لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مناجات الاھي

مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.

  • 4.5/5.0
  • 106
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مناجات الاھي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران لوڪ شاعرن ۽ سگهڙن جي لکيل مناجاتن تي مشتمل ڪتاب ”مناجات الاھي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاري آھي.
مناجات عربي لفظ ”نجو“ يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳُجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ. هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران اڃا تائين ناھي ڇپايو ويو، پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ آندو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سائين رحمت اللہ ”عاجز“ لاشاري ۽ سلات سٿ جا جن ھي ڪتاب ڪمپوز ڪرائي ۽ ترتيب ڏئي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا سلات وٽ سوگها

ڪتاب جو نالو: مُناجات اِلاهي
موضوع: لوڪ شاعري
مرتب: رحمت ﷲ عاجز لاشاري 0301-3566707
ڇاپو پهريون: جون 2024ع
لي آئوٽ: وحيد علي سولنگي
ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي، گاڏي کاتو حيدرآباد
0815982-0300
ڇپائيندڙ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2024ع

ارپنا

سنڌ جي لوڪ ادب، لطيفيات ۽ تاريخ جي محافظن
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
جي نانءِ


بِسْمِ اﷲِ الرَّحَمٰنِ الرَّحِیْمِ
جِيڏو تُنھنجو نانءُ ٻاجهہ بہ اوڏِيائي مَڱان
رءَ ٿنڀين، رءَ ٿوڻيين تُون ڇَپَرُ تُون، ڇان
ڪڄاڙو ڪَھانءِ، توکِي مَعلوم سَڀڪا

مھاڳ: سنڌي لوڪ ادب بچايو تحريڪ، جو ٻيو قدم!

سنڌي لوڪ ادب جيڪو دنيا جي شاهوڪار ٻولين جيان مختلف صنفن ۽ گهاڙيٽن سان مالامال آهي ۽ منجهس قديم تاريخ ۽ تھذيب سان گڏ هر دور جي سياسي ۽ سماجي مسئلن جو شعور ۽ حل موجود آهي پر حڪمرانن جي عدم دلچسپي ۽ ادارن جي بي حسي ۽ بي ڌيانيءَ سبب سدائين نظر انداز ٿيندو رهيو آهي. پر فطرت ڪنھن بہ تھذيب ۽ تاريخ بابت ٿيل محنتن کي ڪڏهن بہ رائگان ٿيڻ نہ ڏيندي آهي، ڪڏهن ڀَٽن ۽ ڀانن جي صورت ۾ ڏاهپ ڀرين ڏسن ۽ لوڪائتي لات کي پکڙجڻ ۽ ڦھلجڻ توڙي عام خلق ۽ قدردانن تائين پھچڻ جا اسباب ميسر ٿيا تہ ڪڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عبدالڪريم سنديلي، ﷲ بخش نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جھڙا عالم پيدا ٿيا جن پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي هن املھہ ماڻڪن کي گڏ ڪري، سُرمو سينڌ ڪري، سينگاري دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ هميشہ لاءِ محفوظ ڪرڻ جو عظيم ڪم سر انجام ڏنو.
اهڙن املھہ انسانن جي تسلسل طور اگر موجودہ دور جي لوڪ ساهتڪار عاجز رحمت ﷲ لاشاريءَ جو نالو ڳڻجي تہ ان ۾ ڪوبہ وڌاءَ نہ ٿيندو!
هو لوڪ ادب جو اهڙو عاشق آهي، جن عاشقن لاءِ مفڪر اعظم شاھہ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي تہ !
“عاشق زهر پياڪ، وھہ ڏسي وهسن گهڻو” ۽ “جيئن جيئن تپي ڏينھن تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾” جي مصداق عاجز صاحب رات ڏينھن هڪ ڪَري پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم نمٽائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، پھرين جون 2024ع کان شروع ڪيل ان سلسلي ۾ پھرئين هفتي ۾ “حمد” جي صنف تي مشتمل هڪ ڪتاب “وحدت جي وائي” مڪمل صورت ۾ پي ڊي ايف ۾ حفوظ ڪري ان جون ڪجهہ ڪاپيون ڇپرائي چڪو آهي، ان دوران پاڻ ٻڌايائين تہ سندس نياڻي ڪنيز فاطمہ ڪنھن پراسرار تڪليف سبب گذريل ٽن مھينن کان علاج هيٺ آهي تہ وري سندس ننڍڙو پٽ محمد حسان هڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو ۽ کيس کاڌي واري ناليءَ ۾ زخم رسيا جنھن کي اسپتال کڻائي ويا، پر پاڻ پنھنجي ڪم ۾ مشغول رهيا ۽ باقي مسئلا قادر ڪارساز جي حوالي ڪري ڇڏيائين، مون جڏهن سوشل ميڊيا تي اهي تصويرون ڏٺيون تہ پختو يقين ٿي ويو تہ لوڪ ادب کي اگر اهڙا جُنون جي حد تائين چاهيندڙ مليا آهن تہ هاڻي لوڪ ادب بابت فِڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي.
هيءَ لوڪ ادب جي چاهيندڙن ۽ “لوڪ ادب سکيا گهر” گروپ جي سڀني ميمبرن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي جو لوڪ ادب جي مذهبي صنف “مناجات” تي مشتمل، هن سلسلي جو ٻيو ڪتاب تيار ٿي، سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب سان محبت ڪندڙن تائين پھتو آهي!
مناجات عربي لفظ “نجو” يا ناجا مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي پڪارڻ، ڳالھيون ڪرڻ، ڀيد، راز، ڳجهہ، آزيون ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ يا نجات گهرڻ.
هن ڪتاب ۾ اوهان کي مختلف سگهڙن جون آهون، دانھون، سُڏڪا، سسڪيون، صدائون ۽ مالڪ حقيقي توڙي محبوبِ خداونديءَ کي مخاطب ڪري گهريل دعائون ملنديون، جن ۾ موجودہ حالتن جو عڪس بہ هوندو، سماجي مسئلن جي شعور جون ڳالھيون بہ هونديون تہ هن امن واريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ وارتائون ۽ وارداتون بہ لفظن جو جامو پائي پڙهندڙ جي اڳيان هڪ چٽو عڪس پيش ڪنديون.
اميد آهي تہ هيءُ ڪتاب بہ فقط پي ڊي ايف ۾ نہ رهندو ۽ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندو ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي قومي ٻولي ۽ لوڪائتي لات جا چاهيندڙ اڳتي اچي عاجز کي عاجز بڻائيندي، اڪيلو نہ ڇڏيندا پر سندس ٻانھن ٻيلي ٿي هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو ذمو پنھنجي سر تي کڻندا ۽ جلد ئي ڪنھن سٺي ساک واري اداري مان هن ڪتاب جون هزارين ڪاپيون ڇپجي عالم کي آگاھہ ڪنديون تہ سنڌي ٻولي هڪ عالمي ليول جي ٻولي آهي ۽ سنڌي سگهڙن جو پيغام آفاقي ليول جو پيغام آهي جيڪو دنيا کي امن، محبت ۽ ترقيء جا نوان دڳ آڇي رهيو آهي.

سپنا ٿيندا سڀئي ساڀيان، نيٺ تہ اهڙو دور بہ ايندو،
پيار، امن ۽ محبت وارو، عالَمَ منجهہ اُجالو ٿيندو.
هڪ نئين تحريڪ دنيا ساري لئہ، پيار ڀريو پيغام بہ هوندو،
سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو “بيوس”، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.



پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو
شھر ڦل، ضلعو نوشھروفيروز، سنڌ

مقدمو: سنڌي لوڪ ادب بچائڻ لاءِ تحريڪ جي ضرورت ڇو ؟

ان ڳالھہ ۾ ڪوبہ شڪ نہ آهي تہ اسان جو “لوڪ ادب” جڏهن کان هن سماج جو حصو ٿيو آهي، تڏهن کان زميني حقيقتون ۽ انساني شعور پڌرو ٿيو آهي. انساني فڪر ۽ فلسفي توڙي زندگيءَ جو هرهڪ پھلو هن ۾ نہ رڳو سمايل آهي پر محفوظ پڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ راھہ هموار ڪري ٿو. اسانجو لوڪ ادب بي بھا آهي انساني تاريخ کي پرکڻ لاءِ لوڪ ادب هڪ تحقيق جو ڪم ڏنو آهي، هتان جي سماج جا طور طريقا، ريتون رسمون، ڪار وهنوار ۽ گذران جا ذريعا ۽ وقت بدلجڻ سان ان ۾ جيڪي بدلاو آيا سي سڀ لوڪ ادب مان پرکي سگهجن ٿا، اها سموري ڄاڻ لوڪ گيتن، لوڪ ڪھاڻين، چوڻين، اصطلاحن ۽ پھاڪن مان چڱيءَ ريت ڄاڻي سگهجي ٿو.
اها اسانجي بدقسمتي آهي جو اسان پنھنجي لوڪ ثقافتي ورثي، خاص طور سنڌي لوڪ ادب جي معيار ۽ اهميت بابت ترجيحي بنيادن تي ڪوبہ خاطرخواھہ ڌيان نہ پئي ڏنو آهي، اها اسانجي ادارن سميت حڪومتي ذميوارن جي نا اهلي ۽ عدم توجھہ جي ڪري آهي جو اسان وٽان دانائيءَ جو دان ختم ٿيندو پيو وڃي پر اسان جا اڪابر اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، هونءَ بہ جنھن فن ۽ فڪر کي اهميت نہ ملندي اها پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.
اها هڪ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي تہ اسانجي هن قومي ورثي کي هڪ فرد جو ڪم سمجهي نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي، ڪنھن هن کي ڳوٺاڻن/اڻ پڙهيلن جو فن چئي دهقانيت جو داغ ڏنو آهي تہ ڪنھن مدي خارج چئي پُٺ تي اڇلي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي لوڪ ادب تضاد جي ور چڙهي ويو آهي جنھن کي ڪير بہ پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ حقيقت ۾ اها ڪيڏي نہ ستم ظريفي چئبي جو اسان پنھنجو بنياد ۽ اصليت وساري رهيا آهيون.
اڄ ڏٺو ويو آهي تہ ڪي نام نھاد وڏا وڏا نقاد، محقق ۽ تاريخدان توڙي ٻولي ماهر پنھنجي ڪرسي قائم رکڻ لاءِ غلط مقصدن لاء تہ لکن ٿا جنھن ۾ انھن جو مطلب صرف پنھنجي آقائن کي خوش ڪري انعام اڪرام وٺڻ ئي مقصد هوندو آهي، اهڙا ماڻھو حقيقت پسنديءَ کان پري ۽ رڳو ها ۾ ها ملائي ڪنڌ لوڏيندڙ درٻاري ئي هوندا آهن جن سدائين اسانجي قومي ادب کي نقصان پئي ڏنو آهي، سندن دلين ۾ پيدا ٿيل حسد، بغض، عناد ۽ نہ ختم ٿيندڙ فساد ئي آهي جنھن لوڪ ادب جي ترقي واري راھہ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي، سندن سوچ تي مغربي تھذيب ۽ يورپي ڪلچر حاوي هجڻ ڪري پنھنجي لوڪ ثقافتي ورثي کي نہ ڏسڻ لاءِ اکين تي انڌ جا پردا چڙهيل آهن. دانشمندانا ۽ فلسفانا دليلن جي ڪسوٽي رکي جيڪڏهن پرک ڪئي وڃي تہ جديد علمن جا ماهر سنڌي لوڪ ادب جي مواد کي ملڪ ۽ قوم جي تاريخ ۾ داخل ڪرڻ جا سخت مخالف پئي رهيا آهن، سندن کي ياد رکڻ کپي تہ هڪ قوم جي مڪمل تاريخ، سندس علمي، ادبي، ثقافتي، تاريخ ئي ٿي سگهي ٿي ۽ نہ سياسي تاريخ …! جنھن مواد ۾ ان قوم ۽ ملڪ جي اقتصادي حالتن، مذهبي رجهان، گذريل وقت جي هنري ۽ فني معلومات سميت رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن ۽ قومي ادب جو ذڪر نہ هجي ان تاريخ کي من گهڙت يا اڻ پوري چئبو. اصول موجب تاريخ حال ۽ مستقبل سان گڏ ماضيء جي سڀني ڪارگذارين جي ترجمان هئڻ گهرجي جنھن مان قوم پنھنجو چھرو ڏسي ۽ پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهي تہ اها ماضيءَ ۾ ڪيتري قدر مھذب، شائستہ ۽ سڌريل هئي ۽ کيس آئيندي جو ڪھڙو الڪو ڪرڻ کپي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي لوڪ ادب وارو اهو صدري خزانو جيڪو سگهڙن جي دلين ۾ محفوظ آهي. انھيءَ سرمايي کي گڏ ڪرڻ طرف خاص ڌيان نہ ڏنو ويو آهي، جنھن سبب اهو آهستي آهستي ضايع ٿيڻ لڳو آهي ۽ صدين جون روايتون جيڪي سگهڙن ذريعي سيني بسيني هلنديون پئي آيون سي هاڻي قلم بند نہ ٿيون ڪيون وڃن.
سگهڙن جي ڏاهپ ۽ لياقتن ڀريا قول جن سان هنن سماج کي آئينو ڏيکاريو سي سرڪار جي بي ڌياني ۽ ادارن جي بيحسي سبب زوال طرف وڃي رهيا آهن. سگهڙن جي سينن ۾ سانڍيل اهو قومي ادب جو سرمايو، ساڻن گڏ قبر ۾ دفن ٿيندو پيو وڃي جنھن ڪري سنڌي لوڪ ادب جي خزاني تي لٽ چڙهندي پئي وڃي ۽ اسانجي ٻوليءَ ۾ ڌاريو رنگ ايترو چڙهي ويو آهي جو سنڌي لوڪ ادب جون روايتون ۽ نج سنڌي ٻولي نئين نسل کي ڏکي لڳي ٿي.
ڏٺو وڃي تہ ڪنھن بہ ٻوليءَ جي لوڪ ادب کي نظرانداز ڪري ڇڏجي تہ اها ٻولي ڪڏهن بہ ترقيءَ جي راھہ تي گامزن ٿي نہ سگهندي، ڪيڏو بہ تناور درخت ڇو نہ هجي مگر انھي وڻ جي پاڙ ڪٽي ڇڏجي تہ سڪي ختم ٿي ويندو. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ لوڪ ادب جي حفاظت لاءِ باقائدہ ادارا قائم ٿيل آهن.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تہ شروعاتي دئور ۾ هتي لوڪ ادب جا ڀنڊار هئا پر وقت گذرندي اهي شھري ۽ هنري اثرن سبب مٽيءَ ۾ دٻجندا ويا. سنڌي اديبن سنڌي معياري ادب کي تہ جيئاريو، وڌايو، ويجهايو پر سنڌي لوڪ ادب ڏانھن ڪوبہ جوڳو ڌيان نہ ڏنو سواءِ ڪجهہ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن جي، جن منجهان بہ ڪجهہ ڊاڪٽر بلوچ جھڙن لوڪ ادب جي خيرخواهن تي تہ ڪيس بہ ٿيا ۽ ڪورٽون بہ ڏٺيون، جنھن بعد جيڪو حال آهي سوبہ سڀني جي سامھون آهي. ڏٺو وڃي تہ هن جديد ميڊيائي دور ۾ جتي اسانجي ٻولي ۽ ادب ترقي ڪري رهيو آهي، اتي لوڪ ادب زوال جو شڪار آهي. اسان جي جدت پسندي، لوڪ ڏاهپ ۽ ثقافت کي وساريندي پئي وڃي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي فرض ٿئي ٿو تہ هو پنھنجي قومي ادب کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺن ڇو تہ پنھنجي لوڪ ورثي کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان مجموعي طور ڏسجي ٿو تہ جٿي ڪٿي جدت (MODERNIZATION) اچي ديرو ڄمايو آهي. ان جدت پسنديءَ جي ڪري پنھنجون ريتون رسمون اسانکي سٺيون نٿيون لڳن. اسان وٽ وڏن ۽ ننڍن شھرن کان سواءِ وڏن ڳوٺن ۾ بہ روايتي لوڪ گيت ۽ سهرا تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آهن جنھن ڪري نوجوان ڇوڪريون هندستاني گيتن تي نچڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪن ٿيون.
مٿي ڄاڻايل سموري صورتحال کان پوءِ ان ڳالھہ کي محسوس ڪندي ڏات ڌڻي سگهڙن جي ملڪي سطح تي سنڌي لوڪ ادب لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم “سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم” سلات پاران حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سميت لاڳاپيل سمورن ادارن جو سنڌي قوم جي لوڪ ثقافتي ورثي يعني سنڌي لوڪ ادب ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پرامن طور “لوڪ ادب بچايو تحريڪ” جو عزم ورجائيندي 25 مارچ 2018ع تي لوڪ ادب پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان جاڳرتا جدوجھد شروع ڪئي جنھن ۾ سنڌي لوڪ ادب سان چاھہ رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين سميت تخليقڪار ڏات ڌڻي سگهڙن ۾ سنڌ سان گڏ صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جا سگهڙ بہ سنڌي لوڪ ادب بچائڻ واري جدوجھد ۾ شريڪ هئا. ان موقعي تي ٽيچرس ڪلب ۾ “لوڪ ادب بچايو ڪانفرنس” پڻ ڪوٺائي وئي هئي جنھن ۾ مختلف ٻولي ماهر ۽ سڄاڻ شخصيتن شريڪ ٿي سنڌي لوڪ ادب تي روشني وڌي. اسان ان لوڪ ادب بچايو پرامن جدوجھد جا چوڏهن نقطا/تجويزون ۽ مطالبا رکيا هئا جن جو تفصيل هن ريت آهي.

1: سگهڙن جي وارثي ۽ سنڌي لوڪ ادب بچائڻ لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي.
2: ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ فارم جي شعبن واري خاني ۾ سگهڙ جو جدا شعبو لکيو وڃي.
3: ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ ڪميٽي ۾ لوڪ ادب جي ڄاڻوء/سگهڙ کي بہ ميمبر طور کنيو وڃي.
4: سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري طرفان هرسال لوڪ ادب جي شعبي جو الڳ ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ اداري جي بورڊ آف گورنرس ۾ سگهڙن کي بہ نمائندگي ڏني وڃي ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي شعبي ۾ لوڪ ادب توڙي سگهڙن جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ سگهڙ نمائندا مقرر ڪيا وڃن.
5: سنڌي ادبي بورڊ ۾ لوڪ ادب اسڪيم جي ٻيھر شروعات ڪري بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ڪاميٽي ۾ سگهڙن کي بہ نمائندگي ڏني وڃي.
6: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشوري طرفان ايوارڊن واري مرحلي ۾ لوڪ ادب کي بہ ترجيح ڏئي سنڌالاجي جي ميوزم ۽ لائبريري ۾ سگهڙن جو الڳ ڪارنر قائم ڪيو وڃي.
7: لئنگئيج اٿارٽي/سنڌالاجي/سنڌميوزم سميت سنڌ جي سمورن سرڪاري آڊيٽوريم هالن جي لوڪ ادب سرگرمين لاء چارجز فيس ختم ڪئي وڃي.
8: بيمارسگهڙن/شاعرن/اديبن/صحافين/فنڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاء ڊويزن سطح تي ڪنھن بہ وڏي اسپتال ۾ سرڪاري پينل قائم ڪيو وڃي.
9: اڪادمي ادبيات پاڪستان/لوڪ ورثہ ۽ وفاقي سرڪار پاران هر سال سنڌي لوڪ ادب جو جدا ايوارڊ ڏنو وڃي.
10: ڪاري موري حيدرآباد ۾ اڳوڻي وزيراعلي' ڄام صادق علي پاران ڏنل ٻيڙو فقيرسگهڙ هال تان پڃاري پوليس جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.
11: سرڪاري ميلن ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچھرين جا ڪنوينر ڪامورن يا آفيسرن بدران سگهڙ مقرر ڪيا وڃن ۽ سرڪاري ڪانفرنس/ڪچھري ۾ پيش ڪيل فن هرسال ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو وڃي.
12: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان قائم ڊاڪٽربلوچ انسٽيٽيوٽ/ڊاڪٽربلوچ فائونڊيشن/ڊاڪٽربلوچ چيئر سميت سمورا ادارا لوڪ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاء پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن .
13: پرائمريءَ کان يونيورسٽيء تائين لوڪ ادب کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
14: پرائمري اسڪولن ۾ لوڪ ادب پڙهائڻ لاءِ سگهڙن کي استاد مقرر ڪيو وڃي.

ان سموري جدوجھد تي هن وقت سال 2024ع تائين اڃا تائين ڪنھن بہ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداري ڪنھن بہ قسم جو ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي پر اسان پنھنجي ڪوششُن ۾ هڪ وک بہ پوئتي ناهيون هٽيا ۽ ان کي اڳتي وڌائيندي لوڪ ادب سکيا جي نالي سان واٽس اپ گروپ قائم ڪري ڏاهپ جي ڏات سان تعلق رکندڙ سنجيدہ قلم ڌڻي دوستن کي ساڻ کڻي هن وقت لکجندڙ لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ سلسليوار مھم شُروع ڪئي آهي جنھن ۾ شروعات ”وحدت جي وائيءَ“ کان ڪئي وئي هئي ۽ ان سلسلي جو مناجاتن تي مشتمل هي ٻيو ڪتاب ڇپجڻ جا سڀئي مرحلا طئي ڪري پنھنجي آخري مرحلن تائين پھچي اوهانجي هٿن ۾ آيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جن بہ دوستن ساٿ ڏئي پنھنجو مواد موڪليو ان کي سنواري، سڌاري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿئون. اهڙي طرح جيڪو حال سو پيش پريان وارو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.

ڪتاب جي موضوع بابت:
مُناجات :
لفظ “مُناجاة” عربي (مادہ=ناجيٰ، مُناجاة آهي. ۽ ان جي معنىٰ آهي : “حال اورڻ”. سنڌيءَ ۾ “مُناجات” بہ “مَداحَ” وانگُر سنڌي نظم جِي هڪ خاص جِنس آهي، جنھن ۾ شاعر پنھنجي ڏُکن تڪليفُن جو حال اوري ڌڻي تعالىٰ جي درگاھہ ۾ ٻاڏائي پنھنجي مُشڪل جِي آسانيءَ لاءِ سوال ڪَري ٿو، يا پنھنجي ذاتِي عقيدت جي بنياد تي نبيﷺ، اصحابن سڳورن، يا ڪنھن ولي ۽ درويش کي ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏ ڪَري ٿو. “مُناجات” ڌڻيءَ جِي ساراھہ نبيﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي مداح يا ڪنھن ولي ۽ درويش جي تعريف جو جُز پڻ شامل هوندو آهي. “مداح” ۽ “مناجات” ۾ خصوصي فرق هيءُ آهي، تہ مداح جو خاص مضمون ساراھہ ۽ تعريف آهي، پوءِ ڀل کڻي ضمني طور ان ۾ مدد لاءِ سوال بہ ڪيل هجي.
“مناجات” جو خاص مقصد پنھنجو حال اورڻ ۽ مدد لاءِ سوال ڪرڻ آهي، حالانڪہ ساراھہ ۽ تعريف بہ ان جو لازم ملزوم جُز آهي.
مجموعي طور سان، “مداح” ۾ ساراھہ ۽ “مُناجات” ۾ سوال جو جُز غالِب آهي. ٻيو تہ ڌڻي تعالىٰ جِي تعريف ۽ ساراھہ ۽ سندس مدد لاءِ ڪَيل سَوال واري نظم کي “مناجات” چئبو ۽ نہ “مداح”. “مداح” فقط نبيﷺ ۽ اصحابن سڳورن، يا ڪنھن ولي ۽ درويش يا مُرشد جي شانَ ۾ چَيل نظم کي چئبو. (1)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو تہ:
“مناجات” عربي لفظ آهي جنھن جو بنياد يا مادہ آهي “ناجيٰ” جنھن جي معنىٰ آهي: ڪن ۾ ڳالھہ ڪرڻ.
مجازاً خدا کي حاضُر ڄاڻي، سندس حُضور ۾ دعا گهُرڻ. هندي ۾ “ايشور پرارٿنا”
جامع اللُغات وارو لکي ٿو تہ: اُهو نظم جنھن ۾ خدا جِي تعريف ۽ پنھنجِي عاجزيءَ جو اظھار ڪَري، التجا ڪئي وڃي. مٿين معنائُن مان صاف ظاهر ٿيو تہ “مناجات” محض مالڪ جي ئي درگاھہ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي: پر شاعرن ان کي وسيع معنىٰ ۾ ورتو يعني ﷲ تعالىٰ جِي ساراھہ کان علاوہ آنحضرتﷺ ۽ اصحابن جِي مَدح، اوليائن ۽ درويشَن جِي تعريف بہ ان ۾ شامل ڪَري ڇَڏي. جيتوڻيڪ ظاهراً “مناجات”۽ “مدح” قريب قريب ساڳي معنىٰ رکندڙ آهن، پر لُغوي خيال کان عليحدہ آهن، جيئن مٿي ڏيکاريل آهي تہ “مناجات” فقط ﷲ تعالىٰ جي ئي حُضور ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾ واحد جِي واکاڻ سان گڏ، دِلي آرزو بہ يعني سوال پُوري ڪرڻ لاءِ پڻ التجا هوندِي آهي، پر “مدح” محض آنحضرتﷺ، اصحابن، اوليائن، پِيرَن، فقيرن جي شان تائين محدود هُوندِي آهي.(2)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبَ جو تاريخي جائزو ۾ ڄاڻايو آهي تہ:
پھريائين “مناجات” مخدوم عبدﷲ (وفات 1763ع) عرف ميان مورئي جِي مِلي آهي، جيڪو مخدوم ابوالحسن جو سئوٽ ۽ شاگرد هو. (3)

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي موجب:
“مناجات” لاءِ چيو وڃي ٿو تہ: ان جو باني سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ڪلھوڙو پُٽ ميان غُلام شاھہ ڪلھوڙو آهي. (جيڪو 1772ع ۾ سنڌ جِي گاديءَ تي ويٺو. ٽالپُرن سندس خلاف بغاوت ڪئي ۽ 1775ع ۾ کيس تخت تان لاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيائُون) جڏهن ميان سرفراز پنھنجي حُڪومت هٿان وِڃائي تہ هُن کي قيد ڪيو ويو. جيل ۾ سندس اکيون ڪَڍيون ويون. ان کان پوءِ هن شاعريءَ کي پنھنجو ساٿي بڻايو. فارسي شاعري بہ ڪيائين. سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مناجات سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي، جيڪا سندس واحد سنڌي ڪلام آهي. ان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي ڪتاب سنڌي ادب جِي مختصر تاريخ ۾ لِکي ٿو تہ: اها مناجات عِلم بديع جي لِحاظ کان صنعت ترصيح تي بيٺَل آهي. بحر هِزج ۾ چَيل آهي ۽ وزن اٿس: مفاعيل مُفاعيل فعولن. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد غُلام علي مداح آهي. جنھن کان سيد ثابِت علي شاھہ مرثئي گو پڻ اصلاح وٺندو هو.(4)



رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)

حوالا:
(1) مداحُون ۽ مُناجاتون، ص14-15 مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو ٻيو، سال2006ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(2) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص 228-229 ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڇاپو پھريون، 2016ع، پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي.
(3) سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص101، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. نئون ڇاپو 1982ع، نيشنل پريس سکر.
(4) ڪچھريءَ جا مور.ص 31، مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڇاپو پھريون: ڊسمبر 2013ع، ثقافت کاتو حُڪومتِ سنڌ.

رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري

تعارف، ادبي خدمتون ۽ مليل مڃتا جو تفصيل
پورو نالو: مير رحمت ﷲ.
ادبي نالو: رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري.
تخلص: آڪاش عاجز.
ولديت: فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شھداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان.
قوم: سنڌي بلوچ.
ذات/قبيلو: لاشاري.
پاڙو: عھدياڻي.
پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق، 02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402ُ هجري.
جاءِ پيدائش: درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنھنجي والدين جي گهر ڄڻيو هو، جڏهن تہ سندن والد ان وقت ميھڙ کان مٿي ڌامراھہ واھہ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو. ڪنھن معمولي ڳالھہ تان اڻ وڻندڙ تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تعليمي شروعات:
اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾ مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجهہ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا).

قرآن پاڪ ناظرہ:
پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظرہ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو.

قرآت، تجويد:
ڀر واري ڳوٺ برادي ساريه ۾ مدرسہ مُحمّدي نورالھديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چنہ وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون.

انگريزي تعليم:
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي.
ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظلہ العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار ﷲ آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنھنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا.

نڪاح:
والدين طرفان طالب علمي جي عُمر ۾ 23 اپريل 1992ع تي توفيق ڪالوني دادو ۾ سڳي ماسات سان ٿيو جڏهن تہ شادي ڪجهہ سالن کان پوءِ 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران ساڳئي هنڌ تي ٿي. شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچھري ٿي هئي جنھن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشھور سگهڙ (مرحُوم) رحمت ﷲ عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون. هن وقت ٻن نياڻين ڪنيز فاطمہ ۽ عُروج فاطمہ سان گڏ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو جڏهن تہ محمد صبغت ﷲ نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مھينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.)

شاعري جي شروعات:
طالب علمي جي زماني کان مامي نثار احمد جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولودشريف لکڻ سان ٿي.

سگهڙائپ ۾ پھريون قدم:
سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيو.

صحافت جي ابتدا:
ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزانہ الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام “اوطاق” ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون “ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ “ڀلارو رمضان” سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجهہ عرصو مھراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جھڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ، ارادو، برکا، پاڪ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃان تائين شائع ٿيندا رهن ٿا.

امامت ۽ خطابت:
1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت جون 2024ع تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل ﷲ ڪم جاري آهي.

پي ٽي وي تي پروگرام:
سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھہ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ڪچھري پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ سنڌ نامون، لوڪ ادبي محفل، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ مِلي.

ريڊيو تي پروگرام:
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھہ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب “رمزون رحمت ﷲ جون” جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام لوڪ ادب ڪچھري نشر ڪيو جنھن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا.
عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب:
(1) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع
(2) “رحمت جا خزانا” (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع
(3) “ رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع
(4) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع
(5) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع
(6) “رمزون رحمت ﷲ جون” (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع
(7) “ديس وسي ديدار اسان جو” 2003ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام)
(8) “رحمت جا خزانا” (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع.
(9) “فيصلا انصاف جا” جولاءِ 2004ع (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا)
(10) “ آهون احمد حسن جون”، 2004ع (لوڪ شاعر خليفه حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيه ۽ ناصحاڻو ڪلام).
(11) “السفر” (اردو زبان ۾) 19 آڪٽوبر 2004ع (لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون).
(12) “ رنگ رحمت ﷲ جا” 2005ع (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
(13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل “سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري” 2005ع.
(14) “مولود ۽ مداحون” 2007ع.
(15) “دلبر جو ديدار” (ڪنھن کي ڏجي دانھن)، 2008ع. (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام).
(16) “تحفة العاشقين”، 14 فيبروري 2010ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام)
(17) “محبت جي منزل”، 2010ع (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري).
(18) “مٺا ٻول محبوب جا” مارچ 2010ع (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).
(19) “مٽيءَ جي خوشبوءِ”، 2010ع (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري)
(20) “محبت جا موتي” جون 2013ع (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.)
(21) “پنھنجو رنگ پنھنجي شاعري”، 2013ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.)
(22) “مٽيءَ جو هُڳاءِ”، اپريل 2014ع (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.)
(23) “سھڻل جا سينگار”، 2014ع (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگارشاعري.)
(24) “ موتي محبوب جا”، 2015ع (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري).
(25) “مداحون ۽ مناقبا”، ڊسمبر 2015ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.)
(26) “سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري”
(786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ڇاپو ٻيو ڊسمبر2015ع.
(27) “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” 2016ع
(28) “شآهي ذوق شيديءَ جو”، جون 2016ع (سُگهڙ مولابخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.)
(29) “پرين جي پچار”، 2016ع. (ميھڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.)
(30) “سچن جي ساراھہ” ڊسمبر 2016ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيه ڪلام.)
(31) “سھڻي حبيب جي نماز”، فيبروري 2017ع. (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار)
(32) “لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو” (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع
(33) “لوڪ ادب جو سپه سالار”، جون 2017ع.(سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)
(34) “عشق جون آهون”، جولاءِ 2017ع. (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيه شاعري.)
(35) “تحفة الصالحين”، نومبر 2018ع (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام.)
(36) “عشق امر ذات”، 16 ڊسمبر 2018ع (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.)
(37) تُحفةالعابدين ؛ آڪٽوبر 2019ع (ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيه ڪلام)
(38) “ثنائي سِٽُون سڪندر جون” نومبر 2019ع (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.)
(39) “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو”، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع.
(40) “حضرت محمد صلي ﷲ عليه وسلم جا فيصلا” 2019ع. سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(41) مديني جو سائين؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيه ڪلام”.)
(42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. 2020ع، تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(43) سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو. 2021ع (جديد تحقيق ۽ ترتيب).
(44) مَھڪندڙ موتي مڱلي جا. 14 آگسٽ 2022ع (خادم حُسين منڱلي جي لوڪ شاعري) ترتيب: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(45) “سُگهڙ سارو سچ”، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام.
(46) سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ. { حضرت آدم عليه السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين }
(تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت ﷲ لاشاري)
(47) ادبي ذوق اڪبَرَ جو. (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري)
(48) يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي. (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري)
(49) سُگهڙائپ جِي ساڃاھہ. (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ تخليق: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(51) وحدت جي وائي (لوڪ شاعرن جو حمديه ڪلام جون 2024ع)
(52) “مُناجات اِلاهي” جون 2024ع

ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون:
“سُگهڙ سماچار”
سلسليوار 9 جُلد

مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز:
اسڪول پڙهڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مُرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي، جن هٿان زندگي جو پھريون
“اللہ کے شیر ايوارڊ” 21 مارچ 1996ع تي مليو.
دولھہ دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع مڪلي ۾ مليو.
بھترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ مليو.
لاشاري تنظيم جي باني طرفان صحافتي مڃتا ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو.
حضرت جلال شاھہ ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھہ پنجوسلطان، ضلع دادو ۾ مليو.
“رمزون رحمت ﷲ جون” ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو.
ٻيو ڀيرو دولھہ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو.
آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو.
بھترين ليکڪ ۽ مرتب جو “لاشار ايوارڊ” 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.
سلات پاران “سُڄاڻ سگهڙ مڃتا ايوارڊ “ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو.
“لوڪ ادب مڃتا ايوارڊ” 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو.
سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ” 27 ڊسمبر 2004ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
سيد جلال محمود شاھہ هٿان “عزت فقير ادبي ايوارڊ” 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو.
حضرت قلندر شھباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب “ رمزون رحمت ﷲ جون “ جي اعزاز ۾ پھريون “شھباز ايوارڊ” ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو.
ميلاد النبي ايوارڊ پھرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو.
عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ مليو.
اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهرالحق صديقي هٿاران لوڪ ادب ايوارڊ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو.
بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب “رنگ رحمت ﷲ جا “ جي مھورت تقريب دوران ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو.
سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعي شڪارپور ۾ مليو.
دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شھر ۾ ميلو.
ٻيو “شھباز ايوارڊ “ حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ ڪتاب
“ سھڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو.
ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ:
“سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري” جي سھيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو.
شاھہ لطيف ايوارڊ: حَسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب “شاھہ جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ” لکڻ جي اعزاز ۾ پھرئين لوڪ ادب ڏهاڙي 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.
ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ بااختيار اداري ۾ 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو.

ريڊيو حيدرآباد طرفان “لوڪ ادب ايوارڊ:
2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هٿان مليو.
حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو.
آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو.
اوطاق ڪچھري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھہ هٿان مليو.
سگهڙ بھار علي بھار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو.
استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلھوڙا تنظيم جي سربراھہ مرحُوم سردار حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو.
ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان “صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو.
لوڪ ادب بابت “حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ”
جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي گل حسن گل هٿان مليو.
استاد بھار علي بھار ٻُرڙو ساليانو “مڃتا ايوارڊ” شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو.
جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پھرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ مليو.
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشھروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو.
موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ 2020ع ۾ مليو.
2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراه طور اعزازي پڳ پارائي.
13 رجب 1442ھہ 2021ع تي “جشن مولود ڪعبہ مڃتا ايوارڊ” فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو.
راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان مارچ 2023ع ۾ تنظيمي سربراھہ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي.
سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ 20 نومبر 2021ع تي “باڪمال سُگهڙ ايوارڊ” مليو.
ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر 2021ع تي “محقق، ڏاهو” مڃتا ايوارڊ مليو.
ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان “شاھہ لطيف عالمي ايوارڊ” 13 سيپٽمبر 2022ع تي حيدرآباد ۾ مليو.
ايوارڊ ۾ عُمري جي ٽڪيٽ:
مدح خواني ۽ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتُن عيوض عُمرو شريف ادا ڪرڻ لاءِ فقير محمد اسماعيل جکراڻي غفاري، قادري، نقشبندي صاحب المعروف حيدرآباد واري سائين جن ايوارڊ طور ڀلي پار جي سڳوري سفر لاءِ عُمري شريف جِي ٽڪيٽَ عنايت ڪئي، جنھن بعد مڪةالمڪرمه ۽ مدينةالمنوره (حرمين شريفين) جو پھريون سفر 29 آڪٽوبر 2023ع کان 27 نومبر 2023ع تائين رهيو.
مرڪزي تنظيم علماءِ اهلسنت وجماعت ڄامشورو طرفان.
مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پھرين جنوري 2023ع تي مليو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ “سنڌي ڪتاب چوٿين درجي لاءِ” جو سبق پھريون،
“حمد باري تعالىٰ” (شاعر: عاجز رحمت ﷲ لاشاري) پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙهايو پيو وڃي.

پھرين تاج پوشي:
لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقو وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پھريون ڀيرو چانديءَ جو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو.

ٻيو ڀيرو تاج پوشي:
16 ڊسمبر2017ع تي ٻيو ڀيرو، ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو بيمار سُگهڙن جي علاج لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

ٽين تاج پوشي ۽7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز:
23 مارچ 2019ع تي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو” جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي “ تارڪ” جي درگاھہ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقي وارھہ ضلعي قمبرشھدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عھديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي سَت رنگي گُلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاءِ پھريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج بہ عاجز ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو.

نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ خِلافت:
27جنوري 2019ع تي سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ صوفي بزرگ حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتھم العاليہ جن نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي درگاھہ ﷲ آباد شريف ڪنڊيارو ۾ خلافت جو اعزاز عطا فرمايو.

سنڌي مولود:
ننڍپڻ کان سمجهہ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ شُروع ڪيا، اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ هڪ خاص اهميت ملي.
مولودن جون شائع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:
مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع.
منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع.
مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آهن.
ناز پروڊڪشن پاران رليز البم:
ڏسان شھر مدينو آڪٽوبر 2002ع.
مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع.
هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع.
مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع.
منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع.
وڊيو سي ڊي جون 2004ع.
منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون.
جڏهن تہ مھراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

اسلامي ادبي خطابات:
تفرقي بازي ۽ سياسي تضاد کان پاڪ نج اسلامي موضوعن جا 500 کن خطاب يوٽيوب چينل عالمي اوطاق تي مختلف موضوعن جا خطاب موجود آهن. نج لوڪ ادب بابت فيس بُڪ لائيو جا نشر ڪيل 200 پروگرام عالمي اوطاق فيس بُڪ پيج تي پڻ موجود آهن.
اسلامي سطح جا نج سنڌي زبان ۾ صرف قرآن پاڪ جي تفسير جا 50 پروگرام، “سَئين راھہ” فيس بڪ پيج تي موجود آهن.
پي ٽي وي:
“ڪچھري پروگرام”
جو ميزبان.
ڪي ٽي اين:
“ڪچھريءِ جا مور” پروگرام ۾ ممتاز امين سنياسي سان گڏ ميزباني.
سنڌ ٽي وي:
(1) “اوطاق” پروگرام ۾ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني.
(2) سنڌ ڪچھري.(ظفر هڪڙو سان گڏ)
مھراڻ ٽي وي:
جي ادبي، ثقافتي ۽ ديني پروگرامن،
(1) “ڳالھيون ڳوٺاڻن جون”
(2) “ٻارن جو رمضان”.
(3) “ڀلارو رمضان”.
(4) “عظمَتِ رمضان”.
(5) “محفلِ ميلاد”.
(6) “شَبِ قدر”.
(7) “شَب برأت”
جي خصوصي پروگرامن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان.

ريڊيو پاڪستان ڪراچي: “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد:
(1) “23 مارچ يومِ پاڪستان لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
(2) 14 آگسٽ جشن آزادي “لوڪ ادب ڪچھري” جو ميزبان.
ثقافت کاتو، حُڪومت سنڌ جي ميزباني هيٺ.
(1) شاھہ لطيف سُگهڙ ڪچھري.
(2) ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو ڪراچي ۾ لوڪ ادب ڪچھري.
(3) مچ ڪچھري.
پروگرامن جي ڪمپيئرنگ/ميزباني جو اعزاز پڻ ملندو رهي ٿو.


ٽيھہ اکري (مناجات)

الف: الف اسانجو آهين ﷲ،
باري بيشڪ بيپرواھہ،
ڪَيا اسان هِن گهڻا گُناھہ،
جَن جو ناهي پَتو شُمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ب: بي بِلڪُل هِن بار وڏا،
پَرَ ڪا ڳڻتِي ڪانھي ڪا،
سڀُ اسان کان وِسري ويا،
ذرو نہ ان جو ٿيو وِيچار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ت: تي تو بَخشِي جانِ عُمِر،
قُربَ ڪيا ايڏا قادر،
ڪونہ جهُڪياسين تُنھنجي در،
ويٺي گُذري ويئي ڄمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ث: ثي ثَوابَ جِي ڳڻتِي ڪانہ،
ناحق بڻياسين نادانَ،
ڪونہ عمل ڪيو پڙهي قرآن،
بس اينءَ رهياسين بيڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ج: جيم جَوانيءَ ۾ اک ٻُوٽَ،
ڇوڙي نفسُ ڇڏيوسين ڇُوٽ،
نيڻن ڪَئِي ٿي ننڊَ الھوٽ،
خوب اکين تي رهيا خَمار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ح: حي حالت هي آهي اسان،
سُڌ ثَمر جِي ناهي اسان،
ڪُجهہ سگهياسين نہ ٺاهي اسان،
ناهي گُناھہ کان واندو وار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

خ: خي خالِقَ تو ڏاجَ ڏِنا،
پوءِ بہ اسانجا ڪَمَّ ڪِنا،
چوري، رُشوت، ظُلم، زنا،
آيو اکين جي آنڌوڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

د: دال دنيا سان دِل لڳِي،
ڪُوڙ فريب ۽ ڪئي سين ٺَڳي،
تارِي تڪبُر مست مَڳي،
رولي ڇڏيو آ رِڻَ ۾ يار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ذ: ذال ذِڪرَ جِي وائي وات،
تَن اندر ۾ ڪانھين تات،
ڪونہ سُجهَن ٿا قَھہرِي ڪات،
نيڻَ ھہي روئندا جاٿي نار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ر: ري راڻَل تون راضي ٿيءُ،
توکي حقيقت معلوم هيءُ،
جوکي ۾ آ جُڙيل جيءُ،
ساڻِي ٿيءُ تون رب ستار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ز: زي زارِي آ تودَر بارِي،
تُنھنجي قادرَ ذات قَهاري،
سائين گهُرجي تُنھنجي سَتاري،
غَرق گُناهن ۾ هون غَفار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

س: سِين سھارو عَرَبِي اَمِير،
آهي مديني وارو مِير،
ظُلم سندا ٽوڙيندو زنجير،
دلجائي ڏيندو دلدار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ش: شين شفاعت جو آ ضامِن،
دلبر جي ورتي آ دامَن،
اُمَّتَ کي هُو پاڻَ انعامَن،
ساڻ نَوازيندو ننگدار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ص: صاد صداقت جو سامان،
ڪونھي ڪو آهي ارمان،
محشَر جو آڏو ميدان،
هڪڙو ڏِينھن پنجاھہ هزار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ض: ضاد ضَعيفَن جو ڇا ٿيندو،
سِج لھي جَڏ سِرَ تي ايندو،
راھہ ۾ هرڪو پيو روئيندو،
زاري ڪَري اُت زارو زار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ط: طُئي طاقت آ تُنھنجي اعلىٰ،
باري بيشَڪ برتر بالا،
اُتي نشانبر ٿيندا نالا،
رحمتَ ۾ هون اُميدوار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ظ: ظُئي ظالِمَ کان ظُلم زورآور،
پُڇندين پاڻَ ڏيکاري پاور،
دؤر دنيا جا کُلندا دفتر،
نيڪ هُجن توڙي بدڪار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ع: عين عقيدا ظاهر ٿيندا،
حق ۽ باطل کي کوليندا،
ماڻھو سڀ ڪُجهہ پاڻ مڃيندا،
ڪَجان ڪَريمَن ساڻ قطار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

غ: غَين غُلامي پَنھنجي ڏِيار،
داتا دَرَ تان ڪِينَ ڌِڪار،
تَنَ ۾ تُنھنجي رهي تنوار،
پَنھنجِي سِيني ۾ ڏي سار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ف: في فِڪرات اِهائي آ،
راڻا تُنھنجي کَپي رضا،
بارِي بَخشي روزِ جَزا،
پُل پُڄائي ڇَڏجان پار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ق: قاف قلب کي مِلي قرار،
بخشين جي پنھنجو ديدار،
ٻيو ڪُجهہ گهُرجي ڪِينَ ٿو يار،
پنھنجو پاڻُ فقط ڏيکار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ڪ: ڪرم سان منھنجا سائين،
ٻيڙا ٻاجهہ سان پار پُڄائين،
بَديون بخش سڀئي فرمائين،
ستاري تون ڪري ستار،
بخش اسانکي بخشڻ ھار

ل: لام لُطف جي تُنھنجو ٿيندو،
مھڻا ٻيو ڪو مُورُ نہ ڏِيندو،
آقا عربي پاڻ گڏيندو،
آهي اڙين جو آڌار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

م: ميم مُحَمَّدَﷺ مُرسلَ صدقي،
رحمت جو درياھہ ٿو دڌڪي،
ايڏا گُناھہ بہ ناهن وڌ ڪي،
ڪجان ٻاجهہ سان ٻيڙا پار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ن: نون نوازي ڇَڏ نِماڻا،
ﷲ سائين! عيبن هاڻا،
مُور نہ آهن توسان ماڻا،
آهيون ٻانھا عرض گُذار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

و: واءُ وَصُلَ جو وري وارو،
چَلڻ جو ٻيو ڪونھي چارو،
ميٽ هي دِل وارو مونجهارو،
ڏَيھن جو تون آن ڏاتار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ھہ: هي هِي سائل ڪَن ٿا سَوال،
مالِڪَ توکي معلوم حال،
جڳَ ۾ جيئڻ آ جنجال،
غمگينن کي غَمَّ غُبار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

لا: “لاشاري” هِيءَ “عاجزَ” آھہ،
رَبَّ ڪَئِي ٿَئِي “رحمتُ ﷲ”،
والِي ناهي توبِن واھہ،
معاف ڪندين تون عَيبَ اپارَ،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ء: ئُوئان ئُوئان وانگر ڪِيھون،
روئي روئي ڪريان رِيھون،
شام صُبح ۽ راتيان ڏينھون،
تُنھنجي ئي رهي تند تنوار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

ي: يي سان يقينن تون بخشيندين،
ڏاتَرَ ڏاجَ ڏهوڻا ڏيندين،
عربي صدقي راضي ٿيندين،
جيڪو يتيمن جو آ يار،
بخش اسانکي بخشڻ هار.

گل حسن “گل” مَلڪ

تعارف
دوستو!
اڄ آءٌ هڪ اهڙي شخصيت جو تعارف پيش ڪري رهيو آهيان جنھن لوڪ ادب ۾ سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو آهي ـ تاريخ شاهد آهي تہ سنڌ جي تھذيب، تمدن ۽ آثار اهڃاڻ جا والي وارث ساڃاھہ وند، سالڪ، مانجهي مڙس رهيا آهن ـ جنھن جو پيوند پيچرو نظم، نثر ۽ لوڪ ادب سان رهيو آهي ڇاڪاڻ جو اُهي اديب ۽ شاعر ئي هوندا آهن جيڪي سير سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي هيرا لعل جنھوار ۽ ماڻڪ موتي ميڙي موتيُن جي مالھا جوڙيندا آهن، لفظن جي سھيڙ جا ڳھڻا ڳچي ڳل پائيبھترين سماج جوڙيندا آهن. پوءِ اهڙا املھہ مانجهي ماڻھو سماج جا ستارا موتي داڻا هوندا آهن جيڪي پڻ ڀٽائي جي ڀُونءِ جي آثار اهڃاڻ ثقافت تھذيب ۽ تمدن جا والي وارث بڻبا آهن.
جي دوستو!
هڪ اهڙو نانءٌ جيڪو ماکيءَ جِي مِٺاس جيان چاھہ رکندڙن کي چَس چکائيندو رهيو آهي، جنھن جو تعلق ڊگهي عرصي کان وٺي لوڪ ادب سان آهي پاڻ سنڌ جو ناميارو سگهڙ، شاعر ليکڪ ۽ محقق آهي.
1 سيپٽمبر 1967ع تي ﷲ وڌايو مَلڪ جي گهر هڪ گُلُ ٽڙيو جنھن جي خوشبو هر هنڌ هٻڪار آڻي ڇڏي، وڏڙا شروع ۾ هاڻوڪي ڪشمور ضلعي جي شھر ڪرم پور ويجهو ڳوٺ گُڙدو بجاراڻي ۾ ويٺا هئا ۽ بعد ۾ هن لڏ پلاڻ ڪري ضلعي جيڪب آباد جي شھر مبارڪپور کي مَسڪن بڻايو.
استاد گل حسن “گل” مَلڪ شروع کان وٺي علم ادب سان چاھہ رکندڙ شخص آهي اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت 18 گريڊ ۾ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول مبارڪپور ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي، هن جو شوق شاعري ڏانھن ايترو تہ هوندو هيو جو هو ننڍي هوندي کان ئي سياري جي سرد ڊگهي راتين ۾ ٿيندڙ مچ ڪچھرين ۽ ٻين سگهڙ پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪندو هو. جيئن جيئن وقت جا وهڪرا گذرندا رهيا تيئن تيئن هن جو لوڪ ادب ڏانھن لاڙو پڻ ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڌندو رهيو، هن صرف 13 سالن جي الھڙ جواني ۾ سگهڙائپ جو شاگردي وارو ڳانو جڳ مشھور سگهڙ استاد محمد سيفل خان ڀَٽيءَ کان ٻڌرائڻ جي منزل ماڻي ورتي، جنھن پڻ گُل حَسن کي “گُل” بڻايو، سندس استاد جو ساٿ “ڪل نفس ذائقة الموت” واري حقيقت جي ڪري ٿورو عرصو رهيو، پوءِ هن اڃا وڌيڪ سگهڙائپ جي صنفن تي پڪڙ پختي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشھور سگهڙ شاعر استاد بھار علي “بھار” ٻُرڙي کان سگهڙائپ ۽ شاعريءِ جو ڳانو ٻڌايو، جنھن پڻ هن کي سگهڙائپ ۽ شاعري جي هر صنف تي دسترس دست شفقت سان پڻ حَقِ اُستادي ادا ڪندي سونپي، هن بہ پڻ آدابِ شاگردي، آداب روحاني فرزندي جيان نڀايا، گل جو سندس استاد سان اهو وچن هو تہ پھريان اُن استاد جي شاعري سھيڙي “بُوند بھار” ڪتاب مرتب ڪري سنڌ جي سگهڙن لاءِ آڻي پر هو قضا ڪريم آڏو بيوس ٿي پيو ۽ استاد بھار جي وفات بعد سندس لوڪ شاعري ڪافي مشڪلاتن سان مُنھن ڏئي سھيڙي چڪو آهي. اهو ان ڪري لکڻو پئجي رهيو آهي تہ استاد بھار جي ڪافي شاعري گم ٿي چڪي هئي پوءِ هن سندس همعصر سگهڙن ۽ شاگردن سان گڏ چاھہ رکندڙن کان پڻ جاکوڙ ۽ جفا ڪشي سان شاعري گڏ ڪئي ۽ شڪر ٿيو جو استاد جي سھيڙيل لوڪ شاعري کي ڪتابي شڪل ڏئي چڪو آهي. جيڪو جلدئي سندس چاھہ رکندڙ ۽ نون نويڪلن سگهڙن جي ۽ ڀٽائي جي ڀونءِ تي رهندڙ رهواسين جي لوڪ ادب جي دنيا ۾ اڻکٽ اڻ لڀ معلومات پھچائڻ جو پڻ ذريعو بڻبو. هن وقت گل حسن “گل” مَلِڪ لوڪ شاعري جي هر صنف تي پڻ مھارت حاصل ڪري ورتي آهي هن جي شاعري ڏهس، سينگار، هنر، پھاڪو، ڳجهارت، ٽه ڳڻو، سي حرفي، ڏور، نظم، نعت، وائي غزل کان علاوہ سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي کي پڻ محور بڻايو آهي، جڏهن تہ پورهيت مزدور هارين جي حقن بابت پڻ مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان قومي عوامي شاعري سان گڏ ڏهس جيڪو اڳ ۾ شاھہ لطيف جي همعصر جلال کٽي جي شاعري ۾ ملي ٿو هن ان کي وڌائي ٻٽو ڏهس، ٽيهس، چاليهس ۽ پنجاهس ۽ سٺهس تائين پھچايو آهي جيڪا پڻ سگهڙ شاعري ۾ هڪ وڏي تحقيق آهي.
مثال چنڊ جا ٽيھہ نالا جھڙوڪ:
چنڊ، چاند، چندورو، چن، چندرما، پانو، پونو، پنرو، پُورَنْ، پُونم، پھلو، نوخ، نشاقر، نوڪ، مُون، ماھہ، مھتاب، مڪرند، مَڌاس، اُماس، اِندُ، هلال، هسند، ڌَڄراج، طُوبا، سَن، سَسُ، قمر، بدر آهي سڀ تحقيق مطابق چنڊ جا نالا آهن اهو ٽيهس چئبو اهڙي نموني سج جا ڏھہ نالا ڏهس چئبو،
مثال طور: ارن، آرق، آڏِت، دي، ديتاب، آفتاب، شارق، شمس، سج، سُوهو، هوْر، ڀانُ، سورج نہ صرف ايترو ان تحقيق سان گڏ ڏهس شاعري بہ موجود آهي ـ
ياد رهي تہ سندس استاد سگهڙ بھار علي بھار پھريون ڏات ڌڻي هئو جنھن ٻولين جي سينگارَ ۽ سٽاءَ ۾ ٽيھہ اکري لکي هئي ۽ سندس هن شاگرد وري ان کي اڃا بہ تحقيق جو نئون رخ ڏئي ڪري “ڏهس” ۾ “سينگار سي حرفي” لکي ورتي آهي. ان کان علاوہ جس لھڻي سندس شخصيت ئي آهي جنھن پڻ هڪ نئين صنف ايجاد ڪري لوڪ ادب تي پڻ احسان ڪري ڇڏيو اها صنف جيڪا بنيادي طور سگهڙن وٽ گُرو چيلو مشھور آهي ۽ تحقيق دانن پڻ ان تي تحقيق ڪئي آهي جنھن کي ٻين لفظن ۾ سگهڙن ڳاڻوءِ جا بيت بہ چيو آهي. دراصل گروچيلو کي ڳاڻوءَ جا بيت چوڻ مناسب آهي يا نہ اهو تحقيق طلب آهي پر گروچيلي جي پرولين جا اصول ڳُڻن، خوبين يا لڇڻن مطابق قائم ڪيل آهن جن کي هن استاد سُگهڙ “ٽه ڳُڻو” نالو ڏِنو آهي ۽ نہ رڳو نالو ڏنو آهي پر ان کي هن اڃا وڌايو پڻ آهي ۽ وڌيڪ محنت ڪري چوڳڻ پنج ڳُڻو، ڇھہ ڳُڻو ۽ سَت ڳُڻو تائين پھچايو. ان کان اڳ ڪنھن بہ سگهڙ جي لوڪ شاعري ۾ اهڙي قسم جي نواڻ ناهي آندي.
استاد گل حسن گل ملڪ جا 1983ع کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا پي ٽي وي ۽ ٻين سنڌي چئنلن ۽ ريڊيو تي سگهڙائپ ۽ شاعري جا پروگرام نشر ٿيندا آيا آهن، نظم کان علاوہ نثر نويسي بہ سندس مشغلو رهيو آهي، هن جون لکڻيون ۽ شاعري ڪيترين ئي قومي اخبارن جي زينت بڻجي چڪيون آهن. وينجهار رسالي ۾ بہ هن ڪيترائي ڪالم لکيا آهن ۽ گذريل وڏي عرصي کان هن وقت تائين شاعري جو مڪمل صفحو “جهہانگين جي جهونگار” سندس نالي تي ڇپجندو آهي، ان کان اڳ 1985ع کان 1990ع تائين شڪارپور مان شائع ٿيندڙ رسالي “شاگرد” ۾ پڻ شاعري واري شُعبي جو انچارج رهيو ۽ اسلام آباد کان نڪرندڙ ماهوار السنڌ رسالي، توڙي ڪراچي مان شائع ٿيندڙ “پُورب” رسالي ۾ پڻ اڻ ڳڻيون تحريرون ۽ شاعري ڇپجندي رهي. ٻئي طرف حيدرآباد مان نڪرندڙ “ساٿي” رسالي ۾ ٻاراڻين لکڻين جي اعتراف ۽ اعزاز ۾ اداري پاران کيس “رائيٽرايوارڊ” پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوہ سندس انقلابي ۽ اصلاحي شاعري مصري بلاول جي ڳايل “جوڌا اٿي جاڳ” ڪيسٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن ڪرونا وائرس جي وبائي صورتحال تي بہ دعائيا نظم لکيا آهن.
اهو گل کي ئي اعزاز حاصل آهي جو سنڌ ڌرتي جي مھان لوڪ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پڻ سڪ ڀريل سنيھن جو سلسلو رهيو آهي، هڪ خط ۾ ڊاڪٽر صاحب سندس لکيل ڪتاب!
The book of pronunciation “اچارن جي ڪتاب” ۾ ساراھہ ڪئي آهي، سڀ خط 2013ع ۾ سنڌيالاجي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سلات پاران ڪوٺايل سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پُٽ ڊاڪٽر محمد شريف حوالي ڪيا هئائين، جنھن بعد سندس پوٽي ارشد طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خطن تي مشتمل “سڄڻن کي ساريوم” ڪتاب آندو آهي انھيءَ ۾ استاد گل حسن گل ملڪ ڏانھن لکيل خط پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
سنڌ جي مھان لوڪ اديب ۽ استاد سگهڙ جو تعارف پڻ ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۾ ڇپجي چڪو آهي جھڙوڪ “سوچن جي سرهاڻ” (غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ مھراڻ اڪيڊمي) سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدﷲ ورياھہ سنڌي ادبي بورڊ)، سنڌي شاعري جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري )، ڪچھريءَ جا مور (ثقافت کاتو ) ۽ “سھڻل جا سينگار” (عاجز رحمت ﷲ لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ خود هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي تنظيم فڪرو نظر سنڌ کان ڇپرايو)
استاد گل حسن “گل” ملڪ کي لوڪ ادب خدمتن جي ڪري کين ڪيترائي ڀيرا مڃتا ايوارڊز ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنھن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو،
“ مڃتا ايوارڊ” ٢٠٠٣ع ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي خان بجاراڻي جي هٿان وصول ڪيو.
١٩٩۵ع ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هارس اينڊ ڪيٽل شو جيڪب آباد ۾ ادبي سب ڪميٽي طرفان پڻ مليو.
مارچ ١٩٩۵ع ۾ “ڪمينڊيشنس سرٽيفڪيٽ” ڊي سي جيڪب آباد عِلم الدين بُلي جي هٿاران مليو.
“ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” ٢٠١١ع نوشھرو فيروز ۽ ساڳئي ئي سال” ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ مليو.
٢٠١٢ع سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو پاران سلات سنڌ بلوچستان ڪانفرنس ۾ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو.
٢٠١٣ع سندس” استاد محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ “ سلات پاران مليو ۽ ساڳيئي سال” ساٿي رايئٽر ايوارڊ” پڻ مليو پاران ٻاراڻي ادب ۾ ويھن سالن جي جدوجھد مستقبل جي معمارن جو علمي ۽ ادبي ترجمان ماهوار ساٿي حيدرآباد.
وڏي ڪاميابي هن تڏهن ماڻي جڏهن هن کي ٢٠١٣ع ۾ سنڌيالاجي طرفان “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ٢٠١۴ع ۾ سندس استاد بھار علي “بھار” جي چاليھي تي بين الصوبائي ڪنوينشن ۾ “بھار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” سان پڻ نوازيو ويو.
“شھباز ايوارڊ” ٢٠١۴ع ۽ ٢٠١٧ع ۾ “بهترين سگهڙ” شھباز ميلا ڪاميٽي پاران ٻہ ڀيرا ملي چڪو آهي.
“گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ” ٢٠١٦ع پاران باني سلات عاجز رحمت ﷲ لاشاري هنڌ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ڊاڪٽر نبي بخش خان هال حيدرآباد
گل کي سندس لوڪ ادب خدمتن عيوض ٢٠١٦ع ۾ “چاندي جو تاج” پڻ پارايو ويو لعلو رائنڪ ١٠٠ سگهڙن جي مڃتا ڪانفرنس جي موقعي تي پاران مولا بخش عرف عبدالخالق شيدي نائب صدر سلات
“لوڪ ادب ايوارڊ” ڊسمبر ٢٠١٧ع آل پاڪستان سگهڙ ڪانفرنس لوڪ ادب ڏھہاڙي جي موقعي تي هنڌ لعلو رائنڪ پاران سلات.
جنوري ٢٠١٧ع تي “شيلڊ” ادب ۽ ٻولي جي سلسي م خدمتن عيوض پاران سنڌي ادبي ۽ ثقافتي فورم ميرپور ٻرڙو.
“فخر ملت اسلاميه مرحوم قاضي حسين احمد يادگار شيلڊ” جنوري ٢٠١٨ع پاران جماعت اسلامي يوٿ مبارڪ پور.
ساڳي سال” استاد قمر کوسو يادگار ايوارڊ” پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاھہ ضلع شڪارپور.
علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ پريس ڪلب مبارڪپور پاران پڻ ڏنو ويو.
جنوري ٢٠١٩ع “بھار ٻرڙو ايوارڊ “ Best” folk poet”پاران استاد بھار علي ٻرڙو يادگار ڪاميٽي جيڪب آباد ۽ ساڳي سال “لٽريچر فيسٽيول ايوارڊ” Am research foundation جيڪب آباد طرفان پڻ مليو.
٢٠١٩ع ۾ سدا حيات سگهڙ “ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ” پاران ممتاز علي عباسي مرڪزي صدر سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم لاڙڪاڻو
“باڪمال سگهڙ ايوارڊ” لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور فيبروري ٢٠٢٠ پاران در محمد ڪمال يادگار ڪاميٽي ٺٺ سولنگي نوشھرو فيروز طرفان ڏنو ويو.
انھن ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽن، شيلڊ ۽ چاندي جي تاج جي سر تي سجائڻ مان واضع ٿئي ٿو تہ سندس شخصيت لوڪ ادب جي دنيا جي قدآور شخصيت آهي.
گل جي سرهاڻ جي هر هنڌ هٻڪار پکڙجي چڪي آهي ۽ هن جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ لاءِ سنڌ بلوچستان جا سوين سگهڙ ڀنور جيان ڀيرا ڏيندي ڏسندي نظر ايندا آهن، اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد ۽ شاگردن جا شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. جن مان ڪجهہ پڻ استادي لقب پڻ ماڻي چڪا آهن، جن ۾ ﷲ ڏنو هانڀي ۽ محمد ايوب لاشاري (تعلق بلوچستان )کي پڻ مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن، ڪوڙل بمبل (پرائمري استاد) پنھنجي سگهڙائپ ۽ شاعري کي سھيڙي ڪتاب آڻي چڪو آهي، صادق علي ملڪ (ڏياڻي) بہ هونھار شاگردن مان آهي جنھن جو پڻ سگهڙ شاعري ۾ سٺو ڪم ٿيل آهي تازو جنھن جو پڻ ڪتاب شائع ٿي چڪو آهي، ۽ ڪيترائي ٻيا شاگرد پڻ موجود آهن جنھن جو ڳڻڻ ڳاڻيٽو ممڪن نہ آهي، اهو پڻ چئي سگهجي ٿو تہ جيڪا ڪُني لوڪ ادب جي ميدان ۾ استاد سيفل ڀٽي ۽ استاد بھارعلي “بھار” ٻرڙي جن چاڙهي هئي ان جو ڍڪڻ استاد گل حسن” گل” ملڪ لاٿو آهي، هن وقت استاد گل حسن “گل” ملڪ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جا مرڪزي صدر آهن ـ سلات جو صدر هئڻ ناتي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن جا پروگرام سھيڙي ترتيب ڏيئي سنڌ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ سگهڙ موڪليندو آهي، پروگرامن جو محور ۽ مرڪز سنڌ جون قديم درگاهون، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شھباز ۽ سچل سرمست جي سالياني ميلن کان علاوہ ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنسون پڻ هونديون آهن ۽ سنڌ جي ناليواري مرحوم سگهڙن جي مزارن تي لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي سگهڙ شاعري ۽ مقالن ۾ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري انھن کي ۽ انھن جي فن کي پڻ زنده رکيو ويندوآهي، ان کان علاوہ سگهڙن جي هر ڏک سک ۾ پڻ هو شرڪت ڪندو آهي، نہ صرف ايترو رات جو دير تائين ڪانفرنس ڪال ذريعي سندس شاگردن ۽ همعصر سگهڙن سان ڏهس ڏورين ۽ ڳجهارتن جو سلسلو جاري هوندو آهي، مطلب تہ گل هڪ اهڙي درسگاه بڻجي چڪو آهي جنھن ۾ لوڪ ادب جي دنيا جا طالب علم علم پرائڻ ۾ رڌل آهن ـ جيڪي پڻ اڳتي هلي ڪاري ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري سنڌ جي ثقافت آثار اهڃاڻ ۽ تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت ڪندا ـ
گل جي ڏهس ڏورين ۾ ڏاهن کي ڏندين آڱرين آڻڻ جي صلاحيت بہ موجود آهي تہ وري دعائيا شعرن ۾ رب کي رجهہائڻ جون رمزون بہ موجود آهن. وري سينگار بيتن ۾ “تان مڃ محمد ڪارڻي نرتو منجهہان نيھن” جو معنا خيز محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي ۽ هن جي انقلابي ۽ اصلاحي نظمن ۾ مظلوم لاءِ سھائتا۽ ڏاڍن سان وڙهڻ جي جستجو ولولو ۽ همٿائڻ جو فن بہ موجود آهي، ان کان سواءِ سسئي جي پنھون لاءِ جستجو ۽ جدوجھد ' سھڻي جي ميھار لاءِ محبت مارئي جو لوهي نہ لڄائڻ جو درس' ۽ ڄام تماچي جو نوري لاءِ بادشاهت وساري ککي جا کارا ۽ ڄارا کڻڻ جو محبت ڀريو مقصد بہ موجود آهي.
مطلب تہ گل ملڪ جو شعر پڙهڻ جو انداز ايترو تہ وڻندڙ آهي جو ٻڌندڙ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ٿر جي ساوڻين ۾ مورن جيان الھوٽ ٿي نچڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ ٻڌندڙ صرف واھہ واھہ جون وايون ورجائيندا رهن ٿا. هن حصي ۾ گل حسن گل ملڪ جي صرف لوڪ شاعري بابت تعارف هيو، سندس مبارڪپور شھر ۾ پيغمبري پيشي سان وابستگي، ڪمن، شاگردن ۽ علمي ڪم بابت حصي ٻئي ۾ اوهان اڳيان پيش ڪبو،
اميد تہ گل صلاحيتن جي سڳنڌ سان سنڌ واسين کي سدائين سير ڪندو رهندو ۽ گل جي سرهاڻ سنڌ واسين کي سبا بڻجي سنواريندي رهندي ـ سندس لاءِ محبتون ۽ دعائون سدا حيات رهن.

مُناجات

گنھگارڙن جي، دل تي زنگال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

ڪاٿو ڪٿي نہ سگهبو، آهن قصور ڪيئي،
توکي سڏيان او سائين، ڪاملَ ڪلورَ ڪيئي،
ڌوئي ڌڻي چُٽا ڇڏ، تنھنجو ڪمال هوندو.
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

تون ئي اجهو اسانجو، توکي تڏهن سڏيان ٿو،
مشڪلڪشا بہ تون ئي، چئو تون بندو ڇڏيان ٿو،
ڦاٿل سڏي ڇڏي ڏي، توکي سوال هوندو.
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

پنھنجي اعمالڙن تي، جهاتي جڏهن تہ پاتي،
لرزي بدن وڃي ٿو، ڇيتون ٿئي تہ ڇاتي،
توبھہ قبول آقا، نہ مَٽ تو مثال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

ناهي اميد لاٿي، رحمت وسيع آهي،
محمدﷺ مِٺي سان منھنجي، محبت وسيع آهي،
ڪر معاف ميمَ صدقي، تہ واپس وبال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.

داتا دَنگي ٻڏي ٿي، ڪر پار يارَ صدقي،
پرور پڪار توکي، لھہ سارَ يارَ صدقي،
“گُلَ مَلڪَ” ڀاڳُ کُلندا، نبي پاڪ نال هوندو،
دارون دوا تون دل جو، توسان حوال هوندو.


مناجات

(بنا نقطي وارين ذاتين جو لشڪر)

تو ديس ڏنو اڄ غدغد ٿيون ٿا، پاڪَ ڌڻي پرور،
ﷲ ڪرين آباد سدائين، گهوٽَ گهٽيون هي گهر،
ڳُڻَ الاهي ڳايون تنھنجا، برسايا تو بَر،
ڪٿ بلب سونھن بازارن ۾، ڪٿ ٿوهر مٿي ٿر،
اُلرا، اگم، اسراڻَ، کرلَ خوشيون ڪن کَرَ،
اعواڻ، وساڻ، آباد خدا ڪر، کوسا ۽ کوکر،
دَلَ، درسَ، گهَلُو، گهُمرا، لاکا ۽ لوهر،
راهُو، راول، راهُما، اچن لورا تودر لُر،
لُهرَ، لَکڻَ، لکين، ڪُردَ، ڪورارَ، ڪَلَرَ،
ڳاها، ساها، سما، سڏين مِلي معافي ڏينھن محشَر،
سرها، سوها، سومرا، سڀئي نوڙت ڪن نوڪر،
رُڪَ، راڻا، واسُو، واگها، ديسي هي دلبر،
لالا، هالا، هالار، تنھنجا نعرا هڻن نر،
لوهاڻا، مھاڻا، ملاحَ پيا، ٻاڏائن هرهر،
مسڻَ، مَلھڻ، موهيل، ماڪا، مُلاڻا، مھر،
واحد ڪين وسارن توکي، ڏات ڌڻي ڏاتر،
بنا نقطي ذاتين جو، هي شعر جوڙيو شاعر،
“گُلَ مَلڪَ” مٿان نظر، ڪريمَ ڪر ڪا ڪرم جي.


مناجات
(هڪ نقطي وارين ذاتين جو لشڪر)

ڪري قرب ڪوجهن تي، تو ڌرتي ڏني ڌڻي،
ڏيئي ڏِسي ڏُکَ ۾ تو تن لئہ ڳالھہ ڳڻي،
ڪانھير، ڪمانگر، ڪناسرا، گهمن ڪَرَ کڻي،
بکر، بهڻ، بُلا تنھنجي تعريف ڪن گهڻي،
لنگها، لانگاھہ، لوڊرا هلن حجم هامَ هڻي،
تہ وطن اسانکي واحد ڏنو پيا ڏک ڇڻي،
گُجر، گبولَ، گانگهرا، چونبھتر بات بڻي،
رند، راهوجا، کجڪ کي، هي واھہ جو ڳالھہ وڻي،
دوبدو دشمن سامھون تڏهن تاڻ تڻي،
اڄ ساند، سانگرا، سوگها ڪيا، تنھنجي عشقَ اَڻي،
“گُلَ مَلڪَ” مٿان ڪَڻي، ڪريمَ ڪر ڪا ڪرمَ جي.


مناجات

دل دينَ لئہ دانھون ڪَري، تنھنجي خدا درٻار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

نمرودَ کي مڇرن کان مالڪَ، تو مٺا مارائيو،
دينُ ويو تنھنجو کَٽي، جِهلن سڀن هارائيو،
پاڙون پليتن جون پَٽيو، جيڪي رهن ٿا خار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

لهبَ پارا ويا مَري، هي لَهبَ آيا ٻيا وري،
ٻيڙي انھن جي ٻوڙيو، ٻيڙو وڃي حَقَ جو تري،
دينَ جا دشمن جيئين، هردم وڃن بس هارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

ڏکڙن ڏولاون ۾ رهي، وڙهندا وتون تولئہ خدا،
منڪر منافق ڳوليون، تن جا ڪيون ڌَڙَ سِرَ جدا،
هي مصطفيٰﷺ جو قافلو، ڊڄندو نڪي تلوارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

دنيا مٿان اسلامَ کي، جلدي خدا غالب ڪريو،
جيئن جهالت جو طريقو، بس وڃي واپس وريو،
هي دانھن ٿو دل سان ڏيان، ڪورٽ اُتم سرڪار ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

“گُلَ مَلڪَ” جي تمنا اها، شامل شهيدن ۾ ٿيان،
آب ڪوثر بهشت ۾، محمدﷺ هٿاران مون پيان،
باغِ عدن جنت جِتي آ، مصطفيٰ مھڪارَ ۾،
آباد ڪر اسلامَ کي، تون هر گهڙي هر ڪارِ ۾.

مناجات

توکي سڏيون ڏينھن رات ۾، عاصي اسان بدڪار هون،
سولي ڪجو سقراط ۾، عاصي اسان بدڪار هون،

رب رحم ڪر پنھنجو مگر، ڪوڙين ڪَميون ڪھڙيون ڏَسيان،
ڪم ڪيا ڪَسا ڪائنات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

قالو بليٰ جي قولَ کي، پاڙي نڪي آهيون سگهيا،
ڳوڙها ڳڙيا اڌ رات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

شل ٻاجهہ ڪر ٻاڪاريون، رحمان تون آهين رحيم،
تنھنجا بندا فڪرات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

ڏِس حالُ تون، ڪر ڀالُ تون، بس ڪين ڏِس ڪوتاهيون،
روئون رڙون پِرڀات ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

سگھہ ڏي لکڻ جي تون خدا، حمد و ثنا هردم لکان،
“گُل مَلڪَ” مزو آ نعت ۾، عاصي اسان بدڪار هون.

مُناجات
(ڪرونا وبا دوران پرور کي پُڪار)

ڪِرونا ڪَري ٿي، تباهي خدايا،
مولا ميٽ مُشڪل، ٿي واهي خدايا.

حڪيمن جي حڪمت، نہ هاڻي هلي ڪا،
وڌيو درد موذي، تہ سائنس سلي ڪا،
ڪٿي برباد بنگلا، ڪٿ جهوپي جلي ڪا،
سڏيون توکي سائين، تہ معافي ملي ڪا،
بس خطائون ختم ڪر الاهي خدايا.

عرب ۽ عجم ۾ ڪري ڪي تہ ٽولا،
دنيا هي ڪَري پئي، دوا جي تہ ڳولا،
ملِي ڪا نہ ڪنھن کي اڃا هي تہ مولا،
امر ساڻ تنھنجي، ٿين ڪم سولا،
ڦَڪي فرقَ واري، تو ٺاهي خدايا،

ٿئي لاڪ ڊائون تہ پورهيت ٿو روئي،
ڳوڙهن سان تہ مُنھڙو، ويچارو ٿو ڌوئي،
خدا دوست تنھنجو، ڪري هوءِ هوءِ،
آڻي نہ چاڙهي، نڪي ساڳ سوئي،
ڏُکن ۽ بُکن جي، ڏي ساهي خدايا،

آيو اوچتي ڪو، ٿيڙي تي تہ ٿيڙو،
دنيا تي دنيا لئہ، ڪيو خوب جهيڙو،
سفر زندگيءَ جو ٿيو پو تہ ٽيڙو،
گنھگارڙن جو الھہ تار ٻيڙو،
آهي پوک پوکي، نہ راھہ خدايا،

“گُلَ مَلڪَ” جا ٿئي، هيڻا حالَ توبھہ،
ڪئي جيئن آدم سڀئي سال توبھہ،
قبولي ڇڏيندين، خدا شال توبھہ،
ناهي نااميدي ڪندين ڀالَ توبھہ،
ڪارڻ ميم محمدﷺ ماهي خدايا،

الطاف حسين زهراڻي

تعارف
نالو: الطاف حسين
پيءِ جو نالو: محمد ڇٽل بن سعيد خان بن محمد ڇٽل،
بن عبدالحڪيم، بن ٺارو خان بھارو، بن يارمحمد
ذات ۽ قبيلو: زهراڻي، جت
پيدائش: 7 جنوري.1986ع شناختي ڪارڊ مطابق، سياري جي سرد هوائن ۾ تعلقي باقراڻي جي شھر ڳيريلي ڀرسان سرائي غلام علي زهراڻي ۾ سندس جي نانا سائين علي مراد زهراڻي جي گهر ۾ جنم ٿيو.
تعليم: مئٽرڪ
ادبي استاد: سندس والد سنڌ جو مشھور سگهڙ استاد محمد ڇٽل زهراڻي.
موبائل ۽ واٽس ايپ: 03452834729
ڪرت: پرائويٽ مڪينڪل انجنيئرنگ رائيس مل اينڊ آئيس فيڪٽري جي مڪمل فٽنس ڪرڻ سان گڏ آپريٽ ڪرڻ تائين.
هن سگهڙائپ جي فن جي شرعات ننڍپڻ کان والد طرفان ورثي ۾ ملي، لوڪ ادب جي لاتين ۾ ننڍپڻ گذريو، سندس جا وڏڙا تمام نالي وارا سگهڙ هيا سگهڙمحمدملوڪ عباسي بہ سندس جي چاچي محمد مريد زهراڻي جو شاگرد آهي، پاڻ هڪبھترين سگهڙ سان گڏو گڏ شاعر پڻ آهي، ڪنھن دور ۾ هن فنڪارن جون ڪيسيٽون ۽ سي ڊيون بہ رڪارڊنگ ڪندو هيو ۽ سليڪشن بہ ڪيائين، جان پروڊڪشن سندس ۽ ان جي دوست جي آهي جنھن۾ هن قافي فنڪارن جا، ڊي وي ڊي شو، بہ رڪارڊ ڪرايا هيا. ڪيسٽ جي دنيا ۾ قافي لوڪل فنڪارن هن جا ڪلام بہ ڳايا آهن، لوڪ ادب ۾ سگهڙن جي مختلف تنظيمن ۾ سٽي يونٽن کان وٺي مرڪزي عھديدار بہ ٿي گذريو آهي ۽ اڃا تائين هلندو اچي پيو، شاعري جو پنھنجو ڪتاب، “منھنجو من مھراڻ”، ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي پر غربت جي ڪري رولڙي جو شڪار آهي، لوڪ ادب جي سگهڙن سان گڏوگڏ جديد ادب جي شاعرن سان گڏيل ڪتابن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجي چڪي آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1- سلات جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري 2004ع ۾ ڇپي هئي.
2- سھڻل جاسينگار 2014ع ۾ ڇپيو.
3- 786سگهڙن جي جامع ڊاريڪٽري 2015ع ۾ شائع ٿي. مرتب عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
4- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جو ترتيب ڏنل “رسالوڳجهارت”، 2017۾ ثقافت کاتي ڇپيو هيو.
ان کان سواءِ سنڌ جي مختلف رسالن ۾ پڻ شاعري ڇپجي چڪي آهي جھڙوڪ ميگزين رسالو عوامي سجاڳي ۽ هزار داستان ڪاوش ميگزين عبرت ميگزين وغيره شامل آهن.
1989ع ۾ هي لوڪ ادب سگهڙ سنگت تنظيم جو ننڍ پڻ کان ميمبر هيو جيڪا تنظيم 1991ع ۾ رجسٽر ٿي سندس جي چاچي سگهڙ فقير محمد مريد زهراڻي جي تنظيم هئي محمد مريد جي گذاري وڃڻ کان بعد ۾ استاد مريد جي شاگردن ۽ سگهڙن جي اختلافات جي ڪري تنظيم هلي نہ سگهي.
الطاف زهراڻي جي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل ۽ شاعري ڇپجندي رهندي آهي، لاتعداد مڃتا سندن سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي اگر جي تفصيل ڏينداسين تہ مضمون وڏو ٿي ويندو مختصر ڏجن ٿا.
مليل ايوارڊن جو تفصيل: سلات تنظيم طرفان 2014ع “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ” ڊاڪٽرڪمال ڄامڙي هٿاران مليل حيدرآباد سنڌ لئنگئج اٿارٽي ۾.
2: سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان2015ع ڪراچي گهگهر فاٽڪ تي. هٿاران پي ٽي وي پروڊيوسر سڪندر رند.
3: سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2021ع سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران هٿاران ايڊوڪيٽ سردار ڪاظم علي خان عباسي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو.
4: سگهڙ ميان پير بخش مڱريو ايوارڊ هٿاران مڱرين جي سردار، سردارمنظور علي مڱريو ڏنو هيو 2021ع پير بخش اڪيڊمي طرفان تعلقو ڏوڪري موهن جودڙو لڳ ڳوٺ ڪانپور ۾.
5: سگهڙ فقير عبدالرحمان مھيسر ايوارڊ2022ع ۾ ادبي ڀلائي تنظيم طرفان ضلع خيرپور جي ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ هٿاران زاهد حيسن ميتلو جج صاحب قمبر شھداد ڪوٽ هاءِ ڪورٽ.
6: سگهڙ فقيرحسين بخش رڏ ايوارڊ 2022ع تعلقو چونڊڪو نارو ريگستان ۾ هٿاران سگهڙ خليل رحمان مھيسر چيرمين ادبي ڀلائي تنظيم
7: سگهڙ فقير بھارعلي بھار ٻرڙو ايوارڊ 2022ع سلات تنظيم طرفان ضلع شڪارپور جي شھر مبارڪپور لڳ ۾ هٿاران مولابخش شيدي.
8: سگهڙ ميان پيربخش مڱريو اڪيڊمي جو بيسٽ لوڪ ادب ٽيچر ايوارڊ 2022هنڌ موهن جودڙو هٿاران سگهڙ فقير ڏاڏو ڏتل ابڙو ۽ سخي سگهڙ چاچو مولابخش شيدي
9: ايوارڊ 2022ع چنڊ نيوز جي ادبي صفحي ۾ قلمي پورهيي جي عيوض هٿاران اصغر لاشاري سينئر صحافي ۽ شاعر هنڌ گلشن حديد ڪراچي
10: ضلع قمبر شھداد ڪوٺ جي شھر لالو رائنڪ ۾ 16 ڊسمبر2017ع ۾ ڪنوينر سخي سگهڙ مولابخش شيدي جي ميزباني ۾ ٿيو هيو اتي لوڪ ادب جي خدمتن عيوض مڃتا طور پڳ بہ پارائي وئي ۽ چاندي جو ايوارڊ بہ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان ڏنو ويو هو
هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ عاجزرحمت ﷲ لاشاري باني چيئرمين (سلات)

مڃتا سرٽيفڪيٽن جو تفصيل:
1: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران 30آڪٽوبر1994ع تي هٿاران ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تعلقو ڏوڪري ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾ مليو هيو.
2: سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران 19 نومبر 2005ع هٿاران ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات پاڪستان، آغا نور محمد پٺاڻ جي، سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
3: ، 19 ڊسمبر 2004ع سنڌ سڄاڻ سگهڙ تنظيم.طرفان ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس اڏيرو لعل اسٽيشن مٽياري هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي.
4: سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران ستين سگهڙ ڪانفرنس 19جنوري 2005ع تي
هٿاران آغا نور محمد پٺاڻ جي ڳوٺ بٺو سولنگي اسٽاپ نيشنل ھہاءِ وي ڄامشورو.
5: عشق رسول مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڄام شورو ۾ 2006ع هٿاران علامہ دين محمد ٻگهيو، سرپرست مرڪزي جماعت اهلسنت ڄام شورو.
6: شھباز ميلا ڪاميٽي طرفان 2008ع ۾ قلندر جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس تي هٿاران محمد بخش ناريجو صاحب.
7: استاد محمد ملوڪ عباسي جي 16 هين ورسي تي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڏنو ويو هٿاران سردار حاجي منور علي خان عباسي اڳوڻو صوبائي وزير، هنڌ تعلقو ڏوڪري لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو ۾.
8: جنوري 2016ع سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم طرفان استاد محمد مريد زهراڻي، هٿاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هنڌ گهگهر فاٽڪ ڪراچي.
9: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان هنڌ سنڌ لئينگئيج اٿارٽي حيدرآباد هٿاران ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو جي 9 اپريل 2016ع.
10: سلات تنظيم پاران4 آگسٽ 2018ع
سداحيات سگهڙ حبيب ﷲ مڱڻھار، جي ورسي تي هنڌ عرضي ڀٽو ۾ هٿاران عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات.
11: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات پاران 13 فيبروري2021ع استاد بھار ٻرڙو جي ورسي تي هٿاران عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات جي.
11: چنڊ نيوز سرهاڻ ادبي صفحه ۾ هن سال جوبھترين شاعر هجڻ جو اعزاز تي چنڊ نيوز طرفان 2022ع ۾ مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليو آهي.
پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرامن ۾ سگهڙڪچھري آگسٽ ۾ 2008ع شرڪت ڪندڙ آهي سنڌي چئنل جھڙوڪ ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي آواز ٽي وي مھراڻ ٽي وي در تي ٽي وي ۾ بہ پنھنجي شاعري جي جذبن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي سرڪاري سگهڙ ڪانفرنسن ۾ بہ ڪثرت سان شرڪت ڪندڙ آهي، حضرت لعل شھباز قلبدر شاھہ عبدلطيف ڀٽائي خضرت سچل سرمست جي ميلن تي سگهڙ ڪانفرسن ۾ ثقافت کاتي جي ياوري ميلاڪاميٽي طرفان هرسال دعوت نامه ملنداآهن، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات طرفان 2016۽2017م ميڊل بہ ماڻي چڪو آهي مختلف شاعرن ياکڻي سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن تي بہ ٻہ اکر لکيل آهن جھڙوڪ مٽي جي آرسي جمشيد زهراڻي، پيغام پيرل، پيربخش مڱريو جو ڪتان پيغام پيرل، رات بہ روشن رنگ هيو، روشن علي ڪوري، وغيره، هن وقت ڀلوڙ سگهڙن ۽بھترين شاعرن ۾ شمار آهي، ، اڻ ڇپيل مواد بہ ڪافي تعداد ۾ ڇپجڻ جي آسري ۾ پيل آهي.
ايڊريس/ ڏس پتو: ڳوٺ ڏنو واهڻ، سونهري پُل، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
رابطه نمبر: 0345-2834729 / 0303-3636423

مُناجات

خـدا هن خـلق سـاري کــي پنھنجي پناھہ ڏيندو ڪر
جيـڪي دشــمـن اسانـجا هـن بُري تن باھہ ڏيندو ڪر
بــکايل ۽ اڃــايل کـــي ٺـــاهــي ڪــو ٺاھہ ڏيندو ڪر
وري ڍورن ۽ ڍڳـــڙن لاءِ ســائو ڪـــو گاھہ ڏيندو ڪر
جيــڪي بي ســــاھہ هن مالڪ تني کي ساھہ ڏيندوڪر
ڪــکانوان گــهر جني جـا ٿي پڪي تن جاھہ ڏيندوڪر
مــولا تون پنھنجي مــحبت جو دلين ۾ چاھہ ڏيندوڪر
پنھنجي رحمت ۽ برڪت جي کولي ڪا کاھہ ڏيندو ڪر
جـيـڪــي ڀليل ۽ ڀٽڪيل هن سڌي تن راھہ ڏيندو ڪر
وڏن جـو ادب ڪـــيون ســائين سدا ساڃاھہ ڏيندو ڪر
ســـدائين گنج “الـــطـاف” کـي پـــنھنجـــو ﷲ ڏيندوڪر

*****

ﷲ گنــج اســانکي ڏي تـــونگر خــــاطر تون
ســــدا اڱـــڻ اچــي پــئـــي بھارن جـي بون
داتـــا تـنھنـجي در عــمر ســـجدا ڪندا سون
ڳــڻي ڳڻيان ڪيتريون نيڪيون اوهان جون
تــون آن خـالــق اســانجو ۽ اسـيـن خلقيل هون
جـيـئـڻو آهــي جھان ۾ ڏينھن اســان کـي ڏون
ميٽي گناھہ سائين سارا ڏي تون بخششون
مــولا مھر مــون ڪــر آقا ڪـا الــطاف چئي

محمد ايوب “عارض” واهوچو

تعارف
نالو: محمد ايوب
تخلص: “عارض”
ولد: غلام علي
ذات: واهوچو
جنم: 20 جنوري 1970ع.
تعليم: B.A اڪانامڪس
شاعري جي شروعات: 1990ع.
شاعري جا استاد: استاد ناظم منگي ۽ استاد آصف راڄپر صاحب.
لوڪ ادب جا استاد: استاد محمد ملوڪ عباسي ۽ استاد محمد لقمان کوکر.

ڇپيل ڪتاب:
“عجب رنگ ايوب جا”، “اوجاڳا ايوب جا”، “اجرا گل ايوب جا”، “پھاڪن پچار”٠
ايندڙ ڪتاب: “ساراھہ سھڻي سڄڻن جي”، “ڏس ڏنگايون ڏيھہ جون”، “حُسن سَندي هاڪ”، “عارض آس اُساٽ”٠

مڃتا ايوارڊز:
(1) “حسن ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ “ ڊاڪٽر بلوچ گريجوءِيٽ سگهڙ ڪانفرنس 2016
پاران سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) (2) سدا حيات سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ2017ع پاران سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(3) استاد سگهڙ محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع سندس ورسيءِ جي موقعي تي٠ پاران عباسي ڪلھوڙا تنظيم سنڌ ۔ (4) حسن ڪارڪردگي مڃتا ايوارڊ 2022ع پاران ميان پير بخش مڱريو اڪيڊمي موهن جو دڙو٠ (5) “حضرت لعل شھباز قلندر مڃتا ايوارڊ 2023ع” سندس عرس مبارڪ جي موقعي تي٠

مڃتاسندون (Certificates:
(1) “سٺي ڪارڪردگي ۽ يادگار طور مڃتا سند” سنڌ سگهڙ ڪانفرنس/لوڪ ادب سيمينار1991 ٠پاران: سانگهڙ ھہسٽاريڪل ا؟نڊ ڪلچرل سوسا؟ٽي ٽنڊو آدم
2”جشن عيد ميلادالنبيﷺ 1993 ۾ مڃتا سند٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم شاخ نصيرآباد٠ (3) مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 30 آڪٽوبر 1994” ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙا ٠پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم(4)مڃتا سند “ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس راڌڻ اسٽيشن 23 ڊسمبر 1994.پاران سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم يونٽ ميھڙ٠(5)مڃتا سند “سنڌ سگهڙ ڪانفرنس 6 اپريل 1995 ڪنڊيارو پاران: سنڌي اصلاحي سگهڙ تنظيم ڪنڊيارو ضلعو نوشھرو فيروز٠(6) مڃتا سند “ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو لڳ موهن جو دڙو 7 اپريل 1996.پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم٠(7)بھتر ڪارڪردگي جي بنياد تي استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا “سرٽيفيڪيٽ ايوارڊ “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (عالم ـ اديب) نظير حسين مھر (ڪمشنر لاڙڪاڻو)٠ سگهڙ محمد مٺل جهتيال ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي طرفان٠ پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تـنظيم٠ پاران: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.(8) مڃتا سند” پھرين قومي لوڪ ادب ڪانفرنس 6 فيبروري2015 ڪراچيءِ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (عالم ـ اديب چيئرمين وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ظفر اقبال وائيس چانسلر (وفاقي اردو يونيورسٽي آف سائنس آرٽس ۽ ٽيڪنالاجي ڪراچي سنڌ) (9) مڃتا سند بعيوض سنڌ جي قديم لوڪ ادب جي تخلييق/سھيڙ/اشاعت ٠ از طرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب (عالم ـ اديب) سرفراز راڄڙ صاحب (چيئرمين سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد سنڌ ـ الهڏتو وگهيو صاحب (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ ـ سگهڙ عاجز رحمت ﷲ لاشاري صاحب (باني سلات) سگهڙ حسين بخش رڏ(مرڪزي صدر سلات) سگهڙ مولا بخش شيدي ڪنوينر صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن)پاران: صاحب ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن 12 ڊسمبر 2015. (10) مڃتا سرٽيفڪيٽ بعيوض علم ـ ادب ـ سنڌي ٻوليءِ جي خدمت ـ لطيفيات ـ لوڪ ادب جي پرچار 9 اپريل 2016ع. ازطرف ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب ـ (محقق ـ دانشور)ـ جناب سرفراز راڄڙ صاحب ( چيئرمين S.l.A ) ۽ محترم عاجز لاشاري صاحب باني سلات) (11) استاد محمد ملوڪ عباسيءِ جي سالياني ورسي17 آڪٽوبر 2018ع جي موقعي تيبھترين ڪارڪردگيءِ جي مظاهري عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ ـ (12) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 2020ع سندس سالياني ورسيءِ ۾ لوڪ ادب خدمت جي حوالي سان بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض ـ پاران سلطان احمد کوسو صاحب(شاعر ـ اديب ـ ڪمشنر لاڙڪاڻو) بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي صاحب ۽ سگهڙ ممتاز علي عباسي صاحب. (13) لوڪ ادب جي فن ۾بھترين ڪارڪردگيءِ عيوض حاجي خانڻ چنجڻي مڃتا سند 13 مارچ 2021ع از طرف سيد سڪندر علي شاھہ (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)ـ عبدالعليم لاشاري (ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو سنڌ). خليل ﷲ ڪاڪيپوٽو (اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) سڪندر علي رند صاحب (جنرل مينيجر PTV World ڪراچي سنڌ ـ استاد محمد لقمان کوکر (مھان سگهڙ ۽شاعر)ـ (14) لوڪ ادب ۾ حاجي منور علي عباسي جو ڪردار جي حوالي سان لوڪ ادب سيمينار سگهڙ ڪچھري 25 جون 2021ع ۾ بھہترين ڪارڪردگيءِ تي مڃتا سند. پاران: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (15) استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سند سندس سالياني ورسي 14 سيپٽيمبر 2021 جي موقعي تي. پاران: سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم (16) لوڪ ادب جي خدمت ۽ بھہترين ڪارڪردگيءِ جي عيوض استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ سندس سالياني ورسيءِ 12 نومبر 2022 تي ـ

مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ ڊائريڪٽرين ۾ ڇپيل تخليقون ۽ احوال:
1) سگهڙن جي ڊائريڪٽري 1991ع ٽنڊوآدم ٠ ترتيب عبدﷲ ورياھہ.
2) سووينئر (رسالو) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد 1994ع.
3) لاڙڪاڻو صدين کان 1995ع. ترتيب ڊاڪٽر بشير شاد لاڙڪاڻو٠
4) انگريزيءِ ۾ ڊائريڪٽري 2002ع
٠5) اخبارون “پاڪ ـ عوامي آواز ـ ڪاوش، ڪوشش ـ تعمير سنڌ ـ هلچل وغيرھہ وغيرھہ ٠
6) ڪتاب وڳڻ جا ويچار 2006ع ڪراچي٠ مرتب محمد ايوب واهوچو
7) انگريزي ڊاريڪٽري 2002ع مرتب: ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ ٠
8) ڪتاب لوچون ڏس لقمان جون 2012 مرتب: محمد ايوب عارض واهوچو
٠9) ڪتاب ڪچھري جا مور 2013ع ترتيب ۽ تحقيق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري 2015ع محقق عاجز رحمت ﷲ لاشاري باني سلات
٠10: پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب آگسٽ 2015ع .
11: ڪتاب رسالو ڳجهارت نومبر 2015 ترتيب ـ تحقيق ـ سمجهاڻي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ٠
12: وجود جو هڳاءِ (گڏيل شاعري) 2016 ترتيب ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ٠
13: ڪتاب لقمان لبان تي تيڏا نالا 2018 ترتيب محمد ايوب واهوچو ٠
14: رسالو رهاڻ 2020 ترتيب واحد ڪانڌڙو حيدرآباد سنڌ٠
15: “گڏيل گفتا” ترتيب گل محمد چنجڻي ميانداد چنجڻي٠16: چشمين ڏٺو چين کي 2021

ترتيب:
محمد ايوب عارض واهوچو 17: لعل هيرا لقمان جا 2024ع ترتيب: حسين چنجڻي ٠
(18) ڪتاب پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب 2015 جو مرتب ڊاڪٽر ڪمال جامڙو صاحب
پَتو: ڳوٺ سوالي واهوچا، لڳ نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ سنڌ
رابطو نمبر: 03052158772 / Watsapp Number 03162909442

مُناجات (بيت)

مالڪ! مُنھنجي مُلڪ کي، رک ﷲ سائين آباد،
بچائيندين بدمعاشن کان، اڌو تاڪن آ تعداد،
لوڌي ڪڍ ھن لاکيڻيءَ مان جابر سڀ جلاد،
تـ سانگي سڀئي سنڌ جا وٺن سک سواد،
الڪن کان “ايوب” چئي ھي امئون ڪر آزاد،
جيئن شام و سحر شاد، مارو رھن مرڪندا.

سئولي ڪر سچا ڌڻي! ڪر سئولي رب سبحان،
موليٰ مشڪلات مون عارض ٿئي آسان،
جيئان تنھنجي جڳ ۾ ساڻ مھت مان،
صحت ڏئيم سالم ۽ عزت عاليشان،
ڪڏھن پسان ڪانه، ڪا اوکائي “ايوب” چئي.

مُناجات (بيت)

اوکايون ايوب کي نہ ڏاتر تون ڏيکار،
اھنجا اولا آھڙا اوڪر سڀ اڪار،
ٻاجهارا ڪر ٻاجهہ مون ٻُڏيءَ ٻيڙا تار،
ڏسان ڪين ڏکيا ئيون، نہ اھنج ڪي آزار،
سدان ڏيندين سوڀ مون، ھادي نہ ٿئي ھار،
محفوظ رک ھر مصيبت کان، منھنجا ٻچا ٻار،
ھجن ھميشـه ھر گھڙي ڌوڪن کان سي ڌار،
نہ پسن پريشانيون نہ تڪليفون تڪرار،
ڪامياب ڪندين ھر ڪم ۾ اي قادر قربدار،
پرور! پونئين پيڙھيءَ کي بہ گنج ڏيندين گنجوار،
سڏجن سخي سيبتا، سالڪ سمجھدار،
لڳاءِ لوڪ ادب سان وڏا ٿين وينجهار،
ڪن خدمت تنھنجي خلق جي، ٿي خادم خدمتگار،
محتاجون سڀ معاف ڪندين سکيو تن ستار،
ڪاٽين منجهہ قرار، عمر سڄي “ايوب” چئي.

مناجات

صَاحِــبَ! ڏي مـــون سُــونھن، آءُ اَسُونھين آهيان!
اوتِ اَلَــک! اڻڄــــــاڻ ۾ اپني، چيٺڻ چوکِي چُونھن!
آءُ اَسُونھين آهيان..!!

توھَ تنھنجي ئي تڙجِي ويندا، ڏوھَ ڏَڄَڻ هِي ڏُونھن!
آءُ اَسُونھين آهيان..!!

دانئون! دردن ڌِڪِجِي دل تان، دُور ٿي ويندا دُونھن!
آءُ اَسُونھين آهيان..!!

والِــــي! ويــڌن، وئيــلِـيءَ وَرتَل، وَاڙِ وَجُودَ وِرُونھن!
آءُ اَسُونھين آهيان..!!

اَلَ “اَيُـــوبَ” اُجـــاڙِيل آسَرَ، سَونپِ سھارا سُونھن!
آءُ اَسُونھين آهيان..!!

مناجات

سَولي ڪر رب سائيـــن!
آءُ اَڙيالِي آهيان..!!

اُلڪــن ڳڻتيـــن کــان اي مالـــڪَ، منھنجي جــان ڇڏائيـن!
آءُ اَڙيالِي آهيان..!!

سوڀَ سچِي ڪا، سُک جِي ساعِتَ، آ نہ ڏِٺِي اڃـان تائيــــن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

مُونجهہ مھل آ، مونکــــي لڳنــــدي، مــاھُ مُحــــرم نائيـــــن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

اَوکِــي ويل تون، ٻاجهہ پنھنجِيءَ سان، ٽَيڪَ ڏئي ٽِياس ٽپائين! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

يـــاد نہ آهـــي، توکي ڪَيَـــم جا، الئہ اَپِيــــل آ ڪائِيـــــن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

موليٰ منھنجـــي گهر، ٻچــڙن کي، رَکُ آبــــــــاد سدائيــــن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

ڪڪِرِي ڪَرمَ، هروقت هيڻي تي، واحِـدَ! پيـــو وسائيـــن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

پنجتن پاڪ جي صدقي “عارض”عرضيون شالَ اگهائيـن! آءُ
اَڙيالِي آهيان..!!

مناجات

تون مالڪ آهين ملڪن جو تون خالق خلقڻھار خدا.
تون راحم، رحمان، رزاق تون آن پرور پالڻھار خدا.
تون ڪريم، رحيم، قديم آن تون جوڙيندڙ جبار خدا.
تارس! تنھنجي توھ سندو ڪو شرو ناھِ شمار خدا.
“عارض” آهيون اسين بندا گندا گنھگار خدا.
ڏيندين معافي ڏوهن جي تون غني، تون غفار خدا.
لطف ڪر لاچارن تي ڪرم ڀريا ڪلتار خدا.
رکندين ست اسان جو رافِعَ! ستروند ستار خدا.
هي عاجز ڇا اظھار ڪري تون ڄاڻو ڄاڻڻھار خدا.
حال اسان جو هيڻو آ تون گنج ڀريو گنجوار خدا.
ڏي تون ڏيب ڏهوڻا ڏاتر، ڏيھن جا ڏاتار خدا.
آس پڄاءِ“ ايوب” جي اي آسين جا آڌار خدا.
ٻاجهہ ڪري هن ٻانھي جا ڪر ٻڏل ٻيڙا پار خدا.
خوش رک تون خاندان سڄو هي منھنجا ٻچڙا ٻار خدا.
پرور! پنھنجي پناھ ڏيندين هر دم ۽ هروار خدا.
داور! دوست عزيز بہ دائم، وسن خوش ولھار خدا.
جيڪي گروپ ۾ گڏ سي ڀي ڪر سکن سان سرشار خدا.
آ پارت پروردگار خدا. توکي سائين سموري سنڌ جي

منظور علي مھيسر

تعارف

منظور علي ولد ﷲ بخش ولد محمد عثمان ولد محمد صالح مھيسر، سياري جي شروعاتي موسم ۾ ﷲ بخش مھيسر جي گهر ٢٥ نومبر ١٩٥٩ع تي ڳوٺ ڌڱاڻو مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو هاڻوڪو تعلقو سجاول جوڻيجو ضلعو قمبر شھہداد ڪوٽ ۾ ڄائو. جڏهن پڙھڻ جي عمر کي رسيو تہ استاد واحد بخش مھيسر وٽ قرآن شريف ناظرہ پڙهي پورو ڪيائين۔جيڪو ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ پيش امام هو ۽ ان سان گڏ ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڌڱاڻو مھيسر مان ١٩٧٠ع ۾ پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين. اتي جن استادن وٽان فيض حاصل ڪيائين انھن ۾ استاد علي مراد عرف استاد جمن مھيسر، استاد غلام رسول ابڙو، استاد فيض محمد ڀٽو ۽ استاد محمد جمن سومرو سر فهرست آهن. ١٩٧٥ ع دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان بعد ١٩٧٦ع کان ١٩٧٨ع تائين خانگي نوڪري ڪيائين. ان کان بعد ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ ڪرياني جو دوڪان کوليائين ١٠ ڊسمبر ١٩٧٩ ع تي مسجد اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٿيو پھرين پوسٽنگ سرور آباد مھيسر ۾ ٿي جيڪو پنھنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. پوءِ پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ١٩٨١ ع ۾ انٽر خانگي پاس ڪيائين ١٩ مئي ١٩٨٢ ع تي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ فريش پرائمري ٽيچر جو آرڊر ٿيو، هڪ سال گذرڻ بعد روحاني سلسلو بہ ﷲ جي فضل و ڪرم سان حاصل ٿيو۔ جو روحاني رهبر غوث الزمان سخي سادات حضرت قبله سيد غلام حسين شاه بخاري غفاري نقشبندي مجددي نورﷲ مرقده جن جي مبارڪ هٿ تي نقشبندي سلسله عاليه ۾ بعيت ٿي ۽ حسيني فقير سڏائڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ﷲ پاڪ کان دعا آهي تہ سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ٻچڙن سان تا قيام ادب جو سلسلو قائم ۽ دائم رکي آمين۔
منظور علي مھيسر جي پرائمري ٽيچر دوران جن اسڪولن ۾ بدلي ٿي انھن ۾ جي پي ايس ڌڱاڻو مھيسر، جي پي ايس حاجي احمد خان جتوئي، جي پي ايس حاجي محمد خان بوزدار، جي پي ايس محمد فاضل مھيسر، جي پي ايس ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۽ جي پي ايس جان محمد انڙ سر فهرست آهن.
١٩٨٣/٨٤ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مين لاڙڪاڻو مان پي ٽي سي پاس ڪيائين ١٩٨٦ ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان خانگي طور بي اي پاس ڪيائين۔١٩٨٩ ع ۾ شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ پاس ڪيائين. ١٩٩٣ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج حيدر آباد مان سي ٽي پاس ڪيائين۔ ١٩٩٤ ع م شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ مولوي عربي، مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جو امتحان سکر بورڊ مان پاس ڪيائين ١٩٩٨ ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان الخير يونيورسٽي آزاد ڄمو ڪشمير مان پاس ڪيائين۔ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي بہ ڪوشش ڪيائين پر يونيورسٽي ۾ مذهبي تضاد سبب اهڙي اميد کان رهجي ويو. ١٩٩٨ ع کان ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاه گل بخاري کي ادبي استاد قبولي نثر جي شروعات ڪيائين ۽ پھريون ڪتاب جنوري ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پھريون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٻيو ڪتاب مارچ ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٻيو جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٽيون ڪتاب مئي١٩٩٩ ع ۾ اسان جو آقا اسان جو رهبر صلي ﷲ عليه و آله وسلم شائع ٿيو۔ چوٿون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠٠ ع ۾ اسان مسلمان ڪيئن آهيون شائع ٿيو۔ پنجون ڪتاب نومبر ٢٠٠١ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٽيون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڇهون ڪتاب مئي ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو چوٿون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ستون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پنجون جي نالي سان شائع ٿيو۔ اٺون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ الحسيني جي نالي سان شائع ٿيو۔ نائون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ڇهون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڏهون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو خير پور ميرس لکيو۔ يارهون ڪتاب آگسٽ ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو دادو لکيو۔ ٻارهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو سکر شڪارپور لکيو۔ تيرهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو نوشھرو فيروز لکيو ۔ چوڏهون۔ ڪتاب٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه صوبہ پنجاب لکيو۔ مئي ٢٠٠٦ ع ۾ سجاول جا سگهڙ پندرهون ڪتاب لکيو۔ سورهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٢ ع شائع ٿيو ۔ سترهون ڪتاب اپريل ٢٠١٣ ع ۾ گڏيل گل گلاب جا شائع ٿيو ۔ارڙهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٧ ع شائع ٿيو۔اوڻيھون ڪتاب۔ سوکڙي ٢٠١٨ ع شائع ٿيو۔ ويھون ڪتاب۔ جنوري ٢٠٢٣ ع ۾ جاني جدا ٿي ويا شائع ٿيو۔ايڪيھون ڪتاب مارچ ٢٠٢٣ ع ۾ جيئن ڏٺو مون جانبن کي شائع ٿيو۔ ٻاويھون ڪتاب جون ٢٠٢٣ ع ۾ خيال ملن خيالن سان تہ منزل آسان آ۔ شائع ٿيو۔ ٽيويھون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠١ ع ۾ امن شائع ٿيو۔جولاءِ ٢٠٢٣ ع ۾ چوويھون ڪتاب شائع ٿيو۔ڪيئن قرب ڪندا ها ڪامل محبت وارن مريدن سان۔ هاڻي پنجويھون ڪتاب تي ڪم ھہلندڙ آهي جڙيا رهن جڳ ۾۔ سگهڙائپ جي فن م سندس استاد آهي سگهڙ عبد الرحمان مھيسر۔ هن وقت حمد، نعت، ڏور بيت، آجيان جا بيت، منقبت، رباعي تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي سماجي ڪمن ۾ بہ جيڪي ڪم ڪيائين آهي هي آهن حسيني ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ٻہ سال جنرل سيڪريٽري ۽ ٻہ سال صدر رهيو۔تعلقو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سجاول جوڻيجو ۾ ڏھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو۔ مھيسر سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن مسوا ۾ ويھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جو تا حيات ميمبر آهي۔ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو پڻ ميمبر آهي۔۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جڙيو چانڊيو جو ميمبر آهيءِ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان سال کن کان پڻ وابستا آهي۔ ۴ جولاءِ ٢٠١١ ع تي ايڇ ايس ٽي گريڊ سورهين ۾ پرو موشن ٿيو ۽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان ٣١ آڪوبر ٢٠١٨ ع تي رٽائر ٿيو۔ ڪجهہ وقت پنھنجو پرائيوٽ اسڪول بہ کوليائين۔ پوءِ اهو بند ڪري ١٥ جنوري٢٠٢٢ ع تي لاڙڪاڻي ۾ لڏي آيو ۽ شيخ زيد ڪالوني ۾ گلوبل سائنس ڪاليج ۾ پڙھہائي ٿو۔١٩٧٤ ع ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو تہ ان وقت شادي ٿي هئي ۔اولاد ۾ ڇھہ پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون انھن ۾ ٻہ پٽ وفات ڪري ويا هڪ عبد التواب ۔ ٻيو ﷲ بخش ۔ هن وقت چار نياڻيون ۽ چار پٽ آهن پھريون عبد الو حيد ٻيو عبد الصمد ٽيون عبد التواب چوٿون دربان علي مھيسر شامل آهن۔ سندس جذبا اڃا تائين جوان آهن ﷲ پاڪ کيس علم، ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ۾ اڃا بہ واڌارو فرمائي. (آمين ثُم آمين)

فقير منظور علي مھيسر حسيني

مناجات

تون خالق، تون مالڪ، اسان مخلوق گنھگار،
تون رازق، تون رحيم، تون پاڻ پالڻھار،
روزي رسائين سڀ ڪنھن، تون ڏيھن جو ڏاتار،
جيڪي گھرن تن ڏئين، لھين صبر وارن جي سار،
ڪي گونگا ڪي ٻوڙا، ڪي روز پنن پينار،
جيڪي سمھي پون سانت ڪري، ڪرين تن جي سنڀار،
جيڪي ڀريل عيبن ۾، تن تي ستر ڪرين ستار،
غرق آھيان گناھن ۾، آءٌ بڇڙو بدڪار،
ڪر ٻاجهہ ھن ٻانھي تي، آھيان بندو بيڪار،
ھي ”حسيني“ حبدار، آ ﷲ تنھنجي آسري.

مناجات

ﷲ تنھنجي آسري، اسان ڪوجها سڀ ڪِنا،
رات ڏينھن روئيندي ڳل ڪپڙا ڀنا،
رشتا سڀ رت جا، ھن زماني سارا ڇِنا،
محنت ھوندي منزل تي، اسان اڃان ناھيون پُنا،
پاڪ ھن ڌرتيءَ تي، مصيبت ماريل رنا،
جهان ۾ جانبن ئي، ھن ڏک ڏاڍا ڏنا،
آئي انھن منجهہ انا، جي اڳ محبتي ھئا “مھيسر” چئي.

مناجات

ھادي تون ھدايت ڏي، ھن بڇڙي بدڪار کي،
گناھن ۾ غرق آ، ڏي پناھ پينار کي.

پيار مان پيدا ڪري، رزق ڏنو رازق تو،
مصيبتون معاف ڪر، بچائج بيڪار کي.

ازل کان عيبن ڀريل، ننھن کان چوٽيءَ تائين،
ڍڪ ڍڪڻھار تون، ھن گدلي گنھگار کي.

مخالفتون منھنجون گھڻيون، وڪوڙيل آھيان والي،
محبتن جي ميدان تي، ڌڪي آڻ ڌنار کي.

پيار ٿئي پاڻ ۾، ھجئون ھڪ عضوي مثل،
جي ڪنڊو لڳي پير ۾ تہ وات ڪري واڪار کي.

عرض اگھاءِ “مھيسر” جو، جا “حُسينيءَ” ڪئي التجا،
صدقي پنھنجي سھڻي جي سينگار ھن سنسار کي.


مناجات (بيت)

ﷲ تون اڪيلو، بيشڪ باري بيپرواھ،
والي واحد وحده، ڏيکار سڌي راھ،
ذڪر تنھنجو ظاھر باطن، ڪري ھرڪو ساھ،
دل ۾ دلبر ديرو تنھنجو، رکين جنھن سان چاھ،
انسان جو انسان سان، ھجي ھر وقت ٺاھ،
ڪنھن جي خلاف ڪنھنجي، نہ نڪري ڪو سي آھ،
بچاءِ دوزخ باھہ، کان “حسينيءَ” کي حا ڪم تون.

ارشاد علي عرضائي

تعارف

سگهڙ ارشادعلي عرضائي 02 اپريل1965ع ۾ عرضي ڀٽو تعلقہ سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شھدادڪوٽ ڄي هڪ ڏاهي ڏات ڌڻي سالڪ سگهڙ حبيب ﷲ “حبيب”مڱڻھار جي گهر۾ اک کولي پڙهڻ جي عمر ۾ آيو ڳوٺ جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پرائمري تعليم ۽ناظرہ قرآن شريف پڙهائڻ ۾ سندس پُڦڙ استاد تاج محمد مڱڻھار محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهائي مڊل اسڪول ڏانھن روانو ڪيو مڊل تعليم ۾ ڪلاس ٽيچر سائين عبدالمجيد ڀٽو {ڳاڙهو} هيو مڊل تعليم کان پوءِ عرضي ڀٽو ۾ سھولت نہ هجڻ ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميروخان ۾ {1979ع دوران} داخلا ورتي اتي بہ ڪلاس ٽيچر سائين علي مراد تونيه ۽ سائين حاجي نواب علي ويسر {ابڙو رتوديرو وارو}بھترين استاد هئو جن دلچسپي سان تعليم ڏني اتان {1980ع دوران} ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ غربت سبب سندس بابي سائين طرفان کيس مامي عيد محمد {عيدن} مڱڻھار وٽ درزڪي ڪم سکڻ لاءِ ويھاريو.
ارشاد علي 1982ع ۾ سگهڙائپ ڏانھن وک وڌائي۔ سگهڙائپ ارشادعلي عرضائي جي مؤروثي ملڪيت هئي ڇاڪاڻ تہ هن جو پڙڏاڏو لعل ڏنو ان وقت جوبھترين ڏاهو سگهڙ هو ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جو پارکو ۽ حافظ هو ۔ شاھہ سائين جو بيت/وائي جڏهن ترنم ۾ ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙن جي مٿان وجد طاري ٿي ويندو هيو ان کان سکيا ورتي عرضائي جو پڙنانو ﷲ ورايو جيڪو بہبھترين ڏاهو سگهڙ ۽ڪچھرين جو مور هوندو هيو۔ان کان وري بابي سائين حبيب ﷲ”حبيب” سکيا ورتي، اهڙي طرح اها ڏات منتقل ٿيندي ڀائرن وٽ پر اهي نروار نہ ٿيا ۽ ان کان پوءِ جڏهن عرضائي وٽ اها ڏات پھتي تہ هن گهر ۾ رکڻ بجاءِ نروار ڪري ڇڏي ۔سگهڙحبيب ﷲ “حبيب” جي جيڪا شاعري ملي سگهي اها سھيڙي سائين منظور علي مھيسر حسيني جي ڪتاب “گڏيل گل گلاب جا” ۾ ڇپرائي.
ارشاد علي کي ان وقت جي آرپي{RP}ريسورس پرسن بدرالدين مڱڻھار جيڪو ارشاد علي عرضائيءِ جو سؤٽ پڻ آهي جي ڪوشش سان {MST} مسجد اسڪول ٽيچرجو ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو ۽ هن 16اپريل1986ع۾ ڳوٺ الهرکيو جويو{محمد صديق سناڻي}۾ پھرين جوائننگ ڪئي۔1995ع۾ PTC پاس ڪري PSTپڪو سرڪاري ملازم ٿيو2000ع۾ انٽرپاس ڪئي۔اڳ۾ ذڪرڪري چڪو آهيان تہ سگهڙائپ مؤروثي ملڪيت هئي ان ڪري اها ڏات هلندي اچي ارشادعلي عرضائي جي سر جو تاج بڻي۔هونءَ تہ ڳوٺ جا جهونڙاسگهڙ استاد علي حيدر ڀٽو۔عبدالغفورڀٽومرحوم غلام محمد{غلام}ڀٽومرحوم درمحمد درل لانگاه غلام قادر{غلام گڙو}مرحوم سدورو ٿهيم عرضائي جو وڏو ڀاءُ اختيار احمد ۽ٻيا شامل هئا جن سان بہ {عرضائي} ڪچھريون ڪندو هيو۔پر 1980ع جي پوئين ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد غلام ڪبير بليدي {لولائي} لڏي اچي پاڙيسري ڳوٺ بھادر ڀنڊ ۾ صوبيدارسرائي علي حسن ڀنڊ جي زمينن تي ويٺو۔عرضي ڀٽو ۾ اچڻ ڪري عطار هيو ۽ خريدارن کي ڳولي لڌوجن جا نالا مٿي ڄاڻايل آهن ۔پر ارشادعرضائي سان سندس پيچ پختا ٿي ويا۽شاگردي قبول ڪري پٽيلو بنجي ويو۔هن کي استاد جي مدد مھرباني اڀل آسرو ۽ دعا تمام گهڻي هئي (ڇوتہ استاد بہ ڏات ڌڻي۽بھترين سگهڙ هيو) وري سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ شموليت سان زندگي ۾ اڃان نکار اچي ويس. سندس لوڪ ادب شاعريءَ جو ڪتاب “عشق امر ذات” 16 ڊسمبر 2018ع ۾ ڇپيو اڄ جيڪو ڪجهہ بہ آهي اهو استاد غلام ڪبير بليدي۽ سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي صحبتي سنگت جي ڪري آهي ﷲ پاڪ اڃان بہ کيس علم۔ادب ۽ سگهڙائپ۾ واڌارو ڪري. (آمين)

مُناجات

تون آقا اسين عاجز، سوالِيُن جي صدا سڻ تون،
بُراين ۾ ڀريل آهيون، منھنجي نرمل ندا سڻ تون،

سڄڻ ڪر ستاري تون، محابي مصطفيٰ مدني،
التجائون عجز آزيون ساريون خدا سڻ تون،

آقا! عاصي آهيون ايڏا، وٺي ننھن کان تائين چوٽي،
بخشش ڪر بندن جي، ڪري نورالھديٰ سڻ تون،

هيڪر حسنين جي صدقي، پنھنجو ڪريمَ ڪرم ڪر،
ڪيم هر عيب کي هاڻي، خدايا الوداع سڻ تون،

سائين سدائين نہ نظران پرور پنھنجي پري رک،
ڪرمي نگاه ڪرنہ سائين ختم شده سڻ تون،

نماڻي جون ايلاز، نيازيون، طفيلي عربيءَ اگهائج،
“عرضائي ارشاد” جي ﷲ هيءَ استدعا سڻ تون


مُناجات

ياالاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي،
معاف ڪر مڙئي مدايون، نظر ڪر بدحال تي،
آسري وند آهيون اسان، تنھنجِي ڀلائيءَ ڀال تي،
صدقي رسول ﷲﷺ جي، ڪر عنايت هن اعمال تي،
بُرا آهيون بدڪار سائين! ڪر ٻاجهہ ٻچڙيوال تي،
ياالاهي ڪرم ڪر هيڻي اسان جي حال تي.

قرض ۾ قابو آهيون، ڪر ڇوٽڪارو شھنشاھہ تون،
واسطي عليءَ وليءَ جي ٻُڌ التجائون ﷲ تون،
طفيلي شَبَر و شَبِير، سُڻ آقا منھنجي آھ تون،
واليءِ مدينہ واسطي ڪر احسان اجڙوال تي،
يا الاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي.

مرض وڪوڙي ويا مڙوئي، تون ئي بس حاذق حڪيم آن،
درد ڪر ڪُلئي دفع، جو تون رحيم ڪريم آن،
هر مصيبت معاف ڪندين ايڏو تہ تون عظيم آن،
واسطي شيرِ خُدا، ڪر نگاھہ پُرُ ملال تي،
يا الاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي.

قيد ۾ نہ قيدي هُجن بي اولادن تي بہ ڪر عطا،
نيڪ بخت اولاد ڏئي، ڪر صالح ٻچڙا سيبتا،
ٻيو بيروزگاري بہ وئي آ وڌي، غمن ۾ پيا آهيون گتا،
صدقي شهيدِ ڪربلا، ڪر قربُ هر ڪنگال تي،
ياالاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي.

تنھنجي طفيلي پيا تڳون، ٻيو نہ وسيلو واه ڪا،
تون راضي ٿي رحم سان ڪر بخشش بي پرواه ڪا،
مؤمن معافي ٿاگهرن ٻيو رستو نہ آھي راه ڪا،
آسرو آهي گهڻو، تو لڄ ڌڻي لڄپال تي،
ياالاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي.

محبوب جي زيارت سندو، ﷲ سائين وارو وراءِ،
پاڪ روضو پلڪ ۾ سھڻي عربيءَ جو پساءِ،
حُبَ وارا حَرمَ ڏي، سڀ گهڙي هڪ ۾ گهراءِ،
صدقي خاتونِ جنت، ڪر پنھنجي نظر هن پنڊال تي،
ياالاهي رحم ڪر هيڻي اسان جي حال تي.

آخرت لاءِ “ارشاد” اسان پوکيو نہ ڪو سَلو هتي،
بس عمر وئي گذري اسانجي، سمورِي آهي سُتي،
ڪم نہ ڪوئي نيڪ ٿيو، اسان کان اڀرئي لٿي،
جو عُمر پھتي“عرضائي” آ زبون حالي زوال تي،
يا الاهي ڪرم ڪر، هيڻي اسان جي حال تي.


مُناجات

تون خالق، تون مالڪ، تون سائين آن ستار،
رحم ڪر رحيم تون، آن باري بخشڻھار،
گناهن ۾ گتل آھيان، واندو ناهي هڪ وار،
مون ۾ عيب انبار آھن، آهيان ڏاڍو ڏوهدار،
ڪم نہ ڪوئي نيڪ ڪيو، حياتيءَ ۾ هڪ وار،
آسرو آهي اڀل تنھنجو، تون آن ذنوب الغفار،
صدقي رسول ﷲ جي، تون ڍَڪجان ڍڪڻھار،
تنھنجي رحمت وڏي آ، آھين عاصين جو آڌار،
طفيلي پنجتن پاڪ جي، ميٽ مندايون منھندار،
تون مطلوب آهين مولا، مان توبھہ جو طلبگار،
واليءِ گنبد خضريٰ واسطي، ڪر پرور ٻيڙا پار،
هيءَ التجا ٻُڌي “ارشاد” جي، مولا! غم ميسار،
تنھنجي داتا آهي درڪار، ڪر عنايت هن “عرضائيءَ” تي.

عاجز عبدالحميد جت

تعارف
نالو: عاجز عبدالحميد جت
پيءُ جو نالو: بھولا
پيدائش جي تاريخ: 02 فيبروري 1995ع
تعليم: ميٽرڪ
ادبي فن جي شروعات: 2009ع
ادبي استاد: عاجز رحمت ﷲ لاشاري
ڪو ڇپيل ڪتاب: جهونڪا پورب واھ ۾ گڏيل شاعري
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: روزاني چنڊ نيوز ڪراچي
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: جهونڪا پورب واھ جا
پورو پتو: حاجي نور محمد ورڪ ديھہ گوپالو نئون دمبالو تعلقو ماتلي ضلع بدين
موبائل رابطہ نمبر: 03000367604

مُناجات

عرضَ عاجزانا، اگھائج خدايا،
ٻيڙا پار سڀ جا، پُڄائج خدايا.

سُجهي آڏو سَقراط ۽ قبر ڪاري،
تون سوڙھي ساميءَ کان بچائج خدايا.

هوندي جاٿي اوندھ، انڌوڪار ڏاڍي،
اتي گور، روشن بڻائج خدايا.

نڪيرين جڏهين عقيدن جو پُڇندا،
تڏھن حَق جو ڪلمو پڙھائج خدايا.

کڻي ھٿڙا خالي ٻاڏائي ٿو “عاجز”
عرض هي نماڻو، اگھائج خدايا.

عبدالڪريم ملڪ

تعارف
نالو: ميرحسن
پيءُ جو نالو: عبدالڪريم
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 12 مارچ 1991ع
تعليم: انٽر
ادبي فن جي شروعات: 2012ع
ادبي استاد: سگهڙ محمد صادق ملڪ
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ميان جو ڳوٺ، تعلقو خانپور ضلع شڪارپور، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو، لڳ ميرپور ٻرڙو، مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش، هنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊم سنڌ سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌي لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب (سلات) جي گڏيل ڪاوشن سان منعقد ڪيل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جشنِ بھار سرٽيفڪيٽ، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار رسالو ويجهار ڪراچي، ، ماهوار سمنڊ رسالو ڪراچي
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي (ڏياڻي)ضلع ڪشمور، تعلقہ تنگواڻي، پوسٽ آفيس ڪرمپور، واٽس اپ نمبر: 03022613312 اي ميل: mirhassan214@gmail.com


مُناجات

مولا ڏي تون معافي، گنھگار آھيان،
بندو عاصي بلڪل، مان بيڪار آھيان.

تون آن ستار غفار، ڍڪ عيب منھنجا،
معافيءَ جو مالڪَ، طلبگار آھيان

ڪرم ڪر خدايا، تون رحيم آھين
آءُ عاصي عيبن ۾، عيبدار آھيان.

ڏنگايون ڏوھ مون ۾، ناهي وارُ واندو،
بخش مدنيءَ جي صدقي، عرضدار آھيان

ڪيا ڪم ڪسا هِنِ، سڀ عيب مون ۾
بخش ڏوھہ ڏاتر، شرمسار آھيان

ڪھڙو منھن کڻي مان، گهمان تنھنجي جڳ ۾
“ميرحسن” گناهن ۾ ٽُمٽار آھيان.

عاشق حسين “عاجز” تنيو

تعارف
نالو: عاشق حسين
تخلص: “عاجز”
پيءِ جو نالو: واحد بخش.
ذات: تنيو
پيدائش جي تاريخ: 25 فيبروري 1981ع.
تعليم: ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان گريجوئيشن ۽ ايل ايل بي خيرپور ميرس يونيورسٽي مان.
فن جي شروعات: 1996ع
ادبي استاد: استاد ناظم منگي

ڇپيل ڪتاب:
(1) “احساس ختم ٿي ويو” ڪنول پبليڪيشن قنبر. سال …………2006
(2) “جهونڪو هوا جو آهيان” مرڪ پبليڪيشن ڪراچي. سال …………2022
ريڊيو ٽي وي پروگرام: سنڌ ٽي وي مارننگ شو ۾ ٻہ ڀيرا ۽ ڪي ٽي اين عيد مشاعري ۾ هڪ ڀيرو شرڪت.

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ هالار ڊائجسٽ ۽ مختلف پليٽ فارمن تان.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر يا ڪا تخليق: (رسالي يا ميگزين جو نالو لکو) سنڌ رنگ، هالار ڊائجسٽ، هزار داستان، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، پندرهن روزہ عبرت مئگزين، ڪاوش ميگزين، امرتا ميگزين، نئين زندگي رسالو، پيپلز ٽائيمز، سنڌ رويو، وغيره وغيره
پورو پتو: تنيا هائوس آپوزٽ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس ويجهو تعلقہ اسپتال ميھڙ ضلع دادو سنڌ پاڪستان.
موبائل رابطہ نمبر: 03003982959 واٽس اپ نمبر: 03003982959
اي ميل: aajizashiquetunio@gmail.com.pk
فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آهي: Ashique Hussain Tunio
سوشل ميڊيا پيج: غزل سنڌ

مُناجات

ياالاهي ڪرم ڪر تون، مصطفىٰ جي واسطي،
مرتبي ۽ شان واري، جِي سخا جي واسطي،

تو سوا حيلو نہ ڪو ٻيو، تنھنجو آهي آسرو،
درد تڪليفون ختم ڪر، ڪربلا جي واسطي،

نيڪ رستن جي سفر تي، گامزن ٿيان اي خدا،
بس اچي ڪر پار ٻيڙو، هن دعا جي واسطي،

کوڙ ساريون مان کڻي، آيس اوهان در خواهشون،
اي خدا جائز سي پوريون ڪر عطا جي واسطي،

مان گهڻو آهيان گُناهي، ڪوئي ڪاٿو ڪين آ،
تون رحيم آھين رحم ڪر، پيشوا جي واسطي،

هن دنيا ۽ آخرت جو، دور ڪر هر هڪ عذاب،
جهول “عاجز” جو تون ڀر حمد و ثنا جي واسطي

“بيوس” بخش علي چانڊيو

تعارف
اصلي نالو: بخش علي چانڊيو
ادبي نالو: “بيوس” بخش علي چانڊيو
ولديت: نياز علي چانڊيو
جنم: ڇھين اپريل 1972
جنم جو هنڌ: نزد ڦل شھر، جنھن ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، اهو چانڊيه ڳوٺ، سم جي پاڻيءِ ۾ ٻڏي ويو، هاڻي رهائش ڦل شھر، ضلع نوشھرو فيروز
تعليم: ايم - فل سنڌي لوڪ ادب
ذريعه معاش: ائسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن، ڪاليج ايجوڪيشن گورنمينٽ آف سنڌ
ادبي ابتدا: 86 -1985 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعري
ادبي استاد: مشاهدو ۽ مطالعو

ڇپيل ڪتاب: چار ڪتاب
1. ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس (واقعاتي شاعري )
2. ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (تحقيق)
3. دانھون ٻوڙيل ديس جون ( 2022 جي شديد برساتن جي تباهي ۽ المين تي مشتمل واقعاتي شاعري)
4. وينا شرنگيءِ جو سنڌ جي سفر تي لکيل ڪتاب ڪڇان تہ ڪافر، نظرثاني ڪري چپايل.
اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جيتروغزلن، نظمن، بيتن ۽ چئوسٽن تي مشتمل مواد ۽ هڪ ڪتاب جيترو حمديہ ۽ نعتيہ ڪلام.

حاصل ڪيل ايوارڊ:
1. 1996 صدف اخبار نوشھرو فيروز طرفان بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ.
2. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفانب ھترين سماجي خدمتن عيوض سلور ميڊل 1996.
3. نوشھرو فيروز هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايورڊ 2007.
4. مورو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايوارڊ 2010
5. سگا برانچ مورو طرفان علمي ادبي خدمتن عيوض، شيلڊ ايوارڊ
6. سگا گهوٽڪي برانچ طرفان مڃتا ايوارڊ 2020.
7. ماهنور فائونڊيشن سيوهڻ طرفان ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ.
8. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ڪتاب” ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2022.
9. سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن “سگا” مرڪز طرفان رني ڪوٽ متعلق تاريخي سيمنار ۾ مقالو لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ 2023
10. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا مرڪز طرفان علمي، ادبي خدمتن عيوض حيدري ٽرافي “شيلڊ” 2023
11. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ٻيون ڀيرو، شاعريءِ جي ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2023.

ائڊريس:
پوسٽ آفيس شھر ڦل تعلقو ۽ ضلعو نوشھرو فيروز
واٽس ايپ نمبر: 03033785037/03337086982

مُناجات

جڳ جاوالي، جڳ جا وارث، هيڻو منھنجو حال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا،

ظاهر باطن بڇڙو آھيان، ڪائي لڪ، ڳُجهائي ناهي،
ليڪن پڪ آھي او قادر، تو ريءَ ڪا بہ سڻائي ناهي،
عرض ڪرڻ پڻ ڪونہ اچي ٿو، نماڻن ننگپال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

منھنجي ڌرتيءَ تي او مولا، مسڪينن جا مارا آھن،
دهشت وحشت، خون خرابو، لاشن تي لامارا آھن،
زر، زمين ۽ ملڪيت پويان، جيئڻ آھ جنجال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

رنگ نسل ۽ ذاتين پويان، ڪوس هلي ٿو قھر خدايا،
دين ڌرم جي ٺيڪيدارن، کوڙ اجاڙيا شھر خدايا،
ماڻھوءَ جو آ مارو ماڻھو، اهڙا ٿيا افعال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

سوا لک نبين کان پوءِ به، ساڳي مارا ماري آهي،
هابيل ۽ قابيل جيان ئي ڀاءُ جو قتل بہ جاري آھي،
قارون ۽ فرعون ڦرن پيا، ڌوتا ڌاڙيوال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

چند ئي اهڙا نيڪ ڏسان ٿو، حق جا جيڪي حامي آھن،
باقي اڪثر لوڀي ٺوڳي، بلڪل نامي گرامي آھن،
اڄ جو خوب ڪري ٿو انسان، ٻين جو استحصال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا،

هيڻن تي هٿيار کڻي هت، ڏاڍا گابا بڻيل آھن،
حضرت لوط جي قوم چوان، تن جا بي بابا بڻيل آھن،
بيشڪ بڇڙا بنجي ويا، هن قوم سندا افعال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

تنھنجي نالي تي او سائين، ملڪ ٺھيو هو پاڪستان،
ليڪن جهٽ ئي بگڙي ويا سڀ، ليڊر بنجي ويا شيطان،
کائين ويٺا کوٽا سارا، مسڪينن جو مال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.

هيڏا هي حالات ڏسي بي بلڪل مان مايوس نہ آھيان،
تنھنجي رحمت روز وسي ٿي، پوءِ اميدون ڇا لئہ لاهيان،
“بخش علي” آ “بيوس” ليڪن، تون ئي آن رکوال خدايا،
رحم کپي ۽ ڪرم کپي، شل ڪوجهن تي ڪر ڀال خدايا.


مُناجات حالات حاضرہ (بيت)

يا ﷲ، يا ڪريم، يا صاحب، رب ستار،
ڀري آهون، ڪريان دانھون، پرور پالڻھار،
تہ منھنجي هن ملڪ ۾ اوندھ انڌوڪار،
چورن چوڌاري اچي، ور ڏئي ڪيا وار،
حڪومت هيڻن مٿان، ڪئي جا اهڙي ڪار،
مير وزير، امير سڀ، ڪڌا ٿيا ڪردار
قرض وٺي عوام لئہ، ويا کائي خونخوار،
سڀ وزن اسان مٿان، پيا مڙهين هو مردار،
ڳاٽي ڀڳا ٽئڪس وٺن، ٻيا پڻ وڏا بار،
پوء بہ پوري ڪانھي ڪا، وجهي ويٺا ڄار،
عوام اٽي لپ لئہ، پيو روئي زارو زار،
رکي سکي اڻ مکيل، سا بہ کسي ٿيا خوار،
کنڊ، اٽي، ڳڙ، دال لئہ، ٻاڪارين پيا ٻار،
چئن ڏينھن کان چلھہ ۾، بس اُڏي پئي ڇار،
هيڻا هڏ بکن ڪيا، مٿان ڳجهن جا لامار،
دوا درمل تي نفعو، وٺي وڏو ڪن واپار،
سابہ تہ قيمت اصل جي ۾ نقلي ڏين غدار،
وري روز وڌي پيو، تيل ڪري تڪرار،
گڏھ گاڏا، اٺ وٺي، وڪڻي پوندي ڪار،
هاءِ هاءِ هوش اڏي ويا، ٻڌ آقا هي ٻاڪار،
تہ پورو پاڪستان پيو، نيڻين وهائي نار،
سڪون پيا سُڪون لئہ، رڳو هت آزار،
آھي لاچارن مٿان، ماريء سندي مار،
امت عربي ڄام جي، سگهو لھج سار،
آخري اميد تون ئي، آھين “بيوس” جو آڌار،
ويڙھي ويا ويچار، بس ﷲ تنھنجو آسرو.

اقبال احمد “عادل” مھر

تعارف
نالو: اقبال احمد “عادل” مھر
پيءُ جو نالو: وزير احمد مھر
ڄم جي تاريخ: 25-03-1982ع
تعليم؛ ايم اي (‏‏M.A) بي ايڊ (B-Ed)
ڪرت: وائرليس آپريٽر (سنڌ پوليس)
سگهڙپائيءَ ۾ استاد؛ گل حسن “گل” ملڪ
ميل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ:
20 ڊسمبر 2011ع تي لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ تنظيم سلات پاران هنڌ؛ عبدالقادر عرف بابو خان جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد 23 مارچ 2013ع تي استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سلات پاران هنڌ؛ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي ميان جو ڳوٺ تعلقہ خان پور ضلع شڪارپور 25 جنوري 2014ع بمطابق 24 ربيع الال 1435 هجري تي مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پاران؛ تنظيم فڪر و نظر سنڌ. پھرين مارچ 2014ع تي بين الصوبائي سگهڙ ڪنويشن جي موقعي تي بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ. هنڌ: ڳوٺ بھار علي ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد پاران سلات.
ايڊريس: ڳوٺ مبارڪ پور تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
رابطہ لاءِ 0300-2486845 / 0346-3408226

E- mail: iqbaladil786@gmail.com Face Book ID: اقبال عادل مھر

مُناجات

اتم اعليٰ بي حد بالا، آھي شاھي تنھنجو شان،
بندي مون بدڪار تي، ٿيءُ راضي رب رحمان،
غفار تون ستار تون، سائين تون سبحان،
آھيان مون “اقبال” چئي، غلطين ۾ غلطان،
گدلو گنھگار مان، ڪھڙو باري ڪيان بيان،
آقا ڪر احسان، ميري مندي “مھر” تي،

مُناجات

اتم اعليٰ بي حد بالا، آھين تون ﷲ،
رحم ڪر رحمان سائين، تون آن باري بي پرواھہ،
گُم آھيان گناھن ۾، رسائج سنئون راھہ،
مولا مون “مھر” جو، ڪڍجانءِ ڪلمي ساڻ ساھہ،
“عادل” مون “اقبال” جو، بخش غني گناھہ،
آھي چارو تنھنجو چاھہ، ڪر مِھِر مون مسڪين تي

مُناجات

اتم اعليٰ بي حد بالا، سونھين واحد توکي وڏائي،
روز محشر ۾ مون مٿان، ڪجانءِ ڀورل پنھنجي ڀلائي،
اجايو عمر مون، وائڙائپ ۾ وڃائي،
براين جون ڀريون کنيم، مان چائِي نہ چڱائي،
کٽي بازي سي ويا، جن لَنوَ توسان لڳائي،
ستار ڪجانءِ سڻائي، محشر ويل “مھر” چئي،

گل حسن سومرو

تعارف
نالو: گل حسن
پيءِ جو نالو: حاجي لال بخش
ذات: سومرو
پيدائش: 17 اپريل 1972ع.
تعليم: گريجوئيشن
فن جي شروعات: 1990ع کان.
استاد: سگهڙ محمد ملوڪ عباسي
ڇپيل ڪتاب: “برائيءَ جو بدلو”.
مليل مڃتا: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، سلات پاران مليل سرٽيفڪيٽ، موهن جو دڙو ڪلچرل سوشل فورم

سرٽيفڪيٽ.
شائع ٿيل مواد: شوبز ورلڊ رسالي ۾ ڇپيل شعر، مختلف اخبارن رسالن ۾ ڪھاڻيون مضمون، مقالا، بيت ڇپيا جن ۾ عوامي آواز، ڪوشش ڪاوش عبرت لاشار سنڌ رنگ ڊائجيسٽ جاڳو فاسٽ ٽائيم تعمير سنڌ وغيره پورو پتو/ائڊريس: اصل شھر نصيرآباد بعد لاڙڪاڻو هن وقت ڊيوٽي جي ڪري ميرپور خاص. ڌنڌو / ڪرت: هاءِ ڪورٽ ۾ ملازم.
موبائل نمبر 03003489249

مُناجات

ڇڏي در اوھانجو، ڪاڏي وڃان مان،
منھنجا مٺڙا مولا، ڪنھن در پِنان مان.

محتاجي مالڪَ، ڪنھن جي نہ ڏي تون،
پنھنجي گنجَ مئون ڏي، مونکي سڏي تون،
ڀر جهولي خالي، ٿو عرض ڪيان مان.

ڪيو تنگ گهيرو آهي دنياداري،
پنھنجن پراون ڪئي آ بيزاري،
رحمت توهان جي ۾ توقع رکان مان.

تون ڪريم آھين، منھنجا مٺڙا مولا،
لاهي غم غُباره ڪيو ڪمڙا سولا،
سخي در اوهان جو ڇا لئہ ڇڏيان مان.

لڪيرون ڏکن جون ڊاهي سگهو ٿا،
تڪليفون پَل ۾ لاهي سگهو ٿا،
ربَ مشڪلاتون، ڪنھن کي ڏسيان مان.

نہ ڪئي سوچ ڪا مون ڪئي ٿم تباهي،
“سومرو گل حسن” آ ڏاڍو گناهي،
تون ئي آھين خالق ٿو توکي سڏيان مان

محمد شفيق ملڪ

تعارف
نالو: محمد شفيق
تخلص: دلبر علي
پيءِ جو نالو: صادق علي
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 01 اپريل 2000ع
تعليم: B. Sc
ادبي فن جي شروعات: 2020ع.
ادبي استاد: سندس والد.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: سنڌ ٽي وي. ڪي ٽي اين نيوز. مھراڻ، ڌرتي ٽي وي تي پروگرام رڪارڊ ٿيل.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: (01) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 13 فيبروري 2021 بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو، لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد (02) مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش 2021 هنڌ ڪرڪيٽ اسٽيڊم ڪنڌڪوٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور (03) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور.
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي پوسٽ آفيس ڪرمپور تعلقہ تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 03313483783 واٽس اپ نمبر: 03313483783
اي ميل: malikdilbarali123@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: Dilbar Ali Malik پيج: Dilbar Ali Qadriدلبر علي قادري

مُناجات

ڏيھہ سڄي جو تون، ڏاتـار مـنھنجا مولىٰ،
ڪائنات جو خالق ۽، خلقڻھار منھنجا مولىٰ،

تر مـون نہ گهـٽايـو آ، گناهـن جي چڙهي وئي گَر،
بخشش لئہ جهليم جهولي، تون بخشڻھار منھنجا مولىٰ،

مــــون تاڻ تڻـي تـــــاڏي، جاڏي جيءَ کــي جوکو هو،
عملن ۾ آهــيان مان صــــفا، بيڪـار منھنجا مولىٰ،

ڪھڙو ڳاٽ کڻي مان گهمان، جبـار تنھنجي جڳ ۾،
ڍڪ عيـــــب ڍلايـــون تـون، غفــار مـــنھنـجا مولىٰ،

“دلبر ملڪ” ٿو طلـبي، دان تـوکـــــان داتا،
ڏياڻـيءَ ۾ لاهـي ڏکــڙا، غم ٽار منھنجا مولىٰ.

مُناجات

تون ﷲ ﷲ ﷲ اڪبر
آءٌ بدڪار بدحال بيڪار بدتر
تون سميع بصير مالڪ منور
آءٌ عاجز عاصي ڪوجهو ڪمتر
تون خالق مالڪ ڏيھن جو ڏاتر
آءٌ منگتو گداگر پينو تو در
تون بخشڻھار باري تعالىٰ برابر
آءٌ معافي توکان گهران ٿو هرهر
تون ظاهر باطن حاضر ناظر
آءٌ لاچار بيوس گندڙو گداگر
تون هادي حليم نظر ڪرم ڪر
آءٌ طلبيان ٿو ﷲ آسان اڳوتر
تون مھربان مولىٰ پالڻھار پرور
آءٌ غافل گنھگار آهيان “دلبر”

صادق علي ملڪ

تعرف
نالو: صادق علي
پيءِ جو نالو: ﷲ ڏنو
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: پھرين جون 1973ع.
تعليم: B A
فن جي شروعات: 1989ع.
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ
ڇپيل ڪتاب: “سچا ٻول صادق جا”
شائع ٿيل شاعري: حافظ الملت سيريز 5، “سھڻل جا سينگار”، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري، “786 ڏات ڌڻين جي ڪلام ۽ احوال تي مشتمل سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف ڇپيل آهن.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي، آواز، مھراڻ، ڪي ٽي اين. سنڌ ٽي وي سميت مختلف ڇينلز تي پروگرام رڪارڊ ٿيل آهن.

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ:
(1) سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو 1995 جيڪب آباد پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد ڪل سنڌ سگهڙ ڪچھري جي موقعي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ هنڌ مھراڻ هال جيڪب آباد
(2) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ
(03) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز
(04)صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(05) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو.
(06) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
(07) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو
(08) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد
(09) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر
(10) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو
(11) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(12) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
(13) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سنڌ هنڌ ميان جو ڳوٺ

مليل ايوارڊ:
گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ان کان سواءِ ڪجهہ مڃتا ميڊل پڻ مليل آهن.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي، ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ، عبرت ميگزين حيدرآباد.

مختلف اخبارون: ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز، سوڀ وغيره.

سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جا نالا جن شاعري ڳائي آهي: حاجي عبدالحق طاهري ميھڙ، حاجي گل محمد مھرگهوٽڪي، حاجي خان محمد چاچڙ گهوٽڪي، عبدالرحيم عزمي شاعر و نعت خوان پنوعاقل، عاجز رحمت ﷲ لاشاري ڄامشورو، قربان ناريجو ۽ بدر الدين سومرو لاڙڪاڻو، بيدار بخشل چانڊيو ۽ علي شير حيدري لاڙڪاڻو، صداقت علي مھر ميرپور ماٿيلو، روشن علي مھر ميرپور ماٿيلو، عبد المجيد عباسي، نواب علي چاچڙ گهوٽڪي، صالح محمد سومرو ڏهرڪي، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، ڪريم بخش ملڪ ڪرمپور، اختر علي راڄپر ۽ حافظ ممتاز علي، محمد قاسم رضا قادري اوٻاوڙو. حافظ و قاري عبدالغني کوسو، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ، عامر منظور سولنگي بخشاپور، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، خان محمد ۽ فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، خالد حسين گلال ڳاڙهي موري، محمد اسلم مھر ٺل، برڪت علي نصيراڻي ٺل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، حافظ محمد علي کوسو باهو کوسو، عبدﷲ ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، صدرالدين نصيراڻي ڪرمپور، مرحوم موسن فقير نصيراڻي ڪرمپور، غلام عباس چولياڻي نواب شاھہ، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، ﷲ بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، فنڪار مريد علي ملڪ شڪارپور.
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي(ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور، تعلقو تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 0315-3502197
فيس بڪ آءِ ڊي: Sadique Ali Malik

مُناجات

مون مندو آهيان من ۾، تون رحمان رب رحيم،
ڍڪج عيب ڍٽيءَ جا، تون مُحابي ميم،
ڪُلئي ڪم ڪُڌا مون وٽ، ڪٺي ٿيا ڪريم،
“ عاجز ” چئي عليم، آهيان ٻڏڻ جھڙو ٻانھڙو.

مُناجات

پروردگار پارت ٿئي، مون ۾ عيبن ٺاهيو گهر،
پسي ڏوھ پنھنجا، گهمان ڪنڌ نہ کڻي ڪر،
نڪي نيڪي نالي آهي، ڪيم غفلت ساڻ گذر،
ڇرڪ اٿن ٿا ڇاتيءَ مان، ياد اچي محشر،
مون ۾ مندايون مولا، چڙهي گناهن جي آ گَرُ،
اڄ ورتو تنھنجو در، ڪر احسان مون “ عاجز ” تي.

مُناجات
پروردگار پارت ٿي، آءِ ڍولڻ ڍٽي آهيان،
چارئي پھر گلا ۾ گذرن، کئين نيڪي ڪائي ناهيان،
پوءِ بہ رکجانءِ لڄ لالڻ تون، آئون معافي توکان چاهيان
تنھنجا ڀال ڀلايون ڀائيان، ڪر احسان مون “عاجز” تي.

مُناجات

پروردگار پارت ٿي، مون نيڪي ڪئي آ ڪانه،
افسوس هاڻي هٿ هڻندي، مون الاهي ڪيو ارمان،
وقت جو قدر ڪين ڪيو، مون غلط ڪيو غلطان،
مڙيئي مندايون معاف ڪجانءِ، “ صادقُ ” چئي سبحان،
ڪري رحم مون تي رحمانَ، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.

مُناجات

پروردگار پارت ٿي، ڪجانءِ سَوَلي سائين سڪرات،
مرڻ ويل “مَلِڪ” چئي ڪراءِ مدنيءَ سان ملاقات،
قبر ۾ سختي ڪانہ ٿئي، صدقي معراج واري رات،
مولا محشر آسان ڪجانءِ، ٻيو پرور پُل صرات،
آهي زبري تنھنجي ذات، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.

پروردگار پارت ٿئي، تون غفور رب رحيم،
مون آهيان گار گناهن ۾، تون اعلىٰ افضل عظيم،
اڄ فائق پنھنجي فضل سان، تون لاهي ڏوھہ ڇڏيم،
بس ڪري ڪرم ڪريم، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.

يا خدا ڪر ڪرم، مون گنھگار تي،
فضل پنھنجو ڪجانءِ، بندي بيڪار تي.

يا الاهي اٿم ضايع ڪئي زندگي،
عمل صالح نہ ٿم، ٿئي ٿي شرمندگي،
صدقي مدني مِھر ڪر ٻانھيءَ ٻار تي.

پنھنجا ڏوھہ ڏنگائون، ڏِســــي ٿو ڏڪان،
پُر پاپن ۾ آهيان، ڪِٿ وڃي مان لڪان،
ستر پنھنجو ستار، ڪيو بدڪار تي.

ميرو مندو آهيان، صدقي محبوب جي،
بخش باري چاهيان، صدقي محبوب جي،
کوڙ کلندا وتن ٿا خطادار تي.

معافي محتاجُ تو در خدا ٿو گهري،
“ملڪ صادق” مداحي ڳارو ڳل ڪري،
رحم رازق ڪيو، هن عرضدار تي.

مناجات

تنھنجي کوٽ خزاني ۾ ناهي خدا، خوشحال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،
مون جھڙي مفلس لئي مولا، مالا مال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،

ڪنھن کي تر ۾ تونگر تون ٿو ڪرين، ڪنھن کي پينو در در تون ٿو ڪرين،
ڪنھن ڪروڙ پتي بادشاه کي تون، ڪنگال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،

ڪنھن کي مالڪ ٻاجهہ سان ٻنيون ڏنئي، ڪنھن لئہ محل ماڙيون ڪنھن کي منھيون ڏنئي،
ڪنھن تي راضي ٿي تون راڄ ڌڻي، رکوال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

تنھنجي در تي توبہ زاري آ، ڪڌا آهيون ڪرين تہ بہ رزق عطا،
ڪنھن ڄاڻو کي اڻڄاڻ ڪري، بدحال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

نبي پاڪ جي صدقي فضل ڪجانءِ، مون جھڙي ڪني سان نہ عدل ڪجانءَ،
هن “صادق ملڪ ” مداحيءَ جو، سٺو حال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين

مُناجات

مونکان ٿي وئي غلطي، خدا معاف ڪر تون،
محمدﷺ جي صدقي، خطا معاف ڪر تون.

تون رحمان آهين، تون رازق رحيم آن،
ستار العيوب تون قادر ڪريم آن،
ڪلئي ڪم منھنجا، ڪسا معاف ڪر تون.

ناهي وار واندو، ڏسي ڏوھہ ڏڪان مان،
آهيان پُر پاپن ۾، وڃي ڪٿ لڪان مان،
مَدايون مڙيوئي، مولا معاف ڪر تون.

موليٰ ميڙ ٿي پاڪ پنجتن گھراڻو،
امان فاطمہ ۽ نبيءَ جو نياڻو،
گناھ ننڍا ۽ وڏا معاف ڪر تون.

موليٰ ٻاجهہ ڪر تون، مان “صادق” گندو ھان
مداحي محمدﷺ جو، ميرو مندو ھان،
ڪٺي ڏوھہ ٿي ويا، جهجها معاف ڪر تون.

مناجات

تون ڍڪڻ آءُ ڍٽي، تون سائين آئون سگ،
مڻين مندايون مون ۾، نڪو عيبن مون کان اڳ،
آئون ڪميڻي ڪُوڙي، جيئن گهڙو ڀيلو ڀڳ،
ڪھڙو ڳاٽ کڻي آئون گھمان، جانب تنھنجو جڳ،
ستي وسريو “صادق” کان، دلبر تنھنجو دڳ
تون ڪريم آمون ٺڳ، ڍڪج عيب “عاجز” جا

تون ڍڪڻ آئون ڍٽي، تون پرور مون پينار،
تون اِنَّ ﷲ عَلىٰ ڪُلِ شَيءِِ قَدِيْرُ، مون غافل گنھگار،
ڪوڙين ڪُوڙَ ڪمايم، ناهي واندو ڪوئي وار،
هي ڀريل پيٽ براين سان، آهيان عيبن ۾ ٽمٽار،
هينئون ڪارو هوت ٿيو، نہ اچي قلب قرار،
سَتَّارُ الْعُيُوْبِ تون، ڍلايون ڍڪڻھار،

تون رحيم تون رحمان، مون بڇڙو بلڪل بيڪار،
معاف مندايون مالڪ ڪر تون، ڏي نہ براين بار،
آهيان عجيب عرضدار، ڍڪج عيب “عاجز” جا

مناجات

اي منھنجا خـــــــدا، اي مــنھنجا خدا،
توکان نہ گهُرون، تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون،
تــــــون رازق رزق ڪــــــــرين پيــــو عطا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون.

اي مالــــــــڪ هر دوجـــــهانن جا،
سڏڙا ٿو سُڻين پنھنجي ٻانھن جا،
مشــــڪل تون ٽاري ڏين ٿو شفا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهُرون.

اسين ڪـــــــمتر بــــــدتر آھيون بُرا،
محبوب جي صدقي ڏيـــــــن نہ ٻَرا،
رب رحمت جي گهُرون تنھنجي رضا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون.

پکي پرندن کي بہ تون پالين ٿو،
جيت جانـــورن کي سنڀالين ٿو،
سڀ کي تون مالڪ ڏين بي بھا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهُرون.

هن “صادق مَلِڪ” تي رحم ڪريو،
مدنيء جي محابي ڪـرم ڪريو،
جڏڙن کان بہ جـڏڙا آھيون صفا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون


ڪورونا جي وائرس تي لکيل مناجات

خدا يا ڪورونا کان، شفاعت عطا ڪر
ختم هيءَ وبا ٿئي، عنايت عطا ڪر

محمدﷺ جي صدقي، وبا ٽار مولا
رحمت رباني، سا راحت عطا ڪر

ٻڍن ٻارڙن ۾، آھي روڄ راڙو
دهلجي دليون ويون، طراوت عطا ڪر

اسين تنھنجا ٻانھا، تون قادر ڪريم آن
رحم ڪر تون رحمان، رحمت عطا ڪر

دوا ڪونہ دارون، نہ هيلو هلي ٿو
تون حاڪم حڪيم آن، حڪمت عطا ڪر

“صادق ملڪ” چئي، ڳل پاند پائي
پڪاريون ٿا هرهر، هدايت عطا ڪر

امجد علي چنجڻي

تعارف
نالو: امجد علي چنجڻي
پيءُ جو نالو: محمد صادق ولد محمد صالح ولد محمد عالم چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق 14/5/2001
اسڪولي تعليم: انٽر اسلامي تعليم: حافظ القرآن
ادبي فن جي شروعات: 2015ع
ادبي استاد: استاد سگھڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سگھڙ حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13/3/2021ع سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 7/10/2018
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03453437537 واٽس اپ نمبر: 03003437537
اي ميل: hamjadalichinjni@gamil.com فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: H Amjad Ali Chinjni
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري

محمد صفر چنجڻي

نالو: محمد صفر
پيءُ جو نالو: ﷲ ڏتو
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: 1 جنوري 1981ع
تعليم: ميٽرڪ
ادبي فن جي شروعات: 1996ع
ادبي استاد: سگھڙ استاد محمد لقمان کوکر صاحب
ريڊيو ٽي وي پروگرام: ٽيليويزن پروگرام 29 جنوري 2004 ڪراچي
ريڊيو پروگرام 2005 ڳوٺ ميانداد چنجڻي

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ:
1 سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 22 ڊسمبر 2012
2 سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 28 آڪٽوبر 2017
3 سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 17 آڪٽوبر 2018
4 سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 12 نومبر 2022
5 حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13 مارچ 2021
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ڪتاب رھبر ۾ 2004
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03447181831

مُناجات

ڏاڍو آھيان ڏوھـاري بـاري جنھن جي نہ بـات آھي
ووڙيان پنھنجي وجود ۾ تہ ڪنڌ مٿان ڪات آھي
نـنـڊ وئـي نيڻن جـي ھـي فـڪر ڏينـھان رات آھي
ڇـا ٿيندو منھنجو سائين سـاھہ کي سڪرات آھي
ڪـر ڪـرم قـادر پنھنجا ڪريم تنھنجي ذات آھي
ﷲ ھُو ﷲ ھُو جي مونـکي تـن انـدر ۾ تـات آھي
وائـي اھـا وات آھي تہ سڻائي ڪندي “صـفـر” چئي

گل حسن چنجڻي

نالو: گل حسن چنجڻي
پيءُ جو نالو: محمد عيسيٰ چنجڻي
پيدائش جي تاريخ: اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق 1978
تعليم: پرائمري. ادبي فن جي شروعات: 1994ع
ادبي استاد: سگھڙ استاد محمد لقمان کوکر صاحب

پروگرامن ۾ شرڪت:
1 حضرت لعل شھباز قلندر رحمت ﷲ عليه جو 764 عرس مبارڪ، 770هون عرس مبارڪ، حضرت 771 هون عرس مبارڪ، 772 هون عرس مبارڪ ۽ 273 هون عرس مبارڪ جو پروگرام.
ريڊيو پروگرام 2005 ڳوٺ ميانداد چنجڻي:
سگھڙ استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفيڪيٽ 12 نومبر 2022
حاجي خانڻ چنجڻي لائيبريري مڃتا سرٽيفيڪيٽ 13 مارچ 2021
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: رسالو سالار ۾ 2002 اپريل، ڪتاب رھبر ۾ 2004 جنوري
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
موبائل رابطہ نمبر: 03482553568

مُناجات

سولي ڪر سـچا ڌڻـي منھنجا صاحب رب سـتار
مـخلوق سـڄي جـو مـالـڪ تـون ڏيھہ ڌڻي ڏاتـار
رسائين سب کي رزق روزي منھنجا پرور پالڻھار
جيت جانور جن ملائڪ ماڻھو تو خلقيا خلقڻھار
بخش خـطائون بـاري تعاليٰ آھـيون گـندا گنھگار
چـارئـي پـلانـد چڪن ڀـريـا آھـن عـيبن جـا انبار
گـم آھـيـان گـنـاھـن م ڪـوئـي وانـدو نـاھـي وار
مـعـافـي ڏي تـون مـالـڪ مـٺـڙا آھـيـون تــو آڌار
پنھنجا گناھ ڏسي “گـل حسن” پيو روئي زارو زار
ھاڻي بخش بخشڻھار چئن صدقي “چنجڻي” چئي

سجاد حسين چنجڻي

نالو: سجاد حسين
تخلص: ساگر
ولد: عطاءِ ﷲ
ذات: چنجڻي
پيدائش جي تاريخ 14، 11، 1990،
تعليم MA(sindhi)(political science)BED MED
ادبي فن جي شروعات 2008ع
ادبي استاد سگهڙ گل حسن گل چنجڻي
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: محمد ملوڪ عباسي مڃتا سرٽيفڪيٽ، حاجي خانڻ لائبريري سرٽيفڪيٽ
پورو پتو ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقو نصيرآباد، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
فون نمبر 03003478027 واٽس اپ نمبر 03162442990
فيس بڪ آ ڊي Sajjad Hussain Chinjni

مناجات

واسطي محمد مصطفيٰﷺ جي بخش بخشڻھار،
گناھہ اسان ۾ گهڻا آهن، تون ستر ڪر ستار،
غمن ۾ اسان گم آهيون، غم لاھ غفار،
جڏي هن جندڙيءَ کي تون جوت ڏي جبار،
عربي جي آمد ڪري تو جوڙيو هي جنسار،
تون ئي ظاهر تون ئي باطن، ڍڪج ڍڪڻھار،
روح کي تون راحت ڏي، تون ڪريم آن ڪلتار،
لاَ تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ ﷲ، تو ۾ اميدون هن انبار،
“ساگر” کي سرڪار، پناھہ ڏي تون پاڪ ڌڻي.

ظھور احمد کوسو

نالو: ظھور احمد.
ولد: حاجي محمد رمضان.
ذات: کوسو.
جنم: 01 جنوري 1980ع.
تعليم: مئٽرڪ.
ادبي فن جي شُروعات: 2019ع
ادبي استاد: اردو ۾ استاد محترم عنايت علي فيصل آباد استاد محمد وسيم سدوي لاهور
پتو: مستقل پتو شھر ڳوٺ جهنڊا تالا، هن وقت ڊيره مراد جمالي، بلوچستان.
پيشو: مزدوري.
واٽس اپ نمبر: 03482137472 فيس بڪ آءِ ڊي: (ڪھڙي نالي سان) Zahoor Ahmed

مناجات (بيت)

يا الاهي محشر ۾، جڏھن ڏوھہ کُلن،
مصطفيٰﷺ جي مُحابي ۾، معافيون شالَ ملن،
تِهان پوء ميزانَ تي، وري جڏ اعمال تُرن،
خير الوريٰﷺ نورُالھدىٰ ﷺ جا ڪرمَ خاص ھجن،
هوندو سج سوا نيزي تي، ڪُل نفسي نفسي ڪَن،
مجتبيٰ ﷺ جي زلفن جا شَل سڀَ تي سايا ٿين،
حشر ويل حسابَ جي، جڏ ماڻھُو پيا تڙپن،
حضورﷺ شال هٿن سان، اُت حوضِ ڪوثر ڏين،
“ظھورَ” جا ان ذات جي صدقي ٻيڙا پار پُڄن،
صدقي پاڪ پنجن، خاص ڪرم ٿئي “کوسي” تي.

محمد صديق لنڊ بلوچ

نالو: محمد صديق
پيءِ جو نالو: نجم الدين
ذات: لنڊ بلوچ
پيدائش جي تاريخ: پھرين جنوري 1993ع
تعليم: ايم اي اسلاميات 2017 شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس
ادبي فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
ادبي استاد: ريڊيو کان متاثر ٿي لوڪ ادب جي ميدانَ ۾ رحمت ﷲ “عاجز” لاشاري جي صحبت بعد قدم رکيو.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: گلن جھڙا ٻارڙا ۾ سال 2007 ريڊيو پاڪستان خيرپور.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ: سلات طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ.
پورو پتو: ڳوٺ وليداد خان لنڊ پوسٽ آفيس سيٺارجا تعلقا ٺري ميرواھہ ضلع خيرپور ميرس
موبائل رابطہ نمبر: 03022734116 واٽس اپ نمبر: 03022734116
اي ميل: siddiqlund@gmail.com فيس بڪ آءِ ڊي: محمد صديق لنڊ

مُناجات

باري بيپرواه تون، اسين خاطي ڪريون خطا،
گنھگارَ گناهن ۾، صفا پيا هون گتا،
هرشئي کي هڙپ ڪيون، اسان پيا هون مَتا،
ھرويلي حرامَ جا، وٺون ڀائرن کان بہ ڀَتا،
تڏھن بہ صدقي عربي جي، پئي اوهانجي ٿئي عطا،
اسان غلط رستا ورتا، تون سنئون هلاءِ “صديق” چئي.

خان محمد خانڻ

نالو: خان محمد
تخلص: خانڻ
پيءُ جو نالو: محمد عمر
ذات: چاچڙ
پيدائش جي تاريخ: 02/09/1975
تعليم: MA Sindhi
ادبي فن جي شروعات: 1992
ادبي استاد: حاجي غلام النبي مھيسر رح
نعت خواني جو استاد: حاجي ليمون فقير رح
ريڊيو ٽي وي پروگرام: PTV/SindhTV/KTN/Awaz TV/Darti TV/ ريڊيو خيرپور | ريڊيو حيدرآباد | ريڊيو ملتان | ريڊيو ڪراچي |QT TV
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ: (1) ڪل پاڪستان نعت ڪانفرنس 1996 سکر ۾ لڪس پارڪ ۾ مليل روڪ رقم 2000 ھزار ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ميزبان | سيد اقبال حسين شاھ فيضي صاحب (2)لوڪ ادب ايوارڊ سرٽيفيڪٽ ھنڌ: پنجين ڪل سنڌ سگھڙ ڪانفرنس19 ڊسمبر 2024 اڏيرو لعل اسٽيشن تعلقو مٽياري ضلعو حيدر آباد سنڌ (3) سگھڙ استاد عزت فقير لاکو يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ستين سنڌ سگھڙ ڪانفرنس 29 جنوري 2005 ھنڌ: ڳوٺ بٺو سولنگي ڄامشورو (4) عشق رسول ايوارڊ سرٽيفڪيٽ باني چيئرمين بزم ثناخوان رسول سنڌ | عاجز رحمت ﷲ لاشاري صاحب پاران | مرڪزي جماعت اھلسنت ڄامشورو(5)شھيد عبدالرحمن ھاشمي رح يادگار ايوارڊ پاران | 04 آگسٽ 2023 مخدوم عبدالرحمن شھيد ڪلچرل ايجوڪيشنل اينڊ ڊولپينٽ ٽرسٽ کھڙا شريف(6) سيد خورشيد شاھ مڃتا سرٽيفڪيٽ وفاقي وزير آبي وسايل حڪومت پاڪستان MNA سائين سيد خورشيد احمد شاھ صاحب طرفان ڪراچي ۾ 22/05/2022 تي مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ (7) جشن بيدل ايوارڊ 2024سنڌ جي عظيم صوفي روحاني بزرگ حضرت فقير قادر بخش بيدل رح جي 156 عرس مبارڪ جي موقعي تي بيدل ايوارڊ سان نوازيو ويو. پاران | بيدل يادگار ڪاميٽي +ميونسپل ڪاميٽي روھڙي ۽ ٻين کوڙ سارن ايوارڊن سان نوازيو ويو....
پورو پتو: ڳوٺ عمر چاچڙ، تعلقو پنوعاقل، ضلعو سکر سنڌ.
موبائل رابطہ نمبر: 03003112569 واٽس اپ نمبر: 03043753181
اي ميل: productionfs03gmail.com فيس بڪ آءِ ڊي: Khan Muhammad Chachar

مناجات

بخشش گھُران ٿو مالڪ، صدقي شجاعت حُسين جي،
ڏجان غم نہ ڪوئي خالق، صدقي سخاوت حُسين جي.

صدقي رسول ﷲﷺ جي گھران ٿو دعائون،
پائي پاند مالـڪ تو در، ڪريان پيو الاھون،
قبوليندين بيشڪ برحق، صدقي امامت حُسين جي.

پنجتـن پـاڪ پيارا، اٿئـــي ميڙ مولا،
دنيا قبـر حشر ۾ ڪجان ڪمڙا سئولا،
ڪجان معاف مشڪلاتون، صدقي جماعت حُسين جي.

ڀرم رکج موليٰ پيارن ڀلارن ڪري ئي،
غوث العالمين، قلندر، ڀٽائي سڀيئي،
صدرالدين، عارف باﷲ، صدقي عدالت حُسين جي

بيٺو “خـان محمـد” آهي، ڳچيءَ پاند پائي،
خزاني تنھنجي ۾ خالـق ڪمي ڪائي ناھـي،
اصغر، عباس، عابد، صدقي شھادت حُسين جي

ريـــاض خــلــيـل چـنـجـڻـــي

نـــالـــو: ريـــاض خــلــيـل چـنـجـڻـــي
ولــــد: خــلــيـــل احــمـــد چـــنـجـڻــي
ذات: چـــنــجــڻـي
تــخــلــص: “راز”
جــنـــم: 12 مــئــي1966 ع.
تـعـلـيـم: Bsc Hons & M.sc physics سـنــڌ يـونــيـورســٽــي ڄــامـشــــورو
عھدو: پـرنـسـپـال - گ - ب _ ھہ _س اسـڪـول
ٻــيـر شـريــف تعلقہ قـمــــبـر
گــريــڊ: 19 گــزيـٽــيـڊ آفــيـسر ايـسـوسـيـيئــٽ پـروفـيـســر
نــثــر جـي شـروعـات: 1978 کان
شــاعـري جـي شـروعـات: 1986 کان اڄ تـائـيـن
شـاعـري جـا اسـتـاد:
ڊاڪـٽـر اڪـبـر اسيـر قـريـشـي صاحب ۽ مـحـمـد ايـوب عـارض واهوچـــو صـاحب.
ڇـپـيـل مــواد (مضمون، 300 کــن ) اڻ ڇپيل 500 کـن ڊائري جــا ورق، تـعـلـيـمــي، سـيـاسـي، غـيــر سـيـاسـي، سـائـنـسـي مـضـمـون، تــقـــريـــرون 270 انگـريـزي سـنـڌي ۽ اردو ۾ ) شـخـصـيـتـيـون نـــثـر، نـظـم، غــزل، آزاد نــظـم، دوهـا، وائــي، بـــيـت، نـعــتـون ۽ حـمـد (ڇپيل تعداد 550 کـن ) ۽ اڻ ڇـپـل 2000 کان مـٿـي.
ايوارڊ: بـيـسـٽ ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسـٽ سـائـنس ٽـيـچـر ايـوارڊ، بـيـسٽ ايـڊ منـسٽـريـٽـر ايــوارڊ ۽ بـسـٽ مـضـمـون ايوارڊ:
پَـتـو: ڳـوٺ مـيـانـداد چـنـجـڻـي تعلقہ نـصـيـرآبــاد، ضلعو قـمـبـر شھداد ڪـوٽ سـنـــڌ
نـوٽ: سـنـڌ جـي تـمـام اخـبـارن رسـالـن ۾ نـثـر تـوڙي نـظـم تـي طـبـع آزمـائـــي ٿـيـل.

مــنــاجــات

تــــــون مَـــالِــــڪ مِـــــٺـــا مَــنـــٺـــارُ ســائــيــــن،
اســــان ۾ کَــــــوڙ عَـــــيـــــب اَپـــــارُ ســـائــيــــن،
گـَــــنـــدا گـَچـيـــلُ گـُـنــاهــن ۾ گُــنـھـــگـارُ سـائـيــن،
ڪَـيـون نہ ڪَـــو ڪــمُ، تــون ســرڪــارُ ســائـيـــن،
فــرض سُـنــتـــون نــــفـــلُ رَهـــيــــلُ انـبــارُ سـائـيـن،
وَيــئــي وَهَـــي گـُــــذري ائــيــن سَــــردارُ ســائــيـــن،
کَــوڙ بـَخشيـون تو نـعـمتوُن بـَخـشـڻھارُ سـائـيـن،
شڪرُ ڪَو نہ ڪَيوسـين رهون اسان بـَيـقـرارُ سـائـيـن،
ڏِينھان راتـيـان گُـمَ گُـفـتـن ۾ اسـان بـَيـڪارُ سـائـيـن،
وَيھي وِڃـايـو وَقـت سَـڄـو اسـان بــَدڪــارُ سـائـيـن،
ڪَــچھريـن ۾ گــمُ سَڄـو ڏيـنـھُـن گِـرفـتـارُ سائـيـن،
اوطاقـن جـي اَوٽ گـُذريو وَقـت بـنـا اَذڪارُ سـائـيـن،

مــنــاجــات

تـون صاحب، تون سخي، تـون غـنـي تون غـفـار،
گـنـدو ھـان گـنـاھــن ۾، ڏي مـعـافي اي مـھـنـدار،
ڏي پنـھنجي گنج مان، بخشش بخـشـڻـھـار،
جهـڙا تـھـڙا تنـھـنجا، تون ڍڪج عـيب اَپـار،
رکجٌ سـتـر سـتـار اسين خـاطي خـطـاڪـار،
دَرٌ تنھنجي جهڪون ٿا اسين گـنـھـگار،
آزيـون نـيازيـون ھِـن تـون جانـب آن جـبـار،
جهوليون خالي تو اڳـيان پٌـر ڪر پـروردگار،
“راز” بہ آ اُمـيدوار، لاتـقـنـطو مـن رحـمـت ﷲ.

مــنــاجــات

تنھنجي ئي آڌار ھـــان مَــدد ڪــرُ،
آھہ صَـدا لاچــــارُ ھــــان، مَــدد ڪـــرُ.

گَـھــڙي ڏکــي ۾ ڇَـــڏي وَيـــا ســـڀُ،
رِشــتــا نــاتــا ڇَــــڏي وَيــــا ســـڀُ،
بيحد بندو بـَيـقـرار ھــان مَــدد ڪــرُ.

بــيــٺــي جَــو ســڀُ ڪــو آھِي،
پر ڪِــرئي جــو ڪــوئي ناهي،
غمن ۾ پُرتار ھــان مَــــدد ڪـــرُ.

قــرض جــي ڀَــنــورِ ۾ غـــرَقِ ھــــان،
پـَــريـشـان ھــــان پـَـــشـــيــمــان ھـــان،
نماڻو ننڌر ناڪار هان مَــدد ڪــرُ

تــارَ ھــان مَـولا تــارُ کـي اڄُ تــارَ تـون،
وارَ آ وارُ کــي مَــولا اڄُ ســارُ تــون،
قـدرتـ وارا ! بـَـيــڪـارُ ھــان مَــدد ڪـــرُ

مَــرضِ وارو قــرضُ پـيــڇـَـو نــٿــو ڇَـڏي،
قــرَض وارو مَـرضِ پــيــڇــو نـٿـو ڇَــڏي،
طـاقــتـوارا! بـَـيـڪـــنــارُ ھــان مَـدد ڪـرُ

“راز” پـنـھــــنـجــي ســــان راز تـي راز ڪــرُ
راضِـي ٿــــِـي “ريـــاض” تـــي راز ڪــرُ
دلــدارا! بـَـيــــمــارُ ھــان مَــدد ڪـــرُ

مــنــاجــات

ڇَـــڏي ٻـــيـــــا ســــڀُ گــــھــــرَ،
پـُـھــتـو ھَـــــان تــنــھــنـجـي درُ،

تـــڪــيـــا تـــوڙ ڪَـــيــمُ ســـڀُ،
جهـڪـيـو ھَـــان ڪَــــنـــڌ ڀـــرُ.

وَيــا ھَـلـيـا ذاتـِـي مَـــفــادن وارا،
نـاھَي ڪـو سِـوا تـو سخي سَرورُ.

تـون سَـخي سَـخـادار اي مـالـڪ،
ڏئـي سَـڀـن کـي ڪـريـن نہ پَـچـرُ.

لَـھـين ٿـو سارُ پَکي جيت جي به،
مـاڻـھـو توڙي مِرون جهنگ جهـرُ.

رَحـمـت جـــو نـاھـي ڪـو اَنــت،
ھُجن ڍنـڍون دريـاءَ تـوڙي بـَحـرُ.

جهـانن ۾ آن تـون جهـانـن ۾ ڇاهي،
سڀ تـوکـي ڄــاڻِ سَـربـسـرُ.

“راز” جي راز کان تـون واقـف ڌڻـي،
راضي ٿِي اگھاءِ عرض ھَان دَرپدرُ

مُـصـيـبـتـون آفـتـون سڀ ٽـارَ خـدا،
مَـنـديــون مَـيـٽي مِـٺـڙا اڳـڀـرَ ڪـرُ،

اَڪـيـلـو ھَـان تـون مُنھنجو يَـڪـتـا،
رب انــــي مــغــلـوبــــــن فـنـتـصـر.

ديدار علي “شاد” گوپانگ

نالو: ديدار علي “شاد” گوپانگ
پيءُ جو نالو: گل حسن گوپانگ
پيدائش جي تاريخ: 04 مارچ 1984ع
تعليم: سنڌي فائينل
ادبي فن جي شروعات: 2000ع
ادبي استاد: سعيد سنڌي
ڪو ڇپيل ڪتاب: گڏيل شاعري، ڏيئا جرڪيا ڏيھہ ۾، سنڌڙي تي سِر ڪير نہ ڏيندو، غزل رنگ.
مرتب ڪتاب: حضرت محمد ﷺ جا فيصلا، حضرت علي جا قول، حضرت علي جا فيصلا
ريڊيو ٽي وي پروگرام: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، پي ٽي وي، مھراڻ ٽي وي، سنڌي ٽي وي، آواز ٽي وي، ڪي ٽي اين، ڪشش ۽ ڌرتي ٽي وي سميت مختلف چئنلز تي پروگرام.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: هڪ سؤ کان وڌيڪ مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ٽي قومي ادبي ايوارڊ مليل
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: آوازِ سنڌ، ڌرتي دوست، سنڌ رائيٽر، پيغامِ لطيف، فڪرِ لطيف، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڀليڪار مئگزين، مختلف رسالن ۾ شاعري ڇپيل آهي.
پورو پتو: سيد عبدالغفور شاھہ ڪالوني، ديدار شاد گوپانگ محلو، لائين چينل ميرپور ناڪو حيدرآباد.
موبائل رابطہ نمبر: 0333-7211286 واٽس اپ نمبر: 0304-3018400
اي ميل: deedarshad786@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي ڪھڙي نالي سان آھي: Deedar shad
سوشل ميڊيا تي ڪو ٻيو اڪائونٽ يا پيج: Shad Production

مُناجات

اي مالڪ مون مسڪين مٿان، جي مھر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،
هن منھنجي غريبي حال مٿان، جي نظر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

بد عمل بُرو بيڪار ڏسي، پنھنجي ساٿ ۾ ڪو بہ کڻي ئي نٿو،
دنيا جي نظر ۾ زير آھيان، جي زَبر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

ويا منھنجو وڪوڙي وجود آھن، ڪر آجي تن کان جان منھنجي،
هي ختم سورن جو اي مولا، جي سفر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

وساءِ ڪڪر پنھنجي تون رحمت جا، محبوبَ جي صدقي بخش خطا،
ناچيز کي جڏھين چاهين خدا، جي اَمر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

گنھگار آھيان عيبدار آھيان، توکان معافيءَ جو طلبگار آھيان،
هي ڏوھہ سمورا اي مالڪ، درگذر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

دربار تنھنجيءَ ۾ ٿو دعائون گهُري، روئي توکي پيو “ديدار” سڏي،
جيئن “شاد” جون دعائون قبول ٿين، اهڙو اثر ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.

ڪوڙو عرف ڪوڙل بمبل

نالو: ڪوڙو عرف ڪوڙل بمبل.
پيءُ جو نالو: مولا بخش بمبل.
پيدائش جي تاريخ: پھرين جنوري 1968ع
تعليم: بي. اي.
ادبي فن جي شروعات: 2000ع.
ادبي استاد: گل حسن گل ملڪ.
ڪو ڇپيل ڪتاب: ڪوڙل جو قربائتو ڪلام، ڇپائي هيٺ
ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي ۽ ريڊيو سميت سمورن سنڌي چينلز تي پروگرام.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: هڪ سئو کان وڌيڪ مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ مختلف ايوارڊ.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: پورب، وينجهار، السنڌ، ساٿي، خبرون، سگهڙ سماچار، عوامي آواز، جيجل، ڪاوش، ڪوشش سميت مختلف ميگزين ۽ رسالا.
پورو پتو: ڳوٺ ڀورو بمبل، پوسٽ مبارڪپور، تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد.
موبائل رابطہ نمبر: 03023176225 واٽس اپ نمبر: 03262757276

مُناجات

سارھ سبحانَ ساري تنھنجي، تون سائين آن ستار،
رب تون، رحيم تون، پاڪ پالڻ ھار،
ڪائنات جو قادرَ آھين، ڪليم تون ڪلتار،
سگھ ڏي تہ سڏيان توکي، آھين مڙني مددگار،
ٻاجهہ تنھنجي ٻانھن تي آ، نرالي نروار،
بلڪل تنھنجي بخشڻ واري، صاحب آ سرڪار،
راتيان ڏينھان ريجهايان ٿو، روئي زارو زار،
در تنھنجي دعائون گهران ٿو، هٿ کڻي هروار،
پرچ پرور، پرچايان توکي، آھن عيب اپار،
عمر گذري اجائي منھنجي، گذريا ڪوجها هن ڪردار،
راضي ٿيءُ تون سيد صدقي، آھيان عرضدار،
شھادت وارو ڏي تون ڏاتر، موت مزيدار،
آس اندر جي آھي اها، طلب تارئون تار،
اڃا بيحد بيت اهڙا چوان چونڊي چار،
بس باري بخشڻھار، تون ڪريم آھين ڪوڙل چئي