سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 218
  • 32
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (384)

ڪتاب جو نالو: انڊونيشيا جو عشق
موضوع : (سفرنامو)
ليکڪ: بلوچ صحبت علي
سنڌي، ٻيو ڇاپو: مارچ 2024ع
ڪمپوزنگ: علي انور لغاري ۽ دائود ڪبير لغاري
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: 1500 رُپيا
Dollar: $7.16

Indonesia jo ishq ( Love of Indonesia)
Travelogue
© Baloch Suhbat Ali
2nd Edition: March 2024
Published by: Kanwal Publication
ISBN: 978-969-2252-65-3

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

ارپنا

آءُ اوراهون سپرين! پري وڃ م پي!،
موٽ، مرنديس ڇپرين، تون جيارو جي،
هوت! م ڇڏج هي، پنھون! پيادي پنڌ ۾.
سرسسئي آبري (لطيف سرڪار رح)

(اي سپرين! تون ويجهو اچ. محبوب! تون مون کان پري نڪري نہ وڃ. تون موٽ. نہ تہ جبلن ۾ ئي فنا ٿي وينديس. ڇو تہ منھنجي جيءَ کي جياريندڙ آهين. اي هوت پنھون! هن پياديءَ کي سفر ۾ ڇڏي نہ ڏج).


پنھنجو هي تخليقي پورهيو پنھنجن پيارن دوستن، ساٿين، دلبرن، ڀائرن، محبتي انسانن ۽ محبوب شخصيتن: ڊاڪٽر سنتوش مل، پرتاب راءِ شواڻي ۽ جاني منصور علي چارڻ جي نانءُ، جن انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جهڙن محبوب ملڪن ۾ پل پل اٿاھہ پيار، عزتون ۽ محبتون ڏيئي منھنجو مان مٿي ڪيو.

بلوچ صحبت علي

Keep your personal life private

Don’t advertise your happy marriage on social media.
Don’t advertise your kids achievements on Social media.
Don’t advertise your expensive buys on social media
Reality is…
1.Not everyone is going to be happy for your.
2.Most of the “Nice” comments you get are just fake.
3.Your will only attract the evil eye on you and your family.
4.You are attracting jealous people in your life.
5.You don’t know who is saving your pictures and checking your updates.
6. You rally need to stop this because it may ruin your life, family, marriage and career.
Social Media is the devils eyes, ears and mouth, don’t fall in to the devils trap. Let your private life remain private.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، سفرنامانگار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت عليءَ جو انڊونيشيا بابت لکيل خوبصورت سفرنامو ”انڊونيشيا جو عشق“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
انڊونيشيا 17508 ننڍن توڙي وڏن جزيرن تي مشتمل بيحد سرسبز ۽ خوبصورت ملڪ آهي جيڪو ڪيترن ئي سببن جي ڪري دنيا ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. بلوچ صحبت کي قدرت لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آھي. نثر ۽ نظم کي پختي ۽ ڏاڍي خوبصورت نموني بيان ڪرڻ جو ھنر اٿس. ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.
ھي ڪتاب مارچ 2024ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت عليءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنھنجي پاران

ڪايو ڪمايوم.....
ڪايو ڪمايوم ، موتي مون نہ وڻجيا،
شيھي جو سيد چئي وکر وهايوم،
ھھڙو حال سندوم، تون تنھنجي اُبھان.
شاھہ رح

”مون شيشي جو (ڪوڙ جو وڻج/واپار ڪيو) ۽ مون موتين جو ڪاروبار نہ ڪيو، شيھي (ڪوڙين ۽ خصيص شين) جي وکر جو سودو ڪيم. ان ڪري منھنجو حال اهڙو ئي آهي، پر مان تنھنجي ئي رحم ڪرم /مھر تي پيو تڳان/جيئان.“
هن کان اڳ ۾ دبئي جو سفرنامو ”دادوءَ کان دبئي“ سال 2019ع ڇپيو هو. هيءُ مُلڪ مان پنھنجن پيارن دوستن محترم اعجاز سيف پنھور، جاني منصور چارڻ سان گڏ گهمي آيو هيم. بعد ۾ ڪرونا ڪم کي ٺپي ڇڏيو هيو. وري سال 2022ع ۾ هڪ دفعو ٻيھر قسمت ٻين نون دوستن سان ملائڻ لاءِ نيپال وٺي آئي. انھن پرين پيارن ۾ مختيار سمون، پرتاب راءِ شيواڻي، ڊاڪٽر سنتوش مل، مظفر کوکر، جنيد ڏهر، عبدالرسول چنہ، اعجاز سيف پنھور، جاني منصور ۽ راقم الحروف اچي وڃن ٿا. توهان جي هٿن ۾ ”دادوءَ کان دبئي“ ۽ ”نيپالي نينھن“ جھڙا خوبصورت سفرناما اڳ ۾ ئي پيش ڪري چڪو آهيان. جن کي توهان تمام گهڻو ساراهيو. ان ڪري مان توهان جو شڪرگذار آهيان. ان کان پوءِ سال 2023ع جي جولاءِ مھيني ۾ ٽن ملڪن کي گهمڻ جو هڪڙو ٻيو موقعو مليو، هنن ملڪن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ اچي وڃن ٿا.
اهو سچ آهي تہ انھن ٽنھي ملڪن کي گهمائڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ منھنجي پياري دوست جاني منصور جو آهي. جيڪڏهن جاني سچائي سان منھنجو ساٿ نہ ڏيئي ها تہ شايد مان مٿيان ٽيئي خوبصورت ملڪ نہ گهمي سگهان هان. سو ٽنھي ملڪن جا الڳ الڳ سفرناما توهان جي خدمت ۾ پيش پيش آهن.
توهان جي مبارڪن هٿن ۾ هن وقت جيڪو سفرنامو آهي اهو ”انڊونيشيا جو عشق“ آهي ۽ هي انڊونيشيا جي ملڪ بابت آهي. انڊونيشيا تمام سٺو، خوبصورت ۽ ڪيترن ئي ڳالھين جي ڪري پنھنجي اردگرد جي ملڪن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. توهان جيڪڏهن گهمڻ جو شوق رکو ٿا تہ پنھنجي گهمڻ واري شيڊول ۾ هن ملڪ جو نالو ضرور لکجو. ڇو تہ ڀلي کڻي توهان دنيا جا مختلف ملڪ گهمي اچو پر جيڪڏهن انڊونيشيا نہ گهميو تہ مون کي پڪ آهي تہ توهان هڪڙي سٺي ملڪ جي درشن کان محروم ٿي ويندوَ. ۽ توهان کي هن ملڪ جي گهمڻ جي تشنگي رهجي ويندي. هن خوبصورت ملڪ جي باري ۾ اچو تہ توهان سان ڪچھري ڪيون؛
انڊونيشيا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ انڊيا جي وچ ۾ بحرالھند کان بحرالڪاحل جي وچ ۾ ، دنيا ۾ سڀ کان وڏو جزيري وارو مسلمان ملڪ آهي. هن جو مڪمل نالو ريپلبڪ آف انڊونيشيا آهي. هن جو نالو ٻن ٻولين لاتين ۽ گريڪ جي سنگم آهي. انڊوس Indos جو مطلب آهي ”انڊين“، نيساس nesos مطلب جزيرو ؛ يعني انڊين ماڻھن جو جزيرو Indian islands.
هن جا 34 صوبا ۽ پنج رياستون آهن. جيتوڻيڪ هتان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي انڊونيشين پر هتي 700 مختلف ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون ۽ گهڻي کان گهڻي ڳالھائي ويندڙ ٻولي Javanese آهي. پر 18000 هزار جزيرن ۾ ٽي سو مختلف قبيلن جا ماڻھو رهن ٿا. هتي آثار قديمہ جا ادارا ڪافي هزار سال اڳ ۾ جي زندگيءَ جي پراڻن آثارن جو ڏس پتو ڏين ٿا. انڊونيشيا ۾ جديد زندگي جو ظھور 2000 قبل مسيح ۾ ٿي هئي. جنھن کان پوءِ اوڙي پاڙي جي علائقن /ملڪن جا ماڻھو هتي اچي آباد ٿيڻ شروع ٿيا.
ٻين صدي عيسوي ۾ ٻڌمت ۽ هندن هتي پنھنجون پنھنجون الڳ الڳ رياستون قائم ڪري ڇڏيون. پوءِ اهي سلطنتون ڪڏهن ٺھنديون رهيون تہ ڪڏهن وري ڊهنديون بہ رهيون. اهو ھميشہ تاريخ جو حصو رهيو آهي تہ اقتدار جا بکيا ماڻھو ڪڏهن نہ ڪڏهن رياست جا غدار نڪري پوندا آهن. ان ڪري انڊونيشيا ۾ اڀري ايندڙ رياستون گهڻي عرصي تائين پنھنجو تاءُ ڄمائي /بيھاري نہ سگهيون ۽ جٽاءُ نہ ڪري سگهيون.
12 صديءَ تائين ٻڌ مت ۽ هندن جو حڪومتون ٺھنديون ۽ ڊهي زوال پذير ٿينديون رهيون. جڏهن تہ 9 صدي کان اڳ ۾ ئي اسلام جو پکي تاجرن/واپارين جي روپ ۾ هتي پنھنجا پرَ پکيڙي چڪو هو.
12 صديءَ تائين انڊونيشيا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ مسلمان رياستون قائم ٿي چڪيون هيون. هڪڙي سروي مطابق تہ هتي ننڍيون وڏيون 7,40,000 مسجدون آهن. ان ڪري هندن ۽ ٻڌمتن جي جيڪا ٿوري گهڻي حڪمراني هئي، سا بہ 15سو عيسوي ۾ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي هئي ۽ انڊونيشيا ۾ اسلام مڪمل طور ٿي پکڙجي ويو هو.
20 مارچ 1602ع ۾ نيدرلينڊس جي حڪومت ڊچ ايسٽ انڊيز Cvereningk oastindische compagnie orvac. ڪمپني جو قيام عمل ۾ آيو. ۽ 1610ع تائين پنھنجو تسلط قائم ڪري چڪي هئي.
انڊونيشيا انھن ڏينھن ۾ يورپي ماڻھن لاءِ سڀ کان وڏو قيمتي علائقو هيو جتان زراعت ۽ صنعت ڪاري جي ڌنڌن کان علاوہ مصالحن جو تمام گهڻو مقدار يورپ منتقل ٿيندو رهيو. 18 صدي جي دوران برطانوي ۽ نيدرلينڊي بہ پنھنجيون پنھنجيون آباديون انڊونيشيا ۾ قائم ڪري چڪا هئا. ساڳي صدي دوران ئي برطانيه انڊونيشيا کان ٻاهر نڪري ويو هو. اسلام جي جاءِ حڪومتي مذهب عيسائيت ٿي چڪو هيو. 20 صدي تائين ”ڊچ“ جو تسلط موجودہ ملڪي بائونڊري تائين هليو ويو.
9 مارچ 1942ع جو ٻي مھاڀاري جنگ جي دوران جاپان انڊونيشيا جي ڪجهہ علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو هو ۽ پنھنجون جڙون اتي مضبوط ڪندي جاپانين 17 آگسٽ 1945ع جو نيدرلينڊ کي هتان نڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. ۽ هتان جو قومي ليڊر Sukarno آزاديءَ جو نعرو هڻي، صدر ٿي بيھي رهيو. انھي سال آمريڪا ائٽمي حملا ڪندي جاپان کي ڪمزور ڪري وڌو هيو. جنھن کان پوءِ جاپان کي بہ انڊونيشيا کان نڪرڻو پئجي ويو هو.
جيتوڻيڪ 27 ڊسمبر 1949ع جو نيدرلينڊس جي حڪومت پڄاڻي تي پهتي ۽ انڊونيشيا وجود ۾ اچي چڪو هو پر ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انڊونيشيا کي 1945 ع ۾ ئي آزادي ملي هئي جڏهن تہ ان کانپوءِ 1949ع ۾ ٻيھر قائم ٿيندڙ هن رياست انڊونيشيا کي مڪمل طور خودمختياري کان محروم ڪري ڇڏيو. ڇو تہ عوام ۾ اڳ ۾ ئي خوداري جو عنصر جنم وٺي چڪو هيو. اهڙين حالتن ۾ هي متحده رياست گهڻو عرصو پاڻ کي نہ سنڀالي سگهي ۽ 17 آگسٽ 1950ع جو اصلي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انڊونيشيا جو وجود دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. انڊونيشيا آزادي سان گڏ دنيا ۾ وڏي مسلمان ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. انڊونيشيا آبادي جي لحاظ کان سڀني ملسلمان ملڪن کان وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي ۽ پوري دنيا ۾ هي چوٿين نمبر تي اچي ٿو.
انڊونيشيا 17508 ننڍن توڙي وڏن جزيرن تي مشتمل بيحد سرسبز ۽ خوبصورت ملڪ آهي جيڪو ڪيترن ئي سببن جي ڪري دنيا ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. 1910931 چورس ميل جي ايراضي تي ڦھليل هي ملڪ پنھنجي ايراضيءَ جي اعتبار سان دنيا جو 14 هين نمبر تي اچي ٿو. 2017 ع جي سروي مطابق انڊونيشيا جي ڪل آبادي 26 ڪروڙ 19 لک ماڻھن تي مشتمل آهي. هن جي ڪل 272 ملين جي آبادي ۾ 87.2 مسلمان، 9.9 مسيحي ماڻھو، 1.7 هندو، 0.7 ٻڌ مت جا پوئلڳ ۽ باقي ننڍڙو تعداد ٻين مذهبن کي مڃڻ وارن جو آهي.
هن ملڪ جي گادي جو هنڌ ”جڪارتا“ آهي. هي ملڪي دارالحڪومت کان علاوہ هڪڙو عظيم تاريخي شھر پڻ آهي. ڪنھن دور ۾ هي هندن جي ”سلطنت ِسنڊا“ جي اهم بندرگاھہ هوندي هئي ۽ تمام وڏي اهميت وارو شھر هيو. جڏهن تہ هڪڙي مسلمان مردِ مجاهد فتاح الله جي قيادت ۾ مسلمانن 15 صدي ۾ هن شھر کي فتح ڪيو هو. ان ڪري هن شھر جو نالو ”سنڊا ڪلاپا“ کان مٽائي ”جڪارتا“ رکيو ويو هو، جنھن جو مطلب ”مڪمل فتح ڪرڻ“ آهي. جڪارتا ايراضي جي حساب سان دنيا جو 13 هون سڀ کان وڏو شھر آهي ، ان ڪري هي شھر دنيا جي وڏن وڏن شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ گنجان آبادي وارن شھرن ۾ هن جو نالو نائين نمبر تي اچي ٿو.
انڊونيشيا جي ڪرنسي کي ”انڊونيشين روپيا“ چيو وڃي ٿو. هن جي ڪرنسي بہ ايران جيان ڏاڍي ڪمزور ۽ ڪريل آهي. هنن وٽ هڪ لک جو وڏي ۾ وڏو نوٽ آهي. پاڪستان هڪ روپئي جي بدلي ۾ توهان کي49.20 روپيا ملندا. يعني توهان جا هڪ هزار هتي توهان کي49200 روپيا ملندا. انڊونيشيا وقت جي لحاظ کان پاڪستان کان 3 ڪلاڪ اڳتي آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي ”ڀاشا يا ڀاسا“ آهي جڏهن تہ انگريزي جديد ۽ ٻي زبان جي حيثيت ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻولي آهي.
انڊونيشيا ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻولين جو انگ 300 کان مٿي آهي. جن ۾ سندانيز Sundanese، جوائنز، ساسڪ Sask، ماليMalay ۽ منھاسا اهم ۽ نمايان ٻوليون آهن. انڊونيشيا ۾ غير ملڪين ۾ سڀ کان گهڻو تعداد، پاڪستانين، بنگالديشين ۽ انڊين جي آهي، جيڪي اتي پنھنجي ملڪي ٻولين ۾ ڳالھائيندا آهن. جوانز، مادوري، ڀٽڪ ۽ سنديز ماڻھو هتان جا اهم قبيلا سمجهيا ويندا آهن، ان کان علاوہ هتي ٻيا بہ ڪيترائي اهم قبيلا آهن. هتان جو قومي گل ”Puspa Bangsa يا Raffesia“ بہ هتان ئي ڦٽي نڪري ٿو. ڪوموڊو ڊريگن Komodo dragon انڊونيشيا ۾ ٿئي ٿو، جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪرڙي آهي. هن جو سائيز ٽي ميٽر (9.8ft) ٿئي ٿو. انڊونيشيا جي ڪيپٽل ۾ واقع ”گلورابنگسGelora Bung Karno“ اسٽيڊيم هتان جو وڏو اسٽيڊيم آهي. جتي هڪ ئي وقت 1,20,800 ماڻھو/تماشائي راند ڏسي سگهن ٿا.
54716 ڪلو ميٽر جي ساحلي پٽي جو هي ملڪ ڪيناڊا کان پوءِ، سڄي دنيا ۾ سامونڊي ڪناري جي حوالي سان ٻيو نمبر ملڪ آهي. ڪو دؤر هو جو هي ملڪ ”ريڊ لائيٽ“ علائقي جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشھور هيو. جتي هڪ ئي وقت 2000 کان مٿي عورتون Sex لاءِ پيش ڪيون وينديون هيون. پر جڏهن کان مذهبي تنظيمن هن عمل جي خلاف آواز اٿاريو تہ ان کان پوءِ، 2014ع ۾ هن مخصوص ايريا کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو هو.
انڊونيشيا ۾ پونڪاڪ جييا Puncak Jaya جي ويجهو ”گراس برگ کاڻ Grasberg mine“ سون جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي کاڻ آهي ۽ ٽامي جي هي ٽين نمبر وڏي کاڻ پڻ آهي. هن کاڻ جو ترو/کڏو ايڏو وسيع ۽ گهرو آهي جو چون ٿا تہ اهو خلا کان بہ نظر ايندو آهي. سينٽرل جاوا ۾ واقع ”بوروبودر مندر Borobudur“ دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن جو سڀني کان وڏو مندر آهي. دنيا جو ٻيون، ٽيون ۽ ڇھون سڀ کان وڏو جزيرو بہ انڊونيشيا ۾ ئي واقع آهي. دنيا جي وڏن وڏن جزيرن ۾ 13 وڏا جزيرا بہ انڊونيشيا ۾ ئي اچي وڃن ٿا. انڊونيشيا جو جزيرو جاووا سڀني کان گهڻو ڳتيل آبادي وارو جزيرو آهي.
هن جزيري ۾ انڊونيشيا جي اڌ آبادي رهائش پذير آهي. گينيز ورلڊ بوڪ جي رڪارڊ مطابق، دنيا جو سڀ کان وڏو پائيٿن Python نانگ 1912ع ۾ ”سلاويسي“ کان ئي پڪتو ويو هو، جنھن جي سائيز 9.75 (32 ft) ميٽر ڊگهي ٻڌائي ويئي آهي. هن جو وزن 182.76 ڪلو هيو. هن ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي ڪري سڀ کان گهڻي موت 26 ڊسمبر 2004ع ۾ 7.58 ريڪٽر اسڪيل جي سونامي Tsunami جي ڪري ٿي. جنھن ۾ ٻہ لک ٽيھہ هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. انڊونيشيا جو جهنڊو بلڪل مناڪو جي جهنڊي جھڙو آهي. فقط سائيز ۾ انڊونيشيا جو جهنڊو ٿورو وڏو آهي. البتہ پولينڊ جو جهنڊو انڊونيشيا جي جهنڊي جي سائيز ۾ وڏو آهي. بس ان ۾ فرق صرف ايترو آهي تہ ڳاڙهو رنگ هيٺين پاسي رکيل آهي. جڏهن تہ مناڪو ۽ انڊونيشيا جي جهنڊن جو ڳاڙهو رنگ مٿان ۽ سفيد رنگ هيٺان آهي.
انڊونيشيا معيشيت جي حوالي سان دنيا جو ستون نمبر ملڪ آهي ۽ هي جي G-20 تنظيم جو ميمبر ملڪ آهي. انڊونيشيا جي معيشيت ۾ سون، ٽامي، زراعت کان علاوہ رٻڙ جي ايڪسپورٽ تمام نمايان آهي. رٻڙ جي ايڪسپورٽ ۾ هي دنيا جو ٻيون نمبر ملڪ شمار ٿئي ٿو. ”جئسون رينو“ بہ انڊونيشيا جو ئي هڪڙو جانور آهي، جيڪو انڊونيشيا کان علاوہ توهان کي دنيا ۾ ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندو. هي هاڻي فقط پنجاھہ کن وڃي بچيا آهن. جيڪڏهن توهان ڍنڍن جي پاڻي جو رنگ بدلجندي ڏسڻ چاهيو ٿا تہ ان لاءِ بہ توهان کي انڊونيشيا اچڻو پوندو ۽ انڊونيشيا ۾ آتش فشان جبل ڪيلوڊ Kelud مووٽو تي چڙهڻ کان پوءِ ئي هن قسم جون ڍنڍون توهان کي نظر اينديون. جيڪي مختلف گيسن جي خارج ٿيڻ جي ڪري ئي پنھنجو رنگ، ڳاڙهو، سائو، ڪارو، نيرو ۽ ٻين ڪيترن ئي رنگن ۾ پنھنجي پاڻي کي مٽائي ڇڏين ٿيون. انڊونيشيا ۾ تقريبن 147 آتش فشان پھاڙ آهن. جن مان 76 زندہ آهن.
توهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو هلان تہ سينگاپور جو قومي ترانو بہ انڊونيشيا جي تخليقار ”اينڪ زبير سعيد Enick Zubair Saeed“ لکيو هو. انڊونيشيا ۾ ئي ٽي ٽائيم زون آهن. جڏهن تہ فرانس ۾ ٽائيم زون جو انگ 12 آهي. انڊونيشيا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سڀني کان وڏي معاشي طاقت وارو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. ”جاون هاڪ ايگل Javan Hawk eagle (اينگ جاوا)“ هتان جو قومي پکي آهي. انڊونيشيا پنھنجي قوموڊو ڊريگن، بيچز، چيتن، ميوزڪ ۽ آثار قديم جي ڪري دنيا جي سياحت جو مرڪز بڻيل آهي. جن کي ڏسڻ لاءِ 2016ع ۾ سياحن جو تعداد هڪ ڪروڙ ويھہ لک تائين پھچي چڪو هيو. سياحت جو شعبو بہ هن ملڪ جي آمدني ۾ گهڻي اضافي جو ڪارڻ آهي.
هتان جا ماڻھو ننڍي قد جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آهن. جڏهن تہ نيدرلينڊ جا ماڻھو ڊگهي قد جي ڪري پھرئين نمبر تي آهن. 2011ع جي رپورٽ جي مطابق انڊونيشيا ۾ 3 لکن کان وڌيڪ جانور ۽ پکي آهن. دنيا جون 45 قسمن جون مڇيون انڊونيشيا ۾ ملن ٿيون. انڊونيشيا ڏيڏر جا ليگ پيس فرانس کي سپلا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. انڊونيشيا پام آئل جي پيداوار جي ڪري بہ دنيا جو پھريون ملڪ ٿئي ٿو. جڏهن بہ اسان وٽ گيھہ يا تيل جون قيمتون وڌي وينديون آهن تہ اسان چوندا آهيون تہ پام آئل جا اگهہ چڙهي ويا آهن. ڇو تہ 50 سيڪڙو آئل دنيا انڊونيشيا کان گهرائيندي آهي.
انڊونيشيا جي کاڌن ۾ چائينيز، انڊين، پاڪستاني، مشرق وسطہ Middle East ۽ يورپي کاڌا شامل آهن. برازيل کان پوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو جهنگل بہ انڊونيشيا ۾ ئي آهي. جتي اڄ بہ ٿوري تعداد ۾ جهنگلي قبيلا رهائش پذير آهن، جن جو جديد دؤر جي ماڻھن سان ڪو بہ واسطو ڪونھي. راندين ۾ بيڊ منٽن ۽ فُٽ بال سڀ کان گهڻو پسند ڪيون ويندڙ ۽ کيڏيون ويندڙ رانديون آهن. جڏهن تہ باسڪٽ بال ۽ باڪسنگ مارشل آرٽ کيڏيون ويندڙ رانديون پڻ مشھور آهن. انڊونيشيا ۾ تعليم تي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توجھہ ڏنو وڃي ٿو. ان ڪري هتان جي تعليمي شرع 95.38 في صد ٿي چڪي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي تہ شروعاتي ٻن سالن تائين ٻارن کي پنھنجي ئي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. ان کان پوءِ ئي انڊونيشيا جي ٻولي ”ڀاشا“ ۾ ئي تعليم ڏني ويندي آهي.
ان کان علاوہ ڪجهہ دلچسپ ڳالھيون اهي بہ آهن تہ آگسٽ 2021ع هن کان اڳ ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ عورتن کان ڪنواري پڻ واري ٽيسٽ پاس ڪرائي ويندي هئي. ان کان پوءِ ئي انھن کي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ائين نہ آهي. جنرل آنديڪا پرڪاسا General Andika Perkasa چيف آف آرمي اسٽاف اها شرط ختم ڪري ڇڏي هئي.
هي سڄو ملڪ فطري طور تي سونھن، سوڀيا ۾ انتھائي خوبصورت آهي. سو هن ملڪ جي خوبصورت يادون کڻي پاڪستان ورياسين تہ سهي پر پنھنجو روح اتي ڇڏي آياسين. زندگي موقعو ڏنو تہ ٻيھر انڊونيشيا ضرور وڃبو ۽ بالي سان ملاقات ڪرڻ جو شرف ٻيھر حاصل ڪندس. بالي جون خوبصورت يادون هن سفرنامي جو حصو آهن، جيڪي توهان کي هن سفرنامي ۾ قدم قدم تي پڙهڻ لاءِ ملنديون.
ڀٽائي گهوٽ جو بيت آهي ته؛
اُڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور،
سڄڻ سُتا ولھہ ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آءُ نہ پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نہ ٻور،
جنھن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.

(اي چنڊ! تون اُڀري پئہ، نڪري ٿي نروار، ۽ اٿي پرين جو درشن ڪر، ڇو تہ هو تو کي ويجهو آهي، ۽ مان هن کان ڪوهون ڏور آهيان. منھنجي محبوب اڄ پنھنجن وارن کي چندن سان واسي، کلي آسمان هيٺ ٿڌ ۾ سمھڻ کي ترجيح ڏني آهي. جيتوڻيڪ مان پيرين پنڌ ڪري، هن وٽ پڄڻ جھڙي نہ آهيان، ۽ منھنجو بابل ڪو اٺ بہ نہ ٿو ڏيئي، جنھن تي سوار ٿي، اسور جو سوير ئي پرينءَ جي پار ڏي ڪاهيان).
آخر ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏي سفرناما نگار محترم سائين الطاف شيخ صاحب جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنھن ٽنھي سفرنامن جو بيڪ ٽائٽل پيج فون تي لکرايو. جيتوڻيڪ سائين جي طبيعت ۾ مزو ناهي پر پوءِ هن مون تي وڏا وڙ ڪيا. مان الطاف شيخ صاحب کان هون بہ گهڻو متاثر آهيان ۽ سائين جا مون تي اڳ تمام گهڻا ٿورا بہ آهن. ڇو تہ الطاف شيخ ھميشہ منھنجي همت افزائي ڪندي مون کي سفرنامن لکڻ لاءِ تمام اتساهيو آهي. هن جي ڪري ئي هي سفرنامو توهان جي هٿن ۾ آهي.
مان ٿورائتو آهيان پنھنجن پيارن وڪيل ڀائرن ۽ دوستن جو ، جن ۾ محترم سائين سڀاڳچند متلاڻي ايڊووڪيٽ، اندرجيت لھاڻو ايڊُووڪيٽ، غلام سرور بلوچ ايڊووڪيِٽ، غلام علي ٽالپر ايڊووڪيِٽ، رضوان علي سومرو ايڊووڪيٽ، راشد حسين گهلو ايڊووڪيِٽ، عاقب راڄپر ايڊُووڪيٽ، شفيع محمد ميمڻ ايڊووڪيٽ، ڪوڙا خان ميمڻ ايڊووڪيٽ، غلام شبير گوپانگ، اعجاز سيف پنھور، رياض نور پنھور، ڊاڪٽر منير احمد عباسي، ڊاڪٽر راڻو مل پرياڻي، ڊاڪٽر زاهد علي بلوچ، ڊاڪٽر عابد علي لغاري، اعجاز سولنگي، الطاف پلھہ ، امداد حسين ميمڻ(A-COC Session Court Dadu)، منير احمد سولنگي (ميونسيپل ڪميٽي دادو)، امجد اقبال ميمڻ (نادراآفيس دادو) ۽ حاجي محمد اسماعيل چارڻ صاحب جن ھميشہ منھنجي حوصلا افزائي ڪري مون کي لکڻ تي همٿايو. شال سدائين سکيا هجن.
ان کان علاوہ مان پنھنجن جونئير ساٿين ۽ پنھنجي آفيس اسٽاف جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنھن جي تعاون سان ئي مان پنھنجا ٽيئي سفرنامو پايہ تڪميل تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ويس. انھن دوستن ۾ محترم افتخار حسين سانوڻاڻي (اسٽينوگرافر سيشن ڪورٽ دادو)، رميش ڪمار متلاڻي ايڊووڪيٽ، شاهزيب، شبير گوپانگ، عاشق علي لنڊ، عمران علي گوپانگ ۽ غلام ياسين لنڊ اچي وڃن ٿا جن منھنجي پروفيشنل ڪم ۾ منھنجو هٿ ونڊرايو.
دادو بار جي سال 2024 ع جي چونڊجي آيل نئين باڊي جي دوستن محترم علي انور ساهڙ (صدر)، مفيد احمد ناريجو (جنرل سيڪريٽري)، محبوب علي اوڍاڻو ( جوائنٽ سيڪريٽري)، مس مومل جويو (خزانچي)، غلام مصطفيٰ پنھور (لائبريرين) ۽ ٻين ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ اها اميد رکان ٿو تہ هي باڊي بار جي مفاد ۾ پنھنجي وسان ڪين گهٽائيندي.
جيڪڏهن مان هتي پنھنجي محسن، همدرد، يارن جي يار ۽ پياري شخصيت سائين پير معظم الحق صاحب جو ذڪر نہ ڪيان تہ مان گنھگار ٿي وڃان. معظم صاحب عزت ڏيڻ بہ ڄاڻي تہ وٺڻ بہ. هن جو ننڍن سان پيار، انھن سان شفقت وارو ورتاءَ انتھائي مانائتو آهي. وڏن کي عزت، احترام ۽ مان مرتبو ڏيئي سدائين پنھنجي محبتن جو اعليٰ مثال قائم ڪندي نظر ايندا آهن.

اوهان جو اهو ئي ساڳيو ناچيز

بلوچ صحبت علي
وڪيل هاءِ ڪورٽ
دادو-سنڌ

مھاڳ

منھنجي دوست ڪافي سال اڳ ۾ ھڪ ڳالھہ ڪئي تہ اسان بنا پڙھڻ جي لکندا آھيون ۽ بنا لکڻ جي پڙھندا آھيون. اھا ڳالھہ مون صحبت بلوچ جي ھن سفرنامي"انڊونيشيا جو عشق" پڙھندي محسوس ڪئي تہ خيالي لفظن ۽ مشاهدي ڪيل ماڳن تي لکڻ ۾ ڪيترو فرق آھي. منھنجي خوش قسمتي ھئي جو ادب شناس، مترجم، شاعر ۽ اديب دوست صحبت بلوچ سان گڏ ھن سفر جو حصو رھيس.
صحبت کي قدرت لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آھي. نثر ۽ نظم کي پختي ۽ ڏاڍي خوبصورت نموني بيان ڪرڻ جو ھنر آھي. ٽريول ايجنٽ کان شروعات ٿيل سفر کوڙ سارين خوبصورت يادن جو البم آھي. جنھن جو ھر اکر پڙھندي لفظن مان تصويرون جڙي رھيون آھن. صحبت ھر باب کي خوبصورت عنوان ڏنو آھي، جيڪو پڙھندڙن کي ڄاڻ ڏانھن وڌيڪ ڇڪي ٿو.
ھونئن تہ سفرنامہ يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سهولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي. "مان نڪري ويس لائيٽر رھجي ويو"، سن سيٽ جو پوڙهو ۽ بوم بوم، 80 ارب روپين جي چانھہ پي ويا، نوسا پينيدا ۾ ڊينڊڙي ڊرائيور جا ڪمال، شوخ حسينا سان ٽڪر، فنس ڪلب جو گول چڪر ۽ گرم بسترا، ورجن بيچ جي ورجن ناري، نانگ ۽ اَنگريزياڻِين جون رڙيون. ھوٽل جي جوان رات، اھي سڀ خوبصورت عنوان آھن جيڪي پڙھندڙن جي تجسس کي ويتر وڌائن ٿا.
صحبت بلوچ، ڊاڪٽر سنتوش مل، منصور علي جاني چارڻ جھڙن ڀلوڙ ۽ دل کي وڻندڙ دوستن جو ملڻ ئي ڪنھن خوبصورت سفرنامي جو تسلسل آهي. صحبت سفر جي دوران ملندڙن ماڻھن کان سوال ڪري، وڌ ۾ وڌ معلومات پنھنجي پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. سندن گڏ سفر ڪرڻ دوران لطيفن ۽ شاعري ويتر سفر کي پرڪشش ڪري ڇڏيو.
اميد آھي تہ چئن دوستن جو سفري سلسلو ھلندو رھندو ۽ يادگيرين کي صحبت بلوچ بهتر انداز سان سھيڙي سڀني پڙھندڙن تائين معلومات جي رسائي جاري رکندو.

سدائين گڏ

پرتاب راءِ شيواڻي
مٺي-ٿرپارڪر-سنڌ

لکڻيءَ جو سحر

بلوچ صحبت نوجوان شاعر، جنھن شاعري سان گڏ نثر بہ لکيو آهي. سندس هن ڪتاب کان اڳ 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انھن ۾ شاعري، تدريسي ڪتاب، خاڪا ۽ ترجمه شامل آهن. صحبت جڏهن کان ٻين ملڪن کي گهمڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن کان هن سفرنامه پڻ لکڻ شروع ڪيا آهن. ”انڊونيشيا جو عشق“، سندس ٽيون سفرنامو آهي. سندس پھريون سفرنامو ”دادوءَ کان دبئي“ ۽ ان کان بعد ۾ ”نيپالي نينھن“ آهي.
بلوچ صحبت کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻي حد تائين شوق آهي ۽ کيس نثر توڙي نظم لکڻ ۾ مھارت پڻ حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو سال ۾ ڪو نہ ڪو تازو ڪتاب منظر عام ۾ ايندو رهي ٿو ۽ ادبي کيتر ۾ سٺن ڪتابن جو اضافو ڪندو رهي ٿو.
سفرنامي جو خيال ايندي ئي ذهن ۾ پھريون نالو الطاف شيخ جو اڀري اچي ٿو. شايد ئي ڪو اهڙو سنڌي پڙهندڙ هجي، جنھن الطاف شيخ جا سفرناما نہ پڙهيا هجن. مون ذاتي طور رڳو الطاف شيخ کي ئي پڙهيو آهي. ان کان سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا سفرنامه بہ پڙهيا آھن پر انھن ليکڪن جا نالا ياد ڪونہ اٿم.
هونءَ تہ سفرنامو ڪنھن ملڪ جو اکين ڏٺو احوال هوندو آهي. ڪي ليکڪ ان ۾ پنھنجي فرسٽريشن بہ شامل ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ واقعو ٿو ياد اچيم، 1995-94 ۾ ٺٽي ضلعي جي لڳندڙ هڪ ميلي ۾ ڪتابن جو اسٽال لڳايو هئم. اُهي ڪتاب ناز سنائي کان کنيا هيم. هي ڪتابن جو اسٽال سانده ٽي ڏينھن لڳل رهيو. ان دوران خليل جبران جو ڪتاب ”ڪنوار جي سيڄ“ سڀ کان وڌيڪ وڪاميو. هڪ همراھہ آخري ڏينھن ڪتاب واپس ڪرڻ آيو ۽ چيائين، ”هن ڪتاب ۾ ”ڪنوار ۽ سيڄ“ جي باري ۾ تہ ڪجهہ بہ ڪونھي. بيڪار ڪتاب آهي. هي واپس وٺ، پئسا موٽائي ڏي.“ آءٌ ڳالھہ سمجهي ويس، کيس پئسا موٽائي ڏنم.
ها تہ صحبت ”انڊونيشيا جو عشق“سان پاڻ ملھايو آهي، ھن سادي سولي لھجي ۾ ڪنھن بہ لڪ ڇپ کان سوا ۽ اجايو پنھنجي فرسٽريشن شامل ڪرڻ بجاءِ سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي عڪس کي آئيني جيان پسايو آهي. سفرنامي ۾ اسين انڊونيشيا جي ثقافت، تھذيب کان وٺي معيشت سميت زندگي جا سڀ رنگ ڏسون ٿا.
سفرنامي جي شروعات 4 دوستن جي ويزا واري مرحلي کان ٿئي ٿي. جنھن ۾ کين ڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، پر هو سڀني مسئلن کي منھن ڏيئي پار پون ٿا ۽ صحبت اھو سڄو سربستو احوال لکيو آهي. سفرنامي ۾ رڳو انڊونيشيا جي حال ۽ سياحت جو ذڪر ڪونھي پر ان ۾ انڊونيشيا جي اوائلي تاريخ بابت بہ آگاهي ڏنل آهي. اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ انڊونيشين ماڻھن پنھنجي اصلوڪي ثقافت، جنھن ۾ سندن پاڙون کتل آهن، ان کي بہ هينءِ سان هنڊائي رکيو آهي.
انڊونيشيا بہ سنڌ جيان انگريزن جي يلغار هيٺ رهيو. جڏهن تہ پرتگالين هتي وڌيڪ حڪومت ڪئي. هي اهي ئي پرتگالي هئا جن ٺٽي کي ڦرڻ ۽ لٽڻ کان پوءِ باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
سياحت انڊونيشيا جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي. جيتوڻيڪ هي ملڪ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان 3 سال پوءِ غلاميءَ جي پنجوڙ مان نڪتو، پر هي اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو. ان ترقيءَ ۾ انڊونيشين قوم جو وڏو ڪردار آهي. سندن ڪاميابي جي اها خوبي آهي جيڪا مون مٿي بيان ڪئي تہ هنن پنھنجي ماضيءَ کي وسارڻ بدران ان ۾ ئي پنھنجون پاڙون کوڙي رکيون ۽ ٻي ڪنھن ملڪ يا ثقافت سان هروڀرو پنھنجو تعلق ڳنڍڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. جڏهن تہ پاڪستان ٺھڻ بعد هتي موجود اڪثريت پنھنجي ماضيءَ کي وساري، پنھنجو تعلق مشرق سان ڪٽي، مغرب سان ڳنڍيو ۽ نتيجو اسان جي سامھون آهي.
صحبت ”انڊونيشيا جو عشق“ ۾ جهر جهنگ، سمنڊ، ساحل، جبلن، آبشارن، مندرن، بازارن ۽ گهٽين سان گڏ جهنگلي جيوت ۽ پکين بابت بہ کوڙ ساري ڄاڻ ڏني آهي.
سفرنامو پڙهندي آءُ پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ تي مٿاڇري نظر وجهان ٿو. هتي سمونڊ، ساحل، سنڌوءَ جا ڪنارا، ڍنڍون، جبل، ريگستان سميت قدرت جي ھر شي موجود آهي، پر افسوس انھن جي سنڀال ڪونھي، نہ تہ اسين بہ سياحت ذريعي ملڪان ملڪ پنھنجي سڃاڻپ قائم ڪري سگهون پيا. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هتي اسان جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ سامان تيار ڪيو ويو آهي پر وري بہ هڪ اميد آهي تہ اسين هن کان اڳ آيل هيبتناڪ دور جيان ھن اونداهي دور مان بہ نڪري پار پونداسين.
”انڊونيشيا جو عشق“ ڦوھہ جوڀن تي اچي ٿو بينڪاڪ کان بالي ڏانھن واري حصي کان پوءِ. اُما انيار واٽر فال، تيگئن آبشار وارن ماڳن کان ويندي آخر تائين ليکڪ هڪ اهڙو سحر تاري ڪيو آهي جو پڙهندڙ هڪ ساهيءَ ۾ ئي سفرنامو پڙهي پورو ڪندو.
سفرنامي ۾ چار دوستن سان گڏ ڊرائيور، گائيڊ، هوٽل وارا، ناچڻيون، آسٽريلياڻي ۽ ٻين ملڪن جا سياح جيڪي سڀ هن اکين ڏٺي احوال جو حصو آهن ۽ اها روسي حسينا جنھن صحبت کان ڪائو بواءِ وارو ٽوپلو ورتو، ان کي بہ ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي.
صحبت ۽ سندس دوست بالي جي مندر ۾ پوڄا ڪري ٻاهر نڪتا تہ صحبت چواڻي، ”اسان کي ائين محسوس پئي ٿيو تہ ڪٿي پوڄاري پاڻ محبتن جو ديوتا تہ نہ آهي.“
هن سٽ مان صاف ظاهر آهي تہ هن ملڪ صحبت سميت چئني دوستن ۽ ٻين ملڪن جي سياحن کي ڪيتري محبت ڏني آهي.
آخر ۾ آءُ چوندس تہ هن ننڍڙي ڪتاب ۾ انڊونيشيا جو سربستو احوال ڏنل آهي. اميد آهي تہ هو اهڙا سفر جاري رکي اسان پارن کي گهر ويٺي دنيا گهمائڻ جو سلسلو جاري رکندو.

ڪوي شنڪر
جهرڪ
ڊان نيوز ڪراچي
13 جنوري 2024ع

جڏهن شام پاڇن کي ويڙهي ڇڏي،

جڏهن درد يادون سھيڙي ڇڏي،
تڏهن چنڊ کي تون نياپو ڪجان،
اڃان حسرتن جا ڏيئا ٿا ٻرن،
اندر کي آسرا اڃان ٿا رهن،
اسان وقت جي چيچ ناهي ڇڏي،
هلي آءُ زندگي ايڏي ناهي وڏي.

شيخ اياز

ڌوڪيباز ٽريول ايجنٽ ۽ مھانگائيءَ جو بم

دُبئي کان پوءِ نيپال گهمي آياسين. دبئي کان پوءِ دبئي جو سفرنامو (دادوءَ کان دُبئي 2019ع) ۾ لکيو ۽ ان کان پوءِ (نيپالي نينھن 2023ع) نيپال جو سفرنامو پڻ توهان تائين پھچايو. اهي ٻيئي سفرناما پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض رکي چڪو آهيان. هن دفعي اسان جو پروگرام آسٽريليا گهمڻ جو هيو. اسان آسٽريليا بابت پنھنجو سڄو مڪمل ڪري ڇڏيو هو. ايمبيسي ۾ بہ تمام گهڻا ڪاغذ پَٽَ جمع ڪرائي پنھنجي حاضري بہ هڻائي آيا هئاسين. ان کان علاوہ ويزہ جي ڳري فيس ڀري، جيريز gerrys جا چڪر بہ ڪاٽي چڪا هئاسين. پر اسان جي ويزا نہ لڳي. ان جو ڪارڻ اهو هيو جو هڪ تہ اسان ڌوڪيباز ٽريول ايجنٽ جي ور چڙهي ويا هئاسين ۽ ٻيو تہ هتي ايماندار ايجنٽ جو ملڻ بہ هڪڙو وڏو مسئلو هيو.
اسان ڪنھن اهڙي بي ايمان ٽريول ايجنٽ جي ور چڙهي ويا هئاسين. جنھن اسان جي ويزا بزنس مين جي طور تي اپلاءِ ڪئي هئي. جڏهن تہ اسان کي روٽري ڪلب آسٽريليا طرفان ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت مليل هئي. اسان اهو دعوتنامو بہ ڪاغذن سان گڏ لڳايو هو. جيئن تہ اسان نہ بزنس مين هئاسين، نہ ئي اسان جو ڪاروبار سان ڪو اورانھون يا پرانھون تعلق هيو. اصل ۾ بزنس ويزا جون گهرجون تمام گهڻيون آهن. جنھن جي ڪري اسان جي ويزا رد ٿي ويئي. پر جڏهن منھنجي پنھنجي هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرحمان حفيظ سان ان معاملي بابت ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ ان واضع ڪيو تہ آسٽريليا، آمريڪا، برطانيہ جي ويزا اپلاءِ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنھن ماهر ايجنٽ يا ڪنسلٽنٽ سان رابطو ڪجي تہ بھتر جيئن سڀ گهرجون پوريون ڪيون وڃن. خير آسٽريليا اسان جي نصيب ۾ نہ هيو.
ان کان بعد ۾ اسان جو پروگرام، ويٽنام، لائوس، ڪمبو ڊيا ۽ فلپائن جو هيو. پر خبر پئي تہ فلپائن جي ويزا جي پروسيس ۾ ٿورو وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ ويٽنام جي ويزا بہ رفيوز ٿي سگهي ٿي. باقي لائوس جي ويزا لڳي سگهي ٿي. پر ان کان پوءِ ڳالھين جو هڪڙو ٻيو رائونڊ هليو جنھن ۾ هي ٽي ملڪ فائينل ٿيا. انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ. انھن ملڪن کي گهمڻ لاءِ سڀ دوست راضي تہ ٿيا، پر ٽڪيٽون، هوٽلون، ويزا ۽ گهمڻ جو خرچ تمام مھانگو هجڻ جي ڪري ڪجهہ دوست راضي نہ ٿيا. اهو سچ هو تہ مھانگائي جو بم اسان جي عوام تي ڪيرايو ويو هو. 11 دوستن مان اسان چار دوست پنھنجو پڪو فيصلو ڪري بيھي رهياسين تہ ڇا بہ ٿئي، اسان گهمڻ وينداسين. ڀلي ٻيو ڪير هلي يا نہ. ان ڳالھہ تي ڪجهہ دوستن سان اختلاف بہ ٿي پيا ها، پر مان سمجهان ٿو اختلاف دوستيءَ جي سونھن آهي. پر ان ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت احترام جو هجڻ اهم آهي، جيڪڏهن اهو احترام ۽ عزت نہ رهي تہ پوءِ پويان پير ڪجن.اسان چئني دوستن جا مضبوط ارادا هئا، سو پنھنجن خيالن جي دنيا ۾ نوان خواب پوکي دنيا جي ٽن خوبصورت ملڪن جي چوائس ڪري، دادو کي الوداع ڪيوسين.

اعجاز سيف جو اوچتو انڪار

11.06.2023 تي مان ۽ جاني پنھنجي آفيس”صحبت علي لا ايسوسيئٽس دادو“ ۾ گهمڻ واري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيئي رهيا هئاسين تہ انھي دوران اعجاز سيف بہ اچي نڪتو هو. شام جو ستين بجي ڌاري جو وقت هيو. ڪافي زور ڀرڻ کانپوءِ اعجاز گهمڻ لاءِ راضي ٿيو هو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هاڻ پروگرام اڃان بہ مزيدار ٿي ويو هو.
آخر ۾ ويندي ويندي اسان ٽنھين دوستن اهو طئي ڪيو هو تہ صبح جو پنجين وڳي ڌاري انڊونيشيا جي ايمبيسي/ڪائونسليٽ جي لاءِ نڪري هلنداسين. ڊاڪٽر سنتوش حيدرآباد ۾ اسان سان شامل ٿيندو. ان ڪري مون پنھنجي ڀاڻج بخشل لنڊ کي ڊراپ ڪندي چيو تہ،”بس هاڻي توهان جي ضرورت ناهي، اسان پاڻ ۾ ڪافي آهيون ۽ ڊرائيونگ جاني پاڻ ڪندو.“ اسان جي هن ڪراچي واري پروگرام جي ٻيجل کي خبر پئجي ويئي هئي. ان ڪري هن وئيڪيشن جو ڀرپور فائدو وٺي ضد ڪري چوڻ لڳو، ”بابا! مان بہ ڪراچي هلندس.“ مون هن کي سمجهائيندي چيو تہ،”بابا! ڪراچي جو سفر وڏو آهي، تون ننڍڙو آهين. اسان پنھنجن ڪمن ۾ مصروف هونداسين. توکي گهمائي نہ سگهنداسين.“ سمجهائڻ جي باوجود هن کي اسان جي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ اسان بہ هار مڃي کڻي هٿيار ڦٽا ڪياسين.
ان رات مان ڏاڍو خوش هيس تہ اعجاز دبئي ۽ نيپال ۾ اسان سان گڏ هيو، سو هنن نون ملڪن ۾ گڏ هوندو تہ واھہ جو مزو ايندو. سو پاڻ ٽيئي ڄڻا موڪلائي آفيس بند ڪرائي، پنھنجن گهرن ڏانھن روانا ٿياسين. ٻئي ڏينھن يعني 12.06.2023 تي صبح جو سوير مان ۽ ٻيجل آفيس پھتا هئاسين ۽ جيئن ئي موبائيل آن ڪيم تہ جاني جو واٽس اپ تي وائيس ميسيج ڇڏيل هيو ، جنھن ۾ هن ٻڌايو تہ،”رات اعجاز صاحب وائيٽ بيڪ گرائونڊ ۾ ڦوٽو بہ ڪڍرايا ۽ پاسپورٽ بہ موڪليا پر پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو جو آخر تائين پنھنجو اڪائونٽ نمبر نہ موڪليو ۽ آخر ۾ رات جو دير ٽاڻي هڪ طويل مسيج سنڌي ۾ لکي موڪليو جنھن ۾ هن انتھائي معذرت ڪندي لکيو هو تہ،”ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري هو اسان سان سفر ۾ نہ ٿو هلي سگهي.“
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. پر اهو اعجاز جو ذاتي فيصلو هيو، جيڪو اسان نہ چاهيندي بہ دل تي پٿر رکي قبول ڪري ورتو.
پر ان کان پوءِ ويزا جي پروسيس دوران جيڪو ڪجهہ وهيو واپرايو، اهو حال احوال توهان سان شيئر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو تہ جيئن توهان کي اهو ذاتي تجربو ٿئي تہ ايمبيسين ۾، ڪائونسليٽن آفيس ۾، ايجنٽن وٽ ۽ ان پروسيس ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا مسئلا ڪر کڻي سگهن ٿا. اهي تجربا توهان کي گهڻو ڪجهہ سيکاريندا. سو اچو تہ توهان سان اهو سڀ ڪجهہ شيئر ڪيون جيڪو اسان پاڻ ڀوڳيو، ڏٺو ۽ محسوس ڪيو.

دادوءَ کان روانگي

12.06.2023 تي مان پاڻ سان ضروري ڪاغذ کڻي، جاني ڏانھن روانو ٿيس. ڇو تہ مون کي جاني کي گهران کڻڻو هيو. انھن ڪاغذن ۾ پراڻو پاسپورٽ، نئون پاسپورٽ، بئنڪ اسٽيٽمينٽ، سنڌ بار ڪائونسل جي اينرولمينٽ وارو سرٽيفڪيٽ، سنڌ بار جو ڪارڊ، شناختي ڪارڊ، 4 عدد رنگين پاسپورٽ سائيز ڦوٽو ۽ پوليس رپورٽ. پوليس رپورٽ لاءِ مان پنھنجي دوست عبدالستار ميراڻي صاحب جو شڪرگذار آهيان، جنھن مھرباني ڪري، ارجنٽ بنيادن تي اسان جا سرٽيفڪيٽ تيار ڪرائي ڏنا. انھن ڪاغذن کان علاوہ پوليو سرٽيفڪيٽ، ڪووڊ 19 سرٽيفيڪٽ، پنھنجي لا ايسوسيئٽس جو ليٽر هيڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ساڻ ڪري نڪري پياسين.
پاڻ دادو کان صبح جو سوير ئي روانا ٿي چڪا هئاسين. ڊرائيونگ سيٽ تي جاني ويٺل هيو. پاڻ 8.15 صبح جو حيدرآباد پھچي چڪا هئاسين. ڪراچي ۾ اسان جو پيارو پرتاب اسان جي انتظار ۾ پنھنجي فليٽ ۾ ويٺل هيو. ڊاڪٽر سنتوش سان بہ پاڻ رابطي ۾ رهياسين. هن جو خيال اهو هيو تہ اسان هن جو انتظار ”هٽڙي ٿاڻي“ جي ويجهو، چوراهي تي بيھي ڪيون. پاڻ هالا ناڪي وٽ پٺاڻ جي هوٽل تي ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. اسان ڊاڪٽر کان اڳ ۾ ناشتي جو آرڊر ڏيئي چڪا هئاسين. جنھن ۾ اڦراٺا، ڇولا، بيدو آمليٽ ۽ چانھہ وغيرہ. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جو گهڻو انتظار ڪيوسين پر جڏهن ٻيجل کي بک ورايو ۽ هاڻي بک هن جي برداشت کان ٻاهر هئي تہ پاڻ ناشتو شروع ڪيو. جيئن ئي ناشتو شروع ڪيو تہ مٿان ڊاڪٽر سنتوش بہ اچي نڪتو. اسان چاهيون پيا تہ هو اسان سان گڏ ناشتو ڪري پر هن صاف انڪار ڪندي چيو تہ،”هو گهران ناشتو ڪري پوءِ نڪتو آهي.“ اسان ناشتو ڪري ڪراچي لاءِ نڪرندي سنتوش مل جي ڪار پنھنجي دوست اقبال سولنگي (سنڌي) جي فليٽ واري بلڊنگ جي هيٺان بيھاري، منھنجي ڪار ۾ ڪراچي لاءِ روانا ٿياسين.
پرتاب شيواڻي جيئن تہ اڳ ۾ ئي انڊونيشيا جي ڪائونسليٽ ۾ يارنھين وڳي جو وقت وٺي چڪو هيو، ان ڪري اسان کي ٿوري تڪڙ ڪرڻي پئي، تہ جيئن وقت تي پھچون. ان لاءِ جاني کي ڪار جي ايڪسيليٽر تي زور لڳائڻو پيو. هاڻي اسان ڪراچي پھچي چڪا هئاسين، پر رش هئڻ جي ڪري اسان کي ڪولاچي واري پل تي ئي يارنھن لڳي پنجيتاليھہ منٽ ٿي چڪا هئا. تاخير جي پرتاب کان معذرت ڪندي گذارش ڪئيسين تہ توهان ٽائيم ٿورو اڳتي ڪرايو. پرتاب جي مھرباني سان اسان جو ٻارنھين وڳي جو وقت مقرر ڪيو ويو، پر ان تي بہ اسان نہ پھچي سگهياسين. نيٺ پرتاب پنھنجي تعلقاتن جي آڌار تي ٽيون دفعو ٽائيم چينج ڪرائي ٽين وڳي منجهند جو رکرايو. پرتاب فون ڪندي چيو تہ،”توهان سڌو بدر ڪمرشل واري فليٽ تي هليا اچو.“

انڊونيشيا جي ڪائونسليٽ ۾

اسان ٽيئي دوست پرتاب واري فليٽ تي هليا وياسين. اتان وري پرتاب جي آفيس جيڪا بہ بدر ڪمرشل ۾ آهي، اتي آياسين ۽ ڪجهہ ضروري ڪاغذن جون ڦوٽو ڪاپيون ڪرائي ، 3 وڳي ڌاري ايمبيسي اچي نڪتاسين. پر ٻاهر بيٺل گارڊن ٻڌايو تہ ڪائونسليٽ بند ٿي چڪو آهي. هن جو ٽائيم يارنھن وڳي تائين آهي. ان کان پوءِ پاسپورٽ ڪليڪشن جو وقت آهي. پر پرتاب صاحب انھن کي پنھنجي دوست جو حوالو ڏنو تہ ان مھل ئي هنن اسان کي اندر گهرايو. ڪائونٽر تي انڊونيشن ليڊي ويٺل نظر آئي. جنھن اسان مان هر هڪ جا الڳ الڳ ڪاغذ چيڪ ڪندي 105 ڊالر پر پرسن فيس ڀرڻ جو چيو. هتي پاڪستاني ڪرنسي نہ پئي هلي. آمريڪن ڊالر ئي هلن پيا. اسان چئني 420 ڊالر ڪائونٽر تي جمع ڪرائڻ لاءِ پرتاب جي حوالي ڪيا، پر انھن مان هن ٻہ نوٽ سو سو ڊالر وارا واپس ڪندي ڊالر جي نوٽن تي اعتراض واريندي ان ليڊي چيو تہ،”هي نوٽ مڙيل يعني فولڊ ٿيل آهن، سڌا ۽ ڪڙڪ ناهن، ان ڪري هوءَ نہ وٺندي ۽ ان جي بدلي ۾ ٻيا سڌا ۽ ڪڙڪ نوٽ ڏيو.“ اسان کي حيرت ٿي يار ڊالر جو ڪمال ۽ ان جا نخرا ڏسو. اسان جي نوٽن جي ڪھڙي خستا حالت هوندي آهي، پان جا ڌٻا، اکر لکيل، ڦاٽل، چٻا، ڏوڙا، مڙيل، ڪنھن نہ ڪم جا پر پوءِ بہ هلندا آهن پر هتي تہ ڳالھہ صفا ابتڙ آهي.
انھي دوران ڪراچي جو ئي ٽريول ايجنٽ نالي فواد نوجوان بہ اچي ويو. جنھن اسان جا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. پر انھن ڪاغذن ۾ ٽريول انشورنس جا ڪاغذ شامل نہ هئا. نہ ئي وري هوٽل بڪنگ ۽ ڪورنگ ليٽرس هئا. هن ٻڌايو تہ هن کي جنيد رات ئي اوچتو فون ڪري چيو هو تہ تون هنن دوستن جا ڪاغذ ٺاهي ڇڏجانءِ ۽ پنھنجي في بہ وٺجانءِ پر جيئن تہ اهڙي تڪڙ ۾ هو اهو ڪم نہ ڪري سگهيو هو، سو هن اهي ٻيھر تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ڪرايا. جنيد وارا ڪاغذ اڻپورا هئا.
هڪ تہ اسان کي اڳ ۾ دير ٿي ويئي هئي، ٻيو تہ ڪاغذ بہ پورانہ هئا ان ڪري ان ڪائونٽر واري ليڊي چيو تہ،”هوءَ هاڻِي وڌيڪ انتظار نہ ٿي ڪري سگهي، توهان سڀاڻي ڪاغذ جمع ڪرايو.“ ان جو سبب اهو هيو تہ انھن ڪاغذن ۾ ڪافي غلطيون هيون. جنھن تي اسان هن کي چيو تہ،” اسان کي تہ اڄ ئي واپس ورڻو آهي. اسان هتي نہ رهنداسين.“ جنھن تي هن چيو تہ،” ڀلي توهان واپس هليا وڃو پر هن ايجنٽ کي پنھنجا ڪاغذ ڏيئي وڃو تہ جيئن هو سڀاڻي کڻي اچي جمع ڪرائي ۽ ڪاغذ جمع ڪرائڻ مھل پرتاب جو حوالو ڏيئي.“ اهڙي ريت اسان کي اتي شام جا تقريبن پنج ٿي چڪا هئا.

ٻيجل جي ناراضگي

ٻيجل وارا ٻاهر ڪار ۾ انتظار ڪري رهيا هئا. هن کي بک بہ ڏاڍي لڳي هئي. اسان بہ پنھنجن خفن ۾ پورا. ايمبسي جي ٻاهران ڪا بہ ڪينٽين وغيرہ يا دڪان يا اسٽور نہ آهي، جتان ماڻھو ريفريشمينٽ ڪري سگهي. سو ان کان پوءِ پرتاب جي منجهند جي ماني جي دعوت تي پرتاب جي آفيس هليا آياسين. جتي هن اسان کي شاندار، مزيدار لنچ ڪرايو. جنھن ۾ اسٽوڊنٽ برياني، ڪراچي حليم، بروسٽ، روسٽ، تڪا وغيرہ. ٻيجل کي بک تپايو هيو. ڇو تہ ٻار گهڻي بک برداشت نہ ڪري سگهندا آهن. ڇوتہ اسان کي شام جا پنج ٿي ويا هئا. ان ڪري هن جو ڏوھہ ئي نہ هيو. هو اڃان ٻار آهي. چوندا آهن تہ ”بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.“ ماني کائي پاڻ واپس دادو لاءِ ساڳيو ئي مائي ڪولاچي وارو روڊ وٺي نڪري پياسين.
ٻيجل کي جيئن وٺي وياسين، تئين ئي ويچاري کي واپس پوئين پير آندوسين. نہ گهمايوسين، نہ ڦيرايوسين ۽ نہ وري ڪا شاپنگ ڪرائسين سو هن جو موڊ صفا خراب ٿي ويو هو، هن جي چھري تي ڪاوڙ جا تاثرات صاف ۽ نمايان نظر اچي رهيا هئا، جن جو هن اظھار بہ ڪيو هو. اصل ۾ هن کي آسرو ڏنو هيوسين تہ تو کي ”ڪولڊ ورلڊ“ وٺي هلنداسين، جتي انھن اهڙو ماحول ٺاهيو آهي جو، ڇتي گرمي ۾ بہ جنوري جو مزو هيو، برف باري ۽ مائينس ڊگري سينٽي گريڊ جو ماحول پيدا ڪيو ويو هو. ان ڪري ٻارن کي اتي مزو اچي ٿو. اسان پروگرام بہ ٺاهيو هو تہ ٻيجل کي اتي وٺي وينداسين پرتاب ٻڌايو تہ اتي فيملي جي بغير اجازت نہ آهي، سو ٻيجل جو اهو خواب ڪجهہ وقت لاءِ ابينس ۾ هليو ويو هو.
ڪراچي کان هاڻي واپسي لاءِ دادو نڪتا هئاسين، سج لھي چڪو هو. جاني جو سڄو ڌيان ڊرائيونگ تي هيو. نيٺ اچي اقبال سولنگي جي فليٽ وٽ بيٺاسين. اقبال پنھنجي ننڍڙي اسد اقبال سان هيٺ لھي آيو هو. هو بہ اسان سان گڏ دادو هلي پيو. سو اسان چانھہ لاءِ هن جي فليٽ جي اڳيان پالاري هوٽل تي اچي بيٺاسين. اقبال جو سامان سنتوش جي ڪار ۾ رکيل هيو، ڇو تہ هو اقبال ۽ سندس ننڍڙو اسد هن جي گاڏي ۾ ويٺا هئا. جڏهن چانھہ پي، ريفريشمينٽ ڪري ڊاڪٽر سنتوش کان موڪلائي پاڻ دادو لاءِ نڪتاسين تہ رات جي پھر ۾ روڊن تي اونداهي جو راڄ هيو. رستي ۾ ڊاڪٽر جاني کي ڪال ڪري چيو تہ،” توهان جو ڪو سامان منھنجي گاڏي ۾ تہ نہ رهجي ويوآ.“ جنھن تي جاني چيو تہ،”نہ ڊاڪٽر، اسان جو تہ سڀ سامان اسان جي گاڏي ۾ آ.“ پرجڏهن مانجهند وٽ پھتاسين تہ اقبال رڙ ڪري چيو تہ،” يار منھنجو بيگ تہ ڊاڪٽر جي ڪار ۾ رهجي ويو.“
جنھن تي جاني ڊاڪٽر کي ڪال ڪئي پراها ڪال اٽينڊ نہ ٿي. شايد رات جي پوئين پھر ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ڊاڪٽر سمھي پيو هجي. پر ٿوري دير کان پوءِ هن ڪال بئڪ ڪري حال احوال ورتا. جنھن تي هن کي اقبال جي سامان جو چيوسين ۽ عرض ڪيوسين تہ اهو سامان سڀاڻي ٽي سي ايس ذريعي موڪلي ڇڏي. ڊاڪٽر ٻي ڏينھن پنھنجي کيسي مان خرچ ڪري سامان ٽي سي ايس ڪيو. سندس ٿورا. پاڻ رات جو دير سان گهر پھتاسين. حالانڪ پرتاب گهڻو ئي چيو تہ رات رهي پئو، پري جو پنڌ آ، توهان کي ٿڪاوٽ ٿيندي، پر اسان نہ مڙياسين، دير مدير واپس پنھنجن ماڳن ۾.

جُنيد جا ٿورا

اڄ تاريخ 16.06.2023 جو ڏينھن آهي. انڊونيشيا جي ويزا واري معاملي ۾ گهڻي تڪليف ٿي هئي، ڇو تہ جنيد ڀاءُ جون ڪجهہ مھربانيون هيون، جو هن فواد کي پارت ڪري ڇڏي هئي تہ هو اسان جي ويزا پروسيس ۾ اسان جي مدد ڪندي پنھنجون پروفيشنل خدمتون، بغير ڪنھن لالچ لوڀ جي ادا ڪري. فواد جنيد سان ياري نڀائيندي، اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ هن ٿائيلينڊ واري ويزا ۾ اسان جي مدد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي معذرت ڪندي چيو تہ،”هو ڪن مجبورين سبب اسان جي ويزا واري پروسيس ۾ ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهي.“
جنيد ڀاءُ کي هاڻي اسان تڪليف ڏيڻ نہ پيا چاهيون ۽ ڪنھن بہ ٽريول جون خدمتون هن کان نہ پيا وٺي سگهون. ڇو جو ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. خاص ڪري پرتاب صاحب واضح ڪيو هو تہ، ”يار هاڻي جنيد کي تڪليف نہ ڏينداسين، ڇو تہ هن کي اسان گهڻي تڪليف ڏيئي، اڳ ۾ ئي وڏي خفي ۾ وجهي چڪا آهيون. هن کي اسان گهڻو بيزار ڪيو آهي، ان ڪري هو شريف ماڻھو اسان کي جواب نہ ٿو ڏيئي، تنھن ڪري هن سان گهڻي هجت نہ ڪبي.جيڪو ٿيو خوب ٿيو.“ پر مون کي خبر هئي تہ پرتاب دل جو صاف ماڻھو آهي، هو دل ۾ نہ رکندو آهي. اها ڪاوڙ بہ چئن ڏينھن جي مهمان آهي. سو اڳتي هلي ٿيو بہ ائين.

عاليشان ٽريولرز جون خدمتون

اسان جي دوست ڊاڪٽر سنتوش جو عاليشان ٽريول ايجنسي جي ڪنھن دوست سان سٺي سلام دعا هئي ۽ هو هن ايجنسي جي معرفت ڪجهہ ملڪ پڻ گهمي چڪو هو. عاليشان واري ان همراھہ سان ٿائيلينڊ جي ويزا لاءِ رابطو ٿيو، جنھن چيو تہ،” هن جي سروس في 3000 پر پرسن آهي، باقي ٿائيلڊ جي في 8 هزار آهي، جيڪا ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ يعني 19.06.2023 کان وڌي/چڙهي 12 هزار ٿي ويندي. ان لاءِ اهو ضروري آهي تہ جيڪو شخص هن کان اڳ ۾ ٿائيلينڊ جو وزٽ ڪري آيو آهي، ان جي اچڻ جي ضرورت نہ آهي، پر ان کي ٽن سالن کان مٿي نہ ٿيو هجي.“
پرتاب سال 2009 ع ۾ ويو هو ۽ ڊاڪٽر بہ 2018 ع ۾ ٿي آيو هو. اسان مان ڪو بہ اڳ ۾ نہ ويو هو، نہ مان ۽ نہ ئي وري جاني. ان ڪري سڀني جي حاضري ايمبيسي ۾ ضروري هئي. پر ٽريول ايجنٽ واري ٻڌايو تہ جيڪو ماڻھو ايمبسي جو چڪر ڪاٽڻ نہ چاهي تہ ان کي فيس جا پئسا ٻيڻا ڀرڻا پوندا يعني 12 هزارن جي جاءِ تي 24 هزار.
اسان مان ڪو بہ ان آپشن تي وڃڻ لاءِ تيار نہ هيو سوا ڊاڪٽر جي. هڪ طرف اسان پنھنجي ويزا واري پروسيس ۾ مصروف هئاسين تہ ٻي پاسي وري Bipar joy cyclone سامونڊي طوفان جو خوف ماڻھن کي وڪوڙي ويو هو. جنھن جي ڪري حڪومت ڪيٽي بندر کي مڪمل طور تي خالي ڪرائي ڇڏيو هو. ان کان علاوہ پنجين درجي کان وٺي 16 ڪلاس تائين جا سڀئي امتحان بہ حڪومت ملتوي ڪري ڇڏيا هئا.
ڊالر جو اگهہ آسمان تي پھتو هيو. چوندا آهن تہ،”غريبن رکيا روزا تہ ڏينھن بہ وڏا ٿيا.“ سو جڏهن کان اسان گهمڻ جو سانباهو ڪيو تہ ڊالر جو اگهہ 305 روپيا ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ڊالر کي هر روز نوان پَرَ پيا لڳن. هاڻي ڊالر جي اڏام بلندين تي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي رپئي جا ڍير لڳي ويا.
منھنجي هن ڪتاب ”نيپالي نينھن“ جي مھورت، شاهپورچاڪر پريس ڪلب، سنڌي ادبي سنگت (شاخ شاهپور چاڪر) ۽ شاهپور سجاڳي فورم طرفان رکي ويئي، ان سڄي مانڊاڻ کي مچائڻ ۾ منھنجي دوست ڊاڪٽر سنتوش مل جو ڪردار سڀني کان اڳيان ۽ اڳڀرو آهي. ان کان علاوہ محترم سليم ڪليار جا لک قرب آهن. مطلب تہ من جي موسم خوشگوار موسم ۾ تبديل ٿي وئي هئي. انھيءَ دوران پرتاب ٻڌايو تہ مٺي ۾ پڻ مسلسل وقفي وقفي سان بارش جاري آهي، جنھن هن جي سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو آهي.

انڊونيشيا جو ويزا لڳي ويو

13.06.2023 تي اسان کي ٻڌايو ويو تہ اسان جو انڊونيشيا لاءِ 15 ڏينھن جو ويزا لڳي چڪو آهي. سڀ دوست ڏاڍا خوش ٿياسين تہ ٽن ملڪن مان اڃان هڪڙي ملڪ اجازت ملي آهي. اهو سڄو ڪم پرتاب جي دوست جي توسط سان ٿيو. جنھن تمام ٿورن ڏينھن ۾ اسان جي ويزا لڳرائي. هاڻي اسان کي ٿائيلنڊ واري ويزا کي پروسيس ڪرڻو هيو. اسان جا ڪاغذ عاليشان وارن پروسيس ڪري ڇڏيا آهن، باقي اسان کي اڱاري جي ڏينھن حاضري لاءِ ٿائيلينڊ جي ايمبسي وڃڻو پوندو. جنھن جو ٽائيم صبح ساڍي اٺين وڳي کان وٺي ساڍي ڏهين وڳي تائين آهي. انھي دوران submission وٺندا آهن، باقي پوءِ passport collection جو وقت هوندو آهي. ان کان علاوہ اسان جي ملائيشيا جي ويزا لاءِ پڻ عاليشان ٽريول خدمتون ڏنيون، جنھن ۾ سمورا ٿائلينڊ وارا ڪاغذ ورتا ويا پر اها ويزا آن لائين اپلاءِ ڪرڻي هئي ۽ ڪنھن ايمبيسي جي چڪر ڪاٽڻ کان سواءِ ئي ٽن ڏينھن ۾ ويزا لڳي ويئي.
اسان جي فلائيٽ 9.07.2023 تي رات جو ڪراچي ايئرپورٽ کان بينڪاڪ ٿائيلنڊ ڏانھن هئي ۽ اسان جي واپسي 25.07.2023 تي هئي. شيڊيول اسان جي حوالي ڪيو ويو هو. اسان ٽريول ايجنٽ کي مڪمل پيمنٽ ڪري ڇڏي هئي. ان کان پوءِ ڄڻ تہ پاڻ کي جھاز ۾ اڏرندي محسوس پئي ڪيو.
هن وقت ٻيجل ۽ اسان جو ڀاڻج بخشل لنڊ بہ گڏ هيو. سج لھڻ وارو هو. مون پنھنجي پرين پياري دوست ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر کي فون ڪري ٻڌايو هو تہ، ”ادا پاڻ ڪراچي ۾آهيون، ملاقات ڪجي.“ جنھن تي هن خوش ٿيندي ملاقات جو راضپو ڏيکاريو پر جنھن جاءِ تي هن ملڻ جو چيو، اهو ڪافي پري بہ هئي ۽ ٻيو تہ جاني ٻڌايو تہ اتي ٻارن جي تفريح لاءِ گهڻو ڪجهہ نہ آهي. ان ڪري جاني جو خيال هو تہ ٻيجل کي پورٽ گرينڊ ۾ وٺي هلجي، اتي رات جو ڪافي رونق هوندي آهي ۽ ٻارن جي گهمڻ جون بہ گهڻيون شيون آهن.
سو پاڻ پورٽ گرينڊ اچي نڪتاسين. ٿوري دير کان پوءِ ڀاءُ عاقب راڄپر بہ پنھنجي نوجوان ٻچڙي حسين راڄپر سان اچي پھتو. گهمندي گهمندي ٻيجل ڏاڍو انجواءِ ڪيو. اتي ئي ماني بہ کاڌيسين ۽ ان کان پوءِ پاڻ عاقب ڀاءُ کان موڪلائي پرتاب جي فليٽ بدر ڪمرشل ڏانھن روانا ٿياسين، جتي اسان جي انتظار ۾ محترم پرتاب لاکواڻي، محترم تولا رام سوٽهڙ، ڊاڪٽرسورج مکي ۽ ٻيا دوست موجود هئا. ٿوري دير ۾ ئي محبتن جو ماحول سجايو ويو هو. پوءِ ڪچھري جو دور هليو ۽ اسان پريم جي پياسن، پنھنجن مايوس روحن کي آب زم جي ساگر سان سيراب ڪيو. تولا رام انتھائي خوبصورت شاعري سان ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو هو ۽ رات بہ پنھنجا پويان پير ڪري رهي هي.
ان ڪري دوستن کان موڪلائي، آرام جي آغوش ۾ هليا وياسين. ٻيجل اڳ ۾ ئي بيڊ تان ڪريو هو. منھنجو سڄو ڌيان هن ڏي هيو. بخشل جيتوڻيڪ هن سان گڏ ستل هيو پر پوءِ بہ هو ڦرندي ڦرندي اچي هيٺ فرش تي ڪريو هو. هن جي هيٺان وهاڻو اچي ويو هو ۽ هن جو بچاءُ ٿي ويو هو. ٻيجل کي هاڻي مان پنھنجي ٻانھن سيراندي ڏيئي سمھاري ڇڏيو هو. ٿوري ئي دير ۾ اسين سڀ ننڊ جي آغوش ۾ هئاسين.

دادوءَ کان ڪراچي ايئرپورٽ روانگي

اڄ 9.7.2023 جي تاريخ هئي ۽ منجهند جو وقت هو. مان ۽ جاني پنھنجي ڪار ۾ دادو جي آفيس کان نڪري چڪا هئاسين. منجهند جا پوڻا چار ٿيا ها. اسان کي ٻين وڳي نڪرڻو هيو. گهڻي دير ٿي ويئي هئي پر پوءِ بہ جيئن دير تيئن خير. ڊرائيونگ سيٽ تي بخشل هيو. اسان سان گڏ اسان جي سفر جا ساٿي اسان جا بيگ هئا. رستي ۾ ئي پاڻ کي ڊاڪٽر سنتوش سان جوائن ڪرڻو هيو. اسان ملاقات جي جاءِ سڪرنڊ جي ٻاهران Hascol پيٽرول پمپ طئي ڪئي هئي. ڊاڪٽر سنتوش اڳ ۾ ئي روڊ تي پيٽرول پمپ وٽ اسان جي انتظار ۾ هيو. هن سان گڏ ڊرائيورمختيار احمد چانڊيو هيو. بخشل پنھنجي ڪار مان بيگ ڪڍي ڊاڪٽر واري ڪار ۾ وجهي ڇڏيا ها. بخشل کي اسان اتان ئي واپسي لاءِ دادو موڪلي ڇڏيو. پاڻ ڊاڪٽر واري ڪار ۾ ويھي رهياسين ۽ پنھنجو سفر ڪراچي ڏانھن سفر شروع ڪيو.
اصل ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ مختيار احمد چانڊيو هن جو ڊرائيور نہ آهي، ڇو تہ هو پاڻ ڪار هلائيندو آهي يا هن جو ننڍو ڀاءُ راج ڪمار هلائيندو آهي. هي ٻيئي ڀائر ڪاروبار کي پاڻ ڏسندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن جو والد محترم سائين علو مل صاحب بہ چڪر هڻندو آهي. ڊاڪٽر وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر آهن، جن مان هڪڙو هريش ڪمار ديھانت ڪري ويو. هي ڊرائيور اصل ۾ ڊاڪٽر جي ڪاروباري دوست ۽ پاٽنر جاويد احمد عمراڻي جو آهي. هي ڊرائيور جاويد احمد عمراڻي جي نوابشاھہ واري گاڏين جي شو روم ۾ ڪم ڪري ٿو. جاويد احمد عمراڻي ڊاڪٽر جو نہ فقط پيارو دوست آهي پر بزنس پاٽنر پڻ آهي.
پرتاب اسان سان وقت بہ وقت رابطي ۾ رهيو. اسان جي فلائيٽ رات جو ساڍي يارنھين وڳي هئي، پر اسان کي ٻہ ڪلاڪ اڳ ۾ ايئرپورٽ پھچڻو هو. اسان کي رستي ۾ دير ٿي ويئي هئي. هون تہ پروگرام اهو هيو تہ اسان ڪلاڪ کن اڳ ۾ ڪراچي پھچون ۽ پرتاب جي بدر ڪمرشل واري فليٽ ۾ گڏجاڻي ڪري پنھنجن ڪاغذن تي هڪڙي نظر وجهون. پر هاڻي اسان وٽ ايترو وقت نہ هيو. ان ڪري پنھنجو رخ سڌو ايئرپورٽ ڏي هيو.
پرتاب فون ڪري ٻڌايو تہ هو ايئرپورٽ لاءِ نڪري چڪو آهي پر شاهراھہ فيصل تي ڪافي ٽريفڪ جام آهي. اسان جيڏي مھل ايئرپورٽ پھتا هئاسين تہ اوڏي مھل رات جا ساڍا نو ٿي چڪا ها. ۽ پرتاب اسان کان اڳ ۾ ئي ايئررپورٽ جي ڊيپاچر واري حصي ۾ پھچي چڪو هيو. اسان ڪار مان هيٺ لٿاسين. ڊاڪٽر سنتوش جو ڀائٽو مرلي داس ۽ ان جا ٻہ ننڍڙا ٻارڙا هنيش ڪمار ۽ ڪرشن لال بہ اتي موجود هئا، جيڪي ان ئي ڊاڪٽر واري ڪار ۾، ساڳي ئي ڊرائيور مختيار احمد چانڊيو سان واپس شاهپور وڃڻا هئا. انھن سان مس ملياسين تہ هڪڙي وڏي ڊالا ٽائيپ، ڪاري رنگ جي گاڏي اچي اسان جي پاسي ۾ بيٺي، جنھن مان هڪڙو ٿلھو، وڏي ڏاڙهي وارو ملو لٿو ۽ ان سان گڏ هن جا گارڊ بہ لٿا. ٿوري دير ۾ ئي ملن جو وڏو ميڙ ٿي ويو ۽ اسان سائيڊ ۾ بيھي اچو تماشو ڏسي رهيا هئاسين. ماڻھو هن جا هٿ چمي اکين تي رکي رهيا هئا. خبر ناهي تہ اهو مولانا صاحب ڪير هو. مون ڊاڪٽر کي چيو تہ،”ڊاڪٽر هاڻي اسان کي هتان کسڪڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر ڳالھہ سمجهي ويو هو پاڻ پنھنجا بيگ گھليندا اڳتي نڪري وياسين.

جناح ٽرمينل ۾ چيڪنگ

ان کان پوءِ اهو وقت بہ اچي ويو جو سڀني دوستن کان موڪلائي، مين گيٽ کان اندر ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين. ڇوتہ ٻاهر بورڊ تي اسان واري جھاز جي بورڊنگ شروع ٿي ويئي هئي. ان ڪري سامان جي چيڪنگ ڪرائيندا اڳتي وڌياسين تہ هڪڙو سپاهي (جنھن نالو بہ ٻڌايو پر هن وقت ذهن ۾ نہ ٿو اچي) هو بہ ذات جو لنڊ هيو، هن جو تعلق بہ دادو سان هيو. ڏاڍو سٺي نموني سان مليو.
اسان ڊالر ڊيڪليئر ڪرائي اڳتي وڌياسين ۽ بينڪاڪ ايئرپورٽ واري ٿائي ڪائونٽر تي اچي بيھي رهياسين. ٽيئي دوست گڏ هئاسين. ڊاڪومينٽس چيڪ ڪرائيندا، پنھنجا بيگ، ان ئي لگيج واري ڪائونٽر تي جمع ڪرائي، اڳتي اميگريشن واري پوزيشن ۾ اچي پھتاسين. هتي اسان کان چند سوال ڪيا ويا. جھڙوڪ
ڪاڏي ٿا وڃو؟
ڇا ڪندا آهيو؟
گهڻن ڏينھن لاءِ وڃو پيا.
ڪيترا ڊالر اٿو؟ وغيرہ وغيرہ. ان ڪائونٽر تي ويٺل نوجوان جو هڪڙو جملو اسان لاءِ ڏاڍو عجيب هيو. جنھن اسان چئن کي گڏ ڏسي چيو هو تہ،” توهان چار ئي صفا هڪجھڙا ٿا لڳو.“ جنھن تي مون هن کي جواب ڏيندي چيو تہ،”اسين سنڌ سان تعلق رکون ٿا، ان ڪري سنڌي آهيون، توهان کي سڀ سنڌي هڪجھڙا لڳندا.“ هن جي چھري تي مرڪ تري آئي. هن وڌيڪ پڇندي چيو تہ؛ انڊويشيا جي ويزا في گهڻي آهي.
” 105 ڊالر“، جاني هن کي جواب ڏنو.
هن چيو تہ،” منھنجي بہ دل چوي ٿي تہ مان بہ انڊونيشيا هلان.“ هن پنھنجي دلي خواهش جو اظھار ڪندي چيو.
”ڀلي هلو، اسان کي ڪو بہ اعتراض ناهي، پنھنجي خرچ تي هلندو، ڪھڙو اسان تي بار هوندو. ڇو تہ اسان چارئي پنھنجي خرچ تي وڃون پيا، سرڪار طرفان اسان کي نہ ٿو موڪليو وڃي.“ هو سمجهي ويو هو. اهڙي ريت اسان اڳتي وڌياسين تہ هڪڙي شوخ قسم جي ليڊي آفيسر جيڪا سنڌي ٻولي ۾ ڳالھائي رهي هئي، سرڪار جي وڏي وفادار پئي لڳي، جنھن پرتاب جو پاسپورٽ چيڪ ڪندي هن کان پڇيو تہ،”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
”مان اين جي او سيڪٽر ۾ ڪم ڪندو آهيان.“ پرتاب مُسڪرائيندي هن کي جواب ڏنو.
”توهان فلاڻي ليڊي کي سڃاڻو.“ هن پرتاب جي پاسپورٽ جي پنن کي اٿلائيندي پڇيو.
”جي نہ“ پرتاب صاف جواب ڏنو.
تنھنجي جي باوجود هروڀرو جا هن ڪيترائي آڏي پڇا وارا سوال پئي ڪيا، اهڙي قسم جا فضول سوال ڪري هو اسان جو ٽائيم ضايع ڪري رهي هئي. اسان اڳ ۾ ئي ليٽ هئاسين. ويتر هن ليڊي آفيسر جا عجيب حوال.

مان نڪري ويس ۽ لائيِٽر پڪڙجي پيو

اهڙي ريت اتان فارغ ٿي پاڻ اڳيان آخري اسڪيننگ چيڪنگ وٽ پھتاسين. جتي توهان کي سڀ ڪجهہ اسڪين ڪرائڻو پوندو آهي. بيلٽ، ڪولابو، منڊي، پرس، واچ، بوٽ ۽ بيگ وغيرہ. منھنجو هينڊ ڪيري وارو بيگ مشين کان اسڪين ٿي ٻاهر نڪتو تہ، اتي ويٺل سيڪورٽي نوجوان چيو تہ، ”هي ڪنھن جو بيگ آهي؟“
”منھنجو بيگ آهي.“ مون وراڻيو
”هن ۾ لائيٽر آهي ڇا؟“ هن هلڪي آواز ۾ پڇيو.
”جي ها“ مون جواب ڏنو. مون بيگ کولي ان مان لائيٽر ڪڍي هن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
”هن ۾ ٻيو بہ لائيٽر آهي“؟ هن چپن تي مسڪراهٽ آڻيندي شرارت واري انداز ۾ چيو.
مون کي خبر هئي تہ هن ۾ ٻيو بہ ايڪسٽرا لائيٽر آهي. پر مون بہ هن جي انداز کي سمجهندي چيو تہ،” مون کي نہ ٿو لڳي.“ هو سمجهي ويو هو تہ اهو لائيٽر بہ جي هن کان هتي ئي کسجي ويو تہ پوءِ سگريٽ ڪيئن دکائيندو. ان ڪري هن کلي هن دفعي وڌيڪ پيار سان چيو،” ٺيڪ آ، توهان وڃي سگهو ٿا، پنھنجو خيال ڪجو.“

ڪراچي ايئرپورٽ جي لائونج ۾

مان دل ئي دل ۾ هن دوست جو ٿورائتو ٿيس ۽ اڳتي نڪري ويس. پرتاب، ڊاڪٽر ۽ جاني مون کان اڳ ۾ نڪري منھنجي انتظار ۾ بيھي رهيا هئا. پاڻ هاڻي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ ئي هئاسين. بيگ ۽ پاسپورٽ پرتاب جي حوالي ڪري پاڻ واش روم جو رخ ڪيوسين. ٿوري دير کان پوءِ جاني جو خيال هو تہ ايئرپورٽ تي ئي ريفريشمينٽ ڪري ٿوري دير لاءِ بُک کي ڀڄائي ڇڏجي. ڀلا اهڙي آفر تي ڪھڙو ظالم/ڪافر انڪار ڪندو سو جاني واري ان آفر تي سڀ راضي ٿياسين. جاني ۽ ڊاڪٽر سنتوش ريفريشمينٽ وٺڻ هليا ويا ها. اسان سان گڏ پرتاب جو مائٽ نوجوان لال ڪمار مٺي سان تعلق رکندڙ بہ اسان سان گڏ هيو. جيڪو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان ڪجهہ ڏينھن لاءِ ٿائيلينڊ وڃي رهيو هيو. هن کي اتي ڪنھن سيمينار ۾ شرڪت ڪري پيپر پڙهڻو هيو. لال ڪمار ۽ مان ان وقت لائونچ ۾ جاني وارن جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
جھاز جي بورڊنگ جي انائونسمينٽ شروع ٿي چڪي هئي. ماڻھو بورڊنگ واري قطار ۾ بيھڻ لاءِ پنھنجون پنھنجون سيٽون ڇڏي روانا ٿي رهيا هئا. اسان دوستن جو انتظار ڪري رهياسين. جاني وارن دير ڪئي هئي. لال ڪمار ٻڌايو تہ،”سائين بورڊنگ شروع ٿي رهي آهي ۽ لاسٽ ۽ فائينل انائونسميٽ هلي رهي آهي.“ پاڻ هڪدم اٿي پياسين. ٿيلھا کڻي اڳتي وڌياسين. پرتاب جاني وارن کي ڳولھڻ ويو. ٿوري دير ۾ جاني خاڪي لفافي ۾ چڪن پيسز وٺي آيو هو. هاڻي اهو خاڪي لفافو اسان جي هٿن ۾ هيو. اسان سان گڏ بورڊنگ واري قطار ۾ بيھي رهياسين. ڪائونٽر تائين پھچندي پھچندي چڪن پيسز کائي لفافو خالي ڪري ڇڏيو هو. هاڻي بورڊنگ تقريبن مڪمل ٿي چڪي هئي. رات جا ساڍا يارنھن ٿيڻ وارا هئا. هاڻي اسان جھاز ۾ هئاسين. ٿائي جھاز جون خوبصورت جوانڙيون جيڪي ڳاڙهي ناسي ڊريس ۾ ملبوس هيون، اُهي مرڪي، ٻانھون ٻڌي آڌر ڀاءُ ڪندي چيو پئي،” ويلڪم.“ مون کي هنن جي ٻانھن ٻڌڻ واري واٽ ڏاڍي سٺي لڳي. هي ٿائي ڪلچر اسان سان ڪيڏو نہ ملي ٿو. اسان پنھنجون سيٽون ڳولھيندا ڳولھيندا اچي پنھنجن سيٽن تي ويٺاسين. ٿوري دير کان پوءِ انائونسمينٽ ٿي تہ ”توهان پنھنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو، جھاز اڏام ڪرڻ وارو آهي.“ اسان سيٽ بيلٽن سان پنھنجا جسم تہ ٻڌي ڇڏيا هئا، پر اسان جون دليون ۽ سوچون پو بہ آزاد هيون.

۽ الوداع ٽو ڪراچي

جھاز اڏامڻ لاءِ آتو هيو ۽ پوءِ ٿوري دير ۾ ڏسندي ئي ڏسندي جھاز رن وي تي ڊوڙي رهيو هيو. ڪراچي ايئرپورٽ کان بينڪاڪ ايئرپورٽ تائين چئن ڪلاڪن جو سفر هيو. بينڪاڪ جو وقت اسان جي وقت کان 2 ڪلاڪ اڳتي هيو. هن جھاز ۾ ڊنر جو بندوبست پڻ هيو، جيڪو اسان جي ٽڪيٽ ۾ شامل هيو. ٿائي اسٽائيل جو هي بي سواد کاڌو اسان جي مزاج سان ميچ نہ پيو ڪري. جيئن تہ مان ۽ ڊاڪٽر سنتوش گڏ ويٺا هئاسين ۽ جاني ۽ پرتاب اسان کان اڳين سيٽن تي ويٺل هئا. ڊاڪٽر تہ ان کاڌي جي پليٽ مان ڪجهہ بہ نہ کنيو، سواءِ ڊبل روٽي ۽ مکڻ جي. مون بہ ائين ئي ڪيو.
ڊاڪٽر سفر جو فائدو وٺندي پنھنجي رهيل ننڊ پوري ڪندو آهي. ان ڪري ڊاڪٽر جي ان ڪيفيت کي جھاز وارا بہ سمجهي ويا ها ۽ ٿوري دير ۾ ٿائي ايئرهوسٽس ڊاڪٽر کي آرام ڪرڻ لاءِ مٿي ۽ پٺي تي ٽيڪ ڏيڻ وارا سنھا ۽ هلڪا فوم وارا وهاڻا ۽ هڪڙو ڪمبل(شاپر ۾ پيڪ ٿيل) مسڪرائي ايئن ڏيئي ويئي، ڄڻ ڪا دل ڏيئي ويئي هجي ۽ ويندي ويندي چئي ويئي هجي تہ،”جڏهن توهان کي سيءُ ٿي تہ هي ڪمبل منھنجي يادن جو تاڻي سمھي پئجان.“
سيٽ تي هيڊ فون بہ رکيل هيو تہ جيئن مسافر اڳين سيٽ جي پويان لڳل اسڪرين تي موجود، انفارميشن (جھاز جي اڏام، بلندي، اسپيڊ ۽ مفاصلي جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي) ۽ توهان کي پڇڻ جي ضرورت نہ پوي تہ ”سائين هاڻي ڪٿي پھتا هون؟ هي ڪھڙو علائقو آهي؟ ڪھڙو شھرآ؟ اڳيون ڪھڙو اسٽاپ ايندو؟ يا اڃان ڪيترو پنڌ آهي؟ ان ڪمپيوٽر تي توهان جي سڀني سوالن جا جواب موجود هئا. توهان ٿائيلينڊ جي باري ۾ بہ سڀ ڪجهہ معلوم ڪري سگهو ٿا. هن ۾ توهان کي ٿائيلينڊ جا کاڌا، ڪلچر، خاص ڏينھن ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ آهي. ان کان علاوہ ان ڪمپوٽر تي توهان پنھنجي چوائس جي فلم بہ ڏسي سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن توهان موسيقي ٻڌڻ چاهيو تہ اهو بہ ٻڌي سگهو ٿا. ٻارڙن لاءِ بہ ڪيتريون ئي گيمون ۽ ڪارٽون بہ ان ۾ ڏسي سگهجن ٿا. جاني تہ هڪڙي نئين انگريزي مووي Gods of egypt هلائي پنھنجو وقت پاس ڪرڻ لڳو. مان جھاز بابت انفرميشن ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي وڃان ٿو تہ پاڻ هينئر 39000 هزار ڦٽن جي بلندي تي آهيون ۽ جھاز جي رفتار 980 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان آهي. باقي ٻہ ڪلاڪ سفر ۾ رهجي ويا آهن. سائنس جي ڪمال کي ڏسي مذهبي هٿ ٺوڪين ڳالھين تان ايمان ئي کڄيو وڃي.
جھاز جو ڪمپيوٽر اهو ٻڌائي رهيو هو تہ پاڻ انڊيا جي احمد آباد جي مٿان گذري رهيا آهيون. ائين ئي وقت گذري ويو خبر ئي نہ پئي. ننڊاکڙين اکڙين سان جڏهن ڪنن جي سماعتن ۾ پائليٽ جو هلڪو آواز پيو ته” اسان بينڪاڪ ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ وارا آهيون، توهان مھرباني ڪري پنھنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو.“ مون کي سڄي سفر ۾ ننڊ نہ آئي هئي، ڊاڪٽر اکيون مهٽيندي ننڊ مان بيدار ٿيو. صبح جا ساڍا ڇھہ ٿيا ها، پاڻ ڪراچي پاڪستان ۾ نہ هئاسين. پر ٿائلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ بيٺا هئاسين. پاڪستاني ٽائيم مطابق هن وقت 4.30 ٿيا هئا مان سوچان ٿو تہ. پاڪستان جا ماڻھو گهري ننڊ ۾ هوندا. اتي صبح جو پويون پھر هوندو. ٻيجل بہ گهري ننڊ جي آغوش ۾ ستل هوندو. پر اسين سڀ هاڻي بينڪاڪ جي مهڪندڙ مٽيءَ جي ڀاڪر ۾ هئاسين. اسان کي هلڪو هلڪو سيءُ ٿي رهيو هو. موسم خوشگوار هئي. ائين لڳي پيو تہ ٿوري دير اڳ ۾ ئي هتي بارش ٿي آهي. نئون ماحول، نوان ماڻھو، نئين ڪيفيت. واھہ مون کي لطيف سائين جي سر سھڻي جو بيت ياد اچي ويو؛
کامان، پڄان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ توئنس پرين جي، پيان نہ ڍاپان،
جي سمنڊ منھن ڪريان، توءِ سرڪيان ئي نہ ٿي.

بينڪاڪ ايئرپورٽ ۾ سڀ ڪاغذ ڪري پيا

10.07.2023 تي پاڻ چيڪنگ جي پروسيس مان فارغ ٿي بينڪاڪ ايئرپورٽ تي رولاڪين جي رخ چڙهي وياسين. هي ڪافي وڏو ايئرپورٽ هيو. هينئر هتي صبوح جا 9:15 ٿيا هئا. هتي هون تہ صفائي سٿرائي جو تمام سٺو بندوبست ٿيل نظر آيو پر هتان جي واش رومن جي حالت خراب هئي. نہ ٽشو، نہ هينڊ واش ۽ نہ ئي وري مسلم شاور. ويندي ڪمبوڊ ۽ ڊبليو سي بہ گندي پاڻي سان ڀريل نظر آيا. شايد اهو صبح جو وقت هو، ان ڪري اڃان سوئيپر ننڊ مان جاڳيا ئي نہ هئا يا وري اتان جو حال ئي اهڙو هيو. اهڙي صورتحال ۾ فقط هٿ منھن ڌوئي، ناشتي ڪرڻ لا پنھنجي مزاج واري هوٽل ڳولھڻ ۾ لڳي وياسين. جيڪا پاڻ کي ڪنھن ڪنڊ ۾ نظر تہ آئي پر هي بيڪري ٽائيپ اسٽور اسان لاءِ بيڪار هيو، ڇو تہ هتي اسان جي موڊ ۽ مزاج جون کائڻ پيئڻ واريون شيون نہ هيون. اسان کي هتان کان بالي ڊينپسار ايئرپورٽ انڊونيشيا وڃڻو هو. اسان جي اها فلائيٽ 11:30 تي هئي.
اسان جي اڏام هاڻي انڊونيشيا جي شھر بالي ڏانھن هئي. پر انھي دوران اسان ايئرپورٽ جي انتظارگاھہ ۾ جھاز جو انتظار ڪري رهيا هئاسين تہ هڪڙو نوجوان پريشان حال ۾ هيڏي هوڏي لوئنڻا هڻندي نظر آيو ۽ اچي جاني وٽ پھتو. جاني کي اردو ٻوليءَ ۾ چيائين تہ،”يار! منھنجي ڪاغذن واري ٿيلھي جنھن ۾ منھنجا سڀ ڪاغذ يعني پاسپورٽ، ٽڪيٽون، شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا اهم ڪاغذ هئا اُهي سڀ ڪٿي ڪِري گم ٿي ويا آهن، ٻڌايو تہ مان ڇا ڪيان.“
”اهو ڪيئن ٿيو.“ جاني هن کان پڇيو
”شاپنگ بيگ جو هيٺان ڦاٽل هئڻ ڪري اُهي ڪٿي ڪري پيا، ڏاڍو پريشان آهيان.“ نوجوان مايوسي جي حالت ۾ نظر آيو.
”توکي ڪمپلين سيل يا انفارمينش ڊيسڪ تي وڃي اطلاع ڏيڻ گهرجي.“ جاني هن کي گائيڊ ڪندي چيو.
”اهو ڪمپلين سيل ڪٿي آهي.“ هن پڇيو
”هتان کان سامھون وڃي، پوءِ کاٻي هٿ تي مڙي وڃو ۽ ان کان اڳتي اهو ڊيسڪ توهان کي نظر ايندو.“ جاني هن کي هٿ جي اشاري سان ڏيکاريو.
”مون کي خبر نہ پوندي، توهان براءِ مھرباني مون سان گڏ هلو.“ نوجوان منٿ ڪندي چيو.
”جاني! توهان هن سان گڏجي وڃو، هي دوست ڪافي پريشان آهي، هي پرديس آهي، هتي ڪير ڪنھن جو ڪونھي، ان ڪري وطني هئڻ جي ناتي سان اسان جو فرض آهي تہ هن جي مدد ڪيون.“ مون بہ جاني کي چيو.
جاني هن سان گڏجي ويو ۽ هن کي اتي ڇڏي موٽي آيو. ٿوري دير کان پوءِ اهو ساڳيو ئي نوجوان موٽي اسان وٽ آيو. هن جي هٿ ۾ ڪاغذ هئا ۽ هن وقت هن جي چھري تي مايوسيءَ جي بدران خوشيءَ جي لھر هُئي. هن مسڪرائيندي چيو،” يار ڪاغذ ملي ويا، توهان جي مھرباني، نہ تہ الائي تہ ڇا ٿئي ها.“ مون کي الطاف شيخ صاحب جا لفظ ياد اچي ويا، هنُ مون کي هِن پار ڏانھن اچڻ کان اڳ ۾ فون تي گائيڊ ڪندي سمجهايو هو تہ،”ادا پاسپورٽ تمام اهم آهي، هن کي ڪنھن بہ صورت ۾ گم نہ ڪجو. بلڪ پاڻ سان گڏ رکو. ان لاءِ ڪپڙي جي گنجي ٽائيپ صدري ٺھرائي ان ۾ وڏن کيسن وارا زپ هڻائي، پئسا ۽ پاسپورٽ ان ۾ رکجو ۽ ياد رکو تہ پئسا ڪڏهن بہ هڪڙي کيسي ۾ نہ رکجو.“ مون کي خيال آيو تہ الطاف صاحب صحيح چيو هو. اسان کي ان جي صلاح تي عمل ڪرڻ گهرجي.

ايئرپورٽ ۾ زوردار برسات

اسان شيشن جي ديوارن مان اندران ئي پنھنجي بورڊنگ واري جھاز کي ڏسي رهيا هئاسين ۽ انتظار ڪري رهيا هئاسين تہ اوچتو هلڪي هلڪي برسات شروع ٿي ويئي. پھرئين تہ آهستي، پوءِ تہ ايڏي زوردار برسات ٿي جو مون کي ڊپ لڳو تہ ڪٿي اسان جي فلائيٽ اڄ ڪينسل نہ ٿي وڃي. ماڻھو سڀ برسات کي ڏسڻ لاءِ شيشن جي ويجهو اچي بيھي رهيا. چڍن، گنجين، ٽارائوزرس ۾ هر طرف انگريز ئي انگريز نظر پئي آيا. جيڪي اڪثر ڪري پنھنجين فيملين ساڻن آيل هئا. هنن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا بہ هئا، جيڪي ايئرپورٽ واري خوبصورت ماحول ۾ مستيون ڪري ، ڊوڙي ڊڪي، مزو وٺي رهيا هئا.
ٿوري دير کان پوءِ برسات بيھي ويئي، سامھون روڊ آلا ٿي چڪا هئا، پر ٿوري دير کان پوءِ برسات جو پاڻي ڪاڏي ويو، ڪا خبر نہ پئي. جيئن تہ اتي اهڙي قسم جي برسات روز جو معمول آهي ۽ وقفي وقفي سان پئي وسندي رهندي آهي. اسان جھڙن ملڪن جي ماڻھن لاءِ اها نئين ۽ حيرت جي ڳالھہ هئي. هاڻي موسم خوشگوار ٿي چڪو هو. هتان جي مٽيءَ جي بارش کان پوءِ پنھنجي الڳ خوشبو محسوس ٿي رهي هئي. جنھن روح کي رنڱي وڌو هو. ڇا تہ ماحول جو ۽ موسم جو من تي اثر پيو هو. شايد هتي لفظن ۾ بيان ڪرڻ منھنجي لاءِ ۽ منھنجي هن ڪي بورڊ جي بٽڻن لاءِ، منھنجي آڱرين ۽ منھنجي سوچ لاءِ ممڪن نہ هجي. اهو منظر مان هنن آڱرين سان هتي چٽي نہ ٿو سگهان. ان لاءِ توهان کي مون سان گڏ بينڪاڪ ايئرپورٽ ڏي هلڻو پوندو.
انڊونيشيا جي فلائيٽ بورڊنگ لاءِ تيار هئي. ان لاءِ سڀ کان اڳ ۾ ننڍن ٻارڙن، عورتن ۽ پوڙهن کي سڏ ڪري گهرايو ويو هو. هڪڙي اهڙي لائين بہ هئي جيڪا فقط ”رايل پيسينجرس“ لاءِ مخصوص ڪيل هئي. رايل پيسينجرس جو بورڊ هڪڙي ليڊي جي هٿ ۾ هيو، جيڪا مٿي ڪري جهليو بيٺي هئي. رايل پيسينجرس اصل ۾ ان ايئرلائين جا خاص مسافر هوندا آهن، جيڪي مھانگي ٽڪيٽ خريد ڪري وڌيڪ سهولتون ۽ بھتر سيٽون وٺي آرامده سفر ڪندا آهن. اسان جو دوست پرتاب بہ ان لائين ۾ وڃي بيھي رهيو ۽ اسان سڀني کي اشارو ڪيو تہ،”اچو بيھو هن قطار ۾، اسان بہ رايل فيملي جا ئي تہ آهيون.“ ايئن ئي اسان بہ هن جي پويان اچي بيھي رهياسين. چيڪنگ ڪرائيندا اڳتي جھاز واري ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳاسين.
هاڻي اسان جھاز ۾ هئاسين. ڳولھيندا ڳولھيندا اچي پنھنجين سيٽن تي ويٺاسين. هي بہ فلاءِ ٿاءِ هئي پر هي انٽرنيشنل جھاز هيو. هن جھاز ۾ بہ منھنجي ۽ ڊاڪٽر جي سيٽ گڏ هئي جڏهن تہ جاني ۽ پرتاب اسان کان اڳين سيٽ تي هئا. ناشتي ۾ اهو ئي ساڳو ٿائي اسٽائيل وارو ناشتو جيڪو اسان جي کائڻ کان ڳرو هو، پر بک سبب ٿورو کائي وياسين. جنھن ۾ نوڊلز، چانور، ڊبل روٽي ۽ مکڻ وغيرہ هئا. ڊاڪٽر ايئرهوسٽس کي چيو تہ،”مان ويجيٽيرين آهيان.“ جنھن تي هن چيو تہ،”ان لاءِ اڳ ۾ ئي آرڊر ڏيڻو پوندو آهي، ڇو تہ هي انڊين ايئرلائينز نہ آهي.“
سو اهڙي ريت پيٽ کي موزون ناشتي جي ڪوڙي آسري ۾ رکي پاڻ پنھنجي سفر جو آغاز ڪري چڪا هئاسين. هن جھاز جو ڪولنگ سسٽم تيز هئڻ ڪري، ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر کي سيءُ محسوس ٿيو ۽ هن ايئرهوسٽس کان ڪمبل جي فرمائش ڪئي، جيڪو هن کي هڪدم ڏنو ويو. وقت گذرندي ويرم ئي نہ لڳي پاڻ ٽن ڪلاڪن جو ٻيو سفر طئي ڪري 2.32 منٽن تي، منجهند جي وقت مطابق انڊونيشيا جي ايئرپورٽ ڊينپسار تي لينڊ ڪيو. هي ڏاڍو خوبصورت ايئرپورٽ هو، جيڪو بينڪا ڪ جي ائيرپورٽ کان هر لحاظ کان وڌيڪ بھتر ۽ سھڻو لڳو.
هاڻي اسان کي هتان کان ئي بالي لاءِ نڪرڻو هو. اسان ائيرپورٽ تي لائين ۾ بيھي اميگريشن واري ڪائونٽر ڏانھن وڌي رهيا هئاسين تہ اوچتو هڪڙو انڊونيشن ماڻھو اسان ڏي هليو آيو ۽ چيائين تہ،” هي لائين وڏي آهي توهان کي گهڻو وقت لڳندو، ان ڪري توهان اچو تہ توهان کي اسپيشل لائين ذريعي ٻاهر وٺي هلان. ان لاءِ توهان کي200000 انڊونيشين روپيا ڏيڻا پوندا. جيڪا ڳالھہ اسان مان ڪنھن کي بہ نہ وڻي. هيترا ماڻھو فيملين سان لائين ۾ بيٺا آهن تہ پوءِ اسان ائين ڇو ڪيون. جاڙي بہ جڳ سان. پاڻ بہ اچي قطار ۾ بيھي رهياسين.

ڊينپسار ايئرپورٽ بالي

10.07.2023 تي اسان پنھنجي وقت موجب 14:55 يعني منجهند جو 2:55 تي بالي پھچي چڪا هئاسين. پاڪستان جي ٽائيم کان هتان جو وقت ٽي ڪلاڪ اڳتي آهي. يعني پاڪستان جو ٽائيم هن ملڪ کان 3 ڪلاڪ پوئتي آهي. انڊونيشيا جو هي ايئرپورٽ تمام خوبصورت هيو ۽ صفائي سٿرائي جو اعليٰ بندوبست نہ فقط نظر آيو پر محسوس پڻ ٿيو. هتي تمام گهڻا گورا ۽ گوريون نظر آيون. جن جي اڪثريت آسٽريلين هئي. جڏهن تہ ان کان علاوہ سڄي دنيا جا ماڻھو پڻ نظر پئي آيا. ڪيترا اهڙا پوڙها بہ نظر آيا جيڪي هلڻ کان بہ لاچار هئا پر انھن جي گهمڻ واري جذبي کي سلام ڪري سگهجي پيو.
اسان کي ايئرپورٽ واري پروسيس مان فارغ ٿيندي ڪلاڪ کن لڳي ويو. ان کان پوءِ اهو ڊسڪلوز ڪرڻو هيو ۽ هڪڙو فارم ڀرڻو هيو تہ اسان وٽ ڪيترا ڊالر آهن ۽ اسان ڪيترا ڊالر کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿيا آهيون. ان کان پوءِ اسان ايئرپورٽ کان ئي ٽيڪسي ڪرائي جنھن اسان کان پاڪستاني پنج هزار ورتا.
هتان جي ڪرنسي پاڪستاني ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ هيٺ يا ڪريل آهي. اسان جو هڪ روپيو تہ انڊونيشن 49.10 روپيا ملن ٿا. سو هتي ايئرپورٽ مان ئي اسان مني ايڪسچينج ڪرائي ڇڏي. ان وقت اسان کي ايترا انڊونيشين روپيا مليا جو اسان ٿوري دير ۾ ڪروڙ پتي ٿي وياسين. پر ساڳي جاءِ تي هتان جي هر شيءِ بہ هزارن ۽ لکن ۾ هئي. ان ڪري اسان جا خرچ وڏا هئا. مثال جي طور مون هڪڙو ٽوپلو 80 هزار انڊونيشن روپين ۾ ورتو ۽ پاڻيءَ جون ٻہ عدد ننڍيون بوتلون ورتيون. هڪڙي بوتل ڏھہ هزار روپين ۾ ملي. يعني مون هڪ لک روپيه صرف پاڻي ۽ ٽوپلي خريد ڪرڻ تي خرچ ڪري ڇڏيا. اها ساڳي بوتل اسان کي اُتي 202 روپين جي پئي، جڏهن تہ پاڪستان ۾ اها 40 کان 50 روپين جي آهي. هاڻي توهان اندازو لڳايو تہ اسان ڪٿي بيٺا هئاسين ۽ اسان جو خرچ ڪيترو هوندو ۽ اسان جو ملڪ ڪٿي بيٺل آهي.
اسان ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪرائي هئي، جيڪا بنسبت ٻاهرين ٽيڪسي جي ڪجهہ وڌيڪ مھانگي پئي، پر جيئن تہ اسان وٽ سامان گهڻو هيو، ان ڪري گهڻي گهل کان بچڻ لاءِ ايئرپورٽ جي ٽيڪسي کي ئي ترجيح ڏنيسين. اسان کي بالي وڃڻو هو. جيڪو ايئرپورٽ کان ڪافي ڊرائيو تي هيو. اسان کي عاليشان جي طرفان بوڪ ڪرائي ڏنل هوٽل ”پوري ديوا ڀارتا“ ۾ پھچندي تقريبن منو ڪلاڪ کن لڳي ويو.
ڊرائيور سان حال احوال ڪندي، وقت جي خبر ئي نہ پئي، انڊونيشيا جا صاف ۽ ڪشادا روڊ، اهو تاثر ڏين پيا تہ هتان جي حڪومت پنھنجي عوام سان ڪيترو مخلص آهي. ڪٿي بہ ڪا حددخلي نظر نہ آئي. هاڻي ٽيڪسي وارو مين روڊ ڇڏي سوڙهي گهٽي ۾ داخل ٿيو هو ۽ سوڙهين گهٽين مان ٿيندو، گليون ڪراس ڪندو، شارٽ ڪٽ وٺي بنگلي نمان گيٽ مان اندر داخل ٿيندي هڪڙي پراڻي ڪلچر اسٽائيل جي هوٽل جي ڪائونٽر اڳيان اچي بريڪ هنئي. نيٺ هوٽل تي اچي نڪتاسين.

عاليشان واري جي حرام پائي

اسان ايئرپورٽ واري ٽيڪسيءَ کان هيٺ لٿاسين. پنھنجا بيگ بہ لاهي هيٺ رکياسين تہ هوٽل مان وڏي عمر جو ماڻھو اسان وٽ ايندي اسان کي ڀليڪار ڪري هڪڙو بيگ کڻي مٿي ڪائونٽر جون ڏاڪڻيون چڙهي جهوپڙي نما ڪائونٽر تي پراڻن صوفن وٽ رکي هليو ويو. ڊاڪٽر بہ بيگ رکي اتي ئي ڪنھن صوفي تي ويھي رهيو ۽ مان بہ اوسي پاسي جي ماحول جو جائزو وٺڻ لاءِ چهل قدمي ڪرڻ لڳس. جاني ۽ پرتاب ٻيئي ڪائونٽر تي موجود هئا. ڇو تہ هوٽل واري سان ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ هنن جي ذمي هيو.
هينئر ٽيپھريءَ جو وقت ٿي ويو هو ۽ انڊونيشيا جي وقت مطابق تقريبن پنج ٿي رهيا هئا. اسان ٻن ڏينھن کان سفر ۾ هئاسين. ان ڪري ٿڪاوٽ سبب حال بيحال هئا. ڪائونٽر تي وڏي عمر جو ماڻھو موجود هيو. جنھن جي مٿي تي انڊونيشن ڪلچرل پٽڪو ٻڌل هيو. هن پٽڪي ٻڌڻ جو اسٽائيل بہ عجيب آهي. جيئن اسان وٽ مزدور يا گڏھہ گاڏي وارو يا دايا ٻڌندا آهن. پٽڪي ٻڌڻ جو اسٽائيل اهڙو اٿن. پٽڪو بہ ننڍي سائيز جو آهي. مختلف رنگن جو هي پٽڪو هنن جي سڃاڻپ آهي. ان سان گڏ وري گوڏ يا ڌوتي. اسان هن کي سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ بڪنگ جو ٻڌايونسين، پر ان مھل اسان جا ٺپ ٺري ويا ۽ ٿڪاوٽ ۾ ويتر اضافو ٿي ويو جڏهن ان ڪائونٽر تي بيٺل ماڻھو انڪار ڪندي چيو،” اسان وٽ توهان جي ڪا بہ بڪنگ نہ آهي.“ جاني ۽ پرتاب ڏاڍا حيران ٿيا. ان تي مان بہ صوفي تان اٿي ڪائونٽر تي بيھي رهيس، ڇاڪاڻ تہ هيءَ پريشاني واري ڳالھہ هُئي.
”ڪڏهن بڪنگ ڪرائي هيو؟‘‘ هن جاني کان سوال ڪيو.
”ڏھہ /ٻارنھن ڏينھن اڳ ۾.“ جاني جواب ڏنو.
”ڪنھن ايجنٽ جي معرفت يا ڊاريڪٽ پاڻ بڪنگ ڪرايو؟“ هن پڇيو.
”جي عاليشان ٽريولنگ جي ملازم جي معرفت.“ جاني هن کي ٻڌايو.
”بڪنگ ڪنفرمينش ڏيکاريو.“ هن چيو.
”اچي هي وٺو.“ جاني هن کي بڪنگ ليٽر ڏيکاريندي چيو.
هو ان وقت حيران ٿي ويو هو. هن وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ پنھنجو سڄو پراڻو رڪارڊ ڪڍي ڪائونٽر تي اسان جي اڳيان رکي، هڪ هڪ ڪاغذ چيڪ ڪرڻ لڳو. پر هن کي ڪٿي بہ اهو بڪنگ ليٽر نہ مليو. جاني هن کي ڪمرن جون تصويرون ڏيکاريندي چيو تہ، ”هي ڏسو توهان جي هوٽل جي ڪمرن جون تصويرون.“ هُن تصويرن تي هڪڙي نظر وجهندي رڙ ڪندي چيو تہ، ”هن قسم جا اپٽيڊ ڪمرا تہ اسان جي هوٽل جا آهن ئي ڪونه، توهان ايجنٽ کان ڪنفرم ڪيو. هي اها هوٽل نہ آهي.“ ڇو تہ هي ڪا جديد طرز واري هوٽل نہ هئي بلڪ قديمي اسٽائيل ۾ ڪلچرل ٽائيپ هوٽل هئي.
مون کي 1969ع ۾ ريلز ٿيندڙ انڊين فلم ”اراڌنا“ جو گانو ياد اچي ٿو جيڪو موسيقي جي دنيا جي تمام وڏي ڪلاڪار مڪيش ۽ ڪشور ڪمار ڳايو هو. جنھن گاني جا ٻول آهن:
ڈرتا ہے دل، رستا مشکل، معلوم نہیں ہے کہاں منزل
میرے سپنوں کی رانی کب آئے گی تو۔
ان کان پوءِ جاني عاليشان جي ملازم ذيشان کي ڪال ڪري، هن کي سڄي ڳالھہ پيرائتي ٻڌائي. ذيشان بہ ان ڳالھہ تي حيران ٿي ويو تہ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. نيٺ ڪافي ڇڪ ڇڪان ۽ ڇڪتاڻ کان پوءِ ذيشان ٻڌايو تہ،”واقعي ئي هي هوٽل نہ آهي بلڪ ان نالي جي ٻي هوٽل آهي، جيڪا ٻي ڪنھن جاءِ ۽ ٻئي ائڊريس تي آهي.“ هن وري ٻيو ليٽر موڪليو. جنھن ۾ ٻي جاءِ جي ائڊريس لکيل هئي. اسان ان هوٽل واري کان معذرت ڪئي. هاڻي تہ ٽيڪسي وارو بہ هليو ويو هو. جيئن تہ ٽيڪسي واري جو ڏوھہ ئي نہ هيو، ڇو تہ هن کي جيڪا ائڊريس ٻڌائي هئسين، هو اسان کي ان ڏسيل پتي تي ڊراپ ڪري پنھنجو ڪرايو وٺي رمندو رهيو هو. هاڻي اسان وٽ نہ سم، نہ ڪو رابطو. سو هوٽل واري کي ٽيڪسي گهرائڻ لاءِ چيوسين. جنھن ٽيڪسي ڪال ڪري ڇڏي هئي.

پوري ديوا ڀوت بنگلو هوٽل

اسان کي ذيشان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. تہ ائين بہ اسان وٽ ٿيندو آ. ٿوري دير کان پوءِ ٽيڪسي اچي ويئي. پاڻ ٽيڪسي واري کي پتو سمجهايوسين. هو جلدي ۾ ئي اسان جي ڳالھہ سمجهي ويو هو. هاڻي اسان ٻيھر بالي جي روڊن تي هلي رهيا هئاسين. هي تمام بھترين ڊرائيور هيو. ماٺيڻو، خاموش طبيعت، گهٽ ڳالھائڻ وارو.هلڪي آسماني رنگ جي شرٽ ۽ بلو پينٽ ۾ هي ڊرائيور انتھائي سلڇڻو ۽ سوبر لڳو. سڀني دوستن جو اهو خيال هو تہ جيترا ڏينھن بہ انڊونيشيا ۾ آهيون. هن ئي ٽيڪسي کي بڪ ٿا ڪري ڇڏيون، هن پنھنجو نالو پيٽر ٻڌايو هيو. هو 30 يا 35 سالن جو نوجوان عيسائي هيو.
هاڻي هو اسان کي ٻڌايل ڏس پتي تي وٺي آيو هو ۽ بنگلي جي گيٽ اڳيان ٽيڪسي بيھاري. تمام ڪوآپريٽو شخص هيو. هاڻي تہ بالي ۾ سج بہ لھي چڪو هيو. گيٽ جي ٻاهران بيھاريل هن ٽيڪسي جون هيڊ لائيٽس آن هيون. جنھن جي هيڊ لائيٽس جي روشني ۾ ڏٺوسين تہ ڪو ڀوت بنگلو آهي، جنھن جي گيٽ تي پراڻي بورڊ تي لکيل آهي.”پوري ديوا.“ ”آسمان سي گرا کجور پي اٽڪا“، وارو ڪم ٿيو. پيٽر اندر ويو، اتان هڪڙو نوجوان سگريٽ ڇڪيندي ٻاهر نڪتو، جنھن کي اسان بڪنگ جو ٻڌايو تہ هو ڏاڍو خوش ٿيو.
اسان جو پرجوش آڌر ڀاءُ ڪري اسان کي گيٽ کان اندر وٺي ويو، جيڪو هوٽل گهٽ جيل خانو وڌيڪ نظر آيو. پر پاڻ ڪنھن جيل خاني ۾ رهڻ لاءِ تيار نہ هئاسون، ڇو تہ پاڻ قيدي بڻجي نہ آيا هئاسون جڏهن تہ اسان جي حيثيت سياح واري هئي. ان کان علاوہ هڪ تہ اتي اوندھہ انڌوڪار هيو. ٻيو تہ مڇرن جو ميلو پڻ متل هيو. اسان جو بھترين آڌرڀاءُ هن نوجوان کان وڌيڪ مڇرن پئي ڪيو. کجي جا وڏا وڻ هئا، اونداهي ۾ ڪنھن ڀوت بنگلي کان گهٽ تاثر نہ پيا ڏين. ٿوري دير ۾ اسان جي سامھون ٻہ نوجوان عورتون هار سينگار ڪري تيار ٿي ٻاهر نڪتيون ۽ انھن جي پويان هڪڙو بلٽري گلر بہ نڪري آيو. جهيڻي روشنيءَ ۾ بلب ٻري رهيا هئا. ڄڻ ڪنھن جهنگ ۾ اچي پڳا هجون. اسان کي عاليشان واري تي وڏي ڪاوڙ آئي ...ڇا ڪجي پري هئاسين...نہ تہ...

ذيشان جون حرام پايون

ان هوٽل ۽ ان جي ارگرد جي ماحول جي وڊيو رڪارڊنگ ڪري، ننڍڙي ڪلپ ٺاهي ذيشان کي موڪليوسين تہ اسان هتي ڪھڙي سزا ۾ آيا آهيون؟ هي ڪھڙي هوٽل بڪنگ ڪرائي اٿئي. توهان اسان کان بڪنگ جا جيتراپئسا ورتا آهن. ان حساب سان تہ هي هوٽل ان جي اڌ بہ نہ لھي. جنھن تي هن معذرت ڪندي چيو تہ،“مون کي اندازو نہ هيو تہ اها هوٽل اهڙي معيار جي هوندي، توهان پنھنجي پسند جي هوٽل بڪ ڪرايو، مان توهان کي پئسا واپس ڪندس.“
جيئن تہ پئسن سان گڏ اسان جو قيمتي وقت ضايع ٿيو هو. ان کان علاوہ ذهني اذيت، ڀوڳنا، ٽارچر پڻ ٿيو هو. ان جو ڪو بہ ازالو نہ پيو ڪري سگهجي. سو اهو تجربو ٿيو تہ توهان پنھنجي هوٽل پاڻ بڪ ڪرايو. بوڪنگ ڊاٽ ڪام booking.com تمام بھترين آهي. اسان کي ٻيا بہ ڪمرا ڏيکاريا ويا پر جيئن تہ اسان جو موڊ خراب ٿي چڪو هو. ان ڪري سڀ بيڪار هو. ان نوجوان ٻيو بہ ڄار وڇايو هو جو هن نوجوان خوبصورت نارين کي اسان جي اڳيان پويان ڦرڻ جو چئي ڇڏيو هو. پر اسان پڪو پھہ ڪيو هو تہ اتان پڙ پٽيون.
جڏهن اسان کي ٿورو اڳتي Swimming pool سان گڏ ٻيا روم ڏيکاريا ويا تہ انھن ۾ هڪڙو ئي نوجوان نظر آيو، جنھن جي هٿ ۾ سگريٽ هيو ۽ هو ٻاهر سئمنگ پول جي اڳيان ويھي بلبن جي جهيڻي روشني ۾ سگريٽ ڪشن مان لطف اندوز ٿي رهيو هيو. هن اسان جي واپسي ڏسي چيو تہ،” نہ ٿا رهو ڇا هتي؟“
”نہ يار، جهنگ ۾ ڪير رهندو.“ ڊاڪٽر کلي چيو.
پاڻ ڀوت بنگلي کان ٻاهر نڪري آياسين. هڪ ٿڪاوٽ مٿان هي عذاب. صفا حالت خراب ٿي ويئي هئي. پيٽر کي چيوسين تہ اسان کي ڪنھن سٺي هوٽل تي وٺي هل، جيڪا شھر جي سينٽر ۾ هجي. جتي چهل قدمي هجي، رونق هجي، ماڻھن جي اچ وڃ ۽ گوڙ گمسان هجي. مطلب تہ زندگي ساھہ کڻندي محسوس ٿئي ۽ زندگيءَ جون رونقون نظر اچن. پيٽر اسان جي مزاج کي سمجهي ويو هو. هن اسان کي آسرو ڏنو تہ توهان کي سٺي هوٽل تي وٺي ٿو هلان، پريشان نہ ٿيو. هن جي ان همت افزائي اسان جي چھرن تي مرڪ آڻي ڇڏي هئي.

رڌانا هوٽل بالي

پيٽر اسان کي مختلف رستن، روڊن ۽ علائقن کان گهمائيندو، مختلف هوٽلون ڏيکاريندو آيو، پر سي هوٽلون اسان جي نصيب ۾ نہ هيون. اسان کي رات ڪٿي گذارڻي هئي، ان جي اسان مان ڪنھن کي بہ ڪا خبر نہ هئي. تقريبن هوٽلون خالي نہ هيون ۽ ڪٿي وري ڪمرا خالي نہ هئا تہ ڪٿي وري انھن جو پيڪيج اسان جي بجيٽ کان بہ ٻيڻو ٽيڻو مھانگو هجڻ ڪري، اسان جي مزاج سان ميچ نہ پيون ڪن. هڪڙي هوٽل اسان کي ڏاڍي وڻي پر ان ۾ فقط هڪڙو روم خالي هيو. جيڪو اسان کي سوٽ نہ پيو ڪري. انھيءَ دوران ئي جاني booking.com تان هوٽل بڪ ڪرائي ڇڏي هئي، جيڪا اسان سڀني کي پسند آئي هئي. سو پيٽر کي هوٽل جي آن لائين لوڪيشن ڏسي، ان طرف روانا ٿياسين. هاڻي جنھن هوٽل ۾ پاڻ قدم رکيو هو، ان جو Rhadana نالو هيو ۽ هي هوٽل بالي جي مشھور علائقي ڪوٽا ۾ واقع هئي.
جنھن جا صاف سٿرا ڪمرا، لفٽ جو بہ زبردست نظام هئڻ سان گڏ، هن جي ٻي خصوصيت اها هئي تہ هوٽل شھر جي وچ ۾ هيو، جتان اسان ڪاڏي بہ موو ڪري سگهون پيا. ان کان علاوہ رات جو ڪافي وقت بہ ٿي ويو هو ۽ بک بہ ٿڪاوٽ سان گڏ اسان جو سنڌ سنڌ چور ڪري ڇڏيو هو. سڀني دوستن جو خيال هو تہ هي هوٽل بھتر آهي. ان ڪري سڀ دوست ان راءِ تي مطمئن ٿيندي، اها راءِ قائم ڪئيسين تہ هي هوٽل هڪ رات لاءِ بوڪ ڪرايون تہ جيئن هوٽل جي معيار جي خبر پئجي وڃي. پوءِ جيڪڏهن ڳالھہ وڻي تہ هن هوٽل تي ئي باليءَ جون باقي راتيون بہ گذارينداسين، نہ تہ ڪا ڳالھہ ناهي. هوٽلون کوڙ.
ڪائونٽر تي موجود ٻن نوجوان ڇوڪرن ٻڌايو تہ اهي هتي ملازم آهن، هن هوٽل جي مالڪ جي صبح جو ڊيوٽي آهي، وڌيڪ اسان کي هو ڪھڙو پيڪيج ڏيئي ٿو اهو هنُ جي اختيار ۾ آهي. هنن ٻڌايو تہ هتي هن هوٽل ۾ ئي ناشتي جي سهولت موجود آهي، جيڪو بوفي سسٽم تي آهي. في ماڻھو ۽ في ناشتو چاليھہ کان پنجيتاليھہ هزار انڊونيشن روپيا آهي، جيڪو پاڪستاني تقريبن اٺ يا نو سو روپيا ٿين پيا.
اسان پيٽر کي انڊونيشا جي مڪمل ٽرپ لاءِ بڪ ڪري ڇڏيو هو. هن جو خيال هو تہ هو صبح جو اٺين وڳي کان پنجين وڳي تائين ٽائيم ڏيئي سگهي ٿو. يعني هو نون ڪلاڪن جي پيڪيج جا ٽوٽل پئسا ساڍا اٺ لک رويپا انڊونيشن وٺندو. پوءِ اسان کي جاٿي بہ وڃڻو هجي تہ وڃي سگهون ٿا ۽ 9 ڪلاڪن اندر اسان کي واپس ٿيڻو آهي.
ان کان علاوہ جيڪڏهن ڪٿي وڌيڪ وقت لڳي ويو يا ان کان اوور ٽائيم ٿي ويو تہ اهو اوور ٽائيم ۾ ڪائونٽ ٿيندو ۽ ان جا پئسا الڳ ٿيندا. اسان پيٽر جي طبيعت ۽ ايمانداري کي ڏسندي، هن سان اهو پيڪيج ڊن ڪيوسين. صبح جو پيٽر کي گهمائڻ لاءِ اسان کي هوٽل کان پڪ ڪرڻو هيو، ان ڪري هن کان موڪلائي هوٽل ۾ آياسين.

سن سيٽ جو پوڙهو ۽ بوم بوم

اسان هوٽل تي وياسين. هوٽل جي نرم گرم پاڻي سان شنان ڪري، فريش ٿي پيٽ پوڄا لاءِ هيٺ لھي آياسين. اسان جي هوٽل کان ٻن اڍائي ڪلو ميٽرن تي ڪي ايف سي هيو. سو اسان جو خيال هو تہ اڄ ڪي ايف سي تي هلون ٿا. ڪرنسي چينج ڪرڻي هئي، هوٽل واري ٻڌايو تہ هوٽل جي کاٻي پاسي کان مني ايڪسچينجر جو دڪان آهي پر ان مھل اهو شاپ بند ٿي چڪو هيو. هينئر اسان وٽ انڊونيشن ايترا پئسا هئا جو رات جي ماني کائي سگهون. ٻاهر جيئن ئي لٿاسين تہ برسات ٿي رهي هئي، رات جا تقريبن ساڍا ڏھہ ٿيا هئا. روڊ تي بيھي سوچي رهيا هئاسين تہ هاڻي ڪاڏي هلون. بس پاڻ هوٽل جي ساڄي پاسي ايندڙ روڊ جو رخ ڪري هلڻ لڳاسين.
مينھن ۾ ڀڄندي، مينھن جو مزو وٺندي، بالي جي محبوب گهٽين ۾ گهمندي سچ تہ ڏاڍو مزو اچي رهيو هيو. نئون ملڪ، نوان ماڻھو، نوان روڊ، نوان رستا، نئين آبھوا ۽ نئون ماحول. روڊ جي ڦٽ پاٿ تي هلندي، پاسن کان مختلف دڪان ڏسندا، روڊ تي هلندڙ بسن، ڪارن، رڪشائن ۽ اسڪٽوين جي شور، گوڙ ۽ هُل کي محسوس ڪندي اڳتي وڌندا وياسين. رات جي روڊ جي پاسن کان دڪانن جي اڳيان مختلف سائن بورڊ ٻري رهيا هئا. ڪافي دڪان بند ٿي چڪا هئا ۽ ڪي بند ٿي رهيا هئا. هن قسم جو رولاڪيون توهان ڪراچي ۾ نہ ٿا ڪري سگهو، ڇو تہ ٿوري دير کان پوءِ ڪو ڦورو اچي توهان جي پاسي ۾ بيھندو ۽ هٿيارن جي زور تي سيڪنڊن ۾ توهان جا کيسا خالي ڪري نڪري ويندو. پر هتي پاڻ بيخوف خطر ٿي گهمي رهيا هئاسين. مينھوڳي ۾ گهمڻ جو پنھنجو مزو هيو. گهمندي گهمندي ڪافي اڳتي نڪري ويا هئاسين.
وقت ۽ پنڌ جو احساس ئي نہ ٿيو هو. هلندي هلندي ڦٽ پاٿ تي هڪڙو پڪي عمر جو پوڙهو ماڻھو مليو، جنھن کي بلو جينز جي گوڏن کان ڦاٽل پينٽ پاتل هئي. هن جا وڏا وکريل وار هن جي عجيب ڪيفيت ٻڌائي رهيا هئا. ائين پئي لڳو تہ ڪافي ڏينھن کان هو وهنتو بہ نہ هوندو. مٺ ۾ سگريٽ دکايل هن شخص جي جڏهن پاسي کان گذرياسين تہ هن اسان چئني کي گڏ ڏسي رڙ ڪري چيو،”بوم بوم.“ اسان سمجهي وياسين تہ هن بوم بوم جو مطلب ڇا هيو. اسان هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو هو، پرپوڙهو پوءِ بہ پويان کان ”بوم بوم“ جو آواز ڏيندو رهيو پر پاڻ اڳتي نڪري آيا هئاسين.

عجيب هوٽل، مساج سينٽر ۽ ڪي ايف سي

رستي تي اهڙو بہ هڪڙو دڪان يا هوٽل نظر آيو، جتي توهان کي ڪڙهائي گوشت هلي رهيو هو. پر عجيب ڳالھہ اها هئي تہ هن هوٽل جي ٻاهران ڪائونٽر تي پردو ڏنل هيو. هي پينافليڪس وارو پردو هيو. جنھن تي مڇي، مرغي، ٻڪرو، واڳون ۽ جهينگن shrimp کيڪڙن جون تصويرون ٺھيل هيون. هتي اهو ڪڙهائي ٻوڙ هلي رهيو هيو. پر اهو سڀ ڪجهہ پردي جي پويان ٿي رهيو هيو. ان جي پويان ڪھڙو منطق هيو، خدا کي خبر.
جڏهن پاڻ پنڌ ڪندي تمام گهڻو اڳتي نڪري وياسين تہ دوستن صلاح ڪئي تہ هاڻ پاڻ گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون ۽ هوٽل گهڻو پُٺتي رهجي ويو آهي، ڪي ايف سي تہ هن پاسي آهي ئي ڪانہ. ڪي ايف سي تہ پٺيان آهي. ان ڪري هاڻي اسان کي هن موڙ تان واپسي جو رستو وٺڻ گهرجي.
اهڙي ريت ڪچھري ڪندا، هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ ڪندا، واپسي جو ساڳيو ئي رستو وٺي واپس ورياسين. هن وقت بہ هلڪي هلڪي برسات جاري هئي. هاڻي روڊن تي آهستي آهستي رش گهٽ ٿي رهي هئي. ڪمن ڪارين وارا ماڻھو گهر ڀيڙو ٿي رهيا هئا، پر رولاڪ پوءِ بہ روڊن تي رولاڪيون ڪندي نظر پئي آيا. پاڻ مختلف روڊن جا چوراها پار ڪندا، احتياط سان اڳتي وڌندا هلي رهيا هئاسين.
ان ئي روڊ تي هڪڙو مساج سينٽر نظر آيو، جيڪو ان وقت کليل هيو. دوستن جو خيال هو تہ وڏي سفر جي ڪري گهڻي ٿڪاوٽ ٿي آهي، ان ڪري مساج ڪرائجي تہ بھتر. سو پاڻ سڀئي شيشي وارو گيٽ کولي دڪان ۾اندر داخل ٿياسين. سامھون ڪائونٽر تي اڪيلي عورت ويٺي هئي. جنھن کان مساج بابت معلومات ورتيسين. هن عورت اسان کي بروشر ڏيندي ٻڌايو تہ ڏهين وڳي کان پوءِ هي مساج سينٽر بند ٿي ويندو آهي، توهان سڀاڻي اچو تہ بھتر. اسان هن سان وڌيڪ بحث نہ ڪيو ڇاڪاڻ تہ بروشر ۾ ئي سڀ ڪجهہ لکيل هيو. جنھن ۾ اهو بہ لکيل هو تہ ڪيترن ڪلاڪن جي ڪيتري في ٿيندي. خالي مساج هوندو يا ان سان گڏ سيڪس بہ هوندو. ان ۾ فون نمبر بہ ڏنل هئا. مساج جون خدمتون ڏيندڙ ڇوڪرين جون تصويرون بہ لڳل هيون. توهان پنھنجي مرضي مطابق جنھن کان بہ مساج ڪرائڻ چاهيو، اهو توهان تي ڇڏيل آهي.
واپسيءَ ۾ اهو ساڳيو ئي همراھہ ٽڪرايو، جنھن وري بہ پنھنجي روايتي انداز ۾ ٻنھي هٿن جي چنبن کي ملائي، مڪ هڻي چيو،” بوم بوم.“ مون ڊاڪٽر کان پڇيو تہ ،”ڊاڪٽر! هن جو ڇا مسئلو آ؟.“ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ،” هي ڀڙوو آهي، رات جو روڊ تي بيھي گراهڪن کي پڪڙڻ هن جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي.“ مون ڊاڪٽر کي سمجهائيندي چيو تہ،” پوءِ ڀلا هن کي هڪڙو بھترين گراهڪ ڏيون.“ ڊاڪٽر منھنجي ڳالھہ سمجهي ويو هو. هن وڏو ٽھڪ ڏيئي تاڙو ملايو هو.
پنڌ ڪندي اسان پنھنجي هوٽل رڌانا جي اڳيان گذرون پيا، هوٽل ڪراس ڪري پاڻ ڪي ايف سي ڏي هلون پيا. نيٺ ڪي ايف سي وٽ اچي پھتاسين. ڪي ايف سي ۾ رش نہ هئڻ جي برابر هئي، ڇو تہ هن وقت رات جا تقريبن ساڍا يارنھن ٿيا ها ۽ ڪافي رات ٿي چڪي هئي.
ڪي ايف سي جي اي سي واري حصي جي ڊيل جا چارجز الڳ هئا ۽ ٻاهر بنا اي سي واري پورشن ۾ کائڻ جا ريٽ الڳ هئا. هن وقت گهڻي قدر جيڪي بہ پوسٽر تي لڳل ڊيلز هيون سڀ ختم ٿي چڪيون هيون، پوءِ بہ جيڪو ڪجهہ هيو ان ۾ برگر، بروسٽ، فرينچ فرائيز ۽ ڪولڊ ڊرنگ شامل هئي. لذيذ ڪي ايف سي جو ذائقو دنيا ۾ هر هنڌ هڪجھڙو آهي، ڇو تہ هنن جو هر هنڌ ساڳيو ئي فارمولو آهي. اتان فريش ٿي هيٺ لھي، ساڳئي ئي رستي سان واڪ ڪندا پنھنجي هوٽل تي پھتاسين.
ٻي ڏينھن تي صبح جو اسان نوسا پينيدا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان ڪري پاڻ ان جي بڪنگ اڳ ۾ ئي ڪرائي ڇڏي هئسين. اها بڪنگ بہ پنھنجي ڊرائيور پيٽر جي معرفت ڪرائي هئيسين. نوسا پينودا ٻيٽن جا خواب ذهن ۾ ٻري ۾ رهيا هئا. پاڻ جيتوڻيڪ پنھنجي بيڊ تي هئاسين پر اسان جون سوچون اسان کي ان آئلينڊ تي کڻي ويون هيون.

رڌانا هوٽل جي خوبصورت بورچياڻي

10.08.2023 تي صبح جو سوير اٿياسين، اڄ اسان جي گهمڻ جو پھريون ڏينھن هو. رات ڏاڍي گهري ننڊ آئي هئي. ڊگهي سفر جي ڪري جيڪا ٿڪاوٽ ٿي هئي. سا هاڻي مايوس ٿي رهي هئي. ڇو تہ اڄ اسان جي گهمڻ جو پھريون ڏينھن هيو. انڊونيشا جي شھر بالي ۾ مھمان هئاسين. رات بالي جي سونھن اکين سان ڏٺي هئيسين.
اڄ بالي جي صبح جي پرنور رونق پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي هئي. پيٽر سان رات پروگرام سيٽ ٿي چڪو هيو. هن کي چيل هيو تہ هو اٺين وڳي تائين هوٽل ۾ پھچي وڃي. اسان چار ئي دوست تيار ٿي هيٺ ڪائونٽر تي اچي چڪا هئاسين. بوفي Buffet سسٽم واري ناشتي جي انچارج اتان جي انڊونيشن نوجوان خوبصورت ناري انڊونيشين ڪلچرل ڊريس ۾ ملبوس هئي. هوءَ انتھا جي خوبصورت هئي. هن جي سونھن پسي مون کي ڀٽائي جو سٽون ذهن تي تري آيون.
ڪنڌي اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساھہ جو، گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
هوءَ بورچيخاني ۾ بيھي سياحن جي خدمت ۾ مصروف هئي. مان بہ ناشتي لاءِ ڪچن ۾ هيس ۽ منجهي پيو هيس تہ ڇا ڇا کڻي پليٽ ۾ رکان. اڃان ان ٻڏتر ۾ ئي هيس تہ هن مسڪرائي منھنجي پليٽ ۾ آمليٽ جا ٻہ ٽڪرا وڌا ۽ چيو تہ،”بريڊ گرم ڪري ڏيانوَ.“ جنھن تي مون هن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو،”مھرباني، پر مکڻ جي مک ضرور لڳائجوس، مون کي مکڻ لڳل بريڊ وڻندو آهي.“ ان تي هن مرڪي ڏنو هو.
ان کان پوءِ اسان سڀني پليٽ ۾ ناشتو کڻي ٽيبل تي ويھي ناشتو ڪري، بل ادا ڪرڻ وياسين تہ خبر پئي اسان هر هڪ دوست 45000 هزار جو ناشتو ڪيو هو. توهان پريشان نہ ٿيو اهي انڊونيشن روپيا هئا. باقي پاڪستاني گهڻا روپيا ٿيا، ان جو حساب پاڻ ڪري وٺو. پيٽر اسان جا ٿيلھا پنھنجي گاڏي جي ڊڪي ۾ سيٽ ڪري رکيا. پاڻ کي گروڙ (گرڙ پکي) وشنو نيشنل پارڪ وڃڻو هو.

گروڙ نيشنل پارڪ

هينئر پاڻ نيشنل پارڪ ۾ داخل چڪا هئاسين. هي تمام وڏو پارڪ هيو، جيڪو ايڪڙن ۾ سمايل هيو. هر طرف ساواڻ، ڇٻر، گاھہ ، مختلف خوبصورت رنگين گل، وڏا وڏا وڻ ۽ جبل جا خوبصورت منظر اکين جي ديد کي وڌائڻ لاءِ بيچين هئا. انھن گلن، ٻوٽن، وڻن جي سونھن کي ڏسي مون کي اردو جي ڪنھن شاعر جو شعر ياد ٿو اچي؛
غضب کی دھوپ تھی اپنائیت کے جنگل میں،
شجر بہت تھے مگر کوئی سایہ نہ تھا۔
پيٽر ڊرائيونگ ڪندي اڳتي نڪري ويو هو. اڳتي سيڪيورٽي گارڊ بيٺل هيو. جنھن پيٽر کي روڪيو ۽ هن کي گائيڊ ڪندي ٻڌايو تہ،”هي رستو بند آهي. توهان هتان واپس وڃو. هنن مھمانن کي اتي اسٽاپ تي ڇڏيو، جتان هن پارڪ ۾ هلندڙ شٽل مھمانن کي کڻي ايندي ۽ واپسي ۾ بہ اتي ئي ڇڏيندي. توهان اتي ئي اسٽاپ تي ويھي هنن جو انتظار ڪيو.“
پيٽر هن جي ڳالھہ سمجهي ويو هو. ان ڪري هن گاڏي کي پوئتي موٽائي اسان کي اسٽاپ تي آندو. پيٽر چيو تہ،”مان هتي ئي توهان جو انتظار ڪيان ٿو، توهان جلدي ٿي اچو، اسان کي ٻيون بہ گهڻيو جايون گهمڻيون آهين.“ سو پيٽر کان موڪلائي پاڻ اڳتي روانا ٿياسين. پاڻ بہ ان قطار ۾ هڪٻئي جي پويان بيھي رهياسين. قطار اڳتي وڌندي رهي. ٿوري ٿوري دير بعد کليل شٽل اينديون ويون ۽ سياحن کي کڻنديون اڳتي پارڪ ڏي هلنديون ويون.
نيٺ اسان جو بہ وارو آيو. اسان چار ئي دوست ان شٽل ۾ ويھي رهياسين. هر شٽل ۾ ڏھہ کان ٻارنھن ماڻھو ويھي سگهن پيا. پرتاب ھميشہ جيان ڊرائيور سان گڏ ويھي رهيو ۽ پاڻ ٽيئي پوئين سيٽ تي ويھي رهياسين. اسان کان اڳيان واري سيٽ تي انگريز فيملي ويٺل هئي. جيڪي هن مختصر سفر مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. تقريبن ڏهن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ هڪڙي اسٽيشن تي اسان کي لاٿو ويو.
سامھون کان لوهي جهنگلي مان گذرندي، ليڊي سيڪيورٽي کي چيڪنگ ڪرائيندا اڳتي داخل ٿياسين. هاڻي پاڻ اهڙي احاطي ۾ اچي پھتاسين، جنھن جي چوڌاري لوهي جهنگلو لڳل هيو. سامھون کان تمام وڏا اسٽيچو ٺھيل ها، جن جي پاسي ۾ ٽڪيٽ گهر هيو. جتان ٽڪيٽ وٺڻي هئي. هتي مختلف ٽيڪٽن جا ڪائونٽر ٺھيل هئا ۽ انھن جي باري ۾ ٻاهر پينافليس وارا بورڊ بہ لڳل هئا.
ڪائونٽر تي تمام گهڻي رش هئي ۽ ان تي ماڻھن جي ڪافي ڊگهي لائين لڳل هئي. جنھن ۾ خاص ڪري انگريز فيمليون هيون. انھن سان ٻار بہ گڏ هئا. سامھون کان اسان کي گوتم ٻڌ جو مجسمو نظر پئي آيو، جيڪو جبل جي چوٽي تي هيو. هي ٽڪيٽ هن علائقي ۾ داخلا جي هئي. هن ٽڪيٽ ۾ ريفريشمينٽ بہ شامل هئي. جنھن جو انتظام اڳين/مٿين اسٽاپ تي ٿيل هيو.
جاني اسان سڀني جون ٽڪيٽون ورتيون. اسان سڀني هن جاءِ تي تمام گهڻو وقت ڦوٽوگرافي ڪندي گذاريو. مان جنھن اسٽيچو جي اڳيان بيھي هن کي غور سان چتائي ڏسي رهيو هئس، ان جي سامھون هيٺ چئني پاسن کان مختلف قسمن جا ٻوٽا پوکيل هئا۽ پڪن سرن جي چوديواري ڏنل هئي. هتي ڪي گل ۽ ڪي ٻوٽا مون کي اداس لڳا. ائين لڳو تہ هي گل جلدي مرجهائجي ويندا. مون کي ڪنھن ڏاهي جا لفظ ياد ٿا اچن، جنھن چيو هو تہ،” نراسايون ھميشہ حساس ۽ احساس ڪندڙ انسانن جي حصي ۾ اينديون آهن.“ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ گل ۽ ٻوٽا حساس هوندا آهن. انھن کي احساس هوندو آهي، ان ڪري تہ هو ٻين کي خوشبو آڇيندا آهن. مون کي جون ايليا جو شعر ياد ٿو اچي تہ:
بے حسی شرط ہے جینے کے لیے،
اور ہم کو احساس کی بیماری ہے۔

گروڙ پارڪ جي ٽڪيٽ گهر ۾

هر مجسمي جي اڳيان ڪاٺ جي ڦوٽ ڏيڍ جي پٽي لڳل هئي، جنھن تي ان مجسمي جو تعارف لکيل هيو. ان تي لکيل تحرير (جيڪا هن مجسمي جي باري ۾ تعارفي نوٽ هيو) پڙهڻ ۾ نہ پئي اچي، ڇو تہ اس ۽ برسات جي ڪري اها تحرير ڌنڌلي ٿي ويئي هئي. مان ان تحرير کي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هئس تہ منھنجي پاسي ۾ انڊونيشن عورت اچي بيٺي، جنھن مونکي ان مجسمي جي باري ۾ پيار سان سمجهائڻ شروع ڪيو. هن جي سمجهائڻ جو طريقو تمام بھترين ۽ دلچسپ هيو. مون هن جو شڪريو ادا ڪيو. مون کي لڳو تہ هو ٽيچر هوندي، پر جيڪڏهن هوءَ ٽيچر ناهي تہ هن کي ٽيچر ئي هئڻ گهرجي ها، ڇو تہ هن جي سمجهائڻ جو طريقو بنھہ آسان هيو. يا تہ مون سمجهڻ ۾ دلچسپي ورتي. ڪجهہ تہ هيو. صوفي آسورام جو غزل جو بند آهي تہ؛
قرب واري جي لڳي ڪڍ، ماڻهپو حاصل ڪيوم،
ٿي وڃان صدقي انھيءَ تان جنھن ڏنو سُرهو سُراغ.
پرتاب قرب ڪري اهي لمحا ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري ڇڏيا ها. جاني ٽڪيٽن جي قطار ۾ بيٺل هو. ڊاڪٽر هن سان گڏ هيو. پرتاب ۽ مان ان ٽڪيٽ واري ايريا کي گهمندي گهمندي هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا هئاسين.
جاني ٿوري دير کان پوءِ ٽڪيٽون هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪري آيو. هاڻي اسان جو رخ جبل جي چوٽي ڏانھن هيو، جتي گوتم ٻُڌ جو مجسمو ٺھيل هيو. مٿاهين تي ٺھيل سيمنٽ وارن پيچرن تي هلندا اڳتي وڌندي مٿي چڙهڻ لڳاسين. رستي ۾ ڪٿي ڪٿي تمام وڏي سائيز جي (مال جي بندر) وانگي سيمينٽ جي ٺھيل حوضن ۾ ڪنول جي گلن جو درشن ڪندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين.
اڳتي وڌياسين تہ هڪڙي خوبصورت گيٽ وٽ اچي بيھي رهياسين. سائيڊ کان مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ هئي، جيڪا بند ٿيل هئي. ٿوري دير لاءِ ان گيٽ تي بيھي ڦوٽا ڪڍراياسين. اسان سڀني جي خواهش هئي تہ اسان جي گڏيل يادگار تصوير هجي، پر هاڻي اها تصوير ڪڍي ڪير. ان لاءِ پريان کان هڪڙو انگريز نظر آيو. جيڪو اسان جي ڪيفيت سمجهي ويو هو. هو آهستي آهستي اسان ڏي سُرندو آيو. جڏهن هو ويجهي پھتو تہ هن اسان جو گڏيل ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. هن خوشيءَ سان اسان هن جي آفر قبول ڪئي. اسان جي تصويرن ڪڍرائڻ جو انداز پنھنجو هيو. انگريز مسڪرائي چيو تہ،”صفا ويجهو ٿي بيھو هڪٻئي کي ڀاڪر پايو، توهان هڪٻئي کان ناراض آهيو ڇا؟.“ اسان سڀني سان گڏ هن بہ وڏو ٽھڪ ڏنو. مون ڏٺو تہ انگريز ڏاڍا خوش مزاج ماڻھو آهين. هو ٽوئر کي انجوا ڪن ٿا. اسان هن جي صلاح تي ويجهو ٿي بيھي رهياسين ۽ هڪٻئي جي ڪلھن تي ٻانھون رکيونسين ۽ مٿان وري آرٽيفيشل مسڪراهٽ جو ماحول بہ ڏنوسين تہ انگريز ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن کان هن جي باري ۾ پڇيوسين. هن ٻڌايو تہ هن جو تعلق آسٽريليا جي ميلبورن شھر سان آهي. هن جي ان عمل اسان جون دليون کٽي ورتيون هيون.

لائيو ڪلچرل شو

اڳتي جيئن ئي وڌياسين تہ موسيقي جو خوبصورت آواز ڪنن تي ٻُريو، دل سٽ کاڌي ۽ ان پاسي هلي پياسين. ڇا ڏٺوسين تہ هڪڙو ٿيئٽر آهي، جنھن ۾ لائيو شو هلي رهيو هو. گيٽ تي موجود نارين اسان کان ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون. اسان کليل ٿيئٽر ۾ داخل ٿي وياسين. جتي سينيما حال جيان ڏاڪڻن وارين سيٽن تي ڪافي انگريز ويٺل نظر آيا. سامھون تمام وڏي اسٽيج ٺھيل هئي، جتي موسيقي جو شو هلي رهيو هو. هن شو ۾ طبلي وڄائيندڙ جو ڪمال نہ فقط نظر آيو پر محسوس پڻ ٿيو. انگريزن ان طبلي نواز کي زوردار تاڙيون وڄائي دل کولي داد ڏنو. واقعي هو ان داد جو مستحق بہ هيو. تماشائين جي اهڙي رويي تي هو ڏاڍو شڪرگذار ٿيو هو. مون محسوس ڪيو تہ ان داد تي هو مڪمل طور تي فريش ٿي ويو هو. هو ڏاڍو خوش هيو. هن جي چھري تي مرڪ تري آئي هئي. ڪنھن ڏاهي جو قول آهي تہ،”عمر کان وڌيڪ ماڻھو کي پنھنجا حالات پوڙهو ڪري ڇڏين ٿا (وڏي عمر پوڙهو نہ ٿي ڪري). ڇو تہ انسان کي ڪم يا محنت ايترو نہ ٿي ٿڪائي وجهي، جيترو ماڻھو جا رويا هن کي ٿڪائين ٿا.“
ان کان پوءِ مداريءَ جو وارو آيو، هي ڪمال جو مداري هيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ هو پنھنجي فن ۾ تمام وڏي مھارت رکندڙ هو. هن فنڪار بہ پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريا. سڀ کان اول تہ هن جو اسٽيج تي داخل ٿيڻ جو انداز ڏاڍو نرالو ۽ منفرد هيو. هو ڪافي دير هڪ ٽنگ تي اسٽيج جي داخلا واري دروازي تي بيٺل رهيو. جنھن مان اهو تاثر اڀريو تہ هو منڊو آهي ۽ جڏهن هو منڊڪائيندو اسٽيج تي آيو تہ بہ ائين لڳو تہ هو هڪ ٽنگ کان معذور آهي. پر جڏهن هو اوچتو ٻنھي پيرن تي بيھي رهيو تہ هن سڀني تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ ڇھہ ست ناريون ڪلچرل ڊريس ۾ ملبوس پنھنجي فن جو ڪمال ڏيکارينديون رهيون. اهڙي ريت هتان جي ڪلچرل موسيقي جي مڌر سرن ۾ هي شو هلي رهيو هو. ماڻھو هنن مدارين کي داد ڏيندا رهيا. هن مداري جو پنھنجي فن سان عشق هيو يا تہ هو پاڻ عشق هيو جيڪو اوچتو هن جي اندر مان ڦٽي نڪتو هو. مون کي مولانا رومي جو شعر ذهن ۾ اچي ٿو تہ؛
دوش ديوان شدم، عشق مرا ديد و بگفت،
آمدم، نعره مزن، جامه مدر، هيچ مگو.
(اڳين رات مان چريو/پاڳل ٿي ويو هئس، پوءِ عشق جي نظر مون تي پئي ۽ هن مون کي چيو،”هاڻي مان اچي ويو هان، ان ڪري تون نعرا نہ هڻ، ڪپڙا نہ ڦاڙ ۽ ڪجهہ بہ نہ چئو“).
اسان مان جاني هن شو جي رڪارڊنگ تماشائين واري جاءِ کان ويھي ڪري رهيو هو ۽ مان هيٺ لھي بلڪل اسٽيج جي ويجهو اچي هنن مدارين جي ڪرتب جا ڪلوزاپ وٺندي، هنن کي تمام ويجهڙائي کان ڏسي ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري رهيو هئس. مدارين شو جي دوران هڪڙو ٻيو ڪمال اهو بہ ڪيو تماشائين مان ٻن ٻارڙن کي هيٺ اسٽيج تي وٺي آيا، جن کي پھرئين پاڻ ڪرتب ڪري سيکاريو، ٿوري دير کان پوءِ تہ اهي ٻارڙا بہ ائين ڪرڻ لڳا، جيئن مداري ڪري رهيا هئا. هاڻي تہ ٻارڙا بہ خوش ٿي رهيا هئا ۽ انھن سان گڏ انھن جا والدين پڻ خوشيءَ ۾ ٽڙي پيا هئا. هي ٻارڙا ڏاڍو سٺو پرفارم ڪري رهيا هئا.
ٿوري دير کان پوءِ شو ختم ٿي چڪو هو. سڀني تمام گرم جوشي سان اٿي بيھي، زوردار تاڙين جي گونج ۾ مدارين کي دل سان داد ڏيئي الوداع ڪيو.

بادشاهي ڪرسي

ان کان پوءِ پاڻ پنھنجو پنڌ اڳتي جاري رکيو. ڇو تہ اسان کي گوتم جي مجسمي ڏانھن وڃڻو هو، ان ڪري ٻيھر جبل جو پنڌ ڪرڻ لڳاسين. ڪافي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ جنرل اسٽور آيو، جنھن جي اندران ڪراس ڪري توهان کي پرئين پاسي نڪري وڃڻو هو. هن اسٽور ۾ ڪافي ريفريشمينٽ جون شيون موجود هيون، ان کان علاوہ هتي ڪلچرل تحفا ۽ پراڻي طرز تي ٺھيل ثقافتي شيون پڻ نظر آيون. پاڻ اتان پار ڪري اڳتي نڪري آياسين. (جيتوڻيڪ هي ئي اسٽور هيو ۽ اسان کي هتان ئي ريفريشمينٽ وٺڻي هئي پر اسان کان ڳالھہ وسري وئي).
اسان کي اڃان مٿي چڙهڻو هيو. هڪڙي جاءِ تي پھتاسين تہ هڪڙي خوبصورت قسم جي شاهي، بادشاهي، مغلن جي درٻار جهڙي، خوبصورت ڪرسي سجائي رکي ويئي هئي تہ جيئن سياحن جي توجھہ جو مرڪز رهي. ان ڪرسي تي ويھي ڦوٽا ڪڍرائڻ لاءِ ڪافي ماڻھو بيتاب هئا. هر سياح جي خواهش هئي تہ ان تي ويھي ڦوٽو ضرور ڪڍرائي. ڇو تہ هي ڪا عام ڪرسي نہ هئي. هن تي جنڊي جو تمام وڏو ڪم ٿيل هيو. قديمي دور جي ڊزائين هن ڪاٺ واري ڪرسي کي ويتر سونھن بخشي ڇڏيو هو ۽ ائين لڳي پيو ڄڻ تہ ڪنھن پراڻي دؤر ۾ ڪنھن بادشاھہ جي هجي. ايڏي ويڪري، سونهري رنگ ۽ جنڊي جي ڪم مان لڳي پيو تہ هي ڪا تاريخي يا قديمي آثارن مان ڳولھي هٿ ڪئي ويئي هجي، ان ڪري هن ڪرسي جي سياحن جي نظر ۾ تمام وڏي اهميت هئي. اسان جي پويان انگريز پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. دل ئي دل ۾ چون پيا تہ،”جلدي ڦوٽا ڪڍرائي وٺو، اسان بہ ڪڍرائينداسين.“ مٿان تکي اُس هڪڙي جاءِ تي گهڻو بيھڻ نہ پئي ڏيئي.
اسان چئني دوستن ان بادشاهي درٻاري ڪرسي تي ڪافي ڦوٽو ڪڍرائي اڳتي نڪري وياسين. اتي ئي جبل جي پاسي ۾ شفاف پاڻيءَ جو آبشار وهي رهيو هيو، هن جو کير جھڙو پاڻي هيو. جاني ۽ پرتاب تصويرون ڪڍرائڻ ۾ مصروف ٿي ويا هئا ۽ اسان فطرت جي سونھن ۾ موهجي ويا هئاسين.

شوخ حسينہ جو ٽڪر

هاڻي اسان گوتم جي مجسمي جي ويجهو هئاسين. مان مٿي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جو سوچي رهيو هئس تہ هڪ شوخ حسينا، اوچتو اچي مون کي داسو هنيو. مون هن ڏي غور سان ڪاوڙ ۾ ڏٺو. هن کي ڪاري رنگ جو چشمو پاتل هيو. هن جي چھري جو رنگ بہ هن جي چشمي سان ملي رهيو هيو. هن مسڪرائي چيو، ”آئي ايم سوري.“
مون چيو،”اٽس اوڪي بٽ....“ (خير آ پر...) ان کان اڳ ۾ جو مان پنھنجو جملو پورو ڪيان هن وري ٻيو وار ڪيو.
” هائو آر يو.“ (توهان ڪيئن آهيو). هن وري پنھنجن ادائن تي زور ڏيندي چيو.
مون چيو،” آي ايم فائين بٽ رانگ نمبر.“ (مان ٺيڪ آهيان پر توهان غلط نمبر لڳايو آهي). مان سمجهي ويو هئس تہ مان ڄار ۾ ڦاسي چُڪو آهيان.
هن وري مسڪرائي چيو،” يو آر وري سمارٽ مين، آئي ايم فرام .......(توهان ڏاڍا سھڻا آهيو. منھنجو تعلق....). ان کان اڳ ۾ جو هو پنھنجو جملو پورو ڪري....مون ڊاڪٽر کي رڙ ڪري سڏ ڪيو،”ڊاڪٽر توهان جو پڇي پئي!“ ڊاڪٽر اتان ئي هن تي هڪڙي نظر وجهي رڙ ڪري چيو،”ڀڄ پري، منھنجو شعبو ئي ناهي.“
اهڙي ريت مون هن کان معذرت ڪندي، پاڻ پاسو مٽائي، اڳين ڏاڪي تي تڪڙ ۾ پير رکي چڙهڻ لڳس.
مان سمجهي ويو هئس تہ هن سان ڪو مسئلو آهي. اصل ۾ اهو سڄو دماغي خلل هيو. ڪنھن ڏاهي جا لفظ آهن تہ؛
All the problems are stuck between ‘Mind’ and Matter’. If you don’t ‘Mind’, it doesn’t ‘Matter’.

گوتم ٻُڌ جو مجسمو

هاڻي پاڻ گوتم جي تمام اڀ سان ڳالھيون ڪندڙ مجسمي جي هيٺيان اچي بيٺا هئاسين. سيمينٽ يا پٿر جو تراشيل هي گوتم جو تمام وڏو بت هيو. جنھن جي پاسي ۾ پڻ ڪيترائي ننڍا وڏا مجسما هئا. هن مجسمي جي پاسي ۾ پوڄا پاٺ جو سلسلو جاري هيو. جنھن لاءِ پوڄا ڪرائيندڙ پوڄاري سياحن کي هتان جي روايتي ڊريس پارائي، جنھن ۾ ڌوتي ٻڌرائي پوڄا ڪرائي رهيا هئا. پوڄاري پنھنجي ڌنڌي ۾ مشغول هئا تہ اسان وري پنھنجي شوق جي آبياري ۾. اسان جا دوست ڊاڪٽر ۽ پرتاب پنھنجو سامان ڪنڊ تي وڻ جي هيٺان رکي، اسان کي سامان جي حفاظت جو چئي، پوڄاري واري مندر ۾ داخل ٿي چڪا هئا. سنتوش ۽ پرتاب پينٽ مٿان ڌوتي ٻڌي، پوڄاري جي حڪم جي تعميل ڪندي پوڄا ۾ مصروف ٿي ويا.
هي گوتم ٻڌُ جو مجسمو ايڏو تہ مٿي ۽ وڏو هيو جو جاني ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ بار بار ڪيمرا کي پينوراما موڊ تي رکي پيو، تڏهن وڃي تصوير نڪري پئي. هن مجسمي جي جيڪڏهن توهان قريب ٿي ڦوٽو ڪڍندو تہ توهان کي ڪنڌ کي ايڏو مٿي ڪرڻو پوندو جو، توهان جي ڪنڌ ۾ سور پئجي ويندو. هن وقت ڏينھن گرم ٿي چڪو هو، ماڻھن اُس کان بچڻ لاءِ پنھنجون ڇٽيون ڪڍي هٿن ۾ ڪيون هيون. ڪن وٽ تہ مٿي کي ڍڪڻ لاءِ رومال هئا. عورتن پنھنجا اسڪارف ويڙهي ڇڏيا هئا. پر اسان وٽ نہ ڇٽي هئي نہ ئي رومال، بس پاڻ خالي هٿين هتي آيا هئاسين. هتي گهڻي رش ڪا نہ هئي. اسان بہ هن مجسمي کي چئن پاسن کان گول ڦري، گهمي ڏٺو هيو. جنھن خوبصورت نموني سان هن مجسمي کي تراشيو ويو هو، اهو يقينن ڪو وڏو ماهر سنگتراش هوندو. ڪمال جي سنگتراشي ٿيل هئي.
ان کان پوءِ پاڻ اڳتي نڪري گوتم جي مجسمي جي پوئين پاسي کان آياسين. اتان ئي بيھي مٿي آسمان تي نظر وڌي سين تہ پريان هڪڙي ٻئي پکي جو هن کان بہ وڏو مجسمو نظر آيو. جيڪو هن مجسمي کان هڪ تہ گهڻو پري هيو ۽ ٻيو تہ ان جي ٽڪيٽ بہ الڳ هئي. سو ٽائيم کي بچائيندي دوستن اهو فيصلو ڪيو تہ ان مجسمي ڏانھن نہ ٿا هلون ڇو تہ پيٽر انتظار ۾ هوندو ۽ اسان کي اڃان گهڻو ڪجهہ گهمڻو آهي. ان ڪري پاڻ جيڪڏهن هن پارڪ کي چڱي طرح گهميو تہ ڪمايوسين.
گوتم جا سونهري لفظ آهن تہ؛
“Everything that has a beginning, has an ending. Make your peace with that and all will be well.

گرڙ پکيءَ جا بيدا چورائيندي

ان گوتم جي مجسمي جو درشن ڪري، پوئين پاسي کان ٿيندا، ڏاڪڻ کان هيٺ لھي آياسين. اسان جتان آيا هئاسين، هي اهو پاسو نہ هيو، بلڪ ٻيو الڳ ۽ خوبصورت رستو هيو. هتي کليل ميدان ۽ سائي ڇٻر جي گهيري ۾ هن پاسي گرڙ پکي جو تمام وڏي سائيز ۾ مجسمو ٺھيل هيو. جيڪو ائين لڳي پيو تہ غصي ۾ آهي. ڇو تہ هن جا انڊا ڪنھن چورايا هئا ۽ ڪجهہ ٽوڙي ڇڏيا هئا. هن اجگر پکي جو وات پٽيل هيو. هر طرف ساوڪ جو ماحول هو. پريان کان وري هن گرڙ پکي جا انڊيا بہ ٺاهيا ويا ها. هي انڊا سيمينٽ سان ٺھيل هئا ۽ هنن کي سفيد رنگ ڏيئي انڊن جي شڪل جو روپ ڏنو ويو هو.
ان سان ڪمال جي ڪاريگري اها بہ رکي ويئي تہ هڪ ٻہ انڊا ٽٽل بہ ڏيکاريا ويا ها. جنھن مان واقعي ئي اهو تاثر جڙي پيو تہ ڀڳل انڊا آهن ۽ گرڙ پکي کي ان ڳالھہ تي ڪاوڙ چڙهيل آهي. مون سوچيو تہ اڄ مان بہ چور ٿي چوري ڪري ڏسان ٿو. مون ڪوشش ڪئي تہ گرڙ پکيءَ جا انڊا چورايان، پر مون ڏٺو تہ گرڙ پکي مون ڏي خونخوار نگاهن سان نھاري رهيو آهي. ان ڪري مون انڊن کان هٿ ڪڍيا.
چور جا ٻہ قسم هوندا آهن. هڪڙو عام چور ۽ ٻيو سياسي چور. عام چور توهان جو مال جنھن ۾ بٽون، پئسا، واچ، مينھن، ٻڪري، ڍور ڍڳو ۽ موبائيل فون وغيرہ چورائيندو آهي. پر سياسي چور انتھائي خطرناڪ هوندو آهي، جيڪو توهان جو مستقبل، توهان جا خواب، توهان جي تعليم، توهان جي صحت ۽ توهان جون مرڪون چوري ڪري کسي وٺندو آهي. پر انھن ٻنھي چورن ۾ بنيادي فرق آهي. اهو هي آهي تہ عام چور جي ترجيح توهان خود هوندا آهيو، جڏهن تہ سياسي چور جي چونڊ توهان پاڻ ڪندا آهيو.
اصل ۾ پرتاب ٻڌايو تہ ڳرڙ پکي جي حوالي اسان وٽ ”گرڙ پُراڻ“ هڪڙو قديمي تاريخي نسخو آهي، جنھن لاءِ اهو چيو ٿو وڃي تہ ماڻھن جي مري وڃڻ کان پوءِ، انھن جي ميتن مٿان هي ڪتاب پڙهيو ويندو آهي. ان پڙهڻ جو مقصد اهو هوندو آهي تہ هي ڪتاب موت کانپوءِ ان ميت جي سموري روحاني سفر جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي. ان گرڙ پکي سان بہ نينھن جا ناتا جوڙي تصويرون ڪڍرايوسين. اهي سڀ تصويرون هن ڪتاب جو حصو آهن. پاڻ اتان ٿي اڳتي وڌياسين تہ اسان کي هيٺ ڏاڪڻيون (جيئن قائد اعظم جي مزار جون مٿين آخري چاڙهي ۾ هونديون آهن) لھڻيون هيون، اهي لھي هيٺ آياسين تہ پاڻ هڪڙي وڏي (ڪرڪيٽ جيڏي) ميدان ۾ داخل ٿياسين. جتي رنگ برنگي ۽ سونهري رنگ جو جهنڊيون لڳل هيون. بھترين ڪٽائي ٿيل سائي ڇٻر اکين کي رونق بخشي رهي هئي. هي انتھائي خوبصورت پارڪ هيو. پريان سيڪيورٽي وارا ويٺا هئا ۽ اتي ڪولڊ ڊرنگ ۽ پاڻي جو اسٽال بہ هيو.
سيڪيورٽي وارن ٻڌايو تہ ٻاهر نڪرڻ جو رستو پريان کان آهي. اسان اتان واپس ٿي وري بہ وچ ميدان ۾ اچي بيٺاسين. جتي ائين لڳي پيو تہ جبل کي ڪٽي هي وچ وارو ميدان ٺاهيو ويو آهي. جبل جي پاسن کان ڪاراڻ جا نشان هئا. اتان نڪري سوڙهي گهٽي مان ٿيندا اڳتي نڪرڻ لڳاسين تہ ٻہ جهونا زال مڙس بہ اسان جي پويان پئي آيا. هنن جهونن کي ڏسي مون دل ئي دل ۾ هنن جي همت کي سلام ۽ داد ڏنو سگهجي ٿو. هي جهونا پنھنجي اولاد لاءِ حقيقي هيرا هئا پر جيڪڏهن ڪو سمجهي تہ. مون هنن کي سلام ڪري، دعا ڪندي هنن جي همت افزائي ڪئي. شيخ اياز ياد اچي ويو تہ؛
هيرا تہ ڏسو، ڪنڪر نہ هڻو، ايندو نہ وري هي وڻجارو،
ڪجهہ ڏات ڏسو!، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.
اهڙي ريت اسان ساڳي رستي کان ٿيندا، ساڳي اسٽور جي اندران نڪري ٻي پاسي آياسين.
اسان کان ريفريشمينٽ ئي وسري ويئي هئي، جيڪو اسان جي ٽڪيٽن سان پيڪيج ۾ شامل هيو. ڇو تہ هن تاريخي ماڳ جي رونق ئي ڪجهہ اهڙي هئي جو اسان ان پھاڙن جي سونھن ۾ سڀ ڪجهہ وساري، پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي پاڻ ساڳي رستي کان واپس ٿي، اچي اسٽاپ تي بيٺاسين. ٿوري دير ۾ ساڳي قسم جي شٽل ۾ چڙهي اچي اسٽاپ تي پيٽر کي ڳولھڻ لڳاسين پر پيٽر نہ مليو.
بلو برڊ ٽيڪسي وارو ڊرائيور نظر اچي ويو. ان کان پيٽر جو پڇيوسين، هن ٻڌايو،” تہ بلو برڊ ٽيڪسي وارا سڀ مٿي هوٽل تي ويھندا آهن، پيٽر بہ اتي ئي هوندو، اتي ڏسوس.“ جيئن ئي مٿي چڙهياسين تہ ان اسٽاپ تي هڪڙو هوٽل نظر آيو هيو. پيٽر ان ۾ لنچ ڪري رهيو هو. هن اسان کي لنچ جي صلاح ڪئي. پاڻ بہ ان ئي هوٽل ۾ ريفريشمينٽ ڪري، اچي ڪار ۾ ويھي رهياسين.

چور جي باري ۾ شاھہ جو بيت
جي ڀائين پرينءَ مڙان تہ سک چوران ڪي ذات،
جاڳڻ جشن جن کي، سُک نہ ساري رات،
اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪن نہ وات،
سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نہ بات،
توڻي ڪُسن ڪات، تہ بہ ساڳي سلن ڪين ڪي.
(شاھہ )
(جي چاهين تہ پرينءَ سان ملان تہ چورن جي روش سک. هنن لاءِ ساري رات جاڳڻ جشن آهي ۽ ذرو بہ آرام نہ اٿن. هو ڄاڻي ٻجهي ٻاهر نڪريو پون ۽ زبان سان حرف بہ نہ ٿاڪڇن. هو هڪٻئي سان سلھاڙجي، وڃيو سوريءَ تي چڙهن، پر وات مان ٻڙڪ بہ نہ ٿا ٻولين. پو ڪات سان ڪسجيو وڃن، تہ بہ سچي ڳالھہ نہ ٿا سلين. (عارف بہ ائين آهن ۽ منجهن ساڳيون وصفون آهن).
شاھہ جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي. صفحو66

پانڊَو ڀائرن جي تاريخ The Pandavas

هي عظيم پنج ڀائر آهن. جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1.Yudhistira 2. Bhima 3. Arjuna 4. Nakula & 5.Sahadeva
هي پنج ئي ڀائر ”مھاڀارت“ داستان جا لازوال ڪردار آهن. هي پانڊَو Pandu جا پٽ سمجهيا وڃن ٿا. جيڪو ”ڪورون“ سلطنت جو بادشاھہ هيو. پر هنن جا الڳ الڳ پيءُ (ديواز ديوتا) هئا. ڇو تہ پانڊو ان جي قابل نہ هيو تہ فطري طور تي ٻار جو پيءُ ٿي سگهي.
هن داستان ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو آهي تہ سڀني پانڊَو ڀائرن گڏجي هڪڙي عورت دروپدي Draupadi سان شادي ڪئي هئي. هي عورت اصلي Panchala جي شھزادي هُئي. جن ڪرو سلطنت جي ٽٽڻ کان پوءِ ”اندرپرست“ Indraprastha شھر جو ان ڪري بنياد وڌو هو تہ جيئن حق وراثت جو معاملو نہ ٿئي.
ان سلطنت جي ٽٽڻ کان پوءِ هن رياست جو ٻئي پاسي جي حڪمراني هنن پنج ئي پانڊوئن جي سوٽن ڪورون Kauravas جي ٿي هئي. بحرحال پانڊون پنھنجي حڪمراني ڪورون جي هٿان وڃائي ڇڏي هئي (جيڪو وڏي ۾ وڏو هيو ۽ سلطنت جو بادشاھہ هيو). ڇو تہ يدهشترا Yudhishtira اهو علائقو جوا ۾ هارايو هو. ان ۾ يدشتر ان شرط تي متفق ٿيو تہ پانڊو اها سلطنت ڪورون جي حوالي ڪندا ۽ 13 سالن تائين ڏيھہ نيڪالي قبول ڪندا ۽ ان کانپوءِ ئي هنن کي اهو ساڳيو علائقو واپس ملندو. پر 13 سالن کان پوءِ ڪورون اهو علائقو واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو نتيجي طور پانڊوئن پنھنجي ئي خاندان جي خلاف ”خانہ جنگي“ شروعات ڪري ڇڏي. هن کي جنگ جي ڪروڪشتر ”ڪروڪشترا لڙائي“ Kurukshetra war جو نالو ڏنو ويو. پر ڪرشن ديوتا جي مدد سان پانڊون جنگ کٽي ورتي ۽ ڪوراويس جي شڪست ٿي.
پانڊَو جيئن تہ ننڍو ڀاءُ هيو، پر تنھنجي باوجود هو ڪُرو سلطنت جو بادشاھہ چونڊيو ويو هو، جيتوڻيڪ هي ننڍو هيو ۽ هن جو وڏو ڀاءُ ”دهرتراشترا“ Dhritrashtra جو حق هيو پر هن کي ان ڪري حڪومت نہ ڏني ويئي ڇو تہ هو اکين کان نابين هيو. هن جي شادي ڪنُتي Kunti سان ٿي جيڪا يادو Yadu قبيلي جي شھزادي هئي ۽ مدري Madri سان ٿي جيڪا مدرا رياست جي شھزادي هئي. هڪ دفعي هو شڪار سانگي ڪنھن جهنگل ۾ ويو ۽ هن هرڻي جي جوڙي کي لڳ دوران ماري وڌو. بهرحال اهو جوڙو ”ڪنڊاما“ نالي بابا ۽ هن جي گهرواري نڪتا. جن پنھنجي روحاني طاقت سان پاڻ کي جانورن جو روپ ڏنو هيو. ڪانڊاما ڪاوڙ ۾ اچي بادشاھہ کي چيو تہ هن سيڪس واري عمل کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي تير هڻي ماري وڌو هيو. ڪانڊاما بادشاھہ کي بدعا، پِٽ ۽ پاراتو ڏيندي چيو تہ، ”جيڪڏهن هو پنھنجي گهرواري ڏي ويو ۽ هن کي ڇهيو تہ هو مري ويندي.“ ان واقعي کان پوءِ پانڊَو پنھنجي مرضي سان بادشاهي زندگي کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هو جهنگ ۾ نڪري ويو ۽ ڪنتي ۽ مادري سان گڏ جهنگ ۾ گذارڻ لڳو. هن جي شادي کان اڳ ۾ بابا درواسا هن کي هڪڙي نعمت عطا ڪئي هئي تہ هن کي ڪڏهن بہ ڪنھن بہ ديوتا کان بغير ڪنھن جسماني ميل ميلاپ جي بنا ئي پٽ ڄمي سگهي ٿو. پانڊَو کي جڏهن هن ڳالھہ جي خبر پئي تہ هن کي چيائين تہ هو ان ڳالھہ تي عمل ڪري ۽ پنھنجا پٽ پيدا ڪري.. هن مان هن کي اولاد ٿيو. جن مان پھريان ٽي پانڊو ڪنتي مان آهن. جڏهن ٻہ ننڍا مادري مان پيدا ٿيا. پر جڏهن ڪنتي پانڊَو جي چوڻ تي هن سان پنھنجي راز وارو منتر جو ذڪر ڪيو تہ پانڊون جو اصل پيءُ هي ئي هيو.

پانڊَو ڀائرن جون مورتيون

مون مٿي پانڊوا ڀائرن جي تاريخ کان توهان کي ٿورو گهڻو آگاھہ ڪيو آهي، هاڻي پاڻ جتي هلون پيا اهو بيچ هنن پانڊون جي نالي سان آهي ۽ ان بيچ جي سامھون هنن ڀائرن جون مورتيون ۽ انھن جي ماءُ جي مورتي پڻ رکيل آهي.
ان کان پوءِ اسان پنھنجي ڊرائيور کي ساڻ ڪري پانڊوا بيچ تي وياسين. رستي ۾ پاڻ کي پنجن پانڊوائن جون مورتيون نظر آيون. جيڪي هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي ڪنھن وڏي جبل جي ڪٽائي ڪري انھن کي تمام وڏي ڪاريگري سان ان ۾ سجايو ويو هو. روڊ کان پنج فٽ کن مٿي هي مورتيون رکيون ويون هيون.
هنن مورتين تي جڏهن پرتاب جي نظر پئي تہ هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڇاڪاڻ تہ ”مھاڀارت“ جي تاريخ سندس سٺي حد تائين پڙهيل آهي ۽ هو هنن پنجن پانڊو ڀائرن جي تاريخ کان بخوبي واقف هيو. ان ڪري هن اسان کي اتي ئي هنن پانڊون جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو هو. هن خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو تہ،” جيڪڏهن منھنجي فيملي جا ماڻھو هي مورتيون ڏسندا تہ ڏاڍو خوش ٿيندا ۽ اهي بہ پڪ سان انڊونيشا جي هن جاءِ تي مورتيون ڏسڻ ضرور ايندا.‘‘
پرتاب جي ڀيڻ اڳ ۾ ئي انڊونيشيا ۾ ڪافي عرصو رهائش پذير هئي، جيڪا هاڻي لنڊن ۾ شفٽ ٿي ويئي آهي. پرتاب هنن مورتين ۾ تمام گهڻي دلچسپي ڏيکاري. جيڪا اسان سڀني لاءِ خوشيءَ جي ڳالھہ هئي.
ساڳي ريت اسان کي هنن پنجن ڀائرن جي پڻ تاريخ ٻڌائيندي ٻڌايو هو تہ اهي پنج پانڊو پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ انھن مورتين ۾ هڪڙي هنن جي ماءُ ڪنتي جي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو تہ ”بالي“ سگري جو ڀاءُ هيو. بالي رانوڻ جي پاسي هيو ۽ سگهڙي رام چندر جي پاسي هيو. رام چندر ۽ رانوڻ جي لڙائي ٿي هئي. اسان پيٽر کي چيو تہ تون ٽيڪسي سلو سلو ڪاهي اسان جي پويان اچ. اسان پنڌ ئي پنڌ هڪڙي مورتي کان ٻي مورتي جو ديدار ڪندا اڳتي وڌندا وڃون ٿا.هڪڙي مورتي کان ٻي مورتي تائين تقريبن پنج /ڇھہ سو ڦٽن جو مفاصلو هيو.
اهي مورتيون مين روڊ جي پاسي ۾ هيون. ٽريفڪ جي آمدورفت جاري هئي. اسان اڳتي وڌندا رهياسين تہ سامھون کان هڪڙي چوڪ تي رانوڻ جي تمام وڏي مورتي لڳل هئي ۽ ان سان گڏ پاڻيءَ جو ڦوهارو ڇڻڪار ڪري رهيو هيو. مون جاني کي چيو تہ،”هڪڙي تصوير هن رانوڻ جي پاسي ۾ ٿي وڃي، متان رانوڻ ڏک نہ ڪري.“ جاني جيسيتائين منھنجي تصوير ڪڍي تيسيتائين مان ڦوهاري ۾ سڄو ڀڄي چڪو هيس. مون کان پوءِ ڊاڪٽر بہ اتي ئي تصوير ڪڍرائي، ڊاڪٽر جي ڦوٽو ڪڍرائڻ جا انداز ئي پنھنجا ۽ نرالا هئا. جيڪي منفرد ۽ وڻندڙ هئا. مون جيان اتي ڦوٽو ڪڍرائيندي ڊاڪٽر پڻ سڄو پسي چڪو هيو.

پرتاب جا ٽھڪ

پرتاب تہ هون ئي پيارو آهي پر هن وٽ تقرير ڪرڻ جو وڏو فن آهي. جتي هن وٽ سٺي ڄاڻ ۽ موهيندڙ تقرير ڪرڻ جو هنر آهي اتي هن وٽ ڦوٽو ڪڍرائڻ جو پڻ وڏو ڏانءُ آهي. جتي هو ڦوٽوگرافي جو شوقين آهي، اُتي هو موسيقي سان بہ اٿاھہ الفت رکي ٿو. ڪتاب پڙهڻ ۽ انھن تي ڳالھائڻ بہ هن جي ذوق ۾ شامل آهي. هن جا مضمون اردو جريدن جي زينت بڻبا رهن ٿا. هتي اسان پرتاب جي ڦوٽو ڪڍرائڻ واري انداز کي نظرانداز نہ ٿا ڪري سگهون.
هن جي ڦوٽوئن جا انداز ۽ پوز اسان سڀني کان الڳ ٿلڳ آهن. جڏهن هو ائين ئي اڀ ڏي نھار وجهندي ڦوٽو ڪڍرائي ٿو تہ ڪڏهن وري مسڪرائيندي ۽ ڪڏهن وري وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي. جن مان هن جي اندر جي ڪيفيت ۽ ان ڪيفيت ۾ سمايل خيالن جي وسعت نظر ايندي آهي. ڦوٽو ڪڍرائيندي هن جا ٽھڪڙا اهو ٻڌائن پيا، هن جو درد ڪيڏو گھرو ۽ ڳوڙهو آهي. شيخ اياز جي غزل جو بند آهي تہ؛
تون ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس تہ توکي،
پتو پئي اسان کي آ ڪنھن مرڪ ماريو.
هي اڻڄاڻ ڄاڻو، هي بي سمجهہ سمجهو،
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو.
هن جي سوچ جي گھرائي جو ڪو بہ انت نہ آهي. هن جي اڀ ڏي نھارڻ جو انداز اهو ٻڌائي پيو تہ ان اڀ واري نھار ۾ ڇا ڇا نہ سمايل آهي. اُن هڪ ئي نگاھہ ۾ سوين معنائن جو ڄار پکڙيل آهي. مان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان آخر اڀ ۾ اهڙو ڪھڙو راز لڪل آهي، جنھن کي پرتاب پروڙڻ جي کوج ۾ آهي. مون کي ائين لڳي ٿو تہ هن جي من ۾ ڪا موج متل آهي. جنھن جو وسرام سوچن جي ساحل جي وس نہ آهي. اها موج درد جي ڪنُ جو روپ ڌاري، هن جي من جي ماٽيءَ ۾ ڦيرا ڏيئي ٿو ۽ هن جي درد کي جڏهن هن خطي جي ماڻھن سمجهڻ جي ڪوشش نہ ڪئي تڏهن ئي هو بار بار اُڀ ڏي نھار وجهي پنھنجي دردن جي ايف آئي آر، خدا وٽ درج ڪرائي ٿو. اياز جي سٽن جيان تہ؛
اڃان تہ جاڳ ٿي جلي،
اڃان تہ ويڙھہ ٿي هلي،
اڃان گهڙي پُني نہ آ،
اڃان تہ رات ٿي نہ آ،
وڃو ڪويليو وڃو،
وڃي پرين کي چئو،
اڃان پيو جيئان،
اڃان پيو جيئان.
هاڻي پاڻ ان کان بہ اڳتي وڌي آياسين. جتي هڪ جبل کي ڪٽي وچان رستو ٺاهيو ويو هو، مون کي لڳو تہ ان پھاڙ جو درد ۽ پرتاب جي درد جو ڪو بہ انت نہ آهي ڇو تہ هنن جو درد ساڳئي ئي نيچر جو آهي. هن پھاڙ جي پاسي ۾ بيھي مٿان کان هيٺ نظر وڌيسين تہ خوبصورت منظر اکين اڳيان جُهڪي آيا. جنھن ۾ سمونڊ جو ڇوليون، ڪنارن سان ٽڪرائجي اهو پيغام ڏيئي رهيون هيون تہ؛
سمنڊ ڪناري، ڪنھن شام ڌاري،
سج لٿو هوندئي، ياد ڪيو هوندئي.

پانڊوا بيچ تي انڊونيشين فيملي سان ملاقات

پاڻ پانڊوا بيچ جي پاسي سان ويندڙ روڊ تي بيٺا هئاسين. سامھون جبل وارو پاسو مٿي هئڻ ڪري هن روڊ تي اُڀڪپري هئي، ٻيو تہ هي هن علائقي جو مين روڊ هيو. پر پوءِ بہ سياح روڊ تي ليٽي، ويھي، بيھي تصويرن ڪڍرائڻ کان نہ پيا مڙن. اتي انڊونيشن مسلم فيملي بہ آيل هئي، جنھن سان اليڪ سليڪ ٿي هئي. انڊونيشن عورتون هتان جي روايتي لباس ۾ ملبوس هيون. جن کي مٿي تي اسڪارف پاتل هيو. هي ننڍڙي قد جا ماڻھو ڏاڍا محبتي هئا. هو تصويرون ڪڍرائيندي اسان جي ويجهو اچي ويا هئا. هنن خواهش ظاهر ڪئي هئي تہ هڪڙي يادگار گڏيل تصوير ڪڍرائجي، جنھن تي اسان انڪار نہ ڪري سگهياسين. هنن سان گڏ نوجوان اها تصوير ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو هيو.
۽ پوءِ تہ ڪيتريون ئي تصويرون نڪتيون. ڦوٽوگرافي جڏهن عروج تي پھتي تہ واپس پانڊوا بيچ تي اچڻ ٿيو. پيٽر ٽيڪسي کي پارڪنگ ايريا ۾ بيھاري ڇڏيو. اسان بيچ جا خوبصورت منظر ڏسندي، سمونڊ ڪناري تي هلندا رهياسين. هي انتھائي صاف سٿرو بيچ هيو. هن جي واري نرم ملائم هئي. پير رکڻ سان ڪا بہ ڪڪري يا پٿري پيرن ۾ نہ پئي لڳي ۽ نہ ئي وري محسوس ٿئي پئي. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب شرٽ لاهي سن باٿنگ جو مزو وٺندي پلٿي هڻي واريءَ تي ويھي رهيو ۽ مان هن جي ويجهو بيھي اوسي پاسي جي ماحول جو مزو وٺي رهيو هوس تہ ساڳي وقت سمونڊ ڪناري مستي ۽ موج ۾ ايندڙ ويرن جي ڪيفيتن جو بہ مزو وٺي رهيو هئس تہ سمونڊ بہ ڪيئن ماڻھن جي دلين ۾ موسم ۽ موسيقي جيان پنھنجو اثر ڇڏي ماحول ٺاهي، ذهني عياشيءَ جو ماحول مھيا ڪري ٿو. هي بيچز سچ ۾ تہ عياشي ۽ اينٽرٽينمٽ جا اڏا هوندا آهن.
جاني ۽ ڊاڪٽر وارن جو خيال هو تہ پاڻي ۾ لھي پئجي ۽ تڙڳجي، پر مون کي الائي ڇو سمنڊ جي پاڻيءَ کان ڊپ لڳندو آهي. ڊرپ ان سينس ۾ نہ تہ ٻڏي ويندس، ڊپ ان سينس ۾ تہ ڪٿي ڪو جيت جڙيو چڪ نہ هڻي ۽ پوءِ ويٺو پرديس ۾ چمڙي واري ڊاڪٽر جي ڳولا ڪيان. ڇو تہ اسان جو ايڊووڪيِٽ دوست پير هني (غلام محمد صديقي) جڏهن آمريڪا جي ڪنھن بيچ تي گهمڻ ويو هو تہ هن کي ڪنھن جيت چڪ پاتو هيو، ان لاءِ هن کي وڏي تڪليف آئي هئي ۽ هن کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو هو. منھنجي ذهن تي اڃان بہ هن جي اها ڳالھہ ويٺل هئي. ان ڪري مان سمونڊ جي پاڻيءَ سان کيچل ڪرڻ نہ پيو چاهيان ۽ سمونڊ ڪناري معتبر ماحول جو مزو وٺان پيو.
دوستن پنھنجون شرٽون، موبائيلون، پرس ۽ ٻيو قيمتي سامان منھنجي حوالي ڪندي، پاڻ سمونڊ جو رخ ڪيو هو. مان دوستن جي وڊيو بہ ٺاهي رهيو هئس تہ سامان تي بہ نظر رکي رهيو هئس.

پرتاب جو موبائيل گم ٿي ويو

پرتاب اسان کان ٿورو وٿيرڪو ويٺل هو. اسان سڀ هڪٻئي کان پري هئاسين. هو پنھنجي من جي مستي ۾ مگن هيو. اسان هن جي ان ڪيفيت ۾ خلل وجهڻ بلڪل بہ مناسب نہ سمجهيو. سنتوش سمونڊ جي پاڪ پويتر پاڻيءَ سان جوانيءَ جا گناھہ ڌوئي پاڪ رهيو هيو. جاني بہ سمونڊ جي پاڻيءَ سان پنھنجي جسم کي ٿڌاڻ بخشي گرميءَ کي ڀڄائي رهيو هو. مطلب تہ سڀ دوست بيچ جو ڍوَ تي مزو وٺي، واپسي جي ڪري رهيا هئا. هي دوست سمونڊ کان ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ هاڻي پٺي ۽ پير اگهاڙا ڪري، پاڻي جي نل جي تلاش ۾ اڳتي وڌيا. سامھون اُن روڊ جي پاسي تي ٻہ ٽي پاڻيءَ جا نل هئا. جتي هنن پنھنجا پير ڌوتا ۽ جسم تي پاڻي وجهي، وهنجي فريش ٿيا. ڇو تہ سمونڊ جو پاڻي کارو هوندو آهي، جيڪو توهان کي بيچين ڪندي تڪليف ڏيندو. ان ڪري خارش کان بچڻ جي لاءِ جيترو جلدي ٿي سگهي فوري طور تي وهنجي وٺجي تہ بھتر.
دوست فريش ٿي پيٽر واري ٽيڪسي ڏي وڌڻ لڳا. انھي دوران رستي ۾ ئي پرتاب رڙ ڪري چيو تہ،”يار! منھنجي موبائيل ڪنھن وٽ آهي؟“ اسان مان ڪنھن وٽ بہ هن جي موبائيل نہ هئي. هو پريشان ٿيڻ لڳو. هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. ٽرائوزرس ۽ شرٽ جا کيسا چيڪ ڪيا، پر موبائيل ڪٿي بہ نہ مليو. ڪن دوستن جو خيال هو تہ توهان موبائيل ٽيڪسي ۾ رکي آيا هوندا. پر هن جو خيال هو تہ نہ هو موبائيل پاڻ سان کڻي آيو هو. ڇو تہ هن کي جيتري قدر ياد پوي پيو تہ هن سمونڊ ۾ ڪجهہ ڦوٽا ڪڍيا هئا.
نيٺ ان پريشاني ۾ پاڻ ٽيڪسي تائين بہ اچي نڪتاسين. جاني جا سڀ نوٽ سمونڊ جي پاڻي ۾ وهنجندي پُسي ويا هئا. ڪار جي ڪنڊ ڪنڊ جاچي ڏٺي ويئي، پر موبائيل جو ڪٿي بہ اتو پتو نہ پيو. ڪن جو خيال هو تہ موبائيل ڪار ۾ رکيل هئي، جنھن تي مون محسوس ڪيو تہ پيٽر ويچارو پريشان ٿي ويو هو. هن پنھنجي صفائي ۾ چيو تہ،” توهان جيئن ئي نڪتو تہ مان گاڏي لاڪ ڪري هيٺ لھي آيس، مان ٻيھر ڪار ۾ ويو ئي ناهيان.“ اسان هن جي ڪيفيت مان ئي اندازو لڳايو تہ هو سچ ڳالھائي رهيو آهي. وري پرتاب کي خيال آيو تہ متان ساڳي جاءِ تي، جتي هو پلٿي هڻي ويٺو هيو، اُتي نہ رهجي وئي هجي. ان ڪري پيٽر کي چيو ويو تہ تون پنھنجي موبائيل تان ڪال ڪر. پيٽر پنھنجي موبائيل تان پرتاب جو نمبر ملايو تہ ان مھل رنگ وڃي پئي. جنھن مان اهو لڳو تہ موبائيل آن هي. سو ٽيئي دوست پيٽر کي ساڻ ڪري واپس سمونڊ ڏي روانا ٿيا. مان ڪار ۾ ويٺل رهيس. ڇو تہ جاني پوئين سيٽ تي سڀ نوٽ هڪ هڪ ڪري کولي سڪائڻ لاءِ الڳ الڳ رکي ڇڏيا هئا. ٿوري دير کان پوءِ دوست مسڪرائيندا، ٽھڪ ڏيندا موٽيا، پرتاب جي چھري تي رونق هئي هن مسڪرائي چيو تہ،” شڪر آ موبائيل ملي ويو.“
”ڪٿان مليو.“ مون پڇيو.
”ان جاءِ تي ئي ڪِري پيو جتي مان ويٺو هئس. ڪنھن سياح کڻي سيڪيورٽي گارڊ وارن جي ڪائونٽر تي جمع ڪرائي ڇڏيو هو. ڪائونٽر وارن اسان کي ٻڌايو تہ توهان جو موبائيل ڪائونٽر تي جمع ٿيل آهي.“ جڏهن ڪائونٽر تي وياسين تہ هنن موبائيل جو اسڪرين ڪوڊ پڇيو ۽ موبائيل جي اسڪرين تي منھنجي تصوير ڏسي موبائيل موٽائي ڏني.“
اهڙي ريت وڏي پريشاني کان بچي وياسين ڇو تہ هي مھانگي موبائيل هئي ۽ سڄي ٽرپ ۾ موبائيل بنا پرتاب کي مزو نہ اچي ها، جي پرتاب پريشان ٿئي ها تہ اسان مان ڪنھن کي بہ مزو نہ اچي ها، اسان سڀ پريشان ٿي وڃون ها، سو سڄو ٽرپ خراب وڃي ها. پر هاڻي پرتاب خوش هيو ۽ اسان هن کان وڌيڪ. هڪ دفعو ٻيھر ڪچھري ڪندا، تناھہ لاٽ بيچ ٽيمپل ڏي رخ ڪيوسين.

ٽوپلو ۽ ٻہ بوتلون؛ لک روپيا

پاڻ پانڊوا بيچ کان ٿي، تناھہ لاٽ ٽيمپل واري بيچ تي آيا هئاسين. هتي بہ ڪافي رش هئي. پيٽر گيٽ جي سامھون ٽيڪسي بيھاري هئي، پاڻ ٽيڪسي مان لٿي اوسي پاسي جي ماحول جو جائزو وٺي رهيا هئاسين. پيٽر گاڏي پار ڪرڻ لاءِ پارڪنگ ايريا ڏانھن هليو ويو. پرتاب پنھنجي ڊريسنگ مٽائڻ لاءِ اتي ئي موجود واش روم جو رخ ڪيو. گيٽ سان گڏ ئي ڪنڊ ۾ جنرل اسٽور هيو. ان جنرل اسٽور جي ٻاهران ٽنگيل مختلف رنگن جي ٽوپلن cowboy hats تي منھنجي نظر پئجي ويئي. هي ڪائو بوائز اسٽائل وارا ٽوپلا هئا. هي ريگزين جو ٺھيل ٽوپلو رنگ جو ڳاڙهو ناسي هيو، ائين پئي لڳو ڄڻ تہ چمڙي جو ٺھيل هجي. مون کي هڪ ئي نظر ۾ وڻي ويو هو.
ڪائونٽر تي ويٺل ٻہ انڊونيشن عورتون هيون، جيڪي دڪان هلائي رهيون هيون. مان جڏهن ٽوپلا ڏسي رهيو هئس تہ، انھن مان هڪڙي مون ڏي هلي آئي. مون هن کان ٽوپلي جي قيمت پڇي. هن مسڪرائي 80,000 هزار ٻڌايا. جنھن تي مون کان رڙ نڪري ويئي. ”اسي هزار.“ منھنجي ري ايڪشن تي هو سمجهي ويئي هئي تہ معاملو گڙٻڙ آهي. ان ڪري هن ٻيھر مسڪرائي ڪيلڪيوليٽر تي 80 هزار انڊونيشن روپيا لکي ڏيکاريا. انڊونيشن روپين جي ڳالھہ سمجهہ ۾ ايندي ئي جسم ۾ ساھہ پيو نہ تہ مان تہ ڪِرڻ وارو هيس.
جيئن تہ ان ويل منجهند هئي پرسج جي تپش ڪجهہ سوائي هئي. ۽ مون کي اڃ بہ لڳي هئي. هن چيو،”ٻيو ڪجهہ .“
”پاڻي جون ٻہ ننڍيون بوتلون ڏيو.“ مون فرج ڏي اشارو ڪندي هن کي انگريزي ۾ چيو.
هن کان ٻہ پاڻيءَ جون ننڍيون بوتلون پڻ ورتم. بوتلون وٺندي مون هن کان پڇيو،”هاڻي گهڻا ٿيا؟“ هن ليڊي چيو تہ،” هاڻي لک روپيه پورو ٿي ويو آهي.“ مان هن کي انڊونيشن لک روپين جو نوٽ ڏيندي سوچيان پيو تہ مار! پنجن منٽن ۾ لک روپيا کپائي ويس. هن جو شڪريو ادا ڪيو. مون ڏٺو تہ نوٽ وٺڻ مھل هوءَ مسڪرائي رهي هئي. شايد سوچيندي هوندي تہ مڙس لک روپين ۾ پريشان ٿي ويو. مون اتي ئي ٽوپلو مٿي تي پائي ڇڏيو هو، دوستن جو خيال هو تہ هي ٽوپلو مون کي ٺھي پيو. پر مون کي لڳي نہ پيو....
ان داخلا واري گيٽ تي ايتري تہ رونق ۽ ماڻھن جي پيھہ هئي جو هرڪو سياح پنھنجا ڦوٽو ٺاهيندي نظر آيو. پاڻ بہ اتي ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍرايون. هاڻي پرتاب بہ اچي ويو هو. ڊاڪٽر سنتوش مون سان گڏ هيو. پاڻ گيٽ کان اندر داخل ٿياسين تہ ماڻھن جو وڏو گروپ نظر آيو. هن گروپ ۾ ڪيترائي مرد ۽ عورتون شامل هيون. هن گروپ جا ماڻھو بہ انڊونيشن ئي لڳن پيا. جڏهن تہ انھن تمام وڏي سائيز جو پينافليڪس پنھنجي اڳيان کولي رکيو ۽ سڀ هڪڙي ڊگهي قطار ۾ بيھي رهيا ۽ ڦوٽو ڪڍرائڻ لڳا. اسان کي ظاهري طور تي ايئن لڳو تہ هي ماڻھو ڪو احتجاج ڪري رهيا آهن. ڇو تہ پينافليس ۾ جيڪا ٻولي لکيل هئي سا انگريزي نہ هئي. ان ڪري مان ۽ جاني بہ نيڪ نيتي سان انھن سان گڏ احتجاج لاءِ بيھي وياسين. گروپ ڦوٽا ڪڍرائڻ جي تياري ۾ سيٽنگ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. اسان بہ ان گروپ ۾ بيھي رهياسين. ڦوٽو گرافر اسان ڏي اشارو ڪندي پنھنجي ٻولي ۾ ڪجهہ چيو، جيڪو اسان سمجهي نہ سگهياسين. يقينن هو ان خيال جو هوندو تہ هي ڪباب ۾ هڏي بنجڻ ڪير آيا هن. پر انھن مان هڪڙي ليڊي انگريزي ۾ ان کي جواب ڏنو تہ،” تہ ٺيڪ آهي توهان ڀلي ڦوٽو ڪڍو هي بہ اچي وڃن. ڪو مسئلو نہ آهي، ڇو تہ هي اسان جي ملڪ ۾ مھمان آهن. ان ڪري اسان تي اهو فرض ٿئي ٿو تہ اسان هنن جي عزت ڪري هنن کي مان ڏيون تہ جيئن هي هتان اسان جي باري ۾ سٺا تاثر کڻي پنھنجي ملڪ وڃن.“
هن کي خبر هئي تہ اسان هنن جي ملڪ ۾ چند ڏينھن جا مھمان آهيون. هنن پنھنجي پاڻ کي مان ڏيندي، اسان کي پنھنجي گروپ پڪچر ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ بعد ۾ اسان کي خبر پئي تہ هي احتجاج ڪندڙ گروپ نہ هيو، بلڪ هي سڄو گروپ ڪنھن ڪمپني طرفان ٽوئر گروپ هيو. پوءِ تہ اسان کي بہ ڏاڍي شرمندگي ٿي تہ اسان کي هنن جي گروپ جو حصو نہ بڻجڻ گهرجي ها، پر خير ائين ٿيندو آ. اسان جو جذبو سچو هيو، نيڪ نيتي هئي. اياز جي غزل جو بند آهي تہ؛
عشق تنھنجو ”اياز“ آ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانھہ ايمان ۾.
ڳالھہ فقط ايتري هئي. بس...

ڪاٺ جا شاهڪار مجسما

پاڻ پنڌ ڪندا بيچ ٽيمپل Tanah lot temple ڏانھن وڃي رهيا هئاسين تہ اڳين گليءَ ۾ شاندار مجسمن ۽ مورتين جو وڏو دڪان نظر آيو. اسان سڀ هن دڪان ۾ جيئن ئي گهڙي اندر آياسين تہ ٻہ نوجوان ڇوڪريون (جيڪي دڪان جون سيلز وومن هيون). اسان ڏي اڳيان وڌي آيون ۽ پيار سان پڇڻ لڳيون تہ ،” توهان کي ڇا کپي؟“
جاني هنن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ ”في الحال تہ جائزو وٺي رهيا آهيون، من ڪا جيئري جاڳندي مورتي من کي وڻي وڃي.“
هن دڪان ۾ ڪاٺ جا ننڍي کان ننڍا ۽ وڏي ۾ وڏا مجسما ۽ مورتيون ترتيب سان سجائي رکيون ويون هيون. هي مورتيون ڪاريگر جي فن جو اعليٰ مثال هيون. سو پاڻ مورتين جي سونھن ۽ سوڀيا جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نہ رهي سگهياسين. ”ڇا ڪمال جي ڪاريگري آ.“ ڊاڪٽر هرڻي جي ننڍڙي مورتي کي هٿ ۾ کڻي تعريف ڪندي چيو.
اهڙي ريت پرتاب دڪاندار ليڊي سان ڳالھائيندي چيو تہ،” مون کي سيتا ۽ رام جي گڏيل مورتي کپي، توهان وٽ آهي؟“ جنھن تي اهي پرتاب واريون مورتيون ڳولھڻ ۾ مصروف ٿي ويون. ٿوري دير کان پوءِ هنن جواب ڏنو تہ،” نہ اهي مورتيون هن مھل دڪان تي موجود ڪونہ آهن پر توهان کي گهرائي ڏيئي سگهون ٿا.“ گوتم ٻُڌ جو ماڻھوءَ جي قد جيڏو ڪاٺ جو مجسمو ڪائونٽر جي پاسي ۾ پيو هو. مون ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر هي ڏس گوتم ٻُڌ جي مورتي، ڪيتري نہ شاهڪار مورتي آهي.“
ڊاڪٽر هڪ گوتم جي مجسمي تي گهري نظر وجهي چيو، ”واھہ واھہ ! ڇا تہ ڪاريگري آهي.“
سو اسان سوچيوسين تہ جيڪڏهن هتان مورتيون وٺي بہ هلون تہ اڳيان تہ سمونڊ آهي، پاڻ سمونڊ گهمڻ ٿا وڃون ۽ اهي مورتيون ڪٿي گهليندا وتنداسين، ان ڪري بھتر آهي تہ واپسي ۾ وٺجن. ائين ئي پاڻ خدا طرفان خلقيل مورتين کان معذرت ڪندي، دڪان کان نڪري آياسين. هن گهٽيءَ جو رخ Tanah Lot مندر جي سمونڊ ڏي هو. ان گهٽيءَ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا دڪان هئا، جيڪي انتھائي بھترين شين سان سجايل ۽ سينگاريل هئا. آرٽ جي باري ۾ ڪنھن ڏاهي جو قول آهي تہ؛
Before children speak, they sing,
Before they write, they paint,
As soon as they stand, they dance,
Art is the bases of human expression.

مست مڪئي وارو

رستي تي هلندي، دڪانن ۾ موجود شين جو مٿاڇرو جائزو وٺندي، سمونڊ جي تمام وڏي گيٽ جي ويجهو ٿي رهيا هئاسين. جاني کي مڪئي واري سنگ جو گاڏو نظر اچي ويو. جيڪو گهٽيءَ جي پاسي تي ٽانڊن تي مڪئي پچائي رهيو هيو. جاني مڪئي جو شوقين هون ئي آهي. سو جيئن ئي ان مڪئي واري ريڙهي تي هن جي نظر پئي، رڙي ڪري دوستن کي سڏ ڪندي چيو، ”ڊاڪٽر بيھو بيھو، هيڏي اچو توهان کي سنگ کارايان.“ جاني جي آفر وقتائتي هئي، سڀ پوئتي موٽي پياسين. سنگ جي ريڙهي واري وٽ اچي بيھي رهياسين. هي ريڙهي وارو بہ وکري اسٽائيل جو ماڻھو هو. مون کي تہ ڏاڍو چيڙاڪ ۽چرياڻ لڳو.
هو ڪوئلن تي سنگ پچائي رهيو هيو. سنگ کي چمٽي سان اٿل پٿل ڏيئي جلدي ۾ پچائڻ جي ڪوشش رهيو هو. ڇو تہ هو سمجهي پيو تہ هي ماڻھن جو ميلو سج لھڻ تائين آهي، سج لھڻ کان پوءِ هتي ڪاري وارا ڪک هوندا. هرڪو هليو ويندو. قيمت پڇڻ تي هن هڪڙي سنگ جا 1500 انڊونيشن روپيا ٻڌايا. جيئن تہ مون کي سنگ نہ وڻندو آهي. مون جانيءَ کي چيو تہ،”بس هڪڙو ئي وٺوس، مان نہ کائيندس.“ جاني منھنجي گذارش کي مان ڏيندي هڪ ئي سنگ ورتو. ان ۾ ليمو ۽ مرچ مصالحو بہ لڳرايو تہ جيئن ٽيسٽي ٿئي. جاني ان مڪئي واري کي چيو تہ،”هن سنگ جا ٻہ ٽڪرا ڪري ڏي.“ جنھن تي هن همراھہ انڪار ڪندي چيو تہ،”مان نہ ٿو ڪري سگهان هي سنگ تمام سخت آهي اچي هي ڇري وٺو، توهان پاڻ ئي هن جا ٻہ اڌ ڪيو.“
جاني جيئن ئي ڇري ۾ هٿ وڌو تہ هن جي هٿ وجهڻ سان ئي هو گاڏي وارو سمجهي ويو تہ همراھہ جذباتي آهي، ان ڪري هن رڙ ڪري چيو تہ،” خيال ڪجان سنگ جي بدران متان ڇري جا نہ ٻہ ٽڪرا ڪري وجهين، مون وٽ هي هڪڙي ئي ڇري آهي.“ مون کي لڳو تہ همراھہ کي اسان جي هٿ ڪٽجڻ جو ڪو اُلڪو نہ هيو البتہ هن کي ڇري جي ڳڻتي وڌيڪ هئي. اسان سڀ کلڻ لڳاسين. نيٺ جاني زور ڏيئي ڏيئي سنگ جا ٻہ اڌ ڪيا. ڇُري جا ڀاڳ ڀلا هئا جو ڇُري بچي ويئي هئي. هاڻي سنگ کائيندا، شاندار انڊونيشن گيٽ وٽ اچي نڪتاسين.

انڊونيشن شاندار روايتي گيٽ ۽ سمونڊ

سمونڊ ۾ داخل ٿيڻ وارو هي انڊونيشن ڪلچرل Handara Iconic Gate گيٽ انتھائي خوبصورت هيو. تمام مٿي ۽ ويڪرو هي گيٽ انتھائي موهيندڙ هيو ۽ هر سياح جي توجھہ ۽ نگاهن جو مرڪز بڻيل هيو. هي گيٽ ڀت واري پاسي کان ڊگهو، مٿي ۽ سڌو هڪ جيترو سائيز ۾ هيو، جڏهن تہ ٻاهرئين پاسي کان هي سلوپ ۾ ٺھيل هيو. جنھن ۾ مختلف قسمن جون مورتيون ۽ ننڍڙا مندر ٺھيل نظر آيا. ڪاريگر جي ڪاريگري جو هي شاهڪار گيٽ رنگ جو سليٽي/ڪارو هيو. هر سياح جي اها خواهش هئي تہ هن گيٽ کي پنھنجي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري ڇڏي. اسان کي اڪثر ڪري هن قسم جا گيٽ تاريخي ماڳن مڪانن وٽ نظر آيا. پاڻ جيئن ئي هن گيٽ کان اندر آياسين ۽ ڏٺوسين تہ سامھون کان ڪيترائي ڦوٽو گرافر وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺي ساهي پٽيندي نظر آيا. ساڳي ريت وري ڪي ثقافتي ڊريس ۾ بينڊ باجي وارا بہ ويٺل نظر آيا. جنھن پاسي نظر ڦيرائيسين هر پاسي ڪيتريون ئي فيمليز نظر آيون. خاص ڪري آسٽريلين ماڻھو تمام گهڻا گهمڻ جا شوقين گهمندي نظر آيا.
پارڪ جي وچ مان ننڍڙي پيچري تي هلندي پاڻ گهمڻ جو مزو وٺي رهيا هئاسين. پيچري جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ڇٻر، وڻ، مختلف گلن جا خوبصورت ٻوٽا، ۽بھترين صفائي سان همڪنار ٿيل پيچرا، سڀ هن پارڪ جي سونھن بڻيل هئا. ڪاٺ جي تختي کي رٻڙ جي پٽي سان ٻڌي، مٿي کان ڦيرائي، ان تي ڪيتريون ئي مختلف شيون رکي وڪڻندڙ مرد توڙي عورتون چپي چپي تي پنھنجين شين کي فروخت ڪرڻ لاِءِ سياحن سان همڪلام هئا. هي ننڍڙا ڪاروبار، روزگار ۽ روزي جا متلاشي ماڻھو پنھنجي حق و حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ مصروف هئا. ننڍڙا ننڍڙا گفٽ، ٻارڙن جا رانديڪا کپائيندي خوش نظر اچي رهيا هئا.
هاڻي اسان بلڪل جبل جي ٽڪري تي اچي بيٺا هئاسين، جتان اڳتي سمونڊ صاف نظر اچي رهيو هو. هن جاءِ تي ڪافي رش هئي. مون ڏٺو تہ زال مڙس پنھنجي ننڍڙي کي ٻارن واري گاڏي prem يا بيبي ڪيرئير ۾ ويھاري گهمائي رهيا هئا. هن ٽڪري تي بيھي جڏهن مٿان کان هيٺ سمونڊ جي ڇولين تي نظر وڌي سين تہ ائين لڳو تہ سمونڊ جون وڏيون بيتاب ۽ بيقرار ڇوليون، ان پھاڙي ٽڪري سان ٽڪرائجي مايوس ٿي واپس ورن پيون. ڇولين جي ٽڪرائڻ سان جيڪو سمونڊ جو آواز اچي پيو ان ۾ ڏاڍي دهشت ۽ خوف سمايل هيو. پر پوءِ بہ سياح بي خوف ۽ بي خطر ٿي سمونڊ جي ان ٽڪري تي بيھي، ڇولين جو اهو ڪٽ پتلي تماشو ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئا.
پاڻ جنھن جاءِ تي بيٺا هئاسين. اتي هزارين ماڻھو اسان سان گڏ، اسان جي پاسي ۾ بيٺا هئا. دنيا جھان جا هي سياح، وڻ وڻ جي ڪاٺي جيان الڳ مذهب، رنگ، نسل، ڪلچر، ٻولي سان تعلق رکن پيا. پر اڄ فقط هن ٽڪري تي سمونڊ جي ڇولين جي نظاري لاءِ هڪٻئي سان سلھاڙجي گڏ بيٺا هئا. ڪنھن جو بہ ڪنھن سان ڪو واسطو، تعلق نہ هيو، نہ مذهبي، نہ ٻولي جو، نہ ئي ڪو رشتو. پر تنھن هوندي بہ هڪٻئي لاءِ احترام، ٻارڙن ۽ ليڊيز جو خيال سڀني سياحن جي اولين فرض ۾ شامل هيو. ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ ڇڙواڳي نظر نہ آئي.
پاڻ ان ٽڪري کان ٿيندا، ٻي پاسي جبل جي ٻي ٽڪري ڏي روانا ٿياسين. اسان سڀ هاڻي ساحلي پٽي تي پير رکي اڳتي سمونڊ جي ڇولين جي ور چڙهي رهيا هئاسين. اڳيان سمونڊي سھڻيون ڇوليون اسان جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. ٿورو اڳتي وڌياسين تہ انھن بيباڪ ڇولين اسان جو آڌرڀاءَ ڪيو. سمونڊ جي هن پاسي ٽڪري جي هيٺان اچي ڏٺوسين تہ سمونڊ جو پاڻي جبل جي ٽڪري کي هيٺان صفا ڪوري چڪو هو. هن پاسي ڪجهہ ماڻھن جي رش سوائي نظر آئي. جڏهن ويجهو ٿياسين ۽ ڏٺوسين تہ خبر پئي تہ همراھہ وٽ نانگ قيدي بڻيل آهن ۽ هو نانگن جو تماشو ڏيکاري رهيو هو. هي پوڙهو جوڳي بہ عجيب قسم جو ماڻھو هيو. نانگن کي قيد ڪري، انھن جا ڏند ڀڃي، زهر ڪڍي، انھن جو تماشو ڪري هر تماشي/سياح کان 500 انڊونيشن روپيا وٺي پيو. سو اسان کي اها ڳالھہ نہ وڻي، ان کي اتي ئي ڇڏي پاڻ اڳتي نڪري آياسين. هاڻي سمونڊ جو پاڻي پير پُسائي پيو. ان ڪري مون اهو نہ پئي چاهيو تہ سمونڊ جو پاڪ پاڻي اسان جي پيرين پوي، سو ان عمل کان بچڻ جي لاءِ مان پاسي ۾ جبل جي ڪوريل تمام وڏي پٿر تي مٿي چڙهي ويس.
جاني، ڊاڪٽر سنتوش ۽ پرتاب سمونڊ جي پاڻي کي جهاڳي، اڳيان ڪنھن ٽڪري ڏانھن وڃي رهيا هئا، مون کي تمام گهڻو اسرار ڪيو ويو تہ مان بہ کين ساڻ هلان، پر جيئن تہ مون کي سمونڊ جي پاڻي ۾ لھڻو نہ ئي هيو. ويندي ويندي جاني پنھنجي آئي فون منھنجي حوالي ڪئي ۽ چيو تہ،” توهان نہ ٿا هلو تہ ڀلا هن موبائيل سان هتان جي ماحول جا ڦوٽا ڪڍو تہ جيئن يادگاريون ڪم اچن. مون کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز گل جي غزل جون سٽون ذهن ۾ تري آيون ؛
يادگيريون سنڀال، ڪم ايندئي،
ڪنھن وڇوڙي جي سال، ڪم ايندئي.
هُن کان پڇجانءِ، گڏ هلي سگهندينءِ؟
هڪڙو ننڍڙو سوال، ڪم ايندئي.
مون جاني جي ڳالھہ کي وزن ڏيندي، ان ٽڪري تي بيھي، هن سمونڊ جي سونھن کي اکين سان پسي، هن جي جوان جذبن ۽ جلون جا ڪيئي ڦوٽو ڪڍي ورتا ۽ مون سمونڊ جي خوشي محسوس ڪئي هئي، ڇو تہ هاڻي سمونڊ جون ڇوليون پيرن کان ڪافي ڏور هليون ويون هيون.

سمونڊ جي سپ جھڙي آسٽريلين ڇوڪري

انھيءَ دوران مون سان سمونڊ جي رولاڪ ڇولي جيان ڪا آسٽريليا جي ڇوڪري ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي سونھن سمونڊ جي سپ جھڙي هئي. مون کي ائين لڳو تہ هن انگريز ڇوڪريءَ سان بہ ساڳيو ئي مون وارو مسئلو آهي. هن کي بہ شايد پاڻيءَ کان ڊپ پئي لڳو ۽ هن بہ نہ پئي چاهيو تہ هن جا پيرسمونڊ پائي. جنھن پٿر تي مان بيٺو هيس، ان جي پاسي ۾ ئي هوءَ اچي بيٺي هئي. هوءَ بہ تصويرون ڪڍڻ ۾ مصروف هئي. جيئن ئي رولاڪ ۽ زوردار ڇولي آئي تہ هن بہ مون واري ٽڪري تي ٽپو ڏيئي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتفاق سان پٿر تي پير رکندي هن جو پير سلپ ٿي ويو ۽ ان کان اڳ ۾ جو هوءَ هيٺ ڪِري پئي، هن پنھنجو هٿ مون ڏانھن وڌائيندي مدد لاءِ پڪاريو. Please help me مون پنھنجي ٻانھن وڌائيندي هن کي هٿ ڏنو ۽ هن منھنجي هٿ کي مضبوطي سان پڪڙي ڇڪ ڏيئي ٽڪريءَ تي مٿي چڙهي آئي. منھنجي پاسي ۾ ويھندي، هن منھنجو شڪريو ادا ڪيو. ”ٿينڪ يو ويري مچ.“ (توهان جي وڏي مھرباني)
”اٽس اوڪي،(ڪا ڳالھہ ناهي) اهو منھنجو فرض هيو، جيڪو مون ڪيو.“ مون مرڪي هن کي جواب ڏنو. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي هئي. هن پنھنجو تعارف ڪرائيندي مون کي ٻڌايو تہ ”هوءَ آسٽريليا جي شھر سڊني سان تعلق رکي ٿي. هتي فيملي سان ووڪيشن ۾ گهمڻ آئي آهي. جيئن تہ هن کي پاڻيءَ کان ڊپ لڳندو آهي، ان ڪري هوءَ فيملي سان پاڻيءَ ۾ هيٺ نہ لٿي ۽ هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو تہ،” هن جا گهر ڀاتي اڳين ٽڪري تي نڪري ويا هن. هوءَ نہ پئي چاهي تہ سمونڊ جو پاڻي هن جا پير ڇهي. هن هڪڙي گهري نظر مون ۾ وڌي، مون کان پڇڻ لڳي تہ، ”توهان هيٺ نہ ٿا لھو؟“
مون هن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ،”مون سان بہ اهو ساڳيو ئي توهان وارو مسئلو آهي.“
”هن زوردار ٽھڪڙو ڏيندي مون کان پڇيو تہ،”تہ پوءِ ڇا توهان بہ هتي فيملي جي انتظار ۾ آهيو.“
”جي نہ مان هتي دوستن سان آيو آهيان ۽ منھنجا دوست اڳين ساڳي ٽڪري جي ياترا تي ويا آهن ۽ مان هتي ئي انھن جو انتظار ڪيان پيو.“
”اوڪي، ويئر آر يو فرام.“ (توهان ڪٿان جا آهيو) هن وري مون کان پڇيو.
”منھنجو تعلق پاڪستان جي تاريخي صوبي سنڌ سان آهي، مان سنڌ ڄائو آهيان، توهان ”موھن جو دڙو “ Mohen jo Daro جي باري ۾ ٻڌو آهي؟“ مون هن کان پڇيو.
”no no, I don’t know, please tell me about it“
هن حيرانگي جو اظھار ڪندي چيو.
مون هن کي موهن جي دڙي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ؛
Mohenjo-daro is an archaeological site in Larkana District, Sindh, Pakistan. Built c. 2500 BCE, it was the largest settlement of the ancient Indus Valley.
هن خوشي ٿيندي چيو تہ، ” I must visit that site “ مون چيو، ”ضرور، ماءِ پليير.“
ان کان پوءِ هن چيو ته“ جيڪڏهن توهان مائيند نہ ڪيو تہ منھنجون ڪجهہ تصويرون ٺاهي وٺو.“
مون چيو،” واءِ ناٽ.“ (ڇو نه)
مون هن جون تصويريون جاني جي موبائيل مان ئي ٺاهيون. هن ٻيھر اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو تہ،” تہ هڪڙي سيلفي بہ ڪڍو نه، يادگار رهندي منھنجي لاءِ.“
مون هن سان گڏ ڪجهہ سيلفيون بہ ٺاهي ورتيون. انھي دوران هن جي فيملي جا فرد اچي ويا ها. هن موڪلائيندي چيو تہ،” تصويرون واٽس اپ ضرور ڪجو.“
”جي نہ “، مون چيو.
”ڇو نہ“ هن ڪاوڙ ۾ ڏٺو.
”توهان جو واٽس اپ نمبر ڪونھي.“ هن تڪڙي ۾ پنھنجو واٽس اپ نمبر نوٽ ڪرايو، جيڪو مان نہ ڪري سگهيس. هو فيملي سان گڏ اڻڄاڻ منزلن ڏانھن روانو ٿي ويئي هئي ۽ مان سمونڊ جيان اداس ٿي ويو هئس. مون کي محسن جو شعر ياد ٿو اچي تہ؛
یہ شرط الفت بھی عجیب ہے محسن!
میں پورا اترتا ہوں، وہ معیار بدل دیتے ہیں.
هاڻي جاني وارا بہ واپس اچي ويا ها. پڇيائون ،” ڪير هئي؟“
چيم،” آسٽريلين هئي.“ باقي ڳالھيون هوٽل ۾.‘‘
مون هنن کان پڇيو تہ،”توهان اُتي ڇا ڏسي آيا آهيو؟“ جنھن تي جاني وراڻيو تہ اڳيان بہ ڪو خاص نہ هيو، بس پاڻي پار ڪري جبل جي هيٺان چُر وٽ وياسين، جتي پوڄا پاٽ هلي رهيو هو. هتي اسان کي ڪافي ٽائيم لڳي ويو هو. سج بہ لھڻ جون وايون ڪري پيو، سو پاڻ واپس ساڳي رستي سان ٿيندا، سن سيٽ يعني سج لھڻ واري منظر جي ديدار لاءِ اتان نڪري آياسين. هر ماڻھو جي اها خواهش هئي تہ سمونڊ تي سج لھڻ جو منظر ڏسون.
سج تيزي سان سمونڊ ۾ ٽٻي هڻڻ لاءِ آتو هيو ۽ اسين سج لھڻ واري ان موهيندڙ منظر کي پنھنجي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ لاءِ بيچين هئاسين. جاني جي ڪيمرا جي بيٽري ختم ٿي ويئي هئي. اوچتو موبائيل بند ٿي ويو هو ۽ پاڻ سان گڏ اسان جا سٺا موڊ بہ آف ڪري ويو هو. هيڏو خوبصورت منظر هجي ۽ توهان وٽ ڪيمرا جي اک نہ هجي. سج اسان لاءِ ٿوري دير بہ نہ ترسيو ۽ ائين لڳو تہ سج اڄ ڏاڍو ٿڪل آهي ۽ لھي وڃڻ جا سانباها پيو ڪري. سمونڊ تان سج لھڻ جو منظر واقعي ئي موهيندڙ منظر هيو. ائين لڳو تہ سج پنھنجي هوڏ تان لھڻ واري راند کٽي ويو آهي ۽ اسين سج جي سونھن هٿان هارائي ويا آهيون. پر پوءِ بہ اسان جي چھرن تي هار جي خوشي هئي. مون کي اردو جو شعر ياد ٿو اچي تہ؛

مزا تو تب ہے کہ ہار کہ بھی ہنستی رہو،
ہمیشہ جیت ہی جانا کمال تھوڑی ہے.
لگانی پڑتی ہے ڈبکی، ابھرنے سے پہلے،
غروب ہونے کا مطلب زوال تھوڑی ہے۔

سج جي ان منظرن ۾ اسان جو روح گم ٿي ويو هو. هن منظر جو اثر اسان جي دلين تي ايڏو پيو، جو اسان اهي منظر پنھنجي دل ۾، روح ۾ خيال ۾، سوچ ۾ ھميشہ لاءِ قيد ڪري ڇڏيا. دل نہ پئي چوي تہ هتان نڪري هلون. سچ پڇو تہ ڇا تہ منظر هو. مان ان منظر کي لفظن جو روپ نہ ٿو ڏيئي سگهان. اهڙي ريت هن منظر کي من سان لڳائي، اداسين ۽ نراسين جا پاڇا ساڻ کڻي واپسي ڪئيسين. هاڻي اسان جي اڳين منزل فنس بيچ هئي، جنھن جا چرچا دنيا ۾ مشھور هئا.

فنس ڪلب جا نشا

پيٽر جي ٽيڪسي ۾ اسان فنس ڪلب جي پارڪنگ ايريا ۾ لھي چڪا هئاسين، سج لھي چڪو هو ۽ رات پنھنجا پر پکيڙي ڇڏيا ها. مون کي ڪائو بواءِ جي اسٽايل واري ٽوپي پاتل هئي. دوستن کي شارٽس ۽ ٽي شرٽون پاتل هيون. پارڪنگ کان ٿيندا، چيڪنگ ايريا ۾ داخل ٿياسين. جتي اسڪين ڊور ذريعي چيڪنگ ڪرائي، هڪ هڪ دوست کي اڳتي فنس ڪلب جي گيٽ ڏانھن موڪليو ويو. چيڪنگ ڪرڻ واريون ليڊيز سيڪيورٽي گارڊ يونيفارم ۾ هيون. چيڪنگ جو مرحلو طئي ڪري اڳتي فنس ڪلب جي ڪائونٽر تي اچي نڪتاسين.
هن ڪائونٽر جون زميواريون بہ نوجوان ڇوڪريون سنڀالي رهيون هيون. هن ڪلب جي ڪابہ انٽري في رکيل نہ هئي، پر توهان کي پنھنجي پسند جو بيئر، انگور جو پاڻي يا کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهہ خريدڻو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو فنس ڪلب ۾ داخل ٿئي ٿو پر هو نہ کائي ٿو نہ پيئي ٿو تہ اهو اخلاقاً بہ غلط ڳالھہ آهي. هي جيئن تہ آسٽريلن ڪلب آهي. هتي اڪثريت آسٽريلوي ماڻھن جي آهي. جيڪڏهن ڪو سياح ڪائونٽر تي پنھنجو موبائيل چارج لاءِ جمع ڪرائي ٿو تہ ان لاءِ ان سياح کي ٽوڪن ڏين ٿا. مون سان گڏ منھنجو سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ لائيٽرهيو. ان کان علاوہ اتي ميل سيڪيورٽي جا ڪيترائي ڏٽا مٽا گارڊ بہ نظر آيا. جيڪي ڪنھن بہ ناگهاني مصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ هر وقت الرٽ پئي نظر آيا.
سامھون کان اسٽيج تي ميوزڪ شو هلي رهيو هيو . ان پاسي کان شور ۽ روشنيءَ جا تجلا اڀري رهيا هئا. هرطرف جهيڻي روشني وارا بلب ماحول کي معطر ڪري رهيا هئا. پاڻ پيار ۽ پاٻوھہ جي ٻي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا هاسين. هتان جي هي عجيب مخلوق هئي ۽ هتان جا اصول بہ عجيب هئا. اسان چارئي دوست اڳتي وڌندا اسٽيج تي آياسين. جتي ڪيتريون ئي حسينائون حسناڪين جا تيور ۽ تير کڻي جلوا افروز ٿي رهيون هيون. اسٽيج تي پھچي محو رقص ٿينديون رهيون. هنن جي بدن تي سواءِ پستانن جي چولي ۽ انڊرويئر جي، ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. هنن جي هٿن ۾ جام جا گلاس ڇلڪيا پئي. هي گورا ۽ گوريون پنھنجي مستي ۾ ڪيڏو مست هئا. ائين لڳي پيو تہ هي ڄاوا ئي انجواءِ ڪرڻ لاءِ آهن. هنن وٽ شرم، حيا، لڄي ٿيڻ جھڙا لفظ متروڪ ٿي ويا هئا. هن رقص ۾ هو پنھنجي وجود کي وساري چڪا هئا. هنن جا آزاداڻا خيال ئي هنن جي حقيقي زندگي هئي.
اسٽيج جي فيميل سنگر پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهي هئي. هو پاپ ميوز وارا ڪلام ڳائي ماڻھن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري رهي هئي. هن سان گڏ هن جو ميوزيڪل بينڊ بہ خوب نڀائي رهيو هو. ڊسڪو ميوزڪ جي ڌن تي زوردار رڙيون ۽ هوڪرا لڳي رهيا هئا. هر فرد دنيا جھان جا درد وساري پنھنجي مزي ۾ مست ۽ مگن هيو. اسان بہ هاڻي هن محفل جو حصو ٿي ويا هئاسين. جيتوڻيڪ ڊانس مون کي نہ ايندي آهي پر پوءِ بہ ابتيون سبتيون ٺوٺيون هڻي وڏن ڊانسرن ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ويو هئس.جھڙو حال پيش پريان نال. مون کي ڊاڪٽر سنتوش بريڪ ڊانسر لڳندو آهي. مون کي ياد آهي تہ ننڍپڻ ۾ مون مٿن چڪروتي جي فلم ”ڊسڪو ڊانسر“ ڏٺي هئي. جنھن ۾ هو اسٽيج تي شاندار ڊانس ڪندي گيت ڳائي ٿو. ان گيت جا ٻول آهن: ” آءِ ايم ا ڊسڪو ڊانسر.“ سو ڊاڪٽر جو بہ انداز مٿن چڪروتي جي ڊانس سان ملي جلي ٿو.
باقي پرتاب ان شور ۽ گوڙ کان وٿيرڪو ٿي، پنھنجي وس ۽ وت آهر ڪوشش ڪري رهيو هيو تہ هو بہ سنگت جو ساٿ ڏيئي. جاني مون سان گڏ ئي محوِ رقص هيو. نارين جي وچ ۾ ڊانس ڪندي خبر ئي نہ پئي تہ پاڻ ڪيئن اسٽيج جي وچ ۾ اچي نڪتاسين. ايڏو گوڙ ۽ شور جو ماڻھو هڪٻئي جو آواز بہ نہ پيو ٻڌي سگهي. هرڪو موبائيل هٿ ۾ کڻي، وڊيو رڪارڊنگ ۾ مست هيو. سھي چوندا آهن تہ ”مست اپني ڌن ۾ غير کي سنتا نھين.“

فنس ڪلب، هوءَ ۽ مان

مون کي جينز جي پينٽ، بليڪ ٽي شرٽ ۽ مٿي تي ڪائو بواءِ واري برائون ڪلر جي ٽوپي پاتل هئي. اهڙي ماحول ۾ دل چيو تہ سگريٽ دکائجي. مون لائيٽر سان سگريٽ دکايو هيو. سامھون کان اوچتو ڪيڏي مھل پاڻي جي ٻاڦ جو ڦوهارو تمام وڏي شور ۽ زور سان ٻاهر نڪري اچي پيو، اسٽيج وارن سياحن جي چھرن کي ٿڌاڻ جو احساس بخشي رهيو هيو. پر مون کي لڳو تہ هتي اچڻ کان پوءِ ماڻھو کي ٻاهرئين گرمي نہ ٿي لڳي، بلڪ اندر جي گرمي واري بيماري اٿلي پوي ٿي.
مان رقص جي دنيا کان بي نياز ٿي، سگريٽ جا ڪش هڻي، دونھون آسمان ڏي اڏاري رهيو هئس. ٿوري دير کان پوءِ مون اوچتو محسوس ڪيو تہ رشين قدآوار، خوبصورت ڇوڪري منھنجي ويجهو ٿيندي پئي اچي. نيٺ هوءَ منھنجي ايترو ويجهو ٿي ويئي جو مون کي هن جي جسم جو ڇھاءُ محسوس ٿيو. مون هن تي هڪڙي ترڇي نھار وڌي ۽ هن اکين سان اکيون ملائي رشين لينگويج ۾ ڪجهہ چيو. ايڏي شور ۾ مان هن جو آواز نہ ٻڌي سگهيس ۽ ٻيو تہ سمجهي بہ نہ سگهيس تہ هن ڇا چيو. مون هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. پر هوءَ پوءِ بہ منھنجي ويجهو ڊانس ڪندي رهي. ٿوري دير کان پوءِ هن اشارو ڪندي مون کان سگريٽ گُهريو. مون سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ لائيٽر هن ڏانھن وڌايو پر هن انڪار ڪندي منھنجي دکايل سگريٽ ڏي اشارو ڪيو. مون هن کي پنھنجو دکايل سگريٽ ڏنو ۽ هن اهو پنھنجن چپن تي رکي مسڪرائي، شڪريو ادا ڪيو.
هوءَ سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهي هئي. مون کي لڳو تہ هوءَ چين سموڪر آهي. ساڳي ريت هوءَ بار بار پنھنجون نظرون ملائي ڪجهہ چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان جي نھار جي تيرن منھنجي دل تي وار ڪري مون کي زخمي ڪري وڌو هو. هن سگريٽ جو وڏو ڪش هڻي دونھون آسمان ۾ ڦوڪيندي منھنجي ٽوپلي ڏي آڱر سان اشارو ڪيو. جيڪو شايد مون جيان هن کي وڻي ويو هو. ويجهو ٿيندي ڪن ۾ چيائين،” مون کي اهو ٽوپلو وڻي ٿو. مونکي کپي ٿو.“ مون هن جي ڪيفيت کي سمجهندي، هن جي سنھڙي چيلھہ ۾ ٻانھن جو هار وجهي چيو تہ،” ٽوپلو ڪھڙي شيءِ آهي،مان بہ تنھنجو آهيان.“
هن جي چھري تي سھڻي مرڪ تري آئي هئي، مون پنھنجو سر جهڪائي هن جي اڳيان ڪيو، هن مرڪي، پيار سان منھنجي مٿي مان اهو ٽوپلو لاهي پاڻ ڇا پاتو هو، ڄڻ تہ هي ٽوپلو ٺھيو ئي هن سونھن ديويءَ لاءِ هيو. هنُ کي مون وارو ٽوپلو مون کان وڌيڪ سھڻو لڳي رهيو هو ۽ هن جي چھري تي جيڪا مسڪراهٽ ان ويل آئي هئي، ان مون کي احساس ڏياريو هو تہ ٽوپلي جي اصل حقدار هوءَ آهي. هوءَ مون سان گڏ ڊانس ڪري مون کي شرف بخشي رهي هئي. جاني موقعي کي هٿان نہ وڃايو ۽ اهو ڊانس وارو سڄو منظر پنھنجي ڪيئمرا جي اک ۾ وڊيو رڪارڊ ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو هيو.
سڀني سياحن جي هٿن ۾ جام هئا ۽ اسان خالي هٿين ان ڊانس اسٽيج تي هجون اهو مناسب نہ هيو. ان ڪري اسان جا دوست فنس ڪلب جي بار مان يخ بيئر جون ٿڌيون بوتلون وٺي آيا. هي شيشي جون بوتلون ڪلب جي پرنٽ ٿيل چمڙي واري پوش ۾ ڍڪيل هيون. جنھن تي فنس ڪلب جو مونو لڳل هيو. هن بيئر جي هون تہ ٻاهر قيمت گهٽ هوندي، پر هن بار ۾ ان جو اگهہ ٽيڻو هيو. اهو طئي آهي تہ ميلي ۾ هر شيءَ مھانگي وڪامندي آهي. هن قسم جي موهيندڙ ماحول ۾ سچ تہ توهان جو ڌيان قيمت ڏي ٺپ نہ ويندو.
جڏهن اسٽيج کان ڌيان هٽائي اوسي پاسي ۾ نظر ڊوڙائي سين ۽ ڏٺوسين تہ اسٽيج جي پاسي ۾ گوڏي تائين پاڻي هيو. جتي ٽيبلون ۽ انھن جي چوڌاري ڪرسيون لڳل هيون. انھن ۾ ڪا بہ ٽيبل ۽ ڪا ڪرسي خالي نظر نہ آئي. هر طرف پٺي اگهاڙا ۽ چڍي ۾ ملبوس انگريز ۽ انھن جون جوڙيوال انگريزياڻيون نظر پئي آيون. بيئر کان علاوہ هتي هر قسم جو انگوري پاڻي موجود هو. هر ماڻھوءَ جو الڳ الڳ مزاج ۽ طبيعت هوندي هئي. هتي ڪا بہ جهل نہ پل هئي. توهان پنھنجي پسند جو ڪو بہ مشروب خريد ڪري سگهو ٿا. اسان کي ڊانس ڪندي ڪافي وقت ٿيو هو. هاڻي تہ ٿڪاوٽ محسوس ٿي رهي هئي.
امداد حسيني جي غزل جو بند ياد اچي ويو.
اڄ وري هن کي ڏٺو مون ڪيترن ڏينھن کان پوءِ،
ايئن لڳو ڄڻ سج نڪتو ڪيترن مينھن کان پوءِ.

فنس ڪلب جو گول چڪر ۽ گرم بسترا

پاڻ آهستي آهستي پاسو وٺندي، اسٽيج کان پوئتي نڪري آياسين ۽ فنس ڪلب جي بيچ تي پسار ڪرڻ جو مزو ماڻڻ لڳاسين. هن سامونڊي ڪناري سان ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ريليڪس ٿي ليٽي پوڻ واريون آرامداہ ڪرسيون ۽ انھن جي اڳيان ٽيبلون لڳل هيون. ان پاسي رات گذارڻ جي واسطي ڪيترائي آرامده بيڊ ۽ انھن سان گڏ گرم ۽ نرم ملائم ڪمبل بہ ڏنل هئا، تہ جيئن هرڪو پرسڪون ننڊ ڪري رات گذاري. سمونڊ جي ڪناري رات گذارڻ جو بہ پنھنجو ئي مزو آهي. هر شي جا الڳ الڳ چارجز هئا. ڪرسين تي ويھڻ جا، بيڊن جا، بسترن جا، ڪمرن جا ۽ رومانس لاءِ ڇوڪرين جا. پاڻ گهمندي گهمندي ڪنھن جهوپڙي ٽائپ مَنھہ جي هيٺان اچي ويھي رهياسين. جتي ٽيبل سان گڏ چار وڏي اسٽول ٽائيپ ڪرسيون کالي پيون هيون. ان تي هڪڙي ميڻ بتي شيشي جي گلاس ۾ ٻري رهي رهئي. جيتوڻيڪ تيز هوا جي ڪري هوءَ وسامجڻ لاءِ ڦڙڪيون هڻي رهي هئي پر هوا ميڻ بتيءَ کي وسامڻ ۾ ناڪام ويئي. مون کي امداد حسيني جي غزل جو بند ياد اچي ٿو؛
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.
توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا،
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.
هڪڙو ئي ماڻھو آهي اچڻو پر،
مون سڄو گهر کڻي سجايو آ.
هر طرف هوا جا جهونڪا شرير کي سرور بخشي رهيا هئا. پاڻ سڀني بيئر جون بوتلون ان ٽيبل تي رکي آهستي آهستي سونھن سان گڏ سرورن جي دنيا ۾ گم ٿيڻ لڳاسين. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي نوجوان ليڊي ويٽر آئي، جنھن چيو تہ،” سر توهان ڇا وٺندو.“
”جيڪو وٺڻ چاهيون پيا، اهو تہ وٺي رهيا آهيون، توهان جو ڇا مطلب آ.“ مون پنھنجي بيئر کي چپن تي آڻي، بيئر جو ڍڪ اندر ۾ اوتي ڳيت ڏيندي چيو.
”منھنجو مطلب آ تہ توهان ڊنر ۾ ڇا کائڻ پسند ڪندو؟“ هن وري پيار سان اسان کي سمجهائيندي چيو.
” مان ڊنر ۾ ڪلاسڪ راڳ پسند ڪندو آهيان.“ مون هن کي ڇيڙيندي چيو.
”معاف ڪجو مان سمجهان نہ ٿي.“ هن ويجهو ٿيندي پنھنجو ڪن منھنجي چپن تائين آڻيندي چيو.
ڊاڪٽر سمجهي ويو هو. هن مداخلت ڪندي، ڇوڪري کي پاڻ ڏانھن اشارو ڪيو. هوءَ هاڻي ڊاڪٽر وٽ بيٺي هئي.
”اسان کي بيئر کان پوءِ جنھن شي جي ضرورت پوندي اها گهرائي وٺنداسين، توهان پريشان نہ ٿيو ، توهان مينو اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.“
هن پنھنجي هٿ ۾ جهليل مينو ڊاڪٽر کي ڏيندي چيو، ”اچي هي وٺو پليز.“
”پر هي اُهو مينو تہ ناهي، جيڪا اسان جي گهرج آهي.“ ڊاڪٽر چپن تي مرڪ آڻيندي چيو.
”توهان کي ماني جو مينو نہ کپي.“ هن حيرت ۾ چيو.
”جي نہ.“ ڊاڪٽر ٺپ جواب ڏنو. ”اسان سان پيٽ جو مسئلو آهي ئي ڪونہ .“
”اڇا مان سمجهي وئي آهيان، توهان صاف صاف ٻڌايو ها نہ.“ هن مينو کي بند ڪندي چيو.
”اسان پاڪستاني آهيون، سوچي سمجهي، ڏاڍي دير سان، لڪل ۽ خفيا طريقي سان ڳالھہ ڪندا آهيون، پر توهان کي جس آهي جو توهان دير سان ئي سھي پر اسان جي ڳالھہ سمجهي ورتي.“
پرتاب هن کي سمجهائيندي چيو. هوءَ شڪريو ادا ڪري هلي ويئي هئي. اسان اتان اٿي، هاڻي سڄي فنس بيچ جو پورو گول ڦري چڪر ڪاٽي سڄي بيچ جو ماحول ڏسڻ چاهيون پيا. سو سمونڊ جي ڪناري کان ٿيندا، بسترن، بيڊن، ڪمبلن وارن ماڻھن کي ڊسٽرپ ڪندا، گوڏي جيڏي پاڻي تائين ٻڏل وارن ڪرسين ٽيبلن جي ڪناري کان ٿيندا، ڪائونٽر واري پاسي هليا وياسين.
اتان وري ساڳيو ئي گول رائونڊ هڻي موٽي ساڳي جاءِ تي اچي ويھي رهياسين. ساڳيون ڪرسيون هينئر بہ خالي هيون. مون کي پيشاب لڳو هو. واش روم جو پڇي ان طرف وڌڻ لڳس. واش روم جو سمورو نظام هيٺين پورشن ۾ هيو. مون کي سيمينٽ جي ڏاڪڻ ذريعي هيٺ وڃڻو هو. مان هيٺ لھي آيس. ڏٺم هڪڙو جهونو انگريز ڪُنڊ ۾ الٽيون ڪري رهيو هو. هن کي ڏسي منھنجو پيشاپ ئي چڙهي ويو هو.
”ڇا ٿيو، خير تہ آهي، توهان ايزي آهيو؟“ مان هن جي ويجهي واش بيسن ۾ هٿ ڌوئيندي سامھون واري شيشي ۾ هن کي ڏسي مخاطب ٿيندي چيو.
هن شيشي ۾ ئي سامھون مون تي هڪڙي نظر وڌي، مسڪرائي چوڻ لڳو،” مان ٺيڪ آهيان، پر ٿورو سوايو پي ويس.“
”توهان کي پنھنجي عمر جو خيال رکڻ گهرجي.“ مون ٻيھر شيشي ۾ هن کي ڏسي چيو.
”بس اوور ڊوز ٿي ويس، خير هاڻي ٺيڪ آهيان. توهان وٽ سگريٽ آهي؟“
” جي هان اچي هي وٺو.“ مون سگريٽ ڪڍي هن کي ڏنو ۽ ان سان گڏ لائيٽر پڻ ڏنو. مون کي خبر هئي تہ هو مڪمل طور تي هو ش ۾ نہ آهي، ڪٿي پاڻ کي نہ باھہ ڏيئي ڇڏي.
”توهان جي مھرباني“، هُن سگريٽ دُکائي منھنجو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻاهروڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳو.

واڪنگ اسٽريٽ جون رونقون

منھنجن دوستن جوخيال هو تہ رات ڪافي ٿي چڪي آهي، هاڻي هلڻ گهرجي. اسان هڪ دفعو ٻيھر پنھنجو رائونڊ دهرايو، اسان آخري چڪر هڻي اچي ڪائونٽر تي بيھي رهياسين. بي ڌياني ۾ مون کان ڪائونٽر تي سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ لائيٽر وسري ويو هو. فنس ڪلب جي گيٽ کان ٽيئي نڪري آيا هياسين، پر ڊاڪٽر جي دل اتان نڪرڻ نہ پئي چاهي.
سو اسان ذري گهٽ فنس بيچ جي مين گيٽ تي پھچڻ وارا هياسين، پر ڊاڪٽر اتي ئي بيٺل رهيو. نيٺ جاني کي موڪليوسين تہ وڃي ڊاڪٽر کي وٺي آ. ڊاڪٽر موبائيل تي ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هيو. هن جو ڌيان اسان ڏي نہ هيو. هن کي خبر ئي نہ پئي هئي تہ اسان ڪلب کان ٻاهر نڪري آيا آهيون.
پاڻ ان فنس ڪلب واري گهٽي ۾ واڪ ڪندي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ڇو تہ اسان کي پيٽر جي ٽيڪسي جو انتظار هيو ۽ هو اڃان نہ پھتو هو. واڪ ڪندي اڳتي نڪتاسين تہ فنس ڪلب سان گڏوگڏ ٻي بہ نائيٽ ڪلب هئي. هن ڪلب جو نالو ”ايٽلس ڪلب“ هيو. هن ڪلب ۾ هرماڻھوءَ جي داخلا في 200000 انڊونيشن روپيا هئي. پاڻ ان ڪلب جي پارڪنگ ايريا مان ٿيندا، مين گيٽ تي پھتاسين. جتي گيٽ سان گڏ مھمانن لاءِ ونگي جو جوس ۽ سادو پاڻي رکيل هو. ٽيسٽ خاطر اسان بہ ان ونگي جي جوس جو ذائقو ورتو. ساڳي ريت ان پارڪنگ ايريا مان ئي ٻاهر نڪري آياسين.
ان گهٽيءَ جي ٻنھي پاسن کان دڪان هئا. پاڻ جنھن پاسي ڦٽ پاٿ تي هلي رهيا هئاسين، ان پاسي بہ ڪيترائي دڪان هئا. جاني هڪڙي دڪان تي بيھي رهيو. هي ٽوئر ايجنٽ جو دڪان هيو، جنھن وٽ مخلتف جايون گهمائڻ لاءِ ڄاڻ ۽ بندوبست هيو. هي ڪيبن ٽائيپ انتھائي ننڍڙو دڪان هيو،جنھن ۾ نوجوان ڇوڪرو ويٺل هو. هن کي نوسا پينيدا گهمائڻ جو چيوسين. ان کان علاوہ اتي ٻيون ڪھڙيون خاص گهمڻ جون جايون آهن يا تنھنجو رعايتي پيڪيج ڇا ٿيندو؟. هن وٽ ان حوالي سان ڪيترائي رنگين بروشر هئا، جن مان هن هڪڙو بروشر هٿ ۾ ڪري مختلف گهمڻ جون پوائنٽيون ۽ انھن جا ريٽ ٻڌائڻ لڳو. اسان هن کان فائينل ريٽ ۽ ان دڪاندار جو وزيٽنگ ڪارڊ وٺي، اڳتي نڪتاسين.
اسان کي رستي ۾ ڪافي ٽيڪسي وارا گڏيا، جن بار بار پڇيو پئي تہ ڪاڏي وڃڻو آهي؟ دڪانن ۾ سجايل شين جو درشن ڪندا اڳتي ڪيپ واري شاپ ۾ اچي نڪتاسين. پرتاب کي هڪڙي ٽوپي cap پسند اچي ويئي، پر هن دڪاندار جا ريٽ ڪافي مٿي هئا. ٻين جاين تي ساڳين شين جي قيمتن ۾ ڪافي فرق هيو. هون بہ علائقي علائقي جو فرق هوندو آهي. پاڻ ڪافي اڳتي نڪري وياهئاسين. ان ڪري دوستن جو خيال هو تہ هاڻي اسان کي پوئتي فنس ڪلب ڏي واپس وڃڻ گهرجي ڇو تہ ممڪن آهي پيٽر اتي اچي نہ ويو هجي. ۽ اسان کي ڳوليندي پريشان نہ ٿئي.
اسان واپس ٿي رهيا هئاسين. رستي ۾ گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ هلڪي اونداهي هئي، اتي ڪارنر تي هڪڙو نوجوان موٽر سائيڪل تي ويٺو سگريٽ جا ڪش لڳائي هر ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي گهوري رهيو هو. جڏهن اسان هن جي ويجهو پھتاسين تہ هن رڙ ڪري چيو،” هائو آر يو برادر“؟ ”ويئي آر آل اوڪي.“ پرتاب هن کي جواب ڏنو. اسان پوءِ بہ هن کي ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين. تہ هن دفعي هن چيو، “Girl” مون ڊاڪٽر کي چيو ته” ڊاڪٽر! ڪم جو ماڻھو آ.“ اسان هو ن بہ هر معاملي ۾ ڊاڪٽر کي اڳتي ڪندا آهيون. ڊاڪٽر ان وٽ بيھي هن کان حال احوال وٺي رهيو هو. اسان ڊاڪٽر کي هن وٽ ڇڏي ٽيئي اڳتي وڌڻ لڳاسين. پاڻ ڪافي گهڻو اڳتي نڪري آياسين ۽ ڊاڪٽر پوئتي رهجي ويو هو.
پوءِ جاني چيو تہ،” يار! ڊاڪٽر کي اڪيلو نہ ڇڏڻ گهرجي.“ ان ڳالھہ تي اسان سڀئي پوئتي موٽي پياسين. هاڻ تہ ڊاڪٽر ان همراھہ کي ڇڏي اسان ڏي اچي رهيو هيو. ڊاڪٽر ٻڌايو تہ هن جو ٻہ نمبر ڪم آهي ۽ هو سپلائير آهي. پر مون کي چيٽر ٿي لڳو. ان ڪري هن جي ڳالھہ تي غور نہ ٿا ڏيئي سگهون. پاڻ ٽھڪ ڏيندا، ڊبليو ڪلب کي ڪراس ڪري، اچي فنس ڪلب جي گيٽ تي پھتاسين. ڊاڪٽر چيو تہ،” مان فنس ڪلب کان چڪر هڻي ٿو اچان.“ ان تي مون ڊاڪٽر کي چيو،” ڊاڪٽر! ڪائونٽر تي منھنجا سگريٽ پيا هوندي، اهي بہ کنيو اچجانءِ.“
هو اڃان مڙيو ئي هو تہ مٿان پيٽر جي ٽيڪسي اچي ويئي هئي. هن رڙ ڪري چيو تہ،”جلدي ويھو، هتي پارڪنگ جي اجازت ناهي ۽ گهڻي رش آهي.“ ان ڪري تڪڙ ۾ ئي ڪار ۾ ويھي رهياسين. پر ٽريفڪ تہ هون ئي جام هئي، ان ڪري ٽيڪسي کي ڦيرائي وري ساڳي روڊ تي آڻڻ ۾ ئي ڪافي ٽائيم لڳي ويو. پيٽر کي چيوسين تہ،” هاڻي اسان کي ڪي ايف سي وٺي هل.“ ڇو تہ بک هاڻي برداشت کان گهڻي ٻاهر هئي.
هينئر پيٽر اسان کي ڪي ايف سي جي گيٽ تي ڊراپ ڪيو. پيٽر سان نوسا پينيدا جو پروگرام ڊن ڪري ڇڏيو. ڪي ايف سي جي گرم گرم زنگر برگر، بروسٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جو مزو وٺي واپس پنڌ ڪندا هوٽل ڏي آياسين.

80 ارب روپين جي چانھہ پي ويا

هوٽل تي اسان کي چانھہ مزي واري نہ ملي. ڇو تہ اسان جنھن چانھہ جا شوقين آهيون، اها نج کير جي، ان ۾ ڦوٽا، گلقند، پشتا وغيرہ هوندا آهن. پر هتي اهڙي قسم جي چانھہ ڪٿي ملي. سو ان خيال سان هوٽل جي لائونج ۾ آياسين تہ ڪا سُر واري چانھہ ملي پر نہ.....جاني پنھنجي هوٽل واري ڪمري کان ئي سڀني دوستن جي چانھہ اليڪٽرڪ ڪيٽل ۾ ٺاهي آيو هو. پر ٽي بيگ واري چانھہ ڪٿي ٿي ٻاڙ لاهي. اسان سنڌي چانھہ جا وڏا موالي، ان ڪري جيسيتائين چانھہ جو ڪڙڪ ڪوپ نہ لڳي تيسيتائين، اسان جون اکيون ئي نہ ٿيون کلن.
هتي توهان سان هڪڙي ڳالھہ شيئر ڪندو هلان تہ سرڪاري انگن اکرن مطابق چانھہ پاڪستانين کي موالي ظاهر ڪري ڇڏيو. پاڪستاني عوام پنجن مھينن ۾ 80 ارب روپين جي چانھہ پي ويا.

رڌانا هوٽل جي مالڪ سان مذاق

11.07.2023 تي اسان کي نوساپينيدا وڃڻو هيو. ان ڪري رات جو ئي هوٽل واري کي چيو هيوسين تہ،” سڀاڻي اسان صبح جو سوير نڪري وينداسين. ان ڪري اسان جو ناشتو پيڪ ڪري ڏنو وڃي تہ جيئن اسان اهو ناشتو پاڻ سان کڻي وڃون. هوٽل جو مالڪ ان ڳالھہ تي راضي ٿيو. سو صبح جو تقريبن ستين وڳي ڌاري، وهنجي سھنجي، فريش ٿي هوٽل جي ڪمرن کان هيٺ لھي، لائونج تي آياسين. پرتاب ۽ جاني وارا ناشتي جي ٽيبل تي اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. فريش ناشتو اڳ ۾ ئي تيار هيو. جيئن تہ اسان جي ناشتي جا پاڪيٽ اڳ ۾ تيار هئا، پر تنھنجي باوجود هوٽل مالڪ جي انتھائي اسرار تي اسان کي هوٽل ۾ ناشتو ڪرڻو پيو.
پيٽر اسان کان اڳ ۾ ئي هوٽل وٽ اچي ويو هو. بوفي Bulfet سسٽم واري ناشتي ۾، ڀڳل سويون، مرغي جو ٻوڙ، چڪن فرائيڊ پيسيس، پلاءَ ٽائيپ چانور ۽ ان کان علاوھہ فروٽ ۾ ڪٽيل ڇانھين جا پيس ۽ پپيتو شامل هيو. ان کان علاوہ انب ۽ ليمي جو جوس پڻ رکيل هو. جيئن اسان ناشتي ۾ چانھہ جا موالي سو ٿورو ڪي گهڻو وٺي پيڄ پوڄا ڪئسين ۽ ان کان پوءِ اسان اتي فيصلو پڻ ڪيو هو تہ هن ئي هوٽل ۾ باقي راتيون بہ گذارينداسين.
ان ڪري صبح جو جڏهن هوٽل جي مالڪ کي اهو ٻڌايوسين تہ اسان کي توهان جي هوٽل وڻي وئي آهي ۽ اسان ڪي خواهش آهي تہ اسان انڊونيشيا ۾ جيڪي بہ راتيون آهيون اهي توهان جي هوٽل ۾ ئي گذاريون.
جنھن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن خوشي جو اهڙو اظھار ڪندي چيو تہ،” تہ پوءِ اسان جي طرفان توهان کي سڀاڻي کان ناشتو فري آهي، اهو منھنجي طرفان توهان کي پيڪيج آهي.“ مون مرڪي هن کي چيو تہ،”ڇا هن کان علاوہ توهان وٽ ٻيا بہ پيڪيج آهين.“ هو منھنجي ڳالھہ سمجهي ويو هو.
سو هو مُسڪرائي مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو،”توهان جيڪي پيڪيج چئو ٿا اهي تہ ٻاهر جام آهن ان ڪري اسان وٽ اها سروس گهٽ آهي.“ ڊاڪٽر کلي چيو تہ،”وڏو حرڪتي آهين.“ مون ڊاڪٽر کي چيو تہ،”ڊاڪٽر تنھنجي باري ۾ پيڪيج پڇيومانس.“ وري ٽھڪڙو مچي ويو.
ان تي اسان بہ ڏاڍا خوش ٿياسين، هن کي چيوسين تہ اسان شام جو واپس اينداسين، هن مھل اسان نوسا پينيدا وڃون پيا، توهان هي پئسا رکو، باقي رات جو حساب ڪنداسين. ائين چئي پاڻ ٻاهر نڪتاسين. مون سان گڏ منھنجو ٿيلھو حسب معمول هيو. ان ۾ هڪڙي ٽي شرٽ، هڪڙو چڍو، ٽوال، پاڻي جي بوتل، سگريٽ، پرس ۽ ناشتي جا پيڪيٽ پڻ اسان سان گڏ هئا.

رڌانا هوٽل کان سنور پورٽ تائين

Sanur Port: Gate way from Bali to Nusa Peni da
پيٽر جي ٽيڪسي سيون سيٽر واري اسٽائيل ۾ هئي. اسان پنھنجا ٿيلھا گاڏي جي ڊڪي ۾ رکي ڇڏيا هئا. پوئين سيٽ تي جاني، ڊاڪٽر ۽ هي راقم الحروف گڏو گڏ هئا ۽ جڏهن تہ اڳيان واري سيٽ پرتاب جي بلي هئي. پاڻ پيٽر سان ڪچھري ڪندا اڌ منو ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ (سنور پورٽ) منھوڙي واري علائقي ۾ اچي نڪتاسين. پيٽر ٽيڪسي کي ڪنھن بينڪ جي پاسي ۾ بيھاريندي چيو تہ،”واپسي ۾ بہ هتان ئي پاڻ نڪرنداسين، توهان هتي اچي وڃجو. هي جاءِ ڏسي وٺو.“
پيٽر ٻڌايو تہ پاڻ کي هتان کان اڳتي ٿورو پنڌ ڪرڻو پوندو ڇو تہ سياحن جي ڪري هتي تمام گهڻي رش آهي ان ڪري جيڪڏهن اسان گاڏي ۾ اڳتي هلون ها تہ اسان کي تمام گهڻو اڳتي وڃي پوءِ اتان وري واپس يو ٽرن وٺي هن پاسي ورڻو پوي ها. يو ٽرن تمام گهڻو پري آهي. جنھن جي ڪري اسان جو ڪافي ٽائيم ضايع ٿئي ها. هاڻي اسان ان اينجٽ ڏي هلنداسين، جتي اسان جي بڪنگ ٿيل آهي. پيٽر رستي ۾ ئي پنھنجي ايجنٽ دوست کي فون ڪري اسان جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هن کي هدايت ڪندي پڻ چيو هو تہ،” اسان اچون پيا، ٽڪيٽون تيار ڪري ڇڏ.“
پاڻ پيٽر سان گڏ پنڌ ڪندا، بئنڪ جي پاسي کان اڳتي نڪري آياسين تہ سامھون کان مين روڊ هلي رهيو هو. جتي ٽريفڪ جي تمام گهڻي رش هئڻ ڪري روڊ پار ڪرڻ انتھائي ڏکيو مرحلو هيو. پر پيٽر اسان کي پنڌ ڪرائيندي ان چوراهي تي وٺي آيو، جتان زيبرا ڪراسنگ تان روڊ پار ڪرڻ سولو هيو. پاڻ روڊ پار ڪري ٻي پاسي وارو روڊ بہ پار ڪري، ان جي پاسي سان دڪانن وٽ اچي بيٺاسين. هتي دنيا جي مختلف ملڪن جي سياحن جو انبوھہ نظر آيو.

نوسا پينيدا ۽ سامونڊي بحري جھاز

هتي ڄڻ تہ ماڻھو جو ميلو لڳل هيو. هرطرف گورا ئي گورا نظر پئي آيا، جن مان اڪثريت کي چڍا پاتل هئا. خوبصورت گوريون، نوجوان، پوڙها، ٻار مطلب تہ هتي انگريز گهڻي تعداد ۾ مليا. انھن مان ڪن جو تعلق يا تہ آسٽريليا سان آهي يا وري ڪنھن يورپ جي ملڪ سان آهي. ان ماڻھن جي انبوھہ ۾ پيٽر پنھنجي دوست کي ڳولھي لڌو ۽ اسان کي هن جي آفيس وٺي آيو. ان دوست سان هن اسان جو تعارف ڪرايو. اسان هن کي بقايا پئسا ڏيڻا هئا ۽ هن بحري جھاز جون ٽڪيٽون اسان جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون.
جيئن تہ هتي پھچڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ توهان صبح جو سوير نڪرو، ڇو تہ هتان کان توهان کي قافلي جي صورت ۾ ننڍي سامونڊي جھاز تي پھچڻو هوندو آهي. انھن ٻيڙن جو وقت مقرر هوندو آهي. جيڪڏهن توهان وقت تي نہ پھتا ۽ اهي ٻيڙا نڪري ويا تہ پوءِ توهان کي سڄي ڏينھن ۾ ٻيو ڪو بہ ٻيڙو نہ ملندو. گهٽ ۾ گهٽ توهان کي ڏهين وڳي کان اڳ ۾ هتي سنور پورٽ ۾ پھچڻو هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهي ٻيڙا نوساپيني دا هليا ويا تہ پوءِ توهان کي وري ٻي ڏينھن اچڻو پوندو ۽ توهان جو اهو سڄو ڏينھن ضايع ٿي ويندو.
اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين تہ ڪيڏي مھل ٿو قافلو پاڻي واري سامونڊي جھاز ڏي روانو ٿئي. اسان هرهڪ دوست جي ڪارائي تي رٻڙ جي ڪنگڻ جهڙو، ڦڪي رنگ جو ڪنگڻ ٻڌو ويو هو. ان رٻڙ واري ڪنگڻ تي جھاز جي ڪمپني جو نالو لکيل هيو. اسان جي سڃاڻپ ان ڪنگڻ سان هئي تہ اسان ان ڪنگڻ واري جھاز جا ماڻھو آهيون. ڇو تہ اتي مختلف ڪمپنين جا ٻيا جھاز بہ هئا ۽ انھن جا ماڻھو بہ هئا، جيڪي الڳ الڳ ڪمپنين سان تعلق رکن پيا. هي ڪمپنيون پنھنجن سياحن کي ٽولن جي صورت ۾ جھازن تائين وٺي وڃن پيا.
ان نوجوان گائيڊ اسان کي سمجهائيندي ڪجهہ هدايتون ڏنيون ۽ اسان جون تصويرون پڻ ڪڍي اڳتي ٻيٽ واري ايجنٽ ڏي واٽس اپ ذريعي موڪلي ڇڏيون. اسان کي چيو ويو هو تہ ٻيٽ تي ڊرائيور پرتاب جي نالي جو پوسٽر کڻي بيٺل هوندو ۽ اسان کي رسيو ڪري، پنھنجي لينڊ ڪروز ۾ اڳتي گهمائڻ وٺي هلندو.
ٿوري دير کان پوءِ اسان کي چيو ويو تہ توهان هن ڦڪي رنگ جي جهنڊي واري ماڻھو جي پويان پويان هلو. اسان ان جهنڊي واري جي پويان هلڻ لڳاسين. اسان سان گڏ ڪافي تعداد ۾ ماڻھو هئا، جن ۾ فيمليز، ننڍا ٻار، پڪا پوڙها ۽ اسان پارا نوجوان بہ شامل هئا. ساڳي ريت اسان جي هن قافلي جي پويان هڪڙو ٻيو قافلو ٿورو وٿيرڪو اچي رهيو هو. جنھن جي جهنڊي جو رنگ ٻيو هو. پاڻ ڏهن منٽن جو پنڌ ڪري اچي بندگاھہ وٽ پھتاسين. جتان اسان کان ٽڪيٽون وٺي جھاز ڏانھن روانو ڪندا ويا. مختلف جاين کان ٿيندا، ڏاڪڻيون لھندا، چڙهندا، سمونڊ جي ماحول جو مزو وٺندا، قافلي سان گڏ اڳتي وڌندا وياسين. اهڙي ريت اچي سامونڊي ٻيڙي/جھاز وٽ پھتاسين. ان جھاز جو اسٽاف هر هڪ ماڻھوءَ جو هٿ وٺي، ان کي جھاز ۾ اندر ويھاريندا ويا. ڇو تہ سمونڊ جي لھرن/ڇولين جي ڪري جھاز بار بار لڏي رهيو هو ۽ مسافرن کي جھاز ۾ گهڙندي ڊپ لڳي رهيو هو تہ ڪٿي ڪنھن جو پير نہ سلپ ٿئي يا ڦاسي نہ پوي، ان ڪري اسٽاف جي مدد ڏاڍي اهم هئي. جھاز جو عملو ڪنھن بہ مسافر کي جھاز ۾ مٿين حصن ۾ چڙهڻ جي اجازت نہ پيا ڏين، ڇو تہ مٿي مسافرن جو سامان رکي رهيا هئا. اسان بہ چار ئي دوست هڪ ٻئي جي پُٺيان جھاز ۾ چڙهياسين ۽ اندر سيٽن تي گڏ ويھي رهياسين.
ٿوري دير کان پوءِ جھاز جو انجڻ اسٽارٽ ڪيو ويو هو. جھاز هاڻي سامونڊي سفر تي اسھڻ لاءِ تيار هيو. ڇو تہ سڀ مسافر اندر داخل ٿي چڪا هئا. سيٽ باءِ سيٽ ماڻھو ويٺل نظرآيا. ايڏو ڊسيپلين شايد ڪٿي نظر آيو هجي. ڪو هل هنگامو نہ هيو. ڪا هٻڙ ڌٻڙ نہ هئي. ڪنھن کي بہ سيٽ تي ويھڻ جي ڪا تڪڙ نہ هئي. هرڪو پرسڪون پئي نظر آيو. جھاز جو اڳيون حصو پاڻي کان ٿورو مٿي نظر پئي آيو.
آهستي آهستي جھاز سمونڊ تي ترڻ شروع ڪيو. ٿوري دير ۾ هن اسپيڊ پڪڙي. پر وري اوچتو جهٽڪي سان جھاز جي انجڻ بند ٿي ويئي يا تہ بند ڪئي وئي هئي. جھاز جي اوچتي بند ٿيڻ تي ماڻھن کي پريشاني ٿي هئي، پر ٿوري دير کان پوءِ انجڻ ٻيھر اسٽارٽ ٿي. پاسي واري دري کان سمونڊ تي نظر وڌي سين تہ معلوم ٿيو تہ اسان جي جھاز سان گڏ ٻيا بہ ڪيترائي ٻيڙا اڳيان پٺيان سمونڊ تي تري رهيا آهن. جھاز جي سامھون واري حصي جون ۽ پاسي واريون دريون کليل هئڻ ڪري ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي.

جھاز جي انجڻ اوچتو بند ٿي ويئي

ڊاڪٽر ٿوري دير کان پوءِ ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو هو. جاني بہ ننڊ کي ترجيح ڏني هئي. ڇو تہ جاني کي سامونڊي سفر گهٽ ڀانءِ پوندو آهي ۽ هن جو بلڊ پريشر لو (Low) ٿي ويندو آهي. هاڻي پاڻ سامونڊي ڪناري کان تمام گهڻو اڳتي نڪري اچي چڪا هئاسين. اسان سان گڏ هلندڙ جھاز بہ اڳتي نڪري ويا هئا.
اوچتو اسان جو جھاز هڪ دفعو ٻيھر وچ سمونڊ تي اچي جهٽڪي سان بند ٿي ويو ۽ جڏهن سڄو جھاز هڪڙي پاسي جهڪي پيو تہ سڀني کان رڙيون نڪري ويون هيون. ماڻھو پريشان ٿي ويا. ٻارڙن ۾ ڪيھون پئجي ويون. سڀني کي خوف اچي ورايو.
اسان تہ اهو سمجهياسين تہ اجهو ٻڏاسين. مون کي تہ ويجهڙائي ۾ يونان وارو واقعو بہ ياد اچي ويو. جنھن ۾ ڪيترا مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ها. مٿان وري ٽائٽينڪ جھاز جي ملبي کي ڏسڻ لاءِ ۽ ورلڊ گنيز بوڪ ۾ پنھنجو نالو لکرائڻ لاءِ، نڪتل ٽيم جا ماڻھو بہ سمونڊ جي ور چڙهي ويا هئا. بلوچي چوڻي آهي تہ، ”ملوڪان موت عشقان شڪار.“ انھن ٻڏي مري ويندڙن ۾ پاڪستان جو مشھور واپاري شھزادا دائود ۽ هن جو 19 سالن جو پٽ سليمان اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.
شھزادا دائود اينگرو ڪارپورشن جو وائس چيئرمين هيو. هن جو پيءُ حسين دائود جو شمار پاڪستان جي اميرترين ماڻھن ۾ ٿئي ٿو. هي پيءُ پٽ ٽائٽينڪ جي باقيات کي ڏسڻ جي لاءِ ڪروڙين روپين جي ٺھيل آبدوز ڪشتي ۾ نڪتا هئا. ٽائيٽنڪ جھاز جا پرزا يا ان جھاز جو ملبو 400 ميل (650 ڪلو ميٽر) هيٺ ”نيو فائونڊلينڊ ڪيناڊا جي سامونڊي ڪناري تي آهي ۽ 13000 هزار ڦٽ هيٺ سمونڊ ۾ آهي.
ان ملبي کي ڏسڻ لاءِ هنن کي ايتري گهرائي ۾ ان آبدوز ڪشتيءَ ۾ وڃڻو پيو. پر انھن جي گئس جو سلينڊر ڦاٽي پيو ۽ هنن کي آڪيسجن نہ ملي سگهي ۽ آبدوز تباھہ ٿي ويئي. جنھن ڪمپني هي آبدوز ٺاهي هئي، ان جو چوڻ هو تہ هي آبدوز ڪڏهن بہ نہ ٻڏندي. انھن جي ڳولھا لاءِ نارٿ ايٽلانٽڪ اوشن ۾ تمام وڏو آپريشن ڪيو ويو هو. سو اسان سڀني کي اچي خوف ورايو هو.
هن جھاز ۾ بار بار، جھاز جو اسٽاف بوتلون هٿن ۾ کڻي، کڙڪائيندا چوندا رهيا تہ جنھن بہ مسافر کي بوتل، بيئر يا ٻي ڪا شي کپي تہ خريد ڪري سگهي ٿو. اسان مان ڪنھن جو بہ ڪو موڊ نہ هيو. ڇو تہ سمونڊ ۾ کائڻ جو مطلب پاڻ کي پاڻ بيمار ڪرڻ، اسان اهو چاهيون پيا تہ خير سان سفر پورو ڪري پنھنجي منزل تي پھچون.

سامونڊي سفر کان پوءِ ٻيٽ تي

جيئن تيئن ڪري تقريبن 45 يا 50 منٽن جي ان سامونڊي سفر کي طئي ڪرڻ کان پوءِ، اسان کي Nusa Penida port ٻيٽ تي آندو ويو. جھاز لنگر انداز ٿي چڪو هو. اسان اتان لھي، قافلي جي صورت ۾ سمونڊ مٿان ٺھيل سيمينٽ جي پل تي هلڻ لڳاسين تہ جيئن پرين پاسي ٻيٽ تي اسان جي انتظار ۾ بيٺل ايجنٽ سان ملون، جيڪو اسان کي اڳتي ٻيٽ تي وٺي هلندو. اسان جي چارون طرف سمونڊ جو پاڻي هيو.
پل تي هلندي هلندي ڊاڪٽر جي هٿ مان پاڻي واري بوتل ڪري پئي، بوتل ريڙهيون پائيندي پائيندي، ڊاڪٽر جي پھچ کان پري هلي ويئي. ڊاڪٽر ڪوشش ڪئي تہ بوتل کي پڪڙي وجهي پر بوتل هاڻي سمونڊ جي پيٽ ۾ هلي ويئي هئي. ڊاڪٽر چيو تہ،” اڙي يار! بوتل ويئي.“ جنھن جي ڪري پاسي وارن ماڻھن جو ڌيان ڊاڪٽر ڏي ڇڪجي ويو هو. ڪنھن انگريزياڻي رڙ ڪري چيو تہ،” have you lost your wallet “ جنھن تي ڊاڪٽر مرڪندي چيو تہ، ” no, no, it was my water bottle “ . اوڏي مھل جاني خوداعتمادي سان چيو تہ ”خير آ ڊاڪٽر، ڪو مسئلو ناهي، برائي ٽري، بس اها ڳالھہ وساري ڇڏ،ڄڻ تہ تنھنجي شي ئي ڪانہ هئي.“ مون کي فيض احمد فيض جو شعر ياد ٿو اچي تہ؛

آئی تو یوں جیسے ہمیشہ تھی مہرباں
بھولی تو یوں کہ گویا کبھی آشنا نہ تھی۔

نو سا پينيدا ۾ ڊينڊڙي ڊرائيور جا ڪمال

پاڻ سڀئي ماڻھن جي انبوھہ ۾ اڳتي هلندا رهيا هئاسين. ڪي اڳتي تہ ڪي پوئتي. پُل جي هن پار ايجنٽ سياحن جي نالن وارا بينر کڻي انتظار ۾ بيٺا هئا. پندرنھن ويھہ کن ايجنٽ هئا. اسان جيئن ئي انھن جي ويجهو ٿياسين. انھن مان هڪڙي ننڍڙي قد جي ڊينڊڙي انڊونيشن ماڻھو جي هٿ ۾ پرتاب پلي ڪارڊ هيو. جنھن تي لکيل هيو: ”پرتاب راءِ شيواڻي.“
اسان جيئن ئي هن جي ويجهو ٿياسين تہ هن پرتاب کي سڃاڻي ورتو هو. هن رڙ ڪري سڏ ڪندي چيو،” پرتاب راءِ.“ جنھن تي پرتاب هن کي مرڪندي موٽ ڏني هئي. ” yes, I am “ . ”مون سان گڏ اچو.“ هن اڳتي نڪري هلندي چيو. هو اسان کي وٺي اڳيان وڌڻ لڳو هو. اهڙي ريت هر ايجنٽ پنھنجن سياحن جي ڳولھا ۾ مصروف هيو. هن ڊينڊڙي جو وارو جلدي اچي ويو هو. هن جا ڀاڳ هئا. باقي ڪافي ايجنٽ اڃان بہ اتي بيٺا هئا.
قد جو ننڍڙو، ڊينڊڙو، سنھڙو، سيپڪڙو، پر تمام گهڻو ڦڙتيلو. سو اسان کي پاڻ واري لينڊ ڪروزر وٽ وٺي آيو. حسب معمول ويھڻ واري ساڳي سيٽنگ ۾ پاڻ ويھي رهياسين. اسان هن همراھہ جي پويان. ڊاڪٽر مشڪري ڪندي چيو تہ،” همراھہ لڳي آڙيڪاپ ٿو، پر قد ۾ مار کائي ويو آ.“ جاني ڊاڪٽر کي جواب ڏيندي چيو تہ،” ڊاڪٽر مڙسن جا قد نہ ماپبا آهن.“ ان تي وڏو ٽھڪڙو مچي ويو. اسان جو گائيڊ بہ سمجهي ويو تہ هي بہ گهٽ ڪونھن.
مون کي حيرت سان گڏ خوف بہ ٿئي پيو تہ همراھہ کي ﷲ ڪري اڳيان ونڊ اسڪرين نظر اچي، ڇو تہ همراھہ قد جو ڏاڍو بندرو هو. پر هي وڏي همت سان گاڏي ۾ ويھي رهي. ڏاڍو خوش مزاج هيو. هن جو نالو انوار هيو، هو ذات جو سوٽھڙ هيو. جنھن تي ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو تہ،”پرتاب ! توهان جو مائٽ نڪري پيو.“ سو اهڙي ريت اسان هن سان چرچا ڀوڳ ڪندا، مڪمل جهنگ جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا هياسين. پرتاب اڳين سيٽ تي ويھڻ جو فائدو وٺندي هن کان پڇيو تہ،” هن ملڪ جون معاشي حالتون ڪيئن آهن؟“
”تمام زبردست ۽ مضبوط آهن.“ هن جواب ڏنو. مون کي اوڏي مھل هڪڙو لطيفو ياد اچي ويو.
جمعي جي نماز کان پوءِ جماعتين مان ڪنھن پڇيو تہ،”مولوي صاحب دعا ڪيو تہ اسان جي ملڪ جون معاشي حالتون بھتر ٿين.“
مولوي صاحب پنھنجي کيسي مان پنجن هزارن جو نوٽ ڪڍي چيو تہ،” مون کي هي نوٽ مسجد جي دروازي مان مليو آهي، ڪنھن جو آهي؟“
تقريبن 10 ماڻھن پنھنجا هٿ مٿي ڪري ڪليم ڪندي چيو تہ،”منھنجا پئسا آهن.“
مولوي صاحب نوٽ پنھنجي کيسي ۾ واپس رکي چيو تہ،” هي منھنجو نوٽ آهي، پھرئين پاڻ کي صحيح ڪيو پوءِ معاشي حالتون بہ درست ٿي وينديون!“
هتان جا ماڻھو پاڻ سان، پنھنجي ملڪ سان، پنھنجي قوم سان سچا آهن، ان ڪري انھن جي معاشي حالت بہ مضبوط آهي.

Keiling king Beach

نوسا پينيدا جو سڀني کان مشھور ڪيلنگ ڪنگ بيچ آهي. جيڪو بالي ۽ انڊونيشيا جي اڪثر اشتھارن ۾ توهان کي نظر ايندو. هي پھاڙ ڊائنوسار جي ڪرنگهي جي شڪل جو آهي. سياح هن جي سونھن کي ڊرون ڪئميرائن جي ذريعي ڦوٽي گرافي ڪري يادگار تصويرون ٺاهيندا آهن. هن جون انسٽاگرام ۾ 4 لک کان وڌيڪ تصويرون رکيل آهن.
هتي اڪثر ڪري سياح ڦوٽوگرافي جي چڪر ۾ پاڻ کي موت جي منھن ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن. اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا اڳ ۾ بہ ٿيا آهن. 2019ع ۾ رشين ڇوڪري اسڪوٽر هلائيندي جبل جي چوٽي کان هيٺ هلي وئي هئي. حيرت جي ڳالھہ تہ اسڪوٽر کي ڪجهہ بہ نہ ٿيو ۽ 22 ڊسمبر 2020ع کان پوءِ، جڏهن ٻيھر هن جو بارڊر کوليو ويو تڏهن کان هتي ترڻ منع ٿيل آهي. جڏهن تہ فيبروري 2023ع يورپين سياح ڪنھن ٻي سياح کي بچائيندي پاڻ بہ ٻڏي مري ويو هو.
توهان جڏهن هتي اچو تہ مٿو ڍڪي اچو، پراپر بوٽ پائي اچو ۽ پاڻ سان پاڻي ضرور کڻي اچو. جيڪڏهن توهان هيٺ لھڻ چاهيو ٿا تہ توهان جوگر يا اسپورٽ بوٽ پائي اچو تہ بھتر ٿيندو.
ڪيلنگ بيچ جبلن جي وچ ۾ هيو. ڊائيور پنھنجي گاڏي کي پارڪنگ کان ٿورو اڳتي ڪري بيھاريو. پاڻ سڀ هيٺ لٿاسين. جبل جي اُڀڪپري ٽڪري تان هيٺ لھندا وياسين. مون پنھنجي موبائيل جي ڪيمرا سان وڊيو ٺاهڻ شروع ڪئي. ڪٿي ڪٿي وڊيو بند ڪري ڦوٽا بہ پئي ڪڍيا. جبل جي ٻنھي ٽڪرين کان مختلف قسمن جا گهر پبلڪ واش روم ۽ دڪان هئا ۽ وچ تي ماڻھن جي هلڻ لاءِ سوڙهي پيچري ٽائيپ روڊ هيو. ڪي ماڻھو ڪيلنگ بيچ ڏانھن وڌڻ لاءِ جبل جي ان ٽڪري کان هيٺ لھي رهيا هئا تہ ڪي وري واپس ايندي مٿي چڙهي رهيا هئا.
واش رومن جي ٻاهرن ريٽ لکيل هئا. پنجاھہ انڊونيشن روپيا. ڊاڪٽر کي پيشاب لڳو هو. هن جانيءَ کي چيو تہ،” جاني مون کي پيشاب لڳو آهي.“ جاني هن کي چيو تہ،”ڊاڪٽر اڳتي پبلڪ واش روم آهن اڳتي ٿا هلون تڪڙ نہ ڪيو.“ اسان جو ڊرائيور جيتوڻيڪ قد جو ننڍو هيو پر هيو ڏاڍو ڦڙتيلو. اسان وٽ پھاڪو آهي تہ ،” ڏيکڻ دا ڏٻرا ئي پر کاوڻ دا ڪتا ئي.“(مذاق مذاق ۾)
هو پنڌ ڪرڻ ۾ اسان سڀني کي ماري ويو هو. هن جي تڪڙ ڪرڻ جو ڪارڻ اسان سمجهي رهيا هئاسين، هو چاهي پيو تہ هو اسان کي ٿوري وقت ۾ گهڻو گهمائي ۽ پنجين وڳي کان اڳ ۾ شپ وارن جي حوالي ڪري. ڪُئي ۽ ٻلي جي هن ريس ۾ ڪئو ماري ويو هو.
هو نيٺ مختلف ورن وڪڙن کان ٿيندو، ماڻھن جي ميڙ کي چيريندو اڳتي وڃي رهيو هو. هر طرف گورا سياح نظر اچي رهيا هئا. اسان پنھنجي ڊرائيور کي اک ۾ رکندي هن جي پويان هلي گهٽ پر ڊوڙي وڌيڪ رهيا هئاسين. ڪٿي ڪٿي تہ هو اسان جي نظر کان بہ اوجهل ٿي پئي ويو ۽ پوءِ اسان کي ئي هن کي ڳولڻو پيو پوي. ان ڪري هو پري کان رِڙ ڪري ٻڌائيندو هو تہ، ”مان هتي آهيان، جلدي اچو.“ هاڻ پاڻ ڪيلنگ بيچ تي پھچي چڪا هئاسين.
پاڻ ڪيلنگ بيچ واري جبل جي اڀ تي بيٺا هئاسين ۽ ڪيلنگ ڪنگ بيچ زمين جي تري تي هيو. ان تائين پھچڻ لاءِ اسان کي سوڙهين ڏاڪڻن مان هيٺ لھي وڃڻو پوي ها. هي ڏاڪڻ جبل کي ڪٽي ٺاهي ويئي هئي، پاسي کان لوهي پائيپ لڳايا ويا هئا تہ جيئن ماڻھن جي لھڻ چڙهڻ ۾ سپورٽ ٿي پوي. هي ڏاڪڻ ايتري سوڙهي هئي جو جيڪڏهن ڪو سياح مٿان کان هيٺ ڪو ۽ هيٺ کان مٿي اچي پيو تہ هڪٻئي کي ڪراس ڪرڻ جي گنجائش نہ هئي، ان ڪري هڪڙي ماڻھو کي پاسي بيھي ٻي سياح کي جڳھہ ڏيڻي پوي پئي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا تہ هي ڏاڪڻ ڪيڏي خطرناڪ هئي ۽ هيٺ لھڻ ڪيڏو جوکائتو ڪم هيو. مون کي لڳو تہ هيٺ لھي وڃڻ نہ فقط رسڪي پر وقت جو زيان پڻ آهي. هيٺ لھي جبل جي تري ۾ وڃڻ پنجن منٽن جو ڪم نہ هيو، بلڪ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ هيو ۽ ساڳي ريت وري واپس چڙهي اچڻ پڻ ان کان بہ وڌيڪ دشوار هيو. ڊارئيور سمجهائيندي چيو تہ،”جيڪڏهن توهان هيٺ لھي ويندو تہ مون کي ڪو اعتراض نہ آهي ۽ نہ ئي مون لاءِ ڪو مسئلو آهي. مان تہ هتي ئي توهان جي واپسي جو انتظار ڪندس، پر توهان ان کانءِ پوءِ ٻيون پوائنٽون نہ گهمي سگهندو. توهان جو وقت هتي ئي پورو ٿي ويندو ۽ اسان کي شام جو پنجين وڳي کان اڳ ۾ واپس بندر تي پھچڻو آهي.“
سو اسان چيو تہ،”جي اسان ان ڏاڪڻ کان هيٺ لٿاسين تہ موٽي اچڻ محال آهي، پر ٿورو هيٺ چند ڏاڪا لھي تہ ڏسون، خبر پئجي ويندي.“ سو سڀ کان اول پرتاب ان ڏاڪڻ تي پير رکي لھڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترائي سياح اتي بيھي لھڻ ۽ چڙهڻ وارو تماشو ڏسي خوش ٿي رهيا هئا. انھن مان ڪنھن جي بہ همت نہ پئي ٿئي جبل کان هيٺ لھڻ جي، اسان مان وري بہ ڊاڪٽر ۽ جاني همت ڪئي. آخر ۾ انھن جي پويان مان بہ لھي پيس. پر اسان جيئن ئي ڪجهہ ڏاڪڻون مس هيٺ لٿاسين تہ اسان کي محسوس ٿيو تہ هي ڏاڪڻ تہ انتھائي خطرناڪ آهي، خدانخواستہ جيڪڏهن ڪنھن جو پيرکسڪي ويو ۽ هيٺ ڪريو تہ پوءِ ان جو تہ هڏو بہ نہ بچندو. ان صورتحال کان پوءِ اسان پاڻ ۾ فيصلو ڪيو تہ اسان کي هيٺ نہ لھڻ گهرجي. وقت کي بچائجي ۽ هتان جون گهڻيون جايون گهمڻ گهرجن. ڇو جو هيٺ تہ اهو ئي سمونڊ ۽ سمونڊ جو پاڻي آهي. ان سان گڏ جبل جو اندريون حصو پاڻي جي ڪري ڪوريل آهي. ان جي هيٺان واري/ريت آهي. اهڙا تہ ڪيئي بيچ پاڻ اڳ ۾ بہ ڏسي چڪا آهيون. سو ” گدڙ ڊاک نہ پڄي آکي ٿوُ کٽا.“ ان مصداق اسان بہ پويان پير ڪيا. ڊرائيور اسان جي ڳالھہ سمجهي ويو هو. هن جو فارمولو ڪامياب ويو هو. ان ڪري هن چيو تہ،” توهان جون هتان ئي ڪيلنگ بيچ جو تصويرون ڪڍان ٿو، پر خيال سان ويهجو، ڪٿي توهان جو پير نہ سلپ ٿي وڃي، ۽ وڃي جبل جي تري ۾ نہ پئو.“ اسان کي سچ تہ ڊپ لڳي پيو. پر پوءِ بہ هن جبل جي مٿاڇري تي اسان کي اهڙي نموني ويھاري تصويرون ڪڍيون، جو ڪيلنگ بيچ جو سڄو منظر ان تصوير جي پويان نمايان ٿئي پيو.
هن ڊاڪٽر کي اشارو ڪندي چيو تہ،” توهان هن ٽڪري تي ويھي رهو پنھنجا پير هيٺ جبل کان ڪيرائي لڙڪائي ڇڏيو. ايزي ٿي ويھي رهو. ڪو بہ ڊپ نہ ڪيو، هي اهم ڦوٽو پوائنٽ آهي.“ اهو ايڏو ڏکيو پوز هيو جو ٿورو بہ ماڻھو اڳتي سرڪي ويو يا پير سلپ ٿي ويو تہ ڌو وڃي هيٺ ڪري ها. نہ رهي بانس نہ بجي بانسري. ڊڄندي ڊڄندي اسان سڀني ان ساڳي جاءِ تي مخلتف قسمن جا ڪوڙا سوڙا پوز ڏيئي تصويرون تہ ڪڍرايون پر اسان سڀني جو ساھہ مٺ ۾ هيو ۽ ﷲ ﷲ ڪري اتان نڪري آياسين.

ڪيلنگ بيچ جي ويو پوائنٽ تي ڦوٽو گرافي

اها جاءِ اصل ۾ ڦوٽو گرافي جي اهم جاءِ هئي جتي سياحن سان گڏ پروفيشنل ڦوٽوگرافر بہ پنھنجي گروپ جي ماڻھن جون تصويرون ڪڍي رهيا هئا. ڇو تہ تصويرن جي پويان بئڪ گرائونڊ ۾ هڪ تہ سمونڊ جي تري وارو حصو نمايان نظر اچي پيو ۽ ٻيو تہ ان جي سامھون ڪيلنگ بيچ جو وڏو پھاڙ پڻ صاف نظر اچي پيو. جنھن جي ڪري تصوير انتھائي خوبصورت لڳي رهي هئي. هنن جبلن، ٻيٽن ۽ هنن منظرن سان ماڻھن جو ايڏو پيار ڏسي سچ تہ مان سوچ ۾ پئجي ويو هيس ۽ مون کي ائين لڳي رهيو هو تہ هي عاشق مزاج سياح پنھنجن محبوبن (منظرن) سان ڪيڏو پيار ڪن ٿا. مون کي رومي جون سٽون ياد اچي ويون تہ ؛
Lovers have heart attackes, they can’t be cured by drugs or sleep or games, but only by seeing their beloved. Rumi
اسان ڏٺو تہ جيڪي سياح ڪيلنگ بيچ ۾ هيٺ لھي گهمي ڦري واپسي تي مٿي ان ئي اڀي ڏاڪڻ ذريعي اچي رهيا هئا، انھن جي حالت ڏاڍي خراب هئي. اهي وڏا وڏا ساھہ کڻي رهيا هئا. سھڪي رهيا هئا. پگهر کان شل ٿي ويا ها. انھن جي ڳلن تان پگهر ڳڙي رهيو هو. ائين پئي لڳو تہ اهي توبھہ ڪندا پئي آيا. انھن مان ڪنھن تہ اهو بہ چيو،” هيٺ نہ وڃجو پليز.“ هتي توهان کي ڏينھن بہ لڳي سگهي ٿو. ۽ توهان کي ڊي ها ئيڊريشن بہ ٿي سگهي ٿي. Filp-Flop ڪَهين واري چپل ڪڏهن بہ پائي وڃجو. جيئن مون مٿي چيو تہ هيٺ لھي وڃڻ تہ سولو ڪم هو پر واپس ان ڏاڪڻ تان جبل کي اورانگهڻ ڏاڍو اوکو مسئلو هو. سو اسان جو هيٺ نہ وڃڻ وارو فيصلو درست هو. هاڻي اسان کي پنھنجي فيصلي تي ڪو بہ ارمان نہ هيو. واپسي ۾ ڪار پارڪنگ ڏي ايندي ڏٺوسين تہ ان جهنگ ۾، جبل جي چوٽيءَ تي ڪيترائي هر قسم جا دڪان ۽ وکر جا اسٽال هئا، جتان ماڻھو خريداري ڪرڻ چاهي تہ ڪري سگهي پيو.

ساحل، پھاڙ ۽ ويو پوائنٽ

اسان جي گائيڊ ڪم ڊرائيور اشارو ڪندي چيو، ” اچو اسان کي اڃان اڳتي هلڻو آهي.“ سو اسان ساڳي ئي رستي کان ٿيندا، پنڌ ڪندا واپسيءَ جو رستو ورتو. واپسيءَ ۾ سنتوش کي پيشاب زور سان لڳو هو. تيز پيشاب جي ڪري هن جا نرا ڦاٽن پيا. هو ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي سان پيشاب کي روڪڻ جي نتيجن کان خوب واقف هيو. واپسي ۾ ٻيھر ڊاڪٽر پنھنجي تڪليف جو اظھار ڪندي ناراضگي جو مظاهرو پڻ ڪيو. هن جي ڪاوڙ جائز هئي. اسان جو ڏوھہ هيو. هن جي پيشاب جي نزاڪت کي محسوس ڪندي گائيڊ کي چيوسين تہ، ”استاد! ڪٿي اسٽاپ ڪجانءِ اسان کي پيشاب لڳو آ.“
اسان جو گائيڊ ڏاڍو سياڻو، سمجهدار ۽ بھترين ماڻھو هو. ان ڪري هن اهڙي جاءِ تي اچي اسٽاپ ڪيو، جتي ٻهراڙي ٽائيپ هوٽل هئي، رش گهٽ هئي، هتي سڪون ۽ شانتيءَ جو ماحول هيو. هن سادي هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون موجود هيون. واءِ فاءِ فري هيو. جيتوڻيڪ ننڍڙو واش روم هيو پر پوءِ بہ صاف سٿرو هيو. جيئن تہ مون کي بہ زور سان پيشاب لڳو هو. جڏهن ڊاڪٽر پيشاب ڪري ٻاهر آيو تہ هو رليڪس هيو. ڊاڪٽر کان پوءِ مان بہ ٿي آيس. ڄڻ تہ جسم ۾ ساھہ پئجي ويو هجي. هون بہ چوندا آهن تہ پيشاب کي هڪڙي سيڪنڊ لاءِ بہ نہ روڪجي. اٺ تي بہ پيشاب لڳي تہ هيٺ لھڻ جيتري بہ دير نہ ڪجي، بلڪ اتان ئي ريلو ڪري پاڻ کي آجو ڪجي.
مون سنتوش کي چيو تہ، ” ڊاڪٽر هاڻي تہ ناراضگي ڇڏ.“ ڪاوڙ بہ عجيب آ. ڊاڪٽر جي ناراضگي جو اظھار اکين تي. مون کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر سرڪش سنڌي جو نظم ياد اچي ويو.
تون ڪاوڙ ڇڏ
ڪاوڙ ڇڏ تون ڪاوڙ ڇڏ
ھيءَ ڪاوڙ تنھنجي ماريندي
پر ھڪڙي مرڪ جياريندي
موھن جو قسم مڪليءَ جو قسم
ڪينجهر جو قسم، نوريءَ جو قسم
سنڌوءَ جو قسم،سھڻيءَ جو قسم
دولھہ جو قسم، دودي جو قسم
سچل جو قسم، ساميءَ جو قسم
بيدل جو قسم، بيڪس جو قسم
غمدل جو قسم، بيوس جو قسم
مخدوم شھيد جي سِر جو قسم
آ توکي پنھنجي گهر جو قسم
سڀني جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ
ھيءَ ڪاوڙ تنھنجي ماريندي
پر ھڪڙي مرڪ جياريندي
***
ھر باک جي ويلا ميڙ اٿئي
چنڊ تارن ميلا ميڙ اٿئي
ھي روح ورونھن بہ ميڙ اٿئي
۽ پنھنجي سونھن بہ ميڙ اٿئي
ھي راز نياز بہ ميڙ اٿئي
انداز ۽ ناز بہ ميڙ اٿئي
ھر ادبي سنگت ميڙ اٿئي
ھو شيخ اياز بہ ميڙ اٿئي
ھو نجم عباسي ميڙ اٿئي
ھر سنڌوءَ واسي ميڙ اٿئي
ھي پيار جو لڳ ڀڳ ميڙ اٿئي
ھي جوڀن جڳ مڳ ميڙ اٿئي
ھن پنھنجي پياري پياري من!
مرضيءَ جو قسم ٿئي ڪاوڙ ڇڏ
ھيءَ ڪاوڙ تنھنجي ماريندي
پر ھڪڙي مرڪ جياريندي
***

هن علائقي کي ”وويو پوائنٽ“ جي نالي سان سڏيو پئي ويو. هنن هتي مختلف قسمن جون ڦوٽو پوائنٽس( ڦوٽو گرافي لاءِ جڳهون) ٺاهي ڇڏيون هيون. جنھن ۾ جبل جي ڪناري تي ڪاٺ جو وڏو ٻيڙو، پاسي ۾ ان کان بہ مٿي ٻيو ٻيڙو، ان سان گڏ وري دل جي نشان وارو ڪاٺين جو آکيرو، چوڏول ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هيو. دوستن ان ٻيڙي تي بہ ٽائٽينڪ واري انداز ۾ ۽ ڪيٽ ونس ليٽ کي فالو ڪندي پنھنجو ٻانھون کولي تصويريون ٺھرايون.
ڊاڪٽر جا ۽ پرتاب جا چووڏول تي مختلف انداز موهيندڙ آهن. ان وويو پوائنٽ ۾ ايترو گم ٿي وياسين جو جاني ڦوٽا ڪڍرائيندي اسان کان بہ اڳتي نڪري ويو. هن پوائنٽ تي اسان کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. مٿان وري اسان جي گائيڊ جو رڙيون تہ ٽائيم گهٽ آهي، جلدي اچو تہ هلون. مان ٻاهر نڪري آيس. ان هوٽل جي پاسي ۾ ئي جهوپڙي جي ٻاهران هڪڙو سفيد رنگ جو اسڪوٽي بيٺو هو. مون ڊرائيور کي چيو تہ، ”هڪڙي تصوير هن اسڪوٽي سان بہ ٿي وڃي.“ هن تڙ ۾ ٻہ ٽي ڪلڪ هڻي ڪڍيا، جاني وارن کي اشارا ڪري اچڻ جو چيوسين تہ ”ٻيلي ڇڏيو، ڦوٽن جي پچر، اڃان اڳتي گهڻو ڪجهہ آهي، نڪري اچو.“

رستي ۾ مانجهاندو

هاڻي اسان جو سفر ٻي گهمڻ واري پوانئٽ ڏي هيو. واپسي ۾ رستي تي ئي هڪڙي هوٽل نظر آئي. هي سياحن لاءِ وڏو اسٽاپ هيو. هتي بيٺل گاڏين جي ڪافي رش نظر آئي. ڊرائيور گاڏي بيھاري چيو تہ، ” هتي ئي اسان کي منجهند جي ماني کائڻي آهي، جيڪا ٽرپ ۾ شامل آهي، توهان آرام سان لنچ ڪيو پوءِ پاڻ ملون ٿا.“ هي هوٽل وچ جهنگل ۾ هئي. ڇو تہ روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا وڻ ۽ ٻيلو نظر پئي آيو.
هاڻي اسان گاڏي کان هيٺ لھي ڪائونٽر جي ويجهي واري ٽيبل وارين ڪرسين تي ويھي رهياسين. هن هوٽل تي نوجوان ڇوڪريون ويٽر (بيرو) جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيون هيون. هنن کي مخصوص ڊريس پاتل هئي. ڪائونٽر تي بہ عورت بيٺي سڀني ڇوڪرين کي هدايتون جاري ڪري رهي هئي. غالباً هوءَ هوٽل جي مالڪياڻي هئي. اسان واري ٽيبل تي بہ هڪڙي ڇوڪري مينو کڻي آئي. هن اسان جي اڳيان ٽيبل تي مينو رکندي ٻڌايو تہ، ”هن مينو ۾ جيڪي بہ ڊيل آهن، توهان مان هر ماڻھو هڪڙي ڊيل کڻي سگهي ٿو.“ اسان سڀ ان مينو ۾ گم ٿي وياسين.
روڊ جي ٻنھي پاسن کان جبل ۽ وڏا وڏا ساوا چهچ وڻ هئا. ساوڪ ئي ساوڪ اکين کي ٿڌاڻ بخشي رهيو هو. ڪافي ماڻھو ان هوٽل ۾ اڳ ۾ ئي ويٺل نظر هئا. اسان بہ چئن ئي دوستن مينو پڙهي پاڻ ۾ صلاح ڪري چار ئي مختلف آرڊر ڏنا تہ جيئن ڪنھن کي جيڪڏهن ڪا شي نہ وڻي تہ هو ٻي دوست جي حصي جي ماني کائي سگهي. ماني سان گڏ اهو بہ پڇيو ويو تہ اسان ڪھڙو مشروب وٺنداسين. هتي مختلف جوسز هئا ۽ آئس ٽي بہ هئي.
مون الطاف شيخ جي سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“ ۾ آئس ٽي جي باري ۾ پڙهيو هو تہ هتي چانھہ ۾ برف وجهي ڏيندا آهن. ان ڪري مون اها آئس ٽي پسند ڪندي ليڊي ويٽر کي آرڊر ڏنو. سڀني پنھنجي چوائس مطابق الڳ الڳ شين جو آرڊر ڏنو هيو. کاڌي ۾ پرتاب مڇي واري ڊش جو آرڊر ڏنو. جڏهن چارئي ڊشز ٽيبل تي اسان جي اڳيان رکيون ويون تہ اسان سڀ هڪٻئي ڏي ڏسڻ لڳاسين. اکين سان اهو چوڻ چاهيوسين تہ هي ڪير کائيندو؟ ڇو تہ هي کاڌو اسان جي مزاج موجب نہ هيو. پر بک خراب شي آهي. مون ڊاڪٽر ڏي ڏسي هن کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر! سوچيو ڇا ٿا، شروع ڪيو نہ، لڳي ٿو توهان کي بُک نہ لڳي آ.“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي چيو تہ، ” بک تہ واھہ جي لڳي آهي، پر دل نہ ٿي چوي.“ خير جيئن تيئن ڪري کائي وياسين.

آئس ٽي ۽ اوڪارا

ماني کان پوءِ مون آئس ٽي مان اسٽرا ذريعي جيئن ئي هڪڙو ڍڪ مس ڀريو تہ مون کان اوڪارو نڪري ويو. پرتاب چيو، ”خير تہ آهي، ايڏو خراب ذائقو ٿس ڇا؟“ آئس ٽي(برف واري چانھہ ) شيشي جي وڏي گلاس ۾ سليماني چانھہ جي شڪل ۾ نظر ايندڙ آئيس ٽي ۾ برف جا ٽڪرا پيل هئا. پر ان جو ذائقو عجيب هيو. جيڪو اسان جو ڊوولپ ٿيل نہ هيو.
ان ڪري مون کي هن جو ذائقو نہ پئي وڻيو. تنھن جي باوجود مون ٻہ ٽي ڍڪ وري بہ ڀريا، پوءِ تہ مون کي الٽي اچڻ لڳي. ان ڪري مان اتان اٿي ٻاهر نڪري آيس ۽ گاڏي جي پاسي ۾ بيھي اوڪارا ڏيڻ لڳس ۽ نتيجي طور جيڪو ٿوري دير اڳ ۾ کاڌو هيم، اهو سڀ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
مون کي هي آئس ٽي ڀانءِ نہ پئي هئي پر مون ڏٺو تہ ان هوٽل جي هر ٽيبل تي اها آئس واري چانھہ پئي هئي. ٻاهر ڪجهہ نوجوان ٽوئرسٽ بيٺا هئا، جن جي هٿن ۾ سگريٽ هئا ۽ هو سگريٽ جو مزو وٺي رهيا هئا. هو انڊونيشن نہ پئي لڳا.
پرتاب کي مڇي پسند آئي هئي. هي ننڍي مڇي هئي. پرتاب ٻڌايو تہ يار مڇي ڏاڍي ٽيسٽي آهي. ان سان گڏ چانور پڻ هئا، جيڪي ڊاڪٽر جي بلي هئا، ڇاڪاڻ تہ اڄ ڊاڪٽر کي گوشت وغيرہ نہ کائڻو هيو. ڇو تہ سومر جي ڏينھن ڊاڪٽر جي مطابق تہ گوشت واري شي ناهي کائڻي. جنھن ۾ انڊو، مڇي، ننڍو يا ڪو وڏو گوشت، مرغي يا وري اهڙي قسم جي ڪا بہ شي جيڪا گوشت سان ريليٽڊ هجي، (انڊو بہ ان ۾ اچي ٿو وڃي). خير مانجهاندو ٿي ويو هو ۽ اسان جو سفر اڃان بہ اڳتي هيو. سواسان جي گائيڊ ايڪسيليٽر تي ڪجهہ مڙئي زور سوايو ڏنو. روڊ جي ٻنھي پاسن کان گهاٽو جهنگ هيو. وڏا وڏا وڻ هئا. ڪٿي ڪٿي ڪا ڳئون نظر پئي آئي تہ ٺيڪ نہ تہ ڪو بہ جانور نظر نہ آيو. هي روڊ وارو رستو انتھائي سوڙهو هيو.
جڏهن بہ ڪا سامھون کان گاڏي پئي آئي تہ اسان واري ڊرائيور کي پاسو وٺي بيھڻو پوي پيو تہ جيئن اڳين گاڏي نڪري وڃي، ڇو تہ ٻيئي گاڏيون هڪٻئي کي هلندي ڪراس نہ پيون ڪري سگهن. ڊرائيور مزاحيه قسم جو ماڻھو هو. رستي ۾ کل ڀوڳ، مستي مذاق ۽ چرچا ڪندو پئي هليو. مطلب تہ هو اهو چاهي پيو تہ اسان پنھنجي ٽرپ جو فل مزو وٺون. هاڻي اسان بروڪن برج پھچي ويا هئاسين.

بروڪن برج تي موج مستيون ۽ پريمي جوڙن جون پيار

پاڻ بروڪن برج جي خوبصورت ٽڪري تي داخل پھچي چڪا هئاسين. هر طرف سياح پئي نظر آيا. ڊامبر واري هن سوڙهي پيچري/روڊ جي ٻنھي پاسن کان دڪان هئا. جتي ڪولڊ ڊرنڪس، جوسز، چپس ۽ ناريل جي دڪانن جي گهڻائي هئي. اڄ گرمي ڪجهہ سوائي هئي. هن رستي تي هلندي ڪي ماڻھو بروڪن برج کان واپس اچي رهيا هئا تہ ڪي وري اوڏانھن وڌي رهيا هئا.
اسان جا دوست بہ ڇڙوڇڙ هئا، ڪي اڳتي تہ ڪي پوئتي. مان ڪيڏي مھل پنھنجي موبائيل سان رڪارڊنگ ڪري رهيو هئس تہ ڪيڏي مھل تصويرون بہ ڪڍي رهيو هئس. ٽنھي دوستن وٽ آئي فونز هيون، جن جي ڪيمرائن جي رزلٽ شاندار هئي. پرتاب، جاني ۽ سنتوش وارا ڦوٽا ڪڍڻ ۾ مصروف هئا. بروڪن برج تائين پھچندي ڪافي پنڌ ڪرڻو پيو هو. هاڻي تہ گرمي ۾ وٺجي ويا هئاسين. اڄ اُس بہ ڏاڍي تيز هئي.
پر تنھن هوندي بہ بروڪن برج جي سڪ کي سيني سان لائي، پاڻ اڃان بہ اڳتي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي رهيا هئاسين. اُڀڪپريون، لھواريون، هيٺ مٿي، جبل جون چوٽيون چڙهي، بروڪن برج ڏانھن وڃي رهيا هئاسين. نيٺ جڏهن جبل وٽ تي پھتاسين تہ اتان کان روڊ ختم ٿي چڪو هو. هاڻي ننڍا ننڍا پيچرا هئا. اسان کڏن کٻن کان هلندا، مٿي چوٽي تي چڙهي آيا هئاسين. جتي سياحن جي ڪافي رش هئي.
سياحن سان گڏ پروفيشنل ڦوٽو گرافر بہ موجود هئا. جن پنھنجي ڦوٽوگرافي جا جوهر پئي ڏيکاريا. هنن ڦوٽو گرافرن سان گڏ ڪيئي پريمي جوڙا بہ هئا، جيڪي انھن جوڙن جون تصويرون ڪڍي انھن کي خوش ڪرڻ جي ڪري رهيا هئا ۽ اهي هنن ڦوٽوگرافرن جي فنڪاراڻا صلاحيتن جي ور چڙهيل هئا ۽ انھن جي هدايتن تي ٺاهي ٺاهي پوز هڻي رهيا ها.
اسان جي سامھون هڪڙو پريمي جوڙو هيو. ڇوڪري جي چيلھہ تي ڇوڪرو ٻک هڻي بيٺو هو. ڦوٽو گرافر وري هنن کي ٻيو پوز ڪرڻ لاءِ سمجهايو. اهڙي ريت ڦوٽوگرافر نيڪسٽ نيڪسٽ ڪندو ويو. هن دفعي ڇوڪِري کي ڇوڪري جي ٻانھن تي ليٽايو ويو هو. ڦوٽو گرافر رڙ ڪري چيو، ”دس از دي بيسٽ پوز.“ اهڙي قسم جا تمام گهڻا سين ڏسڻ لاءِ مليا. مطلب تہ اسان کي اهو سڀ عجيب ان ڪري لڳي رهيو هو تہ اهو اسان پھريون دفعو ڏسي رهيا هئاسين.
پاڻ اڃان بہ اڳتي جبل جي اهڙي ڪناري تي اچي بيٺاسين، جتان بروڪن برج صاف نظر اچي رهيو هو. بروڪن برج اصل ۾ اهو جبل جو ٽڪرو هيو جيڪو وچان سڄو ڪوريل هيو ۽ ان ڪوريل يا ڪٽيل جبل جي وچان سمونڊ جو پاڻي وهي اڳتي نڪري وڃي رهيو هو.
اسان جنھن جبل جي ڪناري تي بيٺا هئاسين، اتان کان هيٺ سمونڊ جو پاڻي وهي رهيو هيو ۽ ان کان ٿورو پري سامھون ئي اهو بروڪن برج نظر پئي آيو. ان تائين پھچڻ لاءِ اسان کي يا تہ ان جبل کان هيٺ لھڻو پوي ها ۽ سمونڊ جو پاڻي جهاڳي اڳيان ان بروڪن برج جيڪو دل جي شڪل جيان ڪوريل هو، ان تائين پھچي سگهجي پيو، جيڪو اسان لاءِ ممڪن نہ هيو. ان کان علاوہ ممڪن آ تہ ڪو ٻيو بہ رستو هجي پر اسان کي نظرڪٿان بہ ڪو لنگهہ يا لڪ نہ آيو ۽ نہ ئي ڪو ماڻھو ان پاسي ويندي يا ايندي نظر آيو.

ڦڙتو ڊرائيور جا ڪمال

اسان ان ئي جبل جي ڪناري تي بيھي، ويھي، مطلب تہ مختلف پوز هڻي تصويرون ڪڍرايونسين. اسان جو ڦڙتيلو گائيڊ تمام بھترين انداز سان اسان جون تصويرون ڪڍي رهيو هو. جنھن جاءِ تي پاڻ بيٺا هئاسين اها ڦوٽوگرافي جي اهم پوانئٽ هئي. ان ڪري هر سياح ڦريو گريو اچي اتي بيھي پيو. انھي دوران هڪڙي پنجاپي فيملي بہ نظر آئي، جن جو خيال هو تہ اهي بہ ان ئي اسان واري پوائنٽ تي/جاءِ تي تصويرون ڪڍرائڻ چاهين ٿا. اسان انھن کان ٿورو ٽائيم گهريو ۽ پوءِ سڀني دوستن پنھنجا ڦوٽا ڪڍرايا. هاڻي هنن جو وارو هيو، پر وري بہ ڪجهہ خوبصورت ڇوڪريون اتي اچي بيھي رهيون. انھن جو مقصد اتي ئي تصويرون ڪڍرائڻ هيو. اسان سيٽ خالي ڪري ٻي جاءِ تي نڪري آياسين.
هتي اسان هڪڙي ڳالھہ نوٽ ڪئي تہ ڪو بہ سياح ڦوٽو ڪڍرائڻ مھل ڪنھن کي بہ ٻي سياح کي ڊسٽرب نہ پيو ڪري، البتہ جيڪڏهن ڪو رستي تي بيھي ڦوٽو ڪڍرائي پيو تہ اڳيون ماڻھو ٿوري دير لاءِ بيھي رهي پيو ۽ هو اوسيتائين بيھي رهي پيو جيسيتائين تصويرون نہ پيون نڪرن. مجال آ جو هو توهان کي ڊسٽرپ ڪري يا چئي تہ، ”بيھو بيھو اسان نڪري وڃون پوءِ تصويرون ڪڍجو.“ نہ نہ. سوال ئي پيدا ڪونھي. هو پاڻ بيھي رهندا پر توهان کي ڦوٽو ڪڍڻ کان منع نہ ڪندا.
نيٺ گائيڊ رڙ ڪندي چيو تہ، ”اچو اڃان تہ ورجن بيچ بہ رهيل آهي اتي گهڻيون تصويرون ڪڍرائجو.“ اسان ان جاءِ تان نڪري واپسي وارو رستو وٺي ورڻ لڳاسين. پاڻ جڏهن واپسي واري گيٽ جي ويجهو پھتاسين تہ اسان جو گائيڊ کاٻي پاسي لڙي پيو. هن پاسي بہ ڪا پوائنٽ هئي، ڇو تہ هتي بہ ماڻھن جي وڏي رش هئي ۽ هي اسان وارو همراھہ بہ ان پاسي تڪڙيون وکون کڻي رهيو هيو ۽ اسان هن جي پويان هلندا رهياسين.
هن ٻڌايو تہ، ”هتي بہ سمونڊ جون ڇوليون، بھترين منظر ۽ موهيندڙ نظارا آهن. هي جبل بہ انتھائي خوبصورت ڏيک ڏيئي رهيو آهي. توهان هي بہ ڏسي وٺو تہ اڳتي هلون.“ پاڻ هن جي پويان پيا هلون. ان پاسي وڃڻ جو رستو بلڪل نہ هيو پر پوءِ بہ جيئن تئين ڪري پٿرن تي چڙهي ان پوائنٽ تي پھچي وياسين.
سمونڊ جو پاڻي هن جبل جي ٽڪرين کي ڪوري چڪو هيو. سمونڊ وڏي مستي ۾هيو. ايڏيون تہ زوردار ڇوليون هلي رهيون هيون جو جڏهن ڪا وڏي مست وير اچي جبل سان ٽڪرائجي پئي تہ ايڏو تہ ڌماڪو ٿئي پيو جو خبر پوي پئي تہ پاڻي ۾ ڪيڏي وحشت ۽ دهشت آهي. اسان جو جاني هون ئي شرارتي آ، سو هو جبل جي ڪنارن کان ٿيندو اڃان بہ هيٺ وڃڻ جي ڪري پيو، جيڪو انتھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي پيو.
مون جاني کي منع ڪندي چيو تہ، ” بس جاني، ان کان اڳتي هيٺ نہ وڃو.“ هو ڦوٽو ڪڍرائڻ جي چڪر ۾ اڃان بہ پرتي نڪري وڃڻ چاهي پيو. هتي پاڻي جون ڇوليون ايڏيون تہ تيز هيون جيڪي مٿي جبل جي چوٽي تي اچن پيون. پاڻي جو بار بار جبل سان ٽڪرائجي وڃڻ جي ڪري ان جبل تي ايترا تہ وڏا کڏا ٿي ويا ها، جو جيڪڏهن ڪو ماڻھو ان کڏي ۾ لڪي ويھي رهي تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوي تہ اهو ماڻھو ان کڏي ۾ لڪل آهي يا ڪاڏي ويو.
پرتاب ان جاءِ تي ليٽي آسمان ڏي منھن ڪري، آسمان سان سرگوشيون ڪندي ڦوٽو ڪڍرايا. ساڳي ريت مستيون مذاق ڪندا هن ماحول ۾ گم ٿي وياسين. هتان جو هر منظر خوبصورت هيو. ان ڪري واپس ٿيڻ جو نالو ئي نہ پيا وٺون. اسان جو گائيڊ هاڻي تہ اڃان بہ وڌيڪ تڪڙ ڪرڻ لڳو، سوچيندو هوندو تہ، ”هنن کان واھہ جو ڦاٿو آهيان.“ اسان بہ هن جو ساٿ ڏنو ۽ پوءِ ان سمونڊ ۽ ان جي خوبصورت سفيد کير جھڙين ڇولين کي اداس ماحول ۾ ڇڏي اڳتي نڪري آياسين، ڇو تہ هاڻي پاڻ کي ورجن بيچ پڪاري رهيو هيو.

ورجن بيچ جي ورجن ناري

ورجن بيچ هتان کان گهڻو پري نہ هيو. هن مھل موسم بھترين ٿي چڪي هئي. پاڻ کي پنجين وڳي کان اڳ ۾ ساڳي منھوڙي تي واپس ورڻو هو تہ جيئن اهو ساڳيو شپ اسان کي منھوڙي تان کڻي سنور پورٽ بالي پھچائي. ان ڪري اڃان اسان وٽ ڪافي ٽائيم هيو. اسان جي گائيڊ اڌ ڪلاڪ کن جي ڊرائيو کان پوءِ گاڏي کي اچي ورجن بيچ جي اڳيان پارڪنگ ڪندي بريڪ ڏني.
هن بيچ جي ٻاهران گهڻي رش وغيرہ نظر نہ آئي ۽ سُڪون ۽ سُڪون جو راڄ هيو. ڇو تہ هينئر منجهند ۽ ٽيپھري جي وچ وارو وقت ٿيو هو. ٻاهر گيٽ سان ئي واش بيسن لڳل هئا ۽ اتي ئي هينڊ واش بہ رکيل هئا. پاڻ گاڏي کان لھي هٿ ڌوئڻ لاءِ بيٺاسين مس تہ ٿوري دير ۾ نوجوان ناري هلي آئي، اسان جي سامھون بيھي اسان کي بيچ تي اچڻ لاءِ ڀليڪار ڪيو. اسان هن جو شڪريو ادا ڪري اسٽور نما هال ۾ داخل ٿياسين. جتان کان بيچ شروع ٿئي پيو ان جي فرش تي اتان کان ريت (واري) پيل هئي. ان جي وچ ۾ جهوپڙي /منھہ ٽائيپ بار هئي. جنھن جي گول ڪائونٽر جي اندر سڀ ويٽرس نوجوان ناريون هيون. پاڻ ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ اسٽور واري پورشن ۾ پيل صوفن تي ويھي رهياسين.
مون کي زوردار پيشاب لڳو هو، مون واش روم جو پڇي ان ڏانھن رخ ڪيو. دوست ان خوبصورت سجايل ماحول جو مزو وٺڻ لاءِ ان بيچ جي هن بار جو جائزو وٺڻ لڳا. هتان جو واش روم ڪو خاص نہ هيو. مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس تہ ڊاڪٽر سنتوش فون تي ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هو، سو هن کي ڊسٽرب ڪرڻ مناسب نہ سمجهيو ۽ مان پريان ديوار سان لڳايل سيٽ تي اڪيلو ئي ويھي رهيس.
مون واري ساڄي پاسي انگريز جوڙا ويٺل نظر آيا. جن جي بدن تي سواءِ چڍي جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ هيو. جاني وارا ڇپر ٽائيپ منھہ جي هيٺان پلاسٽڪ جي ڪرسين تي ويھي رهيا ها. هنن جي اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل رکيل هئي. سمونڊ، ڪنارو، ڇوليون، ناريلن جا وڏا وڏا وڻ، ريت، سامونڊي ٻيڙا، هتان جي بار ۽ هن بار جا ساقي، سچ تہ اهي سڀ ملي ڪري هن ورجن بار جي سونھن، ڪشش ۽ خوبصورت ماحول ۾ واھہ جو مانڊاڻ مچائي رهيا هئا. مون کي ڪنھن ڏاهي جو قول ياد ٿو اچي تہ؛
The perception of beauty is subjective, and not everybody finds the same people or things attractive.

ان ڪري اهو سچ آهي تہ سونھن ڏسڻ وارن جي اکين ۾ سمايل هوندي آهي. يعني؛
Beauty is in the eyes of the beholders.

ورجن بيچ، موسيقي ۽ ناريلن جو پاڻي

انگريزي موسيقي روح کي معطر ڪرڻ ۾ وسان نہ گهٽائي رهي آهي پر پنھنجي ٻوليءَ جي موسيقي جو مزو ۽ نشو ئي ٻيو آ. پنھنجو خيال هو تہ هتي هن موسم ۾، هن بيچ ۾ ڪَچن ناريلن جو فريش پاڻي پيئون. ان مقصد لاءِ اسان ويٽر کي ڪال ڪيو تہ ٻہ خوبصورت ناريون هڪدم اسان وٽ هليون آيون. جن کي ڏسي ڊاڪٽر چيو تہ، ” فريش ناريل اٿوَ؟“
”جي سر! اسان وٽ فريش ئي هوندا آهن.“ خوبصورت ناري مُرڪي جواب ڏنو.
”اسان ناريلن جو پاڻي پيئنداسين.“ ڊاڪٽر وري دهرايو.
”جي پاڻي بہ ملي ويندو ۽ ان سان گڏ ملائي وارا ناريل بہ موجود آهن.“ ويٽر چيو.
”توهان جا ناريل ننڍا ٿا لڳن.“ ڊاڪٽر نخرا ڪندي چيو.
”نہ نہ اسان وٽ هر سائيز جا ناريل آهن. توهان کي جيڪڏهن وڏا ناريل پسند آهن تہ اهي بہ توهان کي ملي ويندا.‘‘ هن مسڪرائي ٽيبل تي جهڪي ڊاڪٽر کي سمجهائيندي چيو.
”ڊاڪٽر! مون کي ننڍي سائيز جو ناريل کپي.“ مون ڊاڪٽر کي رڙ ڪندي چيو. اسان جي دوست جاني ۽ پرتاب ان بحث جو حصو نہ هئا، ڇو تہ هو فقط پڪي پڪائي جا مالڪ هئا.
”ننڍي سائيز جي ناريلن ۾ پاڻي گهٽ هوندو اٿو، وڌيڪ توهان جي مرضي آ.“ هن ڊاڪٽر کي سمجهائيندي چيو. ڊاڪٽر کي تہ هون ئي وڏي سائيز جا ناريل پسند هوندا آهن. هن کي ٻيو ڇا کپي ها.
”ٺيڪ آ تون سڀ وڏي سائيز وارا ناريل کڻي اچ، پر ٻڌ مٺا ضرور هجن.“ ڊاڪٽر جي نگاهن ۾ شرارت جهلڪي رهي هئي. جاني ۽ پرتاب جو هن معاملي سان پري پري جو بہ واسطو نہ هيو.
”جي کڻي ٿي اچان، توهان کي ضرور پسند ايندا.“ هن پيار سان سمجهائيندي چيو.
ٿوري دير کان پوءِ چار ناريون وڏا وڏا ناريل انھن ۾ اسٽرا وجهي کڻي اسان جي اڳيان رکيا. ناريل واقعي ئي وڏا هئا ۽ انھن ۾ پاڻي بہ تار هيو. سو جيئن ئي مون ڍڪ ڀريو تہ مون کي ناريل جو پاڻي گرم لڳو. مطلب تہ نارمل هيو ۽ ٿڌو نہ هيو. ان ڪري مون ان ساڳي ئي ويٽر کي ڪال ڪري چيو تہ، ” ڏاڍي گرمي آ، پياس نہ ٿي اجهامي هن پاڻيءَ سان توهان مھرباني ڪري ٿوري برف کڻي اچو.“
هن فرمانبردار ليڊي ويٽر حڪم جي تعميل ڪندي ٿوري دير ۾ ئي برف جا ٽڪرا ۽ چمچا آڻي اڳيان رکندي چيو تہ، ” موسم بہ بھترين آهي، توهان چاهيو تہ پنھنجي اندر جي موسم کي بھتر ڪري سگهو ٿا.“
مون ڊاڪٽر ڏي نھار وڌي ۽ اک جي اشاري سان کائنس پڇيم، ”ڇا مووڊ ٿئي؟“ چيائين، ”بالي ۾ گهڻو ٿيو، هاڻي ملائيشيا ۾ ....“

ورجن بيچ ۽ ٻيجل جي وڊيو ڪال

انھي ئي گفتگو جو مزو وٺي رهيا هئاسين تہ مٿان ٻيجل جي واٽس اپ تي وڊيو ڪال اچي ويئي. ان ناريل کي اتي ئي اڌ ۾ ڇڏي، دوستن کان اجازت وٺي، ٻيجل کي سڄي بيچ جو ماحول وڊيو ۾ ڏيکاريو. هڪ تہ سمونڊ ۽ مٿان وري بوندا باري بہ شروع ٿي ويئي هئي. ڇا تہ موسم ٿي ويئي هئي. جيتوڻيڪ سمونڊ اداس ۽ خاموش هيو. ڇو تہ هتي ايتري رش نہ هئي. ان ڪري سمونڊ اسان سان ئي سرگوشيون ڪندي ڪچھري ڪري رهيو هيو.
پرتاب سمونڊ جي واريءَ تي پلٿي هڻي ويھي رهيو ۽ واريءَ تي هن اڃان ڪجهہ لکيو هيو تہ سمونڊ جي لھرن کي اها ڳالھہ بنھہ نہ وڻي هئي ۽ ڪا اهڙي ويرآئي جو هن جي دل جي دنيا کي اجاڙي مسمار ڪري وئي. لکيل سڀ ڪجهہ سمونڊ جي وير پاڻ سان کڻي ويئي. مون کي ارشد محمود جو ڳايل گيت ياد اچي ويو تہ، ”واريءَ تي گهر ٺاهيوسين، توکي چاهيوسين، توکي چاهيوسين.“ جاني ۽ پرتاب اتي ڪناري تي موجود جهولن جا مزا وٺي رهيا هئا. ڪيڏي مھل ڊاڪٽر جهولي رهيو هو تہ ڪيڏي مھل جاني.
پرتاب پنھنجي مستين ۾ مست ٿي سمونڊ سان کيچل ڪري رهيو هو. اسان جي دنيا ئي الڳ. ٻيجل سان ڪچھري ڪندي هن کي بيچ گهمائي رهيو هئس. هن جو بار بار اهو ئي سوال تہ، ”بابا! باقي گهڻا ڏينھن بچيا آهن، ڪڏهن واپس ايندو.“ هن جا اهي سوال منھنجو جيءُ جهوري ڇڏيندا ها. پر هن کي سمجهائيندي چوندو هئس تہ، ”بابا! بس ڪجهہ ڏينھن تہ بچيا آهن، 25 تي نڪرنداسين ۽ 26 تي گهر هونداسين، تون اڃان ننڊ ۾ هوندين تہ مان اچي ويندس پوءِ پاڻ گڏجي ناشتو ڪنداسين، پوءِ تہ بس.“ هو خوش ٿي ويندو هو. وري چوندو هو، ” بابا! منھنجي لاءِ ڇا ورتو اٿوَ؟“
”بابا! جيڪو تون چوين. تو لاءِ وٺان پر شاپنگ ٿائيلينڊ کان ڪنداسين.“
”بابا! مون کي ڪمپوٽر واري گيم ۽ ڪجهہ شرٽون، ٽائوزر کپن ٿا.“ هن پيار سان چيو.
”جي بابا کوڙ مان سڀ وٺي ايندس.“ اهڙي ريت گفتگو ڪندي واپس ان سيٽ تي آيس، جتي منھنجو ناريل ائين ئي پيو هو. وڊيو ڪال هلي رهي هئي. هن کي ناريل ڏيکاريا. جنھن تي هن چيو تہ، ” بابا! منھنجي لاٰءِ بہ ناريل وٺي اچجان.“ مون وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تہ، ” ها ضرور ڇو نہ. ٿائيلينڊ کان وٺي ايندس.“
سگنل ڪم ڇڏي پئي ويا. ڪڏهن تہ ريڪينڪٽنگ جو آپشن پئي آيو. ۽ ڪڏهن تہ ڪال ئي نہ پئي ويئي. هن سان سير آميز گفتگو ڪري، وري دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿيس.

ورجن بيچ جي ملھار موسم

آسمان مڪمل طور تي ڪڪرن جي قرب ۾ گهيريل هيو.
ڪارا ڪارا بادل بوندون برسائي رهيا هئا. هن بيچ جي خوبصورتي اها هئي جو هن ۾ وڏا وڏا ناريلن جا وڻ سمونڊ جي ڪناري تي پوکيل هئا. اسان سمونڊ ڪناري، ڇولين سان راند ڪري رهيا هئاسين. پريان کان سامونڊي ٻيڙو ڪناري تي لڳي رهيو هو. هن تي ويھڻ لاءِ انگريز فيملي ڪناري تي بيٺل هئي. اهي هن برساتي موسم ۾ سمونڊ جي رونقن جو مزو ماڻڻ لاءِ ٻيڙي ۾ چڙهي، اونھي سمونڊ جي سير ۾ پھچي، ان سونھن جو ڪاٿو لڳائڻ چاهين پيا.
مون کي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر آڪاش انصاري جومشھورِ زمانہ نظم ياد اچي ويو تہ؛
تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس،
جڏهن شام جو جام خالي نہ هو،
رات رم جهم هئي،
منھنجي ساهن جي جهيڻن سُرن ۾ ستل،
منھنجي بستر تي منڪر ڪا موسم هئي،
تنھنجي ڪجلين اکين جي ڪنارن مٿي،
منھنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي،
ها انھيءَ کان اڳي مان هليو ڇو ويس...
ڪجهہ انگريز جوڙا اتي ئي هوٽل تي رکيل بيڊن تي ليٽيل نظر آيا، جن پاڻ کي بارش جي بوندن کان بچائڻ لاءِ چادرن سان ڍڪي ڇڏيو هو. اسان انھن جو مزو خراب نہ ڪرڻ چاهيو. ان ڪري پاڻ هنن کان ڏور پنھنجي الڳ ٿلڳ مزي جي ڳولھا ۾ هئاسين. هتي سمونڊ تي رولاڪيون ڪندي ڪافي وقت ٿي چڪو هو. ان ڪري آهستي آهستي ٻاهر نڪرڻ جي ڪئيسين. ڪائونٽر تي اچي بل ادا ڪندي، نارين کي فريش جوس پيارڻ جو ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪري آياسين.
جاني، پرتاب ۽ ڊاڪٽر پير ڌوئڻ واش روم ۾ هليا ويا. پاڻ هوٽل کان ٿيندا اچي پنھنجي گاڏي وٽ بيٺاسين. اسان جو گائيڊ ۽ ڊرائيور اڳ ۾ ريڊي هيو. مون اتي ڪجهہ تصويرون گاڏي سان ڪڍرايون. روڊ جي پريان جهنگل کي ڪاٺ جي لڪڙن جو لوڙهو ڏنل هيو، جنھن جي اندر ڇڙيل ڳئون چري رهيون هيون.
هن وقت بہ ڪارا ڪڪر اڀ تي ڏسي مون کي ڀٽائيءَ جو سر سارنگ جو بيت ياد اچي ويو؛
اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

ورجن بيچ کان سنور پورٽ تائين

هاڻي سڄي سنگت واپس ٻاهر نڪري آئي هئي. اسان سڀ ٽيڪسيءَ ۾ ويھي رهيا هئاسين ۽ اُن گاڏيءَ جو رخ واپس سمونڊ جي منھوڙ ي طرف هيو، جتان اسان کي وري بہ اهو ئي سامونڊي ٻيڙو کڻي اچي سنور ڪناري تي پھچائيندو. سنور پورٽ تي پيٽر اسان جي انتظار ۾ هوندو. ڊرائيور ايڪسيليٽر تي زور ڏنو ۽ ٿوري ئي دير ۾ اچي گاڏيءَ کي هڪڙي وڻ جي هيٺان پارڪ ڪندي چيائين، ”اسان واپس اچي ويا هون، توهان پنھنجون چار ئي ٽڪيٽون مون کي ڏيو.“
اسان ٽنھي دوستن ٽيئي ٽڪيٽون ڊرائيور جي حوالي ڪيون. پرتاب جي ٽڪيٽ هيٺ مٿي ٿي ويئي هئي. ٿوري دير لاءِ هن پنھنجو ٿيلھو ۽ بٽون ڳولھيا ڦوليا پر پوءِ ٽڪيٽ ملي وئي. اسان وٽ ڊڪي ۾ منجهند جي مانيءَ جا چار پارسل موجود هئا. جيڪا لنچ اسان ڪٿي بہ نہ ڪئي هئسين. ان ڪري اها ماني ڊرائيور جي حوالي ڪندي، جاني هن کي چيو تہ، ”هي توهان پاڻ کائجو ۽ پنھنجي فيملي لاءِ بہ کڻي وڃجو.“ اسان جي هن عمل تي هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. اڃان اتي ئي بيٺا هئاسين تہ پويان ڳاڙهي رنگ جو ڪتو ڀڳو آيو. جاني جي اول ئي ان تي نظر پئجي چڪي هئي. جاني رڙ ڪري ڪتي کي هڪل ڏني، ”هل ڪتا.“
ڪتو بس اتي ئي بيھي ويو هو ۽ اتان ئي واپس موٽي ويو. ڊرائيور اڳتي تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻي رهيو هو ۽ اسان ڊرائيور جي پويان هئاسين. ڊرائيور اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. اسان ڦوٽو ڪڍرائيندا، ماحول جو مزو وٺندا، آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين. ڊاڪٽر سنتوش اتي موجود واش روم ۾ چينج ڪرڻ لڳو. پريان کان ڊرائيور رڙ ڪري چيو تہ، ”تڪڙا اچو مھرباني ڪري.“ اسان ٿورو تڪڙا هلڻ لڳاسين جڏهن هن جي ويجهو پھتاسين تہ هن اسان کي پراڻين ٽڪيٽن جي جاءِ تي چار نيون ٽڪيٽون ڏيندي چيو تہ، ” هي توهان جون ٽڪيٽون ۽ هي توهان جو اسٽاپ آهي. توهان کي ڪٿي جڳھہ ملي تہ ويھي رهو. ڇو تہ توهان جي جھاز وارا ماڻھو سڀئي اڃان واپس نہ آيا آهن. اهي سڀ اچي هتي هن اسٽاپ تي گڏ ٿيندا. جيئن ئي اهي سڀ گڏ ٿيندا تہ ٽڪيٽون پوريون ٿي وينديون ۽ پوءِ اهو سمجهيو ويندو تہ سڀ ماڻھو واپس پڄي چڪا آهن. پوءِ وري بہ ساڳي ئي قافلي جي صورت ۾ توهان کي ان جھاز تائين وٺي هلندا.‘‘

ڊيوڊ ۽ ميري سان ملاقات

اسان کان اڳ ۾ ئي اُن آفيس جي اسٽولن تي ڪيترائي ماڻھو ويٺا هئا. ويھڻ جي جاءِ مشڪل سان ملي. منھنجي سامھون انڊين فيملي هئي. جڏهن تہ منھنجي پاسي ۾ انگريز پوڙهو ۽ هن سان گڏ پوڙهي عورت هئي. اسان سڀ هڪڙي ئي جھاز جا مسافر هئاسين. ويٺي ويٺي انگريزن سان اليڪ سليڪ ٿي ويئي. هن ٻڌايو تہ، ” هن جو نالو ڊيوڊ آهي ۽ هو برطانيہ جو رهائشي آهي ۽ هن سان گڏ هن جي وائيف ميري آهي.‘‘ ميري هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ نرس هئي ۽ هاڻي رٽائر ڪري چڪي آهي. هو پاڻ ڪنسٽرڪشن ڪمپني ۾ انجنيئر هيو ۽ هاڻي رٽائر ٿي باقي زندگي جا ڏينھن سک سان گهاري رهيو آهي. هي ٻيئي زال مڙس انڊونيشا گهمڻ آيا هئا. ان کان پوءِ هن مون کان پڇندي چيو تہ، ”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
مون هن کي ٻڌايو تہ، ” مان اصل ۾ وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل آهيان ۽ ان سان منھنجو ادب سان بہ تعلق آهي. مان شاعر هئڻ سان گڏ ليکڪ پڻ آهيان. منھنجا هيل تائين 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.“ هن جي چھري تي مرڪ تري آئي هئي ۽ هن خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”مون کي توهان سان ملي خوشي ٿي آهي.“ مون بہ هن کي مسڪرائي چيو تہ، ” مون کي بہ گهڻي خوشي ٿي آهي.“
مون پرتاب جو ڌيان ڇڪائيندي چيو تہ، ”سائين جو تعلق برطانيا سان آهي.“ پرتاب هن کي پنھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ هن جو تعلق ايجوڪيشن سيڪٽر آهي، هو اين جي او ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي سسٽر بہ برطانيہ ۾ رهندي آهي.“ جنھن تي مسٽر ڊيوڊ هن کي مسڪرائيندي چيو تہ، ”تہ برطانيہ جو اهو علائقو تہ اسان جي ويجهو آهي.“
هو ڏاڍو خوش مزاج، سليقي وارو شخص هو. مون هن کان هن جي اولاد جي باري ۾ پڇيو، جنھن تي هن جواب ڏنو تہ، ” اسان جي هڪڙي ڌيءُ آهي جيڪا آسٽريليا جي سڊني شھر ۾ رهندي آهي. هن جو تعلق بہ ايجوڪيشن سان آ. هوءَ ڪنھن پرائيوٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهي.“
”زبردست! تہ پوءِ توهان ٻيئي نانا ۽ ناني تہ ضرور ٿي ويا هوندو.“ مون هن کان پڇيو.
”نہ نہ.“ منھنجي ڌيءَ کي ڪو بہ اولاد ناهي، بلڪ حقيقت اها آهي تہ هو ٻار ڄڻڻ نہ ٿي چاهي.“ هن جي چھري تي مايوسي هئي.
”او آئي سي.“ مون ڪنڌ لوڏيو.
مون پرتاب کان علاوہ جاني ۽ ڊاڪٽر جو بہ هن سان تعارف ڪرايو هو. هن جي ڳالھائڻ جو انداز بہ ڌيمو، معزز شھري ۽ پروقار شخصيت جھڙو هو. هن جو سڄو مٿو اڇو هو، پر هن اسان جي خطي جي ماڻھن وانگي نہ وارن کي رنگ ڪري ڪارو ڪيو هو ۽ نہ ئي وري ڳاڙهو. هن جا وار سفيد ۽ هو ڪلين شيو هو. هن کي جينز جي بلو پينٽ ۽ چيڪ تي شرٽ پاتل هئي. هن ٻڌايو تہ هن جو شوق پراڻيون ۽ ناياب تصويرون گڏ ڪرڻ آهي ۽ هن اهي ناياب تصويرون گڏ ڪري هڪڙو وڏو البم پڻ تيار ڪري رکيو آهي.
”پوءِ توهان اهو ڇپرايو ڇو نہ ٿا؟“ مون هن کان پڇيو.
”جي ضرور ڇپرائيندس، جڏهن موقعو مليو.“ هن جواب ڏنو.

واپسي: کجور، ڀُڳڙا ۽ بحري جھاز

ٿوري دير کان پوءِ رڙ ٿي تہ ’اچو اچو جھاز تيار آهي.‘ قافلي جي صورت ۾ اهو ساڳيو ئي جهنڊي وارو ماڻھو اڳيان اڳيان. پاڻ سڀ ساڳي ڪنگڻ وارا هن جي پويان. اسان سان گڏ ٻيا بہ ڪيئي قافلا هئا، جن جي جهنڊن جا رنگ مختلف هئا. هڪڙي جاءِ تي سڀ اچي گڏ ٿيا. هر قافلي جا ماڻھو پنھنجي سٿ سان سلھاڙيل هئا.
اڳيان سيڪيورٽي گارڊ چست ۽ ڦڙتيلا ٿي بيٺا هئا. هو زور زور سان جھاز جو نالو وٺي ان جھاز جي مسافرن کي سڏي رهيا هئا تہ اهي ماڻھو اڳيان وڃي پنھنجي جھاز ۾ ويھي رهن. باقي ٻين جھازن جا ماڻھو پنھنجي واري جو انتظار ڪن. اسان جو وارو اڃان نہ آيو هو. اسان پنھنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل هئاسين.
مسٽر ڊيويڊ ۽ مسز ميري بہ اسان سان گڏ هئا. اسان جي ٽنھي پاسن کان سمونڊ هيو. پاڻ پل تي هئاسين. ان پل جي ذريعي ماڻھو پنھنجن جھازن ڏانھن وڌي رهيا هئا. جنھن جاءِ تي اسان بيٺا هئاسين، اتي ڏاڍو سٺو ماحول هيو، آسمان جا ڪڪر بہ اسان سان گڏ ئي اسان جي مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. ڪڪرن جي اهڙي مھرباني کي ڀلا ڪيئن ٿا نظر انداز ڪري سگهون. ان ڪري ان ماحول ۾ بہ ڊيوڊ ۽ ميري سان تصويرون ڪڍرائي لمحن کي قيد ڪري ڇڏيوسين.
اسان کي انتظار ڪندي ڪافي وقت ٿيو هو. سڀ قافلا وڃي چڪا هئا. سيڪيورٽي وارن جي زبان تي اسان جي جھاز جو نالو پڪارجي ويو هو. اسان جي سٿ جا سڀئي مور ماڻھو اڳتي سيڪيورٽي کان چيڪ ڪرائيندا اڳتي نڪرندا پئي ويا. اسان بہ ان قافلي ۾ ئي شامل هئاسين. نيٺ اچي جھاز ۾ ويٺاسين. اسان جا ٽيئي دوست هڪڙي ئي سيٽ تي ويھي رهيا.
مسٽر ڊيويڊ ڪنڊ واري (دري واري) سيٽ تي ويھي رهيو. مان سوچيان پيو تہ ڪٿي ويھان. ڇو تہ هن جي اورين پاسي کان ميري ويٺي هئي. مان ميري جي پاسي ۾ اخلاقاً ويھڻ مناسب نہ پيو سمجهان. ميري ۽ ڊيوڊ منھنجي ڪيفيت سمجهي ويا ها. ڊيويڊ مون ڏي اشارو ڪندي چيو تہ، ”پليز هيو اَ سيٽ. (اسان سان گڏ و يھي رهو )‘‘
مان ميري جي پاسي ۾ ويھي رهيس. ميري نھايتي سلڇڻي ۽ اعليٰ اخلاق واري عورت هئي. جھاز آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو هو. هڪڙو جهٽڪو تہ اهڙو ڏنائين جو سوچيو سين تہ سر ويو. پر پوءِ بچاءُ ٿي ويو. سفر اڳتي روان دوان هو. هن دفعي بہ ويٽر بيئر جون خالي بوتلون کڙڪائيندو آيو .
مون ڊاڪٽر ۽ جانيءَ وارا ڀڳڙا ۽ سڪل کجور وارو خاڪي لفافو کولي ڊيوڊ کي کجور ۽ ڀڳڙا ڏنا تہ ڊيوڊ پڇيو، ”واٽ از دس.“ (هي ڇا آهن.)
”اٽ از ڊراءِ ڊيٽ ۽ گرامس.“ (هي سڪل کجور ۽ ڀڳڙا آهن). مون هن کي ٻڌايو.
هن هڪڙي کجور کڻي کائي ڏٺي تہ هن کي مزو اچي ويو. هن مسڪرائي وراڻيو تہ، ” اٽز ويري ٽيسٽي.“ (تمام ذائقيدار آهي.)
”جي بلڪل هي تمام مزيدار آهي، خاص ڪري بک ۾ وڌيڪ مزو ڏيندا آهن.“ هن ڪنڌ ڌوڻي منھنجي ڳالھہ سان سھمت ٿيو. سفر طئي ٿي ويو هو. پاڻ هاڻي منھوڙي وٽ پھچي چڪا هئاسين.
جھاز آهستي آهستي لنگراندز ٿيڻ لڳو. هن کي وڏن رسن سان ڇڪي ٻڌي قابو ڪيو ويو هو. هر مسافر لھڻ جي ڪري رهيو هو. اسان جو بہ وارو اچي ويو هو، اسان بہ لھي چڪا هئاسين. ڊيوڊ ۽ ميري مسڪرائي گرم جوشيءَ سان هٿ ملائي موڪلائيندي چيو هو تہ، ”زندگي رهي تہ ڪنھن ٻي ملڪ ۾ گڏباسين.“
اسان بہ هنن کان سٺي نموني ۽ گرمي جوشيءَ سان موڪلايو. سنور پورٽ کان پنڌ ڪندا اچي، ساڳي روڊ تي بيٺاسين . ٿوري دير لاءِ هيڏي هوڏي نظر ڊوڙائي پيٽر کي ڳوليندا، اڳتي هلندا رهياسين. پرتاب جو ڪمال اهو هيو جو هن ان مين روڊ تي جوگنگ ڪندي اسان سڀني کي پوئتي رهائي پاڻ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. هي واپسيءَ جو ٽائيم هيو، ان ڪري روڊ تي هڪڙي پاسي ٽريفڪ جي رش تہ ٻي پاسي وري ماڻھن جا انبوھہ .
پاڻ سائيڊ کان ڦٽ پاٿ تي هلندا رهياسين. پرتاب پيٽر کي پري کان ئي ڏسي چڪو هو. ان ڪري هن کي هٿ لوڏي اشارو ڪيو تہ اسان هتي آهيون. اسان احتياط سان زيبرا ڪراسنگ کان روڊ پار ڪري، روڊ جي ٻي پاسي وياسين، جتي پيٽر پارڪنگ ايريا ۾ بيٺي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. پيٽر رڙ ڪري بيتاب ٿيندي پڇيو، ”ٽرپ ڪيئن لڳو؟ توهان کي مزو آيو.“
”زبردست يار، شاندار توهان واھہ جو ملڪ کي ٺاهيو آهي. ان ڪري ئي دنيا جا ماڻھو توهان ڏي گهمڻ اچن ٿا. توهان سياحت ۾ تمام گهڻا امير آهيو، توهان پنھنجن ماڳن مڪانن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻو ٿا. ڇا تہ توهان تاريخي ماڳن کي سينگاري سنواري بچائي ۽ محفوظ ڪري رکيو آهي. توهان پنھنجن ٻيٽن، جبلن، سمونڊن، دريائن، آبشارن، ڍنڍن، ڍورن، پارڪن جي حفاظت ڪري ان کي زندگي ڏني آهي. توهان زندہ قومن ۾ شامل آهيو. توهان کي سلام آهي.“ پرتاب جواب ڏنو.
پيٽر جي منھن تي مرڪ تري آئي، هو مشڪندو گاڏي اسٽارٽ ڪري ويھي رهيو. هاڻي پاڻ پيٽر واري بلو برڊ ٽيڪسي ۾ هئاسين ۽ اسان جو سفر اسان جي هوٽل ڏانھن هيو.

واڪنگ اسٽريٽ ۾ رات جون رولاڪيون

پاڻ پيٽر سان ڪچھري ڪندا، بالي جي مختلف رستن کان ٿيندا، ڪٿي سنھين تہ ڪٿي ويڪرين گهٽين کي لتاڙيندا، نيٺ اچي ڪوٽا جي علائقي ۾ واقع اسان جي هوٽل ”راڌانا“ نڪتاسين. پيٽر اسان کي هوٽل جي ٻاهران ڊراپ ڪري ٻي ڏينھن جو شيڊيول طئي ڪري هن کي اجازت ڏنيسين. هو صبح جو سوير اچڻ جو واعدو ڪري گهر هليو ويو.
اسان پنھنجن پنھنجن هوٽل جي ڪمرن جو رخ ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ پاڻ ٿڪل نہ هئاسين. پر ساڳي جاءِ تي نوسو پينيدا جي ايڏي فطري سونھن پسي، پاڻ بلڪل فريش ٿي ويا هئاسين. تازي پاڻيءَ جو شاور ورتوسين، جنھن ۾ ٻہ مزا هئا: گرم پاڻي بہ هيو تہ ٿڌو بہ. خوشگوار ماحول ۾ فريش ٿي، ٻاهر هيٺ لٿاسين. ڊاڪٽر ۽ مان ڪمري کان نڪري هيٺ هوٽل جي لائونج ۾ اچي ويھي رهياسين. جاني ۽ پرتاب بہ ٿوري دير ۾ اتي اچي نڪتا. پاڻ هوٽل جي مھاڳ واريون ڏاڪڻيون لھي، روڊ تي بيھي ٿوري دير لاءِ ٽريفڪ ۽ شھر جي ماحول جو جائزو وٺڻ لاءِ هوٽل جي اڳيان بيھي وياسين.
پاڻ سوچي رهيا هئاسين تہ هن دفعي شھر جي ڪھڙي پاسي رخ ڪجي. ساڄي يا کاٻي. مون پرتاب کي چيو تہ، ” سائين پاڻ ليفٽ جا ماڻھو آهيون، پاڻ سدائين ليفٽ کي لفٽ ڪرائيندا آهيون ۽ رائيٽ وارن کي پڇندا بہ نہ آهيون. ان ڪري اڄوڪي بالي جي شام رائيٽ وارن جي نانءُ .“

بيڪري واريءَ جا قرب

هوٽل کان ساڄي پاسي پاڻ نڪري پياسين. ڦٽ پاٿ تي چهل قدمي ڪندا، سائين بورڊ پڙهندا، ڦٽ پاٿ سان گڏ موجود دڪانن جي باري ۾ ڄاڻ وٺندا، اڳتي هلندا رهياسين. هاڻي پاڻ جتان گذرون پيا اتي هڪڙي بيڪري نظر آئي. دوستن جي صلاح هئي تہ هن بيڪري جي بسڪوٽن جو مزو وٺجي. سو پاڻ ان ارادي سان بيڪري طرف وڌڻ لڳاسين. بيڪري جي شيشي واري گيٽ جي اڳيان گارڊ ويٺا هئا. انھن گارڊن کي سلام ڪندي پاڻ بيڪري ۾ داخل ٿياسين. هي اسان کي انتھائي صاف سٿري بيڪري لڳي، جنھن ۾ ٽوٽل بسڪوٽ وغيرہ سڀ شيشن واري شوڪيسن ۾ سجائي رکيا ويا هئا. ڪائونٽر تي بہ بسڪوٽن جھڙي خوبصورت ڇوڪري بيٺي هئي. جنھن اسان جي آجيان پنھنجي روايتي مرڪ سان ڪئي.
”توهان کي ڇا کپي، هينئر اسان بيڪري بند ڪرڻ وارا آهيون.“ هن مسڪرائي تڪڙ ۾ چيو. هن کي اسان جي حليئي مان ئي اندازو ٿي ويو هو تہ هي هتان جا ناهن، بلڪ فارينرس آهن.
”اسان اصل ۾ توهان جي بيڪري جو سواد چيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، توهان جي بيڪري جي سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽي ۽ مزيدار شيءَ ڪھڙي آهي. اسان کي انھن سڀني آئيٽمس مان ٿورو ٿورو خريد ڪرڻو آهي.“ هوءَ ويتر ڏاڍو خوش ٿي ويئي هئي. اسان بيڪري ۾ موجود ٻين آئٽمن جو جائزو وٺي رهيا هئاسين. جاني هن کي بسڪوٽن ڏانھن اشارو ڪندي بسڪوٽ خريد ڪري رهيو هو. مون کي محسوس ٿيو تہ هو ٿورو مونجهاري جو شڪار ٿي ويئي آهي. ڇو تہ هن جي بيڪري جو هر آئٽم مزيدار، لذيذ ۽ تازو ٺھيل هيو.
پوءِ بہ هن اشارو ڪندي چيو تہ، ”هي اسان جي روايتي بسڪوٽن جا آئٽم آهن. سڀ تازہ آهن، ڪابہ شي پاروٿي نہ آهي. اميد تہ توهان کي سڀ آئٽم پسند ايندا.“ هو اسان کي ٻي شيشي واري ڪائونٽر تي وٺي ويئي هئي. انھي دوران مون ڏٺو تہ هن جو اسٽاف (جنھن ۾ ٻہ ڇوڪرا ۽ هڪڙو گارڊ هيو) انھن ٻاهريون بورڊ وغيرہ لاهي اندر رکي ڇڏيو هيو، ۽ هو بيڪري کي بند ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. ڇو تہ شايد بيڪري جي بند ڪرڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. هن مختلف بسڪوٽ چونڊي پيڪيٽ ۾ بھترين نموني سان پيڪ ڪري ڏنا.
”توهان ڪھڙي مُلڪ کان آيا آهيو؟“ هن ڇوڪري انھتائي معزز انداز ۾ اسان کان سوال ڪيو“.
”اسان پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيا آهيون، وئڪيشن گذارڻ.“ ڊاڪٽر هن کي اهڙي ئي پيار واري انداز سان جواب ڏنو.
”ڀلي آيو انڊونيشيا، توهان کي اسان جي ملڪ جو هي شھر بالي ڪيئن لڳو؟“ هن وري مون کان پڇيو.
”جھڙو ٻڌو هيوسين، تھڙو ئي ڏٺوسين، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ خوبصورت. بالي جي سونھن اسان سڀني کي موهي وڌو آهي. ڪاش اسان وٽ گهڻا ڏينھن هجن ها تہ جيئن بالي جي ڪنڊ ڪنڊ کي گهمي سگهون ها.“ مون هن کي سمجهائيندي چيو.
”اميد تہ توهان کي هتي تڪليف نہ آئي هوندي.“ هن ٻيھر مسڪرائي خاطري ڪرائيندي چيو.
”نہ بلڪل بہ نہ. هتان جا ماڻھو ڏاڍا ملڻسار، محبتي ۽ ڪو آپريٽو آهن. توهان جي مھرباني.“ هن جو شڪريو ادا ڪري پاڻ ٻاهر نڪري آياسين. ان بيڪري جي ئي ڪنڊ تي بجلي جي پول تنبو جي هيٺان بيھي بلب جي جهيڻي روشني ۾ انھن تازن بسڪوٽن کي اتي ئي کائي مزو وٺڻ چاهيون پيا. ڇو تہ هاڻي بک بہ لڳي هئي ۽ مٿان وري رات بہ واسو ڪري ويئي هئي ۽ اسان جي رولاڪين جو وقت ٿي چڪو هو. پر پيٽ ۾ ڪجهہ هوندو تہ رُلي پني سگهنداسين.
پيڪيٽ کولڻ سان ئي تازن بسڪوٽن جي خوشبو ساهن ۾ محسوس ٿيندي روحن ۾ واسو ڪري ويئي هئي. ٿورو ٿورو هر دوست بسڪوٽن جو ذائقو چکي رهيو هو. واقعي هن جيڪي بہ ننڍا ننڍا آئٽم ڏنا هئا، اهي سڀ مزيدار ۽ لذيذ هئا. هن پيڪيٽ ۾ تمام گهڻا مختلف آئٽم وڌا هئا، جنھن جي هر بسڪوٽ جو الڳ ذائقو هيو. ڪو بہ بسڪوٽ ڊبل ۾ نہ هيو. ان ڪري سڀني جي ذائقي وٺڻ خاطر جاني انھن بسڪوٽن جا حصا ڪري سڀني دوستن کي کارائي رهيو هو. تہ جيئن ڪو بہ دوست ڪنھن بسڪٽ جي ذائقي کان محروم نہ رهجي وڃي. تمام بھترين ذائقي دار ۽ کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ بسڪوٽ هئا. ائين لڳو پئي تہ هاڻي ئي بٺي مان پچي نڪتا هجن. هتان جي سٺي ڳالھہ اها لڳي تہ هتي هر شي تي ان جي ٺھڻ جي تاريخ ۽ ان جي ختم ٿيڻ جي تاريخ درج ٿيل هئي. اسان وٽ تہ دڪاندار ڌوڪو ڪري expire شيون بہ هلائي وينداآهن.

موسيقيءَ جا اوزار

بيڪري جي مزيدار بسڪٽن جو مزو ماڻي پاڻ شھر جو رخ ڪيوسين. سامھون کان روڊ جو چوراهو پار ڪري کاٻي پاسي لڙي پياسين. هلندا هلندا ڪڏهن روڊ تان تہ ڪڏهن ڦٽ پاٿ تان، اڳتي وڌندا رهياسين. پاڻ کي ٽريفڪ کان بہ بچائيندا رهياسين تہ ڪٿي ڪنھن تيز رفتار اسڪوٽر، ڪار، يا ٽيڪسي جي ٽڪر جو شڪار نہ ٿي وڃون.
پر پاڻ جنھن بہ چوراهي کي پار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئيسين ۽ اتفاق سان ڪا گاڏي، ڪا ڪار، ڪا موٽرسائيڪل، يا ڪا بگي اڳيان اچي پئي ويئي تہ حضرات ڊرائيور بريڪ هڻي اتي ئي بيھندي اسان کي روڊ پار ڪري وڃڻ جو اشارو پئي ڪيو. ان جو مطلب اهو هيو تہ توهان اڳ ۾ نڪري وڃو. جيڪا خوش آئند ڳالھہ هئي. نہ تہ اسان وٽ تہ ڪو بيھڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هر ڪنھن کي پنھنجي تڪڙ هوندي آهي. هاڻي پاڻ جنھن دڪان جي اڳيان گذرون پيا، اهو موسيقي جي اوزارن يا آلات جو بھترين دڪان هيو، جتي خاص ڪري، هارمونيم، بينجو، بانسري، شرنائي، گٽار، ڪيسيو، دهل ۽ ٻين موسيقي جي آلاتن سان گڏ بھترين قسم جا طبلا پڻ پيل نظر آيا.
مون کي خيال آيو تہ يار ڊاڪٽر منير عباسي صاحب جي ميوزڪ اسٽوڊيو لاءِ هتان ئي طبلا وٺجن ۽ ان سان گڏ اسان جي پياري دوست اعجاز سولنگي لاءِ بہ هارمونيم وٺي هلجي. دوست ڏاڍو خوش ٿيندا. جيئن تہ معمول موجب هن دڪان جي مالڪي جون واڳون بہ ڪائونٽر تي خوبصورت ليڊي جي هٿ ۾ هيون. جان هن کان طبلن ۽ هارمونيم جي باري ۾ پڇڻ لڳو.”توهان مان ڪو طبلي ۽ هارمونيم جي باري ۾ ڄاڻ رکي ٿو.“ هن اسان کان پڇيو. ”ڪو بہ نہ.“ جاني هن کي جواب ڏنو. ”پوءِ توهان کي ڪيئن خبر پوندي هنن اوزارن جي؟“ هن ٻيھر پڇيو
هن اسان کي سمجهائيندي وڌيڪ سٺي صلاح ڏني تہ، ”جيڪڏهن توهان کي هنن اوزارن جي ڄاڻ بنھہ ناهي تہ توهان هي شيون نہ وٺو.“
پوءِ دوستن صلاح ڪئي تہ هي شيون وٺون بہ سھي ۽ هتان کان ايترو پري کڻي بہ هلون، پر اُتي اعجاز سولنگي يا ڊاڪٽر منير عباسي کي اهي نہ وڻن يا انھن جي معيار جا نہ هجن ۽ هو چون تہ هي تہ ڪم جا ئي ناهن تہ اسان جي تہ پوءِ هڙ ويئي نہ. سو اسان اهو سوچي هنن شين کان هٿ ڪڍيا. ان ڪري هن ليڊي کان معذرت ڪندي دڪان کان ٻاهر نڪري آياسين.
جاني کي بہ طبلي وڄائڻ جو ڏاڍو شوق آهي، پر هن وٽ نہ سکيا آهي ۽ نہ ئي وري طبلي جي ڄاڻ. ان ڪري جاني کي چيم تہ، ”ٻي دفعي اينداسين تہ اعجاز پنھور، اعجاز سولنگي ۽ ڊاڪٽر منير عباسي کي پاڻ سان وٺي اينداسين. اهي اسان کي سٺي طبلي جو پيس ڪڍي ڏيندا، طبلن جي نر مادي جي جوڙي هوندي آهي. خاص ڪري ڪلاسڪ موسيقي ۾ انھن جي وڏي اهميت هوندي آهي. ٻي صورت ۾ ڌڪڙائي بہ ڪم ڪري سگهن ٿا. موسيقي جي باري ۾ چند قول آهن تہ:


1. One good thing about music, when it hits you, you feel no pain....
2. Music is a moral law. ...
3. Where words fail, music speaks. ...
4. Without music, life would be a mistake. ...
5. I think music in itself is healing. ...
6. Music expresses that which cannot be said and on which it is impossible to be silent.

ڪاٺ جا لنگم ۽ ڀڙوو

اسان اڃان بہ واڪنگ اسٽريٽ ۾ هلي رهيا هئاسين. گهمندي گهمندي اهڙي دڪان جي اڳيان اچي بيٺاسين، جتي شاندار ڪپڙا ٽنگيل هئا. جنھن ۾ ٽي شرٽس، ٽرائوزرس، پينٽون، بيلٽ، چڍا، جيڪيٽس ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون شرٽون دستياب هيون. پرتاب جاني کي چيو تہ، ”اچو تہ هڪ ٻہ شرٽون ڏسون.“ پرتاب دڪان جي سيمنٽ واري ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهي مٿي هليو. اسان بہ هن جي پويان دڪان ۾ داخل ٿياسين. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ هيو تہ هتي ڪافي معياري قسم جا ڪپڙا هئا. پرتاب هينگر تي ٽنگيل شرٽون ڏسندي چيو تہ، ”مون کي ڪجهہ شرٽون وٺڻيون آهن.“
پر جڏهن هن دڪان جي مرد سيلز مين کان پڇيوسين تہ هنن شرٽن جا اگهہ ٻڌاءِ. هن جڏهن اگهہ ٻڌايا تہ خبر پئي تہ هن جا ريٽ تہ ٻين علائقن جي ريٽن کان گهڻو مٿي آهن. ان ڪري اسان دڪاندار کان معذرت ڪندي واپس ورڻ جي ڪئسين ۽ هيٺ لھي آياسين. پر دڪاندار اسان جي پويان هليو آيو ۽ اسان کي رعايتي اگهہ ۾ اهي شرٽون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هتي ياد رکو تہ بارگيننگ ڪرڻ تمام ضروري آهي، نہ تہ توهان مار کائي ويندو. ڇو تہ هتي هڪڙو اگهہ مقرر نہ آهي. جيتوڻيڪ پٺاڻن وارو ٻيڻو يا ٽيڻو اگهہ ڪونھي پر پوءِ بہ قيمتون مٿي ٻڌائين ٿا، پوءِ جتي گراهڪ ڦاسي. دوست خريداري ۾ مصروف ٿي ويا ها ان ڪري مان ۽ ڊاڪٽر هن دڪان جي مھاڳ واري حصي ۾ رکيل مختلف شين جو جائزو وٺڻ لاءِ اتي ئي ڦٽ پاٿ تي بيھي رهياسين. هن ڦٽ پاٿ تي سائيڊ ۾ دڪان جي اڳيان ڏاڪڻ جي پاسي ۾ ڪاٺ جو وڏو صندل پيل هيو. جنھن ۾ ننڍا ننڍا ڪيترائي ئي مختلف ائٽم رکيل هئا. هي آئٽم خاص ڪري دوستن يارن، مٽن مائٽن کي تحفن تحافن ۾ ڏيڻ لاءِ ڏاڍا سٺا هئا. انھن شين ۾ ڪاٺ جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مورتيون پڻ رکيل هيون. انھن مورتين جي پاسي ۾ لنگم جي شڪل ۽ سائيز جو ڪاٺ جا ڪيترائي لنگم مختلف سائيز ۾ پيل نظر آيا. ڊاڪٽر هونءَ بہ شرارتي تہ آهي ئي آهي. سمجهي تہ ويو هو تہ هي ڇا هي؟ پر هن وري بہ دڪاندار کي ڇيڙڻ لاءِ ان ڪاٺ جي لنگم کي هٿ ۾ پڪڙي دڪاندار کان پڇڻ لڳو تہ، ”برادر! هي ڇا هي.“ هن دڪاندار ڊاڪٽر کي عجيب نظرن سان ڪاوڙ ۾ گهوري ڏٺو پو وري مسڪرائي چيائين، ” توهان کي خبر ناهي تہ هي ڇاهي.“
”مان سمجهان ٿو تہ هي ڪھڙي بلا جو نالو آهي، پر هتي سرعام ڇو رکيو ويٺا آهيو، ڪا نياڻي سياڻي ڏسي تہ پوءِ.“ ڊاڪٽر هن کي سمجهائيندي چيو.
”جي نہ هتي عورتن کي هن لنگم جو ڪو فرق نہ ٿو پوي. اهي تہ شوق سان وٺن ٿيون. ٻي ڳالھہ تہ اسان وٽ هن شئي جي پوڄا ٿيندي آهي. اسان هن تي گل چاڙهيندا آهيون، اگربتيون ٻاريندا آهيون. توهان شايد هتي نوان آيا آهيو، ٻن ٽن ڏينھن ۾ توهان کي خبر پئجي ويندي تہ هي ڪيڏي قيمتي شي آهي.“
هن ڊاڪٽر کان اهو ڪاٺ وري لنگم وٺي ساڳي جاءِ تي رکي ڇڏيو. هن کي خبر هئي تہ اسان اها شي نہ وٺنداسين.
پرتاب ۽ جاني خريداري پوري ڪري هيٺ لھي آيا. اسان جيئن ئي اڳتي نڪتاسين تہ اهو ساڳيو ئي دڪاندار اسان جي ويجهي اچي رازداري سان چوڻ لڳو، ” مون وٽ هر مال موجود آهي.“ اسان حيران ٿي وياسين تہ هي همراھہ سيلز مين سان گڏ ڀڙوو بہ آهي. جيڪو اتي مسئلو ئي نہ هيو. هن زور ڏيندي چيو تہ توهان ڀلي موڊ نہ ٺاهيو پر توهان هڪ دفعو ڏسو تہ سھي. مون کي پڪ آهي تہ اهي خوبصورت ماڻھو توهان کي پسند ايندا ۽ جي توهان کي نہ وڻن تہ پوءِ توهان هليا وڃجو. پر اسان مان ڪو بہ دوست ڏسڻ جي حد تائين بہ راضي نہ ٿيو. مون کي لڳو تہ اسان هن کي انڪار ڪري هن جي توهين ڪئي هئي. ڀلا ڏسڻ ۾ ڇا هيو...

نانگ جي کل وارو فروٽ

Snake Skin Fruit

پاڻ ان ئي گهٽي جي کاٻي پاسي کان لڙي پياسين، جتي ڦٽ پاٿ تي ئي ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي ننڍڙي صندل تي نوجوان ڇوڪري تازا ميوا کپائي رهي هئي. فروٽ جي خوشبوءَ مان ئي خبر پئي تہ فروٽ تازو آهي، ان اسان کي اتي ئي بيھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هڪڙي نظر سڄي فروٽ تي وڌيسين، اناناس سڀني کان وڌيڪ اٽريڪٽ ڪيو. فروٽ جي مالڪياڻيءَ کان اناناس paineapple جو پڇيوسين، فروٽ جا اگهہ نارمل هئا، ان ڪري پائين ايپل خريد ڪري هن کي چيوسين تہ، ” اهو ڪٽي.ٽڪرا ڪري ڏيو، پاڻ هتي ئي کائينداسين.“
مون ڏٺو تہ هن جي صندل تي اسان جي ملڪ جا تہ هون ئي ڪيترائي فروٽ پيا هئا، جيئن ڪيلا، انگور، موسمي، نارنگي، ٻير، ناشپتي، زيتون، آلو بخارا، زردالو وغيرہ، پر انھن ۾ ڪجهہ نوان فروٽ بہ اسان کي ڏسڻ ۾ آيا.
مون کي هڪڙو فروٽ آلو بخاري جي سائيز جو ساڳي ئي رنگ ۾ پر نانگ جي کل جھڙو نظر آيو. مون ڊڄندي ڊڄندي ان فروٽ تي هٿ وڌو ۽ اهو هٿ ۾ کڻي هن کان پڇيم تہ، ” هي ڪھڙو فروٽ آهي.“
”هي سنيڪ اسڪن آهي.“ (نانگ جي کل وارو) هن جواب ڏنو.
”هن جو ذائقو ڪيئن آهي؟“ مون هن کان پڇيو.
هن هڪدم اهو فروٽ منھنجي هٿ مان وٺي ان کي هٿ سان ئي چيري ان جي کل لاٿي تہ ان جي اندران سفيد رنگ جو فروٽ ۽ ان ۾ ڪاري رنگ جي بلور جيڏي ککڙي نظر آئي. مون اهو کاڌو تہ ان جو ذائقو مون کي ليچي جھڙو مٺو لڳو. مون کي ڏاڍو سٺو لڳو.
مون هن کي چيو تہ، ” هن جو بہ اڌ ڪلو ڏيو.“
انھن فروٽن ۾ ڊريگن فروٽ بہ هيو هاڻي ڊريگن ڪراچي ۽ پاڪستان جي وڏن شھرن ۾ بہ ملي ٿو. مطلب تہ ڪافي مختلف فروٽ هئا. جيڪي اسان پاڪستان ۾ نہ کاڌا هئا.
هن اناناس کي ڪمال جي ڪاريگري سان ڇلي، ان جي کل لاهي ان جا پيس ڪري، اهي شاپر ۾ وجهي ۽ ان شاپر ۾ ڪاٺ جا چنہبدار اسٽڪ وجهي، ٿيلھي اسان جي حوالي ڪئي. هي ڪاٺ جا مضبوط چهنبدار اسٽڪ هٿ جي چنبي کان وڏا ۽ سنھڙا هئا.
ان ئي واڪنگ اسٽريٽ جي ٻنھي پاسن کان خوبصورت مساج سينٽر هئا ۽ هوٽل جي ٻاهران خوبصورت ناريون اڌ ننگيون ۽ عاشقانہ انداز ۾ ماڻھن کي موهي رهيون هيون. هي بہ بازار حسن جي گهٽي هئي. مون ڏٺو تہ هتان جون واڪنگ اسٽريٽس بازار حسن جا ڳڙھہ آهن. جتي توهان جي من کي جيڪو جسم وڻي، توهان حاصل ڪري سگهو ٿا.
واڪنگ اسٽريٽ تان هلندا رهياسين. دڪانن تي، گهٽي ۾ موجود سڀني ديوين جي دلفريب ادائن کي نظرانداز ڪندا، هڪٻئي کان ڇڙوڇڙ ٿي پيار جي پنڌ کي سلام ڪندا رهياسين. جڏهن رولاڪيون پنھنجي عروج تي پھتيون تہ بک دانھن ڪندي ماني جي ڊمانڊ ڪئي. بک جي ان آرزو کي اهميت ڏيندي، ڪنھن انڊين هوٽل جي تلاش ۾ رولاڪيون ڪندا، ڀٽڪندا ۽ پڇندا نيٺ اچي پھتاسين.
هڪڙي ڳالھہ ذهن ۾ رکو تہ انڊين هوٽل جي ماني توهان کي عام هوٽل جي ماني کان وڌيڪ مھانگي پوي ٿي. ان جو سبب اهو آهي تہ انڊين هوٽل گهٽ آهن. ڇو تہ هتي توهان جي مزاج جا کاڌا ملن ٿا ۽ ٻين هوٽلن ۾ نہ. ٻيو تہ هنن هوٽلن وارا سمجهندا آهين تہ هنن هوٽلن جي ماني ايشين سياحن خاص ڪري پاڪستانين، بنگالين ۽ انڊين ماڻھن کي هر صورت ۾ وڻندي، ان ڪري هو پنھنجا من پسند پيسا وٺندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ انھن هوٽلن جي ماني انتھائي لذيذ، تازي، مزيدار ۽ ذائقي واري هوندي آهي ۽ ان ڪري اهي پئسا بہ پنھنجي مرضيءَ جا چارج ڪندا آهن.

انڊين هوٽل جي مزيدار ماني

نيٺ اسان ڳولھي ڳولھي ان بازار حسن جي رنگينين ۾ رنگجي اچي هوٽل تي پھتاسين. انڊين اردو ڳالھائيندڙ همراھہ اسان سان ڦٽ پاٿ تي ئي ٽڪرائجي ويو ۽ هن اسان سان اردو ڳالھائيندي چيو تہ، ”هتي توهان کي مزيدار معياري ماني ۽ توهان جي پسند جي گهاٽي ۽ دود پتي چانھہ ملندي.‘‘ هو اسان جو مزاج سمجهي ويو هو تہ چانھہ جي ڳالھہ هنن کي مجبور ڪندي. سو اسان ان ويٽر جي ڳالھہ کي مان ڏيندي هوٽل ۾ گهڙياسين، تہ هوٽل ۾ موجود ٻي بيري اسان کي اشارو ڪندي چيو تہ، ”توهان مٿي پورشن ۾ هليا وڃو، مٿي خالي آهي، هيٺ رش وڌيڪ آهي.“
پاڻ مٿي پورشن ۾ ڪاٺي جي ڏاڪڻ جي ذريعي هليا وياسين. اسان کي گهڻو انتظار ڪرڻو پيو، ڇو تہ گرم گرم تازي ماني پچي رهي هئي. جڏهن ماني آئي تہ ڏسڻ سان ئي ٻوڙ جي رنگ ۽ خوشبو مان اندازو ٿيو تہ ماني مزيدار آهي. جيتوڻيڪ اسان مان ڪو بہ پيٽو نہ آهي، سڀ دوست هڪڙي ڊڳڙي کائڻ وارا ماڻھو آهن، پر جيئن تہ سڀني کي بک لڳي هئي ۽ مٿان وري ماني بہ تازي ۽ لذيذ هئي، ان ڪري اسان جي دوست اقبال ايس سولنگي جي چواڻي تہ ماني ڇڪي کائو. ان ۾ ڪو شڪ نہ هيو تہ انتھائي بھترين ۽ سواد واري ماني هئي. ماني کان پوءِ مٿان جڏهن غضب جي ڦوٽن جي خوشبو واري چانھہ جو دور هليو تہ صفا نشا ٿي ويا. ڀريل پيٽ جا بہ پنھنجا نخرا ۽ نشا هوندا آهن. هن مھل اسان جي عياشي صفا دنگ ٿي ويئي. ۽ جڏهن ٿوري دير کان پوءِ چانھہ جي مٿان گولڊ ليف جو سگريٽ دکايم تہ ائين لڳو تہ عياشي جي ڄڻ انتھا ٿي ويئي هجي. هاڻي جڏهن عياشي دنگ ٿي ويئي هئي تہ پوءِ باقي جيئڻ جو مقصد ڪو بہ مقصد نہ پيو نڪري. ان ڪري دل چوي پئي تہ هاڻي مري وڃڻ گهرجي. پر اسان جا هوش ان وقت خطا ٿي ويا، جڏهن اسان جي اڳيان ماني جو بل آندو ويو . پاڪستاني حساب مطابق اسان ساڍن ٻارنھن هزار روپين جي ماني کائي ويا هئاسين. جيڪو تمام وڏو بل هيو. هن بل اسان جي عياشي جا کيپ ٽوڙي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ڇڏيو هو. ڇو تہ هتان جي رقم جي مطابق اسان ساڍا پنج لک انڊونيشن روپين جي ماني کائي چڪا هئاسين. ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو، ”مار ايڏي ماني کائي وياهون. ڳوٺ ۾ تہ ايترن روپين ۾ سڄو ڳوٺ کائي ها.“ هاڻي صلاح ڪئيسين تہ ايتري ماني کائڻ کان پوءِ هوٽل تائين واڪ ڪجي تہ بھتر، سو بہ واڪنگ اسٽريٽ تان تہ جيئن ماني بہ هضم ٿئي ۽ اسان جا دک درد بہ دور ٿين. پرتاب تہ هون ئي پنڌ جو ڪوڏيو. جاني بہ پنڌ جو پويون ڏينھن، باقي منھنجي ۽ ڊاڪٽر جي پنڌ سان لڳي ئي ڪانہ.
سو ائين ئي پاڻ کي گھليندا گھليندا، هنن دوستن جي پويان هلندا، اچي هوٽل پھتاسين. هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ مون ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر توهان کي ڪنھن چيو تہ ايڏي ماني کائو.“ ڊاڪٽر کلي ڏنو چيائين، ”هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پيٽ جو مسئلو تہ حل ٿيو باقي ٻي پيٽ جي مسئلي جيڪڏهن ڪر کنيو تہ ان کي بہ منھن ڏيئي وينداسين.“ ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڊاڪٽر سان ڪچھري ٿيندي رهي، پوءِ هر ڪو پنھنجن بسترن جي ور چڙهي ويو.

اُبُد ڏانھن اڏام

13.07.2023 صبح جو سوير اٿياسين، هوٽل تي ئي ناشتو ڪري، هيٺ لٿاسين. پيٽر اسان جو اڳ ۾ انتظار ڪري رهيو هو. هن جي ڀٽاري بلو برڊ تيار بيٺي هئي. اڄ هو اسان کي ڇا پيو گهمائي، اهو اسان هن تي ڇڏي ڏنو هو. هو هاڻي بالي جي رستن تي ٽيڪسيءَ کي ڊوڙائي رهيو هو. روڊ تي ٽريفڪ روان دوان هئي. اسان جي ٽيڪسي جي اڳيان اڳيان اسڪوٽر هلي رهيو هو. اسڪوٽر واري جي پويان، اسڪوٽر جي ڪيريئر تي وڏو ڊٻو رکيل هيو. جنھن تي انگريزي م لکيل هيو” imagine you know what you are doing ”.
ان موٽرسائيڪل کي هڪڙي ٻي موٽر سائيڪل ڪراس ڪيو. هن موٽر سائيڪل ۾ انگريز جوڙو هيو. اڳيون مرد انگريز موٽر سائيڪل هلائي رهيو هيو ۽ جڏهن تہ هن جي پٺيان انگريزياڻي پٺي اگهاڙي ويٺل هئي. هتي تقريبن هر جاءِ، هر علائقي ۾ توهان کي ڪرائي تي اسڪوٽر يا اسڪوٽي ملي ويندو. ان لاءِ يا تہ هو توهان کان پاسپورٽ وٺندا يا وري ڪجهہ وڏي رقم ضمانت طور رکي ڇڏيندا. توهان ڪوشش ڪيو تہ ان اسڪوٽر يا اسڪوٽي جي تصوير يا وڊيو اڳ ۾ ئي ٺاهي ڇڏيو، ڇو تہ جيڪڏهن توهان طرفان اسڪوٽر کي ڪو نقصان پھتو تہ توهان ان نقصان جو خرچ ڀري ڏيندو پر جيڪڏهن توهان کان اڳ ۾ ئي ان کي ڌڪ آيل آهي تہ توهان ان کي وڊيو ڏيکاري تصديق ڪري سگهو ٿا. سو مون کي لڳو تہ هي جوڙو بہ ڪرائي جي موٽرسائيڪل هٿ ڪري گهمي رهيا آهن. اڄڪلھہ تہ ڪنھن کان پڇڻ جي ضرورت نہ آهي، توهان وٽ موبائيل آهي ۽ نيٽ بہ آهي تہ توهان گوگل ميپ جي مدد سان جتي چاهيو وڃي سگهو ٿا. هاڻي تہ اهو خيال ئي ختم ٿيندي ڏسان ٿو تہ؛ ”پڇڻا نہ منجهڻا.“ پر اهو سچ آهي تہ ڪٿي ڪٿي گوگل بہ غلط ٻڌائي وڃي ٿو. توهان ان ئي علائقي ۾ هوندو ۽ ان پوائنٽ تي پيا گهمندو پر توهان کي خبر نہ پوندي، هي ڏاڍو صاف سٿرو علائقو هو. جيئن اسان وٽ اسلام آباد. هلڪي هلڪي برسات هلي رهي هئي. پيٽر ڏاڍو مزي سان پرسڪون طور تي گاڏي هلائي رهيو هو. ڊاڪٽر پيٽر کي چيو تہ صبح جو پرنور وقت آهي، ڪنھن مندر جو درشن ڪرايو تہ بھتر ٿيندو. انھي تي پيٽر چيو تہ، ”هتي ئي اڳتي چوراهي تي قديمي مندر آهي توهان کي وٺي ٿو هلان.“

قديمي مندر جو بيباڪ جهونو پوڄاري

مختلف چوراهن تي بيھندي، سائي اشارن جو انتظار ڪندي، اڳتي وڌندي نيٺ اچي ڳاڙهي اشاري تي پيٽر بيھي رهيو. پيٽر چيو تہ، ”سائين لھي اچو مندر اچي ويو آهي.“
چوراهو ڪراس ڪري، روڊ جي سائيڊ تي ٽيڪسي کي بيھاري، پيٽر هڪڙي وڏي لوهي گيٽ واري قديمي مندر جي اندر داخل ٿيو .هن مندر جي اڏاوت ٻڌائي رهي هئي تہ هي مندر گهڻو پراڻو آهي. ان کان علاوہ هن مندر جي احاطي مان ئي لڳي رهيو هيو تہ هي مندر ڪافي وڏو آهي.
اسان گيٽ جي ٻاهر پيٽر جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. ٿوري دير کان پوءِ پيٽر واپس آيو، پر هڪ دفعي هو پاڻ سان گڏ هڪڙو سٺ سال جو نوجوان پوڙهو پوڄاري بہ ساڻ وٺي آيو. جنھن جي شخصيت ۾ ايڏو جوش، جنون، ولولو ۽ جذبو هو، جو هن اسان جي آو ڀڳت اهڙي تہ پيار ۽ پاٻوھہ سان ڪئي، جو هو ٿوري دير ۾ ئي اسان جو دليون هائيجڪ ڪري، اسان کي پنھنجو ڪري ويو هو.
چوندا آهن تہ محبت جي هٿيار سان ئي دلين کي هائيجڪ ڪري سگهجي ٿو. اهو سچ آهي. هن پوڄاري مندر کان ٻاهر نڪري اچي اسان جو گرم جوشي سان استقبال ڪري، پاڻ پوئين پير هڪدم مندر ۾ واپس ڀڄندو ويو، وڃي ٻين ماڻھن کي اسان جي استقبال لاءِ وٺي آيو. هن سان گڏ ٽي چار ٻيا ماڻھو بہ آيا هئا. هو اسان کي مندر ۾ اندر وٺي ويو هو، هن پوڄاري کي مٿي تي پٽڪو ۽ هيٺ هتان جي ثقافتي ڌوتي ٻڌل ۽ پيرن ۾ چمپل پاتل هئي. انتھائي سادي قسم جو هي ماڻھو اندر ۾ مڻين محبتن جا دستا سمايل هئا.
هن اسان جو استقبال اهڙي بھترين نموني سان ڪيو، جو ائين لڳو تہ هن کي اسان جي اچڻ جي گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ هو ان خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپيو. هو تڪڙ ۾ مندر ۾ ويو ۽ اتان ٻہ ڌوتيون کڻي اچي پرتاب ۽ ڊاڪٽر کي پارايون ۽ اسان کي چيائين تہ، ”توهان ائين ئي صحيح آهيو.“
پيٽر بہ اسان سان گڏ مندر ۾ هليو آيو هيو. پيٽر جيتوڻيڪ عيسائي هيو پر هو ان پوڄا پاٺ ۾ شريڪ ٿيو هو. مون پيٽر کي سمجهائيندي چيو تہ، ” انسانيت جو مذهب دنيا جي سڀني مذهبن کان اُتم آهي. اسان کي هن پوڄاري جي جذبن جو احترام آهي.“ پوڄاري اگربتيون ٻاري، ڪجهہ پڙهڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ هن عالم انسانيت لاءِ دعا گهري، جيڪا ڳالھہ مون کي ڏاڍي وڻي.
ڊاڪٽر ۽ پرتاب کي ڪجهہ اگربتيون ڏيندي چيو تہ، ”هن سامھون واري ديوتا کي ڀيٽا ڏيو.“ اسان جي ٻنھي دوستن احترام ۾ پيرن مان بوٽ لاهي پيرين اگهاڙي، ان ديوتا جي پاسي کان ٻہ ٽي ڏاڪا چڙهي، اتي اگربتين سان گڏ پنھنجي من جي مراد جا گل پوکيا هئا. پوڄاري ڏاڍو خوش هيو. هو اسان جي مان ۾ هر ڪم ايڏو تڪڙ ۾، جذبي سان سرشار ٿي ڪري پيو، جو ان مان لڳي پيو تہ هن جي اندر مان محبتن جا گل ڦٽي ٻاهر پئي آيا. ان سان گڏ اهو بہ تاثر جڙي پيو تہ شايد هن مندر ۾ سالن کان ڪو ٻاهريون سياح نہ آيو هوندو. جو هن پياري پوڄاري اسان جي اچڻ تي هن ايڏو وڏو مان ڏيئي مانڊاڻ مچايو هو. هن جي پيار ۽ خلوص جو ڪاٿو ئي نہ پيو لڳائي سگهجي.
ڪيڏي مھل تہ مون کي ائين محسوس ٿيو تہ پوڄاري پاڻ ڪٿي محبتن جو ديوتا تہ نہ آهي. هن اسان کي پيار سان پرساد جي ونڊ ڪرائي، ويتر پنھنجو ڪري ڇڏيو هو. هن جي جذباتي طبيعت جي ڪري اسان پاڻ سڀئي جذبات ۾ اچي ويا هئاسين، اسان ۾ ڪو روح ڦوڪجي ويو هو. پوڄاري هاڻ منھنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اسان کي الوداع ڪرڻ لاءِ مين گيٽ تائين اسان سان رليو آيو. جھڙي ريت هن جي ملڻ جو انداز منفرد هيو، ساڳي ريت هن جي موڪلائڻ جو انداز بہ نرالو ۽ موهيندڙ هيو. موڪلاڻي مھل بہ هن سڀني کي ڀاڪر پائي، چميون ڏيئي، دعائون ڏيندي الوداع ڪيو.
واقعي ئي لڳي پيو تہ هن پوڄاري مندر جي وڏي سيوا ڪئي آهي. ان ڪري هن جي نصيب ۾ ماڻھن سان محبت ڪرڻ آيو هو. سلام آ پوڄاري توکي. زندگي رهي تہ ان پوڄاري سان ملڻ انڊونيشيا ضرور وڃبو. لطيف جو بيت ياد ٿو اچي تہ؛
سيوا ڪر سمونڊ جي، جتي جر وهي ٿو جال،
سوين وهن ٿا سير ۾ ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو ملئي مال تہ پوڄارا پُر ٿئين.

اُبد جي قديم مارڪيٽ ۾

هي اٻھرو ڊرائيور بنھہ نہ هيو. جيتوڻيڪ هي تمام سوڙهو روڊ هيو ۽ ون وي هيو. پر تنھن جي باوجود هڪڙي پاسي کان ٽريفڪ وڃي رهي هئي تہ ٻي پاسي کان اچي رهي هئي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان تمام بھترين دڪان هئا ۽ ننڍا سنھا ڦوٽ پاٿ ٺھيل هئا ۽ انھن تي ٻوٽا يا وري ڇٻر پوکيل هئي. اڳتي هلي پيٽر گاڏي کي هڪڙي وڏي کليل ميدان ۾ پارڪنگ ڪندي چيو، ”تہ هي علائقو توهان پنڌ گهمو. ڇو تہ هتي هر جاءِ تي گاڏي نہ ٿا ڪاهي سگهون. ۽ هتي ٽريفڪ جو وڏو آزار آهي.“ ٽيڪسي پارڪنگ ڪري جيئن ئي هيٺ لٿاسين تہ برسات بہ شروع ٿي ويئي.
پاڻ پنڌ هلڻ لڳاسين. پيٽر کي پاڻ منع ڪئي هئي تہ پاڻ مونڪي گارڊن نہ هلنداسين. ڇو تہ اتي سواءِ ڀولڙن جي ٻيو ڪجهہ هيو ئي ڪونہ ۽ اسان پاڻ کي ڀولڙن جي هٿان زخمي ڪرائڻ نہ پيا چاهيون. هاڻي پاڻ پنڌ ڪندا، دڪان ڏسندا هڪڙي دڪان جي اڳيان اچي بيھي رهياسين. هي ڪتابن جو دڪان هو. جنھن جي بورڊ تي لکيل هو؛.
Best bookshop in Bali. Imported Books and Magazine.
ڪتابن جي هن دڪان جو نالو Periplus هيو، پر اسان جي بدقسمتي جو هي دڪان ان وقت بند هيو. پاڻ ڪتابن جو ديدار فقط شيشن جي دروازن کان ٻاهران ئي ڪري پئي سگهياسين. هن دڪان جي هيٺان انڊر گرائونڊ پارڪنگ جو رستو هيو، جنھن جي مٿان اهو تمام وڏو ڪتابن جو دڪان ٺھيل هيو. اسان اڃان اڳتي مس هلياسين تہ سامھون کان روڊ جي پرئين پاسي وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”Sami Warun 9“ ۽ هن جي ان ئي بورڊ تي ننڍن اکرن سان لکيل هو cocktail Bar مون ڊاڪٽر جو ڌيان ڇڪرائيندي هن کي ان بورڊ ڏانھن اشارو ڪيو پر هن انڪار ڪندي چيو تہ، ” صحبت! پرھہ جي پياڪن واري لسٽ ۾ اسان جو نالو نہ آهي، توهان اڳتي هلو.“
اڳتي هلياسين تہ روڊ جي ڦٽ پاٿ تي ڪيترا ئي گل هيٺ پليٽ ۾ پيل نظر آيا، ان پليٽ ۾ اگربتيون بہ ٻري رهيون هيون. صبح صبح جو پھر هو. هرڪو پنھنجي روزي جي تلاش ۾ هيو. دڪان ڪي کليل هئا تہ ڪي کلي رهيا هئا. هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙي ٺڪر جي ڪونڊي تي ڪنوار ٻوٽي جو سائو اجڙيل ٻوٽو پيو هيو. هن ٻوٽي تي مٽي مھربان ٿيل هئي. هن جي ڪنڊن وارن پنن تي ڪي مڻين وارا تعويز ٽائيپ ڌاڳا پڻ ٻڌل هئا. مون تڪڙ ۾ ان جي تصوير بہ ڪڍي ورتي هئي.
سامھون کان هڪڙي ٻہ ماڙ بلڊنگ ڏٺي سين، جنھن جي ڇت نيپال جي پگوڊا جھڙي هئي، جنھن تي وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هو؛ Polo Ralph Lauren . هن عمارت جو سڄو رنگ نيرو هيو. اهڙي ريت هتي هن بازار ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا دڪان هئا. وڏو روڊ جنھن جي ٻنھي پاسن کان پانڌيئڙن لاءِ ڦٽ پاٿ ٺھيل هو. هڪڙي پاسي ڏندن جي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ پڻ نظر آئي. جنھن جي بورڊ تي وڏن اکرن سان لکيل هو Dokter GIGI (Dentist). .
مون ڊاڪِٽر کي چيو، ” سائين ڏندن جي ڊاڪٽر سان ملون.“ ”نہ يار ڏندن جا ڊاڪٽر مون کي سٺا نہ لڳندا آهن، ڇو تہ اهي ڏند ۽ ڏاٺ ڪڍي اسان جو برو حشر ڪري ڇڏيندا آهن. مون کي دل جا ڊاڪٽر وڻندا آهن، جيڪي دل جي ڪيفت کان واقف ٿي، دل جي درد کي محسوس ڪندي، دل جو خيال ڪندا آهن. هي تہ ظالم آهن. انبوريون کڻي ڇڪ ڇڪان ڪري ماڻھن کي ايذائن ٿا.“ پاڻ جيئن ئي اڳتي هلياسين تہ سامھون کان ٽيٽو جو دڪان نظر آيو مون وري بہ ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”توهان ٽيٽو تہ ضرور ٺھرائيندو.“ چيائين، ”ها،پر هتي نہ، ٿائيليڊ ۾.“

اُبُد جو ڪاروباري مرڪز

ائين هلندا رهياسين. ڊاڪٽر فون تي گفتگو بہ ڪندو رهيو. مون کي اردو ادب جي ڪنھن شاعر جو شعر ياد اچي ويو ؛
گفتگو کسی سے ہو، تیرا دھیان رہتا ہے،
ٹوٹ ٹوٹ جاتا ہے سلسلہ تکلم کا.
اسان سڀ ڊاڪٽر جي موبائيل سان ڳنڍيل هئاسين. ڊاڪٽر ٿورو بہ پري پئي ويو يا رينج کان ٻاهر نڪري پئي ويو تہ واءِ فاءِ ڊسڪنيڪٽ ٿي پئي ويو. سو پرتاب جو بار بار ڊاڪٽر کي گذارش ڪندو رهڻ تہ، ”ڊاڪٽر واءِ فاءِ آن ڪر.“
گهمندي گهمندي اڃان اڳيان هلياسين تہ هڪڙو سيلون جو وڏو دڪان نظر آيو. اسان ٿوري دير لاءِ اتي بيھي دڪان جو جائزو ورتوسين. هن سيلون ۾ ڏھہ ٻارنھن ڦرڻ واريون ڪرسيون پيون هيون. هن سيلون ۾ اسپا جي بہ سهولت موجود هئي. يعني هتي آڍڻ جو ڪم بہ ٿئي پيو. هن دڪان جو نالو، ” vive Salon & spa هيو. هي دڪان هن وقت کليل هو پر سڀ ڪرسيون خالي هيون. ڪو بہ گراهڪ نظر آيو. دڪان ۾ سڀ وارن ٺاهڻ واريون ڇوڪريون ويٺل هيون. هڪڙي ڇوڪري ٻاهر نڪري آئي، چيائين، ”وار ٺھرائيندو يا مالش ڪرائيندو؟“ جاني هن کي چيو، ”وار ٺھيل آهن، باقي،مالش جو موڊ ڪونھي.“ مون کي اعجاز پھنور منھنجو دوست ياد اچي ويو، هو هجي ها تہ هن کي ٻيو جواب ڏيئي ها. هو هن ڇوڪري کي جواب ۾ چوي ها، ”ڪھڙا وار.“ خير اسان مان ڪنھن کي بہ وار ٺھرائڻا نہ هئا، ڇو تہ سڀئي پنھنجا وار پاڪستان کان ٺھرائي آيا هئا، ان ڪري وارن جي ٺھرائڻ جي ضرورت نہ هئي. باقي مالش جي هئي پر ان لاءِ مان ۽ ڊاڪٽر بي وس هئاسين. مالڪي جا حقوق سڀ پرتاب ۽ جاني وٽ هئا.
سامھون کان هڪڙو ٻيو تمام وڏو دڪان نظر آيو جنھن جي ٻاهران ڳاڙهن ايمبوز ٿيل اکرن ۾ لکيل هيو. Blood +bone هن جي اندران تہ خالي ڪپڙا ٽنگيل نظر آيا، پر خبر ناهي تہ اتي هيو ڇا. ان کان اڳتي هلياسين تہ ٻي دڪان ۾ شرٽون، چڍا رکيل هئا، جن جي قيمت هئي. All in 299 يعني 299 جي هر شرٽ يا چڍو .
سامھون واري دڪان ۾ هڪڙي ناري صبح سان دڪان کولي پوڄا پاٺ ۾ رڌل هئي. هن جي هٿ ۾ ٽري هئي جنھن م مخلتف گل ۽ اگربتيون هيون. ان سان گڏ برگر ٽائيپ ڪا شي ان پليٽ تي پڻ پيل هئي ۽ هڪڙو پيالو بہ انھن سان گڏ رکيل هو. اتي ئي اڳيان وري هڪڙي عمارت هئي جنھن تي وڏن اکرن سان لکيل هو. Nanangart.shop جنھن جي ٻاهران تمام خوبصورت مورتيون رکيل هيون. ان سان وڏن وڏن بورڊن تي آرٽسٽ جي ڪمال جون تصويرون آرٽ ٿيل هيون. هي عمارت بہ پراڻي دور جي پئي لڳي.
رستن جي پاسن ۽ دڪانن جي ڪنڊن تي مختلف قسم جون مورتيون رکيل هيون جيڪي سيمنيٽ جون ٺھيل هيون ۽ انھن جي پاسن سان ڪيئي رنگ برنگي گل رکيل هئا تہ ڪٿي گل پوکيل هئا. هڪڙي جاءِ تي مون کي ڪنوار ٻوٽي جا ٻوٽا بہ پوکيل نظر آيا.

سيڪريٽ گارڊن جو تجسس

ڦٽ پاٿن تي سجايل ڪيتريون ئي شيون جنھن ۾ ناريل جي کوپن جا ٺھيل وٽا، وٽيون، پليٽون، ٿالھيون دل جي شيپ جون وٽيون، مڇيءَ جي نموني واريون پليٽون، ڪاٺ ۽ ٺڪر جو سامان اهڙي تہ خوبصورت نموني سان ٺاهيو ويو هو جو دماغ دنگ رهجيو وڃي. سوچون پيا تہ ڪيڏي نہ ڪمال جي ڪاريگري سان ڪم ڪيو ويو آهي. اڳيان هلندي ڏٺوسين تہ هڪڙو دڪان آهي جنھن تي لکيل آهي Secret Garden وري اتي ئي لکيل هيو؛ Balinese beauty secret اتي ئي بورڊ لڳل هو جنھن تي لکيل هو free gift . اندر دڪان تي ليڊي ويٺل هئي.
خبر ناهي هي ڇا جو باغ هيو. ڪھڙي راز واري شيءَ هتي هئي. گارڊن کي سيڪريٽ ڇو ڪيو ويو هو. ڇا ڪو هتي جادو هيو. يا اڃان ٻيو ڪم. رازداري وارو اهو آخر ڪھڙو ڪم هيو،جنھن کي خفيا رکيو ويو هو. دڪان جو هي عجيب نالو مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو. مان ٿوري دير لاءِ اتي بيٺي ان سيڪريٽ گارڊن جو تجزيو ڪرڻ لڳس. وري بالينيس بييوٽي سيڪريٽ بہ منجهائي ڇڏيو هو. سونھن کي سيڪريٽ ڇو رکيو ويو. هي خدائي نعمت آهي. ان کان اڳ ۾ جو مان ان دڪان ۾ اندر وڃان، مون ڏٺو تہ منھنجا ٽيئي دوست مون کان گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. هنن پوئتي نھارڻ بہ گوارا نہ ڪيو هو. ان ڪري مان ان ڳجهہ کي ائين ئي جئين جو تئين ڇڏي دوستن جي پويان تڪڙا قدم کڻڻ لڳس.
اسان کي جيئن تہ اڳتي هلڻو هو. پيٽر بہ اسان سان گڏ هلي رهيو هو. هاڻي پاڻ هڪڙي شاپنگ سينٽر جي انڊرگرائونڊ رستي مان داخل ٿياسين. سامھون ڪچري کڻڻ واري ٽرڪ بيٺي هئي. ڪو دوست واش روم ۾ پيشاب ڪرڻ ويو هو. اتي ڌپ هئڻ ڪري نہ بيھي سگهياسين. سو اتان ئي اندران اندران سائيڊ واري ڏاڪڻ ذريعي مٿي شاپنگ سينٽر ۾ داخل ٿياسين.
پرتاب کي ٽوپين جو گهڻو شوق آهي. هن هڪڙي ناري جي دڪان تي جنھن وٽ مختلف قسمن جون ٽوپيون رکيل هيون، سڌو اتي اچي بيھي رهيو. خبر ناهي تہ ٽوپين ۾ ڪشش هئي يا ناريءَ جي سونھن ۾. هن پرتاب کي ڪيتريون ئي ٽوپيون ڏيکاريون، پر هن کي ڪا بہ نہ وڻي. هاڻي تہ جاني ۽ مان بہ ان دڪان ۾ اچي ويا هئاسين. جاني کي هتي ڪجهہ شيون سٺيون لڳيون. هن دڪان ۾ سفيد ڪپڙي جا ٺھيل/سبيل ٿيلھا بہ هئا جن تي وڏن اکرن سان I Love Bali لکيل هو. سو اهي اهي شيون ڏسندا اڳتي سينٽر کان ٻاهر نڪري روڊ تي اچي وياسين. جاني کي هتان فيملي لاءِ ٿوري گهڻي شاپنگ ڪرڻي هئي، پر هن کي گهڻيون شيون پسند نہ آيون. سواءِ هڪڙي شرٽ جي. هن ليڊي تمام گهڻا پئسا ٻڌايا هئا. ان ڪري جاني سمجهي ويو هو ۽ هن سان بارگيننگ ڪرڻ لڳو. پيٽر ۽ پرتاب اڳتي نڪري چڪا هئا. هلندي هلندي هڪڙي ٻي دڪان ۾ آياسين. جتي ساڳيا ئي ڪاٺ جا لنگم سرعام ٽنگيل نظر آيا، جيئن چاٻين جا ڇلا هوندا آهن. لنگم کي سرعام رکڻ جو اهو ئي مقصد هيو تہ هتان جا ماڻھو هن شيءَ کي پسند ڪري شوق سان وٺي وڃن ٿا. ان کان علاوہ هن جو ٻيو مقصد اهو ئي هيو جيڪو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ ان جي پوڄا ڪرڻ. هي نہ فقط مخلتف سائيز جا هئا، پر مختلف رنگن جا پڻ، جنھن ۾ ڪارو، ڳاڙهو ناسي، يا وري رنگين ۽ وڏي ننڍي وڏي سائيز ۾ دستياب هئا.
هاڻي پاڻ اتان نڪري هڪڙي چوراهي جي ڪنڊ تي آياسين، جتي کليل علائقي ۾ سيمينٽ جي ٺھيل وڏي سائيز ۾ مرد پوڙهي جي مورتي سجايل هئي. جنھن جي هيٺان بورڊ لڳل هو جنھن تي لکيل هو:
Idat jokorda Gdeagung sukawati(1910-1987)
TokohPerintisPariwisataBudaya Bali

پاڻ نہ سمجهي سگهياسين تہ هي ڪنھن جي مورتي چوڪ تي لڳل آهي. هي پوڙهو پنجاھہ سٺ سال جي عمر جو لڳي پيو. هن کي ڌوتي پاتل آهي، هن جي ڪڇ ۾ هڪڙو ٿيلھو آهي. هن جي هٿ ۾ وڏي لٺ آهي. هن جي مٿي تي مفلر جو پٽڪو ٻڌل آهي. موسم انتھائي خوشگوار آهي. هر طرف ڪارا ڪڪر اڀ تي آهن. انگريز گورا ۽ انھن جون ناريون پرسڪون ٿي اسان جيان پيرين پنڌ گهمي رهيا آهن.

رائيل پئليس اُبُد

روڊ صاف سٿرا، ڪٿي بہ گند ڪچري جو نالو نشان نہ آهي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪافي قديمي عمارتون نظر آيون. جن کي هنن اڃان تائين نہ ڊاٿو آهي، بلڪ انھن کي اڃان بہ تاريخي ورثي طور سنڀالي رکيو پيا اچن. هتي ئي ڪنگ پئليس آهي.جيڪو قديم تاريخي ورثو سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هن بادشاهي محل سان گڏ هتي مشھور Puri Agung Karangasem مندر بہ آهي. هي رايل محل هن علائقي جي بادشاھہ جو محل آهي. هتي ڪا خاص سياحن جي رش نہ هوندي آهي. پرسڪون جاءِ آهي. هي محل شھر جي مين روڊ ۾ واقع آهي. ان ڪري هتي توهان کي پارڪنگ نہ ملندي.
اسان هن محلات ۾ داخل ٿياسين ان خيال سان تہ هن تاريخي محل کي اکين سان ڏسو ڇو تہ ڪنھن دور ۾ هن محل ۾ بادشاھہ رهندو هيو. گيٽ تي نہ گارڊ نہ ٽڪيٽ. اندر ايڏي صفائي جو هر شي شيشي جيان چمڪندڙ نظر آئي پئي. چبوترن نمان ڪيتريون ئي عماريون انھن جا ماربل سان ٺھيل مٿاهان ٿَلھا ۽ انھن جا ڏاڪا، انتھائي صاف سٿرا، مٽي ۽ دز کان پاڪ نظر پئي آيا. هر طرف مختلف ٻوٽن، وڻن ۽ انيڪ رنگين گلن جا قسم، جيڪي ماحول کي کنيو بيٺا هئا. انھن گلن ۾؛ گلاب جا گل (roses)، سورج مکي (sunflowers)، ڪنول جا گل (Lotus) ۽ ٻيا گل جن ۾ Denddelion, lilac, bluebell Tulip, Dahlia, Oleander, periwinkle, merigold, cannabis, cokscomb, Jasmine, Marigold, Primorse, Daisy, Narcissus, and Saffron وغيرہ اچي وڃن ٿا.
هي گل ۽ ٻوٽا سياحن جي نگاهن ۽ توجھہ جا مرڪز بڻيل هئا. ان محلات جي آڳنڌ تي هڪڙو قديمي وڻ نظر آيو، جنھن جا سڀ ٽار مٿان ڪٽيل هئا ۽ هو سڄو ٿڙ تي بيٺل هيو. اندران اندران کاڌل نظر آيو. ان جي باوجود هن جي پاسن کان تازا ساوا ساوا گونچ نڪتل هئا.
هي بڙ جو وڻ (Banyan)، جيڪو هن محل ۾ ٿيندڙ چرپر جو اکين ڏٺو ساکي هيو. هن بڙ جي وڻ هتي ڇا ڇا نہ ڏٺو هوندو. سالن جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد هيو ۽ اڃان بہ زندہ هيو. هن وڻ جي چوڌاري پڪن سرن ۽ سيمنٽ جي ننڍڙي چوديواري ڏنل هئي، جيڪا ڏيڍ فٽ کن جي مس هئي. جتي توهان ويھي تصوير بہ ڪڍرائي سگهو پيا. ان کان علاوہ پپر جا وڏا وڏا وڻ اڄ بہ ساوا ٿي بيٺا هئا. هاڻي بوندا باري شروع ٿي چڪي هئي. پر اسان ڪٿي ٿا گهمڻ کان مڙون. اسان جو زور اڃان بہ اڳتي.
هن محلات ۾ تمام گهڻا ڪمرا هئا، جنھن ۾ شاهاڻو/بادشاهي بيڊروم ۽ آرام ڪرڻ جو ڪمرو، جنھن ۾ اعليٰ قسم جو فرنيچر پڻ رکيل آهي. هي شاندار فرنيچر بادشاھہ کي ڊچ رايل فيملي جي طرفان تحفي طور مليو هيو. هن محلات جي باري ۾ leaflets پڻ اتي ملن پيا، جنھن ۾ هن محلات جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ڏنل هئي.
گهمندي گهمندي پاڻ اچي اهڙي دروازي تي بيٺاسين، جيڪو محلات ۾ اندر وڃي پيو. هي بادشاھہ جو خاص ڪمرو هيو يا بيڊ روم هيو. هتي اسان کي بيھاريو ويو ۽ چيو ويو تہ، ”اهو دروازو بيڊ روم جو دروازو آهي ۽ بند آهي توهان اڳتي نہ ٿا وڃي سگهو.“
هي ٻن طاقن وارو ڪاٺ جو قديمي اسٽائيل جو دروازو هيو. جنھن تي سونو رنگ چڙهيل هيو. مغلن جي دور جي ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل هو. جيئن اسان جي لاهور واري شاهي قلعي جا درواز ٺھيل آهن. قديمي عمارتن جو ڏيک ڏيندڙ هي شاهڪار محل پنھنجي جلون ۽ خوبصورت ڏيک جو پاڻ اعليٰ مثال هو.
اتي ئي هڪڙي چبوتري ۾ هڪڙو انڊونيشن جهونو اڪيلائي ۾ تنھائي جو مزو وٺي رهيو هو. هن کي هتان جي ڪلچرل ڊريس واري ڌوتي، ٽي شرٽ پاتل ۽ مٿي تي انڊونيشن پٽڪي پاتل هيس. مون کان عمر ۾ ڏھہ سال کن وڏو هيو. پھرئين تہ مون کي لڳو تہ ڪو اسان جي ئي خاندان جو ڪو وڇڙي ويل هتي هن بادشاهي محل ۾ پناھہ وٺي لڪي ويھي رهيو آهي. سو جڏهن مان هن جي ويجهو ويس تہ همراھہ ڇرڪي پيو ۽ مون کي عجيب نظرن سان گهورڻ لڳو. مون کي لڳو تہ مون هن جي خلوتن ۾ مداخلت ڪئي آهي، پر جڏهن مون هن کي چيو تہ، ”توهان ڊڄو نہ، مون کي توهان سان تصوير ڪڍرائڻي آهي.“ ان تي هو جهونو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن جي ٻٽيھي ٻاهر نڪري آئي.
هتان جي پارڪ ۾ موجود وڻن ٽڻن، ٻوٽن، مختلف رنگن جي گلن، ڇٻر ۽ ساوڪ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي، انتھائي خوبصورت جيڪي سڄي مانڊاڻ کي مچايو بيٺا هئا. جن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. مٿان وري سيمينٽ جا ننڍا ننڍا بت يا مورتيون اڃان بہ ماحول ۾ مزو پيدا ڪري رهيون هيون. هتي ننڍيون وڏيون جيڪي بہ عمارتون هيون، انھن سڀني جون ڇتيون پراڻي دور جي پگوڊا ٽائيپ هيون. هن قسم جي ڇتين واريون عمارتون اسان نيپال ۾ گهڻيون ڏٺيون.

چوڪ تي يادگار مجسما

هاڻي اسان اتان کان آهستي آهستي نڪرڻ جي ڪري، گهمندا گهمندا بازار جو ٻيو رستو وٺي، ٻئي پاسي کان هلندا آياسين. هڪڙي دڪان تي لڳل بورڊ تي لکيل هو؛ Bollywood indian cuisine اتان کان اڳيان وري Sania House Bungalows هيو، ان کان اڳتي وڌياسين تہ هڪڙي اهڙي چوڪ تي اچي بيٺاسين، جتي لڳل مورتين اسان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرايو. هنن مورتين ۾ هڪڙي وڏي مورتي ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ ان سان گڏ ٻہ ننڍڙيون مورتيون پڻ نظر آيون. هن مورتي جي باري ۾ ڪنھن بہ نہ ٻڌايو ۽ نہ ئي ان جي هيٺان ڪا نالي واري تختي لڳل هئي، جنھن مان ظاهر ٿئي تہ هي ڪنھن جون مورتيون آهن ۽ انھن ديوتائن جو ڪھڙو ڪارنامو آهي. خير، اسان سڀني دوستن اتي بيھي انھن يادگار مجسمن سان تصويرون ڪڍرائي ڪيمرا جي اک ۾ ھميشہ لاءِ قيد ڪري ڇڏيون. الاهي سارا سوال ذهن ۾ کڻي اتان اڳتي نڪري آياسين تہ هي ڪھڙي ديوتا جي مورتي آهي. ان کان پوءِ خوبصورت بلڊنگ نظر آئي. هي اسڪول جي عمارت هئي. هن عمارت جي مين گيٽ جي بورڊ تي لکيل هيو. Sekolah Dasar Negeri 1 Ubud 1 juni1920 .

اسڪول جو وزٽ

انھي دوران اسان کي پيٽر چيو تہ، ”جيڪڏهن توهان اسڪول وزٽ ڪرڻ چاهيو تہ مان پرمشن وٺي اچان.“ اها تہ تمام سٺي ڳالھہ هئي ۽ اسان جي دل وٽان هئي. جنھن تي مان ۽ سنتوش راضي ٿي وياسين. شايد اُن مھل اسڪول جي ٻارڙن کي رسيس ٿي چڪي هئي. ان ڪري ٻارڙا اسڪول جي آڳنڌ تي راند روند ڪندي نظر پئي آيا.
پيٽر اسان کي اسڪول جي گيٽ جي ٻاهران بيھاري پاڻ اسڪول ۾ اندر هليو ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ اسڪول جو هيڊ ماسٽر بہ پيٽر سان گڏ ٻاهر پئي آيو. هيڊ ماسٽر اسان جو دل سان آڌرڀاءُ ڪيو . هو ڏاڍو خوش نظر پئي آيو ۽ هو خوشيءَ ۾ ٽڙي پيو هو.
هن سڀني ٻارن کي سڏ ڪري اسان مھمانن جو ٻڌايو. معصوم ٻارڙا اسان جي اردگرد گڏ ٿي ويا هئا ۽ خوشيءَ مان اسان سان هٿ ملائڻ لڳا. ٿوري دير کان پوءِ اسان ڏٺو تہ اسڪول جون ڪجهہ ٽيچرس بہ اچي ويون. هيڊماسٽر انھن سان بہ اسان جو تعارف ڪرايو. اسان هن لمحن کي يادگار بڻائڻ لاءِ تصويرون ڪڍرائڻ جي اجازت گهري، جيڪا هيڊ ماسٽر خوشي خوشي سان قبول ڪندي، اسان سان ڦوٽا ڪڍرايا. ان کان پوءِ اسان هيڊماسٽر جا شڪرگذار ٿياسين ۽ موڪلائي اسڪول کان ٻاهر نڪري آياسين. جاني ۽ پرتاب اسان جي انتظار ۾ ٻاهر بيٺا هئا.
ان اسڪول جي سامھون ئي پارڪنگ ايريا هيو، جتي اسان جي بلو برڊ ٽيڪسي بيٺي هئي. پاڻ اتان ئي سڌو پارڪنگ ايريا ۾ هليا آياسين. هن وقت برسات تيز ٿي چڪي هئي. اسان تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندا اچي گاڏي ۾ ويھي رهياسين. جنھن رستي کان پاڻ گذري رهيا هئاسين، اتي اڳيان مونڪي فاريسٽ (ڀولڙن جو جهنگل) Sacred Monkey Forest هيو. اتان جي مين گيٽ کان جيئن ڪراس ڪيوسين تہ ان فاريسٽ جي وڏي بائونڊري وال کان ڪيترا ڀولڙا ٻاهر نڪرندي ۽ ديوار تي ويٺل نظر آيا. اسان ڀولڙن کي ويجهي کان ڏسي نہ پاڻ کي زخمي ڪرڻ پيا چاهيون ۽ نہ ئي وري پنھنجون شيون ڦرائڻ. ان ڪري انھن معصوم ڀولڙن کي پري کان ئي دعا سلام ڪري اڳتي روانا ٿياسين. هاڻي اسان جي اڳين منزل رائيس ٽيريس هئي.

اُبُد Ubud ۾ گهمڻ جون جايون

انڊونيشيا جي بالي شھر جي مٿين علائقن ۾ واقع عبد جو علائقو روايتي هنر ۽ رقص جي مرڪز هئڻ جي ناتي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هتان جي فطري سونھن، حسناڪيون ۽ سرهاڻ ۾ برساتي ٻنيون، ٻارا، جهنگ جهر، ڪچا پڪا رستا، روڊ، پيچرا، سارين واري زمين، هندن جي تاريخي ماڳن، مڪانن، مندرن ۽ مقدس مزارن جي ڪري هي علائقو مشھور آهي. هتي بالي شھر جا خوبصورت ترين منظر توهان جي دل کي موهي ڇڏيندا. هتي قديمي ۽ تاريخي مقدس جاين ۾ پيچيده طور تي تراشيل ”گوا گجاه“ (هاٿي جي غارElephant Cave ) ۽ گننگ ڪاوي (Gunung Kawi ) شامل آهن. جتي پھاڙن کي تراشي مزار ٺاهيا ويا آهن.
هتي گهمڻ لاءِ تمام گهڻيون جايون آهن. جن ۾؛
Sacred Monkey Forest (natural reserve)
White water rafting (float through the jungle and splach through rapids)
Pura Taman Kemuda (Hindu temple)
Campuhan Ridge Walk (hiking area)
Yoga class (Meditate in jungle and relax in a natural hot)
Ubud Place (Tourist attraction)
Ubud Art Market (market)
Agung Rai Musem of Art (Art musem)
Goa Gajah (Hindu temple)
هاڻي اسان عُبد جي مشھور علائقي رائيس ٽيريس ڏانھن روان دوان هئاسين. رستي جي ٻنھي پاسن کان سارين جو رونبو ٿيل هو. ڪٿي ڪٿي تہ سارين ۾ پاڻي ڇڏيل نظر آيو. هتان جي سارين جا ٻارا سڌي ۽ هموار زمين تي نہ هئا. بلڪ هڪڙو ٻارو مٿي تہ ٻيو ان کان هيٺ ۽ وري ٽيون ان کان بہ هيٺ، چوٿون ان کان بہ هيٺ. هن طرح جي زمين سارين جي فصل لاءِ مون پھريون ڀيرو ڏٺي هئي. زمين کي سلوپ ۾ تيار ڪرڻ جو سبب اهو هيو تہ جيئن برسات جو پاڻي هڪڙي جاءِ تي بيھي نہ رهي، پر هڪڙو ٻارو ڀرجي وڃي تہ پوءِ پاڻي ٻي ٻاري ۾ پوي ۽ ائين وري ٽين ٻاري ۾. اهڙي ريت پاڻي هيٺ لھندو اچي. ڇو تہ اڪثر ڪري هتي برسات ٿيندي رهندي آهي.
هتان جا ماڻھو برسات جو پاڻي ضايع ڪرڻ نہ چاهيندا آهن. ان ڪري هن ساريل موسم ۾ پاڻي ڪافي تعداد ۾ بچايو ويندو آهي. پاڻ رائيس ٽيريس ڏانھن وڃي رهيا هئاسين. جنھن روڊ کان پاڻ هلي رهيا هئاسين ان رستي جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. اک کٽي پر ساوڪ نہ کٽي.

To cultivate love

اسان شھر جي دنيا کان نڪري هاڻي ٻھراڙي جي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين. هن پاسي روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيلن ۽ ناريلن جا وڏا وڻ پوکيل نظر آيا. جيڪي رستن جي رونقن ۾ اضافي سونھن جو باعث بڻيل هئا. رستي تي هلندي هڪڙي دڪان جي اڳيان ٽنگيل بينر تي نظر پئجي ويئي. پيٽر کي گاڏي بيھارڻ جو چئي هيٺ لھي آيس. ان بينر تي انگريزي ۾ جيڪو ڪجهہ لکيل هيو، ان مون کي موهي وڌو هو؛

In evening of devotion to cultivate love & enhance the spirit.
The wine of love is intoxicating once you have tried it, you shall not enjoy or look for any other worldly intoxication.
• Mantra Chanting
• Agnihotra fire purification
• Bhajan/Kirtan
• Arati
SATSANG
Every Wednesday (17:30 to 19:30)

هن اداري ۾ انگريزي ۾ هي نالو لکيل هيو.
Svasti Astu
May here be auspiciousness everywhere and everyone prosper in every way.

هي دل فريب ڳالھيون پڙهي سچ تہ منھنجي دل چوي پئي تہ اسان وٽ ايترو وقت هجي ها جو هر اربع تي هن اداري ۾ داخلا وٺي، هن جا ڪلاس اٽينڊ ڪري، روحاني سڪون حاصل ڪيون ها. ڇو تہ اسان جي سڄي سنگت پرتاب، ڊاڪٽر ۽ جاني پڻ ان مزاج جا آهن. خاص ڪري ڊاڪٽر سنتوش ۽ پرتاب تہ ڀڄن، ڪرتن ۽ آرتيءَ جا تمام گهڻا شوقين آهن.
مون کي ياد آهي تہ جڏهن پاڻ نيپال جي کٽمنڊو واري دنيا جي وڏي ۾ وڏي مندر ۽ آشرم ”پشو پتي ناٿ“ ۾ پياري ڀاءَ انيل پرياڻي سان گڏجي وياهئاسين ۽ جڏهن اسان مندر ۾ داخل ٿيا هئاسين تہ ان مھل سج لھڻ وارو هو ۽ آرتيءَ جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو. پرتاب لائيو ڪال ڪري پنھنجي فيملي کي اهو آرتي وارو سماءَ پسايو هو. اهڙو موهيندڙ منظر اکين اڳيان پسي هن کي، هن جي فيملي کي ۽ اسان سڀني کي دلي سڪون مليو هيو.
پر هتي اسان کان هي ادارو مس ٿي ويو هو. خير پاڻ اڳتي هلڻ لڳاسين.

لغڙ ۽ لغڙائي

پيٽر پنھنجي روايتي اسپيڊ ۾ ڪار سان کيچل ڪري رهيو هو. نہ صفا تيز نہ صفا آهستي. سج ڪٿي بہ نظر نہ پئي آيو. آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي چادر هئي. ٻي نئين شي جيڪا اسان سڀني نوٽ ڪئي تہ هتان جا لغڙ اسان وارن لغڙن جي اسٽائيل کان بلڪل منفرد ۽ ٻئي نموني جا هئا. هتي جڏهن بہ مٿي اڀ ڏي نھار وجهون پيا تہ هر جاءِ تي لغڙ اڏرندي نظر آيا.
پيٽر هتان جي لغڙن جي باري ۾ ٻڌايو تہ لغڙ اڏائڻ هتي ثقافتي ڏهاڙي جو حصو آهي. ان کان علاوہ بالي ۾ لغڙ اڏائڻ مذهبي ۽ روحاني ايڪٽوٽي تصور ڪئي ويندي آهي. هندو ان ڪري لغڙ اڏائيندا آهن تہ جيئن اهي پنھنجو پيغام هنن لغڙ جي ذريعي پنھنجن ديوتائن تائين پھچائين، جيڪي هنن کان تمام پري آهن. توهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو هلان تہ؛ هتي جيڪي لغڙ اڏايا وڃن ٿا اهي ٽن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا اهي لغڙ آهن، جن کي بيبين Bebean لغڙ سڏيو ويندو آهي، جيڪي مڇي جي نموني جا هوندا آهن. ٻيو قسم لغڙن جو ”جانگان“ Janggan هي وڏي پڇ وارا لغڙ پکي يا ڊريگن جي نموني ۾ آهن ۽ ٽيون قسم ”پيڪيوڪن“ Pecukan لغڙ آهن، هي تمام وڏي روز ايپل جي پن وارا لغڙ آهن، جيڪي وڏي مشڪل سان اڏرندا آهن. هي لغڙ 4 کان 10 ميٽرن جي سائيز جا هوندا آهن. هڪڙا وڏي پڇ وارا اهڙا بہ لغڙ آهن جن جو پڇ 100 ميٽِرن جو هوندو آهي. هنن لغڙن کي اڏارڻ جون خاص جايون يا تہ سامونڊي بيچز هوندا آهن يا وري سارين جي زمين. جولاءِ کان آڪٽوبر مھيني تائين لغڙن جو شغل ملھايو ويندو آهي. خاص ڪري سنور بيچ تي جولاءِ جي مھيني ۾ هن جو خاص ڏهاڙو ملھايو ويندو آهي. هنن کي بالينيس لغڙ Kite Balinese چيو ويندو آهي.
آسمان لغڙن سان ڪچھري ۾ محو هيو. جيتوڻيڪ اسان کي ڪوبہ لغڙ اڏائيندڙ همراھہ سامھون نظر نہ آيو، نہ ئي اسان ڪنھن ٻار کي روڊ تي لغڙ اڏائيندي ڏٺو. ممڪن آهي تہ ڪو ٻار يا ڪو وڏي عمر جو ماڻھو گهر جي ڇت مان ئي لغڙ اڏائيندو هجي. پري کان آسمان تي لغڙن جي اڏام اهو ٻڌائي رهي هئي تہ هتان جا ماڻھو لغڙن جا شوقين آهن.
ڪٿي ڪٿي زمين پاڻيءَ سان ريج ٿيل هئي ۽ تازو سارين جو رونبو بہ لڳل هيو. کجين جا ۽ ناريلن جا وڏا وڏا وڻ، هن علائقي جي فطري سونھن جي زينت بڻيل هئا. هاڻي هلڪي هلڪي برسات بہ شروع ٿي ويئي هئي. پيٽر گاڏي کي پارڪ ڪري اسان کي ٽڪيٽ گهر ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو تہ، ”سامھون ٽڪيٽ گهر آهي، توهان وڃو اتان ٽڪيٽ وٺي اندر وڃو. مان توهان جو هتي ئي انتظار ڪري رهيو آهيان. توهان گهمي ڦري اچو، پوءِ پاڻ هتان کان اڳتي هلنداسين.“
پاڻ ٽڪيٽون وٺي اندر داخل ٿياسين تہ سامھون کان ڏاڪڻ وٽ ڪاٺ جي تختي لڳل هئي،جنھن تي لکيل هو؛
Dear our lovely costumer….
Please be careful on your steps
When you go up and down steps
Thank you for your attention…..

دنيا جي مھانگي ڪافي

ان کان پوءِ دنيا جي مھانگي ترين ڪافي وارو جانور پڃري ۾ بند نظر آيو. جنھن کي ڪا اهڙي شي کارائن پيا، جيڪا هن جي پيٽ ۾ وڃڻ کان پوءِ جڏهن نڪري پئي تہ ان کي مختلف مرحلن مان گذاري، ان کي صاف ڪري پوءِ ان مان ڪافي ٺھندي آهي. ڪوپي لواڪ Kopi Luwak جانور آهي، جنھن جي ڪافي سيويِٽ ڪافي civet coffee جي نالي سان مشھور آهي، هي دنيا جي مھانگي ترين ڪافي آهي ڪوپي لواڪ جانور کي جڏهن ڪافي جا ٻير يا ٻج کارائيندا آهن تہ هي جانور اهي پيٽ ۾ هضم ڪري، ڦولڻين جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍي ٿو. ان ٻج کي صفائي جي مختلف مرحلن مان گذاري، صاف ڪري ڪافي ٺاهي ويندي آهي. اسان کي هي جانور پنري ۾ بند نظر آيو. اتي ئي ڪافي جا ٻير يا ٻج بہ موجود هئا. ان سان گڏ جهوپڙي جي هيٺان وڏي سائيز جي اکري ۽ مھري بہ پيل هئا، جنھن ۾ اهو ٻج ڪٽيو پئي ويو. ان سان گڏ اتي ئي هن ڪافي جو بہ شاپ هيو. جتي ڪافي کپائن پيا ۽ ڪافي تيار ڪري پيارين بہ پيا. هن سڄي نظام جو ماحول نوجوان ڇوڪرين جي هٿ ۾ هيو. انڊونيشيا ۾ مون محسوس ڪيو تہ ڪاروبار جو گهڻو ڪري عورتن يا نوجوان ڇوڪرين جي بلي هوندو آهي. هتان جي عورت هر ڪاروبار ۾ مردن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي شانا بشانا ڪم ڪري ٿي. ايئرپورٽن ۾، جھازن ۾، هوٽلن ۾، دڪانن ۾، شاپنگ سينٽرن ۾، ڊرائيونگ ڪندي، ننڍي کان ننڍيون ۽ وڏي کان وڏيون گاڏيون هلائيندي، ٽيڪسيون هلائيندي، مطلب تہ هرجاءِ هرهنڌ جڏهن تہ اسان جي عورت اڄ بہ گهر جي چار ديواري ۾ قيد آهي ۽ ٻار ڄڻڻ جي مشين آهي. خاص ڪري ٻھراڙي جي عورت جنھن کي نہ پچائڻ اچي، نہ ئي ٻارن جي تربيت اچي.
ان جهوپڙي ۾ ڊاڪٽر بہ اهو ڪاٺ جو مھرو کڻي اکري ۾ وجهي اهو ٻج ڪٽڻ لڳو ۽ انھي دوران ڪافي سياح ٻيا بہ اچي ويا ها ۽ اهي ان انتظار ۾ هئا تہ ڊاڪٽر ان مھري کان هٿ ڪڍي تہ اسان وارو وٺون. جڏهن تہ سياحن جي ڪافي رش ٿي ويئي تہ اسان اتان پڙ پٽيو. جبل جي ٽڪريءَ کان ٿيندا اڳتي گهمندي وڌڻ لڳاسين. هاڻي اسان اهڙي جاءِ تي اچي نڪتاسين جيڪا مٿاهين جاءِ تي هئي. جبل تي ٿلھي شيشي جو تقريبن 18x18 جو ڇاڄو ٺھيل هيو. هي اسٽيج سڄو ئي شيشي جو ٺھيل هو، پاڻ سڀئي ئي ان اسٽيج تي چڙهي وياسين پريان کان ڪنھن رڙ ڪري چيو تہ، ”شوز آر ناٽ الائوڊ، ٽيڪ آف يور شوز“، اسان هڪدم پوئتي موٽي پياسين.
واقعي ئي هي جاءِ انتھائي خطرناڪ هئي. هيٺ تمام گهرائي هئي.جيڪڏهن اهو شيشو ٽٽي پوي ها ۽ ڪو اتان ئي اندر هيٺ پھاڙن ۾ ڪري پوي ها تہ جهنگل جي ور چڙهي وڃي ها ۽ موت جي منھن ۾ هليو وڃي ها. دوستن اتي تصويرون ٺھرايون. اتان ئي پاڻ هڪٻئي کان پري ٿي وياسين. ڊاڪٽر کي پيشاب لڳو هو، سو پاڻ واش روم جو رخ ڪيوسين. جڏهن واپس آياسين تہ پرتاب ۽ جاني اڳتي نڪري چڪا هئا.
سامھون ٻہ نوجوان ناريون تصويرن ڪڍڻ ۾ مصروف هيون. هنن جي سونھن اسان کي دعوت گناه ڏني تہ هنن سان تصويرن جو اعزاز ماڻجي. مون انھن مان هڪڙي پري پيڪر جيڪا مون کي وڻي ان جي ويجهو وڃي هن کي عرض ڪيم تہ، ”دل چوي ٿي تہ توهان سان تصوير ڪڍرائجي.“ هو منھنجي ان همت ۽ جرئت تي حيران تہ ٿي ويئي هئي پر ساڳي جاءِ تي وري هن جي چھري تي مسڪراهٽ پڻ اچي ويئي هئي. هن پنھنجي سھيلي کي مون واري معاملي بابت آگاھہ ڪندي هن کي اعتماد ۾ وٺندي اجازت پڻ گهري. مون کي لڳو تہ هوءَ بہ ان ڳالھہ تي خوش ٿي. هي ٻيئي اڪيليون هيون. هن خوشي سان منھنجي آفر قبول ڪندي چيو تہ، ”ٺيڪ آهي توهان اچو ڀلي.“
مون ڊاڪٽر کي منٿ ڪندي چيو تہ، ”ڊاڪٽر قرب ڪر، هي موقعو هٿان نہ وڃائجان، تصوير شاهڪار هجي.“ ڊاڪٽر کلي چيو تہ، ’’اهڙي تصوير ٿو ڪڍانءِ جو وڃي ٿيا ست خير.“ مان ٻنھي نارين جي گهيري ۾ هيس.
مون پنھنجو تعارف ڪرائي پنھنجي باري ۾ هنن کي ٻڌايو تہ، ”مان لا اٽارني سان گڏ، ليکڪ ۽ شاعر پڻ آهيان.“ ان تي هو ٻيئي خوش ٿيون ۽ وڌيڪ ٻڌايو مان تہ، ”هي منھنجو دوست ڊاڪٽر آهي.“ جنھن تي هن مون کي چيوتہ، ”منھنجي هي سھيلي نرس آهي، اسان آسٽريليا جا آهيون.“ مون ڊاڪٽر کي اک هڻي چيو تہ، ” ڊاڪٽر تنھنجو ڪم ٿي ويو.“ ڊاڪٽر وڏو ٽھڪ ڏيئي تارڙو ملايو جنھن تي اهي بہ سمجهي ويون تہ معاملو تصويرن جو نہ هو پر ان کان بہ اڳتي جو هو.
ان ڪري هنن کلندي اسان کان موڪلايو. پاڻ بہ جاني وارن کي ڳوليندي اڳتي وڌياسين.

اُڀ کي ڇھندڙ چوڏول

سامھون کان تمام وڏي مٿاهين چوٽيءَ تي چوڏول هيو. جنھن تي جاني چيو تہ، ” سائين اچو هن ۾ جهولا کائون.“
”نہ بابل منھنجو صفا موڊ ڪونھي توهان ڀلي ويھو.“
مون جاني کي صاف جواب ڏنو. جاني اڳتي وڌي چوڏول وارن ڇوڪرن جي ويجهو بيھي رهيو. هي جهولو تمام رسڪي هيو. هي ٻڌل تہ ناريل جي وڻن سان هو، پر اتفاق اهو ٿي سگهي پيو تہ جيڪڏهن هٿ نڪري وڃي تہ پوءِ.... خير ان جي باري ۾ هنن وٽ احتياطي تدبيرون هيون. جهولا کائيندڙ عورت کي بيلٽ سان ٻڌين پيا. پر منھنجي سامھون جيڪا جهولو جهولي رهي هئي. هن هنن کي تمام وڏي سائيز جو وانڱڻائي رنگ جو ڪپڙو/گائون پارايو ويو هيو. جيڪو هوا ۾ لھرائي خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو هو.
هي رنگين وانڱڻائي رنگ جي چادر تمام گهڻي ڪشش پيدا ڪري رهي هئي، ان سان گڏ جهوليندڙ اهو محسوس ڪندي هوندي تہ هوءَ ڪا حور پري آهي، جيڪا هوائن ۽ فضائن ۾ اڏامي رهي آهي. ان کان پوءِ ٻي ڇوڪري آئي جنھن کي گلابي رنگ جي چادر ڏني ويئي هئي. گوري رنگ جي ڇوڪري کي هي ڪلر ٺھي پيو. ٿوري دير کان پوءِ خبر پئي تہ هي مفت وارو جهولو نہ آهي، هتي توهان کي ٽڪيٽ وٺڻي آهي. جڏهن توهان جو وارو اچي تيسيتائين توهان انتظار ڪيو. هون بہ مرد حضرات گهٽ ان جهولي ۾ جهولين پيا باقي سڄو ڪم ليڊيز جو هو. جيڪي جهوليندي هوا ۾ تمام وڏيون رڙيون ڪري، ماڻھن جوڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائين پيون.
پاڻ ان کان اڳتي ڏاڪڻين ذريعي هيٺ لھڻ لڳاسين تہ سامھون کان آکيري ٽائپ بانس جي لڪڙن، ڪکن ۽ ڪانن جو آکيرو ٺھيل نظر آيو، جيڪا سياحن جي تصويرن جو مرڪز بڻيل هو. اسان سڀني ان آکيري ۾ ويھي تصويرون ٺھرايون. هي پارڪ جيڪو اسان گهمي رهيا هئاسين ان جو نالو Alas Harum Bali هيو. هن آکيري جي پاسي ۾ هڪڙي پٽي تي هن جونالو لکيل هيو.

اَليئس حرم جا ور ڪڙ پيچرا

برسات جي ڪري هيٺ لھڻ واريون ڏاڪڻيون آليون ٿي ويون هيون. ڪٿي ڪٿي ترڪي پوڻ جو بہ ڊپ لڳي پيو. وڏا وڏا ناريلن جا وڻ هن رائيس ٽيرس جي سونھن بڻيل هئا. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ جو سماءُ هيو. سارين جو ٻيجارو پاڻي ۾ پسيل هيو. چارسو جبل کي سائو ويس اوڍيل هو. اهڙي ڪا جاءِ خالي نہ هئي، جتي ساوڪ نہ هجي. سامھون کان اوچائي تي ڪنھن فوجيءَ جو آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ تمام وڏو مجسمو ٺھيل هيو. هن کي پيرن ۾ لانگ بوٽ پاتل هئا. هن جي هڪڙي هٿ ۾ وڏي سائيز جي خنجر/سوئي ٽائپ شيخ پڪتل هئي، جڏهن تہ ٻي هٿ جي اشهد آڱر سان هو ڪنھن ڏي اشارو ڪري رهيو هو. هن جي مٿي تي ٽوپي پاتل هئي ۽ هن کي ڪرسي تي ويھاريل ڏيکاريو ويو هو.
هر طرف سياح ئي سياح پيا نظر اچن. هر ماڻھو جي هٿ ۾ موبائيل فون هئي ۽ هرڪو چاهي پيو اهڙن خوبصورت منظرن کي ڪيمرا جي اک ۾ ھميشہ جي لاءِ قيد ڪري ڇڏي. پاڻ ڄڻ ڪنھن صاف جهنگل ۾ پھچي چڪا هجون. وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاھہ، پاڻي، مطلب تہ مڪمل طور تي ڪنھن دنياوي جنت ۾ هئاسين. جيئن ئي ٿورو ان کان اڳتي هلياسين تہ دل جي شيپ جو ٻيو وڏو آکيرو ٺھيل نظرهيو. هي سنھڙين ڪاٺين سان ٺھيل دل جي شيپ وارو آکيرو ٻن وڻن جي وچ تي، (وڻن تي ٿڙن کان مٿي) ٺاهيو ويو هيو. هن آکيري جي هيٺان ڪاٺ جي ننڍي ڏاڪڻ رکيل هئي. جنھن تي چڙهي سياح ان دل واري آکيري ۾ ويھي ڦوٽا ڪڍرائن پيا. هن دل جي شيپ واري آکيري جي چوڌاري ڪنارن سان ول پوکي وئي هئي، جنھن ۾ گلابي رنگ جا گل ۽ ڦڪي رنگ جا گل هن دل جي شيپ واري دائري کي اڃان بہ وڌيڪ سھڻو بڻائين پيا.
سيمينٽ توڙي ڪاٺ جي ڏاڪن تي پاسي ۾ لوهي جهنگلو حفاظت لاءِ لڳل هيو. جيڪو ماڻھن کي هيٺ ڪرڻ کان بچاءُ ۽ تحفظ لاءِ لڳايو ويو هو. اسان جبل جي چوٽي کان هيٺ جبل جي تري ۾ لھي رهيا هئاسين. پر هي جبل نہ پر ڪو خوبصورت جهنگ هيو، ڪو صاف سٿرو ٻيلو هيو، ڪو باغ هيو، ڪا دنيا جي جنت هئي، جنھن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي. قسمين قسمين فطري سونھن جي رکوال رنگين گلن هن پارڪ جي سونھن ۽ سرهاڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو.
سامھون کان نظر ڊوڙائي ڏٺوسين تہ هڪڙو تمام وڏو هٿراڌو باز اهڙي نموني سان ٺاهيو ويو هو جيڪو ڄڻ تہ حقيقت جو روپ ڏيندو هجي. ان سان گڏ ان جا ٻہ ننڍڙا ٻچا/پکي پڻ ڏيکاريا ويا ها. ڇا تہ ڪمال جي ڪاريگري سان ٺاهيا ويا هئا. ائين لڳي پيو تہ انھن ۾ ساھہ آهي ۽ اهي اجهو اڏامڻ جي ڪن پيا. آکيرن جا شيپ مختلف هئا. ڪي کليل تہ ڪي مٿان بند، هن قسم جي شيپ جا ڪيترائي آکيرا مختلف جاين تي ٺھيل هئا ۽ هتان جي سياحن انھن آکيرن ۾ پناھہ وٺي پنھنجا ڦوٽا ڪڍرائي انھن آکيرن کي دائمي دوام بخشي رهيا هئا. انھن آکيرن کي وڻن سان ٻڌي ٺاهيو ويو هو. ڪٿي ڪٿي تہ سارين جي ٻارين جي وچان ئي سيمينٽ جا اسٽيپ رکيا ويا ها تہ جيئن سياح پنھنجا قدم انھن تي رکي اڳتي نڪري وڃن.
ڏاڍو خوبصورت پيچرو، جيڪو سھڻو لڳي رهيو هو. پرتاب هڪڙي آکيري تائين پھچڻ لاءِ ڇھن ڏاڪن واري ڏاڪڻ تي چڙهي، ان آکيري ۾ ويھي پنھنجو تصويري شوق پورو ڪيو. هن آکيري جي هيٺان وڏي سائيز جو واٽر وهي رهيو هو. ۽ واٽر جي ڪنڌي تي ناريل جي وڻن سان هي آکيرو ٻڌل هيو. هيٺان نهر مان صاف سٿرو پاڻي وهي رهيو هو. خوبصورت منظر اکين کي راحت بخشي رهيو هو. ان جبل کي تراشي اتان هڪڙي ننڍڙي سرنگهہ ڪڍي، ان جي ٻاهران هڪڙي ديو نما وڏي منھن ۽ ڏندن سان خوفائتي شڪل ٺاهي ڦوٽو گرافي جي پوانئٽ ٺاهي ويئي هئي.

نانگ ۽ نارين جون رڙيون

گهمندا گهمندا جيئن ئي اڳتي وڌياسين تہ هڪڙي انگريز فيملي، جنھن ۾ انگريز ڇوڪرو ۽ هن سان گڏ انگريزياڻي هئي، هنن اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي چيو تہ، ”اڳتي نہ وڃو.“
مون پڇيو تہ، ”ڇو؟! ڇا ٿيو آهي ؟.“
چيائون تہ ”واٽر ۾ نانگ آهي.“
مون چيو، ”ڪو مسئلو ناهي توهان اچو اسان سان.“
ائين چئي مان واٽر ٽپي ٻئي ڪنڌي تي ويس ۽ منھنجي پويان منھنجا دوست بہ ٽپي ويا. ان کان پوِء اها فيملي بہ نڪري آئي. پريان ٽپي هن اسان کي نانگ ڏيکاريو. نانگ واقعي ئي مون بہ ڏٺو. هو سنھڙو اڇن ڪارن پٽن سان هيو. هن کي انگريزي ۾ Bandy-bandy نانگ چيو ويندو آهي. هي زهريلو venomous نانگ هوندو آهي. هنن مان ڪنھن چيو تہ، ”اسان کي انتظاميہ کي اطلاع ڏيڻ گهرجي.“ جنھن تي اسان ان ڳالھہ سان متفق ٿياسين. پاڻ جيئن ان هٿراڌو ٺھيل سرنگهہ ۾ گهڙياسين تہ اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو. عجيب ان ڪري لڳو جو هڪ تي اهو سوڙهو هيو، ٻيو تہ هن جي ڇت مٿي نہ هئڻ ڪري اها مٿي سان ٽڪرائجي پئي. ان ڪري مون کي تہ ڪٻڙو ٿي هلڻو پيو. ڊگهي ماڻھوءَ لاءِ تہ هن سرنگهہ مان گذرڻ بہ وڏو مسئلو هيو. ان کان علاوہ هتي گهگهہ انڌيرو هيو. اک نہ ڏسي اک کي. ان ڪري انتظاميہ کي هن تي توجھہ ڏيڻ گهرجي ها، هتي روشني جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ها، جيتوڻيڪ هن غار جو ٻيو ڇيڙو کليل هيو، پر اوسيتائين پھچندي ماڻھوءَ جو ساھہ سڪي پئي ويو تہ ڪٿان ڪو نانگ بلا نہ نڪري پوي.
پاڻ پنھنجي موبائيل جي بيٽري آن ڪري، موبائيل جي روشنائي سان قدم قدم ڦوڪي کڻي، خوف ۽ ڊپ ۾ هلڻ لڳاسين. ڇو تہ ٿوري دير اڳ ۾ نانگ ڏٺو هو، ان جو بہ ڊپ اڃان ذهن ۾ واسو ڪيل هيو. نيٺ جيئن تئين ڪري غار جي ٻي ڇيڙي تي پھتاسين. پريان کان اسان سڀني کان مٿاهين ٽٻي تي بيٺا هئاسين. اسان هيٺ نظر ڪيون پيا تہ هيٺ ۽ سامھون کان اسان کي ڪيئي سياح نظر پئي آيا. پرئين پاسي کان جيڪو بہ اسان تي نظر وجهي پيو، ان کي ائين لڳي پيو ڄڻ تہ اسان ان خوفناڪ جانور جي وات ۾ آهيون. اسان دوست هنن منظرن جي ڦوٽو گرافي ڪرڻ ۾ مصروف هئاسين تہ چيني يا جاپاني پريمي جوڙو نظر اچي ويو. انھن مان ڇوڪري جاني کي عرض ڪندي چيو، ”مھرباني ڪري اسان ٻنھين جون تصويرون ٺاهيو.“ جاني پنھنجو موبائيل سيٽ منھنجي حوالي ڪري هنن جي ڪم سان لڳي ويو. اسان سيمينٽ جي ٺھيل ٽپن تي قدم رکندا اڳتي وڌندا وياسين. انھن سيمينٽ جي ٽپن جي ٻنھي پاسن کان زمين تي ساريون پوکيون پيون هيون. اڳتي ڪو بہ رستو نہ هيو. ان ڪري هاڻي اسان کي پرئين پاسي وڃڻو هو. ان لاءِ اسان کي درياءَ/پاڻي جي وڏي واٽر / شاخ مان رسن واري پُل ذريعي اڳتي نڪري پار ڪري پھچڻو هيو.
پرتاب پل مان تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻي اڳيان نڪري ويو ان کان پوءِ منھنجو وارو هو. مان هاڻي پل تي هلي رهيو هئس. پل سڄي لڏي رهي رهي. ٻنھي پاسي رسن کي مضبوطي سان جهلي پير کپائي اڳتي وڌي رهيو هئس. ڊاڪٽر شرارت ڪندي پويان ان پل تي بيھي اهڙا تہ وڏا ٽپا ڏنا، جو منھنجو تہ ساھہ ئي نڪري ويو. پاڻ هون ئي اڳ ۾ وڏا بھادر. ڊاڪٽر جي ٽپن جي ڪري سڄي پُل لڏي رهي هئي ۽ مون کي تہ ائين لڳي رهيو هو، تہ پل ويئي ۽ اجهو ٿو ڪران.
ڊاڪٽر کي گهڻيون ئي رڙيون ڪري چيم تہ، ”ڊاڪٽر ائين نہ ڪر، ڪري پوندس.“ پر ڊاڪٽر کي مسخري سُجهي ۽ هو نہ مڙيو، سو مون بہ وڏيون ٻرانگهون کڻڻ شروع ڪيون، نيٺ مان اچي پار پيس. جاني سڀني کان آخر ۾ هو. هاڻي ڊاڪٽر بہ اچي ويو هو ۽ جاني بہ. پل پار ڪري جڏهن ٻي پاسي پھتاسين تہ هتي الڳ رونقون هيون.
مطلب تہ هن پارڪ جي سونھن کي لفظن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهجي. سڳداسي سارين جي سڳنڌ، ساوڪ، گلن، وڻن ٽڻن جي خوشبو ويتر، ڪيڏو نہ خوبصورت ۽ پرفضا ماحول هيو.
اسان هاڻي واپسي لاءِ مٿي جون ڏاڪڻون چڙهڻ لڳاسين. مٿي چڙهندي اهڙي جاءِ تي اچي پھتاسين جتي سئمنگ پول هيو. جتي ڪيترائي خوبصورت پکي تڙڳي رهيا هئا پر هاڻي تہ هن ماحول ۾ رهندي اسان جي فطري سونھن کان علاوہ ڪنھن بہ پري پيڪر تي نظر نہ پئي ٻڏي. اڀيون ڏاڪڻيون چڙهندي ٿڪجي پيا هئاسين. نيٺ مٿي چڙهي آياسين. هن Alas Harum Bali جي گيٽ تي نالي جي اڳيان شاندار تصويرون ٺھرايونسين. ان کان پوءِ روڊ پار ڪري پيٽر ڏي هليا آياسين. پاسي ۾ اسٽور تان ويندي ويندي جوس ۽ پاڻي جون بوتلون ورتيونسين. ڏاڍي اڃ لڳي هئي. اسان هڪڙا اڳ ۾ پياسا، مٿان وري Alas Harum Bali جي اڃ. پوءِ تہ هوش ئي خطا ٿي ويا

اُما انيار آبشار

اليس حرم کان ٿيندا اسان وري بہ ان ساڳي ئي عُبد واري علائقي جي هڪڙي خوبصورت واٽر فال اما انيار (آبشار) ڏانھن رخ ڪيوسين، جيڪو پھاڙن ۽ گهاٽي جهنگل جي وچ م هيو. تقريبن 35 منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ (16.5 ڪلو ميٽر) پاڻ شھر جي ماحول کان ڏور ٿيندا وياسين ۽ ڪنھن خوبصورت خوابگاھہ ۾ داخل ٿياسين .جيتوڻيڪ هي علائقو صفا ٻھراڙي جو هو، جيڪو شھر کان پري هو، پر هتان جا پڪا روڊ رستا ۽ اڏاوت جي ڪري روڊن تي سوڙھہ بنھہ نہ هئي. هي بنھہ صاف سٿرو علائقو هو، بلڪ ٻين سڀني کان وڌيڪ صاف پئي لڳو. پيٽر نيٺ اچي هڪڙي دڪان جي پاسي ۾ ڪار کي بريڪ ڏني. چيائين تہ، ” پاڻ پھچي چڪا آهيون، اچو تہ هلون.“
هن گاڏي اتي ئي پارڪ ڪئي. اتي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ واش روم وغيرہ جو بندوبست نہ هيو. ممڪن آهي تہ هاڻي ان جو بندوبست بہ ڪيو ويو هجي. (منھنجو مطلب آ تہ پبلڪ واش ورم). دڪان يا ڪو گهر هو، اتي ڪي عورتون، مرد ۽ الهڙ جوان ڇوڪرا سياحن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. پيٽر کي انھن پنھنجي ٻولي ۾ چيو تہ، ”اما انيار واٽر فال تائين توهان اڪيلا نہ ٿا وڃي سگهو، گهاٽو جهنگ آهي، ٻيو تہ توهان نوان آهيو، ان ڪري توهان کي گائيڊ جي ضرورت پوندي.“ ان جو اصل سبب اهو هيو هي آبشار هن فيملي جي نگهباني هيٺ هيو. هن آبشار جي صفائي سٿرائي جو خيال هن فيملي جي اختيار ۾ هيو. ان لاءِ هو ڊونيشن جي نالي تي سياحن کان پئسا وٺن پيا.
پيٽر هنن جي صلاح اکين تي رکي ۽ پاڻ سان ٻہ نوجوان ڇوڪرا ساڻ کنيا. پاڻ پيٽر کي بہ زور ڏنو تہ توهان بہ هلو. پيٽر ٻڌايو تہ، ”هو هتي ڪڏهن بہ نہ آيو آهي، بلڪ هو پھريون ڀيرو هتي آيو آهي.“ جنھن تي هن اسان جي گذارش کي قبول ڪندي اسان سان گڏ هليو. هاڻي اسان نوجوان ڇوڪرن سان ڪچھري ڪندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. هنن نوجوانن جي عمر 16/17 سال کن ٿيندي. هي ڏاڍا ملڻسار، خوشمزاج ۽ بھترين نوجوان هئا.
”هتي ڪھڙو فروٽ ٿيندو آهي؟“ مون هڪڙي نوجوان ڇوڪري کان پڇيو.
”هتي ناريل ۽ ڪيلا گهڻا ٿيندا آهن، پر هن وقت موسم نہ آهي ان ڪري تيار نہ آهن.“ هن جواب ڏنو.
”هن وڻ ۾ تہ پڪا ناريل نظر پيا اچن، هو ڏس مٿي.“ مون هن کي اشارو ڪندي چيو.
”ها پر هي تمام مٿي آهن اسان اوسيتائين نہ ٿا چڙهي سگهون.“ هن انتھائي ادب سان جواب ڏنو.
”هن جهنگل ۾ ڪھڙا جانور رهن ٿا؟“ مون ڊڄندي هن کان پڇيو.
”هتي شينھن، چيتو ۽ ڀولڙو توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا.“ هن وڏي فخر سان چيو.
”ڀلا ڪھڙا نانگ آهن؟“ مون وڌيڪ هن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڪاريھر، لنڊي، ازدها ۽ ان کان علاوہ نانگن جا انيڪ ننڍا وڏا، زهريلا توڙي پاڻي جا نانگ هلندي ڦرندي نظر ايندا.“ هن نانگ جي لٿل کل جيڪا رستي جي پاسي ۾ هيٺ پيل هئي.ان ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو.
پاڻ اڳتي هلي رهيا هئاسين. جنھن پيچري تي پاڻ هلي رهيا هئاسين، اهو ڪو پڪو رستو نہ هو. بلڪ مٽيءَ جو ڪچو پيچرو هو يا ٻَنو هيو جيڪو بارش جي ڪري ترڪڻو ٿي پيو هو. ان تي احتياط سان هلندا رهياسين. پيٽر جو جسماني وزن جيئن تہ ڪجهہ سوايو آهي ۽ سگهو مڙس آهي. ان ڪري پنڌ ڪندي هاڻي هو سھڪي پيو هو ۽ مڙس پگهرجي ويو هو. پيچري جي ٻنھي پاسن کان ڪيلن ۽ ناريلن جا وڏا وڻ نظر پئي آيا. اسان هيٺ لھندا لھندا پئي وياسين.

اُما اَنيار آبشار جو روبدار آواز ۽ کير جھڙو پاڻي

نيٺ جيئن ئي هيٺ آبشار جي ويجهو ٿيڻ لڳاسين تہ مٿان کان هيٺ آبشار جي ڪرندڙ پاڻي جو زوردار آواز اسان جي ڪنن تي پيو. مٿان برساتي موسم جي مھرباني بہ ٿي هئي ۽ هن جهنگل ۾ اما انيار واٽر فال جي درشن جي ڌيان ۽ گيان لاءِ اڳتي وڌي رهيا هئاسين. سامھون کان ڏٺوسين تمام وڏو پاڻي جو نالو يا شاخ وهي رهيو هو ان کي پار ڪرڻ جي لاءِ وچان پل ٺھيل هئي. پل جي اورين پاسي جبل جي چوٽيءَ تي آبشار هو، پر اهو اڃان ٿوري پنڌ تي اڳتي هو. اسان ان ئي پيچري کي وٺي، پاسي پاسي کان، پاڻي جي ان وڏي واٽر جي ڪناري سان هلندا، آبشار جي پڪار کي ڪنائڻ لاءِ هر قدم احتياط سان رکندي بيچين آبشار ڏي وڌي رهيا هئاسين.
هيٺ اونھو واٽر وهي رهيو هو، جنھن ۾ جيتوڻيڪ گهڻو زور ۽ وهڪرو نہ پئي نظر آيو. پر تنھن هوندي بہ احتياط نھايت ضروري بڻجي ويو هيو. ان اما انيار واٽر فال جي شروع ۾ هڪڙي ماءُ/عورت جي مورتي ٺھيل هئي، جنھن جي هنج ۾ ننڍڙو ٻار هيو. ٻار روئي رهيو هو. پر ماءُ جا تاثر اهي هئا تہ هوءَ پنھنجي ٻار کي ريجهائي رهي هئي. هن جي مورتي ڏاڪڻ سان ئي گڏ هئي. اسان ان ماءُ جي جذبي کي سلام ڪندي اڳتي وڌندا وياسين.
آبشار جو آواز اسان کي تمام ويجهو ٿيندو پئي ويو. اسان آبشار جي سڏ کي ورنائي رهيا هئاسين. هو اسان کي پڪاري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو تہ، ”اچو اچو اي پرديسي پرين پيارا، مان توهان لاءِ پنھنجي سونھن جون ٻانھون کولي ڇڏيون آهن، مان توهان کي پنھنجي پاڪ پويتر پيار جي پاڻي سان وهنجارڻ لاءِ آتو آهيان.“ پرتاب اسان کان اڳ ۾ ئي آبشار جي ٿڌي پاڻيءَ سان شنان ڪري هيٺ لھي آيو هو. هاڻي منھنجو وارو هيو ۽ مان اڳتي وڌان پيو، جاني منھنجي پويان اچي پيو.
ڊاڪٽر جو ساھہ فون تي هيو. هو ديس واسين کي هن اما انيار جا موهندڙ منظر لائيو ڏيکاري رهيو هو. هر ڪنھن کي آزادي هئي. هر ڪو پنھنجي منھن سان هيو. ڪنھن کي بہ ڪا جهل نہ پل هئي. ڪو ڪٿي تہ ڪو ڦوٽو ڪڍرائي، هنن خوبصورت لمحن کي ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ چاهي پيو. نيٺ مان بہ پير سنڀاري مٿي آبشار جي دامن ۾ پناھہ ورتي، پر اما انيار جو پاڪ پاڻي مون کي ڳراٽڙي پائي چيو تہ، ”اڃان اڳتي اچ، اڃان مٿي اچ ۽ منھنجي نيڻن جي ٽمندڙ پاڻيءَ کي محسوس ڪري منھنجي درد کان آشنا ٿي. مان اڃان مٿي چڙهي هن جي ويجهو ٿي ڏس. هن پاڻيءَ ۾ ايڏي ڪشش ڪٿان آئي هئي، ڪا خبر نہ هئي. ائين لڳو تہ ڪا غيبي طاقت آهي، جيڪا منھنجن پيرن کي پٿرن تي مضبوطي سان ڄمائيندي مون کي مٿي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي آهي. هي ٻيئي ڇوڪرا حيران هئا ۽ هو پوئتي ٿي رهجي ويا هئا. مون ڏٺو تہ اهي اتي ئي هيٺ بيھي رهيا آهن ۽ مان مٿي چڙهي رهيو هيس.
پيٽر تہ پوئتي اتي ئي واٽ ۾ ئي ويھي ويو هو. هو ٿڪجي پيو هو. هن جي همت نہ ٿي هئي تہ هو اڳتي مٿي آبشار جي ڀاڪر ۾ اچي پناھہ وٺي. اسان بہ ضد نہ ڪيو. هن جي مرضي هئي. اسان جي ٻن گائيڊ ڇوڪرن مان هڪڙو ڇوڪرو مون سان هيو ۽ هو منھنجون تصويرون ٺاهي مون کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
مان هاڻي بلڪل آبشار جي مٿان ڪرندڙ پاڻي جي هيٺ بيٺو هيس. هن پاڪ پويتر پاڻي منھنجي سڄي بدن کي پُسائي ڇڏيو هو. مون پنھنجي موبائيل اڳ ۾ ئي گائيڊ ڇوڪري جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. مان ۽ اُما انيار آبشار ڀاڪر پائي هڪ ٿي ويا هئاسين. ايڏي ٿڌي پاڻيءَ سان مان ڪڏهن بہ نہ وهنتو هيس. واھہ واھہ !!!. پاسي ۾ جبل ۽ ان جي گهرائي جون پاڙون پکيڙيل قداآور وڻ، هن آبشار جي سونھن ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. پاڻي جي ڪري پٿر ترڪندڙ ٿي ويا هئا. ٻہ ٽي دفعا پاڻ کي بچائيندي، پير ترڪي پيو، پٿر تي نہ بيٺو، پر پوءِ بہ پاڻ کي سنڀالي، ڪرڻ کان بچائي ورتو. ائين لڳو تہ ڪنھن غيبي طاقت مون کي ٻانھن کان پڪڙي مون کي هيٺ ڪِرڻ کان بچائي ورتو هيو.
جاني هاڻي مٿي اچي چڪو هو ۽ مان هيٺ لھي آيو هيس. اسان هن جنت ۾ هڪٻئي کان صفا الڳ الڳ ٿي ويا هئاسين. پرتاب پل پار ڪري واٽر جي هُن پار پاڻي ۾ هيٺ لھي ويو هو ۽ اتي ئي پٽ تي ليٽي هن فطري سونھن کي دل جي گهراين سان ۽ روح جي اوچائين سان محسوس ڪري رهيو هو. هن کي شايد هتي تمام وڏو روحاني سڪون مليو هو. هو اتي ڪافي دير خاموش ليٽيل رهيو. ان مان اندازو ٿي رهيو هو تہ شايد هو ان آبشار جي پاڻي سان سرگوشيون پيو ڪري. آبشار جو صاف شفاف کير جھڙو پاڻي، اکين جي روشني سان گڏ اندر جي رونقن ۾ پڻ ترورا پيدا ڪري، روح کي تازگي بخشي رهيو هو.

پاڪ پاڻي ۽ اگهاڙو مجسمو

پاڻي جا ڪرندڙ ڦڙا ڄڻ تہ ڪي ماڪ ڦڙا هجن. مان هاڻي آهستي آهستي اُما انيار آبشار کان موڪلائي هيٺ لھي اچي رهيو هوس تہ ڪنڊ ۾ اهڙي پوائنٽ هئي، جتي هڪڙي ننڍڙي پٿر تي سونھري/ڦڪن اکرن ۾ انگريزي م لکيل هيو؛ Holly Spring Water
ان پٿر جي مٿان هڪڙو ٻيو وڏو پٿر هيو جنھن تي انگريزي م لکيل هيو؛

Holy Spring Water
Prohibited to take a shower, washing clothes and the ladies on menstruation period. It is forbidden to entre the spring water area, permitted for purification wearing a Sarong and a shawl.
ان کان پوءِ هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي نڪتاسين، جتي سيمينٽ جو ٿلھو ٺھيل هو، جنھن جي وچ ۾ ڪاٺ جي ٿوڻي لڳل هئي. جيڪا سڪل وڻ جو ڪاٺ هيو. هن جي پاسي سان واٽر يا شاخ جو پاڻي وهي رهيو هو. هي انتھائي خوبصورت منظر لڳي رهيو هو. ان جاءِ تي هڪڙو سائن بورڊ لڳل هيو. جنھن م سياحن لاءِ ڪي احتياطي تدبيرون انگريزي ۽ ٻي ڪنھن ٻولي ۾ لکيل هيون. جيڪي پڙهندڙن لاءِِ هيٺ ڏجن ٿيون:
“OM Swastiastu”
Welcome to Uma Anyar Waterfall
1.watch your step, considering the slippery and mudy path.
2. Keep your clothings safe, there are a lot of monkeys.
3. Ensure you get the permission from the guide before you swim.
4. Don’t swim in rainy season due to high tide.
5. Be careful when tepping on the stone since it’s slippery and steep.
6. Put your garbage on the trash can.
هتي تعميراتي ڪم جاري هيو ۽ ان کي سائي رنگ جي ڊگهن ڪپڙن سان ڍڪيو ويو هو. ان پاسي کان ٿيندو ٿورو اڳتي آيس تہ سيمنٽ جي مڇي جي پڇ واري مورتي ٺھيل هئي. جنھن کي ڪو بہ رنگ وغيرہ ڏنل نہ هيو. هن جو مٿيون ڌڙ بلڪل ننگو هيو جڏهن تہ هن جو هيٺون ڌڙ صفا ليپو ڏيئي بند ڪيو ويو هو. بلڪل اهڙو جھڙو مڇيءَ جو هيٺيون ڌڙ هوندو آهي. هي ٻہ عجيب مورتيون هيون. هڪڙي مورتي کي پاسيرو سمھاريل ڏيکاريو ويو هو، جڏهن تہ ٻي کي ان مورتي جي پويان ويٺل ڏيکاريو ويو هو. ڪاريگر جو ڪمال اهو هيو تہ هي هيون تہ مورتون پر انھن ۾ ساھہ پيل نظر پئي آيو ۽ جيئريون جاڳنديون لڳن پيون. ڪمال جي ڪاريگري سان سنگتراشي ڪيئي ويئي هئي.
جبل جي اندر ڀڪ ۾ هي مورتيون ٺاهيون ويون هيون يا وري ٻاهران ٺاهي، تيار ڪري، تراشي کڻي اچي هتي رکيون ويون هيون. ڊاڪٽر دنيا کان لاتعلق ٿي ماحول جو مزو وٺندي هڪڙي پٿر تي پل جي ڀر سان ويھي محبتن جا منتر پڙهي رهيو. چوندا آهن تہ خاموشيءَ کي بہ زبان هوندي آهي، اُها هن جي خاموشي بذات خود ڳالھائي رهي هئي. بس پنھنجي منھن سان سرگوشيون، اڪيلايون ۽ آبشار سان ڪچھريون.

پيٽر جي ٿڪاوٽ ۽ پرعزم ارادو

اهڙي ريت واپسي جي موڊ ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئيسين. پيٽر ٿڪجي پيو. هاڻي هن لاءِ واپس مٿي چڙهي گاڏي تائين هلڻ ڏاڍو ڏکيو هو. آهستي آهستي ساڳي ئي پيچري سان واپس ٿياسين. پيٽر کي هي آبشار ۽ هن جو ماحول ڏاڍو پسند آيو هو. ان ڪري هن چيو هو تہ هو ٻي دفعي پنھنجي فيملي کي گهمائڻ هتي وٺي ايندو.
پيٽر اهو ٻڌايو تہ هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ايترو گهڻو پنڌ نہ ڪيو آهي. ان ڪري اڄ هو تمام گهڻو ٿڪجي پيو آهي. مون پيٽر جي حوصلا افزائي ڪندي چيو تہ، ”پيٽر ! هي پنڌ تنھنجي صحت لاءِ تمام ضروري آهي، اڄ تنھنجي جسم مان جيڪو پگهر نڪتو، اهو تو کي رات جو دير سان ڪم ايندو.“ هو منھنجي ڳالھہ سمجهي ويو هو. هن جي چھري تي مرڪ تري آئي هئي.
هاڻي پاڻ واپس پنھنجي گاڏي جي پارڪنگ وٽ پھتاسين. گهٽي جي ڪنڊ ۾ ئي هنن نوجوانن جي چندي جي پيتي (شيشي واري) رکيل هئي. جنھن تي انگريزي ۾ donation لکيل هيو. انھن گائيڊ ڇوڪرن ان پيتي ۾ 5000 انڊونيشن رپيا رکڻ لاءِ چيو. اسان چندي جي پيتي ۾ ايترا پئسا وجهي، نوجوانن کي ٽپ ڏيئي، موڪلائي گاڏي ۾ ويھي رهياسين. هاڻي پيٽر اسان کي تينگئن Tegenungan Waterfall گهمائڻ وٺي وڃي رهيو هو.

تينگئن آبشار

Tegenungan Water fall

پاڻ پيٽر سان هڪ دفعي ٻيھر اُبد جي روڊن جي رونقن کي محسوس ڪري، هتان جي سونھن جي سواد جو مزو وٺي رهيا هئاسين. اُما انيار آبشار کان تينگئن واٽر فال تائين 2.4 ڪلوميِٽر جو پنڌ هيو. جيڪو هن تقريبن پنجن ڏهن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ پورو ڪيو ۽ اُبد جي شھر کان 10.1 ڪلو ميٽر يعني تقريبن 21 منٽن يا 1ڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. هاڻي پاڻ تينگئن آبشار ۾ انٽري هڻي رهيا هئاسين. مين گيٽ تي سيڪيورٽي مورچو ٺھيل هيو، جتي ٽڪيٽون پڻ سيل ٿي رهيون هيون. اسان چار ٽڪيٽون خريد ڪيونسين. ڇو تہ اسان سمجهيوسين تہ ڊرائيور جي ٽڪيٽ نہ هوندي پر جڏهن پارڪنگ ايريا ۾ ٽيڪسي پارڪنگ ڪئي تہ ڪنھن ڊرائيور ٻڌايو تہ، ”ڊرائيور جي ٽڪيٽ فري نہ آهي.“
پيٽر وري سيڪيورٽي ڪيبن ۽ ٽڪيٽ گهر ڏي واپس ويو ۽ هن سان جاني بہ ساڻ هليو. اها ڳالھہ درست هئي تہ ڊرائيور جي ٽڪيِٽ فري نہ هئي، پرتاب پيٽر جي ٽڪيٽ پاڻ ورتي. هاڻي اسان وٽ پنجن ڄڻن جون ٽڪيٽون هيون، جيڪي انڊونيشن 100000 هڪ لک روپيا هئا. يعني000،20 هزار هڪڙي ڄڻي جا. جڏهن تہ پارڪنگ في پڻ پنج هزار روپيا الڳ آهي، جيڪا پيِٽر پاڻ ڀري هئي. پيٽر بہ اسان جي ڪمپني جو ساٿي بڻجي ويو هو. ان ڪري اسان چاهيون پيا تہ پيٽر کي بہ پاڻ سان گڏ تينگئن آبشار تائين وٺي هلون، ڇو تہ هو پاڻ بہ گهمندو ۽ ٻيو تہ اسان جي سامان جي بہ حفاظت ڪندو ۽ اسان جا ڦوٽو پڻ ڪڍندو رهندو. ياد رکو تہ هي واٽر فال صبح سوير ساڍي ڇهين وڳي کلندو آهي ۽ شام جو ساڍين ڇهين وڳي بند ٿيندو آهي.
پاڻ ٽڪيٽون هٿن ۾ ڪري اڳتي وڌندا رهياسين. روڊ جي ٻنھي پاسن کان تمام وڏا دڪان هئا. ڄڻ تہ هي بہ هڪڙو شھر هو. جنھن ۾ ضرورت جي هر شي موجود هئي. اڳيان سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ هئي، جتي ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ سان گڏ اسان جي بہ جهڙتي ورتي وئي. پاڻ اتان ڪليئر ٿي نڪتاسين تہ سامھون کان مڪئي جي سنڱ وارو دڪان نظرآيو. جاني دڪان ڏسندي ئي اتي ئي بيھي رهيو. جاني سنگ ورتا سو سنگ کائيندا اڳتي تينگئن آبشار ڏي هلندا رهياسين.
گهڻو ڪري سڀني دڪانن ۾ عورتون ئي واپار ڪري رهيون هيون. ڪولڊ ڊرنڪ، جوسز، چپس، آئس ڪريم، ناريل ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين سان گڏ، ننڍا وڏا تحفن جا تمام گهڻا دڪان هئا. خاص ڪري عورتن ۽ مردن جا سبيل ڪپڙا، پينٽون، شرٽون، ٽي شرٽون، ٽارائوزرس، ٽوپلا ۽ ليڊيز پرسس نمايان لٽڪندي نظر پئي آيا.
مطلب تہ تمام وڏي بازار هئي،جتي خاص ڪري عورتن جي وڏي رش هئي. جاني جو موهيندڙ، وڻندڙ ۽ نمايان اسٽائيل هيو. هن کي سفيد رنگ جي بنا ٻانھن واري گنجي پاتل هئي ۽ ان سان هن کي ٽائورز پاتل هيو ۽ پيرن ۾ ڪھين واري چمپل. هتي ڪير بہ ڪنھن جي ڪپڙن کي نہ ٿو ڏسي تہ توهان کي ڪپڙا پاتل بہ آهن يا نہ. ڀلي توهان اگهاڙا هلندا وتو، توهان ڏي ڪو بہ ماڻھو متوجھہ نہ ٿيندو، ڇو تہ ڪنھن کي ايترو ٽائيم ڪونھي جو بيھي توهان کي ڏسي. اڳيان ئي فريش جوس جو دڪان هيو. جنھن جي ڪائونٽر واري ٽيبل جي ٻاهران انگريزي ۾ لکيل هو؛
D’ayodhya Resto
Fresh Fruit Juices, Smoothies, Milk Shakes
هتي جيڪي فريش جوسز هئا، انھن ۾ اناناس، ڊريگن، ڪيلو، ڇانھين، انب، صوف، ۽ مالٽي سان گڏ پپيتي جو جوس موجود هيو. انھن فروٽن جي پاسي ۾ ٻہ ناريون پڻ بيٺيون هيون، جيڪي ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي سڏي جوس خريد ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيون هيون.

تينگئن آبشار جون سياحن لاءِ صلاحون

پاڻ جيئن ئي اڳتي وڌياسين تہ سامھون وڏي سائيز جي بورڊ تي هيٺون شيون لکيل هيون.
‘OM SWASTIASTU”
Welcome to Tegenungan Waterfall
هن بورڊ تي سياحن لاءِ ڪجهہ هدايتون درج هيون، جيڪي توهان جي توجھہ لاءِ هيٺ پيش ڪجن ٿيون؛
1. Before you swim please first look at ban sign red flag.
2.Don;t swim under the waterfall something will probably fall.
3. Please don’t swim in raining season. Because the rain will make a big water (flood)
4.Do’nt jump(we don’t want to see more accident again)
5. Please be careful if you take a picture in the middle and on the top of waterfall very slippery and dangerous.
6.And please throw the garbage into the trashcan(mother earth will cry if you throw away garbage carelessly).
اهي هدايتون پڙهي پاڻ اڳتي نئين دنيا، نئين ماحول ۽ نون چھرن جي ماحول ۾ منڊجي وياسين. تينگئن آبشار ڏانھن ويندڙ رستي جي ڏاڪڻ لھڻ کان اڳ ۾ ڪنڊ ۾ هڪڙو ڪاٺ جو چبوترو ٺھيل هو، جنھن جي هيٺان وڏو ڪاٺ جو صندل رکيل هو. جتي ڪي مور ماڻھو ويٺي روح رهاڻيون ڪري رهيا هئا.
هيٺ ويندڙ ڏاڪڻين سان گڏ ٻن عورتن جون مورتيون رکيل هيون. جنھن جي هٿن ۾ ڇٽي جا وڏا لڪڙا ڏنل هئا، جن جي سرن تي تاج ۽ انھن جي هيٺن تن تي ثقافتي ڌوتي پاتل هئي. سامھون بورڊ لڳل هو، جنھن تي وڏن اکرن سان ڦڪي رنگ ۾ لکيل هو ؛ Welcome to Tegenungan Water fall هي بہ سڄو علائقو سائو لش هيو.
هي آبشار بہ جبلن جي وچ ۾ هيو. دوستن اتي بيھي سامھون کان سڄي منظر جو مزو پئي ورتو تہ مڪئي جي سنگ جو بہ. يعني هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻہ مزا. سامھون کان اڇي کير جھڙو آبشار نظر پئي آيو. جنھن جو پاڻي مٿان کان هيٺ ڪري تالاب جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. پرتاب بہ ٿوري دير لاءِ ان چبوتري جي صندل تي ويھي دنيا جي غمن کي وساري، ٿانيڪو ٿي، هن خوبصورت ماحول جي مزي سان گڏ مڪئي جا بہ مزا ماڻي رهيو هيو.

آبشار ۾ ڀنل جسمن جي خوشبو

ڏاڪڻين کان پاڻ هيٺ لھڻ شروع ڪيو هو. هي تمام اڀيون ڏاڪڻيون هيون. هن سيمنٽ واري ڏاڪڻ ۾ 150 ڏاڪا آهن، جيڪي ڏاڍا خطرناڪ هئڻ سان گڏ رسڪي پڻ آهن. هي ڏاڪا لھڻ تہ سولا آهن پر واپسي ۾ مٿي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خاص ڪري وڏي عمر ۽ معذور ماڻھن لاءِ تہ هي وڏو چيلينج هوندو آهي. کاٻي پاسي کان هڪڙو واٽر فال وهي رهيو هو. پر اتي وڃڻ لاءِ ڪو بہ سڌو سنئون رستو نظر نہ آيو. سڀ کان اڳ ۾ پرتاب سڌو هيٺ لھڻ واريون ڏاڪڻون ڇڏي، ان پاسي واري آبشار جو رخ ڪيو. ائين پيو محسوس ٿئي تہ اهو آبشار پرتاب کي پري کان پڪاري رهيو هجي. جڏهن پرتاب اسان سڀني کي ڇڏي، ان آبشار ڏانھن رخ ڪيو تہ جاني بہ ان جي پويان ئي آبشار ڏانھن نڪري پيو ۽ پوءِ مون وٽ بہ ڪو رستو نہ هيو، سواءِ ان پاسي اسھڻ جي.
سو مان بہ هنن جي پويان ئي ويس. رستي تي ڪيترائي پٿر پيا هئا، جن جي ڪابہ ترتيب، ڪا بہ سيٽنگ نہ هئي. آبشار جي پاڻي ڪرڻ جي ڪري هي پٿر ترڪڻا ٿي چڪا هئا. هن آبشار جي پاسي ۾ ڪافي وڻ ۽ گهاٽو جهنگ هيو. پٿرن تان ڪاٺي کڻي، ان تي زور/ٽيڪ ڏيندي آبشار ڏي وڌڻ لڳس پر ڪاٺي پھرئين زور ۾ ٽٽي ٻہ اڌ ٿي پئي هئي. پر پوءِ بہ پاڻ همت نہ هاري نيٺ آبشار جي هيٺان پھچي حيدري نعرو هڻي، پاڻ ۾ هڪ نئين جذبي جو روح ڦوڪيو.
آبشار جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو هيو ۽ ان سان گڏ صاف شفاف پڻ هيو. هيٺ پٿرن تي پاڻي جي ڪري سينور واري ساواڻ ٿي ويئي هئي، جتي ڪنھن بہ ماڻھوءَ جو پير ترڪي سگهي پيو. پاڻ کي سنڀاليندي ۽ بورڊ وارن هدايتن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي وياسين. هاڻي پاڻ ٽيئي ان آبشار جي پاڻي جي پاسي ۾ بيھي ٿڌي پاڻي سان شنان ڪري، زندگي جو ٻيو خوبصورت روپ محسوس ڪري رهيا هئاسين.
ڊاڪٽر هن پاسي نہ آيو هو. هو سڌو رستو وٺي اڳتي نڪري ويو هو. جيتوڻيڪ مون هن کي ڪافي سڏ ڪيا پر هن اسان ڏي ڌيان گهٽ ڏنو. ڇو تہ هن جي نگاهن جو مرڪز هن وڏي آبشار جو ڪرندڙ پاڻي هيو. سو اسان اتان کان ئي شارٽ ڪٽ ڪندي، پاسي واري هوٽل جي اندران ئي ماڻھن جي وچان نڪري اصل آبشار ڏي روانا ٿياسين.
جيتوڻيڪ هوٽل جو مالڪ اسان کي ڪاوڙ مان ڏسي رهيو هو ۽ دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو تہ، ”هي ڪو لنگهہ يا رستو تہ ڪونھي، جو توهان گهڙي پيا هو.“ پر هن ڪجهہ بہ نہ چيو. اسان کان پوءِ هن اهو رستو بہ بند ڪري ڇڏيو تہ جيئن ڪو هتان کان نہ گذري ۽ هن جا گراهڪ ڊسٽرپ نہ ٿين. هن سفر ۾ پيٽر بہ اسان سان گڏ هيٺ لٿو هو. جيتوڻيڪ پيٽر جو اڄوڪي ڏينھن جو تجربو ڏاڍو ڪٺن هيو پر هن اسان کي جواب نہ ڏنو ۽ هيٺ لھندو هليو.
هاڻي پاڻ بلڪل ڏاڪڻيون لھندا هيٺ لھي وياسين. هتي ماڻھن جي تمام گهڻي پيھہ هئي. سامھون کان بانس جا ٻہ ٽي لڪڙا گڏ ٻڌل هئا، جيڪي اڳيان ڍنڍ جيان ڏيک ڏيندڙ پاڻي تي رکيل هئا. هي ڦوٽوگرافي جي بھترين پوائنٽ هئي. ڇو تہ هن جي بئڪ گرائونڊ ۾ جبلن ۽ آبشار جي پاڻي جو شاندار منظر نظر پئي آيو. سياح اتان انھن لڪڙن تي پنڌ ڪندي، لڪڙن جي ڇيڙن تي پھچي تصويرون ڪڍرائڻ ۾ مصروف هئا.
ان جاءِ تي ڪنڊ ۾ هڪڙو دڪان هيو. جنھن وٽ ڪاٺ جي پٽين ۾ ڪيترائي ڏاهپ وارا عجيب قول لکيل هئا. خاص ڪري پريمي جوڙن بابت ۽ پيار جي باري ۾. مون بہ ان دڪاندار جي پرمشن جي بغير هڪڙو ڪاٺ جو ٽڪڙو جنھن تي انگريزي ۾ سفيد اکرن ۾ لکيل هيو
“you should be here” جنھن کي سيني سان لائي جاني کي چيو تہ ”هن سان هڪڙي تصوير ڪڍو.“
جاني منھنجي تصوير ٺاهي ورتي، ان کان ڊاڪٽر بہ آيو ۽ هن بہ اتان هڪڙي پٽي کنئي جنھن تي لکيل هيو، “Love forever, love together” جنھن سان هن تصوير ڪڍرائي، دڪاندار اسان کي ڏسي رهيو هو تہ هي ڇاپيا ڪن. نہ اجازت نہ موڪل نہ ئي عرض. بهرحال هن شايد اسان کي اجنبي سمجهي اها حجت برداشت ڪئي هجي پر اسان جو اهو عمل اصل ۾ اصولن ۽ اخلاقن صحيح نہ هيو.
پيٽر ان جاءِ تائين اسان سان ساٿ نڀايو پوءِ معذرت ڪندي چيائين تہ، ”مان ڏاڍو ٿڪجي پيو هان، هن کان اڳتي توهان سان نہ ٿو هلي سگهان، مان هتي ئي بيھان ٿو، توهان آبشار کان ٿي اچو.“ جبل جي هيٺان ڪنڊ ۾ پاڻي جو نل وهي رهيو هيو جنھن جي مٿان پٽي لڳل هئي، جنھن تي ”هولي واٽر يعني پاڪ پاڻي“ لکيل هو.

آبشار جو گرم پاڻي ۽ نازڪ جسم

مون ان پاڪ پويتر پاڻي سان هٿ مُنھن ڌوتو تہ واقعي مون کي محسوس ٿيو تہ هن پاڻي ۾ ڪجهہ آهي. اتان ٿورو اڳتي جيئن ئي هلياسين تہ هڪڙي پلصراط ٺھيل هئي، جنھن تي بہ بانس جا ٽي لڪڙا گڏ ٻڌل هئا، جيڪي 20/25 ڦٽ جا هئا، ان جي هيٺان پاڻي وهڪري سان وهي رهيو هو. ڇو تہ هيٺ نالو هيو.
ان کي پار ڪري پريان آبشار ڏانھن وڃڻو هو. اسان کان اڳ ۾ ڪيترائي ننڍڙا ٻار ۽ فيمليز اتان ٽپي پرئين ڀر وڃي رهيا هئا، جن کي اها پلصراط پار ڪرڻ ۾ ڏاڍي دشواري ٿي رهي هئي.
پاڻ اتان ڏکيائي سان ٽپي پار پيا هئاسين، جيتوڻيڪ هيٺ ڪو ايڏو پاڻي نہ هيو پر پوءِ بہ پاڻي جو ڊپ. پويان هڪڙي پوڙهي ۽ ان سان نوجوان انگريز ڇوڪري اهي بہ پل پار ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيھي رهيا هئا. پوڙهي جو هڪ تہ وڏو وزن هيو ٻيو تہ عمر جي بہ وڏي هئي.
ان ڪري ان مڙهي کي پار ڪرڻ وقت سھاري جي ضرورت هئي. مون جاني کي رڙ ڪري چيو تہ، ”جاني همت ڪر، پوڙهي جو هٿ وٺ، هن کي هي پل پار ڪرائي.“
جاني دير ئي نہ ڪئي. هڪدم حڪم جي تعميل ٿي ويئي. جاني پوڙهي کي هٿ ڏيئي مدد لاءِ چيو. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ويئي. ۽ ڏسندي ڏسندي پوڙهيءَ کي ڀر وارو رستو پار ڪرائڻ لڳو. پرمون کي خبر نہ هئي تہ جاني منھنجي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هن جي ڌيءَ کي پٽائي چڪو هو. جاني کي هن جي ڌي اشارو ڪري چيو هو تہ، ”منھنجي ماءُ جو هٿ وٺي، هن کي رستو پار ڪرايو.“ سو جاني ان کي فالو پئي ڪيو نہ ڪي مون کي. مون کي تہ اتي ئي دال ۾ ڪارو لڳو.
جاني پوڙهيءَ کي اها پل پار ڇا ڪرائي، ڄڻ چنڊ تي قدم رکي چڪو هو. ڇوڪري جاني تي فدا ٿيندي شڪريو ادا ڪندي چيو، ”ٿينڪ يو برادر.“ هن جي ان جملي جاني جا پتا ئي ساڙي ڇڏيا هئا. جاني جي چھري جا تاثر ئي مٽائي ڇڏيا هئا. هن جو موڊ خراب ٿي ويو هو. ”ڇا ٿيو جاني!؟“ مون جاني کان پڇيو.
“”بس سائين ڪنھن سان چڱائي ڪجي ئي نہ.“ مان سمجهي ويو هئس تہ ڪو چڪر آهي. ان ڪري سوچيم تہ ”ادي کي خبر نہ چار ادي کي عشق انڌو ڪيو “ واري ڪار هئي.
”ڪا ڳالھہ ناهي جاني، ماڻھو کوڙ، تون اڳتي هل.“ مون هن کي پريان کوڙ سھڻا ماڻھو آبشار ۾ وهنجندي ڏيکاريا.
جاني دونس ۾ زمين تي لت وهائي ڪڍي، مون کل کي روڪيندي، جاني کي صبر جي تلقين ڪئي. ائين چئي پاڻ اڳتي واٽر فال ڏي اسھڻ لڳاسين. هتي اسين سڀ مسافر هئاسين. سونھن وارن ۽ حسن پرستن جو قافلو روان دوان هو. مون کي مختيار سمون جي ڪتاب ”وفائون منتظر آهن.“ مان سندس خوبصورت غزل جا ڪجهہ بند ياد ٿا اچن تہ:
سڀ مسافر آ روان هي قافلو،
زندگي هڪڙو نہ کٽندڙ سلسلو.
ڇانوَ ۾، اس ۾ ۽ رڻ پٽ ۾ ڪڏهن،
ماڻھو ڪڏهن ميڙ ۾ بہ هيڪلو.
خواهشن جي ڍير تي بيھي ڏٺم،
هر گهڙي هڪڙو نئون آ مسئلو.
عشق ٻوڙيو آ، ڪڏهن تاريو بہ آ،
هڪڙو گذريو، ٻيو اڳيان آ مرحلو.
پير پاڻ ئي منزلن ڏي ٿا وڌن،
جي بلند آهي سدائين حوصلو.

ٽن يارن جي آبشار سان ياري ملھائڻ

سامھون واري جبل جي بلندي تان گهڻو پاڻي هيٺ ڪري تلاءَ بڻجي رهيو هيو. منھنجا دوست اڳتي ان تلاءُ ۾ تڙڳڻ لاءِ بيچيني سان تڪڙيون وکون کڻي رهيا هئا. خوبصورت ماڻھن جو انبوھہ ان طرف ڇڪجي وڃي رهيو هو. رستي تي پٿر ئي پٿر هئا. پٿرن تي پيرن کي مضبوطي سان ڄمائيندي، ڪِرڻ کان پاڻ کي بچائيندي پاڻ هر قدم آبشار جي پاڪ پاڻي ڏانھن کڻي رهيا هئاسين. اردو ادب جي نالي واري شاعر مصطفيٰ زيدي جي غزل جو بند آهي:
ان ہی پتھروں پے چل کر اگر آسکو تو آئو،
میرے گهر کے راستے میں کوئی کہکشاں نہیں ہے۔
هن آبشار جو اصول بہ عجيب هيو تہ هو پاڻ کي نيم عرياني وارن جسمن کي سڏي رهيو هيو، اسان پاران جيڪي جينز ۾ هئا، اهي آبشار جي گڊ بڪس ۾ نہ هئا. ڇوتہ هتي سڄي دنيا جا ماڻھو ان اصول تي عمل پيرا هئا ۽ اهي اهو سمجهن پيا تہ جسماني طور تي نيم عرياني ۾ ئي پاڻي سان کيچل ڪرڻ جو مزو ماڻي سگهجي پيو. اسان جي دوستن بہ پنھنجا ڪپڙا لاهي، شارٽس پائي، پنھنجن جسمن جي سرعام نمائش ڪرڻ لاءِ پاڻي ۾ لھي پيا. مان پاڻيءَ کان ڪوهون ڏور بيٺي ان سڄي سماءُ ۽ محبتن جي وايومنڊل جو اکين ڏٺو شاهد ٿي مزو ماڻي رهيو هيس. دوستن پنھنجا پرس، موبائيل، ڪيش ۽ ٻيو ضروري سامان اتي ئي پاڻي کان ٿورو پري، هيٺ پٿرن تي رکي ڇڏيا هئا ۽ مون کي انھن شين جو رکوالو ڪري، پاڻ پاڻيءَ ۾ لھي پيا. منھنجي پاسي کان هڪڙي شوخ حسينہ مون کي ڏسندي مسڪرائي سلام ڪري، منھنجي بدران آبشار جي پاڻيءَ جي ور چڙهي ويئي. مون کي ائين لڳو تہ هُن مون کي اکين سان پنھنجي پويان اچڻ جي دعوت ڏني هجي. مون کي ڪامريڊ ڪريم سيال جي شاعري جا بند ذهن ۾ تري آيا؛
مسڪرائي نہ هلندي ڪر روڊ سان،
متان حادثا نہ ٿي پون تو هٿان...
سونھن تو مان سکي ايترو بکي ٿي،
چنڊ اڀريو هو ڄڻ تنھنجي نيڻن مان،
ڪير ڀر مان ويو آهي گذري ”ڪريم“،
جو لڱن مان نہ ٿي وڃي خوشبو اڃان.

هر طرف جلاوه افروز، محبوب ادائن وارن محبوب ماڻھن جا جلاوه هئا. ان شام شايد سونھن جي ديوين يا پرين جو اتي لھڻ ٿيو هو. مون کي تہ هي پرين جو آستان ٿي لڳو، جتي حسن جون ديويون پنھنجي جسم جي نمائش لاءِ صاف شفاف پاڻي کي پنھنجي جسم کي ڇھاءُ جي دعوت پيون ڏين. پاڻي جو وهڪرو بہ انھن قاتل حسينائن جي جسمن کي ڇهي ڪري ويتر وڌيڪ زور وٺي رهيو هيو. شايد هن جاءِ تي اياز آيو هو، جنھن هن منڪر ماحول کي ڏسي شيخ اياز چيو هو تہ:
قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،
ڪري ويو ڪو بارشءِ مئي، خمار آلود ٿيا زمانا.

پاڻي ۾ جوش بہ هوتہ شور بہ هو. شور بہ اهڙو جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. اسان جا ٽيئي دوست وهنجندي وهنجندي جبل جي پرئين ڪنڊ سان وڃي لڳا ها. مون جاني جي ڪيمرا سان انھن جي فلم ٺاهڻ شروع ڪئي هئي ۽ ان مووي ۾ ڪٿي ڪٿي هنن جا ڪلوز اپ وٺي، انھن دوستن جي تڙڳڻ جو انداز ڏسي خوشي محسوس ڪري رهيو هئس.
مون ڏٺو ڊاڪٽر سنتوش پاسو وٺي لڪ ڇپ ۾ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ وڌندي وڌندي وڃي هڪڙي الهڙ ديوي جي پاسي ۾، محبتن جي تالاب ۾ اونھيون ٽپيون هڻي، ڪي ماڻڪ موتي لعل هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ محو هيو. مون سمجهيو تہ ڊاڪٽر کي ڪو پرل، ڪو هيرو، ڪا سپ يا ڪو قيمتي ياقوت، مرجان هٿ لڳي ويو آ جو هو بار بار هيٺ ٽُٻي هڻي ٻاهر نڪري پيو ۽ هن جي پاسي ۾ جيڪا سپ هئي، سا ڇرڪ ڀري اتان پري ٿي اچي جانيءَ جو پاسو ان اميد سان ورتو تہ هي شريف ڇوڪرو ڪا بہ هجت نہ ڪندو، پر ائين نہ هيو. هن کي خبر نہ هئي تہ هي شرارتي ڇوڪرو تہ سڀني جو اڳواڻ آهي.
جڏهن جاني بہ نڪ تي هٿ رکي آبشار جي پاڻي ۾ گهري ٽٻي هڻي گم ٿي ويو تہ مون کي شڪ ٿيو تہ هو بہ ڪا نہ ڪا حرامپائي ضرور ڪندو ۽ ٿيو بہ ائين جو ان سونھن واري سپ هڪ دفعو ٻيھر ايئن زوردار ڇرڪ ڀريو جيئن ڪا هرڻي ٽاھہ کائي اڳتي ڇال هڻي. سو مون اڃان بہ ڪلوز اپ وٺي ڏٺو تہ هاڻي اها پري پيڪر ڪاڏي ٿي وڃي. نيٺ هن پرتاب جو پاسو ورتو. ان مھل مون سمجهيو تہ هاڻي پرتاب ٽٻي هڻندو پر هن دفعي ان جي ابتڙ ٿيو، ان سونھن ديوي پاڻ هڪڙي زوردار ٽٻي هنئي، نتيجي ۾ پرتاب پريان وڃي جبل جي ڪنڊ تي چڙهي ويھي رهيو.
اتان مون کي هٿ لوڏي اشارو ڪيو ته”ادا بچاءُ ٿي ويو آهي‏، مان اوڪي آهيان.“ ان کان اڳ ۾ جو مان پنھنجي ڪيمرا جو رخ ٻي پاسي ڪيان، پاڻي منھنجي پيرن تي اچي لڳو هو. مون ڇرڪ ڀري تڪڙ ۾ دوستن جو سامان کڻي پوئتي ڪيو. هاڻي پاڻي جي وهڪري ۾ ڪافي تيزي آئي هئي. ڇو تہ برسات بہ ٿي رهي هئي. هرڪو پنھنجي مستيءَ ۾ مست هيو. ڪنھن کي بہ ڪنھن جي پرواھہ نہ هئي تہ ڪو ماڻھو اسان جي نيم اگهاڙن جسمن کي گهوري رهيو آهي، يا اسان جي وڊيو ٺاهي رهيو آهي. مون سان گڏ ڪيترائي سياح هن ماحول جي يادگار وڊيو ٺاهي رهيا هئا.
ڪيئي جوڙا اندر رومانس جي رونشي ۾ محو نظر آيا. چپن جا زوردار ٽڪراءُ ٿيندا رهيا، جن جوآواز آبشار جي آواز سان ملي دٻجي خاموش ٿي ويو. پيٽر بہ پري کان ڏسي هٿ لوڏي رهيو هيو. پاڻ کي هتي ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو. منھنجا دوست نڪرڻ جي وائي ئي نہ پيا ڪن. پاڻي تمام گھرو نہ هيو، پو بہ پنج ڦٽ کن هيو.
هتي انگريزياڻيون، انگريزن سان تڙڳڻ جو مزو ماڻي اسان کي سڪائي رهيون هيون. جبلن جي گهيري ۾ ۽ مٿان ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هي آسمان ڪنھن جنت جون سڪون لاهي پيو. هاڻي پيٽر بہ ٿڪجي پيو هو. هن بہ اشارو ڪندي چيو تہ، ”ڪافي ٽائيم ٿي ويو آهي ٻاهر نڪري اچو تہ هلون.“ مان بہ دوستن کي ساڳي نوازش جو پيغام هٿ جي اشارن سان ڪندي چيو هو تہ، ” ڪافي ٿيو آهي، اچو تہ هلون.“ دوست اشاري تي آهستي آهستي ٻاهر نڪري آيا. دوستن جي هٿن ۾ بوٽ، شرٽون ۽ ٻيو سامان هيو. انتھائي خوشگوار موڊ ۾ هئا. ڇا تہ منظر هو، ڇا تہ ماحول هو.

پٿرين جو پھاڙ

اڃان بہ جاني جون نظرون ڪجهہ ڳولھي رهيون هيون. مان سمجهي ويو هئس تہ جاني ڪنھن جي تلاش ۾ هيو. اهي شخصيتون تہ اتي نہ هيون، ڪافي دير اڳ ۾ اتان روانيون ٿي چڪيون هيون. ڊاڪٽر بہ بار بار پويان لوڻا هڻي رهيو هو، هو بہ ان ساڳي ئي سونھن جي سپ جي تلاش ۾ هيو، پر هوءَ بہ نظر نہ آئي. اهڙي ريت پاڻ پٿرن تي پير رکندا، ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا اڳتي نڪري آياسين.
ٿورو اڳتي هلندي هڪڙي جاءِ تي ننڍا ننڍا پٿر هڪٻئي جي مٿان سٿيل قطار ۾ نظر آيا ۽ ڪنھن ننڍڙي مينار يا ٽاور جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا. مان پٿرن جي ان مينار جي پاسي ۾ ويھي هڪڙو ننڍڙو پٿر انھن جي مٿان بيلينس ڪندي رکيو، جيڪو رکجي ويو. وري ٻيو پٿر کنيو ۽ اهو انھن جي مٿان رکيو پر هن دفعي هي مينار لڏڻ لڳو ۽ لڳي پيو تہ اجهو ئي سڄي قطار ڪري پٽ پوندي. پر نہ ڪريا.
پوءِ مون هڪڙو وڏو پٿر کڻي انھن تي رکيو، هن پٿر جو وزن وڏو هيو، ان ڪري هي ننڍڙا پٿر، هن آفت جي سٽ نہ سھي سگهيا ۽ سڀ پٿر اچي پٽ پيا. پاسي ۾ انگريز فيملي هي تماشو ڏسي رهي هئي. اهي بہ ان رونشي تي کلي رهيا هئا ۽ منھنجا دوست بہ. مطلب تہ لمحن جي سواد لاءِ ماڻھو ڪيڏو خرچ ڪري، هيڏا وڏا سفر ڪري اچي پھچي ٿو. اهو سڀ ڪجهہ عشق ئي تہ ڪرائي ٿو ۽ اهو سڄو عشق جو چڪر آهي.
واپسي جون ڏاڪڻيون مٿي چڙهڻ ڏاڍو تڪليفده عمل هيو. جيئن مون چيو تہ هي واپسي جو سفر سياحن لاءِ ڪنھن بہ چيلينج کان گهٽ نہ هوندو آهي. اسان جھڙا جوان ماڻھو بہ سھڪي پيا ها تہ پوءِ پوڙهن جو ڇا حال ٿيندو هوندو. اهڙي ريت ڪٿي ڪٿي ڏاڪڻيون مٿي چڙهندي ٿوري دير لاءِ بيھي Halt ڪري، وري مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪيون پيا. پيٽر جي حالت صفا خراب هئي. مون کي ڊپ هو تہ ڪٿي هي ڇورو مري نہ پوي ۽ اهو خون اسان جي ڳچي ۾ نہ پوي ۽ پوءِ هتان جا ماڻھو ڇٽي بہ ويندا، اسان تہ وري ڇٽنداسين بہ ڪونہ.
پيٽر جي همت کي، جذبي کي ۽ جنون کي سلام آ، جو هو آهستي آهستي بيھندو مٿي چڙهندو رهيو. مون هن جي همت افزائي ڪندي چيو تہ، ” پيٽر! تون تہ جوان آهين، هي ڏس پوڙهو ۽ پوڙها، هي بہ مٿي چڙهن پيا، پر هنن ڪا بہ آھہ نہ ڀري آ، تو پوءِ تون پريشان ڇو آهين، اچي پھتين، باقي ٿورو پنڌ ٿئي، باقي ٻہ ٽي ڏاڪا .“
ان تي هن وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو، I know how hard it is`` مان سمجهي ويو هئس تہ هو ائين چئي رهيو هو تہ، ”ول نہ ڏيلھي کاسون.“ اهڙي ريت پاڻ پيٽر جي همت افزائي ڪرائيندا هن کي مٿي، مٿاڇري زمين جي سطح تي وٺي آياسين. دوستن کي چيم، ”اڳتي هن کي هيٺ نہ لاهجو، هي ٻاهر وٺي هلڻ جھڙو ناهي.“ مون کي اردو ادب جي ڪنھن شاعر جو شعر ياد ٿو اچي تہ؛
ہر ایک شخص نہیں التفات کے قابل،
ہر ایک شخص کو اُس کے مقام پر رکھنا۔

سھڻين جا نخرا ۽ ڀڙون جا ڀاڪر

Everything has its beauty, but not everyone sees it.
Beauty is power; a smile is its sword.
Beauty is not in the face; beauty is a light in the heart.
Outr beauty attracats. But inner beauty captivates.
Beauty isn’t about having a pretty face. It’s about having a pretty mind, pretty heart and pretty soul.
If you see something beautiful in someone, speak it.
Beauty is a light in the heart.

پاڻ هاڻي پنھنجي هوٽل ڏانھن سفر ڪري رهيا هئاسين. دوستن خوب انجواءِ ڪيو هو. هوٽل تي تازي پاڻي سان وهنجي سھنجي فريش ٿي هيٺ لٿاسين. واڪنگ اسٽريٽ جون رولاڪيون ڪندي، رونقن ۾ گم ٿي وياسين. رستي تي ڪيترا ئي محبتي ماڻھو مليا، جيڪي ڦاٽل جينز ۾، اونداهي ڪنڊ ۾ ويھي، سگريٽن جا ڪش هڻندي ماڻھن کي بيھاري انھن کي موبائيل تي سدا سھاڳڻين جون موهيندڙ تصويرون ڏيکاريندي، پنھنجي ڪاروباري دنيا ۾ مصروف ٿي حق حلال جي روزي ڪمائي رهيا هئا. هي ماڻھو پنھنجي روزي سان سچا هئا، ان ڪري هو پنھنجي جاءِ تي سچائي سان عبادت ۾ مصروف هئا. هن ٽائيپ جا ماڻھو هن قسمن جي گهٽين جي رونقن جا ڪارڻ ۽ ڪرتا ڌرتا هئا. اسان سان بہ اهڙي قسم جو ماڻھو ٽڪرائجي ويو. هو اسان کي ڏسي خبر ناهي ڪيئن سمجهي ويو هو تہ هي ماڻھو ضرور پنھنجي دل جي مراد پوري ڪندا. هن اسان کي گهٽيءَ ۾ پڪڙي ورتو هيو. هن جو انداز بيان موهيندڙ هيو. جيتوڻيڪ اسان هن جي چوڻ تي اتي گهٽي ۾ نہ بيٺاسين ۽ اسان هلڻ جاري رکيو، پر تنھن جي باوجود هو اسان سان ڳالھائيندو هلي رهيو هو. هڪ طرف ٽريفڪ ٻي پاسي هن جي گفتگو جاري هئي. پاسي ۾ مين روڊ هلي رهيو هو. سائيڊن تي دڪانن جون رونقون بحال هيون. گفتگو ٿيندي رهي. جاني اڳتي نڪري ويو، پرتاب تہ ان کان بہ اڳتي نڪري ويو هو. هاڻي تہ مان بہ آهستي آهستي اُتان ٽڙڪڻ لڳس ۽ ڊاڪٽر اڪيلو هن کي منھن ڏيئي رهيو هو. سلام آ ڊاڪٽر کي. جتي دوست بہ ڇڏي وڃن پر ڊاڪٽر پنھنجي دل يارن کان نہ ٿو پلي. ٿوري دير کان پوءِ مون پوئتي مڙي ڏٺو تہ ڊاڪٽر بہ اسان جي پويان پويان اچي رهيو هو تہ اهو ڀڙوو بہ هن جي ڪڍ لڳل هيو. هو پويان رڙيون ڪندو پئي آيو، ”ٻيا بہ ڪيترائي کوڙ ماڻھو آهن، توهان کي پسند ايندا.“ پر ڊاڪٽر هن ڏي ڪو بہ ڌيان نہ ڏنو.
هاڻي اسان ڦٽ پاٿ تي هلي رهيا هئاسين. هو ڦٽ پاٿي شخص اسان جي پويان پويان پئي آيو. اڳين ڪنڊ تي پرتاب ۽ جاني اسان جي انتظار ۾ بيٺل هئا. جڏهن پرتاب جي ويجهو ٿياسين ۽ پرتاب ڏٺو تہ ڀڙوو بہ اسان جو پيڇو نہ پيو ڇڏي تہ ان تي هن چيو تہ ”ڳالھايوس، ڳالھائڻ ۾ ڇاهي، توهان کي جيڪڏهن ڳالھہ وڻي ٿي تہ پوءِ توهان ڪنھن جو انتظار نہ ڪيو، اوڪي ڪري ڇڏيو.“ پر هن شخص جو اهو ضد هيو تہ اسان مان ڪو هن سان گڏجي هلي ماڻھو پسند ڪري اوڪي ڪري. جنھن تي پاڻ ڪنھن بہ صورت هن وٽ وڃڻ لاءِ تيار نہ هئاسين.
هن چيو تہ، ”اها جاءِ هتان کان 10 منٽن جي ڊرائيو تي آهي، توهان مون سان گڏ اسڪوٽي تي ويھو.“ جنھن ڳالھہ تي ڪو بہ دوست راضي نہ ٿيو. ان کان اڳ ۾ پاڻ هن کي پنھنجي هوٽل جو پتو ٻڌائي چڪا هئاسين. هاڻي ان معاملي کي اتي ئي ختم ڪري پيٽ جي باھہ وسائڻ جو سوچڻ لڳاسين. انڊين هوٽل جي بجاءِ اڄ اسان جو موڊ ڪي ايف سي جي کاڌي جو هيو. گوگل ميپ جي مدد سان ڪي ايف سي ڳولھيندا اچي پڳاسين. ڪي ايف سي جي مزيدار ڊنر کان پوءِ پنڌ ڪندا، روڊ جي ٻي پاسي جنرل اسٽور ٽي آياسين. هي ڪافي وڏو اسٽور هيو. هتي هر شي موجود هئي. هتان منرل واٽر جي وڏي بوتل ۽ چار Magnum آئس ڪريم وٺي، رستي سان ئي کائيندا، سن سيٽ اسٽريٽ جو مزو وٺندا، پنھنجي هوٽل طرف آياسين. جڏهن اسان پنھنجي هوٽل جي سامھون پھچي ڏٺوسين تہ اهو ساڳيو ئي جهونو شڪاري ۽ آڙيڪاپ کلاڙي اسانجي تاڙ ۾ اسان کان اڳ ۾ ئي هوٽل جي ٻاهران بيٺو هيو. مون ڊاڪٽر سان مذاق ڪندي چيو تہ، ”ڊاڪٽر قابو آهين، هي جهونو شڪاري توکي نہ ڇڏيندو.“
هي جهونو ديو اسان سان اچي مليو. هن هڪ دفعو ٻيھر اسان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪُوشش شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ، ”توهان کي ڪابہ تڪليف نہ ايندي. نينھن واريون ناريون توهان جا دک درد هڪ لحظي ۾ دور ڪري ختم ڪري ڇڏينديون. توهان جي سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ ختم ڪري توهان کي فريش ڪري ڇڏينديون. مساج جون ايڪسپرٽ آهن. توهان جي سَنڌَ سَنڌَ جو سور ختم ڪري ڇڏينديون. ڇوڪريون اهڙو مساج ڪن ٿيون جو پوڙها بہ جوان ٿيو وڃن. (مون زندگي ۾ اهڙا ٻول ٻچن ڪڏهن بہ نہ ٻڌا هئا). توهان هڪ دفعو مون کي خدمت جو موقعو تہ ڏيو صاحب. ٻيھر مون کي بالي جي گهٽين ۾ ڳولھيندا وتندو.“ پر اسان مان ڪو بہ راضي نہ ٿيو. جاني ۽ پرتاب تہ اڳ ۾ ئي هوٽل جي ڪمرن ۾ مٿي هليا ويا ها. اسان بہ ڳالھہ ٻولھہ ختم ڪري مٿي هوٽل جي ڪائونٽر تي چڙهي آيا هئاسين. پر پويان وري ان پوڙهي جي ڊاڪٽر کي ڪال آئي ۽ چوڻ لڳو تہ، ”پريم جي دنيا جون سدا سھاڳڻيون مورتون اچي ويون آهن. انھن کي نہ ٺڪرايو، ڪنھن جي دل ٽوڙڻ وڏو پاپ آ. توهان اچو هڪ دفعو ڏسي وڃو.“
جنھن تي مان ۽ ڊاڪٽر مطمئن ٿيندي اهو طئي ڪيو تہ ڀلا ڏسي اچڻ ۾ ڇاهي، ايڏو پيار سان جو چوي ٿو. هونءَ بہ ڪنھن جي دل ڏکائڻ واقعي ئي گناھہ ڪبيرا آهي. هيٺ برسات هلي رهي هئي. موسم اڳ ۾ ئي بي ايمان هيو. مٿان وري فطرت جون هي مھربانيون جنھن بيقرار دلين جي پياس لاءِ امرت جا انبار موڪلي ڇڏيا هئا. پوءِ ڀلا ڪھڙو ڪافر هوندو جو ان نعمت کان انڪار ڪري پنھنجي قيامت ڪاري ڪندو. ڊاڪٽر کي چيم، ”ڊاڪٽر! دل ٻڌ مان تو سان گڏ آهيان، باقي ٻين دوستن ۾ آسرو نہ ڪجانءِ.“
”صحيح ٿو چوين، اچ تہ هلون.“ هن منھنجي تائيد ڪندي وڏو ٽھڪ ڏيئي هٿ ملائيندي چيو.

هوٽل جي جوان رات

هي پوڙهو عجيب ماڻھو هو. سگريٽ جا ڪشش هڻندي فون تي ڳالھائي رهيو هيو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي تيز ٿي ويو هو ۽ پوءِ هن فون بند ڪري ڇڏي هئي. سگريٽ جا وڏا ڪش هڻي دونھون آسمان ۾ ڦوڪي، اسان ڏي ڌيان ڏيندي مخاطب ٿيو، ”صاحب! توهان مطمئن ٿيو، توهان کي توهان جي چوائس جون ئي سونيون سونھن واريون مورتيون ۽ مڌ ملندو ۽ انھن هيرن، جواهرن جو ڪوبہ مُلھہ نہ آهي. توهان ڪو بہ ٽينشن نہ وٺو.“ هن ٻيو سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
ناڻين ناھہ ڪڪوھہ، ملھہ مھانگو مڌ،
سنڀالج سيد چئي ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ،
هي تنين جو هنڌ مرن جي مٽن سين.
(شاھہ )

”اسان کي چيٽنگ ۽ فراِڊ پسند نہ آهي، اسان کي خبر آهي تہ هتي اسڪيم (scam) گهڻا ٿين ٿا.“ ڊاڪٽر هن کي سمجهائيندي چيو.
”نہ صاحب نہ، هي بالي آهي، هتي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ scam نہ ٿو ٿي سگهي، توهان سوچيو بہ نہ.“ هن وري بہ اسان کي سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
”ڊاڪٽر مان سمجهان ٿو تہ هن پوڙهي جيتري محنت ڪئي آهي، هن کي ان جو اوترو اجورو ملڻ کپي.“ مون ڊاڪٽر کي ڪن ۾ چيو.
”توهان صحيح ٿا چئو پر مون کي هي فراڊي ٿو لڳي.“ ڊاڪٽر وضاحت ڪئي.
”توهان جو مون کان وڌيڪ تجربو آهي، توهان سڄي دنيا گهميا آهيو، ان ڪري توهان جيڪو فيصلو ڪندو، مان توهان سان متفق آهيان.“ مون ڊاڪٽر جي ڳالھہ جي تائيد ڪئي.
”توهان بس ٻہ منٽ ترسو، ڪيري ۾ ڌرتيءَ جون حورون اچن پيون، توهان پنھنجي پسند جا ماڻھو وٺي وڃي سگهو ٿا.“ ان پُوڙهي وري فون تي ڳالھائيندي زور ڏيئي اسان کي چيو.
ٿوري دير کان پوءِ واقعي ئي هڪڙي سفيد رنگ جي ڪيري اچي هوٽل جي ڪنڊ ۾ بيٺي. هن پوڙهي مون کي ٻانھن کان وٺي ڪيري ڏي ڇڪي وڃڻ چاهيو تہ جيئن هو مور ماڻھن سان تعارف ڪرائي سگهي.
”منھنجي پسند ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي ڪا اهميت نہ آهي، تون ڊاڪٽر جو پاسو وٺ.“ مون هن پوڙهي کي چيو.
ٿوري دير ۾ هو اسان کي ڪيري وٽ وٺي آيو جتي 5/6 مور ماڻھو ويٺل هئا، جيڪي اشارن سان سڏي پيار ڏين پيا. مون کي هو گيت ياد اچي ويو تہ، ”اهي مور ماڻھو ڪاڏي هليا ويا، قرب ڏيندا ها جيڪي سڏي.“ سو اها خبر هتي پئي تہ اهي مور ماڻھو تہ هتي بالي ۾ لڏي آيا آهن. سامھون کان فرنٽ سيٽ تي، ڊرائيور سان ويٺل حسن جي ديوي مون کي اشارو ڪري، خماريل نيڻن سان نگاهون جهڪائي سلام ڪيو. مون کي بلڪل اوڏي مھل اردو جو شعر ياد اچي ويو تہ؛
بات تو چاہت بھری اک نظر کی ہے
کسی سے کہاں کرتی ہیں سلام آنکھیں

مون بہ هن کي سلام ڪندي ٻانھون ٻڌيون. ڊاڪٽر ڪيري جي جَهروڪي مان اندر جهانڪي هڪڙي سرسري نگاھہ سڀني محبوبائن تي وڌي. ڊاڪٽر مرڪي مون کي چوڻ لڳو تہ، ”يار هي سڀ ايڏيون خوبصورت ديويون آهن جو دل چوي ٿي تہ ......... ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو.
”پوءِ سڀني کي وٺي هلون ڀلا.“ مون ڊاڪٽر کي اک هڻي چيو.
ڊاڪٽر ٽھڪ ڏيندي چوڻ لڳو تہ، ”هي ٻيئي جيڪي گڏ ويٺيون آهن، انھن ۾ قرب جي ڪشش وڌيڪ آهي. توهان جو ڇا خيال آهي؟“
”جيڪا سنگت جي صلاح.“ مون مرڪي ڊاڪٽر کي چيو.
پوڙهو هاڻي مطمئن هيو. پر اسان اڃان بہ مطمئن نہ هئاسين. مون ڊاڪٽر کي ٿورو پرڀرو وٺي وڃي چيو تہ، ”ڊاڪٽر هوٽل انتظاميہ کي ڪو اعتراض تہ نہ هوندو، ان ڪري اهو بھتر ٿيندو تہ انتظاميہ کان اجازت وٺجي ۽ انھن کي اعتماد ۾ پڻ وٺجي تہ بھتر، نہ تہ سياحن سان ڪيترائي اسڪيم ٿي چڪا آهن.“ ڊاڪٽر بہ ان خيال کي سمجهندي پنھنجي پاڪ راءِ کان مون کي آگاھہ ڪندي چيو، ”ٺيڪ آهي، توهان صحيح ٿا چئو اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي.“

اسان بہ تہ ڏسون اهو يار تنھنجو ڪھڙو آ

پاڻ هوٽل جي ڪائونٽر تي وياسين، جتي ليڊي ويٺي هئي، جنھن سان دل جي ڳالھہ شيئرڪئيسين. جنھن تي هن مسڪرائڻ سان گڏ شرمائيندي چيو تہ، ”مون سمجهيو ڪو وڏو مسئلو آهي، جھڙي ريت توهان خفيا نموني سان آهستي، شرمائيندي پڇو پيا، توهان کي ان ڳالھہ جي بنھہ اجازت نہ آهي، ڇو تہ توهان پھريائين مون کان پڇو تہ ها، پر خير توهان اهو ڪم ڪري آيا آهيو، ان ڪري توهان لاءِ هتي ڪو بہ اشو نہ آهي، توهان کي ڇا بلڪ هر سياح کي اجازت آهي، توهان دل جي ويران دنيا کي آباد ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪ ٻين جو( پاڻ ڏي اشارو ) بہ خيال ڪيو.“
هن پنھنجن کليل وارن تي هٿ ڦيريندي، عجيب چلولي مسڪراهٽ ۽ شرميلي انداز سان چيو. جنھن مان ڳالھہ صاف ظاهر هئي تہ هن هوٽل ۾ ئي هر شي موجود آهي تہ توهان ٻاهران شيون ڇو ٿا وٺي اچو. پاڻ پنھنجي غلطي مڃيندي چيو تہ، ”اسان کان غلطي ٿي ويئي آهي، اڳتي هتان ئي سودو وٺنداسين.“ هن مرڪي چيو، ”خير آ توهان وٺي اچو پر پويان گهٽي مان، ۽ پوءِ لفٽ ذريعي پر سامھون ڪائونٽر کان نہ، اسان بہ ڏسون تہ توهان جي چوائس ڪھڙي آهي؟“
”توهان جا ٿورا.“ ڊاڪٽر هن جو شڪريو ادا ڪندي چيو.
”مان لفٽ وٽ بيھان ٿي ۽ گارڊ کي بہ چئي ڇڏيان ٿي، توهان ڳڻتي نہ ڪيو.“ هن دفعي هوءَ اٿي بيٺي هئي.
هاڻي پاڻ سان گڏ ٻہ جنت الفردوس جون حورون ۽ هڪڙو جهونو ديو بہ گڏ هيو ۽ ان کان علاوہ سيڪيورٽي گارڊ بہ گڏ. هوٽل جي پاسي واري سنھڙي گهٽي کان، پارڪنگ ايريا ۾ هلي رهيا هئاسين.
رات رم جهم هئي. هينئر تہ ويتر رات کي چار چنڊ لڳي ويا هئا. پاڻ پنھنجن ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپون. ڄڻ تہ قارون جو خزانو فتح ڪري آيا هجون. هوٽل جي پويون گيٽ ڪراس ڪرائيندي گارڊ اتي ئي بيھي رهيو، باقي پوڙهو اسان سان گڏ هيو. جيئن ئي لفٽ وٽ پھتاسين تہ اها ئي ڪائونٽر واري رت پياڪ حسينا اسان کان اڳ ۾ اتي موجود هئي. جن مھمانن کي سلام ڪيو ۽ انھن تي هڪڙي نظر هيٺ پيرن کان مٿي چھري تائين وڌي ۽ رڙ ڪري مون ڏي ڏسي چيائين تہ، ”لڳي ٿو توهان جي نظر ڪمزور آهي.“ مون بہ اعتراف ڪندي چيو تہ، ”جي ها توهان سھي ٿا چئو، رات جو مون کي شب خوري ٿيندي آهي، خبر نہ پوندي آهي، انڊن جو بنڊن ۾ ٿي ويندو آهي.“ هن مون کي شوخ نظرن سان چھري تي گُهنج وجهي ڏٺو ۽ وارن کي پوئتي جهٽڪو ڏيئي ڪاوڙ ۾ واپس هلي ويئي هئي. مون کي هن جا لفظ ياد اچي ويا تہ ”اسان بہ ڏسون اهو يار تنھنجو ڪھڙو آ“ .

جنھن جي ڪري دنيا سان ڪيو تو جهيڙو آ،
اسان بہ تہ ڏسو ن اهو يار تنھنجو ڪھڙو آ.

قاتل حسينائون ۽ جذبن جو خون

اهڙي ريت اسان لفٽ ذريعي مٿي پھتاسين. سنھڙي چيلھہ تي هٿ رکندي اهو محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن باھہ تي هٿ رکجي ويو هجي. هنجي سونھن ۾ پاور هيو ۽ مان نہ سمجهي سگهيس تہ هن ۾ اها شڪتي ۽ ايترو ڪرنٽ ڪٿان آيو. جواني ۽ سونھن ملي 5000 ڪي ويي وولٽيج ٺاهيندا آهن، ان پاور ۾ جيڪو بہ هٿ وجهندو سڙي ڪوئلو ٿي ويندو. مان بہ اندران اندران ئي سڙي ڪوئلو ٿي ويو هيم. لفٽ کان لھي مھمانن کي ڪمرن تائين آجياڻو ڏيندي وٺي آياسين. پوڙهي ديو کي جو ايڏي لفٽ ڪرائيسين تہ هو بہ جتي سوڌو اسان جي روم ۾ هليو آيو.
هي پوڙِهو تجربيڪار جهونو ديو هيو، هن جي محنت رنگ لاتو ۽ پنھنجي ڏهاڙي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو هو. چوندا آهن تہ رب چور جي بہ محنت رائگان نہ ٿو ڪري. هن اڳواٽ ئي اسان کي چاھہ جا چارجز وٺي پاڻ کي منٽن ۾ چارج ڪري، اسان کي اسان جي حال ۾ ڇڏي، في امان ﷲ چيئي ڇوڪرين کي پنھنجي ٻولي ۾ سمجهائي روانو ٿي ويو. هاڻي پاڻ نويڪلا هئاسين. اسان جو سڄو ڌيان سونھن نگر جي سھاڳڻين تي هيو، هنن ٻنھي جي ڊريسنگ ڪمال جي هئي.
هنن ٻنھين نازنين کي ڪاري رنگ جي ڪاٽن جي جيڪٽ پاتل هئي. ٿوري دير کان پوءِ هنن ٻنھين سگريٽ دکائڻ لاءِ لائيٽر گهريو، مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو سونھري موقعو کپي پيو. مون بہ پنھنجو سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو. هن پنھنجو سگريٽ واپس رکي ڇڏيو هو ۽ منھنجي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي، ٻيئي سگريٽ جا ڪش هڻي ماحول کي معطر ڪري رهيو هيون. اهي ٻيئي اڄو ڪي رات اسان وٽ مھمان هيون. ٿوري دير ۾ ڪمري ۾ رونقون جهرمر جهرمر جو روپ ڌاري تجلا ڏيئي رهيون هيون، ويتر ڊاڪٽر هلڪي موسيقي بہ هلائي ڇڏي. هاڻي موسيقي جا مڌر سُر هلي رهيا هئا تہ مٿان وري سگريٽن جا ڪش بہ. ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر انگورن جو پاڻي گلاسن ۾ اوتي، ٻہ گلاس اسان جي حوالي ڪيا. جن مان هڪڙو گلاس منھنجي سامھون موجود سونھن جي سپ کڻي پنھنجن چپن تائين آندو ۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي ساڳيو ئي گلاس منھنجن چپن تائين کڻي آئي. جيڪا مان انڪار نہ ڪري سگهيس. اياز جي غزل جون سٽون ذهن تي ٻري آيون تہ؛

اوهان جي اکين جام مئي مان نھاريو،
اسان چوٽ کائي کڻي جام هاريو.
اسان جون وفائون، نہ ساحل نہ ڪشتي،
اوهان جون ادائون نہ ٻوڙيو نہ تاريو.

ان کان پوءِ حسناڪيون ويتر رات جي رونق سان گڏ، اسان جي ڪمري ۽ بيڊ کي بہ وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويون. پوءِ ماه لقائن چيو تہ، ”بس گهڻي ٿي، هاڻي بلب آف ڪيو.“ مون نہ چاهيندي بہ ڪمري جا بلب آف ڪري ڇڏيا ۽ زيرو بلب جي جهيڻي روشني ۾ ساهن جا سھڪا محسوس ٿيا ۽ رات پنھنجي ڦوھہ جواني کي ڇھندي، اسان کي پنھنجن ڀاڪرن جي ئي آغوش ۾ آڻي ڇڏيو. بالي جي قاتل حسينائن هٿان اسان جو خون ٿي ويو هو ۽ اسان ان ڪمري کي عشق جي بلي چاڙهي ڇڏي هئي. اوچتو اسان کي سج جي روشني بيدار ڪندي اسان جو موڊ خراب ڪري ڇڏيو هو. مون کي سج تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، هن سان مخاطب ٿيندي چيم:
سورج تو ۾ سونھن جو ناهي ذرو ذوق،
ڪيڏو تون بدذوق، نڪتو آهين نينھن ۾.
ب ص ع
اجنبي شھر، اجنبي ماڻھوءَ سان اجنبي عشق جو بہ عجيب فليور محسوس ٿيو. ويندي ويندي مون هن کي دروازي تي آخري چمي ڏيندي هن کان پڇيو هو، ” نالو تہ ٻڌائيندي وڃ.“
هن مسڪرائي، ڀاڪري پائي، ڪن ۾ چيو هو، ” بالي.“
مون زور سان چپن تي اهو نالو آندو.
هن پنھنجي اشهد آڱر منھنجي چپن تي رکندي چيو هو، ”چپ.“ مون محسوس ڪيو هو تہ ويندي ويندي هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا ۽ هن جي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي. هن آخر ڀاڪر ۾ ڀري چيو تہ، ”بالي کي توهان جو انتظار رهندو.“ مون کي لڳو تہ هن جي دل ۾ عشق جي چڻنگ اڀري هئي. سونھن پنھنجي جاءِ تي، پر هن جي دل جي ڪيفيت کي نظرانداز نہ پيو ڪري سگهجي.
Biggest mistake of this generation is that they run behind pretty faces and ignor good hearts.
بالي تون اڄ بہ ياد آهين. تنھنجو خوبصورت يادون کڻي مان پنھنجي وطن واپس وريو آهيان پر اهو توسان وچن آهي تہ زندگي رهي تہ وري تنھنجي درشن ڪرڻ لاءِ سن سيٽ اسٽريٽ جو رخ ضرور ڪبو. مون کي هتي ڪنھن ڏاهي جو قول ياد ٿو اچي تہ: ”جنھن سان بہ هجو سچا هجو، توهان جي سچائي توهان جي ڪردار جي ضمانت آهي.“

الوداع بالي...وري ملبو

چوڏهين جولاءِ 2023ع، صبح جو سوير اٿي، فريش ٿي هيٺ لھي اچي، هوٽل جي لائونج ۾ ناشتو ڪري، سامان پيڪ ڪري، ٽيڪسي جو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو سين. اڄ پيٽر نہ آيو هو. اڄ جمعي جو ڏينھن هو. پيٽر ٻڌايو تہ جمعي جي ڏينھن موڪل هوندي آهي، ان ڪري هو نہ ايندو پر پنھنجي ڪنھن دوست ڊرائيور کي اسان کي ڏي موڪليندو.
هاڻي ڊرائيور بہ اچي ويو هو. هي عمر ۾ پوڙهو هيو پر ڪافي تجربيڪار ڊرائيور لڳي پيو. اسان سامان سنڀالي، پنھنجا ٿيلھا ان بلو برڊ گاڏي جي ڊڪي ۾ رکيا. گاڏي هاڻي بالي جي روڊن تي ڊڪي رهي هئي. بالي جو هر منظر اکين کان اوڏو ٿيندو پيو ويو ۽ اسان جي دل بہ مرجهائجندي پئي وئي.
اهڙي ريت پاڻ بالي سان گڏ انڊونيشيا کان موڪلائي رهيا هئاسين. خوشگوار ماحول ۾ هرڪو پنھنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف هيو. انڊونيشيا جي زندگي روان دوان هئي. اسان پرديسي پکي اڃان بہ هڪڙي ٻي اجنبي ديس ڏانھن اڏام لاءِ ايئرپورٽ وڃي رهيا هئاسين. ائين ئي بالي جا منظر اکين کان ڏور ٿيندا پئي ويا ۽ اسان ٿوري دير ۾ انڊونيشيا جي ايئرپورٽ تي هئاسين.
اسان جي فلائيٽ Batik Air Malaysia OD 178 هئي. اسان هينئر بالي جي ايئرپورٽ Denpasar Bali (NgurahRai) تي هئاسين. هن وقت صبح جا يارنھن ٿين پيا ۽ اسان جي فلائيٽ (هتان کان 12.45 تي هئي. جڏهن تہ اسان جي ملائيشيا جي ايئرپورٽ ڪولائمپر Kuala Lumpur Terminal 1 تي 03.30 تي لينڊنگ هئي.
هن ايئرپورٽ کان هُن ايئرپورٽ تائين ٽن سوا ٽن ڪلاڪن جو سفر هيو. هاڻي پاڻ چيڪنگ جا سڀ مرحلا طئي ڪري جھاز ۾ اچي پھتاسين. ايئرپورٽ تي ٻيجل جي ڪال ايندي رهي، جنھن سان گفتگو اوسيتائين جاري رهي، جيسيتائين ايئرهوسٽس اچي چيو ”تہ فلائيٽ اڏامي ٿي، توهان سيل آف ڪري ڇڏيو.“
مون هن جي حڪم جي تعميل ڪئي. بالي جي ڌرتي کي، هتان جي هوائن ۽ فضائن کي خداحافظ چئي آڪاش تي اڏام ڪري رهيا هئاسين. هن فلائيٽ ۾ اسان کي 20 ڪي جي وزن/سامان کڻڻ جي اجازت هئي. ان ڪري اسان انڊونيشيا مان هلڪي ڦلڪي شاپنگ ڪئي هئي ۽ گهڻي شاپنگ نہ ڪرڻ جو بہ اهو ئي اهم ڪارڻ هيو.

مُئلن سان ڪچھري

انڊونيشيا جا ماڻھو پنھنجن پيءُ ماءُ، ڏاڏو ڏاڏي، عزيزن، قريبن، مٽن مائٽن، فيملي ميمبرن جي مري وڃڻ کان پوءِ انھن کي دفنائي ايندا آهن. پر هر ٽن سالن کان پوءِ انھن جي قبرن کي کوٽي، انھن جا لاش ڪڍي، انھن جا ڪپڙا لاهي، انھن کي وهنجاري سھنجاري، انھن جي جسمن کي صاف سٿرو ڪري، تيار ڪري، انھن کي نوان ڪپڙا پارائيندا آهن. ان کان پوءِ انھن سان ڪچھريون ڪندا آهن. انھن سان تصويرون ۽ سيلفيون ڪڍندا آهن. انھن مُردن سان/لاشن سان ڪافي وقت گذاريندا آهن. جيئن اسان هر سال محرم مھيني ۾ وڃي پنھنجن پيارن جي قبرن تان پراڻا پٿر لاهي، انھن تي ڀنڃو وجهرائي، نوان پٿر لھرائي، قبرن کي تيار ڪري پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندا آهيون. بلڪل اهڙي ريت هي بہ ائين ئي ڪندا آهن. هنن ماڻھن جو پنھنجن مُردن سان اهڙو ورتاءُ جو سبب اهو هوندو آهي تہ هي انھن سان پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪري اهو محسوس ڪرائيندا آهن تہ اهي هنن جا پيار ڄڻ تہ اڄ بہ زندہ آهن.
اصل ۾ اها رسم انڊونيشيا جي ريجن Tana Toraja تُراجا ۾ ملھائي ويندي آهي. هن رسم کي Ma’nene Festival چيو ويندو آهي. انھن تُراجا ماڻھن جو اهو چوڻ آهي تہ ائين ڪرڻ سان اُهي پنھنجن وڏڙن، پيارن، وڇڙي ويلن سان عقيدت ۽ محبت جو اظھار ڪري پاڻ کي ۽ انھن جي روحن کي سڪون بخشيندا آهن ۽ ان جو مقصد اهو آهي تہ مرڻ کان پوءِ انھن جو مُردن سان رابطو بحال رهي. آخر ۾ اهي انھن تابوتن کي نئون سنئون ڪري، رنگ ڪري، ٻيھر سينگاري سنواري، خوبصورت بڻائي، ان ساڳي ئي قبر ۾ مردن کي پوري ڇڏيندا آهن.

ڊالرن کان موڪلاڻي

هون ئي اسان وٽ پنھنجو سامان گهڻو هيو. اسان کي اهو ڊپ هيو تہ ڪٿي اسان کي وڌيڪ اضافي پيمنٽ نہ ڪرڻي پوي. پر خير ائين نہ ٿيو. هاڻي اسان ڪولاالمپور جي زمين تي لينڊ ڪرڻ وارا هئاسين تہ جھاز ۾ ئي پرتاب صاحب کي کٽڪو ٿيو تہ هن وٽ موجود 2400 سو ڊالر (جيڪي اسان جي سڄي ٽرپ جي موڙي هئي) اهي ڪٿي ڪري پيا هن. هن جاني سان بہ اها ڳالھہ ڪئي ۽ پاڻ سان جيڪي هينڊ ڪيري بيگ هئا، انھن ۾ جاچي ڏٺو. انھي دوران پيٽر کي ميسيج بہ ڪيا ۽ هن کي ٻڌايو تہ تون ڊينپسار ايئرپورٽ وڃ اتي ڪمپلين ڪر تہ اسان جا 2400 ڊالر ڪِري پيا آهن.
هو شريف انسان پوءِ ويو يا نہ پر هن واٽس اپ تي جواب ڏنو هو تہ هو ايئرپورٽ کان ٿي آيو آهي، پر اتي اهڙي ڪا بہ شي نہ ملي. پئسا ڀلا ڪنھن کي مليا تہ ڪير ڏيندو! هي جاپان تہ نہ آهي. جاپان ۾ هجون ها تہ ملي وڃن ها. سڀئي دوست پريشان ٿي وياسين تہ سڄي ٽوئر جا پئسا هليا ويا.
پر پرتاب وري بہ چيو تہ متان لگيج ۾ نہ هجن. سو جيئن ئي ڪولاالمپور ايئرپورٽ لٿاسين تہ ايئرپورٽ تي گهڻي رش نظر آئي. چيڪنگ مان فارغ ٿياسين تہ پرتاب سڄو بيگ کولي ڏٺو، هڪ هڪ شي جاچي ڏٺي، ٿيلھا، بٽون، پرتاب جا بيگ پر پئسا هجن تہ ملن نہ...
اهي تہ ڪٿي ڪري پيا سو ڪري پيا. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي تہ : it is useless to cry over split milk. هاريو کير ٿڻين نہ پوي. سو ڪنھن جا تہ ڀاڳ کليا هوندا. خير ائين ٿيندو آهي سفر ۾، پاڻ سڀني ان ڳالھہ کي ايزي ورتو تہ ڪو مسئلو ناهي. پئسا پئسا ٿي ويندا، هنن ڏوڪڙن جي ڪري اسان پنھنجو ٽرپ خراب نہ ڪنداسين. جاني وٽ ڪجهہ ٻي ڪرنسي جا نوٽ هئا ۽ ڊاڪٽر وٽ بہ ڪجهہ ڊالر هئا.
ان کان علاوہ پرتاب ويسٽرن يونين جي ذريعي ڪجهہ ٻيا پئسا بہ گهرائي ورتا هئا. ان لاءِ هن پنھنجي دوست سيف سميجي کي پڻ هن واقعي جو اطلاع ڏنو هيو. جنھن پڻ خاطري ڪرائي تہ ﷲ بھتر ڪندو. سو هي هڪڙو اتفاق هيو جنھن سڄي ٽوئر جي شيڊيول کي متاثر ضرور ڪيو هيو. پر پوءِ بہ خير خوبي سان هن سڄي ٽوئر کي پنھنجي تڪميل تي پھچايوسين. پاڻ هاڻي ايئرپورٽ کان نڪري ٻاهر آيا هئاسين ۽ ملائيشيا جي محبوب ملڪ جي محبوب ماڻھن اسان جي دل سان آجيان ڪري اسان جي همت افزائي ڪندي اسان کي مان بخشيو هو.

ياد رکو!
سماج جي لاءِ وڙهو، وڙهي نہ ٿا سگهو تہ لکو، لکي نہ ٿا سگهو تہ ڳالھايو، ڳالھائي نہ ٿا سگهو تہ ساٿ ڏيو، ساٿ نہ ٿا ڏيئي سگهو تہ جيڪي لکن ٿا، ڳالھائن ٿا ۽ وڙهن ٿا انھن جي مدد ڪيو، پر جيڪڏهن توهان انھن جي مدد بہ نہ ٿا ڪري سگهوتہ انھن جي حوصلن کي ڪِرڻ نہ ڏيو (انھن کي مايوس نہ ڪيو)، ڇو تہ اهي توهان جي حصي جي جنگ وڙهي رهيا هوندا آهن.

آخر ۾؛
”پئسو تہ جيئڻ لاءِ کپندو آهي، پر کلڻ جي لاءِ توهان کي وري بہ يارن ۽ پيارن جي ضرورت پوندي آهي.“

”ملائيشيا جون محبتون“ جي سفرنامي تائين موڪلاڻي. يا زندہ صحبت باقي.

ساٿ سلامت –سنڌ سلامت

سچ ٿڪجي ڪين ٿو، سج ٿو پاسا ورائي،
سوچ ساڳي سال واري، پاڻ ٿيا هون وس پرائي.
ب ص ع

ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

1. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2000 (First Edition April 2000)
2. Burning Issues of present time (current affairs/ 2003).
3. Let’s Love Grammar (English Grammar/2004).
4. Musawar Dictionary (for Children 2004).
5. New International English (for kids 2004).
6. Teach Me (A guide for class VI 2004).
7. Teach Me (A guide for class VII 2004).
8. Teach Me (A guide for class VIII 2004).
9. سيتا جا سدا بھار ماڻھو 2004ع.
10. البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا (پھريون ڇاپو) (ترجمو) 2006ع.
11. سوجهرن جا سفير (ڀاڱو پھريون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2006ع.
12. سوجهرن جا سفير(ڀاڱو ٻيون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2018ع.
13. توکان پوءِ (شاعري).(نثري نظم) 2012ع
14. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (شاعري). 2015ع
15. خط خوشبوءِ جھڙا (بشير سيتائي جا لکيل خط).2013ع
16. من صحرا صحرا (شاعري)2018ع
17. پھاڪا (سنڌي ۽ انگريزي ٻولي جا 1662 پھاڪا 2018ع
18. ٿامس ايِڊيسن جي دلچسپ ڪھاڻي (آتم ڪٿا) 2019ع
19. البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات (ٻيو ڇاپو)2019ع
20. Progressive General Vocabulary & structure .Grammar. Second ediction 2019
21. منھنجو استاد منھنجو رهبر: پروفيسر سليم سولنگي 2020ع
22. وليم شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪھاڻيون؛ ترجمو 2020ع
23. دادوء کان دبئي سفرنامو 2020ع
24. روين جي راند؛ attitude is everything جيف ڪيلر ترجمو 2022ع
25. آگ کی برفباری (اردو شاعري) 2022ع
26. ڏٺي ڏينھن ٿيام (تاريخي شخصيتن جا خط) 2022ع
27. پرھہ جي پڪار the 5 am club رابن شرما ترجمو 2023ع
28. نيپالي نينھن (سفرنامو) 2023ع
29. انڊونيشيا جو عشق (سفرنامو)2024ع
30. ملائيشيا جون محبتون (سفرنامو) 2024ع
31. ٿائلينڊ جا ٿاڪ (سفرنامو) 2024ع