سج جيئن ئي پنھنجا چپ ڌرتيءَ جي نرڙ تي رکيا تہ سوجهري جي اک کُلي وئي. سندس کٽ آڳر تي پيل ھئي ۽ ان تي اڇو مھارو چڙھيل ھيو جنھن تي کوڙ چتيون لڳل ھيون. پکي پنھنجا آکيرا ڇڏي داڻي پاڻي لئہ نڪري چڪا ھئا. ڪي ھاري ڏاندن ۾ ھر سانباھي ٻنين طرف وڃي رھيا هئا تہ ڪي وري ڏاٽا ۽ بوڇڻ ڪلھن تي رکي گاھہ پٺي لئہ نڪتا ھئا. نم تي مختلف پکين جو چھڪو لڳو پيو ھيو. ڏکڻ کان ٿڌي ٿڌي ھوا گُهلي رھي ھئي ۽ ڏُور ڪٿان ٻنين تي ھر ڏيندڙ ٽريڪٽر تان جلال جي راڳ جي صدا اچي رھي ھئي، ” وڃ ڀلي تون يار جاني دل تہ ساڙيندو نہ وڃ. ھڪ اڳي ئي مئو پيو آھيان، ٻيھر ماريندو نہ وڃ.“ ڌڻيءَ کي سنڀاري ھو اُٿيو ۽ کٽ تي ويٺي آرس ڀڳائين. چوڻ لڳو، ” اھو ٽيڪٽر وارو بہ ڪوئي ڦٽيو پيو آھي نڀاڳو. صبح صبح سان پٽڪو شروع ڪيو ٿئين.“ ايئن چئي ھو ويجهو ئي بيٺل پنھنجي بادشاھہ کي ڏسڻ لڳو جيڪو سدائين ھن جي اٿڻ سان گڏ ئي اٿي ويندو ھيو. بادشاھہ تي نظر پيس تہ ٺري پيو. بادشاھہ موٽ ۾ کيس پيار ۽ پاٻوھہ مان ڏسڻ لڳو. اٿي اچي سندس پٺي تي ھٿ ڦيريائين؛ بادشاھہ پنھنجي جسم کي لوڏي سندس پيار جي موٽ ڏني ۽ پڇ کي لوڏڻ لڳو.اڇي رنگ جو گهوڙو؛ بت ۾ ڀريل، چمڪندڙ جسم ۽ پيرن تائين پھچندڙ سھڻو پڇ. بادشاھہ رڳو سندس گهر جي چرخي ھلائڻ جو سھارو نہ ھو پر سندس دوست، يار ۽ ھمراز بہ ھو. ڏک سک جو ساٿي؛ سردي گرميءَ ۾ ساڻس گڏ رھندڙ. سندس خوشيءَ تي دڙگي ڀڄندڙ ۽ سندس ڏک ۾ تيز ڊوڙيندڙ ڄڻ سندس ڏکن کي ڀڄائي ڪٿي کـڻي ويندو. ھو سندس پٺي تي ھٿ ڦيريندو اچي سندس مُنھن تي ھٿ ڦيرڻ لڳو. بادشاھہ پيار ۾ ڪنڌ کي ھيٺ ڪرڻ لڳو. ھاڏر ۾ اچي داڻو ۽ ڪڙٻ کي جاچڻ لڳو ، اھو ڏسڻ لئہ تہ بادشاھہ ڍئو ڪري پنھنجي رات جي خوراڪ کاڌي ھئي. سوجهرو نلڪي طرف ويو ڀرسان پيل بالٽي ھيٺان رکي نلڪي کي گيڙڻ لڳو. بالٽي ڀرجي وئي تہ گيڙو ڏئي ھٿ نلڪي جي منھن طرف ڪري ٻڪ ۾ پاڻي ڀري پنھنجي مُنھن تي ھڻڻ لڳو. پاڻي کڻي، بادشاھہ جي ڀرسان اچي بالٽي کي مٿي ڪري بادشاھہ جي مُنھن ويجھو ڪيائين. بادشاھہ ان ۾ مُنھن وجهي پاڻي پيئڻ لڳو ۽ کيس ڏسڻ بہ لڳو. ھن بہ مرڪي کيس ڏٺو. بادشاھہ جو رسو ڇوڙي کيس ٻاھر چڪر لڳائڻ لاءِ ڪاھي ويو. ھو صبح جو گهوڙي کي جوٽڻ کان پھرين ۽ شام جو واپس اچي چڪر ضرور ڏياريندو ھو جو ايئن ڪرڻ سان گهوڙو چست رھندو ھيو. گهر کان ٻاھر سڏ پنڌ تان گهوڙي کي چڪر ڏياري اچي کيس ان ئي ھنڌ تي ٻَڌائين جتان ان کي ڇوڙي ويو ھيو. ھاڏر ۾ ھڪ جارو ٺھيل ھيو جتي ھو بادشاھہ جو ضروري سامان جهڙوڪ کرکرو، ڪنٺي، رندي (گهوڙي جا کُر صاف ڪرڻ لئہ) رکندو ھيو؛ اتان ھن کرکرو کنيو . گهوڙي کي کرکرو ھڻڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ماسٽر چندر جو گيت بہ جهونگارڻ لڳو،
” مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
ھر دم ھر حال ۾ رانول او رھبر ٿيندين، ڪين ڇڏيندين.“
سندس ماءُ عزيزان، ڀاءُ بخت ۽ ٻہ ڀيڻون؛ موتان ۽ سدوري بہ جاڳي ويا هئا. عزيزان لسي ولوڙي رھي ھئي ۽ سدوري ھنڌ ٿي کنيا. عزيزان مانڌاڻي کي ڦيري سان گڏ سوجهري کي ٿي تڪيو ۽ سندس راڳ تي مشڪندي رھي. سوجهري کي ڏسندي کيس سندس ور ٿي ياد آيو جيڪو ھوبھو سوجهري جهڙو ھو يا ايئن چئجي تہ سوجهرو پنھنجي پيءُ جو عڪس ھو. عزيزان جي دل ۾ پيار جي مانڌاڻِي ٿي ڦري جيڪا جوانيءَ جي کير جهڙين يادن کي پيار جي لسي ۽ موھہ جي مکڻ ۾ تبديل ڪري رھي ھئي. سوجهري بادشاھہ تي سنج رکڻ شروع ڪيا، پھرين زين رکيائين، پوءِ جوت رکيائين، بادشاھہ کي بگيءَ ۾ وڌائين. پڇاڙيءَ کي ڇڪي ڪوٺِي ۾ وڌائين ۽ آخر ۾ ڪن پٽي چاڙھي لغام ڏنائين.
ھٿ ڌوئي ماني کائڻ لاءِ ويجهو پيل کٽ تي وڃي ويٺو تہ سدوري ماني آڻي ھن جي آڏو رکي؛ لسيءَ جو وٽو ۽ مکڻ سان مکيل ٻہ ڊگڙيون. ماني کائي کٽ تي ويٺي ئي ھٿ ڌوئي ۽ ٽانگي طرف وڌيو. ھڪ پير رڪاب تي رکي رين ھٿ ۾ ڪري ان کي سٽ ڏنائين تہ بادشاھہ ھلڻ شروع ڪيو. ” چڱو امان “ چئي ماءُ کان موڪلايائين. ماءُ ھٿ مٿي کڻي کيس ورندي ڏني.ميٽي رنگ جي بگي، ڳاڙھي رنگ جو ان تي چڙھيل ھوڊ جنھن جي اندران گلن جي ڪپڙي جي چادر. بگيءَ کي پاسن کان گل ۽ مور پکي ٺھيل. بمن کي رنگ برنگي جهالر لڳل. بادشاھہ اچي مين روڊ تي چڙھيو. ٿورو اڳتي آيو تہ پاڙي واري ڳوٺ جي لاڙي تي سواري بيٺي ھئي. ٻہ عورتون، ھڪ اڇي برقي ۾ ۽ ٻي ڪاري شال ۾. سواري کڻي اڳتي وڌيو تہ انھن مان ھڪ مائي ڳالھائڻ شروع ڪيو.
” ادا ڇو ڀلا ڪلھہ اسان انتظار ڪيو يڪو پر تو وارو ٽانگو ظاھر ئي نہ ٿيو؟“
” ادي مائٽن ڏي وھانءُ ھيو ان طرف ويا هئاسي، ان ڪري ڪلھہ سواري نہ کنئي ھئم.“
” بس ادا تنھنجي بگيءَ جي انتظار ۾ اسان يڪو ويٺا رھياسي. ھن مائي (شال واري مائي ڏانھن اشارو ڪندي) کي ڊاٽسن ۾ اُلٽي ايندي آھي. چيائين ؛”تہ ادا سوجهري جو ٽانگو جيستائين نٿو اچي مان ڪونہ ھلندم.“ ھن پنھنجي ڳالھہ جاري رکي، ” تنھنجو انتظارڪندي اسان کي منجهند ٿي وئي.“
” معاف ڪجو ادي مون کي خبر نہ ھئي.“
ڏيڍ ٻہ ڪلوميٽر اڳتي ھليا تہ ھڪ ٻئي ڳوٺ جو لاڙو آيو ، جتي بہ سواري بيٺي ھئي. ٻہ مرد ۽ ھڪ مائي؛ انھن ٽانگي کي ھٿ ڏنو. ھن اُھا سواري کنئي. مائي پويان ويٺي ۽ ٻئي مرد آڏو واري سيٽ تي ويٺا. سوجهرو بم تي ٿي ويٺو جيئن وزن برابر ٿي. وات سان ” چہ چہ “ ڪري، ھلڪي ڪمچي ھڻي گهوڙي کي ھڪليندو رھيو.
آڏو ويٺل ھمراھن مان ھڪ ھمراھہ ويھڻ سان ئي رومال سان پگهر اگهندي چوڻ لڳو ،
” يار گرمي تہ لاھہ ئي ڪڍي ڇڏيا آھن. شابس آھي سوجهرا توکي ۽ تنھنجي گهوڙي کي مُنھن ڏيو ٿا سڄو ڏينھن.“
” سيٺ بابا! ٻچن جي روزي آھي ڪاڏي وينداسي. ٻيو اسان کي گهر ڪٿي ٿو مزو اچي. جمعي تي گهر ٿا ٿيون تہ ايئن ٿو لڳي سالن کان شھر نہ آيا ھجون.“
” سوجهرا خان! آھين باقي محنتي ماڻھو.“ ھن ٿورو پويان لوڻا ڦيرائيندي چيو. سوجهري سندس حرڪت کي ڏسي ورتو ۽ کيس ان ماڻھو جي اھا حرڪت ٿوري بُري لڳي. گهوڙي جي پيرن ۾ ڪمچي ھڻي ان کي تيز ڪيائين. گهوڙي جيئن رفتار تيز ڪئي تہ ھن ڪمچي کي فيٿي ۾ ڏنو ، جنھن ڦيٿي جي پرن سان لڳي آواز ٿي ڪيا ”ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ“ جنھن تي گهوڙو اڃان بہ تيز ٿيو.
سوجهرو تقريبن ٽيھن سالن جو شخص ھو ، پنھنجي سواري کي پنھنجي عزت ۽ غيرت سمجهڻ وارو. ڪڏھن بہ سواري کي بري نظر سان نہ ڏٺائين. ھا، باقي ھڪ ماسترياڻي کيس ڏاڍي وڻندي ھئي، جيڪا سندس پڪي سواري ھئي. جنھن کي ھو روز صبح جو گهران کڻندو ھيو ۽ موڪل ۾ لاھيندو ھيو. جڏھن ھوءَ سندس ٽانگي تي ويھندي ھئي تہ سندس من جو گهوڙو تيز دڙگيءَ سان ڀڄڻ لڳندو ھيو ، سندس من کي پيار جون ڪمچيون لڳنديون ھيون. بنا نالن جي سندس دل ٽاپولي ڪندي رھندي ھئي. پر ھي ڳوٺاڻو ماڻھو، مٽيءَ جي اصولن وارو، غيرت ۾ گم! ڪڏھن بہ اک کڻي کيس نہ ڏٺائين.
ھڪ ڀيري مھيني جي شروعات ۾ ھن ڪِرائي جا پئسا ڏيندي کيس چيو ھيو: ”توھان منھنجو ھڪ ڪم ڪندا، اگر آسان ھجي توھان لئہ تہ؟“
ھن ٿورو ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو ھو ، سندس دل جي گهوڙي وڏي ھڻڪار ڪري مستيءَ مان آڏو واريون ڄنگهون مٿي کنيون ھيون. ھن اکيون جهڪائيندي وراڻيو ھيو: ” جي جي مئڊم! حڪم ڪيو.“
” اصل ۾ امان کي سَنڌن جو سُور آھي، ھڪ حڪيم کان ڪَکَ وٺي آئي آھي. پر حڪيم چيو آھي تہ اُھي ڪکَ مکڻ ۾ کائـڻا آھن.“
” جي مئڊم! ڪو مسئلو ناھي، اسان جي پنھنجي مينھن آھي، روز مکڻ چاڻو ٿيندو آ، امان کي چوندم تہ بچائي رکي ڪجهہ ڏينھن.“
”نہ نہ، ايئن دير ٿي ويندي، سڀاڻي کان امان جا ڪکَ شروع ڪرڻا آھن، توھان ڳوٺ مان ڪٿان ھٿ ڪري ڏيو. ھي وٺو پئسا.“ ھن پئسا سوجهري ڏانھن وڌايا تہ ھن انڪار ڪندي چيو ھيو ،
”ٻيلي! لڄي نہ ڪيو، ھاڻي اسان ڳوٺ وارا ڪکن کائڻ جيترو مکڻ تہ مفت ۾ ڏئي ٿا سگهون.“
” جي توھان پئسا نہ وٺندا تہ مون کي مکڻ نہ کپي.“
ھوءَ بہ پنھنجيءَ تي لھي آئي ھئي. سوجهري کانئس پئسا ورتا ھئا ۽ ٻئي ڏينھن تي رقم کان ٻيڻو مکڻ کيس آڻي ڏنو ھئائين.
اڄ جڏھن ھن سيٺ لوڻو ڦيري پوئتي ڏٺو ھيو تہ کيس ڏاڍي مٺيان لڳي ھئي ۽ تڪڙي شھر پھچڻ جي ڪئي ھئائين. بادشاھہ کي ٻہ چار ڪمچيون وھائي ڪڍيون ھئائين، جنھن ڳالھہ جو کيس ڏاڍو افسوس پڻ ھيو. سواري لاھي اسٽاپ واري ھوٽل جي سامھون ٽانگو بيھاري بيري کي اشارو ڪيو ھئائين، جيڪو سندس اشارو سمجهي چانھہ کڻي آيو ھيو. نيري رنگ جي ننڍڙي چينڪ مان چانھہ لاھي ڪوپ ۾ وجهي چسڪيون ھڻندي بادشاھہ جي پٺي کي مھٽڻ لڳو ھيو. ساڻس مخاطب ٿيو ھيو ،
” يار بادشاھہ! معاف ڪجان، مون ھن لوسيءَ جي ڪاوڙ تو مان ڪڍي.“ بادشاھہ پٺي کي حرڪت ۾ آندو. ڄڻ سندس معافي کي قبول ڪندو ھجي. ٻي چسڪي ڀري وري بادشاھہ سان مخاطب ٿيو ھيو ،
” يار بادشاھہ! ماڻھو ايئن ڇڙواڳ ڇو ٿيندا آھن جو پڪ ڇڏي ڪچ ۾ڪاھي پوندا آھن؟ يا رستي تي ھلندي فصل ڀيلڻ جي عادت ڇو ھوندي اٿن؟ ڇا ماڻهو پنهنجي ٽاپ تي پنهنجي چال تي نٿو ھلي سگهي؟“ سندس چانھہ ختم ٿي چڪي ھئي. ٻتڪن واري گهڙيءَ ۾ وقت ڏسي ماسترياڻيءَ کي کڻڻ ويو ھو. وڃي سندس گهر واري وڏي روڊ تي بگي بيھاري گهٽيءَ ۾ لھي سندس در کڙڪايو ھئائين. در کڙکائي واپس اچي ٽانگي تي ويٺو ھيو. روز جي سندس اھا ڪرت ھوندي ھئي، ھو در کڙکائيندو ھيو، ،ماسترياڻي در جي وٿي مان کيس ڏسي بيگ کـڻي اچي ويندي ھئي. ماسترياڻي جنھن جو نالو زيب النساءِ ھيو ، اچي بگيءَ جي پوئين سيٽ تي ويٺي ھئي. ھن گهوڙي جون رينون مٿي کڻي ھيٺ، گهوڙي جي پٺي تي اڇليون، گهوڙو سمجهي ويو ۽ ھلڻ لڳو ھو. ھن ماسترياڻيءَ سان ڳالھائڻ شروع ڪيو ،
” مئڊم! سوڍو ڪلھہ توھان کي وقت تي کڻڻ اچي ويو ھيو نہ؟“
” جي جي، بلڪل، اڃان بہ کوڙ وقت اڳ ۾ اچي بيھي رھيو ھو.“ ھن رئي کي ٺاھيندي کيس وراڻيو ھيو.
رينون سنڀاليندي ھو چوڻ لڳو ، ”ھا، سوڍي جو ڳوٺ خبر ٿوَ صفا ويجهو آھي، ھو ڏھن پندرھن منٽن ۾ پھچي ويندو آھي.“ ھن ڳالھہ کي ٿورو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مان شادي تي نہ وڃان ھا پر ماسات ھيو ، امان جو ڏاڍو زور ھيو تہ مان بہ ھلان. مون کي خبر ھئي توھان کي ڏکيائي ٿيندي.“
” نہ نہ اھڙي ڪا ڳالھہ ناھي. ھڪ ڏينھن ۾ ڪھڙي تڪليف.“ ھن ٿورو ھن ڏانھن ڏسي وراڻيو ھيو.
اسڪول اچي ويو، ھن ٽانگو بيھاريو ۽ ھوءَ لھي وئي. ھن کي ويندي ڏسندو رھيو ۽ گهوڙي جون رينون ڇڪي آھستي جهونگارڻ لڳو: ”ٻي خبر ناھي پر مرڻ کانپوءِ... توسان گڏجڻ جون حسرتون رھنديون..... ٻي خبر ناھي پر مرڻ کانپوءِ......“
ھن اچي اسٽاپ تي ٽانگو بيھاريو جتي ٻيا ٻہ ٽانگن وارا بہ بيٺا هئا، جيڪي سندس دوست هئا. رياض ۽ سوڍو.
” جاني! ڪھڙا حال ٿَو“ ھُنن کي سلام ڪري ھو ٽانگي کان لٿو. ”خير وڏا خير! تون ٻڌاءِ“ ھنن ساڳي آواز ۾ ھن کي جواب ڏنو. ھو مانڊيءَ طرف ويو ۽ پڙھڻ لئہ سنڌي اخبار کڻي آيو. اچي سوڍي جي ٽانگي تي ويٺو جتي رياض بہ ويٺو ھيو ۽ ھنن کي اخبار پڙھي ٻڌائڻ لڳو. پنھنجي ٽانگي واري سنگت ۾ ھي ئي واحد شخص ھيو ، جيڪو پنج درجا پڙھيل ھيو ، ان ڪري ھو اخبار ۽ رسالا شوق سان پڙھندو ھيو ۽ روز صبح جو رياض ۽ سوڍي کي اخبار پڙھي ٻڌائيندو ھيو. ڄڻ تہ ھو ھنن کي ھٿ کان وٺي ھڪ نئين ڏيھہ، نئين دنيا جو سير ڪرائيندو ھيو. ھو کين خبرون پڙھي ٻڌائڻ لڳو ،
” علڻ فقير جي حالت خراب ٿي وئي، سڪرات جي حالت ۾ آءَ سي يو ۾ داخل. علاج لاءِ وٽس پئسن جي کوٽ“. چوڻ لڳو،
” يار اھي ٿوَ حال اسان جي فنڪارن ويچارن جا. ننڌڻڪي قوم جا فنڪار بہ ننڌڻڪا. “
” ميھڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف چوٿين ڏينھن بہ بک ھڙتال.“ خبر پڙھي ٿڌو ساھہ ڀريائين، چوڻ لڳو.
” ھئي ڙي سنڌ! تنھنجا ڀاڳ. ھيڏي درياھہ بادشاھہ ھوندي تنھنجون زمينون سُڪن. پاڻي تہ جام آھي ڪا ٻي راند ٿي ھلي. کوٽ ڪا وَٽن ۾ آھي تارازي جو ڏوھہ ناھي.“
اخبار پڙھي مانڊيءَ واري کي واپس ڏئي آيو. مانڊي وارو ھن کي پڙھڻ لاءِ روز مفت ۾ اخبار ڏيندو ھيو . ھڪ سواري اچي رياض جي ٽانگي جي ڀرسان بيٺي، ھو انھن سان ڳالھائي ۽ سواري کڻي نڪري ويو. رياض جي وڃڻ کانپوءِ سوڍو ۽ سوجهرو ڪافي دير اتي بيٺا رھيا پر کين ڪا سواري نہ لڳي. ھو سوڍي کي چوڻ لڳو،” ھل سوڍا بازار طرف چڪر لڳايون، من اتي ڪا سواري ملي.“ ايئن چئي ھو بازار طرف ويا. ھو مختلف سواريون کڻندو رھيو. موڪل جو وقت ٿيڻ وارو ھيو تہ ھو اسڪول طرف ويو ۽ گيٽ جي ڀرسان وڻ جي ڇانوَ ۾ ٽانگو بيھاري ماسترياڻي جو انتظار ڪرڻ لڳو . ھوءَ پنھنجي سھيلين سان ھرڻيءَ جهڙي چال ڪندي ٿي آئي. ھن کي ڏِسي سوجهري جي دل ۾ ھميشہ وانگر دھل شھنايون وڄڻ لڳيون. ھوءَ ٽانگي تي ويٺي، اڄ ڏاڍي خوش لڳي رھي ھئي. سوجهري رينون ٻنھي ھٿن سان مٿي ڪري وري ھيٺ ھَنيون ۽ گهوڙي ھلڻ شروع ڪيو.
گهوڙو ٿورو ھليو تہ ھن سوجهري سان ڳالھائڻ شروع ڪيو: ”ڪنول ميوزڪ سينٽر تان ٿيندا ھلجو ، منظور سخيراڻيءَ جو نئون البم آيو آھي اھو وٺي اچجو ۽ ھي ھڪ فرمائشي ڪلامن جي ڪيسٽ بہ ڀرائـڻي آھي. ھي وٺو ڪلامن جي لسٽ ۽ پئسا.“
ھڪ پنو ۽ ان جي مٿان رکيل پئسا سوجهري ڏانھن وڌايائين. پنو ۽ پئسا وٺندي سوجهري جي نظر سندس ھٿ تي پئي جنھن تي تازي ميندي لڳل ھئي، شايد ميھڙ جي ميندي. سوجهري جي دل ۾ ميندي جا ٽار ڦُٽي پيا ھئا، من آڳر ۾ مينديءَ جي ساون پنن جو واس ڦھلجي ويو.
ھوءَ اسڪول کان موٽندي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي سامان سَري لاءِ سوجهري کي پئسا ڏيندي ھئي يا بازار جي ڀرسان سوجهري کي بيھاري پنھنجي ضرورت جون شيون وٺي ايندي ھئي. سوجهرو ڪنول ميوزڪ سينٽر واري رستي ڏانھن وڌڻ لڳو ۽ دل ئي دل ۾ سخيراڻيءَ جو چيل استاد بخاريءَ جو ڪلام ياد ڪرڻ لڳو. ميوزڪ سينٽر جي ڀرسان ٽانگو بيھاري لھي ويو. ميوزڪ واري کان ڪيسٽ وٺي ۽ فرمائشي ڪلامن جي لسٽ کيس ڏيندي کيس ٻہ ڪيسيٽون ڀرڻ جو چيائين.
” ھڪ پنھنجي ٻڌڻ لاءِ. خبر تہ پوي ميڊم جي ڪھڙي پسند آھي.“ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو. ميوزڪ سينٽر تان منظور سخيراڻيءَ جي ڪيسٽ ھٿ ۾ ڪندي پڙھي ورتائين تہ استاد بخاريءَ جي گيتن جو البم ھيو جيڪو نئون آيو ھيو. ٽانگي تي ويھي ماسترياڻيءَ کي ڪيسيٽ ڏنائين. گهوڙي کي ھڪلڻ لڳو ۽ ماسترياڻي سان ڳالھائڻ جو بھانو ڳولھي ورتائين،
” ميڊم! ان ۾ تہ رڳو استاد بخاري جا ڪلام آھن نہ“
ھوءَ ٿورو ھڪي ٻڪي ٿي تہ ٽانگي واري کي استاد بخاري جي خبر ڪيئن پئي. ٻيو تہ ٽانگي ۽ ٽريڪٽر وارا تہ شمن ۽ جوڳي جلال ٻڌندا هئا؛ استاد ۽ منظور سخيراڻي تہ ڪنھن پڙھيل لکيل ۽ ادب سان چاھہ وارن جي پسند ھئا.
” ھا بلڪل. مون کي استاد جي شاعري سو بہ سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڏاڍي وڻندي آھي.“ ڪيسيٽ کي ڏسندي وري ڳالھائڻ لڳي،
” توھان کي استاد جي ڪيئن خبر؟ توھان پڙھيل آھيو؟“
” جي مڙئي پنج درجا. اخبار وغيرہ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪو رسالو پڙھي وٺندو آھيان.“ سوجهري ڏاڍي سرھائي سان ٻڌايو ڄڻ تہ هن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي. گهوڙي جي رينن کي ساءُ ڏيندي وري ڳالھائڻ لڳو، ” استاد جي پڪي شاعري آھي، ڪچا لفظ استعمال نہ ڪندو آھي.“ ھوءَ مشڪڻ لڳي تہ ٽانگي واري کي اھا بہ خبر ھئي تہ پڪي شاعري ڇا ٿيندي آھي. چوڻ لڳي:
” ھا بلڪل. استاد جهڙو عوامي شاعر ٻيو ڪھڙو ٿيندو ڀلا...“
ايئن ڪندي هن جو گهر اچي ويو. سوجهري جي دل چئي رھي ھئي تہ اڄ رستو پورو نہ ٿئي ھا ۽ ھو ايئن استاد جي شاعريءَ تي هن سان ڳالھائيندو رھي ھا ۽ کيس ايئن متاثر ڪندو رھي ھا پنھنجي ’علم‘ سان. پر ھن کي ڪھڙي خبر تہ ٽانگي وارا ڪنھن وڏي سفر تي ڪاھي ڪونہ ٿا سگهن. ھنن جي منزل تہ شھر کان ڳوٺ، شھر جي ھڪ پاڙي کان ٻئي پاڙي، اسڪول کان مئڊم جو گهر،اسٽاپ کان اسپتال، يا اسٽاپ کان ٻيواسٽاپ. مسافرن جو ساٿ بہ بس ايترو جهٽ پل جو. اک ڇنڀ. ھڪ ڇانوَ کان ٻي ڇانوَ ڏي تڏو سوري رکڻ. پوءِ جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.
ماسترياڻي کي لاھي ھُن استاد مقبول جي اڏي جو رخ ڪيو. استاد مقبول نعلن وارو. جتي شھر جا سڀ ٽانگي وارا پنھنجي گهوڙن کي نعل لڳرائڻ ويندا ھئا، منجهند جي ماني بہ اڪثر اتي کائيندا ھئا ۽ گهوڙن جي ھڻڪار ۽ ٽاپ؛ يا سنجن مان پيدا ٿيل ڦٽ جهڙيون ڳالھيون بہ اوريندا ھئا. استاد مقبول ڏانھن ويندي ھو سخيراڻيءَ جي البم مان ئي ھڪ گيت جهونگارڻ لڳو ، جيڪو ھن ڪڏھن ريڊيو تي ٻڌو ھو : ” اھا آس اندر ۾ يار اٿم، تون ڀر ۾ ھجين توسان پيار ڪيان.“
ھو استاد مقبول جي اڏي تي پھتو ھيو جتي اڳي ئي ڏھہ ٻارنھن ٽانگن وارا بيٺا هئا. سلام ڪري ھو استاد مقبول طرف وڌيو جيڪو ھڪ گهوڙي کي نعل ھڻي رھيو ھيو. استاد مقبول کيس کيڪاريو ۽ چوڻ لڳو: ” ھا سوجهرا! خوش آھين نہ! صفا ٻھڪين ٿو. خير تہ آھي نہ“
استاد سندس من ۾ ٿيندڙ مور ناچ کي ڄڻ ڏسي ورتو ھيو. سوجهري ڪياڙي کنھندي چيو ھيو ،
” ھا استاد دعا کپي توھان جي. بس بادشاھہ ۽ اسان توھان جي صحبت ۽ دعائن ۾ خوش لڳا پيا آھيون.“
” ھل بادشاھہ کي سولو ڪر تہ ساسي ساھي پٽي ۽ ڇوٽو کي چئو تہ چانھہ بہ کڻي اچي.“
”حاضر استاد!“ ھو اچي ٻين ٽانگي وارن سان بہ مليو ھيو. دنيا جھان جي ڪچھري ھلي رھي ھئي. استاد مقبول گهوڙي کي نعل لڳائي اچي ھن جي ڀرسان ويٺو ھيو. استاد مقبول ٽانگي وارن ۾ سوجهري کي سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو ھيو. شايد اھو ھن جي ماٺيڻو سڀاءُ ۽ خوش اخلاقي جي ڪري ھيو. يا شايد ان ڪري بہ تہ ھو ٿورو گهڻو پڙھيل لکيل ھيو ۽ ٻين کان ڪجهہ الٽي اک رکندو ھيو ۽ مختلف سماجي يا علائقي جي موضوع تي سٺي نموني ڳالھائيندو ھيو. استاد مقبول سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو ،
” ڏي خبر سوجهرا! سواريءَ جو ڇا حال آھي رزق پاڻي ٿئي ٿو نہ؟“
’’ھا استاد! شڪر آھي الله جو، مولا جو گنج آھي. ھڪ ٻہ ٻڌيون سواريون آھن ۽ شھر ۾ بہ سٺي سواري لڳي ٿي وڃي. فقير جي گذاري لاءِ ڪافي آھي.“
سوجهري ڪلھي تي رکيل رومال سان پنھنجو پگهر اگهندي وراڻيو ھيو.
” ڏاڍو سٺو. ڀلا شاديءَ جو ڇا سوچيئي؟ بس تون ئي رھيل آھين سڀني ۾“
استاد جي سوال تي سوجهري جو ذھن ماسترياڻيءَ طرف ھليو ويو ھيو . ھو کيس ڳاڙھي وڳي ۾ نظر اچڻ لڳي. وري پاڻ ئي پنھنجي سوچ تي کلڻ لڳو تہ ڪٿي ھُو ٽانگي وارو ۽ ڪٿي ھوءَ شھر جي پڙھيل لکيل حسينہ. سوچ جي تيز ڊوڙندڙ گهوڙي کي رينن کان پڪڙي ان کي بيھاري استاد کي چوڻ لڳو ،
” استاد ھاڻي اسان جو شاديءَ سان ڇا. صبح جو بي پرواھہ ٿي نڪرون ٿا تہ ڪڏھن شام جو يا ڪڏھن رات جو گهر ٿا رسون. ڪير ويھي اھو ماين جو مٿي جو سور کڻندو. اسان جي من جو گهوڙو شادي واري بگيءَ ڪونہ ڇڪي سگهندو.“
” سوجهرا! من جي گهوڙي کي رڳو داڻو کارائيندين ۽ جوٽيندي ڪونہ تہ ھو بود ڪندو يا کري ويندو. پوءِ يا تہ توکي چڪ ھڻندو يا ھلڻ وساري ويھندو.“ استاد گهوڙن جي دنيا مان کيس مثال ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ھو مرڪي استاد کي ڏسڻ لڳو. چپل سان مٽيءَ کي اڳتي پوئتي ڪندي ڳالھائڻ لڳو ،
”استاد! دل جي گُهوڙِي ڪنھن نئين ۽ اڻڄاتل واٽ تي وڃڻ لاءِ تيار ئي ناھي. ٿورو ان طرف نيانس ٿو تہ گُوھِـي ڪري بيھي ٿي رھي.“
” گوھي ۽ گَھہ ڪڍڻ جو طريقو اھو ھوندو آھي تہ ان رستي تي ھلجي؛ ڪيئن سوڍا؟“ استاد ڀرسان ويٺل سوڍي کي ڪنڌ سان اشارو ڪندي چيو ھو.
ايئن ڪچھري ڪندي ڏينھن ٺريو تہ ھو وري شھر طرف سواري لاءِ نڪري ويو. مختلف سواريون لاھيندو کڻندو رھيو . ڀِيلن واري پاڙي کان گذري ھيو تہ ھڪ ڪراڙي عورت ڀڄندي سندس ٽانگي جي آڏو آئي ھئي . ھن پوري زوري سان گهوڙي جون رينون ڇڪيون ھيون. ھوءَ عورت ٻرڙاٽ ڪري روئي رھي ھئي. ” ابا بيھہ منھنجي پٽ کي ڊاڪٽر ڏي کڻي ھل. نڀاڳي ڀاءَ سندس مٿو ڦاڙي وڌو آھي رت بيھيس ئي نٿو.“
ڪُراڙي ھٿ ٻڌندي کيس منٿ ڪئي ھئي. پريان گهٽي مان ھڪ نوجوان رتو رت حالت ۾ ٻئي نوجوان جي ٽيڪ سان رڙھندو ٿي آيو. سوجهري لھي وڃي ھن کي ٽيڪ ڏئي وٺي آيو ھيو ؛ ڦُڙتيءَ سان اُن رت ۾ ٻڏل نوجوان کي ويھاري، ان جي ماءُ ۽ ٻئي ھمراھہ کي کڻي؛ بادشاھہ کي اسپتال طرف تيز ڊوڙايو ھئائين. اسپتال وٽ پھچندي نوجوان کي ٽيڪ ڏئي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو ھيو. ان جي ماءُ روئندي رھي ھئي.
نوجوان کي پنجويھہ ٽاڪا لڳا هئا. سج لھي چڪو ھيو. واپس ان کي ساڳي جڳھہ تي کڻي آيو ھيو جتان کنيو ھئائين. انھن کي لاٿائين تہ ڪراڙي کيس ڪرايو ڏيندي چيو ھيو ،
”ابا بس اھي آھن، ٻيا مون وٽ ڪونہ آھن، سمجهان ٿي تنھنجو ڪرايو تہ گهڻو ھوندو.“
” امان ڪا ڳالھہ ناھي، نہ اٿوَ تہ اھي بہ توھان رکو پاڻ وٽ.“ ھن پئسن ڏانھن ھٿ نہ وڌايو ھيو. ڪراڙي اصرار ڪندي کيس سندس ڪِرائي جي اڌ کان بہ گهٽ رقم ڏني ھئي جيڪا ھن مرڪندي ورتي ھئي. ھن ڳوٺ طرف وڃڻ کان اڳ گهوڙي لاءِ ڪڙٻ ورتي ھئي. وري ڦاٽڪ تان پڪوڙا بہ ورتائين ۽ برف بہ جنھن کي ھن ڪڙٻ واري ٻاچڪي ۾ وڌو ھيو تہ جيئن اھا گهٽ کان گهٽ ڳري. دير ٿي وڃڻ جي ڪري کيس واپسي جي سواري نہ ملي ھئي. ھو اڪيلو ھيو تہ پنھنجي دوست، بادشاھہ سان ڪچھري ڪندو ٿي ويو،
” يار بادشاھہ، ھڪ ڳالھہ تہ ٻڌاءِ؛ ڇا اسان گهٽ پڙھيل کي ڪنھن وڌيڪ پڙھيل سان پيار ڪرڻ جي اجازت ناھي؟“ بادشاه چپ.
’’ڇا نوڪريءَ وانگر پيار لاءِ بہ ڊگري ضروري ھوندي آھي؟ ڀلا دل کي ڪير سمجهائي تہ گهٽ پڙھيل يا اڻ پڙھيل اکيون پڙھيل ماڻھن جا يا پڙھيل خواب نٿيون ڏسي سگهن!! “
دڙگي ھلندي هاڻ بادشاھہ ڪنڌ لوڏيو ڄڻ سندس ڳالھہ سمجهي ۽ ھا ۾ ھا ڪري رھيو ھو. ھن ڦيٿن جي پرن ۾ ڪمچي ڏيندي ڳائڻ شروع ڪيو.
”اھو جيڪو عشق آ، ڏاڍو مشھور آ، انھيءَ ڏنو سور آ، انھيءَ ۾ سرور آ... ھو...“
”ڀلا يار بادشاھہ ٻڌاءِ تہ زيبل (ھو زيب النساءَ کي پنھنجي منھن زيبل سڏيندو ھيو ) جا خواب ڪھڙا ھوندا؟ ڇا اھي خواب انگريزيءَ ۾ ايندا ھوندا يا ڪيمسٽري يا بائلاجي ۾؟ ڇا انھن خوابن ۾ ڪٿي ٽانگي واري جا خواب ھوندا؟“ گهوڙي ناسن مان آواز ڪڍيا. ڄڻ تہ کيس آٿت ڏيندو ھجي. ھو وري استاد جو گيت ڳائڻ لڳو ،
”منھنجي اک سڪڻي، منھنجي دل سڪڻي، مون کي سِڪڻو سِڪڻو ڪوٺ مٺا.“
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ھن ميوزڪ سينٽر تان ٻئي ڪيسيٽون کنيون ھيون. زيبل کي ڪيسيٽ ڏيندي چيو ھئائين، ”اھڙا دکايل گيت ٻڌي توھان اداس ناھيو ٿيندا؟“
” جيئن لوھہ کي لوھہ ڪٽيندو آھي تيئن سور جو علاج سور ۾ آھي. انسان جو ازلي ۽ حقيقي دوست ڏک آھي نہ ڪي سک. سک تہ رستي ۾ ايندڙ ڇانوَ جيان آھي جتي جهٽ بيھي ساھي پٽي سگهجي ٿي. باقي ڏک تہ خود رستو آھي، جيڪو منزل جي آخري ڇيڙي تائين گڏ ھلڻو آھي.“ زيبل گھرو ساھہ کڻي چيو ھيو.
سوجهرو وڌيڪ ڳالھائڻ جي ھمٿ نہ ساري سگھيو ھيو.
رات جو گهر اچي دير تائين ھن منظور سخيراڻيءَ جي اھا فرمائشي ڪيسٽ بار بار ٻڌي ھئي جيڪا اصل ۾ زيبل جي پسند ھئي. ھڪ گيت ۾ تہ کيس زيبل جو عڪس نظر آيو ھيو جو ان کي بار بار رِوائنڊ ڪري ٿي ٻڌائين.
” دل چوي ٿي روئجي، دل چوي ٿي روئجي.
دل تي دردن جي ڄمي وئي ڌوڙ تنھن کي ڌوئجي.“
ھو سوچن ۾ گم ٿي ويو ھيو. زيبل لاءِ ٽانگي واري سنگت جون ڪُجهہ ڳالھيون کيس ياد اچي رھيون ھيون.
” يار! خبر ٿئه مس زيب النساءِ اڃان تائين شادي ناھي ڪئي. چون ٿا ڪنھن ڇوڪري سان کيس غضب جو عشق ھيو؛ صفا مرڻ جيئڻ وارو. ھو ڇوڪرو آفيسر ٿي ويو ۽ ڪنھن آفيسرياڻيءَ سان شادي ڪيائين ۽ ھن ھِتي ڪنواري رھڻ جو قسم کڻي ڇڏيو.“
” حوال نہ ھڻ. توکي اھي ڳالھيون ڪنھن ٻڌايون!“ سوجهري ڪاوڙ مان سوڍي کي چيو ھيو.
” الا.. حوال ناھي. اسان جي ھڪ مائٽياڻي ساڳي اسڪول ۾ پڙھائيندي آھي. ان گهر ڳالھہ ڪئي ھئي.“
سوجهرو سوچڻ لڳو، ” شايد ان ڪري ھو ايڏا ڏک وارا ڪلام ٻڌندي آھي.“
وقت ايئن ڊوڙي رھيو ھيو جيئن گوبر گهوڙو گوءِ ۾ ڀڄندو آھي. شھرن ۾ چنگچيون اچي ويون ھيون ۽ ڪيسيٽن جي جڳھہ پھريان سي ڊيز تہ پوءِ ميموري ڪارڊ، يُو ايس بي ۽ انٽرنيٽ وٺي ڇڏي ھئي. ميوزڪ سينٽر جا مالڪ ڪجهہ ئي عرصي ۾ ڄڻ روڊن تي اچي ويا ھئا. ھر شيءِ موبائل ۾ اچي وئي ھئي. جنھن کي جيڪو پسند جو ڪلام ٻڌڻو ھيو تہ بس يوٽيوب تي لکڻو ھيو. ڪاڏي ويون فرمائشي ڪيسيٽون! سائنسي ترقي ۽ انٽرنيٽ ڪيترن ئي ماڻھن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو ھيو.
سوجهرو صبح سان گهوڙو ڪڍي روڊ تي آيو ھو. سامھون واري ڳوٺ جي لاڙي تي ھڪ سواري بيٺي ھئي. جيستائين ھو ان سواريءَ تي پھچي؛ چنگچي پھچي وئي ھئي ۽ اھا سواري کڻي وئي. سوجهري ٿڌو ساھہ کنيو. جڏھن کان چنگچيون وڌڻ شروع ٿيون ھيون تہ ھن کي ورلي ئي ڪا سواري لڳندي ھئي. خالي ٽانگي سان شھر پھچندو ھيو. زيبل کي کڻي پوءِ سڄو ڏينھن ايئن ئي بيٺو ھوندو ھيو. مجال آهي جو ڪا سواري لڳيس. ساڳيو ئي حال ميوزڪ واري جو ھيو. سڄي ڏينھن ۾ ورلي ڪا ڪيسيٽ کپندي ھئي يا ڪو فرمائشي ڪيسيٽ لاءِ ايندو ھيو.
ھڪ ڀيري تہ حد ٿي وئي ھئي. ڀرسان واري ڳوٺ جي لاڙي تان ھن ھڪ سواري کنئي ھئي. سواري اڃان ھن جي ٽانگي تي ويٺي مس تہ پويان چنگچي اچي وئي. سواري واري ھمراھہ کيس چيو، ” ادا! بيھہ.“ ھن ٽانگو بيھاريو تہ ھو لھي وڃي چنگچي تي ويٺا ھئا اھو چوندي تہ، ”ادا! ڏک نہ ڪجان، گهوڙو تو وارو ڏاڍو ٿڌو آھي. اسان کي جلدي آھي.“ سوجهري جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا هئا. سوچڻ لڳو ھيو، ”مشينون رڳو ماڻھن کي نہ پر ساسيءَ کي بہ کائي ويون آھن. ھنن چنگچين جي اچڻ سان ھڪ ڏينھن گهوڙا ناپيد ٿي ويندا.“
ھڪ ڏينھن ڪنول ميوزڪ سينٽر تان گذري رھيو ھيو تہ ماڻھن جو ھجوم ڏٺو ھئائين. ٽانگو بيھاري لھي ويو ھيو. ميوزڪ سينٽر وارو مالڪ ڪيسيٽ جي پنِي سان ويڙھيو پيو ھيو ۽ جُهمر ھڻي رھيو ھيو.
ھڪ ماڻھو ڳالھائي رھيو ھيو، ”سيٺ چريو ٿي ويو آھي. ڪيسيٽون ڀڃي، پني پاڻ کي ويڙھي پيو نچندو آھي. يا وري ڪيسيٽون لاھي، ڪائونٽر تي رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو انھن سان ڳالھائيندو آھي ۽ پراڻا ڪلام چوندو آھي. يا بيٺو پاڻ ئي بنا ڪنھن جي آرڊر جي فرمائشي ڪيسيٽون ڀريندو رھندو آھي ۽ وري اُھي ڀڃي ڇڏيندو آھي.“
استاد مقبول جو آستانو بہ بلڪل ويران ٿي ويو ھو ، ڇو تہ تقريبن سڀني ماڻھن گهوڙا کپائي ڇڏيا هئا. ڪن چنگچيون ورتيون ھيون تہ ڪن وري ھارپي ۽ مزدوريءَ تي پنھنجو گذر سفر ڪرڻ شروع ڪيو ھيو. پر سوجهري پنھنجو گهوڙو کپائڻ کان نابري واري ھئي. ھڪ تہ بادشاھہ سان سندس ياري ھئي ٻيو ان جي ذريعي ھو زيبل کي روز ڏسي سگهندو ھيو.
ھڪ ڏينھن استاد مقبول جي آستاني تي اداس ويٺو ھيو. گهر جي ڳڻتي؛ سودي سٽي جي ڳڻتي. مٿان روزگار تقريبن ٻُڙي. بس ايترو ڪمائيندو ھيو جو بادشاھہ کي ٿورو گهڻو داڻو کارائي سگهندو ھيو. اڪثر تہ ان جو گذارو ھاڻي سڪل ڪڙٻ تي ھيو جنھن جي ڪري بادشاھہ عمر سان گڏ ڪجهہ وڌيڪ ئي ڪراڙو ٿي ويو ھيو.
استاد مقبول ڏور آسمان ۾ نھاريندي ساڻس مخاطب ٿيو ھو، ”سوجهرا! بابا ھاڻي تو وارو بادشاھہ صفا ھلڻ جهڙو ناھي! ساسي کي ھاڻي گهر بيھار ۽ تون بہ ڪا ٻي روزي ڏس! ھاڻي ٽانگي تي چڙھي ڪير ٿو؟ ھر ڪنھن کي تڪڙو گهر پھچڻو آھي تنھن ڪري چنگچي کپي.“ استاد جو اکيون خالي ھيون.
” استاد! مون کي ٽانگي ھلائڻ کان سوا ٻي ڪھڙي ڪرت ايندي! گهر ئي ويٺو ھوندم! ٻيو تہ مونکان ڪجهہ پڄندو ڪونہ.“ سوجهري ڏور ڪٿي ڏسندي کيس چيو ھو ، ” بابلا ڀلا پيٽ کي تہ پالڻو آھي نہ! ٻيو تون تہ گهوڙي کي بہ ڪونہ ٿو پالي سگهين! ڏس تہ ويچارو ٿي ڪيئن ويو آھي!“ استاد بادشاھہ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
شام جو ڳوٺ ڏانھن واپسيءَ تي ھو سڄي واٽ روئندو آيو ھيو. شايد بادشاھہ جي اکين ۾ بہ پاڻي ھيو. ھو ڪمزوريءَ مان منڊڪائي پنھنجون ڄنگهون گھلي رھيو ھيو. ھو بادشاھہ سان ڳالھائڻ لڳو ھيو.
” يار بادشاھہ! توکي ۽ زيبل کي شابس آھي جو اھڙي دجالي دؤر ۾ بہ منھنجو ساٿ ڏنو اٿوَ! نہ تہ ھنن چنگچين تہ اسان جي خوشين کي بہ پنھنجي دونھين سان اڏائي ڇڏيو آھي. پر ڏس زيبل اڄ بہ پنھنجي ٽانگي تي ايندي ويندي آھي توڙي جو سندس سھيليون چنگچيءَ تي ھونديون آھن.“ گهوڙي جي پڇ کي پيار سان ھٿ لائڻ لڳو ھو.
رکي وري ڳالھائڻ لڳو ھو ،
” شايد مون تي ترس ايندو ھوندس. ڀلا يار بادشاھہ! پنھنجي زندگي آھي بہ ترس کائڻ جهڙي.“ سڏڪي پيو ھو. سندس پاسي کان چنگچي گذري تہ ھن رومال سان مُنھن اگهڻ جي بھاني پنھنجو گوڙھن ۾ ڀِڳل چھرو لڪائي ڇڏيو ھيو.
زيبل جي جوانيءَ بہ موٽ کاڌي ھئي. وارن ۾ چاندي لٿي ھيس ۽ اکين تي چشمو اچي ويو ھيس. ھاڻي ھو اڃان وڌيڪ پر ڪشش ۽ رعبدار ٿي پئي ھئي. سندس ڳالھائڻ ۾ ھاڻي وڌيڪ ڪوملتا ۽ نفاست اچي وئي ھئي. پر سندس چھري تي اداسي ۽ گهريون سوچون بہ نمايان ٿيڻ لڳيون ھيون. بادشاھہ کي اڪثر پريشان ڏسي ھڪ ڏينھن چيو ھئائين،
” چنگچيون تہ صفا مکين وانگر وڌي ويون آھن. ھر جڳھہ تي بيٺيون آھن. ٻيو اھي ڇورا ھلائڻ وارا تہ صفا اڻڄاڻ ۽ جاھل آھن، ننڍين گهٽين مان بہ ايئن تيز ويندا آھن ڄڻ تہ ھاءِ وي تي ھلندا ھجن. توھان جي روزگار کي بہ تہ کائي ويون آھن نڀاڳيون...“
” جي مئڊم! بلڪل ايئن ئي آھي. اسان جي ماڻھن کي اھي وڻن بہ تہ اٿيون، چون ٿا جلدي ٿي پھچائي. ڄڻ تہ انھن کي فيڪٽريون ھلائـڻيون آھن.“ اندر مان ڪنھن گهري ڏک مان سوجهري ڳالھايو،
”ھر ترقي ڪنھن نہ ڪنھن جو زوال ھوندي آھي. جھڙي طرح ھر خوشحاليءَ ۾ ڪنھن نہ ڪنھن جي تباھي ھوندي آھي.“ زيبل سڄي ترقي کي ننديو ھيو.
ھڪ ڏينھن بادشاھہ صفا بيمار ٿي پيو ھو. ان جون اکيون آسمان ۾ ھيون. سوجهري پھريان تہ سُتيون، پيپرامنٽ ۽ ٻيون شيون استعمال ڪيون ھيون پر جڏھن ان سان ڪو فائدو نہ پيو ھيو تہ ھو مال جي ڊاڪٽر ڏي وٺي ڀڳو ھيو. لاڙي تي چنگچي آئي ھئي. ھو ان تي نہ ويٺو ھو. کيس چنگچيءَ کان نفرت ھئي. بيٺي بيٺي ھڪ ٽريڪٽر آيو ھيو ان تي چڙھي پيو ھيو. مال واري ڊاڪٽر کي گهر وٺي آيو ھيو. ھن بادشاھہ جو معائنو ڪري پائيپ جي ذريعي ان کي ڪا دوا وڌي ھئي. بادشاھہ ڏاڍو لڇيو ھيو. زور زور سان ڦٿڪيو ھيو. دوا وجهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر چيو ھيو ،
”اصل ۾ بادشاھہ کي تمام گڻي ڪمزوري آھي. ان ڪري سندس جيرو ڪم گهٽ ٿو ڪري. لڳي ٿو تہ گهڻي وقت کان ان جي خوراڪ ٺيڪ نہ ٿي آھي؛ الله ڀلي ڪندو.“ ايئن چئي ڊاڪٽر موڪلايو ھيو. سوجهري جي ماءُ الائي ڪنھن کان اوڌر وٺي کيس ڊاڪٽر لاءِ پئسا ڏنا هئا.
سڄو گهر بادشاھہ جي مٿان ھيو. سڀني جي اکين ۾ ڳوڙھا هئا. سوجهرو عزيزان کي ڀاڪر پائي روئي رھيو ھيو.
بادشاھہ پنھنجا آخري پساھہ کڻي رھيو ھيو. بادشاھہ جون نظرون سوجهري ۾ ھيون. سوجهري زمين تي ليٽيل بادشاھہ کي ڀاڪر پاتو ھيو. بادشاھہ جي پيشاني کي چمي رھيو ھيو.
” يار بادشاھہ! ايئن ڇڏي نہ وڃ ٻيلي! توکان سواءِ مان ڪنھن سان پنھنجو اندر اوريندم. ڪنھن کي پنھنجا ڏکن وارا ڪلام ٻڌائيندم. امان بادشاھہ کي سمجهاءِ نہ!“ سوجهرو ٻرڙاٽن ۾ ھيو. سڄو گهر روئي رھيو ھيو. بادشاھہ جو بت ساڪن ٿي ويو ھيو.
زيبل ھاڻي چنگچي تي اسڪول ويندي ھئي. ميوزڪ سينٽر جي جڳھہ تي جوتن جو دڪان کُلي ويو ھيو. سوجهرو جاڙل شاھہ جي مزار تي ھوندو ھيو. مست الست. بادشاھہ جون رينون سندس ڪلھن تي ھونديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن نعرو ھڻي ھڪ ڪلام جھونگاريندو ھيو ،
” اھا آس اندر ۾ يار اٿم. تون ڀر ۾ ھجين توسان پيار ڪيان.. اھا آس اندررر........“