سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل تحقيقي مقالن تي مشتمل انگريزي ڪتاب “Sindh Studies: Historical” جو سنڌي ترجمو ”سنڌ جي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر ۽ نثرنگار عنايت بلوچ آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي انگريزيءَ ۾ لکيل اھم تاريخي مقالن کي ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. مقالن ۾ سنڌي سنہ Calender، ”ھندستان خلاف عربن جي پھرين مھم جوئي“، ”فتحنامہ سنڌ“، ”محمد بن قاسم“، ”ديبل جو امڪاني مقام“، ”سنڌ جي مختلف حڪمران خاندانن تي مقالا“، ”ٺٽي جو بنياد“ ”تاريخ جي مختلف ڪتابن تي مقالا“، ”ڪراچي، رني ڪوٽ، بيگلار قبرستان تي لکيل مقالا“ ۽ ٻيا تاريخي ۽ تحقيقي مقالا شامل آھن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي