سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار محمد انور بلوچ جي ڪھاڻي ڪتابن ”سنگسار“ ۽ ڪپيل ھٿ“ جو گڏيل ڇاپو ”ڪھاڻيون ئي ڪھاڻيون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪھاڻي کيتر ۾ محمد انور بلوچ منفرد سڃاڻ رکي ٿو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ مڪمل طرح سان ھڪ آدرشي ۽ حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آھي. سندس لکيل ڪھاڻيءَ جي وارتا پڙھندڙ کي پنھنجي ڪھاڻي لڳندي آھي. ھي مجموعو محمد انور بلوچ جي ڪھاڻي ڪتابن ”سنگسار“ ۽ ڪپيل ھٿ“ جو گڏيل ڇاپو آھي، جنھن ۾ 43 ڪھاڻيون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي