتري دير تائين انتظار ڪرڻو پيو. جڏهن سندس وارو آيو تہ، ماسڪ پاتل دڪاندار پوڙهي ڏانھن ڏسندي چيو، ”جلدي ٻڌايو سائين، توهان کي ڇا کپي؟“
پوڙهو شخص ڪجهہ ڳالھائڻ کان اڳ ۾ ٿورو کنگهيو تہ، دڪاندار ڇرڪي پوئتي ٿي ويو. ٻڍڙي جي پٺيان پنھنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل ماڻھن ۾ پوڙهي شخص جي کنگهڻ سبب پريشاني ۽ بيچيني پکڙجي وئي.
دڪاندار پري کان ئي تڪڙ ۾ وري پڇيو، ”جلدي ٻڌايو ڇا کپي؟“
پوڙهي شخص پنھنجي ڪلھي تان بوڇڻ لاهي، بوڇڻ جي ڪُنڊ ۾ ٻَڌل ڪجهہ نوٽ ڪڍيا ۽ کنگهندي چيو، ”مان ٻہ سال اڳي پنھنجي لاءِ خريد ڪيل ڪفن ڪجهہ مھينا اڳ ۾ موٽائي ڏئي ويو هئس. مون کي اهو ڪفن واپس گهرجي.“
دڪاندار بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ منجهان وراڻيو، ”خبر ئي نٿي پوي تہ توکي مرڻو بہ آهي يا ناهي مرڻو.... !“
پوڙهي شخص وڏا ساھہ کڻندي چيو، ”سرڪار پاران امداد ۾ ملندڙ رقم وٺڻ لاءِ رش ۾ وڃي ڦاٿو هئس. چيڀاٽجي اڌ مئو تہ اتي ئي ٿي پيو هئس، هاڻي وري بخار سان گڏ ساھہ مُنجهڻ لڳو آهي!“ ٻيانوي سالن جي ٻڍڙي شخص مُٺ ۾ پيل نوٽَ ڪائونٽر تي رکندي پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ”لڳي ٿو تہ اها امدادي رقم منھنجو سِرُ کڻندي. سرڪاري امداد جا هي پئسا توهان کڻو ۽ مون کي منھنجو ڪفن موٽائي ڏيو.... !“

ڪفن جا ٽڪرا

ٽيانوي سالن جو پوڙهو شخص هڪ هٿ ۾ کاڌي جي سامان جو ٿيلھيون کڻي، ٻئي هٿ ۾ جهليل لٺ جي سھاري سان هلندو گهر ۾ داخل ٿيو تہ، هو پنھنجي ٻيانوي سالن جي پوڙهِي زال ڏانھن ڏسي حيران ٿي ويو. گهر پھتل سھڪندڙ پوڙهو در جي ڀرسان ئي بيھي حيرت منجهان زال ڏانھن ڏسندو رهيو. ٿَڪ ۽ سھڪي سبب هو ڪجهہ ڳالھائي نہ سگهيو تہ، خاموشيءَ سان آهستي آهستي هلندو اڱڻ ۾ وڻ جي هيٺان پيل کٽ تي وڃي ويھي رهيو.
سخت گرميءَ ۾ ڊگهو پنڌ ڪري گهر پھچڻ سبب پوڙهي شخص جا ڪپڙا مڪمل طور تي پگهر ۾ آلا ٿي ويا هئا. پگهريل جسم سان چنبڙيل ململ جي اڇي رنگ واري قميص منجهان سندس هڏِين جِي مُٺ جھڙو ڏٻرو جسم نظر اچي رهيو هو. کٽ تي ويھڻ کان پوءِ بہ سندس سھڪو گهٽ نہ ٿيو. وات سان ڊگها ساھہ کڻڻ ڪري هن جو سينو هيٺ مٿي ٿي رهيو هو ۽ سندس ڪنڌ جون رڳون ڇڪجي رهيون هيون.
کٽ جي ڀرسان فرش تي ويٺل پوڙهي عورت اٿي. هن گهڙا منجيءَ تي رکيل گلاس کڻي گهڙَي ۾ وڌو ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي مڙس جي هٿ ۾ ڏنائين. پوڙهي مڙس ڏڪندڙ هٿ سان گلاس ورتو. هن ڪجهہ پاڻي پيتو ۽ ڪجهہ هٿ جي ڏڪڻيءَ سبب سندس پگهر هاڻن ڪپڙن تي هارجي پيو.
پوڙهيءَ مڙس جي ڀرسان کٽ تي پيل سيڌي جي سامان جون ٿيلھيون کڻي چلھہ جي ڀرسان رکيون ۽ موٽي اچي وري فرش تي ويھي هن ڪئنچي کنئي.
مڙس اُڀ ساهيءَ سبب ڊگها ڊگها ساھہ کڻندي حيرت سان چيو، ”مان تہ پنھنجي لاءِ رکيل ڪفن وڪڻي سيڌو وٺي آيو آهيان. تو چيو هو تہ بک مري ويندينءَ پر تون پنھنجي لاءِ خريد ڪري رکيل ڪفن نہ کپائيندينءَ، پوءِ تو پنھنجي ڪفن کي ٽڪرا ٽڪرا ڇو ڪري ڇڏيو آهي؟!“
عورت پنھنجي ڪفن جي بچيل باقي ڪپڙي تي ڪئنچي هلائيندي وراڻيو، ”منھنجي هِڪڙي ڪفن منجهان کوڙ ماسڪ ٺھي پوندا.“
مڙس جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. وڏا ساھہ کڻندي وڌيڪ حيرت سان پڇيائين، ”وڃين تہ ڪيڏانھن ڪونہ ٿي. ڇا ڪندينءَ ايڏا ماسڪ؟“
پوڙهي عورت ٿلھن شييشن وارِي نظر جِي عينڪ پائي، سئيءَ ۾ ڌاڳو وڌو ۽ پوءِ ڪفن جي ٽُڪرن منجهان هڪ ٽڪرو کڻي ماسڪ سبندي چيو، ”هڪ ماسڪ تون پائجانءِ، ٻيا سڀئي ورهائي ڇڏينديس. متان ڪو ماڻھو منھنجي ڪفن منجهان ٺاهيل ماسڪ پائڻ سبب وبا ۾ مرڻ کان بچي پوي!“
پوڙهو شخص زال جي ڳالھہ ٻُڌي، سڌو ٿي کٽ تي ليٽي پيو ۽ سندس ساھہ جو پکي پرواز ڪري ويو!

روحَ جِي اُڏا م

عالمي وبا ڌرتيءَ جي سڄي گولي تي ڦھلجي وئي تہ، منھنجي شھر جا بيشمار ماڻھو بہ وبا جو شڪار ٿيڻ لڳا. ڪيترائي ماڻھو روز بيمار ٿيڻ لڳا ۽ ڪيترا انسان روز مرڻ لڳا. مرندڙ ماڻھن جا لاش بہ وارثن کي نٿي ڏنا ويا، جو لاشن منجهان جيئرن ماڻھن جي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو هو.
مون وبا ۾ مرڻ نٿي چاهيو، تنھن ڪري مون ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، ڳوٺ کان بہ گهڻو پرتي هڪ جهوپڙي ٺاهيندس ۽ دنيا منجهان وبا جي مڪمل خاتمي تائين، انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ اڪيلائيءَ جي زندگي گذاريندس.
ماسڪ ۽ هينڊ گلوز پاتم. سينيٽائيزر، ڊيٽول، هينڊ واش ۽ ضرورت جون ٻيون شيون هينڊ بيگ ۾ وڌم ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ گهران نڪري پيس.
لاڪ ڊائون سبب ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڪا بہ سواري نہ ملي تہ، مان لڳاتار پنڌ ڪري شھر کان ٻاهر نڪري ويس ۽ موٽر وي جي پاسي تي رکيل هڪ بينچ تي وڃي ويھي رهيس. سوچيم، شايد ڪو رحمدل ڪار وارو مون کي لفٽ ڏئي ۽ مان پنھنجي منزل پھچي وڃان.
جنھن مھل بہ ڪا ڪار توڙي مال بردار گاڏي نظر آئي ٿي تہ، مون بينچ تان اٿي لفٽ لاءِ اشارو ٿي ڏنو پر ڪابہ گاڏي منھنجي لاءِ نہ پئي بيٺي!
سج لھي ويو ۽ اوندھہ ٿيڻ واري هئي.
مون هڪ ڪار کي لفٽ لاءِ اشارو ڏنو پر اها بہ ٻين سڀني گاڏين جيان بنا بيھڻ جي تيزيءَ سان اڳتي هلي وئي. مون بيحد ٿڪل حالت ۾ بينچ تي ويھڻ لاءِ پوئتي مُنھن ورايو تہ، بينچ تي هڪ شخص ويٺل نظر آيو.
مون هن ڏانھن ڪاوڙ منجهان ڏسندي چيو، ”مون اڪيلي کي بہ سڄي ڏينھن ۾ ڪنھن گاڏيءَ واري لفٽ ناهي ڏني، ويتر تون بہ هتي اچي ويٺو آهين!“
هن جي چھري تي مُرڪ اچي وئي. چيائين، ”مان لفٽ ڏيندو آهيان، وٺندو ناهيان!“
حيرت سان وراڻيم، ”تو وٽ تہ پاڻ ڪا سواري ڪانھي!“
هن سنجيدگيءَ سان چيو، ”مون کي سواريءَ لاءِ ڪنھن بہ گاڏيءَ جي ضرورت ناهي هوندي.“
مون کي هن جي ذهني حالت تي شڪ محسوس ٿيو.
مان هن جي ڀرسان وڃي بينچ تي ويھڻ بدران پنھنجي جاءِ تي بيٺو رهيس.
هن بينچ تي هڪ طرف سُري چيو، ”اچ، منھنجي ڀرسان اچي ويھہ.“
چيومانس، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. جيڪڏهن تون نہ هجين ها تہ مان انھيءَ بينچ تي ليٽي پوان ها.“
هو مُرڪي اٿي بيھي رهيو. چيائين، ”ها، تون واقعي ٿڪجي پيو آهين. ليٽي پئہ.“
مان ڏاڍو ٿڪل هئس. بينچ تي وڃي ليٽي پيس ۽ ڪنڌ ورائي هن ڏانھن ڏسندي چيم، ”تون بہ شايد مون جيان، پاڻ کي وبا کان بچائڻ لاءِ شھر ڇڏي نڪتو آهين!“
هن منھنجين اکين ۾ ڏسندي چيو، ”موت تہ ڪٿي بہ جَهڙپَ ڏئي ساھہ ڪڍي سگهي ٿو!“
ڊگهو ساھہ کڻي چيم، ”وبا سبب دنيا ۾ روز هزارين ماڻھو مري رهيا آهن. جيڪر مان روح جا پَرَ ڪَٽي سندس پرواز کي روڪي سگهان!“
هو ٽھڪ ڏيندو منھنجي مٿان جُهڪي آيو. مُرڪي چيائين، ”تون يا ڪو بہ انسان فقط اهڙي خواهش ئي ڪري سگهي ٿو پر اهڙو عمل انسان جي وس کان ٻاھر آهي!“
مان هن جو آواز ٻُڌي ڇرڪي پيس، ڇو تہ هن بلڪل منھنجي ئي آواز ۾ ڳالھايو هو!
مان اڃان پاڻ جھڙي آواز تي حيران هئس تہ اوچتو هن جو چھرو تبديل ٿي، منھنجي چھري جھڙو ٿي ويو!
اڌ اونداهي ماحول ۾ هن جي پاڻ جھڙي چھري ڏانھن ڏسندي خوف سبب منھنجو جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو.
اوچتو هن جي جسم منجهان وڏا پَرَ ڦُٽي نڪتا.
هن پَرَ ڦھلايا تہ دونھاٽجي پاڇولي جھڙو ٿي ويو ۽ مون پنھنجو ساھہ نڪرندي محسوس ڪيو.
هو اوچتو ڀڙڪو ڏئي تيزيءَ سان مٿي اڏاميو ۽ منھنجي نظرن کان گم ٿيڻ لڳو تہ منھنجيون اکيون بند ٿي ويون!

ٻيو وائرس

هو روز رات جو ڪجهہ ماني بچائي رکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ بک هجڻ جي باوجود، هو ڪجهہ بک برداشت ڪري بہ، لازمي طور تي روز جيتري ماني ضرور بچائيندو هو ۽ سوچيندو هو، ’جيڪڏھن صبح جو ايندڙ مھمان کي ڪجهہ بہ پيش نہ ڪري سگهيس تہ، سندس اڳيان ڪنڌ کڻڻ جھڙو ئي نہ رهندس.‘
صبح جو اها بچايل ماني کڻي هو گهر جو در کوليندو هو تہ، مھمان اڳ ۾ ئي در تي سندس انتظار ۾ موجود هوندو هو.
اهو مھمان هڪ ڪتو هو.
هو ڪتي جي اڳيان ماني رکندو هو تہ، ڪتو اڳ ۾ سندس پيرن تي ليٿڙيون پائي هن سان پيار جو اظھار ڪندو هو ۽ پوءِ ماني کائڻ شروع ڪندو هو. ماني کائڻ کان پوءِ ڪتو هن جي سامھون بيھي، ڪجهہ دير احسانمند نظرن سان هن ڏانھن ڏسندو رهندو هو ۽ پوءِ هليو ويندو هو.
هڪ رات هن وٽ کائڻ لاءِ ماني ڪونہ هئي. هو بک تي ئي سمھي پيو.
صبح جو جاڳيو تہ هن اٿي گهر جو در نہ کوليو، جو در تي ويٺل مھمان کي کارائڻ لاءِ هن وٽ ڪجهہ بہ نہ هو.
هو ڪافي دير تائين ليٽيل رهيو. جڏهن گهڻي دير گذري وئي ۽ هن کي پَڪَ ٿي وئي تہ، در تي ويٺل مھمان هليو ويو هوندو، تڏهن هن ڪيڏانھن وڃڻ جو سوچي در کوليو. گهڻي دير گذري وڃڻ باوجود بہ، در تي سندس مھمان ڪتو موجود هو!
هن هيٺ ويھي، مھمان ڪتي جي مٿي تي پيار سان هٿ ڦيريو تہ، کاڌو نہ ملڻ جي باوجود بہ ڪتي پيار سان هن جي پيرن تي ليٿڙيون پاتيون. روز جيان ڪجهہ دير هن ڏانھن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.
هو اهو سڄو ڏينھن بک تي رهيو ۽ رات جو وري بک تي ئي سمھي پيو.
صبح جو اٿي هن در کوليو تہ، سندس مھمان ڪتو در وٽ ئي ويٺو هو.
ڪتي هن کي خالي هٿين ڏسڻ جي باوجود سندس پيرن تي پيارا سان ليٿڙيون پاتيون، ڪجهہ دير خاموش نظرن سان هن ڏانھن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.
هن پاڙيسري شخص کان ٻڌو تہ، ڪجهہ فاصلي تي موجود ميدان تي امدادي سامان ورهايو پيو وڃي. هن امداد ۽ خيرات طور ملندڙ سامان وٺڻ لاءِ سوچيو بہ نہ هو پر پيٽ ۾ پوندڙ بک جي چڪن سبب، نہ چاهيندي بہ هو ميدان ڏانھن هليو ويو.
ميدان تي هڪ طرف هڪ دولتمند ماڻھو، هڪ مسڪين انسان کي پنج ڪلو اٽي جو پيڪيٽ ڏيندي مُرڪي فوٽو ڪڍرائي رهيو هو.
ٻئي طرف ٽي عوامي نمائندا، مسڪين ٻار کي هڪ سستو صابڻ ڏيندي، پنھنجا ڏند ڏيکاري فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا.
ڪجهہ فاصلي تي پنج ماڻھو، هڪ لاچار سھڻي نوجوان عورت کي سيڌي جي هڪ ننڍڙي ٿيلھي ڏئي رهيا هئا. پنجن ئي ماڻھن جي مُنھن تي مُرڪَ ۽ سندن هٿَ ٿيلھيءَ ۾ هئا. لاچار سھڻي عورت جو شرم سبب ڪنڌ جُهڪيل هو ۽ هن پنھنجي پوتيءَ جي پلئه کي ڏندن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. ٿيلھي ڏيندڙن جي سامھون موجود نوجوانَ فوٽو ڪڍيو تہ، ٿيلھيءَ ۾ هٿَ وجهي بيٺلن مان هڪ شخص رڙ ڪري چيو، ”اهو فوٽو جلدي فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انساٽاگرام تي پوسٽ ڪجانءِ ۽ پوءِ ڪنھن ٻئي کي هيڏانھن ڇڏجانءِ.“
ڪورونا جي وبا دوران، شھرت جي وائرس ۾ مبتلا انھن سڀني ماڻھن کان هن سخت ڪراھت محسوس ڪئي.
هو پنھنجي بک ۽ عزتِ نفس سان گڏ، خالي هٿين واپس موٽي ويو.
هو پنھنجي گهر جي در تي پھتو تہ، ڪتو سندس انتظار ڪري رهيو هو. ڪتي جي وات ۾ هڪ پلاسٽڪ بيگ جو هينڊل هو ۽ بيگ ۾ سندس مُنھن اڳيان لڙڪي رهيو هو.
هن هيٺ ويھي ڪتي جي وات ۾ جهليل پلاسٽڪ بيگ وٺي کولي ڏٺي. ڪنھن گند جي ڍير تان کنيل انھيءَ ٿيلھيءَ ۾، بچائي ڦِٽي ڪيل ڪجهہ کاڌو موجود هو.
هن پيار سان ڪتي جي مٿي تي هٿ ڦيريو تہ، پيار سان گڏ هن پنھنجي دل ۾ ڪتي لاءِ عزت بہ محسوس ڪئي ۽ ڪتي پاران ڏنل کاڌي جي ٿيلھي کڻي هو گهر ۾ اندر هليو ويو!

ڪووڊ وارڊ جو بند دروازو

اسپتال جي ڪووڊ وارڊ ٻاهران ڪوريڊور ۾، ماسڪ پاتل اڌڙوٽ عمر جي عورت رڙيون ڪري رهي هئي، ”ڊاڪٽر... ڊاڪٽر... خدا جي واسطي منھنجي پُٽ کي ڏسو... !“
عورت جي رڙ شيشي جي ٻئي طرف ڪووڊ وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽر تائين نہ پھچي سگهي.
عورت ڪيترائي ڀيرا رڙيون ڪري ڊاڪٽر کي سڏ ڪندي رهي پر ڪنھن بہ هن ڏانھن ڌيان نہ ڏنو. عورت وارڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ چاهيو تہ، وارڊ جي دروازي تي موجود گارڊ، عورت کي روڪي سختيءَ سان چيو، ”توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم تہ، وارڊ ۾ داخل ٿيڻ منع آهي!“
عورت هٿ جوڙي روئندي چيو، ”منھنجو... منھنجو پٽ مري ويندو.“
گارڊ سرد لھجي ۾ وراڻيو، ”هن اسپتال ۾ ڪوبہ بيڊ خالي ناهي. پنھنجي پٽ کي ڪنھن ٻي اسپتال ڏانھن کڻائي وڃ.“
عورت جو آواز ڏڪڻ لڳو، ”ڪنھن ٻي اسپتال ۾ بہ بيڊ خالي ناهي!“
گارڊ هڪ نظر اسٽريچر تي پيل نوجوان ڏانھن ڏسي وراڻيو، ”وري بہ ڪنھن ٻئي اسپتال ۾ ڪوشش ڪر. وقت نہ وڃاءِ، تنھنجي پٽ جي حالت ٺيڪ نٿي لڳي.“
گارڊ جي ڳالھہ ٻڌي عورت جو ساھہ سُڪي ويو. هن واپس اسٽريچر وٽ وڃي پنھنجي پُٽ ڏانھن ڏٺو، جيڪو ساھہ کڻڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هو.
عورت شيشي جي ٻئي طرف موجود ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو.
وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽر مريضن کي ڏسڻ ۾ مصروف هو.
عورت وارڊ جي شيشي کي ڌَڪَ هڻندي دهشت منجهان رڙ ڪئي، ”منھنجو پٽ مري پيو... مري پيو منھنجو ٻچڙو....“
ڪوريڊور ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻھن منجهان ڪنھن بہ عورت ڏانھن ڌيان نہ ڏنو.
ڪووڊ وارڊ جي گارڊ عورت ۽ اسٽريچر تي پيل سندس پٽ جي حالت ڏانھن ڏسي ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو.
عورت شيشي جي ٻئي پاسي ڪووڊ وارڊ ۾ مصروف ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري، پنھنجي پٽ ڏانھن ڏٺائين تہ کيس لڳو، سندس پٽ ساھہ نہ پيو کڻي.
عورت بيوسيءَ منجهان هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. ڪووڊ وارڊ جي بند دروازي ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ پنھنجي چھري تان ماسڪ لاهي ڦٽو ڪيائين. هوءَ هڪدم پنھنجي پٽ جي چھري مٿان جُهڪي وئي ۽ پنھنجا چَپَ پنھنجي پٽ جي چپن مٿان رکي کيس ساھہ کڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.
ڪووڊ وارڊ منجهان ٻاهر نڪرندڙ هڪ نرس، عورت جي چھري کي ٻنھي هٿن سان جهلي مٿي ڪري چيو، ”ائين ڪرڻ سان تنھنجو نوجوان پٽ تہ شايد بچي وڃي پر تون مري ويندينءَ... ڇا پئي ڪري تون!“
عورت هڪدم وراڻيو، ”مان پنھنجو ساھہ پنھنجي پٽ جي جسم ۾ داخل ڪرڻ ٿي چاهيان. ڀل مري وڃان مان!“ اهو چئي عورت نرس جي هٿن منجهان پاڻ ڇڏايو ۽ پنھنجا چَپَ پنھنجي پٽ جي چَپن مٿان رکي ڇڏيائين.

نظر نہ ايندڙ هاٿي

گامون ڏاڍو فڪرمند هو.
پڇيومانس، ”ڇا ڳالھہ آهي گامون؟“
چيائين، ”اٿيءَ هندستان ڏسي ورتو آهي!“
چيم، ”هندستان جي جهنگ جهر ۾ تہ بيشمار هاٿي موجود آهن پر ڪڏهن ڪڏهن شھرن ۾ رستن تي بہ هاٿي هلندي نظر ايندا آهن.“
گامونءَ ٿڌو ساھہ کڻي وراڻيو، ”مان انھن هاٿين جي ڳالھہ نٿو ڪيان.“
حيرت سان پڇيم، ”تہ پوءِ تون ڪھڙي هاٿيءَ جي ڳالھہ پيو ڪرين؟“
چيائين، ”مان انھيءَ هاٿيءَ جي ڳالھہ پيو ڪيان، جيڪو هندستان ۾ لکين ماڻھن کي روز چيڀاٽي رهيو آهي ۽ چيڀاٽجي ويل لکين ماڻھن منجهان روز هزارين ماڻھو مري رهيا آهن!“
مان گامونءَ جي ڳالھہ ٻُڌي سوچ ۾ پئجي ويس.
گامونءَ وڌيڪ فڪرمنديءَ سان چيو، ”ماڻھن کي ماريندڙ ڪنھن مست هاٿيءَ کي تہ گوليءَ سان ماري سگهجي ٿو پر جيڪو هاٿي نظر نہ ٿو اچي، انھيءَ جي اڳيان انسان ڏاڍو بيوس ۽ لاچار ٿي پيو آهي!“
گامونءَ سان گڏ مان بہ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس.
گامونءَ دُور خلائن ۾ نھاريندي خوف سان چيو، ”نظر نہ ايندڙ هاٿيءَ کي سرحدون نہ روڪي سگهنديون ۽ اهو ڪنھن بہ وقت اسان جي ديس ۾ داخل ٿي سگهي ٿو... !“

سوين قاتل

ڪورونا ۾ مبتلا پنھنجي بيحد ويجهي فنڪار دوست جي موت جي فيس بڪ خبر پڙهيم تہ، دل بيحد ڏکاري ٿي پئي ۽ اکين منجهان لڙڪ لڙي پيا. فيس بڪ هوم تي هر ٽئين چوٿين پوسٽ منھنجي دوست جي باري ۾ هئي. ڪيترن ماڻھن نامياري فنڪار سان گڏ نڪتل پنھنجيون تصويرون شيئر ڪري افسوس جو اظھار ڪيو هو تہ، سندس ڪجهہ چاهيندڙن هن لاءِ مغفرت جي دعا جا لفظ لکيا هئا.
مون بيحد ڏکاري دل ۽ آلين اکين سان اهي سڀ تحريرون ۽ تصويرون ڏٺيون ۽ پوءِ موبائيل فون بند ڪري رکي ڇڏيم.
هو منھنجو بيحد عزيز دوست هو. سندس اوچتي وڇوڙي جي خبر منھنجو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ مان ڪيتري دير تائين غم جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس. ڪافي دير کان پوءِ مون پاڻ سنڀاليو ۽ سندس جنازي نماز بابت ڄاڻڻ خاطر موبائيل فون کنيم پر پنھنجي دوست جي ڪنھن بہ ٻئي گهرڀاتيءَ جو فون نمبر مون وٽ نہ هو. مجبوريءَ جي حالت ۾ مون دوست جي نمبر تي ئي ڪال ڪئي.
منھنجي دوست جي پٽ ڪال اٽينڊ ڪئي.
انتھائي ڏک سان پڇيم، ”پٽ... توهان جي بابا جي جنازي نماز....“
منھنجو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي دوست جي پٽ وراڻيو، ”اها ڳالھہ توهان بابا کان ئي پڇي وٺو انڪل.“
”ڇا... !“ انتھائي حيرت سبب اهو هڪڙو ئي لفظ منھنجي وات منجهان نڪتو.
ٻئي لمحي مون ٽھڪ سان گڏ پنھنجي دوست جو آواز ٻڌو، ”فڪر نہ ڪر يار، مان جيئرو آھيان ۽ ڪورونا نيگيٽو بہ ٿي ويو آهيان پر فيس بڪ تي ماڻھن مون کي ماري ڇڏيو آهي!“
حيرت سان پڇيم، ”ڪنھن ڦھلائي آهي اهڙي افواھہ؟“
دوست وراڻيو، ”افواھہ تہ ڪنھن هڪ ماڻھوءَ ڦھلائي هوندي پر فيس بڪ تي بنا تصديق جي انھيءَ افواھہ کي اڳتي وڌائيندڙ منھنجا سوين قاتل ظاهر ٿي پيا آهن!“

سماجي دشمن

مان هڪ وڏي سپر اسٽور ۾ موجود هئس. مون کي ماسڪ ۽ هينڊ گلوز پاتل هئا. مختلف ريڪس منجهان ضرورت جون شيون کڻي ٽراليءَ ۾ رکندو پئي ويس تہ، اوچتو ڪنھن منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وڌو. ڇرڪي انھيءَ نوجوان ڏانھن ڏٺم تہ ڊڄي ويس، جو انھيءَ نوجوان کي ماسڪ پاتل نہ هو!
مان تڪڙ ۾ هن کان ٻانھن ڇڏائي فاصلي تي هليو ويس.
ٿورو ڪاوڙ منجهان پڇيم، ”ڪير آهين؟“
ٽھڪ ڏئي چيائين، ”توهان جي چھري تي ماسڪ هجڻ جي باوجود مون توهان کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ توهان مون کي بنا ماسڪ جي بہ نہ ٿا سڃاڻو!“
مون وري پنھنجو سوال ورجايو، ”ڪير آهين؟“
مُرڪي چيائين، ”مان توهان جو فيس بڪ فرينڊ آهيان.“
چيم، ”تون منھنجو فيس بڪ فرينڊ نہ پر فيس بڪ اينمي، بلڪہ حقيقي دشمن آهين!“
حيرت سان پڇيائين، ”ڇو سائين، مون ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي؟ !“
وراڻيم، ”توکي ماسڪ پاتل ناهي ۽ نہ ئي تون سماجي فاصلي جو خيال ٿو رکين!“
هن سپر اسٽور ۾ موجود ڪجهہ ٻين ماڻھن ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”انھن ڪيترن ماڻھن کي بہ ماسڪ پاتل ناهن. ڇا اهي سڀئي بہ توهان جا دشمن آهن؟“
وراڻيم، ”ها، ماسڪ نہ پائيندڙ ۽ سماجي وٿي برقرار نہ رکندڙ ماڻھو نہ فقط ٻين شھرين پر پنھنجي گهر ڀاتين جا بہ خيرخواھہ ناهن!“
هن لاپرواهيءَ سان ٽھڪ ڏنو.
مون هن کان سندس نالو پڇيو تہ چيائين، ”منھنجو نالو سڄڻ آهي.“
مان هن سان وڌيڪ ڪجهہ ڳالھائڻ کان سواءِ، سامان واري ٽرالي ڪيش ڪائونٽر ڏانھن ڌڪي ويس.
... ۽ هاڻي مان پنھنجي فيس بڪ فرينڊس ۾ سڄڻ نالي واري سماجي دشمن کي ڳولي رهيو آهيان، جيئن کيس انفرينڊ ڪري سگهان!

ماسڪ مٿان نظر ايندڙ اکيون

سپر اسٽور کان ٻاهر نڪري، خريد ڪيل سامان جون شاپنگ بيگس ڪار ۾ رکيم ۽ گاڏيءَ ۾ ويھڻ کان اڳ، ڊيش بورڊ مٿان پيل سينيٽائيزر کڻي هٿ صاف ڪيم. چھري تي پاتل ماسڪ لاهي، اسٽور تان ورتل نئون ماسڪ پائڻ وارو هئس تہ، هوءَ اوچتو اچي منھنجي سامھون بيٺي!
هن جي چھري تي بہ ماسڪ هو، جنھن منجهان فقط هن جون اکيون نظر اچي رهيون هيون.
مون ڏانھن ڏسندي پڇيائين، ”مون کي سڃاڻو ٿا؟“
سندس اکين جي تاثر منجهان محسوس ٿيو تہ، هن اهو سوال شرارت سان مُرڪندي پڇيو هو.
ڊگهو ساھہ کڻي، سندس اکين ۾ نھاريندي وراڻيم، ”مان انھن اکين کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، جن ۾ نھاريندي مون کي پنھنجي لاءِ محبت جو سمنڊ نظر ايندو آهي!“
ڪجهہ دير پنھنجين سمنڊ جھڙين گهرين اکين سان منھنجي ماسڪ پاتل چھري ڏانھن ڏسندي رهي ۽ پوءِ اداسيءَ سان چيائين، ”ڪيترا ڏينھن ٿيا آهن، پاڻ مليا ناهيون... !“
ٿڌو ساھہ کڻي وراڻيم، ”وبا جي ڏينھن ۾ اسان جو نہ ملڻ ئي بھتر آهي!“
هن ڪو بہ جواب نہ ڏنو. سندس سمنڊ جھڙين اکين منجهان ٻہ موتي نڪتا ۽ هن جي چھري تي پاتل ماسڪ ۾ جذب ٿي ويا.
پيار سان وراڻيم، ”وري وقت ورندو ۽ اسان هڪ ٻئي جو هٿ جهلي وري هلنداسين.“
منھنجي ڳالھہ سان هن جي اکين ۾ آئيندي جي اميد جاڳي پئي. ٽشو پيپر سان پنھنجيون پنبڻيون اگهندي، مُرڪي چيائين، ”لاڪ ڊائون کان پوءِ پھريون ڀيرو توهان کي روبرو ڏٺو اٿم. سوچيان پئي ته... مان خواب پئي ڏسان يا واقعي توهان منھنجي سامھون موجود آهيو!“
مُرڪي وراڻيم، ”تون منھنجي زندگيءَ جو خواب آهين ۽ مان تنھنجي زندگيءَ جي حقيقت آهيان... !“
هوءَ ڪجهہ دير مون کي چِتائي ڏسندي رهي. ماسڪ ۾ مُرڪندي رهي ۽ پوءِ ڪو خيال سندس ذهن ۾ آيو تہ چيائين، ”پاڻ کي چھنڊڙي هڻي ڏسان، جيئن پَڪَ ٿئي تہ توهان حقيقت ۾ منھنجي سامھون آهيو!“
مُرڪي وراڻيم، ”چھنڊڙي پاڻ کي نہ مون کي پاءِ، تہ جيئن مون کي بہ خبر پوي تہ منھنجي زندگيءَ جو خواب، حقيقت ۾ منھنجي سامھون موجود آهي!“
هن هڪدم منھنجي ٻانھن تي چھنڊڙي پائي خوشيءَ منجهان چيو، ”توهان تہ حقيقت ۾ مون سان گڏ آهيو، مان خواب نہ پئي ڏسان!“
مان هن کي سندس ڪار تائين ڇڏڻ ويس.
هوءَ پنھنجي ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي تہ چيم، ”محبت ۾ ماڻھو ڪنھن تي مرندا آهن پر مان توتي جيئندو آهيان!“
ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانھن ڏسندي اداسيءَ سان چيائين، ”وبا جي هنن ڏينھن ۾ توھان اهو نہ وسارجو تہ، اسان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جو قسم کنيو هو... !“
ڪجهہ سوچي مُرڪي چيم، ”اڌ قَسم تون ٽوڙي ڇڏ، اڌ قَسم مان ٿو ٽوڙيان، ڇو تہ مان توسان گڏ جيئڻ ٿو چاهيان... !“
هن ڪار جو دروازو بند ڪيو ۽ شيشي جي پويان پنھنجي چھري تان ماسڪ لاهي مُرڪي مون ڏانھن ڏٺائين.
هن کي مُرڪندي ڏسي مون کي يقين ٿي ويو تہ، هڪ ڏينھن دنيا ۾ ڪنھن جي بہ چھري تي ماسڪ نہ هوندو ۽ اسان ٻَئي، هڪ ٻِئي جو هٿ جهلي، خوشيون ملھائيندڙ ماڻھن جي هجومن وچ مان، گيت ڳائيندا ايئن ڊوڙندا وينداسين، ڄڻ هوائن ۾ اُڏامندا هُجون....!

نافرمان جهمورو

”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”منھنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“
”ڏنڊو آهي.“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”ڦيرو ڏي.“
”ڦِري ويس.“
”ڪٿي آهين؟“
”سنڌ ۾.“
”سنڌ ۾ ڇا آهي؟“
”لاڪ ڊائون آهي استاد.“
”ڪنھن ڪيو؟“
”سيد سرڪار ڪيو.“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرو ڏي.“
”ڦِري ويس.“
”ڪٿي آهين؟“
”بلوچستان ۾.“
”بلوچستان ۾ ڇا آهي؟“
”لاڪ ڊائون آهي استاد.“
”ڪنھن ڪيو؟“
”اهو ڪمالَ جو ڪمالُ آهي.“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرو ڏي.“
”ڦِري ويس.“
”ڪٿي آهين؟“
”خيبر پختونخواه ۾.“
”خيبر پختونخواه ۾ ڇا آهي؟“
”لاڪ ڊائون آهي استاد.“
”ڇا... ڪنھن جي حڪم سان ٿيو!؟“
”ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان گهرن ڏانھن هليا ويا هئا.“
”پوءِ ڇو لاڪ ڊائون ٿيو، ڪنھن ڪيو لاڪ ڊائون جو اعلان!؟“
”ننڍي خان پنھنجو فيصلو پاڻ ڪيو ۽ اعلان ڪري ڇڏيو.“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرو ڏي.“
”ڦِري ويس.“
”ڪٿي آهين؟“
”پنجاب ۾.“
”پنجاب ۾ ڇا آهي؟“
”لاڪ ڊائون آهي استاد.“
”جهمورا.....!“
”جي استاد.“
”تو غلط جواب ڏئي، تماشائين جي سامھون منھنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي!!!!“
”تماشائي ڪونھن استاد.“
”ڇا....!“
”ها استاد، تماشائي پنھنجن گهرن ڏانھن هليا ويا آهن!“
”ڇو هليا ويا!؟“
”ڇو تہ پنجاب ۾ بہ لاڪ ڊائون آهي!“
”ڇا... پنجاب ۾ لاڪ ڊائون ڪنھن ڪيو!؟“
”مون ڪيو استاد.“
”ٻچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرو ڏي.“
”هاڻي نہ ڦرندس
”ٻچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”منھنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“
”تنھنجي هٿ ۾ ڏنڊو آهي. جيڪو وڻئي سو ڪري ڏيکار استاد...!“
”ٻچا... ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هاڻي مان ڇا ڪيان...!“
”ڪجهہ بہ نہ. هاڻي تون گهر هليو وڃ استاد.“

بيٽ، بيلٽ پيپر ۽ جهمورو

”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيري ڏي.“
”ڏئي ڇڏيم.“
”جيڪو پڇان، سچ ٻُڌائيندين؟“
”ها استاد، سئو سيڪڙو سچ ڳالھائيندس!“
”ڪٿي آهين؟“
”پنھنجي وطن ۾.“
”وطن ۾ ڇاهي؟“
”ڪاوڙ آهي!“
”ڪنھن جي ڪاوڙ؟“
”سڀني جي...!“
”ڪاوڙ جي پويان ڇا آهي؟“
”خاموشي آهي....“
”ڇاجي خاموشي۔۔۔!؟“
”اها خاموشي، جنھن جي پٺيان طوفان هوندو آهي!“
”توکي ڪجهہ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو؟“
”ها استاد....!“
”ڇا ٿو ٻُڌين؟“
”تبديلي... تبديلي... تبديلي....!“
”ڇاجي تبديلي۔۔۔؟“
”نعري واري تبديلي نہ... وڌيڪ پاڻ سمجهي وڃ استاد...!“
”ٿورو کولي ٻُڌاءِ، ڪھڙي تبديلي!؟“
”عزيز هم وطنو واري...!“
”ٻَچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”منھنجي ويجهو تہ آءُ....!“
”نہ استاد.“
”ٻَچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”منھنجي هٿ ۾ ڇا آهي!؟“
”ڪجهہ بہ ناهي....!“
”ٻَچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”هاڻي مان ڇا ڪيان...!؟“
”جيڪو ڪرڻو هيئي، سو ڪري چڪو آن.....“
”ڇا ڪيو مون...!؟“
”راند ۾ رولو نہ وجهين ها... غلطي ڪري وئين، هيرو مان زيرو ٿي وئين....!“
”ٻَچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
”سو وري ڪيئن!؟“
”بيٽ کي ميدان تان کڻي، بيلٽ پيپر تي نہ رکين ها....!“
”ٻَچا جهمورا....!“
”جي استاد.“
” ٿورو ويجهو تہ آءُ....!“
”نہ استاد، پري کان ڳالھاءِ....!“
”ويجهو ڪينَ اچين ٿو ڇو؟“
”خطرو آهي ڪورونا جو... تو احتياط ناهي ڪيو....!“

جهمورو ۽ سرڪاري بيحسي

”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرِي ڏي.“
”ڏئي ڇڏيم.“
”ڪٿي آهين؟“
”پنجاب ۾.“
”پنجاب ۾ ڇاهي؟“
”وڏي رش آهي. ماڻھو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرِي ڏي.“
”ڏئي ڇڏيم.“
”ڪٿي آهين؟“
”خيبرپختونخواه ۾.“
”خيبرپختونخواه ۾ ڇاهي؟“
”وڏي رش آهي. ماڻھو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”اچي ويس.“
”ڦيرِي ڏي.“
”ڏئي ڇڏيم.“
”ڪٿي آهين؟“
”بلوچستان ۾.“
”بلوچستان ۾ ڇاهي؟“
”وڏي رش آهي. ماڻھو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”هيڏانھن اچ.“
”چي ويس.“
”ڦيرِي ڏي.“
”ڏئي ڇڏيم.“
”ڪٿي آهين؟“
”سنڌ ۾.“
”سنڌ ۾ ڇاهي؟“
”وڏي رش آهي. ماڻھو هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پيا ٿين!“
”ٻچا جهمورا.“
”جي استاد.“
”سڄي ملڪ ۾ رش آهي!؟“
”ها استاد، وڏي رش آهي!“
”ڪيتري رش آهي؟“
”پراڻي زماني وارين سئنيمائن جي کڙِڪِي توڙ هفتہ کان وڌيڪ رش آهي!“
”ايڏي رش ڇا تي ٿي آهي؟“
”بيحسيءَ جي پروگرام تي!“
”بيحسيءَ جي پروگرام ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟“
”مردَ هڪ ٻئي مٿان ڪِري رهيا آهن، عورتون چيڀاٽجي رهيون آهن ۽ ٻار ريھاٽ ڪري روئي رهيا آهن!“
”بيحسيءَ جي انھيءَ پروگرام جو ڪھڙو نتيجو نڪتو آهي؟“
”ڪورونا جو راڪاس رش ۾ گهڙي آيو آهي، جنھن ڪري ڪيترائي صحتمند ماڻھو بہ ڪورونا جي وبا جو شڪار ٿي ويا آهن!“

زيان

هو روز صبح جو اٿي اخبار ڏسندو آهي.
ڪا بہ هيڊنگ پڙهڻ کان سواءِ فقط هڪ نظر وجهي، هو هڪدم ٻي خبر جي هيڊنگ ڏانھن ڏسندو آهي. هن جون نظرون تڪڙيون تڪڙيون اخباري هيڊنگز تي ڦِرنديون رهنديون آهن. انتھائي اهم خبرن کي بہ نظر انداز ڪري، هو پنھنجي مطلب واري خبر جي ڳولا ڪندو رهندو آهي.
هو فقط موت جو خبرون تلاش ڪندو آهي!
وبا جي ڏينھن ۾ هن کي دنيا ۾ روز هزارين ماڻھن جي مرڻ جو خبرون نظر اينديون آهن پر انھن هزارين مرندڙ ماڻھن جي خبرن سان هن جي ڪا بہ دلچسپي ناهي هوندي، تنھن ڪري اڪثر کيس مايوسي نصيب ٿيندي آهي. اهڙي حالت ۾ هو سخت ڪاوڙ منجهان ڏند ڪرٽي، اخبار کي مروٽي هڪ طرف ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي.
هو روز هزارن جي تعداد ۾ مرندڙ انسانن جي خبرن منجهان ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ جي موت جي خبر ڳوليندو آهي، جنھن جي وفات تي تعزيتي خبر جاري ڪري سگهجي!
اڄ بہ هن صبح سان اخبار کنئي. هن جي اکين جا تارا اخبار جي صفحن تي تڪڙا تڪڙا هيڏانھن هوڏانھن ڦِرندا رهيا پر هن کي ڪنھن اهڙي ماڻھوءَ جي موت جي خبر نظر نہ آئي، جنھن جي لاءِ تعزيتي خبر جاري ڪري، پنھنجو نالو اخبار ۾ ڇپرائي سگهجي!
هن سخت ڪاوڙ منجهان اخبار مروٽي ڦٽي ڪئي ۽ ڏند ڪرٽيندي، خودڪلامي واري انداز سان ڀڻڪيو، ”اڄوڪي اخبار جا پئسا بہ زيان ٿي ويا!“

احتجاج

اوچتو رت جي بوءِ محسوس ٿي تہ مون گهر کان ٻاهر نڪري ڏٺو. منھنجي گهر تي رت جا ڇنڊا لڳل هئا ۽ گهر جو رستو بہ رت سان ريٽو ٿيل هو.
مان پاڙي جي ٻين گهٽين ڏانھن ويس. پاڙي جون سڀ گهٽيون رت هاڻيون هيون.
مان شھر ۾ نڪري پيس. شھر جا سڀ رستا رت ۾ ٻُڏل هئا.
مان انسانيت جي قتل جِي ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ پوليس اسٽيشن تي پھتس پر منھنجي فرياد داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.
مان شھر جي پوليس چيف وٽ ويس ۽ کيس چيم، ”شھر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر منھنجي ايف آئي آر نٿي داخل ڪئي وڃي!“
پوليس چيف پڇيو، ”تو وٽ ڪھڙو ثبوت آهي تہ انسانيت جو قتل ٿيو آهي؟“
چيم، ”منھنجي شھر جا سڀ رستا رت سان ڳاڙها ٿيل آهن!“
پوليس چيف وراڻيو، ”هن شھر جا رستا تہ گهڻي وقت کان ڳاڙها آهن. اها ڪا نئين ڳالھہ ناهي!“
پوليس چيف کان مايوس ٿي مون احتجاج ڪيو ۽ شھر جي اهم شاهراھہ تي ڌرڻو هڻي ويھي رهيس.
وقت جو حڪمران مون وٽ پھتو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ چيائين.
وراڻيم، ”شھر ۾ انسانيت جو قتل ٿيو آهي، پر پوليس چيف منھنجي ڳالھہ ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. جيسين انسانيت جي قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو ويندو، تيسين منھنجو احتجاج جاري رهندو.“
حڪمران پڇيو، ”ڪنھن جي خلاف ڪارروائي ڪيون؟“
چيم، ”انھن سڀني رت پياڪ جانورن جي خلاف، جن کي هن شھر ۾ داخل ٿيڻ کان نہ روڪيو ويو ۽ هاڻي انھن منھنجي شھر جي رستن جو رنگ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي!“

ٻھروپيا

منھنجي ڌرتيءَ بہ پياسي هئي ۽ مان بہ اُڃايل هئس.
مان پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي ويھي رهيس.
ڌرتيءَ جا گيت لکندڙ شاعر اتان گذريو تہ، مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
شاعر چيو، ”مان ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي پياس بابت هڪ لازوال گيت لکندس.“ اهو چئي شاعر هليو ويو.
ڪھاڻيڪار اتان گذريو تہ، مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
ڪھاڻيڪار چيو، ”مان ڌرتيءَ جي دانھن جھڙي هڪ ڪھاڻي لکندس.“ اهو چئي ڪھاڻيڪار هليو ويو.
ڊراما نگار اتان گذريو تہ، مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
ڊراما نگار چيو، ”مان هڪ ڊرامو لکندس، جنھن ۾ پياس جي شدت جا اهڙا منظر هوندا، جو ڏسندڙن جون اکيون آليون ٿي وينديون.“ اهو چئي ڊراما نگار هليو ويو.
ڪالم نگار اتان گذريو تہ مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
ڪالم نگار چيو، ”پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مان هڪ زبردست ڪالم لکي، هن اهم مسئلي بابت پنھنجو تجزيو پيش ڪندس.“ اهو چئي ڪالم نگار هليو ويو.
هڪ چترڪار اتان گذريو تہ مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
چترڪار چيو، ”مان هڪ اهڙي شاھڪار پينٽنگ ٺاهيندس، جنھن وسيلي پنھنجي ديس جي پياس دنيا کي ڏيکاريندس.“ اهو چئي چترڪار هليو ويو.
دانشور اتان گذريو تہ مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
دانشور چيو، ”مان شام جي چانھہ تي دوستن سان پاڻيءَ جي کوٽ بابت گفتگو ڪندس.“ اهو چئي دانشور هليو ويو.
هڪ سياستدان اتان گذريو تہ مون کيس ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي.
سياستدان هاڪار سان ڪنڌ لوڏي، موبائيل فون سان هڪ ڪال ڪئي ۽ پوءِ مون سان ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويھي رهيو.
مون سياستدان جا ٿورا مڃيا.
ٿوري دير اندر ميڊيا جا ڪجهہ ماڻھو ڪئميرائون کڻي پھچي ويا. سياستدان ڪجهہ فوٽو ڪڍرايا ۽ اٿي هليو ويو!

مجبوري

چيائين، ”مان خودڪشي ڪرڻ ٿو چاهيان، مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪر.“
مون هن کي گهڻو ئي سمجهايو. کيس خودڪشي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪيم پر هن منھنجي ڳالھہ نہ مڃي.
چيائين، ”خودڪشي ڪرڻ منھنجي مجبوري آھي. توکي مجبور انسان جي مدد ڪرڻ گُهرجي.“
هن جي مدد جو فيصلو ڪري، مان هن کي شھر جي سڀ کان وڏي بلڊنگ جي ڇت تي وٺي ويس.
هن گهڻ ماڙ عمارت جي ڇت تان هيٺ نھاري چيو، ”قبضن سبب رستو سوڙهو ٿي ويو آهي. هتان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ سان سوڙهو ٿيل رستو ڪيتري دير تائين بند ٿي ويندو!“
مان هن کي انڊس هاءِ وي تي وٺي ويس.
هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيو، ”هن شاهراھہ تي هونءَ ئي وڌيڪ ماڻھو ٿا مرن. مان هتي مرندڙ ماڻھن جي انگ ۾ واڌاري جو سبب نٿو بڻجڻ چاهيان!“
مان هن کي ريلوي لائين تي وٺي ويس.
ريل اچڻ ۾ دير ڪئي تہ هن چيو، ”اسان جي ملڪ ۾ ريل سدائين ليٽ هوندي آهي. آخر مان خودڪشيءَ لاءِ ڪيترو انتظار ڪندس!“
مان هن کي سنڌو درياھہ جي ڪناري تي وٺي ويس.
سنڌوءَ ڏانھن ڏسندي چيائين، ”درياھہ ۾ تہ ٻُڌي مرڻ جيترو پاڻي بہ ناهي جو مان خودڪشي ڪري سگهان!“
مان هن کي شھر جي هڪ هوٽل تي وٺي ويس ۽ چيم، ”هتي ڪجهہ گُهرائي کائي ڇڏ، ٿوري دير ۾ ئي مري ويندين.“
هن ڪوبہ جواب نہ ڏنو. ڪنڌ هيٺ ڪري ويھي رهيو.
پڇيومانس، ”خودڪشيءَ جو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو اٿئي ڇا؟“
انڪار سان ڪنڌ لوڏي چيائين، ”نه!“
چيومانس، ”تہ پوءِ کاڌو ڇو نٿو گُهرائين!“
ٿڌو ساھہ کڻي چيائين، ”مون وٽ کاڌو کائڻ جيترا پئسا هجن ها تہ مان خودڪشي ڇو ڪيان ها!“

پاروٿي زندگي

سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر دوائن جي پرچي لکي، نوجوان مريض جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”هي دوائون ٻاھران اسٽور تي ملنديون.“
غريب نوجوان دوائن جي ڊگهي لسٽ ڏسي چيو، ”مون وٽ انھن منجهان هڪڙِي گوري خريد ڪرڻ جيترا پئسا بہ ناهن. مون کي سرڪار طرفان ملندڙ دوائون ڏيو. مان ڏاڍو غريب ۽ بيروزگار آهيان.“
ڊاڪٽر، نوجوان ڏانھن ڏسندي مُرڪي وراڻيو، ”اسپتال جي ڪائونٽر تان ٺھرايل پرچيءَ ۾ تنھنجو نالو تہ امير لکيل آهي!“
نوجوان ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”مان غريب ابنِ غريب آهيان. مون تي امير نالو منھنجي غريب پيءُ الائجي ڇو رکيو هو!“
ڊاڪٽر مُرڪي چيو، ”غريب جا ٻارَ، مان ڪجهہ نٿو ڪري سگهان. سرڪاري دوائون ختم ٿي ويون آهن.“
نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموشيءَ سان ڊاڪٽر جي ڪمري مان نڪري ويو.
امير نالي واري غريب نوجوان اسپتال کان ٻاهر نڪري، سامھون موجود ميڊيڪل اسٽور ڏانھن ڏٺو. هن ٿڌو ساھہ کڻي، ڊاڪٽر پاران لکي ڏنل دوائن واري پرچي پنھنجي خالي کيسي ۾ رکي ۽ اڳتي وڌي ويو.
هو سرڪاري اسپتال کان ٿورو اڳتي پھتو تہ روڊ جي پاسي ۾، گند جي ڍير تي هن کي سرڪاري اسپتال جي عملي پاران ڦٽي ڪيل دوائون نظر آيون. هن پنھنجي کيسي منجهان دوائن واري پرچي ڪڍي پڙهي ۽ گند جي ڍير تي اڇلايل دوائن منجهان، ڊاڪٽر پاران لکي ڏنل دوائون ڳولي ڪڍيون.
هو اڃان گند جي ڍير تي ئي بيٺو هو تہ، ڀرسان گذرندڙ هڪ شخص هن ڏانھن ڏسندي چيو، ”گند جي ڍير تي ڦٽي ڪيل دوائون ڊيٽ ايڪسپائرڊ ۽ زهر برابر هونديون آهن!“
امير نالي واري غريب نوجوان ڊگهو ساھہ کڻي وراڻيو، ”اسان جي ملڪ ۾ غريب جي زندگي بہ تہ زهر جھڙي ئي آهي. ماني بہ سدائين پاروٿي کاڌي اٿم، دوائون بہ پاروٿيون ئي سهي.... !“
اهو چئي، امير نالي واري غريب نوجوان ڊيٽ ايڪسپائرڊ دوائون پنھنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيون!

آخري نوٽ

مسڪين ٻُڍڙو مريض علاج لاءِ سرڪاري اسپتال پھتو. ڊگهي انتظار کان پوءِ مريض جو وارو آيو تہ کيس ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ موڪليو ويو. اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مريض کي تپاسڻ کان سواءِ چيو، ”سرڪاري اسپتال جي پراڻين مشينن تي تنھنجي مرض جي تشخيص نہ ٿي سگهندي، تنھن ڪري تون شام جو منھنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي اچجانءِ.“
مسڪين مريض شام جو پنھنجي گهر ۾ موجود سمورا پئسا کڻي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي پھتو. اچڻ شرط هن کان ڳري في وصول ڪئي وئي ۽ پوءِ کيس مريضن جي ڊگهي قطار ۾ ويھاريو ويو. ڊگهي انتظار کان پوءِ سندس وارو آيو تہ کيس ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ موڪليو ويو. مريض کي تپاسڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر ڪميشن وارين دوائن جي ڊگهي لسٽ لکي ۽ مريض کي هڪ مخصوص ميڊيڪل اسٽور جو ڏَسُ ڏئي، پندرهن ڏينھن کان پوءِ ٻيھر اچڻ جو چئي روانو ڪري ڇڏيو.
اڻ ڄاڻ مسڪين مريض مخصوص ميڊيڪل اسٽور تي پھچي، ڊاڪٽر جي لکي ڏنل ڊگهي لسٽ مطابق دوائون خريد ڪيون تہ سندس کيسو خالي ٿي ويو.
پندرهن ڏينھن کان پوءِ مسڪين مريض قرض کڻي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پھتو. مريض کان ٻيھر ڳري في اوڳاڙي وئي. ڊاڪٽر کيس ٻيھر ڪميشن وارين دوائن جي ڊگهي لسٽ ڏئي، پندرهن ڏينھن کان پوءِ وري اچڻ لاءِ چئي روانو ڪيو ۽ مريض کي مخصوص ميڊيڪل اسٽور تان ڊگهي لسٽ مطابق، ڪميشن واريون دوائون خريد ڪرڻيون پيون.
ٽيون ڀيرو ڊاڪٽر ڏانھن وڃڻ لاءِ مسڪين مريض کي پنھنجي گهر جا ٽپڙ کپائڻا پيا. ڳري في، پندرهن ڏينھن کان پوءِ وري اچڻ جي هدايت، دوائن جي ڊگهي لسٽ ۽ مخصوص ميڊيڪل اسٽور جو ورجاءُ ٿيو، پر مرض گهٽجڻ بجاءِ وڌندو ئي رهيو.
غريب پوڙهو شخص هر پندرهين ڏينھن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي ويندو رهيو، هن جي گهر جو سامان وڪرو ٿيندو رهيو، هن تي قرض بہ چڙهندو رهيو ۽ سندس مرض بہ وڌندو رهيو!
جڏهن بيمار پوڙهي کي نہ ڪٿان قرض ملڻ جي اميد رهي ۽ نہ ئي سندس گهر ۾ وڪرو ڪرڻ جھڙو ڪو سامان بچيو،
تڏهن مسڪين ٻُڍڙو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي پھتو تہ، ڳري في ڏيڻ کان پوءِ وٽس تمام گهٽ پئسا بچيا. هن ڊاڪٽر کي دوائون گهٽ لکڻ جي گذارش ڪئي. ڊاڪٽر سندس ڳالھہ ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري، وري بہ ڪميشن وارين دوائن جي ڊگهي لسٽ لکي ڏيڻ کان پوءِ چيو، ”تنھنجي لاءِ اهي سڀ دوائون کائڻ بيحد ضروري آهن، نہ تہ مري ويندين.“
سخت بيمار ٻُڍڙي ڪلينڪ منجهان ٻاهر نڪري، پنھنجي کيسي ۾ پيل آخري نوٽ ڪڍي ڏٺو ۽ ميڊيڪل اسٽور ڏانھن وڃڻ بجاءِ، بازار مان وڃي هن پنھنجي لاءِ ڪفن خريد ڪري ڇڏيو!

حياتي هوتن ريءَ

پُٽَ جي وڏي بنگلي جي ننڍڙي ۽ ڪنڊائتي ڪمري ۾ بستري تي پيل بيمار پوڙهو شخص سخت پريشان هو. کٽ تي اڪيلو پيل بيمار شخص پاسو ورائڻ توڙي ڪنڌ ڦيرائي ڪمري جي در ڏانھن ڏسڻ ۾ بہ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هو، پر تنھن هوندي بہ هو هر هر ڪنڌ ڦيرائي دروازي ڏانھن ڏسي رهيو هو.
ٽي ڏينھن گذري ويا هئا جو پوڙهي بيمار شخص گهر جي ڪنھن بہ ڀاتيءَ جو مُنھن نہ ڏٺو هو. هن کي پنھنجي نُنھن جو تہ نہ پر پُٽ َ جو ڏک ضرور هو. سندس پُٽ هونءَ تہ روز ٻن چئن منٽن لاءِ وٽس لنگهي ايندو هو ۽ سندس طبيعت پڇي هليو ويندو هو پر اهو بہ ٽن ڏينھن کان کيس ڏسڻ ئي نہ آيو هو.
منجهند جي وقت نوڪرياڻي هن لاءِ ماني کڻي آئي تہ، بيمار پوڙهي کائنس پڇيو، ”سڀ گهر وارا ڪٿي آهن؟“
نوڪرياڻيءَ ڪوبہ جواب نہ ڏنو، جو هوءَ بيگم صاحبہ جي حڪم جي پابند هئي، جنھن کيس چئي ڇڏيو هو، ”وڙهي سان ڳالھائڻ جي ڪابہ ضرورت ناهي.“
نوڪرياڻيءَ کي خاموش ڏسي پوڙهي ٻيھر ڳالھايو، ”منھنجو پُٽ ۽ پوٽو مون سان ملڻ ڇو نٿا اچن؟“
نوڪرياڻيءَ هڪ نظر دروازي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ آهستي وراڻيو، ”صاحب اسلام آباد ويل آهي.“
پوڙهي ھڪدم پڇيو، ”ڀلا منھنجو پوٽو ڪٿي آهي؟ مون کي انھيءَ جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي!“
نوڪرياڻيءَ ڪو جواب نہ ڏنو. هن هڪ نظر رحم جوڳي حالت ۾ پيل پوڙهي ڏانھن همدرديءَ سان ڏٺو ۽ ميز تي ماني رکي، خاموشيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
بيمار پوڙهي کي لڳو ڄڻ هو انسان نہ ڪمري ۾ پيل پراڻي سامان جيان ئي ڪو سامان هجي، جنھن کي سندس پُٽَ بہ گهرَ جي ڪنڊائتي ڪمري ۾ رکي وساري ڇڏيو آهي! اهو سوچي بيمار پوڙهي جون اکيون ڀرجي آيون. هن هڪ تمام ڊگهو ساھہ کڻي زور سان اکيون بند ڪيون تہ، لڙڪ سندس ٻنھي لوندڙين طرف وهي ويا.
ڪجهہ دير گذري تہ هن پنھنجي بيحد پياري پنجن سالن جي پوٽي جو آواز ٻُڌو، ”ڏاڏا.... !“
بيمار ڏاڏي اکيون کولي، مرڪي در ڏانھن ڏٺو.
پنجن سالن جو معصوم پوٽو اڳتي وڌيو ۽ هن ڏاڏي جي سيني تي مٿو رکي ڇڏيو. ڏاڏي ڏاڍي پيار سان ليٽيل حالت ۾ ئي پوٽي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
ان مھل ئي ڪمري جي دروازي وٽان سندس نُنھن جي رڙ ٿي، ”وهان منھنجي پُٽ کي بہ بيمار ڪندئو ڇا؟“
پوڙهي ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”امان، مون کي ڪا وچڙندڙ بيماري تہ ناهي جو منھنجو پوٽو بہ بيمار ٿي پوندو!“
نُنھن اڳتي وڌي آئي. هن پنھنجي پُٽ کي ٻانھن کان وٺي ڇڪي ڏاڏي کان ڌار ڪيو ۽ سخت ڪاوڙ منجهان چيو، ”توهان پاڻ ڪنھن وچڙندڙ بيماريءَ کان گهٽ آهيو ڇا؟ اسي سال عمر ٿي وئي اَٿوَ، تڏهن بہ اسان جي جان نٿا ڇڏيو.... !“

لُڙڪ ميڙيندڙ ڀيڻ

گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳندو هئس تہ، مون کان ٻہ سال ننڍي ڀيڻ پڇندي هئي، ”ڪاڏي ٿو وڃين ادا؟“
وراڻيندو هئس، ”دوستن سان راند کيڏڻ ٿو وڃان.“
روئڻھارڪي ٿي چوندي هئي، ”مان بہ تہ تنھنجي دوست آھيان. مون سان راند کيڏ نہ ادا.“
ڀيڻ جي ايئن چوڻ سان مان ٻاهر وڃڻ جو ارادو تبديل ڪري گهر ۾ ويھي هن سان راند کيڏندو هئس.
راند کيڏندي مون کي ڌڪ لڳندو هو تہ، هوءَ منھنجي اکين تان ڳوڙها اگهندي هئي!
اها اڌ صدي اڳ جي ڳالھہ آهي. تڏهن اسان ٻئي ٻار هئاسين!
اڄ مون ٻيھر ٻار بڻجي هن کي چيو،”اُٿ تہ راند کيڏڻ هلون!“
ڀيڻ ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
هوءَ ڌرتيءَ جي سطح کان ڪجهہ فوٽ هيٺ وڃي سمھي پئي آهي ۽ مان ڌرتيءَ جي سطح تي بيٺو آهيان!
منھنجيون اکيون برسڻ کان بس نٿيون ڪن پر منھنجا لُڙڪ ميڙيندڙ اهو نازڪ ننڍڙو هٿ موجود ناهي...!

ساڳيو رستو

پُٽ مھيني کان پوءِ منجهند مھل ڳوٺ آيو تہ پوڙهي ماءُ جون اکيون ٺري پيون. ماءُ، پُٽ کي ماني ڏئي، گهر جا ڪم جلدي پورا ڪري ڪمري ۾ آئي تہ پُٽ ننڊ پيو هو. ماءُ، پُٽ جي ڀرسان ويھي رهي. پُٽ ننڊ ڪندو رهيو ۽ ماءُ سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي. لڳاتار کيس پيار سان ڏسندي رهي، ڄڻ پنھنجي اکين جي اُڃَ اُجهائڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
شام جو پُٽ ننڊ مان جاڳيو تہ پنھنجي سمارٽ فون کڻي ويھي رهيو. ماءُ مھيني کان پوءِ آيل پُٽ منجهان اکيون ئي نہ ٿي ڪڍيون پر پُٽَ جون اکيون مسلسل پنھنجي سمارٽ فون جي اسڪرين تي کُتل هيون. ڪنھن مھل هن واٽس ايپ تي پنھنجي شھري محبوبا کي ميسيج پئي ڪيا تہ ڪنھن مھل فيس بڪ تي سندس تصويرون ڏسي پنھنجيون اکيون پئي ٺاريون.
ماءُ، پُٽ جي واندي ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. گهڻي دير کان پوءِ پُٽ موبائيل فون تان نظر کنئي تہ ماءُ ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”پُٽَ، اڳي اٺين ڏينھن ايندو هئين، پوءِ پندرهين ڏينھن اچڻ شروع ڪَيُئي پر هن ڀيري اچڻ ۾ سڄو مھينو لائي ڇڏيئي!“
پُٽَ ڪجهہ سوچي وراڻيو، ”امان، ڳوٺ اچڻ جو رستو هاڻي ڊگهو ٿي ويو آهي!“
ماءُ حيرت سان پڇيو، ”شھر ڏانھن ويندڙ رستو تہ ساڳيو ئي آهي، هاڻي اهو رستو ڊگهو ڪيئن ٿي ويو پُٽ!؟“
پُٽ، ماءُ جي ڳالھہ جو ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ، چانھہ جي فرمائش ڪئي ۽ پنھنجي موبائل فون کڻي وري مصروف ٿي ويو.
ماءُ چانھہ ٺاهڻ وئي تہ پُٽ جي موبائيل فون تي سندس شھري محبوبا جو فرمائشي ميسيج آيو، ”اڄ رات مون کي ڊنر لاءِ وٺي هلجانءِ.“
ماءُ چانھہ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي تہ پُٽ شھر وڃڻ جي تياري ڪري چڪو هو. هن ماءُ کان چانھہ جو ڪپ وٺڻ کان سواءِ چيو، ”مان شھر واپس پيو وڃان.“
ماءُ جي دل اداس ٿي وئي. ڏُک سان چيائين، ”مھيني کان پوءِ آيو آهين، هڪڙي رات بہ نٿو رهين!“
پُٽ وقت ڏسندي وراڻيو، ”مون کي تمام ضروري ڪم آهي امان. وڃڻو ئي پوندو.“
ماءُ فڪرمنديءَ سان چيو، ”دير ٿي وئي آهي پُٽ. چوين ٿو تہ رستو بہ ڊگهو ٿي ويو آهي. صبح جو وڃجانءَ.“
پُٽ پنھنجو سفري بيگ کڻي دروازي ڏانھن ويندي چيو، ”ڳوٺ اچڻ جو رستو ڊگهو ٿي ويو آهي امان، شھر واپس وڃڻ جو رستو ڊگهو ناهي ٿيو.“

آخري ڏينھن

هو پنھنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ واري ڏينھن، آفيس ٽائيم پورو ٿيڻ کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ ۾ مري ويو.
آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ سندس دوستن کي هن جي وفات جي ڏک سان گڏ اهو ڏک بہ ٿيو تہ، نوڪريءَ دوران گذاري وڃڻ سبب، اداري جي قائدي موجب سندس پونئيرن کي اهو مالي فائدو نہ ملي سگهندو، جيڪو هن جي زندگيءَ ۾ رٽائر ٿيڻ سان ملي ها!
ٻئي ڏينھن هن جو نوجوان پٽ، مري ويل پيءُ جي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ، پيءُ جي دوستن سان گڏجي سندن باس سان مليو. سڀني گڏجي باس کي گذارش ڪئي تہ، اداري جي رڪارڊ ۾ مري ويل جي وفات هڪ ڏينھن پوءِ ڏيکاري وڃي، جيئن سندس پونئيرن کي مناسب مالي فائدو حاصل ٿي سگهي.
باس انڪار ڪندي چيو، ”هن جي موت جي تاريخ قدرت جي طرفان مقرر ٿيل هئي. مان ڪير ٿيندو آهيان هن جي مرڻ جي تاريخ کي تبديل ڪرڻ وارو... !“
باس جي انڪار کان پوءِ هن جو پٽ سخت ڏکارو ٿي هليو ويو.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ هن جي پُٽ کي ساڳئي اداري ۾ فوتي ڪوٽا تي نوڪري ملي تہ، پُٽ خوشيءَ منجهان نوڪريءَ جو آرڊر ڏسندي چيو، ”چڱو ٿيو جو بابو پنھنجي نوڪريءَ جي آخري ڏينھن تي، آفيس ٽائيم پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ مري ويو، جو مون کي نوڪري تہ ملي. جيڪڏهن مرڻ ۾ ٻہ ٽي ڪلاڪ دير ڪري ها ۽ آفيس ٽائيم پورو ڪري رٽائر ٿي وڃي ها تہ، مون کي تہ نوڪري ئي نہ ملي ها!“

تماشو

سيارو آيو تہ مون پنج سال اڳ لنڊا بازار مان خريد ڪيل اڇي رنگ وارو پراڻو ڪوٽ ڪڍي پاتو.
گهر کان ٻاهر نڪتس تہ هڪ نوجوان، جنھن کي ڪارو ڪوٽ پاتل هو، انھيءَ مون کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو. مون ڪاري ڪوٽ واري نوجوان کان سبب پڇيو تہ هو مون تي وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. هن رڙ ڪري ڪاري ڪوٽ وارن ٻين نوجوانن جو منھنجي اڇي رنگ واري ڪوٽ ڏانھن ڌيان ڇڪايو تہ، ڪارا ڪوٽ پھريل ڪيترائي نوجوان ڏنڊا کڻي مون ڏانھن وڌيا.
مون جان بچائڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪيو تہ، ڪارن ڪوٽن وارا نوجوان هجوم جي صورت ۾ منھنجي ڪڍ لڳا. مان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ساڻو ٿي بيھي رهيس تہ، ڪاري ڪوٽ وارن ڪيترن ئي نوجوانن مون تي لتن، مُڪن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو.
مون ڌڪَ سھندي چيو، ”توهان تہ ماڻھن کي انصاف وٺي ڏيندا آهيو. مون سان ناانصافي ڇوٿا ڪيو؟“
جواب مليو، ”اڇو ڪوٽ سزا جي لائق آهي. اسان انصاف جون تقاضائون پوريون ڪري رهيا آهيون!“
ڪاري ڪوٽ وارن نوجوانن سخت تشدد ڪري، منھنجو اڇي رنگ جو ڪوٽ رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.
موقعي تي موجود پوليس وارا تماشو ڏسندا رهيا!
مون رت سان ريٽو ٿيل ڪوٽ لاهي ڦِٽو ڪيو. شديد زخمي حالت ۾ اسپتال ڏانھن ويندي، سخت سيءَ سبب مون هڪ ريڙهي تان ٻيو پراڻو ڪوٽ خريد ڪري پاتو.
سرڪاري اسپتال جي دروازي وٽ پھتس تہ، اڇي رنگ جا ڪوٽ پاتل ڪيترائي نوجوان مون کي ورائي ويا ۽ انھن مون تي لتن، مُڪن ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو.
مون ڌڪَ سھندي چيو، ”توهان مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل آهيو. توهان تہ ماڻھن جي زخمن تي پھا رکندا آهيو. علاج ڪرڻ بدران منھنجو وڌيڪ رَتُ ڇوٿا وهايو؟“
جواب مليو، ”توکي ڪارو ڪوٽ پاتل آهي. تنھن ڪري تنھنجو انھيءَ نموني علاج ڪري، اسان مسيحائي پيشي جو تقدس بحال ڪري رهيا آهيون!“
موقعي تي موجود پوليس وارا تماشو ڏسندا رهيا.
انھيءَ ڏينھن کان پوءِ مون پوليس وارن جا ڪپڙا پائي ڇڏيا آهن ۽ هر هنڌ تماشو ڏسڻ لاءِ موجود هوندو آهيان!

نسخو

ٿري ماءُ پنھنجي انتھائي ڪمزور ۽ بيمار معصوم ٻار کي هنج ۾ کڻي، ڀر واري ڳوٺ جي صحت مرڪز تي پھتي.
ڊاڪٽر معصوم ٻار کي تپاسي، نسخو لکي ماءُ کي ڏيندي چيو، ”اھا دوا اسان وٽ ڪونھي.“
ماءُ پنھنجي ڳوٺ موٽڻ بدران بيمار ٻار کي کڻي، ڊگهو پنڌ ڪري مٺي شھر پھتي ۽ ڊاڪٽر جو لکيل نسخو ميڊيڪل اسٽور واري کي ڏنائين.
ميڊيڪل اسٽور واري نسخو پڙهي چيو، ”اھا دوا اسان وٽ ڪونھي.“
ماءُ پريشانيءَ منجهان پڇيو، ”اھا دوا ڪٿي ملندي؟“
ميڊيڪل اسٽور واري وراڻيو، ”ڊاڪٽر لکيو آهي تہ ٻار کي ماءُ جي ٿڃ جي ضرورت آهي!“
ماءُ پنھنجي هنج ۾ جهليل ٻار طرف ڏٺو.
ٻار ڏانھن ڏسندي ماءُ جي چھري تي موت جھڙي مايوسي ڦھلجي وئي، ڇو تہ بک سبب سندس ٿڃ سُڪي وئي هئي!

درد جو صحرا

نوجوان ٿري عورت سانوري، پنھنجو ڇھن مھينن جو بيمار ٻار کڻي تڪڙي تڪڙي اسپتال ۾ داخل ٿي. سندس معصوم ٻار وڏي مشڪل سان ساھہ کڻي رهيو هو.
سانوري ڊاڪٽر جي ڪمري ڏانھن وڌي تہ اسپتال جي اهلڪار کيس روڪي، قطار ڏانھن اشارو ڪيو.
اسپتال ۾ ڪيتريون ئي عورتون اڳ ۾ موجود هيون، جيڪي سڀئي پنھنجن ننڍڙن بيمار ٻارڙن کي کڻي ڊگهي قطار ۾ بيٺيون هيون.
سانوري ڊگهي قطار جي آخر ۾ وڃي بيھي رهي.
هر گذرندڙ گهڙيءَ سان سانوريءَ جي ٻار جي طبيعت وڌيڪ بگڙي رهي هئي.
سانوريءَ اسپتال جي اهلڪار کي ٻہ ٽي ڀيرا منٿ ڪئي تہ، کيس اڳ ۾ ڊاڪٽر وٽ موڪليو وڃي پر اهلڪار هر ڀيري سانوريءَ جي ڳالھہ ٻُڌي، اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.
سانوريءَ جي ٻار اوچتو هڏڪيون ڏيڻ شروع ڪيون تہ، سانوريءَ رڙ ڪئي، ”مري ويندو... منھنجو ٻچڙو مري ويندو....!“
قطار ۾ بيٺل عورتن ڪنڌ ورائي سانوريءَ ڏانھن ڏٺو. ڪيترين ئي عورتن سانوريءَ کي اڳتي وٺي، ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ موڪلي ڇڏيو.
ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ پھچي، سانوريءَ هڪ نظر پنھنجي هنج ۾ جهليل هڏڪيون ڏيندڙ ٻار ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ تڪڙ ۾ ٻار کي ڊاڪٽر طرف وڌائيندي رڙ ڪئي، ”الله جي واسطي منھنجي ٻچڙي کي بچايو!“
ڊاڪٽر ٻار کي تپاسڻ لاءِ هٿ وڌايو تہ، ٻار آخري هڏڪي ڏئي ماءُ جي هنج ۾ لڙڪي پيو.
سانوريءَ جو ساھہ مُٺ ۾ اچي ويو.
ڊاڪٽر ٻار کي تپاسي، سانوريءَ ڏانھن ڏسندي چيو، ”مري ويو.“
سانوريءَ رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو.
ڊاڪٽر سانوريءَ ڏانھن ڏسندي چيو، ”رڙيون ڪرڻ سان تنھنجو مري ويل ٻار جيئرو ڪونہ ٿيندو. ٻيو ٻار ڄڻجانءِ.“
سانوريءَ پارَ ڪڍندي وراڻيو، ”هي منھنجو ٻيو ٻار هو!“
ڊاڪٽر ڊگهو ساھہ کڻي چيو، ”جوان آهين، ٽيون ٻار ڄڻجانءِ.“
سانوريءَ سُڏڪا ڀريندي چيو، ”نہ هاڻي مان ٽيون ٻار نہ ڄڻينديس.“
ڊاڪٽر حيرت منجهان سانوريءَ کان سوال ڪيو، ”ڇو... ڇونہ ڄڻيندينءَ ٽيون ٻار؟“
سانوريءَ پنھنجي مٿي کي ڌَڪَ هنيو. سندس دانھن ۾ ٿر جي سڄي صحرا جو درد سمائجي ويو، ”منھنجو پھريون ٻار سال ۾ مري ويو. ٻيو اڄ ڇھن مھينن ۾ مري ويو. انھيءَ ليکي سان ٽيون ٻار تہ ٽن مھينن ۾ ئي مري ويندو!“

ڪاسائي

ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر پھتو تہ پوڙهي پيءُ کان دانھن نڪري ويئي. پيءُ پنھنجي هٿ سان هڪڙو ڌڪ پنھنجي مٿي تي هنيو، سندس اکين مان ٻہ لڙڪ لڙيا ۽ پوءِ هو ڪنھن اونھي سوچ ۾ گم ٿي ويو.
نوجوان جي لاش ڀرسان ويٺل سندس ڇھہ ڀينرون پنھنجي پنھنجي وات تي هٿ رکي گونگا ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. سندن نڙين تي ڄڻ نَنھن اچي ويو ھجي، جو پيءُ ۽ ڀائرن جو حڪم هيو تہ، عورت جو آواز گهر کان ٻاهر نہ وڃڻ گهرجي.
قتل ٿيل نوجوان جا ٽي ڀائر گهر پھتا. ڀاءُ جو لاش ڏسي فيصلو ڪيائون تہ لاش دفنائڻ کان اڳ ۾ پلاند ڪبو.
ٽنھي ڀائرن هٿيارن ۾ هٿَ وڌا تہ سندن پوڙهو پيءُ سمجهاڻيءَ خاطر اچي هنن جي اڳيان بيٺو، ”اڙي تڪڙ نہ ڪيو. تڪڙ ڪندئو تہ ڪنھن فيصلي يا جرڳي ۾ ڏنڊ ڏوھہ بہ اسان کي ئي ڏيڻو پوندو. هنن توهان جي ڀاءُ تي ڪارنھن جو الزام هڻي پنھنجي ڇوري بہ ماري آهي. اسان جي گهر ۾ بہ ڇورين جي کوٽ تہ ناهي!“
ڇھن ئي ڀينرن دهشت مان ڇرڪي، مئل ڀاءُ تان نظرون هٽائي جيئرن ڀائرن ۽ پيءُ ڏانھن ڏٺو، جيڪي ڪاساين جيان هنن ڏانھن ڏانھن ڏسي رهيا هئا.
ڇھن ئي ڀينرن جا جسم پھرين کان وڌيڪ ڪنبي رهيا هئا.

ڪَرب

ليڪچر ڏئي ڪاليج جي ڪلاس روم منجهان نڪتس تہ، پنھنجي ذهين ترين شاگردياڻيءَ کي ڪوريڊور جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل ڏٺم. هن منھنجو ليڪچر تہ اٽينڊ نہ ڪيو هو پر ڪوريڊور جي ڪنڊ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري روئي رهي هئي.
سندس ويجهو وڃي شفقت سان پڇيم، ”ڇا ڳالھہ آهي بابلا، ڇو پئي روئين؟“
هن ڪنڌ کڻي مون ڏانھن ڏٺو ۽ ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. سندس اکين منجهان لڳاتار لڙڪ وهندا رهيا.
پڇيم، ”ڪاليج جي ڪنھن شاگرد تنگ ڪيو اٿئي؟“
هن انڪار سان جهڪيل ڪنڌ لوڏيو.
پڇيم، ”ڪنھن استاد دڙڪو ڏنو اٿئي؟“
هن ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ وراڻيو، ”نہ سر.“
پڇيومانس، ”تہ پوءِ ڇو پئي روئين بابلا؟“
هن هڪ دٻيل سڏڪو ڀريو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري منھنجي چھري ڏانھن ڏسندي چيائين، ”اڄ بابا ڏاڍو ياد پيو اچي!“
” اوه...“ همدرديءَ ۽ پيار سان سندس مٿي تي هٿ رکندي پڇيم، ”ڪڏهن گذاري ويو آهي؟“
سڏڪا ڀريندي چيائين، ”بابا تہ جيئرو آهي سر... پر....“
هڪدم پڇيم، ”پر ڇا!؟“
لڙڪ لاڙيندي چيائين، ”بابا ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن بہ واپس اسان جي گهر ناهي آيو. مون پنجن سالن کان بابا کي ناهي ڏٺو... !“
هن ٻيھر ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي وات تي هٿ رکي سڏڪن جي آواز کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
سندس مٿي تي هٿ رکي چيم، ”نہ روءُ بابلا!“
هن ڪنڌ مٿي ڪري منھنجي مُنھن ڏانھن ڏسي، نھايت ڪَرب منجهان سُڏڪندي چيو، ”سر... جن جا پيئر مري ويندا آهن، انھن جي قبر تہ هوندي آهي. مون وٽ تہ پنھنجي پيءُ جي قبر بہ ناهي، جتي وڃي مان هن لاءِ روئي سگهان.... !“

نوڪرياڻي

گهر جو ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي روز جيان پورهيو ڪرڻ لاءِ پھتي تہ، گهر جي مالڪياڻيءَ اچڻ سان ئي کيس دڙڪا ڏنا، ”تنھنجي اچڻ جو ڪو مقرر وقت ڇو ناهي؟ ڪڏهن اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ ايندي آهين تہ ڪڏهن ڪلاڪ دير سان ٿي اچين!“
نوڪرياڻيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي وراڻيو، ”پنجن گهرن جو ڪم ڪندي آهيان ۽ پنڌ ايندي آهيان، تنھن ڪري ٿوري گهڻي دير سوير ٿي ويندي آهي بيگم صاحبہ .“
نوڪرياڻيءَ جو جواب ٻڌي بيگم صاحبہ کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي. هن وري نوڪرياڻيءَ کي دڙڪا ڏنا.
نوڪرياڻيءَ ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
نوڪرياڻيءَ گهر جو ڪم شروع ڪيو تہ، مالڪياڻي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ کيس بنا ڪنھن سبب جي دڙڪا ڏيندي رهي.
نوڪرياڻي خاموشيءَ سان ڪم ڪندي رهي ۽ سوچيندي رهي، ’اڳي تہ بنا سبب جي ڪڏهن بہ دڙڪا نہ ڏيندي هئي، اڄ الائي ڇا ٿيو آهي بيگم صاحبہ کي!‘
نوڪرياڻيءَ گهر جو ڪم پورو ڪري، وڃڻ کان اڳ ۾ نھايت احترام سان پڇيو، ”بيگم صاحبہ، توهان اڳي تہ بنا سبب جي مون کي ڪڏهن بہ دڙڪا نہ ڏنا هئا پر اڄ اهڙو ڇا ٿيو آهي جو....“
بيگم صاحبہ نوڪرياڻيءَ جي ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي ڪاوڙ سان وراڻيو، ”ڏسين ڪونہ ٿي تہ گهر جا سڀ اي سي بند آهن. رات کان بجلي بند آهي!“
نوڪرياڻيءَ پنھنجي رئي جي پلئه سان پگهر اگهيو ۽ ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”بيگم صاحبا، توهان هڪ رات بجلي بند ٿيڻ جي ڪري پريشان ٿي ويا آهيو. اسان کي ٽي سال اڳي بجليءَ وارن وڏو بل موڪليو ھو، تڏهن کان اسان جي گهر ۾ بجلي بند آهي!“

عورت ڪٿا

هوءَ جنھن گهر ۾ رهندي هئي، انھيءَ گهر لاءِ هن ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين اهوئي ٻُڌو هو تہ، اهو سندس پيءُ جو گهر آهي!
هن جي شادي ٿي تہ ٻُڌائين، اهو سندس مڙس جو گهر آهي!
مڙس مري ويس تہ اهي آوازَ سندس ڪَنن تي پَوڻ شروع ٿيا تہ، هي تنھنجي پُٽ جو گهر آهي!
هڪ ڏينھن پُٽَ هڪ ڪاغذ کڻي اچي سندس اڳيان رکي چيو، ”هن تي پنھنجي آڱوٺي جو نشان هڻ.“
هن ڪاغذ تان ڪنڌ کڻي پٽ ڏانھن ڏٺو. پڇيائين، ”ڇو هڻان آڱوٺي جو نشان؟“
پٽ وراڻيو، ”مان هي گهر کپائڻ ٿو چاهيان.“
هن حيرت سان ٻيو سوال ڪيو، ”پر ڇو!؟“
پٽ ڪاوڙ منجهان جوابي سوال ڪيو، ”تون ڪير ٿيندي آهين مون کان پڇڻ واري!؟“
هن صدين کان سيني ۾ سان جواب ڏنو، ”گهرَ جِي مالڪياڻي مان آهيان!“
پٽ کي ماءُ جي اها ڳالھہ نہ وڻي. هن ماءُ جي ٻانھن ۾ هٿ وڌو ۽ کيس گهر کان ٻاھر ڪڍي، در بند ڪري ڇڏيو.
هوءَ ڪيتري دير تائين گهٽيءَ ۾ بيھي دروازي ڏانھن ڏسندي رهي پر دروازو بند ئي رهيو.
هوءَ ڊگهو پنڌ ڪري چوواٽي تي پھتي ۽ چئني پاسي نھاريائين. سندس اکين ۾ صدين جو ٿَڪُ هو. هن پنھنجي گهر وڃڻ ٿي چاهيو پر چئني ڏَسائن ۾ هن کي ڪوبہ پنھنجو گهر نظر نہ آيو.

ڪٽھڙي ۾ بيٺل عورت

عورت سان ڏاڍائي ٿي تہ هوءَ دانھن کڻي پوليس آفيسر وٽ پھتي.
پوليس آفيسر عورت جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”توسان ڏاڍائي ڪندڙ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو آهي!“
عورت انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي اڳواڻ وٽ وڃي دانھن ڏني.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي اڳواڻ وراڻيو، ”اڄڪلھہ اسان عورتن جي حقن بابت سيمينار ڪرائڻ جي تيارين ۾ مصروف آهيون، تنھن ڪري هن وقت اسان تنھنجي ڪابہ مدد نٿا ڪري سگهون.“
عورت هڪ اديب وٽ پھچي ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ عرض ڪيو.
اديب عورت ڏانھن اڻ وڻندڙ نظرن سان ڏسندي چيو، ”مان رومانوي داستان لکندو آهيان. ظلم خلاف آواز اٿارڻ منھنجو ڪم ناهي!“
عورت هڪ شاعر وٽ پھچي ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ گذارش ڪئي.
شاعر وراڻيو، ”مان پنھنجي محبوب جي اکين ۽ ادائن تي غزل لکڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان. مھرباني ڪري منھنجي تخليقي عمل ۾ رخنو نہ وجهہ.“
عورت هڪ دانشور کي وڃي دانھن ڏني.
دانشور چيو، ”مان اجتماعي معاملن تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندو آهيان. انفرادي مسئلن تي سوچي پنھنجو وقت وڃائڻ نٿو چاهيان.“
عورت هڪ سياستدان وٽ پھچي ظلم خلاف ڳالھائڻ لاءِ چيو.
سياستدان وراڻيو، ”مون وٽ تنھنجي لاءِ وقت ناهي. اڄڪلھہ مان اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيان.“
عورت حڪمران جي خدمت ۾ حاضر ٿي ظلم جو داستان بيان ڪيو.
حڪمران وراڻيو، ”مون وٽ تنھنجي لاءِ وقت ناهي. اڄڪلھہ مان اقتدار جي ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيان.“
عورت عدالت ۾ پھچي انصاف جو در کڙڪايو.
منصفَ عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت جي ڪٽھڙي ۾ بيٺل عورت منصف ڏانھن ڏسندي عرض ڪيو، ”مون سان انصاف تڏھن ٿي سگهندو، جڏهن ڏاڍائي ڪندڙ ظالم سان گڏ، سماجي سطح تي مون سان ناانصافي ڪندڙ سڀئي ماڻھو عدالت جي ڪٽھڙي ۾ بيھاريا ويندا.“
عورت جي ڳالھہ ٻُڌي منصف سوچ ۾ پئجي ويو.

معصوم فريادي

زال، مڙس ۽ سندن ٻن سالن جو ٻار عدالت ۾ موجود آهن.
اها عورت ۽ مرد ٻئي اعلي تعليم يافتہ آهن. ٻئي هڪ ئي ڪارپوريٽ آفيس ۾ نوڪري ڪندا هئا. گڏ ڪم ڪندي هنن جي دوستي ٿي تہ، هو آفيس کان ٻاهر بہ ڪڏهن ڪڏهن گڏ وقت گذارڻ لڳا. وقت سان گڏ پاڻ ۾ وڌيڪ ويجها ٿيا تہ، ٻنھي هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ پيار محسوس ڪيو.
مرد، محبت جي عالمي ڏينھن تي عورت کي شاديءَ لاءِ پروپوز ڪيو تہ، عورت جي چھري تي مُرڪ اچي وئي ۽ هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ هنن شادي ڪري ڇڏي.
شاديءَ کان ڪجهہ عرصو پوءِ زال مڙس جي وچ ۾ ننڍا ننڍا اختلاف ٿيڻ شروع ٿيا پر ڪنھن موقعي تي مڙس صبر کان ڪم ورتو تہ، ڪنھن مھل زال خاموشي اختيار ڪئي.
سندن پُٽ جو جنم ٿيو تہ ٻنھي هڪ ٻئي کان وڌيڪ خوشي محسوس ڪئي پر سندن اختلافَ تڏهن بہ ختم نہ ٿي سگهيا.
پُٽ جي عمر ٻہ سال ٿي تہ، زال مڙس جا اختلاف وڌي وڻ ٿيا.
زال طلاق گُهري پر مڙس طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
زال عدالت پھچي خلع جي درخواست داخل ڪئي.
هاڻي عدالت ۾ جج جي سامھون هڪ طرف جي ڪٽھڙي ۾ مرد بيٺل آهي ۽ ٻئي پاسي واري ڪٽھڙي ۾ عورت موجود آهي، جنھن جي هنج ۾ ٻن سالن جو ٻار آهي.
جج عورت ڏانھن ڏسي چوي ٿو، ”هي عدالت توهان کي ٻيھر هڪ ڪلاڪ لاءِ اڪيلائي ۾ ڳالھائڻ جو موقعو ڏئي ٿي، جنھن کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي.“
جج جي حڪم تي زال، مڙس ۽ سندن ٻار کي عدالتي عملي جا اهلڪار اڪيلائي ۾ ڳالھائڻ لاءِ هڪ ڪمري ۾ ڇڏي اچن ٿا.
هڪ ڪلاڪ کان پوءِ زال، مڙس ۽ سندن ٻار واپس آندو وڃي ٿو تہ، پُٽ ماءُ جي بدران پيءُ جي ڀاڪر ۾ آهي.
جج جي سامھون هڪ طرف جي ڪٽھڙي ۾ عورت وڃي بيھي ٿي ۽ ٻئي طرف جي ڪٽھڙي ۾ مرد پنھنجي پٽ کي ڀاڪر ۾ جهلي وڃي بيھي ٿو.
جج عورت ڏانھن ڏسي پڇي ٿو، ”هاڻي ٻڌايو، توهان ڇا ٿا چاهيو؟“
عورت چوي ٿي، ”مان خلع حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي.“
جج خلع جو فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ چوي ٿو، ”هي عدالت ٻار کي ماءُ جي حوالي ڪري ٿي.“
عورت پنھنجي ڪٽھڙي مان نڪري مرد جي ڪٽھڙي وٽ وڃي ٿي ۽ ٻار کي سندس پيءُ کان وٺي ٿي تہ، ٻن سالن جو بي سمجهہ ۽ معصوم ٻار پيءُ ڏانھن وڃڻ لاءِ ٻانھون سڌيون ڪري زور زور سان روئڻ لڳي ٿو.
جج اهو منظر ڏسي سوچي ٿو، ’انڌي قانون سبب ٻن سالن جي انھيءَ معصوم ٻار کي سزا ملي آهي، جنھن جو ڪوبہ ڏوھہ ناهي!‘ ۽ پوءِ جج ڊگهو ساھہ کڻي رمارڪ ڏئي ٿو، ”جڏهن محبت جا رشتا تٽندا آهن تہ، انھيءَ جو درد محبت جي رشتن مان جنم ورتل رت جا رشتا ڀوڳيندا آهن!“
جج پنھنجي چيمبر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ عدالت ۾ معصوم ٻار رڙيون ڪندو رهي ٿو.

ناراض منصف

ديس جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ ننڍڙي نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائيءَ جي فيصلي جو ڏينھن هو.
وڏي عدالت جي وڏي ايوان ۾ وڏي منصف جي سامھون ڪٽھڙي اندر اهو ملزم بيٺو هو، جنھن تي چئن سالن جي ننڍڙي نياڻيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هو.
منصف عدالت جي ايوان ۾ ويٺل انھيءَ ماءُ ڏانھن ڏٺو، جنھن جي هنج ۾ سندس چئن سالن جي ڌيءَ هئي.
جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿيل معصوم نياڻي ماءُ سان چنبڙيل هئي ۽ هن پنھنجو مُنھن ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي، اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.
منصفَ ڪنڌ ورائي ڪٽھڙي ۾ بيٺل ملزم ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ فيصلو ٻڌايو، ”سمورين ثابتين کان پوءِ معصوم نياڻيءَ سان ڏاڍائي ڪندڙ کي موت جي سزا ڏجي ٿي.“
عدالتي ايوان ۾ موجود ماڻھن منصف جي فيصلي تي واھہ واھہ ڪئي تہ، ماءُ جي جسم سان چنبڙيل معصوم نياڻي امڙ جي هنج مان لھي، ڊوڙندي عدالتي ايوان کان ٻاهر هلي وئي.
منصف ۽ عدالت جي ايوان ۾ موجود سڀ ماڻھو حيران ٿي ويا.
منصفَ ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل نياڻيءَ جي ماءُ ڏانھن ڏٺو تہ، عورت اٿي بيھي عرض ڪيو، ”منھنجين ٻين نياڻين سان بہ ڏاڍائي ٿي آهي!“
منصف حيرت سان پڇيو، ”ڪٿي آهين تنھنجيون اهي نياڻيون؟“
عورت جي جواب کان اڳ ۾ ئي، ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل سندس چئن سالن جي نياڻي ايوان ۾ واپس آئي. سندس پٺيان هزارين معصوم نياڻيون وڏي عدالت جي وڏي ايوان ۾ داخل ٿي ويون، جن ۾ ڪيتريون بانبڙا پائيندڙ ننڍڙيون نياڻيون بہ شامل هيون. ڪيتريون ئي ننڍڙيون نياڻيون ريھاٽ ڪري روئي رهيون هيون ۽ ٻيون سخت هيسيل بيشمار نياڻيون خوف سبب ڪنبي رهيون هيون.
منصف حيرت سان عورت ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ڇا اهي سڀ ٻارڙيون تنھنجيون نياڻيون آهن!؟“
عورت جي اکين منجهان ٻہ لُڙڪ ٽِمي ڌرتيءَ تي ڪِريا تہ، عدالتي ايوان ۾ بارش کان پوءِ جھڙي مِٽيءَ جي مھڪ ڦھلجي ويئي.
عورت ٿڌو ساھہ کڻي وراڻيو، ”ها، مان انھن سڀني نياڻين جي ماءُ آهيان.“
منصف پڇيو، ”ڇا انھن سڀني معصوم نياڻين سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي؟“
عورت وراڻيو، ”جيڪي نياڻيون روئي رهيون آهن، انھن سان ڏاڍائي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪي ڪنبي رهيون آهن، اهي سڀئي ڏاڍائي ٿيڻ جي خوف ۾ مبتلا آهن!“
منصف پڇيو، ”انھن جي خوف کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي؟“
عورت وراڻيو، ”ڏاڍائيءَ جي خوف ۾ مبتلا نياڻين کي خوف مان تڏهن نجات ملندي، جڏهن ڏاڍائي ڪندڙ وحشين کي سرِعام ڦاهي ڏني ويندي.“
عورت جي ڳالھہ ٻُڌي منصف پنھنجي سامھون رکيل انڌي قانون جي مجسمي طرف نھاريو ۽ پوءِ هن مجسمي کي هٿ ۾ کڻي، ناراض نظرن سان مجسمي جي اکين ڏانھن ڏٺو. منصف جي دل چاهيو، جيڪر هو مجسمي جي اکين تان پَٽي لاهي ڦِٽي ڪري ڇڏي پر انڌي قانون جي پٿر سان ٺھيل مجسمي جِي اکين تي پَٽي بہ پٿر جي ئي ٻَڌل هئي!

ٽارگيٽ ڪلر

موٽر سائيڪل تي پويان ويٺل دوست کي هن گهٽيءَ جي ڪنڊ تي پان واري جي ڪئبن اڳيان لاهيندي چيو، ”تون تيز پتيءَ وارا ٻہ پان تيار ڪرائي وٺ، تيسين مان پنھنجو ڪم ڪري واپس ٿو اچان.“
هو تيزيءَ سان موٽر سائيڪل هلائيندو ٻہ گهٽيون اڳيان وڃي ٻڌايل جاءِ تي پھتو. گهٽيءَ جي اونداهي ڪنڊ ۾ موٽر سائيڪل بيھاري، هو پاسيرو ٿي سيٽ تي ويھي رهيو. ٻن منٽن جي انتظار کان پوءِ سندس موبائل فون تي ڪال آئي. ڪال ڪندڙ چيو، ”هُو جيڪو ماڻھو بلو ڪار طرف اچي رهيو آهي، تنھنجو اڄوڪو ٽارگيٽ اهو آهي.“
هن ليمپ پوسٽ جي هلڪي روشنيءَ ۾ سامھون ايندڙ شخص طرف ڏسي پوءِ هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. نيم ويران رستي تي نيم اونداهيءَ ۾ کيس پنھنجي لاءِ ڪوبہ خطرو نظر نہ آيو. جيئن ئي اهو شخص پنھنجي ڪار وٽ پھتو تہ، ڪار جو دروازو کلڻ کان اڳ ئي هڪ گولي اچي سندس سيني ۾ لڳي ۽ هو ڪار جي ٽائر ڀرسان ڪِري پيو.
موٽر سائيڪل روڊ تي اسڪريچ هڻندي پانَ جي ڪئبن اڳيان بيٺي. سندس دوست هڪدم موٽر سائيڪل تي هن جي پويان ويٺو ۽ موٽر سائيڪل پوري اسپيڊ سان اڳتي هلي وئي.
باربي قِيو ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کان پوءِ هن ٽيبل تي پيل بل تي هڪ نظر وجهي دوست کان پڇيو، ”هڪ ماڻھوءَ جو وزن ڪيترو هوندو آهي؟“
دوست ڏند کوٽيندي بي فڪريءَ سان وراڻيو، ”خبر ناهي، هوندو پنجاھہ سٺ ڪلو گرام.“
هن ٽارگيٽ ڪلنگ جي معاوضي طور مليل پندرهن سئو ۾ هڪ سئو روپيا ٻيا وجهي، سورهن سئو رپيا بل واري پليٽ ۾ ڦِٽي ڪيا ۽ سگريٽ دکائيندي چيائين، ”اڄڪلھہ ڪيڏي مھانگائي ٿي وئي آهي يار، پنجاھہ سٺ ڪلو جي ماڻھوءَ سان ٻاڪري گوشت جي هڪڙي ڪلو واري ڪڙھائي بہ نٿي ملي!“

ٽائيم بم

هن ڪار چوري ڪئي ۽ ڪار هدايتون مليل هنڌ تي کڻي ويو. ڪار ۾ ٽائيم بم فِٽ ڪري، ڪار واپس سندس حوالي ڪئي وئي.
هو رات جو واپس گهر پھتو تہ سندس سمورا گهرڀاتي ننڊ پيا هئا.
صبح جو تيار ٿي وڃڻ لڳو تہ سندس ننڍڙي پٽ نئين ڪار ۾ گهمڻ جي فرمائش ڪئي.
هن هيٺ جهڪي معصوم پٽ کي چمي ڏيندي چيو، ”ٿوري دير ۾ اچان ٿو، پوءِ گهمڻ هلنداسين.“
هو ڪار ڊرائيو ڪري مخصوص جاءِ تي هدايتون وٺڻ لاءِ پھتو. هدايتن سان گڏ نوٽن جون ڪجهہ دستيون بہ سندس حوالي ڪيون ويون.
دهشتگرديءَ جي واردات لاءِ ٽارگيٽ ڪيل هنڌ تي پھچي، هن شھر جي مصروف ۽ پرهجوم علائقي جو جائزو ورتو. هن ڪار کي وڌيڪ رش واري جاءِ تي پارڪ ڪيو ۽ ٽائيم بم جو ٽائيمر سيٽ ڪري ڪار مان لھي ويو.
هو سامھون ئي ڪجهہ فاصلي تي انھيءَ بلڊنگ جي ستين فلور تي پھتو، جتي سندس هدايتڪار جا ڪارندا بم ڌماڪي جو منظر ڏسڻ لاءِ پھچي چڪا هئا.
هن ستين فلور جي اپارٽمينٽ جي دريءَ وٽ ڪارندن جي ڀرسان بيھي، روڊ جي ٻئي پاسي ٽائيم بم فِٽ ٿيل ڪار طرف ڏٺو تہ ڇرڪي پيو. ڪار جي ڀرسان سندس زال بہ موجود هئي، جنھن جي هڪ هٿ ۾ شاپنگ بيگس هيون ۽ ٻئي هٿ ۾ سندس ننڍڙي پٽ جو هٿ هو. سندس پٽ ڪار کي سڃاڻي، ماءُ ڏانھن ڏسي ڪار طرف اشارو ڪيو. سندس زال پٽ سوڌو ڪار جي ويجهو وڃي ايئن بيھي رهي، ڄڻ هوءَ سندس انتظار ڪندي هجي.
ستين فلور جي دريءَ وٽ بيٺل دهشتگرد پنھنجي زال جي موبائل نمبر کي ٽچ ڪيو پر ڪال نہ لڳي. ڪال ڊراپ ٿيڻ کان پوءِ هن موبائل فون ۾ ئي ٽائيم ڏٺو. ڌماڪو ٿيڻ ۾ اڃا ٽي منٽ هئا. هن هڪدم اپارٽمينٽ مان نڪري لفٽ ڏانھن ڊوڙ پاتي.
روڊ تي ٽريفڪ جي وچ مان ڊوڙندي، هن جي نظر روڊ جي ٻئي طرف ڪار جي ڀرسان بيٺل پنھنجي معصوم پٽ تي کتل هئي. هن کي پڪ هئي تہ، هو تيزيءَ سان ڊوڙندو پنھنجي پٽ کي ڪار کان پرتي کڻي ويندو پر اڃان هو روڊ جي وچ تي ئي هو تہ، ڌماڪو ٿي ويو ۽ رت جا ڇنڊا اچي سندس مُنھن تي لڳا.

خودڪش بمبار

ننڍي عمر واري خودڪش بمبار ڪفن جھڙا اڇا ڪپڙا پھريا تہ سندس ساٿين کيس جنت ڏانھن وڃڻ جون واڌايون ڏنيون.
بمبار جي مُنھن تي مُرڪ اچي وئي ۽ ڪنھن تصور سان سندس اکين ۾ خمار لھي آيو.
خودڪش جيڪٽ جي تياريءَ ۾ ٿوري دير ٿي تہ بمبار ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ”جنت ۾ ستر حورون منھنجي انتظار ۾ آهن ۽ توهان مون کي دير ڪرائي رهيا آهيو!“
بمبار جي ڳالھہ ٻُڌي سندس ماسٽر مائينڊ چيو، ”ٿورو صبر ڪر ۽ جيڪٽ ۾ وڌيڪ بارود ڀرجڻ ڏي.“
بي سمجهہ بمبار بي صبريءَ سان وراڻيو، ”بارود گهڻو وجهو يا ٿورو، پر مون کي جلدي روانو ڪيو. مان حورن کي وڌيڪ انتظار ڪرائڻ نٿو چاهيان!“
ماسٽر مائينڊ مُرڪي، بمبار کي سمجهاڻي ڏني،”ڌماڪو ڪرڻ سان تون هڪدم ستر حورن وٽ جنت ۾ تہ پھچي ويندين، پر تنھنجي ڪيل ڌماڪي سان جيترا وڌيڪ ماڻھو مرندا، جنت ۾ اوترا ئي وڌيڪ تنھنجا درجا بلند ٿيندا.“
بمبار، خودڪش جيڪٽ ۾ وڌيڪ بارود ڀرجڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو. جڏهن جيڪٽ تيار ٿيو تہ بمبار، عقيدت ۽ احسانمنديءَ سان ماسٽر مائينڊ جا هٿ چميا ۽ ٻاهر نڪري ويو.
خودڪش بمبار مسجد ۾ نمازين جي وچ ۾ وڃي بيٺو ۽ سجدي ۾ ويندي هن ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو ٿيڻ شرط هن پنھنجو جسم سڙندي ۽ پَٽجندي محسوس ڪيو. کيس پڪ هئي تہ ڌماڪي کان پوءِ اها ٿوري دير جي تڪليف آهي، ڪجهہ دير اندر ئي هو جنت ۾ داخل ٿي ويندو، جتي ستر حورون سندس انتظار ڪري رهيون آهن. جڏهن گهڻي دير تائين سندس عذاب ختم نہ ٿيو تہ هن اکيون کولي ڏٺو. سندس جسم دوزخ جي باھہ ۾ سڙي رهيو هو ۽ دوزخ جون خوفناڪ بلائون سندس جسم تان گوشت پَٽي رهيون هيون!

دهشتگردي

دهشتگردن سان ويڙھہ خاطر سرڪار پاران جوڙيل هڪ جٿي جي اڳواڻ، پنھنجي اعلي اڳواڻ کي اطلاع ڏنو، ”اسان سخت مقابلي کان پوءِ چئن دهشتگردن کي ماريو ۽ ٽن کي گرفتار ڪيو آهي!“
اعلي عملدار، اهلڪارن لاءِ انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کان وڌيڪ اعلي عملدار کي اطلاع ڏنو، ”اسان جي بهادر جٿي تمام سخت مقابلي کان پوءِ چئن خطرناڪ دهشتگردن کي ماريو آهي ۽ ٽن تمام خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي!“
وڌيڪ اعلي عملدار، اهلڪارن جي پروموشن جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ وزير صاحب کي اطلاع ڏنو، ”اسان جي بهادر جوانن، پنھنجي جان جي پرواھہ ڪرڻ کان سواءِ انتھائي سخت مقابلي کان بعد، چئن تمام خطرناڪ دهشتگردن کي مارڻ کان پوءِ ٽن تمام وڏن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي!“
شھرت جي شوقين وزير صاحب جي حڪم تي، تڪڙ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو.
وزير صاحب ٻانھون لوڏيندي ڊگهي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ چيو، ”اسان جي بهادر جوانن چئن دهشتگردن کي ماري ۽ ٽن تمام وڏن دهشتگردن کي خطرناڪ هٿيارن سميت گرفتار ڪري، ملڪ کي تمام وڏي دهشتگرديءَ کان بچائي ورتو آهي!“
اهو چئي وزير صاحب فخر سان چيو، ”وڏن دهشتگردن جا چھرا ۽ انھن وٽان هٿ آيل خطرناڪ هٿيار ميڊيا کي ڏيکاريا وڃن.“
چئن دهشتگردن کي مارڻ کان پوءِ ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪندڙ جٿي جي اڳواڻ، پريس ڪانفرنس ۾ آندل دهشتگردن جي مٿان پيل چادر کنئي تہ، ٽن معصوم ٻارڙن جا هيسيل چھرا ظاهر ٿيا ۽ انھن جي سامھون ميز تي پيل چادر کنئي وئي تہ ان تي کير پيئڻ جو هڪ فيڊر رکيل هو!

شاھہ زمان جو ڊرائنگ روم

رستي تي هو اوچتو منھنجي سامھون اچي بيٺو.
پڇيائين، ”مون کي سڃاڻين ٿو؟“
مون سندس چھري ۾ نھاريو ۽ انڪار سان ڪنڌ لوڏيم.
هن پنھنجي بوسڪيءَ جي قميص جي ڪالر کي ٺيڪ ڪندي چيو، ”ٿورو غور ڪر.“
مون غور سان سندس چھري ڏانھن ڏسندي وراڻيو، ”معاف ڪجو، مان توهان کي نٿو سڃاڻان.“
هن پنھنجي اکين تان قيمتي چشمو لاهيندي چيو، ”ڀلا هاڻي ڏس، سڃاتئي؟“
مان ڪجه دير هن ڏانھن ڏسندو رهيس.
هو منھنجي سامھون خاموش بيٺو مرڪندو رهيو.
چيم، ”توهان جو چھرو تہ ڪجهہ ڏٺل لڳي ٿو پر...“
هن ٽھڪ ڏئي ٻانھون کوليندي وراڻيو، ”اڙي مان شاھہ زمان آهيان!“
مون هن کي ڀاڪر ڀائيندي چيو، ”اڙي شاهو.... !“
ڀاڪر پائڻ کان پوءِ هن منھنجي ٻانھن ۾ هٿ وڌو ۽ ڀرسان بيٺل ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ڏانھن وڌيو تہ، گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺل گارڊ دروازو کوليو.
شاھہ زمان مون کي گاڏيءَ ۾ ويھڻ لاءِ چيو تہ، مان هن سان انڪار نہ ڪري سگهيس، جو هو منھنجي ننڍپڻ جو دوست هو.
اسان ٻئي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. پرائمري کان پوءِ هو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪراچيءَ هليو ويو، جتان پوءِ هن کي سندس والد اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيھہ موڪلي ڇڏيو هو. پرائمري اسڪول کان پوءِ اڄ اسان جي اوچتو پھرين ملاقات ٿي هئي. وچ ۾ وڏو زمانو گذري ويو هو، جنھن ڪري اڄ مان هن کي سڃاڻي نہ سگهيو هئس.
شاھہ زمان ڏانھن ڏسندي پڇيم، ”ڪيڏانھن پيو کنيو ھلين مون کي؟“
مرڪي چيائين، ”فلحال تہ گهر پيا هلون، پوءِ ڪنھن محفل ۾ هلي وينداسين....“
سندس محل نما گهر جي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿياسين تہ سامھون واري ديوار تي پئي، جنھن تي شڪار ڪيل جانورن جون مينڍيون ۽ شاھہ زمان جي وڏن جون پراڻي زماني جون يادگار بندوقون ٽنگيل هيون. ٻين ديوارن ڏانھن نظر ڦيريم تہ مون کي بيحد خوشي ٿي، جو ڪيترن ئي قيمتي شوپيسز ۽ پينٽنگز سان گڏ هڪ بڪ شيلف بہ موجود هو.
مان اٿي وڃي بڪ شيلف جي ڀرسان بيٺس ۽ هڪ ڪتاب کڻي ڏسندي چيم، ”شاهو، تنھنجو خانداني شوق تہ هٿيارن سان کيڏڻ ۽ شڪار ڪرڻ هجي ها پر مون کي خوشي ٿي آهي تہ، تو هٿيارن بدران ڪتابن سان دوستي ڪئي آهي!“
شاھہ زمان جو ٽھڪ ٻڌي ڪنڌ ورائي هن ڏانھن ڏٺم تہ، هو جديد دور جي هڪ بندوق کي صاف ڪري رهيو هو. ٽھڪ ڏيڻ کان پوءِ مُرڪي چيائين، ”مون اڄ تائين انھن ڪتابن مان ڪنھن ڪتاب کي کولي بہ ناهي ڏٺو. شوقَ تہ منھنجا بہ اهي ساڳيا ئي شڪارن ۽ هٿيارن وارا آهن، ڪتاب تہ مڙئي ڊرائنگ روم جي سجاوٽ خاطر رکيل آهن!“

بوتل، بوٽ ۽ ڪتاب

مين روڊ تان ڪار ٽرن ٿِي هڪ گهٽي ۾ پھچي بيھي رهي.
هن ڏھہ هزار رپيا ڪڍي ڊرائيور کي ڏنا.
ڊرائيور ڪجهہ فاصلي تي موجود هڪ دڪان جي کڙڪيءَ اڳيان رش ۾ شامل ٿي ويو. ڪجهہ دير کان پوءِ ڊرائيور ڪاغذ ۾ ويڙهيل بوتل آڻي، ڪار جي پوئين سيٽ تي هن جي پاسي ۾ اچي رکي ڇڏي.
شھر جي فيشن ايبل علائقي مان گذرندي، هن ڪار روڪرائي ۽ هڪ مشھور ڪمپنيءَ جي بوٽن جي دڪان ۾ هليو ويو. هڪ بوٽ پسند ڪري هن قيمت پڇڻ کان سواءِ پئڪ ڪرايو ۽ ڪائونٽر تي وڃي، بل ڏسي هن کيسي مان پندرهن هزار رپيا ڪڍي ڏنا.
شھر جي رش واري پراڻي علائقي ۾ هن ڪار روڪرائي ۽ ڪتابن جي دڪان ۾ هليو ويو.
ڪيتري دير تائين هو مختلف شاعرن جا ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن دڪاندار کان هڪ مشھور شاعر جو ڪتاب گُهريو.
دڪاندار بيحد سھڻو ضخيم ڪتاب ڪڍي، ڪائونٽر تي سندس اڳيان رکيو.
هن ڪتاب کڻي کوليو ۽ ڪتاب جي قيمت ڏسندي حيرت سان چيو، ”ڇھہ سئو رپيا.... !“
دڪاندار بنا دير جي چيو، ”توهان پنج سئو ئي ڏيو پر ڪتاب کڻي وڃو.“
”نہ ڪتاب ڏاڍا مھانگا ٿي ويا آهن!“ اهو چئي هن ڪتاب واپس ڪائونٽر تي رکيو ۽ دڪان مان ٻاهر نڪري ويو.

لفظن جا جادوگر ۽ هڪ ڇوڪري

ادبي دنيا ۾ نئين آيل نوجوان ليکڪا جي حُسن جي هر طرف هاڪَ ٿي وئي.
هڪ شاعر، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”دل چوي ٿي تنھنجين نيرين اکين جي سمنڊ ۾ ٻُڏي وڃجي!“
ليکڪا پنھنجي پرس منجهان ڪارا گلاسز ڪڍي اکين تي چاڙهي ڇڏيا.
هڪ ڪھاڻيڪار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”مان تنھنجي زلفن جي ڇانوَ ۾ سمھڻ ٿو چاهيان!“
ليکڪا پنھنجي کُليل وارن کي پوتيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيو.
هڪ ناول نگار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”مان سڄي زندگي توسان گڏ رهڻ ٿو چاهيان!“
ليکڪا، ناول نگار کان پرتي وڃي بيھي رهي.
هڪ ڊراما نگار ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”مان تنھنجي احساسن کي ڇُھڻ ٿو چاهيان!“
ليکڪا پنھنجو مُنھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
هڪ چترڪار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”مان تنھنجي زندگيءَ ۾ خوشين جا رنگ ڀرڻ ٿو چاهيان!“
ليکڪا، چترڪار جي ڳالھہ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.
هڪ ماهرِ لسانيات، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”تون منھنجي سامھون ويٺي رهين تہ مان تنھنجي حُسن بابت ڪو نئون لفظ ٺاهيان!“
ليکڪا اٿي پرتي وڃي ويٺي.
هڪ محقق، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”مون کي ڪجهہ وقت ڏي تہ مان تنھنجي سونھن تي تحقيق ڪيان!“
ليکڪا تڪڙ ۾ اٿي وئي.
هڪ دانشور، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”تون منھنجي ويجهو اچي ويھہ تہ، مان حُسن جي فلسفي تي ڪجهہ غور فڪر ڪيان!“
ليکڪا وڌيڪ پرتي ٿي وئي.
هڪ ڪالم نگار، ليکڪا جي تحريرن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ کيس چيو، ”تون ڪجهہ دير منھنجي ڀرسان ويھہ تہ مان تنھنجي سونھن جو مشاهدو ماڻي، حَسين چھرن بابت هڪ ڪالم لکان!“
ليکڪا کي ڪالم نگار جي ڳالھہ نہ وڻي. هوءَ ڪالم نگار کان گهڻو پرتي هلي وئي.
هڪ نقاد ليکڪا جي ويجهو آيو تہ، ليکڪا کي تنقيد جو خوف ورائي ويو.
نقاد، ليکڪا جي لکڻين تي تبصرو ڪرڻ کان سواءِ چيو، ”تون دنيا جي حَسين ترين ڇوڪري آهين!“
ليکڪا جي چھري تي مُرڪ پکڙجي وئي ۽ هوءَ اڳتي سُري، نقاد جي وڌيڪ ويجهو اچي وئي.

دانشور

هن ڪھاڻيون لکيون پر ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃائي نہ سگهيو، فقط ٻوڙ هاريندو رهيو.
ڪھاڻيون لکڻ کان توبھہ ڪري شاعري ڪيائين پر دلين کي گرمائي نہ سگهيو، بس رنڍا ئي روڙيندو رهيو.
شاعري ڇڏي ڪالم لکڻ شروع ڪيائين پر فقط ڪاڳر ئي ڪارا ڪندو رهيو.
ڪنھن صلاح ڏنس تہ ڪتاب ڇپجڻ سان ادبي دنيا ۾ مڃتا ماڻي سگهجي ٿي.
پبلشرن جي انڪار کان پوءِ هن کي پنھنجي خرچ تي پنھنجا ڪتاب پاڻ ئي ڇپرائڻا پيا ۽ بازار ۾ وڪرو نہ ٿيڻ تي مفت ۾ ورهائڻا پيا.
پنھنجي خرچ تي ڪتابن جون مھورتون بہ ڪرايائين تہ پاڻ سان رهاڻيون بہ رچرايائين پر مڃتا جي منزل ماڻي نہ سگهيو ۽ پوءِ هن لکڻ ڇڏي ڏنو.
گهڻي وقت کان پوءِ مليو تہ ڏاڍو خوش هو.
چيائين، ”اجايو پئي رنڍا روڙيم ۽ ڪاڳر ڪارا ڪيم! هاڻي فقط ادبي، تعليمي ۽ سماجي پروگرامن ۾ تقريرون ڪندو آهيان ۽ ماڻھو مون کي دانشور چوندا آهن!“

مسافر

اها خوبصورت عورت ريل ۾ منھنجي سامھون واري سيٽ تي ويٺي هئي. هن جون نظرون پنھنجي موبائيل فون ۾ هيون ۽ منھنجيون نظرون منھنجي موبائيل فون ۾ هيون. ڪافي دير کان پوءِ هن پنھنجي موبائيل فون رکي ۽ هينڊ بيگ منجهان هڪ ڪتاب ڪڍيو.
منھنجي نظر هن ڏانھن وئي تہ منھنجي چھري تي مُرڪ اچي وئي. مون کي مرڪندي ڏسي هن جي چھري تي ڪاوڙ اچي وئي. هن تيز نظرن سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ڪتاب پڙهڻ لڳي.
ريل هلندي رهي.
هوءَ ڪتاب پڙهندي رهي ۽ منھنجيون نظرون پنھنجي موبائيل فون جي اسڪرين ۾ اٽڪيل رهيون.
ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن ڪتاب بند ڪيو تہ، غير ارادي طور تي منھنجي نظر هن ڏانھن هلي وئي.
خوبصورت عورت ڪاوڙ منجهان مون ڏانھن ڏسندي چيو، ”توهان پنھنجو ڪيترو وقت موبائيل تي وڃايو آهي!“
وراڻيم، ”مون پنھنجو وقت وڃايو ناهي محترمه!“
طنز سان چيائين، ”پنجن ڪلاڪن کان توهان جي هٿ ۾ موبائيل فون موجود آهي. ڏسڻ ۾ تہ پڙهيل لکيل ٿا لڳو. توهان وٽ سفر ۾ پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب هجڻ گهرجي ها!“
ٽرين منھنجي منزل تي بيھڻ واري هئي.
مون پنھنجو بيگ کڻندي مرڪي وراڻيو، ”سفر ۾ توهان ڪتاب پڙهندا رهيا آهيو ۽ مان موبائيل فون تي ڪتاب لکندو رهيو آهيان!“
خوبصورت عورت انتھائي حيرت سان چيو، ”ڇا.... !“
وراڻيم، ”توهان منھنجو ئي لکيل ناول پئي پڙهيو ۽ مان موبائيل فون تي پنھنجو نئون ناول لکي رهيو هئس!“
هن حيرت سان مون ڏانھن ڏٺو.
خوبصورت عورت حيرت سبب ڪجهہ ڳالھائي نہ سگهي ۽ مان تڪڙو در ڏانھن وڌي ويس، جو ريل انھيءَ اسٽيشن تي فقط ٻہ منٽ بيھندي هئي.

ڪھاڻيڪار ۽ محقق

چيائين، ”مان محقق آهيان. تو وانگر خيالي ڪھاڻيون ناهيان لکندو.“
مُرڪي وراڻيم، ”مان تخليقي ليکڪ آهيان محقق صاحب. مون کي تنھنجي تحقيق سان ڪا بہ دلچسپي ناهي!“
مُنھن ۾ گُهنڊ وجهي چيائين،”توکي تحقيق جي اهميت جو اندازو ئي ناهي!“
وراڻيم، ”تخليق لاءِ تحقيق لازم ناهي پر تحقيق لاءِ تخليق جو هجڻ ضروري آهي!“

انسانيت زندھہ آهي

مسجد ۾ فائرنگ ٿي تہ ڪيترائي ئي انسان مارجي ويا.
مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻھن بہ درد محسوس ڪيو ۽ مسجد جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ گل رکيا.
مندر تي حملو ٿيو تہ ڪيترائي انسان مارجي ويا.
هندوئن سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻھن بہ درد محسوس ڪيو ۽ مندر جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاريا.
گرجا گهر ۾ دهشتگردي ٿي تہ ڪيترائي انسان مارجي ويا.
عيسائين سان گڏ ٻين مذهبن جي ماڻھن بہ درد محسوس ڪيو ۽ گرجا گهر جي اڳيان مري ويلن جي ياد ۾ شمعون روشن ڪيون.
بيشمار انسانن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بہ مسجد، مندر ۽ گرجا گهر جا دروازا کليل آهن.
ماڻھن شڪست ناهي کاڌي، خوف ۾ مبتلا ناهن ٿيا ۽ نہ ئي هڪ ٻئي لاءِ سندن دلين جا دروازا بند ٿيا آهن.

بادشاهي فيصلو

هڪ سال جي گم ٿيل معصوم ٻار کي سندس پيءُ ماءُ تائين پھچائڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا، پر ٻار جا ماءُ پيءُ هٿ نہ آيا. جڏهن سرڪار جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، تڏهن هڪ سائنسدان اعلان ڪيو تہ، هو انھيءَ ٻار کي سندس پيءُ ماءُ تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪندو.
سائنسدان ٻار کي پنھنجي ليبارٽريءَ ۾ کڻي ويو. ڪيترن ڏينھن جي لڳاتار ڪوشش کان پوءِ، سائنسدان انھيءَ ٻار جي دماغ ۾ جنم وٺندڙ خيالن جون تصويرون ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. انھن تصويرن ۾ ڪجهہ تصويرون هڪ عورت ۽ مرد جون بہ هيون. ٻار انھيءَ عورت ۽ مرد جو خيال اچڻ تي ڪنھن وقت مُرڪيو ٿي تہ ڪنھن وقت رُنو پئي.
سائنسدان اعلان ڪيو تہ، هن انھيءَ ٻار جي دماغ ۾ موجود سندس پيءُ ۽ ماءُ جي خيالن کي تصويرن جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتو آهي!
سائنسدان جي ڳالھہ تي ڪيترن ماڻھن اعتبار نہ ڪيو ۽ انھن تصويرن کي جعلي قرار ڏنو، پر جڏهن انھن تصويرن وسيلي ٻار جا ماءُ پي ملي ويا تہ، ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو.
ڪيترائي وزير، مشير، سياستدان، سرڪاري آفيسر، صنعتڪار، واپاري ۽ ٻيا وائيٽ ڪالر ڪرمنل ماڻھو سخت پريشان ٿي ويا. انھن سڀني بااثر ماڻھن، انھيءَ سائنسدان کي سماج لاءِ خطرو قرار ڏيندي، ملڪ جي بادشاھہ کان مطالبو ڪيو تہ، سائنسدان کي سدائين لاءِ قيد ڪيو وڃي.
بادشاھہ، انھن بااثر ماڻھن جي مطالبي تي غور ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
رات جو بادشاھہ خفيہ نموني سائنسدان جي ليبارٽري ۾ ويو ۽ پنھنجي دماغ ۾ موجود خيالن جو تصويرون ڪڍرائي ڏٺيون. اهي تصويرون ڏسڻ کان پوءِ بادشاھہ سخت حيران ٿي ويو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ بادشاهي محل مان، سائنسدان کي ملڪ جو سڀ کان وڏو بادشاهي تمغو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
جلد ئي شاهي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو ۽ بادشاھ سلامت پنھنجي هٿن سان سائنسدان کي اعلي ترين تمغي سان نوازيو.
ٻئي صبح تي شاهي مھمان خاني ۾ سائنسدان مئل حالت ۾ مليو!
سائنسدان جي موت تي بادشاهي محل منجهان اعلان ڪيو ويو، ”اسان جو ملڪ دنيا جي عظيم ترين سائنسدان کان محروم ٿي ويو آهي، جنھن ڪري بادشاهي فرمان مطابق ٽن ڏينھن جي سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو.“

عاشقَ سدائين انتظار ڪندا آهن!

هوءَ روز صبح جو باغ ۾ واڪ ڪرڻ ايندي هئي ۽ مان روز هن کي ڏسڻ لاءِ باغ ۾ ويندو هئس. مان هڪ نظر هن ڏانھن ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هئس ۽ وري جڏهن هن جي ويندڙ قدمن جا آواز ٻڌندو هئس تہ، ڪنڌ کڻي هن ڏانھن نھاريندو هئس. جيسين هوءَ باغ منجهان ٻاهر نہ هلي ويندي هئي، تيسين مان هن کي ويندي ڏسندو رهندو هئس.
هوءَ گلن جي وچ ۾ جاگنگ ٽريڪ تي واڪ ڪندي هئي ۽ مان بڙ جي وڏي وڻ جي هيٺان رکيل بينچ تي ويٺل هوندو هئس. هن جي وڃڻ کان پوءِ مان بہ خاموشيءَ سان اٿي باغ کان ٻاهر نڪري ويندو هئس.
هڪ ڏينھن مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هئس تہ، هوءَ خاموش قدمن سان هلندي منھنجي ڀرسان اچي بيٺي. جهڪيل ڪنڌ سان منھنجي نظر هن جي پيرن تي پئي تہ مان اٿي بيھي رهيس.
پڇيائين، ”تون هتي روز ڇو ايندو آهين؟“
وراڻيم، ”فقط توکي ڏسڻ لاءِ.“
هن حيرت سان مرڪي پڇيو، ”فقط هڪ نظر مون کي ڏسڻ لاءِ...!؟“
ڪنڌ هيٺ ڪري چيم، ”ها... ۽ پوءِ توکي ويندي لڳاتار ڏسندو رهندو آهيان.“
پڇيائين ”ڇا تون مون کي سدائين لاءِ پنھنجي اکين جي اڳيان رکڻ چاهيندين؟“
مون کي پنھنجي ڪنن تي اعتبار نہ آيو. مون ڪنڌ کڻي هن ڏانھن ڏٺو پر ٻي يقينيءَ سبب ڪو بہ جواب نہ ڏئي سگهيس.
هن هڪدم پڇيو، ”جلدي ٻڌاءِ ها يا نہ؟“
مون تڪڙ ۾ چيو، ”ها.“
هوءَ مرڪي پئي. چيائين، ”منھنجو انتظار ڪجانءِ. مان شام جو واپس اينديس.“
مان هن جو انتظار ڪرڻ لاءِ اتي ئي، بڙ جي پوڙهي وڻ هيٺان رکيل بينچ تي ويھي رهيس.
شام جو هوءَ نہ آئي، ٻئي ڏينھن صبح جو بہ هوءَ نہ آئي.
مان لڳاتار اتي ويٺو رهيس... ۽ منھنجي زندگيءَ جي شام ٿي وئي!
مان وڃڻ لڳس تہ، بڙ جي قديم وڻ چيو، ”تون ڀلي هليو وڃ پر مان هن جو صدين تائين انتظار ڪندو رهندس.“

Micro Fiction

زندگي

چيائين، ”گهڻو نہ لِک، ٿڪجي پوندين.“
وراڻيم، ”روز نہ لکندس تہ، ساھ ڪيئن کڻندس!“

O

بک

ڳورهاري عورت
پنھنجي اڻ ڄاول ٻار جا ڪپڙا
وڪرو ڪري ڇڏيا!

O

مصور

چيائين، ”آهين تہ مصور پر ڪم مالھيءَ وارو پيو ڪرين!“
وراڻيم، ”دنيا ۾ مالھيءَ کان وڏو مصور ڪوبہ ناهي.“

O

وقت

چيم، ”تون پراڻي گيت جھڙي خوبصورت آهين.“
ٽھڪ ڏئي چيائين، ”نہ مان گراموفون واري دور جي ناهيان!“

O

لاڪ ڊائون

پيءُ جو آخري سگريٽ پُٽ چورائي ويو.

O

پنھنجي ٻَني

پڇيائين، ”تون سڀ ڪھاڻيون فقط سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟“
وراڻيم، ”مان پاڻي پنھنجي ٻنيءَ کي ڏيڻ ٿو چاهيان.“