سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پنهنجي دور جي قادرالڪلام شاعر ۽ نثرنگار رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي اخبار ۾ لکيل ايڊيٽوريل جو مجموعو ”جام جم“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب غلام محمد گرامي آھي.
ھي ڪتاب ”جام جم“ شمس الدين بلبل جي صحافتي فن جو ھڪ تاريخي يادگار آھي، جنھن ۾ ”آفتاب سنڌ“ اخبار ۾ آيل اُھي ايڊيٽوريل آھن، جي ھوم رول تحريڪ ۽ سنڌ جي مسلمانن جي حقن ۽ مطالبن جي حفاظت لاءِ 1918ع ڌاري لکيا ويا.
ھي ڪتاب 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي