سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار. محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل تحقيقي مقالو ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب بمبئي يونيورسٽيءَ جي ماسٽر آف فلاسافيءَ لاءِ 1985ع ۾ منظور ڪيل مقالي تي ٻڌل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي ”شاد“ آھي. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ ھن مقالي ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي ماضي، حال ۽ ڪنھن قدر ان جي مستقبل ۽ ڪھاڻيءَ جي ھر پھلوءَ تي تفصيلي روشني وڌي آھي. ڪھاڻي ڇا آھي؟ ڪھاڻيءَ جي اھميت ڪھڙي آھي؟ ھڪ سٺي ڪھاڻي ڪھڙي آھي؟ انھن سوالن جا جواب بيان ڪيا ويا آھن. سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختلف دورن تي پڻ تفصيلي طور لکيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1991ع ۾ ويڻا پبليڪيشنس، الھاسنگر پاران ڇپايو ويو، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 1996ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي