سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار طارق عالم جي ٽيلي ناٽڪن جو مجموعو ”چنڊ رھين ٿو دور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
طارق عالم ابڙو ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. ھن ڪتاب ۾ سندس پندرھن عاليشان ڊراما شامل آھن، جن کي پڙھي ماڻھو طارق عالم جي فن کي پرکي ۽ پروڙي سگهي ٿو. ھن مجموعي ۾ سوا سئو کان مٿي ڪردار پنھنجي پنھنجي رنگن سان اوھان آڏو ايندا ۽ پنھنجا حال احوال ۽ ڏُک سُور اوريندا. ھي ڊراما حقيقتن تي مبني آھن، جن ۾ زندگيءَ جا حَسين ۽ لطيف احساسَ سمايل آھن، جيڪي خوبصورت ڊائلاگ ۽ منظرنگاريءَ سان سينگاريل آھن.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي