سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سومري شبير احمد جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ سڄي آھي سرھاڻ (گدائيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس)“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
عبدالڪريم گدائي ھن ظالم سماج جي ڏتڙيل طبقي جو ھڪ حساس انسان ھو. سومري شبير، گدائيءَ جي لکڻين تي گھرائيءَ سان ڪم ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ گدائي صاحب جو تعارف، گدائي صاحب انسانيت جو شاعر، ھاريءَ جو شاعر، گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ ادبي صنعتون، گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي، تشبيھن ۽ اصطلاحن جو استعمال، گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامتون، عڪسي شاعري، سندس شاعريءَ ۾ وڻن ۽ پکين جو ذڪر، گدائيءَ جي نصيحت ڀري شاعري، ڀٽائيءَ لاءِ ڀيٽا، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري، سندس شاعريءَ ۾ سماج جي عڪاسي سميت ٻين موضوعن تي مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب گدائي اڪيڊمي، جيڪب آباد پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي