مختلف موضوع

اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ

 ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم اڻ آريائي قبيلي ”اوڏن“ جي اصليت، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ ڪرت ڪسب جي ڪٿا خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي.   ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ليکڪ لکيو آهي تہ هن ڪتاب ۾ دراصل ٻن دوستن جي سچي ڪھاڻي آهي، هڪ مسلم آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي موٽرن وارو، ٻيو مسڪين گڏهہ تي مٽي ڍوئيندڙ، هڪ پڙهيل لکيل ۽ ٻئي کي ڪلھي تي ڪوڏر، پر ايتري طبقاتي اوچ نيچ جي باوجود دوستيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ هو هڪٻئي لاءِ الائي ڪيتريون قربانيون ڏين ٿا. دنيا ۾ اهڙي مثالي دوستي ڏسي، فخر سان دوستيءَ جھڙي رشتي جو قسم کائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٿورو گهڻو اوڏن تي اينٿراپالاجيڪل مطالعي جو اثر بہ محسوس ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڦوٽو پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اوڏڪي ٻوليءَ جي عام لفظن جي سنڌي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي،

Title Cover of book اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ نثرنگار اشتياق انصاريءَ جي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
 ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم اڻ آريائي قبيلي ”اوڏن“ جي اصليت، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ ڪرت ڪسب جي ڪٿا خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي.   ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ليکڪ لکيو آهي تہ هن ڪتاب ۾ دراصل ٻن دوستن جي سچي ڪھاڻي آهي، هڪ مسلم آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي موٽرن وارو، ٻيو مسڪين گڏهہ تي مٽي ڍوئيندڙ، هڪ پڙهيل لکيل ۽ ٻئي کي ڪلھي تي ڪوڏر، پر ايتري طبقاتي اوچ نيچ جي باوجود دوستيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ هو هڪٻئي لاءِ الائي ڪيتريون قربانيون ڏين ٿا. دنيا ۾ اهڙي مثالي دوستي ڏسي، فخر سان دوستيءَ جھڙي رشتي جو قسم کائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٿورو گهڻو اوڏن تي اينٿراپالاجيڪل مطالعي جو اثر بہ محسوس ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڦوٽو پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اوڏڪي ٻوليءَ جي عام لفظن جي سنڌي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي،
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2004ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي