شاعري

ڪلام بلبل

ھن ڪتاب ۾ شامل شمس الدين بلبل جي شاعري گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي رنگ ۾ رتل آهي. هن جي حمديہ شاعري اعليٰ ۽ عاليشان آهي. هن جي نعتيہ شاعري هن جي روح جو آواز آهي. هن ا خلاقي ۽ اصلاحي شاعري بہ ڪئي آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ خوبصورت قصيدا لکي پڙهندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو. هن جي تضمين واري شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جي مزاحيہ غزل نگاري لاجواب آهي. اُن ۾ شامل طنزيہ ۽ مزاحيہ رنگ سندس شاعري کي خوب دلفريب ۽ پرڪشش بنايو آهي.
 

  • 5.0/5.0
  • 89
  • 0
  • ھڪ ھفتو اڳ
  • 1
Title Cover of book Kalam-e-Bulbul
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پنهنجي دور جي قادرالڪلام شاعر رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪلام بلبل“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب غلام محمد گرامي آھي.
شمس الدين بلبل سنڌي ٻوليءَ جو نرالو ۽ ناميارو شاعر آهي. هن پنهنجي ڏات، ڏاهپ، مشاهدي جي تيزي، جدت ۽ شوخ ۽ بيباڪ عبارت ذريعي سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي خوب خدمت ڪئي. هن شاعريءَ جي هر صنف ۾ لکيو ۽ خوب لکيو.
ھن ڪتاب ۾ شامل بلبل جي شاعري گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي رنگ ۾ رتل آهي. هن جي حمديہ شاعري اعليٰ ۽ عاليشان آهي. هن جي نعتيہ شاعري هن جي روح جو آواز آهي. هن ا خلاقي ۽ اصلاحي شاعري بہ ڪئي آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ خوبصورت قصيدا لکي پڙهندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو. هن جي تضمين واري شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جي مزاحيہ غزل نگاري لاجواب آهي. اُن ۾ شامل طنزيہ ۽ مزاحيہ رنگ سندس شاعري کي خوب دلفريب ۽ پرڪشش بنايو آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1969ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو  1982ع ۾  سنڌي ادبي بورڊ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

ڪتاب ۾ ٽِڪليون